ڪتاب جو نالو: سنڌ ڳالهائي ٿي
مصنف: جي ايم سيد
ڇپائيندڙ: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
ڪيٽيگري: تاريخ، فلسفو ۽ سياست
شايع ٿيڻ جو سال:
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 26 مئي 2016 ع
پڙهيو ويو: 2511 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 1168 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب سنڌ ڳالهائي ٿي اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. ياد رهي ته هي تاريخي ڪتاب اصل ۾ سائين جي ايم سيد جو پاڪستاني ڪورٽ لاء عدالتي بيان آهي جيڪو سنڌ ڪيس جي نالي سان انگريزيء ۾ به ڇپيو آهي. هي ڪتاب پڙهڻ کانپوء اهو احساس ٿو ٿئي ته پاڪستان جي ٺهڻ کان وٺي هن وقت تائين سنڌ سان ڪيڏا وڏا ڪلور ٿيندا رهيا آهن.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • 1
  • 2
  • 3
  • 4
  • 5
  • 6
  • 7
  • 8
  • 9
  • 10
  • 11
  • 12
  • 13
  • 14
  • 15
  • 16
  • 17
  • 18
  • 19
  • 20
  • 21
  • 22
  • 23

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو جيڪو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو پنجويهون ڪتاب سنڌ ڳالهائي ٿي اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. ياد رهي ته هي تاريخي ڪتاب اصل ۾ سائين جي ايم سيد جو پاڪستاني ڪورٽ لاء عدالتي بيان آهي جيڪو سنڌ ڪيس جي نالي سان انگريزيء ۾ به ڇپيو آهي. هي ڪتاب پڙهڻ کانپوء اهو احساس ٿو ٿئي ته پاڪستان جي ٺهڻ کان وٺي هن وقت تائين سنڌ سان ڪيڏا وڏا ڪلور ٿيندا رهيا آهن.

    هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ هڪ ڏکيو ڪم هيو ڇو ته ڪتاب ۾ موجود سنها فونٽ گهڻو پريشان ڪندا رهيا. مان ٿورائتو آهيان عبدالڪريم چانڊيي ۽ غلام قنمبر وساڻ جو، جيڪي ڪمپوزنگ ۽ پروف ريڊنگ ۾ ساٿ ڏيندا رهيا آهن. پوء به جيڪڏهن ڪٿي ڪي اڻايون يا پروف جو چڪون رهجي ويون هجن ته رهنمائي ڪجو. مون هن ڪتاب جي ڊجيٽل ايڊيشن لاء جيئي سنڌ محاذ جي اڳواڻ محترم عبدالخالق جوڻيجو کي عرض ڪيو هو ته ڪجهه صفحا لکي ڏين ته اڄوڪين حالتن ۾ سائين جي ايم سيد جي هن ڪتاب جي ڪيتري اهميت آهي. پر شايد مصروفيتن سبب سائين نه لکي سگهيو.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    salamatsindh@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    1

    عمريست ڪه آواز منصور ڪُهن شد
    من از سِرنو جلوه دهم دارو رسن را !

    [عرصو ٿيو آهي ته منصور جو آواز پراڻو ٿي ويو آهي. هڪ ڀيرو وري نئين سر دارو رسن کي سينگارڻ گهران ٿو. ]
    جناب والا!
    آءُ ڏکڻ ايشا جي هن برصغير ۾ مُني صديءَ کان پنهنجيءَ محڪوم ۽ مظلوم قوم کي آزاديءَ ۽ خوشحاليءَ جي سونهري دور ۾ داخل ڪرڻ لاءِ سياست ۽ قومي خدمت ڪندو آيو آهيان. ان پوري عرصي ۾ ڪيترائي ڀيرا آءُ وقت جي قابض ۽ غاصب حڪمرانن جي غيض و غضب جو نشانو بڻيو آهيان. ڪيترا دفعا عمرِ عزيز جا بهترين ڏينهن ۽ سال زندان جي ديوارن جي پٺيان يا نظربندين ۾ گذاريا اٿم. مون جڏهن به پنهنجي مادر وطن سنڌو ديش جي زخمن جو آواز بڻجي، ڪائي صدا بلند ڪرڻ پئي گهري آهي ته جيلن جي دروازن ۽ گرفتاريءَ جي حڪمنامن منهنجو استقبال پئي ڪيو آهي. ڪيترا ڀيرا ته مون تي خوني حملا ڪرائي، منهنجيءَ حياتيءَ کي ختم ڪرڻ جون سازشون ۽ ڪوششون به ٿيون. ان سڀ ڪجهه جي باوجود مون کي ڪڏهن به ان سموري عرصي ۾، ڪنهن به عدالت ۾ پنهنجو موقف، پنهنجي ديس ۽ ڌرتيءَ جو تاريخي فرياد ۽ پنهنجيءَ قوم جي محڪوميءَ جو داستان، پيش ڪرڻ جو موقعو نه ڏنو ويو.
    هيءُ پهريون موقعو آهي، جو مون کي هڪ خاص قسم جي عدالت ۾ پنهنجو موقف، پنهنجي ديس ۽ ڌرتيءَ جو تاريخي فرياد ۽ پنهنجيءَ قوم جي محڪوميءَ جو داستان پيش ڪرڻ جو وَجههُ ڏنو ويو آهي. آءُ انهيءَ موقعي کي غنيمت سمجهندي، هن عدالت ۽ ان وسيلي سموريءَ انسانيت ۽ ويهين صديءَ جي پوين گهڙين ۾ پلجندڙ ۽ سوچيندڙ ذهنن تائين پنهنجو آواز، سنڌو ديش جي ڌرتيءَ جي صدا ۽ محڪوم سنڌي قوم جي فرياد ۽ اسان تي قابض وحشي قوتن جي جابرانه ڪارگذارين جو ڪچو چٺو پيش ڪريان ٿو، ته جيئن منهنجي قوم، ان جي اهل دانش طبقن ۽ سموريءَ دنيا کي خبر پوي ته هڪ اهڙيءَ قوم، جنهن هزارن سالن تائين تهذيب، تمدن ۽ امن جي روشن نقشن و نگار ذريعي دنيا جي ثقافتي امامت پئي ڪئي آهي، ان کي ويهين صديءَ جي پڄاڻيءَ تي ڪهڙي نه مڪر، فريب، ٺڳيءَ ۽ وحشياڻي طاقت جي ذريعي غلام رکيو پيو وڃي ۽ ان قوم ۾ اهڙا به ڪي سائين سنواريا موجود آهن، جيڪي بلڪل يو پي جي مسلم جاگيردارن جي سُنت تي عمل ڪندي، قومي غلاميءَ کي سنڌ لاءِ اڪسير سمجهي، ان جي تبليغ فخر سان ڪندا وتن ٿا. شايد اسان جي بدقسمتين مان هڪ اها به آهي ته اسان جا ڪي ماڻهو آزاديءَ کان نفرت ۽ غلاميءَ سان محبت ڪن ٿا. پر گهٽ ۾ گهٽ تاريخ جي هن موڙ تي آءُ سنڌ جي روح جي آواز جي حقيقي ترجماني ڪندي، انهن غلامي پسندن سان پنهنجي بيزاريءَ جو اعلان ڪريان ٿو. جيڪڏهن آءُ ائين نه ڪريان ته سنڌ جي روح جي ازلي آواز جو منڪر ليکبس.
    جناب والا!
    هتي آءُ هيءَ وضاحت ضروري ٿو سمجهان ته سنڌو ديش جو هڪ جاگرافيائي ڍانچو آهي، جنهن ۾ درياهه، ٻيلا، ڍنڍون، پهاڙ، ريگستان ۽ سرسبز ميدان آهن، سو تاريخ جي مختلف دورن ۾ گهٽبو ۽ وڌندو رهيو آهي، ۽ پڻ ڪڏهن آزاد ته ڪڏهن غلام رهندو آيو آهي. پر منهنجيءَ نظر ۾ ان جو هڪ صاف، شفاف، پاڪيزه، زندگيءَ جي امنگ سان سرشار ۽ سرڪش روح به آهي، جنهن تاريخ جي ڪنهن به دور ۾ غلامي نه قبولي آهي، نه ذلتن تي راضي رهيو آهي، ڪنهن موت کان مات نه ٿيو آهي؛ بارها ان کي ڪچلڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ڪهڻ جا جتن ڪيا ويا ۽ جهڪائڻ لاءِ وڏا وس ڪيا ويا؛ پر اهو موهن جي دڙي جي دراوڙ جي آخري دانهن جي روپ ۾ پڙاڏو بنجي، سنڌ جي فضائن ۾ سانوڻ جي ڪڪر وانگر ڀٽڪندو رهيو آهي. ان گاهي ماهي پنهنجين خصوصيتن جو اظهار ڪڏهن ڏاهر جي روپ ۾، ڪڏهن دودي سومري جي رنگ ۾، ڪڏهن دريا خان جي صورت ۾، ڪڏهن مخدوم بلاول جي شڪل ۾، ڪڏهن شاهه حيدر سنائيءَ جي جلوي ۾ ته ڪڏهن شاهه عنايت شهيد جي همت ۽ حوصلي ۾ پئي ڪيو آهي. آءُ محسوس ڪريان ٿو ته سنڌ جو اهو تاريخي روح، مون ۾ واسو ڪري ويو آهي ۽ اهو پنهنجي منطقي نتيجي تي پهچڻ چاهي ٿو.، جيڪو يقينن سنڌ جي جاگرافيائي، قومي، سياسي، اقتصادي، ڪلچرل اخلاقي خوبصورتي ۽ آزادي ئي آهي.
    انهيءَ روح جي تڙپ ۽ بيقراريءَ مونکي ننڍپڻ ۾ ئي مجبور ڪيو ته آءُ سرزمين سنڌ ۽ سنڌي قوم جي ڇوٽڪاري لاءِ پنهنجون صلاحيتون ۽ توانايون صَرف ڪريان ۽ هن ننڍي کنڊ ۾ منهنجي سياسي جدوجهد خواهه ڪهڙي ئي پليٽفارم تان ٿي هجي. ان جو مرڪزي نقطو سنڌ ۽ سڌ جي آزادي ئي رهي آهي.
    منهنجي سياسي ڪارگذارين ۽ جدوجهد جو جيڪو داستان هاڻي آءُ بيان ڪندس، ان کي مٿينءَ روشنيءَ ۾ ٻُڌڻ گُهرجي:
    جناب والا!
    1915ع ۾ جڏهن پهرين مهاڀاري جنگ پنهنجي عروج تي هئي، ان وقت مون سنڌي پرائمري تعليم ختم ڪري، انگريزي ۽ پارسي تعليم پڙهڻ شروع ڪئي ۽ منهنجي شعور دنيا کي نئين نظر سان ڏسڻ شروع ڪيو. مون کي نظر آيو تو ته دنيا جي سامهون مکيه ٽي مسئلا ڪَر کنيون بيٺا آهن:
    1. غريبي، 2. بدامني ۽ 3. خوف _ ۽ دنيا جا وڏا وڏا فلاسافر، ڏاها ۽ دانشور انهن مسئلن جي حل ڪرڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون ڪري رهيا آهن. جيتريقدر مون غور ڪيو ته مون کي انهن ٽنهي مسئلن جا هي ڪارڻ نظر آيا :
    غريبيءَ لاءِ ڌارين جي غلامي، فيوڊل نظام ۽ سرامائيداري سرشتو مکيه سبب هئا.
    جهالت لاءِ خانه بدوش زندگي، شهري زندگيءَ ۽ سهولتن جي عدم موجودگي ۽ تعليمي وسيلن جي اڻاٺ ۽ مهانگائي مکيه سبب هئا.
    بدامنيءَ ۽ خوف لاءِ عالمي سطح تي خونخوار ۽ وحشيانه عالمي جنگ ۽ مقامي سطح تي انتظامي زندگيءَ جي بي ترتيبي، وهم پرست ۽ انڌي عقيدي پرستي، جانورن، چورن ۽ ڏاڍين قوتن جي حملن جا خطرا مکيه سبب هئا.
    جئين ته اهو وقت پهرين مهاڀاري لڙائيءَ جي عروج جو هو، جنهن ۾ ڪيتريون خونريزيون ٿي رهيون هيون ۽ انساني حياتي، جانورن جي حياتيءَ کان به سستي ٿي چڪي هئي. جنگ ۾ هونئن به جياپي کان موت تي وڌيڪ ڌيان ڏنو ويندو آهي ۽ بهادر اهو ڪوٺيو ويندو آهي، جيڪو گهڻن کي جياري نه پر ماري، اهوئي حال ان وقت هو ـــ ۽ اسان سنڌ جا ماڻهو، جيڪي ان وقت انتظامي طرح زبردستيءَ سان هندستان جو حصو بنايا ويا هئاسون ۽ هندستان سان گڏ انگريزن جا غلام هئاسون ۽ ان هندستان کي، هندستان جي مرضيءَ کان سواءِ جنگ جي باهه ۾ ڌڪيو ويو هو. پوءِ به انگريزن برصغير جي ماڻهن سان جنگ ۾ مدد ڪرڻ جي عيوض ڪيترائي وعدا ڪيا هئا. جن ۾ اهو وعدو سرِ فهرست هو ته غلام ملڪن کي آزاد ڪيو ويندو، جن ۾ هندستان به شامل هو. مسلمانن کي دلاسو اهو ڏنو ويو هو ته تُرڪيءَ سان جنگ جي باوجود سندن پاڪ جين (مقاماتِ مقدسه) کي نقصان نه پهچايو ويندو ۽ انهن کي آزاد ڪيو ويندو.
    1918ع ۾ پهرين مهاڀاري لڙائي پوري ٿي. يورپ ۾ ننڍيون قومون ۽ ملڪ آزاد ڪيا ويا. ليڪن ايشيا ۽ آفريڪا ۾ موجود ملڪن کي آزاد نه ڪيو ويو، اُلٽو نين ورهاستن ۽ معاهدن ذريعي غلام ملڪن کي وڌيڪ مضبوط ۽ سگهاري سامراجي تسلط هيٺ قابو ڪيو ويو. هندستاني مسلمان، جيڪي مذهن جي اثر هيٺ هئا، تن کي جڏهن خبر پئي ته تُرڪن جي شهنشاهيءَ کي ختم ڪري، ان جي ماتحت ملڪن کي ورهائي، يونانين، انگريزن ۽ فرينچن جي قبضي ۾ ڏنو ويو آهي ۽ مقاماتِ مقدسه وارن ملڪن کي ترڪن جي قبضي مان ڇڏائي، اتحادين پنهنجي قبضي ۾ ورتو آهي ۽ پڻ هندستان کي به آزاد ٿيڻ کان لنوايو ويو آهي، ته ان تي هڪ طرف مسلمانن ۾ وڏو هيجان پيدا ٿيو ته ٻئي طرف سڄي هندستان ۾ انگريز سامراجين جي مخالفت جو طوفان شروع ٿيو.
    مسلمانن پنهنجي جوش جي اظهار ۽ ترڪ خلافت سان همدرديءَ لاءِ “خلافت تحريڪ” جو بنياد وڌو ته ٻئي طرف هندستان جي قومي جماعت انڊين نيشنل ڪانگريس، جيڪا صرف ٺهرائن پاس ڪرڻ ۽ ياداشتن پيش ڪرڻ تائين محدود هئي، سا مهاتما گانڌيءَ جي سائوٿ آفريڪا کان موٽي اچڻ ڪري، هندستاني سياست ۾ وڌيڪ متحرڪ ۽ فعال بنجي وئي، ان غير ملڪي سامراج خلاف عوام ۾ آيل انهيءَ بيپناهه اُپار کي برطانوي سامراج خلاف موثر طريقي سان استعمال ڪرڻ لاءِ گانڌيجيءَ جي ذريعي هندو ــ مسلم اتحاد جو بهترين موقعو سمجهي، اتحاد قائم ڪرايو ويو. انگريزن ان اتحاد ۽ قومي جذبي کي پنهنجي لاءِ خطرناڪ سمجهي، هندستان کي وڌيڪ رعايتون ڏيڻ بدران “رولٽ ايڪٽ” نافذ ڪيو. ان ايڪٽ هيٺ جنگ دوران حڪومت کي مليل اختيارن کي هندوستان سان هميشه لاءِ لاڳو ڪيو ويو. اهڙي ڪاري قانون خلاف سموري هندستان ۾ هندن، مسلمانن، سکن ۽ پارسين گڏجي ڀرپور احتجاج ڪيو. ان احتجاج جي سلسلي ۾ 13 اپريل 1919ع ۾ امرتسر جي جليان والا باغ ۾ هڪ احتجاجي جلسو ٿيو، جنهن تي جنرل ڊاير بنا ڪنهن وارننگ ڏيڻ جي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪرائي، جنهن ۾ سوين ماڻهو مئا ۽ هزارين زخمي ٿيا. انهيءَ قتل عام خلاف سموري هندستان ۾ مخالفت جو بيپناهه سيلاب اچي ويو ۽ ان تحريڪ ۾ سنڌ به ڀرپور نموني شرڪت ڪئي.
    آءُ اهو سڀ ڪجهه اکين سان ڏسي رهيو هوس ۽ عُمر جي اهڙي ڏاڪي تي پهچي چڪو هئس، جو اهڙن واقعن کان متاثر ٿيڻ فطري هو ــ ۽ اها هلچل جيڪا ننڍي کنڊ ۾ غير ملڪي سامراج جون پاڙون پٽڻ لاءِ وڏي حوصلي ۽ همت سان گڏيل نموني هلي رهي هئي، ان ۾ پنهنجن جذبن ۽ جدوجهد کي شامل ڪرڻ جي تمنا وڌڻ لڳي هئم. قدرت اهڙو موقعو سگهوئي موجود ڪري ڏنو. 7، 8، 9 فيبروري 1920ع تي پير تراب علي شاهه ۽ جان محمد خان جوڻيجي جي ڪوششن سان لاڙڪاڻي ۾ “سنڌ خلافت ڪانفرنس” جو اجلاس ٿيو، جنهن جي صدارت سنڌ جي بزرگ پير رشد الله شاهه جهنڊي واري ڪئي هئي. آءُ به هن اجلاس ۾ مخدوم معين الدين کنيارين واري ۽ سيد اسدالله شاهه ٽکڙائيءَ سان گڏ شريڪ ٿيو هئس. هن اجلاس ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد، مولانا عبدالباري فرنگي محلي، مولانا شوڪت علي، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ ٻيا آيل هئا.
    باوجود ننڍيءَ عمر جي، منهنجي سياسي شعور ۾ هن ڪانفرنس وڏو اضافو ڪيو، ۽ اهو اثر قبولي، ان ڪانفرنس کان موٽڻ کان پوءِ سياسي ميدان ۾ پهرئين عملي قدم طور، مون پنهنجي شهر سن ۾، 17 مارچ 1920ع تي خلافت ڪانفرنس جو اجلاس، مولوي حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ جي صدارت هيٺ سڏايو، جتي سنڌ مان ڪيترا اهم قومي اڳواڻ شريڪ ٿيا. انهن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر نور محمد، شيخ عبدالعزيز (سکر وارو) شيخ عبدالسلام (ايڊيٽر الوحيد)، شيخ عبدالحق (ايڊيٽر الحق) ۽ مولوي محمد سليمان واعظ (ٿرڙي محبت وارو) ۽ ٻيا شامل هئا، هن ڪانفرنس ۾ ڪيترائي ٺهراءَ پاس ٿيا، ترڪن جي مدد لاءِ چندو گڏ ڪيو ويو ۽ ان موقعي تي ڪيترن ماڻهن انگريزن جي ڪُرسين ڇڏڻ جو اعلان ڪيو. هيءُ ڪرسين ڇڏڻ جو اعلان “تحريڪ ترڪ موالات” جو حصو هو، جنهن هيٺ ماڻهن سرڪاري لقبن، خطابن، عدالتن ۽ ملازمتن ڇڏڻ جا سڄي برِصغير ۾ اعلان پئي ڪيا. مون هن ڪانفرنس کان ٻه ڏينهن پوءِ 19 مارچ 1920ع تي ترڪن سان ٿيل بي انصافين خلاف ڏينهن ملهائڻ لاءِ سن شهر ۾ مڪمل هڙتال ڪرائي. ان کان پوءِ سنڌ جي مختلف هنڌن تي خلافت تحريڪ جي ٿيندڙ اجلاسن ۾ شريڪ ٿيس. جن ۾ مخدوم بلاول جي درگاهه تي ٿيل اجلاس 26 مارچ 1920ع منهنجيءَ ابتدائي زندگيءَ جو اهم اجلاس هو، جنهن ۾ عمر ۽ قد جي حوالي سان ننڍو هجڻ ڪري، مون ميز تي چڙهي تقرير ڪئي هئي. هن دور ۾ مٿي بيان ٿي آيل ليڊرن کان سواءِ منهنجي مهاتما گانڌيءَ سان سن اسٽيشن ٿي 27 اپريل 1921ع تي ملاقات ٿي هئي. جڏهن هو حيدرآباد کان دادوءَ وڃي رهيو هو. گانڌيجيءَ مختصر ملاقات ۾ مونکي کاڌِي پائڻ جي هدايت ڪئي، ۽ مون واپس ڳوٺ اچڻ بعد ڪپهه وٺي سُٽ ڪتائي، کاڌِيءَ جا ڪپڙا تيار ڪرائي، گانڌيجيءَ جي اثر هيٺ 19 مئي 1921ع کان پائڻ شروع ڪيا.
    ان زماني ۾ آءُ صغير هئڻ سبب، “ڪورٽ آف وارڊس” جي سنڀال هيٺ هئس. منهنجي خاندان جون زمينون ۽ جائداد ان جي تحويل هيٺ هئا. ۽ مون کي خاندان جي گذر معاش لاءِ ڪورٽ آف وارڊس کان مقرر ٿيل ماهيانو ملندو هو. سرڪار منهنجي خلافت تحريڪ وارين سرگرمين جو سخت نوٽيس ورتو ۽ سنڌ جي ڪمشنر سر ٽامس وٽ مون کي ڪوٽڙيءَ ۾ گهرائي تنبيهه ڪئي وئي ته آءُ هن تحريڪ ۾ حصو نه وٺان، جو اُها انگريزن جي خلاف هئي. انگريز سرڪار ۽ ان جي وفادار ڪامورن کي ذهن نشين ٿيل هو ته اسان جي خاندان جا ڪوٽڙي تعلقي ۽ ڪوهستان (جبل) جي ماڻهن ۽ راڄن سان وڏا واسطا هئا، جن مان ڪيترا ماڻهو هن ڪانفرنس ۾ پڻ اچڻا هئا، جنهن جي مدنظر سرڪار کي خطرو محسوس ٿيو ته متان ڪو فساد يا بغاوت جنم نه وٺي. ان ڪري ڪمشنر مون تي دٻاءُ وڌو ته ان تحريڪ سان لاتعلقي ظاهر ڪريان ، ٻيءَ صورت ۾ مون تي سختي ڪئي ويندي. مون ڪمشنر کي کُتو جواب ڏنو، ۽ پنهنجيون سياسي سرگرميون جاري رکيون. آءُ پنهنجي خاندان ۾ اڪيلو مرد (ٻار) هئس، باقي سڀ عورتون هيون. ڪمشنر هڪ طرف ڪورٽ آف وارڊس طرفان ملندڙ ماهيانو بند ڪرائي ڇڏيو، ٻئي طرف مون کي دڙڪو ڏياري موڪليو ويو ته مون کي زوريءَ بمبيءَ طرف پڙهڻ لاءِ موڪليو ويندو. ان صورتحال پيدا ٿيڻ تي ڪجهه عملدارن سرڪار کي مشورو ڏنو ته هن نوجوان (جي. ايم. سيد) کي سياسي سرگرمين کان باز رکڻ لاءِ سندس زمينون ڪورٽ آف وارڊس جي تحويل مان ڇڏائي، هن جي حوالي ڪيون وڃن ته جيئن انهن جي سنڀال ۾ مصروف ۽ مشغول رهي ۽ سياسي طرح سرگرم رهي نه سگهي. پر آءُ باوجود انهيءَ دٻاءَ ۽ سازش جي خلافت تحريڪ ۾ جوش ۽ جذبي سان حصو وٺندو رهيس. انهيءَ زماني ۾ هندستان ۾ هندو ــ مسلم اتحاد جي فضا قائم هئي ۽ خلافت، ڪانگريس، جميعة العلماءِ هند ۽ مسلم ليگ جا ساڳين موقعن تي هڪ ئي شهر ۾ اجلاس ٿيندا هئا، جن جو فائدو وٺي مختلف سياسي اڳواڻن سان منهنجون ملاقاتون ٿينديون رهيون. اهڙيءَ طرح آءُ 1924ع تائين خلافت تحريڪ ۾ حصو وٺندو رهيس، جيسين تائين هندو مسلم اختلافن پيدا ٿيڻ ڪري تحريڪ جي اوائلي جوش ۾ ماٺائي اچي وئي.
    1924ع ۾ تُرڪن، “خلافت” کي پنهنجي مصيبتن جو ڪارڻ سمجهي ختم ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري هندستان ۾ به هيءَ تحريڪ پنهنجو جوش وڃائي ويٺي.
    اُن جي نتيجي ۾ سياسي ڪارڪنن جو ڌيان ايجيٽيشن کان ڦري، مانٽيگو چيلمسفورڊ رفارمس هيٺ آئيني ۽ قانوني رستي، تبديلي آڻڻ ڏانهن مائل ٿيو. ان ڪري، مون پڻ سياست کي سماجي تبديليءَ ۽ سڌارن جو ذريعو سمجهي، 1925ع ۾ ڪراچي لوڪل بورڊ جي وائس پريزيڊنٽ ۽ تعلقي مانجهند لوڪل بورڊ جي پريزيڊنٽ چونڊجڻ بعد، عوامي ڀلائيءَ جا ڪم ڪرڻ شروع ڪيا. ٽن سالن کان پوءِ 1928ع ۾ آءُ ضلعي لوڪل بورڊ ڪراچيءَ جو پريزيڊنٽ چونڊجي ويس، هيءُ اهو وقت هو، جڏهن انگريز سرڪار، هندستان جي حالتن ڄااڻڻ لاءِ “سر جان سائيمن” جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ ڪميشن موڪلي، جيڪا “سائيمن ڪميشن” سڏي ٿي، ۽ ان ۾ هڪ به هندستاني (هندو توڙي مسلمان) ميمبر شامل نه هو. ان ڪري ڪانگريس مسلم ليگ جي هڪ ڌڙي “سائيمن ڪميشن” جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو. آءُ ان وقت ڪانگريس ۾ شامل ٿي چڪو هئس، ان ڪري سنڌ ۾ اسان ڪانگريسين ۽ پراڻين خلافتن “سائيمن ڪميشن” جو بائيڪاٽ ڪرايو، ۽ جتي جتي سائيمن ڪميشن جا ميمبر ويا ٿي. اتي عوام ڪارا جهنڊا کڻي “سائيمن واپس وڃ ! ” (Simon! Go back) جا نعرا هنيا ٿي.
    سنڌ مان بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل تي جيڪي ميمبير چونڊيل هئا. اهي زميندار ڪلاس مان هئا، جن کي پنهنجا شخصي ۽ گروهي مفاد عزيز هئا، ان ڪري انهن سائيمن ڪميشن سان تعاون ڪيو.
    انهيءَ عرصي (1928) ڌاري، سنڌ ۾، سنڌ جي بمبئي پرڳڻي کان آزاديءَ جي تحريڪ هلي، ۽ ان تحريڪ جون ٽي اهم ڪانفرنسون، هڪ ڪراچيءَ ۾، ٻي حيدرآباد ۾ ۽ ٽين ڪراچيءَ ۾ ٿيون. جن ۾ انگن اکرن ۽ دليلن سان ڀرپور قراردادن وسيلي، برطانوي سامراج کان مطالبا ڪيا ويا هئا ته سنڌ، تاريخ جي هر دور ۾ هند کان الڳ ملڪ رهيو آهي، ان ڪري ان جو بمبئيءَ سان قانوني طرح ڳانڍاپو، غير فطري، غير تاريخي ۽ غير اخلاقي قدم آهي. انهن ڪانفرنسن ۾ جن مکيه ماڻهن حصو ورتو هو، تن ۾ سيٺ حاجي عبدالله هارون، شيخ عبدالمجيد سنڌي، محمد ايوب کهڙو، علي محمد راشدي، ڄيٺمل پرسرام، مير محمد بلوچ، جمشيد نسروانجي ميهتا، رستم خورشيد سڌوا، آءُ ۽ ڪجهه ٻيا شامل هئا سون.
    هتي هڪ ڳالهه آءُ اوهان جي ڌيان تي آڻڻ چاهيان ٿو ته انگريزن 1843ع ۾ سنڌ جي آزاد حڪومت تي هڪ خونخوار جنگ کان پوءِ فتح حاصل ڪئي هئي، ۽ آزاد سنڌ کي انگريزن جي غلاميءَ ۾ تبديل ٿيڻو پيو هو، پر پوءِ به سنڌ هڪ الڳ حيثيت ۾ چئن سالن تائين جُدا گورنر سر چارلس نيپيئر جي هٿ هيٺ رهي، سندس گورنريءَ جي مدي ختم ٿيڻ کان پوءِ انگريزن انتظامي سهوليت خاطر سنڌ کي 1848ع ۾ بمبئيءَ صوبي جو حصو بنائي ڇڏيو، انهيءَ غير فطري ڳانڍاپي ۽ لاڳاپي جي خاتمي لاءِ جيڪا جدوجهد هلي پئي، تنهن کي اسان “بمبئيءَ کان سنڌ جي آزاديءَ جي تحريڪ” چئون ٿا.
    هتي آءُ پنهنجيءَ قوم، ان جي دانشورن ۽ نئين مجاهد نسل جي سامهون هيءُ اعتراف ڪرڻ ٿو چاهيان ته اُن وقت سياسي شعور جي گهٽتائي، تجربي جي کوٽ ۽ آل انڊيا مسئلن جي ڌٻڻ ۾ ڳچيءَ تائين ڦاٿل هئڻ ڪري، اسان پنهنجي ديس جي مڪمل آزادي جي گُهر ڪرڻ بدران ان کي هندستان جي هڪ خودمختيار صوبي بنائڻ جي گُهر ڪئي، ۽ تحريڪ هلائي. حالانڪه جنهن صورت ۾ انگريزن اسان جي آزاد ملڪ تي حملو ڪري، ان کي غلام بنايو هو، ان صورت ۾ اسان کي پنهنجي ديس جي مڪمل آزاديءَ جي تحريڪ هلائڻ کپندي هئي.
    هتي اهو سمجهڻ جي غلطي نه ڪئي وڃي ته سنڌ به شايد برصغير جي ڏيهي رياستن وانگر هڪڙي رياست هئي، جنهن جي ڪنهن سردار بغاوت ڪري، ان کي پوري برِصغير کان ڪٽي، پنهنجي ڪا ڌار حڪومت قائم ڪئي هئي، جيئن حيدرآباد دکن، ميسور، جوڌپور، جهوناڳڙهه ۽ گائيڪوااڙ وغيره. اهي رياستون فطري ۽ تاريخي طرح هندستان جو حصو هيون، پر سنڌ جي نوعيت انهن کان قطعي مختلف هئي ۽ اها تاريخ جي طويل سفر ۾ “هند” جي متوازي “سنڌ” جي نالي سان سلطنت رهند پئي آئي هئي، ۽ ان وقت جڏهن بمبئي پرڳڻي کان سنڌ جي آزاديءَ جي تحريڪ هلي رهي هئي، تڏهن خانبهادر کهڙي، هڪ ڪتاب “سفرنگس آف سنڌ” (Sufferings of Sindh) لکي، ان ۾ سنڌ جي ان تاريخي حيثيت جا حوالا ڏنا هئا ۽ ان جي قديم ملڪ واريءَ حيثيت جو ذڪر ڪيو هو.
    آءُ اڳ ۾ چئي آيو آهيان ته سنڌ مان بمبئي ڪائونسل تي چونڊيل زميندار ڪلاس جا ماڻهو “سائيمن ڪميشن” جي فائدي ۾ هئا ۽ ان سام مڪمل سهڪار ڪيائون ٿي: ان ڪري “سائيمن ڪميشن” هڪ صوبائي ڪميٽي، مسٽر شاهنواز ڀٽي جي صدارت هيٺ مقرر ڪئي هئي، جنهن ۾ بمبئي ڪائونسل جي ڪجهه ميمبرن کي کنيو ويو هو. انهيءَ ڪاميٽيءَ جي صدر، شاهنواز ڀُٽي، سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاديءَ خلاف راءِ ڏني، پر سيد ميران شاهه، سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاديءَ جي حق ۾ نوٽ هنيو هو.
    اهو ئي وقت هو، جڏهن سباش چندر بوس ۽ ڊاڪٽر سيف الدين ڪچلو، سنڌ جي دوري تي آيا، ۽ مون سندن وڏو آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ کين ڪراچيءَ ۾ دعوت ڪئي. جيڪا ڳالهه، انگريز سرڪار کي پسند نه آئي ته سنڌ جي زميندار ۽ سيد گهراڻي جو هڪ فرد “جي حضوري سياست” تي هلڻ بدران ننڍي کنڊ جي آتش بجان انقلابي ليڊرن سان پنهنجا لاڳاپا وڌائي رهيو آهي. اها ڳالهه انگريز سامراج جي مزاج ۽ طريقئه ڪار لاءِ ڏاڍي چڙ ڏياريندڙ هئي. وقت جيئن جيئن گذرندو ٿي ويو ۽ تاريخ جو ڦيٿو ڏاڍيءَ تيزيءَ سان اڳتي وڌي، مون کي سامراجي حڪمرانن ۽ سندن انتظامي ڍانچي کان پري ڪري، محب وطن هندستاني ليڊرن سان ويجهو ڪندو ٿي وي. انهيءَ سلسلي ۾ مون کي انگريز حڪمرانن سان هڪ ٻيو ٽڪر کائڻو پيو، جنهن ويتر اسان جا رستا الڳ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هڪ رستو اهو هو ته ذاتي عزت، شهرت ۽ دولت حاصل ڪرڻ لاءِ حڪمرانن جي چاپلوسي، خوشامد ۽ جي حضوري ڪجي ۽ سلامت رهجي، ۽ ٻيو رستو اهو هو ته هر صورت ۾ پنهنجي ماڻهن جي خوشحاليءَ، عزت ۽ آزاديءَ جي لاءِ جدوجهد ڪجي؛ ۽ ان سلسلي ۾ جيڪا به مصيبت ۽ سرڪار جو عذاب ۽ ڏمر نازل ٿئي، تنهن کي حوصلي سان برداشت ڪجي. مون پويون رستو اختيار ڪيو ۽ لوڪلبورڊ جو پريزيڊنٽ چونڊجڻ بعد مون ڪراچي ضلعي جو طوفاني دورو شروع ڪيو، ٽيهارو کن ميٽنگون سڏايم، جن ۾ برصغير جي نقشي (جنهن ۾ سنڌ به شامل هئي) کي هار پارايم، کاڌيءَ جا ڪپڙا پائي، کاڌي پهرڻ جو پرچار ڪيم؛ ان سان گڏوگڏ ننڍي کنڊ مان سامراج کي تڙي ڪڍڻ لاءِ تقريرون پڻ ڪيم. منهنجي انهيءَ دوري تي مسٽر گبسن، ڪليڪٽر ڪراچي (جنهن کي قانوني طرح ڪراچي لوڪلبورڊ جي ڪمن جي نگرانيءَ جو اختيار هو) مون کي چوائي موڪليو ته: “تنهنجو هي ڳوٺ سڌار هلچل جو پروگرام نه، پر ڪانگريس جي تحريڪ جو حصو آهي. تون لوڪلبورڊ جي پريزيڊنٽ جي حيثيت ۾، ڪانگريس جي هلچل نٿو هلائي سگهين. ان ڪري اهو دورو هڪدم بند ڪر.” انهيءَ منع جي باوجود مون پنهنجي رفيق مولوي عبدالڪريم چشتيءَ، جيٺمل پرسرام، حاتم عليءَ ۽ ٻين سان گڏ دورو جاري رکيو، منهنجي انهيءَ عمل، ڪليڪٽر ڪراچي، مسٽر گبسن کي مخالف مان ڦيرائي منهنجو دشمن بنائي ڇڏيو. مٿان ترت ئي هڪ ٻيو واقعو ٿيو، جنهن ٻرنديءَ تي تيل جو ڪم ڪيو، ٿي هيئن ته بمبئي سرڪار ڪراچي لوڪل بورڊ تي زور رکيو ته جنهن صورت ۾ ڪراچي لوڪل بورڊ، بمبئي سرڪار کان گرانٽ وصول ڪري ٿو، ان ڪري لوڪلبورڊ کي هڪ ڪواليفائيڊ انجنيئر رکڻ کپي. ان تي مون محمد هاشم گزدر کي انجنيئر طور مقرر ڪرايو، جڏهن ته ڪليڪٽر ڪراچيءَ جي مرضي سندس پي ــ اي ــ ڊي ــ سلوا جي عزيز، هڪ ڪرسچن کي رکائڻ جي هئي. ڪليڪٽر سان انهيءَ معاملي ۾ لوڪلبورڊ جو چيف آفيسر قاضي عبدالرحمان به گڏ هو (قاضي عبدالرحمان ڪجهه وقت اڳ اخبار “الوحيد” جو ايڊيٽر هو ۽ ڪانگريس هلچل ۾ حصي وٺڻ سبب سزا به کائي چڪو هو ۽ انهن خدمتن جي عيوض اسان کيس چيف آفيسر مقرر ڪرايو هو. پر بعد ۾ هو خريد ٿي، مسٽر گبسن جو ماڻهو ٿي هلڻ لڳو هو). منهنجي انهيءَ عمل تي ڪليڪٽر ڪراچي ڪاوڙجي، لوڪلبورڊ جي گرانٽ بمبئي سرڪار کان بند ڪرائي ڇڏي ۽ مون کي دڙڪا ڏياريا ويا ته “تو جيڪڏهن لوڪل بورڊ ۾ سياست کي ملوث ڪيو ته توکي نقصان پهچندو.”
    واضع رهي ته حيدرآباد، ڪراچي ۽ شڪارپور جون ميونسپالٽيون اڳيئي سرڪار جي هٿن مان نڪري چڪيون هيون ۽ هاڻي جيڪڏهن ڪراچي لوڪلبورڊ به انگريزن جي هٿن مان هلي ويو ٿي ته هنن لاءِ وڏي صدمي جي ڳالهه هئي.
    منهنجي ان دوري جي اثر زائل ڪرڻ لاءِ ڪليڪٽر ڪراچي مسٽر گبسن، قاضي عبدالرحمان کي حڪم ڪيو ته “جي ايم سيد ضلعي اندر جن جن جاين تي ڪانگريس جي پرچار ڪري آيو آهي، تون اتي وڃي سيد ۽ ڪانگريس جي مخالفت ۾ ۽ انگريزن جي حمايت ۾ تقريرون ڪر. سرڪار جو سمورو عملو، مختيار ڪار، تپيدار ۽ ڊپٽي ڪليڪٽر تنهنجي مدد ڪندا.” هن صاحب حڪم جي تعميل ڪئي. آءُ ضلعي لوڪلبورڊ جو پريزيڊنٽ هو، چيف آفيس منهنجو ماتحت ٿي ڪري، منهنجي مخالفت ڪري رهيو هو، انهيءَ تي سنڌ جي قومپرست اڳواڻ، جميعة العلماءِ هند جي سنڌي رهنما، حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ، اخبارن ۾ قاضي عبدالرحمان جي نالي هيٺيون کليل خط شايع ڪرايو:
    “قاضي صاحب! توکي ڊسٽرڪ لوڪلبورڊ جو تنخوادار نوڪر هئڻ ڪري، هيءُ ذليل طريقو انگريزن جي دلاليءَ جو اختيار نه ڪرڻ گهربو هو.
    توکي ياد هوندو ته جڏهين تون قومي تحريڪ ۾ ڪم ڪندي جيل ۾ ويو هئين ته مون جهڙي خاموش طبع شاعر به تنهنجي تعريف ۾ ڪيترو شعر چيو هو، جنهن ۾ مون تنهنجي ساراهه سان گڏ توکي صبر جي تلقين به ڪئي هئي. اڄ تنهنجي هن ڦڙتيءَ تي شعر نٿو لکان، پر پنهنجي جذبات جو اظهار نثر ذريعي ڪريان ٿو:
    پيارا قاضي صاحب! تون بورڊ جو تنخواهه دارملازم آهين، تنهنڪري اهڙين حرڪتن کان باز اچ! توکي انگريزن جي طرفداريءَ ۽ سياسي ڪمن ۾ حصو وٺڻو هجي ته پوءِ اهو ڪم ڪر. سرڪار توکي انهن ميٽينگن ڪرڻ لاءِ اجازت ڏني آهي ڇا؟ توکي خبر آهي ته سيد غلام مرتضى شاهه پريزيڊنٽ ضلع لوڪل بورڊ (جو آنرري قومي ڪم ڪندڙ هو). جڏهين سنڌ ڳوٺ سڌار هلچل لاءِ گشت ڪري تقريرون ڪيون ته تنهنجي آقا انگريز عملدارن ان جي مخالفت ڪئي پئي. ايتريقدر ويا جو گشت جي ڀتي ڀاڙي واپس ڪرڻ ۽ بورڊ طرفان منظور ڪيل جلسن جي خرچ ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. جنهن لاءِ عام ماڻهو ائين چئي رهيا هئا ته تنهنجي سازش هئي، ڇا، اسڪولن ۾ جلسا ڪري انگريزن جي ساراهه ۾ قصيدا ڳارائڻ تنهنجي فرائض ۾ داخل آهي؟ ڇا ٻين لوڪل بورڊن جا چيف آفيسر بي ائين ڪن ٿا؟ ڇا اهي امن سڀا جون ميٽنگون ڪرڻ لاءِ توکي لوڪلبورڊ کان تنخواهه ملي ٿي؟ تو پريزيڊنٽ کان اجازت نه ورتي آهي جيڪڏهن توکي قومپرستن طرفان انگريزن جي مخالفت تي درد ٿئي ٿو ته پوءِ موڪل وٺي، وڃي سرڪاري خرچ تي اهي حرڪتون ڪر. آءُ عام ماڻهن کي صلاح ڏيندس ته هو قاضيءَ کي سندس ميٽنگن ۾ بلاخوف جي چئي ڏين ته اهو ڪم ٺيڪ نه آهي، پر جي هو عملدارن جي سختيءَ ۽ انتقام کان خائف هجن ته ميٽنگن ۾ نه وڃن، کين معلوم هئڻ گهرجي ته چيف آفيسر سندن حاڪم نه آهي، پر پگهاردار نوڪر آهي.”
    حڪيم فتح محمد سيوهاڻي 20 جولاءِ 1930ع
    اسان جو اهو تڪرار هلندڙ ئي هو ۽ لوڪلبورڊ جي گرانٽ بند ئي هئي، جو سنڌ مان بمبئي ڪائونسل جي مکيه ميمبرن ــ ميران محمد شاهه، خانبهادر غلام نبي شاهه، شاهنواز ڀٽي ۽ الهه بخش سومري وغيره بمبئي سرڪار وٽ پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪري، نه رڳو لوڪلبورڊ جي بند ٿيل گرانٽ جاري ڪرائي، پر مسٽر گزدر کي به بحال ڪرايو، ڇو ته اهي ماڻو خود مختلف ضلعن جي لوڪل بورڊن جا پريزيڊنٽ هئا ۽ انهن جي مفاد وٽان اها ڳالهه هئي، ته ڪليڪٽرن جي دست اندازي گهٽ ۾ گهٽ ٿئي. ان ڪري هنن منهنجي مدد ڪئي ۽ مون پنهنجو ڳوٺ سڌار ۽ سماج سڌار پروگرام وڌيڪ جوش ۽ جذبي سام ماڻهن تائين پهچائڻ شروع ڪيو.


    2

    آءُ اڳ ۾ ئي چئي آيو آهيا ته مون جڏهن شعور جي نظر سان دنيا کي ڏسڻ شروع ڪيو هو ته ان وقت دنيا جي سامهون، جيڪي ٽي مکيه مسئلا هئا، تن مان هڪ مکيه مسئلو غربت به هو. اهو سموريءَ دنيا سان گڏ سنڌ ۾ وڌيڪ شدت ۽ ڀيانڪ شڪل ۾ ڏسڻ ۾ آيو ٿي. اسان جو ملڪ سنڌ، جيئن ته بنيادي طرح زرعي ملڪ آهي ۽ انگريزن جي اچڻ کان پوءِ هتي جون زرعي زمينون انعامن ۽ جاگيرن جي صورت ۾ ڪجهه مخصوص خاندانن ۽ ماڻهن کي ڏنيون ويون. جنهن جي نتيجي ۾ انهن مخصوص خاندانن ۽ ماڻهن کان سواءِ ٻيو سمورو عوام بي زمين ۽ بي روزگار بنجي ويو. جن روزگار جي حاصلات لاءِ انهن زمينن تي مزدور ٿي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو، تن کي هاري سڏيو ويو. پر مزدور ۽ هاريءَ ۾ بنيادي فرق اهو هو ته مزدور کي روزانو يا مهيني تي اجرت ڏني ويندي آهي، پر اهو زرعي مزدور، جنهن کي هاري سڏيو ٿي ويو، ان جي اجرت جو فيصلو سال تي ٿيندو هو. مزدور ته اڪيلو ڪمائيندو هو، پر هاريءَ جو سڄو خاندان محنت ڪندو هو ۽ اجرت جي تعين وقت صرف گهر جي مکيه ڀاتيءَ کي هاري تصور ڪيو ويندو هو. هُن جون زمين تي ڪنهن به قسم جو ڪو به حق نه هو. سال تي بٽئي ۽ حساب ڪتاب ڪرڻ وقت مختلف نالن ۾ ڪيترائي قرض لاڳو ڪري، کيس يا ته زمين تان بيدخل ڪيو ويندو هو يا ان قرض جي ادائگيءَ لاءِ کيس ٻين زميندارن جي سهارو وٺڻو پوندو هو.
    جيئين ته هاري واهڻي زندگيءَ ۾ رهندڙ هو ۽ شديد غريبيءَ جو به شڪار هو، ان ڪري نه رڳو معاشي طرح پر تعليمي طرح ۽ صحت جي نقطي نگاهه کان به تباهه ٿيل هو. انهيءَ هاريءَ جي حالت سڌارڻ، کيس زميندارن، پيرن، ڪامورن، وياج خورن، چورن جي ظلمن کان بچائڻ، کيس تعليم ۽ صحت جي بهتر سهوليتن ڏيارڻ ۽ امن امان واري صورت ۾ رکڻ لاءِ، مون پنهنجي ساٿين سان گڏجي 1930ع ۾، جمشيد مهتا جي صدارت هيٺ (ميرپور خاص ۾) سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جو بنياد وجهرايو. ان هاريءَ ڪميٽيءَ، هارين جي حالت سڌارڻ، کين زمين تي حق ڏيارڻ ۽ تعليم سان روشناس ڪرائڻ لاءِ تمام ڊگهي جدوجهد ڪئي. ان جي نتيجي ۾ بي لوث هاري ڪاڪنن کي قيد ۽ بند جون مصيبتون سهڻيون پيون ۽ ڪيترن کي سرڪار ۽ زميندار شاهيءَ جي گڏيل ظلم سبب پنهنجي زندگين تان هٿ ڌوئڻا پيا. ان جي باوجود هنن جدوجهد ۽ ڪوشش واري وٽ نه ڇڏي ۽ ڪيتريون سوڀون ماڻيون، جن ۾ اڌو اڌ بٽائي ۽ ٽيننسي ايڪٽ جي بحالي اهم آهن، پوءِ به آءُ اعتراف ٿو ڪريان ته ان تحريڪ ذريعي اول ڏينهن اسان جيڪي مقصد آڏو رکيا هئا، سي اڃا تائين مڪمل طرح حاصل ڪري نه سگهيا آهيون. ان جو ڪارڻ ورهاڱي کان اڳ انگريز سرڪار جي زميندار شاهيءَ کي سندن وفاداريءَ سبب برقرار رکڻ واري پاليسي هئي ۽ ورهاڱي کان پوءِ پاڪستاني (پنجابي) فوج ۽ آفيسر شاهيءَ جي پاليسي پڻ ساڳي آهي. آءُ ان عرصي ۾ آل انڊيا سياست ۾ وڌيڪ ملوث ٿي وڃڻ سبب هاري ڪاميٽيءَ کي گهڻو وقت ڏئي نه سگهيس، پوءِ به منهنجو هاري ڪاميٽيءَ سان هر سطح تي تعاون جاري رهيو. پر منهنجون زياده تر ڪوششو ۽ دلچسپيون، برصغير جي آئيني ۽ سياسي مسئلن طرف رهيون. 1930ع ۾ گانڌيجيءَ ڪانگريس جي پليٽ فارم تان سول نافرمانيءَ جي تحريڪ شروع ڪئي هئي ۽ سندس آزاديءَ واري پروگرام ماڻهن کي متاثر پئي ڪيو، آءُ به پنهنجي خانداني روايات ۽ پسمنظر جي ڪري غير متعصب هئڻ سبب ڪانگريس ۾ شامل ٿي چڪو هئس، پر سرڪار خلاف بغاوت ۾ ڪو نمايان حصو وٺي نه سگهيو هئس، ليڪن ملڪي تعمير، عوام ۽ ڳوٺ سڌار پروگرام ۾ دلچسپي هئم.
    ان زماني ۾ خدائي خدمتگار، خان عبدالغفار خان هڪ اهڙو سياستدان هو، جنهن برصغير ۾ سياست ۽ سماجي سڌارن کي گڏوگڏ ڪاميابيءَ سان پئي هلايو. منهنجو به جيئن ته بنيادي مقصد سياسي سڌارن سان گڏ سماجي سڌارا هو، ان ڪري مون کي خان غفار خان سان ملڻ جو شوق پئي رهيو. 1931ع ۾ انڊين نيشنل ڪانگريس جو ساليانو اجلاس ڪراچي ۾ ٿيو، جنهن ۾ خان غفار خان خدائي خدمتگارن جي جٿي سميت شريڪ ٿيڻ آيو هو ۽ آءُ به ان اجلاس ۾ شريڪ ٿيو هوس. اتي منهنجي غفار خان سان ملاقات ٿي ۽ سندس طريقه ڪار کان واقفيت ٿي. مون سندس مان ۾ هڪ پرتڪلف دعوت ڪئي. خان بادشاهه، ننڍي کنڊ جي سياست ۾ ڀرپور شريڪ هجڻ جي باوجود پنهنجي صوبي “پختونخوا” ۾ پٺاڻن جي الڳ جماعت قائم ڪيو ويٺو هو ۽ صوبي ۾ سماجي سڌارن جي سندس تحريڪ به جاري هئي. سندس ان طريقي ڪار کان متاثر ٿي، مون به پنهنجي وابستگي ڪانگريس سان گهري ڪئي ۽ خالص سنڌ بنياد تي هڪ جماعت “سنڌ پيپلز پارٽي”، 1933ع ۾ برپا ڪري، ان جو ليڊر شاهنواز ڀٽي کي ۽ ڊپٽي ليڊرن ۾ خانبهادر الهه بخش ۽ ميران محمد شاهه کي چونڊايم. سگهوئي پوءِ ٽين گول ميز ڪانفرنس جي تجويز جي روشني ۾ 1935ع جي آل انڊيا ائڪٽ جي نفاذ سان اپريل 1936ع ۾ سنڌ بمبئي پرڳڻي کان آزاد ٿي ۽ ان جي صوبائي حيثيت بحال ٿي، پر جيسين تائين صوبائي چونڊون ٿين، ان وقت تائين سنڌ حڪومت هلائڻ لاءِ گورنر جي مدد لاءِ هڪ مشاورتي ڪميٽي جوڙي وئي ۽ سر شاهنواز ڀٽو، سنڌ جي گورنر سر لانسلاٽ گرهام جو مشير بڻيو. اسان 1936ع ۾ ئي پنجاب جي غير فرقيوار جماعت “يونيسٽ پارٽي” جي طرز تي “سنڌ اتحاد پارٽي” قائم ڪري، ان جو صدر حاجي عبدالله هارون کي چونڊايو. الهه بخش سومرو پڻ هن جماعت ۾ شامل ٿيو ۽ هن جماعت طرفان 1937ع جي چونڊن ۾ اسان ڀرپور حصو ورتو. انهن چونڊن ۾ اسان جي “اتحاد پارٽي” وڏي ڪاميابي ماڻي ۽ ڪامياب ٿيندڙ ميمبرن ۾ آءُ به هئس. پر اسان جو پارٽي ليڊر حاجي عبدالله هارون، خانبهادر الهه بخش گبول هٿان ۽ ڊپٽي ليڊر شاهنواز ڀٽو شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ هٿان پنهنجن تڪن، ترتيبوا: ڪراچيءَ ۽ لاڙڪاڻي مان هارائي ويا. سنڌ اسيمبليءَ جي جملي سٺ ميمبرن ۾ پارٽي پوزيشن هن ريت هئي؛
    اتحاد پارٽي 24، ڪانگريس 7، سر غلام حسين جي مسلم پوليٽيڪل پارٽي 3، شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي آزاد پارٽي 3، باقي هندو ۽ مسلمان آزاد حيثيت ۾ پنهنجي شخصي اثر هيٺ چونڊجي آيا. هنن انگن اکرن مان پتو پوندو ته سٺ ميمبرن جي ايوان ۾ مڪمل اڪثريت ڪنهن به پارٽيءَ کي حاصل نه هئي، پر سنڌ اتحاد پارٽي ايوان جي واحد وڏي پارٽي هئي. ان ڪري ان کي حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ملڻ کپندي هئي، پر گورنر سنڌ سر لانسلاٽ گرهام، پارلياماني روايتن جي ڀڃڪڙي ڪندي، سر غلام حسين هدايت الله جي مسلم پوليٽيڪل پارٽي کي حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڏني ۽ ٽن يورپين ميمبرن کي هدايت ڪئي ته سر غلام حسين جي حمايت ڪن. سر غلام حسين پهرين هندو آزاد ميمبرن کي ٻن عهدن ــ وزارت ۽ اسپيڪريءَ جي لالچ ڏئي پنهنجي طرف ڪيو ۽ پوءِ اتحاد پارٽيءَ جي بلوچ گروپ کي هڪ وزارت جو آسرو ڏئي، پنهنجي طرف ڪري ورتو. نتيجي طور اتحاد پارٽيءَ جا ميمبر الهه بخش سومري جي قيادت ۾ ڪانگريس سان گڏ مخالف بينچن تي ويٺاسون.
    هتي آءُ هڪ ڳالهه ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاديءَ واري جدوجهد ۾ اسان کي آل انڊيا جماعتن جي مدد وٺڻي پئي هئي. جيئن انڊين نيشنل ڪانگريس ۽ مسلم ليگ، ڇو ته سنڌ جا ڪي با اثر خود غرضي هندو سنڌ جي عام راءِ جي ابتڙ بمبئيءَ کان سنڌ جي آزاديءَ جي راهه ۾ رڪاوٽون وجهي رهيا هئا. آل انڊيا جماعتن جي مدد ته ڪئي، پر ان مدد جي اسان کي تمام وڏي قيمت، فڪري ۽ سياسي طرح ادا ڪرڻي پئي. مسلم ليگ وارن جدا چونڊن جو سرشتو ۽ ويٽيج قبول ڪرائي قيمت وصول ڪئي ۽ سرڪار سکر بئراج جي تعمير جي سلسلي ۾ ورتل قرضن جي ادائگيءَ جي نظرداريءَ لاءِ اختيار ڏئي، سياسي قيمت وصول ڪئي. سڄي سنڌ اسيمبلي هڪ مفلوج اسيمبلي بنجي وئي. جيڪا هر وقت گورنر جي رحم وَ ڪرم تي هئي ــ ته ٻئي طرف فڪري طرح امن، محبت ۽ رواداريءَ جي حامي صوفين واري فلسفي کي مڃيندڙ سنڌ، فرقيوارانه ۽ مذهبي منافرت واري ماحول جو شڪار ٿي وئي.
    هاڻي سنڌ اسيمبلي، سنڌ جي خدمت ۽ سنڌي ماڻهن مان غربت، جهالت ۽ بدامنيءَ کي ختم ڪرڻ وارن مکيه مقصدن طرف ڌيان ڏيڻ بدران ڪُرسين حاصل ڪرڻ جي هٻڇ جو آکاڙو بنجي وئي ۽ سنڌ جي ماڻهن، جنهن غير فرقيوارانه سنڌ کي حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪئي هئي. ان سنڌ اسيمبليءَ، سنڌين واري عينڪ لاهي، هندو ۽ مسلمان جون ڌار ڌار عينڪون پائي ورتيون هيون ۽ فرقيواريت جي باهه جيڪا اسيمبليءَ ۾ ٻري هئي، سا ڪهڙي خبر ته اڳتي هلي سموريءَ سنڌ ۾ ڀنڀٽ بنجڻ واري هئي.
    سر غلام حسين هدايت الله وزارتن جي لالچ ڏئي ڪجهه هندو مفاد پرست ميمبرن کي پنهنجي طرف ته ڪري ورتو هو، پر منجهن سواءِ ڪُرسيءَ جي لالچ جي ڪو به مشترڪ قدر موجود نه هو. ان ڪري اها وزارت گهڻو وقت جٽاءُ نه ڪري سگهي. ان جي ابتدا هن ريت ٿي، جو مکي گوبند رام، جيڪو هندن طرفان غلام حسين وزارت ۾ وزير هو، تنهن مالي خساري ۽ ڏيوالپڻي ۾ وڃڻ ڪري وزارت تان استعيفا ڏئي ڇڏي ۽ هندو آزاد گروپ سندس جاءِ تي مسٽر نهچلداس وزيراڻيءَ کي وزير مقرر ڪرائڻ تي زور ڀريو. ليڪن غلام حسين هدايت الله جيڪب آباد جي ڊاڪٽر هيمن داس کي وزير مقرر ڪيو. انهيءَ ڳالهه هندو آزاد گروپ کي غلام حسين هدايت الله کان بدظن ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي نه صرف هندو ميمبر غلام حسين هدايت الله کان ناراض ٿيا، پر غلام حسين هدايت الله اسان جي مدد وٺڻ لاءِ پهرين سيد ميران محمد شاهه ۽ صاحبزادي عبدالستار جان سرهنديءَ جي معرفت منٿ ميڙ سان ڪوشش ڪئي، پر منهنجي جواب ڏيڻ تي هن جبر ۽ زور وارو طريقو اختيار ڪيو. ان سلسلي ۾ (1) منهنجو سن وارو بنگلو ڪليڪٽر نور نبيءَ ذريعي سيل مهر ڪرايو ويو، سبب اهو هو ته مون ڏانهن سرڪار جي 300 رپيا ڍل رهيل هئي (2) منهنجي دوست مسٽر ٽهلراماڻيءَ ، جيڪو دادو لوڪل بورڊجو چيف آفيسر هو، ان کي چيو ويو ته جي.ايم . سيدکي مجبور ڪر ته سر غلام حسين جي حمايت ڪري . هن شريف ماڻهونءَ ائين ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيو ته مون کي خبر آهي ته سيد زور ۽ لالچ تي اصولن ، کي ٽوڙي ، جنهن پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي چونڊجي آيو آهي ، وزارت طرف ڪو نه ٿيندو، ته کيس نوڪريءَ تان لاهي ، سندس جاءِ تي محمد ايوب کهڙي جي سالي لطيف پنهور کي چيف آفيسر مقرر ڪيو ويو. غلام حسين جي انهيءَ اٻهرائيءَ واري قدم ،آزاد هندو گروپ کي وڌيڪ مشتعل ڪيو .
    مون ان موقعي جو فائدو وٺي، اسيمبيليءَ ۾ مهمليءَ جي رٿ پيش ڪئي ۽ حڪومت ڊهڻ واري هئي، پر اسپيڪر ڀوڄسنگھ مهمليءَ جي رٿ، ووٽ وٺڻ کان سواءِ ٽاڪ آئوٽ ڪري ڇڏي ــ ۽ ائين سر غلام حسين جي حڪومت بچي وئي . هاڻي غلام حسين هدايت الله محسوس ڪري ورتو ته “اتحاد پارٽي” سان ٺاهه کان سواءِ حڪومت هلائي نه ٿي سهگجي. ان ڪري هن صاحبزادي عبدالستار جان سرهنديءَ معرفت ڪوئليشن گورنمينٽ ٺاهڻ جي آڇ ڪئي. صاحبزادي عبدالستار جان کي اسان چيو ته “اسان اسيمبلين ۾ ڪن اعلى مقصدن ۽ آدرشن تحت آيا آهيون. اسان جو مقصد ڪرسيون حاصل ڪرڻ نه آهي، پر سنڌ جي ماڻهن جي ڀلائيءَ ۽ بهتريءَ جو هڪ پروگرام “سنڌ اتحاد پارٽيءَ” جي منشور جو اهم حصو آهي. جيڪڏهن اسان جي منشور جي ڪن حصن تي غلام حسين هدايت الله عمل ڪرڻ ۽ سنڌ جي ماڻهن جي حالتن سڌارڻ جو وعدو ڪري ته اسان سندس مدد ڪري سگهون ٿا. پر وزارت ۾ شريڪ نه ٿينداسون. ان جي لاءِ اسان پنهنجي پروگرام جون هيٺيون اهم ڳالهيون غلام حسين جي آڏو رکيون:
    (1) قانون انتقال ايراضي پاس ڪرڻ، (2) ٽيننسي ائڪٽ پاس ڪرڻ، (3) قرضن معاف ڪرڻ جا قانون پاس ڪرڻ، (4) وياج معاف ڪرڻ، (5) ڪمشنر ۽ ڪليڪٽر جي ڪرسين جي پرواني ڏيڻ جي رسم بند ڪرڻ، (6) لوڪلباڊيز ۾ ميمبرن ٿاڦڻ جي روايت کي ختم ڪرڻ ــ انهن مان ڪن معمولي ڳالهين جهڙوڪ: درٻارن جي ڪرسين جا پروانا ختم ٿيڻ، لوڪلبورڊ تي ميمبرن ٿاڦڻ جو رواج ختم ڪرڻ وغيره جا ڪم پورا ٿيا، پر قانون انتقال ايراضي، قرضن معاف ڪرائڻ ۽ ٽيننسي ائڪٽ جا بل پاس ڪرائي نه سگهياسون. اسان مٿس زور رکيو، پر سر غلام حسين هدايت الله انڪار ڪيو، ان تي اتحاد پارٽيءَ، هندن جي آزاد پارٽيءَ سان گڏجي ۽ ڪانگريس سان مشورو ڪري، هڪ روپئي جي ڪُتر تي وزارت کي شڪست ڏني ۽ هندستان گڏجي، خانبهادر الهه بخش جي اڳواڻيءَ ۾ نئين وزارت بپا ڪرائي.
    الهه بخش جي وزارت پڻ لوڪل باڊيز تي ميمبرن نامزد ڪرڻ جي دستور ختم ڪرڻ ۽ بينچ ماجسٽريٽن جي ڪڍڻ وغيره جا ڪم ڪيا؛ پر مکيه ٽي سوال ــ قانون انتقال ايراضي، قرضن جي معافيءَ ۽ ٽيننسي ائڪٽ پاس ڪرڻ وارا، هندن جي مخالفت سبب جيئن جو تيئن رهيا.
    آءُ جيتوڻيڪ ڪانگريس جو ميمبر هئس، پر ڪانگريس جي ٽڪيٽ تي چونڊ نه وڙهي هئم. ان ڪري اسيمبليءَ اندر ڪانگريسي ميمبرن سان گڏ نه هئس، ليڪن اتحاد پارٽيءَ غلام حسين جي حڪومت ختم ڪرڻ کان سواءِ ڪانگريس وارن سان گڏجي حڪومت ٺاهي هئي. انهيءَ موقعي تي ڪانگريس وارن به اسان جي بلن جي مخالفت ڪئي. هنن جو چوڻ هو ته باوجود ان جي ته ڪانگريس غير فرقيوارانه جماعت آهي، پوءِ به جنهن صورت ۾ جدا چونڊن جي بنياد تي اسان چونڊجي آيا آهيون، ۽ اسان جا ووٽر هندو سيٺيا آهن، اُن ڪري اسان انهن جي مفادن جي مدنظر انهن بلن پاس ڪراائڻ جي مخالفت ڪرڻ تي مجبور آهيون.
    ڪانگريس جي ان رويي ۽ لاڙي جي ڪري آءُ ڪانگريس کان بيزار ٿي، مسلم ليگ سان لاڳاپيس.
    جيئين مون مٿي بيان ڪيو آهي ته سياست ۾ منهنجو اچڻ ڪن مقصدن ۽ آدرشن حاصل ڪرڻ جو ذريعو هو انهن مان مکيه هئا: عوام جي حالت درست ڪرڻ ۽ سنڌ جي ترقيءَ ۽ خوشحاليءَ لاءِ ڪوشش ڪرڻ. اهي ئي مقصد هئا، جيڪي مون کي اسيمبليءَ وٺي ويا هئا. آل انڊيا جماعتن جهڙوڪ: ڪانگريس يا مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ يا انهن مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ به ساڳيائي سبب هئا. آل انڊيا جوڙ جڪي مسئلن ڪڏهن به منهنجي سياسي جدوجهد ۾ پهريون درجو نه ورتو آهي. انهيءَ جذبي سان اسيمبليءَ ۾ داخل ٿيڻ بعد ڪانگريس ۾ شامل ٿيس ۽ انهيءَ جي پليٽ فارم ذريعي سنڌ جي سڌاري ۽ خوشحاليءَ لاءِ ڪوشش ڪيم. پر مون ڏٺو ته ڪانگريس هاءِ ڪمان جو ڌيان آل انڊيا جوڙجڪي مسئلن تي وڌيڪ ۽ سنڌ جي عوام جي حالت درست ڪرڻ ۽ ترقي وٺرائڻ وارن مسئلن تي گهٽ هو. اُن ڪري مون کي مجبوراً ڪانگريس کان جُدا ٿي، مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻو پيو. ڇو ته منهنجي نظر ۾ جماعتون ۽ دستور، ماڻهن ۽ ملڪ جي ڀلائي لاءِ هڪ ذريعو آهن، پر جڏهن به اهي عوام جي بنيادي مفادن لاءِ ڪتب نه ٿا آندا وڃن ۽ انهن کي ڪي ماڻهو يا طبقا پنهنجي ذاتي ۽ گروهي مقصدن حاصل ڪرڻ جو آواز بنائي استعمال ڪن ته اهڙيءَ حالت ۾ هڪ با اصول ۽ ايماندار ماڻهوءَ لاءِ بغاوت کان سواءِ ڪو به ذريعو نه ٿو رهي. پوءِ ڀلي ان ۾ ڪيترين ئي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي. مون وٽ پارٽيون، دستور ۽ معاهدا ڪڏهن به مقدس ۽ پوڄا لائق نه رهيا آهن. اهي عوام جي فائدي لاءِ ٺاهيا ۽ ڪيا ويندا آهن، پر جڏهن عوام جي مفادن خلاف انهن کي ڪي ڌريون پنهنجي ذاتي گروهي ۽ طبقاتي مفادن لاءِ استعمال ڪن، ۽ عوام جي مفادن کي پيرن هيٺان لتاڙڻ شروع ڪن ته انهن کي ٽوڙڻ ۽ انهن مان نڪري اچڻ هر محب وطن ۽ قوم دوست ماڻهوءَ جو فرض بنجي ٿو.
    هتي ٿورو وقت آءُ توهان جو وٺڻ چاهيان ٿو ته مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ کان اڳ ۾ مون ڪانگريس سان لاڳاپن برقرار رکڻ لاءِ به ڪوششون ڪيون:
    1 ــ مون انڊين نيشنل ڪانگريس سنڌ جي صدر ڊاڪٽر چوئٿرام گدواڻيءَ کي هڪ درد انگيز خط لکيو، جنهن ۾ کليءَ طرح ڪانگريس بابت پنهنجو نقطه نظر پيش ڪيم. ان خط مان ڪجهه حصو آءُ هٿي پيش ڪريان ٿو:
    “ هيءُ ٽيون خط آهي، جو آءُ اوهان يعني سنڌ ڪانگريس جي پريزيڊنٽ کي لکي رهيو آهيان. اها ڪانگريس ئي آهي، جنهن سان مون پنهنجي صوبي جو روشن مستقبل وابسته ڪيو هو. جيڪڏهن اڄ آءُ مجبور ٿي، ان ساڳيءَ ئي جماعت جي مخالفت لاءِ تيار ٿيو آهيا ته اها صرف ان لاءِ ٿو ڪريان ته کين راهه راست تي آڻي سگهان. ڪانگريس ۾ سڀني رهواسين لاءِ بنا ڪنهن تميز جي برابريءَ جي جڳهه هئڻ گهرجي ۽ اها چند سرمائيدارن جي هٿ جو رانديڪو ٿي ڪتب نه اچي ۽ فرقي پرستيءَ شخصي اثر کان آزاد رهي. ڪانگريس لاءِ مون کي نهايت گهري محبت پئي رهي آهي، تنهنڪري اهو ناممڪن آهي ته آءُ ڄاڻي واڻي ان سان ٽڪرجڻ گهرندو هوندس. آءُ جو ڪجهه ڪريان ٿو، سو صرف سندس جسم ۾ پيدا ٿيل روڳي حصن کي جراحت ذريعي ڪپي ڪوري صاف ڪرڻ لاءِ ڪريان ٿو. انهيءَ جذبي جي ماتحت آءُ توهان ۽ ٻين سنڌ جي ڪانگريسي ڪارڪنن جي غلط پاليسيءَ جي اپٽار ڪري رهيو آهيان.” انهيء خط جي آخر ۾ مون لکيو هو ته: “هيء خط اوهان کي تنگ ڪرڻ جي نيت سان آء ڪونه لکي رهيو آهيان. شل ! اوهان کي سمجهه اچي ۽ حقيقتن کي پوريء طرح سڃاڻي سگهو. اهڙيون حقيقتون، جن کي اوهان عوام (جن جي اڪثريت مسلمان آهي) جي ذهنيت کان پوريءَ طرح واقف نه هئڻ ڪري محسوس ڪري نه ٿا سگهون.
    آءُ اوهان کي خبر دار ٿو ڪريان ته جيڪڏهن حالتن کي درست ڪرڻ لاءِ ڪا به غلطي ڪئي وئي ته اها سنڌ ۽ ڪانگريس کي ناقابل تلافي نقصان پهچائيندي. آءُ سمجهان ٿو ته مون ڪانگريس واسطي پنهنجي فرض ادائي پوري ڪئي آهي ۽ اوهان کي حقيقتن کان واقف ڪرڻ لاءِ پوري ڪوشش ڪئي اٿم. هاڻي آءُ سردار ولڀ ڀائي پٽيل ۽ مولانا ابوالڪلام آزاد وٽ احوال پيش ڪري رهيو آهيا، ته من هو حالتن کي درست ڪن. آءُ ڏسي رهيو آهيان ته اسان جُدا ٿيڻ کي ويجهو اچي پهتا آهيون. زمانو پاڻهي ثابت ڪندو ته حق تي ڪير هو ۽ “فرقي پرستيءَ” جي آڳ ڀڙڪائڻ لاءِ ڪير جوابدار هو!”
    2 ــ اگسٽ 1938ع ٽئين هفتي ۾ ڪانگريس جي مرڪزي پارليامينٽري بورڊ جا ميمبر سردار پٽيل ۽ مولانا ابوالڪلام آزاد ڪراچي آيا. مون ڪوشش ڪئي ته سنڌ ۾ ڪانگريس جي روش کان انهن مرڪزي ليڊرن کي واقف ڪريان ته جيئن اهي سنڌ ڪانگريس جو صوبائي ڪميٽيءَ کي پنهنجيءَ پاليسيءَ کي درست ڪرڻ لاءِ چون. مون کي اميد هئي ته آل انڊيا ليڊر ان سوال کي صوبي ۽ عوام جي نقطي نگاهه کان ڏسي، مڪاني پارٽيءَ جي صحيح رهبري ڪندا. پر مولانا آزاد ۽ سردار پٽيل ڪجهه ڏينهن رهي، احوال معلوم ڪري، بنا ڪنهن خاطر خواهه فيصلي ڪرڻ جي پوئتي موٽي ويا، جن اميدن سان کين گهرايو ويو هو، سي پوريون نه ٿيون ۽ حالتن جي درست ٿيڻ جي عيوض مرڳو آل انڊيا اختلافن جا سنڌ جي سرزمين تي دروازا کُلي پيا.


    3

    انهن ڪوشش ۾ ناڪام ٿيڻ کان پوءِ ئي مون مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو. آڪٽوبر 1938ع ۾ مسلم ليگ جي مرڪزي پريزيڊنٽ مسٽر محمد عليءَ جناح کي حاجي عبدالله هارون دعوت ڏئي سنڌ ۾ گهرايو هو، ان موقعي تي آءُ انهيءَ اجلاس ۾ مبصر جي حيثيت ۾ شريڪ ٿيس. انهيءَ موقعي تي هن وقت تائين آءُ اِن نتيجي تي پهچي چڪو هئس ته ڪانگريس جو رويو سنڌ جي عام ڀلي وارين رٿن ۽ پروگرام جي باري ۾ ان کان مختلف هو، جيڪو رويو ان جو هندستان جي انهن صوبن ڏانهن هو، جن جي آباديءَ جي گهڻائي هندن تي مشتمل هئي. اهو تجربو مون اسيمبليءَ جي ڪارگذارين، آل انڊيا ڪانگريسي ليڊرن سان گفتگوءَ ۽ سنڌ ڪانگريس ۽ آزاد هندو گروپ جي مسلسل روش جي ڪري حاصل ڪيو. مون بارها ڪوشش ڪئي ته سنڌ ۾ غير فريقوارانه بنياد تي سنڌين جي اهڙي حڪومت قائم ٿئي، جيڪا عوام مان جهالت، غريبي ۽ بدامنيءَ جو خاتمو ڪري سگهي. انهيءَ مقصد کي مدنظر رکي سر غلام حسين جي وزارت ڊاهي، الهه بخش سومري کي اقتدار ۾ آندوسون ته جيئن گهربل مقصد حاصل ڪري سگهون، پر الهه بخش به سنڌ ڪانگريس، آزاد هندو گروپ ۽ مفاد پرست مسلم ميمبرن جي گهيري ۾ ٿي رهيو، ۽ هر صورت ۾ انهن کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. ان ڪري باوجود ان ڳالهه جي ته مسلم ليگ فرضي پرستيءَ جي بنياد تي قائم ٿيل هئي، ان ۾ گهڻائي انگريزن جي وفادارن، سرن ۽ خانبهادر جي هئي؛ اُن وٽ عام ماڻهوءَ جي ڀلائيءَ جو ڪو به پروگرام نه هو؛ ته به اسان ان ۾ شامل ٿي وياسون، ڇو ته آل انڊيا سطح تي ڪانگريس جي مقبل اهائي هڪ سگهاري جماعت هئي ۽ اسان سمجهوسون ٿي ته هن جماعت جو ٽوڊي پڻو اُن ڪري آهي، جو منجهس مخلص ڪارڪنن جي کوٽ آهي؛ جيڪڏهن اسان جهڙا مخلص ڪارڪن جهجهي تعداد ۾ ان ۾ شامل ٿي وڃن ته ان جي ڪردار کي تبديل ڪري سامراج دشمن ۽ عوام دوست بنائي سگهجي ٿو. انهيءَ جذبي تحت آءُ مسلم ليگ ۾ شامل ٿيس ث مون ڪوشش ڪئي ته سڀئي سنڌي مسلم ميمبر مسلم ليگ جو فارم ڀري ان جا ميمبر ٿين. اهڙيءَ طرح سان سنڌ جي متحدو مسلم قوت، سنڌ ڪانگريس ۽ آزاد هندو گروپ جي اسيمبليءَ ۾ بيجا مداخلت جو مقابلوڪري سگهندي. انهيءَ سلسلي ۾ جناح صاحب جي موجودگيءَ ۾ سڀني سنڌي مسلم ميمبرن کان مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ جي ٺهراءُ جو مسودو تيار ڪيو وي. جنهن تي ٻين سان گڏ الهه بخش به صحيح ڪئي هئي.
    اڳتي الهه بخش ڪن معمولي ڳالهين تان انهي مسودي تان ڦري ويو ۽ مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار ڪرڻ سان گڏ هن ڪانگريس ۽ آزاد هندو گروپ جي مدد سان پنهنجي حڪومت برقرار رکي، ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ گورنر جي مدد سان مسلم ميمبرن کي پاڻ ملائڻ واري پاليسي به جاري رکندو آيو، : ڇو ته هن کي مسلمان ميمبرن جي پرڪارن جي خبر هئي ته اهي اصول جا نه، پر پنهنجي غرضن جا غلام هئا. اهو ئي سبب آهي جو جڏهن مون اسيمبليءَ ۾ بجيٽ جي موقعي تي الهه بخش حڪومت جي خلاف عدم اعتماد جي رٿ پيش ڪئي ته ان وقت ان رٿ جي حمايت 12 ڄڻن ڪئي، پر جڏهن ووٽ ورتا ويا ته ان وقت صرف ستن ميمبرن ووٽ ڏنا ــ ۽ خود مسلم ليگ پارلياميني پارٽي ليڊرُ سر غلام حسين هدايت الله ۽ ڊپٽي ليڊر مير بنده علي به وزارتون وٺي الهه بخش وزارت ۾ شامل ٿي ويا. حالانڪه غلام حسين ئي هو، جنهن اها رٿ اسپيڪر کي موڪلي هئي. ان صورتحال مون کي مجبور ڪيو ته آءُ ڪنهن طاقتور آل انڊيا جماعت جو سهارو وٺي سنڌ جي ڀلائيءَ لاءِ ڪجهه ڪري سگهان. انهيءَ جذبي هيٺ آءُ مسلم ليگ ۾ شامل ٿيس.
    هتي ٿورو وقت آءُ توهان جو وٺڻ چاهيان ٿو ته جيئن توهان کي منهنجي سياست عقيدي جي بنياد ٻڌائڻ جي تڪليف ڏيان. آءُ صحيح سياست کي ايمان جو جذبو ٿو سمجهان، جنهن جي ذريعي انسان ذات جي حقيقي خدمت ڪري خُدا جي خوشنودي ۽ روح جي ترقي حاصل ڪري سگهجي ٿي. جيسيتائين ان کي ڪي فرد يا جماعتون سندس اصلي مقصد لاءِ ڪتب آڻين ٿا، ان وقت تائين منهنجي مدد ۽ همدردي ساڻن رهي ٿي، پر جڏهن به مون کي معلوم ٿئي ٿو ته سياست کي ڪن طبقاتي يا شخصي مفادن لاءِ ڪتب آندو پيو وڃي ۽ ان مان عوام جي مفادن کي نقصان پهچڻ جو انديشو آهي، يا ان (سياست) جو بنياد مساوات ۽ انصاف تي نه آهي، ته انهيءَ وقت اهڙي نظام جو مقابلو ڪرڻ مون لاءِ ضروري ٿيو پوي.
    هتي منهنجي ٻئي رفيقِ ڪار مسٽر جمشيد نسروانجي ۽ منهنجي وچ ۾ هڪ حڪمت عمليءَ جو اختلاف به بيان ڪريان ٿو.
    جمشيد نسروانجيءَ جو خيال هو ته حال ڪيترو به برو هجي، پر ان کي بدلائڻ لاءِ ان وقت تائين ڪوشش نه ڪرڻ گهرجي.، جيسين تائين ان جي عيوض بهتر مستقبل حاصل ٿيڻ جو يقين نه هجي. اهو هڪ خاص سياسي مسلڪ آهي، ڪيترا تجربيڪار ۽ مخلص ڪارڪن انهيءَ اصول جا پابند رهيا آهن. ليڪن آءُ ان خيال جو هئس ۽ اڃان تائين آهيان ته جيڪڏهن حال ٺيڪ نه آهي، ته ان کي بدلائڻ ضروري آهي، مستقبل پاڻهي ئي پنهنجو پاڻ ٺيڪ ڪندو. گويا ڪه غير شعوري طرح ئي صحيح، مون شاهه ولي الله جي انهيءَ نقطي نظر جي حمايت ڪئي ته “فڪ ڪُل نظام” (سڀئي غلط نظام ٽوڙيو.)
    منهنجي مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ کان ترت ئي پوءِ هڪ اهڙي واقعي جنم ورتو، جنهن سموري سنڌ جي صدين کان قائم ايڪتا ۽ وحدت واري ديوار ۾ ڏار وجهي ڇڏيا ۽ صوفي ۽ ساڌن جي سنڌ فريقيپرستيءَ جي باهه ۾ وڪوڙجي وئي ـ جنهن باهه اڳتي هلي سموريءَ سنڌ جي محبت ۽ ٻڌي واري چمن کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو ۽ جنهن جي نتيجي ۾ 1947ع ۾ ئي برصغير ورهائجي ويو.
    هتي دکدائڪ حقيقت هي آهي ته ورهاڱي جي نتيجي ۾ بنگال ۽ پنجاب جي زمين ورهائي وئي، پر سنڌي قوم ورهائجي وئي ۽ اسان جي قوم جو وڏو حصو پنهنجا اباڻا گهر ڇڏڻ تي مجبور ٿيو ۽ اهو اهڙو حصو هو، جنهن نه رڳو سنڌ جي مادي خوشحاليءَ ۾ زبردست حصو ورتو هو، پر ان جي تهذيبي، لساني ۽ فڪري خوشحاليءَ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو هو. ان ۾ نه رڳو شاهه، سچل ۽ ساميءَ جا عقيدت مند هئا، پر شاهه، سچل ۽ ساميءَ شارح ۽ سندن ڪلام سهيڙيندڙ به هئا، جئين ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڪلياڻ آڏواڻي، لالچند امر ڏنو مل، جيٺ مل پرسرام، ڀيرومل مهر چند آڏواڻي ۽ پي ايل واسواڻي وغيره. اهو واقعو جنهن سنڌ ۾ هيڏو جهنجهٽ ۽ زلزلو پيدا ڪيو، سو مسجد منزل گاهه واري واقعي جي نالي سان مشهور آهي.
    ان واقعي جو پس منظر هن ريت آهي ته سکر ۾ هڪ ڦٽل جاءِ هئي، جنهن کي مسلمانن “منزل گاهه مسجد” جي نالي سان سڏيو ٿي. انهيءَ جاءِ جو قبضو مسلمانن جي حوالي ڪرڻ لاءِ شڪارپور ۽ سکر جي مسلمانن وفدن جي صورت ۾ الله بخش سومري ( وزير اعلى سنڌ) تي زور رکيو ته اها جاءِ مسجد آهي ۽ مسلمانن جي حوالي ڪئي وڃي. الهه بخش وفدن جي ملاقات کان پوءِ جميعة العلماءِ سنڌ جي ڪن عالمن کي سرزمين جو جائزو وٺڻ لاءِ مقرر ڪيو ته ان جاءِ جي شرعي حيثيت جي باري ۾ کيس رپورٽ ڪن. مولوين ان جاءِ جي مسجد هجڻ جي تصديق ڪئي ان تي هندن اعتراض ورتو ته ان جاءِ جي سامهون درياءَ جي ٻيٽ ۾ ساڌ ٻيلي جو مندر آهي، جتي هندو استريون زيارت لاءِ اچن ٿيون ۽ مسلمان مسجد مان انهن کي گهوريندا، جيڪا اسان جي لاءِ ناقابل برداشت ڳالهه آهي ۽ پڻ انهن مسلمانن کان عورتن ياترن لاءِ خطرو آهي. هڪ طرف اهو ثابت ٿي چڪو هو ته اها جاءِ مسجد آهي ۽ ٻئي طرف جئين ته الهه بخش وزارت ڪانگريس ۽ هندو آزاد گروپ جي ميمبرن آڌار تي هلي رهي هئي، انهن جو دٻاءُ هو ته اها جاءِ مسلمانن جي تحويل ۾ نه ڏني وڃي. انڪري الهه بخش جاءِ جي باري ۾ ڪوبه فيصلو نه ڪري سگهيو.
    الهه بخش جي انهيءَ گومگو واريءَ پاليسيءَ کان تنگ ٿي، پوءِ ساڳيا وفد سنڌ مسلم ليگ جي صدر حاجي عبدالله هارون وٽ آيا ته اهو مسئلو مسلم ليگ کي پنهنجي هٿ ۾ وٺڻ گهرجي. حاجي عبدالله هارون انهيءَ مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ مسلم ليگ جي صوبائي ورڪنگ ڪميٽيءَ جي گڏجاڻي سڏائي. ان ۾ مون ورڪنگ ڪاميٽيءَ جي ميمبر جي حيثيت ۾ اهو موقف رکيو ته مسلم ليگ جيئن ته هڪ سياسي جماعت آهي، ان کي نج مذهبي مسئلن ۾ مداخلت نه ڪرڻ گهرجي، ڇو ته ان سان هندو مسلم فرقي پرستيءَ ۾ واڌارو ٿيندو ۽ اها ڳالهه سنڌ جي مفادن وٽان ناهي. پر ورڪنگ ڪميٽيءَ جي اڪثريت مسجد جو مسئلو هٿ ۾ کڻڻ جي حق ۾ راءِ ڏني ۽ ان لاءِ ستياگرهه جو پروگرام رٿيو. جنهن ۾ ڀرچونڊيءَ جي پير ميان عبدالرحمان مريدن سميت وڏو حصو ورتو. انهيءَ فساد کي ٽارڻ لاءِ الهه بخش گورنر کان آرڊيننس پاس ڪرايو، جنهن موجب ڪيس هلائڻ کانسواءِ ڪنهن به ماڻهوءَ کي جيل موڪلي سگهيو ٿي. انهيءَ آرڊيننس جي نافذ ٿيڻ کان پوءِ ساڍا 3 هزار کن ماڻهو جيل ۾ بند ڪيا ويا، سمورا ليڊر صاحبان هيسجي ويا ۽ تحريڪ ماٺي ٿيڻ لڳي.
    آءُ ڪانگريس ۾ رهڻ واري تجربي ڪري اها توهين سمجهڻ لڳس ته جڏهن تحريڪ هلي چُڪي هجي ته ان کي وچ ۾ ڇڏي ڏيڻ انتهائي هاڃيڪار هو. ان ڪري مون ڪمان سنڀالي، مسجد منزل گاهه تي زوريءَ وڃي قبضو ڪرايو.
    الهه بخش سرڪار پوليس موڪلي مسجد زوريءَ خالي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. ماڻهن پوليس جي راهه ۾ رڪاوٽون وڌيون.
    19 نومبر 1939ع تي سرڪار مون کي ٻين ستياگرهي ليڊرن سان گڏ گرفتار ڪري، وٺي اچي حيدرآباد جي سينٽرل جيل ۾ بند ڪيو. اسان جي گرفتايءَ کان پوءِ جلد ئي مسجد ۾ ويٺل ستياگرهين کي جيل ۾ موڪلڻ بدران لٺيون هڻائي، ڳوڙها گئس ڪتب آڻي، مسجد جو قبضو سندن هٿن مان ڇڏايو ويو. ساڳئي ڏينهن سنڌ ۾ هندو مسلم فساد شروع ٿي ويا، جنهن ۾ ڪيتريون بيگناهه جانيو ضايع ٿيون، ڪيتريون ملڪيتون ۽ جائدادون ناس ٿيون ۽ سنڌ جي صاف نالي تي بدناميءَ جو داغ آيو.
    مون سان گڏ آغا نظر علي پٺاڻ، ڊاڪٽر محمد ياسين ۽ نعمت الله قريشي به گرفتار ڪيا ويا. ان کان سواءِ ٻين هنڌن تان شيخ واجد علي (شڪارپور)، قاضي فضل الله (لاڙڪاڻو)، آغا غلام نبي پٺاڻ (سلطان ڪوٽ)، پير غلام محمد سرهندي (شڪارپور)، وغيره به گرفتار ڪري جيل پڄايا ويا.
    ڪجهه وقت کان پوءِ هندن الهه بخش تي زور آندو ته ٻهراڙين ۾ هندن کي تحفظ ڏنو وڃي، ٻيءَ صورت ۾ سندس حڪومت کي ڊاٺو ويندو. انهيءَ وچ ۾ ٻن مهينن جي نظربنديءَ جو مدو پورو ٿي چڪو هو ۽ 9 جنوري 1940ع تي مون کي حيدرآباد جيل مان آزاد ڪيو ويو. هندن مان ڪن سمجهدار ۽ دورانديش رفيقن به اسان سان ڳالهيون ڪيون، پر الهه بخش وزارت ڊاهڻ کان سواءِ اسان راضي نه ٿياسون، جي هندن جي ڪري الهه بخش اسان کي جيل وڌو هو، انهن ساڳين هندن سان الهه بخش جي وزارت کي ڊاٺو ويو.
    اڳتي وڌڻ کان اڳ ۾ هتي آءُ به دستاويز پيش ڪرڻ چاهيان ٿو، جن مان باوجود انهيءَ فرقي وارانه تحريڪ ۾ حصو وٺڻ جي، منهنجي ذهني لاڙن جو پتو پوندو. جيل مان آزاد ٿيڻ کان پوءِ انهن فسادن جي باري ۾ مون هيٺيون بيان جاري ڪيو:
    “19 آڪٽوبر 1939ع تي اسان جي گرفتاريءَ کان پوءِ سکر ۽ ان جي آسپاس ۾ جيڪي واقعا رونما ٿيا آهن، سي نهايت دردناڪ آهن. مون کي جيل اندر انهن واقعن جي هندو ۽ مسلمان دوستن کان خبر ملي، پر جيل کان ٻاهر نڪرڻ بعد پاڻ وڌيڪ حقيقتون معلوم ڪري سگهيو آهيان. هن بيان ذريعي جن هندن يا مسلمانن انهن فسادن ۾ سٺو آهي، تن سان همدردي ظاهر ڪريان ٿو، خصوصاً انهن هندو مظلومن سان جن ناحق ۽ بيگناهه نقصان سٺو آهي، هن کان اڳي جيل ۾ هئڻ ڪري ساڻن همدردي ظاهر ڪري نه سگهيو آهيان. ان لاءِ اميد ته سڀئي مون کي معاف ڪندا. جڏهن مون منزل گاهه تحريڪ ۾ هٿ وڌو ته ان وقت مون کي اهڙين خون خرابين پيدا ٿيڻ جو خواب خيال به نه هو. خون، ڌاڙا ۽ باهيون اسان جي اصولن جي برخلاف آهن ۽ اهي نندڻ جي لائق آهن. صوبه سنڌ سياسي دنيا ۾ اڃا سيکڙاٽ آهي، تنهن کي مستقبل جي رهنمائيءَ لاءِ شايد ڪيترن ئي آزمودن مان لنگهڻو آهي. اسان جي گذشته تڪليفن جو مکيه سبب اسان جي بي تجربيڪاري ۽ ڪوتاهه انديشي آهي. قديم وقت کان وٺي هندو ۽ مسلمان، سنڌ ۾ درويشن جي اثر ڪري ٻڌيءَ ۽ محبت ۾ پئي رهيا آهن ۽ آئيندي لاءِ به اسان جي دلي تمنا آهي ته ان اتحاد جو بنياد سنڌ مان پکڙي، ساري هندستان لاءِ مثال ثابت ٿئي. اسان کي واقعي صدمون ٿو پهچي، جڏهن ڏسون ٿا ته سنڌ جي ان مقصد جي راهه ۾ رڪاوٽون پون ٿيون. وقت جي تقاضا آهي ته سنڌ ۾ ٻنهي جانين ۾ دائمي سمجهوتو ۽ صلح سانت قائم رهي. ان ۾ شڪ نه آهي ته اسان جو صوبو نازڪ دور مان گذري رهيو آهي. اهڙي وقت ۾ صوبي جي هر هڪ باشند کي اپيل ڪندس ته هو هندو ۽ مسلمانن جي وچ ۾ صلح ۽ دوستي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري، جو اسان سُٺا پاڙيسري ۽ سچا سنڌي ٿي رهون”
    (نئين سنڌ لاءِ جدوجهد ـ ص 27 ـ 28 ـ 29)
    انهيءَ بيان ڇپجڻ کان اڳ ۾ سنڌ جي برک عالم مايه ناز مفڪر ۽ منهنجي روحاني استاد، علامه آءِ. آءِ قاضيءَ مون کي هڪ خط لکيو، جنهن مان اسان جي گڏيل سوچ جو اظهار ٿئي ٿو، ڇو ته آءُ ذهني ۽ فڪري طرح علامه آءِ. آءِ قاضي کي پنهنجو رهنما سمجهندو هئس. انهيءَ خط جو واسطيدار ٽڪر هن ريت آهي:
    “غلام مرتضى لاءِ ته منهنجو روح گهڻيون ڇڪون ٿو ڏئي، پر آءُ مٿس رنج به آهيان، ڇالاءِ پاڻ کي اوجهڙ ۾ وڌائين (يعني مسجد منزل گاهه جي تحريڪ ۾ حصو ورتائين)
    مادرچه خياليم وفلڪ درچه خيال است.
    (اسان ڪهڙي خيال ۾ آهيون ۽ زمانو ڪهڙي خيال ۾)
    سنڌ ۾ باقي هيوسين اهو، تنهن به اوندهه جو رستو اختيار ڪيو (يعني منزل گاهه جي تحريڪ ۾ حصو ورتو) ته اسان جو حال ڪهڙو ٿيندو! پنج سؤ مسجدن جي حالت ناگفته بہ آهن سڀ مدرسا مسلمان انسٽيٽيوٽس مسلمانن هٿان برباد ٿيل آهن، باقي منزل گاهه لاءِ ٿيون شهادتون ٿين! منهنجي صلاح وٺڻ جو مون کي ارمان ڪونهي، مگر هيترو ارمان ضرور اٿم ته هميشه واري سهڻي سمجهه کان ڪم نه ورتئه.”
    (ساهڙ جا سينگار ص 102 خط نمبر 2)
    اهو خط قاضي صاحب 12 جنوري 1940 تي مون کي ڪراچيءَ مان لکيو هو پوءِ جڏهن فسادن جي باري ۾ منهنجو بيان اخبارن ۾ ڇپيو، تڏهن فبروري 1940ع تي مون کي علامه آءِ ـ آءِ قاضيءَ هڪ خط لکيو، جنهن ۾ منهنجي بيان ڏانهن اشارو ڪندي لکي ٿو:
    “پيارا مرتضى! آءُ توکي مبارڪ ٿو ڏيان ( انهيءَ بيان تي) تنهنجي روح اڃا پاڪيزگي ۽ صلاحيت نه وڃائي آهي. اها ڪرامت آهي.
    يارهن سالن جي محنت کان پوءِ به عوام جي ههڙي حالت ۽ ماحول ۾ دُعا گهر ۽ خيال رک ته ساڳيون حالتون وري پيدا نه ٿين”
    هي ڳالهيون هتي بيان ڪرڻ مان منهنجو مقصد آهي ته مسلم ليگ کي مون هڪ طاقتور سياسي جماعت سمجهي، ان جي ذريعي سياسي ڀلائيءَ جو ڪم ڪرڻ چاهيو ٿي، نه ان کي فرقي پرستيءَ وڌائڻ جو ذريعو سمجهيم ٿي. آءُ اڃا به فرقي پرستيءَ کان پري هئس ۽ منهنجي ڪوشش هئي ته سنڌ جي امن ۽ محبت واريءَ ڌرتيءَ تي ڪابه فرقي پرستيءَ جي باهه نه ڀڙڪي ۽ ان لاءِ اڳتي به مون جدوجهد جاري رکي، جيڪا نئين وزارت (مير بنده علي وزارت) ۾ جاري رهي. ان وزارت ۾ آءُ وزير ٿيس ۽ مون کي تعليم، انڊسٽري، ليبر ۽ فاريسٽ جا کاتا مليا. ان عرصي دوران مون سنڌ جي ڀلائيءَ ۽ بهبود لاءِ هيٺين ڪمن ڪرائڻ لاءِ ڪوشش ڪئي:
    1. سنڌ يونيورسٽي لاءِ ڪميشن جو قيام؛
    2. سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ جو قيام؛ جنهن اڳتي هلي سنڌي ادبي بورڊ جي صورت اختيار ڪئي؛
    3. سنڌي ڊڪشنري تيار ڪرڻ لاءِ عالمن جي ڪميٽيءَ جي مقرري.
    4. سيڪنڊري ايجوڪيشن کي زور وٺائڻ لاءِ ڪاميٽيءَ جي مقرري، جنهن اڳتي هلي سيڪنڊري ايجوڪيشن بورڊ جي صورت اختيار ڪئي.
    5. سڀني اسڪولن ۾ سنڌي زبان لازمي مضمون طور پڙهڻ جو حڪم جاري ڪيم؛
    6. ڪراچيءَ کان ڪوٽڙيءَ تائين رستي جي اسڪيم ٺهرايم.
    پر اسان جنهن صورت ۾ هندو ميمبرن جي مدد سان اقتدار ۾ آيا هئاسون، ان ڪري اُهي ساڳيا بل (قرضن جي معافي، ٽيننسي ايڪٽ ۽ قانون انتقال ايراضي) پاس ڪرائڻ ۽ ٻيا عوامي مفاد جا ڪم ڪرائي نه سگهيا سون. ان ڪري مون جناح صاحب کي ٻڌايو ته اسان اهڙي پوزيشن ۾ آهيون، جو ڪو به ملڪي ڀلائيءَ ۽ بهبود جو ڪم ڪري نه ٿا سگهون. ان کان بهتر آهي ته اسيمبلين ۽ وزارتن جي رساڪشيءَ کان پاسيرو ٿي راءِ عامه کي منظم ڪرڻ جو ڪم ڪجي. جناح صاحب ان تي راضپو ڏيکاريو، مون پنهنجي فيصلي تي عمل ڪرڻ کان اڳ ۾ بهتر سمجهيو ته سڀني مسلمان ميمبرن کي گڏي آل پارٽيز حڪومت ٺاهي، پوءِ وزارت تا استعيفا ڏيان ته جيئن اُهي ساڳيا بل سڀني جي مدد سان پاس ٿي سگهن. ان لاءِ مون مولانا ابوالڪلام آزاد کي، جيڪو ان وقت انڊين نيشنل ڪانگريس جو پريزيڊنٽ هو، سنڌ ۾ گهرائي چيو ته ڀلي الهه بخش وزارت ۾ اچي. فيصلو ٿيو ته ڇهن وزيرن تي مشتمل ڪابينه ۾ ٻه وزير الهه بخش گروپ جا، ٻه وزير مسلم ليگ جا ۽ ٻه وزير آزاد هندو گروپ جا، گڏجي آل پارٽيز حڪومت ٺاهيندا. ليڪن مسلمان وزيرن مان ڪو به استعيفا ڏيڻ لاءِ راضي نه ٿيو. اسان هيءَ مخلوط حڪومت جناح صاحب جي راضپي کان سواءِ پئي ٺاهي. ان کي جڏهن اها خبر پئي ته هن سنڌ مسلم ليگ جي صدر حاجي عبدالله هارون کان حڪم ڪڍرايو ته ان ٺاهه موجب وزارت تان ڪو به استعيفا نه ڏئي. شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ انهي ڊسپلين جي پابند هجڻ ڪري استعيفا نه ڏني، کهڙي جو وزارت ۾ هئڻ ضروري سمجهيو ويو. مون جيئن ته مولانا آزاد جي موجودگيءَ ۾ ٿيل ٺاهه دوران وعدو ڪيو هو ته ٻه وزير استعيفا ڏيندا، ان ڪري ان ٺاهه جي پابندي ڪندي، مون وزارت تان استعيفا ڏني ۽ ٻئي ميمبر جي استعيفا لاءِ مولانا آزاد کان هڪ مهيني جي مهلت گهريم.
    منهنجي استعيفا ڏيڻ تي مسلم ليگ جي ميمبرن جناح صاحب تي زور رکيو ته جي. ايم. سيد تي ڊسيپلينري ايڪشن کنيو وڃي، جناح صاحب مون تي قدم کڻڻ بدران مون کي گذارش ڪئي ته اوهان وزارت ڇڏي آهي ته هاڻي مسلم ليگ کي منظم ڪري. پوءِ مسلم ليگ آرگنائيزنگ ڪميٽي ٺاهي، مونکي ان جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو ۽ مون آغا غلام نبي خان پٺاڻ (سکر)، سيد حسن بخش شاهه (نواب شاهه)، قاضي فضل الله (لاڙڪاڻو)، علي اڪبر شاهه(ميهڙ)، محمد هاشم گزدر (ڪراچي)، صاحبزادو عبدالستار جان سرهندي (حيدرآباد)، فقير محمد مڱريو (مير پور خاص) ۽ ٻيا ميمبر کڻي مسلم ليگ کي منظم ڪرڻ لاءِ جدوجهد شروع ڪئي.
    ان ڏس ۾ سڄيءَ سنڌ جو تفصيلي گشت ڪري، عوام ۾ بيداري پيدا ڪرڻ ۽ سنڌ ۾ مسلم ليگ کي منظم ڪرڻ جي ڪم ۾ جنبي ويس. ان گشت ۾ تقريرن ذريعي وزيرن جي ڪمن تي پوري نظر رکڻ لڳاسون ۽ ماڻهن سان ڪيل وعدن جي سرانجاميءَ لاءِ ليگي وزيرن تي زور بار آڻڻ شروع ڪيو سون. جيئن ته مسلم ليگ کي وسيع پيماني تي منظم ڪرڻ ۽ عوام ۾ مرغوب بنائڻ جي جوابداري اسان تي هئي، ان ڪري هڪ سال جي مختصر عرصي اندر محنت ڪري سنڌ مسلم ليگ جي ميمبر شپ 6 هزارن مان وڌائي ٽن لکن تائين آندي وئي، جيڪا سنڌ جي جملي بالغ مرد مسلمانن جي آباديءَ جو 25 سيڪڙو هئي، ابتدائي شاخون 450 تائين وڃي پهتيون. جنهن مان پتو پئجي سگهي ٿو ته اسان مسلم ليگ جو آواز سنڌ جي گوشي گوشي تائين پهچائي ڇڏيو هو. اسان عوام جي اهنجن دور ڪرڻ لاءِ صوبائي آفيس ۾ هڪ صيغو کوليو، جنهن جي ذريعي عوام جون شڪايتون آفيسرن ۽ مسلم ليگي وزيرن تائين پهچائڻ جو انتظام پڻ ڪيو، تنظيمي پروگرام هيٺ سنڌ جي ڪيترن شهرن ۾ ڪانفرنسون سڏائڻ، ڳوٺن جي گشت ڪرڻ، پاڪستان ۽ مسلم ليگ جي اصولن تي لٽريچر ڇپائڻ، پاڪستان ۽ مسلم ليگ ۽ جناح صاحب کي عوام ۾ روشناس ڪرائڻ جا ڪم ڪيا ويا. اهڙيءَ طرح پاڪستان تحريڪ ۾ منهنجي جذبي ۽ مسلم عوام جي خدمت جي عڪاسي، مسلم ليگ جي ان وسيع تنظيمي گشت دوران ڇپايل پوسٽر مان پئجي سگهي ٿي، جنهن جو نقل هتي پيش ڪريان ٿو:

    پوسٽر

    مسلم ليگ جي گُهر آهي پاڪستان
    پاڪستان جي معنى آهي اسلامي حڪومت.
    1. جنهن ۾ قرآن شريف جي اصولن مطابق حڪومت قائم ڪئي ويندي!.
    2. جتي سڀني ماڻهن کي سياسي، معاشرتي۽ اقتصادي هڪجهڙائي حاصل هوندي.
    3. جنهن ۾ حڪومت هلائڻ جون واڳون سچن ۽ پرهيزگار مسلمانن جي هٿن ۾ هونديون!.
    4. جنهن ۾ غير مسلمانن جي حقوق جي خاص طرح حفاظت ڪئي ويندي.
    5. جتي حڪومت جو پهريون فرض ملڪ مان غربت، ظلم، بي علمي، طبقاتي مفاد خاطر عوام کي ناجائز طرح ڪتب آڻڻ کي بند ڪرڻ ٿيندو!.
    6. جتي جوا، زنا، شرابخوري ۽ وياج خوريءَ جي قانوناً منع هوندي!
    7. جنهن ۾ عدل ۽ انصاف پيسن تي نه وڪامندو، پر هر هڪ کي مفت نصيب ٿيندو.
    8. جنهن ۾ عزت جو معيار طاقت ۽ پيسي تي نه، پر چڱن اخلاقن تي مقرر ڪيو ويندو!.
    غلام مرتضى
    چيئرمين: مسلم ليگ آرگنائيزيشن ڪاميٽي

    ان کان سواءِ چيئرمين آرگنائيزيشن ڪميٽي، سنڌ پراونشيل مسلم ليگ طرفان هڪ ڪتاب “هندستان جا مسلمان ۽ پاڪستان” نالي ڇپائي، سڄيءَ سنڌ ۾ مفت ۾ ورهايو ويو. هن ڪتاب ۾ پنجاب جي اخبار “ايسٽرن ٽائمز” ۾ 5 جنوري 1940ع، 16 فيبروري 1940ع، 12 اپريل 1940ع ۽ 26 اپريل 1940ع تي شايع ٿيل مضمونن جو ترجمو ڏنو ويو هو.


    4

    اهڙيءَ طرح آءُ مسلم ليگ جي تبليغ لاءِ رات ڏينهن ننڊون ڦٽائي ڳوٺن ۾ ڪاهي پيس ۽ ماڻهن کي ان جي اصولن سان روشناس ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم. ليڪن ان وقت به مون کي اهو احساس هو ته مسلم ليگ ۾ زميندار ۽ جاگيردار طبقي جو اقتدار هو، ان کان بخوبي واقف هوس. مون اهو فيصلو ڪيو هو ته ليگ جي نالي ۾ عوام کي برغلائي، جيڪڏهن سنڌ جي عام مفادن برخلاف ڪو به قدم کنيو ويندو ته ان جي مخالفت ڪرڻ مون لاءِ ضروري هئي. انهن اصولن تي آخر تائين قائم رهيس. منڍ کان وٺي جا پاليسي مون اختيار ڪئي، تنهن جي ثبوت ۾ هڪ مثال پيش ڪجي ٿو، جو انهيءَ سال (1941ع) بجيٽ سيشن جي موقعي تي پيش ٿيو هو. مير بنده علي جي وزارت طرفان اسان هڪ بل سنڌ اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيو هو، جنهن جي پٽاندر جاگيرن جي سروي ڪرڻي هئي ۽ مخاديمن کان جاگيردارن کي صرف سرڪاري ڍل وصول ڪرڻي هئي. جاگيرن ۾ بٽائيءَ جو رواج، جنهن مطابق غريب آبادگارن کي جاگيردارن جو غلام ٿي رهڻو ٿي پيو. اهو بند ڪيو ٿي ويو. اهو بل مير وزارت جي ڪِرڻ جي ڪري خانبهادر الهه بخش طرفان اسيمبليءَ ۾ پاس ڪرڻ لاءِ پيش ٿيو. ليڪن جاگيردار طبقي، جنهن هن وقت عهدن نه ملڻ ڪري اچي مسلم ليگ جي دامن ۾ پناهه ورتي هئي، تنهن مسلم ليگ اسيمبلي پارٽيءَ کي ان بل جي مخالفت لاءِ مجبور ڪيو. بالآخر پارٽيءَ جي نظم (Discipline) جي ڀڃڪڙي ڪري بل جي تائيد ڪئي ۽ ان موقعي (26 مارچ 1941ع) تي جيڪا تقرير اسيمبلي ۾ ڪيم، سا هتي پيش ڪريان ٿو ته جيئن اصل کان جماعتن نسبت منهنجن خيالن کان واقفيت حاصل ٿي سگهي:
    “جناب صدر!
    هن لينڊ روينيو ڪوڊ جي درستيءَ (جاگيرداري بل) جي موقعي تي جڏهن مسلم ليگ اسيمبلي پارٽيءَ ۽ منهنجي وچ ۾ اختلاف راءِ ٿي پيو آهي؛ آءُ ضروري ٿو سمجهان ته هن بيان رستي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريان. آءُ هر ڪنهن وقت اهڙي اختلاف راءِ ظاهر ڪرڻ جو ضرور نه سمجهندو آهيان، ليڪن هيءُ اهڙو مسئلو آهي، جنهن ۾ اختلاف ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان ۽ غلط فهميءَ کي دور ڪرڻ ۽ پنهنجي پوزيشن پبلڪ اڳيان صاف ڪرڻ لاءِ هن بيان رستي ان اختلاف جا ڪرڻ پيش ٿو ڪريان. هيءُ پارٽيءَ جي ڪثرت راءِ ۽ منهنجي ضمير جو اختلاف آهي ۽ پارٽي به اها جنهن کي مون سمجهي سوچي ملڪ ۽ قوم جي ڀلي جي حصول خاطر ذريعو ڪري قبول ڪيو آهي. اهڙا موقعا انهيءَ ماڻهوءَ جي زندگيءَ ۾ تمام نازڪ هوندا آهن، جنهن ماڻهوءَ جي ساري سياست روحاني ترقي حاصل ڪرڻ جو ذريعو هوندي آهي.
    جناب من! اهو ظاهر ڪرڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهان ته منهنجي سياسي عقيدن جو تعلق طاقت، عزت، شهرت يا واندڪائيءَ جي حاصل ڪرڻ سان نه آهي، پر اها هڪ شخص طرفان انسانيت جي ترقيءَ ۽ بهبود لاءِ بي لوث خدمت ڪرڻ جي جدوجهد آهي، جماعتون، ان جا قاعدا ۽ پابنديون، شخصي دوستيون ۽ انهن جا لاڳاپا سڀ مون وٽ انهيءَ اعلى مقصد حاصل ڪرڻ جا ذريعا آهن ۽ نه بذات خود مقصد آهن. جڏهن مقصدن ۽ ذريعن جي وچ ۾ اختلاف پيدا ٿئي ٿو، تڏهن مون لاءِ نهايت نازڪ حالتون پيدا ٿين ٿيون.
    سائين! اسلامي فلسفي کي مون طريقئه راهه ڪري اختيار ڪيو آهي، جنهن ذريعي آءُ سمجهان ٿو ته زمين تي عدل، سک ۽ سلامتيءَ جو عالم پيدا ڪري سگهبو. مسلم ليگ جماعت پاڻ تي انهيءَ عقيدي ۾ اعتقاد رکندڙ مسلمانن کي منظم ڪرڻ جو ذمو کڻڻ سان اسلام جي اصولن پٽاندڙ انسان ذات جي فلاح ۽ بهبوديءَ جي جوابداري سر تي کنئي آهي. آءُ مسلم ليگ ۾ شامل ئي انهن جذبات تحت ٿيس. اهو صحيح آهي ته جماعتون شخصن جو مجموعو آهن، انهن جي اڪثريت ۾ اعلى خيالن ۽ عملن جي ڪمزورين، وقتي حالتن ۽ ضرورتن کي مدنظر رکندي معيار هيٺ ڪرڻو پوي ٿو. ليڪن جن ماڻهن پنهنجي زندگيءَ جو مقصد مٿي بيان ڪيل اعلى اصولن مطابق مقرر ڪيو آهي، انهن لاءِ ڏاڍو مشڪل ٿيو پوي ته قبول ڪيل اصولن جي برخلاف وقتي مصلحتن خاطر حق جي رستي کي ڇڏي ناحق اڳيان ڪنڌ نوائين. اڄ آءُ پاڻ کي هڪ طرف ضابطي جي پابنديءَ ۽ ٻئي طرف پنهنجي ضمير جي آواز جي ڪشمڪش ۾ ڦاٿل ٿو ڏسان. جيڪڏهن مسلم ليگ جو مقصد مساوات، اخوت ۽ عدل آهي، جي اسلامي قانون آهن ۽ جن واسطي پاڪستان حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪئي ٿي وڃي ته آءُ سمجهي نه ٿو سگهان ته ڇو منهنجا مسلم ليگي دوست انهن اصولن کي قربان ڪري، ان سسٽم کي قائم رکڻ گهرن ٿا، جو اسلامي اصولن جي عين برخلاف آهي. جاگيرون قديم زماني جي جابرانه دستور جو ڀاڱو آهن، جي جنگي، انتظامي خدمتن جي عيوض ۾ قبيلن جي سرگروهن کي يا شاهي خاندان جي فردن کي گذرمعاش لاءِ ڏنيون ويون هيون. هن سسٽم جي ڪري ئي غريب ۽ شاهوڪار ۽ ڏاڍي ۽ هيڻي جو بنياد پيو ۽ طبقاتي اختلاف برپا ٿيا، جي اسلامي اصولِ مساوات جي بر خلاف آهن. آءُ سمجهي نه ٿو سگهان ته انصاف جي اصولن پٽاندڙ هن جمهوريت جي زماني ۾ هڪ ڏينهن به هن طريقي کي قائم رکڻ نه گهرجي. آءُ سمجهان ٿو ته اسان اڃان انگريزي حڪومت جا ماتحت آهيون، جا طبقاتي تفاوت جي حامي ۽ ان جي محافظ آهي. تنهنڪري جيڪڏهن هن وقت جاگيرن کي صفا ختم نه ٿا ڪري سگهون ته گهٽ ۾ گهٽ انهن جو ظلم جي زنجيرن کي ضرور ڍرو ڪري ڇڏيون (آفرين آفرين جا آواز).
    هاڻي آءُ هن بل جي تفصيل ۾ ويندس. هن جا مکيه ٻه ڀاڱا آهن. هڪ آهي جاگيرن جي سروي ۽ ٻيو جاگيرن جي زمين تي ڍل بندي. جاگيرن جي سروي جي اصول تي مخالفت ٿي نه ٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته ان جي عدم موجودگيءَ ۾ سرڪار کي سال بسال لکها روپين جي ڍل جو نقصان پوي ٿو، جيسين تائين ڍل بنديءَ جو تعلق آهي ته اسان مان گهڻن کي معلوم آهي ته ان ڪري ڪيترن ايماندار جاگيردارن کي فائدو ٿيندو، جو هن وقت هنن کي ڍل جيتري به پيدائش نه ٿي حاصل ٿئي. ليڪن ڪي ظالم ۽ زبردست جاگيردار، جي غريبن جي رت چوسڻ تي هريل آهن، سي ان مان رنج ٿيندا. جاگيردارن جي پوزيشن جاگيري زمين جي هٿان سرڪار جي حقن مطابق آهي. جڏهن سرڪار زمين تان ڍل ٿي وٺي ته ڪو به سبب ڪونه آهي ته جاگيردار بٽئي وٺندا رهن. جاگيردار کي اهو حق سياسي پينشن جي صورت ۾ مليل هو، تنهنڪري هو نقد رقم ملڻ جا حقدار آهن. زمين جي مالڪي يا سنڀال جو هنن کي ڪو به حق نه آهي. هينئر وقت اچي ويو آهي ته ڍل سرڪار سڌو هارين ۽ مخاديمن کان وصول ڪري ۽ جاگيردارن کي صرف پٽيدارن وانگر ڍل جو حصو ڏيڻ گهرجي، جيسيتائين ڪه جاگيرون صفا ختم ڪيون وڃن.
    صاحبا! منهنجا ظاهر ڪيل خيال درحقيقت مسلم ليگ جماعت جا حقيقي رايا سمجهڻ گهرجن. ليڪن آءُ اهڙو بخت وارو نه آهيا، جو مسلم ليگي دوستن کي حق سان روشناس ڪرائي سگهان ـ ته به آءُ نااميد نه ٿو ٿيان ۽ صبر سان ڪوشش ڪندو رهندس، جيستائين هنن کي حق ۽ ناحق جي تميز اچي وڃي (تاڙيون)”.
    [ ڏسو: سنڌ اسيمبلي پروسيڊنگس 26 مارچ 1941ع ]
    هتي عجيب ڳالهه آهي ته جن بلن جي هندو اسيمبلي ميمبرن ۽ الهه بخش وزارت طرفان بار بار مخالفت ٿيڻ ۽ انهن جي پاس ڪرائڻ ۾ مدد نه ڪرڻ ڪري، اسان مسلم ليگ جو سهارو ورتو هو، اها ئي مسلم ليگ، اسان جي بنيادي مقصدن جي مخالفت ڪري رهي هئي، جڏهن ته هندو اسيمبلي ميمبر ۽ الهه بخش، اهو بل اسيمبليءَ مان پاس ڪرائڻ تي زور ڏئي رهيا هئا.
    تُرت ئي پوءِ مون کي جون 1941ع ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ تي نامزد ڪيو ويو، جنهن تي سنڌ مان اڳ ئي ٻيو عيوضي حاجي عبدالله هارون هو. پهريون دفعو آل انڊيا مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ جي ميٽنگ 26 آڪٽومبر 1941ع تي دهليءَ ۾ ٿي، جنهن ۾ مون حصو ورتو.
    هيءُ پهريون دفعو هو، جو هندستان جي اهم سياسي مسئلن سان منهنجو واسطو پيو هو، جنهن مون ۾ مسلمان عوام جي فلاح ۽ بهبوديءَ خدمت ڪرڻ جون نيون اميدون پيدا ڪيون.
    1941ع جو سال جيئن پوري ٿيڻ کي ويجهو ايندو ٿي ويو، تيئن 1939ع ۾ شروع ٿيل ٻين مهاڀاري جنگ جي حالت نازڪ صورت اختيار ڪري ويئي. جپان طرفان اوچتو جنگ ۾ گهڙڻ ۽ ان جي ابتدائي فتحن هندستان تي قابض انگريز سامراجين توڙي هندستانين جي نظر ۾ هندستان جي بچاءَ ۽ حفاظت لاءِ خطرو وڌائي ڇڏيو. ان جو اثر برصغير جي اندروني معاملات تي گهڻو پيو ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ حالتن نازڪ صورت اختيار ڪري ورتي.
    1942ع جو سال، سنڌ جي تاريخ ۾ خاص اهميت وارو سال هو، جيڪو تاريخ ۾ سدائين ياد رهندو، هڪ طرف “حُر بغاوت” جي ڪري، انگريزن سنڌ ۾ مارشل لا لاڳو ڪري، سنڌي عوام تي مصيبتن جا پهاڙ ڪيرائي وڌا هئا، ٻئي طرف اپر سنڌ ۾ غير معمولي ٻوڏون آيون، جنهن ڪري پنجن لکن تائين ماڻهو متاثر ٿيا ۽ ڪروڙين روپين جو مالي نقصان ٿي. ٽئي طرف انڊين نيشنل ڪانگريس برطانوي سامراج خلاف “هندستان خالي ڪريو” (Quit India) تحريڪ شروع ڪئي.
    هيءُ سال ٻئي لحاظ کان مون لاءِ انتهائي صدمي جو سبب بڻيو، جو سنڌ مسلم ليگ جي صدر حاجي عبدالله هارون جي اوچتي وفات 27 اپريل 1942ع تي ٿي. آءُ حاجي صاحب جي ايمانداريءَ، وفاداريءَ ۽ شخصي اثر کان متاثر ٿي، مسلم ليگ ۾ داخل ٿيو هوس. سندس اوچتيءَ وفات سبب مسلم ليگ جي صدر جي چونڊ بابت اختلاف پيدا ٿي پيا. مسلم ليگ جي ڪائونسل اجلاس ۾ مقابلي بازيءَ کي مُفيد نه سمجهي، في الوقت چونڊن کي ملتوي ڪرايو ويو. ان وچ ۾ حاجي صاحب جي جاءِ تي آل انڊيا مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ تي خانبهادر محمد ايوب کهڙي کي نامزد ڪيو ويو. اسان ان وچ ۾ مرڪزي اسيمبليءَ جي خالي ٿيل تڪ جي چونڊ ۾ يوسف هارون جي ڪاميابيءَ لاءِ ڊڪ ڊوڙ ۾ لڳي وياسون. الهه بخش طرفان پنهنجي ڀاءُ مولا بخش کي هٿ کڻائڻ سان يوسف هارون بنا مقابلي چونڊجي ويو.
    ان عرصي ۾ سڄيءَ سنڌ ۾ درياهه جي ٻنهي طرفن مارشل لا کي سختيءَ سان لاڳو ڪيو ويو. اسان مارشل لا کي قانوني طرح چئلينج ڪرڻ جو ارادو ڏيکاريو هو، پر جناح صاحب ائين ڪرڻ کان سختيءَ سان منع ڪئي.
    هن سڄيءَ صورتحال ۾ حر تحريڪ ۽ ڪئٽ انڊيا تحريڪ سنڌ تي وڏا اثر ڇڏيا، ان ڪري مختصر طرح انهن تي روشني وجهڻ ضروري سمجهان ٿو:
    1 ـ تحريڪ
    حر تحريڪ ڪافي وقت کان سنڌ ۾ موجود هئي، پر ان کي شهرت ان وقت ملي، جڏهن حُرن جي روحاني پيشوا صبغت الله شاهه ثانيءَ کي انگريزن گرفتار ڪيو. پير صاحب جي گرفتاريءَ کان پوءِ حُرن قانون جي خلاف ورزيءَ ۽ پُر تشدد طريقي سان برطانوي راڄ خلاف جدوجهد شروع ڪئي. جيتوڻيڪ اهڙا دستاويزي ثبوت ملي نه سگهيا آهن، جن تحت يقيني طرح ڪا ڳالهه چئي سگهجي ته حُر تحريڪ جو اصل مقصد ڪهڙو هو، پر پير صاحب جي گرفتاريءَ کان اڳ منهنجي ساڻس ٿيل ملاقات ۾ مون تي هيءَ ڳالهه واضح ٿي وئي هئي ته پير صاحب سنڌ ۾ فرقيواريت جي سخت خلاف هو ۽ هن مسلم ليگ کي مسلمانن جي مفاد لاءِ خطرناڪ سمجهيو ٿي ۽ هن سنڌ مان انگريز راڄ جو مڪمل خاتمو ڪرڻ چاهيوٿي. ان لاءِ هن جي خيال ۾ ننڍي کنڊ جي سڀني انقلابين سان گڏجي ئي جدوجهد مفيد ٿي سگهي ٿي.
    هتي آءُ اها گفتگو درج ڪرڻ چاهيان ٿو، جيڪا مُنهنجي ۽ پير صاحب جي وچ ۾ ٿي هئي، ۽ جيڪا سنڌ جي مشهور ليکڪ، مرحوم محمد عثمان ڏيپلائيءَ، پنهنجي تاريخي ناول “سانگهڙ” ۾ شامل ڪئي آهي:
    “پير صبغت الله شاهه ثانيءَ وٽ سنڌ مسلم ليگ جو روح روان جي . ايم . سيد وفد وٺي آيو ته “اوهين مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو.”
    پير صاحب مُرڪي چيو “ڇالاءِ؟”
    سيد صاحب چيو “هن لاءِ ته 1940ع جي ٺهراءَ موجب وطن آزاد ڪرائجي.” پير صاحب ٽهڪ ڏئي چيو، “مسلم ليگ ۽ وطن آزاد ڪرائيندي؟ شاهه صاحب! مون ته اوهان کي وڏو سياستدان سمجهيو هو، پر شايد اوهين سياست جي ابجد مان به واقف ڪو نه آهيو.”
    سيد صاحب پير صاحب سان بي تڪلف هو، هن مُرڪي چيو: “اوهين شايد مختلف جيلن ۾ رهي، مختلف سياسي قيدين سان ملي، سڄي سياست ازبرياد ڪري ويا آهيو!”
    “اسين سياست جي ازبريءَ جي دعوا ته ڪونه ٿا ڪريون، پر جيڪا جماعت سڀڪجهه انگريزن جي مشوري سان ڪري، جنهن ۾ سمورا سر، خانبهادر، وڏيرا ۽ سيٺيون هجن، سان به ڪري آزادي جي دعوا، ته پوءِ ته ڍاڪئون ئي پڪو!” شاهه صاحب سنجيدو ٿي چيو، “ڏسو! اسين ته اسيمبليءَ ۾ به تُرت پاڪستان جي آزاديءَ جو ٺهراءُ بحال ڪرائينداسون”
    پير صاحب ٽهڪ ڏيئي چيو: “بس! اوهان ٺهراءُ بحال ڪرايو ۽ انگريزن اوهان کي آزاد ڏيئي ڇڏي! شاهه صاحب، ياد رکو! انگريز اول ته پاڪستان ڏيندا ئي ڪو نه، پر جي هندو ٺاهه تي نه آيا ته ڪجهه ڏنائون کڻي، ته اهو پاڪستان اهڙو وڍيل ۽ چچريل هوندو، جنهن جي واڳ ڪيترائي ورهيه ته وري به انگريزن جي هٿ ۾ هوندي.”
    سيد صاحب ٿورو جوش ۾ اچي چيو: “اسان هنن (انگريزن) کي پنهنجي آزاد وطن ۾ ڪو به دخل ڏيڻ نه ڏينداسون.”
    پير صاحب ٽهڪ ڏيئي چيو، “ ۽ اوهين هوندئو ڪٿي؟ شاهه صاحب! ڀُليل آهيو. وڙهڻ لاءِ اوهين هوندوء ۽ فتح وقت واڳون انهن جي هٿ ۾ هونديون، جي انگريزن جا ازلي غلام هوندا. اوهان کي کير جي مک وانگر ڪڍي ڦٽو ڪيو ويندو. بلڪه شڪ ناهي جو جيل ۾ به رکيا وڃو! جيڪڏهن زندگي آهي ۽ اسان جي پيشنگوئي سچي نڪري ته پوءِ ٻڌائجو ته سياست مان گهڻو ڪير ٿو ڄاڻي، اوهين يا اسين. انشاءَ الله تعالى، اسين ته “وطن يا ڪفن” حاصل ڪنداسون، پر اوهين پيا ڏکين ڏوراپن وارا ڪتاب ڪڍندا.”
    شاهه صاحب چپ ٿي ويو ۽ هو خاموشيءَ سان خدا حافظ ڪري پوئتي روانو ٿيو.”
    (حوالو: ناول، سانگهڙ، عثمان ڏيپلائي، ص 100 ـ 101)
    بهرحال، پير صاحب جون ڪڙيون ڳالهيون اڪثر اڄ حقيقت ثابت ٿيون آهن. هو سچو ديش ڀڳت، پڪو سامراج دشمن ۽ مذهبي رواداريءَ جو قائل ٿي چڪو هو، باقي “نئين سنڌ” لاءِ سندس ذهن ۾ جيڪڏهن ڪو خاڪو هو، ته به اهو هن اسان تي ظاهر نه ڪيو هو ۽ نه وري وقت هن کي ايترو عرصو زنده ڇڏيو، جو هو اڳتي هلي ظاهر ڪري سگهي ها. پوءِ به اسان جي نظر ۾ هن سنڌ تي ڪنهن به قسم جي ڌارين جي بالادستي پسند نه ٿي ڪئي.
    افسوس آهي جو اڄ سندس جاءِ نشين ۽ وڏو پٽ پنهنجي پيءُ جي صفتن کان عاري نظر اچي ٿو۽ انگريزن جي جاءِ نشين پنجابي سامراج جي صفن ۾ ويٺو آهي.
    پير صاحب صبغت الله شاهه جي شهادت کان پويءِ حر تحريڪ تي ڪنٽرول ڪرڻ واري ڪابه اخلاقي قوت نه رهي، نتيجي طور اها ڇڙواڳ ماڻهن جي دهشت پسندانه ڪارواين جو مجموعو بنجي وئي ۽ انگريزن انتهائي بيرحميءَ ۽ سفاڪيءَ سان انهن محب وطن، جانباز ۽ سرفروش سنڌي ماڻهن کي پنهنجي مرشد سان محبت هجڻ جي ڏوهه ۾ چٿيو ۽ چيڀاٽيو، سوين ماڻهن کي ڦاسين تي لٽڪايو ويو؛ ڪيترن کي گولين سان اڏايو ويو، عورتن جي بيحرمتي ڪئي وئي، بنا عدالتي فيصلن جي سندس زمينو، ملڪيتون ۽ جائدادون ضبط ڪيون ويون، ڳوٺن مٿان گڏيل ڏنڊ ۽ چٽيون وڌيون ويون، خاص ٽربيونل ۽ مارشل لا ڪورٽون برپا ڪري سوين ماڻهن کي ڳريون سزائون ڏنيون ويون، ڪيترن کي سنڌ کان ٻاهر جلاوطن ڪري، خاص ڪئمپن، جيلن ۽ ڪاري پاڻي ۾ رکيو ويو، هزارين ماڻهن کي جيلن ۾ واڙيو ويو ۽ جيلن ۾ جڳهه نه هئڻ سبب هزارن جي تعداد ۾ مردن، پوڙهن، عورتن ۽ ٻارڙن کي لوڙهن (Consantration camps) ۾ بند ڪيو ويو، جتي سندن کاڌ خوراڪ، معالج ، تعليم ۽ تربيت جو ڪو به انتظام ڪو نه هو. انهيءَ ڪيفيت ۾ اهي حر سرفروش 1951ع تائين رهيا ۽ سرڪاري داروغير به 1951ع تائين انهن جي خلاف جاري رهيو.
    حر تحريڪ کي ڪچلڻ لاءِ انگريزن سنڌ ۾ سخت مارشل لا لاڳو ڪيو هو، جنهن جو ذڪر مٿي اچي چڪو آهي، ۽ ان مارشل لا جي قدم کي آل انڊيا مسلم ليگ جي پريزيڊنٽ محمد علي جناح صاحب چئلينج ڪرڻ کان سختيءَ سان منع ڪري ڇڏي هئي.
    2 ـ “هندستان خالي ڪريو تحريڪ” (Quit India Movement) :
    1939ع ۾ ٻي مهاڀاري جنگ شروع ٿيڻ وقت انگريزن هندستان کي ٻي جنگ ۾ شامل ڪري ڇڏيو ۽ جنگي سرگرمين جي مرڪز ۾ پڻ تبديل ڪيو. اهو سڀ ڪجهه هندستان جي عوام جي مرضي کان سواءِ ڪيو ويو هو. ان تي انڊين نيشنل ڪانگريس سخت احتجاج ڪيو ته هندستان کي جيستائين پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ جو اختيار نٿو ڏنو وڃي ۽ ان کي سندس وسيلن تي مڪمل ڪنٽرول حاصل نه آهي، ان وقت تائين هندستان ڪنهن به جنگي سرگرمي ۾ حصو وٺڻ لاءِ تيار نه آهي. ان سلسلي ۾ انگريزن تي آمريڪي دٻاءُ پيو ته هندستاني ليڊرن سان ڳالهيون ڪيون وڃن. ان سلسلي ۾ برطانيا طرفان ڪي اعلى اختياراتي وفد هندستان آيا ۽ هندستاني ليڊرن سان ڊگهيون ملاقاتون ڪيائون، پر ڪو به نتيجو نڪري نه سگهيو، ڇو ته انگريز هندستانين کي مڪمل اختيار ۽ آزادي ڏيڻ لاءِ تيار نه هئا ۽ انهن کان گهٽ ڪانگريس قبولڻ لاءِ تيار نه هئي. نتيجي طور اگسٽ 1942ع ۾ انڊين نيشنل ڪانگريس بمبئيءَ ۾ اها تاريخي قرارداد منظور ڪئي، جنهن کي “ڪئٽ انڊيا ريزوليشن” چيو وڃي ٿو. هتي بهتر آهي ته “ڪئٽ انڊيا ٺهراءُ ” جو متن پيش ڪري پوءِ اڳتي وڌجي:
    ڪئٽ انڊيا ٺهراءُ :
    انڊين نيشنل ڪانگريس جو اجلاس 7 ـ 8 آگسٽ 1942ع تي بمبئيءَ ۾ گڏ ٿيو، جنهن ۾ ورڪنگ ڪاميٽيءَ هڪ تاريخ ساز ٺهراءُ پاس ڪيو، جنهن “ڪئٽ انڊيا ٺهراءُ” سڏيو ويو. ان جو مڪمل متن هيٺ ڏجي ٿو:
    “آل انڊيا ڪانگريس، ورڪنگ ڪاميٽيءَ طرفان 14 جولاءِ 1942ع تي پاس ڪيل ٺهراءُ ۽ ان کانپوءِ پيش آيل واقعات، جنگ جي زور وٺڻ، برٽش سرڪار جي جوابدار ترجمانن جي بيانن ۽ هندستان ۾ ۽ ان کان ٻاهر جي نڪته چينيءَ تي غور ڪرڻ بعد ان ٺهراءُ کي پاس ڪري ٿي ۽ ان راءِ جي آهي ته هندستان جي فائدي ۽ اتحادين جي مقصدن جي حصول لاءِ برٽش حڪومت جو انڊيا مان خاتمو ڪرڻ نهايت ضروري آهي. برٽش سرڪار جو وڌيڪ عرصي لاءِ هندستان ۾ قيام، ملڪ جي بيعزتيءَ ۽ ڪمزوريءَ جو باعث آهي. برٽش حڪومت جو وجود، هندستان کي بچاءَ لاءِ اڻ لائق بنائيندو رهي ٿو ۽ غلام ملڪن جي آزاديءَ جي راهه ۾ رُڪاوٽ آهي.
    ڪاميٽيءَ کي رشين ۽ چيني محاذن جي نزاڪت جو احساس آهي ۽ رشين ۽ چيني عوام جي ملڪ جي حفاظت لاءِ سرٽوڙ ڪوشش کي ساراهي ٿي.
    جنگ جو وڌندڙ خطرو آزاديءَ لاءِ لڙندڙ مظلوم ملڪن يا ان جي حامين لاءِ هيءَ ڳالهه لازمي ٺهرائي ٿو ته اتحادين جي اختيار ڪيل پاليسيءَ کي غور سان تپاسي ڏسن ته کين مسلسل ناماميابين ۽ تباهين ۾ ڇو مبتال ٿيڻو پيو آهي. ساڳيءَ پاليسيءَ ۽ طريقه ڪار تي هلڻ مان کين ڪو به فائدو رسڻ وارو ڪونه آهي. تجربي مان معلوم ٿي چڪو آهي ته سندن ناڪاميابيءَ جو باعث سندن طريقه ڪار ئي هئو.
    اها پاليسي غلام ملڪن جي آزاديءَ لاءِ نه، پر سندن تسلط هيٺ آيل ملڪن تي قبضو مضبوط ڪرڻ لاءِ هلائي وڃي ٿي. ان ۾ سامراجي روايات ۽ طريقي ڪار کي قائم رکڻ جو راز سمايل آهي. سامراجي حڪومتون، غلام قوم جي طاقت وڌائڻ جي عيوض مورڳو بوجو (بار) ۽ مصيبت بنجيو پون.
    برٽش سامراج کي ختم ڪري، هندستان کي آزاد ڪرڻ مان اتحادين جي ارادن ۽ نيتن جي پرک پئجي سگهندي.
    هندستان جي آزادي، رشيا ۽ آفريڪا جي رهاڪن ۾ اميد ۽ اتساهه پيدا ڪري سگهي ٿي، ان ڪري برٽش حڪومت جو خاتمو موجوده وقت جو اهم مسئلو آهي. ان تي ئي جنگ جي مستقبل جو مدار رهي ٿو. ان مان آزاديءَ ۽ جمهوريت جي ڪاميابيءَ جو پتو پئجي سگهي ٿو. آزاد هندستان، سندس وسيع وسائل سان نازي ازم، فاشزم ۽ سامراجيت کان آزاديءَ جو ضامن بنجي سگهي ٿو. ان جي آزادي نه رڳو جنگ جي قسمت کي بدلائيندي، بلڪ جملي مظلوم ۽ مقهور انسانن ۾ اتحادين جي پٺڀرائيءَ لاءِ رغبت پيدا ڪندي ۽ اتحادين کي دنيا جي اخلاقي ۽ روحاني رهبريءَ جو لائق بنائيندي. هندستان جي غلامي، برٽش سامراج جو نشانو بنجي، اتحادين لاءِ بدناميءَ جو داغ بنيو بيٺي آهي.
    اتحادين جي موجوده مصيبت اهو امر لازمي ڪري ڇڏي ته برٽش تسلط کان هندستان کي آزاد ڪيو وڃي. ٺلها مستقبل جا وعدا ۽ دلاسا موجوده تباهيءَ کي درست ڪري نه ٿا سگهن، نه ڪو عوام جي دلين تي سٺو نفسياتي اثر پيدا ڪري سگهن ٿا. رڳو آزاديءَ جو حصول ئي لکها ماڻهن ۾ قوت ۽ اتساهه پيدا ڪرائي، جنگ جو نقشو بدلائي سگهي ٿو.
    تنهنڪري، هيءَ آل انڊيا ڪاميٽي پوري زور سان گهر ڪري ٿي ته برٽش حڪومت هندستان مان نڪري وڃي. هندستان جي آزاديءَ جي اعلان کان پوءِ هڪ عارضي حڪومت قائم ڪئي ويندي ۽ آزاد هندستان اتحادين جو مددگار ٿي رهندو. ساڻن گڏ مشڪلاتن ۽ آزمودن ۾ آزاديءَ جي جدوجهد لاءِ ڀاڱي ڀائيوار ٿي رهندو. عارضي حڪومت مل جي مکيه گروهن جي مدد سان ٺاهي ويندي. اها سڀني پارٽين جي گڏيل حڪومت هوندي، ان جا ابتدائي مقصد هندستان جو بچاءُ ۽ حملي آورن جو هٿيارن ۽ اهنسا جي ذريعن سان اتحادين سان گڏجي مقابلو ڪرڻ ۽ هارين ۽ مزدورن جي بهتري هوندي.
    عارضي حڪومت آئين ساز اسيمبلي لاءِ تجويز رٿي، هندستان جو آئين جملي پارٽين جي رضامنديءَ سان تيار ڪندي. اهو ڪانگريس جي نقطه نگاهه وارو آئين فيڊرل سسٽم جو، صوبن کي گهڻي آٽو نامي (خودمختياري) وارو هوندو.
    اتحادين ۽ هندستان جي وچ ۾ مستقبل جا تعلقات آزاد ملڪن جي باهمي مفادن جي بنياد تي قائم ڪيا ويندا.
    هندستان جي آزادي، ان کي ٻاهرين حملن جي مقابلي ڪرڻ جو لائق بنائيندي ۽ ٻاهرئين تسلط کان ايشيائي قومن جي آزاديءَ جو پيش خيمو ثابت ٿيندي.
    ڪاميٽيءَ جو وڌيڪ اهو رايو آهي ته برما، ملايا، انڊو چائنا، ڊچ انڊيز، ايران ۽ عراق کي به لازمي طور آزادي ملڻ گهرجي. اها ڳالهه به صاف ڪرڻ گهرجي ته انهن مان جي ملڪ هيئنر جپانين جي تسلط هيٺ آيل آهن، تن کي وري ڪنهن به صورت ۾ سامراجي طاقتن جي حوالي نه ڪيو ويندو. جيتوڻيڪ اسان جو بنيادي واسطو هندستان جي آزاديء ۽ بچاء سان آهي، ليڪن ڪاميٽيءَ جي راء ۾ دنيا جي مستقل امن، سلامتيء ۽ ترقيء جي تقاضا اها آهي ته دنيا جي آزاد قومن ۽ ملڪن جي هڪ بين الاقوامي فيڊريشن ٺاهي وڃي، جيڪا سندن اختلافي مسئلا حل ڪندي رهي. اها دنيا جي فيڊريشن، منجهس شامل ٿيل قومن جي بيروني حملن، استحصال، هڪ قوم جي ٻئي قوم مٿان تسلط جي حفاظت ڪندي، قومي اقليتن جي بچاء جي ضمانت ڏيندي، پٺتي پيل ايراضين جي ترقيء لاء ڪوشش ڪندي ۽ دنيا جا جملي وسائل گڏي، انسان ذات جي ترقيء لاء ڪتب آڻڻ جي ڪوشش ڪندي.
    اهڙي ورلڊ فيڊريشن برپا ٿيڻ بعد سڀني ملڪن ۾ هٿيارن جو گهٽائڻ ممڪن ٿي پوندو ۽ هر قوم کي جدا ڪري بري ۽ هوائي فوج رکڻ جي ضرورت نه رهندي. هر هڪ قوم کي بيروني حملي کان بچائن لاء هڪ بين الاقوامي فوج رکيل هوندي. آزاد هندستان خوشيء سان اهڙي ورلڊ فيڊريشن ۾ ٻين قومن سان برابريءَ (هڪجهڙائي) جي درجي تي شامل ٿي، بين الاقوامي مسئلن جي حل ڪرڻ ۾ حصو وٺندو.
    ان فيڊريشن ۾ جملي اهڙين قومن کي شامل ڪرڻ جي اجازت هوندي، جيڪي ان جي مقصدن ۾ ويساهه رکندڙ هونديون.
    موجوده جنگ جي حالت ۾ اهڙي فيڊريشن لازمي طرح اتحادين سان شروع ٿيندي. اهڙي قسم جو قدم کڻن نه رڳو جنگ جي حالت تي اثر اناز ٿيندو، بلڪه مستقبل جي امن لاء به ڪارآمد ثابت ٿيندو.
    ڪاميٽي افسوس سان محسوس ڪري ٿي ته باوجود جنگ جي خطرناڪ نتيجن جي، ڪي ٿوريون حڪومتون فيڊريشن ٺاهڻ واسطي تيار ڏسجن ٿيون.
    برطانيه سرڪار طرفان هندستان جي آزاديء جي مخالفت ۾ غلط پروپيگنڊه مان سندن نيت جو پتو پوي ٿو.
    اسان اهو صاف ظاهر ڪيو آهي ته اها اسان جي آزادي، چين ۽ روس جي بچاء لاء ضروري آهي. ڪميٽي منتظر آهي ته ڪنهن به صورت ۾ چين ۽ رشيا جي دفاع تي بار نه وجهي، جن جي آزادي اسان قيمتي سمجهون ٿا. ڪانگريس، اتحادين جي حفاظتي طاقت کي ڪمزور ڪرڻ نه ٿي گهري.
    ورڪنگ ڪاميٽيء کي ارمان آهي ته سندس برطانيه ۽ اتحادين کي ڪيل اپيل طرف ڪوبه توجهه نه ڏنو ويو آهي. ٻاهرين دنيا جي نڪته چينيءَ مان پتو پوي ٿو ته هنن کي هندستان جي تقاضائن بابت پوري واقفيت ناهي، بلڪه انهيءَ مان هڪ حد تائين آزاديءَ خلاف دشمنيء جو مظاهرو ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جنهن مان سندن قومي برتري ۽ اقتدار جي جهلڪ نظر اچي رهي آهي.
    آل انڊيا ڪانگريس ڪميٽي وري به آخري طرح دنيا جي آزاديءَ کي مدنظر رکندي، برٽش سرڪار ۽ اتحادين کي اپيل ڪري ٿي ته سموري مسئلي تي نئين سر غور ڪن.
    ڪاميٽيءَ جي راءِ ۾ هر قوم کي سامراجي ۽ آمرانه حڪومت کان آزادي حاصل ڪرڻ جو پورو اختيار آهي. برٽش حڪومت هندستان ۾ انساني آزاديءَ جي راهه ۾ رڪاوٽ بنيل آهي، تنهنڪري ڪاميٽي فيصلو ڪري ٿي ته هندستان جي آزاديءَ وٺڻ لاءِ ساري ملڪ اندر اهنسا (عدم تشدد) جي طريقي تي جدوجهد شروع ڪئي وڃي. ان لاءِ گذريل 22 سالن کان عدم تشدد ذريعي ملڪ جي حاصل ڪيل طاقت کي استعمال ڪيو ويندو. اها جدوجهد مهاتما گانڌيءَ جي اڳواڻي ۾ شروع ڪئي ويندي.
    ڪاميٽي هندستانين کي به اپيل ڪري ٿي ته آزاديءَ جي راهه ۾ تڪيلفن ۽ مشڪلاتن برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃن ۽ متحد ٿي مهاتما گانڌيءَ جي رهبريءَ هيٺ سندس حڪمن جي پوئواري ڪندا رهن. کين هيءَ ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته هن ساري هلچل جو بنياد اهنسا (عدم تشدد) آهي. شايد ڪو وقت اهڙو به اچي، جو اڳواڻن لاءِ اهو ممڪن نه ٿئي ته هدايت ناما جاري ڪري عوام تائين پهچائي سگهن ۽ ڪابه ڪانگريس ڪاميٽي قائم رهي نه سگهي. اهڙيءَ حالت ۾ هر ستياگرهي مرد ۽ عورت کي اختيار آهي ته هن وقت جاري ڪيل حڪمن ۽ اصولن کي نظر ۾ رکندي، پاڻمرادو ڪم ڪندا رهن. ان وقت هر آزاديءَ جو خواهشمند ۽ جدوجهد ڪندڙ هندستاني پنهنجو رهبر پاڻ ٿي، آزاديءَ جي منزل تي پهچڻ لاءِ آرام وٺڻ کان سواءِ ڪٺن رستا طئي ڪندو رهي.
    آخر ۾ ڪاميٽي هيءُ ظاهر ڪرڻ گهري ٿي ته هن جدوجهد شروع ڪرڻ مان سندس مقصد ڪانگريس لاءِ طاقت حاصل ڪرڻ نه آهي، جڏهن به کين حڪومت هٿ ايندي ته سڀني هندستانين جي حوالي ڪئي ويندي.”
    ٺهراءُ پيش ڪندڙ : جواهر لعل نهرو.
    تائيد ڪندڙ : سردار ولڀ ڀائي پٽيل.
    ان قرارداد پاس ٿيڻ شرط ئي وسيع پيماني تي ڪانگريس جي خلاف ڪاروائي شروع ٿي وئي ۽ ڪانگريس جي روح روان مهاتما گانڌي ۽ ڪانگريس جي پريزيڊنٽ مولانا ابوالڪلام آزاد سميت ڪانگريس ورڪنگ ڪاميٽيءَ جا سمورا ميمبر، سواءِ راج گوپال آچاريا جي گرفتار ڪيا ويا. نتيجي طور ملڪ ۾ وسيع پيماني تي ڀڃ ڊاهه ۽ قتل و غارت جون ڪاروايون شروع ٿي ويون اها تحريڪ جيڪا اهنسا (عدم تشدد) تي ٻڌل هئي، سا تشدد ۾ تبديل ٿي وئي، انگريزن به انهيءَ تشدد کي ڀرپور تشدد سان دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اها تحريڪ دٻجڻ بدران ڏينهون ڏينهن زور وٺندي وئي. سنڌ به پاڻ کي ان تحريڪ کان الڳ نه رکيو، پر ڀرپور طريقي سان ان ۾ حصو ورتو.
    “ڪئٽ انڊيا ٺهراءُ” پاس ٿيڻ کان پوءِ جناح انگريزن سان ملي، ان قراداد کي انگريزن خلاف نه، پر مسلمانن جي خلاف ڪانگريس جي سازش سان تعمير ڪيو. انهيءَ لاءِ هن 16 اگسٽ 1942ع تي بمبئيءَ ۾ آل انڊيا مسلم ليگ ورڪنگ ڪميٽيءَ جو اجلاس سڏايو، جنهن ۾ ڪانگريس طرفان پاس ڪيل مٿئين ٺهراءَ جي باري ۾ غور ويچار ڪرڻو هو. ان اجلاس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ سنڌ مان آءُ، ايوب کهڙو ۽ يوسف هارون بمبئيءَ پهتاسون. جتي يوسف هارون چيو ته نواب بهادر يار جنگ بمبئيءَ آيل آهي ۽ سندس خواهش آهي ته جي ـ ايم ـ سيد سان ڪن مسئلن تي ڳالهائي، ان تي آءُ، کهڙو ۽ يوسف هارون، گرين هوٽل بمبئي (جيڪا هن وقت تاج محل هوٽل جو حصو آهي) ۾ ساڻس مليا سون. اتي نواب صاحب اسان کي چيو ته “سڀئي ڪانگريسي اڳواڻ جيل ۾ هليا ويا آهن، صرف راج گوپال آچاريائي ٻاهر آهي. ڪانگريسي اڳواڻن کي مسٽر وي ـ پي مينن (سيڪريٽري وائسراءِ سينٽرل سيڪريٽريٽ) کان معلوم ٿي آهي ته جناح صاحب وائسراءِ سان ملي، ساڻس وعدو ڪيو آهي ته هو (جناح) مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ کان اهڙو ٺهراءُ پاس ڪرائيندو ته “ڪئٽ انڊيا تحريڪ” اصل ۾ انگريزن جي نه، پر مسلمانن جي خلاف آهي.”
    نواب صاحب جو خيال هو ته اهڙو ٺهراءُ، انگريزن جي فائدي ۾ مسلمانن لاءَ سخت هاڃيڪار ٿيندو، ان ڪري مسٽر سيد! اوهان اهڙو ٺهراءُ پاس ڪرائڻ نه ڏيندا، ڇو ته اهڙو ٺهراءُ پاس ڪرائڻ هن وقت سخت غير مناسب ٿيندو. هن اهو به چيو ته ڪانگريس وارا اوهان سان ڳالهائڻ گهرن ٿا. ان لاءِ جيئن ته ڪانگريس جا مرد ليڊر جيلن ۾ آهن، ان ڪري مسز ڪرشنا هاٿيسنگهه، مردولا سارا ٻائي ۽ خورشيد
    ٻائي دادا ڀائي نوروز جي توهان سان ملڻ چاهين ٿيون. اوهان کي اُنهن سان ملڻ گهرجي.
    اسان نواب صاحب جو مشورو قبول ڪري، ڪانگريس جي انهن ليڊي ليڊرن سان ملڻ قبول ڪيو ۽ ٻئي ڏينهن مردولا سارا ٻائيءَ طرفان ڏنل لنچ تي گڏ ٿياسون. اتي هنن اسان کي چيو ته مسلم ليگ جو مطالبو ته “مسلمانن کي سندن اڪثريت واران صوبن ۾ آزاد ۽ خودمختيار حڪومتون ملن”، ڪانگريس قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهي، ۽ ٻيا به جيڪي شرط آهن، سي به قبول ڪيا ويندا. اهڙي خاطري جناح صاحب راج گوپال آچاريا سان ملي حاصل ڪري سگهي ٿو ۽ جيڪڏهن ممڪن ٿئي ته گانڌي جيءَ سان ملي اهڙو يقين وٺي سگهي ٿو. ان لاءِ توهان ايترو ڪري ته جناح صاحب، وائسراءِ جي چوڻ تي جيڪو ٺهراءُ، ڪانگريس جي تحريڪ جي خلاف مسلم ليگ ورڪنگ ڪاميٽيءَ ۾ پاس ڪرائڻ چاهي ٿو، ان کي روڪايو وڃي. اسان هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ جوو ساڻن وعدو ڪيو. باوجود ڪانگريس سان اختلافن جي مون هڪ ترقي پسند مسلمان جي حيثيت ۾ محسوس ڪيو ته ڌارين سرڪار جنهن طرح ماڻهن جي جذبهءِ آزاديءَ کي ڪچلڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، سا ڪانگريس ۽ مسلم ليگ ۾ سمجهوتي بعد ههڙيءَ طرح عوام کي هيسائڻ جي جرئت نه ڪري سگهندي.


    5

    16 اگسٽ 1942ع تي جناح صاحب جي گهر (مائونٽ پليزنٽ رود، بمبئي) تي آل انڊيا مسلم ليگ ورڪنگ ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ جناح صاحب وائسراءِ سان طئي ٿيل معاهدي مطابق ڪانگريس جي “ڪئٽ انڊيا” ٺهراءَ جي مخالفت ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو. اُن تي مون اختلاف ڪندي چيو ته: “اهو غير مناسب ٿيندو ته اسان اهو چئون ته “هندستان جي آزادي لاءِ ڪانگريس جو پاس ڪيل “ڪئٽ انڊيا ٺهراءُ” مسلمانن جي خلاف آهي”، ڇو ته ڪانگريس هندستان کي انگريزن کان خالي ڪرائڻ چاهي ٿي، نه مسلمانن کان. ان ڪري، برطانوي سامراج خلاف جدوجهد کي تارپيڊو ڪرڻ لاءِ اسان کي اهڙو ٺهراءُ پاس نه ڪرڻ گهرجي، ڇو ته ان سان اڳتي هلي ڪانگريس سام سمجهوتي جا رستا بند ٿي سگهن ٿا.” ان تي جناح صاحب ڪاوڙجي چيو ته “آءُ ڪانگريس سان ڪو به سمجهوتو ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيان!” مون ان تي اعتراض ڪندي چيو ته“منهنجي ترميم (درستي) قبول ڪئي وڃي ته، پهرين ڪانگريس سان ڳالهايو وڃي، جيڪڏهن اها اسان جا شرط قبول ڪري ته ان سان ٺاهه ڪجي ۽ جيڪڏهن اها ڪنهن به سمجهوتي تي اچڻ لاءِ تيار نه هجي، ته پوءِ ڪو به ٺهراءُ پاس ڪيو وڃي ـ باقي ائين هڪ طرفو ٺهراءُ پاس ڪرائڻ مناسب نه آهي” ان تي کهڙي منهنجي تائيد ڪئي. راجا محمود آباد سپورٽ ڪئي ته ان کي جناح صاحب ڇينڀيو، ۽ هو (راجا صاحب) ميٽنگ مان احتجاجاً اٿي هليو ويو. ان تي حسين اصفهانيءَ ڳالهائڻ گهريو ته ان کي ڳالهائڻ نه ڏنائين. جنهن بعد نواب اسماعيل خان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ان کي به ڳالهائڻ نه ڏنو ويو ۽ منهنجي ترميمي رٿ رد ڪري، پنهنجو پيش ڪيل ٺهراءُ پاس ڪرائي ورتائين، مون اختلافي نوٽ (Note of decent) لکرايو. هتي “ڪئٽ انڊيا تحريڪ” خلاف، جناح صاحب جي پاس ڪرايل ٺهراءَ جو متن درج ڪجي ٿو، ۽ ان سان گڏو گڏ مسلم ليگ جي ڇپيل رڪارڊ مان ان جي نقل ڪاپي شامل ڪجي ٿي، ته جيئن خبر پوي ته مسلمانانِ هند جو قائداعظم ڪهڙي طريقي سان آزاديءَ جي جدوجهد کي سبوٽيج ڪندي، انگريز شاطرن جي هٿ ۾ کيڏي رهيو هو:

    ٺهراءُ نمبر (3) :
    “هيءَ آل انڊيا مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪاميٽي، ملڪ جي موجوده حالتن تي غور ۽ فڪر ڪرڻ بعد آل انڊيا ڪانگريس ڪاميٽيءَ جي 8 اگسٽ 1942ع تي “کليل بغاوت” جي پاس ڪيل ٺهراءَ، “ڪئٽ انڊيا ٺهراءَ”، جنهن ۾ ان عام قانوني انحراف جي هلچل شروع ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪيو آهي، تي افسوس جو اظهار ڪري ٿي. ان ٺهراءَ مان ڪانگريس جو مقصد، هندستان تي “هندو تسلط” (Hindu domination) قائم ڪرڻ آهي، ان ڪري ملڪ ۾ لاقانونيت واريون حالتون پيدا ٿيون آهن، جنهن ڪري تمام گهڻين ملڪيتن ۽ جانين جو نقصان ٿيو آهي.
    ورڪنگ ڪاميٽيءَ جو اهو غورشده رايو آهي ته هيءَ هلچل، انگريزي حڪومت کي هيسائي، اختيار هندن جي طبقاتي مفاد جي حامي ڪانگريسين کي هٿ ۾ ڏيڻ لاءِ شروع ڪئي وئي آهي، ته ان طرح سان مسلمانن ۽ ٻين اقليتن وارن سان برٽش سرڪار طرفان ڪيل واعدن ۽ جوابدارين کي پوري ڪرڻ کان روڪيو وڃي ۽ مسلمانن کي مجبور ڪري، ڪانگريس جي شرطن ۽ حڪمن اڳيان جُهڪايو وڃي.
    جنگ جي شروعات يا ان کان اڳ ڪانگريس جي پاليسيءَ جو مکيه مقصد اهو پئي رهيو آهي ته انگريزن کي ڪجهه لٺ، ڪجهه چٺ ڏيکاري، ڪانگريس کي اختيار ڏيڻ لاءِ مجبور ڪن، ڪانگريس ٿوري انداز ۾ ٻين جاتين کان سموري هندن جي جماعت آهي. ڪانگريس جڏهن ڏهن ڪروڙن مسلمانن جي حق کي پوئتي اڇلائي، هندستان جي حقِ خود اراديءَ جي دعوى ڪري ٿي ته ان مان ان جي مراد هندو اڪثريت جي خودارادي آهي. ڪانگريس مسلم قوم جي مستقبل ۾ حق خوداراديت جي حق جي مخالف پئي رهي آهي.
    پهرين مئي 1942ع تي، آل انڊيا ڪانگريس ڪميٽيءَ، مسلم ليگ جي مطالبي مسلمانن جي حق خوداراديت کي رد ڪرڻ جو ٺهراءُ پاس ڪري، فرقيوار مسئلي تي ٺاهه ٿيڻ جو دروازو بند ڪري ڇڏيو آهي. ڪانگريس گذريل ويهن سالن کان آزاديءَ جي حصول لاءِ هندو مسلم سمجهوتي کي ضروري پئي ڄاڻايو آهي، ليڪن هن ٺهراءَ پاس ڪرڻ سان اڳين پاليسيءَ کي ڇڏي، نئون رُخ اختيار ڪيو آهي ته انگريزن جي ملڪ مان نڪري وڃڻ کان پوءِ پاڻهي هندو مسلم سمجهوتو ٿي ويندو.
    ورڪنگ ڪاميٽيءَ جي راءِ ۾ “سر اسٽئفورڊ ڪرپس” جي ڪانگريس سان ڳالهه ٻولهه آزاديءَ جي سوال تان ختم نه ٿي آهي، پر مسلمانن ۽ ٻين اقليتن کي ڪانگريس جي رحم ۽ ڪرم تي نه ڇڏڻ تي ختم ٿي آهي. برٽش سرڪار جيڪڏهن ڪانگريس جي گهر قبول ڪري ها ته اقليتن طرفان عام طرح ۽ مسلمانن پاران خاص طرح ان جي مخالفت ڪئي وڃي ها. مسلم ليگ کي ڪانگريس وزارت (حڪومتن) جي اختيار ڪيل پاليسي دل تان نه وسري آهي.
    ڪانگريس، سر اسٽئفورڊ ڪرپس کي سندس مرضيءَ مطابق فيصلي نه ڪرڻ جي حالت ۾ “ڪئٽ انڊيا” (هندستان خالي ڪري) جو نعرو بلند ڪري، عام قانون انحرافي (Civil disobedience) جي ڌمڪي ڏني آهي. ڪانگريس اهو نعرو، ڌوڪي طور ماڻهن کي برغلائي حڪومت هٿ ڪرڻ لاءِ هڻي رهي آهي، مسلمان آزاديءَ جي حصول لاءِ گهٽ منتظر نه آهن. آزاديءَ جو حصول مسلم ليگ جي بنيادي مقصد ۾ شامل آهي، پر ان کي يقين ويهي ويو آهي ته ڪانگريس جي موجوده هلچل ملڪ جي اهڙيءَ آزاديءَ لاءِ شروع ڪيل نه آهي، جنهن ۾ ملڪ جي مکيه قومي عنصرن کي هڪجهڙي آزادي ملڻ واري هوندي، بلڪه ڪانگريس جي مرضي پاڪستان جي تجويز ختم ڪرائي، هندو راڄ قائم ڪرڻ آهي.
    ورڪنگ ڪاميٽي انگريز حڪومت پاران ڏهه ڪروڙ مسلمانن جي قومي جذبات ۽ خواهش جي پورائي نه ڪرڻ واري روش ۽ پاليسيءَ تي ناراضگيءَ جو اظهار ڪري ٿي. هڪ طرف ڪانگريس مسلمانن جي گهر کان انڪار ڪري، کين دٻائڻ چاهي ٿي، ٻئي طرف برٽش حڪومت مسلمانن جو تعاون قبولڻ لاءِ تيار نه آهي. برٽش سرڪار جو خاص ڌيان ڪانگريس کي رضامند ڪرڻ طرف پئي رهيو آهي. باوجود ان جي اها ان کي راضي ڪري نه سگهي آهي. مورڳو انهن (ڪانگريس وارن) قانوني انحرافي شروع ڪري ڏني آهي.
    جنگ جي شروعات کان وٺي مسلم ليگ اڪيلي سر يا ٻين پارٽين جي شرڪت سان حڪومت جي جوابداري کڻي، ملڪ جي جملي وسائل هندستان جي بچاءَ لاءِ ڪتب آڻڻ لاءِ تيار ۽ خواهشمند پئي رهي آهي، پر ان شرط تي ته حقيقي اختيار مرڪز ۽ صوبن ۾ موجود آئين جي دائري اندر ڏنا وڃن. انهيءَ ئي پاليسيءَ جي مدنظر مسلم ليگ اگسٽ 1940ع واري برٽش سرڪار جي آڇ (Offer) کي قبول ڪيو هو.
    پر سرڪار پنهنجيءَ آڇ جي پوري ڪرڻ لاءِ اهڙي روش اختيار ڪئي، جو مسلم ليگ لاءِ سرڪار سان عزت ڀرئي نموني تعاون ڪرڻ ناممڪن ٿي پيو. مسلم ليگ جي تعاون واري آڇ کي برٽش سرڪار طرفان ٿوڪاري ڇڏڻ جي باوجود، جپانين جي خطري کي نظر ۾ رکي مسلم ليگ 27 ڊسمبر 1941ع واري ٺهراءُ ۾ ڪيل آڇ کي وري هيٺين لفظن ۾ ورجايو ته:
    “جنهن صورت ۾ جپان طرفان محوري طاقتن سان شامل ٿيڻ ڪري جنگ جو خطرو هندستان جي نزديڪ اچي پهتو آهي، ان ڪري هندستان جي بچاءَ جو سوال وڌيڪ اهميت حاصل ڪري ويو آهي. سو هيءَ ڪاميٽي ٻيهر ظاهر ڪري ٿي ته اها بچاءَ جي جوابداري کڻڻ لاءِ تيار آهي، جنهن جو اظهار آل انڊيا مسلم ليگ جي پريزيڊنٽ نومبر 1939ع ۾ ڪيو هو.
    ورڪنگ ڪاميٽي وري به ظاهر ڪرڻ گهري ٿي ته اها ملڪ جي بچاءَ جي جوابداري اڪيلي يا ٻين پارٽين سان گڏ کڻڻ لاءِ تيار آهي، پر شرط آهي ته مرڪز ۽ صوبن ۾ کين موجوده آئين اندر حقيقي حصو ۽ جوابداري (اختيار) ڏني وڃي، ۽ ان جو مستقبل جي آئيني جوڙجڪ تي ڪو به اثر نه پوي،”
    برٽش سرڪار مسلم ليگ جي آڇ مڪمل طرح ٿُڏي ڇڏي، پر سر اسٽئفورڊ ڪرپس جي تجويزن ۾ ڪانگريس جي برٽش ڪامنويلٿ کان جدا ٿيڻ واري گهر قبولي وئي هئي آئين ساز اسيمبلي هندو اڪثريت سان ٺاهڻ جو اصول به قبوليل هو، پر ان ۾ پاڪستان بابت رڳو صوبن جي نه شامل ٿيڻ واري رٿ جو اظهار ڪيل هو.
    ان ڪري ورڪنگ ڪاميٽيءَ جو پرزور رايو آهي ته جيڪڏهن مسلمانن کي جنگي مدد ۽ گُهربل قربانين لاءِ تيار ڪرڻو آهي ته کين يقين ڏيارڻ ضروري آهي ته سندن پاڪستان جي گُهر قبول ڪئي ويندي. ان ڪري مسلم ليگ وري به برٽش سرڪار کان گهر ڪري ٿي ته بنا ڪنهن دير جي مسلمانن جي حقِ خوداراديت جو کين يقين ڏياريو وڃي ۽ وعدو ڪيو وڃي ته اها آل انڊيا مسلم ليگ جي 23 مارچ 1940ع جي لاهور قرارداد موجب کين پاڪستان ڏيندي.
    اتحادين (United nations) پاران بار بار دنيا جي ننڊين قومن کي آزادي ڏيارڻ جي اظهار کي مدنظر رکي، ورڪنگ ڪاميٽي اتحادين جو ڌيان هندستان جي ڏهه ڪروڙن مسلمانن جي اڪثريت وارين ايراضين ۾ سندن حڪومتون قائم ڪرڻ طرف ڇڪائي ٿي.
    ورڪنگ ڪاميٽيءَ کي ويساهه ويٺل آهي ته هندستان جي آئيني مسئلي جو حل صرف پاڪستان قائم ڪرڻ جي ذريعي ٿيندو. انهيءَ ذريعي ئي هندستان جي ٻن مکيه قومن ـ هندن ۽ مسلمانن کي انصاف پلئه پئجي سگهندو. جيڪڏهن متحده هندستان لاءِ ڪانگريسين جي گهر قبول ڪئي وئي ته ان سان هندستان جا ڏهه ڪروڙ مسلمان، هندو راڄ جي ڳٽ هيٺ اچي ويندا، ان طرح آخري طور بدامني ۽ باڇاگڙدي (دهشتگردي) وڌي ويندي ۽ هندستان مان مسلمانن ۽ اسلام جي پاڙ پٽجي ويندي.
    مسلم ليگ وقت به وقت ظاهر پئي ڪيو آهي ته اها نه رڳو پاڪستان جي صورت ۾ مسلمانن جي آزاديءَ لاءِ گهر ڪري ٿي، پر هندستان ۾ هندن جي آزادي پڻ ساڳيءَ طرح چاهي ٿي ۽ ان لاءِ هر وقت ڳالهين لاءِ تيار آهي. مسلم ليگ، جنگ جي ڪاميابيءَ لاءِ ڪنهن به پارٽيءَ سان هڪجهڙائيءَ جي بنياد تي عارضي صوبائي حڪومتن قائم ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
    انهن حالتن جي مدنظر ورڪنگ ڪاميٽي گهڻي غور ۽ فڪر کان پوءِ مسلمانن کي مشورو ڏئي ٿي ته ڪانگريس جي شروع ڪيل (ڪئٽ انڊيا) تحريڪ کان پاسو ڪن ۽ پنهنجو هميشه وارو امن پسند رويو قائم رکيو اچن. مسلم ليگ کي اميد آهي ته ڪانگريس پاران مسلمانن کي زوربار ڪري تحريڪ ۾ حصي وٺڻ لاءِ مجبور نه ڪيو ويندو، ٻيءَ حالت ۾ مسلمان مجبور ٿي پنهنجي عزتن، ملڪيتن ۽ جانين جي تحفظ لاءِ هر قسم جي مقابلي لاءِ تيار ٿي ويندا.”
    جيتوڻيڪ بمبئي آل انڊيا مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ جي انهي اجلاس جي ڪاروائيءَ مون کي دلشڪستو ڪيو، پر پوءِ به همت نه هاريم ۽ ڪن ڪميونسٽ دوستن (سجاد ظهيير، ڊانگي، ڪامريڊ اشرف وغيره) جي چوڻ تي ته : “مسلم ليگ هاءِ ڪمان جي غلطين جي باوجود مسلم ليگ کي درست ڪري سگهجي ٿو،” مون سنڌ مسلم ليگ جي اڳواڻ جي حيثيت ۾ پنهنجون سرگرميون جاري رکيون ۽ مسلم ليگ ۾ اصلاه آڻڻ ۽ ان کي مسلمان عوام جي ڀلائيءَ لاءِ جاکوڙڻ تي مجبور ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪندو رهيس. ان سلسلي ۾ 3 مارچ 1943ع تي سنڌ اسيمبليءَ ۾ هڪ تاريخي قراداد (Resolution) پيش ڪري پاس ڪرايم. هيءَ اهو وقت هو، جڏهن ڪانگريس جو وڏو طرفدار الهه بخش سومرو، وزارت تان برطرف ٿي چڪو هو ۽ ڪانگريس جا ميمبر، ڪئٽ انڊيا تحريڪ جي سلسلي ۾ يا ته جيلن ۾ هئا يا اسيمبليءَ کان ٻاهر هئا.
    هتي آءُ اها قراداد ۽ ان تي ڪيل منهنجي تقرير پيش ڪري رهيو آهيا.

    3 مارچ 1943ع ٺهراءُ وارو:
    هيءَ اسيمبلي سنڌ سرڪار کي سفارش ٿي ڪري ته وائسراءِ هند جي معرفت بادشاهه سلامت جي حڪومت کي سنڌي مسلمانن جي هيٺين جذبات ۽ خواهشن کان واقف ڪري:
    جيئن ته هندستان جا مسلمان مذهب، فلسفه حيات، معاشي رسمن، ادب، روايات، سياسي ۽ اقتصادي مفاد جي جدا هئڻ جي حيثيت ۾ هندستان جي جنهن خطئه زمين ۾ هو اڪثريت رکن ٿا، اتي “آزاد ۽ خود مختيار قومي حڪومتن” قائم ڪرڻ جا حقدار آهن، ان ڪري صوبه سنڌ جا مسلمان پرزور طريقي سان پنهنجي راءِ جو اظهار ڪن ٿا ته کين ڪو به اهڙو آئين قبول نه ٿيندو، جو کين هڪ مرڪزي حڪومت ۾ ٻيءَ اڪثريت واري قوم جي ماتحت رهڻ لاءِ مجبور ڪري، ڇاڪاڻ ته مستقبل ۾ سندن آزادانه زندگي گذارڻ ۽ علحده نظريه حيات مطابق ترقي ڪرڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته کين پنهنجون “جدا آزاد قومي حڪومتون” قائم ڪرڻ ڏنيو وڃن.
    ان ڪري ڪا به اهڙي ڪوشش جا کين زبردستيءَ هڪ مرڪزي حڪومت جي ماتحت رکندي، سا کين قبول نه آهي، بلڪ اهڙي ڪوشش لازمي طور ملڪ ۾ خانه جنگي ۽ ٻين خوفناڪ نتيجن جي صورت ۾ نمودار ٿيندي.” ٺهراءَ جو انگريزي متن هن ريت هو.
    “This House recommends to government to convey to His Majisty’s Government through His Excellency the viceroy, the sentiments and wishes of the Muslims of this province that religion, philosophy, social customs, literature, traditions, political & economic theories of their own, quite different from those of the Hindus. They are justly entitled to The right, as a single separate nation, to have independent national states of their own, carvenout in the zones where they are in majority in the subcontinent of India.
    “Where fore they emphatically declare that no constitution shall be acceptable to them that will place the Muslims under a central Government dominated by another nation, as in order to be aike to play their part freely on their own distinet lines in the order of the things to come, it is necessary for them to have independent National states of their own and hence any attempt to subject the Muslims of India under one central government is bound to result in civil war with grave un unhappy happy consequences.”
    [Text of resolution, published by Sindh Govt: Assembly proceeding, 3, Mar 1943]

    ريزوليشن تي منهنجي ڪيل تقرير:
    جناب صدر!
    آءُ هن ٺهراءَ ذريعي سنڌي مسلمانن جي نمائندي جي حيثيت ۾ هندستان جي ڏهه ڪروڙ مسلمانن جو مطالبي “پاڪستان” کي هن عزت ماب ايوان ۾ پيش ڪري رهيو آهيان.
    اهو مطالبو قومن جي بنيادي حق خوداراديت جي اصول مطابق مسلمانن جي حقن جي حفاظت لاءِ ضمانت جي صورت رکي ٿو.
    دنيا اڄ سياست جي انهيءَ ارتقائي دور مان گذري رهي آهي، جو دور هر قوم لاءِ هڪ جهڙن حقن سان آزاديءَ جي نعمت ماڻڻ لاءِ اميدون ڏياري رهيو آهي. اها آزاديءَ جي تمنا ئي هئي، جنهن هندن ۽ مسلمانن کي خلوص دل سان جدوجهد ڪرڻ، تڪليفن سهڻ ۽ قربانين ڏيڻ لاءِ آماده پئي ڪيو آهي.
    سائين منهنجا! آءُ اوهان کي يقين ڏياريان ٿو ته مسلمان قوم، جنهن انگريزن جي اچڻ کان اڳ هندستان ۾ اٺ سؤ ورهيه حڪومت ڪئي هئي، تن کي سندن نفسياتي ساخت، قومي ڪردار ۽ روايات ڪري هندستان جي آزاديءَ لاءِ ايتري ئي خواهش ۽ جذبو آهي، جهڙو ٻين هندستان جي رهاڪن کي آهي.
    پاڪستان جي گهر مسلمانن جي جدا قوم هئڻ جي بنياد تي ڪئي وڃي ٿي. برصغير هندستان جاگرافيائي طرح هڪ ملڪ شمار ڪري نٿو سگهجي. هندستان جي “جاگرافيائي وحدت” جو اڪثر ذڪر ڪيو وڃي ٿو، ليڪن ان کي هڪ ملڪ سڏڻ حقيقتن جي برعڪس ٿيندو. انگلنڊ ته ڇڏيو، جيڪڏهن يورپ کي انهيءَ نقطه نگاهه کان هڪ ملڪ سڏيو ته مثال ٺهڪي ايندو. پر يورپ هينئر به مختلف قومن جو مجموعو آهي، جي اڃا گڏجي فيڊريشن جي درجي تي نه پهچي سگهيون آهن.
    هتي جيڪڏهن سنڌ ۽ گجرات جي صوبن جا مثال وٺبا ته حقيقت تي پوري روشني پئجي ويندي. باوجود ٻنهي صوبن جون سرحدون مشترڪه هجڻ جي، هڪ صوبي مان ٻئي ۾ پهچڻ تي 28 ڪلاڪ لڳي وڃن ٿا، ڇاڪاڻ ته سندن وچ ۾ هڪ وڏو رڻ پٽ حائل آهي. ٻئي طرف فرانس ۽ جرمنيءَ جو مثال وٺبو ته معلوم ٿيندو ته فرانس مان جرمنيءَ پهچڻ ۾ صرف 5 منٽ لڳندا. مٿئين مثال مان پتو پئجي ويندو ته “جاگرافيائي وحدت” جو دليل ڪيتريقدر غلط ۽ بي بنياد آهي.
    هندستان، برصغير (Subcontinent) ٿي سگهي ٿو. يورپ، آفريقا، اتر ۽ ڏکڻ آمريڪا جا مثال ان سان پوري مشابهت رکي سگهن ٿا. انهيءَ هندستاني “جاگرافيائي وحدت” واري دليل جي بنياد تي يونائيٽيڊ اسٽيٽس آف آمريڪا حق بجانب رهندي، جيڪڏهن اها هيءَ تقاضا ڪري ته ڪئناڊا ۽ ميڪسيڪو، جيڪي ارجنٽائين، پيرو ۽ چليءَ کي هڪ ٻئي کان جدا رهڻ لاءِ به ڪي سبب ڪو نه رهندا، ڪئناڊا ۽ يونائيٽيڊ اسٽيٽس جا رهاڪو نه رڳو ساڳين نسلن جا آهن، پر ٻولي به هڪ ڳالهائين ٿا، مذهب هڪ اٿن، لباس، رسمون ۽ رواج به ساڳيا اٿن، ادب ساڳيو اٿن، پاڻ ۾ مٽيءَ مائٽيءَ ۾ گڏجي سگهن ٿا. جاگرافيائي طرح هڪ ٻئي سان لاڳو ۽ مليل آهن. ليڪن باوجود انهيءَ جي ڪئناڊا پنهنجي جداگانه هستي قائم رکيو اچي.
    ساڳي طرح ڏکڻ آمريڪا جون مٿي ذڪر ڪيل قومون، جيڪي هڪ ئي جاگرافيائي خطي ۾ رهن ٿيون، سي گهڻو ڪري اسپيني نسل جون آهن، ٻولي ساڳي اٿن، لباس ساڳيو اٿن، مٽي مائٽيءَ ۾ گڏجي سگهن ٿيون، انهن ۾ ظاهري ڪا به اهڙي ڳالهه نه آهي، جيڪا هڪ ٻئي کان مختلف هجي، ته به اهي پنهنجي نموني جُدا رهڻ کي پسند ڪن ٿا ۽ منجهن ڪا به اهڙي نشاني ڏسڻ ۾ ڪا نه ٿي اچي، جو اهي فيڊريشن ٺاهڻ يا گڏجڻ لاءِ تيار هجن.
    ساڳي حالت چين ۽ سائبيريا جي آهي. جاگرافيائي طور هڪ ٻئي سان نزديڪ آهن ۽ نسل به ساڳيا اٿن، تڏهن به سائبيريا چين سان گڏجي رهڻ جي عيوض يورال جبلن جي ٻئي طرف واري ملڪ رشيا سان ئي ڳنڍيل آهي.
    انهن مثالن کي نظر ۾ رکندي صرف جاگرافيائي وحدت کي متحده قومي وجود لاءِ دليل ٺهرائي نه ٿو سگهجي.
    هاڻي اچو ته خود لفظ “نيشن” (Nation)جي معنى تي غور ڪريون. “نيشن لفظ “نيٽس” (Natus) ڌاتو مان نڪتل آهي، جنهن جي معنى “ڄاول” آهي، جنهن جو لاڳاپو ۽ واسطو اصل نسل سان آهي.
    اهو ثابت ٿيل امر آهي ته جرمن ۽ ماڻهو ساڳئي نسل مان آهن ۽ شارليمين (Chalrlemagne)جي فرانس ۾ ٻئي شامل آهن. آئون مٿي ٻڌائي آيو آهيان ته فرانس ۽ جرمن جاگرافيائي طور هڪ ملڪ شمار ڪرڻ گهرجن. ساڳي حالت سندن نسل بنسبت آهي. زبان جي نقطه نگاهه کان سندن زبانون انڊو ـ جرمنڪ يا انڊو ـ يورپين گروپ مان آهن، انهن ٻنهي ملڪن جي هڪ گڏيل جمهوري حڪومت ٺهي سگهي ٿي، پر جرمن توڙِ فرانس ڪڏهين اها ڳالهه قبول نه ڪندا.
    وڌيڪ اوهان کي ياد ڏياريندس ته فرينچ ادب ٻن صدين تائين جرمنن پڙهيو ۽ پسند ڪيو. جرمن زبان جي ادب کي ترقي ڏيارڻ ۾ فرينچ کي وڏو دخل آهي. جهڙيءَ طرح فرينچ ادب جرمنيءَ ۾ عام جام پڙهيو ويندو هو. اهڙيءَ طرح جرمن فلاسافي فرانس جي يونيورسٽين ۾ صديءَ تائين پڙهائي ويندي هئي. هو (جرمن ۽ فرينچ) مٽيءَ مائٽيءَ ۾ گڏجن ٿا، رسم ۽ رواج اڪثري ساڳيا اٿن، انهيءَ هوندي به جيڪڏهن “جمهوري طريقه حڪومت” ۾ انهن کي ملائڻ جي ڪوشش ڪبي ته ان جو لازمي نتيجو اهو نڪرندو ته ٽن ڪروڙ فرينچن کي اٺ ڪروڙ جرمن ويڙهي ويندا ۽ ٿوري وقت کان پوءِ فرينچ جُدا هستي وڃائي ويهندا.
    ممڪن آهي ته ڪي ماڻهو هنن ٻن مخالف قومن جو مثال ٺيڪ نه سمجهن، ته کين هالينڊ، بيلجم، سوئيڊن ۽ ناروي جو مثال ياد ڏياريندس:
    يورپ جي تاريخ تي هڪ سرسري نظر ڊوڙائڻ سان پتو پئجي سگهندو ته جمهوريت ۽ نيشنلزم يورپي ملڪن کي اتحاد ۽ ميلاپ طرف ڇڪڻ جي عيوض جدائيءَ جداگانه هستين قائم ڪرڻ طرف پئي گهليو آهي.
    نيشنل ۽ جمهوري حڪومتن ۾ زوريءَ جو ڳانڍاپو ڪا معنى ئي نه ٿو رکي، صرف باهمي سمجهوتي ۽ مسلسل لاڳاپن ذريعي ئي دائمي اتحاد قائم ٿي سگهي ٿو.
    نيشنلزم جي اثر هيٺ ملڪن ۾ معاشرتي لاڳاپا به پوريءَ طرح قائم ٿي نه سگهيا آهن، هڪ جنسيت ۽ هڪ قوميت ته اڃا پري رهي. فطري قانون پٽاندڙ انساني اتحاد جي ترقي مقرر حد کان زياده تيز ٿي نه سگهندي، جيڪڏهن انهيءَ درمياني عرصي کي، جيڪو قومن جي ميلاپ ۽ سمجهوتي لاءِ ضروري آهي، مصنوعي طريقن سان گهٽ ڪبو ته فائدي عيوض نقصانڪار ردعمل پيدا ٿيندو.
    اختلاف يا چٽاڀيٽي اڻ وڻندڙ ڳالهيون آهن، ليڪن ترقيءَ جي راهه ۾ مقابلي جو هئڻ ضروري سمجهيو وڃي ٿو. کليل مقابلي کان سواءِ مصنوعي اتحاد پيدا ڪرڻ قومي زندگيءَ ۾ جمود ۽ موت پيدا ڪرڻ جي برابر ٿيندو.
    مٿي ذڪر ڪيل جاگرافيائي، معاشرتي، اقتصادي، مذهبي ۽ سياسي طور يورپ جي هڪجهڙن ماڻهن جي تاريخ تي سرسري نظر ڊوڙائڻ بعد معلوم ٿيو ته باوجود “نسلي همجنسيت” جي به اُهي هڪ قومي قالب ۾ سمائجي نه سگهيا آهن.

    هاڻي اچو ته هندستان جي حالتن تي نظر ڊوڙايون:
    مون اڳ هندستان جي صرف ٻن صوبن گجرات ۽ سنڌ جو مثال پيش ڪيو هو ته انهن کي هڪ “جاگرافيائي خطو” ليکي هڪ قوم شمار ڪرڻ ڪيڏو نه مشڪل آهي، ته پوءِ بنگال، وچين علائقن (Central provinces) ۽ مدراس وغيره جي مشابهت سنڌ سان ڪرڻ ته اڃا ئي وڌيڪ ڏکيو ڪم ٿي پوندو، جتي جا رهاڪو هڪ ٻئي جي زبان به سمجهي نه ٿا سگهن.
    هاڻي جيڪڏهن اسان انهن جي مذهبي نقطئه نگاهه کان ڀيٽ ڪنداسون ته معلوم ٿيندو ته انهن مان هڪ فرقو ٻي سان سوشل تعلقات به رکڻ نه ٿو گهري. گجراتي برهمڻ جو نه رڳو لباس مسلمان کان علحده آهي، پر جيڪڏهن مسلمان جو هٿ يا صرف پاڇو ان جي کاڌي پيتي تي پوي ٿو ته هو اهو کائڻ جي عيوض اڇلائي ڇڏڻ کي زياده پسند ڪري ٿو. پاڻ ۾ مٽيون مائٽيون ته قريباً ناممڪن آهن. پنگتي (سماجي) جدائي هنن ۾ هڪ عام مقبول ڪيل اصول بنجي ويل آهي. ان ۾ ئي سندن باهمي امن امان جي ضمانت آهي. هڪ ٻئي جي ويجهي اچڻ يا پنگتي ملاوت جي ڪوشش پاڻ منجهن فسادن جي صورت پئي اختيار ڪئي آهي. ڪو پُڇي ته سندن اختلافت جو بنيادي ڪارڻ ڪهڙو آهي ته ان جو جواب ملڻ ڏکيو نه آهي.
    هن زماني ۾ اسان جن ڳالهين کي “نظرين” جي نالي سان سڏيون ٿا، تن کي اڳئين زماني ۾ “مذهب” جو نالو ڏنل هو. جماعتون به اڳي مذهبي نقطئه نگاهه کان ٺهنديون هيون.
    يورپ جا ترقي پسند عناصر ۽ جديد خيالن جا حامل گهڻين تڪليفن ۽ قربانين کان پوءِ انهيءَ مذهبي تنگ خياليءَ جي ڀيدڀاون کان مس پاڻ ڇڏائي سگهيا آهن، پر پٺتي پيل ملڪن جا قدامت پنسد فرقا اڃا تائين فرقي پسنديءَ ۽ سماجي ڀيدڀاون ۾ ڦاٿل هجڻ ڪري دنيا جي ارتقائي رفتار ۾ پوئتي پئجي ويا آهن.
    هتي جي قدامت پنسديءَ جو ثبوت ان مان ملندو ته ٻڌ ڌرم جيڪو هندن جي مذهب ۾ هڪ ارتقائي قدم هو، جيڪو سماج (Society) جي گهڻين خامين کي مٽائي اڳتي وڌائي سگهيو ٿي، ان کي هتان جي قدامت پسند گروهه قبولڻ جي عيوض مخالفت ڪري ٿڏي ملڪ مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو، ۽ ان (ٻڌ ڌرم) وڃي سيلون، برما، چين ۽ ٿٻيٽ ۾ پناهه ورتي آهي. جاهل برهڻ اڃا تائين چون ٿا ته گوتم ٻڌ هندو ڌرم کي ختم ڪرڻ آيو هو. بنيادي طرح برهمڻزم، نان مشنري ۽ قدامت پسند مذهب رهيو آهي. سندن چوڻ مطابق برهمڻ صرف ڄمي پيدا ٿيندو آهي، ٻين مذهبن مان شڌ ٿيڻ تي برهمڻ بنجي نه ٿو سگهي. ڪو به ماڻهو ڪيتريون سروتيون يا سمرتيون کڻي ڄاڻدو هجي ۽ نسل به آريا مان ڇو نه هجي، پر نه برهمڻ ٿي سگهي ٿو ۽ نه کتري، البت وئش ۽ شودر بنجڻ لاءِ رستا کليل اٿس.
    جيڪڏهن ڪنهن نسل يا فرقي جي جوڙجڪ اهڙي محدود ۽ سخت ٺهيل هجي، جو ان ۾ ڪنهن ڦيرڦار جي گنجائش نه هجي ته جيسين تائين انهن حالتن ۾ تبديلي نه آئي آهي، اتي جمهوريت ۽ نيشنل حڪومت قائم ٿيڻ ۽ آسانيءَ سان ان تي عمل درآمد ٿيڻ مشڪل پيو نظر اچي.
    هاڻي اچو ته هندستان جي مکيه مذهبن ـ هندو ڌرم ۽ اسلام تي بحث ڪري ڏسون ته اهي پنهنجن پوئلڳن کي گڏي هڪ قوم بنجڻ لاءِ ڪيتريقدر پاڻ وٽ گنجائش رکن ٿا.
    موجوده حالتن ۾ اهي هڪ ٻئي کان زندگيءَ جي ڪيترن مسئلن ۾ اختلاف رکن ٿا، سندن رواج ۽ رسمون، ادب ۽ اقتصادي نظريا جدا آهن. مسلم فلاسافي انسان کي آزاد فرد تسليم ڪندي، کيس زندگيءَ جي راهه ۾ ترقي ڪرڻ لاءِ ڪشادي ميدان ۽ آزاد عمل جو سبق ڏئي ٿي. ٻئي طرف هندو فلاسافي “ڪرم” جي نظريي ۾ اعتقاد رکندي، فرد جو دائره عمل محدود رکندي اچي ۽ کيس ڪرمن جي محتاج رهڻ جو درس ڏئي ٿي. مسلم فلاسافي جماعت ۽ فرد جي ٻين سان مساوات ۽ برابريءَ جي اصول تي تعلقات قائم ڪرڻ جي حامي آهي. هندو فلاسافي انسان ذات ۾ مختلف ارتقائي درجن جي حقيقت کي تسليم ڪندي، انهن کي دنياوي ڪاروبار ۽ عمل ۾ سهوليت خاطر چئن درجن يا جاتين ۾ ورهائڻ کي وڌيڪ ڪارآمد سمجهي ٿي. ايتريقدير جو ڀڳوت گيتا جهڙي ڪتاب ۾ لکيل آهي ته “جڏهن جاتين جا فرق ختم ٿيندا يعني (Class less society) ٺهندي ته ڌرم ختم ٿي ويندو.”
    مذهبي فلاسافيءَ جي نقطه نگاهه کي هڪ طرف ڇڏي، جيڪڏهن بنگتي خيال سان ان مسئلي تي غور ڪنداسون ته باوجود هڪ هزار سال هڪ ٻئي سان گڏ رهڻ جي به هندو ۽ مسلمان پنگتي طور هڪ ٻئي کان جدا ٿيو بيٺا آهن. نه پاڻ ۾ مٽيون مائٽيون ڪن ٿا ۽ نه گڏ کائين ۽ پيئن ٿا. مسلمان جو پاڇو اڃا به ڪن هندن جي بدن يا کاڌي کي پليت ڪري ڇڏي. سندن کاڌي جي اها حالت آهي، جو هڪ شيءِ هڪ ڌر وٽ کائڻ جي اجازت آهي ته ٻيءَ وٽ منع آهي. اهي اختلاف سندن روزمره جي زندگيءَ تي اثر ڪرڻ کان سواءِ رهي نه ٿا سگهن. سو جيسين تائين ٻنهي مذهبن جي عوام مان مذهبي ڪٽرپڻو گهٽ نه ٿيو آهي، ان وقت تائين انهن جو گڏجي هڪ قومي قالب ۾ سمائجڻ مشڪل نظر اچي رهيو آهي.
    پروفيسر رينان، جيڪو نيشنلزم جي موضوع تي ماهر سمجهيو وڃي ٿو، ان جو چوڻ آهي ته:
    “قوميت هڪ روحاني ۽ نفسياتي جذبات تي ٻڌل حقيقت ٿئي ٿي. هم جنسيت جو خيال ئي مختلف فردن کي هڪ ٻئي جي نزديڪ آڻي ٿو. اها هم جنسيت ٻه ڌاري تلوار مثال آهي، جيڪا جيڪڏهن ڪن کي ملڪي حقيقتن جي بنياد تي گڏي ٿي ته ڪن کي هڪ ٻئي کان ڌاريون ثابت ڪري، جدا ڪري ٿي”
    عام طرح اڄڪلهه ائين چوڻ ۾ اچي رهيو آهي ته عوام لاءِ اقتصادي مسئلو مذهبي ۽ پنگتي نظرين جي ڀيٽ ۾ اهميت رکي ٿو، ۽ انهيءَ مسئلي کي پوريءَ طرح سلجهائڻ سان فرقيوار سوال ازخود ختم ٿي ويندا، ليڪن هندستاني سماج جي موجوده ذهني ۽ پنگتي پست حاليءَ جي ڪري، انهيءَ مسئلي جو ترت حل نظر نه ٿو اچي.
    جيڪڏهن اسان جو آخري مقصد هڪ آزاد ۽ ترقي يافته متحده قوم بنائڻ جو آهي ته ان جو بهترين ذريعو هيءُ آهي ته هندن ۽ مسلمانن کي سندن اڪثريت وارين ايراضين ۾ سندن ڪلچر، فلاسافي ۽ روايتن جي مدنظر ترقي ڪرڻ لاءِ مناسب موقعا ۽ سهولتون ملڻ گهرجن، ته پوءِ اڳتي هلي اهي خوشنما مرڪب جو مجموعو بنجي پوندا. ليڪن ڪو به عارضي ۽ زبردستيءَ مڙهيل اتحاد نه رڳو کين قبول نه پوندو، بلڪه رد عمل پيدا ڪري، منجهن وڌيڪ اختلافن پيدا ڪرڻ جو ڪارڻ بنبو. مسلم اقليت کي هندو سوسائٽيءَ جي تنگ خياليءَ جي ڪري هميشه خطرو رهي ٿو ته هندو اڪثريت سندن ڪلچرل ۽ اقتصادي واڌاري لاءِ موقعا پيدا ڪري ڏيڻ ۾ رڪاوٽون وجهندي رهندي. جمهوريت جي معنى “عوام جي حڪومت” آهي، پر ان عوام جو هم جنس هئڻ سڀ کان ضروري ڳالهه آهي. انهيءَ لاءِ آزادانه طور بنا خوف خطري جي ڪم ڪرڻ لاءِ درمياني عرصي جي ضرورت آهي. ڪا به حڪومت صحيح معنى ۾ عوامي حڪومت سڏي نه سگهبي، جيسيتائين انهيءَ جي عوام جون مرادون ۽ مقصد ساڳيا نه هوندا.
    موجوده حالتن ۾ جڏهين ٻنهي مذهبي فرقن جا اختلاف ايترا نمايان آهن، تڏهن جمهوري حڪومت ۾ هميشه اڪثريت جا مفاد اقليت مٿان غالب رهندا.
    اسان اڄڪلهه هٽلر ۽ ٻين ڊڪٽيٽرن کي ڏوهه ڏيون ٿا ته اهي پنهنجي راءِ ماڻهن مٿان زوريءَ مڙهين ٿا، ليڪن ذرا غور ڪري ڏسندا ته هندستان ۾ جڏهن 30 ڪروڙ هندو بنا سمجهوتي جي حڪومت جي واڳ وٺندا ته ڏهه ڪروڙ مسلمانن جي حالت ڪهڙي ٿيندي.


    6

    هن وقت جڏهين مکيه مذهبي گروهه سياسي طاقت جي حصول لاءِ مقابلو ڪري رهيا آهن، تڏهن انهن لاءِ ٻه طريقا کليل آهن. هڪ ته: وڏو گروهه ننڍي کي هضم ڪري پاڻ ۾ ملائي وڃي، يا ٻنهي کي ڪي عارضي طرح جداگانه نشونما ڪرڻ جا موقعا ميسر ڪيا وڃن. ڪي ماڻهو اهو دليل ڏين ٿا ته مسلم اڪثريت وارن صوبن جا ماڻهو اقتصادي طرح پٺتي پيل هجڻ سبب آزاديءَ کان پوءِ ترقي ڪري ڪين سگهندا، ليڪن اهو دليل ڪا به قوم پنهنجيءَ آزاديءَ جي راهه ۾ رڪاوٽ نه ٿي سمجهي. ڇا، پکي صرف داڻي خاطر جهنگل جي آزادي ڇڏي پڃري ۾ رهڻ قبول ڪندو؟ نه، هر گز نه! ان وانگر ڪابه قوم ٻين جي ماڙين تي هرکجي، پنهنجي جهوپڙين ڊاهڻ لاءِ تيار نه ٿيندي.
    ڇا افغانستان پنهنجيءَ آزاديءَ تان دستبردار ٿي، هندستان جي زرخيزيءَ مان فائدي وٺڻ خاطر ان سان ملي وڃڻ لاءِ تيار ٿيندو؟
    ان ڪري، پاڪستاني (آزاد) رياستن لاءِ اقتصادي پستيءَ جو ڊپ پيدا ڪرڻ بي معنى ڳالهه آهي. مون کي اميد آهي ته اسان جا هندو ڀائر، جيڪي آزاديءَ جي حصول خاطر هر طرح جون قربانيون ڏئي رهيا آهن، اهي ملڪي حالتن کي مدنظر رکندي “مسلم ليگ جي (1940ع واري) لاهور واري ٺهراءَ” موجب مسلمانن کي سندن اڪثريت وارن صوبن ۾ “آزاد رياستن” ڏيڻ جو اصول قبول ڪري، هندستان جي سياست کي سُلجهائي، آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ رستو صاف ڪندا.
    جناب صدر! آءُ پنهنجي تقرير ختم ڪرڻ کان اڳ هڪ اتفاقي واقعي جو هتي ذڪر ڪندس. اڄ 3 مارچ، هندستان جي عظيم هستي مهاتما گانڌيءَ جي “ورت” (روزي) ختم ڪرڻ جو ڏينهن آهي، جنهن ساري زندگي هندو مسلم اتحاد کي قائم ڪرڻ لاءِ جدوجهد پئي ڪئي آهي. مون کي اميد آهي ته مهاتما کي هيترين ڪوششن کان پوءِ محسوس ٿيو هوندو ته ملڪ جي پست حاليءَ جي ڪري “وحدت هندستان” (United India) پيدا ٿيڻ جو آسرو نه آهي، جيستائين ڪِ ڪجهه عرصي گھذرڻ کان پوءِ ان لاءِ حالتون سازگار ٿين.
    هندستان کي ڌارين جي غلاميءَ کان آزادي ۽ سامراجي حڪومت کان نجات تڏهن ئي حاصل ٿي سگهندي، جڏهن مسلم اڪثريت وارن صوبن ۾ مسلمانن جي جدا آزاد حڪومتن بپا ڪرڻ جو اصول قبول ڪيو ويندو. هر اُها ڪوشش، جيڪا باهمي سمجهوتي کان سواءِ سڌو انگريزن سان مسئلي حل ڪرڻ ذريعي ڪئي ويندي، سا معاملي کي درست ڪرڻ بدران پاڻ بگاڙيندي ۽ ملڪ ۾ انگريزي سامراجي حڪومت جي عرصي کي گهٽائڻ بدران وڌائڻ جو باعث بنجندي”.
    [پڙهي ڏسو: سنڌ اسيمبليءَ جي ڪاروائي، 3 مارچ 1943ع ].
    هن ٺهراءَ کي اجلاس ۾ موجود جملي حاضر مسلمان ميمبرن جي تائيد حاصل هئي. خانبهادر الهه بخش ڪراچيءَ ۾ ڪو نه هو، ٻن هندو وزيرن ۽ هڪ ان جي پارليامينٽري سيڪريٽريءَ مخالفت ڪئي، آزاد هندو گروپ جا ميمبر احتجاج طور اسيمبلي ڇڏي ٻاهر هليا ويا.
    هتي هيءَ ڳالهه واضح ڪندو هلان ته سر حاجي عبدالله هارون جي وفات سبب سنڌ مسلم ليگ جون واڳون. خانبهادر ايوب کهڙي ائڪٽنگ صدر جي هٿ ۾ آيون. جڏهن خانبهادر کهڙو روينيو وزير ٿيو، ان وقت اسان مان جيڪي مسلم ليگ ۾ ترقي پسند ڪارڪن هئا، تن مسلم ليگ کي عوام جي مفادن جي رکپال ۽ صحيح نمائنده جماعت بنائڻ گهريو ٿي ۽ چاهيو ٿي ته ليگ جي ڪاروباري نظام کي وزارت جي اثر ۽ ضابطي کان آزاد رکڻ لازمي هو ۽ مسلم ليگ وزيرن کي جماعت جي ماتحت رهي ڪم ڪرڻو هو. پر خانبهادر کهڙو اسان جي ان راءِ جي ابتڙ قائم مقام صدر جي حيثيت ۾ وزارت سان گڏ هو. ان عرصي ۾ مسلم ليگ جي چونڊن (1943) جو جيئن وقت نزديڪ ايندو ويو، تيئن ترقي پسند ۽ قدامت پسند گروپ ۾ رساڪشي شروع ٿي وئي، ترقي پسند گروهه شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي اڳواڻي ۾ ڪم ڪري رهيو هو. انهن اختلافن جي نبيري لاءِ اسان 23 اپريل 1943ع تي آل انڊيا مسلم ليگ ورڪنگ ڪاميٽيءَ جي دهليءَ واري اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ويا سون ۽ وزارت جي عوام مخالف ڪمن جي شڪايت ڪي سون، پر جناح صاحب شڪايتن تي ڌيان نه ڏنو ۽ ان مسئلي تي سنڌ ۾ اچي صورتحال جو جائزو وٺڻ جو واعدو ڪيائين.
    اتان سنڌ موٽڻ کان پوءِ هڪ وڏو تاريخي سانهو، الهه بخش سومري جي شهادت، عمل ۾ آيو، جنهن سڄيءَ سنڌ سان گڏ مون کي تمام وڏو صدمون رسايو. اسان جا مرحوم سان سياسي مسئلن تان ڪافي اختلاف هئا، پر هيءُ سنڌ جو محب وطن سياستدان ۽ سچو سپوت هو، پر اسان سندس زندگيءَ ۾ کيس صحيح طرح ڪو نه سڃاتو. شهيد الهه بخش مضبوط ارادي جو مالڪ، قابل سياستدان ۽ سچو دوست هو. 1942ع ۾ ڪئٽ انڊيا تحريڪ دوران سنڌ ۽ پوري برصغير ۾ انگريز جي دٻاءَ ۽ تشدد واري پاليسين خلاف الهه بخش احتجاج طور پنهنجا لقب، خانبهادري ۽ او.بي.اي (Order of British Empire) جا انگريزن کي 26 سيپٽمبر 1942ع تي، وائسراءِ کي هڪ خط لکي واپس ڪيا. جنهن تان کيس ڊسمس ڪري، سر غلام حسين جي هٿ هيٺ نئين مسلم ليگ وزارت کي وجود ۾ آندو ويو هو.
    سندس وائسراءِ کي لکيل خط جا ٽڪرا تاريخ جو رڪارڊ هئڻ سبب هتي ڏيان ٿو:
    “......... مون فيصلو ڪيو آهي ته برٽش سرڪار کان مليل لقب، ملڪ جي عام راءِ ۽ عقيدن جي مدنظر پاڻ وٽ رکي نه ٿو سگهان ۽ موٽائي ڏيان. هندستاني ملڪي آزاديءَ لاءِ گهڻي وقت کان جدوجهد ڪندا رهيا آهن، موجوده جنگ شروع ٿيڻ بعد اميد هئي ته جن اصولن جي بنياد تي اتحادي قوتون فسطائي حڪومتن سان وڙهي رهيو هيون، انهن جي مدنظر هندستان کي آزادي ڏئي، ان کي جنگ ۾ آزادانه طور حصي وٺڻ جو فخر ڏنو ويندو، پر ائين نه ڪيو ويو.
    “اهو منهنجو ايمان آهي ته هندستاني آزادي حاصل ڪرڻ جو حق رکن ٿا. برٽش سرڪار جي بيانن ۽ عمل مان اهو ثابت ٿي رهيو آهي ته هو هندستان جي مختلف سياسي پارٽين کي ٺهڻ ۾ رڪاوٽون وجهي، پنهنجو سامراجي تسلط ملڪ تي قائم رکن ٿا. تازو برٽش سرڪار جي وزيراعظم مسٽر ونٽس چرچل جي ديوان عام ۾ ڪبل تقرير هندستان جي باشعور ۽ قومپرست ماڻهن ۾ نهايت نااميدي پيدا ڪئي آهي، ان مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته انگريز هندستان کي آزاد ڏيڻ جو ڪو به ارادو نه ٿا رکن، ان ڪري آءُ اهڙيءَ حڪومت طرفان ڏنل لقب پاڻ وٽ نٿو رکي سگهان، ۽ موٽائي موڪليان ٿو.”
    خانبهادر قومپرست مسلڪ جو سياستدان هو، هن اپريل 1940ع ۾ دهليءَ ۾ “مسلم آزاد ڪانفرنس” جي صدارت ڪندي؟ جيڪي خيال ظاهر ڪيا هئا، اهي تاريخ جو رڪارڊ آهن. ان کان سواءِ سندس مون سان ٿيل ان گفتگوءَ جو ڪجهه حصو هتي ڏيڻ تاريخ جي رڪارڊ جي درستيءَ لاءِ ضروري ٿو سمجهان، جيڪا منهنجي انهن پڇيل سوالن جي جوابن ۾ ٿي هئي، ته:
    1. جناح سان سندس ڪهڙا ختلاف آهن؟ 2. ڪانگريس ۽ مسلم ليگ بابت ڪهڙي راءِ اٿو؟ 3. علامه اقبال جي 1930ع واري خطبي ۽ 1940ع ۾ لاهور ٺهراء بابت اوهان جو ڪهڙو رايو آهي؟
    1 : “جناح صاحب جو مسلمانن کي مذهب جي بنياد تي جدا قوم وارو تصور ۽ ان جي آڌار تي ملڪ جي ورهاڱي ڪرڻ وارو سوال مونکي قبول نه هو. اهو نظريو غير اسلامي، فرسوده ۽ دنيا جي موجوده تسليم ڪيل قومي نظرين مطابق صحيح نه هو..... ! ”
    2 ..... ڪانگريس ۽ مسلم ليگ ٻئي آل انڊيا جماعتون آهن، جيڪي سنڌ جي حالات ۽ حقيقتن کان بي خبر آهن. تنهنڪري انهن ۾ شموليت سنڌ جي جداگانه هستي ۽ مفاد لاء نقصانڪار آهي. سنڌين مس مس محنتون ڪري سنڌ کي بمبئيء کان جدا ڪرايو آهي، وري کين اهڙو قدم نه کڻڻ گهرجي جو سندن خودمختياري ختم ٿي وڃي.
    3.... “تون (جي ايم سيد) هينئر سمجهين ٿو ته پاڪستان قائم ٿيڻ سان سنڌ جي سڀني مشقلاتن، مصيبتن ۽ خرابين جو حل حاصل ٿيندو، اهو تنهنجو خيال غلط ۽ ملڪي حقيقتن کان پري آهي. اڳتي هلي توکي معلوم ٿيندو ته اسان جي مصيبتن ۽ مشڪلاتن جي شروعات پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوء ٿيندي. ڊاڪٽر شيخ محمد اقبال جي 1930ع واري آل انڊيا مسلم ليگ جي (الهه آباد واري) خطبئه صدارت کي غور سان پڙهندي ته توکي معلوم ٿيندو ته ان موجب سنڌ جي آزادي ختم ڪري، ان کي پنجاب جي تابع بڻائڻو هو. هن وقت هن توکي هندو عامل جي دماغ ۽ هندو سيٺيي جي لوٽ کسوٽ حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو آهي، پر اڳتي هلي توکي پنجابي سول سرونٽ، سولجر ۽ يو پي جي دماغ جو مقابلو ڪرڻو پوندو ۽ پوء پتو پوندء ته ملڪ جو ورهاڱو مفيد هو يا مضر.”
    4. 1940ع جي ٺهراء بابت چيائين “تون خيالي دنيا ۾ رهين ٿو، انڪري سياست عملي جي طريقي کان غير واقف آهين. سياست عملي ۾ واعدن، ٺهرائن ۽ اصولن کي ڪو پڇي ئي ڪونه. تاريخ پڙهي ڏسندين ته توکي معلوم ٿيندو ته مذهبن جا احڪام، حڪومتن جا عهدنامه، طاقت، حقيقتن شخصي ۽ طبقاتي مفاد جي ضرورتن ۽ مڪاني حالات جي گهرجن ۽ تقاضائن پٽاندڙ اڪثر ڪري قربان پي ڪيا ويا آهن......
    “اهو پاڪستان جنهن لاء تون رات ڏينهن ڳڻتيءَ ۾ رهين ٿو، سو اڳتي هلي مٿي جو سور ثابت ٿيندءِ. ان مان سنڌي جي آزادي، هندستاني اتحاد ۽ ايشيائي قومن جي امن ۽ ترقي کي خطرو رسندو. ان بدعت جي قيام کان پوءِ وري ان جي پيدا ڪيل خرابين کي دفع ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندءِ!”
    شهيد الهه بخش جي شهادت جي سببن جو پتو پئجي نه سگهيو آهي، ڪن ان کي حُرن جي ڪاروائي قرار ڏنو ته ڪن مسلم ليگ جي انتقامي پاليسيءَ جو نتيجو سڏيو.
    تُرت ئي پوءِ جون 1943ع ۾ مون کي سنڌ مسلم ليگ اتفاق راءِ سان جناح صاحب جي موجودگيءَ ۾ صدر چونڊيو، جنهن عهدي تي حاجي صاحب جي وفات کان خانبهادر کهڙو ڪافي وقت تائين قائم مقام صدر جي حيثيت ۾ رهندو پئي آهي. آءُ جيتوڻيڪ مسلم ليگ جو سرگرم ڪارڪن هئس، پوءِ به مون ڪافي ڪوشش ڪئي ته اهو ذميواريءَ وارو عهدو قبول نه ڪريان، ان ڪري جو مسلم ليگي وزارت عوام جي ڀلي جو ڪم ڪرڻ بدران عهدن سان چنبڙيو رهڻ پسند ٿي ڪيو ۽ پارٽيءَ جي فيصلن جي ڪا به پوئواري نه ٿي ڪئي. ان جي باوجود جناح صاحب جي اصرار تي مون اهو سنڌ مسلم ليگ جي صدر جو عهدو قبول ڪيو ۽ ڪوشش ڪيم ته جيئن وزيرن کي پارٽيءَ جي ماتحت هلائي سگهجي ۽ مسلم ليگ جي پاليسي رجعت پسندن جي هٿ مان ڪڍي عوام جي خادمن ۽ ترقي پسندن جي هٿن ۾ ڏجي. ان لاءِ مون تمام وڏي ۽ ڊگهي جدوجهد ڪئي. وزارت جي بدعنوانين، بي پرواهين ۽ لاغرضين کان وقت به وقت جناح صاحب کي خطن / رپورٽن رستي ۽ روبرو واقف ڪندو رهيس. پر ڪو به کڙ تيل نه ٿي نڪتو، ڇو ته انهن سڀني بيمارين جي پاڙ ليگ جي هاءِ ڪمان جي ذهنيت ۾ کتل هئي، ان ڪري ڪو به تدارڪ ٿي نه ٿي سگهيو ۽ عام راءِ جمهوري فيصلن ۽ سنڌ جي صوبائي قيادت جي اپيلن ۽ فيصلن جو، ليگ جي هاءِ ڪمان جي آمرانه ذهنيت ڪو به اثر قبول نه ٿي ڪيو. پوءِ به آءُ پنهنجي سر ۽ پنهنجي مخلص دوستن جي ذريعي ليگ کي سڌارڻ ۽ ان ۾ اصلاح آڻڻ جي ڪوشش ڪندو ٿي رهيس. مُنهنجي انهيءَ ڪوشش ۽ ليگ جي روش کي ڏسي منهنجي هڪ رفيقِ ڪار پير علي محمد راشديءَ مون 15 نومبر 1943ع تي دهليءَ مان هڪ دردمندانه خط لکيو، جنهن جا ڪجهه ٽڪرا هت درج ڪريان ٿو :
    “تون پنهنجي 1938ع جي خيالن تي نظر ڪر ۽ ويچاري ڏس ته 1943ع ۾ به تون انهن ساڳين اعلى مقصدن لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهين، جي انهيءَ وقت تنهنجي اڳيان هئا يا تون انهن ڇهن سالن ۾ اصل اصولن کي ڇڏي پري وڃي پيو آهين؟ تو سياسي زندگي غريبن کي ظالمن جي چنبي کان ڇڏائڻ، مسلمانن جي جماعتي زندگي پاڪ صاف ڪري ترقي ڏيارڻ، ڳوٺاڻن کي قانوني سختين ۽ خرابين کان بچائڻ، ڍلن گهٽائڻ، ڪامورن جي رشوت ۽ رسائيءَ کي بند ڪرڻ لاءِ شروع ڪئي. انهيءَ وقت جون تحريرون ۽ تقريرون ياد ڪر ۽ پنهنجا هن وقت جا ڪم ۽ ڦلهڙي پاليسيءَ تي به نظر ڪر ته توکي تفاوت معلوم ٿيندو:
    اين راهه ڪه مي روي بترکستان است!
    [جنهن راه سان تون وڃي پيو، سا ته ترڪستان جي راه آهي]
    مون کي معاف ڪجانءِ جيڪڏهن آءُ توکي ياد ڏياران ته ڇهن سالن جي محنتن ۽ جفاڪشيءَ بعد تون ڪٿي وڃي پهتو آهين. ڇا تو پاڻ کي انهن طاقتن ۽ خرابين جو اوزار نه بنايو آهي، جن جي ختم ڪرڻ کي تو پنهنجيءَ حياتيءَ جو مقصد ڪري ورتو هو؟، آخر صوبي جي سياست ۾ تنهنجي موجوده پوزيشن ڪهڙي آهي.
    ڪرسي مرابَدِه و کفش برسربزن
    [ڪرسي ڏئي، مٿي تي موچڙا هڻندا رهو]
    تو کي ان پوزيشن ۾ ان مراد سان رکيو ويو آهي ته هو پنهنجا راڱا ڪندا رهن ۽ تون عوام وٽ سندن گيت ڳائي، کين طاقت ۾ رکندو اچين ۽ هو تنهنجن 1938ع جي مقصدن ۽ مرادن تي پاڻي ڦيري ڇڏين، رشوتون وٺن ۽ طرح طرح جا برا ڪم ڪن ۽ تون هنن کي پناهه ڏين. ماڻهن اڳيان انهن جي عيبن کولڻ ۽ اپٽار ڪرڻ بدران انهن جي پرده پوشي ڪري کين قوم جو خادم ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪرين. اهو سڀ مسلمانن جي اتحاد ۽ اتفاق جي نالي ۽ پاڪستان جي پڙدي ۾ ٿي رهيو آهي. ڄڻ ته اسلام جو حڪم آهي ته ان جي نالي ۾ جماعتون ٺاهي، کين بڇڙائيءَ جو اڏو ڪري، ڪتب آڻجي. ان تجويز موجب ته خود اسلام کي چورن جي جاءِ پناهه بنائي ڪتب آندو ٿو وڃي. منهنجي بي ايماني ٿيندي، جيڪڏهن توکي صاف چئي نه ٻڌايان ته جڏهن تنهنجي ساري ڪوشش تي نظر ٿو ڪريان ته مون کي ڊپ وٺيو وڃي ته هن وقت اهي ڪوششون مسلمان عوام جي فائدي بدران انهن جي دشمنن کي زور وٺائڻ لاءِ ڪتب اچي رهيون آهن تون پنهنجن اصولن کان هيٺ ڪري پيو آهين. جيڪڏهن مسلم ليگ اسان جي حقن جو رکپال اهڙن ماڻهن (وزيرن) کي ڪرڻ واري آهي، جي عوام جا دشمن آهن، ته پوءِ اسان جي زندگيءَ ۾ سڌاري جي اميد رکڻ اجائي آهي. اسان جا پويان نسل اسان کي اصول پرستن جي آڙ ۾ ٺڳ ۽ بيوقوف ڪري سمجهندا، جن هڪ طرف وڏيو ڳالهيو ڪيون ته ٻئي طرف انهن جي پاڙ پٽڻ لاءِ اسباب پيدا ڪيا. جيڪڏهن پاڪستان سٺي شيءِ آهي ته اهو برائيءَ جي وسيلي هٿ اچي نه سگهندو. چڱائي برائيءَ جي وسيلي هٿ اچي نه سگهندي. منهنجي توکي نماڻي صلاح آهي ته جيڪڏهن تو ۾ 1938ع وارن اعلى مقصدن تي هلڻ جي طاقت نه رهي آهي ته ڪم از ڪم تون پاڻ کي انهن جي زبون ڪرڻ جو ذريعو نه بناءِ. توکي هر ڳالهه 1938ع واري مقرر ڪيل سياسي معيار مطابق ڪرڻ گهرجي ۽ جيڪا به ڳالهه ان معيار کان هيٺ هجي، تنهن جو مڙس ٿي مقابلو ڪرڻ گهرجيئي، پوءِ کڻي ٻيا سڀ رفيق تو کي ان مقابلي ۾ ڇڏي وڃن ۽ تون اڪيلو رهجي وڃين. جيڪڏهن زمانو تنهنجي اعلى اصولن ۾ رنڊڪ وجهي ته ان سان به لڙڻ گهرجيئي. رواجي ماڻهو ( پوءِ کڻي هن وقت ڪهڙي به درجي تي هجن) سال ٻن ۾ پاڻهي مٽجي ويندا.
    اگر غم لشڪرِ انگيزو خونِ عاشقان ريزد،
    من و ساقي بهم سازيم که بنيادش براند ازيم.
    جيڪڏهن ڏک جو لشڪر حملو ڪري، عاشقن جو رت وهائي،
    پر جي ساقيءَ جو مون سان ساٿ هجي ته ان جا بنياد ڊاهي ڇڏيون.
    مون تنهنجي گذريل ٻن سالن جي سموري سياسي ڪارگذاريءَ تي نظر ڊوڙائي آهي ته اها هڪ عجيب مٿائينءَ تان هيٺ ڪري رهي آهي. تو هڪ انقلابي ۽ سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن جي علمبردار جي درجي تان لهي رشوتخور ۽ رجعت پسند طبقي جو پاڻ کي اوزار بنايو آهي. پنهنجي نئين رنگين لباسِ پريزيڊنسيءَ تي ڀُلجي نه وڃ! غور ڪري ڏس ته پتو پوندئي ته اڳي جنهن شيءَ جو مقابلو ٿي ڪيئه، هاڻ تون ان کي اسلام جي نالي مدد ڪندو ٿو وتين.
    يا به آن شورا شورِي يا به اين بي نمکي.
    هاڻ توکي هنن ڪفن چورن پنهنجيءَ جماعت جو نالي خاطر سردار کڻي مقرر ڪيو آهي. هنن ڇا وڃايو. تنهنجي ضمير خريد ڪرڻ لاءِ اها ٿوري قيمت ڏيڻ ڪا مشڪل ڳالهه ڪا نه هين. مون کي اڄ ڪلهه عجب لڳي ٿو ته ڪيئن نه تنهنجي ضمير مٿان بي سمجهيءَ جو پردو چڙهي ويو آهي. ٿوري وقت کان مون کي هڪ مهلڪ دل جي بيماري ٿي آهي، شايد آءُ ڪنهن وقت مري وڃان. ان ڪري هيءُ خط لکيو اٿم ته پنهنجيءَ دل جا بخار، جي گهڻي وقت کان مون کي ستائيندا رهن ٿا، تن کي جهڪو ڪريان. آءُ تو کي صرف هيءُ چوندس ته جنهن رستي تان تون وڃين رهيو آهين، تون به دلشڪستو ٿي شايد مري وڃين ۽ تنهنجيءَ قبر تي هيءُ ڪتبو هوندو ته:
    “هن جڳهه تي اهو انسان رکيل آهي، جنهن شر جي ذريعي خير کي هٿ ڪرڻ گهريو ٿي. جنهن جي ابتدا انقلابي هئي ته ان جي انتها رجعت پسندي هئي. جنهن جي، ملڪ جي معاملي ۾ جدوجهدن، چٽائيءَ عيوض گهمراهي پيدا ڪئي”.
    هيءُ خط منهنجي هڪ پراڻي رفيق پير علي محمد راشديءَ جو هيو، جيڪو 28 سالن کان منهنجو ساٿي هو، جنهن مسلم ليگ جي پاليسين کي چڱي طرح سمجهي، مون کي تنبيهه ڪي هئي ۽ ان تنبيهه مون تي ڪافي اثر به وڌو. پر اڃان به منهنجي ذهن ۾ اها ڳالهه ويٺل هئي ته آءُ جماعت کي درست ڪري ويندس ۽ ان کي صحيح معنى ۾ عوام جي خدمتگار جماعت بنائيندس، ان ڪري مون ان خط کي ان وقت گهربل اهميت نه ڏني ۽ پنهنجي تنظيمي ڪم ۾ لڳو رهيس. سگهوئي پوءِ آل انڊيا مسلم ليگ جو آخري اجلاس، ڪراچيءَ ۾ ڪوٺايوسين، ڪيترن مهينن جي مسلسل ڪوشش کان پوءِ هن اجلاس کي شايان شان نموني سان ڪري سگهيا سون ۽ حقيقت هيءَ آهي ته سنڌين پنهنجي روايتي مهمان نوازيءَ جو ان موقعي تي ڀرپور مظاهرو ڪيو ۽ اجلاس انتظامي طرح انتهائي ڪامياب ويو. مسلم ليگ جو آل انڊيا مسلم ليگ جي حيثيت ۾ اهو آخري اجلاس هو، ان کان پوءِ ان جو ڪو به ساليانو اجلاس نه ٿيو.
    مسلم ليگ نواب بهادر يار جنگ جي تقريرن سان زندهه هئي ۽ انهيءَ وقت کان ٿورو پوءِ ئي نواب صاحب انتقال ڪري ويو، ۽ ان سان آل انڊيا مسلم ليگ جي ڄڻ پڄاڻي ٿي وئي.
    انهيءَ اجلاس ۾ هڪ ڪاميٽي، ڪاميٽي آف ائڪشن نالي سان مقرر ڪئي وئي، جنهن ۾ ٻين سان گڏ مون کي به کنيو ويو. ان ڪاميٽيءَ جو چيئرمين نواب اسماعيل خان هو، جڏهن ته سيڪريٽري لياقت علي خان کي مقرر ڪيو ويو ۽ ميمبرن ۾ آءُ، نواب افتخار حسين ممدوٽ، سيٺ عبدالستار مدراس وارو ۽ قاضي محمد عيسى هئاسون. ان ڪميٽيءَ 2 فيبروري 1944ع تي گڏجاڻي ڪري، ٻي هڪ ڪاميٽي مقرر ڪئي، جنهن تي هندستان جا ڪيترائي عالم ۽ سياستدان مقرر ڪيا ويا جن ۾ چوڌري خليق الزمان، مولانا عبدالوهاب، جمال ميان فرنگي محلي، مولانا عبدالحامد بدايون، سيد حاجي علي اڪبر شاهه، مولانا غلام مرشد صاحب خطيب جامع مسجد لاهور، علامه آءِ.آءِ قاضي، راجا صاحب محمود آباد، مولانا اڪرم خان آف بينگال شامل هئا. ان ڪميٽيءَ جو ڪم هو ته جاچ ڪري ٻڌائي ته مسلمانن ۾ سچو اسلامي روح ڪيئن پيدا ڪجي ۽ مسلم سوسائٽيءَ کي غير اسلامي رواجن ۽ اٿرات کان ڪيئن آجو ڪري سگهجي. ان ڪميٽيءَ جو ڪنوينر مون کي مقرر ڪيو وي. مون هڪ سوالنامون ۽ خط طيار تيار ڪري، هندستان جي گوشي گوشي ۾ صوبائي مسلم ليگن معرفت سوين بهترين عالمن ڏانهن موڪليا. سوال نامي جو متن هيءُ هو:
    سوال نامو
    مسلم فيلسوفن، عالمن ۽ مفڪرن کان جن نقطن تي روشني ۽ رهبريءَ جي ضرورت آهي، سي هيٺيان آهن:
    ڪهڙن طريقن، بنيادن ۽ اصولن تي اسلام احڪامن ۽ روايات کي نظر ۾ رکي، مسلمانن جي سماجي، سياسي، اقتصادي زندگي تبديل ڪري سگهبي، تنهن لاءِ مهرباني ڪري هيٺين سوالن جا مفصل جواب ڏيو:
    (الف) اهڙي تجويز ڏيو، جنهن مطابق مسلمانن جي مختلف فرقن جي عقائد کي گڏي، کين منظم ڪري هڪ پليٽ فارم تي آڻي، متحده قوم بنائي سگهجي.
    (ب) مسلم سوسائٽيءَ کي ترقي پذير ۽ خوشحال بنائڻ لاءِ اسلامي اصولن کي نظر ۾ رکي، هڪ اقتصادي منصوبي جي تجويز ڏيو.
    (ت) جڏهين هندستاني مسلمانن کي جدا قومي رياست حاصل ٿئي ته ان ۾ معاشري جي تبديلِ حالات جي مدنظر، مذهب ۽ سياست کي گڏي هلائڻ جي ڪا تجويز ذهن ۾ اٿو؟ جي ها، ته اها ممڪن العمل ٿي سگهندي؟
    (ث) اسلامي اصولن ۽ روايتن کي نظر ۾ رکي ڪا سماجي، ڪلچرل ۽ تعليمي بهتريءَ لاءِ اسڪيم پيش ڪري سگهو ٿا يا نه؟ جي ها، ته اها ڏيو.
    (ج) مسلمانن جي موجوده مختلف فرقن، طبقن، نقطه نگاهن، جذبات، تعصبات ۽ مستقل مفاد کي نظر ۾ رکي، سندن مذهبي ذريعن کي هڪ مرڪزي نظام هيٺ آڻڻ لاءِ اهڙي تجويز ڏيو، جا اختلاف جو باعث نه بنجي.
    انهن اهم عالمن ۽ فاضلن مان ڪجهه هي هئا :
    (1) هزهائينس سر آغا خان، خواجه فرقي اسماعليه جو اڳواڻ.
    (2) سيدنا سيف الدين طاهر، بوهرا فرقي اسماعليه جو اڳواڻ.
    (3) علامه عنايت الله خان مشرقي، خاڪسار تحريڪ جو اڳواڻ.
    (4) مولانا ابوالڪلام آزاد
    (5) خواجه حسن نظامي.
    (6) مولانا حسين احمد مدني.
    (7) مختلف ڪاليجن ۾ فلسفي جا مسلم پروفيسر.
    (8) ڪاميٽيءَ جا ميمبر.
    (9) مکيه عربي مدرسن جا مهتمم ۽ جامع مسجدن جا خطيب.
    جواب ۾ هندستان جي مختلف حصن مان ڪيتريون ئي ڪارائتيون ڳالهيون مون کي موصول ٿيون، پر اهي اُتي ئي رهجي ويون، ڇو ته ليگ ۾ اهڙين شين جي گنجائشئي ڪٿي هئي. اها ته اقتدار پرستن جو اسلام جي نالي ۾، مستقل مفادن جو انبوهه هئي، ان ڪري انهن ڳالهين تي ويچارڻ ۽ انهن مطابق اسلامي معاشري جي تعمير خود سندن گروهي ۽ طبقاتي مفادن جي خلاف هو.
    هاڻي آئون صوبائي مسلم ليگ جي سياست جي اختلافن ۾ وڪوڙجي ويو هوس، ڇو ته منهنجو پراڻو رفيقِ ڪار ۽ بهترين سياستدان شيخ عبدالمجيد سنڌي مسلم ليگ جي افعالن کان بد دل ٿي، ان جي بنيادي ميمبر شپ تان استعيفا ڏئي ويو هو. هاڻي مخلص ۽ ترقي پسند ڪارڪنن جي رهنمائيءَ جو سمورو بار مون تي اچي پيو. هوڏانهن وزارت ۽ اسيمبليءَ جا ميمبر پنهنجي من مستين ۽ عوام دشمنيءَ جي ڪمن ۾ رڌل رهيا ۽ 1944ع جو سمورو سال مون تنظيمي ڪم ۾ صرف ڪيو. پر آءُ ڪا به بهتري پيدا نه ڪري سگهيس ۽ نه ئي منهنجي بار بار جي ياد دهانين تي ليگ جي هاءِ ڪمانڊ ڪو ڌيان ئي ڏنو. پر پوءِ به مون مسلم ليگ مان هٿ ڪڍڻ مناسب نه ڄاتو، ڇو ته مون سمجهيو ٿي ته منهنجي نڪري وڃڻ سان سنڌ مسلم ليگ بلڪل ئي مفاد پرستن ۽ عوام دشمنن جي ٻانهي بنجي ويندي، جنهن کي جهڙيءَ طرح هو چاهيندا، استعمال ڪندا رهندا. ان ساري عرصي ۾، ليگ ۾ جيڪي ڪجهه وهيو واپرايو ٿي ۽ ان لاءِ مون جيڪا جدوجهد ڪئي ٿي، ان ۾ هڪ طرف مون کي سنڌ جي مخلص ۽ بي لوث ڪارڪنن جو تعاون حاصل هو ته ٻئي طرف سموري برصغير مان ترقي پسند ۽ مخلص ڪارڪنن جو سهڪار ۽ حوصلي افزائي پڻ ملندي رهي ٿي، ان ڪري آءُ نااميد نه ٿيو هوس.
    صوبه سنڌ مسلم ليگ ۽ وزارت جا اختلاف چوٽ چڙهي چُڪا هئا، آئون ناتجربيڪاريءَ ۽ سادگيءَ سبب انهيءَ اثر هيٺ رهندو آيس ته جناح صاحب کي جيڪڏهن روبرو ڳالهين جو پتو پوندو ته هو حالتن کي درست ڪرڻ لاءِ ضرور قدم کڻندو. ان ڪري هر ٽن مهينن بعد صوبائي مسلم ليگ طرفان ٽماهي رپورٽ ذريعي آل انڊيا مسلم ليگ جي صدر جناح صاحب کي مڪاني حقيقتن کان واقف ڪندو آيس. ان وچ ۾ 25 جولاءِ 1944ع تي لاهور ۾ جناح سان سنڌ اسيمبلي پارٽيءَ ۽ صوبائي ورڪنگ ڪاميٽيءَ جي ميمبرن جو هڪ وفد ملڻ لاءِ آيو. مون کي وقت وٺي ڏيڻ لاءِ چيو ويو. جناح صاحب ساڻن ملڻ کان انڪار ڪيو ۽ مون کي چيائين ته “سندن نقطه نگاهه معلوم ڪري، تون اچي مون وٽ پيش ڪر.” جنهن ڪري مجبور ٿي، وفد جي ترجماني مون کي ڪرڻي پئي. مون کيس تفصيلي طرح وزارت جي شڪايتن کان آگاهه ڪيو، پر هن چيو ته “جنگ جو زمانو آهي، سنڌ جو وزيراعلى انگريزن وٽ پسند پيل آهي ۽ هن وقت مسلم ليگ وزارتون، انگريز عملدارن جي مدد سان هلي رهيون آهين، ان ڪري حالتن کي آڏو رکي اوهان کي وزيرن جا اهڙا ڪارناما برداشت ڪرڻا آهن، ۽ وزارت صرف مرڪزي هاءِ ڪمانڊ (جناح) وٽ جوابدار آهي، ان ڪري صوبائي مسلم ليگ کي اسيمبلي پارٽين جي وزارتي ڪاروبار ۾ دست اندازي نه ڪرڻ کپي ۽ هر حالت ۾ وزارت کي قائم رکڻ گهرجي!!”
    ان تي مون کيس چيو ته “ آءُ اها حيثيت قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيان، نه صوبائي مسلم ليگ جي اڪثريت ۽ مسلم ليگ اسيمبلي پارٽيءَ جو باغيرت گروهه اها ڳالهه قبول ڪندو.” ان تي ڪاوڙجي ڳاڙهو ٿي ويو ۽ چيائين ته “آءُ اهڙي گفتگو ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهيان.” ان تي مون کيس چيو ته “سنڌ مان مسلم ليگ جو وفد ۽ آءُ اوهان وٽ صوبي جو ڪيس ان اميد تي پيش ڪرڻ آيا هئا سون ته مسلم ليگ جي وڏي ۾ وڏي جج سامهون پنهنجو نقطه نگاهه پيش ڪري انصاف حاصل ڪنداسون، پر مون کي افسوس سان ظاهر ڪرڻو پوي ٿو ته هتي اچڻ کان پوءِ مون کي اهو معلوم ٿيو آهي ته مون سنڌ (صوبي) جو ڪيس هڪ منصف مزاج جج جي سامهون ڪو نه پيش ڪيو آهي، پر سر غلام حسين جي ڊفينس ڪائونسل اڳيان پيش ڪيو آهي”. ان تي جناح ڳاڙهو ٿي ويو ۽ چيائين ته “مسلم ليگ جي مرڪزي صدر آڏو اهڙي گستاخانه گفتگوءَ لاءِ معافي وٺ”. جنهن جي وٺڻ کان مون انڪار ڪيو ۽ هو ڪاوڙجي ڪمري ۾ هليو ويو. اها ڳالهه مون وفد سان ڪئي، جن تمام گهڻي ناراضگي ڏيکاري ۽ مسلم ليگ ڇڏڻ لاءِ تيار ٿي ويا، پر مون کين ائين ڪرڻ نه ڏنو. ڇو ته سمجهيم ته اها تڪڙ، اصل مقصد (پاڪستان) کي نقصان رسائيندي.
    انهن ئي حالتن ۾ مٿان 1945ع جو سال اچي پهتو. ٻي مهاڀاري لڙائي ختم ٿي. برٽش سرڪار پاران وائسراءِ هند لارڊ ويل کي هندستان جي ليڊر سان سمجهوتي ڪرائڻ ۽ هندستان ۾ عارضي حڪومت ٺاهڻ جا اختيار ڏنا ويا ۽ هن 25 جون 1945ع تي شملي ۾ هندستاني ليڊرن جي ڪانفرنس سڏائي. ان کان اڳ ڪانگريس ورڪنگ ڪاميٽيءَ جا باندي ميمبر، 15 جون 1945ع تي آزاد ڪيا ويا هئا ۽ وائسراءِ هند لارڊ ويل 14 جون 1945ع تي هڪ بيان جاري ڪيو هو، جنهن جا اهم ٽڪرا هيٺ ڏجن ٿا :
    “هندستانين کي نئين آئين ٺاهڻ واسطي سمجهوتي اچڻ لاءِ سڏ ڏيڻ واسطي برٽش سرڪار تمام منتظر آهي. برٽش سرڪار پنهنجي طرفان هندستانين تي ڪوبه آئين مڙهڻ نه ٿي گهري ۽ اها (سرڪار) هندستان جي مکيه جاتين ۾ سمجهوتن ٿيڻ کان سواءِ آئين ۾ ڪابه تبديلي آڻڻ جو ارادو نه ٿي رکي. مٿي ذڪر ڪيل راين جي باوجود عارضي وقت لاءِ ڪي تجويزون مکيه پارٽين جي قبولڻ لاءِ پيش ڪري، جنگ جي ڪاميابيءَ لاءِ ڪم آڻڻ چاهي ٿي.
    برٽش سرڪار جي رٿ آهي ته وائسراءِ هند پنهنجي ائگزيڪيوٽو ڪائونسل نئين سر مرتب ڪري، جنهن ۾ هندستان جي مکيه پارٽين مان هندن ۽ مسلمانن کي هڪ جيترا نمائندا ڏنا ويندا. ان سلسلي ۾ وائسراءِ سڀني سياسي پارٽين جي ڪانفرنس سڏائي، سندن مشوري سان ايگزيڪيوٽو ڪائونسل تي نمائندن جي چونڊ ڪندو. اهي سڀئي ميمبر، وائسراءِ ۽ ڪمانڊر انچيف کان سواءِ، سڀ هندستاني هوندا وغيره.”
    ان سلسلي ۾ ڪانگريس ۽ مسلم ليگ پنهنجي پنهنجي ورڪنگ ڪاميٽيءَ جي ميمبرن جون گڏجاڻيون شملي ۾ سڏايون. مسلم ليگ ورڪنگ ڪاميٽيءَ جي ميمبر هئڻ سبب مون کي به شملي وڃڻو پيو. آءُ صلاح مصلحت لاءِ سنڌ مان پاڻ سان علي محمد شاهه راشدي، يوسف هارون، هاشم گزدر ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ کي به پاڻ سان وٺي ويس.
    25 جون تي شملي ڪانفرنس ۾ هيٺين اهم اڳواڻن شرڪت ڪئي:
    1. مولانا ابوالڪلام آزاد ________ پريزيڊنٽ، انڊين نيشنل ڪانگريس
    2. پي ـ اين ـ بيئنر جي ________ نيشنلسٽ پارٽي.
    3. ڀلوڀائي ڊيسائي ________ ليڊر، ڪانگريس اسيمبلي پارٽي.
    4. سر غلام حسين هدايت الله ________وزيراعلى سنڌ.
    5. مسٽر حسين امام ________ ليڊر، مسلم ڪائونسل اسٽيٽ پارٽي.
    6. محمد علي جناح ________ پريزيڊنٽ، آل انڊيا مسلم ليگ.
    7. نوابزاده لياقت علي خان ________ ڊپٽي ليڊر مسلم ليگ، اسيمبلي پارٽي.
    8. سر خضر حيات ٽوانه ________ وزير اعلى پنجاب.
    9. بي ـ جي کير ________ اڳوڻو وزيراعلى بمبئي.
    10. ج ـ ايس موتي لعل ________ انڊين نيشنل ڪانگريس.
    11. خواجه ناظم الدين ________ اڳوڻو وزيراعلى بنگال.
    12. پنڊت جي . بي پنت ________ اڳوڻو وزيراعلى گڏيل علائقا.
    13. مهاراجا پارلڪنڊي ________ اڳوڻو وزير اعلى اوڙيسا.
    14. راجا گوپال آچاريا ________ اڳوڻو وزير اعلى مدراس.
    15. مسٽر هينري رچرڊس ________ ليڊر، يورپين گروپ .
    16. سر سيد محمد سعدالله ________ وزير اعلى آسام .
    17. ڊاڪٽر خانصاحب ________ وزير اعلى سرحد.
    18. مسٽر آر . ايس شڪلا ________ وزير اعلى سينٽرل علائقا.
    19. ماستر نارا سنگهه ________ ليڊر، اڪالي دل (سک گروهه) .
    20. مسٽر ايس ـ ڪي سنها ________ اڳوڻو وزير اعلى صوبه بهار.
    21. اين ـ جي شوراج ________ ليڊر، شيڊيو لڪاسٽ .
    ان ڪانفرنس جون ڪيتريون ئي ويهڪون ٿيون. جن ۾ برٽش سرڪار پاران رٿ پيش ڪئي وئي ته هندستان جي مڪمل آزادي ۽ آزاد هندستان لاءِ نئين آئين ساز اسيمبليءَ جي چونڊ تائين هڪ عبوري حڪومت قائم ڪئي وڃي، جنهن ۾ ليگ ۽ ڪانگريس جي هڪ جيتري نمائندگي هجي ۽ باقي ميمبر اڇوتن، يورپين وغيره مان کنيا وڃن.
    انهيءَ موقعي تي مون کي مسٽر آصف علي ۽ پنڊت پنت ٻڌايو ته، جناح، انگريزن جي چُرچ تي عبوري حڪومت جي راهه ۾ رڪاوٽون وجهي رهيو آهي. جيئن ته انگريزن جي راءِ آهي ته ان عبوري حڪومت ۾ پنج ميمبر ڪانگريس جا ۽ پنج ميمبر مسلم ليگ جا نامزد ڪرڻا آهن، پر جناح صاحب جو ان ڳالهه تي ضد آهي ته ڪانگريس پنهنجن ميمبرن ۾ ڪنهن به مسلمان کي شامل نه ڪري، ڇو ته اها صرف هندن جي نمائنده جماعت آهي ۽ مسلمان ميمبر جيڪي به نامزد ٿيندا، اهي پنج ئي مسلم ليگ جا مقرر ڪيل هوندا، ڇو ته مسلم ليگ، مسلمانن جي واحد نمائنده جماعت آهي. جيتوڻيڪ ان وقت سرحد، پنجاب ۽ بنگال صوبن ۾ مسلم ليگ جي حڪومت نه هئي، پوءِ جناح صاحب پنهنجي ضد تي برقرار هو. هنن ٻنهي (آصف علي ۽ پنڊت پنت) جو چوڻ هو ته جناح صاحب جو اهوشرط بي واجبي آهي، ڇاڪاڻ ته ڪانگريس هندستان جي قومي جماعت آهي، جنهن جو پريزيڊنٽ به هڪ مسلمان (ابوالڪلام آزاد) آهي. ان صورت ۾ جيڪڏهن ٺاهه نه ٿيندو ته هندستان جي آزاد مستقبل کي نقصان رسندو. ڪانفرنس هلڻ وارو اهو سمورو وقت آءُ شملي ۾ هوس ۽ جناح صاحب نالي ماتر ورڪنگ ڪاميٽيءَ سان صلاح ڪندو هو، پر وائسراءِ ۽ سندس وچ ۾، ۽ ڪانگريس ۽ سندس وچ ۾ جيڪي ڪجهه وهندو واپرندو هو، ان کان ورڪنگ ڪاميٽي قطعاً بيخبر هوندو هئي.
    نواب اسماعيل خان، چوڌري خليق الزمان ۽ راجا صاحب محمود آباد اڳ ۾ جناح صاحب سان ڳالهائي چڪا هئا، پر هو راضي ٿيڻ وارو نه هو. پر جڏهن مون به ساڳي ڳالهه کيس چئي ته “ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته ڳالهيون ناڪام ٿي رهيون آهي، ڪانگريسي سمجهوتي لاءِ تيار آهن، پر اوهان تيار نه آهيو. اسان جو ان ڳالهه سان واسطو نه هئڻ گهرجي ته ڪانگريسي ميمبر مسلمان آهن يا هندو، ڇو ته اهو ڪانگريس جو اندروني مسئلو آهي” ـ ته ان تي جناح صاحب ڪاوڙجي چيو ته “آءُ ثابت ڪرڻ ٿو چاهيان ته ڪانگريس هندو جماعت آهي.”
    اسان جي گفتگوءَ دوران نوابزاده لياقت علي خان اچي نڪتو، جنهن کي جناح چيو ته “راجا صاحب ۽ هي (جي ايم سيد) هڪ ٻئي جي پٺيان اچي، مون کي ڪانگريس سان سمجهوتي ڪرڻ لاءِ مجبور ڪن ٿا، جيڪا ڳالهه مونکي پسند نه آهي.” ان تي نواب زادي کيس چيو ته “سيد صاحب جو رُخ پاليسي ناقابلِ برداشت ٿيندا ٿا وڃن.” مٿان وري غلام حسين هدايت الله به کيس اچي دانهن ڏني. ان تي جناح صاحب مونکي ڳاڙهو ٿي چيو ته “سيد! تنهنجو رويو هاڻي برداشت کان ٻاهر ٿي ويو آهي. بهتر آهي ته پاڻ کي جُدا ٿيڻ گهرجي.”
    بهرحال جناح بضد رهيو، اسان جي ڳالهه نه مڃيائين ۽ سمجهوتي کي ناڪام بنائڻ لاءِ سندرو ٻڌي بيٺو. جڏهن ته اسان هندستان جو مستقبل، ڪانگريس ۽ ليگ سمجهوتي تي مدار رکندڙ سمجهيو ٿي.
    انهيءَ ساڳئي ڏينهن صبح جو، آل انڊيا مسلم ليگ ورڪنگ ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻي ٿي هئي، جنهن ۾ صوبائي مسلم ليگن جا اختيار گهٽائي، مرڪزي آل انڊيا مسلم ليگ کي وڌيڪ اختيار ڏنا ويا ٿي. گڏجاڻيءَ ۾ مون مرڪزي مسلم ليگ کي گهڻن اختيارن ڏيڻ جي مخالفت ڪئي ۽ چيو ته اها ڳالهه صوبائي حقِ خوداختياريءَ خلاف آهي، جنهن لاءِ اسان وڙهي رهيا آهيون. ان ڪري اهو فيصلو اسان مڃڻ لاءِ تيار نه ٿينداسون. ۽ جيڪڏهن زوريءَ اها پاليسي اسان تي مڙهي وئي ته اسان جُدا ٿي وينداسون. لياقت علي خان، جناح کي ان سڄيءَ ڪاروائيءَ کان واقف ڪيو. جنهن تي ئي جناح ترش لهجي ۾ مون کي چيو هو ته “سيد! هاڻي پاڻ جُدا ٿيڻ جي رستي تي اچي پهتا آهيون.” مون ان تي کيس وراڻيو هو ته “جيڪڏهن اها ئي ڳالهه آهي ته ان لاءِ آءُ به تيار آهيان.”
    اهڙيءَ ريت اسان جا اختلاف وڌندا ويا، پر ان وقت ساده دل ۽ ناتجربيڪار هئڻ سبب مسلم ليگ کان جدا ٿيڻ جو فيصلو نه ڪري سگهياسون، نه ته مشڪلاتن ۾ مبتلا ٿيڻ لاءِ پاڻ کي جوابدار ٺهرائڻ جو ارمان نه ٿئي ها.
    اهڙيءَ طرح شملا ڪانفرنس جناح صاحب جي هٺ ڌرميءَ ۽ انگريز نواز پاليسيءَ سبب ناڪامياب ٿي. مولانا ابوالڪلام آزاد، آل انڊيا ڪانگريس جي صدر جي حيثيت ۾ ان وقت بيان ڏنو هو ته “ ڪانفرنس جي ناڪاميابيءَ جي جوابدار مسلم ليگ هئي. جناح صاحب سمورن مسلمان ميمبرن جي نامزدگيءَ جو حق مسلم ليگ لاءِ گهريو ٿي. جيڪڏهن ڪانگريس سندس اها گُهر قبول ڪري ها ته ان موجب اها غير مسلم جماعت شمار ٿئي ها، جيڪا ڳالهه ڪانگريس جي 50 ساله روايات جي خلاف هئي. هو پاڻ مسلمان آهي ۽ ڪانگريس ۾ رهي ڪري، هو اها ڳالهه قبولڻ لاءِ تيار نه هو.”
    ان ڪانفرنس جي ناڪاميابيءَ کان پوءِ اهم ڳالهه اها ٿي ته انگلينڊ ۾ نيون چونڊون ٿيون. جن ۾ مسٽر ونٽسن چرچل جي ٽوري پارٽي هارائي وئي ۽ ان جي جاءِ تي مسٽر ائٽلي جي قيادت ۾ ليبر پارٽي اقتدار ۾ آئي.


    7

    نئين حڪومت سان ننڍي کنڊ جي مستقبل جي باري ۾ صلاح مشورو ڪرڻ لاءِ وائسراءِ هند انگلنڊ روانو ٿيو ۽ هن انگلنڊ وڃڻ کان اڳ ۾ هندستان جي سڀني صوبن جي گورنرن سان هڪ ميٽنگ ڪئي ۽ ان ميٽنگ کان پوءِ هن سياري ۾ هندستان ۾ مرڪزي ۽ صوبائي اسيمبلين جي اليڪشن جو اعلان ڪيو. وائسراءِ 24 اگسٽ 1945ع تي انگلنڊ روانو ٿي ويو، جتي هن تفصيلي طرح برٽش سرڪار سان صلاح مشورا ڪيا، ۽ طئه ڪيو ويو ته نين چونڊن کان پوءِ هندستاني ليڊرن کان هندستان جي نئين آئين بابت رايا ورتا وڃن. اهو طئيه ڪري هو 16 سيپٽمبر 1945ع تي هندستان موٽي آيو ۽ 19 سيپٽمبر 1945ع تي برٽش سرڪار طرفان هيٺيون اعلان جاري ڪيائين :
    “بادشاهه سلامت، نئين پارليامينٽ جي افتتاح وقت تقرير ڪندي پڪو ارادو ظاهر ڪيو آهي ته هندستانين جي صلاح مشوري سان، جلد ۾ جلد کين خودمختيار حڪومت ڏني ويندي. منهنجي لنڊن ۾ رهائش وقت برٽش سرڪار سان ان مسئلي تي مفصل بحث ٿيو آهي. مون اڳيئي اعلان ڪيو آهي ته چونڊون سياري ۾ ڪرايون وينديون. ان کان پوءِ برٽش سرڪار کي اميد آهي ته سمورن صوبن ۾ ڪامياب ٿيندڙ پارٽيون وزارتي جوابداري قبول ڪنديون.
    برٽش سرڪار فيصلو ڪري چڪي آهي ته جلد ۾ جلد آئين ساز اسيمبلي ٺاهي وڃي. هنن مون کي اجازت ڏني آهي ته چونڊن پورين ٿيڻ بعد صوبن جي عيوضين سان مشورو ڪري فيصلو ڪريان ته برٽش سرڪار جي 1942ع واري اعلان ۾ ڏنل تجويزون کين قبول آهن يا نه، يا ڪا ٻي ترميم شده تجويز کين قبول پوندي. هندستاني رياستن جي عيوضين سان به گفتگو ڪئي ويندي ته اُهي ڪهڙي ريت آئين ساز اسيمبليءَ ۾ حصو وٺي سگهندا.
    برٽش سرڪار ان عهدنامي تي به غور ڪري رهي آهي، جيڪو هندستان ۽ سرڪار جي وچ ۾ ڪيو ويندو. انهيءَ عرصي اندر هندستان جي حڪومت موجوده طريقي تي هلائي، ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي تعمير جو ڪم جاري رکيو ويندو. هن کان پوءِ هندستان کي بين الاقوامي معاملات ۾ حصو وٺڻو پوندو.
    برٽش سرڪار مون کي اجازت ڏني آهي ته اليڪشن مڪمل ٿيڻ بعد سڀني پارٽين جي مڪمل حمايت سان ايگزيڪيوٽو ڪائونسل ٺاهي، حڪومت جو ڪاروبار هلايان.
    نئين برٽش سرڪار پنهنجي آڏو وڏن مسئلن هئڻ جي باوجود سڀ کان پهرين هندستان جو سوال هٿ ۾ کنيو آهي، ان مان سرڪار جي ان مسئلي جي ترت حل بابت نيت ۽ ارادي جو پتو پوي ٿو. هندستان جي آئين ٺاهڻ ۽ ان کي عمل ۾ آڻڻ جو مسئلو نهايت مونجهاري واري ۽ مشڪل نظر پيو اچي. ان جي حل لاءِ سڀني پارٽين جي ٿڌي ويچار ۽ همدرديءَ جي ضرورت آهي. هندستان جي راءِ معلوم ڪرڻ لاءِ چونڊون ڪرائڻ ضروري آهن. چونڊن کان پوءِ هندستاني ليڊرن سان گفتگو ڪئي ويندي ته آئين ساز اسيمبليءَ کي ڪهڙي صورت ڏني وڃي. بهترين رستو اهو آهي ته کين موقعو ڏنو وڃي ته پنهنجي مستقبل جو پاڻ فيصلو ڪن. ان رستي ۾ جيڪي مشڪلاتون درپيش آهن، تن کان برٽش سرڪار ۽ وائسراءِ بخوبي واقف آهن. باوجود ان جي اهي ان کي حل ڪرڻ لاءِ مستقل ارادو ڪري چڪا آهن.”
    ساڳئي ڏينهن مسٽر ائٽلي، پرائيم منسٽر انگلنڊ پنهنجي نشري تقرير ۾ پڌرو ڪيوته:
    جيتوڻيڪ مون کي معلوم آهي ته “ڪرپس تجويزون” هندستاني پارٽين قبول نه ڪيون آهن، پوءِ به برٽش سرڪار انهن تجويزن جي بنياد تي وڌيڪ قدم کڻڻ جو ارادو رکي ٿي.
    آءُ اها خاطري ڏياريان ٿو ته هندستان ۽ انگلنڊ جي وچ ۾ ٿيڻ واري عهدنامي ۾ ڪابه اهڙي ڳالهه داخل نه ڪئي ويندي، جيڪا هندستان جي مفادن جي خلاف هوندي،
    آءُ هندستاني ليڊرن کي اپيل ڪريان ٿو ته سڀيئي پارٽيون گڏجي، باهمي رضامنديءَ سان آئين ٺاهين.”
    21 سيپٽمبر 1945ع تي آل انڊيا ڪانگريس ڪميٽيءَ، بمبئيءَ ۾ ٺهراءُ پاس ڪري لارڊ ويل جي اظهار ڪيل تجويزن کي اڻپورو ۽ غيرتسلي بخش قرار ڏيندي ظاهر ڪيو ته مڪمل آزاديءَ کان سواءِ هندستانين کي ڪا به رٿ قبول نه هوندي، هن اجلاس ۾ چونڊن ۾ حصي وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
    ان کان پوءِ سڀني پارٽين چونڊن ۾ حصي وٺڻ لاءِ تياريون ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون. ڪانگريس سندن اڪثريت وارن صوبن ۾ نئين سر وزارتن قائم ڪرڻ جي گهر ڪئي، پر مسلم ليگ ۽ گورنرن طرفان مخالفت ڪرڻ سبب ائين نه ڪيو ويو.
    مسلم ليگ پاڪستان جي سوال تي چونڊون لڙڻ گهريون، ان کي مدنظر رکي مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ (جناح صاحب) اهو فيصلو ڪيو ته ايندڙ چونڊن ۾ آزاد خيال، ترقي پسند ۽ وسيع نظر مسلم ليگي ڪارڪنن کي حتي الامڪان ڪثرت تعداد ۾ چونڊجڻ نه ڏجي. ان ڪري هن ظاهر ڪيو ته جيڪڏهن مسلم ليگ بجليءَ جي ٿنڀي کي ووٽ ڏيڻ لاءِ حڪم ڪري ته به مسلمانن کي ان کي ووٽ ڏيڻ گهرجي.
    هوشيار سياستدانن هوا جو رخ تاڙي ورتو ته انگريزي حڪومت جي مدد مسلم ليگ سان هئڻ ڪري، مسلم اڪثريت وارن صوبن ۾ مسلم ليگ ۾ موجود “جي حضوري” ڪارڪن فائدو حاصل ڪري سگهندا. ان ڪري ڪيترا ڪانگريسي مسلمان، مسلم ليگ ۾ داخل ٿي ويا، جن مان خان عبدالقيوم خان مکيه هو.
    سنڌ ۾ اسان جو گروهه ئي هو، جيڪو ساده دلي ۽ اصول پرستيءَ جي ڪري حالتن جو صحيح اندازو نه ڪري، مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ (جناح صاحب) جو “جي حضوري” به نه بڻبو ۽ مسلم ليگ ۾ به، پاڪستان خاطر رهندو آيو.
    اگسٽ 1945ع جي آخر ڌاري مولانا ابوالڪلام آزاد، مهاتما گانڌيءَ وٽ فرقيوار تصفيي لاءِ هڪ تجويز پيش ڪئي، جنهن جا اهم جزا هيٺيان هئا:
    1. يونيٽري فارم حڪومت جي ڪوشش نه ڪرڻ گهرجي.
    2. ملڪ جو ورهاڱو مسلمانن جي مفاد خلاف آهي.
    3. مستقبل جو آئين فيڊرل قسم جو هئڻ گهرجي، جنهن ۾ رڳو اهي اهم معاملا مرڪز جي حوالي ڪيا وڃن. جن لاءِ صوبا رضامندي ڏيکارين ۽ صوبن جي “حق خوداراديت” وارو حق قبول ڪيو وڃي.
    4. مرڪزي اسيمبليءَ ۽ ايگزيڪيوٽو ڪائونسل تي هندن ۽ مسلمانن کي ان وقت تائين هڪ جيتري نمائندگي ڏني وڃي، جيستائين فرقيوارنه فضا ختم ٿئي ۽ سياسي پارٽيون اقتصادي ۽ سياسي بنيادن تي ڪم ڪرڻ لڳن.
    5. اهڙو ڪنوينشن قائم ڪيو وڃي، جنهن موجب هندستاني فيڊريشن جو سربراهه (مدارالمهام) واري سان هندو ۽ مسلمان ٿئي. اهڙيءَ ريت جيڪڏهن مسلمانن کي هڪ دفعو يقين ويهي ويو ته هندن طرفان ڪي به فيصلا مٿن مڙهيا نه ٿا وڃن ته ممڪن آهي ته اهي ورهاڱي جو خيال ڦٽو ڪري ڇڏين ۽ پنهنجو مفاد “متحده هند” ۾ سمجهڻ لڳن. ان ريت هڪ ڀيرو هندستانين کي اختيار مليا ته اڳتي هلي اقصادي، سياسي ۽ طبقاتي مسئلا، فرقيوارانه مسئلن تي حاوي پئجي ويندا.”
    ورڪنگ ڪاميٽيءَ، مولانا آزاد جي تجويز بابت ڪهڙو فيصلو ڪيو، ان جي خبر نه آهي، ليڪن سيپٽمبر 1945ع ۾ ورڪنگ ڪميٽيءَ “متحده هند” جي حق ۾ اڳ وانگر ٺهراءُ پاس ڪري، ان ۾ صرف ايترو اضافو ڪيو ته “ڪنهن به صوبي کي مرڪز سان زوريءَ نه ملائبو، ليڪن هڪ مضبوط قومي حڪومت بنائڻ لاءِ هرڪا ڪوشش ڪئي ويندي.” ان سان گڏ مسلم ليگ سان سمجهوتي ڪرڻ جي عيوض مسلم عوام سان سڌا تعلقات قائم ڪرڻ جي فائدي ۾ راءِ پڻ ظاهر ڪئي وئي.
    هن سال جي آخر ۾ مرڪزي اسيبمليءَ جون چونڊون ٿي گذريون ۽ نتيجا ظاهر ٿيا. ڪانگريس غير مسلم آباديءَ جو 3. 19 سيڪڙو ووٽ ۽ مسلم ليگ مسلمانن جا 6 . 56 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪيا. جنهن موجب :
    ڪانگريس 57، مسلم ليگ 30، آزاد 5، اڪالي سک 2، يورپين 8، ڪل 102 ميمبر چونڊيا.
    هتي ڪجهه نظر سنڌ جي حوالي سان وجهڻ ضروري سمجهان ٿو. اسان صوبائي مسلم ليگ کي از سرنو منظم ڪري 3 ـ 4 جون 1945ع تي صوبائي چونڊون ڪرايون هيون ۽ صوبي جو صدر وري به مون کي چونڊيو ويو هو. چونڊ وقت جيڪي ٺهراءُ پاس ڪيا ويا هئا، تن ۾ مرڪزي ليگ طرفان صوبه سنڌ مسلم ليگ جي معاملن ۾ دست اندازي ۽ اختيار ڪيل روش تي صدائي احتجاج بلند ڪيو ويو هو ۽ مرڪزي پارليامنٽري پارٽيءَ جي صوبي جي هر ڳالهه ۾ دست اندازيءَ کي سنڌ جي مفاد خلاف ڄاڻايو ويو هو.

    انهن ڳالهين جي رپورٽ شملي ڪانفرنس کان اڳ مون جناح صاحب کي موڪلي هئي ۽ اتي ڪانفرنس جي مسئلي توڙي مرڪزي مسلم ليگ کي وڌيڪ اختيار ڏيڻ وارن معاملن تي اسان جي وچ ۾ تلخ ڪلامي به ٿي هئي، پر سنڌ موٽڻ بعد صوبائي چونڊن ۾ حصي وٺڻ جي حوالي سان “نئون پارليامينٽري بورڊ” چونڊي، ايندڙ اسيمبلين ۾ ترقي پسند ۽ آزاد خيال ميمبر چونڊائڻ جو فيصلو ڪيو ويو ـ ڇو ته آئين ساز اسيمبلي ٺهڻ واري هئي، ان ۾ اهڙا باصلاحيت ماڻهو چونڊائڻا هئا، جيڪي مستقبل جي بهتر آئين جوڙڻ ۾ مدد ڏئي سگهن ۽ پاڪستان ٺهڻ بعد حڪومت جي واڳ، ڪن ايماندار ماڻهن جي هٿ ۾ اچي. پر ان پارليامينٽري بورڊ تي وزارت گروهه اعتراض ورتو ۽ جناح صاحب کي سنڌ ۾ گهرايو. جنهن مون کي چيو ته “پارليامينٽري بورڊ کي بدلائي، وزارت ڌر کي ان ۾ اڪثريت ڏياريان” مون ان تي مسلم ليگ جي مکيه صوبائي ميمبرن کي گهرائي مشورو ڪيو، جن ان ڳالهه جي مخالفت ڪئي، پر مون ڪجهه سنڌي زميندار ميمبرن جي ڪمزورين کي نظر ۾ رکي، ڪجهه جناح صاحب سان وعدي جي ڌوڪي ۾ اچي کين منٿ ڪري وزارت ڌر کي پارليامينٽري بورڊ ۾ 7 مان 4 ميمبرن ڏيڻ جو ٺهراءُ صوبائي مسلم ليگ کان پاس ڪرائي، اڳ ۾ قائم ڪيل پارليامينٽري بورڊ تبديل ڪرايو. اهڙيءَ طرح پنهنجن هٿن سان صوبائي مسلم ليگ کي وزارت جي ماتحت ڪري ڇڏيم.
    سال جي آخر ۾ جڏهن ٽڪيٽن ڏيڻ جو وقت آيو ته وزيرن پنهنجن ڇاڙتن کي ٽڪيٽون ڏيڻ شروع ڪيون، جنهن تي صوبائي مسلم ليگ بغاوت ڪئي. وزيرن وري جناح صاحب کي گهرايو، جنهن اسان کي چيو ته “ٽڪيٽن ڏيڻ جو ڪم مرڪزي پارليامينٽري بورڊ جي حوالي ڪريو.”
    هاڻي اسان جو مسلم ليگ جي مرڪزي ليڊرن، خصوصاً مرڪزي هاءِ ڪمانڊ يعني جناح صاحب تان اعتماد کڄڻ لڳو هو، ان ڪري مون جناح صاحب جو حڪم مڃڻ کان انڪار ڪيو، ڇو ته مون ائين ڪرڻ کي عوام جي حق سان غداري تصور ٿي ڪيو، ڇاڪاڻ ته ائين ڪرڻ سان سنڌ جو مستقبل آل انڊيا مفادن تي قربان ڪرڻو ٿي پيو، سو به ان وقت جڏهن ملڪ جي تاريخ ۾ مستقبل کي درست ڪرڻ جو اميدون برثواب ٿيڻ کي اچي ويجهو ٿيون هجن. ان کان سواءِ مسلم ليگ ۾ شامل سمورن ترقي پسند ڪارڪنن جو اڳواڻ آءُ هئس ۽ هنن ليگ اندر اڻٿڪ محنت ڪئي هئي، انهيءَ اميد سان عوام جي بيداري، ليگ کي اڳين ماحول مان ڪڍي نئون رنگ ڏيندي ۽ ساڳيون پراڻيون حالتون وري دهرايون نه وينديون.
    مون ان بعد 14 آڪٽوبر 1945ع تي صوبائي مسلم ليگ ڪائونسل جو اجلاس سڏايو ، جيڪو وڏي جوش واري ماحول ۾ گڏ ٿيو. جنهن ۾ مرڪزي پارليامينٽري بورڊ کي اپيل ڪئي وئي ته سنڌ ۾ مسلم ليگ جون ٽڪيٽون صوبائي ڪائونسل طرفان مقرر ڪيل پنجن ڄڻن (جي ايم سيد، خير شاهه، آغا غلام نبي پٺاڻ، سيد محمد علي شاهه ۽ رئيس غلام مصطفى ڀرڳڙيءَ) جي مشوري سان ڏنيون وڃن.
    جڏهن جناح صاحب ڪراچيءَ ۾ سر غلام حسين جي بنگلي تي اچي مهمان ٿيو ۽ کيس صوبائي مسلم ليگ ڪائونسل جي ٺهراءَ کان مون واقف ڪيو ته هن انتهائي ڪاوڙ ۾ اچي چيو ته “ڪائونسل جا ميمبر بي جوابدار ماڻهن جو ميڙ هئا، جن جو انهن ڳالهين سان ڪو به واسطو ڪونه هو، ان ڪري هاڻ جدا ٿيڻ جي حد کي اچي پهتا آهيون.”
    هاڻي منهنجي لاءِ فيصلي جي گهڙي اچي پهتي هئي، ڪجهه وقت کان آءُ ٻن ٻيڙين جي وچ ۾ پئي هليس ۽ دل تي گهڻو مونجهارو ۽ بار هو. هڪ طرف اهو شخص هو، جنهن کي ڪنهن وقت قائداعظم ۽ مسلمانن جي مستقبل جو علمبردار سمجهندو هوس ۽ جنهن جي هڪ دفعي قتل ٿيڻ جي غلط خبر ٻڌي، رئندي غش ٿيڻ جي ويجهو وڃي هوس؛ ۽ ٻئي طرف منهنجي سنڌو ديش سان محبت هئي، جنهن ۾ جائو نپنو هوس؛ جتي منهنجي ويهن پيڙهين جو قبرستان هو؛ جنهن جي آزاديءَ ڀلائيءَ ۽ خوشحاليءَ لاءِ هزارين درويشن ۽ سورهين پنهنجون زندگيون صرف ڪيو هيون ۽ جنهن ملڪ جو سچار، سادن، بي زبان، مظلوم ۽ غريب رهواسين جي ڀلائيءَ ۽ بهتري منهنجي ساري سياسي زندگيءَ جو بنياد ۽ اساس هئي.
    ان ڪشمڪش دوران مون تي واضح طرح ذهن نشين ٿي ويو ته مون کي هڪ شيءِ کي ضرور ڇڏڻو پوندو.
    جناح جي آمرانه ۽ فرعون صفت گفتگوءَ بعد اختلاف ۽ بغاوت ڪرڻ منهنجو فرض هو. هتي هيءُ واضح ڪرڻ گهران ٿو ته هي اختلاف ٻن وڏين شخصتين جي وچ ۾ نه هو (جيئن ڪن ماڻهن جو خيال آهي) جن پنهنجي خودسريءَ موجب هلڻ گهريو ٿي، پر هي اڻٽر مقابلو ٻن سياسي نقطه نگاهن ۽ نظرين جي وچ ۾ هو. آل انڊيا مسلم ليگ جي صدر جي سڄي نگاهه، آسماني بلنديءَ تي هئي، جنهن وٽ صوبائي ڳالهين ۽ سنڌ جي مفادن جي ڪا اهميت ڪا نه هئي. هن کي پنهنجي پلئن موجب رڳو حڪم ڪرڻو هو ۽ ٻين کي مڃڻو هو. پر آءُ سنڌ جي سرزمين جو رهاڪو هوس، مڪاني مصيبتن، مشڪلاتن ۽ عوام امنگن جو گهرو احساس هوم. تجربي جي بنياد تي ان راءِ تي پڄي چڪو هوس ته ڪا به شاندار عمارت پڪيءَ پيڙهه کان سواءِ پائدار نه ٿي سگهندي.
    مون جناح جي فيصلي کي مڃڻ کان انڪار ڪندي، کيس کُتو جواب ڏنو، ان تي جناح صاحب ٿڌي دماغ ۽ حڪمي لهجي سان مون کي چيو ته “انهيءَ انڪار جي نتيجن جو توکي احساس آهي؟ مسٽر سيد! توکي صلاح ڏيندس ته معاملي تي وري به خيال ڪري جواب ڏي!”
    مون کيس ورندي ڏني ته “آءُ انهيءَ معاملي تي گذريل ٻن سالن کان غور ڪندو رهيو آهيان ۽ مون کي خبر آهي ته ڇا ڪري رهيو آهيان. منهنجي پهرين جوابداري صوبي جي جماعت سان آهي ۽ انهيءَ جي اجازت کان سواءِ ٻئي ڪنهن جو فيصلو مڃي نه ٿو سگهان.”
    منهنجي ان انڪار کي جناح پنهنجي حڪم جي انحرافي ۽ مسلم ليگ ضابطي جي ڀڃڪڙي سمجهي، ۽ وري به هڪ دفعو ساري معاملي تي فڪر ڪرڻ ۽ ان مان نڪرندڙ اگرن نتيجن تي غور ڪرڻ لاءِ مون کي چيو. سندس همدردانه صلاح لاءِ شڪر گذاري ڪندي کيس چيم ته “گذريل ملاقات کان وٺي جڏهين توهان جدا ٿيڻ کي ويجهو اچڻ جو اشارو ڏنو هو، مون ان مسئلي تي پئي ويچاريو آهي ۽ آخر ان راءِ تي پهتو آهيان ته صوبائي ڪائونسل جي فيصلي جو انحراف نٿو ڪري سگهان ۽ مرڪزي پارليامينٽري بورڊ جي يڪطرفي فيصلي کي قبول ڪرڻ مون لاءِ مشڪل آهي.”
    منهنجي سياسي زندگيءَ لاءِ اها هڪ نازڪ گهڙي هئي، جنهن جا اگرا نتيجا آءُ چڱيءَ طرح محسوس ڪري ٿي سگهيس. جنهن وقت آءُ مسلمانن جي وڏي ليڊر سان هن فيصلي جي گهڙيءَ ۾ منهن مقابل ٿيو هوس، خوددار ۽ ايماندار جي حيثيت ۾ مون لاءِ ٻيو رستو ئي ڪو نه بچيو هو. هاءِ ڪمانڊ کان جدا ٿيڻ جي گهڙي اچي مٿان بيٺي هئي، صرف آخري موڪلاڻي ڪرڻي هئي، سا ڪئي وئي.
    جناح صاحب جي نظر ۾ صوبه سنڌ مسلم ليگ، آل انڊيا مسلم ليگ جي شاخ هئڻ ڪري اُنهيءَ جي ماتحت هئي ۽ ان کي ڪا به آزادانه هستي نه هئي. آءُ سنڌ لاءِ اها پوزيشن قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه هئس. اهڙيءَ حالت ۾ صوبائي مسلم ليگ کي مرڪز کان جدا ڪرڻ بهتر سمجهيم، بنسبت ان جي ته مرڪز جي پُڇ ۾ اٽڪي اندروني آزادي ختم ڪري ڇڏجي ۽ ان طرح سان سنڌ جي مستقبل لاءِ ترقيءَ ۽ بهتريءَ جا سڀ خواب بنا تعمير جي رهجي وڃن. هاڻ ته صاف ظاهر ٿي چڪو هو ته جدا ٿيڻ جو وقت سچ پچ نزديڪ اچي پهتو هو.
    هيءَ ليگ جي مرڪزي پريزيڊنٽ سان منهنجي آخري ملاقات، مون لاءِ آزمائش ۽ امتحان جو وقت هو. پريزيڊنٽ جو رعب ۽ شان، سندس زبردست جماعت، لکين پوئلڳ ۽ انهن جي گڏيل طاقت منهنجي سامهون هئي. جيڪڏهن سندس اڳيان سر نمايان ها ته ڪيترن شخصي فائدن ۽ عارضي ڪاميابيءَ جي اميد هئي، پر اهو سڀ ضمير ۽ خودداريءِ کي وڪڻي پوءِ ڪريان ها. لکين عوام جون مصيبتون ۽ ترقي پسند گروهه جون ڪيل لاڳيتيون محنتون، منهنجي اکين اڳيان پئي ڦريون. اهي ڇا چوندا؟ پويان نسل ڪهڙي راءِ ڏيندا ته سنڌين ۾ ڪو به اهڙو ڪو نه هو، جو سنڌ جي شان برقرار رکڻ لاءِ مشڪلاتن جو مقابلو ڪري ها؟
    مون کي خبر هئي ته ڪهڙين زيردست طاقتن جو مقابلو ڪري رهيو هوس. ته صرف جماعت جي ليڊر ۽ مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ، ان جي مددگارن ۽ ساري آل انڊيا مسلم ليگ جو غُصو پاڻ تي کڻي رهيو هيس، گڏوگڏ لکين مسلم عوام جي به ڪاوڙ کڻي رهيو هوس. پر آءُ اهو سڀ ڪجهه سهڻ لاءِ تيار ٿي ويس. جناح صاحب مون لاءِ صرف ٻه رستا ڇڏيا هئا، بنا شرط جي بيعت ڪريان يا جُدا ٿيان. مون جُدا ٿيڻ قبوليو.
    جناح صاحب آخري ڀيرو وارننگ طور مون ڏي ليگ هاءِ ڪمانڊ جي چونڊيل اميدوارن جي لسٽ ڏياري موڪلي ۽ حڪم ڪيو ته آءُ سندن مدد ڪريان. جنهن کان مون انڪار ڪيو ۽ بهتر سمجهيم ته هڪ بيان پريس ۾ ڪڍي عوام آڏو پنهنجو نقطه نگاهه پيش ڪريان. ان لاءِ 28 آڪٽوبر 1945ع تي هڪ طويل بيان جاري ڪيم، جنهن ۾ مون سر غلام حسين وزارت سان اختلافن جي بنياد، مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ جي ان نسبت روش، وزيرن مان ڪيترن جون گذشته روايات ۽ سندن ايدڙ اليڪشن جي سلسلي ۾ سازشون ۽ منصوبا، هاءِ ڪمانڊ جي رجعت پسند طبقي لاءِ کُليل طرفداريءَ ۽ صوبه مسلم ليگ ۽ عام راءِ جي خلاف واضع طور حقيقتون بيان ڪيو هيون. ان بيان جو متن (نقل ڪاپيءَ جي صورت ۾) هتي پيش ڪجي ٿو.

    سيد غلام مرتضى شاهه، صدر، صوبه سنڌ مسلم ليگ جوبيان
    (جيڪو 29 آڪٽوبر 1945ع تي اخبارن ۾ شايع ٿيو)
    موجوده حالتون : 27 آڪٽوبر 1945ع تي جناب قائداعظم طرفان مڪاني اخبارن ۾جيڪو بيان شايع ٿيو، تنهن مون لاءِ اهڙي مجبوري پيدا ڪئي آهي، جو آئون بادلِ ناخواسته هي چند حقيقتون محض هن مقصد سان عوام جي اڳيارن پيش ڪريان ٿو، ته جيئن هر ڪو ماڻهو صحيح حالتن کان واقف ٿئي ـ ڇاڪاڻ ته عنقريب جيڪي چونڊون ٿيڻ واريون آهين، سي ايتريقدر ته اهيت واريون آهن، جو هڪ طرف هندستان جي ڏهن، ڪروڙ مسلمانن جي مستقبل جو انهن سان واسطو آهي، ته ٻئي طرف صوبه سنڌ جي باشندن جي بهتريءَ ۽ برابري جو سمورو دارو مدار پڻ انهن ئي چونڊن تي آهي. جيڪڏهن انهن ٻن مسئلن متعلق ڪا به غلط فهمي يا غلط راءِ پيدا ٿيندي ته ان جو نتيجو نهايت ئي اگرو نڪرندو. انڪري ئي سنڌ جي موجوده سياسي حالتن بابت عام ماڻهن اڳيان صحيح معلومات پيش ڪرڻ لاءِ آئون پاڻ کي مجبور سمجهان.
    مسلم ليگ جي مقصدن سان اسان جي وابستگي :
    پنهنجي بيان شروع ڪرڻ کان اڳ آءُ ضرور ٿو سمجهان ته هيءَ حقيقت هر ڪنهن کي پوريءَ وضاحت ۽ صفائيءَ سان سمجهڻ گهرجي ته جيتريقدر آل انڊيا مسلم ليگ جي نصب العين، خواهه ان جي مقصد جو واسطو آهي، يا سندس هيءَ دعوى ته هندستان جي ڏهن ڪروڙ مسلمانن جي نمائندگيءَ جو سمورو حق کيس ئي حاصل آهي، تن بابت آل انڊيا مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ سان منهنجو خواهه اهي ماڻهو، جن جي نمائندگي ڪرڻ جو مون کي حق آهي، تن جو ڪو به اختلاف ڪو نه آهي. انهن مقصدن حاصل ڪرڻ، خواهه انهيءَ دعوى جي سچائي ثابت ڪرڻ لاءِ جيڪا به جدو جهد ڪرڻي آهي، تنهن ۾ آل انڊيا مسلم ليگ سان اسين آخر تائين پوري طرح ٻڌل آهيون ۽ ان سلسلي ۾ اسين هر ڪنهن قسم جي قرباني ۽ جانفشاني ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.
    مگر جيتريقدر هنن چونڊن جو صوبه سنڌ سان واسطو آهي، اوتريقدر حالتن جو صحيح اندازو لڳائڻ لاءِ ضروري آهي ته اهي حقيقتون بيان ڪجن، جيڪي موجوده حالتن پيدا ڪرڻ جو سبب بنيون آهن:
    سنڌ جون حالتون : جيڪي ماڻهو سنڌ جي حالتن کان ٿورو به واقف آهن، سي هيءَ حقيقت تسليم ڪندا ته 1938ع ۾ جيڪي چونڊون ٿيون هيون، تن ۾ سنڌ اسيمبليءَ اندر گهڻو ڪري اهڙا ماڻهو چونڊجي آيا هئا، جي عام ماڻهن جي ڀلائيءَ، سرڪاري ڪاروبار جي پاڪيزگيءَ، سياسي اخلاق، وزارت جي مضبوطيءَ ۽ مسلم ليگ سان وفاداريءَ جي نقطهءِ نگاهه کان غير موزون هئا.
    اها ڳالهه مون لاءِ ڪا نئين ڪانه آهي ۽ نه وري اها ڳالهه آءُ هن ڪري هينئر محسوس ڪرڻ لڳو آهيان، جو مرڪزي پارليامينٽري بورڊ، جن ماڻهن کي هنن چونڊن لاءِ مسلم ليگ جي ٽڪيٽ ڏني آهي، تن ۾ منهنجا ڪي خاص ماڻهو نظر انداز ڪيا ويا آهن، مگر حقيقت هيءَ آهي ته گذريل اٺن ورهين اندر اسان جيڪي به ڪوششون ڪيون آهن، سي ثابت ٿيو ڪن ته انهيءَ سموري عرصي اندر سنڌ جي موجوده حالتن تي نه فقط آءُ، مگر سنڌ جو هر هڪ خير خواهه پنهنجي دل جو خون پيئندا رهيا آهيون.
    گذريل مارچ ۾ جيڪو خط مون جناب قائداعظم جي خدمت ۾ عرض رکيو هو، تنهن مان آءُ هڪڙو ٽڪرو ظاهر ڪريان ٿو، جنهن مان فقط سنڌ جي موجوده حالتن جي تصوير جا ڪي حصا صاف نظر ايندا، مگر هيءُ به ثابت ٿيندو ته جيڪا شڪايت اسين هينئر ڪري رهيا آهيون، يا جيڪا بي قراري اسان ۾ پيدا ٿيل آهي، اها ڪا ٿوري وقت کان يا ڪن شخصي سببن سان واسطو هرگز نٿي رکي.
    رشوتخوري، ظلم ۽ زوري : “هيءَ حقيقت ثابت ٿي چڪي آهي ته سنڌ جي موجوده وزارت سنڌ جي ماڻهن لاءِ وبال آهي ۽ هڪ مجسم خرابي ۽ ناقابل برداشت جنجال آهي. جيڪڏهن ڪنهن به ماڻهوءَ کي انهي حقيقت کان انڪار هجي ته آءُ خود مسلم ليگ طرفان ان باري ۾ تحقيقات ڪرڻ لاءِ عرض ڪندس. اها ڳالهه سنڌ جي بدبختيءَ جو سبب آهي جو مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ طرفان جيڪي به ماڻهو سنڌ ۾ اچن ٿا، سي ڪڏهن به سنڌ جي اندرين ڀاڱن ۾ ڪو نه ويا آهن ۽ وزارت بابت ماڻهن جا ڪهڙا رايا آهن، تنهن باري ۾ ڪو به ويچار ڪونه ڪيو اٿن. هو فقط ڪراچي ۾ اچي رهندا آهن ۽ سندس تحقيقات جو دائرو صرف ڪراچيءَ تائين ئي محدود رهندو آهي.
    وزارت جا افعال : “ وزارت بابت مختصر حقيقت هيءَ آهي ته وزارت ۾ خرابي گهر ڪري وئي آهي ۽ نه فقط وڏن عهدن وارا ماڻهو انهيءَ خرابيءَ ۾ مبتلا آهن، پر انهن وڏن ماڻهن جا افعال ڏسي، ننڍا ڪامورا به رشوتخوريءَ جي مرض ۾ گرفتار آهن. جنهن جو نتيجو هيءُ نڪتو آهي جو سرڪاري ڪاروبار هلائيندڙن جي وڌندڙ حرص کي پوري ڪرڻ خاطر هر سال عام ماڻهن جا لکين رپيا ضايع ٿيندا رهن ٿا. انهيءَ رشوتخوريءَ مان جيڪي ٻيون خرابيون پيدا ٿين ٿيون، انهن جي ذڪر ڪرڻ جي ضرورت ڪا نه آهي. ڳوٺن مان امن امان، عدل انصاف ۽ سک ۽ آرام لڏي ويا آهن. آءُ ته ايترو به چوندس ته ٻهراڙيءَ جا ماڻهو ۽ خاص ڪري مسلمان بلڪل نڌڻڪا ٿي چڪا آهن ۽ هنن لاءِ جنسي قيامت برپا ٿي چڪي آهي. سنڌ ۾ اناج تي ڪنٽرول وجهي جيڪا سنڊيڪيٽ قائم ڪئي وئي آهي، تنهن سنڌ جي آبادگارن ۾ سخت ناراضگي پيدا ڪئي آهي. حالانڪ ڳرين ڍلن سبب هو اڳ ۾ ئي ڪافي پيڙجي چڪا آهن. مسلم ليگ طرفان سنڌ جي عوام کي اسان جيڪي وعدا ڏنا هئا ۽ ساڻن اقرار ڪيا هئا، انهن جي بلڪل ابتڙ عمل ٿي رهيو آهي. جنهن ڪري عوام اسان کي ڪاوڙ ۽ ڌڪار سان ڏسي رهيا آهن. سرڪار پنهنجن ڪامورن جي باري ۾ جيڪا ڪمزور پاليسي اختيار ڪئي آهي، تنهن ڪامورن کي ڇتو ڪري ۽ ڇڙواڳ ڇڏي ڏنو آهي، جنهن ڪري ماڻهو ائين ٿا سمجهن ته قوم جي عيوضين جي حڪومت بدران سنڌ جي مٿان ڪنهن قديم زماني جو ڪو مست حاڪم حڪومت هلائي رهيو آهي.
    مطلب ته هن وزارت اهڙا ڪم ڪيا آهن، جو جيڪي به ماڻهو سندس حمايتي آهن، سي پاڻ شرمسار آهن ۽ مسلم ليگ جنهن جي نالي سان هيءَ وزارت مشهور ٿي رهي آهي، سا به عام ماڻهن ۾ بدنام ٿي رهي آهي.
    منهنجو عرض هيءُ آهي ته مسلم ليگ وزارت جو جيڪو اثر عوام تي پيدا ٿي رهيو آهي، سو به مسلم ليگ خيال ۾ نه آڻي ۽ عوام جي بهتري لاءِ وزارت ڇا ڪري ٿي يا ڇا نٿي ڪري، سو نقطو به مسلم ليگ ڌيان ۾ نه آڻي، پر فقط هن ڳالهه ڏانهن ڏسي ته اڳتي هلي سنڌ جي اندر مسلم ليگ ڪيتريقدر مقبول ٿي سگهندي؟ ته جيڪر مسلم ليگ ههڙيءَ وزارت کي هڪ منٽ به وڌيڪ قائم رکڻ گوارا نه ڪري!
    اوهان صاحب، خواهه مرڪزي پارليمنٽري بورڊ ۽ ٻين جماعتن کي (جن جو اوهان صاحبن ذڪر ڪيو آهي) آءُ هر وقت هن ضرورت ڏانهن متوجهه ڪندو رهيو آهيان ته سنڌ جي موجوده حالتن کي سڌارڻ ۽ سنڌ جي عام ماڻهن سان انصاف ٿيڻ لاءِ ڪجهه ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته وزارت جي رشوتخوريءَ، ظلم ۽ زوريءَ کان هتي جا عام ماڻهو بلڪل تنگ اچي چڪا آهن. انهيءَ باري ۾ مون ڪيترائي دفعا روبرو خواهه لکيت ۾ اوهان صاحبن کي شخصي طرح استدعائون به ڪيون آهن. مرڪزي ورڪنگ ڪاميٽيءَ خواهه مجلس عمل ۽ مرڪزي پارليامينٽري بورڊ اڳيان پڻ مون اهڙيون التجائون ڪيو آهن.
    هاڻي تازو به نواب محمد اسماعيل خانصاحب ۽ چوڌري خليق الزمان صاحب جڏهن هت آيل هئا، تڏهن مون هنن صاحبن اڳيان به سڀ ضروري حقيقتون رکيون هيون. جيڪڏهن هنن ٻن سالن جي عرصي اندر به اهي سڀيئي صاحب سنڌ جي حالتن سڌارڻ ۽ عام ماڻهن جي اهنجن ايذائن دور ڪرڻ لاءِ خواهه پرڳڻي جي عام ماڻهن ۽ چند خود غرض ۽ رشوت خور فردن جي ٽولي جي وچ ۾ ڪنهن فيصلي تي پهچڻ لاءِ ڪو به قدم کڻي نه سگهيا آهن ته ان لاءِ آئون جوابدار ٿي نٿو سگهان. مرڪز وٽان اهڙي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ شخصي طرح نه فقط آئون ڪوشش ڪندو رهيو آهيان، مگر صوبائي ڪائونسل ۽ ورڪنگ ڪميٽيءَ به گذريل ٻن سالن ۾ هڪ طرف وزارت کي ۽ ٻئي طرف مرڪزي، ليگ کي زوردار استدعائون ڪيون آهن ته سنڌ ۾ پيدا ٿيل حالت تي دوباره غور ڪيو وڃي، اهڙي حالت ۾ ائين ڪيئن ٿو چئي سگهجي ته جيڪو قدم اسان ٻن سالن جي متواتر التجائن کان پوءِ کنيو آهي، سو ڪنهن اوچتي وهم سببان يا سازش ڪرڻ جي ارادي سان کنيو ويو آهي؟ منهنجو خواهه مسلم ليگ جي ٻين ميمبرن مان گهڻن جو، عقيدو پئي رهيو آهي ته مسلم ليگ جي عزت تڏهن وڌي سگهي ٿي ، جڏهن عارضي ۽ مصنوعي وسيلن سان تسلى حاصل ڪرڻ عيوض، عام مسلمانن جي ڀلي ۽ بهتريءَ خاطر سرڪاري ڪاروبار فقط ڪن اخلاقي اصولن تي هلايو ويندو. بهرحال منهنجو اهو عقيدو نه اڳي هو ۽ نه هينئر آهي ته ههڙي وزارت قائم رکڻ ۽ ان نموني سنڌ جي عام مسلمانن جي مفاد کي نظر انداز ڪرڻ سان، مسلم ليگ جي عزت ۾ اضافو هرگز نه ٿي سگهندو. مسلم ليگ جي عزت حقيقي معنى ۾ تڏهن ئي وڌي سگهندي، جڏهن عام ماڻهن ۾ سچ پچ مقبول ۽ عزت جي لائق ٿيندي. هن صوبي ۾ اهڙي وزارت کي قائم رکڻ مسلم ليگ جي عزت خواهه عام ماڻهن ۾ سندس مقبوليت لاءِ سخت نقصاندهه آهي.”
    جنهن وزارت ڏانهن مون مٿي ذڪر ڪيل خط ۾ اشارو ڪيو هو، سا سنڌ اسيمبليءَ جي اڪثر ميمبرن جو آئينو هئي ۽ انهيءَ ڪري جيڪي حقيقتون وزارت سان لاڳو هيون، سي اهڙن اسيمبلي ميمبرن سان وڌيڪ لاڳو هيون، جن جي حمايت سان اها وزارت قائم رهي هئي.
    انهن صاحبن مان ڪي صاحب، نه فقط سرڪاري ڪاروباري جي خراب ٿيڻ لاءِ جوابدار هئا، مگر انهن جيڪو رخ مسلم ليگ ڏانهن اختيار ڪيو هو، سو به اهڙوئي افسوسناڪ هو، ڇاڪاڻ ته هو شخصي سهولتن ۽ ذاتي غرضن لاءِ ڪڏهن مسلم ليگ ۾ شريڪ ٿي رهيا هئا ته ڪڏهن مسلم ليگ ڇڏي هليا ٿي ويا. هت آئون فقط انهن چند مکيه ماڻهن جو ذڪر ڪرڻ ڪافي ٿو سمجهان، جن کي مرڪزي پارليامينٽري بورڊ پنهنجي حمايت ۽ تائيد جي لائق سمجهيو آهي. سنڌ جو موجوده وزيراعلى ظم، سر غلام حسين، سن 1938ع ۾ مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو ۽ ٻئي سال هو مسلم ليگ مان نڪري ويو. نه فقط ايترو پر مسلم ليگ ۽ پاڪستان جي خلاف بيان به جاري ڪندو رهيو. وري سال 1942ع ۾ جڏهن مرحوم مسٽر الله بخش کي سنڌ جو گورنر، ڊسمس ڪري وزير اعلى ظم جي عهدي تان برطرف ڪيو، تڏهن سر غلام حسين ڏٺو ته مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ کان سواءِ کيس وري وزيراعلى عظم ٿيڻ جو ڪو به آسرو ڪو نه آهي. ان وقت هو مسلم ليگ ۾ شريڪ ٿيو. سر غلام حسين مسلم ليگي هئڻ جي باوجود خان بهادر مولابخش کي، شڪارپور واري تڪ مان نه فقط ڪامياب ڪرايو، پر کيس وزارت ۾ شريڪ ڪري روينيو وزير به ڪيائين ۽ وري کيس وزات مان تڏهن ڪڍيائين جڏهن اسان سندس شرط مڃيا. اهڙيءَ طرح خانبهادر مير غلام علي خان ٽالپر ۽ پير الاهي بخش صاحب به جيڪو عرصو مسلم ليگ سان واسطيدار رهيا آهن، تنهن ۾ هو ڪڏهن مسلم ليگ کي ٿڏيندا رهيا آهن ته ڪڏهن ان کي چنبڙندا رهيا آهن. هيءِ ڳالهه سنڌ جي عام ماڻهن کان مخفي نه آهي ته جڏهن حيدرآباد جي هندن طرفان مير صاحب کي فقط ضلع لوڪلبورڊ جي پريزيڊنسيءَ جي آڇ ٿي، تڏهن مير صاحب ان خسيس لالچ تي مسلم ليگ کي ڇڏي هليو ويو.
    هتي هيءَ ڳالهه وڏي معنى واري آهي، جو مرڪزي پارليامينٽري بورڊ وارن مٿي ذڪر ڪيل صاحبن کي نه فقط مسلم ليگ جي ٽڪيٽ عطا ڪرڻ فرمائي آهي، پر انهن جي قديم، خواهه جديد حمايتن سان به ساڳي نوازش ڪرڻ فرمائي آهي. انهن صاحبن مان ڪي ته اهڙا به آهن، جي مسلم ليگ جا ٻن آنن وارا رواجي ميمبر به نه آهن، ڪي فقط هڪ مهيني کان مسلم ليگ ۾ آيل آهن، ڪن مسلم ليگ سان هميشه ڌوڪي بازي ۽ مخالفت پئي ڪئي آهي، ڪي پنهنجن تڪن اندر به عوام ۾ ناراضپو پيدا ڪري چڪا آهن ۽ ڪي ته بلڪل اڻپڙهيل يا نالي ماتر تعليم يافته آهن، ۽ عجب اهو آهي جو اهڙن ماڻهن جي مقابلي ۾ اهي ماڻهو نظر اندز ڪيا ويا آهن جي شروع کان وٺي پنهنجيءَ قومي جماعت سان سچا، وفادار ۽ ثابت قدم پئي رهيا آهن يا مسلم ليگ کي مدد ڪندا رهيا آهن يا وڏيءَ علمي لياقت وارا ۽ عوام ۾ پيارا آهن. جيڪڏهن سنڌ اسيمبليءَ لاءِ اميدوار مٿي ذڪر ڪيل قسم جا ماڻهو چونڊيا ويندا ته ان جو نتيجو آخر ڇا نڪرندو، سا ڳالهه ڪنهن بيان جي محتاج نه آهي.
    هاڻي آئون انهن حقيقتن جو ذڪر ڪندس، جن جو صوبائي پارليامينٽري بورڊ جي مقرر ٿيڻ ۽ وري ان جي رد ٿيڻ سان واسطو آهي، جنهن ڏانهن جناب قائداعظم پنهنجي بيان ۾ اشارو فرمايو آهي.
    هن باري ۾ هيءَ ڳالهه ياد رکڻ جهڙي آهي ته نين چونڊن جي اعلان ٿيڻ کان اڳ اسان جڏهن به سنڌ جي موجوده حالتن بابت شڪايت جو آواز اٿاريندا هئاسون، تڏهن مرڪز مسلم ليگ طرفان اسان کي اهو دلاسو ڏنو ويندو هو ته جڏهن نيون چونڊون ٿينديون، تڏهن سنڌ اسيمبليءَ لاءِ اهڙا سٺا ماڻهو چونڊيا ويندا، جي موجوده خامين ۽ خرابين کي درست ڪري سگهن. جنهن جو مطلب هيءَ هو ته نين چونڊن لاءِ اهڙا اميدوار منتخب ڪيا ويندا، جي اڳوڻن ميمبرن کان بهتر هوندا. انهيءَ اميد جي بنياد تي جون 1945ع ۾ صوبه سنڌ مسلم ليگ ڪائونسل پنهنجي سالانه ميٽنگ ۾ پنهنجي مرضيءَ موجب صوبائي پارليامينٽري بورڊ تي ميمبر مقرر ڪيا، جن بابت ڪائونسل کي يقين هو ته مرڪزي اسيمبليءَ خواهه سنڌ اسيمبليءَ لاءِ هو موزون اميدوار چونڊيندا. مگر ان کان پوءِ ڇا ٿيو، تنهن جو سمورو احوال 10 آڪٽوبر 1945ع تي جيڪو خط صوبه سنڌ مسلم ليگ ڪائونسل جي مقرر ڪيل پنجن عيوضين مرڪزي پارليامينٽري بورڊ جي چيئرمن ڏانهن لکيو هو، تنهن جي هيٺ ڏنل اقتباس مان معلوم ٿيندو.
    “گذريل اگسٽ 1945ع ۾ جڏهن قائداعظم ڪراچيءَ ۾ تشريف فرما ٿيو هو، تڏهن خان بهادر مير غلام علي خان ٽالپر، خانبهادر محمد ايوب خان کهڙو ۽ سندن دوستن اها حجت اٿاري هئي ته جيڪو پارليامينٽري بورڊ صوبي جي ڪائونسل مقرر ڪيو آهي، سو اسان کي ان لاءِ ناپسند آهي، جو ان بورڊ ۾ انهن ماڻهن جي اڪثريت آهي، جن جي صوبه سنڌ مسلم ليگ ڪائونسل ۾ اڪثريت آهي. تنهنڪري اسان کي به ان بورڊ ۾ صوبه سنڌ مسلم ليگ ڪائونسل جي اڪثريت وارن جيترو حق ڏنو وڃي. ان کان اڳ خانبهادر مير غلام علي خان ٽالپر پنهنجي خطن ۽ بيانن ذريعي ۽ خانبهادر محمد ايوب خان کهڙي زباني گفتگوءَ جي وسيلي صوبه سنڌ مسلم ليگ پارليامينٽري بورڊ ۾ نه فقط پنهنجا هڪ جيترا ميمبر هٿ ڪرڻ لاءِ، مگر پنهنجي اڪثريت قائم ڪرڻ لاءِ هاءِ گهوڙا مچائي ڏني هئي، خانبهادر مير غلام علي خان وري بلوچ پارٽيءَ جي نالي ۾ پنهنجن اميدوارن بيهارڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ انهن هٿان مسلم ليگ اميدوارن جي مخالفت ڪرڻ جي مهم شروع ڪئي هئي. هنن اختلافن بابت ڪراچي ۾ جناب قائداعظم جي تشريف آوريءَ تائين صوبه سنڌ مسلم ليگ ڪائونسل جي مراد اها هئي ته جنهن صورت ۾ مسلم ليگ اميدوارن جي ڪاميابيءَ جي جوابداري صوبه سنڌ مسلم ليگ ڪائونسل تي آهي، تنهن صورت ۾ صوبائي پارليامينٽري بورڊ تي اهي ئي ماڻهو هئڻ گهرجن، جيڪي مسلم ليگ طرفان مناسب ۽ موزون ماڻهو چونڊي، کين ڪامياب بنائي سگهن.
    ڪائونسل جي راءِ حقيقت ۾ هيءَ هئي ته جيڪڏهن صوبائي پارليامينٽري بورڊ تي مختلف ۽ متضاد ڌرين جا ماڻهو مقرر ڪيا ويندا ته نتيجو هيءُ نڪرندو جو انتخاب جو ڪم خاطر خواهه نموني سان نه هلي سگهندو ۽ جيڪو مکيه مقصد حاصل ڪرڻو آهي يعني مسلم ليگ طرفان مقرر ٿيل اميدوار موزون هجن ۽ اهي چونڊن ۾ ڪامياب ٿي اچن، سو مقصد به حاصل ڪو نه ٿي سگهندو. تنهنڪري جڏهن جناب قائداعظم ڪراچيءَ ۾ تشريف فرما ٿيو، تڏهن مٿيون حقيقتون سندس خدمت ۾ پيش ڪيون ويون. جنهن تي اها راءِ اظهار فرمايائين ته جيڪي نوان قانون ٺاهيا ويا آهن، تن جي مدنظر صوبه سنڌ پارليامينٽري بورڊ کي وري نئين سر ٺاهيو وڃي ۽ ساڳئي وقت مير غلام علي خان ٽالپر ۽ خانبهادر کهڙي ۽ ٻين صاحبن جي مرضي به مٿي ذڪر ڪيل نموني رکي وڃي. مگر هنن صاحبن جي خواهش اها هئي ته انهيءَ بورڊ تي کين ڪائونسل جي عيوضين کان زياده عيوضي ڏنا وڃن. انهيءَ تي جناب قائداعظم کي صوبه سنڌ مسلم ليگ ڪائونسل جي اڪثريت جي راءِ کان آگاهه ڪري انهن مشڪلاتن طرف اشارو ڪيو ويو، جيڪي نئينءَ طرح صوبائي پارليامينٽري بورڊ کي مٿي ذڪر ڪيل نموني سان ڦيرائڻ ڪري پيدا ٿيڻ واريون هيون. مگر قائداعظم جي روبرو هنن صاحب اهو ويساهه ڏنو ته نئون بورڊ اميداورن کي چونڊڻ وقت پنهنجا فرائض بي طرفداريءَ ۽ منصفاڻي نموني ۾ سرانجام ڪندو. تنهن ڪري 16 سيپٽمبر 1945ع تي صوبه سنڌ ڪائونسل پنهنجي ٺهراءَ موجب نئون بورڊ ٺاهيو، جنهن ۾ ڪائونسل طرفان (1) مير غلام علي خان ٽالپر (2) پير الاهي بخش عيوضي رکيا ويا ۽ سنڌ اسيمبليءَ جي مسلم ليگ پارٽيءَ طرفان خان بهادر محمد ايوب کهڙو عيوضي رکيو ويو. اهڙيءَ طرح اهو نئون بورڊ مصالحتي اصول جي بنياد تي قائم ڪيو ويو.


    8

    قائداعظم جڏهن ڪراچيءَ کان روانو ٿي ويو، تڏهن صوبه سنڌ مسلم ليگ جي پرزيڊنٽ نئين بورڊ جي ميمبرن سان صلاح مصلحت ڪرڻ بعد اميدوارن کان درخواستون گهرايون ۽ اميدوارن جي چونڊ بابت سرشتو مقرر ڪيو. حقيقت ۾ نئون بورڊ انهيءَ بنياد تي ٺاهيو ويو هو ته پنهنجو ڪم غير جانبداريءَ سان بجا آڻيندو ۽ پارٽي بازيءَ جا سڀ خيال ترڪ ڪري ڇڏيندو. مگر قائداعظم جي رواني ٿي وڃڻ شرط نئين بورڊ ۾ آندل صاحبن پنهنجون پارٽيبازيون اڳي کان به وڌيڪ تيزيءَ سان شروع ڪري ڏنيون، جنهن بابت مختصر حقيقتون بيان ڪرڻ ڪافي ٿينديون.
    مير غلام علي خان نئين بورڊ تي جڏهن مقرر ٿيو، تڏهن هن صاحب اهي سرگرميون هڪدم شروع ڪيون ۽ نئين اسيمبليءَ اندر پنهنجي طاقت وڌائڻ جي ارادي سان هن پنهنجا شخصي ماڻهو اسيمبليءَ ۾ چونڊائڻ لاءِ جدوجهد شروع ڪري ڏني. ٻي ڏينهن تي هو صاحب پير الاهي بخش جي جاءِ تي سر غلام حسين هدايت الله ۽ ٻين صاحبن سان گڏيو، جتي اميداورن جي چونڊ بابت هنن پاڻ ۾ صلاح مصلحت ڪري هڪ فيصلو ڪيو، جنهن موجب هنن شهمير خان ڪاڇيءَ کي صوبه سنڌ مسلم ليگ جي پريزيڊنٽ خلاف اسيمبليءَ جي چونڊ ۾ مدد ڪرڻ جو ٺهراءُ ڪيو. انهيءَ مجلس ۾ هالن جو مخدوم صاحب به هنن صاحبن سان شريڪ هو، جنهن کي وري اشارو ڪيائون ته پريزيڊنٽ جي تڪ ۾ جيڪي به مخدوم صاحب جا مريد آهن، تن کي مخدوم صاحب خط لکي موڪلي ته هو پريزيڊنٽ جي مخالف جي مدد ڪن. هيءَ حقيقت جناب قائداعظم کي اگسٽ واري مهيني ۾ اڃا جڏهن ڪراچيءَ ۾ هو، تڏهن پيش ڪئي ويئي هئي.
    هنن صاحبن وڌيڪ اها تجويز ڪئي ته صوبائي ليگ جي ڪن مکيه ميمبرن جي برخلاف پنهنجا ماڻهو بيهارين، ڇاڪاڻ ته هو سندن هم خيال نه هئا. انهيءَ تجويز جي مدنظر هالن جي مخدوم صاحب، مير غلام علي خان ٽالپر، پير الاهي بخش ۽ خان بهادر کهڙي خط لکي روانا ڪيا ۽ اڃا نئين پارليامينٽري بورڊ پنهنجي ڪاروائي شروع ئي ڪا نه ڪئي هئي ته پنهنجي ماڻهن جي تائيد لاءِ اپاءَ ورتائون. هن سلسلي ۾ مير غلام علي خان ٽالپر خاص طرح سان نواب شاهه وڃي اتي سيد خير شاهه جي مخالف، جي فائدي ۾ ڪم ڪرڻ لڳو، جيتوڻيڪ سيد خير شاهه پاڻ به صوبائي مسلم ليگ پارليامينٽري بورڊ جو ميمبر هو.
    خانبهادر محمد ايوب کهڙو وري سيٺ يوسف هارون کي پاڻ سان وٺي سنڌ جي گشت تي ويو، جتي هن عام جلسن ۾ سيٺ يوسف ۽ قاضي فضل الله جي حمايت ۾ تقريرون ڪيون ۽ سيٺ يوسف جي مدد لاءِ ماڻهن کي خط لکي موڪليا ۽ تارون ڪيون، حالانڪه اميدوارن جي چونڊ جو سوال اڃا صوبائي پارليامينٽري بورڊ خواهه مرڪزي پارليامينٽري بورڊ جي ويچار هيٺ آيو ئي ڪو نه هو.
    مير غلام علي خان وري بلوچن جي جلسي ۾ عام اعلان ڪيو ته جيڪڏهن ڪراچي شهر جي لياريءَ واري تڪ لاءِ ڪنهن بلوچ اميدوار کي مسلم ليگ جي ٽڪيٽ نه ملي ته آءُ مسلم ليگ مان نڪري هليو ويندس.
    مسٽر جي ايم سيد جي برخلاف جيڪو منصوبو رٿيو ويو هو، تنهن ۾ پير الاهي بخش به شامل رهيو. تنهن کان سواءِ ڀٽي پارٽي ۽ کهڙي پارٽيءَ جي وچ ۾ اختلافن وڌائڻ سان گڏ هن خانبهادر مولابخش سان به ساز باز رکي، شڪارپور تڪ ۾ لوڪلبورڊ جي وارڊن ۾ تبديل ڪرائي ته جيئن اسيمبلي اليڪشن ۾ خانبهادر مولابخش جي طاقت وڌيڪ مضبوط ٿئي.
    اهڙيءَ طرح سر غلام حسين پنهنجي عهدي جي زور تي خان بهادر مولا بخش کي، سکر ضلعي ۾ اهي آفيسر بدلي ڪري رکي ڏنا، جن لاءِ خان بهادر پاڻ طلب ڪئي هئي. اهڙيءَ طرح مير غلام علي خان ٽالپر جي مقصدن کي ڪامياب بنائڻ لاءِ پڻ مير صاحب کي سر غلام حسين مدد ڪئي ۽ نئين پارليامينٽري بورڊ مقرر ٿيڻ کان پوءِ به هن صاحب پنهنجي طريقه عمل ۾ تبديلي ڪانه آندي ۽ ساڳيءَ طرح پارٽيبازيءَ جي لحاظ سان مخفي ميٽنگن ۾ شريڪ ٿيندو رهيو.
    هنن چئن صاحبن جي انهن سرگرمين ڪري اميدوارن کي لازمي طور شبها پيدا ٿيا. جنهن ڪري ڪائونسل جي 25 ميمبرن مجبور ٿي، پهرين آڪٽوبر 1945ع تي لکيل درخواست پيش ڪري مطالبو ڪيو ته ڪائونسل جي فوري ميٽنگ سڏائي، مٿيون حقيقتون ان جي سامهون پيش ڪيون وڃن. ڪائونسل جي ايترن ميمبرن جي لکيل درخواست جي آڌار تي، جنهن ۾ سخت الزام رکيا ويا هئا، صوبائي پارليامينٽري بورڊ جي ميٽنگ صوبائي پريزيڊنٽ مهمل ڪئي. مگر ميٽنگ مهمل ٿي وڃڻ بعد هنن چئن صاحبن وري وڃي خانبهادر کهڙي جي بنگلي تي ويهي پنهنجي ميٽنگ هلائي ۽ جيڪي اصول اميدوارن جي چونڊ لاءِ اڳي منظور ڪيا ويا هئا، تن کي نظرانداز ڪري، ڪن پنهنجن ماڻهن کي ٽڪيٽون ڏنائون. جن ماڻهن کي اهڙيءَ طرح ٽڪيٽ ڏني ويئي، تن مان ڪي صاحب ته مسلم ليگ جا ٻي آني وارا ميمبر به ڪين هئا. تنهن کان سواءِ انهن صاحبن هڪ گڏيل بيان صوبائي مسلم ليگ پريزيڊنٽ جي برخلاف اخبار ۾ پڻ شايع ڪرايو، جنهن ۾ هنن جي اها مراد رکيل هئي ته مسلم ليگ جي شان جي گهٽتائي ٿئي. 2 آڪٽوبر 1945ع جي ڊيلي گزيٽ اخبار ۾ هيءُ بيان هن طرح سان شايع ٿيو :
    “سر غلام حسين هدايت الله، خان بهادر غلام علي خان ٽالپر، پير الاهي بخش ۽ خان بهادر کهڙي هيءُ گڏيل بيان اخبار ۾ شايع ڪرايو آهي :
    “اڄ جيڪو بيان جي ايم سيد شايع ڪيو آهي، سو پڙهي اسان کي تمام گهڻو ڏک ٿيو آهي. اهو بيان مسٽر جي ايم سيد انهن ماڻهن جي اشاري تي ڏنو آهي جيڪي کيس نڪ ۾ نوڙي وجهي هلائي رهيا آهن. مسٽر سيد انهيءَ ڪري ڪاوڙيو آهي جو ٿرپارڪر ۽ حيدرآباد ضلعن ۾ سندس دل گهرين، مان ڪن کي بورڊ جي گهڻن ميمبرن ٽڪيٽ ڏيڻ مناسب نه سمجهيو، ڇاڪاڻ ته هو انهيءَ ٽڪيٽ جي لائق نه هئا ۽ کين چونڊ ۾ ڪاميابيءَ جي اميد بلڪل ڪا نه آهي. اسان انهن اميدوارن جي چونڊ لاءِ زور رکي رهيا آهيون، جيڪي لائق آهن ۽ جن کي چونڊ ۾ ڪامياب ٿيڻ جي واجبي اميد آهي.
    مسٽر جي ايم سيد جي ڇاڙتن جي مرضي هئي ته ڪنهن به طرح سان کين مسلم ليگ جي ٽڪيٽ ملي، مگر جڏهن ڏٺائون ته پارليامينٽري بورڊ جي ميمبرن مان گهڻا واجبي رخ اختيار ڪري رهيا آهن ۽ مسلم ليگ کي سيد ٽولي جي اوزار بنائڻ لاءِ تيار نه آهن، تڏهن هنن مسٽر سيد کان هيءَ غلط ۽ بي قاعدي رولنگ ڏياري. هي سڀ ڪجهه مسٽر راشديءَ جي اڳواٽ رٿيل منصوبي موجب ڪيو ويو آهي ۽ هي راشدي اهو آهي جو ليگ جي دشمنن جي اشاري تي مسلم ليگ جماعت اندر فتنو ۽ اختلاف پيدا ڪري رهيو آهي.”
    هتي هيءَ ڳالهه به قابل ذڪر آهي ته اميدوارن جي چونڊ ڪرڻ لاءِ صوبائي پارليامينٽري بورڊ هيٺيان اصول مقرر ڪيا هئا :
    (1) ڪاميابي جو وڌيڪ امڪان (2) مسلم ليگ سان وفاداري ۽ قومي خدمت (3) علمي لياقت (4) جيڪڏهن ٻيون ڳالهيون برابر هجن ته پوءِ جيڪو اميدوار اڳيئي اسيمبلي جو ميمبر هجي، تنهن کي تجيح ڏجي (5) مسلم ليگ جو ڇهه مهينا ميمبر ٿي رهڻ جو شرط، انهيءَ صورت ۾ نظرانداز ڪجي، جڏهن اميدوار ساري هندستان يا ساريءَ سنڌ ۾ مشهوريءَ وارو هجي ۽ سندس سامهون ڪنهن ٻئي اميدوار کي جملي ووٽن جو چوٿون حصو هٿ ڪرڻ جو امڪان به هجي.
    وڌيڪ اهو اصول به تسليم ڪيو ويو هو ته جيتريقدر ٿي سگهي بورڊ سڀئي فيصلا يڪراءِ ڪري، مگر جيڪڏهن يڪراءِ فيصلو ٿي نه سگهي ته پوءِ اهو فيصلو بحال سمجهڻ گهرجي، جنهن ۾ بورڊ جي ميمبرن جي وڏي اڪثريت اهو فيصلو ڪري، مگر جيڪڏهن 3 ميمبر هڪ طرف ۽ 4 ميمبر ٻئي طرف ٿين ته پوءِ اهو سوال مرڪزي پارليامينٽري بورڊ جي حوالي ڇڏي ڏجي.
    مگر صوبائي پارليامينٽري بورڊ جي پهرين ئي ٻن نشستن ۾ مٿي ذڪر ڪيل اصول نظر انداز ڪيا ويا جن جو مثال (1) خان بهادر غلام محمد اسراڻ (2) مسٽر نبي بخش ڀٽي ۽ (3) الهه ڏني شاهه راشديءَ بابت ٿيل فيصلن مان ملي ٿو.
    صوبه ڪائونسل جي ميٽنگ 14 آڪٽوبر 1945ع تي ٿي، جنهن ۾ صوبائي پارليامينٽري بورڊ جي ڪن ميمبرن خلاف بي اعتماديءَ جو ٺهراءُ پاس ڪيو ويو. انهيءَ ٺهراءَ جي فائدي ۾ 25 ميمبرن ووٽ ڏنو ۽ فقط 5 ميمبرن خلاف ووٽ ڪيو ۽ صوبائي ڪائونسل طرفان هيٺ ڏيکاريل 5 ميمبر مقرر ڪيا ويا ته مرڪزي پارليامينٽري بورڊ کي اميدوارن جي چونڊ جي باري ۾ مشورو ڏين.
    (1) مسٽر جي ايم سيد (2) سيد خير شاهه (3) آغا غلام نبي خان پٺاڻ (4) سيد محمد علي شاهه (5) مسٽر غلام مصطفى ڀرڳڙي.
    انهيءَ کان ٿورو پوءِ جناب قائداعظم ڪراچيءَ ۾ تشريف فرما ٿيو ۽ جڏهن آءُ ساڻس مليس، تڏهن منهنجي رخ بابت ناراضگيءَ جو اظهار ڪندي فرمايائين ته آءُ هن حالت کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيان ۽ پاڻ هينئر هڪ ٻئي کان الوداع ڪرڻ تي پهچي چڪا آهيون. مون کيس صوبائي ڪائونسل جي رخ کان آگاهه ڪيو، جنهن تي وري ائين فرمايائين ته ڪائونسل کي اهڙيءَ طرح ڍورن وانگر هلڻ ڪو نه ڏبو. قائداعظم جي انهيءَ ارشاد تي آءُ ڪجهه وڌيڪ ڪو نه ڪڇي سگهيس.
    ائين برابر آهي ته مرڪزي پارليامينٽري بورڊ جا ميمبر صاحب ڪراچيءَ ۾ 12 ڏينهن تشريف فرما رهيا، مگر هنن مان اها اميدي هئي ته انهيءَ عرصي اندر هو صاحب صوبائي ڪائونسل جي مقرر ڪيل پنجن عيوضين سان مشورو ڪندا، اميدوار جا گذشته ڪارناما، لياقتون ۽ ڪاميابيءَ جي امڪان جاچڻ بعد پنهنجا فيصلا ڏيندا. مگر هنن صاحبن ائين بلڪل نه ڪيو. هنن صاحبن خاص طرح سان انهن ماڻهن سان صلاح مصلحت ڪئي، جن جي خلاف صوبائي ڪائونسل بي اعتماديءَ جو ٺهراءُ پاس ڪيو هو ۽ انهن ماڻهن کي ٽڪيٽون ڏنيون، جن جو بيان ڪافي انداز ۾ مٿي اچي چڪو آهي. درحقيقت مرڪزي پارليامينٽري بورڊ وارن به اهي ئي فيصلا ڏنا آهن، جيڪي صوبائي پارليامينٽري بورڊ جي انهن چئن ميمبرن ڏيڻ گهريا ٿي، جيڪي بورڊ جي ڪاروائي مهمل ٿيڻ بعد خانگي جاءِ تي گڏ ٿي ٽڪيٽون ورهائڻ ويٺا هئا. آئون هيءَ حقيقت خاص طرح قابل ذڪر سمجهان ٿو ته مرڪزي پارليامينٽري بورڊ جا ميمبر صاحب، اميدوارن جي چونڊ بابت سنڌ جي عام مسلمانن جي راءِ معلوم ڪرڻ لاءِ ڪراچيءَ مان هڪ قدم به ٻاهر ڪو نه نڪتا، نڪي وري ڪائونسل جي مقرر ٿيل پنجن عيوضين سان انهيءَ باري ۾ ڪا صلاح ڪيائون ۽ جيڪي سفارشون ڪائونسل طرفان انهن پنجن عيوضين، مرڪزي پارليامينٽري بورڊ جي ميمبرن کي لکي موڪليون، سي جيتوڻيڪ انهيءَ مراد سان ڏنيون ويون هيون ته سڀني ڌرين کي راضي ڪجي، تڏهن به نظر انداز ڪري ڇڏيائون ۽ خاص ڪري جيڪي سفارشون مرڪزي پارليامينٽري بورڊ جي دل پسند چئن صاحبن جي دل وٽان نه هيون، سي رد ڪري ڇڏيائون.
    جڏهن مرڪزي پارليامينٽري بورڊ سڀئي فيصلا پنهنجي مرضيءَ موجب ڪري ڇڏيا، تڏهن مون کي قائداعظم جي خدمت ۾ سڏائي سوال ڪيو ويو ته جيڪي به فيصلا پارليامينٽري بورڊ ڪري ڇڏيا آهن. سي توهان تسليم ڪرڻ لاءِ تيار آهيو؟ جيئن ته مون کي انهن فيصلن بابت ڪا به خبر ڪا نه هئي، تنهنڪري مون اهڙي وعدي ڏيڻ کان مجبوري ظاهر ڪئي ۽ ائين ڪرڻ لاءِ مون کي فقط صوبائي ڪائونسل جي اڪثريت جي راءِ جو سبب هو، جنهن جي ڪاميابيءَ جي جوابداري پاڻ تي هموار ڪرڻ لاءِ راضي نه آهيان. ان بعد مون کي بند ٿيل لفافو هٿ ۾ ڏنو ويو. جنهن ۾ مرڪزي پارليامينٽري بورڊ جا فيصلا داخل ڪيل هئا.
    هيءُ آهي مختصر احوال انهن واقعن جو، جيڪي هينئر ٿي چڪا آهن. هاڻي سوال هيءُ آهي ته جيڪي فيصلا مرڪزي پارليامينٽري بورڊ ڪيا آهن، سي عام مسلمانن جي قابل قبول آهن ۽ جيڪڏهن اهي چونڊيل اميدوار ايندڙ اسيمبليءَ اليڪشن ۾ ڪامياب ٿي آيا ته سنڌ جون موجوده حالتون، جن جي خلاف سنڌ جا عام مسلمان هميشه نالان رهندا آيا آهن، تن کي سڌارڻ جي ڪا اميد ٿيندي؟ انهيءَ بابت آءُ چاهيان ٿو ته پهريائين سنڌ جي عام مسلمانن جو رايو معلوم ڪريان ۽ انهيءَ بعد جيڪو به رخ مون کي واجبي نظر ايندو، تنهن بابت ٿوري وقت ۾ وري پڌرائي ڪندس.”
    (هي بيان جدا چوپڙيءَ جي صورت ۾ پاڪستان پرنٽنگ پريس ڪراچيءَ ۾ به چپيو هو.)
    هيءُ صرف جدا ٿيڻ ڪو نه هو، پر ان ۾ پوري مقابلي جو سامان سمايل هو. اهڙيءَ طرح صوبائي مسلم ليگ طرفان اميدوار بيهاري، اسان اليڪشن جي ڪم ۾ مشغول ٿي وياسون. ان وچ ۾ اسان ۽ مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ جي وچ ۾ سمجهوتي جون گهڻيون ئي ڪوششون ٿيون. پنجاب مسلم ليگ جي ليڊرن به ڪوششون ڪيون، پر سڀ ناڪام ٿيون. مون کي سڄي هندستان مان تارون ۽ خط، دوستن، مسلم ليگ ورڪرن ۽ نوجوان ڪارڪنن طرفان پهتا، سڀني منهنجي اخلاص ۽ صداقت جي ساراهه ڪري، اهو تسليم ڪيو ٿي ته اسان حق تي آهيون ۽ هاءِ ڪمانڊ جي زيادتي آهي. پر آخر ۾ وري عرض ڪيل هو ته مسلم قوم جو مفاد خاطر آءُ بنا شرط جي هاءِ ڪمانڊ جي اڳيان پيش پوان.
    نامينيشن پيپر ڀرائڻ کان اڳ، نوابزادي لياقت علي خان ۽ قاضي عيسى خان سنڌ اچي مون سان سمجهوتو ڪيو، پر جڏهن آءُ نامينيشن پيپر ڀرڻ لاءِ دادؤَ ويس ته اتي مون کي معلوم ٿيو ته هنن، باقي رهيل چئن ترقي پسند گروهه جي ميمبرن کي مرڪزي ليگ طرفان ڏنل ٽڪيٽون به رڪ ڪري ڇڏيون، ۽ ترقي پسند گروهه مان صرف منهنجي ئي هڪ ٽڪيٽ قائم رکيائون.
    مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ جي هن قدم اسان جي جُدائيءَ کي مڪمل ڪري ڇڏيو ۽ مون آل انڊيا مسلم ليگ ورڪنگ ڪاميٽيءَ ۽ ڪاميٽي آف ائڪشن جي ميمبرين تان استعيفا ڏني ۽ پنهنجي مليل ٽڪيٽ تان به هٿ کڻي، هڪ بيان 26 ڊسمبر 1945ع تي اخبارن کي جاري ڪيم، جنهن جو مڪمل متن هيٺ ڏجي ٿو :
    “افسوس جو نيٺ ائين ئي ٿيو، جيئن اسان کي انديشو هو ۽ جن ماڻهن جي هٿ ۾ مسلم ليگ جون واڳون آهن، تن جي رجعت پسند ليڊريءَ بابت جيڪي به خطرا مون محسوس ٿي ڪيا، سي صحيح ثابت ٿيا. سنڌ اسيمبلي لاءِ جيڪي به اميدوار آل انڊيا مسلم ليگ جي مرڪزي پارليامينٽري بورڊ چونڊيا آهن، تن مان جيڪو به ترقي پسند عنصر هو، سو سمورو خارج ڪيو ويو آهي ۽ پڇاڙيءَ ۾ جن چئن اميدوارن کي ٽڪيٽون مليون هيون، سي چارئي پڻ ٽڪيٽ کان محروم ڪيا ويا آهن ـ حالانڪ مرڪزي پارليامينٽري بورڊ جي چيئرمين نوابزادي لياقت علي خان وعدو ڪيو هو ته انهن چئن ڄڻن خلاف ڪو به قدم نه کنيو ويندو. اها ڳالهه صاف معنى رکي ٿي ته آءُ انهيءَ وعدي ملڻ کان پوءِ 19 تاريخ تي جڏهن ڪراچي، مان روانو ٿي ويس، تنهن کان پوءِ مرڪز وارن پنهنجي ڏنل وعدي جي خلاف اهو قدم کنيو ۽ اهڙي پڌرائي 20 تاريخ جي شام جو ظاهر ڪئي.
    جيتوڻيڪ مون کي ذاتي خبر هئي ۽ پورو يقين هو ته مرڪز طرفان جيڪي اميدوار سنڌ اسيمبليءَ لاءِ چونڊيا ويا آهن، سي سڀئي انهن ماڻهن جي مرضيءَ موجب چونڊيا ويا آهن، جيڪي مسلم ليگ کي پنهنجي ذاتي غرضن ۽ شخصي فائدن لاءِ استعمال ڪرڻ گهرن ٿا، تڏهن به مٿي ذڪر ڪيل وعدي جي آڌار تي انهن چونڊيل اميدوارن کي قبول ڪرڻ لاءِ راضي ٿيس. تنهن کان سواءِ مون کي اها به اميد هئي ته منهنجو اهو قدم مسلم ليگ اندر اتحاد قائم رکڻ جو سبب ٿيندو. مگر مرڪز وارن جيڪو فيصلو 20 تاريخ تي ظاهر ڪيو، تنهن تي مون کي نهايت عجب ۽ افسوس ٿيو، جو مون ڏٺو ته هنن مون کي ڌوڪو ڏيئي، هنن چئن ڄڻن جون ٽڪيٽون کسي، انهن جي عيوض اهڙن ماڻهن کي ٽڪيٽون ڏنيون، جن مان ڪي ته مسلم ليگ ۾ داخل به نه ٿيا آهن يا جن وٽان مسلم ليگ جي ٽڪيٽ لاءِ درخواست به ڪانه آيل هئي! مرڪز وارن جو اهو فيصلو ڪيتري قدر غيرموزون آهي، تنهن جو اندازو هن هڪڙيءَ حقيقت مان ئي ڪري سگهجي ٿو، جو مسٽر محمد علي شاهه جهڙي لائق شخص جي خلاف مسلم ليگ ٽڪيٽ اهڙي ماڻهوءَ کي ڏني وئي آهي، جنهن کي بدمعاشيءَ جي قلم هيٺ اڳ به سزائون مليل آهن ۽ اڄ به مٿس بدمعاشيءَ جي قلم هيٺ ڪورٽ ۾ ڪيس هلي رهيو آهي.
    مرڪزن وارن سان منهنجا اختلاف وڌي ڪيئن هن منزل تي پهتا آهن، تنهن بابت پنهنجي مسلمان ڀائرن کي آءُ هن وقت آگاهه ڪرڻ مناسب ٿو ڄاڻان. سڀ ڪنهن کي خبر آهي ته اڳي آءُ ڪانگريس ۾ هوندو هوس. مگر جيئن ته ڪانگريس جي آل انڊيا پاليسيءَ جي مدنظر سنڌ جي بهتريءَ ۽ بهبوديءَ کي وساري، ڪانگريس وارا سنڌ جي حڪومت ۽ ڪاروبار ۾ وري وري دست اندازي ڪندا رهيا ٿي، تنهنڪري ڪانگريس کي ڇڏي آءُ ۽ منهنجا دوست مسلم ليگ ۾ شامل ٿياسين ۽ ائين ڪرڻ سان اسان کي اها اميد هئي ته سنڌ جي عام مسلمانن کي سرمايه دارن ۽ عملدارن جي دست وبُرد کان بچائي، آزاد هندستان ۾ آزاد پاڪستان قائم ڪرڻ جو مقصد وڌيڪ آسانيءَ ۽ آزاديءَ سان حاصل ڪري سگهنداسين.
    مسلم ليگ لاءِ اسان هر طرح سان جانفشاني ڪئي ۽ انهيءَ اعلى مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ اسان هر ڪنهن قسم جي قرباني ڪئي ته جيئن سنڌ جي عام مسلمانن جي ڀلي جو ڪم ٿي سهگي، مگر اسان جي اها اميد اجائي ثابت ٿي. اسان ڏٺو ته مسلم ليگ جي نالي ۾ اسان کان عام مسلمانن جي بهتريءَ جي ڪم وٺڻ عيوض اسان کي مجبور ڪيو ويو ته مسلم سرمائيدارن ۽ وڏن لقبن وارن جو ۽ انگريزي عملدارن جي دادلن جو تسلط قائم رهي ۽ هندو سرمائيدارن ۽ رت چوسيندڙن کان ڇڏائي، عام غريب مسلمانن کي وري مسلم سرمائيدارن جي غلاميءَ ۾ ڦاسايو وڃي يعني ته جيتريقدر عام غريب مسلمان جو تعلق آهي، تن جي حالت ساڳي اڳئين وانگر ابتر رهي ۽ انهن غريبن جي ڀلائيءَ ۽ بهتريءَ کي بلڪل وساري ڇڏجي اسان جي اختلاف جا مکيه سبب هي رهيا آهن :
    (1) اسان کي وقت بوقت ائين حڪم ڏيڻ ۾ آيو آهي ته آل انڊيا وارن جي ڦرندڙگهرندڙ، مبهم ۽ غير واضح پاليسيءَ جي مدنظر سنڌ جي عام غريبن جي ڀلي کي وساري ويهي رهون. حالانڪه آل انڊيا مسلم ليگ جي پاليسي انهن مسلم ليڊرن جي هٿ ۾ ۽ اثر هيٺ آهي. جيڪي مسلم اقليت وارن پرڳڻن جا باشندا آهن. اسان جا اهي دوست دعوى اها ڪندا رهن ٿا ته اسان مسلمانن کي هندن جي غلاميءَ کان بچائڻ گهرون ٿا، مگر دراصل هو گهرن ٿا ته سنڌ جو پرڳڻو ۽ ٻيا مسلم اڪثريت وارا پرڳڻا، سندن اثر ۽ تسلط هيٺ رهن ۽ مرڪز جون واڳون پنهنجي وس رکڻ واسطي هو سنڌ ۾ نه فقط رجعت پسند طاقتن کي همٿائين ٿا، پر سنڌ جي عوام کي انهن طاقتن جو شڪار بنائڻ لاءِ هو پنهنجي حڪمت عمليءَ کان ڪم وٺن ٿا.
    (2) خرابيءَ ۽ رشوتخوريءَ جون طاقتون جن سنڌ ۾ باهه ٻاري ڇڏي آهي، انهن کان مسلم ليگ جماعت کي صاف ڪرڻ لاءِ ڪابه ڪوشش وٺڻ ۾ ڪا نه ٿي اچي ۽ انهيءَ بدران پاڻ اهڙين خراب طاقتن کي سنڌ ۾ زور وٺائڻ جو ڪو به موقعو ڇڏيو نٿو وڃي ۽ عام غريب مسلمانن جي خدمت لاءِ جيڪي به اپاءَ ورتا وڃن ٿا تن کي بي تحاشا بي اثر ڪيو ٿو وڃي. انهن ڪوتاهين کان عام ماڻهن کي بيخبر رکڻ لاءِ فقط هندو قوم خلاف نفرت ۽ حقارت جا واڄٽ ٿا وڃن. انهيءَ پاليسيءَ سبب اسان عام مسلمانن جي خدمت کان محروم رهجي ويا آهيون ۽ جيئن ته فقط نوابن ۽ جاگيردارن ۽ ٻين اهڙين سرمائيدارن جي طاقت کي همٿايو پيو وڃي، حالانڪه اهڙن ماڻهن کي انگريزن جي مقابلي ڪرڻ جي نڪا همت آهي، نڪا اهليت آهي، تنهنڪري انگريزن کان پنهنجي وطن جي آزادي حاصل ڪرڻ جي جدوجهد کان به اسان کي روڪيو ٿو وڃي ۽ ٻئي طرف مسلم ليگ ۽ ڪانگريس جي اختلافن ۾ هر روز اضافو ٿيندو ٿو رهي. جنهنڪري نه فقط پاڪستان ۽ هندستان جي آزاديءَ ۾ رڪاوٽ رهندي ٿي اچي، مگر مشرق جا ٻيا ملڪ پڻ جيڪي آزاديءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندا رهن ٿا. تن جي آزاديءَ ۾ پڻ مشڪلاتون قائم رهنديون ٿيو اچن.
    (3) جيڪي اسان ۾ دولتمند ۽ سرمائيدار آهن، تن جي طاقت کي قائم رکڻ لاءِ مرڪز وارا وڌيڪ ائين چاهين ٿا ته صوبائي اسيمبلين اندر اهڙا مردار ماڻهو چونڊجي اچن، جيئن هندستان جي آئيندي حڪومت جو دستور العمل ٺاهڻ واريءَ مجلس ۾ اهڙا جاهل، اڻ پڙهيل، خود غرض ۽ غريبن جو رت چوسڻ وارا ماڻهو چونڊجي وڃن ته پاڪستان قائم ڪرڻ کان پوءِ به انهن سرمائيدارن ۽ ستمڪارن جي طاقت محفوظ رهي. يعني صوبائي اسيمبلين لاءِ مرڪز طرفان اهڙي قسم جا اميدوار بيهاريا ويا آهن، جن جي فطرت خواهه دماغ ۾ سندن ذاتي فائدي کان سواءِ خدا جي خلق جي خوشنودي خواهه سياسي شعور جهڙي ڳالهه سمائجي نٿي سگهي. مسلمانن جي جمهوري اتحاد جي نالي ۾ اسان کان اها تقاضا ڪئي ٿي وڃي ته سرمائيدارن جي طاقت کي قائم رکڻ لاءِ سڀ ڪجهه درگزر ڪري ڇڏيون! جڏهن اسان مان ڪو به ماڻهو کانئن اهو سوال ٿو ڪري ته فقط خان بهادر ۽ نواب بهادرن سردارن ۽ سرمائيدارن جي فائدي لاءِ اسان کي پاڪستان حاصل ڪرڻو آهي ڇا؟ تڏهن اسان کي ڌمڪائي حڪم ڏنو ٿو وڃي ته جيستائين پاڪستان حاصل ٿي وڃي، تيستائين اهڙا ڏکيا سوال اسان کان نه پڇو اهڙي طرح جيڪڏهن سوال اٿارجي ٿو ته پاڪستان جي حڪومت ۾ ڪهڙن ماڻهن جو ڀلو ٿيندو ته اسان کي خاموش رهڻ لاءِ چيو ۽، اسلام جي دشمن سڏيو ٿو وڃي مسلم ليگ جا سرمائيدار ليڊر تمام چالاڪ ماڻهو آهن، جن کي ايمانداريءَ ۽ صداقت جو قطرو ڪونهي. جيڪڏهن سنڌ صوبائي مسلم ليگ جو پريزيڊنٽ سنڌ جي نادار ۽ بدحال هارين جي حق لاءِ آواز اٿاري ته خود انهيءَ کي به قاعده شڪني ۾ آڻي نظر بند ڪري ڇڏڻ کان سنڌ جي مسلم ليگ جا معتبر عهديدار عار نٿا ڪن جيڪڏهن سندن مخالفن کي برباد ڪرڻ لاءِ ڪو به بڇڙي ۾ بڇڙو ظالمانه طريقو هنن کي خيال ۾ اچي ٿو ته اهڙي طريقي کان ڪم وٺڻ ۾ کين ڪو به حياءُ ڪو نه ٿو ٿئي ۽ پوءِ به مرڪز طرفان اسان کي حڪم ملندو ٿو رهي ته اهڙن ماڻهن ۾ ڀروسو رکي، سندن طاقت وڌائڻ ۾ مدد ڪندا رهون. درحقيقت آل انڊيا مسلم ليگ کان ڇڄي ڌار ٿيڻ جو سبب گهڻي وقت کان پيدا ٿيل هو، مگر سنڌ اندر اسان هميشه اها ڪوشش پئي ڪئي ته ڪو عزت ۽ شان ڀريو ٺاهه وارو سمجهوتو پيدا ٿي پوي، مگر مون کي افسوس آهي جو هينئر مون لاءِ ثابت ٿي چڪو آهي ته جنهن اتحاد جا واسطا اسان کي وڌا ويندا هئا، تنهن اتحاد کان هو ڇرڪن ٿا. هينئر ظاهر ٿي چڪو آهي ته جڏهن نوابزادي لياقت علي خان ۽ قاضي عيسى مون سان، زبان سان واعدو ٿي ڪيو، تڏهن کين دل ۾ ڪا ٻي ڳالهه هئي، ڇاڪاڻ ته هنن مسلم ليگ جا سڀ قانون ۽ قواعد، اصول ۽ مقاصد بلڪل وساري سنڌ صوبائي مسلم ليگ جي پريزيڊنٽ کي نظر انداز ڪري پنهنجا ڪم ڪاريون سندن ڇاڙتن جي سپرد ڪري ڇڏيا آهن ۽ اها روش مون جهڙي خادم سان اختيار ڪئي اٿن، جنهن ڪيترا دفعا سنڌ جي عام مسلمانن جي طعني ۽ تنبيهه کي سر تي وسائي، آل انڊيا مسلم ليگ وارن جو شان برقرار رکيو آهي. اهڙين حالتن هيٺ مون کي گهڻي ڏک سان هيٺ ڏيکاريل طرح قدم کڻڻ جو فيصلو ڪرڻو پيو آهي :
    (1) جيڪا ٽڪيٽ سنڌ اسيمبليءَ لاءِ مرڪز طرفان مون کي عنايت ٿي آهي، سا آءُ واپس ٿو ڪريان ته منهنجي مخالفن کي ڀلي جيئن وڻي تيئن انهيءَ ٽڪيٽ مان فائدو وٺن. حقيقت اها آهي ته انهن يارن اڳيئي منهنجي خلاف ڪم ڪرڻ لاءِ پنهنجا ڇاڙتا بڇي ڇڏيا آهن ۽ انهيءَ ڪري منهنجي مرضي نه آهي ته سندن انهيءَ ڪارروائيءَ ۾ ڪا به رنڊڪ يا رڪاوٽ باقي رهي.
    (2) آءُ آل انڊيا مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ ۽ ائڪشن ڪاميٽيءَ تان استعيفا ٿو ڏيان.
    (3) جيستائين آل انڊيا مسلم ليگ تي موجوده قسم جا رجعت پسند ليڊر برسر اقتدار رهندا، تيستائين سنڌ صوبه مسلم ليگ خود مختيار ۽ آزاد جماعت ٿي ڪم ڪندي رهندي.
    (4) مرڪزي پارليامينٽري بورڊ طرفان جيڪي به ٽڪيٽون سنڌ اسيمبليءَ جي چونڊن لاءِ ڏينو ويون آهن، تن کي سنڌ صوبه مسلم ليگ طرفان قائم رکڻ يا ڦيرائڻ يا رد ڪرڻ يا واپس وٺڻ يا انهن جي عيوض ٻيون ٽڪيٽون ڏيڻ لاءِ اپاءَ ورتا ويندا.

    مٿي ظاهر ڪيل فيصلي موجب مون اڄ آل انڊيا مسلم ليگ ڏانهن خط لکي موڪليا آهن ته آءُ آل انڊيا مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ ۽ ائڪشن ڪاميٽيءَ جي ميمبريءَ تان استعيفا ڏيان ٿو ۽ مرڪزي پارليامينٽري بورڊ وارن جيڪا ٽڪيٽ مون کي سنڌ اسيمبليءَ لاءِ ڏني آهي، اها واپس ڪريان ٿو.
    سنڌ اسيمبليءَ جي چونڊن لاءِ آءُ اعلان ٿو ڪريان ته هيٺ ڏيکاريل تڪن مان سنڌ صوبه مسلم ليگ طرفان هيٺ ڏيکاريل اميدوار بيهاريا ويا آهن :
    نالو تڪ جو نالو سنڌ صوبه مسلم ليگ طرفان مقرر ڪيل اميدوار جو
    (1) نواب شاهه آنريبل سيد محمد علي شاهه.
    (2) نواب شاهه اولهه سيد حسن بخش شاهه.
    (3) نواب شاهه اوڀر سيد خير شاهه.
    (4) نواب شاهه اتر اولهه پير قربان علي شاهه.
    (5) حيدرآباد اتر پير بقادار شاهه.
    (6) حيدرآباد ڏکڻ پير عالي شاهه.
    (7) حيدرآباد اوڀر مخدوم پير غلام نبي.
    (8) ٿرپارڪر اولهه مسٽر غلام مصطفى ڀرڳڙي.
    (9) ٿرپارڪر اتر سيد غلام حيدر شاهه.
    (10) دادو ڏکڻ جي . ايم . سيد.
    (11) ڪراچي اوڀر پير غلام حيدر شاهه.
    (12) سنڌ زميندار ۽ جاگيردار مسٽر غلام رسول ڀرڳڙي.
    وڌيڪ نالا پڻ عنقريب ظاهر ڪيا ويندا.
    مرڪزي مسلم ليگ جي موجوده پاليسيءَ ۽ طريقي کان مجبور ٿي، سنڌ صوبه مسلم ليگ کي الڳ ڪرڻ لاءِ هيءُ فيصلو جيڪو مون ڪيو آهي، تنهن جيڪو ڏک ۽ درد مون کي پهچايو آهي، سو آءُ پنهنجي عام مسلمان ڀائرن کان هرگز لڪائي نٿو سگهان. مرڪز وارن جي روش سنڌ صوبه مسلم ليگ سان خواهه ٻين مسلم اڪثريت وارن پرڳڻن سان گهڻو ڪري ساڳي رهي آهي. جنهن موجب هو سرمائيدارن تي پنهنجي عنايت جي نظر رکي، بي زبان عام غريب مسلمانن تي کين سوار رهڻ ۾ مدد ڪن ٿا ۽ وڏن لقبن ۽ ملڪيتن، زمينن جي مالڪن، عهدن ۽ وزارتن جي شائقن، خود غرضن ۽ غريبن جي رت چوسڻ ۽ انهن تي ظلم ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿا. آءُ بخوبي ڄاڻان ٿو انهن جي طاقت بلڪل زبردست طاقت آهي. مگر جيتريقدر مون کي طاقت آهي، اوتري قدر آءُ انهيءَ پاليسيءَ جي پردي ۾ جيڪي آهن، تن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس، پوءِ ڀلي مون کي انهيءَ لاءَ ڪيتري به قرباني ڪرڻي پوي. مون کي يقين آهي ته هن نيڪ ڪم ۾ عام غريب مسلمانن جي همدردي ۽ دلي دعا مون سان مددگار رهندي. جنهنڪري مون کي پورو ويساهه آهي ته خدا تعالى مون کي نيٺ ڪاميابي عطا فرمائيندو. جيتوڻيڪ ممڪن آهي ته وچ ۾ مون کي ڪيتريون مشڪلاتون ۽ رنڊڪون درپيش اچن. جيئن ته هيءُ قدم، جيڪو مون کنيو آهي، سو آءُ ايمانداريءَ سان صحيح ۽ حق تي سمجهان ٿو، تنهنڪري مون کي اها به تسلي آهي ته الله تعالى هميشه حق جي حمايت ڪندو آهي ۽ مون کي به سندس حمايت حاصل ٿيندي. آمين”.
    مورخه 26 ڊسمبر 1945ع
    منهنجي ان بيان کان پوءِ مسلم ليگ هاءِ ڪمان جي طرفان ظاهر ڪيو ويو ته منهنجي برخلاف انتظامي قدم کڻي، مون کي مسلم ليگ مان خارج ڪيو ويو آهي. ساڳئي وقت مسلم ليگ هائي ڪمانڊ جيڪي انتهائي جابرانه طريقا اختيار ڪيا، تن جو اسان کي اڳ تجربو نه هو. هنن غنڊن جو هڪ ٽولو موڪلي، صوبائي مسلم ليگ جي آفيس تي زوريءَ قبضو ڪرڻ گهريو. پر اسان موٽ ۾ ساڳيو طريقو اختيار نه ڪيو، ڇو ته اسان ڪنهن به صورت ۾ فسادن ڪرائڻ لاءِ تيار نه هئاسون. سندن اهڙن قدمن مان خبر پئي ٿي ته نوابن، جاگيردارن ۽ لقب بردارن جي ڪشتيءَ کي ترقي پسند سوچ رکندڙن مان ڪيڏو نه خطرو محسوس ٿي رهيو هو. پر اسان ڪو به غير جمهوري طريقو اختيار نه ڪيو. بلڪه شرافت سان صرف عوام کي بيدار ڪري حق ۽ ناحق کي سڃارائڻ جو رستو اختيار ڪيو، ڇو ته اسان جو سنڌي عوام (هارين ۽ مزدورن) جي پنهنجي مفاد لاءِ آخر بيدار ٿي مقابلي ڪرڻ ۾ ڪامل ايمان هو. اسان کي يقين هو ته عوام عارضي طرح ٺڳجي يا گمراهه ٿي سگهي ٿو، کين هيسائي به سگهجي ٿو، پر ڪڏهن نه ڪڏهن ستل شير ننڊ مان ضرور جاڳندو.
    اسان چونڊ ۾ (جيڪي 21 جنوري 1946ع تي ٿيون) مسلم ليگ جي ٿاڦيل اميدوارن سان سڌي مقابلي ۾ 16 اميدوار بيهاريا. رجعت پسندن اسان جي خلاف مذهب جي نالي کي گهڻو استعمال ڪيو ۽ ائين ظاهر ڪيو ته جيڪڏهن جي ايم سيد ۽ ان جا ساٿي ڪامياب ٿيا ته اسلام کي شڪست اچي ويندي. شهرن مان ڀاڙي تي مبلغ ڳوٺن ۾ ڪاهي پيا ۽ اسان کي اسلام جو دشمن ۽ هندن جو ڇاڙتو سڏيو ويو. اسان به سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مسلم ليگ وزارت ۽ سندن حامين جا ڪارناما پڌرا ڪيا. مخالف ڌر سنڌ جي تعليم يافته مسلم طبقي کي اخبارن رستي غلط پروپيگنڊا ذريعي ڪافي گمراهه ڪيو. اهڙيءَ طرح مذهب جي استعمال، پيسي، اثر رسوخ ۽ غلط طريقن جي استعمال سبب اسان جا صرف چار اميدوار ڪامياب ٿي سگهيا ۽ حاجي مولابخش سومري جي آزاد گروپ جا 3 ميمبر چونڊيا. ٻنهي ڌرين جي اتحاد بعد مون کي ليڊر ۽ حاجي مولابخش کي ڊپٽي ليڊر چونڊيو ويو. چونڊن جي پوزيشن هن ريت هئي:
    مسلم ليگ 27، ڪانگريس 21، اسان ۽ آزاد گروپ 7، مزدور ليڊر 1
    اسان ڪانگريس ۽ مزدور ميمبر کي پاڻ سان ملائي ڪوليشن ٺاهي، ان ريت اسان جملي 29 ميمبر ٿيا سون ۽ گڏجي حڪومت ٺاهي سگهياسون ٿي. پر سنڌ جي ڀلي خاطر اسان مناسب سمجهيو ٿي ته ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي وچ ۾ سمجهوتي سان ڪارائتي ۽ مضبوط وزارت ٺهي سگهندي. ان لاءِ هر ممڪن مدد لاءِ تيار هئاسون. مسلم ليگ جي ٿاڦيل صدر محمد هاشم گزدر، پهرين اسان جي گروهه ۽ مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ جي وچ ۾ حڪومت ٺاهڻ نسبت سمجهوتي جي ڪوشش ڪئي، بعد ۾ ابوالڪلام آزاد ۽ سردار پٽيل سان، سندن سنڌ آمد جي موقعي تي مسلم ليگ ۽ ڪانگريس جي وچ ۾ سمجهوتي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، ان ارادي سان ته سنڌ اندر فرقيوار مسئلي جو خاطر خواهه حل نڪري اچي. اسان به ان سلسلي ۾ هر ممڪن مدد ۽ سهڪار جو يقين ڏيکاريو، جنهن جو ثبوت مسٽر گزدر جي اسيمبليءَ اندر ڪيل تقريرن مان ملي سگهندو. اسان مسلم ليگ، ڪانگريس سمجهوتي ٿيڻ جي صورت ۾ وزارت کان ٻاهر رهڻ لاءِ تيار هئاسون، پر سر غلام حسين ان لاءِ ذهني طرح تيار نه هو. کيس مسلمان قوم جو نام نهاد اتحاد جي نالي ۾ مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ جي مدد ۽ تعاون حاصل هو. هن ڪرائي جي مبلغن ذريعي نه رڳو اسان جي خلاف اسلام دشمنيءَ وغيره جا لقب ڏيارائي ـ پروپيگنڊا ڪرائي، پر مسلم ليگ جي ٿاڦيل پريزيڊنٽ کي به نه بخشيو ۽ ان کي غنڊا موڪلي ڌمڪايو.
    اسان ڪانگريس سان ڪوئليشن جي حيثيت ۾، مسلم ليگ کان اڪثريت ۾ هئاسون وزارت ٺاهي سگهياسون ٿي. سنڌ جي نئين گورنر سر فرانسز موڊي مون کي گهرايو. مون سندس آڏو اسيمبليءَ ۾ پارٽين جي سچي تصوير پيش ڪئي، پر هن مون کي مسلم ليگ ۾ داخل ٿيل لاءِ چيو. سندس راءِ هئي ته اسان ليگ کان ٻاهر رهي، مسلمانن جي اتحاد کي نقصان پئي پهچايو. مون کي انگريز گورنر جي اهڙيءَ گفتگوءَ تي حيرت ۽ عجب لڳو ته هن پنهنجي فرض ادائيءَ بدران مسلم ليگ جو سرپرست بنجي، مون کي منٿ پي ڪئي. منهنجي انڪار بعد، اسان جي حيرت جي حد نه رهي، جڏهن گورنر باوجود اقليت ۾ هجڻ جي سر غلام حسين کي گهرائي، يورپين ميمبرن جي مدد ڏياري، مسلم ليگ جي وزارت ٺهرائي. اتي اسان لاءِ اها ڳالهه سمجهڻ مشڪل نه هئي ته خود جناح صاحب ڇو ترقي پسند گروهه تي هن (ابن الوقت) گروهه کي ترجيح ڏئي رهيو هو.
    اسان اسيمبليءَ ۾ بجيٽ سيشن وقت وزارت خلاف بي اعتباريءَ (عدم اعتماد) جي ووٽ جو نوٽيس ڏنو. ان تي ليگ وارن هڪ نئون طريقو اختيار ڪيو، جو اسيمبليءَ هلندي قاضي مجتبى (جيڪو ڪميونسٽ مشهور هو، پر هن وقت هارون خاندان جي اثر سبب مسلم ليگ جي دامن ۾ اچي لڪو هو) کي منهنجي دروازي تي مرڻ گهڙيءَ تائين بک هڙتال تي ويهاريو ويو. ان کان سواءِ عيدگاهه ميدان (ڪراچيءَ) ۾ هر رات اسان جي خلاف ماڻهن کي اشتعال ڏياريندڙ تقريرون ڪرائي نفرت ڦهلائي پئي وئي.
    جڏهن اسيمبليءَ جو سيشن، بجيٽ پاس ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيو، تڏهن اسان جي پارٽيءَ وزارت خلاف بي اعتماديءَ جي رٿ پيش ڪئي. اسيمبليءَ ۾ بحث هلندي، مون پنهنجي پارٽي پوزيشن جي صفائيءَ لاءِ هيٺين تقرير ڪئي :
    “ هن ڳالهه کان ڪو به انڪار ڪري نه سگهندو ته مون پاڻ کي مسلم ليگ مان پئي شمار ڪيو آهي. درحقيقت سنڌ ۾ مسلم ليگ کي زور وٺائڻ ۾ منهنجو گهڻو حصو آهي. جيڪڏهن مون کي مجبور ڪري هن حالت ۾ آندو ويو آهي ته اها جوابداري انهن جي ڪلهن تي آهي، جن گذشته اليڪشن ۾ ترقي پسند گروهه کي مسلم ليگ مان خارج ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. جڏهن منهنجي ترقي پسند گروهه جي ميمبرن کي هڪ هڪ ڪري خارج ڪيو ويو، تڏهن مون احتجاج طور مسلم ليگ ٽڪيٽ ڇڏي ڏني ۽ اهو منهنجو قدم ناقابلِ معافي گناهه سمجهي، مون کي مسلم ليگ مان خارج ڪيو ويو.
    اليڪشن دوران اسان جي خلاف هر قسم جي غلط پروپيگنڊا ڪئي وئي. اسان کي اسلام ۽ مسلم قوم جو دشمن سڏيو ويو ۽ چيو ويو ته اسان پاڻ کي هندن وٽ وڪڻي ڇڏيو آهي. پر باوجود ان جي چونڊن پوري ٿيڻ کان پوءِ اسان هر ان شخص کي، جنهن اسان کي بدنام ڪيو هو يا نقصان پهچايو هو، معاف ڪرڻ ۽ اڳيون ڳالهيون وسارڻ لاءِ تيار هئاسون. پر اسان کي چيو ويو ته بناشرط شروط جي پيش پئو، ڄڻ ته اسان کان وڏو گناهه سرزد ٿيو هو ـ ۽ جن اسان کي مجبور ڪري مسلم ليگ مان ٻاهر ڪڍيو ۽ اسان جي برخلاف هرڪا مخالفت ڪئي، سي پاڪ ۽ صاف هئا.
    تنهن هوندي به اسان جڏهن ڏٺو ته اسان جي گروهه ۾ صرف چار ميمبر آهن، تڏهن مون هڪ بيان رستي مکيه پارٽين ڪانگريس ۽ مسلم ليگ کي پاڻ ۾ ملي، ايماندار ۽ سنڌ جي ڀلي لاءِ دلچسپي رکندڙ وزارت ٺاهڻ جي اپيل ڪئي ۽ ان ڪم ۾ کين مدد ڪرڻ جو وعدو ڪيم. پر آفيشل مسلم ليگ، ڪانگريس ۽ اسان مان ڪنهن سان وزارت ٺاهڻ واسطي ڪا به پچار ڪا نه ڪئي. مسلم ليگ پارٽيءَ جي انهيءَ رويي ڪري اسان لاءِ ٻيو ڪو به طريقو ڪو نه بچيو، سواءِ هن جي ته باقي پارٽيون پاڻ ۾ ٺاهه ڪري آئين کي سسپينڊ ٿيڻ کان بچائين. ڪوئليشن پارٽي ٺاهڻ وقت مون بيان ڪڍي صاف ظاهر ڪيو هو ته آءُ مسلم ليگ جي بنيادي اصولن جو مڃيندڙ آهيان ۽ انهيءَ وقت جيڪي چيو هوم، ان تي اڄ به قائم آهيان. آنريبل مسٽر گزدر تڏهن ڪوشش ڪئي، جڏهن ڪوئليشن پارٽي منهنجي ليڊريءَ هيٺ اڳ ۾ ٺهي چڪي هئي. انهيءَ وقت صرف آل پارٽي وزارت ٺهي سگهي ها، جنهن جو ليڊر اتفاق راءِ يا ڪثرت راءِ سان چونڊجي ها. پر مسلم ليگ وارن ڪا به تجويز قبول نه ڪئي، جنهن جا سبب کين معلوم به هوندا. ان کان پوءِ موجوده وزارت ٺهي ۽ باوجود ان جي، جو اسيمبلي ميمبرن جي يورپين ميمبرن کان سواءِ گهڻائي مون سان هئي ۽ هن وقت به آهي.
    اهو صحيح آهي ته وزيراعظم ٿيڻ کان پوءِ سر غلام حسين رڳو ڪانگريس پارٽيءَ کي دعوت ڏني ته کيس ٻه هندو وزير چونڊي ڏئي وزارت ۾ شامل ٿئي، پر هڪ جهونو ۽ تجربيڪار سياستدان هجڻ جي صورت ۾ کيس معلوم هئڻ گهربو هو ته جڏهن ڪانگريس اسان جي گروپ ۽ قومپرست مسلم گروپ (حاجي مولابخش سومري وارن) سان ڪوئليشن ڪري چڪي هئي ته ان حالت ۾ ائين ڪري نه ٿي سگهيا. اسان يا ڪانگريس پارٽي مسلم ليگ وزارت کي موجوده صورت ۾ مدد ڪري نه ٿا سگهون، جيستائين ان کي بدلائي سڀني جي رضامندي موجب نه ٺاهيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ آءُ “هائوس” کي تازي خبر ٻڌائڻ گهران ٿو، جا مون کي دير سان پهتل آهي.
    جڏهن بي اعتماديءَ جو ٺهراءُ پهرئين ڏينهن پيش ٿيو هو ته ڪن وزارت ڌر جي ميمبرن ۽ هڪ يورپين ميمبر اسان جي پارٽيءَ کي اپيل ڪئي هئي ته صوبي جي ڀلائيءَ خاطر اسان کي ڪنهن ٺاهه تي اچڻ گهرجي. ان ڳالهه کي مدنظر رکي پارٽيءَ جي صلاح سان آءُ سر غلام حسين مسلم ليگ پارٽيءَ جي ليڊر ۽ خانبهادر کهڙي مسلم ليگ پارٽيءَ جي ڊپٽي ليڊر، مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ کي هڪ تار ڪئي ته صوبي ۽ مسلم قوم جي مفاد خاطر مون (جي ايم سيد) تان ۽ منهنجي گروپ جي ميمبرن تان مسلم ليگ ۾ داخل ٿيڻ جي بندش لاٿي وڃي. مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ وٽان جيڪا تار هنن کي جواب ۾ پهتي آهي، تنهن مان مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ جي ذليل ذهنيت جو پتو پئجي سگهي ٿو، ڇا انهيءَ ذهنيت سان هو مسلمانن ۾ اتحاد آڻي سگهندا؟
    هو ڪانگريس يا مها سڀا ( جي پاڪستان جي کُليو کُلايو برخلاف آهن) سان ڪوئليشن ڪرڻ لاءِ تيار آهن، پر اسان جي خيالن ۽ اخلاق وارن ماڻهن سان، جي سندن خونِ جگر آهيون، اتحاد ڪرڻ جي برخلاف آهن، جي مون کي مڪاني ليگ وارن کان مليون آهن :
    1 ـ تار جناح صاحب کان، سنڌ پريمئر جي نالي :
    “ تنهنجي تار پهتي، منهنجي نظر ۾ سيد ۽ ٻين تان بندش لاهي نه ٿي سگهجي. هنن کي معافي وٺڻ گهرجي ۽ بنا شرط شروط جي پش پوڻ گهرجي. ڪو به شرط يا گفتگو سيد سان ڪري نه ٿي سگهجي، جيستائين هو دشمنن جي ڪئمپ ۾ آهي”. ـ “جناح”
    2 ـ تار نوابزادو لياقت علي خان کان مسٽر غلام حسين ڏي :
    تنهنجي ۽ کهڙي جي گڏيل تار پهتي. سيد کي ضرور بنا شرط شروط جي پيش پوڻ گهرجي ۽ هن کي ليگ جي ضابطي ۽ فيصلي جي انحرافي ڪرڻ بابت معافي وٺڻ گهرجي ۽ مستقبل ۾ وفاداريءَ جو انجام ڪرڻ گهرجي، تنهن کان پوءِ سندس بندش لاهڻ جي سوال تي غور ڪيو ويندو. ـ لياقت علي
    هي آهي رويو، جنهن سان مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ وارا مسلمانن ۾ اتحاد آڻڻ جا خواهان آهن ۽ اسان مان اميد رکي ٿي وڃي ته مسلم ليگ وزارت جي مدد ڪريون. ليگ پارٽيءَ جون اخبارون مون کي يا منهنجي گروپ کي بدنام ڪرڻ لاءِ جيڪي وڻين سو ڪن، پر پبلڪ (عوام) کي معلوم هجڻ گهرجي ته مون کي يا منهنجي گروپ مان ڪنهن کي به عهدي حاصل ڪرڻ جي خواهش نه آهي.
    آءُ صرف ايترو پڇڻ ٿو گهران ته سنڌ ۾ ملڪ جي ڀلي لاءِ بي رشوت وزارت ٺاهڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ ڏوهه آهي ڇا؟
    آءُ طاقت هٿ ڪرڻ جي پٺيان نه آهيان، منهنجو، ماضيءَ جو رڪارڊ ان لاءِ شاهد آهي. پبلڪ کي وڌيڪ تسلي ڏيڻ جي ضرورت نه آهي. اسان مخالفت نه ڪنداسون، جيڪڏهن مسلم ليگ پاڻ مان ئي هن وزارت کي بدلائي، عوام جي ڀلي لاءِ ڪا سٺي وزارت ٺاهي، مسلم ليگ جي اصولن ۾ اعتقاد رکڻ جي معنى اها نه آهي ته مسلم ليگ جي نالي ۾ هر ڪا ڳالهه قبول ڪجي، پوءِ کڻي اها ملڪ لاءِ نقصان واري هجي. آءُ سرڪاري عملي مان رشوت ۽ رسائي ڪڍي، بدامني دور ڪرڻ، فرقيوار اتحاد پيدا ڪرڻ ۽ عوام جي اقتصادي ۽ تعليمي ترقيءَ جي فائدي ۾ آهيان.
    ٺهلي جماعت جي نالي کان مون کي اهي ڳالهيون وڌيڪ پياريون آهن. منهنجي، مسلم ليگ مان ڪڍڻ، بدناميءَ ۽ سختيءَ جي طريقن سان مون کي منهنجي اختيار ڪيل رستي کان هٽائي نه ٿو سگهجي.
    منهنجو ضمير صاف آهي، آءُ ڪڏهن به سنڌ ۽ ان جي عوام جي خدمت ڪرڻ کان نه گسندس. آءُ مسلم ليگ مان خوشيءَ سان ڪونه نڪتو آهيان، مون کي مسلم ليگ مان زبردستيءَ خارج ڪيو ويو آهي.
    آءُ اهو چوڻ کان رهي نه ٿو سگهان، ته ڪو به ايماندار، خودار ۽ بااصول ماڻهو حق جي رستي کان زبردستيءَ ۽ دڙڪن سان ڦيرائي نه ٿو سگهجي.
    جيڪڏهن مسلم ليگي، جيڪي چون ٿا، ان ۾ سچا آهن ۽ اگر کين جماعت جي عزت ۽ احترام آهي (جنهن لاءِ مون به گهڻو پتوڙيو آهي ۽ اڃا تائين احترام اٿم ـ) ته انهن کي يڪدم وزارت ۾ تبديلي آڻي ـ نااهل ۽ بي ايمان وزير ڪڍي، ايماندار ماڻهن جي وزارت ٺاهڻ گهرجي. پوءِ منهنجو ساڻن جهڳڙو نه رهندو، پر جيڪڏهن هو عهدن جي لالچ خاطر مسلم ليگ ۾ آيا آهن ته پوءِ ڀلي ان کي چنبڙيا پيا هجن ۽ جيترو وقت رهي سگهن، اوترو رهن اهڙيءَ حالت ۾ هو مون کان مدد جي ڪا به اميد رکي نه ٿا سگهن، انهن حالتن هيٺ منهنجي لاءِ ڪو به رستو ڪونهي، سواءِ ان جي ته هن وزارت برخلاف پيش ڪيل بي اعتماديءَ جي ووٽ جي تائيد ڪريان.”
    بي اعتماديءَ جو ٺهراءُ ڪامياب نه ٿيو. وزارت جي طرف، يورپين ميمبرن جي ووٽن سميت 30 ووٽ ٿيا ۽ اسان جي طرف 29 ٿيا. پر سيشن جي پوري ٿيڻ کان ٿورو اڳ ميربنده علي خان ٽالپر مسلم ليگ وزارت جي خلاف بيان ڪڍي، ٻئي ڏينهن وزارت جي خلاف ڪُتر جي رٿ تي ووٽ ڪيو. اهڙيءَ طرح مير غلام عليءَ جي ووٽ تي غلام حسين جي وزارت کي شڪست آئي، پر گورنر سر غلام حسين کان استعيفا وٺڻ بدران مير بنده علي ٽالپر کي پنهنجو سيڪريٽري موڪلي، کيس گهرائي، وزير بنائي حال وزارت کي ڊهڻ کان بچائي ورتو. اهڙيءَ ريت هڪ طرف اسان سان مسلم ليگ هائي ڪمانڊ جا رويا اصولي مخالفت وقت ڪهڙا هئا ته ٻي طرف مسلم ليگ جي خلاف بيان ڏيندڙ ۽ ڦرڻن گهرڻن ماڻهن کي وزارت جا انعام ڏنا ٿي ويا. شايد مسلم ليگ ليڊرن جي دستور موجب سزا ۽ ضبطي جي پابندي رڳو اصول پرست ۽ ترقي پسندن لاءِ هئي، پر سندن هم جنس رجعت پسند هر پُڇاڻي کان آجا هئا ۽ کين هر ڪُڌي فعل ڪرڻ جي اجازت هئي.
    انهيءَ وقت (24 مارچ 1946ع ڌاري) برٽش سرڪار جي “ڪئبينٽ مشن” هندستان (دهليءَ) پهتي. هيءَ مشن ان لاءِ آئي هئي ته هندستان کي آزادي ڪهڙيءَ ريت ڏجي. ان لاءِ گڏيل سمجهوتي سان عارضي انتظامن جو بندوبست ڪرڻو هو. مون کي پڻ سنڌ اسيمبليءَ ۾ ڪانگريس ـ ڪوئليشن پارٽيءَ جي مخالف ليڊر جي حيثيت ۾ دهليءَ گهرايو ويو. 2 اپريل 1946ع تي مون ڪئبينٽ مشن اڳيان پنهنجي گروپ جو آل انڊيا سوالن تي نقطه نگاهه پيش ڪيو. اسان هر هڪ رياست لاءِ حق خوداردي ۽ انهن جي مڪمل خودمختاريءَ جي گهر ڪئي. اسان کي ان تجويز ۾ هندستان جي سياسي مسئلي جو صحيح حل ۽ وڌندڙ فرقيوار ڇڪتاڻ جي روڪڻ لاءِ اڪيلو علاج ڏسڻ ۾ آيو. آءُ هتي وضاحت ڪريان ته جيتوڻيڪ مسلم ليگ هائي ڪمانڊ سان منهنجا اختلاف هئا، پر مسلم ليگ جي بنيادي مقصد “پاڪستان” جو مخالف نه هئس. ان ڪري مون ڪئبينٽ مشن آڏو پاڪستان جي حمايت ڪئي، پر منهجي تجويز ۾ مسلم ليگ جي تجويز کان هيءَ تفاوت هو ته “آزاد هندستان ۾ آزاد پاڪستان بنايو وڃي، جنهن ۾ صوبن (رياستن) کي مڪمل خودمختياري ڏيڻ جو اصول قبول ڪيو وڃي ـ” ان جي معنى اها نڪتي ٿي ته مسلم اڪثريت وارن صوبن ۽ هندو اڪثريت وارن صوبن جون ٻه فيڊريشنون بنايون وڃن، جيڪي ڪن خاص معاملن لاءِ ڪنفيڊريشن ۾ هڪ جيتري تعداد جي ميمبرن ۽ وزيرن سان شامل ٿي، ڪاروبار هلائين، اها تجويز ذري گهٽ ڪئبينٽ مشن جي تجويز ڪيل “ريجنل پلئن” سان مشابهت رکندڙ هئي.
    ڪئبينٽ مشن سان 3 اپريل 1946ع تي مولانا ابوالڪلام آزاد ملاقات ڪئي. هن جي راءِ ۾ هندستان جي آزاديءَ هڪ آئين ساز اسيمبليءَ ۽ حال مرڪز ۾ عارضي حڪومت قائم ڪرڻ جون تجويزون شامل هيون. هن جي راءِ موجب ڪانگريس، هندستان جي ورهاڱي جي هر حالت ۾ خلاف هئي ۽ مستقبل لاءِ هڪ فيڊرل حڪومت جي حق ۾ هئي، جنهن کي صرف بچاءَ، خارجي معاملات ۽ آمدورفت جي ذريعن جا کاتا پاڻ وٽ رکڻا هئا.
    مهاتما گانڌيءَ شخصي حيثيت ۾ ڪئبينٽ مشن سان ملاقات ڪري، پاڪستان جي سوال کي ڌوڪو قرار ڏنو. هن جي نظر ۾ ٻه ـ قومي نظريو ملڪ لاءِ هاڃيڪار هو. هن اها راءِ رکي ته پهرين هندستاني سرڪار ٺاهڻ جو موقعو جناح کي ڏنو وڃي ۽ ان جي نه ٺاهڻ جي صورت ۾ ڪانگريس کي وزارت ٺاهڻ جو موقعو ڏنو وڃي.
    جناح صاحب 4 اپريل 1946ع تي ڪئبينٽ مشن سان ملاقات ڪئي ۽ چيو ته موجوده حالتن ۾ ملڪ جي ورهاڱي کان سواءِ ٻيو ڪو به حل نه آهي. پاڪستان جي اصول قبول ڪرڻ بعد ٻئي ڪنهن ٺاهه لاءِ سوچي سگهجي ٿو.
    لبرل ليگ جي اڳواڻن سرتيج بهادر سپرو ۽ مسٽر ايم ـ آر ـ جيڪر، تُرت عارضي حڪومت ٺاهڻ تي زور ڏنو ۽ انديشو ڏيکاريو ته ورهاڱي جي صورت ۾ وڏا نقصان ٿيندا.


    9

    ڪئبينٽ مشن سان اڃا ڳالهيون هلندڙ هيون ته جناح صاحب دهليءَ ۾ جملي مسلم ليگ جي ٽڪيٽ تي چونڊجي آيل ميمبرن جي ڪانفرنس سڏائي، جنهن ۾ 400 کن ميمبرن حصو ورتو ـ اتي پنهنجي مرضيءَ ۽ منصوبي مطابق هڪ ٺهراءُ پاس ڪرايائين، جنهن ۾ چيو ويو ته:
    “بنگال، آسام، سنڌ، بلوچستان، پنجاب ۽ صوبي سرحد تي مشتمل هڪ جُدا پاڪستان حڪومت قائم ڪرڻ جي گهر ڪئي وئي. ان واسطي جدا آئين ساز اسيمبلي قائم ڪرڻ جي ضرورت ڄاڻائي وئي. ان راءِ جي خلاف جيڪڏهن ڪو به حل زوريءَ مڙهيو ويو ته ان جي هر طرح مخالفت ڪئي ويندي.”
    هيءُ ٺهراءُ 1940ع جي لاهور ۾ پاس ٿيل “پاڪستان ٺهراءُ” جي خلاف هو، جنهن ۾ اولهه ۽ اوڀر هند جي مسلم اڪثريت وارن صوبن ۾ آزاد ۽ خودمختيار حڪومتن قائم ڪرڻ جو ذڪر ڪيل هو، پر هن ٺهراءَ وسيلي هڪ “مرڪزي حڪومت” جي گهر ڪئي وئي، جيڪا ڳالهه نه رڳو 1940ع واري ٺهراءَ ۽ 3 مارچ 1943ع تي سنڌ اسيمبليءَ ۾ پاس ٿيل ٺهراءُ جي روح جي خلاف هئي.
    (هتي تقابلي مطالعي لاءِ 1938ع ۽ 1940ع وارن ٺهرائن جي متن جون ڪاپيون درج ڪجن ٿيون)
    آڪٽوبر 1938ع ۾ مسلم ليگ ڪانفرنس ۾ پاس ڪيل ٺهراءُ جو متن
    (8ـ9ـ10 آڪٽوبر 1938ع)
    “جنهن صورت ۾ آل انڊيا نيشنل ڪانگريس، مسلم ليگ کي مسلمانن جي واحد نمائنده جماعت تسليم ڪري هندو مسلم مسئلي تي سمجهوتي ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي، ان مان سندن مراد مسلمانن کي ويڙهائي راڄ ڪرڻ جي پئي نظر اچي. جنهن ڪري مسلم ليگ طرفان گذريل 15 سالن کان سمجهوتي ڪرڻ لاءِ ٿيل ڪوشش جو دروازو بند ٿي چڪو آهي.
    جنهن صورت ۾ ڪانگريس، پريس ۽ پيسي جي وسيلي مسلمانن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي، مسلمان ڪئمپ ۾ نفاق وجهي، مسلم ليگ کي ڪمزور ڪري، ان جي نمائنده پوزيشن ختم ڪري رهي آهي ته جيئن دنيا کي اهو گمراه تاثر ڏجي ته ڪانگريس ئي هندستان جي سمورين قومن جي واحد نمائنده جماعت آهي.
    جنهن صورت ۾ ڪانگريس ڄاڻي واڻي ڪن صوبن ۾هندو راڄ قائم ڪيو آهي، جن مان ڪن وزارتن ۾ ته ڪو مسلمان وزير به ڪو نه آهي ۽ جي ڪن ۾ نالي ماتر ڪو مسلمان وزير آهي به ته اهو مسلم ميمبرن جو نمائندو نه آهي. جيڪا ڳالهه گورنمينٽ آف انڊيا ائڪٽ 1935ع جي روح، لکيت ۽ گورنرن جي ڏنل هدايتن جي خلاف آهي.
    جنهن صورت ۾ اهڙيءَ طرح قائم ڪيل وزارتن، مسلمانن تي سختي ڪرڻ ۽ بددليءَ پيار ڪرڻ جو نمونو اختيار ڪيو آهي، جنهن ۾ سندن مقصد مسلمانن جي صحت بخش، تعميري ۽ قومي نشونما کي ختم ڪرڻ، مسلمانن جي مذهبي رسم و رواجن کي دٻائڻ، مذهبي فرائض پوري ڪرڻ کان روڪڻ ۽ روڪڻ ۽ سندن سياسي حقن کي جداگانه فرقي جي حيثيت ۾ ختم ڪرڻ آهي.
    جنهن صورت ۾ ڪانگريس مڃيل جمهوري اصولن خلاف مڪمل اڪثريت وارن صوبن جهڙوڪ: صوبه سرحد، بينگال، پنجاب ۽ سنڌ ۾ مسلم اڪثريت جي مفاد خلاف اهڙين ڪوليشن وزارتن کي طاقت ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جن کي مسلم عوام جو اعتماد حاصل نه آهي.
    جنهن صورت ۾ ڪانگريس پنهنجي وزارتن مٿان هائي ڪمانڊ جا اختيار قائم ڪري فسطائي ڊڪٽيٽر شپ جو طريقو اختيار ڪيو آهي، جنهن پارليامينٽري دستورن ۽ مقرر ٿيل آئيني روايتن موجب مسلم ميمبرن کي وزارتن ۾ نئين سر شريڪ ٿيڻ کان محروم ڪري ڇڏيو آهي،
    جنهن صورت ۾ ڪانگريس اهو فيصلو ڪري چڪي آهي ته :
    (الف) مسلمانن جي مخالفت جي باوجود “ويامندر اسڪيم” کي مٿن زوري مڙهيو وڃي.
    (ب) مسلمانن ۽ ٻين فرقن جي جذبات خلاف “بندي ماترم” جي گيت کي قومي تراني جي حيثيت ۾ زوريءَ رائج ڪيو وڃي، جيڪو بت پرسنانه عناصر تي ٻڌل ۽ مسلمانن خلاف نفرت پيدا ڪرڻ لاءِ تيار ڪيل هو.
    (ت) هندو اڪثريت جي زور تي مسلمانن کي سندن صحيح نمائندگيءَ کان محروم ڪرڻ خاطر لوڪلباڊيز ۾ گڏيل چونڊون رائج ڪيو وڃن.
    (ٿ) ته اردو زبان کي ختم ڪرڻ جي نقطه نگاهه کان اردو اسڪولن جي بند ڪرڻ يا ان جي فروغ جي راهه ۾ رنڊڪون وڌيون وڃن.
    (هنديءَ کي ديوناگري رسم الخط ۾ هندستان جو قومي رسم الخط مقرر ڪيو وڃي، جيتوڻيڪ اقليتن ان تجويز جي سخت مخالفت ڪئي آهي)
    (ج) قاعدي قانون بحال ڪرڻ ۽ تشددي ڪارواين کي روڪڻ جي بهاني پريس، تقرير ۽ تحرير جي آزاديءَ کي ختم ڪيو وڃي.
    (ح) مسلمانن کي جيڪي مذهبي حق وڏي عرصي کان حاصل آهن، تن جي خلاف دست درازي ڪئي وڃي. جنهن صورت ۾ هندستان واري اڪثريتي فرقي (هندن) هندستان ۾ هزارن ورهين کان “جاتي سسٽم” قائم ڪري، ملڪ جي ڪروڙين ماڻهن جي حالت غلامن جهڙي بنائي ڇڏي آهي، جيڪو دستور قومپرستيءَ، مساوات، جمهوريت ۽ جديد زماني جي خيالن جي خلاف آهي ۽ معاشري ۾ ويڇا (عدم مساوات) پيدا ڪرڻ جو ڪارڻ بنجي ٿو، ۽ جنهن صورت ۾ گڏيل خواهش ۽ نظرين جي بنياد تي متحده هندستان ۾ متحده قوم جي ارتقا جو تخيل اڪثريت واري فرقي جي فرقيوارانه ذهنيت ۽ مسلم دشمن پاليسيءَ سبب ناممڪن نظر اچي رهيو آهي، خاص ڪري ان حالت ۾ جڏهن ٻنهي جاتين جا مذهب، زبانون، رسم الخط، ڪلچر، معاشرتي دستور ۽ ڪٿي نسل ۽ زندگيءَ بابت نقطه نگاهه علحده آهن.
    هيءَ ڪانفرنس برصغير هند جي امن، اقتصادي ۽ سماجي ترقي، ٻنهي جاتين جي سياسي خوداراديءَ لاءِ هيءَ ڳالهه ضروري ڄاڻي ٿي ته آل انڊيا مسلم ليگ کي سفارش ڪئي وڃي ته هندستان جي مستقبل ۽ سياسي جوڙجڪ بابت مسلمانن لاءِ عزت ڀرئي طريقي اختيار ڪرڻ لاءِ نئين سر ويچاري، ڪا تجويز رٿي. ان ڪري هيءَ ڪانفرنس آل انڊيا مسلم ليگ کي سفارش ڪري ٿي ته مسلمانن لاءِ اهڙو آئين ترتيب ڏنو وڃي، جنهن ۾ کين مڪمل آزادي نصيب ٿئي. وڌيڪ هيءَ ڪانفرنس آل انڊيا فيڊريشن اسڪيم تي ناراضگيءَ جو اظهار ڪندي، ملڪ مٿان زوريءَ مڙهڻ خلاف برٽش سرڪار کي چتاءُ ڏئي ٿي ته اها اسڪيم هندستان جي عام طرح ۽ مسلمانن جي خاص طرح مفاد جي خلاف آهي.
    هيءَ ڪانفرنس وڌيڪ اعلان ڪري ٿي ته هندستان جي مستقبل بابت تيار ڪيل ڪو به آئين، ڪنهن جو به تيار ڪيل کين قبول نه پوندو، جيسين تائين ان کي مسلم ليگ قبول نه ڪيو آهي.
    ٺهراءُ پيش ڪندڙ : شيخ عبدالمجيد سنڌي
    تائيد ڪندڙ: حاجي عبدالله هارون، سيد رئوف شاهه ۽ عبدالحامد بدايوني.

    لاهور مسلم ليگ جو ٺهراءُ
    23 مارچ 1940ع
    1. هيءُ آل انڊيا مسلم ليگ جو اجلاس، ان جي ڪائونسل ۽ ورڪنگ ڪاميٽيءَ جي 27 اگسٽ، 17 ــ 18 سيپٽمبر، 12 آڪٽوبر 1939ع 30 فيبروي 1940ع تي پاس ڪيل ٺهرائڻ کي منظور ڪري صاف طور ٻڌائڻ گهري ٿو ته 1935ع جي ائڪٽ جي فيڊرل اسڪيم، هندستاني حالتن جي مدنظر ناقابل عمل آهي، ان ڪري هندستاني مسلمان ان کي قبولي نه ٿا سگهن.
    1. “هيءُ اجلاس وڌيڪ راءِ ظاهر ڪري ٿو ته 18 آڪٽوبر 1939ع تي وائسراءِ هند جو برٽش سرڪار طرفان ڏنل بيان ڪجهه قدر اطمينان بخش آهي، جنهن ۾ هن ڄاڻايو آهي ته1935ع جي ائڪٽ جي طريقه ڪار ۽ پلان تي وري هندستان جي مختلف پارٽين، مفادن ۽ جاتين جي صلاح سان نئين سر غور ڪيو ويندو. ليڪن هيءُ ظاهر ڪرڻ کان رهي نه ٿو سگهجي ته هندستان جا مسلمان تيسين تائين راضي نه ٿيندا، جيسين تائين سموري آئيني مسئلي تي نئين سر غور نه ڪيو ويو آهي ۽ ڪو به درست ٿيل منصوبو مسلمانن کي قبول نه پوندو، جيسين تائين اهو سندن منظوريءَ، ۽ رضامنديءَ سان پاس نه ڪيو ويو آهي.
    2. وڌيڪ هن اجلاس جو غور شده رايو آهي ته ڪو به آئيني منصوبو هن ملڪ ۾ هلڻ جهڙو نه ٿيندو ۽ مسلمانن کي قبول نه پوندو، جيستائين اهو هيٺن بنيادي اصولن تي رٿيو نه ويو آهي :
    جنهن ۾ ملڪ جون جاگرافيائي ڀرواريون ايراضيون، نئين سر ڦير ڦار ڪري اهڙيءَ طرح بيهاريون وڃن، جو جن حدن ۾ مسلمان اڪثريت ۾ آهن، جيئن: الهندي ۽ اڀرندي هندستان ۾ ـ تن کي ڳنڍي آزاد رياستون بنايون وڃن : جن ۾ گڏجندڙ صوبا، آزاد ۽ خودمختيار رياستون رهن، انهن رياستن جي آئين ۾ اقليتن جي تحفظ لاءِ موثر، آئيني طور عمل ۾ اچڻ جهڙا فقرا داخل ڪيا وڃن، جن ۾ اقليتن جي مذهبي، ثقافتي، اقتصاد، سياسي، انتظامي، ٻين حقن ۽ مفادن جو بچاءُ سندن مشوري سان رکيو ويندو.
    وڌيڪ هيءُ اجلاس ورڪنگ ڪاميٽي مسلم ليگ کي اختيار ڏئي ٿو ته مٿي ذڪر ڪيل بنيادي اصولن مطابق آئيني مسودو تيار ڪري، جنهن ۾ سڀئي کاتا جهڙوڪ بچاءُ، امورخارجيه، رسل ورسائل، ڪسٽمس ۽ ٻيا انهن جدا رياستن کي ڏنا وڃن.
    پيش ڪندڙ : مولوي فضل الحق
    تائيد ڪندڙ : سر سڪندر حيات ۽ ٻيا.

    ڪئبينٽ مشن ان وچ ۾ ڪانگريس ۽ ليگ جي وچ ۾ هندستان جي مستقبل بابت مشورا ۽ گڏجاڻيون ڪرايون. 12 مئي 1946ع تي ٻنهي جماعتن جي ميٽنگ ٿي، پر ڪو به سمجهوتو نه ٿيو. ان هوندي به ڪئبينٽ مشن، هڪ ڊگهي بيان ذريعي پنهنجي طرفان آخري تجويز پيش ڪري ظاهر ڪيو ته هر حالت ۾ هندستان ۾ عارضي حڪومت قائم ڪئي ويندي.
    بيان جو متن
    “اسان ملڪ جي ورهاڱي جي سوال تي پوريءَ طرح غور ڪيو آهي، جنهن ۾ جدا پاڪستان واري تجويز ۽ گروپن جي صورت ۾ نيم پاڪستان جي سوال تي به ويچاريو آهي.
    پهرئين تجويز جي فائدي ۾ اسان ان ڪري نه آهيون، جو ان ڪري انهن ايراضين ۾ غير مسلم اقليتن جا وڏا حصا اچي ٿا وڃن، جنهن ڪري فرقيوار مسئلي جو پوريءَ طرح حل ٿي نه سگهندو. ٻي تجويز وري مسلم ليگ کي قبول نه هئي، ڇو ته ان ڪري امبالا ۽ جلندر ڊويزنون پنجاب مان ۽ مغربي بنگال ڪلڪتي سوڌو بنگال مان نڪري ٿي ويا ـ جيڪا ڳالهه اتي جي هندو مسلم رهاڪن ۽ سکن جي مفادن خلاف هئي.
    ان ڪري ڪئبينٽ مشن سفارش ڪري ٿي ته نئون آئين هيٺين بنيادن تي ٺاهيو وڃي :
    1. ساري هندستان جي هڪ يونين ٺاهي وڃي، جنهن ۾ رياستون ۽ برٽش انڊيا ٻئي شامل هوندا، جيڪا هنن کاتن ـ (بچاءَ، خارجي تعلقات ۽ آمدرفت جا ذريعا) ـ کي پاڻ وٽ رکندي ۽ انهن جي سنڀال لاءِ انهن کي فنڊن پيدا ڪرڻ جا اختيار حاصل هوندا.
    2. انهيءَ يونين کي اسيمبلي ۽ وزرات هوندي، جيڪا رياستن ۽ برٽش انڊيا جي نمائندن تي مشتمل هوندي، جنهن ۾ ڪو به مکيه فرقيوار سوال، هندو مسلم فرقن مان هرهڪ اڪثريت کان سواءِ پاس نه ٿي سگهندو.
    3. يونين کي سپرد ڪيل معاملن کان سواءِ باقي سڀ کاتا رياستن جي حوالي رهندا.
    4. اهڙيءَ طرح رياستن کي به انهن سڀني کاتن تي مڪمل اختيار هوندا، سواءِ انهن جي جيڪي رياستن پاران يونين کي سپرد ڪيا ويا هوندا.
    5. رياستن کي پنهنجا گروپ ٺاهڻ جا اختيار هوندا، جن کي جدا اسيمبليون ۽ وزارتون هونديون. انهن گروپن کي رياستون پنهنجيءَ مرضيءَ مطابق کاتا سپرد ڪنديون.
    6. يونين ۽ گروپن جي آئين ۾ هڪ اهڙي قانوني داخلا به هوندي، جنهن مطابق ڪو به صوبو پنهنجي اسيمبليءَ جي اڪثريت سان ڏهن سالن کان پوءِ ان جي اختيارن ۾ ترميم ڪرائڻ جي گُهر ڪري سگهندو.
    ڪئبينٽ مشن جون آئين سازيءَ لاءِ پيش ڪيل تجويزون :
    1. سڀ ڪنهن صوبي کي ان جي آباديءَ جي لحاظ کان ڏهن لکن پويان هڪ نمائندو ڏنو ويندو.
    2. اها نمائندگي هر هڪ صوبي ۾ مکيه فرقن کي آباديءَ پٽاندڙ ڏني ويندي.
    3. هر هڪ فرقي جا ميمبر پنهنجا نمائندا چونڊيندا، ۽ اهي ٽي مکيه گروهه هيٺيان هوندا :
    1. جنرل 2. مسلمان 3. سک
    جنرل گروهه ۾ مسلمانن ۽ سکن کان سواءِ ٻيا سڀ شامل هوندا. ننڊين اقلتين لاءِ هڪ صلاحڪار ڪاميٽي هوندي، جيڪا آئين ساز اسيمبليءَ کي سندن مسئلن تي مشورا ڏيندي. اهڙيءَ طرح چونڊيل نمائندا رياستن جي نمائندن سان گڏ پهرين دهليءَ ۾ ملندا، جتي ابتدائي ميٽنگ ۾ چيئرمن جي چونڊ کان پوءِ هيٺين ٽن ڀاڱن ۾ ورهائجي، آئين سازيءَ جو ڪم شروع ڪندا.
    الف ـ سيڪشن : مدراس، بمبئي، گڏيل علائقا، بهار، مرڪزي علائقا ۽ اوڙيسا.
    ب ـ سيڪشن : پنجاب، اتر اولهه سرحد ۽ سنڌ.
    ت ـ سيڪشن : بنگال ۽ آسام
    آئين ساز اسيمبليءَ جا اهي ٽئي ڀاڱا، پنهنجن صوبن ۽ گروپن جا آئين ٺاهيندا. هر هڪ صوبي کي اختيار هوندو ته گروپ کان آئين ٺهڻ ۽ عمل ۾ اچڻ بعد جدا ٿي سگهي. ٽئي گروپ بعد ۾ رياستن جي نمائندن سان گڏ يونين جو آئين ٺاهڻ شروع ڪندا. يونين اسيمبليءَ ۾ ڪو به ٺهراءُ ڪئبينٽ مشن جي تجويز خلاف يا مکيه فرقيوار مسئلي تي ٻنهي فرقن جي اڪثريتي ووٽن کان سواءِ پاس ٿي نه سگهندو. يونين ۽ برٽش سرڪار جي وچ ۾ عهدنامو ڪيو ويندو، جنهن ۾ اختيارن سپرد ڪرڻ واري مسئلي تان اڀرندڙ سوالن بنسبت ڳالهيون درج ڪيو وينديون.
    وڌيڪ ڪئبينٽ مشن وائسراءِ کي عرض ڪري ٿي ته آئين ساز اسيمبليءَ جي نمائندن جون چونڊون جلد از جلد ڪرائي. جيستائين آئين ٺهي تيار ٿيندو، ان وقت تائين هندستاني حڪومت جي انتظام هلائڻ لاءِ عارضي حڪومت ٺاهي، سڀئي پورٽ فوليا هندستانين جي هٿ ۾ ڏنا ويندا.”
    جناح صاحب 6 جون 1946ع تي مسلم ليگ ڪائونسل کان ڪن شرطن تي ڪئبينٽ مشن جي اها تجويز قبول ڪرائي، وائسراءِ سان ڳالهين ڪرڻ جا اختيار حاصل ڪري ورتا. اهڙيءَ طرح هن اها زوريءَ گروپنگ واري تجويز قبول ڪرڻ سان لاهور واري “پاڪستان ٺهراءَ” يا تجويز کي ڄڻ ته ڇڏي ڏنو هو. ان مان پتو پئجي ٿو ته مسلم ليگ سياست ڪيڏانهن وڃي رهي هئي. مسلم قوم جي فرضي نالي ۾ سنڌ جا مفاد ڪيئن نه قربان ڪيا ٿي ويا. هيءَ ڳالهه گهڻن سنڌين محسوس ڪئي ٿي، پر ان جي مخالفت ڪرڻ جو، ڪيترن ۾ دم نه هو.
    سنڌ اندر طاقت اهڙن خود مطلب ۽ ردي ليڊرن جي هٿ ۾ هئي، جن کي بيروني سازش جي مخالفت ڪرڻ لاءِ نه دل هئي ۽ نه دماغ هو. نتيجي طور ڪجهه عرصي کان سنڌ ۾ غير سنڌي گهڻي تعداد ۾ اچي ويا هئا. زمين واپار ۽ نوڪرين وغيره ۾ مڪاني ماڻهن کي نقصان پهچي رهيو هو. فرقيوار ڇڪتاڻ به گهڻيءَ حد تائين انهن جي پيدا ڪيل هئي. مسلم ليگ جا فرقيوار ڇڪتاڻ پيدا ڪرڻ لاءِ مقرر ۽ مسلمانن ۾ نفاق ڦهلائيندڙ مبلغ به گهڻو ڪري ٻاهران آيل ماڻهن مان هئا. اهڙيءِ طرح بيروني سازشين لاءِ سنڌ ۾ رستو صاف هو ۽ مسلم ليگ، اسلام ۽ پاڪستان جي نالي ۾ هڪ منظم طريقي سان ٻاهران ايندڙ فرقيواريت ڦهلائي، پنهنجو تسلط قائم ڪرڻ گهريو پئي.
    اسان جو گروپ ان تسلط کي روڪڻ ۽ سنڌ جي قديم روايتن کي زنده ڪرڻ لاءِ هر طرح جي ڪوشش ڪري رهيو هو. منهنجي دهليءَ رهڻ واري عرصي ۾ پنجاب جي ترقي پسند مسلم ليگين (ميان بشير احمد ۽ ميان افتخار الدين) ڪوشش ڪئي ته اسان ۽ مسلم ليگ هائي ڪمانڊ جي وچ ۾ سمجهوتو ٿئي، پر مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ جي هٺ ڌرمي آڏو پئي آئي. اسان ۽ مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ جي وچ ۾ اختلافن کي هڪ خاص تاريخ هئي، ان ڪري سنڌ جي مفادن سان واسطو رکندڙ بنيادي اصولن بابت سمجهوتي ڪرڻ کان سواءِ اسان ساڻن شامل ٿي نه ٿي سگهياسون. ان ڪري اسان جي مخلص دوستن جون ڪوششون ڪامياب نه ٿيون.
    اسان جيڪي سنڌ جا خيرخواهه هئاسون، تن جي آڏو انهيءَ سموريءَ مهيءَ ولوڙ دوران جيڪي خدشا ۽ انوما ڪَرُ کڻي بيٺا هئا، تن جو دردناڪ نقشو پير علي محمد راشديءَ جي مون ڏانهن پنهنجي هڪ موڪليل مضمون (2 جون 1946) ۾ پيش ڪيو آهي، جيڪو مضمون 13 جون 1946ع جي “قرباني” اخبار ۾ ڇپيو هو :

    سنڌ جي سياسي زندگيءَ ۾ نازڪ دور :
    “سنڌي پوريءَ طرح فڪر ڪري ڪو جلد قدم کڻڻ لاءِ تيار آهن يا نه؟ ڪئبينٽ مشن جي تجويز جي اعلان ٿيڻ بعد، سنڌ جي مستقبل کي هڪ نازڪ دور ۽ مشڪلات سان مقابلو مُنهن پيو آهي. اڳئين قسم جو دور ختم ٿي، نئون دور شروع ٿيڻ وارو آهي، نئين دور کي ڪير شڪل ڏيندو؟ اهو نئون دور ڪهڙي قسم جو ٿيڻ وارو آهي؟ ڪير ان کي هلائيندو ۽ ڪهڙيءَ طرح؟ سنڌ جي مستقبل لاءِ اهو دور ڪيتري قدر مفيد ٿيڻ جو امڪان آهي؟ انهن ڳالهين تي روشني وجهڻ لاءِ ڪئبينٽ مشن جي تجويز پيش ڪري، پوءِ مختصر تبصرو ڪندس.
    ڪئبينٽ مشن جي تجويز مطابق امور خارجيه، مواصلات ۽ دفاع، صوبن جي طرفان، آل انڊيا مرڪزي حڪومت جي هٿن ۾ هوندا، باقي سڀ کاتا سب فيڊريشنن جي هٿن ۾ هوندا. سڀ فيڊريشن ٽي ٿينديون : هڪ پنجاب، سنڌ فرنٽيئر ۽ بلوچستان جي هوندي، ٻي وچ هندستان جي، ۽ ٽين آسام ۽ بنگال جي هوندي. اسان واريءَ سب فيڊريشن تي اڪثريت پنجاب جي هئڻ ڪري قبضو پنجاب جو رهندو.
    انهيءَ بنيادي رٿا کي نظر ۾ رکي، ان جو تفصيلي آئين ساز اسيمبليءَ طرفان فيصلو ڪيو ويندو، جا ان جو ٻن طريقن جي نست ۾ فيصلو ڪندي ـ هڪ طريقو سڄي هندستان جي گڏيل نست جو هوندو ۽ هڪ مسلم اڪثريت وارن صوبن جي نست جو هوندو. سنڌ جي قسمت جو فيصلو هن پوئين گروپ جي اجلاس ۾ ٿيڻ وارو آهي.
    سنڌ جي پوزيشن، آئين ساز اسيمبليءَ ۾ :
    آئين ساز اسيمبليءَ ۾ جملي 389 ميمبرن جون جايون هونديون، جن مان سنڌ کي چار ميمبر ملندا. اهي به ٻن گروهن ۾ ورهايل هوندا، جن مان ٽي مسلمان ۽ هڪ هندو هوندو، يعني هڪ ڪانگريسي ۽ ٽي مسلم ليگي، هي ٻيئي سندن آل انڊيا هاءِ ڪمانڊ جي حڪمن جا تابعدار هوندا. ان جو نتيجو ڪهڙو نڪرندو؟ انهيءَ صورتحال مان پڌرو پيو آهي ته پوئين سب فيڊريشن ۾ پنجابي، ڪثرت ۾ هئڻ ڪري پنهنجيءَ مرضيءَ مطابق ۽ فائدي موجب آئين ٺاهيندا، جنهن ۾ سنڌ پنجاب جي ماتحت ۽ غلام ٿي رهندي. هو سنڌين جي آزادي، خودمختياري، خواهشن ۽ ارادن تي بندش وجهي ڇڏيندا. اهي سڀ ڳالهيون هڪ ٻئي پٺيان اهڙيءَ طرح سرزد ٿينديون، جهڙيءَ طرح ڏينهن کان پوءِ رات ايندي آهي.
    ڇا اسان اها پوزيشن قبول ڪنداسون، ته ٻيا اسان لاءِ آئين ٺاهين؟ جنهن جا نتيجا پڌرا پيا آهن؟ ڇا، پنجابي هيءَ اولهه واري فيڊيرشن، الله خاطر هلائيندا؟ ان جو عيوضو ۽ بدلو ته وٺندا؟ اهو بنيادي نقطو آهي، جو اسان کي ذهن ۾ رکڻو آهي.

    سنڌ جي ڏاگهه چڙهڻ لاءِ ڪاٺين جو ڍير :
    جيڪڏهن اسان اها پوزيشن قبول ڪنداسون ته 389 عيوضين ۾ به چا ۽ 36 عيوضين ۾ به چار عيوضي اسان کي ڏنا ويندا، انهيءَ آڌار تي انهن حڪومتن ۾ اسان جي وزارتن جو ڪيترو عيوضپڻو ٿيندو؟ ان بنياد تي سنڌ جي ڪو عيوضي يونين وزارت ۾ وڃي سگهندو يا نه؟ گروپ وزارت ۾ ان جي عيوضين جي پوزيشن ڪهڙي هوندي؟ ڪئبينٽ مشن جي تجويزن تي غور ڪرڻ بعد آءُ هن تنيجي تي پهتو آهيان ته اها تجويز سنڌ کي قربان ڪرڻ لاءِ ڏاگهه چاڙهڻ جي سماڌي آهي. ڇا سنڌ کي اها تجويز قبولڻ گهرجي؟ سنڌ کي ڇا لاءِ اها تجويز قبولڻ نه گهرجي، ان لاءِ ڪيترائي سبب ۽ دليل آهن :
    اسان جو ماضي : سنڌ پنهنجي خاص جاگرافيائي حدن، آبهوا، تاريخي پسمنظر، روايات، ڪلچر، زبان، رسم الخط ۽ سوشل ۽ ايڪنامڪ طريقن موجب گذشته زماني کان وٺي جدا ۽ آزاد زندگي پئي گذاري آهي، سواءِ ڪن ٿورن وقتي حادثن ڪري آزاديءَ وڃائڻ جي عارضي دورن جي ـ سنڌ ۽ هند سدائين ٻه جدا ملڪ پئي رهيا آهن، جا ڳالهه قديم جاگرافيءَ ۽ تاريخ مان ظاهر پئي ٿئي. سنڌ تي حملا ٿيا آهن، ۽ ڪجهه وقت ڌارين جي ماتحت گذاريو اٿس، پر ڪڏهن به ان تي ماٺ نه ويٺي آهي. پهرئين موقعي ملڻ تي وري وڃايل آزادي پئي حاصل ڪئي اٿس. هيءُ ان جي تاريخ جو خاص نمايان ورق پئي رهيو آهي ته غلاميءَ تي ڪڏهن به رضامند ٿي نه ويٺي آهي. ڇا، هاڻي اسان پنهنجو قديم قيمتي ورثو هٿن مان قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿينداسون؟

    سنڌ جو مستقبل :
    سنڌي جي مستقبل جي نقطي نگاهه لاءِ ڪئبينٽ مشن واري تجويز تباه ڪن ٿيندي. سنڌ، هندستان جي انهن خاص ملڪن مان آهي، جنهن کي قدرت سندس ترقيءَ لاءِ نهايت وسيع ۽ زرخيز ذريعا موجود ڪري ڏنا آهن. اها سون جي کاڻ آهي، جا اڃا ڇپي پئي آهي. آءُ جڏهن غور ڪندو آهيان ته معلوم ٿيندو اٿم ته قدرت ڪيئن نه هن ننڍڙي ٽڪر زمين کي پنهنجي مهربانين ۽ سخاوتن سان مالامال ڪري ڇڏيو آهي. جيڪڏهن اسان پنهنجي ڪوششن ۽ قربانين سان سنڌ کي سنڌين جي مفاد لاءِ محفوظ رکي سگهون، ته اها تمدن جي اعلى درجي تي پهچي، سندس رهاڪن جو معيار زندگي بلند ڪري سگهي ٿي. سندس ڪپهه ڪڻڪ، سارين ۽ ڪمند جي لائق زرخيز زمين، ان جو سدا ڀريل سنڌو درياءُ ۽ ان جا بيراج، ان جون زمين ۾ ڇُپيل کاڻيون، يوپ جي نزديڪ سامونڊي ۽ هوائي بندر ۽ انهن جون واپار لاءِ سهوليتون، جدا جدا قسم جي هنري ڪارخانن لاءِ موزون جڳهه ۽ سهوليت، هي سڀ سندس چاليهه لک (4000000) ماڻهن لاءِ ڪافي کان وڌيڪ پيدائش ڏيئي سگهن ٿا. جيڪڏهن اسان پنهنجي ڪوشش سان سنڌ کي آزاد رکي، سندس حڪومت کي ماڻهن جي مفاد لاءِ، سواءِ ٻاهرينءَ دست اندازيءَ جي، ڪتب آڻي سگهون، ته ملڪ باغ بهار ٿي پوندو. جيڪڏهن ملڪي حڪومت لالچي ۽ خود مطلب ماڻهن جي چنبي مان آزاد ٿي، مخلص، خادم قوم، محب وطن ۽ سالم فڪر وارن ڪارڪنن جي هٿ ۾ اچي وڃي، جي سندن تعميري صلاحيت سان ساري ملڪ جا اقتصادي ذريعا استعمال ڪري سگهن ۽ پراڻن ۽ نقصانڪار نظرين کي ڦٽو ڪري ڪم ڪرڻ لاءِ تيار هجن، ته ڇا نه ٿي سگهي ٿو.

    سنڌ جي ترقيءَ جون رٿائون : جيڪڏهن اسان جي نئين سنڌ جي وزارت عوام سان جوابداري محسوس ڪندي، ته سنڌ جي ايڪانامي نئينءَ طور هيٺين طريقن تي منظم ڪري سگهندي؛
    پورٽ ٽرسٽ ۽ ڪسٽمس جي پيدائش، جا اٽڪل چاليهه ڪروڙ ٿيندي، ۽ انڪم ٽيڪس، پوسٽ ۽ ريلوي جي جملي پيدائش کي صوبي جي پيدائش سان گڏيندي ته ان جي آمدني وڌي وڃي هڪ سئو ڪروڙ ٿيندي، جا هوءَ سنڌ جي نون براجن جي زمين جي مشنريءَ ذريعي آباد ڪرائڻ ۽ ڪپڙي ۽ ٻين شين جي ٺاهڻ لاءِ ملون لڳائڻ لاءِ صرف ڪري سگهي ٿي. اها هنري درسگاهون کولي، سنڌي شاگردن کي سرڪاري خرچ تي ٻاهرين ملڪن ۾ اعلى تعليم لاءِ موڪلي سگهي ٿي. سنڌ جون نوڪريون سنڌين لاءِ مخصوص ڪري، غير سنڌين کي سنڌ ۾ نوڪري ڏيڻ تي بندش وجهي، نه صرف موجوده صوبائي کاتن ۾ بلڪ ريلوي، پوسٽ، ڪسٽمس، هوائي جهازن ۽ سامونڊي ٻيڙي ۾ سنڌ جا لکها ماڻهو روزگار سان لڳائي سگهي ٿي. اها سنڌ ۾ کاڻين کوٽائڻ جا انتظام ڪري سگهي ٿي. اها سنڌ لاءِ آل انڊيا يونين جي نوڪرين ۾ حصو وٺي، ۽ مڪمل آزاديءَ جي حالت ۾، پنهنجا ٽريڊ ايجنٽ، سفير ۽ ڪائونسل ٻاهر موڪلي ۽ لشڪر رکي سگهي ٿي، جنهن مان نه صرف سنڌ جو سياسي درجو وڌندو. بلڪ سنڌين کي دنيا جي ڊپلوميٽڪ ورلڊ ۾ پنهنجي لياقت ڏيکارڻ جو موقعو ملندو. سنڌ جي نقطه نگاهه کان اهو سڀ ان جي ترقيءَ ۽ خوشحاليءَ جو باعث ٿيندو.
    منهنجيءَ سمجهه ۾ اسان جي آزاد سنڌ جي سالياني بجيٽ ڪئين سو ملين رپين جي ٿي ويندي. اهڙي طرح سان اسان جو معيار زندگي بلند ٿي ويندو. اسان تعليم ۽ صحت عام جو مفت انتظام ڪري سگهنداسون. اسان هتي ننڍي آمريڪا پيدا ڪري وجهندا سون. اهو سڀ تڏهن ٿي سگهندو، جڏهن سنڌ کي آزاد ڪري، سندس قسمتن جي واڳ سنڌين جي هٿ ۾ ڏيون.
    فرقيوارانه فساد نه ٿيندا : انهيءَ حالت ۾ نه بيروزگاري ٿيندي، نه قانون انتقال ايراضي ۽ قرضن جي فيصل ڪرڻ جي بلن جي ضرورت ٿيندي ۽ نه وري انهن سببن ڪري هندو مسلم فساد ٿيندا، جن جو مکيه ڪارڻ بيروزگاري ۽ غربت ٿئي ٿي. ان ڪري بدامني، ڌاڙا، خون وغيره سڀ گهٽجي ويندا.
    ٻي حالت :
    اهو تصوير جو هڪ رُخ پيش ڪيم. ٻيو اهو ٿيندو، جو ڪئبينٽ مشن تجويز کي عمل ۾ آڻڻ جي نتيجي ۾ نڪرندو. ان حالت ۾ اسان کي پنهنجي ماضيءَ کي وسارڻو پوندو. مستقبل جي ترقيءَ جا سڀ خيال ترڪ ڪرڻا پوندا. پنهنجي قومي وجود کي ختم ڪرڻ لاءِ تيار رهڻو پوندو. ڌاريا ماڻهو توهان تي سندن مرضيءَ مطابق آئين مڙهيندا. سنڌ جي جملي پيداوار جا ذريعا پنهنجي مفاد لاءِ ڪتب آڻيندا، سنڌ پنجاب جي ڪالوني ٿي ويندي، جهالت ساڳي رهندي، هندو مسلم ساڳيءَ طرح پاڻ ۾ وڙهندا رهندا.
    هي تصوير جا ٻئي رُخ سڀني سنڌين کي صاف طرح ذهنن ۾ ويهارڻ گهرجن، ڇاڪاڻ ته کين جلدي فيصلو ڪرڻو پوندو ته ڪهڙو طريقو اختيار ٿا ڪن؟

    سنڌ جي آزادي :
    منهنجا رايا ان بابت صاف ۽ مستقل صورت وٺي چڪا آهن. سنڌ کي ڪڏهن به ٻنهي فيڊريشنن ۾ داخل ٿيڻ نه قبولڻ گهرجي. ڪنهن به مرڪز سان شامل ٿي، پيداوار جو ٽڪو به انهن کي ڏيڻ تي رضامند نه ٿيڻ گهرجي. پنهنجو آئين کيس پاڻ بنائي آزاد ٿي رهڻ گهرجي. ان کي ڪنهن به صورت ۾ پنجاب جي ڪالونيءَ واري گروپ ۾ داخل نه ٿيڻ گهرجي. سندس آزادي جي راهه ۾ جيڪا به رڪاوٽ پوي، ان کي ٺڪرائي ڇڏڻ گهرجي. ان کي پنهنجي مرضيءَ موجب عهدنامون ڪري، يونين ۾ بچاءَ ۽ امورخارجيه لاءِ داخل ٿيڻ گهرجي. ان لاءِ پنهنجي خرچ جو حصو ڏئي، باقي سڀ پيدائش پاڻ وٽ رکڻ گهرجي.
    خوف جو ڀوت :
    هن وقت هندو ۽ مسلمان ٻيئي انهيءَ سوال تي غلط نقطي نگاهه سان نظر ڪن ٿا، ان جو مکيه ڪارڻ سندن هڪ ٻئي مان خوف آهي. مسلمانن کي اهو وهم ويٺل آهي ته پنجاب جي گروپ سان گڏجڻ ڪري، هنن جي پوزيشن هندن جي دست درازين کان بچي ويندي. هندن کي وري اهو خيال ويٺل آهي ته سنڌ جي آل انڊيا سان ملحق ٿيڻ ڪري، سندن حالت انڊيا جي هندن جي مدد سان مسلماني ناجائز تسلط کان بچي ويندي.
    پر ٻنهي ڌرين جا ماڻهو هيٺيون ڳالهيون ڀلجي وڃن ٿا :
    1. هيءَ ذهني حالت خوف ۽ گهرج ڪري پيدا ٿئي ٿي. جڏهن هندن ۽ مسلمانن کي سندن گهرجن کان وڌيڪ ملندو، ته هنن ۾ اقتصادي مقابلو ڪو نه ٿيندو ۽ نه ان ڪري فرقيوار اختلاف ئي پيدا ٿيندا.
    2. باهمي شڪ ۽ شبها ان وقت تائين آهن، جڏهن ٽين پارٽي اسان جي وچ ۾ موجود آهي. جڏهن هيڪر اهو عنصر اسان وٽان نڪري ويو، ته سنڌي وري اطمينان بخش ۽ باهمي اعتبار واريءَ حالت ۾ ايندا. جيستائين سنڌين جي حڪومت سنڌ تي هئي ۽ ٽين پارٽي ويڙهائڻ لاءِ وجود ۾ ڪا نه آئي هئي، ته هندو مسلم اختلاف پيدا ئي ڪو نه ٿيا هئا. ٽينءَ پارٽيءَ جي مصيبت ضرور ڪڍڻ گهرجي، پوءِ اها ٽين پارٽي انگريزن جي هجي يا پنجابي مسلمانن جي يا هندستاني هندن جي، اسان لاءِ سڀ ساڳي حيثيت رکن ٿا.
    3. اها ڳالهه بيوقوفيءَ جي ٿيندي ته باهمي اعتبار نه هئڻ ڪري، اسان پنهجي گهر جي واڳ ٻاهرين جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيون. اسان جا ايندڙ نسل اسان کي پٽيندا، ۽ اسان پنهنجي قسمت جون واڳون پاڻ کان مضبوط ماڻهن جي هٿن ۾ ڏيڻ سان پنهنجو حال اهڙو ڪنداسون، جهڙو، ڪو ماڻهو ڪئن کي مارڻ لاءِ گهر کي باهه ڏئي.
    4. سنڌ جي اقتصادي تعبير جا پلئن ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا، جيسين تائين سنڌ پنهنجي آزادي حاصل نه ڪئي آهي. هيڪر جيڪڏهن اسان پنهنجا ذرائع پيداوارين ٻين جي حوالي ڪيا ته پوءِ اهي اسان جي هٿن مان هميشه لاءِ ويندا هليا.
    هي موقعو نازڪ آهي. وقت ٿورو بچيل آهي، سنڌين کي ان بابت اهم فيصلا جلد ڪرڻا آهن.”
    (پير علي محمد راشديءَ جا خط ۽ مضمون ـ ص 122 ـ خط ۽ مضمون)
    اڳتي هلي جڏهن ڪئبينٽ مشن جي 16 مئي 1946ع واري تجويز سکن توڙي ڪانگريس رد ڪئي ته جنا صاحب ان کي مسلم ليگ سان ڪيل وعدي جي خلاف ورزي سڏيو. بهرحال ڪئبينٽ مشن هندستان جي عارضي حڪومت بابت ڳالهين ناڪام ٿيڻ بعد 29 جون 1946ع تي واپس انگلنڊ موٽي وئي.


    10

    6 جولاءِ 1936ع تي آل انڊيا ڪانگريس جو پريزيڊنٽ مولانا ابوالڪلام آزاد جي جاءِ تي پنڊت جواهر لعل نهرو چونڊيو ويو، جنهن گڏجاڻيءَ ۾ تقرير دوران واضع ڪيو ته :
    “اسان جي ڪئبينٽ مشن پلئن قبول ڪرڻ مان مراد رڳو آئين ساز اسيمبليءَ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ رضامندو هو، باقي اسان 16 مئي واري تجويز جي ڪنهن به ڳالهه سان ٻڌل نه آهيون. ........... آئين ساز اسيمبليءَ ۾ اسان آزاد هونداسون ته جيڪي به وڻي سو ڪريو ..........”
    هن اهو به چيو ته “اتر اولهه سرحد صوبو گروپنگ ۾ داخل ٿيڻ جي مخالفت ڪندو ۽ آسام ۽ بنگال به ممڪن آهي گروپن ۾ داخل ٿيڻ قبول نه ڪن”
    اڳتي هلي مسلم ليگ ورڪنگ ڪميٽيءَ آئيني جدوجهد کي خيرباد چئي، تحريڪ هلائڻ جو فيصلو ڪيو.
    برٽش سرڪار جي فيصلي موجب هندستان ۾ جولاءِ 1946ع جي آخر ۾ آئين ساز اسيمبليءَ جون چونڊون ٿيون. سنڌ اسيمبليءَ جو خاص سيشن، ان سلسلي ۾ آئين ساز اسيمبليءَ جي ميمبر اسان جي طرف اچي نڪتا ۽ اسان کي 31 ميمبرن جي حمايت حاصل ٿي وئي ۽ اسان مسلم ليگ وزارت خلاف بي اعتماديءَ جي رٿ بحال ڪرائڻ جو نوٽيس سيشن دوران پيش ڪرڻ لاءِ ڏنو. پر بي اعتباريءَ جي رٿ کڄڻ واري ڏينهن، گورنر خاص آرڊر موڪلي اسيمبلي مهمل ڪري ڇڏي. ان غلط ۽ غير جمهوري چال پٺيان انگريزن جو پنهنجي منظورِ نظر اقليت واري مسلم ليگ وزارت کي قائم رکڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به سبب نه هو.
    هتي واضع ٿئي ته ساڳئي وقت ۾ ساڳئي مقصد لاءِ پنجاب اسيمبليءَ جو اجلاس گڏ ٿيو. اتي مسلم ليگ مخالفت ۾ هئي ۽ سر خضر حيات جي خلاف پيش ٿيل بي اعتماديءَ جي ٺهراءَ کي اُتي جي انگريز گورنر بحث هيٺ آڻڻ ڏنو. ان مان پتو پئجي سگهندو ته انگريزن ڪيئن نه پنهنجي مسلم ليگ ايجنٽن کي پئي ورسايو. اسان گورنر جي غير دستوري ۽ بي قاعدي قدم لاءِ گورنر جنرل ۽ سيڪريٽري آف اسٽيٽس کي وقف ڪيو، پر ڪا به داد رسي نه ٿي. جولاءِ کان سيپٽمبر 1946ع جي اوائل تائين گورنر ۽ سرڪاري عملدارن مسلم ليگ کي اڪثريت ڏيارڻ لاءِ هر طريقو استعمال ڪيو. آخر 5 سيپٽمبر 1946ع تي سپليمينٽري گرانٽن جي منظوريءَ لاءِ اسيمبليءَ جو سيشن گڏ ٿيو. اسان جي ميمبرن کي پنهنجي طرف ڪرڻ جا سڀ طريقا، خون جي دڙڪن سميت اختيار ڪيا ويا، پوءِ به مسلم ليگ وٽ هڪ ووٽ گهٽ هو. آخر اسيمبلي سيشن هلڻ واري ڏينهن اسپيڪر ميران محمد شاهه کان استعيفا ڏيارائي، وزارت کي عارضي طرح بچايو ويو. اسان به مجبور ٿي ڊپٽي اسپيڪر مس ڄيٺي سپاهيملاڻيءَ کان ڊپٽي اسپيڪر جي عهدي تان استعيفا ڏياري. نتيجي ۾ ٻنهي طرفن 30، 30 ميمبر هئڻ سبب آئيني تعطل پيدا ٿي پيو ۽ گورنر اسيمبلي مهمل ڪري ڇڏي. هن دفعي وزارت اسيمبليءَ کان سپليمينٽري گرانٽ پاس نه ڪرائي سگهي، نه اسپيڪر يا چيئرمين چونڊي سگهي. ان حالتن ۾ آئيني طرح گورنر کي، اسان کي وزارت ٺاهڻ جو موقعو ڏيڻو هو، پر جانبدار گورنر مان اها اميد اجائي هئي. اڳتي هلي جڏهن ٻيا ميمبر به مسلم ليگ وزارت خلاف ٿي ويا ۽ وزارت ڊهڻ واري هئي ته گورنر اسيمبلي ختم ڪري نين چونڊن جو اعلان ڪيو. چونڊن ۾ اسان حاجي مولابخش سومري سميت 16 اميدوار بيهاري. جيئن ته گورنر مڪمل ڌر هو، ان ڪري اليڪشن ۾ ڌانڌلين ۽ بي قاعدگين کي محسوس ڪندي، مرڪزي حڪومت کي غير جاندار اليڪشن ڪرائڻ جي بندوبست لاءِ لکيو ويو، پر پوئواري ڪانه ٿي.
    هنن اليڪشنن، هٽلر جي نازي طريقن کي به مات ڪري ڇڏيو. اليڪشن ۾ ٿيل ڌانڌلين جو مختصر وچور هيٺ ڏجي ٿو.
    1. خاص هنڌن تي مسلم ليگ جا حامي آفيسر بدليون ڪري رکيا ويا، جيڪي نه رڳو مسلم ليگ اميدوارن جي ورڪ ڪندا رهيا، پر مخالفن کي به دٻائيندا رهيا.
    2. فرنٽيئر ريگيوليشن قلم 107 ۽ 110 هيٺ اسان جي مکيه ڪارڪنن کي ڪيسن ۾ ڦاسايو ويو ۽ ڪن کي جيل ۾ رکيو ويو.
    3. پولنگ اسٽيشنون تبديل ڪري، مسلم ليگ جي اميدوارن جي ايجنٽن جي بنگلن ۽ جاين ۾ رکيو ويون، جتي اسان جي ووٽرن کي اچڻ نه ڏنو ويو.
    4. پرزائيڊنگ ۽ پولنگ آفيسرن ووٽن جون پيتيون ۽ ڪتاب مسلم ليگ اميدوارن جي حوالي ڪري ڇڏيا.
    5. بئلٽ پيپر رات جو آڱوٺا هڻي، ڪتابن مان ڦاڙي گهڻي تعداد ۾ مسلم ليگ اميدوارن جي حوالي ڪيا ويا. ڪٿي ووٽن جي وقت گذرڻ بعد رات جو ووٽ پيتين ۾ وڌا ويا، ۽ اسان جي ايجنٽن جا اعتراض نه ٻڌا ويا.
    6. 144 قلم سنڌ جي وڏي حصي ۾ لاڳو ڪري، مسلم ليگ جي مخالفن کي تقرين ۽ ميٽنگن ڪرڻ کان روڪيو ويو، پر مسلم ليگ وارن کي مڪمل اجازت هئي.
    7. وزيرن، عملدارن ۽ مسلم ليگ جي اهم ڪارڪنن کي پولنگ بوٿن ۾ ڇڏيو ويو، جيڪي ووٽرن کان بئلٽ پيپر کسي، پاڻ ووٽ ڏئي پيٽين ۾ وجهندا رهيا.
    8. پرزائيڊنگ ۽ پولنگ آفيس مسلم ليگ جا طرفدار يا سندس عزيز ۽ چيف ورڪر هئا.
    9. ڪن پولنگ اسٽيشن تي پوليس، رينجرز ۽ ملٽريءَ ذريعي پرزائيڊنگ آفيسرن، پولنگ آفيسرن ۽ مسلم ليگ جي ايجنٽن کي مدد پهچائي وئي.
    10. هندستان جي مختلف هنڌن تان ڪي گونڊا ۽ ڪوڙا ووٽر گهرائي، زبردستيءَ ڪوڙا ووٽ ڏياريا ويا.
    11. جتي مڪاني ماڻهو سجاڳ هئا ۽ ٺڳيءَ جا امڪان گهٽ هئا، اتي پرزائيڊنگ آفيسرن ۽ مسلم ليگ جي ايجنٽن ذريعي رنڊڪن وجهڻ جا اهڙا طريقا اختيار ڪيا ويا، جو اسان جا سوين ووٽر ووٽ ڏئي نه سگهيا.
    12. مئلن، جيل ۾ ويل ۽ غير حاضر ماڻهن جا ووٽ، اعتراض جي باوجود ڏياريا ويا.
    13. ڪوڙن ووٽرن کي پڪڙي ثبوت سميت پرزائيڊنگ آفيسرن جي حوالي ڪيو ٿي ويو ته انهن کي مسلم ليگ اميدوارن جي سفارش تي ڇڏي ڏنو ويو ٿي.
    14. وڏي وزير، ٻين وزيرن، ڪليڪٽرن ۽ ڊپٽي ڪليڪٽرن، پولنگ اسٽيشنن جو دورو ڪري ماڻهن کي ڪوڙن ووٽن جي ترغيب ڏني. بلڪه پاڻ ۽ پنهنجي پٽيوالن کان ڪوڙا ووٽ، ڏنائون ۽ ڏياريائون.
    15. مسلم ليگ وارن ڪوڙا فوٽا ڇپرايا ۽ نفرت وارا ڪارٽون ڇپائي ورهايا.
    16. مخالفن کان بندوقن جا ليسن ۽ ڪنٽرول جا دڪان کسيان ويا.
    17. مخالفن جي زمينن جو پاڻي بند ڪيو ويو ۽ کين مليل زمينون رد ڪيون ويون.
    18. ووٽن جون پيتيون ڀڃي يا کولي، انهن ۾ ڪوڙا ووٽ وڌا ويا. ۽ مخالفن جي ووٽن کي خراب ڪيو ويو.
    19. ووٽن ڳڻپ واري ڏينهن ڪيترن هنڌن تي بئلٽ پيپرن جا ٻڌل بنڊل پيتين مان لڌا ويا.
    اهڙين حالتن ۾ نتيجن جو اڳئي پتو هو. اسان جا صرف ٻه اميدوار چونڊجي سگهيا. يعني 1 ـ حاجي مولابخش سومرو 2 ـ خان صاحب سردار خان کوسو، جيڪو صرف 16 ووٽن تي کٽي سگهيو. مون کي هارائڻ لاءِ جيڪي ذليل طريقا اختيار ڪيا ويا، ان لاءِ تفصيل ڏيڻ ضروري نه ٿو سمجهان، هتي رڳو ٽربيونل جي فيصلي (گورنمينٽ گزيٽ) جي نقل ڪاپي پيش ڪريان ٿو، جنهن جي بنياد تي منهنجو مخالف اميدوار قاضي محمد اڪبر ۽ سندس ٻه ساٿي پير الاهي بخش ۽ مير محمد شاهه، 1949ع ۾ ڇهن سالن لاءِ نااهل قرار ڏنا ويا. پير الاهي بخش کي ان فيصلي موجب وزارت اعلى جي عهدي تان لاٿو ويو :
    رجسٽرڊ نمبر ايس 436
    سنڌ گورنمينٽ گزيٽ.
    (تمام خاص)
    بااختيار اداري طرفان ڇپرايو ويو
    سومر ـ 14 فبروري 1949ع
    ڀاڱو پهريون
    حڪومت سنڌ
    قانون وارو کاتو
    سنڌ سيڪريٽريٽ 14 فبروري 1949ع.
    نمبر 290 ـ آر/47 ـ جيئين ته مسٽر جي ايم سيد، اميدوار سنڌ ليجسليٽوِ اسيمبلي، چونڊ جو تڪ، مسلمان ٻهراڙي، دادو ڏکڻ، عزت ماب گورنر وٽ گورنمينٽ آف انڊيا جي ( صوبائي چونڊ ۾ ڌانڌلين ۽ ٺڳين بابت پٽيشن) جي آرڊر 1936ع، فقرو3 ڀاڱوIII ۽ سنڌ ليجسليٽوِ اسيمبلي اليڪٽورل (اليڪشنس پٽيشن) جي ضابط 61 ۽ 62 تحت هڪ اليڪشن پٽيشن داخل ڪئي آهي. جنهن ۾ هن اهو سوال اٿاريو آهي ته مذڪوره تڪ ۾ تاريخ 9 ڊسمبر 1946ع تي چونڊ ڪرائي وئي هئي ۽ سندس مخالف اميدوار قاضي محمد اڪبر کي قانوني طور ڪامياب اميدوار هجڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
    اهڙيءَ ڳالهه کي نظر ۾ رکي قانون کاتي طرفان سرڪاري پڌرائي (نوٽيفڪيشن) نمبر 290، آر ــ 47، تحت جيڪو 8 جون 1947ع تي جاري ڪيو ويو، جناب سي. ايم.لوبو، بي.بي. دلال ۽ جناب محمد بخش. اي. ميمڻ کي مذڪوره اليڪشن پٽيشن کي اڪلائڻ واسطي اليڪشن ڪمشنر مقرر ڪيو ويو آهي.
    قانون کاتي جي سرڪاري پڌرائي (نوٽيفڪيشن) نمبر 290 ـ آر/47، تاريخ 1 سيپٽمبر، 1947ع تحت، جناب محمد بخش اي. ميمڻ جي جاءِ تي جناب رحيم بخش، الاهي بخش شيخ کي ڪمشنر مقرر ڪيو ويو آهي.
    قانون کاتي جي سرڪاري پڌرائي نمبر 290 ـ آر/47، تاريخ 29 جون، 1948ع موجب، جناب س.ايم لوبو استعيفا ڏني آهي، جنهن جي جاءِ تي، بي.پي.دلال کي پريزيڊنٽ مقرر ڪيو ويو آهي. بي.پي دلال جي جاءِ تي جناب حسن علي عبدالرحمان بار ــ ائٽ ــ لا کي ڪمشنر مقرر ڪيو ويو آهي.
    قانون کاتي جي سرڪاري پڌرائي نمبر 290 ـ آر/47، تاريخ 10 جولاءِ، 1948ع موجب جناب حسن علي عبدالرحمان جي استعيفى ڏيڻ ڪري جناب فيروز غلام علي نانا کي سندس جاءِ تي ڪمشنر مقرر ڪيو ويو آهي.
    L (IV) 1270 – 1 – 33-A
    90B ــ سنڌ حڪومت جي خاص پڌرائي. 14 فيبروري 1949ع (Part-I)
    جيئن ته مذڪوره ڪميشن مٿي بيان ڪيل ضابطي جي ڀاڱي III جي فقري 8 جي ماتحت فقري (3) تحت، دائر ڪيل اليڪشن پٽيشن جي عدالتي تحقيقات ڪئي آهي، جنهن جا تفصيل ضميمي ۾ ڇاپي پڌرا ڪيا ويا آهن.
    تنهن ڪري مٿي ڏنل ضابطي جي ڀاڱي III ۽ فقري 8 جي ماتحت فقري (3) موجب اليڪشن ڪميشن جي ڏنل فيصلي مطابق، گورنر، مهرباني ڪري هن ريت حڪم صادر ڪري ٿو.
    (الف) ته ڪامياب اميدوار مدعاعليهه قاضي اڪبر جي چونڊ غير قانوني ۽ ڪالعدم قرار ڏجي ٿي.
    (ب) چونڊ دوران ڌانڌلي ۽ ٺڳي ڪرڻ جي ڏوهه ۾ مدعاعليهه قاضي اڪبر کي ڇهن سالن لاءِ چونڊن ۾ بيهڻ کان نااهل قرار ڏنو وڃي ٿو.
    (ت) ته مدعاعاليهه قاضي اڪبر پٽيشن دائر ڪرڻ جو هرجانو. اٺ هزار روپيا، مسٽر جي. ايم . سيد کي ادا ڪندو.
    (ث) ته پير الاهي بخش نواز علي کي سنڌ ليجسليٽوِ اسيمبليءَ جي چونڊڻ ۾ بيهڻ کان ڇهن سالن تائين نااهل قرار ڏنو وڃي ٿو.
    (ج) ته مير محمد شاهه کي ڇهن سالن لاءِ نااهل قرار ڏجي ٿو.
    فقري (الف)، (ب)، (ث) ۽ (ج) ۾ جيڪي حڪم ڪيل آهن، سي هڪدم 3 فيبروري 1949ع جي شام کان ئي نافذالعمل هوندا.
    (ح) سيد گل محمد شاهه جي چونڊ بابت به ڪميشن پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو آهي. ان تي فيصلو به مناسب وقت تي ظاهر ڪيو ويندو.
    سنڌ جي گورنر جي حڪم سان جاري ڪيو ويو.
    محمد بخش اي. ميمڻ
    سيڪريٽري حڪومت سنڌ.

    انهيءَ ڌانڌلين وارين چونڊن ذريعي کٽي آيل نئين مسلم ليگ اسيمبلي پارٽيءَ ۾ خانبهادر کهڙي کي 35 ميمبرن جي وزير اعظمَ ٿيڻ لاءِ حمايت حاصل هئي، پر مسلم ليگ جي هاءِ ڪمانڊ (جناح صاحب) سر غلام حسين کي قائم رکڻ جو حڪم ڪيو. اهڙيءَ ريت سر غلام حسين وري به انگريز گورنر جي مهربانيءَ ۽ جناح صاحب جي حڪم سان سنڌ جو وزيراعظم مقرر ڪيو ويو. ڏهه سال اڳ رڳو مٿس انگريز گورنر جي مهرباني هئي، پر هاڻي مسلمانن جي نام نهاد واحد نمائنده جماعت مسلم ليگ جي ڪرتا ڌرتا جو به مٿس هٿ هو. انگريز هندستان مان وڃڻ وارا هئا، پر جمهوريت جو هن جهڙو يادگار (سر غلام حسين) نشانيءَ طور ڇڏي وڃي رهيا هئا.
    هندستان ۾ مسلم ليگ ۽ ڪانگريس کي راضي ڪرڻ لاءِ انگريزن جيڪي ڪوششون ڪيون، تن مان هندستان کي متحد رکڻ جي آخري ڪوشش، ڪئبينٽ مشن طرفان گروپ ــ پلاننگ اسڪيم هئي، جنهن مطابق سموري هندستان کي ٽن گروپن يا زونن ــ اي ــ بي ۽ سي (A.B.C) ۾ ورهائڻوهو.
    گروپ اي ۾ : پنجاب، سرحد، سنڌ ۽ بلوچستان.
    گروپ بي ۾: آسام ۽ بنگال
    گروپ سي ۾ : باقي سمورو هندستان.
    ان گروپنگ واري اسڪيم جي گروپ (A) ۾ ته سڀ مسلم اڪثريت وارا صوبا هئا ۽ گروپ (B) ۾ هڪ مسلم اڪثريت ۽ ٻيو هندو اڪثريت وارو صوبو شامل هو ۽ گروپ (C) ۾ سڀ غير مسلم اڪثريت وارا صوبا شامل ٿيڻا هئا. پر اها اسڪيم به ڪامياب نه ٿي سگهي. ان جا ڪيترائي سبب هئا. جن مان هڪ آسام جو گروپ (C) ۾ شامل نه ٿيڻ به هو، ۽ ٻيو سبب ڪانگريس جي پريزيڊنٽ نهروءَ پاران اهو اعلان، ته “اسان آئين ساز اسيمبليءَ ۾ غير مشروط طريقي سان وينداسون ۽ ڪنهن به اڳ ۾ طئه ڪيل معاهدي جي پابندي لاءِ ٻڌل نه آهيون،” به هو ــ جنهن تي جناح ان اسڪيم کي قبول ڪرڻ واري فيصلي تان ڦري ويو ۽ هن ملڪ ورهائڻ واري پنهنجي گهر زورشور سان ڪئي ۽ 16 آگسٽ 1946ع تي سموري هندستان ۾ مسلم ليگين کي “ڊئريڪٽ ائڪشن” کڻڻ جو حڪم ڏنو. جنهن ۾ ڪا به وضاحت ٿيل نه هئي ته مسلمانن کي انهيءَ ڏينهن تي ڇا ڪرڻ گهرجي. نتيجي طور فرقيورانه فساد بنگال، آسام ۽ بهار ۾ وڏي پيماني تي شرو ٿي ويا، جن ۾ اٽڪل 5 هزار جانيون ضايع ٿيون، 15000 هزار ماڻهو زخمي ٿيا ۽ هڪ لک کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿيا.
    اهو حال ڏسي ڪئبينٽ مشن پنهنجي ناڪاميءَ جو اعلان ڪيو ۽ وائسراءِ هندلارڊ ويل پنهنجو مدو پورو ڪري برطانيا روانو ٿيو ۽ ان جي جاءِ تي شاهي خاندان جو هڪ فرد ۽ ڏور اوڀر ۾ برطانوي بحري ٻيڙي جو اڳوڻو ڪمانڊر لارڊ مائونٽ بيٽن هندستان جو نئون وائسراءِ ٿي آيو ۽ اهو هندستان جي مسئلي جو حل به پاڻ سان کنيو آهي، جيڪو هندستان جي ورهائڻ جو هو. جيتوڻيڪ انگريز ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جو فيصلو ڪري چڪا هئا، پر پوءِ به لارڊ مائونٽ بيٽن ڪجهه وقت هندستان کي متحد رکڻ لاءِ مسلم ليگ ۽ ڪانگريس سان ڳالهيون ڪندو رهيو، پر هاڻي جناح ايترو اڳتي وڌي چُڪو هو، کيس وڏو اعتماد حاصل ٿي چڪو هو، ان ڪري هن مائونٽ بيٽن جي هر دليل جي جواب ۾ اهو ٿي چيو ته “جيڪڏهن ماچيس جي دٻيءَ جيترو پاڪستان به ملي، ته به آءُ ان جي حاصل ڪرڻ کان سواءِ رهي نه سگهندس ـ ” يا هو ته : “مون کي پاڪستان کپي، پوءِ اهو صرف سنڌ جي ٿر جي ريگستان تي مشتمل ڇو نه هجي ـ ”
    حالتون اهڙي درجي تي پهچي چڪيون هيون، جو انگريزن کي ورهاڱي کان سواءِ ٻيو ڪو رستو ئي نظر نه ٿي آيو. جيتوڻيڪ ڪانگريس جي ڪن ليڊرن جو اهو خيال هو ته جيستائين فرقيوارانه مسئلو متحده هندستان اندر حل نه ٿو ٿئي، تيسين تائين انگريزن کي پنهنجون ڪوششون جاري رکڻ کپن. پر انگريز ٻي مهاڀاري جنگ جي ڪري مالي طرح انتهائي ڪمزور ٿي چڪا هئا، ٻيو، مٿن آمريڪي دٻاءُ به وڌندو پئي ويو ته هندستان کي آزاد ڪري ۽ ٽيون سبب اهو ٿيو جو خود انگريزن جي هندستاني فوج ۾ پڻ بغاوت جا اهڃاڻ نظر اچڻ لڳا هئا، جنهن جي شروعات بمبئي ۽ ڪراچي جي بحري ملازمن جي بغاوت ۽ هڙتال جي صورت ۾ سامهون اچي چُڪي هئي. ان ڪري انگريزن ڏٺو ٿي ته متان هندستان ۾ ڪو خوني انقلاب اچي، تنهنڪري هنن 3 جون 1947ع تي هندستان جي ورهاڱي جو اعلان ڪيو، جنهن اعلان جون مکيه ڳالهيون هيٺيون هيون.
    1. موجوده انڊيا جو هندستان ۽ پاڪستان جي حصن ۾ ورهاڱو.
    2. انهن ٻنهي حصن ۾ آئين، سندن جُدا آئين ساز اسيمبليون ٺاهينديون.
    3. صوبي سرحد جي رهاڪن کان ريفرينڊم ورتو ويندو ته هندستان واري حصي سان گڏجڻ گهرن ٿا يا پاڪستان سان.
    4. اتر ــ الهندي سرحد جي صوبي ۾ نيون چونڊون ڪو نه ٿينديون، بلڪه اتي ماڻهن کان هندستان يا پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ لاءِ رايو ورتو ويندو.
    5. پنجاب ۽ بنگال جي صوبن کي ورهايو ويندو.
    6. آسام صوبي جي ضلع سلهٽ جي رهاڪن جي راءِ وٺڻ بعد کين سندن راءِ ظاهر ڪيل بيٺڪ سان گڏيو ويندو.
    7. ڪلڪتو الهندي بنگال کي ڏنو ويندو، جو هندستان سان شامل هوندو ۽ لاهور الهندي پنجاب سان شامل ٿيندو، جو پاڪستان ۾ ايندو.
    8. ورهاڱي بابت حدن مقرر ڪرڻ لاءِ هڪ ڪميشن مقرر ٿيندي.
    9. پيسو، سامان، اسلحو وغيره ورهائڻ واسطي جدا ڪميٽيون مقرر ڪيون وينديون.
    10. ڏيهي رياستن تان انگلنڊ جي شهنشاهه جي تسلط لهڻ بعد هر هڪ ڏيهي رياست کي فيصلو ڪرڻو پوندو نه ڪهڙي حصي / ملڪ سان شامل ٿئي. انگريز سرڪار انهن کي هندستان ۽ پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ترغيب ڏيندي.
    11. اگسٽ 1947ع ڌاري انگريز سرڪار سموريون واڳون مٿين حڪومتن ۾ سندن مکيه ٻن جماعتن جي حوالي ڪندي.
    ورهاڱو، فرقيوارانه مسئلي جو آخري حل سمجهي، ڪانگريس ۽ ٻين قومپرست اڳواڻن قبول ڪيو هو، پر ان سان فرقيوارانه مسئلو حل ته ڪو نه ٿيو، ويتر وڌيو. سموري ننڍي کنڊ ۾ رت ۽ باهه تي مذهبي مجنونن جو وحشيانه رقص شروع ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ بيپناهه انساني جانيون ضايع ٿيون؛ ملڪيتون ۽ جائدادون تباهه ٿيون؛ عورتن جون لڄون لٽبيون ويون؛ معصوم ٻارن کي بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو ۽ لکين انسانن کي پنهنجا آبائي وطن ۽ ڏاڏاڻا ڏيهه ڇڏڻا پيا ــ ۽ ٻنهي طرفن ميٺ ۽ محبت بدران نفرت ۽ وحشت پنهنجي عروج تي پهچي وئي. انهيءَ سڄيءَ رتوڇاڻ ۽ لڏپلاڻ کان اسان جي سنڌ به الڳ رهي نه سگهي ۽ سنڌي قوم ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي ۽ ان جي تقريباً 13 لک ماڻهن کي مذهب جي نالي تي پنهنجي ماترڀوميءَ سنڌ ۽ سنڌو درياهه جا ڪنارا روئيندي ڇڏڻا پيا. اسان ان وقت اهڙي بيوسيءَ واريءَ حالت ۾ هئاسون، جو انهيءَ سڄي طوفانِ بدتميزيءَ جي سامهون ڪو به بند ٻڌي نه ٿي سگهياسون ۽ نه ئي ان کي جهڪو ڪري ٿي سگهياسون. ان ڪري، خاموشي ءَ سان ويهي آئندي واقع ٿيندڙ حالتن تي غور ويچار ۾ لڳي وياسون، ته آخر ڪار هيءُ پاڪستان، جنهن جي لاءِ اسان پنهنجي حياتيءَ جا بهترين ڏينهن جدوجهد ۾ صرف ڪيا هئا، سو ڪهڙا ٿو رنگ ڏيکاري ـ ۽ پڻ حيران هئاسون ته ڇا هيءَ آزادي، اها آزادي آهي، جنهن آزادي لاءِ سموري ننڍي کنڊ سان گڏ اسان جي ديش سنڌ جي بهادر ۽ مجاهد مردن ۽ عورتن پنهنجون حياتيون گهوريون ۽ بي پناهه قربانيون ڏنيو هيون. جنهن آزاديءَ جا اسان خواب ڏٺا هئا، اها حسين پري ته، زندگيءَ، خوشي ۽ مسرت جي راني هئي، پر جيڪي ڪجهه اسان کي مليو، سو ته موت، نفرت، قتل ۽ غارتگريءَ جو وحشي ديو هو. ان ديو جي خونخوارين کان ڪهڙي طريقي سان پنهنجي معصوم ۽ اٻوجهه ماڻهن کي بچائجي، آئيندي منهنجيءَ سياسي جدوجهد جو اهوئي مرڪزي نقطو ٿيڻو هو. پر آءُ هتي توهان کي ٿوري زهمت ڏيندس ته اڳتي وڌڻ کان پهرين آءُ ان پاڪستان جي قيام جي پسمنظر تي روشني وجهندس ته آيا اهو مطالبو شعوري طرح سوچيل سمجهيل ڪنهن پروگرام جو حصو هو يا تاريخ جي حادثن آخري چاره ڪار طور ليگي ليڊرن جي جهوليءَ ۾ انگريزن طرفان اهو تحفو اُڇليو ويو، جنهن جي سنڀالڻ جا اُهي اهل نه هئا ۽ نه ئي ان کي هلائڻ لاءِ وٽن ڪا مضبوط حڪمت عملي ۽ اهليت ئي هئي. اهوئي سبب آهي جو اڳتي هلي هيءُ ملڪ بحرانن پٺيان بحرانن جو شڪار ٿيندو رهيو آهي ۽ ٿيندو رهندو.
    پاڪستان جي تخيل ۽ مطالبي کي اسان ٽن نقطه نظرن ــ تاريخي، مذهبي ۽ انگريز حڪمت عمليءَ جي نقطه نگاهه سان ڏسڻ جي ڪوشش ڪنداسون :
    تاريخ طرح پاڪستان نالي ملڪ، 14 اگسٽ 1947ع کان اڳ ۾ دنيا جي نقشي ۾ ڪڏهن به موجود نه رهيو آهي. اهو لفظ سڀ کان پهرين انگلستان جي ڪئمبرج يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندڙ هڪ پنجابي شاگرد، چوڌري رحمت عليءَ پنهنجي شاگردي سرگرمين دوران 1930ع ڌاري پمفليٽ ۾ استعمال ڪيو هو، جنهن تي ننڍي کنڊ جي ڪنهن به هندو يا مسلمان سياستدان توجهه نه ڏنو هو. ويندي ان حد تائين، جو آخر وقت ۾ تحريڪِ پاڪستان جي چيمپئن جناح صاحب ان مطالبي يا تجويز کي ان لائق ئي نه سمجهيو هو ته ان تي ڪو تبصرو ڪري. ان لاءِِ ثابتي اها آهي ته رائونڊ ٽيبل ڪانفرنس ۾ جڏهن هندو مسلم مسئلي جي حل طور مسلمانن جي وفد کان پڇيو ويو هو ته، رحمت عليءَ جي “پاڪستاني اسڪيم” بابت اوهان جو ڇا خيال آهي؟ ته ان وفد جي اڳواڻ سختيءَ سان ان رٿ کي رد ڪندي چيو هو ته “اها ٻاراڻي حرڪت آهي”. اها سڄي ڳالهه جناح صاحب جي موجودگيءَ ۾ ٿي هئي. ثبوت طور ڪن دستاويزن ۽ ڪتابن جا نقل پيش ڪجن ٿا ؛
    انڊين رائونڊ ٽيبل ڪانفرنس جي پنجين پلينري ميٽنگ، جيڪا 20 نومبر 1930ع تي لنڊن ۾ ٿي هئي، ان ۾ جناح صاحب “متحده هند” جو تصور “ڊومينين آف انڊيا” (Dominion of India)جي اصطلاح ۾ هن طرح بيان ڪيو هو :
    “I say the cordial principle which will guide us through the deslibarations of this conference is that: India wants to be mistress in her own house, and I can not conceive of any constitution, that you may frame which will not transfer responsibility in the central Govt: to a cabinet requisible to the legislature”
    (India Round table conference, 12 Nov 1930 – 19th Jan 1930 Proceedings)
    ساڳيءَ ريت، اها ڳالهه، ڪتاب “جناح جو الميو” (Tragedy of Jinnah) ۾ فاضل ليکڪ “ڪيلاش چندر” هند طرح بيان ڪئي آهي :
    At the first Round table conference, when a joint depution of the Muslim legue & Muslim conference was giving evidence before Indian constitutional reforms committee, a member of the committee, Sir Reginald craddock put a question as to “What the Muslim legue and Muslim conference thought about the Pakistan Scheme. “The leader of the tow deputations replied, “As far as I know it is only a student’s scheme. No responsible people have put it forward so for as we have CONSIDERED IT, we have considered it CHIMERICAL and UNPRACTICABLE. It means the federation of certain provinces”.
    On being further pursued by Sir Reginald the depution replied, “Perhaps it would be enough to say that no such scheme has been considered by any representative gentle men or association so far.” Most of the present day supporters of the Pakistan idea chaffed at it and condemned it in most severe language. Mr. M.A Jinnah was also opposed to it. At the very first speech that he delivered at the Round table conference, he thought of a united India.
    Jinnah sahib was himself a member of Federal structure committee and did not appose the idea of an Indian federation,
    The Pakistan idea would died it’s natural death, but it got a very sympathetic response in some notorious die-hearted quarters in England, in time of the second R.T. conference.
    (Tragedy of Jinnah P221 – 22)
    ترجمو : (پهرين گول ميز ڪانفرنس جي موقعي تي جڏهن مسلم ليگ ۽ مسلم ڪانفرنس جو گڏيل وفد، هندستان آئيني سڌارن واريءَ ڪاميٽيءَ آڏو شاهدي ڏيڻ آيو ته ڪاميٽيءَ جي هڪ ميمبر سر رجنالڊڪرئڊلڪ کانئن هڪ سوال پڇيو ته: “مسلم ليگ ۽ مسلم ڪانفرنس “پاڪستان اسڪيم” بابت ڪهڙو رايو رکن ٿيون؟” ٻنهي وفدن جي اڳواڻن وراڻيو ته “جيتري قدر مون کي ڄاڻ آهي ته اها هڪ شاگرد جي رٿ (Scheme) آهي ۽ ڪنهن جوابدار ماڻهوءَ ان رٿ کي اڳيان نه آندو آهي، ان ڪري جيتريقدر اسان جي مڃڻ جو سوال آهي ته اسان ان کي “ڌڙ ريڍو سسي ٻاڪري” جي مصداق عمل جوڳو نه ٿا سمجهون. ان جو مطلب متعلقه صوبن جي فيڊريشن آهي.”
    سر رييجنالڊ ڪرئڊڪ ان وفد کان وڌيڪ وضاحت جي گهر ڪئي ته وفد وراڻيو، “شايد اهو چوڻ ڪافي ٿيندو ته اهڙي ڪا به اسڪيم ڪنهن نمائنده معزز ماڻهوءَ يا جماعت وٽ قابل قبول نه آهي”. اڄ جيڪي پاڪستان جي نظرئي جا وڏا حمايتي نظر اچن ٿا، تن ان کي سخت لفظن ۾ ننديو ۽ مضحڪه خيز سمجهيو هو، مسٽر جناح خود ان تصور جي مخالفت ڪئي هئي. هن گول ميز ڪانفرنس ۾ پنهنجي ابتدائي تقرير ۾ “متحده هند” بابت خيال آرائي ڪئي ۽ “هندستاني ڊومينن” جو اصطلاح استعمال ڪيو هو. 20 نومبر 1930ع تي پلينري ميٽنگ ۾ تقرير ڪندي جناح چيو ته “اها اصولي ڳالهه آهي ته هندستان پنهنجي گهر جو مالڪ بنجڻ گهري ٿو ۽ آءُ اهڙو ڪو به آئين مڃڻ لاءِ تيار نه ٿيندس، جيڪو اوهان طرفان تيار ڪيو وڃي ۽ جنهن ۾ مرڪزي حڪومت جي ڪئبينٽ کي اختيارات سونپيل نه هجن، جيڪا ليجسليٽوِ اسيمبليءَ ڏانهن جوابدار هجي.”
    جناح پاڻ فيڊرل اسٽرڪچر ڪاميٽيءَ جو ميمبر هو ۽ هندستاني فيڊريشن جي خيال جي مخالفت نه ڪيائين. پاڪستاني آئيڊيا پنهنجو فطري موت مري چڪو هو، پر ان تصور کي انگلنڊ جي ڪن اهم حلقن وٽ ٻي گول ميز ڪانفرنس جي موقعي تي پذيرائي حاصل رهي”.
    (Tragedy of Jinnah P221 – 22)
    ان ڳالهه جي وڌيڪ شاهدي، هندستان جي پهرين پريزيڊنٽ راجندر پرشاد پنهنجي ڪتاب (India Divided) ۾ وڌيڪ تفصيلي انداز ۾ بيان ڪئي آهي.
    ملاحظه ڪريو :
    In 1933 for the first time the Muslims, hithert called a minority community, were called “a nation” by a Punjabi Muslim, Chaudhri Rahmat Ali (an under graduate of Cambridge) who gave the movement a shape and form. He proposed the idea that the Punjab, N.W.F.P (Afgan province), Kashmir, Sindh and Baluchistan should be forned into a separate Muslim state called Pakistan. This Proposal was different from that Dr. Iqbal in that while Dr. Iqbal proposed the amalgamation of those province into a single state forming a unit of the All India Federation. Chaudhry Rahmat Ali proposed that these provinces should have an independent federation of their own. Leaflets advocating Pakistan were distributed by chaudhry Rahmat Ali to the members of Parliament and the members of the round table conference, but no Indian, Hindu or Muslim, took any interest in them. Muslim witness described the Parliamentary Pakistan scheme in August 1933, to the joint select committee as follows:
    A. Yusuf Ali: “As far as I know it is only a student scheme, no responsible people have put it forward.”
    Ch: Zafrullah Khan: “So far as we have considered it, we have considered it chimerical and impracticable.”
    Dr: Khalifa suja-u-din: “Perhaps it will be enough to say that no such scheme has been considered by any respresentative gentle man or association so far.”
    “It is significant that questions about Pakistan were asked at this conference. It is still more singnificant that the initiative came from the British the seem, from the record, to have pressed their questions while the Indian (Muslim) deligates seem uninterested and anxious to pass on to the next point ……. Al though in India no one had heard of or talked of Pakistan and the Muslim Delegation showed no interest in it. Yet the dichard Press and the Churchill – Lloyd group of the conservative party waxed eloquent over it and saw in it a suggestion of the gravest import with the result that questions were asked in the houses of Parliament on several occasions”
    (Shaukatulla Ansari “Pakistan the problem of India” PP 4 – 7
    ٻيو ته ڇڏيو، پر ڊاڪٽر اقبال جنهن کي “مصور پاڪستان” يا پاڪستان جو تصور ڏيندڙ سڏيو ويندو آهي، ان وٽ به پاڪستان جو ڪو واضح تصور نه هو. هن نه اٽلندو پنهنجي پيش ڪيل ورهاڱي واريءَ تجويز، جيڪا هن 1930ع ۾، الهه آباد ۾، مسلم ليگ جي سالياني اجلاس ۾ پيش ڪئي هئي، تنهن کي برصغير جي هندن، مسلمانن ۽ خود انگريز سرڪار خلاف هاڃيڪار سمجهيو ٿي. ايڊورڊ ٿامپسن، پنهنجي ڪتاب “Enlist India for freedom”۾ علامه اقبال جا خيال بيان ڪندي لکيو آهي ته “ڊاڪٽر اقبال پاڪستان جي حق ۾ نه هو” ۽ هن جو چوڻ هو ته :
    “On my vast undisciplined and starving land, Pakistan would disastrous to the British Government, disastrous to the Hindu community, disastrous to Muslims. But I am president of the Muslim legue and therefore it is my duty to support it.”
    (“Enlist India for freedom page 58”)
    (Tragedy of Jinnah page 220)
    ترجمو : (منهنجي وسيع، منتشر ۽ افلاس زده ڌرتيءَ تي، پاڪستان برطانوي حڪومت لاءِ نقصانڪار آهي هندو جاتي لاءِ نقصانده آهي ۽ مسلمان لاءِ ڇيهو رسائيندڙ آهي. پر آءُ (جيئن ته) مسلم ليگ جو صدر هئس. ان ڪري منهنجو فرض هو ته ان (اسڪيم) جي حمايت ڪريان.”


    11

    هاڻي اڳتي وڌون ۽ مسلم ليگ جي ڪارگذارين کي ڏسندا هلون ته پاڪستان جي تصور کي سنجيدگيءَ سان هنن ڪڏهن به ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي نصب العين نه ٿي سمجهيو، پر هنن ان کي رڳو انڊين نيشنل ڪانگريس تي دٻاءُ جو ذريعو سمجهيو ٿي. ان لاءِ 1939ع ۾ مسلم ليگ جي پريزيڊنٽ جناح صاحب ۽ سندس دوست سر ظفرالله خان، نواب سر يامين ۽ ڊاڪٽر سر ضياءُ الدين جي وچ ۾ ٿيل گفتگو پيش ڪجي ٿي، جيڪا سر يامين ۽ ڊاڪٽر سر ضياءُ الدين جي وچ ۾ ٿيل گفتگو پيش ڪجي ٿي، جيڪا سر يامين پنهنجي ڪتاب جي صفحي 725 تي هن ريت درج ڪئي آهي :
    “1 مارچ 1939ع تي ڊاڪٽر سر ضياءُ منجهند جي مانيءَ تي مون کي، مسٽر جناح، سر ظفرالله خان، سيد محمد حسين بيريسٽر الهه آباد کي سڏايو ......... ماني کائيندي، سيد محمد حسين رڙيون ڪندي چوڻ شروع ڪيو ته چوڌري رحمت عليءَ جي اها اسڪيم، جنهن موجب : “پنجاب، ڪشمير، صوبه سرحد، سنڌ ۽ بلوچستان کي ملائي، هندستان کان جُدا ڪرڻو آهي، ان سان پاڪستان هن ريت ٺهي ٿو ته ......... “پ” سان پنجاب “الف” سان افغانستان .........”
    سر ظفرالله خان سندس ڳالهه ڪٽيندي ۽ مخالفت ڪندي چيو ته “اها رٿ عمل جوڳي نه آهي.” مسٽر جناح ٻنهي جي تقرير غور سان ٻڌندو رهيو. ان کانپوءِ مون کي چيائين ته “ان رٿ کي ڇو نه کڻون ان کي مسلم ليگ جو اصول بنايو. اڃاتائين (پاڪستان) اسان جي گُهر نه آهي. جيڪڏهن ان رٿ کي هٿ ۾ کڻنداسون ته ڪانگريس سان سودي بازي ٿي سگهي ٿي، ٻيءَ صورت ۾ اهي نه کڻندا”. مون کيس وراڻيو ته “هي الهندن علائقن لاءِ چئي رهيا آهن، اڀرندن علائقن جو ڇا ٿيندو؟” جناح ٿورو غور ڪيو ۽ چوڻ لڳو “اسان ٻنهي طرفن جي علائقن کي جدا ڪرڻ جو سوال کڻنداسون، ڇو ته ان کان سواءِ ڪانگريس وٺُ ۾ نه ايندي.” مون وراڻيو “ٿورائي ڏينهن ٿيندا، جو ڀائي پرمانند به اهو انديشو ڏيکاريو هو ۽ اوهان صحيح جواب ڏنو هو. جيڪڏهن بارگينگ (سوديبازي) لاءِ هيءُ مسئلو مسلم ليگ جي اصولي گُهر بنائي کنيو ويندو ته پوءِ پوئتي هٽڻ ڏکيو ٿي پوندو.“ جناح چيو ته “اسان ڪانگريس جو رد عمل ڏسنداسون”.
    (نامه اعمالِ ص 725 بحواله: “تحريڪ پاڪستان کا ايڪ باب، تاليف: محمد سنده ساگر اکادمي لاهور، جون 1975ع ـ ص 66 ـ 67)
    مسلم ليگ جي لاهور واري اجلاس (23 مارچ 1940ع) شروع ٿيڻ کان اڳ ۾ به جناح صاحب، ورهاڱي واري ريزوليشن پاس ڪرائڻ يا پاڪستان جي گهر ڪرڻ جي فائدي ۾ نه هو، بلڪه هن کي انگريزن طرفان تيار ڪيو ويو ته اهڙو ٺهراءُ پاس ڪرائي، جيتوڻيڪ اهو کڻي هندن تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ ئي هُجي. اُن جي ثبوت لاءِ مولانا غلام رسول مهر جي هڪ خط مان ٽڪرو ڏجي ٿو، جيڪو هن 1932ع ۾ سيد انيس شاهه جيلاني بهاولپوريءَ کي لکيو هو :
    “توهان کي گهڻو ڪري اها خبر ناهي ته 1939ع جي پڇاڙيءَ ۽ 1940ع جي شروعات تائين خود قائداعظم به هندستان جي ورهاڱي جو قائل نه هو، ۽ جنهن ڪميٽيءَ ورهاڱي جي تفصيلي اسڪيم تيار ڪئي هُئي، آئون به اُن جو هڪ ميمبر هوس ۽ اها اسڪيم اڃا تائين مون وٽ موجود آهي. اُن اسڪيم ۽ سيٺ حاجي عبدالله هارون جي ڪوشش ۽ جدوجهد سان قائداعظم ورهاڱي طرف مائل ٿيو.”
    (ڪتاب “خطوط”، ص 99، المهر ـ 3، وحدت روڊ لاهور ـ 1983ع)
    هيڪٽر بولٿو (Hector Bolitho) جنهن پاڪستان سرڪار جي چوڻ ۽ خرچ تي جناح صاحب جي سوانح عمري، بعنوان “Jinnah – Creater of Pakistan” لکي آهي، اُن ۾ هو ايم. ايڇ، سيد جي ڪتاب “محمد علي جناح پوليٽيڪل اسٽڊي” جي حوالي سان لکي ٿو ته : “جناح هڪ آرٽيڪل “Time & Tide” اخبار ۾، 9 مارچ 1940ع تي شايع ڪرايو هو. اُن آرٽيڪل جو آخر ۾ جناح صاحب چٽو فقرو “ٻه قومون” استعمال ڪيو. هُن لکيو :
    “هڪ اهڙو آئين جڙڻ کپي، جنهن ۾ اها ڳالهه مڃيل هجي ته هندستان ۾ ٻه قومون رهن ٿيون، جن کي پنهنجي “مشترڪه مادر وطن” (Common Mother land) ۾ اقتدار ۾ شريڪ ٿيڻ کپي ”. هيءُ آخري وقت هو، جو جناح “مشترڪه مادر وطن” جا لفظ استعمال ڪيا هئا. اُن کان ٻه هفتا پوءِ هن آل انڊيا مسلم ليگ جي (لاهور واري) اجلاس جي 23 مارچ 1940ع تي صدارت ڪئي هُئي.
    (Jinnah Creater of Pakistan)
    هتي سوال پيدا ٿئي ٿو ته جيڪا جماعت (مسلم ليگ) ۽ اُن جو سربراهه (جناح)، 13 مارچ 1940ع تائين ۽ ان کان به اڳتي بقول غلام رسول مهر ته لاهور سيشن شروع ٿيڻ کان اڳ تائين ورهاڱي جو مخالف هو، سو ڪهڙيءَ ريت ورهاڱي جو حامي بنجي ويو؟ نه رڳو حامي بنجي ويو، پر ان کي ممڪن الحصول سمجهڻ لڳو، جڏهن ته هُن صاحب اڳ ۾ پهرين ورهاڱي جي ڳالهه کي ٻاراڻي حرڪت سجمهيو ٿي ۽ پوءِ ان کي ڪانگريس تي دٻاءَ وجهڻ جو هٿيار بنايو ٿي، سو آخرڪار ان تنيجي تي ڪيئين پهتو ۽ سختيءَ سان اهو موقف (پاڪستان جي گُهر) ڇو اختيار ڪيائين؟
    تاريخ ڏاڍي بي رحم شيءِ آهي، هي وقت گذرڻ سان اُها نه رڳو لڪل راز فاش ڪريو ڇڏي، پر انساني ارادن ۽ نيتن جي ڳُجهن کي به اسڪرين تي آڻيو ڇڏي ۽ بظاهر مقدس نظر ايندڙ شخصيتون به قبيح ۽ مڪروهه ايجنٽن وارو ڪردار ادا ڪندي نظر اچن ٿيون. هن سموري ڊرامي ۾ اسان کي جناح ۽ ان جي جماعت انگريزن جي آله ڪار ٿي ڪم ڪندا نظر اچن ٿا، ۽ اهو ئي سبب آهي، جو هُن (جناح) ورهاڱي جي موقف تي سختيءَ سان مسلم عوام جي مفاد خاطر نه، پر انگريزن جي حڪم ۽ اشاري تي شدت سان اصرار ڪرڻ شروع ڪيو. اُن جي ثبوت ۾ ڪافي ڪاغذات موجود آهن، پر آئون هتي صرف ٻن ٽن ثبوتن تي اڪتفا ڪريان ٿو :
    (1) ان مان پهرين لارڊ لنٿگو جي اسڪيم آهي، جنهن ۾ سر ظفرالله خان کي چيو ويو هو ته تُون هندستان جي ورهاڱي جي اسڪيم ٺاهي، برطانوي سرڪار کي موڪل. هن اُها اسڪيم انگريزن جي چوڻ تي تيار ڪري ۽ لارڊ لنٿگو ذريعي وزير هند کي موڪلي، پر جيئن ته ظفرالله خان قادياني هو، انگريزن کي ڊپ هو ته هڪ قاديانيءَ جي نالي تيار ٿيل اسڪيم ننڍي کنڊ جا مسلمان قبول ڪندا. ان ڪري اُن جي هڪ ڪاپي جناح صاحب کي انهيءَ يقين دهانيءَ سان ڏياري موڪلي وئي ته هُو مسلم ليگ جي منشور جي حصي طور مسلم عوام وٽ پيش ڪري ۽ اُهائي اسڪيم اڳتي هلي “لاهور ٺهراءَ” جو بنياد بني. ثبوط طور ولي خان جي ڪتاب “Facts are Facts” مان باب ٽئين بعنوان “Different nterpretations of Pakistan” جي “سڀ ٽاپڪ” (پاڪستان جو برطانوي تصور) کي پيش ڪجي ٿو :

    پاڪستان جون ڌار ڌار تشريحون
    هندستان جي وائسراءِ لارڊ لنٿگو مسلم ليگ جي اڳواڻن کي چتاءُ ڏنو هو ته برطانيه سرڪار منفي سياست ڪڏهن به برداشت ڪانه ڪندي. سر سڪندر حيات جي معرفت اهڙو اطلاع مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪميٽيءَ کي ڏنو ويو. تنهنڪري مسلم ليگ جي گهڻين سب ڪيمٽين پنهنجي لاءِ هڪ لائحه عمل تيار ڪرڻ شروع ڪيو. وائسراءِ سيڪريٽري آف اسٽيٽ فار انڊيا ڏانهن هڪ خط لکيو، جنهن ۾ کيس ٻڌايو ويو ته بمبئي جي گورنر مسٽر ليوملي (Lumley) کي اها صلاح ڏني وئي آهي ته هندستان کي ٽن ڀاڱن ۾ ورهايو وڃي. شايد سندس مقصد اهو آهي ته هڪ هندن لاءِ، ٻيو مسلمانن لاءِ ۽ ٽيون ڏيهي راجائن لاءِ هجي. اتر ـ اولهه سرحدي صوبي جي گورنر سر جارج ڪننگهام، وائسراءِ ڏانهن لکيو هو ته، “مسلم ليگ جي ڪنوينشن کان موٽڻ بعد سردار اونگزيب کيس ٻڌايو ته هاڻي مسلم ليگ جي تجويز اها آهي ته هندستان کي ڇهن يا ستن حصن ۾ ورهايو وڃي .... ۽ پاڪستان جي اصلي رٿ کان هن نئين تجويز کي وڌيڪ اهميت ڏني وڃي ٿي.”
    سيڪريٽري آف اسٽيٽ فار انڊيا، لارڊ زيٽ لئنڊ، سر فيروز خان نون سان هن موضوع تي تفصيلي بحث ڪيو آهي. هن صلاح ڏني آهي ته هندستان جي اتر ـ اولهه واري علائقي کي برما جيان هندستان کان الڳ ڪري پاڪستان بنايو وڃي. سيڪريٽري آف اسٽيٽ چيو ته جيڪڏهن اسان اها حڪمت عملي قبول ڪئي ته اهڙا مشڪل مسئلا منهن ڪڍندا، جيڪي نبري ڪو نه سگهندا. فيروز خان نون جو هن حڪمت عمليءَ بابت اهڙو رويو هيو، جو هو هندستان پهچي، هن تجويز جي حمايت ڪو نه ڪندو.
    (خط ـ 13 ڊسمبر 1938ع)
    ڪئمبرج جي شاگرد چوڌري رحمت عليءَ پاڪستان لاءِ پنهنجي نئين تجويز پيش ڪئي هئي. ڊاڪٽر اقبال پاڪستان لاءِ هڪ جدا رٿ ڏني هئي. هاڻي باقي ڏسڻو اهو هو ته پاڻ برطانيه سرڪار وٽ پاڪستان بنائڻ جو ڪهڙي قسم جو منصوبو هو.

    برطانيه وٽ پاڪستان جو ڪهڙو تصور هو
    مٿي ڏنل تجويزن ته مسلمانن طرفان ڏنيون ويون، پر آخري فيصلو ته برطانيه سرڪار جي هٿن ۾ هو. جڏهن برطانيه ڏٺو ته سر سڪندر حيات يا مسلم ليگ ورڪنگ ڪميٽيءَ جي پيش ڪيل تجويزن مان سندس مقصد پورو نه ٿو ٿئي ته مسلمانن طرفان پيش ڪيل سڀ رٿون هڪدم رد ڪيون ويون. چوڌري ظفر الله تنهن زماني ۾ وائسراءِ جي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جو رڪن هو ۽ کيس ٻنهي ملڪن جي نقش پيش ڪرڻ جو حڪم ڪيو ويو. هندستان جي وائسراءِ هن موضوع تي سيڪريٽري آف اسٽيٽ فار انڊيا ڏانهن 12 مارچ 1940ع تي هيءُ خط لکيو :
    “منهنجي هدايتن تحت چوڌري ظفرالله ٻنهي ملڪن متعلق هڪ دستاويز تيار ڪيو آهي. اهو مون اوهان ڏانهن اڳيئي موڪلي ڇڏيو آهي. مون کيس اهو تاڪيد ڪيو آهي ته ان دستاويز کي اڃا به ڪجهه وڌيڪ چٽو ڪري لکي. هن چيو آهي ته اهو ٻيهر لکيل دستاويز جلدئي لکي مون ڏانهن موڪليندو. هن معاملي ۾ هيءُ ڏاڍو محتاط آهي ته جيئن اها ڪنهن کي خبر نه پوي ته اهو منصوبو ۽ دستاويز هن تيار ڪيو آهي. البت هن مون کي اهو اختيار ڏنو آهي ته مان ان منصوبي ۾ ترميم ۽ تبديلي ڪري سگهان. ان منصوبي جي هڪ ڪاپي اوهان ڏانهن موڪلڻ جي به اجازت ڏني اٿائين. ڪجهه ڪاپيون جناح ۽ سر اڪبر حيدري ڏانهن موڪليون ويون آهن. چوڌري ظفرالله هن ڳالهه کان بلڪل انڪاري ٿي ويندو ته اهو پاڪستان وارو منصوبو ڪو هن ٺاهيو آهي. مسلم ليگ به اهو ظاهر ڪندي ته پاڪستان جو ظفر الله هٿان تيار ٿيل منصوبو ۽ دستاويز، مسلمانن جي هن پارٽيءَ جانفشاني ۽ محنت ڪري پاڻ جوڙيو آهي ۽ پنهنجي طرفان ئي اخبارن کي ڏئي شايع ڪرائيندي.
    وائسراءِ اڳتي هلي سمجهائيندي چوي ٿو ته ظفرالله قادياني آهي، تنهن ڪري ڏاڍو محتاط آهي. سندس خيال آهي ته مسلمانن کي جيڪڏهن پتو پوندو ته پاڪستان جو نقشو ۽ منصوبو تيار ئي هڪ قاديانيءَ ڪيو آهي ته هٿن مان نڪري ويندا ۽ تمام گهڻي ردعمل جو اظهار ڪندا. وائسراءِ اهو به چوي ٿو ته ان منصوبي جي هڪ ڪاپي جناح کي به ڏني وئي آهي، انهيءَ لاءِ ته جيئن سمجهيو وڃي ته پاڪستان جو نقشو ۽ منصوبو خود مسلم ليگ تيار ڪيو آهي ۽ جيڪڏهن پاڻ ئي اخبارن ۾ ڏيندا ته ڳالهه وڌيڪ سگهاري ٿي ويندي. سر اڪبر ڏانهن ڪاپي ان ڪري موڪلي وئي هئي، جو هن صاحب پاڪستان واسطي چندو گهڻو ڪٺو ڪيو هو. هن مامري ۾ تاريخن کي وڏي اهميت آهي. وائسراءِ، سيڪريٽري آف اسٽيٽ ڏانهن 12 مارچ 1940ع تي خط لکيو. پاڪستان بابت نقشو ۽ رٿ کيس گهڻو وقت اڳي موڪلي ڏني هئائين. ٻارنهن ڏينهن پوءِ مسلم ليگ جي لاهور واري سالياني اجلاس ۾ لارڊ لنلگهو جي هدايتن تي چوڌري ظفرالله هٿان تيار ڪيل منصوبو، مسلم ليگ پنهنجي تيار ڪيل رٿ جي صورت ۾ پيش ڪيو، جنهن کي قرار داد پاڪستان سڏيو ويندو آهي.
    وائسراءِ جي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل طور ظفرالله جي ملازمت جو مدو مارچ ۾ پورو ٿيڻو هو. هو برطانيه سرڪار جو وفادار هو، ان ڪري سندس عهدي جي مدي ۾ توسيع ڪئي وئي هئي.. لاهور واري پاڪستان جي قرارداد پاس ٿيڻ کان ٻه ڏينهن پوءِ تاريخ 25 مارچ 1940ع تي وائسراءِ لکيو آهي ته.
    “ڪانگريس وارا فطرت خلاف هڪ دعوى ڪري رهيا آهن، جيڪا هو پاڻ به سمجهن ٿا ته قبول ڪرڻ جي لائق ڪا نه آهي. جواب ۾ جناح به هڪ ناقابل قبول دعوى ڪندو، جنهن کان هو به پوري ريت باخبر آهي. هتي اهڙو وايو منڊل موجود آهي، جو ڪانگريس جي ڏنل تجويزن خلاف مسلمانن جو رويو مخالفانه هوندو آهي. هن مان سندن اهو به مقصد هوندو ته هن وقت تائين ڪانگريس، مسلم ليگ تي الزام هڻندي آئي آهي ته وٽس پنهنجون تيار ڪيل تعميري تجويزون موجود ڪو نه آهن، سو اها تهمت مٿانئن لهي ويندي.
    مسلم ليگ، برطانيه جي کيسي ۾ پيل پارٽي.
    جڏهن مسلم ليگ، وائسراءِ جو ڏنل منصوبو قبول ڪيو، جيڪو سر ظفرالله تيار ڪيو هو ته برطانيه سرڪار هن کي پنهنجي خاص اعتماد جوڳي پارٽي سمجهيو. ان ڪري اها هڪ فطري ڳالهه بڻجي وئي ته برطانيه سرڪار مسلم ليگ کان سواءِ ڪنهن ٻيءَ پارٽيءَ کي مسلمانن جي نمائنده پارٽي ڪو نه ٿي سمجهيو. ان ڪري اها هڪ فطري ڳالهه بڻجي وئي ته برطانيه سرڪار مسلم ليگ کان سواءِ ڪنهن ٻيءَ پارٽيءَ کي مسلمانن جي نمائنده پارٽي ڪو نه ٿي سمجهيو.
    ان زماني ۾ مسلمان قومپرستن جو وڏو ميڙ دهلي ۾ اچي ڪٺو ٿيو هو، ان اجتماع جي صدارت سنڌ جي تڏهوڪي وزيراعلى الله بخش سومري ڪئي هئي. سيڪريٽري آف اسٽيٽ، لارڊ زيٽ لئنڊ هندستان جي وائسراءِ ڏانهن ان اجلاس بابت رپورٽ ڏيڻ لاءِ لکيو. 14 مئي 1940ع تي وائسراءِ هن ريت جواب موڪليو:
    “ ٻه ٽي ڏينهن اڳ، جيڪا دهليءَ ۾ مسلمانن جي ڪانفرنس ٿي هئي، تنهن کي آءُ اهميت ڪو نه ٿو ڏيان. ان ميڙ جو انتظام ڏاڍي بهتر نموني سان ڪيو ويو هو. ڪانگريس پريس ان کي گهڻو ساراهيو هو. اسان ٻئي هن حقيقت کان پوريءَ ريت باخبر آهيون ته اهڙيون اهم مسلمان شخصيتون به آهن، جيڪي مسلم ليگ کان ٻاهر آهن، پر اسان جي لاءِ ضروري آهي ته جناح کي ئي مسلمانن جو نمائندو سمجهون.”
    برطانيه سرڪار ڄاڻي ٻجهي انهن مسلمانن کي اهميت ڪانه ٿي ڏني، جيڪي آزاديءَ جي تحريڪ ۾ ڪانگريس سان گڏ هئا. سندن ايمان کي اعتراض جوڳو قرار ڏنو ٿي ويو. هڪ چونڊيل وزير اعلى جي سڏ تي مسلمانن جون سؤ کن وڏيون شخصيتون اچي دهليءَ ڪٺيون ٿيون هيون، پر کين نج مسلمان به ڪو نه سمجهيو ويو هو. هندستان جي وائسراءِ پنهنجي واضع لفظن ۾ اهو لکيو هو، “جناح اسان جو پنهنجو ۽ اعتماد جوڳو ماڻهو آهي، تنهنڪري اسان کيس هندستان جي مسلمانن جو اڪيلو نمائندو مڃيون ٿا.”
    خاڪسارن جي به خاص حيثيت هئي. هنن لاءِ ٻين مسلمانن کي اعتراض اهو هو ته هو انگريز سرڪار جي مدد ڪو نه ڪري رهيا آهن. اها حقيقت ائين ڪانه هئي هنن ڏاڍي عاجزانا طريقي سان انگريزن کي مدد ڏيڻ جي آڇ ڪئي هئي. تاريخ 24 مئي 1940ع تي وائسراءِ لکيو آهي ته، “خاڪسارن هلندڙ جنگ ۾ پنهنجي 50000 هزار ماڻهن جي مدد ڏيڻ جي مون کي نئين آڇ ڪئي آهي.”
    خاڪسارن جرمنيءَ خلاف لڙڻ جي، انگريزن کي جيڪا پنهنجي مدد جي آڇ ڪئي هئي، جناح جي انڪاري رويي ڪارڻ قبول ڪا نه ڪئي وئي. ان لاءِ وائسراءِ جا لفظ آهن ته : “جناح، خاڪسارن جي ذميداري قبول ڪرڻ لاءِ تيار ڪو نه آهي. ان جو سبب اهو آهي ته هنن سندس هڪ به صلاح قبول ڪا نه ڪئي هئي.” ان ڪري وائسراءِ هيٺين خيالن تي قائم رهيو.
    “پنجاب ۾ خاڪسارن جي طرز عمل کي نظر ۾ رکندي، مان مناسب اهو سمجهان ٿو ته انهن سان يا سندن اڳواڻن سان ڪا لکپڙهه نه ڪريان، اهو به ارادو ڪيو آهي ته سندن موڪليل ٽيليگرامن جو جواب به نه ڏيان.” برطانيه سرڪار پنهنجي رويي مان هندستان جي مسلمانن کي اهو جتائي رهي هئي ته مسلم ليگ کان سواءِ ٻيءَ ڪنهن کي مسلمانن جي نمائنده پارٽي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ئي ڪا نه هئي. برطانيه سرڪار جي راضپي واسطي مسلمان مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ مجبور هئا. ڪجهه عرصو اڳ برطانيا سرڪار هن سبب ڪري ڪانگريس سان تعلقات ڇني ڇڏيا، ڇاڪاڻ ته هن پارٽيءَ هلندڙ جنگ ۾ انگريزن جي مدد ڪرڻ کان کليو انڪار ڪيو هو. انگريزن جي رويي ۾ تضاد ۽ منافقي هن مان به ظاهر هئي ته هنن جنگ ۾ امداد طور خاڪسارن جي 50000 ماڻهن جي آڇ کي رد ڪري ڇڏيو، ٻيءَ طرح ڪانگريس کان ان ڪارڻ ناراض هئا، جو ان جنگ ۾ پنهنجي پنجاهه هزار ماڻهن ڏيڻ کان انگريزن کي کتو جواب ڏنو هو.
    (Facts are facts) (ص 28 ـ 31)
    (2) 1941ع جي آخر ڌاري خانبهادر کهڙي مون کي ٻڌايو ته پنجاب جو وزيراعظم سر سڪندر حيات مصر وڃڻ لاءِ ڪراچي آيل آهي، ساڻس ملجي ته بهتر آهي. آئون خانبهادر کهڙو، الهه بخش سومرو ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي ، ڪارلٽن هوٽل ڪراچي صدر ۾ ساڻس ملياسون ۽ مختلف مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي سون. ٻين ڳالهين کان سواءِ هن الهه بخش کي چيو ته “ڏاڍو سٺو ٿيو جو اوهان جي قيادت ۾ سنڌ اندر آل پارٽيز حڪومت ٺهي آهي ۽ مون کي (جي ايم سيد کي) چوڻ لڳو ته “تون ڏاڍو سُٺو ڪيو، جو آل پارٽيز حڪومت قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ هاڻي توهان سنڌ جي مفادن وارا بِل (قانون انتقال ايراضي، قرضن جي معافي ۽ ٽيننسي ائڪٽ وارا بل) آسانيءَ سان پاس ڪرائي سگهندؤ.” ڳالهيون هلندي هُن الهه بخش کي چيو ته “توهان کي هاڻي مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ گهرجي.” اُن تي کيس الهه بخش جواب ڏنو ته “آءُ مسلم ليگ ۾ شامل ڪونه ٿيندس، ڇو ته منهنجيءَ سمجهه مطابق مسلم ليگ جو وجود سنڌ، برصغير جي مسلمانن جي مفادن ۽ خود اسلام جي لاءِ نقصانڪار آهي.” سر سڪندر حيات ان تي کيس چيو ته “آئون جو مسلم ليگ ۾ آهيان.” ان تي الهه بخش چيس ته “اوهان ڪجهه ڏينهن اڳ پنجاب اسيمبليءَ ۾ پاڪستان اسڪيم جي خلاف تقرير ڪئي آهي، مون کي اها خبر نه ٿي پوي ته توهان پاڪستان جي اسڪيم جا به مخالف آهي ۽ مسلم ليگ ۾ به رهو ٿا، گهٽ ۾ گهٽ منهنجو ضمير اهڙي ٻٽي پاليسي اختيار ڪرڻ جي مون کي اجازت نه ٿو ڏئي. آئون سمجهان ٿو ته پاڪستان مسلمانن لاءِ نقصان ڪار ٿيندو ۽ سنڌ جي مفادن لاءِ پڻ زهر قاتل ثابت ٿيندو.” ان تي سر سڪندر حيات وراڻيو : “ائين ته مسلم ليگ جو مرڪزي صدر مسٽر جناح به پاڪستان جي فائدي ۾ نه آهي، جنهن جي لاءِ رائونڊ ٽيبل ڪانفرنس جون شاهديون موجود آهن. مُون به جناح جي ئي پاليسيءَ تحت پاڪستان جي مخالفت ڪئي آهي.” ان تي الهه بخش کيس چيو “ ته مون کان اها منافقي نه ٿيندي. اوهان ۽ جناح صاحب ڪري سگهون ٿا.”
    اُن کان پوءِ سر سڪندر حيات سڌو قاهره (مصر) هليو ويو. هيءُ اُهو وقت هو، جڏهن جرمن جنرل روميل سووئيز ڪئنال تي قبضي ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌي رهيو هو ۽ اُن جي مقابلي ۾ پنجابي، سک ۽ مسلمان لشڪر، جنرل منٽگمريءَ جي قيادت ۾ وڙهي رهيو هو. سر سڪندر حيات پنجابي فوجن جو مورال وڌائڻ لاءِ تقريرون ڪرڻ واسطي گهرايو ويو هو. سر سڪندر حيات تمام وڏي وفاداريءَ سان هندستاني فوجن کي خطاب ڪيو. ڪجهه وقت کان پوءِ جنرل روميل جو حملو پسپائيءَ ۾ بدلجي ويو. انهيءَ صلي ۾ سر سڪندر حيات سان قاهره ۾ سرونسٽن چرچ (وزيراغطم انگلستان) ملاقات ڪئي ۽ سندس ٿورو مڃيو ته “اوهان اسان جي مشڪل وقت ۾ مدد ڪئي آهي، ۽ ڪانگريس ڏکئي وقت ۾ اسان جي مشڪلاتن ۾ بي پناهه وڌارو ڪيو آهي. اُن ڪري ڪانگريس ڪنهن به طرح اسان جي توجهه ۽ ساٿ جي لائق نه آهي، تنهنڪري اسان فيصلو ڪيو آهي ته ننڍي کنڊ ۾ هاڻي 40 ڪروڙ ماڻهن جي مخالفت سبب اسان وڌيڪ وقت رهي نه سگهنداسون. جنگ (ٻي مهاڀاري لڙائيءَ) جي خاتمي کان پوءِ ڪانگريس کي سبق سيکارڻ لاءِ هندستان جو ورهاڱو ڪري، “هندستان” ۽ “مسلمان هندستان” ٺاهي ننڍو کنڊ خالي ڪري وينداسون. تُون، جناح صاحب کي منهنجو نياپو وڃي ڏي ته “ڊڄڻ جي ڪا به ڳالهه ڪانهي، اسان توهان جا سڀ مطالبا پورا ڪنداسون. اهڙي تصديق تون وائسراءِ کان وٺي سگهين ٿو.” اهو نياپو کڻي سر سڪندر حيات قاهره کان سڌو بمبئيءَ پهتو ۽ جناح صاحب سان ملاقات ڪيائين. جناح صاحب چرچل جي پيغام جي بمبئيءَ جي گرونر وسيلي وائسراءِ کان تصديق ڪرائي. وائسراءِ، جناح صاحب کي دهليءَ گهرايو ۽ کيس چيائين ته “اسان هندستان جي ورهاڱي وارو آئين اڳ ۾ ئي ٺاهڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. اُن جي تصديق تون مسٽر ظفرالله وٽان ڪري سگهين ٿو. پر شرط اهو آهي ته ڪانگريس سان تون ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ڪندين.” جناح صاحب ساڻس وعدو ڪيو ۽ ڪانگريس جي خلاف ويتر وڌيڪ سرگرم ٿي ويو.
    ممڪن آهي ته منهنجي انهيءَ بيان کي ايجاد بنده سمجهيو وڃي، اُن ڪري آئون پنهنجيءَ انهيءَ ڳالهه جي تصديق لاءِ هڪ ڪتاب جو اقتباس پيش ڪري رهيو آهيان. ڪتاب آهي “مارشل سي مارشل لا تڪ” اُن جو ليکڪ “سيد نور احمد” لکي ٿو ته :
    “سر سڪندر حيات “قرارداد لاهور” کان پوءِ ذهني طرح اُن کي قبول ڪري نه سگهيو هو، ڇو ته هو صوبائي خودمختياريءَ جو قائل هو، نه ڪِه مسلم قوم جي خودمختياريءَ جو، جنهن جو ذڪر “قرارداد لاهور” ۾ ڪيو ويو هو. هُو (سر سڪندر حيات) ورهاڱي جي مقصد جو حامي هو، پر سندس ڪوشش هُئي ته پنجاب بهرحال متحد (سالم) رهي. شايد هن کي اميد هُئي ته پنجاب جي سالميت واري مسئلي ۾ پنجابي هندو ۽ سک، سندس نقطئه نظر مڃڻ لاءِ تيار ٿي ويندا. هن اُن مقصد لاءِ مسلم ليگ کان الڳ هڪ عجيب ڪوشش ڪئي. برطانوي حڪومت جي چوڻ تي هو ٻه دفعا جنگ جي محاذن تي هندستاني (پنجابي) سپاهين جي همت وڌائڻ لاءِ ويو هو. ٻئي دوري ۾ جيڪو 42ـ1941ع جي سياري ۾ ٿيو، هن کي قاهره ۾ چرچل سان ملاقات ۽ گفتگوءَ جو موقعو مليو. هن واپسيءَ تي پنهنجي ڪابينا جي ڪجهه ساٿين (جن ۾ چوڌري ڇوٽورام به شامل هو) ۽ ڪجهه ٻين دوستن کي ٻڌايو ته چرچل سان هن جي گفتگوءَ جو هڪ موضوع هندستان جو آئيني مسئلو به هو. سر سڪندر جو چوڻ مطابق هن چرچل تي ٻه ڳالهيون واضع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي :
    (1) برطانوي دولت مشترڪه جي جنگين جي فتح لاءِ هندستان جو جيڪو صوبو حقيقي مدد ڏئي ٿو، سو پنجاب آهي، ۽ جيڪو طبقو دلي وفاداريءَ سان تعاون ڪري ٿو، اُهي پنجاب جون مارشل قومون آهن. جيڪڏهن هندستان جي آزاديءَ جي نالي تي اهڙو آئين ٺاهيو ويو، جنهن تحت ڪانگريسي پنڊت ۽ برهمڻ مرڪزي حڪومت جي ذريعي پنجاب ۽ اُن جي قومن تي حڪومت ڪرڻ جا مجاز هُجن ته اها بي انصافيءَ ۽ احسان فراموشيءَ جي انتها ٿيندي.
    (2) وفادار پنجاب ان ڳالهه جو حقدار آهي ته ان کي هڪ الڳ بيٺڪ (Dominon) جو سربراهه بنايو وڃي، جنهن ۾ سنڌ، بلوچستان ۽ صوبو سرحد شامل هجن. اهو مقصد سولائيءَ سان حاصل ٿي سگهي ٿو، بشرطيه ڪ برطانوي سرڪار جا مدبر اُن مقصد جي فائدي جا قائل ٿي وڃن، ته اُها بيٺڪ (Dominon) هر حالت ۾ برطانيا جي ڀروسي جوڳي دوست ثابت ٿيندي. اُن بيٺڪ (Dominon) ۽ هندستان جي باقي حصن جي دفاع جو انتظام ڪجهه عرصي تائين برطانيه جي زيرنگراني گڏيل رهڻ گهرجي. پوءِ گڏيل سمجهوتن مطابق عمل ٿيندو رهندو. اقتصادي لحاظ کان ان بيٺڪ (Dominon) جي خود ڪفيل ٿيڻ ۾ ڪو به شڪ شبهو ٿي نه ٿو سگهي.
    سر سڪندر جي ان گفتگوءَ مان چرچل ڪهڙو اثر قبول ڪيو، اُهو چوڻ مشڪل آهي. جيڪي ڳالهيون سر سڪندر چيون، اهي ظاهر ۾ ته چرچل جي دل ۾ ويهي وڃڻ واريون هيون ۽ اُن لاءِ ئي چيون ويون هيون. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ان کان ڪجهه مهينا پوءِ (مارچ 1942ع ۾) چرچل مختلف طرفن کان دٻاءَ هيٺ هندستان جي لاءِ جنگ کان پوءِ آزاديءَ جي هڪ اسڪيم جو بنياد اهو هو ته صوبن کي ان ڳالهه جو موقعو ڏنو ويندو ته جيڪڏهن اُهي چاهين ته هندستان جي يونين کان الڳ ٿي سگهن، برطانوي سرڪار انهن کي الڳ بيٺڪ (Dominon) جو درجو ڏيڻ لاءِ تيار ٿيندي. جيڪڏهن برطانوي ڪابينا جي اها اسڪيم سر سڪندر جي خانگي اپيل جو نتيجو هُئي ته حالتن سر سڪندر کي ٻيهر مايوس ڪيو، ڇو ته اُن اسڪيم کي ڪانگريس ۽ مسلم ليگ ٻنهي رد ڪري ڇڏيو. پر ان اسڪيم سان “پاڪستان” جي اُن مقصد کي اُن حد تائين تقويت ضرور ملي، ته برطانوي سرڪار جي آڇ جي ذريعي ملڪ جي ورهاڱي جي رٿ، عملي سياست جي دائري ۾ شامل ٿي وئي.”
    (مارشل سي مارشل لا تک ـ ص 5ـ204 سيد نور احمد ـ بروايت راجا غضنفر ـ ڇپيل 1965)
    هن اقتباس ۾ ٻه ڳالهيون غور طلب آهن. پهرين ته جيڪي ڪجهه مون بيان ڪيو آهي، اُن ۾ ڄاڻايو اٿم ته ورهاڱي جي تجويزر چرچل پنهنجي طرفان پيش ڪئي ۽ اُن تي عمل ڪرڻ جو يقين ڏياريو. جڏهن ته ڪتاب مطابق اها تجويز سر سڪندر حيات پيش ڪئي، جنهن کي چرچل عملي روپ ڏيڻ جو نه رڳو وعدو ڪيو، پر سراسٽئفورڊ ڪرپس “Crepsunission” جي ذريعي اُن جو عملي ثبوت به ڏنو.
    ٻي اها ته سڪندر حيات جي تجويز ۾ سنڌ، سرحد، بلوچستان ۽ پنجاب جو گڏيل وفاق، جنهن جي سربراهي پنجاب وٽ هجي ۽ جيڪو انگريزن (سامراج) جو مڪمل طرح وفادار هجي. ڇا، موجوده پاڪستان ۽ ان جي هُوبهو شڪل نه آهي؟ يقيناً آهي، ته پوءِ ليکڪ ڪين ٿو چوي ته سڪندر حيات کي مايوس ٿيڻو پيو. اُن ڪري اسان اِهو وسهڻ ۾ حق بجانب آهيون ته هيءُ سمورو ڊرامو انگريز سامراج اسٽيج ڪيو ۽ اسان جي مسلمان سياستدان اُن ۾ ڀرپور اداڪاري ڪندا رهندا.
    جناح صاحب اهو ڪردار چڱيءَ طرح ادا ڪندو رهيو، جيستائين مسٽر چرچل، برطانيا جي وزارت اعظمى تي فائز رهيو. پر جيئن ئي چرچل جنگ کان پوءِ اليڪشن ۾ شڪست کاڌي ۽ مسٽر ائٽلي اقتدار ۾ آيو ته جناح صاحب ليبر پارٽيءَ ۽ اُن جي ليڊرن جو رويو ڏسي، يڪدم ورهاڱي تان هٿ کڻي ويو ۽ هُن ڪئيبنٽ مشن پلان قبول ڪري ورتو، جيڪو ڪامياب صرف ڪانگريس جي ضد جي ڪري نه ٿي سگهيو ۽ جناح وري پنهنجي پراڻي مطالبي تي موٽي آيو ـ ڇو ته کيس برطانوي دوستن يقين ڏياريو ته هاڻي انگريز گهڻو وقت هندستان ۾ نه رهندا، اهي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ هن جنجال مان جان ڇڏائڻ چاهين ٿا. اُن مان هُن (جناح) سمجهيو ته ليبر پارٽي به چرچل جي سمورين پاليسين کي ر ڪرڻ مناسب نه ٿي سمجهي ۽ برصغير ۾ اڳتي جي لاءِ برطانوي اثر رسوخ برقرار رکڻ لاءِ ورهاڱي ضروري سمجهي ٿي. ان ڪري هو (جناح) وري موٽي ورهاڱي واري موقف تي شدت سان اصرار ڪرڻ لڳو.
    آئون جيڪي ڪجهه چئي آيو آهيان، اُن مان اها ڳلاهه چٽيءَ طرح ظاهر ٿئي ٿي ته پاڪستان تاريخ جي ڪنهن به دور ۾ ملڪ نه هو ۽ نه ئي وري 1940ع تائين ان ملڪ کي حاصل ڪرڻ جو ڪنهن جماعت وٽ واضع پروگرام ئي هو. اها ته انگريزن جي مهرباني ٿي، جو هنن پنهنجي وفادارن کي نوازڻ لاءِ هڪڙو علائقون ڏئي ڇڏيو، جيڪو اسان جي موجوده مصيبت جو ڪارڻ بنيو آهي.
    مُون مٿي اهو چيو آهي ته اها (پاڪستان) انگريزن جي مهرباني آهي، ان سلسلي ۾ آئون پاڪستان جي هڪ اڳوڻي وزيراعظم سر فيروز خان جي ڪتاب “چشم ديد” مان هي اقتباس پيش ڪري ٿو : “ ڇا جي مسلم ليگ ڇاجي ڪانگريس، ڇا جي آزادي پهرين جنگ عظيم ۾ اسان پنجابين انگريزن جي فتح ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو هو ۽ وفاداريءَ سان وڙهياسون. نتيجي ۾ انگريزن اسان جي وفاداريءَ جو صلو 1935ع جي انڊيا ائڪٽ جي صورت ۾ ڏنو ۽ ٻي مهاڀاري جنگ اسان ساڳيءَ ئي وفاداريءَ واري جذبي سان انگريزن لاءِ وڙهيا سون ۽ برطانوي اقتدار کي دنيا تي قائم رکڻ لاءِ اسان پنهنجا بهترين فرزند آفريقا، ايشيا ۽ يورپ ۾ مارايا ۽ انهيءَ ئي وفاداري جي صلي ۾ هنن اسان کي پاڪستان ڏنو.”
    [ ڪتاب : چشم ديد، مصنف فيروز خان نون ]
    واضع رهي ته هيءُ ڪتاب سر فيروز خان نون، وزيراعظميءَ تان لهڻ کان پوءِ لکيو آهي. اِن مان “نظريه پاڪستان” ، “نظريه اسلام” ۽ جدوجهد آزادي” جي باري ۾ پاڪستان حڪمرانن جو نقطئه نظر اوهان جي سامهون اچي سگهي ٿو.
    ان ڪري منهنجو نقطئه نظر هيءُ رهيو آهي ته پاڪستان جي نالي مُلڪ، تاريخ جي ڪنهن به دور ۾ دنيا جي نقشي تي ڌار موجود نه رهيو آهي، نه ئي ان نالي واري ملڪ جي انساني تاريخ جي تهذيبي دور ۾ ڪائي تهذيب، زبان ۽ جاگرافي موجود رهي آهي. هيءُ صرف انگريزن پنهنجي مفادن ۽ پنهنجي وفادار ماڻهن جي مفاد کي پوري ڪرڻ لاءِ ٺاهيو هو، ته جيئن اهي پنهجي عالمي بالادستيءَ لاءِ مختلف علائقن ۾ پنهنجا اڏا قائم رکي سگهن. هيءَ ٻي ڳالهه آهي ته انگريزن برصغير جي عوام سان جيڪو دوکو ڪيو، تاريخ هنن کان ان جو شديد انتقام ورتو ۽ ٻي مهاڀاري لڙائي ختم ٿيڻ کان پوءِ سندس عالمي بالادستيءَ واري حيثيت به ختم ٿي وئي ۽ سندن قائم ڪيل اڏا نئين اڀريل آمريڪي سامراج جي ڪتب اچڻ لڳا.
    مون کي يقين آهي ته جهڙي طريقي سان تاريخ ڏاڍي بي رحميءَ سان برطانوي سامراج جو سج، بحرِ هند جي گهرين پاڻين ۾ ٻوڙي ڇڏيو، اهڙي ئي طريقي سان سندن ايجنٽن جي برپا ڪيل نظام جو سج به عربي سمنڊ (سنڌي سمنڊ) جي گهراين ۾ هميشه لاءِ غروب ٿي ويندو.
    پاڪستان قائم ڪرڻ لاءِ مذهب کي هٿيار طور استعمال ڪيو ويو ۽ چيو اهو ويو ته هن ملڪ ذريعي اسلامي نظام حڪومت قائم ڪيو ويندو ۽ مسلمان دُنيا جي ٻين قومن کان سڌريل آهن، اُن ڪري کين دنيا جي امامت ڪرڻ جو حق آهي ۽ اهو حق هنن کي پاڪستان ذريعي وڌيڪ حاصل ٿيندو ته جيئن اُهي صحيح طريقي سان دنيا جي امامت ڪري سهگن. پر اِهو تصور سراسر غير سياسي، غير مذهبي ۽ غير انساني ۽ ڌوڪي تي ٻڌل هو. ان ڪري، جو نه مسلمان دُنيا جي چونڊيل ۽ ڌُڻيل قوم هئا ۽ نه ئي مذهب ۽ سياست جي امتزاج سان ڪا اسٽيٽ ئي اڄ ڏينهن تائين وجود ۾ آئي هُئي.
    اسلام جي ڪجهه ابتدائي سالن کان پوءِ جيڪي به مسلم حڪومتون رهيون آهن، سي مسلمانن جون “قومي حڪومتون” ته ضرور هيون، جن جو بنياد آمريت، استبداد ۽ وحشيانه قتل و غارتگريءَ تي هو، پر اُهي عام مسلمانن بدران بادشاهن جون ذاتي جاگيرون هيون، جن سان اسلام جو ڪو به واسطو نه هو. پيغمبر اسلام حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم، انسان جي اخلاق ۽ روحاني رهبريءَ جو پيغمبر هو، نه ڪِ هڪ ظالم حڪمران، جيڪو تشدد ۽ تلوار جي زور تي مسلمانن کي حڪومتون وٺي ڏيڻ لاءِ وڙهندو ٿي رهيو. حڪومتي نظام جي سلسلي ۾ رسول اڪرم صلعم جا واضع اشارا ۽ ارشاد موجود آهن، جن جي ذريعي معلوم ٿئي ٿو ته حڪومتي معاملن سان سندن ڪو به سروڪار ڪو نه هو. اِن سلسلي ۾ پهريون واقعو “هجرت حبشيه” جو پيش ڪريان ٿو، جنهن جو تعلق مسلمانن جي هڪ هجرت سان آهي :
    “سن 5 هجري نبوي ۾ مڪي وارن جي ظلم ۽ زيادتيءَ کان تنگ ٿي مسلمانن جو هڪ گروهه حضرت جعفر طيار جي اڳواڻيءَ ۾ حبش جي بادشاهه نجاشيءَ جي دربار ۾ پناهه حاصل ڪرڻ لاءِ پهتو ۽ اُهو وفد پاڻ سان رسوالله صلعم جو هڪ خط به کنيو ويو. جنهن ۾ نجاشيءَ کي اسلام قبول ڪرڻ جي دعوت هُئي ــ ۽ اُها دعوت هن قبول ڪئي ۽ مسلمان ٿي ويو. مسلمان ٿيڻ کان پوءِ رسول اڪرم صلعم هن کي ائين نه چيو ته تون پنهنجي ملڪ ۾ “قرآني نظام” نافذ ڪر ۽ بادشاهت تان دستبردار ٿي منهنجي ماتحت ٿي. پر ان کي بادشاهت تي برقرار رهڻ ڏنائون ۽ سندس نظام حڪومت ۾ ڪنهن به تبديلي جي خواهش نه ڏيکاريائون”.
    (ڪتاب سيرت النبي از مولانا شبلي نعماني حصو ـ 1
    بحواله : سياسي و ثيقه جات ـ از ڊاڪٽر محمد حميدالله ص 47ـ48)
    ان مان خبر پوي ٿي ته رسول اڪرم صلعم نظام حڪومت بابت ڪا به مداخلت ڪرڻ يا قومن جي آزادي کسڻ جي ڪوشش ڪڏهن به ڪانه ڪئي.
    ان کان سواءِ پاڻ مختلف بادشاهن ڏانهن اسلام جي دعوت جي سلسلي ۾ جيڪي خط لکيااٿن، تن جي آخر ۾ هيءُ جُملو ضرور لکيو اٿن “اسلَم تَسلِم مرّتين” (اسلام قبول ڪر، سلامت رهه ٻه دفعا) انهيءَ جُملي جي تشريح ڪندي ممتاز عالم دين ۽ برصغير جي آزاديءَ جو هڪ مجاهد، مولانا حفظ الرحمان سيهاروي لکي ٿو : “ٻه دفعا سلامت رهڻ،” جو مطلب هيءُ آهي ته پنهنجي بادشاهت تي برقرار رهه ۽ آخرت ۾ به سلامت رهه (ڪتاب البلاغ المبين ـ دارالمصنفين، دهلي)
    اسلام جي ان ابتدائي نموني مان اسان کي خبر پوي ٿي ته رسول اڪرم کان پوءِ عربن جيڪي به جنگيون ڪيون ۽ ملڪ فتح ڪيا، سي عرب سلطنت جي توسيع ۽ هوس گيريءَ لاءِ هُئا، نه ڪِ “اسلامي حڪومت” قائم ڪرڻ لاءِ. هيءَ ٻي ڳالهه آهي ته رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم کي سندن زندگيءَ ۾ ئي جزيره عرب تي اقتدار حاصل ٿي ويو ۽ اُن ۾ پاڻ سڳورن ﷺ پنهنجي “علمِ نبوت” مطابق ماڻهن کي زندگيءَ گذارڻ تي رضاڪارانه تيار ڪيو. اِن ڪري اسان سمجهون ٿا ته اسلام جي نالي ۾ زمين جو ڪو خطو مخصوص ڪرڻ ۽ اُن جو نالو “پاڪستان” رکڻ خود نبوي تعليمات جي خلاف آهي. جيتوڻيڪ جزيره عرب کي رسول الله جي پيدائش ۽ قرآن پاڪ جي نزول جي ڪري هڪ قسم جو تقدس حاصل هو ۽ آهي، پر پوءِ به اُن جو نالو رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم “پاڪ آستان” ڪونه رکيو. ان سلسلي ۾ برصغير جو مشهور عالم ۽ ننڍي کنڊ جي جنگ آزاديءَ جي سپهه سالارن مان هڪ، مولانا ابوالڪلام آزاد پنهنجي مشهور ڪتاب “انڊيا ونس فريڊم” ۾ لکي ٿو :
    “مون کي ان جو اعتراف آهي ته پاڪستان جو نالو ئي منهنجيءَ نڙيءَ مان نٿو لهي. ان مان اهو خيال پيدا ٿئي ٿو ته دنيا جا ڪجهه حصا پاڪ ۽ ڪجهه ناپاڪ آهن، پاڪ ۽ ناپاڪ علائقن جي هيءَ ورهاست کي تسليم نٿو ڪري. حضرت محمد صلعم فرمائي ٿو ته “خدا سڄيءَ دنيا کي منهنجي لاءِ مسجد بنايو آهي.” (انڊيا ونس فريڊم ص 142)
    انهيءَ سلسلي ۾ هو اڳتي وڌيڪ لڳي ٿو ته :
    “مختلف اهڙن علائقن کي جيڪي جاگرافيائي، اقتصادي، لساني ۽ سماجي لحاظ کان هڪ ٻئي کان جدا هجن، تن کي صرف مذهب جي بنياد تي گڏ رکڻ وارو نظريو عوام کي دوکي ڏيڻ کان سواءِ ڪا حيثيت نٿو رکي. هن ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته اسلام هڪ اهڙي معاشري قائم ڪرڻ لاءِ زور ڀريو آهي، جيڪو نسلي، لساني، معاشي ۽ سياسي حدبندين کان مٿاهون هجي، پر تاريخ شاهد آهي ته اسلام جي ابتدائي چاليهن سالن ۽ وڌ ۾ وڌ هڪ صديءَ کي ڇڏي، اسلام ڪڏهن به سڀني مسلمان ملڪن کي رڳو مذهب جي بنياد تي گڏ رکي نه سگهيو آهي. اها صورتحال اڳ به هُئي ۽ هاڻي به آهي.”
    (India Wins Freedom: p 227)
    برصغير جو ورهاڱو “ٻه قومي نظريي” (Two Nation Theory) جي اصول تي قبول ڪرائي، پاڪستان جو قيام عمل ۾ آندو ويو هو ۽ ان سلسلي ۾ تاريخ ثابت ڪيو آهي ته مسلم قوم ۽ اسلامي نظام حڪومت جو نعرو هڻندڙ پنهنجن طبقاتي مفادن جي حاصلات ۽ حفاظت لاءِ مسلم عوام کي ڌوڪي ڏيڻ لاءِ هنيو هو. مسلم قوم جو نظريو غلط ۽ فرسوده آهي، ۽ ان جي بنياد تي پاڪستان جو استحڪام ۽ يڪجهتي ناممڪن آهي. اسلامي (مذهبي) نظام حڪومت پڻ هڪ وڏو ڌوڪو آهي. اها راءِ رڳو منهنجي نه آهي، پر اسلامي تعليمات جي وڏن ڄاڻن ۽ عالمن جي راءِ آهي. مولانا عبيدالله سنڌيءَ کي سرزمين سنڌ ۽ برصغير ۾ علمي ۽ سياسي حثيت سان وڏو مقام حاصل آهي. مولانا پهرين مهاڀاري لڙائيءَ کان ٿورو اڳ هندستان ڇڏي افغانستان ويو، جتان ترڪستان، روس، ترڪي ۽ حجاز ۾ رهي، 22 سالن جي تجربي بعد موٽي وطن (سنڌ) آيو. انهن ملڪن ۾ رهڻ مختلف ماڻهن سان ملڻ ۽ دنيا ۾ نين تبديلين بعد هن مذهبي ۽ سياسي مسئلن بابت ڪي نتيجا ڪڍيا هُئا. سندس چوڻ هو ته :
    “هندستاني مسلمانن جي ذهن تي پنهنجي “شخصيت” بنسبت هڪ وهمي تصور ويٺل آهي، جنهن جو عملي دنيا ۾ ڪو وجود ئي ڪو نه آهي.
    اسان ڪنهن زماني کان هڪ اهڙي اسلامي جماعت ۽ قوم جو نالو وٺي رهيا آهين، جنهن بابت نه اسان جي ذهنن ۾ ڪو صحيح نقشو موجود آهي، نه اُهي دنيا ۾ ڪٿي وجود ۾ آهن. اسان پاڻ کي هڪ اهڙيءَ خيالي دنيا ۾ محدود ڪري ڇڏيو آهي، جو نه رڳو اسان ٻين مسلمان ملڪن جي آزاديءَ ترقيءَ لاءِ جدوجهد جي تاريخ کان غيرواقف رهجي ويا آهيون، پر خود پنهنجي ملڪ ۾ اسان جي سامهون ڪو مقرر ٿيل عملي نظريو موجود نه آهي.”
    (ملفوظات ـ مولانا عبيدالله سنڌي)
    مولانا جي اخذ ڪيل نتيجن جو اختصار هن ريت آهي :
    (1) صحيح اسلامي سوسائٽيءَ جو وجود يا اُن نسبت ڪو مستقل نظريو، اڄڪلهه دنيا جي مسلمان وٽ نه آهي ۽ نه ڪا مسلمان حڪومت ان مطابق هلي رهي آهي.
    (2) موجوده بين الاقوامي حالتن ۽ مسلمان ملڪن جي پست حاليءَ ڪري پئن اسلامزم جي تجويز لائق عمل نه رهي آهي، تنهنڪري مسلمان ملڪن جو نظام جديد قومپرستيءَ جي بنياد تي ٺاهڻ گهرجي.
    (3) هندستان مختلف خطن ۾ ورهايل ماڻهن جو برصغير آهي، ان ۾ رهندڙ ماڻهو زبانن، ڪلچرن، قديم روايات، جاگرافيائي حدود ۽ سياسي ۽ اقتصادي مفادن جي بنياد تي جدا قومون آهن.

    انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جو عالم ۽ منهنجو روحاني استاد علامه آءِ. آءِ قاضي، مذهب جي بنياد تي نفرت پيدا ڪري پاڪستان قائم ڪرڻ جو مخالف هو. سندن ان سلسلي ۾ هڪ مضمون سنڌي اخبار “قرباني” ۾ 22 فيبروري 1947ع تي ڇپيو هو، جنهن جا ڪجهه حصا هتي ڏيڻ چاهيان ٿو :
    “هن وقت اسان کي هڪ پليٽفارم (مسلم ليگ) تي ڪٺو ڪيو ويو آهي، اُميد اها هُئي ته ان طريقي سان اسان چڱائيءَ جي ڪمن سرانجام ڪرڻ ۾ هڪ ٻئي سان ڪلهو ڪلهي ۾ ڏئي هلڻ جي لائق ٿينداسون. پر افسوس ته اُن اُميد جي پوري ٿيڻ جي علامت نظر ڪانه ٿي اچي ............. ان تنظيم جو مثال اهڙو آهي، جيئن ڪو ماڻهو سموريءَ مخلوق کي هڪ ڇت هيٺان ڪٺو ڪري، مٿن بم اڇلارائي، سمورن کي هڪ ئي وقت ختم ڪرائي ....... هندستاني مسلمانن کي ڪٺو ڪري تباهيءَ جي اوڙاهه ۾ اُڇلائڻ درد انگيز ڳالهه آهي، پر ان کان ڪئين حصا درد انگيز هيءُ قصو آهي ته مسلمانن کي تباهه ڪرائڻ سان گڏوگڏ قرآن پاڪ جي معيارن ۽ مقصدن کي به ختم ڪرايو پيو وڃي. اِهو نقصان تنها مسلمانن جو نه، مگر انسان ذات جو ٿيندو.....
    چوڻ ۾ پي اچي ته پاڪستان وسيلي اسلامي مقاصد جي بچاءَ لاءِ ڪوشش ڪرڻ ۾ ايندي. پاڪستان ئي اسان جي تنظيم جو بنيادي پٿر آهي. مگر پاڪستان جي انهيءَ تصور متعلق خود قرآن ڇا پيو چوي :
    سارو قرآن اِن تصور خلاف دانهون پيو ڪري!
    ان جي چند هدايتن تي غور ڪريو :
    (1) فانتشروا في الارض ـ “زمين ۾ پکڙجي وڃو.”
    (2) سيروا في الارض ـ “دنيا جو سير ڪريو.”
    (3) ان ارض واسعةُ فِاَيَايَ تعبدون ـ “زمين ڪشادي آهي، هر هنڌ وڃي خدمت ڪريو.”
    (4) شهدائي اِلناس ـ “(مسلمان) انسانذات لاءِ مثال قائم ڪندا.”
    (5) کُنت خير اُمَة اُخرجة الناس ـ “(مسلمانن کي) توهان کي ماڻهن ۾ صالح اُمت ڪري پيش ڪيو ويو آهي.”
    ان پروگرام موجب مسلمانن کي انسان ذات جي سامهون چڱائيءَ جا مثال پيش ڪرڻا هئا. کين ساري دنيا ۾ پکڙجڻو هو ۽ ساري دنيا جي رهبري ڪرڻي هُئي. انهيءَ فرائض جي بجا آوريءَ ۾ کين نه پنهنجي منفعت جو ۽ نه سلامتيءَ جو خيال رکڻو هو. برابر 15 صدي عيسويءَ تائين مسلمان ان پروگرام تي عمل ڪندا آيا ۽ نتيجو اهو نڪتو ته دنيا جو ڪو به ٽڪرو نه بچيو، جتي هو نه پهتا. هو ذاتي ڳالهين کان آزاد هُئا، کاڌي، اجهي، آرام ۽ سلامتيءَ کي ته ڇڏيو، پر هُو موت کان به نه ڊڄندا هُئا... جا ڳالهه سڀ کان وڌيڪ ذهن ۾ رکڻ جي قابل آهي، سا هيءَ ته اُن فرض جي بجا آڻيندي، هنن ڪڏهن به اقليت ۽ اڪثريت جو خيال ته ڪيو ۽ ڪڏهين به مخالفن جي زبردست فوجن کان نه ڊنا ......
    پاڪستان رجعت : اوهان خدا جي ڏنل پروگرام ۽ اڳين مسلمانن جي قائم ڪيل روايتن کي ذهن ۾ رکي، پوءِ ويچار ڪريو ته پاڪستاني رجعت يا ڀاڄڙ، قرآني مقصدن کان ڪيتريقدر نه دور آهي. پاڪستان ان لاءِ پيو طلب ڪرڻ ۾ اچي ته جيئن مسلمان هِتان هُتان ڀڄي اچي منجهس پناهه وٺن، موت ۽ نقصان کان سلامت رهن. پر موت کان ڊڄڻ ۽ نقصان جو ٻڌي ميدان ڇڏي اچڻ ڪيتري قدر اسلامي تصورن تي ٺهڪي اچي ٿو؟ جيڪڏهن طارق، البيروني، ابن بطوطه اڄ زندهه هجن ها ته هو هندستان جي مسلمانن جي ان ڀاڄڙ بابت هوند ڪهڙو خيال قائم ڪن ها؟
    هندوءَ جو خوف : مسلمانن جي ساري هاڻوڪي (مسلم ليگي) سياست جو بنياد هندوءَ جو نالو ٻڌي پيو ڪنبي .... جنهن ڏينهن کان اسان مسلم ليگ جي پليٽ فارم تي جمع ٿيا آهيون، اُن ڏينهن کان وٺي اسان دانهون ڪرڻ شروع ڪيون آهن ته، اسان هندوءَ کان ڊڄون ٿا. هندوءَ جي خوف کان اسان جو خُون خشڪ ٿي رهيو آهي. اسان کي هندن اجهو ڪي اجهو ماريو ... ڇا هي اُهي مسلمان آهن، جن جي دعوى هوندي هُئي ته هُو موت کان ڊڄن ئي ڪونه، سندن هڪ ماڻهو هزارن جي برابر هو ۽ سندن زندگيءَ جو اصول هو ته :
    فتمنو الموت ان کنتم صادقين.
    “جيڪڏهن سچا آهيو ته موت گهري وٺو.”
    ....... مسلمانن جو هاڻوڪو اڳواڻ (مسٽر جناح) ٻڌائيندو ته ڇا هن موجوده مسلمانن متعلق اها راءِ قائم ڪئي آهي ته هنن جو اسلام جي روح سان واسطو نه رهيو آهي، اُهي دنيا ۾ پکڙجڻ ۽ رهڻ جي ناقابل ٿي چڪا آهن، سندن سلامتي ان ۾ اُهي ته کين لڏائي آڻي هڪ خاص “بچاءَ گهر” يا “يتيم خاني” ۾ واڙجي! ڇا مسلمانن کي اهڙو مريض، نادار ۽ لاچار سمجهي ٿو، جو کين جيڪڏهن هڪ جاءِ تي بند نه ڪيو ويندو ته سندن هيانءُ ڦاٽي پوندو؟
    هو بيمار آهن، جن لاءِ نرسون کپن دماغي طرح عاجز ۽ ناتوان آهن، جن وٽ عقل ۽ همت ڪو نه رهيا آهن. نٻل ۽ نستا ٿي پيا آهن، جن کي محض موت جو انتظار آهي، جيڪڏهن مسلمانن جي همت جو اهو حال آهي ته پوءِ پاڪستان جو بچاءُ گهر به کين بچائي ڪونه سگهندؤ.
    ... مثال لاءِ اچو ته پاڪستان جي سنڌي حصي تي نظر ڦيرايون. ڇا پاڪستان واري بچاءَ گهر جو اهو نمونو آهي. جيڪي حالتون هن صوبي ۾ کڙيون ٿيون آهن، سي حيرت ۾ وجهندڙ آهن. اهو بچاءَ گهر يا پاڪستان نه، پر قبرستان بنجي پيو آهي، جنهن ۾ قرآن جي هرهڪ معيار ۽ مقصد کي پيرن هيٺان لتاڙيو پيو وڃي.
    نظر ۾ ائين پيو اچي ته گويا پاڪستان جو شاندار نالو محض اصلي صورت کي لڪائڻ لاءِ ڪتب آندو پيو وڃي، جيئن بيمارستان کي شفاخانو ۽ ڀنگيءَ کي مهتر سڏيو ويندو آهي.
    جيڪڏهن پاڪستان مان مراد اهي حالتون آهن، جيڪي سنڌي پاڪستان اندر پيدا ڪيون ويون آهن ته پوءِ ظاهر آهي ته مسلم بيمارستان لاءِ پاڪستان ۾ به بچاءَ جو سامان يا بندوبست ميسر ٿي نه سگهندو، ۽ شايد آخري ڪلمي پڙهڻ کانسواءِ سندس خاتمو ٿي وڃي.
    ...... پاڪستان جي غلط نظرئي اٿارڻ ۽ تنظيمي تحريڪ جو بنياد، محض هندوءَ جي خوف تي قائم رکڻ سان قرآن پاڪ جي ڏسيل ساري پروگرام جي انحرافي ٿي رهي آهي.”
    (پاڪستان ماضي حال ۽ مستقل ـ ص 22 کان 27، جي . ايم . سيد)
    مٿي ذڪر ڪيل شخصيتون، نه رڳو ننڍي کنڊ ۾ پر سموري عالم اسلام ۽ دنيا ۾ ڄاتل سڃاتل ۽ قابل احترام هيون، جن جي علم، عقل، شعور، صلاحيتن، اخلاق، قربانين جو اعتراف، نه رڳو سندن عقيدتمند ڪندا آهن، پر هنن جي انهن وٿن تي سندن وڏي کان وڏي مخالف کي به آڱر کڻڻ جي همت ۽ جرئت نه ٿي آهي ۽ نه ئي اهي ڪڏهن سياسي طرح ڪنهن غير ملڪي طاقت يا حڪومت جا ايجنٽ يا وظيفه خوار رهيا هئا. اُن جي مقابلي ۾ جن ماڻهن پاڻ مسلمانن جي مفاد جو محافظ ۽ علمبردار ٿي سمجهيو ۽ جيڪي پنهنجي مُنهن اسلام جا علمبردار ۽ شارح سڏيا ٿي ويا، تن جي ديني، اخلاقي ۽ سياسي ثابت قدميءَ جي باري ۾ تاريخ ڏاڍي بي رحميءَ سان پرده دري ڪندي رهي ٿي. اُنهن مان علامه اقبال ۽ مسٽر جناح سرِفهرست آهن.
    پهرين اچوته علامه اقبال کي ڏسون :
    علامه ڊاڪٽر محمد اقبال جي اخلاقي زندگي ڪنهن به طرح مسلم عوام لاءِ قابل تقليد نمونو نه هُئي. جيتوڻيڪ هُو مغربي فلسفي جو ڄاڻو ۽ قادرالڪلام شاعر هو، پر اُن جي باوجود هُو آخر عمر تائين برصغير جي هڪ ننڍڙيءَ ڏيهي رياست هو ڀوپال جي نواب حميدالله خان جو وظيفه خوار رهيو ۽ سندس پنهنجي جيڪا اخلاقي زنگي هُئي، ان باري ۾ وڌيڪ ڊيگهه ۾ وڃڻ بدران آئون هتي صرف ٽي مثال پيش ڪرڻ تي اڪتفا ڪريان ٿو:
    (1) عبدالمجيد سالڪ، پنهنجي ڪتاب “ذڪرِ اقبال”
    “ٻي شاديءَ کان پهرين خاندان جا بزرگ ڪوشش ڪري رهيا هُئا ته علامه جي سندس پهرينءَ زال سان مصالت ٿي وڃي، پر اقبال ڏاڍي ذهني پيڙا ۾ مبتلا هو، جنهن جي خبر اُن خط مان پوي ٿي، جيڪو هُن اپريل 1909ع ۾ “عطيه بيگم” ڏانهن لکيو هو، اُن ۾ هو لکي ٿو :
    “آئون ڪا نوڪري ڪرڻ نه ٿو چاهيان، منهنجي خواهش آهي ته جيترو جلد ٿي سگهي، هن ملڪ مان ڀڄي وڃان (هيءُ اُن ماڻهو جو خيال آهي، جيڪو چوندو هو ته ساري جهان سي اچها هندستان همارا) اُن جي سبب جي توکي خبر ناهي، ڀڄي وڃڻ کان مون کي صرف هڪ ئي شيءِ روڪيو آهي، جيڪو آهي منهنجو ڀاءُ. اُن جا مون تي ايترا احسان آهن، جو ملڪ ڇڏي نٿو سگهان. منهنجي حياتي هتي زهر بنجي وئي آهي. منهنجا عزيز زبردستيءَ منهنجي زال کي مون تي مڙهڻ ٿا چاهين. مون پنهنجي پيءُ کي لکيو آهي ته کيس مون کي پرڻائڻ جو ڪو به حق نه هو، خصوصاً اهڙيءَ عورت سان جنهن سان پرڻجڻ کان مون انڪار ڪيو هو. آئون پنهنجي زال کي خرچ پکو ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، پر اُن کي پاڻ سان رکي پنهنجي زندگيءَ کي عذاب ۾ مبتلا ڪرڻ نٿو چاهيان.


    12

    هڪ انسان هجڻ جي ناتي مون کي مسرت حاصل ڪرڻ جو هر ڪو حق حاصل آهي، جيڪڏهن معاشرو يا فطرت منهنجي انهيءَ حق کان انڪار ڪن ٿا، ته آئون ٻنهي جي خلاف بغاوت ڪندس. منهنجي لاءِ صرف هڪ ئي واٽ آهي ته آئون هن بدبخت ملڪ کي هميشه لاءِ ڇڏي وڃان يا مئي خواريءَ ۾ پناهه ڳوليان، جنهن جي پيئڻ سان خُودڪشي ڏاڍي آسان ٿي ويندي آهي.”
    هن علم ۽ فلسفي جي علامه اقبال جو، ڪتابن جي باري ۾ رايو ٻڌو :
    “ڪتابن جا هي مُئل، بي جان ۽ ويران پنا مون کي خوشي نه ٿا ڏئي سگهن. منهنجي روح جي گهرائيءَ ۾ ايتري قدر باهه ڀري پئي آهي، جو هوند آئون اُنهن ڪتابن ۽ اُن سان گڏوگڏ معاشري ۽ روايتن کي جلائي رک ڪري ڇڏيان.”
    9 اپريل 1909ع
    (ذڪر اقبال ـ عبدالمجيد سالک ـ ص 73ـ74)
    ان مان خبر پوي ٿي ته اسان جو “مصور پاڪستان” ڪهڙي طبعيت جو مالڪ هو!
    اهو ئي ساڳيو ليکڪ (عبدالمجيد سالڪ) ٻئي هنڌ لکي ٿو :
    “نيٺ علامه ٻيءَ زال کي آڻڻ لاءِ تيار ٿي ويو (جنهن کي هُن نڪاح پڙهائڻ کان پوءِ صرف ان ڪري گهر ۾ نه آندو هو ته کيس گمنام خط مليا هُئا ته اِها ڇوڪري آواره آهي، جنهن جا ڪيترن ئي مردن سان تعلقات آهن) علامه کي شڪ هو ۽ جيئن ته هُو طلاق ڏيڻ جو ارادو ڪري چڪو هو، اُن ڪري شايد کيس ان ساڳيءَ ڇوڪريءَ سان ٻيهر نڪاح وجهائڻو پوي. ان لاءِ هن مرزا جلال الدين کي مولوي حڪيم نورالدين وٽ “قاديان” موڪليو (نور الدين، مرزا غلام احمد قاديانيءَ جو خليفئه اول هو) ته مسئلو پُڇي اچ. مولوي صاحب وراڻيو ته “شرعي طرح رڳو ارادي سان طلاق نه ٿيندي آهي، پر اوهان جي دل ۾ جيڪڏهن شڪ آهي ته کڻي ٻيهر نڪاح ڪري.” اُن تي علامه صاحب هڪ مولوي صاحب کي گهرائي، اُن ڇوڪريءَ سان ٻيو دفعو نڪاح ڪري، کيس پاڻ سان گڏ سيالڪوٽ وٺي هليو ويو. اٺن ڏينهن کان پوءِ موٽي آيو ۽ ڏاڍي اتساهه سان مرزا (جلال الدين) صاحب کي چوڻ لڳو ته “هاڻي آئون بلڪل مطمئن آهيان ۽ پنهنجو پاڻ کي جنت الفردوس ۾ محسوس ڪريان ٿو.” مرزا صاحب جو چوڻ آهي ته اُن ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ کان پوءِ [ جنهن مان جسٽس جاويد اقبال ۽ منيره پيدا ٿيا هُئا ] اقبال ڪنهن به عورت ڏانهن بُري نظر سان نه ڏٺو ۽ هن جون سڀ رنگ رليون ختم ٿي ويون.”
    “رنگ رلين” جو ذڪر اچي ويو آهي ته هي به ٻڌندا هلو ته اقبال پنهنجيءَ ڦوهه جوانيءَ ۾، پنهنجي دور جي ٻين نوجوانن کان مختلف نه هو ۽ سدائين مصريءَ جي مک ٿي رهيو، ماکيءَ جي مک ڪڏهن نه بڻيو. پر اڄ به ڪيترائي پوڙها سندس دوست موجود آهن، جيڪي اُن گذريل دور جي “رنگين صحبتن” کي اڃا تائين پنهنجي دلين ۾ سانڊيو اچن ٿا. خود اقبال به اهڙو اعتراف ڪيو آهي ته “آئون ڪيترو ئي وقت مجازي عشق ۽ ان جي لوازمات ۾ مبتلا رهيو آهيان، پر هيءَ آرزو، منهنجي ضرور رهي آهي ته مديني ۾ مران.”
    سندس هڪ فارسي شعر آهي :
    مُدت، بالاله، رُيان ساختم
    عشق با مر غولئه مُويان باختم.
    باده ها با ماهه، سيمايان زدم
    بر چراغ عافيت دامان زدم.
    برق ها گرديد گرد حا صلم
    رهزنان بُردند کالائي دلم
    [ ترجمو : ڪيترو وقت “لالئه رُخن” سان سُتس ۽ ڪنڍڙن وارن وارين سان جُهٽيو رهيس. چنڊ ۽ چاند بدنن سان گڏ شراب پيتم ۽ پنهنجي عافيت جي ڏيئي کي اُجهائي ڇڏيم. منهنجي چوڌاري وڄن جا چمڪاٽ هئا ۽ محبوبن! دل جو سڪون ڦري ورتو.]
    (ذڪر اقبال ـ ص 71 ـ 72
    (2) علامه اقبال جي والد شيخ نور محمد، علامه اقبال جي شادي 19 سالن جي عمر ۾ هڪ گهريلو قسم جي ڇوڪري ڪرم بيبي سان ڪرائي هُئي. پر اقبال اُن مائيءَ کي نظرانداز ڪري ٻيون شاديون ڪرڻ شروع ڪيون. نه هن کي طلاق ڏنائين ۽ نه کيس خرچ پکو ڏيندو هو، جيتوڻڪ ان مان کيس به ٻار به هُئا، پٽ آفتاب ۽ ڌيءُ معراج بيبي ـ ويندي ان حد تائين جو پنهنجي وصيت نامي ۾ به انهن ٻارن ۽ زال ڪرم بيبيءَ لاءِ هڪ ڪسيرو به پنهنجي ورهاست مان نه رکيائين. اصريح ظلم جي خلاف اقبال جي ڀاءُ اقبال جي مرڻ کان پوءِ پنهنجي اُن ڀائٽي ۽ پهرين بيوهه کي ڪيس ڪرڻ جي لاءِ اڀاريو، اُهي ٻار ۽ سندن ماءُ سڄي عمر ٺوڪرون کائيندا رهيا ۽ اڄ اُنهن جو ڪٿي اقبال جي حوالي سان نالو نشان به ڪونهي. اِن تي علامه اقبال جو هڪڙو مداح سيد حامد جلالي پنهنجي ڪتاب “علامه اقبال اور ان کي پهلي بيوي” ۾ لکي ٿو ته :
    هاڻي ڏسڻو آهي ته اقبال اِهو خط پيءُ کي 1909ع ۾ لکيو، جڏهن ته هن جي شادي 1893ع ۾ ٿي هئي. علامه صاحب بذات خود ايجاب و قبول ڪيو ۽ ازدواجي تعلقات به قائم ڪيا، ٻه ٻار به ٿيس، ٻارن جا نالا پاڻ تجويز ڪيائين، جن مان سندس قابليت ۽ محبت ظاهر ٿئي ٿي. هاڻي 16 ـ 17 سالن کان پوءِ علامه يورپ جي زهريلي فضا کان متاثر ٿي، پيءُ کي لکي رهيو آهي ته “مون شادي کان انڪار ڪيو هو، تو شادي ڇو ڪرائي”.
    اهڙي گستاخانه تحرير جو ڪهڙو جواز آهي، علامه صاحب؟ جڏهن ته توهان پاڻ ئي ايجاب و قبول ڪيو. توهان جي قبولڻ کان سواءِ ته نڪاح ٿي نه ٿي سگهيو ۽ جيڪڏهن نڪاح کان پوءِ زال پسند نه آئي ته اُنهي وقت پاس ڪري ڇڏين ها، ۽ تون زال مڙس وارا لاڳاپا ايترو طويل وقت ڇو برقرار رکيا؟ ٻارن جي پيءُ بنجڻ جو ڏوهه ڇو ڪيو؟ مقامِ ادب آهي، اسان خاموش آهيون! پر اهڙن واقعن جي موجودگيءَ ۾ اسان نه ٿا سمجهون ته علامه جي پهرين زال ۾ ڪو به عيب هو ۽ جيڪڏهن اُن ۾ ڪو عيب هو به ته اهو ٻڌائڻ کپندو هو. پر جيڪڏهن صرف وڏي عُمر هجڻ ئي عيب آهي ته خود علامه جڏهن عطيه بيگم سان پنهنجي زال جون شڪايتون ڪري ٿو، اُن وقت سندس عُمر 40 سال آهي. جيڪڏهن ايڏي عمر جو ماڻهو پنهنجي زال ۽ ٻارن کان بيپرواهه ٿي، جوان ڇوڪريون ڳوليندو وتي ته سندس اهو فعل ڪنهن تعريف جو لائق نه آهي ۽ نه ئي ڪنهن عظيم شخصيت جو عمل ٿي سگهي ٿو. اهي ڪرتوت ڪنهن عالم کي نٿا سُنهن، نه ڪنهن انصاف پسند، شريف ۽ عاقبت انديش ڏاهي جا ٿي سگهن ٿا.
    بيشڪ، اسلام ۾ به چار شاديون ڪرڻ جائز آهن، پر اُن لاءِ شرط آهي انصاف ۽ جڏهن هڪ ماڻهو، نه پهرين زال کي طلاق ڏئي “حق مهر” سان گڏ اُن جا ٻيا حق پورا ڪري ٿو، اهڙي ماڻهوءَ کي ٻي ۽ ٽين شادي ڪرڻ جو شرعي، اخلاقي ۽ عقلي حق نه آهي ۽ علامه جهڙي ماڻهوءَ لاءِ ته قطعي اها ڳالهه سونهي ئي ڪانه ٿي ۽ نه وري ڪنهن علم ۽ ڏاهپ جي صاحب سان اهڙي ڳالهه جو لاڳاپو برداشت ڪري سگهجي ٿو. ممڪن آهي ته اهو اثر يورپ جي زهريلي فضا جو هُجي ۽ جيڪڏهن واقعي اِهو اثر يورپ جي فضا جو هو ته اهڙي يورپي علم ۽ دانش تي صد هزار لعنتون هجن! آخر اِها تعليم ڪهڙي ڪم جي، جنهن کي حاصل ڪرڻ کان پوءِ ماڻهو اخلاقي معيار کا ئي ڪري پوي ۽ نفساني خواهش کان مجبور ٿي مذهب ۽ شرافت کي به نظر انداز ڪري ڇڏي.
    سمجهه ۾ اچي ٿو ته علامه يورپ ۾ جيڪا رنگين زندگي گذاري هئي، ان انساني طبيعت جي تقاضائن سبب علامه ۾ هڪ قسم جي بي راهه روي ۽ ڇڙواڳي پيدا ڪري ڇڏي هئي، جنهن واپس اچڻ تي نه صرف کيس پنهنجي شريف ۽ غريب زال کان، پر وطن جي هر هڪ شيءِ کان بيزار ڪري وڌو ۽ هو واپس يورپ وڃڻ جو سوچڻ لڳو.
    (اقبال کی پھلي بيوي، ص 30 کان 34 ليکڪ : سيد حامد جلالي صدر مجلس محبانِ علامه اقبال پاڪستان. جون 1967ع، انجمن پريس، ڪراچي.
    (3) انهيءَ حڪيم الامت ۽ شاعرِ مشرق جي ڪُجهه گوهر افشاني، شعري صورت ۾ توهان جي سامهون پيش ڪري رهيو آهيان.
    بيا دختر ڪه من ميل تو دارم
    لبت بوسم و پستانت بعالم
    نصابِ حسن توحد کمال است
    زکو اتم ده کہ مسکين وا سيرم
    ***
    تيري نيچي يه غارسي کيا هي
    سچ بتا اسکي فارسي کيا هي
    ***
    هاتهه ڏالي سي کچه نهين بنتا
    تيري دل مين يه خارسي کيا هي
    ***
    هنس کي بولي ڪه لو اقبال!
    هاته کنگن کو آرسي کيا هي
    _________ اقبال
    [ حوالو : “پاڻيءَ منجهه پساهه ـ ” شير محمد خدابخش بلوچ، رٽائرڊ سيڪريٽري اريگشن سنڌ ۽ ويسٽ پاڪستان ص ـ 70)
    جيستائين مسلم دوستيءَ ۽ اهل اسلام جي درد جو تعلق آهي، ته اُن معيار تي به ڊاڪٽر اقبال پورو نه ٿو لهي، ان ڪري جو 1914ع کان جڏهن مغربي سامراج سموري عالمِ اسلام کي پنهنجي بوٽ هيٺ لتاڙي رهيو هو ۽ خليفئه اسلام جي تخت ۽ تاج کي ٺوڪرن سان اُڏائي رهيو هو، ۽ مقامات مقدسه جي سرِ سان سرِ وڄائڻ لاءِ اڳتي وڌي رهيو هو، اُن وقت برصغير جا سامراج دشمن ۽ اسلام جا خير خواهه دانشور ۽ عالم، مولانا شوڪت علي، مولانا عبيدالله سنڌي يا ته جيلن ۾ هئا يا جلاوطنيءَ جو صعوبتون سهي رهيا هئا، اُن وقت هي مصور پاڪستان دهليءَ ۾ وائسراءِ طرفان ڪوٺايل “جنگي ڪانفرنس” (War conference) ۾ خاص دعوت تي نواب ذوالفقار علي خان سان گڏ شريڪ ٿي، هيءُ قصيدو، انگريزن جي تعريف ۽ سندن فتح ياسين تي کڳيون هڻندي پڙهيو، جيڪو هفتيوار “وڪيل” امرتسر ۽ “ستاره صبح” ۾ 8 مئي 1918ع تي ڇپيو ۽ جنهن جو ذڪر عبدالمجيد سالڪ پنهنجي ڪتاب “ذڪر اقبال” [ص 87] تي به ڪيو آهي :


    هاڻي، اسان تحريڪ پاڪستان جي ٻئي ڪردار مسٽر محمد علي جناح، جنهن پاڻ کي اسلام ۽ مسلمانن جو وڏو خيرخواهه ۽ واحد ليڊر ٿي سڏايو، ۽ مسلمانن کي اسلامي نظام حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ اُڀاريندو آيو، ان جي شخصي ڪردار جو جائزو وٺنداسون ته هو شخصي طرح اسلامي نقطه نظر تي عملي طرح ڪيتريقدر پابند هو. ان سلسلي ۾ ننڍي کنڊ ۾ ڪيتريون ئي روايتون مشهور آهن، پر انهن کي نقل ڪرڻ بدران آءُ هتي سندس محسن انگريزن جي ڪتابن مان مثال ڏيان ٿو. اگرچه هيءَ ڳالهه ظاهر ظهور آهي ته هن جي صورت قديم مسلمانن جي مقرر ڪيل معيارن مطابق نه هئي، نه لباس ۽ وضع قطع ۽ نه ئي سيرت ۽ اخلاق اسلامي هو. اسلامي عبادتن مان هو ڪنهن جو پابند نه هو. قرآن ۽ حديث جو واقف نه هو، بلڪه روح اسلام کان قطعي نابلد هو. ڪا به مشرقي ٻولي، سواءِ گجراتيءَ جي کيس لکڻ ۽ پڙهڻ نه ايندي هئي. ٻُڌڻ ۾ آيو آهي ته ڪنهن ڏينهن مسلمانن کي ڏيکارڻ لاءِ هن کي زوريءَ نماز پڙهائي وئي ته ڏسڻ ۾ آيو ته هو نماز جي طريقن ۽ آداب کان به واقف نه هو. هو مغربي ڪلچر ۽ بودوباش جو دلدادو هو، جنهن جو آءُ پاڻ شاهد آهيان، جو مون کي ڪيترو عرصو ساڻس گڏ سياسي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو آهي، پر هتي آءُ هڪ ڪتاب مان حوالو ڏئي رهيو آهيا، جيڪو “لاري ڪولنس ۽ ڊومينڪ ليپرري” (Larry Collins & Dominique Lapieree) جو لکيل آهي. ان ۾ هو جيڪي ڪجهه لکن ٿا، ان مان توهان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته اسلام جو علمبردار ۽ مسلمانانِ هند جو “قائداعظم” محرماتِ شرعيه (شريعت جي حرام ڪيل شين) کان ڪيتريقدر پرهيز ڪندڙ هو :
    “He loved oysters and cavire, champance, brandy and good clart.”
    (Freedom at midnight – P – 101)
    “He drank, ate pork, religiously shaved his beared each mornig and Justas religiously avoided the mosque each Friday. God and Koran had no place in Jinnah’s vision of the world. His political foe, Gandhi knew more verses of the Holy book than he did; Muslim
    (Freedom at midnight – P – 102)
    سندس شراب پيئڻ جي تصديق سندس ذاتي معالج هنن لفظن ۾ ڪئي آهي “هيءُ ٽن سالن تائين “ول پاور”، وسڪي ۽ سگريٽن تي زنده رهيو” (ص 303)
    هيءُ عام انساني چڱاين کان به اونجهيل (مبرا) هو. اقتدار جو بکيو ۽ خودپسند هو. ان سلسلي ۾ ٻه واقعا هتي پيش ڪري رهيو آهيان، جنهن مان خبر پوندي ته هن جي حد کان وڌيڪ جاهه پسندي ۽ اقتدار پرستي، خود سندس ئي مقصد کي ڪيترو نقصان پهچايو ۽ سندس دوست انگريز به کانئس بدظن ٿي ويا:
    (1) : ان سلسلي ۾ پاڪستان جو پهريون وزير خارجا، سر ظفرالله خان لکي ٿو :
    “جڏهن وزيراعظم ائٽليءَ، برصغير هندستان جي آزاديءَ جي اسڪيم ايوان ۾ پيش ڪئي ته ان وقت آءُ ايوان جي گئلريءَ ۾ موجود هوس. وزيراعظم جي تقرير بلڪل واضع هئي، پر مون کي ان وقت حيراني ۽ پريشاني ٿي جڏهن برطانوي وزيراعظم پنهنجيءَ تقرير ۾ چيو ته اسان جي تمنا هئي ته آزاديءَ کان پوءِ هندستان ۽ پاڪستان، ٻنهي جو گورنر جنرل لارڊ مائونٽ بيٽن ٿئي، پر افسوس جو جناح ان ڳالهه تي راضي نه ٿيو.
    قائداعظم جي انڪار تي مسٽر ائٽليءَ جو افسوس ڪرڻ مون کي پسند نه آيو، ڇو ته ان ذڪر جي ضرورت ئي نه هئي. پر جيڪڏهن ضرورت هئي به سهي ته ايترو چوڻ ڪافي هو ته اها تجويز ڪامياب نه ٿي سگهي. قائداعظم جو نالو وٺي افسوس ڪرڻ مان معلوم پئي ٿيو ته ان تجويز جي ناڪام ٿيڻ تي برطانوي وزيراعظم کي ڏاڍو ڏک پهتو آهي، ۽ کيس قائداعظم سان ذاتي رنجش آهي.
    اهڙو ثبوت اڳتي هلي مختلف موقعن تي مختلف صورتن ۾ اسان جي سامهون آيو”
    (تحديث نعمت ـ از سر ظفرالله ص ـ 699)
    اهوئي ساڳيو ليکڪ، اڳتي هلي لکي ٿو :
    “مائونٽ بيٽن جي پڻ خواهش هئي ته ڪانگريس ۽ مسلم ليگ کيس مشترڪه گورنر جنرل طور قبول ڪن. ڪانگريس، مائونٽ بيٽن جي ان خواهش کي مدنظر رکندي، ان کي ڀارت جو پهريون گورنر جنرل طور مقرر ٿيڻ قبول ڪيو، پر قائداعظم اهڙي تجويز قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو. مائونٽ بيٽن کي پنهنجيءَ پر ۾ يقين هو ته قائداعظم پڻ اها تجويز قبول ڪندو. انهيءَ آڌار تي هن ڪانگريس ليڊرن ۽ برطانوي وزارت کي يقين ڏياريو هو ته قائداعظم کي سندس گورنر جنرل ٿيڻ تي ڪو به اعتراض نه ٿيندو، پر قائد اعظم جي انڪار مائونٽ بيٽن جي اُميدن جي ڪاڪ محل کي ڀوراڀورا هڪ طرف ڪيو، ۽ ٻئي طرف برطانوي وزارت ۽ ڪانگريس ليڊرن وٽ به کيس شرمندو ٿيڻو پيو. ان ڪري قائداعظم سان ملاقات ۾ هن کيس ڌمڪيون پڻ ڏنيون، اها گفتگو، 2 جولاءِ 1947ع تي ٿي. ٻه ڏينهن پوءِ مائونٽ بيٽن قائداعظم جي انڪاري فيصلي جي رپورٽ برطانوي اسٽيٽ سيڪريٽريءَ کي موڪلي ڏني، جنهن ۾ ان گفتگوءَ کي “بم شيل” (Bomb Shell) قرار ڏيندي لکيائين ته :
    “مون ان (جناح) کي چيو ته توکي خبر آهي ته هيءُ انڪار توکي ڪيترو مهانگو پوندو؟)” هن (جناح) وساڻل لهجي ۾ جواب ڏنو ته “ها، اثاثن (Assets) جي ورهاست ۾ غالباً ڪروڙن روپين جو نقصان سهڻو پوي!” مون سخت لهجي ۾ کيس چيو ته “ڪروڙن جي نه، پر تون سڀني اثاثن (Assets) کان محروم ٿي ويندين ۽ پاڪستان پنهنجي مستقبل کان!” اهو چئي آءُ اٿي هلي ويس. (مائونٽ بيٽن جي رپورٽ نمبر 11، 4 جولاءِ 1947ع ـ اسٽيٽ سيڪريٽري جي نالي)
    (ڪتاب تحديث نعمت ـ سر ظفرالله خان ص ـ 571)
    جناح جي انهيءَ انڪار جو نتيجو اهو نڪتو، جو گرداسپور جو ضلعو ريڊ ڪلف جي ذريعي هندستان جي حوالي ٿيو ۽ ورهاڱي کان پوءِ سمورا اثاثا (Assets) هندستان حڪومت پاران پاڪستان جي حوالي ڪرڻ کان انڪار ڪيو، ۽ انهيءَ انڪار کي ختم ڪرائڻ لاءِ مهاتما گانڌيءَ “مرن برت” رکي، اثاثن جو پاڪستاني حصو پاڪستان کي ڏيارايو. اهو سڀ ڪجهه ان لاءِ ٿيو ته جناح صاحب هر صورت ۾ گورنر جنرل ٿيڻ چاهيو ٿي، ۽ اها ڪرسي ڪنهن ٻئي کي ڏيڻ لاءِ تيار نه هو. چوندا آهن ته “ڏاچي هڻي ڏهه ته توڏي هڻي تيرهن” ـ جناح صاحب جي پنهنجي اها پوزيشن هئي ته ڀيڻس ويتر کائنس به وڌي ويئي، جو آزاديءَ جي جشن واري تقريب ۾ ليڊي مائونٽ بيٽن جو اسٽيج تي هجڻ کائنس برداشت نه پئي ٿي سگهيو.)
    (Freedom at Midnight – P – 102)
    آخر ڏسڻ اهو گهرجي ته مس فاطمه جناح جو اهو رويو نه رڳو جديد تهذيب جي پروٽوڪول جي خلاف هو، پر عام انساني اخلاق کان به ڪريل هو. پر اخلاق ۽ پروٽوڪول جي توقع پاڪستاني ليڊرن مان رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جي برابر هو.
    (2) : هن (جناح) وٽ مسلم ليگ، مسلمان عوام ۽ مسلمانن جي جدوجهد آزاديءَ جي ڪابه حيثيت نه هئي. هو پاڪستان جي حصول کي صرف پنهنجي ذاتي قابليت ۽ لياقت سمجهندو هو. ان سلسلي ۾ راجا صاحب محمود آباد کيس هڪ دفعو پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ چيو ته “مسلم ليگ جي تنظيم تي توجهه ڏيڻ گهرجي ۽ پراڻن مسلم ليگين جو خيال ڪرڻ گهرجي” ـ ته ان تي ڪاوڙ جي چوڻ لڳو : “ڇا جي مسلم ليگ ۽ ڇا جا مسلم ليگي؟ پاڪستان مون ۽ منهنجي هن ٽائپ رائٽر (Type writer) ٺاهيو آهي” (بروايت : راجا صاحب محمود آباد، ڪتاب شهاب نامو مصنف: قدرت الله شهاب)
    هُن جي جمهوريت پسندي يا باهمي مشوري جي باري ۾ جيڪا فرعون صفت ۽ ڊڪٽيٽر ذهنيت هئي، ان جو ڪافي احوال آءُ اڳيئي بيان ڪري چڪو آهيان، ان ڪري ورجاءُ ضروري نه ٿو سمجهان بهرحال پنجاب جي هڪ وڏي تاريخدان ۽ عالم غلام رسول مهر جا هي خيال، منهنجي نقطه نظر جي تصديق ڪن ٿا ته : “علامه اقبال جي شاعريءَ ۽ جناح جي سياست مسلمانن کي ايترو نقصان پهچايو آهي، جو چنگيز خان ۽ هلاڪون به نه پهچايو هو.”
    جناب والا! آءُ هتي کليل لفظن ۾ اظهار ڪريان ٿو ته ننڍي کنڊ جو “ٻه ـ قومي نظريو” يعني هندو ۽ مسلم قومن جي بنياد تي ورهاڱو غير فطري، غير تاريخي، غير انساني ۽ غير حقيقي عمل هو، بلڪ ان ورهاڱي جي پٺيان انگريز سامراج جا پنهنجا طبقاتي، حڪومتي ۽ سامراجي مفاد پنهان هئا. انگريزن چاهيو ٿي ته مستقبل ۾ ڀارت توڙي پاڪستان جون غير فطري، ورهايل ۽ وڙهيل حڪومتون، هميشه لاءِ سندن سامراجي مفادن جو طفيلي ۽ حامي رهن. ان حقيقت کي محسوس ڪندي، ڀارتي حڪومت اڳتي هلي قومي جذبي ۽ ملڪي مفاد کي اهميت ڏيندي پنهنجي ملڪ جوحڪومتي ڍانچو ۽ آئين “سيڪيولر ۽ جمهوري” بنيادن تي جوڙيو. اهو ئي سبب آهي جو ڀارت جا آئيني ادارا ايترا مضبوط رهيا آهن، جو اتي ڪنهن به دور ۾ غيرجمهوري ۽ فوجي قوتن اقتدار تي قبضو نه ڪيو آهي، پر هتي پاڪستان جي حوالي سان جيڪڏهن اسان ان جي قيام کان وٺي 45 ساله تاريخ تي نظر وجهنداسون هن غير فطري ملڪ جو آئيني ادارا غير مستحڪم نظر ايندا، بلڪه جن بنيادن تي ان جو وجود عمل ۾ آڻڻ جا وعدا ڪيا ويا هئا، ان جو واضع انحراف نظر ايندو، هڪ نظر ماضي قريب تي وجهنداسون ته ڊاڪٽر اقبال جي 1930ع واري مسلم ليگ جي الهه آباد واري اجلاس جي صدارتي تقرير، سنڌ مسلم ليگ جي 1938ع واري ٺهراءَ، 1940ع واري لاهور ٺهراءَ ۽ سنڌ اسيمبليءَ جي 3 مارچ 1943ع واري واضح ٺهراءَ ۾ بيان ڪيل بنياد اسان کي لڏندا محسوس ٿيندا. پاڪستان ۾ شامل ٿيندڙ رياستن کي جيڪا “آزاد ۽ خودمختيار رياستن (Independent & Soverign States) واري حيثيت حاصل ٿيڻي هئي، اها انهن کي نه رڳو حاصل نه آهي، پر انهن رياستن جي قديم قومي ۽ تاريخي وجود کان مڪمل انڪار ڪري، انهن کي بيٺڪن (Colonies) واري حيثيت ڏني وئي ۽ انهن جي سياسي اقتدار، اقتصاديات ۽ اختيارن تي مڪمل طرح انگريزن جي وفادار پنجابين جي پرورده پنجاب سامراج جو مڪمل طرح قبضو آهي.
    اسان هڪ نظر جيڪڏهن پاڪستان جي تصور ڏيندڙ ۽ بنياد وجهندڙن جي وعدي ۽ دعوى تي وجهنداسون، جنهن موجب “پاڪستان” ۾ “اسلامي نظام حڪومت” لاڳو ڪرڻو هو، ته هڪ ڌوڪي، فريب ۽ گمراهيءَ کان سواءِ ڪجهه نظر نه ايندو، هڪ ته ان قسم جي “نظام حڪومت” جو نقشو، دنيا جي ڪنهن به خطي ۾ موجود نه آهي ۽ نه ئي جديد دنيا جي تقاضائن ۽ ترقيءَ جي مدنظر اهو نظام لاڳو ٿي سگهي ٿو. ٻيو ته “مصور پاڪستان” “بانيءَ پاڪستان جا هٿرادو القاب ماڻيندڙ خود به اسلامي تعليمات يا ان ۾ پيش ڪيل “اسلامي نظام حڪومت” کان بلڪل بي بهره هئا، ڇو ته پاڪستان جا اهي ٻئي نام نهاد خالق، مزاجاً، عملاً توڙي صورتاً اسلام کان ڪوهين ڏور ۽ صحيح اسلامي تعليمات جي روح کان غير واقف هئا. هنن اسلامي نظام حڪومت جو ڌوڪو، پنهنجي اقتدار پرست ذهنيت ۽ طبيعت سبب هنيو هو. جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته جناح صاحب کي پاڪستان جي قيام وقت، 11 اگسٽ 1947ع تي آئين ساز اسيمبليءَ ۾ هيٺينءَ ريت تقرير نه ڪرڻي پوي ها :
    هن تقرير مان جناح صاحب جا سيڪيولر ۽ جمهوري خيال ظاهر ٿين ٿا، پر منهنجيءَ نظر ۾ انهن جي پٺيان پڻ هن جو اهو جذبو ڪارفرما هوته انگريزن کي اعتماد ڏيارجي ته پاڪستان جا حڪمران “بنياد پرست” (Fundamentalists) نه آهن، پر انگريزن جا سچا وفادار ۽ سندن سيڪيولر ۽ جمهوري روايتن جا پيروڪار آهن. جيڪا ڳالهه هڪ طرف انگريزن کي بيوقوف بنائڻ لاءِ ڪئي ٿي وئي ته ٻئي طرف پاڪستان بابت پيش ڪيل اڳ واري اسلامي تصور، (جنهن جو عملي طرح ڪو به وجود نه هو) جي خلاف هئي. برصغير جي ڀارت واري حصي جي حڪمرانن ته جمهوري ۽ سيڪيولر آئين لاڳو ڪري، ملڪي نظام هلائڻ شروع ڪيو، پر پاڪستاني حڪمرانن، پنهنجي نام نهاد قائداعظم ۽ پاڪستان جي بانيءَ جي پهرين آئين ساز اسيمبليءَ ۾ اظهار ڪيل خيال جو به ڀرم نه رکيو ـ ۽ ابتدا کان اڄ تائين “اسلامي آئين” ۽ “اسلامي نظام حڪومت” جو راڳ ڳائيندا اچن پيا. پر اڄ تائين جيڪي به پاڪستان جا آئين ٺهيا آهن، تن کي ظاهراً ته اسلامي ليبل هنيو ويو آهي، پر پاڪستاني مسلم عالم اڄ تائين نام نهاد “نظام اسلام” ۽ “نظام مصطفى” جي نفاذ لاءِ جدوجهد ۽ نعرن ۾ مصروف نظر اچي رهيا آهن ۽ “شريعت بل” لاڳو ڪرڻ جا مطالبا ڪري رهيا آهن.
    اسلامي نظام يا نظام مصطفى آهي ڇا، ان بابت نه پاڪستاني حڪمران واضح آهن ۽ نه پاڪستان جا مولوي صاحبان ـ ان جو هڪ بهترين مثال، اسان کي “پنجاب ڊسٽربنس 1953ع، انڪوائري رپورٽ” جي متن مان ملي ٿو، جيڪا جسٽس منير ۽ جسٽس ڪياني ترتيب ڏئي، 10 اپريل 1954ع تي حڪومت پاڪستان آڏو پيش ڪئي هئي. ان جو ڪجهه حصو هتي پيش ڪرڻ دلچسپيءَ کان خالي نه ٿيندو :
    “مختلف علمائن جي بيان ڪيل گهڻين وصفن کي نظر مان ڪڍندي اسان فقط ايتروئي تبصرو ڪري سگهون ٿا ته عالمن جي سڄي گروهه مان ڪي به ٻه ڄڻا، هن اهم مسئلي تي اتفاق راءِ ڪونه ٿا رکن. هر هڪ عالم جي بيان ڪيل وصف تي جيڪڏهن غور ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي ٿي ته سندس نقطئه نظر ٻين عالمن جي نقطئه نظر کان بلڪل نرالو آهي. ان صورتحال مان محسوس ائين ٿو ٿئي ته ڄڻ اسان سڀئي اسلام جي دائري کان ئي بنهه ٻاهر آهيون. جيڪڏهن انهن مان هڪ عالم جي اسلام جي ڏنل وصف تي عمل ڪنداسون ته ان خاص عالم جي فڪر ۽ نظريي مطابق ئي مسلمان ۽ ٻين سڀني عالمن جي اسلامي نظريي مطابق ڪافر بڻجي وينداسين.

    ارتداد
    اسلامي ملڪ ۾ ارتداد جو جرم موت جي سزا جوڳو ڏوهه آهي. هن معاملي تي سڀني فرقن جا عالم اتفاق راءِ رکن ٿا. (ڏسو مولانا ابوالحسنات، سيد محمد احمد قادري پريزيڊنٽ جميعت العلماءِ پاڪستان، مولانا احمد علي صدر جميعت العلماءِ اسلام اولهه پاڪستان، مولانا ابوالاعلى مودودي باني ۽ سابق امير جماعت اسلامي، مفتي محمد ادريس جامعه المشرفيه لاهور ۽ رڪن جميعت العلماءِ پاڪستان، مولانا داؤد غزنوي پريزيڊنٽ اهلحديث مغربي پاڪستان، مولانا عبدالحليم قاسمي جميت علماءِ اسلام پنجاب ۽ مسٽر ابراهيم علي چشتي جي عدالت ۾ ڏنل شاهدي). سندن بيان ڪيل عقيدي موجب چوڌري ظفرالله خان پنهنجي موروثي مذهبي عقيدي بدران، هن پاڻ احمدي مذهب اختيار ڪيوآهي ته سندس سزا موت آهي. ساڳيءَ سزا جو اطلاق ديوبندي ۽ وهابي فرقي تي به ٿئي ٿو.
    جيڪڏهن فتوى هن خوبصورت وڻ Ex ـ ڊي. اي ـ 14 جي هرپن تي ويٺل هر عالم جهڙوڪ : مولانا ابوالحسنات، مولانا سيد محمد احمد قادري يا احمد رضا بريلوي ۽ ٻيا گهڻا عالم اهڙي اسلامي ملڪ جي صدر هجن ته مولانا محمد شفيع ديوبندي، تعليمات اسلامي بورڊ جو رڪن ۽ جيڪو پاڪستان جو آئين ساز اسيمبليءَ سان به لاڳاپيل آهي ۽ مولانا دائود غزنوي موت جي سزا کان بچي ڪو نه سگهندا. جيڪڏهن مولانا محمد شفيع ديوبند اهڙي اسلامي ملڪ جو صدر ٿئي ته اهڙن عالمن کي اسلام جي دائري مان خارج ڪري ڇڏي، جيڪي ديوبندي فرقي کي ڪافر سمجهندا آهن. جيڪڏهن سندن اهو فرقو موروثي نه آهي پر هنن اهو پاڻ اختيار ڪيو آهي ته کين موت جي سزا ڏئي سگهجي ٿي.
    جيڪڏهن فتوى Ex ـ ڊي. اي ـ 13 جي سچائيءَ ۾ اعتماد ڪجي ته اثنا عشري شيعا، ڪافر ۽ مرتد ٿي وڃن ٿا. پڇاڳاڇا دوران اهڙو سوال مولانا محمد شفيع کان پڇيو ويو هو. مذڪوره مولانا اهڙي قسم جي موضوع تي پڇيل مسئلو ديوبند ڏانهن رجوع ڪيو هو. دارالعلوم جي مدرسي جي رڪارڊ مان اهڙي قسم جي فتوى حاصل ڪئي وئي هئي، جنهن تي مدرسي جي ٻين عالمن کان سواءِ مولانا محمد شفيع جي صحيح ٿيل هئي، جنهن تي مدرسي جي ٻين عالمن کان سواءِ مولانا محمد شفيع جي صحيح ٿيل هئي. هن فتوى ۾ علماءِ دين جي راءِ جو اظهارهن ريت ٿيل هو ته جيڪي ماڻهو حضرت صديق اڪبر جي خلافت کي نه ٿا مڃين، حضرت عائشه صديق تي الزام تراشي ڪن ٿا ۽ قرآن جي تحريف جا ڏوهي آهن، سي ڪافر آهن. هن نظريي جي مسٽر ابراهيم علي به توثيق ڪئي، جيڪو هن موضوع تي سٺي ڄاڻ رکي ٿو. سندس خيال آهي ته شيعا ڪافر آهن، ڇاڪاڻ ته شيعا سمجهندا آهن ته حضرت علي، نبي جي نبوت ۾ ڀاڱي ڀائيوار هو. البت هن اهڙي سوال جي جواب ڏيڻ کان انڪار ڪيو ته جيڪڏهن ڪو سني فرقي وارو، شيعن جي مذهبي خيالن سان سهمت ڪري ٿو ته اهو به واجب القتل آهي يا نه. شيعن جي خيال موجب سني ڪافر آهن. اهل قرآن وارا جيڪي حديث کي غير معتبر سمجهندا آهن ۽ انهن تي عمل ڪو نه ڪندا آهن، تن کي به ڪافر سمجهيو ويندو آهي. اهڙيءَ ريت جيڪي آزاد خيال هوندا آهن، تن کي به ڪافر سمجهيو ويندو آهي. نيٺ نتيجو اهو وڃي بيهي ٿو ته شيعا، سني، بريلوي، ديوبندي، اهل قرآن ۽ اهل حديث سڀئي مسلمان ڪونه آهن. هڪ فرقي وارو ٻئي فرقي جو مذهب اختيار ڪري نه ٿو سگهي. جيڪڏهن ڪندو ۽ ملڪ جو صدر ان جي مخالف فرقي سان تعلق رکندڙ هوندو، جيڪو هن کي ڪافر سمجهي ٿو تهکيس موت جي سزا ڏئي ڇڏيندو. اهڙي قسم جو اصول ۽ عقيدو عدالتي فتوى لاءِ ڪنهن غور ۽ فڪر جي ڪاتقاضا ئي ڪو نه ٿو ڪري. ڇاڪاڻ ته انهن منجا ڪي ٻه عام به اهو ڪو نه ٻڌائي سگهيا آهن ته مسلمان ڇاکي چئجي؟ يا مسلمان جي معنى ڇا آهي؟ يا مسلمان جي وصف ڪهڙي هجڻ گهرجڻ گهرجي؟ جيڪڏهن عالمن جي ڏنل وصف جي هرزي تي عمل ڪيو وڃي ۽ اصولي قاعدي مطابق سڀني تي گڏيل يا هڪ هڪ تي الڳ ڪاروائي ڪئي وڃي يا ائين سزا ڏني وڃي، جيئن عدالتي تحقيقات دوران گئليليو تي جزيوي (Mutatus Mulandis) سزا فتوى وارو اصول قائم رکي ويو هو ته پوءِ جن سببن ڪري ڪنهن ماڻهوءَ کي ارتداد جي سزا ڏجي، سي ايترا ته گهڻا آهن، جن جو ڪاٿو ئي ڪري ڪو نه ٿو سگهجي. اهڙيءَ ريت ملڪ جو هڪڙو ماڻهو به اتداد جي سزا کان بچي ڪو نه سگهندو.
    اسان هن رپورٽ جي پهرئين حصي ۾ “الشهاب” پمفليٽ جي غير قانوني هجڻ واري شق ڏانهن اشارو ڪيو آهي. هن پمفليٽ جو ليکڪ مولانا بشير احمد عثماني آهي، جنهن کي پوءِ پاڪستان جو شيخ الاسلام بنايو ويو آهي. هن پمفليٽ ۾ مولانا، قرآن، سنت، اجماع ۽ قياس جا حوالا ڏئي ان ڳالهه کي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته اسلام ۾ ارتداد جي قطعي سزا موت آهي. اسلامي عقيدي کي واضح ڪرڻ کان پوءِ مولانا ان پمفليٽ ۾ هڪ حقيقت تي روشني وجهندي بيان ڏنو آهي ته حضرت صديق اڪبر ۽ پوين خليفن جي زماني ۾ مرتدن جو ايترو قتل عام ٿيو،جو قبرستان جي زمين سندن رت سان رنڱجي ريٽي ٿي وئي هئي. عدالت کي اهڙي گذارش ڪا نه ڪئي وئي آهي، ان ڪري اسان جي دائري اختيار کان ٻاهر آهي ته ان عقيدي جي سچائيءَ وغيره لاءِ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪريون. پر اسان کي ايتري سا خبر آهي ته پاڪستان جي وزير داخلا، پنجاب جي حڪومت کي ان پمفليٽ کي غير قانوني ٺهرائي، ضبط ڪرڻ جي صلاح ڏني آهي. اسان پاڻ به ان ڳالهه جي تحقيقات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته اهي ڪهڙا سبب آهن، جو پنجاب حڪومت، مذڪوره مولانا جي جاري ڪيل نام نهاد فتوى، جيڪا هن قرآن ۽ حديث جي روشنيءَ ۾ جاري ڪئي آهي، تنهن کي نندڻ واسطي آخر اهڙا قدم ڇو کڻي رهي آهي؟ ارتداد لاءِ موت جي سزا جا ڏاڍا دور رس نتيجا نڪرندا. اسلام لاءِ اها ٺُڪ ٺهي ويندي ته اهو جنوني ماڻهن جو مذهب آهي، جنهن ۾ آزاد خيال ماڻهن جي رهڻ واسطي ڪا به جڳهه ڪانه آهي. قرآن شريف، ورجائي ورجائي پروڙڻ ۽ پرجهڻ جي هدايت ڪئي آهي، رواداريءَ جو تاڪيد ڪيو ۽ مذهب ۾ ڏاڍ کي ننديو آهي. پر ارتداد جي هن عقيدي آزاد خياليءَ جي پاڙن کي لوڏي ۽ جنجهوڙي رکيو آهي. اهو ماڻهو جيڪو ڄائي ڄم کان مسلمان آهي يا بعد ۾ هن اسلام قبول ڪيو آهي، ۽ پوءِ مذهبن تي فڪر ڪري ڪو ٻيو مذهب اختيار ڪري ٿو ته مولانا جي پيش ڪيل فتوى موجب هن واسطي موت جي سزائن جا انبار لڳا پيا آهن. هن جي عقيدي مطابق اسلام ۾ غور، فڪر، پروڙڻ ۽ پرجهڻ واسطي ڪا ڳالهه ڪانه آهي. جيڪڏهن مذڪوره پمفليٽ ۾ اهو بيان حقيقت تي مبني آهي ته هر دور ۾ عربستان جي زمين تي انساني رت جا ريج ٿيندا رهيا آهن ته ان ڳالهه ڏانهن واضح اشارو آهي ته اسلام جڏهن پوري اوج تي هو ۽ عربستان ۾ سندس ڌاڪ هئي ۽ اهڙن ماڻهن جو، ان ئي زماني وڏو انگ هو، جيڪي هن مذهب کان بلڪل بيزار ٿي چڪا هئا. ۽ مسلمان هجڻ کان، تلوار سان گهائجي مرڻ کي وڌيڪ پسند ڪندا هئا. اسان سمجهون ٿا ته هن پمفليٽ وزير داخلا جي دل تي اهو ساڳيو رد عمل پيدا ڪيو آهي، جو هن پنجاب حڪومت کي هن پمفليٽ کي ضبط ڪرڻ جي صلاح ڏني آهي. ان کان علاوه وزير پاڻ به اسلام بابت ججهي ڄاڻ رکي ٿو. موصوف غور ڪري ان نقطي تي اچي پهتو هوندو ته مولانا جي ڪڍيل آخري نتيجي جو بنياد توريت ۽ زبور جي آيت نمبر 66، 67 ۽ 68 تي بيٺل آهي، جن جا حواله نهايت اختصاري صورت ۾ قرآن شريف جي ٻيءَ سورت جي 54 آيت ۾ ڏنل آهن ـ جن جو اسلام جي ارتداد واري مسئلي سان نفاذ ٿي ئي ڪو نه ٿو سگهي. ان ڪري پمفليٽ جي ليکڪ جو ارتداد بابت خيال غلط آهي ۽ قرآن ۾ به ڪو واضح حڪم ڪو نه آهي ته مرتد کي موت جي سزا ڏني وڃي. “الڪافرون” واري سورت جي ڇهن آيتن ۽ ٻي سورت جي “لااڪراه” واري آيت ۾ ٻه مختلف خيال آهن ۽ ٻئي، “اشهاب” پمفليٽ ۾ ارتداد بابت لکيل غلط فتوى کي رد ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن. سورت الڪافرون ۾ ڪل ٽيهه لفظ آهن ۽ هر آيت ۾ ڇهن کان وڌيڪ لفظ ڪو نه آهن. اهي آيتون انسان جي ڄمڻ کان وٺي مٿس بنيادي ۽ گهرو اثر ڇڏين ٿيون. ان کان سواءِ لااڪراه آيت جو متعلقه ۽ مناسب حصو فقط نون لفظن تي مشتمل آهي، جيڪو انساني دل جي ذميواريءَ جو ذڪر ڪري ٿو ۽ اهو ايترو واضح ۽ وسيع آهي، جنهن جو مثال ملڻ ناممڪن آهي. الاهي ڪتاب جون اهي ٻئي عبارتون، قرآن جي نازل ٿيڻ واري شروعاتي دور سان واسطو رکن ٿيون، جيڪي انفارادي يا اجتمائي صورت ۾ انساني معاشري ۾ هڪ بنيادي حيثيت رکن ٿيون ۽ صدين جي جهيڙن، جنگين، نفرتن ۽ رتوڇاڻ کان پوءِ ڄڻ انسان جي بنيادي حقن جو تعين ڪن ٿيون. پر اسان جي عالمن سڳورن شاوينن کي ڪڏهن به اسلام کان الڳ ڪرڻ جي ڪوشش ئي ڪا نه ڪئي آهي.”
    (پنجاب ڊسٽبرينس رپورٽ ـ ص 218 ـ 220)


    13

    جناب والا!
    هتي آءُ هيءَ حقيقت به واضح ڪريان ٿو ته برصغير جي ورهاڱي واري اسڪيم هيٺ اها ڳالهه طئي ئي نه ڪئي وئي هئي ته ڪو ورهاڱي جي نتيجي ۾ مسلم اڪثريت وارن علائقن يا هندو اڪثريت وارن علائقن ڏانهن هندو يا مسلم آباديءَ جي ڪا لڏ پلاڻ به ٿيندي. پر هن غير فطري ورهاڱي تاريخ جي ان وڏيءَ لڏ پلاڻ کي جنم ڏنو، جنهن لکين انسانن کي مذهب جي نالي ۾ قتل ڪرڻ ۽ پنهنجن آبائي وطنن کي ڇڏڻ لاءِ مجبور ڪيو. لکين بيگناهه انسانن جي خونن سان ٻنهي نون آزاد ٿيل ملڪن جا نقشا ڳاڙها ٿي ويا ۽ لکين انسانن جي لڏ پلاڻ ٻنهي ملڪن جي لاءِ ايڏا وڏا مسئلا پيدا ڪري وڌا آهن، جيڪي اڄ تائين حل نه ٿي سگهيا آهن.
    ورهاڱي جي نتيجي ۾ مارجي ويل ۽ لڏپلاڻ جو شڪار ٿيلن جي انگن اکرن جا صحيح تعداد ته معلوم ڪرڻ مشڪل آهن، پر مختلف مصنفن جا انداز پيش ڪجن ٿا :
    “According to Pakistan figuresare are collected, the death roll of Muslims ranges between one and a half million and of displaced persons about 12 million. Khosla in his “Stern warning” puts the number of non Muslims who lost their life between 2,00,000 and 2,50, 000. Moon who was an I.C.S offer stationed in west Punjab gives the number of killed on each side, 1,20,000, while Jan Stephen in his “Pakistan” and Michael Edwards in his “last days of te British Raj” give 6,00,000 their estimate of casualties as 5,00,000 and respectively.
    (From Jannah to Zia – Muhammad Munir – P-17)
    [ ترجمو: ـ پاڪستان طرفان گڏ ڪيل انگن اکرن موجب قتل ٿيل مسلمانن جو تعداد ڏهن لکن ۽ 5 لکن جي وچ ۾ آهي ۽ لڏ پلاڻ جو شڪار ٿيل ماڻهن جو تعداد هڪ ڪروڙ ويهه لک آهي. کوسله پنهنجي ڪتا ب (Stern warning) ۾ قتل ٿيل غير مسلمانن جو تعداد ٻن لکن کان اڍائي لک ڄاڻائي ٿو. “مون” جيڪو اولهه پنجاب ۾ آءِ. سي. ايس آفيسر هو، ان ٻنهي طرف قتل ٿيلن جو انگ، هر هڪ ڌر جا هڪ لک 20 هزار ماڻهو ڄاڻايو آهي. جڏهن ته “آئن اسٽيفن” پنهنجي ڪتاب “پاڪستان” ۽ “مائيڪل ائڊورڊس” پنهنجي ڪتاب “برطانوي راڄ جا آخري ڏينهن” ۾ قتل ٿيلن جو تعداد ترتيب وار پنج لک ۽ ڇهه لک ٻڌائين ٿا.]
    جناب والا!
    هن وقت تائين آءُ برصغير جي آزاديءَ جي جدوجهد، ان ۾ سنڌ جي ڪردار، منهنجي ڪوشش ۽ مسلم ليگ جي ڪردار جو ڪافي بيان ڪري آيو آهيان، ۽ ان تاريخي حادثي جي مختلف ڪردارن ۽ اداڪارن تي به روشني وڌي اٿم. ان مان اوهان کي اندازو ٿيو هوندو ته آزاديءَ جي جدوجهد، مختلف مرحلن مان گذرندي، پرپيچ رستن ۽ پيچرن تان ٿيندي، ڪهڙي نه ڀيانڪ طريقي سان فرقيوارنه بنياد تي، برصغير جي هولناڪ ورهاڱي جي الميي تي ختم ٿي. ورهاڱو، جيئن ته مذهبي بنياد تي ٿيو هو، ان ڪري سنڌ به ان ورهاڱي جي لپيٽ ۾ آئي ۽ بجاءِ 1843ع واري (آزاد ملڪ جي) پوزيشن تي موٽي اچڻ جي، پاڪستان جو حصو بنجي وئي. ان وقت اسان جي جيڪا حالت ٿي، ان جو نقشو منهنجي هڪ سياسي رفيق ۽ سنڌ جي هڪ بيدار مغز دانشور پير علي محمد راشديءَ هن طرح چٽيو آهي :
    “ويهين صديءَ عيسوي جو پهريون اڌ، خاص گوڙ گهمسان ۽ ڦير ڦار جو زمانو ٿي گذريو آهي، ان زماني ۾ ٻه عالمي جنگيون لڳيون، بادشاهين ۾ ٽاڪوڙا پيا، ڊڪٽيٽر اڀريا ۽ ٽنگيا، ايٽم بم ڦاٽا، هند ۽ سنڌ مان فيل مست فرنگي موڪلائي ويو. هند کي سوراج ۽ سنڌ کي پاڪستان جُڙيو. ملڪان ملڪ ذهني ۽ تهذيبي مهي ولوڙو شروع ٿيو. مُڙسن سونهاريون صاف ڪرائي ڇڏيون، ستر ونديون چادرون چيري ٻاهر نڪري آيون، اڳ ڇڙا کدڙا نچندا هئا، پر ڦيري آئي دولهه دريا خان ۽ هوش محمد جا جاءِ نشين به رمبا سمبا ۾ جنبي پيا.”
    (اهي ڏينهن اهي شينهن ـ جلد پهريون، ص 1)
    ان اقتباس مان ان وقت جي سنڌ جي ذهني ۽ تهذيبي انتشار سان گڏ سياسي ڪارڪنن جي فڪري مونجهاري جو پڻ پتو پوي ٿو. اسان حيران هئاسون ته ڪٿان سفر جي شروعات ڪئي هئيسين ۽ ان جي پُڄاڻي اهڙي موڙ تي اچي ٿي هئي، جو نه هيڏانهن جا رهياسون، نه هوڏانهن جا ـ پُٺتي مڙي ڏٺوسين ته قافلن جي پيرن جا نشان ئي لُٽجي چُڪا هئا ۽ اڳتي ڏٺوسين ته انڌوڪار هو ۽ ڪوئي روشنيءَ جو ترورو نظر ڪو نه ٿي آيو، جهڙوڪ ڪر ڪيل جدوجهد رائيگان وئي هئي. ان ڪري نئين سر سفر جو سامان تيار ڪري، ڪمرڪشڻي هئي. جيتوڻيڪ حالتون ناموافق ۽ حڪمران ٽولو پنهنجيءَ ۾ پورو، زاد راهه گهٽ ۽ رفيقانِ سفر ناموجود، پر پوءِ به پنهنجي ديش ۽ قوم کي بي واهو ۽ ڌارين جي رحم و ڪرم تي ڇڏڻ منهجي تاريخ جي روايتن جي خلاف هو، ان ڪري تاريخ جي سونپيل ذميوارين کي پاڻ تي تاريخ جو فرض سمجهي، خوشيءَ سان کنيم، ۽ سفر شروع ڪيم. جيتوڻيڪ ٻن چئن دوستن کان سواءِ ڪو به رفيقِ ڪار نه هو، عوام تي بي عمليءَ سبب مسلم ليگ جو مذهبي جذباتي ماحول ڇانيل هو، ۽ پاڪستان جا حڪمران نين ڪاميابين تي اقتدار جي نشي ۾ فرعون بنيل هئا. پر پوءِ به مون لطيف چواڻي :
    سکن واري سڌ، متان ڪا موسين ڪري
    اندر جنين اڌ، ڏونگر سي ڏورينديون.
    هيڪليائي هيل، پوريندس پنهون ڏي.
    ***
    هلندي هوت پنهونءَ ڏي، ڀَوَ مڙيئي ڀيل
    اَٿي رائو ريل، اُڙ ته اوڏي ٿئين!
    همٿ ڪري سياسي سفر شروع ڪيو ـ ان جي شروعات هن طرح ٿي، جو مون پنهنجي سينئر سياسي ساٿي ۽ ننڊي کنڊ جي آزاديءَ جي بهادر مجاهد شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ سان گڏجي، پاڪستان جي پهرئين وزيراعظم لياقت علي خان کي خط لکيو ته “جيڪي ڪجهه وهيو واپريو، تنهن کي درگذر ڪري،آئيندي لاءِ نئين ملڪ (پاڪستان) ۽ ان جي عوام جي تقدير سنوارڻ لاءِ اسان غير مشروط طور پنهنجون سياسي ۽ فڪري صلاحيتون توهان سان تعاون لاءِ پيش ڪريون ٿا، ته جيئن اختلاف ۽ انتشار کي پاسيرو رکي، گڏيل طريقي سان ملڪ جي تعمير ۽ ترقيءَ لاءِ ڪجهه ڪري سگهجي.”
    ان جي جواب کان اڄ ڏينهن تائين محروم آهيان. معلوم ائين پئي ٿيو ته پاڪستاني حڪمران اقتدار جي نشي جي اهڙيءَ منزل تي پهچي چڪا آهن، جو ان تان هيٺ لهڻ ۽ حقيقتن جي آڌار تي سوچ ويچار لاءِ قطعي تيار نه آهن. جهڙوڪ اهي ملائڪ آهن ۽ اسان خاڪي پُتلن سان ڪنهن به قسم جو وهنوار رکڻ لاءِ تيار نه آهن. هڪ طرف اسان جي ڪوشش هئي ته نين حالتن ۾ ڪنهن طريقي سان پاڻ کي ائڊجسٽ ڪري، سنڌ جي عوام لاءِ ڪجهه ڪري سگهجي، ٻئي طرف حڪمرانن جي پهرئين ئي ڏينهن کنا اها ڪوشش ته ڪهڙي طريقي سان سنڌين کي سنڌ جي سرزمين ۽ ان جي وسيلن کان محروم ۽ بيدخل ڪريون. ان جي عملي ثبوت هنن ترت ئي اسان کي ڏنو، جو پاڪستان ٺهڻ شرط سنڌ حڪومت، پاڪستان جي بي پاڙي حڪومت کي پنهنجون پاڙون کوڙڻ لاءِ ڪراچيءَ شهر کي دارالحڪومت بنائڻ جي آڇ ڪئي، جيڪا پاڪستاني حڪمرانن وڏي خوشيءَ سان قبول ڪئي هئي. دارالحڪومت قائم ڪرڻ کان هنن سگهوئي پوءِ ڪراچي کي سنڌ کان ڪٽي مرڪز جي حوالي ڪيو. اهڙي طرح 23 جولاءِ 1948ع تي جمعي جي ڏينهن صبح جو 11 وڳي کان پاڪستان جي گورنر جنرل (جناح) جي حڪم ۽ فيصلي موجب ڪراچي سنڌ کان جدا ٿي وئي. ان فيصلي خلاف سنڌ اسيمبليءَ، گورنر جنرل جي انهيءَ فيصلي جي مخالفت ۾ ٺهراءُ پاس ڪيو، سنڌ جي عام راءِ ان فيصلي جي خلاف ٿي پئي، چيف منسٽر کهڙو مخالف هو، ۽ سنڌ مسلم ليگ پڻ گورنر جنرل جي فيصلي جي مخالفت ڪئي. اها سموري صورتحال ڏسي، مسلم ليگ به هڪ وفد سيد علي اڪبر شاهه، محمد هاشم گذدر، قاضي اڪبر ۽ ٻين تي مشتمل زيارت ۾ جناح صاحب وٽ موڪليو، جنهن کيس گذارش ڪئي ته ڪراچيءَ جي سنڌ کان جدائيءَ تي سنڌ اسيمبلي، سنڌ مسلم ليگ، چيف منسٽر ۽ سنڌ جو عوام ناراض آهن، ان ڪري توهان ان فيصلي تي نظرثاني ڪريو، ان تي جناح صاحب مٿن سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ فرعونيت مان کين جواب ڏنائين ته “مسلم ليگ ڇا آهي؟ مسلمانن جو هڪ جم غفير (smob) ـ پاڪستان منهنجي دماغ ٺهرايو آهي، ان ۾ مسلم ليگ جو ڪو به ڪردار نه آهي. ان ڪري مسلم ليگ جي مخالفت مون وٽ ڪا به حيثيت ڪا نه ٿي رکي. هتي اهوئي ڪجهه هلندو، جيڪي آءُ چاهيندس.”
    ان موقعي تي هيءُ مڃڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهجي ته ان وقت سنڌ جي وزيراعلى مسٽر ايوب کهڙي وڏي جرئت منديءَ سان جناح صاحب جي انهيءَ فيصلي جي مخالفت ڪئي ۽ پڻ پناهگيرن جي بي پناهه سيلاب کي سنڌ ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور آواز بلند ڪيو، پر پاڪستاني حڪمرانن سندس احتجاج تي ڪوڌيان ڏيڻ بدران اٽلندو کيس ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي وزارت تان لاهي، ان جي جاءِ تي پير الاهي بخش کي وزيراعلى بنايو. ويچارو کهڙو، جيڪو جناح سان وفاداري ڏيکارڻ خاطر ڪيترن ئي موقعن تي اسان سان بيوفائيءَ جو مظاهرو ڪندو آيو هو، تنهن کي پنهنجيءَ وفاداريءَ جو اهو صلو مليو ته :
    بڙي بي آبرو هوڪر تيري ڪوچي سي هم نڪلي.
    اسيمبليءَ ۾ مون ڪراچيءَ کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ وارن قدمن جي مخالفت ۽ مزاحمت ڪئي، جنهن تي سنڌ جي گورنر، سنڌ مينٽيننس آف پبلڪ سيفٽي ائڪٽ هيٺ، مون کي جون 1948ع تي ٽن مهينن لاءِ پنهنجي آبائي ڳوٺ سن ۾ نظر بند ڪيو. بهرحال حاڪمن پنهنجيءَ طاقت ۽ اقتدار جي زور تي باوجود هيڏي وڏيءَ مخالفت جي ڪراچيءَ کي سنڌ کان الڳ ڪري، مرڪزي دارالحڪومت وارو علائقو قرار ڏئي ڇڏيو. ان قدم سان پاڪستان جي ان وقت جي مهاجر وزيراعظم لياقت علي خان، سنڌ کي ٽن قسمن جو زبردست نقصان پهچايو:
    (1) مالي نقصان : ڪراچيءَ کي الڳ ڪرڻ وقت سنڌ سرڪار سان وعدو ڪيو ويو هو، ته ڪراچيءَ جي جاين جڳهين، زمينن ۽ تعميرات جو اربين روپين جو معاوضو مرڪزي سرڪار سنڌ حڪومت کي ڀري ڏيندي. پر ان وعدي تي عمل نه ٿيو. جنهن تي مرڪزي سرڪار کي باربار ياد دهاني ڪرائي وئي، پر ڪو به کڙ تيل نه نڪتو. جڏهن سنڌ حڪومت جو اسرار حد کان وڌي ويو، ان وقت پاڪستان جي مهاجر وزيراعظم لياقت علي خان ڏمرجي چيو ته “ڇا جو معاوضو؟ فتح ڪيل ملڪن جا معاوضاه نه ٿيندا آهن.” ان مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ جي حيثيت حڪمرانن جي نظر ۾ پاڪستان جي هڪ باوقار تاريخي ۽ تهذيبي حصي جي رضاڪارانه شموليت واري نه، پر هڪ مفتوح ايراضيءَ واري هئي. اسان ته خير 1946ع ۾ ئي مسلم ليگ جي ليگ جي ليڊرن جي نيتن کان با خبر ٿي چُڪا هئاسون، پر کهڙي ۽ سر غلام حسين جي اُن وقت ڪهڙي حالت هوندي، جن 1947ع تائين اهو پئي چيو ته اسين جناح صاحب جا وفادار آهيون ۽ پاڪستان جو مطالبو صرف هندن تي دٻاءَ وجهڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي. ان سلسلي ۾ مسٽر ايس ـ ايم ـ شرما، پنهنجي ڪتاب “Peeps into Pakistan” ۾ لِکي ٿو ته :
    “پاڪستان ٺهڻ جي اعلان ٿيڻ کان پوءِ آئون 3 جون 1947ع تي سنڌ جي وزير اعظم غلام حسين هدايت الله سان مليس. مون ڏٺو ته همراهه ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو هو ۽ کيس پنهنجو پاڻ تي ڪنٽرول نه هو. ائين ٿي لڳو ڄڻ اجهو رُنو ڪي رُنو. انهيءَ ڪيفيت ۾ مون کي چوڻ لڳو ته “مون رواداريءَ ۾ ڪراچيءَ کي پاڪستان جي گاديءَ جو هنڌُ ٺاهڻ جي پيشڪش ڪئي هئي. مسٽر جناح سچ پچ ڪراچيءَ کي دارالحڪومت ٺاهڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي آءُ ڇا ڪريان، سنڌي مون کي معاف ڪندا.”
    شرما صاحب، محمد ايوب کهڙي لاءِ لکيو آهي ته اهو آخر تائين چوندو ۽ مڃيندو رهيو ته “پاڪستان جو مطالبو رڳو هندن سان ڪنهن عزت جوڳي سمجهوتي ڪرڻ لاءِ دٻاءَ طور ڪيو ويو هو. هندستان جو ورهاڱو تمام وڏي غلطي هُئي. آزاديءَ کان پوءِ سنڌ جو گورنر ۽ وزيراعلى اُهي ئي غلام حسين ۽ کهڙو بڻيا.” (بحواله : تحريک پاکستان کا ايک باب، ص 67 ـ 1966ع)
    اُن ساڳئي غلام حسين هدايت الله جي گورنر سنڌ هجڻ واري حيثيت ۾ ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڪٽي الڳ ڪيو ويو ۽ هُو صاحب حيران ٿي ڏسندو رهيو ۽ ڪُڇيو پُڇيو ڪجهه به ڪونه. پاڻ جڏهن منهنجي طرفان، ڪراچيءَ کي ڌار ڪرڻ واري فيصلي جي مخالفت وڌڻ لڳي، ته اٽلندو مون کي نظر بند ڪري ڇڏيائين. تاريخ جي رڪارڊ تي آڻڻ لاءِ سندس گورنر سنڌ جي حيثيت ۾ڪڍيل آرڊر جو ترجمو هتي پيش ڪريان ٿو.
    هتي آرڊر جو انگريزي متن ڏجي ٿو :
    GOVERNMENT OF SINDH
    Home Department (Special),
    Sindh Secretariate,
    1948, Karachi, 18th June
    ORDER.
    Whereas the Government of Sindh is satisfied that with a view to preventing Mr. G.M. SYED from acting in a manner prejudicial to the public safety and the maintenance of public order;
    Now, therefore, in exercise of the powers conferred by clause (c) of sub-section (I) of section 2 of the Sindh Maintenance of Public safety Act, 1948 (XV of 1948), the Governmentof Sindh is pleased to Direct :-
    (i) That the said Mr. G.M. SYED shall proceed to his mative village sanm, distric Dadu if he is not already there, immediately, and
    (ii) That the movements of the said Mr. G.M. SYED shall be restricted to a radius of three miles from the said village, Sann,for a period of three months from the date of this order.
    BY ORDER OF THE GOVERNOR OF SINDH,

    J.BOOTH
    CHIEF SECRETARY TO GOVERNMENT.

    آئون اهو ڪو نه ٿو چوان ته منهنجي نظر بندي ۽ کهڙي جي برطرفي، ڪو غلام حسين هدايت الله جو ذاتي فيصلو هو، پر اُن فيصلي ڪرائڻ ۾ هن جو سهڪار ۽ رضامندي ضرور شامل هئي.
    پاڪستان ٺهڻ شرط صوبن جي معاملن ۾، مرڪز طرفان کُليل مداخلت جي پهرين قدمن مان اهو قدم هو.
    (2) تهذيبي نقصان : انهيءَ قدم کڻڻ سان لياقت علي خان، جهڙوڪ ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڪٽي، يو.پي ۽ سي.پي کان لڏائي آندل مهاجرن جي بيٺڪ بنائي ڇڏيو. لکين هندستاني پناهگيرن کي واگها، سمنڊ، کوکراپار ۽ هوائي رستا کولي، سنڌ ۾ گهرائي، ڪراچي ۾ آباد ڪيو ويو ۽ سنڌي ماڻهن کي ڪراچيءَ ۾ ٿورائي ۾ تبديل ڪري، اُن کي هندستاني پناهگيرن جي تهذيب ۽ ثقافت جو مرڪز بنايو. نتيجي طور اهو شهر، جيڪو سنڌ جي سِسيءَ مثل هو، ۽ جنهن کي چارلس نيپيئر “مشرق جي راڻي” (Queen of East) سڏيو هو، سو پناهگيرن جي غارتگريءَ ۽ يو.پي، سي.پي جي تهذيب جو مرڪز بنجي پيو ـ ۽ پوءِ ته هن شهر جي سموري نظم و نسق تي پناهگير، نوابزادي لياقت علي خان جي مدد ۽ حڪومتي ٽيڪ سان قابض ٿي ويا. سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ لياقت علي خان سازش هيٺ 6 جنوري 1948ع تي ڪراچيءَ جي سنڌي هندن جي گهرن ۽ عزتن تي حملا ڪرايا. مکيه هندو خاندانن جي گهرن مان مال لُٽي هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي احاطي ۾ جمع ڪيو ويو. ان ڦرمار ۾ پناهگير آفيسرن ۽ ڪلارڪن وڏو حصو ورتو. هن لٽ مار ۽ فسادن جو مقصد اهو هو ته هندو ڊڄي، هندستان لڏي هليا وڃن ۽ سندن جاين، واپار، ملڪيتن، جائيدادن، اسڪولن ۽ تعليمي مرڪزن تي پناهگير قابض ٿي وڃن. فسادن جي نتيجي۾ ڪراچيءَ ۽ سنڌ جي ٻين شهرن مان هندن جو وڏو تعداد (اندازاً 13 لک) لڏي ڀارت هليو ويو، ۽ موٽ ۾ ويهن لکن کان مٿي ڀارتي مسلمان پناهگير اچي پهتا. هندن جي ڦرلٽ ۽ انهن فسادن ۾، جن پاڪستان سيڪريٽريٽ جي مهاجر ملازمن حصو ورتو هو، تن کي نوابزادي لياقت علي خان آزاد ڪرائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي. سنڌ جي وزيراعلى کهڙي، سخت قدم کڻي انهن ملازمن کي آزاد ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته لياقت علي خان سندس خلاف ٿي ويو، جنهن جا نتيجا اڳتي هلي ايوب کهڙي کي ڀوڳڻا پيا.
    ان کان سواءِ پاڪستان جي ٻين صوبن، هندستان کان وڌيڪ ايندڙ مهاجرن کي وٺڻ کان انڪار ڪيو، تڏهن لياقت علي خان جي اشاري تي مهاجرن جو سمنڊ، واگها ۽ کوکرا پار وارن رستن کان اچڻ جاري رهيو.
    اهڙي طريقي سان ڪراچيءَ کي مڪمل طرح پناهگير بيٺڪ” (Refurgee Colony) بنايو ويو.

    (3) تعليمي ۽ لساني نقصان : ڪراچيءَ کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ سان سنڌيءَ زبان جي سوين اسڪولن کي بند ڪيو ويو. سنڌي هندن جي اسڪولن تي قبضو ڪري، انهن ۾ اردو لاڳو ڪئي وئي. ڪراچي شهر ۽ يونيورسٽيءَ مان سنڌي زبان کي خارج ڪيو ويو. ريڊيي، انجن ترقيءَ اردو، پريس زبان ۽ تعليم کي زور وٺائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. انهيءَ صورتحال کي ڏسي، جڏهن سنڌ مسلم ليگ جي صدر، سيد علي اڪبر شاهه جي سربراهيءَ ۾ هڪ وفد، نوابزادي لياقت علي خان سان ملاقات ڪري، سنڌي زبان ۽ ڪلچر جي تباهيءَ ۽ برباديءَ طرف هن جو ڌيان ڇڪايو ته اُنهن کي چيائين ته “سنڌين جي تعليم ۽ ڪلچر گڏهه هڪلڻ ۽ اٺ ڪاهڻ آهي، ان جي ڪهڙي حفاظت ٿي سگهي ٿي”. ان طريقي قان هنن ڪراچيءَ کي مڪمل طرح سنڌ کان تهذيبي، لساني ۽ مالي طرح الڳ علائقو يا پناهگيرن لاءِ بفرزون (Buffer Zone) ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي. اهو پهريون تحفو هو.جيڪو اسلام جي نالي ۾ حاصل ڪيل ملڪ ۽ اُن جي سربراهن هن مادر وطن سنڌ ۽ سنڌي قوم کي ڏنو. “اٺ تڏهن ئي ٿي رڙيا، جڏهن ٻورا ٿي سبيا” ـ پر اسان جيڪي سنڌ سان وفاداري جو ازلي عهد ڪري چڪا هُئاسون، تهن جي لاءِ ڪراچيءَ کان دستبردار ٿيڻ ممڪن ئي نه هو :
    الست بربکم، جڏهن ڪن پيوم،
    قالو بلى قلب سين، تڏهن تت چيوم،
    تهين وير ڪيوم، وچن، ويڙهيچن سين. (شاه)
    سنڌ جي تاريخ ۾ اسان ۽ اسان جي قوم بارها شڪستون کاڌيون آهن ۽ ڪي ڪاميابيون پڻ ماڻيون آهن، پر شڪست کائي اسان ڪڏهن به پنهنجي ڌرتيءَ جي هڪ انچ تان به خوشيءَ سان دستبردار قبول نه ڪئي آهي. هر شڪست کان پوءِ اسان وڃايل وقار ۽ وطن کي وري حاصل ڪرڻ لاءِ اڳي کان به وڏي همت ۽ حوصلي سان جدوجهد پئي ڪئي آهي. هر شڪست اسان کي نئون حوصلو پئي ڏنو آهي ۽ نيون همتون پئي پيدا ڪيون آهن. ڪراچيءَ جو ڦرجي وڃڻ بظاهر اسان جي شڪست ئي هئي. پر اُن شڪست جي خلاف مون وس آهر آواز ۽ احتجاج بلند ڪيو. ليڪن اُن خاطر خواه نتيجو نه نڪتو.
    رت اڏيءَ تان اُڏيو، سنڌ ڏسندي رهي.(اياز)
    ليڪن مون همت نه هاري ۽ ڪراچيءَ جي واپسيءَ لاءِ جدوجهد ڪندو رهيس، ان سلسلي ۾ 1953ع ۾ جڏهن آئون سنڌ اسيمبلي جو ميمبر هُئس ته مون سنڌ اسيمبليءَ ۾ ڪراچيءَ جي واپسيءَ لاءِ گورنر سنڌ کي هيٺين عريضي، اڪثريت سان پاس ڪرائي موڪلي :
    “بخدمت هز ايڪسيلنسي گورنر صاحب بهادر، صوبه سنڌ ڪراچي ـ
    پاڪستان جي حاصل ڪرڻ ۽ اُن جي تنظيم ۽ تعمير ۾ جيڪا جانفشاني ۽ قرباني سنڌ ادا ڪئي آهي، تنهن کان حضورجن بخوبي واقف هوندا. پاڪستان جي معاشرتي، ثقافتي، اقتصادي ۽ سياسي نظام ۾ سنڌ کي پنهنجا حق حاصل هئڻ گهرجن. انهيءَ ڳالهه جي تائيد ۾ سنڌ لاءِ اهو ضروري نه آهي ته سندس انهن ڪيل محنتن ۽ قربانين جو ويهي تفصيلوار ذڪر ۽ شمار ڪجي.
    دنيا ڄاڻي ٿي ته سنڌ ئي واحد ملڪ هو، جنهن پنهنجي قانون ساز اسيمبليءَ معرفت، خودبخود سرڪاري طرح پاڪستان جي نه فقط فائدي ۾ پنهنجو رايو ظاهر ڪيو، بلڪ پاڪستان جي قائم ٿيڻ لاءِ زوردار گهر ڪئي.
    سنڌ ئي اهو ملڪ هو، جنهن پهنجي دل ۾ محبت ۽ مروت جا نيڪ جذبا رکي پاڪستان جي بانيءَ کي دعوت ڏني ته جيترو عرصو ضروري هجي اوترو عرصو، حڪومت پاڪستان پنهنجو قيام گاهه، سندس سرزمين تي خوشيءَ سان حاصل ڪري سگهي ٿي ۽ پوءِ پنهنجن اچڻ وارن معزز مهمانن جي آفيسن ۽ رهائشي ضرورتن کي پوري ڪرڻ لاءِ، مائٽاڻي شفقت ۽ دور انديشيءَ کان ڪم وٺي، هن پنهنجا لکين روپيا خرچ ڪري، هزارين جڳهون ۽ گهر ٿورن مهينن جي عرصي ۾ ٺهرائي، سندن حوالي ڪيا.
    سنڌ ئي هئي، جنهن پنهنجيءَ محبت جا پر کولي، فسادن جي هزارين ستم رسيده بهاري مهاجر ڀائرن کي پنهنجي ڪوڙي هيٺ پناه ڏني ۽ سندن خاطر جمعي ۽ آسائش ۽ آرام لاءِ هر ممڪن انتظام ڪيو.
    ورهاڱي کان پوءِ به سنڌ هئي، جنهن لکن جي تعداد ۾ پناهه ڳوليندڙ غريب ۽ بيوس مهاجر ڀائرن جو دل کولي آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ کين پنهنجو هڏ رت سمجهي پنهنجي اکين ۾ جايون ڏنيو.
    هن وقت به سنڌ ئي اهو واحد ملڪ آهي، جنهن جا دروازا، ڪنهن نه ڪنهن نموني ۾ کليل رکيا ويا آهن ته جيئن هر طرف کان مهاجرن جا ٽولا سندس محدود حدن اندر هميشه داخل ٿيندا رهن.
    انهن حالتن کي سامهون رکي، سڀڪو منصف مزاج شخص شايد اهو اندازو لڳائي سگهندو ته جنهن نظام جي بنياد رکڻ ۽ اڏاوت ۾ سنڌ جو ايڏو هٿ رهيو آهي، تنهن نظام ۾ سنڌ کي عيوضي ۾ نه فقط پنهنجا ابتدائي جائز حق پلئي پيا هوندا، پر ساڻس پاڻ بي حساب فياضانه سلوڪ ڪيو ويو هوندو.
    پر سنڌ لاءِ واقعي افسوس ۽ ارمان جي جاءِ آهي ته حقيقتون ان جي بلڪل ابتڙ آهن. سنڌ جي موجوده حالت کي جيڪڏهن ڏسجي ٿو ته سچ پچ سندس مستقبل جي باري ۾ هيڪاري زياده مايوس ٿيڻو ٿو پوي.
    سنڌ جي قانون ساز اسيمبلي، مسلم ليگ ۽ سنڌ جي ٻين سڀني سياسي جماعتن ۽ عوامي ادارن، اخبارن ۽ عام جلسن ۽ جلوسن ۾ عام، متحده مخالفت جي باوجود به سنڌ جي جغرافيائي، اقتصادي، سياسي، اجتماعي ۽ ثقافتي يڪ وجودگيءَ کي ٽوڙيو ويو. سنڌ جي ٺهيل ٺڪيل، جيئري جاڳندي جسم کان ڪراچي ۽ ان جي آسپاس جهڙي صحتمند رئيس عضوي کي ٽڪٽي ڌار ڪرڻ سان سنڌ کي جيڪو عظيم نقصان رسايو ويو آهي، تنهن جي ڪڏهن به تلافي ٿي نٿي سگهي. سنڌ جو فقط مالي نقصان، جنهن ۾ سندس سيڙايل سرمايو ۽ سالياني آمدنيءَ جا انگ شامل آهن، تقريبين هڪ سو ڪروڙ روپين کان به وڌيڪ ٿي ٿو وڃي. سنڌ کي هيءُ جيڪو مادي نقصان پهتو آهي، رڳي ان جي تلافي ڪئي وڃي ته به شڪر، پرائين پيو ڏسجي ته انهيءَ ڳالهه جي به حڪومت پاڪستان کي اڃا خير ڪا ڳڻتي آهي. سنڌ کي جيڪو معاشرتي، تهذيبي، تعليمي ۽ سياسي نقصان سهڻو پيو آهي، تنهن جو رڳو اندازو لڳائڻ ۽ شمار ڪرڻ ئي امڪان کان ٻاهر آهي.
    سنڌ کان ڪراچي کي، کسي، سنڌ سان جيڪو سلوڪ روا رکيو ويو آهي، تنهن جو ذڪر ويتر ڏکوئيندڙ آهي. سنڌ کي، پنهنجي عاليشان اسيمبلي بلڊنگ ڇڏڻي پئي، ۽ اُٿي وڃي ڀڳل ٽٽل بارڪن ۾ رهڻو پيو، جن کي مرمت ڪرائي نالي ماتر ويهڻ جهڙو به پنهنجي خرچ تي پاڻ ڪرڻو پيس، بارڪن ۾ مٿي لڪائڻ جي اجازت جيڪا کيس بخشي وئي، تنهن لاءِ بارڪن جي مالڪ يعني حڪومت پاڪستان طرفان سنڌ کان مسواڙ وصول ڪئي وئي ۽ هيلتائين باقاعده وصول ڪئي پئي وڃي. سنڌ جي چيف ڪورٽ بلڊنگ جي تقريباً اڌ حصي تي عدالت گاهه جهڙي هڪ قابل احترام اداري جي احساسات ۽ ضروريات جو ڪو به خيال نه ڪندي، حڪومت پاڪستان جي محڪمه تجارت وڃي ناجائز قبضو جھمايو، : جتي جيڪا بجلي هو پاڻ استعمال ٿا ڪن، رڳو تنهن جي بل ادا ڪرڻ لاءِ به هو تيار نه آهن. ڪراچي يونيورسٽيءَ، قلم جي هڪ گهڪي سان، سنڌي ٻوليءَ کي يونيورسٽي جي امتحاني جوابن لاءِ استعمال ٿيڻ کان خارج ڪري ڇڏيو. ڪراچيءَ جي ثانوي تعليمي بورڊ، هاءِ اسڪولن جو تعليمي نصاب اهڙيءَ طرح مرتب ڪيو آهي، جو سنڌي شاگردن لاءِ ان کان سواءِ ٻي ڪابه واهه ڪانهي، جو پنهنجي پڙهائيءَ جي مضمونن ۾ هو يا اردو ٻولي پڙهن يا انگريزي پڙهن. ڪراچي فيڊرل ايراضيءَ ۾ سنڌي ابتدائي تعليم جي دائري کي وڌائڻ ۽ ڦهلائڻ بدارن گهٽايو ۽ تنگ ڪيو ويو آهي. ڪراچيءَ جي حاصل ڪرڻ وقت سنڌ کي جيڪي نهايت ذميدارانه خاطريون ۽ وعدا ڏنا ويا هئا، تن جي کليل خلاف ورزي ڪندي، ڪراچيءَ جي سرڪاري ملازمتن منجهان سنڌين کي بيدخل ڪيو پيو وڃي.
    سنڌ جي صوبائي خودمختياريءَ کي ايتري قدر معطل ۽ نِستو ڪيو ويو آهي، جو پنهنجي اندروني معاملات جي ڇيڙي نبيري ڪرڻ ۾ به سنڌ کي فقط نالي ماتر آزادي وڃي رهي آهي (1) پاڪستان جي آئين ساز ۽ قانون ساز اسيمبليءَ جي جملي 79 جڳهن مان سنڌ کي جيڪي محض 5 جڳهيون حاصل آهن، تن مان هڪڙي هن وقت خالي آهي : ٻي، تي هڪڙو اهڙو شخص فائز آهي، جنهن کي ڪراچيءَ جي ڌار ٿيڻ کان پوءِ دستوري طرح سنڌ جي ترجماني ڪرڻ جي حق باقي نه رهيو آهي ۽ ٽين جڳهه تي اصل بمبئي ولايت جو رهواسي هڪڙو اهڙو حضرت برجمان آهي، جنهن جو انهيءَ اسيمبليءَ جي جڳهه کان سواءِ سنڌ سان ٻيو ڪو به خاص واسطو نه هو ۽ نه آهي ۽ جو سنڌ جي خدمت ڪرڻ بدران پاڻ ان کي نقصان رسائي رهيو آهي. (2) سرحد جهڙي ننڍڙي صوبي کي به حڪومت پاڪستان جي وزارت ۾ ٻه جايون ميسر آهن، برخلاف ان جي سنڌ کي صرف هڪ ئي جاءِ حاصل آهي، جيڪا پڻ هڪڙي اهڙي هٿ سان آندل شخص کي مرحمت ڪئي وئي آهي، جنهن وٽ ڪا به عوام جي راءِ جي سند موجود نه آهي. (3) مرحوم شيخ غلام حسين هدايت الله جي انتقال کان پوءِ پاڪستان جي ڪنهن صوبي جي گورنريءَ جو عهدو سنڌ کي حاصل ٿي نه سگهيو آهي. (4) دنيا جي ٻاهرين ملڪن ۾ پاڪستان طرفان ڪيترائي سفارتي عهدا موجود آهن، جن مان هڪڙو به سنڌ کي حصي ۾ پلئه نه پئي سگهيو آهي. (5) سنڌ جي وسيع ۽ آباد املهه زمين کي ٻاهرين جي حوالي ڪيو ٿو وڃي، تان ته هو سنڌ ۾ اچي بيٺڪون وجهي ويهي رهن. (6) مرڪز ۾ سرڪاري اعلى عهدن، تجارتي سامان جي آمدنيءَ ۽ روانگيءَ جي ليسنن، فوجي ڀرتيءَ، مرڪزي خزاني مان صوبن کي زراعتي، صنعتي، تعليمي، معاشرتي ۽ تهذيبي ترقيءَ لاءِ امدادي فنڊن ڏيڻ ۽ ٻين اهڙن اهم مسئلن ۾ سنڌ جا مفاد تقريبن هميشه حڪومت پاڪستان هٿان نظرانداز ٿيندا ٿا رهن.
    پاڪستان جي قيام ۽ نظام ۾ سنڌ جيڪو حصو ادا ڪيو آهي، تنهن جو جيڪڏهن غيرجانبدارانه مطالعو ڪبو ته ان مان اهو ئي نتيجو نڪرندو ته اختياري وارن جو جيڪو موجوده سلوڪ سنڌ سان آهي، سو انصاف ۽ عدل تي ٻڌل نه آهي، ورنه سنڌ ڪنهن خاص رعايت جي لائق هئي. هي عين وقت آهي جو سنڌ سان هيستائين جيڪو ماٽيجي ماءُ وارو برتاءُ ڪيو ويو آهي تنهن تي ترت نظر ثاني ڪري ان کي مناسب نموني ۾ تبديل ڪيو وڃي.
    هيءَ اسيمبلي هن راءِ جي آهي ته (الف) ڪراچي فيڊرل ايراضيءَ جي سنڌ کان علحدگي “آل انڊيا مسلم ليگ” جي انهيءَ لاهور واري ٺهراءَ جي بنهه ابتڙ آهي، جنهن ٺهراءَ جي بنياد تي سنڌ، پاڪستان تحريڪ سان پاڻ کي شامل ڪيو هو. (ب) 1948ع واريءَ سنڌ جي قانون ساز اسيمبليءَ، جنهن آخر سنڌ جي هن تقسيم کي تسليم ڪيو هو، تنهن کي ائين ڪرڻ جو حق ڪو نه هو، ڇو ته انهيءَ اسيمبليءَ پنهنجي 1946ع واري چونڊن جي موقعي تي نه اهڙي قسم جي ڪا اختياري ۽ حق سنڌ جي عوام کان حاصل ڪيو هو ۽ نه وري ان جي ڪا تقاضا ئي ڪئي هئي. انهن حالتن ۾ لازمي آهي ته يا ته جيڪي ڪجهه سنڌ کان کسيو ويو آهي، سو کيس واپس ڏنو وڃي ۽ وچ واري عرصي لاءِ جنهن ۾ سنڌ کي پنهنجي ملڪيت جي استعمال کان محروم ڪيو ويو هو، تنهن لاءِ جنهن ۾ سنڌ کي پنهنجي ملڪيت جي استعمال کان محروم ڪيو ويو هو، تنهن لاءِ سنڌ کي سندس سيڙايل سرمايي ۽ سالياني آمدنيءَ جي تناسب سان جائز معاوضو ادا ڪيو وڃي، يا ته هيءُ معاملو ان جي سموري تفصيلات سميت، سنڌ جي عوام تي ڇڏيو وڃي ته هو استصواب راءِ معرفت ان جو فيصلو ڪن ته ڪراچي مرڪز جي حوالي ڪئي وڃي يا نه ۽ جيڪڏهن ها ته ڪهڙن شرطن تي ۽ ڪهڙين حالتن ۾.
    هيءَ اسيمبليءَ ساڳئي وقت هيءُ رايو پڻ رکي ٿي ته سنڌ جو ملڪ تاريخي، جغرافيائي، اقتصادي، لساني ۽ ثقافتي نقطه نگاهه کان هڪ مستقل وجود رکڻ واري قوميت آهي ۽ انهيءَ حيثيت ۾ ان جا هي حق آهن ته :
    (1) دولت پاڪستان جي مرڪزي قانون ساز ادارن ۾ کيس به اوترائي عيوضي ملڻ گهرجن، جيترا سڀني مستقل قوميتن مان هر هڪ کي ملن.
    (2) صوبائي اختيارات جي حدن اندر پنهنجي سمورين ملازمتن تي پاڻ قابض هجي.
    (3) ملڪ جي دفاعي ملازمتن سميت سڀني مرڪزي ملازمتن تي کيس آدمشماريءَ جي لحاظ سان جڳهون ملڻ گهرجن.
    (4) پنهنجي قدرتي ذرايع پيداوار ۽ پنهنجي صنعتي ۽ تجارتي وسائل جي ملڪيت ۽ استعمال سندس ئي مڪمل اختيار ۾ هجن.
    (5) اعلى کان اعلى تعليم پنهنجي مادري زبان جي ذريعي حاصل ڪري.
    (6) سمورين سنڌي ڳالهائيندڙن ايراضين جهڙوڪ سنڌ (ڪراچي فيڊرل ايراضيءَ سميت)، رياست خيرپور، بهاولپور جا ڪي حصا، رياست لس ٻيلو وغيره جيڪي جاگرافيءَ جي لحاظ سان هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن، تن سڀني جي قومي زندگي متحده سياسي اجتماع تي ٻڌل هجي.
    (7) کيس اهي سمورا سياسي، اقتصادي، ثقافتي ۽ ٻيا حق حاصل هجن، جن تي قوميتن جي خود ارادي واري تسليم شده اصول هيٺ ڪنهن به مستقل قوميت جو حق جاري ٿي سگهي ٿو.
    مٿي عرض ڪيل گذارشن جي بنياد تي، سنڌ جي هن قانون ساز اسيمبليءَ جي، حضور جن کي هي استدعا آهي ته سندس اهي خيالات ۽ اهي احساسات حضور جن مهرباني ڪري پاڪستان جي فضيلت مآب جناب گورنر جنرل جن جي خدمت ۾ جوڳ فڪر ۽ ويچار لاءِ پيش ڪرڻ جي عنايت ڪندا ته حضور جن جي اهڙي منصف مزاجيءَ لاءِ هيءَ اسيمبلي پاڻ کي هميشه ممنون ۽ مشڪور سمجهندي.”
    ان عريضيءَ ۾ وڌيڪ وضاحت ۽ تفصيل سان سنڌ کي پهتل نقصان جو وچور موجود آهي. اسيمبليءَ ته اهو عرضو گورنر سنڌ کي پنهنجي ترميم سميت موڪلي ڏنو، پر مرڪز طرفان سنڌ جي نمائندگيءَ جي انهيءَ اعلى اداري (اسيمبليءَ) جي راءِ تي ڪو ڌيان ڏيڻ ته پري رهيو، پر اُلٽو مرڪز طرفان هڪ ٻي سازش شروع ڪئي وئي، جنهن جي ذريعي ماڳهين سنڌ جي صوبائي حيثيت کي ختم ڪري، ون يونٽ جي ذريعي پنجاب ۾ ضم ڪرڻو هو.
    اهو وقت هو، جڏهن سنڌ اسيمبليءَ پاڪستان ۾ رهندي “نئين سنڌ” ٺاهڻ لاءِ ڪيترائي تهذيبي، تعليمي ۽ معاشي منصوبا شروع ڪيا هئا، جن ۾ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد ۾ ريڊيو اسٽيشن قائم ڪرڻ، سنڌي ادب ۽ لغت تيار ڪرڻ لاءِ ماهرن جي ڪميٽي قائم ڪرڻ سنڌ جي لوڪ ورثي کي سهيڙڻ جي اسڪيم تيار ڪرڻ، ٿر کي ڏڪار جهڙي وبا کان بچائڻ لاءِ ڪارونجهر ڊيم جي اڏاوت ۽ ڪوهستان تائين پاڻي پهچائڻ لاءِ سيوهڻ ڊيم تيار ڪرڻ لاءِ رقم جي منظوري ۽ ڪراچيءَ کي وري واپس وٺڻ لاءِ اسيمبليءَ کان فيڊرل ڪورٽ تائين ڪيس وڙهڻ لاءِ تياري وغيره شامل هئا. اسان جو خيال هو ته هن بدنصيب خطي جي ماڻهن کي هن ويهين صديءَ ۾ اعلى معيار جي زندگيءَ گذارڻ جا موقعا موجود ڪري ڏيڻ لاءِ پنهنجي محدود وسيلن کي موثر ۽ رٿائتي طريقي سان جيڪڏهن استعمال ڪيو وڃي ته ڪو به سبب ناهي ته صدين تائين ظلم جي گهاڻي ۾ پيڙجندڙ هي اٻوجهه ماڻهو ويهين صديءَ جي پڄاڻي تائين هن دور جي سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي تقاضائن ۽ زندگيءَ جي جديد ضرورتن جو استقبال، کل خوشيءَ ۽ خوشحاليءَ سان ڪندا. پر هتي معاملو ئي ڪجهه اُبتو ٿي رهيو هو. پاڪستاني حڪمرانن ڄڻ سنڌ کي پنهنجي ادا ڪيل ڪردار جي سزا ڏيڻ جو پورو ۽ پڪو ارادو ڪري ڇڏيو هو. بجاءِ اُن جي جو سنڌ کي “پاڪستان تحريڪ” ۾ ادا ڪيل ڪردار جي عيوض نوازيو وڃي ها، هتي ته اُلٽو اُن کي چيڀاٽيو ۽ لتاڙيو پئي ويو. جهڙوڪر سنڌ پاڪستان ۾ شامل ان لاءِ ڪئي وئي هئي ته جيئن اُها پاڪستاني حڪمرانن جي طمع جو رانديڪو بنجڻ سان گڏ پناهگيرن ۽ پنجابين جي مفادن جي پورائي جو ذريعو پڻ بڻجي. ان لاءِ 1954ع ۾ هنن مشرقي پاڪستان جي عددي اڪثريت کي منهن ڏيڻ لاءِ اولهه پاڪستان جي وحت جو نظري پيش ڪيو، جنهن مطابق سنڌ، بلوچستان، پختونخوا ۽ پنجاب جون هزارها سلان کان موجود قومون، تهذيبون، زبانون ۽ جاگرافيون پنهنجو انفرادي ۽ تاريخي وجود ختمڪري فضا ۾ لٽڪندڙ فرضي نالي “اولهه پاڪستان” ۾ ضم ٿي وڃن ۽ اهو “اولهه پاڪستان” نمائندگيءَ ۾ “اوڀر پاڪستان” جي مساوي هجي. انهيءَ اسڪيم پڌري ٿيڻ شرط مون اُن جي سخت مخالفت ڪئي ۽ سنڌ جي اسيمبلي ميمبرن کي ايندڙ طوفان تي ڌيان ڏيڻ لاءِ جهنجهوڙيون ۽ پڻ سنڌي قوم کي سندس وجود خلاف سٽجندڙ سازشکان واقف ڪرڻ لاءِ جلسن ۽ پريس ذريعي خبردار ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو. انهيءَ تي حڪمرانن سندن پراڻي عادت مطابق مون کي 1954ع ۾گرفتار ڪري جيل ۾ وڌو. اُن گرفتاريءِ جي حڪمنامي ۾ ڪيترن ئي الزامن سان گڏ مون تي ملڪ دشمنيءَ ۽ غير ملڪي ايجنٽ مون تي غير ملڪي ايجنٽ هُئڻ جو الزام هڻي رهيا هئا ۽ گڏوگڏ منهنجو ملڪ سنڌوديش زوريءَ کسي ون يونٽ ۾ ملائي رهيا هئا ۽ سنڌ جي قومي وجود ۽ قوم هجڻ واري حق کان انڪاري سنڌ دشمنيءَ جو مظاهرو ته حڪمران ڪري رهيا هئا. مون ته صرف اُنهن جي غاصبانه هٻڇ کان پنهنجي ديش اُن جي اٻوجهه ماڻهن کي بچائڻ لاءِ رڙيون ٿي ڪيون. جنهن جي پاداش ۾ مون کي جيل نصيب ٿيو ۽ ملڪ دشمنيءَ ۽ غير ملڪي ايجنٽ جا لقب پڻ ڏنا ٿي ويا.


    14

    جناب والا!
    تاريخ جي ڪيڏي نه بي رحمي ۽ ستم ظريفي آهي، جو چور ۽ قاتل، ڀاڳين ۽ وارثن جي قسمت جا فيصلا ڪرڻ وقت ڏاڍا معصوم ۽ مقدس لفظ استعمال ڪري پنهنجن چهرن تي ڪيڏا نه خوبصورت نقاب اوڍين ٿا. اهو هر دور ۾ ٿيندو آيو آهي ۽ خبر ناهي ته انسانيت جي مقدر ۾ اهي ڀيانڪ دوکا اڃا ڪيترو وقت لکيل آهن، جن کي برداشت ڪرڻ جو تلخ تجربو کيس سهڻو پوندو. مولانا ابوالڪلام آزاد لکيو آهي ته :
    “ايشيا ۾ سياست هميشه مذهب جي پاڇي هيٺ رهي آهي، ڪيترن ئي حق پرستن جا خون آهن، جيڪي سياست جي ڪري ٿي، پر اُنهن تي مذهب جي مقدس چادر وڌي وئي. هتي مُفتيءَ جو قلم، جلاد جي تلوار جي تابع رهيو آهي ۽ جيڪي به حق پرست صداقت جي جرم ۾ شهيد ڪيا ويا آهن، تن جي خون ۾ حڪمرانن جي تلوار سان گڏ مفتيءَ جو قلم پڻ ٻڌل رهيو آهي.”
    پاڪستان ۾ به اهو ئي سڀ ڪجهه شروع کان وٺي ٿيندو رهيو آهي. جيئن ته هيءُ ملڪ مذهب جي نالي تي وجود ۾ آندو ويو هو، اُن ڪري مُفتي ۽ جلاد جا اختيار هڪ ئي وقت پاڪستان جي حڪمرانن کي حاصل هئا، جن کان هنن هر دور ۾ ڀرپور طريقي سان ڪم پئي ورتو آهي ۽ اهو ئي حربو هنن وقت به وقت منهنجي خلاف به استعمال پئي ڪيو آهي، جيڪو ون يونٽ ٺاهڻ کان اڳ ۾ به هنن استعمال ڪيو ۽ مون کي جيل ۾ وجهي، ون يونٽ جو ٺهراءُ سنڌ اسيمبليءَ کان بندوق جي زور تي پاس ڪرائي ورتو.
    ون يونت ڇا جي لاءِ ٺاهيو ويو هو؟ جيئن آئون اڳ ۾ چئي آيو آهيان ته ون يونٽ ٺاهڻ جو وڏي ۾ وڏو مقصد اوڀر پاڪستان (بنگال) جي اڪثريت کي ختم ڪري اولهه پاڪستان جي نالي ۾ پنجاب جي بالادستي قائم ڪرڻ هو، پر ڪجهه ٻيا مقصد به هئا جن تي روشني وجهڻ کان اڳ ۾ آئون اهو “مخفي دستاويز” (Secret Documents) هتي پيش ڪري رهيو آهيان، جيڪو اولهه پاڪستان جي هڪ وزير سردار عبدالرشيد، مغربي پاڪستان اسيمبليءَ ۾ ظاهر ڪيو هو. [ هتي ڊاڪيومينٽ جو متن ۽ ترجمو شامل ڪجي ٿو]


    ون يونٽ جو ڪيس

    پاڪستان جي تخليق جي پٺيان، اسلامي نظريي وارو اتحاد ۽ يڪ جهتيءَ جي محرڪ سگهه ڪارفرما هئي، جنهن مسلمانن کي هڪ اٽوٽ قوت بنائي ڇڏيو هو. اهوئي سبب هو جو انهن، قبائلي، مقامي ۽ محدود حلقي وارن تمام ننڍن ويچن ۽ مفادن کي وساري نظريي جي ايڪي ۽ مقصد جي حصول واسطي، پاڻ ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت کي محسوس ڪيو، جنهن جي آڌار تي هو جدا قوم جي روپ ۾ سڃاڻپ لائق بڻجي پيا. پاڪستان جي ماڻهن کي جدا رهڻ جو حق به هو. ڇاڪاڻ ته اهي هڪ قوم آهن. جيڪڏهن هڪ قوم نه هجن ها ته ورهاڱي واري ساري ڏکي جدوجهد ناقابل برداشت ٿي پوي ها. اسان ڏکين حالتن مان گذرڻ کان پوءِ منزل مقصود تي پهتا آهيون. گذريل ستن سالن جي عرصي ۾ اسان جو انتهاپسند ڌڙن سان به واسطو پيو آهي. اسان انهن سڀني ڳالهين کي نظر ۾ رکي ن فيصلي تي پهتا آهيون ته جيڪڏهن انهن ڌرين تي ڪڙي ۾ ڪڙي نظر نه رکي وئي ته اسان ڦيٽهڙي جي مارڳ تي هلي پونداسون. هر قسم جي انڪاري لاڙن، ماڻهن جي حوصلي، اعتماد ۽ ايڪي کي اڳيئي گهڻو هاڃو رسايو آهي ۽ مستقبل جي حڪومت جي جوڙجڪ ڪرڻ واري رستي ۾ اهي تخريبي عناصر رنڊڪ بڻجي پڌري پٽ آڏو بيهي رهيا آهن. اهو پنهنجي جاءِ تي هڪ قومي الميو آهي. اسلامي روايتون ۽ نظريو پنهنجي جاءِ ت اهم آهي. پر اسان ڏاڍي ڏچي وارين حالتن ۾ وڪوڙيل آهيون. اسان جي ملڪ جا ڪي ترقي پذير ۽ ڪي نهايت پٺتي پيل علائقا آهن. پاڙيسري ملڪ نهايت سگهارو ۽ هن ملڪ جو رت پياڪ ويري آهي ۽ ان کي ختم ڪرڻ لاءِ پڪو پهه ڪيو ويٺو آهي. اهڙي قسم جا ڀيانڪ خطرا جهڙي تهڙي ايڪي ۽ ٻڌيءَ جي تقاضا ڪو نه ٿا ڪن، پر ڪنهن نهايت سگهاري اتحاد جو مطالبو ڪن ٿا ۽ اهو ئي سلامتيءَ سان رهڻ جو اڪيلو مارڳ آهي. هن معاملي ۾ اسلام، ايمان، قومپرستي ۽ وطن دوستي به ساڳي حقيقت ڏانهن اشارو ڪري ٿي. هندستان جي ڀيٽ ۾ اسان وڏي ڏچي ۾ ڦاٿال آهيون. جيڪو جدا مذهبن ۽ ڌار ڌار ملڪن هجڻ جي باوجود به پنهنجي خاص نظريي جي رهنمائيءَ ۾ ، ايڪي، اتحاد ۽ ترقي ڏانهن تڪڙو وڌي رهيو آهي. پر اسين هڪ مذهب ۽ هڪ نظريي هوند به ڌاڻين مُڃَ ڌار لڳا ويٺا آهيون. جيڪڏهن طاقتون ۽ فضول ڳالهيون ڪڍي ڇڏيون ته پاڪستان به سٻنڌ ۽ ايڪي واري ماڳ ڏانهن وڌي سگهي ٿو.
    جاگرافيائي ۽ انتظامي نقطئه نگاهه کان اوڀر ۽ اولهه پاڪستان جو سٻنڌ ناممڪن ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي. هن بنيادي ڪمزوريءَ کي، پاڪستان جي ٻنهي حصن ۾ هڪ سگهارو اتحاد قائم ڪي دور ڪري سگهجي ٿو. اسان لڏي لمي نقصان پرائي سگهون ٿا، پر مڪمل ڦير ڏئي ان جو ازالو به ڪري سگهجي ٿو. خوش قسمتيءَ جي ڳالهه اها آهي ته پاڪستان لاءِ اها ڪا نئين ڳالهه ڪانه آهي. سهلٽ ۽ چٽگانگ جو زنده مثال آهي. تاريخي نقطئه نظر کان اهي ٻئي علائقا اوڀر بنگال کان ماڳهين وکرا ۽ نرالا آهن. پر خطرناڪ صورتحال جو صحيح اندازو ڪري پنهنجا ننڍڙا مفاد وساري اوڀر بنگال ۾ ضم ٿي ويا آهن. اسان کي به اوڀر بنگال جي شاندار مثال ٿي هلڻ گهرجي ۽ انهن جيان “ون يونٽي” ٿيڻ کپي.
    (2) پاڪستان، اوڀر ۽ اولهه جي ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. اها تقسيم هتان جي سياستدانن لاءِ مٿي جو سور بڻيل آهي. جاگرافيائي فاصلي سبب اهي تڪليفون قدرتي آهن، جن لاءِ ڪجهه ڪري به ڪو نه ٿو سگهجي. زبان جدا، اقتصادي پيداروي ذريعا مختلف، انتظام جي شڪل صورت الڳ، اقتصادي ڏچا ڌار ڌار، ان ڪارڻ اختلافن ۽ تضادن، ڳنڀير وايون منڊل پيدا ڪري ورتو آهي ۽ شڪ شبها به پڻ پيدا ٿي پيا آهن. اها حقيقت بحث ڪرڻ کان سواءِ به بلڪل چٽي آهي ته جيڪڏهن پاڪستان جي اوڀر ۽ اولههوارن حصن کي آزاد حيثيت ۾ زنده رهڻو آهي ته کين هڪ ٻئي سان هٿ هٿ ۾ ملائي گڏجي هلڻو پوندو. پنهنجي باهمي تعلقاتن ۾ سچي دوستيءَ ۽ دل جي گهرائيءَ سان مختلف گڏيل مفادن ۾ هڪ جهڙو شريڪ ٿيڻو پوندو. پر انهن گڏيل مقصدن کي حاصل ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو نظر اچي رهيو آهي، ڇا ڪاڻ ته پورن ٽن سالن کان وٺي هيءُ ملڪ، دستور ٺاهڻ جي ڏس ۾ وڏي ڏچي ۾ ڦاٿو رهيو آهي، جنهن ملڪ جي جمهوريت جي روشن چراغ کي ڄڻ گُل ڪري ڇڏيو آهي. ان تعطل جا بنياي سبب اهي شڪ ۽ شبها آهن ته متان پاڪستان جو هڪ حصو ٻئي حصي مٿان غلبو حاصل ڪري وڃي. اهو وايو منڊل تيستائين برقرار رهندو، جيستائين غلبي ڪرڻ وارا شڪ ث شبها هميشه لاءِ دور نه ٿيا آهن، جيستائين حرص جي ڦندي ۾ ڦاسائي استحصال ڪرڻ وارا لاڙا ختم نه ٿيا آهن. پر ان جو امڪان تيستائين موجود ڏسڻ ۾ ڪو نه ايندو، جيستائين اسان دل جي گهراين سان هڪ ٻئي تي انحصار نه ڪنداسون ۽ انحصار، باهمي مصالحت، ڳالهه ٻولهه ۽ باهمي صورت حال ۾ ٿيڻ گهرجي. جيڪڏهن اهڙي قسم جي هم آهنگيءَ جا اسباب پيدا ڪيا ويا ته پاڪستان کان الڳ ٿيڻ وارن لاڙن کي ٻنجو ڏئي سگهجي ٿو. اهڙن شڪن ۽ شبهن کي ختم ڪرڻ جو اهو هڪ طريقو آهي ته پاڪستان جي ٻنهي حصن کي هڪ جهڙو سگهارو هجڻ گهرجي. جيڪڏهن ٻئي حصا هڪ جهڙا مضبوط هوندا ته ملڪ جي پيداوار ذريعن ۾ هڪ جيترا شريڪ رهندا. اهڙيءَ ريت هڪ حصي ۾ اقتصادي شگاف ۽ ڪمزوريون ڪو نه هونديون، جو ٻيو اچي منجهس حريص نظرون وجهي ان جو استحصال ڪري. نيڪ نيتي ۽ اخلاص سان اهڙين ڳالهين تي ضابطو رکي سگهجي ٿو. پر جيڪڏهن هڪ ٻئي تي سياسي طور غلبي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته علحدگيءَ وارن لاڙنکي ڪڏهن به روڪي ڪو نه سگهيو. تنهن ڪري اها ڳالهه لازم ٿي پئي آهي ته اولهه پاڪستان ۾ به ون يونٽ هجڻ گهرجي. ان طريقي سان ئي اوڀر پاڪستان واري ون يونٽ سان ڀائيچاري ۽ هڪ ٻئي تي انحصار وارو وايو منڊل پيدا ٿي سگهندو. هن تجويز کان سواءِ ملڪ جي دستور ۾ ڪو به اهڙو فقرو موجود ڪو نه آهي جيڪو هن ڏچي جو نبيرو ڪري سگهي. هن منصوبي کان سواءِ ٻي ڪا به ڳالهه صحيح جمهوريت لاءِ فائديمند ڪا نه ٿيندي.
    (3) اولهه پاڪستان جي انتظامي هڪ جهڙائيءَ ڪري ننڍين ايڪاين جو انتظام نهايت عمدي نموني سان هلائي سگهبو.
    (الف) جيڪڏهن ڊگهيءَ نظر ۽ بنيادي سچائيءَ سان ڏٺو وڃي ته پاڪستان جا الهندا صوبا ثقافتي نقطئه نگاهه کان هڪ آهن، ان کان سواءِ منجهن، مسلمان هجڻ ڪري، سگهارو اتحاد قئم آهي. ساڳي تاريخ آهي ۽ ساڳيون طبعي حالتون آهين. نسل جي هڪ جهڙي رشتي ۾ جڪڙيل ۽ مٿن هڪ جهڙو ثقافتي اثر آهي. سندن خوف خطرا ۽ ڊپ ڊاءَ به هڪ جهڙا آهن.
    جيڪڏهن منجهن ڪو فرق آهي به ته اهو بنيادي نه پر فروعي آهي. جيڪڏهن اوهان مشاهدو ڪندؤ ته اولهه پاڪستان جا ماڻهو غير محسوس طور هڪڙي طريقي سان هڪ آهن ته اولهه کان اوڀر ۽ ڏکڻ کان اتر اک ڦيرائي ڏسندؤ ته مذڪوره صوبن جي ماڻهن ۾ ڪڳو خاص فرق معلوم ڪو نه ٿيندو، توڙي جو سندن انتظامي علائقا مختلف آهن. روالپنڊي ڊويزن جي ويجهو هزاري، ميانوالي ۽ دير غازي خان جا ماڻهو، پنهنجي اوڀارين پاڙيسري علائقن کان وڌيڪ الهندي وارن علائقن سان هڪ جهڙائي رکن ٿا. اهڙيءَ ريت ملتان ۽ بهاولپور وارا، گجرات، گجرانواله ۽ خانپور جي ماڻهن کان ڪجهه مختلف، پر سنڌ جي ماڻهن سان وڌيڪ هڪ جهڙائي رکن ٿا. سنڌ ۽ بلوچستان ۾ گهڻي هڪ جهڙائي ڏسڻ ۾ ايندي. هوڏانهن بلوچستان جو مٿيون اڌ پٺاڻن سان ڀريو پيو آهي. اهڙا ٿورا ٿورا فرق دنيا جي گهڻن ملڪن ۾ نظر ايندا. انهن ڳالهين کان انگلنڊ، اٽلي، فرانس ۽ سوئزرلينڊ به وانجهيل ڪو نه آهن. دنيا جا اهي ملڪ جن ۾ هڪ ايڪائي (Unitary of One unit) وارو انتظامي سرشتو جاري آهي، تن ۾ به اهڙا ٿورا ٿورا فرق ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جنهن جو مثال انگلنڊ، فرانس ۽ اٽلي آهي. ٻوليءَ جي بنيادن تي جيڪڏهن صوبا قائم ڪجن ته اهو هروڀرو ضروري ڪو نه آهي ته اتي ثقافتي هڪ جهڙائي به هوندي. جيڪڏهن هر صوبي لاءِ هڪ جهڙي ٻولي لازمي آهي ته پوءِ اولهه پاڪستان جا صوبا ضلعي جيترا وڃي بڻبا. زبان جو مسئلو پنهنجي جاءِ تي هڪ اگري سچائي آهي، پر انتظامي نقطئه نظر کان ان کي رنڊڪ نه بنائجي ته صحيح ٿيندو. زبان جي مسئلي، اتحاد ۾ نه اڳي ڪڏهن رنڊڪ وڌي آهي، نه اڳتي هلي بڻبو. جيڪڏهن ڪنهن مخصوص زبان جو علائقو ان انتظامي خطي ۾ اچي وڃي ٿو، جنهن سان مذڪوره زبان جو ڪو واسطو ڪو نه آهي ته ان زبان ثقافت کي ترويج، ترقيءَ ۽ سلامتيءَ جو پورو حق ڏنو ويندو.
    (ب) ان کان علاوه اولهه پاڪستان وارو علائقو اقتصادي طور تي هڪ ايڪائي (One unt) آهي. اولهه پاڪستان جهڙي هڪ صوبي ۾ اقتصادي پيداواري ذريعا، ضرورتون، ترقيءَ جا مطالبا روزگار مهيا ڪرڻ جا طريقا ۽ مختلف طبقن کي ترتيب ڏيڻ جا ڍنگ بلڪل ساڳيا آهن. ان کان علاوه اهي حقيقتون اندروني طور تي پاڻ ۾ لاڳاپيل ۽ هڪ ٻئي تي گهڻو انحصار رکن ٿيون. ساڳي زرعي اقتصاديات آهي. زراعت کي ساڳين درياهن مان پاڻي ملندو آهي. زرعي پيداوار سان لاڳاپيل سڀئي جنسون هڪ جهڙيون اپايون وينديون آهن. ساڳي ئي قسم جون منڊيون آهن، جنهن ڪري اڳتي هلي ساڳي قسم جي صنعت قائم ٿيندي. اهڙا اقتصادي ذريعا تڏهن لاڀائتا ثابت ٿي سگهندا، جڏهن انهن کي عوامي مفادن کي نظر ۾ رکي استعمال ڪيو ويندو. کاڻيون ۽ بجليءَ جي پيداوار هڪ علائقي ۾ آهي، مگر ان جو کاپو وري ٻئي علائقي ۾ اقتصادي طور تي پنهنجا مقامي مسئلا آهن. اهي مسئلا تڏهن نبيري سگهبا، جڏهن انهن کي سجھي علائقي جي ماڻهن جي مفادن مطابق ونڊيو ۽ ورهائبو. اتر اولهه واري سرحدي صوبي ۾ پيدا ٿيندڙ بجلي پنجاب جي صنعتن کي هلائڻ لاءِ استعمال ٿيڻ گهرجي. پنجاب جي دولت کي بلوچستان ۽ قبائلي علائقن جي ترقيءَ واسطي ڪم آڻڻ گهرجي. سنڌ ۽ بهاولپور جي پئسي کي اتر پنجاب جي فوجين کي سگهارو ڪرڻ لاءِ ڪتب آندو وڃي. ڪجهه رنڊڪن ۽ ناموزون طريقن سان هن کان اڳ ۾ به ائين ٿي رهيو هو، پر ون يونٽ مان اسان جو مقصد آهي ته هن طريقئه ڪار ۾ ڪا رنڊ يا وٿي ۽ ويڇو نه پوي، سولائي ۽ سنهجائي ٿئي، رابطو ۽ تنظيم هجي ۽ فطري طور پنهنجو پاڻ هلندو رهي ۽ هرڪو ماڻهو پنهنجو حق سمجهي ان جو مطالبو ڪري. اهو فقط تڏهن ممڪن ٿي سگهي ٿو، جڏهن اولهه پاڪستان انتظامي طور هڪ ايڪائي (One unit) هجي.
    موجوده صورت حال ۾ صوبن جا پيداوار ذريعا غير برابر آهن ۽ هڪ مثالي ترقي ۽ امڪاني سگهه بڻجڻ واسطي ڪن ڳالهين ۾ ته بلڪل اڻ پورا آهن (هتي اسان مالياتي صورتحال ۽ پيداواري ذريعن کي استعمال ڪرڻ جو وچور ڏينداسين). جيڪڏهن وڌيڪ صوبائي خودمختياري تحت صوبا الڳ رهيا، جيڪا ون يونٽ جي متبادل صورت حال آهي ته پوءِ هڪڙا صوبا قرض ڏيندڙ ۽ ٻيا قرض وٺندڙ بڻجي ويندا. نتيجي ۾، سياسي مايوسي، هڪ ٻئي خلاف ڪاوڙ، ڪينو ۽ دشمني پيدا ٿي پوندي، ائين جيئن هندستان ۾ ورهاڱي کان اڳ هو. نتيجو اهو نڪرندو جو پيداواري ذريعن جو استعمال گهٽ ٿيندو. ترقيءَ جي رفتار سست ٿي ويندي، شاهوڪار صوبا ڪنجوس ٿي ويندا ۽ غريب صوبن کي ڏائڻ جيان ڏنگيندا.
    ون يونٽ جو ڏٺو وائٺو فائدو ننڍن صوبن کي ٿيندو. اهي اڄ ڪلهه امدادن ۽ خيراتن تي هلي رهيا آهن، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي، جو اهي سياسي طور تابع ٿي پيا آهن. ون يونٽ کان پوءِ هر مطالبو سندن حق هوندو، جيڪو قانون تحت دڙٻاٽي وٺندا. ون يونٽ واري ساري علائقي ۾ جيڪي به پيداوري ذريعا هوندا ڄڻ سندن آبائي ملڪيت هوندي. ترقي يافته ۽ غير ترقي يافته فرق کي جلديءَ ۾ ائين دور ڪيو ويندو، جيئن پنجاب جي ضلعن مان دور ٿي رهيو آهي. شروعات ۾ ئي لازمي طور دل کولي امداد ون يونٽ جي انهن علائقن جي ڪئي ويندي، جيڪي وڌيڪ ترقي يافته هوندا جنهن جي معنى اها ٿيندي ته تمام ٿوري وقت ۾ گهڻي ترقي ڪري وٺندا. ساڳيو فائدو پٺتي پيل علائقن کي به پوندو، جيڪي پنهنجي ڪوششن سان ترقيءَ جي ان درجي تي پهچي ڪو نه سگهيا هوندا. ون يونٽ جي ترقي يافته علائقن جي ڌن ۽ پيداواري ذريعن جو وهڪرو پٺتي پيل علائقن ڏانهن شروع ٿي ويندو، جنهن وسيلي پٺتي پيل علائقن جي هڪ پاسي ترقي ٿيندي ۽ ٻي پاسي سندن مستقبل جي پيداواري ذريعن کي ترقي ڏياري ويندي، انهيءَ لاءِ ته جيئن هو ٻين جا ڳيجهو نه رهن جيڪو اڳتي هلي، “ون يونٽ” حڪومت جي نگرانيءَ هيٺ هڪ قسم جو خودڪار طريقو بڻجي ويندو. ون يونٽ ۾ ملڪ جا پيداواري ذريعا گهڻا وسيع ۽ جهجها هوندا، جن جو انت پار ڪونه هوندو. هڪ ٻئي تي فطري انحصار ڪرڻ ائين آهي، جيئن اڪيلي طور امداد وٺي سياسي طور تابع ٿي وڃي. اهو هڪ چريائيءَ جو ڪم آهي، جيڪو اڳي يا پوءِ ڇڏڻو پوندو.
    (4) اهو به ڌيان ۾ رکڻ ضروري آهي ته پاڪستان هڪ غريب ملڪ آهي. تنهن هوندي به گهڻن صوبن جي موجودگيءَ ڪري اسان جو انتظامي طريقئه ڪار، جنهن ۾ حڪومت جي انتظامي اسيمبلين ۽ پبلڪ آفيسن تي ٿيندڙ جدا جدا خرچ ايترو گهٽ آهي، جو اُن جو دنيا ۾ مثال ملڻ مشڪل آهي. اسان جي حڪمت عمليءَ جو پهريون قدم اهو هوندو جو مستقل مزاجيءَ سان ڪفايت شعاريءَ کان ڪم وٺي وڏن ڪمن کي به ننڍڙو ڪري هڪ هڪ پئسي بچائڻ جو جتن ڪنداسون. اسان کي ان حقيقت ڏانهن ڌيان ڏيڻ به ضروري آهي ته دنيا ۾ اولهه پاڪستان کان به وڏن علائقن تي به هڪ ايڪائي (Unitary) واريون حڪومتون قائم آهن. ورهاڱي کان اڳ هندستان ۾ شامل پنجاب به هن پنجاب سان شامل هو ۽ تڏهوڪي اڪيلي پنجاب جي آدمشماري، هن سڄي اولهه پاڪستان جي آدمشماريءَ کان به گهڻي هئي. هن ون يونٽ ڪري جيڪا خرچ جي بچت ٿيندي ان جي صحيح استعمال جي واٽ به ڪڍي وٺنداسون.
    (5) ون يونٽ مان، قومي، سياسي۽ نظرياتي فائدا به تمام گهڻا آهن.
    (الف) ايڪي ۽ ٻڌيءَ جو احساس اڀرندو، جيڪو ورهاڱي کان پوءِ اسان ۾ ڪو نه رهيو آهي.
    (ب) اسان جي سياسي رهبرن ۾ هڪ ترقي يافته نواڻ ايندي. اهي گهٽ درجي واري سازشي سياست مان ٻاهر نڪري ايندا. ننڍڙن صوبن جا سياستدان اڳي ڪن جهڙن متحرڪ جذبن ۽ محدود سوچ واري ٽائون ڪميٽيءَ جي حدن تائين سياست ڪندا هئا، تنهن کان نجات حاصل ڪندا. ملڪ ۾ اڃا تائين به حڪومت هلائڻ جو فن اڻ پورو رهيو آهي. پر هاڻي هر هوشيار ماڻهو کي جتي به چاهيندو، پنهنجي ڏات جو جوهر ڏيکارڻ جو سونهري وجهه ملندو. ساڳئي قسم جون گهڻيون آفيسون هونديون، تنهن ڪري سندن نوڪرين جي گريڊ ۽ اهليت گهٽجڻ جو امڪان ڪو نه هوندو.
    (ت) سياست جو ميدان کليل ۽ وسيع هوندو، تنهن ڪري سياستدانن جي نقطئه نظر ۾ وسعت ايندي. ننڍڙين ايڪاين ۾ هاري ناري، ڪمي ڪاسبي ڏاڍ ۽ ڏمر هيٺ رهندو آهي، پر ون يونٽ واريءَ حڪومت ۾ سڌارن وسيلي پٺتي پيل علائقا سڌريل ۽ ترقي يافته علائقن سان اچي ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهندا. ترقيءَ جا عناصر هڪ محدود علائقي جي ڀيٽ ۾ کليل ۽ وسيع فضا ۾ وڌيڪ اثر ڏيکاريندا، ڏتڙيل ۽ ڏاڍ ڏهڪايل ماڻهن لاءِ ون يونٽ وڏو آسرو آهي.
    (6) اها ڳالهه به بحث لائق آهي ته موجوده حالتن جي اگرين سچاين مطابق ون يونٽ ڪو نظريو ڪو نه آهي پر سڄي ڏچي کان جان ڇڏائڻ جو اهو اڪيلو رستو آهي. بنگال مڪمل صوبائي خودمختياريءَ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن مطابق مرڪز وٽ باقي وڃي ٽي کاتا رهندا. حالتن مان معلوم ٿئي ٿو ته اسان جي هن تجويز کي بنگال وارن رد ڪري ڇڏيو آهي. سندن مڪمل صوبائي خودمختياريءَ وارو مطالبو ڄڻ عملي سياست جي دائري کان بلڪل ٻاهر آهي. نتيجو اهو نڪرندو ته مرڪز جنهن وٽ فقط ٽي اسم هوندا ۽ ملڪ جي سڄي ترقيءَ، سماجي تعمير ۽ اقتصادي ترقي ۽ تعمير به سندس ذميواري هوندي، هڪ عام ماڻهو جو به ان سان واسطو هوندو، سو صوبن آڏو ڳيجهو ٿي پوندو. جيڪڏهن صورتحال انهيءَ رخ ۾ بدلجي وڃي ٿي ته صوبا جن مٿان نئين قسم جون ذميواريون ٿاڦيون پيون ٿيون وڃن، سي هن نئين ڏچي سان برميچي ڪو نه سگهندا. مڪمل صوبائي خودمختياريءَ جي هن نئين وايو منڊل ۾ سنڌ، پنجاب ۽ اتر اولهه وارو سرحدي صوبو ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿي ويندا، هولناڪ تباهي اچي ويندي ۽ سارو معاملو ڊانوان ڊول ٿي ويندو. ون يونٽ واري حڪومت پنهنجيءَ سگهه، استحڪام ۽ پنهنجن لاءِ محدود پيداواري ذريعن رستي مڪمل صوبائي خودمختياريءَ جهڙي ڏچي کي ئي منهن ڏيڻ جي لائق هوندي.
    زونل فيڊريشن به ڌوڪي ۽ فريب کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪانه آهي. اها ته موجوده صورت کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي. اهڙي قسم جي نظام وٽ دستور ٺاهڻ جي موجوده ڏچي جو به نبيرو ڪو نه آهي. وٽس ون يونٽ لاءِ موجوده بحث مباحثي جي نبيري واسطي گس ڪو نه آهي.
    (زونل فيڊريشن جي بحث واسطي هڪ جدا لکت جي ضرورت آهي)
    (7) ننڍن صوبن کي اهو ڊپ سراپي ويو آهي ته ون يونٽ جي اقتدار ۾ سندن ڀاڱو گهٽجي ويندو، وزارتون ٿوريون هونديون. هر علائقي ۾ جوءِ ۾ سرڪار طرفان روزگار جا ذريعا گهٽ هوندا. اهو سچ آهي. پر ان جو گهڻن ماڻهن تي ڪو به انڪاري اثر ڪو نه پوندو، پر پاڻ وڌيڪ منجهن ڇڪ ڪرڻ جي سگهه اچي ويندي. حقيقت اها آهي ته ون يونٽ جي جوڙجڪ ۾ ماڻهن اندر موجوده صوبن کان وڌيڪ اقتدار سگهه اچي ويندي. موجوده صورت حال ۾ اهو ڏسڻ ۾ ايندو ته سچو پچو اقتدار مرڪزي حڪومت وٽ آهي، جنهن ۾ بنگال جو وڏو ڀاڱو آهي ۽ باقي رهندڙ ٿورائي واري ڀاڱي ۾ اسان سڀئي ڀاڱي ڀائيوار آهيون. ون يونٽ واري جوڙجڪ ۾ ٿيندو هيئن، جو سڄو اقتدار اعلى پاڪستان جي اولهه ۽ اوڀر وارين ايڪائين ۾ هڪ جهڙو ورهايو ويندو. اهڙيءَ ريت هر هڪ ايڪائي هڪ آجي اقتدار جو مزو ماڻيندي. هيءَ پهريون ڀيرو آهي جو اولهه پاڪستان کي اقتدار ماڻڻ جو پورو حق ڏنو وڃي وٿو. ان طريقي سان ننڍا صوبا اقتدار جي وڏي حصي جا حقدار ٿيندا. ننڍين ايڪاين کي ايڏو وسيع اقتدار فقط ون يونٽ جي جوڙجڪ کان سواءِ ڪٿي به ملي نه سگهندو. ون يونٽ جي قانون ساز اداري ۾ سندن نمائندگي مرڪزي قانون ساز اداري کان وڌيڪ جهجهي هوندي. ون يونٽ جي جوڙجڪ ۾اقتصادي ميدان اندر غريب ۽ پٺتي پيل ننڍن صوبن جون راهون وڌيڪ روشن آهن.
    هاڻي مرڪزي خرچ مان بنگال کي پنهنجي حصي مطابق وڏو اڌ ملي ٿو ۽ ننڍو اڌ اسان ٻين سڀني صوبن کي ملندو آهي. پر وفاق جي ٻن ايڪاين ۾ مڪمل صوبائي خودمختياري جي اصول تحت اهو بار گهڻو گهٽجي ويندو ۽ پاڪستان جو مرڪزي خرچ اولهه ۽ اوڀر وارين ايڪاين ۾ هڪ جيترو ورهايو ويندو. ان نتيجي ۾ اولهه پاڪستان واري ون يونٽ کي جيڪو به واڌو پيسو ملندو، سو اولهه جي پٺتي پيل ننڍن صوبن جي سڌارن ۽ ترقيءَ ۾ ڪتب ايندو.
    ننڍن صوبن کي يقين ڏيارڻ ۽ لهندڙ پٺتي پيل غريب صوبي کان لاپرواهي ڪرڻ واري لاڙي کي ٻنجي ڏيڻ لاءِ، مان اها گذارش ڪندس ته، سوئيزرلينڊ جي حڪومتي سرشتي جو مطالعو ڪيو وڃي. اها رياست پنهنجي ملڪ جي اهم علائقن ۽ ننڍين ثقافتي ايڪاين کي انصاف سان ناڻو مهيا ڪندي آهي.


    15

    ون يونٽ جوڙڻ واسطي مهم جي شروعات

    جيڪڏهن ون يونٽ واري تجويز ڪامياب ٿي وڃي ٿي ته پوءِ اهو ضروري هوندو ته اها عوامي امنگ مطابق ۽ سندن سهڪار سان بنائي ويندي. ان جي ٺهڻ جو امڪان تڏهن ٿيندو، جڏهن ان ڏس ۾ ماڻهن جي دلين کي مطمئن ڪرڻ، اعتراض ڪندڙن کي مڃائڻ ۽ اهڙي سٺيءَ تجويز کي عمل ۾ آڻڻ واسطي ماڻهن ۾ جوش ۽ جذبي جاڳائڻ واسطي سياسي مهم هلائڻ واسطي سياسي مهم هلائڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن ان مهم کي چڱي ريت منظم ڪيو وڃي ته سوڀ ماڻي سگهجي ٿي، ڇاڪاڻ ته هيٺ ڏنل حقيقتون بلڪل سچيون آهن.
    (الف) ون يونٽ جو منصوبو، اولهه پاڪستان جي صوبن واسطي ڏاڍو لاڀائتو آهي. پر خاص طور تي ننڍن ۽ پٺتي پيل صوبن لاءِ ته اڃا به وڌيڪ مفيد آهي.
    (ب) عام ماڻهو هن منصوبي جي خلاف ڪو نه آهي.
    (ت) جيڪڏهن هڪ عام ماڻهوءَ کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪبي ته هو ننڍن گروهن ۾ محدود سوچ وارن تخريبي ذهن رکندڙ ماڻهن کي سوالائيءَ سان سمجهي ويندو.
    (1) اسان کي موجوده حالتن کي صحيح طريقي سان پرکڻ کپي. اسان ون يونٽ جي منصوبي کي وڏن مسئلن جي پاڇولن هيٺ ڏاڍي آزاد خياليءَ سان نبيري رهيا آهيون. اسان هن تجويز کي سياسي تنظيم وسيلي ڪامياب ڪرڻ ڪو نه ٿا چاهيون. وقت وڏي وٿ آهي، جيڪو اسان وٽ تمام ٿورو آهي ۽ اسان وٽ تمام ٿورو آهي ۽ اسان کي آڙي ڪاپ ۽ ڏاهن تخريبڪارن سان منهن ڏيڻو آهي.
    اسان کي، ون يونٽ جي منصوبي کي ڪامياب ڪرڻ جي مقصد سان، سياسي مهم جي شروع ڪرڻ کان اڳ مٿئين طبقي جي تخريبڪار سياستدانن جي ڪجهه صفائي ڪرڻي پوندي. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته اسان کي انهن ماڻهن کي خاموش، غير مؤثر ۽ بيڪار بنائڻو پوندو، جن مان اسان کي سخت مخالفت جو خطرو آهي ۽ جن لاءِ اسان سمجهون ٿا ته سندن نيتون براين سان ڀريل آهين. اسان کي پنهنجي وسيع اختيارن جو ڀرپور استعمال ڪرڻو پوندو. انهيءَ مقصد لاءِ ته جيئن اسان جي آواز کي دل جي حضور سان ٻڌو وڃي. مان اوهان کي چتاءُ ڏئي رهيو آهيان ته جيستائين مخالفن جي آواز کي سختيءَ سان ڪچليو نه ٿو وڃي ۽ ان مساڻن جهڙي ماٺ ۾ جيتري وقت تائين اسان جي آواز کي ڪير ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي ته ون يونٽ لاءِ سياسي مهم هلائڻ ڏاڍو خطرناڪ ٿيندو. ٻيءَ حالت ۾ نه ته هيءُ موجوده گروهه جنهن کي افراتفري ورثي ۾ ملي آهي، اسان جي ٺيڪ ڪرڻ سان، گوڙ شور هل هنگامو ڪري کڻي آسمان مٿي تي کڻندو، ۽ پوءِ ون يونٽ وارو اٿاريل سريلو آواز پنهنجي اهميت وڃائي ويهندو.
    (2) منهنجي نظر ۾ اسان اهو مقصد تاريخي دور جي انهن مرحلن ۾ ئي ماڻي وٺون ها.
    (الف) پاڪستان ٿيڻ کان ستت پوءِ جڏهن اسان اڃا جوش ۽ ولولي ۾ سرشار هئاسين، جڏهن جدوجهد سبب اسان ۾ اتحاد ۽ يڪجهتي موجود هئي، جڏهن اها جدوجهد سوڀ سبب مقدس بنجي وئي هئي ۽ ان کي اڏول سياسي رهبريءَ سوڀ جو سونو تاج پارايو هو. تڏهن، جڏهن قائد جي اڳواڻيءَ ۾ يقين محڪم، سڀني قومن کي ماٺ ڪرائي ڇڏيو هو.
    (ب) هاڻي جڏهن اسان جا جذبا ٿڌا ٿي ويا آهن، جڏهن تدبيرن پٺيان تدبيرون ناڪام ٿي چڪيون آهن، جڏهن عوام مٿان مايوسين جي گرڙ پک اچي چنبا کوڙيا آهن، جڏهن انهيءَ نااميديءَ ۽ بيوسيءَ کان هر حڪم مڃڻ لاءِ تيار آهن ۽ ايتريءَ حد تائين ان جي ڪڍ لڳندا، جيستائين توهان ۾سندن اڳواڻي ڪرڻ جي سگهه آهي. جيڪڏهن اوهان کين هاڻي ناڪام ڪيو ه يقين ڄاڻو ته اهي پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن به ڪامياب ٿي ڪو نه سگهندا.
    مان تضاد ۽ تڪرار کي اکين سان ڏسڻ ڪو نه ٿو چاهيان ۽ ون يونٽ جي تجويز کي يڪراءِ ٿيڻ گهرجي ۽ ان جي حفاظت به دل جي گهراين سان ڪئي وڃي. ان ڏس ۾ مان فقط هي مطالبو ڪندس ته ڪنهن به حيلي بهاني مخالفن کي خاموش ڪيو وڃي. هن مقصد هٿ ڪرڻ واري رستي ۾ ٻه ڳالهيون اسان جون مخالف ڪو نه آهن، پهرين ڳالهه اها ته اسان پنهنجيءَ پوريءَ طاقت جو مظاهرو ڪري اها ڳالهه زبردستيءَ مڃرايون، جيڪا اسان چئون ٿا. جيڪڏهن اسان ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ جي مظاهري کانپوءِ پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي وياسين ته ماڻهو پنهنجي آزاد مرضيءَ مطابق فيصلو ڏيندا، پوءِ يا اهي هن تجويز کي رد ڪن يا منظور ڪن.
    (3) ون يونٽ جي ڪاميابيءَ لاءِ اسان جي هن سياسي مهم کي شروعاتي دور ۾ ڏاڍي منصوبه بنديءَ ۽ خبرداريءَ سان اڳتي وڌايو وڃي. اسان اڄ کان وٺي، هن مقصد جي رهبري ڪرڻ لاءِ، هڪ گهڻ پاسائينتنظيم قائم ڪريون ٿا. ان ڏس ۾ مان مشورو اهو ڏيندس ته هن عظيم ڪم واسطي ماڻهن جي هڪ جماعت مقرر ڪئي وڃي، ايڪشن ڪميٽي ترتيب ڏني وڃي، فوج جي، جي.ايڇ.ڪيو هڪ بااختيار ادارو آهي، جيڪو ون يونٽ جي منصوبي کي آخر شڪل ڏئي سگهي ٿو، ون يونٽ جي نظريي کي عملي جامو پهرائي سگهي ٿو، ان جي لاءِ هلايل سياسي تحريڪ ۾ رابطو ۽ ڳانڍاپو پيدا ڪري سگهي ٿو.
    (4) ون يونٽ جي منصوبي کي ڪامياب ڪرڻ واسطي، هن مهم جو پهريون مرحلو اهو هوندو ته صوبائي اسيمبلين ۾ مسلم ليگ جي ميمبرن کان ون يونٽ جي رٿ ڏياري ويندي، ٺهراءُ پاس ڪرائي، صوبائي اسيمبلي ميمبرن وسيلي عوام راءِ جي تصديق ورتي ويندي. اهڙي حڪمت عمليءَ کي اسان پارليامينٽري حڪمت عملي سڏينداسين.
    ان لاءِ ضروري شرط فقط هڪ آهي ته هن مهم جي سياسي رهبري واسطي، هر صوبي مان سياستدانن جي صحيح چونڊ ڪئي وڃي. اهي اهڙا هجن، جيڪي هن نقطي تي اڏول ٿي اڙجي بيهي وڃن. توهان انهن کي پوري اعتماد ۾ وٺو ۽ هر قسم جي مدد جا ساڻن پڪا وعدا وعيد ڪريو. انهن کي حالتن جي جائزي ۽ مشاهدي ڪرڻ کان پوءِ هر فيصلي ڪرڻ جو اختيار ڏنو وڃي. هن معاملي کي منهن ڏيڻ لاءِ کين الائي ڪهڙين حاجتن، ضرورتن ۽ ڏچن کي ڏسڻو پوندو. جيڪڏهن هڪ ڪاٿي موجب حدون اورانگهي به وڃن ته توهان کي انهن جي هر امداد ڪرڻي پوندي. جيڪڏهن ڪنهن مصلحت خاطر، هو ڪنهن سان سياسي ڏي وٺ ڪن ٿا ته توهان وچ ۾ مداخلت ڪري نه کين منجهايو، نه وري سندن دلين کي ڪمزور ڪريو، ڇو ته انهيءَ ڪري کين سازش جو شڪ ٿيندو. توهان کي معلوم هجڻ گهرجي ته اوهان کين هڪ ڪٺن ڪم ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي، جنهن ڪري هو قتل به ٿي سگهن ٿا. هن مامري ۾ ٻڏتر ڪرڻ، لنوائڻ يا ڪنڌ ورائي پوئتي ڏسڻ، غداريءَ کان گهٽ ڏوهه ڪو نه ٿيندو.
    هتي هڪ اهم ڳالهه ڏانهن ڌيان خاص وقت مقرر ڪرڻ گهرجي ۽ ان مقرر وقت اندر هن مسئلي کي نبيري ختم ڪري ڇڏڻ گهرجي.
    (5) هن مهم جو ٻيو پاسو هيءُ هجڻ گهرجي ته عوام ۾ هڪ مسلسل پروپگنڊا جي ڌم مچائي ڇڏجي. پنهنجي اثر ڏيکارڻ واسطي هيءُ طريقو دير ته ضرور ڪندو، پر هن وسيلي اسان عوام جي مرضي ۽ منظوري حاصل ڪري وٺنداسون، جيڪا هن معاملي ۾ ڏاڍي اهميت رکي ٿي.
    جيڪڏهن اسان نمائنده رهنمائن يا صوبائي اسيمبليءَ جي ميمبرن کي ترغيب ڏئي، لاهي وجهڻ ۾ سوڀارا ٿي وياسين ته پوءِ انتشار پسند ماڻهن کي نهايت سختيءَ سان منهن ڏيڻو پوندو ته هي منجهيل مسئلو ويتر وڏي ڏچي ۽ ڏڦيڙ ۾ پئجي ويندو. هن حقيقت ۾ ڪنهن به شڪ ۽ شبهي جي گنجائش ڪا نه آهي. ون يونٽ جي فلسفي ۽ منطق کي وڏي جوش جذبي سان وڏي سهائتا ڏيڻ وارن انگن سان، هفتي مهيني ۾ سمجهي سوچي، مڪمل ڪيو وڃي.
    ون يونٽ جي هن مهم کي وڏي فن، مهارت ۽ دانشمنديءَ سان هلايو وڃي ۽ مقرر ڪيل ماڻهن جي حوالي ڪيو وڃي، جيڪا هر شعبي جي ڪم اڪلائڻ واسطي سب ـ ڪميٽين ۾ ورهائي وڃي. انهن سان واسطو رکندڙ مختلف ڪم هي هوندا:
    (الف) مشهور معروف ماڻهن کان بيان ڏيارڻ ـ هن تجويز مان اسان جو مقصد اهو هوندو ته هوريان هوريان مٿي چڙهندا وڃي اصلي رفتار حاصل ڪريون.
    (ب) ون يونٽ جي نظريي جي ظابطي هيٺ هڪ مربوط اخباري مهم جاري رکي وڃي، جنهن کي ساڳي جوش جذبي سان، هن مهم جي مرحلن مطابق هلايو وڃي.
    (ت) مهم جي ڪاميابيءَ واسطي پمفليٽ، ڪتابڙيون ۽ رسالا وغيره شايع ڪرايا وڃن، عوام جي مختلف گروهن ۾ خاص حوالن جي ناتي سان سياسي ڪم جي شروعات ڪئي وڃي جيئن،
    (i) دانشور، وڪيل، وڪيلن جي بار ۽ ڊاڪٽر وغيره (ii) شاگرد (iii) هاري، پورهيت، ننڍا کاتيدار ۽ دوڪاندار وغيره. منهنجي خيال ۾ سندن سهائتا ڀروسي جوڳي ۽ لاڀائتي هوندي. هن قسم جي امداد سان موجوده دور واري صوبائي ۽ مرڪزي حڪومت وڌيڪ سگهاري ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ڪري. ان ڏس ۾ ترت ۽ اثرائتا ڪم ڪيا وڃن. مثال طور، زرعي سڌارا آندا وڃن، ضروريات زندگيءَ سان لاڳاپيل شين جي قيمتن کي هيٺ آڻڻ لاءِ مهم هلائي وڃي. ان مان عام تاثر اهو ملندو ته ون يونٽ جا سياسي رهنما انصاف، ترقي ۽ فضيلتن جا به رهبر آهن، هن قسم جي مهم جي شروعات سنڌ مان ئي شروع ڪئي وڃي ته وڌيڪ مناسب رهندو. (IV) مهم جي ڪاميابيءَ واسطي مُلن جي خدمتن کي به استعمال ڪيو وڃي، پر نهايت خبرداريءَ سان، ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي مفادن واسطي ون يونٽ کي گهٽ وڌ ڳالهائيندا ۽ منبرن تي بيهي پنهنجي نقطئه نظر جي وڪالت ڪندا. جيڪڏهن مُلن جي خدمتن جي ضرورت پئجي وڃي ته وڏن مُلن کان پاسو ڪري ڪي ٺڙڪو مُلان هٿ ڪيا وڃن ۽ کين ريهي ريبي پنهنجي طرف ڪيو وڃي. (V) عوام سان رابطي پيدا ڪرڻ واسطي سڄي ملڪ ۾ گڏجاڻيون، جلسا ۽ جلوس ڪوٺايا وڃن، انهن کي خطاب اهي ماڻهو ڪن، جيڪي تمام ٿوري وقت ۾ کين گهڻو سمجهائي سگهن. جڏهن ون يونٽ جي هيءَ مهم پوري اوج تي پڄندي ته وڏا سياسي جلسا به ڪوٺايا وڃن. پر اهي سڀ مامرا ڏاڍيءَ خبرداري ۽ نهايت منظم نموني سان هلايا ويندا.
    (6) پنجاب واسطي نهايت اهم ۽ خاص نقطو هيءُ آهي ته اسان کي موجوده وقت پنجاب ۾ ون يونٽ جي تجويز بابت ٻڙڪ به ٻولڻي ڪا نه آهي. پر اسان کي ٻين صوبن جي ماڻهن کي استعمال ڪرڻو آهي. جيڪڏهن اسان پاڻ آواز اٿاريو ته ٻين صوبن جي ماڻهن جي دلين ۾ شڪ شبها پيدا ٿيندا. حقيقت اها آهي ته پنجاب جا سياسي اڳواڻ پنهنجي بيانن جاري ڪرڻ وقت احتياط کان ڪم وٺن ۽ هن مهم کي اهميت ڏيارڻ لاءِ کين خبرداري کان ڪم وٺڻو پوندو. پر پوءِ به ٻن ڳالهين تي ڌيان ڌرڻو پوندو. (الف) اسان جا بهترين پرجوش ۽ سرگرم سياسي ڪارڪن پنجاب ۾ آهن، انهن کي منظم ۽ مضبوط ڪري تيار رهڻ لاءِ خبردار ڪيو وڃي ته ضرورت پوڻ تي ڪڏهن به ۽ ڪٿي به پهچي وڃن. (ب) عوامي راءِ جي اظهار کي رد ڪرڻ عقلمندي جي ڳالهه ڪا نه ٿيندي. هن ڳالهه جو مڪمل احساس هجڻ گهرجي ته پنجاب جي سياسي ڪارڪنن کي رضاڪارانه طور ڪي رعايتون ۽ سهوليتون ڏيڻ کپن، منهنجي خيال ۾ اهي هاڻي ترت ملي به ڪو نه سگهنديون. ساڳي وقت، جيڪي سياستدان، ون يونٽ جي منصوبي جي اڳتي هلي هر صوبي ۾ سخت مخالفت ڪندا ۽ ٻارڻ ٻاريندا، تن جو صدر مقام ۽ آفيسون پنجاب ۾آهن. ان ڪري پنجاب جي سياستدانن کي پاڻ ۾ يڪجهتي پيدا ڪري فيصلا ڪن ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ ضرورت وقت يا هيئنر کان وٺي، هڪ زيرڪ ۽ هوشيار سياستدانن جيان، عام راءِ جي وايومنڊل مٿان پورو ضابطو رکڻ کپي.
    (تمام ضروري: پنجاب ۾ جيڪي رٿون بحال ڪرايون وڃن تن جا ڊرافٽ فقط ڪراچيءَ ۾ تيار ڪيا وڃن.)

    ون يونٽ سان امڪاني اختلاف

    (1) هر صوبائي حڪومت جي طريقئه ڪار جي چوڌاري اسان جي سياسي شعور جي ڄڻ ته هڪ خندق کوٽيل آهي. جيڪڏهن ڪنهن به صوبي موجوده طريقئه ڪار کي ڇڏي ڪنهن نئين نموني اختيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان کي سخت مخالفت سان منهن ڏيڻو پوندو. اها حالت پنجاب کان سواءِ ٻين سڀني صوبن سان لاڳو آهي. ننڍن صوبن کي جيڪي سچا پچا خوف خطرا ۽ شڪ شبها آهن ته ون يونٽ ٿيڻ کان پوءِ پنجاب سياسي ۽ اقتصادي طور انهن مٿان ڇائنجي ويندو يا پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ واسطي جيڪي فتوري ماڻهن جون سازشون ۽ منصوبا آهن، جن وسيلي هڪ محدود سياست ڪري، اقتدار کي پنهنجي هٿ وس بنائڻ چاهين ٿا، تنهن تي به پروڙڻ ۽ پرجهڻ لازمي ٿيندو. اهڙن سازشي ماڻهن کي ڏاڍي سولائيءَ سان منهن به ڏئي سگهجي ٿو. پر پهريون کين ملي، ماٺ ڪرائجي ته بهتر آهي. منهنجو شخصي خيال اهو آهي ته ون يونٽ جي مهم تيستائين تيز نه ڪرڻ گهرجي، جيسيتائين اسان کي پاڻ کي، ان ڳالهه جو پورو ڀروسو نه آهي ته اولهه پاڪستان جي صوبن ۾ رهندڙ اسان جي ڀائرن کي اها حقيقت سمجهائي سگهنداسون ته ون يونٽ جي تجويز فقط ننڍن ۽ پٺتي پيل صوبن جي ڀلائيءَ واسطي آهي. فقط ان کان پوءِ اسان صوبائي سياسي اڳواڻن جي سهائتا سان، حقيقي اعتراضن ۽ مخالفتن کي دور ڪري، اصول ۽ قاعدي مطابق ون يونٽ جي هن منصوبي کي عملي جامون پارائي سگهنداسين.
    (2) صوبن جا عام ۽ نمايان اعتراض هيٺيان آهن.
    (i) ته پنجاب ٻين صوبن مٿان ڇانئجي ويندو، ڇاڪاڻ ته پنجاب جي آدمشماري 56 سيڪڙو ۽ باقي ٻين صوبن جي 44 سيڪڙو آهي.
    پر هڪ ايڪائي واريءَ حڪومت (Unitary form of Govt) ۾ هڪ ماڻهو هڪ ووٽ وارو اصول قائم هوندو آهي. هيءُ هڪ نقطو سندن سڀني اعتراضن کي ڌوئي ڇڏيندو. ان نقطي جي مخالف ۾ ڪي حقيقتون آهن، جن کي پنهنجي جاءِ تي وزن آهي. پر اهي جذبات جي وهڪري ۾ وهي ويندا ۽ هن نقطي جو مناسب جواب ڪو نه ڏيندا ۽ پنجاب ۽ بنگال واري ڏچي جي ڏس ۾ ڪو اطمينان بخش حل ٻڌائي ڪو نه سگهندا. منهنجي خيال ۾ هيءُ ڏچو گهڻ ـ پاسائون آهي، ان جو نبيرو ان ۾ آهي ته اسان ڪجهه اڻ پورا جمهوري طريقا اختيار ڪريون اسان کي هن ڏس ۾ چونڊ ۽ چونڊ جي تڪن ۾ ڦير ڦار ڪرڻي پوندي، جنهن مطابق ون يونٽ جي غير پنجابي علائقن کي اسيمبليءَ ۾ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ نمائندگي ڏيڻ ۾ ايندي. ون يونٽ جي اسيمبليءَ ۾، ننڍن صوبن جي نمائندن جي گهڻائي ڪنهن مقرر وقت لاءِ هوندي.

    (ii) نوڪريون : ننڍن صوبن کي اهو ڊپ آهي ته پنجاب ۾ پڙهيل ماڻهن جو في سيڪڙو انگ ٻين صوبن کان وڌيڪ آهي ۽ اتان جي ماڻهن جو معيار زندگي به ٻين صوبن جي ماڻهن کان ڪي قدر وڌيڪ آهي. تنهن ڪري سرڪاري نوڪرين ۾ پنجابي وڌيڪ ڀرتي ڪيا ويندا. ڪيترين ڳالهين ڪري هن اعتراض ۾ گهڻي جذباتي ڇڪ به آهي. ڇاڪاڻ ته اها حقيقت به آهي ته هر صوبي ۾ جٿي ڪٿي سرڪاري نوڪرين وارو مامرو عام ماڻهوءَ سان لاڳاپيل هوندو آهي ۽ عام ماڻهو دانشورانه سوچ مٿان ڇانيل هوندو آهي. سياست جي پردي پٺيان به عام ماڻهوءَ جي سوچ ڪم ڪندي آهي. جيڪڏهن ون يونٽ واري حڪومت صحيح معنى ۾ اچي به وڃي ته به سازشي ۽ فتوري ذهن پاڻ ۾ پوتا ميل ڪري ون يونٽ جي حڪومت ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيندا. تنهن ڪري بهتر اهو آهي ته هن اعتراض کي مناسب طريقي سان نبيريو وڃي.
    هن ڏچي جو نبيرو به آهي. موجوده نوڪريون جيئن آهن تيئن محفوظ رهنديون. هن کان پوءِ ماڻهن جون هيٺين قسم جي نوڪرين جون ڀرتيون مقامي طور تي ٿينديون، باقي حقيقي مسئلو صوبائي نوڪرين جو آهي. منهنجي خيال ۾ ان مسئلي کي “ڪوٽا” ۽ خاص نمائندگيءَ جي اصول وسيلي نبيري سگهجي ٿو. هن طريقي سان ننڍن صوبن جي نوڪرين جي حقن جي حفاظت ٿي سگهي ٿي، (اهو هڪڙو خيال آهي)، ۽ هن قسم جي اصول کي پندرهن سالن تائين يا ضرورت مطابق وڌيڪ عرصي لاءِ به نافذ ڪري سگهجي ٿو يا ايستائين، جيستائي اولهه پاڪستان جي هر علائقي، جي تعليم جو في سيڪڙو انگ هڪ جيترو ٿي وڃي.

    (iii) انتظامي مونجهارا ۽ ڏورانهون پنڌ : عام ماڻهوءَ کي هيءَ حقيقت گهڻو متاثر ڪندي ته اولهه پاڪستان هڪ ايڪائي واري حڪومت (Unitary) ماڻهن لاءِ ڦاجا پيدا ڪندي ته عام ضرورتن، درخواستن ڏيڻ ۽ مسئلن نبيرڻ، پرمٽون وٺڻ، ڪنهن جي خلاف دانهڻ، يا نوڪرين جي مامري ۾ ماڻهو ڪنهن ڏاڍائي جو شڪار ٿي ويو آهي، يا قانوني چاره جوئي يا انصاف لاءِ ڪوڪڻ واسطي پري پنڌ سبب گهڻيون تڪليفون اينديو، وقت ۽ پئسي جو نقصان الڳ ٿيندو، تنهنڪري ون يونٽ جو منصوبو هڪ دوکو ۽ فريب آهي. اهو هڪ ڳنڀير ۽ حقيقي مسئلو آهي. اولهه پاڪستان جي ون يونٽ واري حڪومت هوندي جنهن وٽ سڀئي اختيار اچي هڪ جائتا ٿيندا ۽ مضبوط مرڪز واري سگهاري حڪومت هوندي تنهنڪري اها عوامي بهبود ۽ ڀلائي سان لاڳاپيل سٺي حڪومت ڪانه هوندي، راڄڌانيءَ جي پري هجڻ ڪري قانوني چاره جوئي ۽ داد رسي به ڏکي ٿي ويندي ۽ عوامي ڀلائي وارا کاتا به پوريءَ ريت ڪم ڪري ڪونه سگهندا. ون يونٽي حڪومت لاءِ اهڙن ڏچن کي ڏور ڪرڻ لاءِ ڪا جامع حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي. حقيقت به اها آهي ته انتظامي سهوليتون ۽ ٻيا فائدا، عام ماڻهوءَ جي بلڪل ويجهو هئڻ گهرجن.
    مٿين اعتراضن کي کولي سمجهائڻ ۽ ختم ڪرڻ واسطي ضروري ٿيندو ته ون يونٽ جي منصوبي بابت تفصيل ڏنا وڃن. انتظامي مونجهارن کي ڄاڻڻ کان اڳ ۾ هيءَ يقين دهاني ڪرائي وڃي ته موجوده عدالتي سرشتي جو مستقبل ڇا هوندو؟ انتظامي مرڪز ڏهه، ٻارنهن يا اڃا به وڌيڪ هوندا؟ انهن انتظامي ڊويزنن جي حدبندي دانشمندي سان ڪئي ويندي ۽ انهن عهدن تي تجربيڪار ۽ ذميوار عملدار مقرر ڪيا ويندا. کين انهن معاملن اڪلائڻ جا پورا اختيار ڏنا ۽ مضبوط مرڪز وارو انتظامي سرشتو بنايو ويندو؟ اهڙن منجهيل مامرن کي وڌيڪ چٽي ڪرڻ لاءِ مجلس عامله بنائي وڃي، جيڪا هنن نقطن بابت موجوده سياستدانن کي نقطئه نظر سمجهائي ته جيئن اسان کي معلوم ٿئي ته عوام کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪرڻ لاءِ ڪهڙيون ڳالهين سمجهائڻ جي ضرورت آهي.
    (IV) زمينون : سنڌ ۾ پيل سرڪاري زمينن کي سڌاريو ويندو. ون يونٽ جي منصوبي ۾ انهن زمينن جي نيڪال ۽ ولارڻ جي تجويز به شامل آهي. هيءُ مامرو اهڙو حساس آهي جنهن ڪري سنڌي گهڻا مشتعل ۽ پريشان آهين. هي سنڌ دوستي يا قومپرستي سان واڳين ڏچو ڪو نه آهي، پر هڪ فطري خطري جو احساس به ان ۾ شامل آهي. ڇاڪاڻ ته هن مامري ۾ ون يونٽ جي منصوبي جي متوقع ڪاميابي ڏسڻ ۾ ڪانه ٿي اچي جو ڪارڻ اهو آهي ته سنڌين جا خدشا ڪنهن حد تائين جائز ۽ مناسب به آهن.
    هن مسئلي جا ٻه پهلو آهن. ڇا سنڌ جا سياستدان سنڌين سان ايڏا سچا ۽ سڄڻ آهن؟ جو هن مامري ۾ نياءَ ڀريو نبيرو ٿي سگهي. هي زمينون بي زمين ۽ غريب هارين جي امانت آهن هن حقيقت کي نظر ۾ رکي انهن زمينن جي نيڪال ڪرڻ ۾ اوليت ۽ اهميت کين ڏني ويندي. وڌ ۾ وڌ ڀليون زمينون اتان جي بي زمين سنڌي هارين کي ڏنيو وينديون. هن مقصد حاصل ڪرڻ کان اڳ ۾ ڪنهن به غير سنڌيءَ کي هڪ ايڪڙ به ڪو نه ڏنو ويندو. بي زمين سنڌي هارين کي ڏيڻ کانپوءِ جيڪا زمين بچي پوندي اها سنڌ کان ٻاهر وارن هارين کي ڏني ويندي. قوم جو هي پيداواري ذريعو وڌيڪ دولتمند بنائڻ لاءِ انهن ماڻهن جي حوالي ڪو نه ڪيو ويندو جيڪي اڳيئي دولت سان مالا مال آهن. ٻيو پهلو هيءُ آهي ته ڪجهه سنڌي سياستدان. هن سرڪاري زمين کي، وڏن دولتمند سنڌي زميندارن جي ملڪيت سمجهي ويٺا آهن. تنهنڪري هيءُ ڪو صوبائي مسئلو ڪو نه آهي. پر هڪ اخلاقي ۽ معاشرتي حڪمت عملي آهي جيڪا اڳتي هلي پاڪستان جي نظريي جي مستقبل کي هاڃو رسائي سگهي ٿي. مان سمجهان ٿو ته هن جو جواب ڏاڍو سولو آهي. ون يونٽ جو منصوبو ڪامياب ٿئي يا نه ٿئي،پر پاڪستان جي هر محب وطن حڪومت هيءُ رجعت پسندانه حڪمت عملي اختيار ڪا نه ڪندي ته دولت جي ونڊ ورهاست اهڙي طريقي سان ڪئي وڃي، جو آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ماڻهن وٽ ڌن جا انبار لڳا پيا هجن، پر هزارين ۽ لکين بي زمين هاري ۽ پورهيت بکون ڪاٽي مري وڃن.
    (V) ثقافتي نقطئه نظر : عام طور تي اهو سمجهيو وڃي ٿو ته جيڪڏهن صوبن کي ختم ڪري ون يونٽ بنائي وئي ته سنڌين ۽ بلوچن جي ثقافت هلي هلي ختم ٿي ويندي. اهو اعتراض ته ظاهر ۾ صحيح ڏسجي ٿو. هن مامري تي اڳيئي روشني وڌي وئي آهي ته ثقافت صوبائي سرحدن سان لازم ملزوم ڪا نه آهي. انهن صوبن کان فقط ايترو پڇيو وڃي ته انهن، گذريل ستن سالن ۾ پنهنجي ثقافت جي ترِويج ۽ ترقيءَ واسطي ڪهڙا اڪ ڪارا ڪيا آهن؟ اهو نظريو جنهن جو اظهار ڪڏهن ڪڏهن ڪيو ويندو آهي، سو دل جي ويجهو ڪو نه هوندو آهي.
    اهي مختلف ثقافتون پنهنجي اصلي رنگن ۾ موجود رهنديون. اهي اسان جي زندگيءَ کي وڌيڪ شاهوڪار ۽ رنگين بنائينديون. ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجي فطري ترقيءَ لاءِ ڪو نه جاکوڙيو هوندو. جيڪڏهن ڪير ائين ڪري ٿو ته اسان جي ماڻهن کي زندگيءَ جو ڄڻ هڪ نئون ولولو ۽ حوصلو ڏئي ٿو. ون يونٽ جي حڪومت مختلف ثقافتن کي ترقي ڏيارڻ جي ضمانت ڏئي ٿي. هر زبان کي مليل موجوده سهولتون ۽ رعايتون محفوظ رهنديو ۽ هر هڪ ثقافتي ايڪائيءَ جي پنهنجيءَ ثقافت جي سڌاري، واڌاري ۽ ترقيءَ لاءِ همت افزائي ڪئي ويندي.
    (1) سياسي حڪمت عمليءَ سان لاڳاپيل اسان جا ضروري ۽ ترت مقصد هي آهن.
    (الف) بي لغام ۽ بي اصولي سياست کي سنئين گس لڳائڻ.
    (ب) پاڪستان جي دستور کي يڪراءِ بحال ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ڪرڻ.
    (2) ون يونٽ جي تجويز جي ڪامياب ٿيڻ سان اسان جا ٻه مقصد حل ٿي ويندا. ملڪ ۾ هاڻي هنگامي حالتون نافذ آهن. اهي فقط پاڪستان جي دستور ٺهڻ واري تعطل جي ڪري آهن. هن سبب ڪري جمهوريت اقتدار خالص واري سياست تائين محدود رهجي وئي آهي. دستور جي تيار ڪرڻ لاءِ جيڪي بحث مباحثا ٿي رهيا آهن، تن مان معلوم ايئن ٿئي ٿو ته قومي اسيمبلي ۽ ملڪ، سياسي سازشن جو دُن بڻجي ويو آهي. دستور جي تصفيي کان اڳيئي ڪنهن قانوني ضابطي کان سواءِ، لاڳاپيل ڌرين جي وچ ۾ انتخابي مقابلا، اقتدار واسطي سياست جي راند آهي، جيڪا مونجهارن کان سواءِ ڪجهه ڏئي ڪا نه سگهندي. ان ڪري لازمي ڳالهه اها آهي ته دستور ٺاهڻ جي طريقه ڪار واسطي مفاهمت کان ڪم وٺڻ گهرجي. جيڪڏهن دستور تي ٿيندڙ بحث مباحثا چڱي شيء ۽ جمهوريت وڏي وٿ آهي ته پوءِ جمهوريت کي بحال ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڇو نه ٿيون ڪيون وڃن.
    (3) دستور بنائڻ واري عمل ۾ مشڪل مسئلو وفاقي طرز حڪومت جي وصف آهي، جنهن وسيلي اوڀر پاڪستان ۽ اولهه پاڪستان جي صوبن جي وچ ۾ حقن ۽ تعلقاتن کي نبيرڻو آهي.
    اسان تيستائين دستور ٺاهڻ واري بحث ۾ پنهنجو پورو ڪردار ادا ڪري نه سگهنداسون، جيسيتائين اولهه پاڪستان ۾ هڪ ايڪائي واري حڪومت (Unitary form of Govt) موجود نه آهي. جيڪڏهن دستور ٺاهڻ واري عمل ۾ هڪ ٻئي تي غالب پوڻ وارو عنصر نه، پر هڪ ٻئي تي انحصار ڪرڻ واري سچائي موجود آهي ته پوءِ اوڀر ۽ اولهه پاڪستان کي هڪ ٻئي جي سامهون ويهي افهام و تفهيم جون ڳالهيون ڪرڻ گهرجن. اولهه پاڪستان جيڪو صوبن جي ڀاڱن ۾ ورهايل آهي، سو اوڀر پاڪستان جي آڏو ڄڻ ته ڪجهه به ڪو نه آهي، ڇاڪاڻ ته اها به سچائي آهي ته ٺهندڙ دستور ۾ اوڀر پاڪستان کي هڪ مٿاهين حيثيت حاصل آهي. تنهنڪري، پاڪستان جي دستور ٺهڻ طرف پهرون قدم اهو آهي ته اولهه واري علائقي ۾، اولهه پاڪستان وارا سڀ صوبا پاڻ ۾ ضم ٿي ون يونٽ طور هڪ صوبو بڻجي وڃن.
    (4) منهنجي خيال ۾ اولهه پاڪستان ۾ ون يونٽ بڻجڻ هڪ ممڪن حقيقت به آهي، ڇاڪاڻ ته مون کي يقين آهي ته ان جي موافقت ۾ ڪي حقيقتون اڳيئي موجود آهن، جيڪي هي آهن.
    (الف) جيڪڏهن هن تجويز جي ڀلاين کي گڏائي سامهون رکجي ته هر صوبي جو ماڻهو ون يونٽ جي تجويز جي مخالفت نه ڪندو، ڇاڪاڻ ته حڪومت جي طريقي سان، انتظامي سهوليت، اقتصادي ڀلائي، سياست جي معيار ۾ واڌارو پٺتي پيل علائقن کي ترقي ڏيارڻ واسطي پاڻ ۾ رابطو پيدا ڪري اڳتي وڌڻ جو موقعو ملندو ۽ اولهه ۽ اوڀر پاڪستان ۾ پاڻ هُرتو ميل ميلاپ پيدا ٿيڻ، جيڪو هن ڇڪتاڻ واي وايو منڊل ۾ ماٺار ۽ سچي مرڪ پيدا ڪندو.
    (ب) موجوده دور ۾ صوبن جي وچ ۾ هٿرادو استحصال جي بنيادن ۾ جيڪي صوبائي تضاد ۽ تڪرار ڏسڻ ۾ اچن ٿا، سي هٿ وٺي ڪن سياستدانن پيدا ڪيا آهن. معلوم ائين ٿئي ٿو ته سندن سياسي حيثيت کي ڪو ڊيڄهڙو لڳو آهي. اهو ڊپ ۽ ڊاءُ ڪن سچن عوامي جذبن تي بنياد ڪو نه ٿو رکي. اهي سياستدان موجوده صورتحال مان فائدو وٺي اهميت حاصل ڪري ويا آهن. جيڪڏهن مذڪوره سياستدان ان سياسي حيثيت جي اهل ڪو نه آهي ته کين اڪيلو ڪري چڱيءَ ريت ماٺ به ڪرائي سگهجي ٿي.
    (ت) سخت خطرو هن ڳالهه مان محسوس ٿي رهيو آهي ته جيڪڏهن ڪن سياستدانن کي اسان جي صوبي جي خلاف ڳالهائڻ جو ڊگهو رسو ڏنو ويو ته يقين ڪريو ته اسان جو صوبو سخت خطري ۾ آهي ۽ ون يونٽ جي تجويز کي سوڀاري ڪرڻ لاِ ڪنهن وٽ به امنگ ۽ تڙپ ڪانه آهي. هي منصوبو جيترو توجهه ۽ اهميت لهڻي ٿو، پنجاب جو ماڻهو ان پٽاندڙ پاڻ نه ٿو پتوڙي. ان جو نتيجو اهو نڪرندو ته ننڍن صوبن ۾ جيڪي اسان جا هڏ ڏوکي ويٺا آهن، مايوس ٿي ويندا. هن طرز عمل سان ون يونٽ خلاف ڪم ڪندڙ سياستدانن کي عوام ۾ ون يونٽ خلاف ڏهڪاءُ پکيڙڻ جو سونهري وجهه ملي ويندو، جن کي ون يونٽ جي تجويز جي فائدن واري پاسي کي ٻڌڻ جو موقعو ئي ڪو نه مليو آهي. مثال طور رشيد ۽ کهڙي جا بيان ۽ پيرزادي جو هڪدم ٻاهر نڪري مخالفت ڪرڻ يا تخريبڪار ذهنن جي طرز عمل هن منصوبي کي منجهائي ڊانوان ڊول ڪري ڇڏيو آهي. ان ڀيٽ ۾ ڪي خانگي ماڻهو پيدا ڪيل ان اثر کي زائل ڪرڻ ۽ ون يونٽ ۾ اعتماد بحال ڪرڻ ۾ ايترا جلد سوڀارا ڪو نه ٿيندا. هن وقت پنهنجي خيالن جي اظهار ڪرائڻ کان وڌيڪ امداد ڪرڻ جي وڏي ضرورت ۽ اهميت آهي. اڃا به ويل وئي ڪانه آهي ۽ ان سڄي مخالف سلسلي کي پوئتي ڀرڪائي به سگهجي ٿو.
    (ث) ون يونٽ جي مخالفت لاءِ اهم نقطو پنجاب جو ٻين صوبن مٿان ڇائنجي وڃڻ جو خطرو آهي. ان جي مقابلي ۾ پنهنجي طرفان ڪوششون گهٽائي ڪو نه ٿيون سگهجن. ان خطري کي به ختم ڪرڻ کپي. ان جي فائدي ۾ دستور جو مؤثر مصلحتون به موجود آهن. موجوده صورتحال ۾ انهن لاءِ پنجاب مسئلو بڻيل ڪو نه آهي. انهن رنڊڪن کي انصاف جي صحيح نقطئه نظر کان ختم ڪري سگهجي ٿو.
    نهايت اهم ۽ نهايت ضروري ڳالهه هيءَ آهي ته موجوده نازڪ دور ۾، پاڪستان جي دستور جي مستقبل لاءِ پنجاب جي سياستدانن طرفان ظاهر ظهور ڪو بيان وغيره نه اچڻ گهرجي. اهو طرز عمل پنجاب سان يڪجهتيءَ جي خلاف هوندو. ملڪ فيروز خان نون تي به خاموش رهڻ لاءِ دٻاءُ وڌو وڃي.
    (5) دٻاءَ ۽ ڏهڪاءَ وسيلي ئي سوڀ ماڻي سگهجي ٿي. ون ينٽ جي منصوبي آڏو جيڪڏهن ڪو ڏڦيڙ وغيره آهي ته ڊڪٽيٽرشپ قائم ڪري ان کي نبيري سگهجن ٿا. عوام ۾ به جوش جذبو موجود آهي. جمود ڇانئجڻ کان اڳ معاملي کي ڪجهه اڳتي وڌائڻ گهرجي. اهي ماڻهو جن کي عوام جي پٺڀرائي ڪا نه آهي ۽ اقتدار ۾ شامل ڪيا ويا آهن، تن کي هٿ ٺوڪي عوامي جوش ۽ جذبي واري پٺڀرائيءَ سان اقتدار ۾ رهڻ ڏنو وڃي.
    جيڪڏهن اوهان ون يونٽ جي مقصد جو موتي ماڻڻ چاهيو ته اهو مقصد اک ڇنڀ ۾ حاصل ڪرڻ گهرجي.
    اهو مقصد ڪهڙي طريقي سان حاصل ڪرڻ گهرجي؟
    (6) شروعاتي مرحلي ۾ تشدد واري طريقي استعمال ڪرڻ کان ڪجهه پاسيرو رهڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته فقط تشدد ۽ ڏهڪاءَ وسيلي هيءُ ڪم پايئه تڪميل تي پهچي ڪو نه سگهندو. هن طريقي اختيار ڪرڻ سان، ننڍن صوبن ۾ جيڪي ماڻهو ون يونٽ واري تجويز سان سهمت ڪن ٿا، سي پوئتي ڇرڪي ويندا. پر ان ڏس ۾ فضا به هموار ڪئي وڃي، جو ننڍن صوبن جو عوام پاڻ مرادو ڇڪجي اچي. ان طريقي سان اڳتي هلي هڪ قوم بڻجي سگهجي ٿو. جيڪڏهن ون يونٽ جي تجويز کي رڳو زبردستيءَ وسيلي ڪامياب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ون يونٽ کي قائم ڪندڙ حڪومت جي ڊهڻ سان ون يونٽ به سٽ سهي ڪا نه سگهندي ۽ اچي پٽ پوندي. کناکيڙ هجڻ واري صورتحال کان پوءِ هڪدم چونڊ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويندو. اوڀر پاڪستان جي سياستدانن کي موقعو ملندو ته هو وڏي ڀاءُ جيان ننڍن صوبن جي ويجهو اچن. اولهه جي متحد نه هجڻ واري صورتحال ۾، جڏهن يونٽ حڪومت جو هڪ قسم جو ڪچو بنياد رکجي رهيو آهي، تنهن جو امڪان به ختم ٿي ويندو. ان ڪري اسان کي تحمل ۽ بردباريءَ جي اشد ضرورت به آهي ۽ پنجاب پنهنجي خود غرضانه ۽ بي لغام خواهشن کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ ننڍن صوبن جي نڙيءَ تي پنهنجي سگهه جي ٻل تي لت ڏني ته ان سبب هميشهه لاءِ کيس اڪيلو رهڻو پوندو ۽ وڏي صوبي جي غلبي ۽ ننڍن صوبن جي شڪن شبهن ۽ نفرتن ڪري ڪنهن به ڪم جو ڪو نه رهندو.
    جيڪڏهن ون يونٽ کي طاقت جي ذريعي ڪامياب ڪيو ويو ته ان کي بحال رکڻ لاءِ به ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ کي استعمال ڪيو ويندو. ان ڪري صورتحال کي منهن ڏيڻ واسطي مطلق العنان حڪومت جي قيام جي ضرورت پوندي.انتظامي ادارن کي غير سياسي نموني طاقت جي زور تي هلائڻ هاڃيڪار ثابت ٿيندو. ان ڪري مان هن منصوبي کي مرحليوار هلائڻ لاءِ هيٺين نقطن جي سفارش ڪندس.
    (الف) هن ڏس ۾ مرڪزي حڪومت جي پٺڀرائي ۽ همدردي حاصل ڪرڻ ضروري ٿيندي. ون يونٽ خلاف انڪاري اثرن کي ختم ڪرڻ لاءِ ٽالپر جي جاري ڪيل بيان کي قانوني طور ضبط ڪيو وڃي. اوڀر بنگال جي سڀني سياستدانن جي زبان ڏانهن جوڳو ڌيان ڌرڻ گهرجي، اهي پنهنجي سڀاءُ ۾ ڏاڍا هوشيار ۽ خبردار آهن. انهن هڪ ڀيرو به حقيقتن کي ظاهري ڪري ننڍن صوبن جي حمايت جو اعلان ڪيو ته هيءُ منصوبو تباهه ٿي ويندو.
    (ب) هن منصوبي جي خلاف جيڪا مخالف سگهه آهي، پوءِ اها لڪل آهي يا ظاهر، ان کي هڪدم ختم ڪيو وڃي. خاص طور تي اها سگهه جيڪا رڳو مرڪز تي دارو مدار رکندي هجي. في الحال هن مامري ۾ مرڪز کي هڪ فالج زده انسان جيان هر معاملي ۾ فيصلي ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وڃي.
    (ت) ون يونٽ جي مخالفت جي معاملي ۾ سنڌ کي نمايان حيثيت حاصل آهي. پيرزادو مخالف سياستدانن جو اڳواڻ آهي. سندس ماضيءَ جو ڪردار به مخالفت جي علامت رهيو آهي. ڪراڙو آهي، کيس ڪا خاص سياسي پٺڀرائي به ڪا نه آهي. موجوده صورت حال جي اها تقاضا آهي ته ڪنهن ترڪيب ۽ اٽڪل سان سندس سياسي سگهه جي معلومات حاصل ڪئي وڃي. ان مان اسان کي سندس سياسي پٺڀرائيءَ ۽ ون يونٽ جي مخالف سگهه جو به پتو پئجي ويندو. هن مسئلي جو هڪ ترت نبيرو اهو به آهي. ون يونٽ قائم ڪرڻ لاءِ اسيمبليءَ ۾ ڪٿي به ٺهراءُ پاس ٿيو ته ان کي ختم ڪرڻ لاءِ مهينن جي مدت درڪار آهي. پر اسان کي ون يونٽ جي منصوبي جي ڪاميابيءَ واسطي فقط هنن جي ضروت آهي.
    ان ڪري پيرزادي جي وزارت بنا دير ختم ڪئي وڃي. سندس جاءِ تي اهو ماڻهو آندو وڃي، جنهن کي سنڌ جي سياست ۾ نمايان حيثيت حاصل هجي ۽ ون يونٽ جي تجويز کي سنڌ ۾ قبول ڪرائي سگهي.
    جيڪڏهن پيرزادي کي ڪلاڪن ۾ ڪڍڻ ممڪن نه آهي ته ڏينهن اندر ڪڍيو وڃي.
    (ث) اتر، اولهه واري سرحدي صوبي ۾ افراتفري آندي وئي آهي. رشيد ۽ ٻيا مسلم ليگي اڳتي نڪري آيا آهن ۽ اهي ون يونٽ جي تجويز جي پٺڀرائيءَ لاءِ ضرور اڳتي آيا هوندا. قيوم کي اقتدار مان ڪڍي سندن رستو صاف ڪيو ويو آهي. کين وسيع اختيار ڏنا ويا آهن. ان مقصد لاءِ ته جيئن ون يونٽ مخالف سگهه ۽ بدديانت ماڻهن کي ٻاهر ڪري ون يونٽ لاءِ رستي کي صاف ڪن. پر قيوم جي جاءِ ڀرڻ لاءِ آهستي آهستي سرخ پوش اچي ويا آهن، جيڪي هن کان به وڌيڪ خطرناڪ آهن. کين اڳتي آڻڻ واسطي جيڪي شرط رکيا ويا آهن، سي بلڪل وسيع ۽ واضح آهن. ڌيان ۾ رکڻ جوڳي ڳالهه اها آهي ته خان غفار خان تي ڪڏهن به اعتبار ڪري ئي نه ٿو سگهجي. ان ڪري اسان کي خاص جادؤَ جي سگهه سان پنهنجي ڪنهن دوست کي شيشي ۾ به بند ڪري ڇڏجي ته چڱو ٿيندو. ان ڏس ۾ اهڙي ڪا خاص پيش رفت به ڪا نه ٿي آهي. اسان جا دوست، خانصاحب کي غفار خان کان الڳ هڪ سياسي شخصتيت بنائي رهيا آهن، سي پنهنجي نقطئه نظر ۾ بلڪل غلط آهن. اهي ٻئي ڌريون گڏجي ڪم ڪنديون ته هڪدم الڳ ٿي وينديون ۽ نتيجي ۾ خانصاحب ڌڙا ڪري هيٺ ڪري پوندو.
    غور ڪري هن صورتحال کي نئين سر ترتيب ڏنو وڃي. پهريائين رشيد جي گهڻي ۾ گهڻي پٺڀرائي ڪئي وڃي، ته جيئن سندس شڪ ۽ اوندهه ختم ٿي وڃن. بعد ۾ کيس ايترو سگهارو بنايو، جو سرخ پوشن کي گوش ئي نه ڏئي ۽ انهن جي ڀيٽ ۾ مسلم ليگ وارن کي مضبوط ڪري اڳتي آڻي ۽ اهڙو وايو منڊل پيدا ڪجي، جنهن جو اثر هن صوبي جي تمام ڏورانهين ڳوٺ تائين پهچي وڃي، جتي قربان علي رهندو آهي. منهنجو خيال آهي ته هن معاملي کي خان قربان علي خان چڱيءَ پر نڀائي سگهي ٿو. پر هيءَ ڪم اهڙي هوشياريءَ ۽ خبرداريءَ سان ڪيو وڃي، جو خان غفار خان جي جونءَ کي به سڻس نه پوي. ساڻس ڪا به ڳالهه يا گفت شنيد نه ڪئي وڃي. ڇاڪاڻ ته هو سندن صلاح سان سياسي طاقت گڏ ڪري وٺندو ۽ امڪان اهو ٿيندو ته اسان جي مٿان غالب پوڻ جي ڪوشش ڪندو. ڌيان ۾ اها ڳالهه به رکڻ گهرجي ته سياسي طور تي اسان سندس مقابلو ڪري ڪونه سگهنداسين. نظرياتي طور تي اسان پنهنجي اهميت وڃائي ڇڏي آهي.
    (ج) پنجاب کي ون يونٽ جي معاملي ۾ خاموش رهڻو آهي. پنجاب جي سياستدانن تي ڳالهائڻ جي پابندي هوند. جڏهن ماحول تيار ٿي وڃي ۽ وڏا جلسا منعقد ڪيا وڃن ته پنجاب اڳتي وڌي انهن جي اڳواڻي سنڀالي. مون کي اميد آهي ته ان وقت تائين مرڪزي حڪومت ۽ لاهور ۾ هوشيا ۽ ذهين پنجابي سياستدان حڪومت سنڀالي وٺندا.
    (ح) اولهه پاڪستان ۾ موجود رياستن تي حالتن موجب ضابطو رکڻو آهي. بهاولپور جي رياست جي اسيمبلي جڏهن ون يونٽ جي فائدي ۾ ٺهراءُ بحال ڪري ته ان جي وزارت هڪدم ختم ڪئي وڃي. اميد آهي ته اسان جي سياست، انتظاميه تي غالب پئجي ويندي. هن لاءِ بهترين متبادل مسلم ليگ آهي، جيڪا مخدوم المُلڪ کي اڳتي آڻي سڀ ڪجهه ڪرائي سگهي ٿي.
    جيڪڏهن اهو يقين ڏياريو وڃي ته ون يونٽ جي تجويز قبول ڪرڻ سان کين موجوده اقتدار ۾ ڀاڱي ڀائيوار بڻايو ويندو ته رياستن جي قطار لڳي ويندي.
    (خ) ساڳيءَ ريت جيڪڏهن ڪوشش ڪبي ته بلوچستان مسلم ليگ ون يونٽ جي معاملي تي بلوچستان کي به آماده ڪري وجهندي. ون يونٽ جي معاملي تي اڄ تائين “جرڳي”، “نه” جي ٻولي ڪا نه ٻولي آهي.
    (د) جڏهن اولهه پاڪستان مان، ون يونٽ لاءِ ڄنڊا پٽ ختم ٿي ويندي ته سهرورديءَ سان ڳالهه ٻولهه ڪنداسون ته ون يونٽ جي معاملي ۾ اسان جي کُلي امداد ڪري يا هڪ آزاد ۽ غيرجانبدار رويو اختيار ڪري.
    (ذ) سياسي ڄنڊا پٽ ۽ مخالفت کان پوءِ جڏهن فضا صاف ٿي ويندي ته صوبن ۾ اسان پنهنجي مرضيءَ سان جيڪي وزارتون قائم ڪيون آهي، تن کي ون يونٽ جي فائدي ۾ صحيح ڪم ڪرڻ جو سونهري وجهه ملندو. هن اهم مامري کي اڪلائڻ لاءِ وقت جي حد مقرر ڪرڻي پوندي. منهنجي خيال ۾ هن منصوبي کي ڪيئن ڪري به چئن هفتن ۾ پورو ٿيڻ کپي ۽ ان ۾ مرحلا هن ريت هئڻ گهرجن.
    (i) ڳجهه ڳوهه ۾ ون يونٽ جي مفاد ۾ ڪم ڪندڙ صوبائي سياسي اڳواڻن جي گڏجاڻي ڪوٺائي وڃي، جيڪي مقرر وقت اندر ڪم ڪرڻ ۽ ڏنل پروگرام مطابق ڪم ڪرڻ لاءِ سوچين ويچارين.
    (ii) سنڌ ۽ اتر، اولهه سرحدي صوبي ۾ ون يونٽ جو ڪم اتان جي مشهور معروف ۽ اثر رسوخ ۽ دورانديش خيالن وارن ماڻهن جي حوالي ٿيڻ کپي. اهي ون يونٽ جي منصوبي جي انهيءَ مقصد سان مخالفت ڪري رهيا آهن ته صوبن جون نوڪريون پنجاب وارا کائي ويندا. پر ائين ڪو نه ٿيندو. کين مشورو ڏنو وڃي ته مسلم ليگ پارٽي ۽ اسيمبليون ون يونٽ جي فائدي ۾ اهڙا ٺهراءَ پاس ڪن. اسان کي پورو يقين آهي ته کهڙو ۽ رشيد هن مامري ۾ ضرور ڪامياب ٿيندا. پر شرط اهو آهي ته کين پنهنجي طرفان امداد ڏيڻ ۾ ڪو ليکو نه ڪريو، هاڻي به ۽ ان کان پوءِ به.
    (iii) بلوچستان ، بهاولپور ۽ ٻين رياستن ۾ وقت جي نزاڪت کي ڏسي، سولائي سان ون يونٽ جي فائدي ۾ ڪم ڪرائي وٺبو. اتي به ڪن سياسي ماڻهن جي امداد ڪريو ۽ کين استعمال ڪريو. رڳو ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنرن تي ڀاڙي ويهڻ صحيح ڪو نه ٿيندو.
    (iv) پهرئين مرحلي ۾ صوبن کي ون يونٽ جي منصوبي کي هٿي ڏيڻ واسطي اڳتي وڌڻو پوندو. پنجاب کي ماٺ ڪري ويهڻو آهي. ٻين صوبن کي جيڪي ون يونٽ مان خطرا ۽ انديشا آهن، تن کي دور ڪرڻ لاءِ پنجاب کي ايمانداريءَ سان پنهنجي پوري ڪوشش ڪرڻي پوندي ۽ ٻين صوبن کي اهو يقين ڏيارڻو پوندو ته ون يونٽ جي جوڙجڪ ۾ پنجاب ٻين مٿان سياسي ۽ اقتصادي طور ڇائنجي ڪو نه ويندو. صوبن کي آڇيل اهي رعايتون ۽ سهوليتون ون يونٽ جي منصوبي ڏانهن ڇڪڻ واسطي ڪو نه هونديون. پر اهي حق کين هڪ نظريي تحت ڏنا ويندا، جن کي ٻين جي به پٺڀرائي حاصل هوندي.
    (v) هن مرحلي تي اسان کي سهرورديءَ جي همت افزائيءَ ۽ وڏيءَ مدد جي ضرورت پوندي.
    (7) هن ڳالهه جو متبادل به ڳولڻو پوندو. ون يونٽ مهم جي بدران اسان هڪ ٻيءَ ڳالهه يعني “صوبن کي پاڻ ملائڻ (Merger) واري تجويز بابت به سوچڻ گهرجي. هن تجويز تحت، ننڍڙيون ايڪايون ۽ رياستون وڏن صوبن ۾ ضم ڪيون وڃن. ڪراچي ۽ بلوچستان جو ڪجهه حصو سنڌ سان ملايو وڃي. بلوچستان جو رهيل حصو، ان سان گڏ سرحدي علائقو ۽ بهاولپور، پنجاب سان ملايا وڃن، اهڙيءَ ريت پاڪستان جي گهڻن ايڪاين مان فقط ٽي صوبا بڻجي پوندا. بعد ۾ سنڌ ۽ پنجاب کي ملائڻ جون ڪوششون ڪيون وڃن ۽ اتر اولهه سرحدي صوبي کي بند گهٽيءَ واري حيثيت ڏني وڃي. هيءَ به هڪ امڪاني تجويز آهي، ڇاڪاڻ ته هن کي عملي جامو پارائڻ وڌيڪ سولو آهي. منهنجو خيال آهي ته بلوچستان ۽ بهاولپور اولهه پاڪستان ۾ ضم ٿيڻ پسند ڪندا، پر ڪنهن وڏي صوبي سان ملڻ گواره نه ڪندا.
    اهو به امڪان آهي ته هن منصوبي تحت ڪم ڪريون ۽ ٽن صوبن واري مرحلي وٽ پهچي بيهي وڃون ۽ اڳتي وڌي نه سگهون. هن مان پنجاب کي ڪجهه به حاصل ڪو نه ٿيندو. ٽي يا ٻه ايڪايون هن مسئلي جو حل ڪو نه آهي، منهنجي نظري ۾ هيءُ ڪو فائدي مند نظري نه آهي. جيستائين پاڪستان جي دستور جو معاملو آهي ته اهو ڪهڙي قسم جو هجڻ گهرجي سو به اڻ پورو ۽ مَنڊو ٽنڊو رهجي ويندو. ٻي خطرناڪ ڳالهه اها به ٿيندي ته اسان پاڻ پنهنجن هٿن سان لاشعوري طور “پختونستان” جي ٺاهڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون.
    (8) ون يونٽ جي منصوبي کي مڪمل ڪرڻ واسطي اسان فقط چئن هفتن جو وقت مقرر ڪيو آهي، جنهن کي مٿي فقري نمبر 7 ۾ واضع ڪري آيا آهيون، ڇاڪاڻ ته دستور کي جوڙڻ واسطي ون يونٽ تمام ضروري آهي، دستور جوڙڻ کان پوءِ ئي هنگامي حلاتون ختم ڪيون وينديون. تنهن ڪري ڏسڻ ۾ اهو اچي رهيو آهي ته ون يونٽ جو منصوبو جمهوريت جي بحاليءَ واسطي وڏي اهميت رکي ٿو.
    ون يونٽ جي رٿ بحال ٿيڻ کان پوءِ اولهه پاڪستان جي سياسي اڳواڻن کي اقتدار واري حيثيت ۾ اڃا به وڌيڪ سگهارو ڪيو وڃي، انهيءَ لاءِ ته جيڪو مقصد اسان حاصل ڪيو آهي، تنهن ۾ رابطو ۽ استحڪام هجي. ان کان هڪدم پوءِ اعلى اختياريءَ وارن سان ڳالهايو وڃي، ان لاءِ بهتر اهو ٿيندو ته اوڀر پاڪستان جي حقيقي سياسي اڳواڻ خاص طور تي سهرورديءَ سان گفت شنيد ڪئي وڃي. ڇاڪاڻ ته هيءُ اقتدار ۾ اچڻ لاءِ حريص ۽ هوشيار سياستدان آهن ۽ هو هن ڳالهه تي اڙيل آهي ته مرڪز وٽ فقط چار کاتا هجن. پاڪستان جا ٻه صوبا هوندا ۽ انهن ٻنهي ۾ حقن جي هڪجهڙائي هوندي. ان طريقي سان صوبن کي مڪمل ثقافتي ۽ صوبائي خودمختياري حاصل ٿيندي. سندس ڪراچي پهچڻ ۽ اوڀر پاڪستان ڏانهن اسهڻ کان اڳ ۾ ساڻس ملي، کيس قائل ڪري کائنس مدد وٺي سگهجي ٿي.
    (9) جڏهن ون يونٽ بڻجڻ جو مسئلو حل ٿي وڃي ۽ مستقل روشن ٿي ويو ۽ اهو به طئه ٿي ويو ته پاڪستان جو دستور ڪهڙي قسم جو هجڻ گهرجي ته پوءِ اولهه ۽ اوڀر پاڪستان جي سياستدانن کي هڪ گڏيل پليٽ فارم مهيا ڪجي ته جيئن هو چونڊن جي تيارن لاءِ ڳالهه ڪري سگهن.
    (10) هن مرحلي تي ٻه ڳالهيون ضرور ٿيڻ کپن ۽ اهي جنوري ۾ ٿيڻ گهرجن :
    (الف) مرڪزي ڪابينا کي وسيع ڪيو وڃي، جنهن اولهه ۽ اوڀر پاڪستان جي برک سياستدانن کي شامل ڪيو وڃي. پر اوڀر پاڪستان جي سياسي اڳواڻن کي هن ڪابينا ۾ وڌيڪ شامل ڪري قومي حڪومت بڻائي وڃي.
    (ب) دستور تيار ڪرڻ واسطي آئين ساز اسيمبليءَ کي ترت ڪوٺايو ويندو. پر اهو ميڙ اڻ سڌي نموني سان صوبائي اسيمبلين مان ڪوٺايو ويندو. دستور هڪ مقرر مدت اندر بنايو ويندو. ان جي تياريءَ جو وڌ ۾ وڌ مدو ٽي مهينا هجڻ کپي. دستور ساز اسيمبليءَ جي ڪم جو 4/3 حصو دستور جوڙڻ هوندو ۽ اها اسيمبلي قانون جوڙڻ واري ڪم کي هٿ به ڪا نه لائيندي. جيئن اڳيون دستوري ٺاهه ٿيل آهي، تئين ئي نئين چونڊيل دستور ساز اسيمبليءَ جي ميمبرن جا اختيار هوندا. جيئن ته عبوري ڪابينا وسيع بنيادن تي بنائي ويندي، ان ڪري منهنجو خيال آهي ته ڪنهن به ڊاءُ ڀر ڊڄڻ نه گهرجي. جن ماڻهن کي اختيار ڪو نه هوندو، سي دستور ٺاهڻ ۾ حصو ئي ڪو نه وٺندا. اهي ماڻهو جيڪي ماڻهن جا صحيح نمائندا هوندا ۽ اهي ماڻهو جن سان گفت شنيد ڪئي وئي هوندي ۽ جن کي عوامي پٺڀرائي حاصل هوندي، سي چونڊن کان ڪڏهن به ڪو نه گهٻرائيندا.
    (11) نئين دستور مطابق، چونڊون آڪٽوبر 1958ع ۾ منعقد ڪرايون وڃن. اهڙن ذريعن اختيار ڪرڻ کانسواءِ دستور بڻجڻ جي ڪڏهن به اميد ڪري ئي ڪا نه ٿي سگهجي.
    (12) مان اهو چئي ڪو نه ٿو سگهان ته ملڪ فيروز خان نون جيڪي تازيون تجويزون ڏنيو، تن کي ڪا اهميت ڪا نه آهي. آرڊيننس ذريعي ٺهيل دستور وسيلي ون يونٽ وارو زرين مقصد حاصل ڪو نه ٿي سگهندو. ان دستور ذريعي ڪا به سياسي افهام و تفهيم ڪا نه ٿي سگهندي. حقيقت اها آهي ته موجوده ڪابينا جي هڪ اهم خوبي اها به آهي ته اها پستول هٿ ۾ رکي دستور ٺاهڻ واسطي سياسي ٺهراءُ ڪرائي سگهي ٿي. پر جيڪڏهن ٻين مقصدن حاصل ڪرڻ واسطي پستول کي ڪتب آندو ويو ته پاڪستان جو مقدر ڊانوانڊول ٿي سگهي ٿو.

    حڪومت سنڌ
    وزارت داخلا
    ڪراچي 8 ـ 8 ـ 1972ع
    نمبر 8207

    جيئن ته سنڌ جو گورنر هن خيال جو آهي ته مسٽر جي ايم سيد، ولد سيد محمد شاهه ويٺل سن، ضلعو دادو کي ان طرز عمل کان روڪيو وڃي، جيڪو سنڌ صوبي جي امن امان ۽ پاڪستان جي سلامتيءَ لاءِ هاڃيڪار آهي. تنهنڪري اهو حڪم صادر ڪرڻ ضروري ٿي پيو آهي ته مذڪوره مسٽر جي ايم سيد کي سندس گهر ۾ نظربن ڪيو وڃي.
    ان ڏس ۾ ڊفينس آف پاڪستان رولس جي ضابطي 213 ۽ ان سان گڏ ضابطي 32 (1) (f) ۽ (b) 1971ع، مطابق کيس مليل اختيارن کي استعمال ڪندي، مسٽر جي ايم سيد جي صحت کي نظر ۾ رکي، کيس سندس گهر ۾ ڇهن مهينن لاءِ نظر بند ڪرڻ جو، مهرباني حڪم صادر ڪيو آهي. ان کان علاوه، سنڌ حڪومت جي اڳواٽ اجازت کان سواءِ ڪنهن ماڻهوءَ سان، زباني يا لکت ذريعي رابطي ڪرڻ جي کيس منع ڪئي وڃي ٿي. هي امتناعي قانون سندس گهر جي ڀاتين ۽ گهرو نوڪرن سان لاڳو ڪو نه رهندو. سندس گهر ۾ لڳل ٽيلفون هڪدم ڪاٽي وڃي.
    گورنر جي حڪم سان جاري ڪيو ويو.
    سليم عباس جيلاني
    سيڪريٽري داخلا
    حڪومت سنڌ

    جيتريقدر مون غور ڪيو آهي، مغربي پاڪستان کي “ون يونٽ” اسڪيم هيٺ هڪ صوبي بنائڻ جا هيٺيان مقصد هئا :
    (1) پاڪستان “مسلم قوم” جي بنياد تي قائم ڪرايو ويو هو، نظرياتي طور تي ان کي هڪ سمجهڻ سولو هو، پر عملي طرح ان ۾ شامل هزارن سالن جي تاريخ رکندڙ مختلف ملڪن کي هڪ بنائڻ مشڪل هو، اُن ڪري “ون يونٽ” ذريعي انهن کي متحد بنائڻ جي منظم ڪوشش ڪئي وئي.
    (2) ملڪ جي الهندي حصي جي چئن يونٽن (سنڌ، بلوچستان، پختونستان ۽ پنجاب) جي آباديءَ جو مدار سنڌو درياءَ ۽ ان جي مددگار ندين تي هو. جيئن ته اُهي علائقا زياده تر زراعتي پس منظر رکندڙ هئا، اُن ڪري اُنهن جي گڏيل ترقيءَ ۽ گهڻي پيدائش جي حصول لاءِ گڏيل منصوبي هيٺ ڪم ڪرڻ وڌيڪ فائديمند سمجهيو ويو.
    (3) اڀرندي حصي (بنگال) ۾ ماڻهن جي آبادي زياده هئي، اُتي جي رهاڪن جي زبان ۽ ڪلچر مغربي حصي جي رهاڪن کان مختلف هو ۽ منجهن بنگالي قومپرستيءَ جو جذبو به گهڻو هو. جيتوڻيڪ ترقيءَ جي حوالي کان مهاجر پنجابي مستقل مفاد وارا وڌيڪ هئا، پر تعداد ۾ بنگالي وڌيڪ هئا، اُن ڪري جمهوري اصول موجب کين حڪومت جي واڳ ملڻي هئي، جيڪا مهاجر پنجابي مستقل مفاد جي خلاف هئي. ان ڪري ان حالت کان بچڻ لاءِ هنن ٻه طريقا سوچيا هڪ، ٻنهي حصن کي مرڪزي حڪومت ۾ هڪ جيتري نمائندگي ڏني وڃي. ۽ مغربي حصي جي جملي قومن ۽ صوبن کي هڪ ڏوريءَ ۾ ٻڌي مقابلي لاءِ تيار ڪيو وڃي. ٻيو ته سمورو پاڪستان خاص ڪري پاڪستان جا گهڻا حصا پوئتي پيل هئا ۽ مرڪز ۾ حڪومت جي واڳ بيروڪريسي ۽ لـشڪر ۾ اڪثريت هئڻ سبب مهاجر پنجابي مستقل مفاد جي هٿ ۾ هئي، اُن ڪري انهن وسيلي مرڪزي منصوبي بنديءَ سان فائدو حاصل ڪيو وڃي.
    (4) اولهندي حصي (اولهه پاڪستا) ۾ چار قومون ۽ چار صوبا هئا، جن جون زبانو، ادب، روايتون ۽ ڪلچر جدا هئا، اُن ڪري انهن کي متحد ۽ هڪ ڪرڻ لاءِ اردو زبان ۽ يوـ پي جي مسلمانن جي ڪلچر کي مٿن مڙهيو وڃي.
    (5) مغربي حصي اندر پنجاب ۾ ماڻهن جي آبادي في ميل تي سنڌ، بلوچستان ۽ پختونخوا کان وڌيڪ هئي، جيڪا ڳالهه پنجابين جي خوشحالي ۽ ترقيءَ جي راهه ۾ رڪاوٽ هئي. ان ڪري گڏيل صوبي جي صورت ۾ پنجاب کان آباديءَ جو بوجهه هلڪو ڪرڻ لاءِ فاضل آباديءَ کي ٻين صوبن ۾ وسائي، انهن کي ڪالونائيز ڪري سگهبو.
    سنڌ اهل پنجاب لاءِ موزون صوبو هو، جتي زمين ۽ پيدائش جا وسيلا جام ۽ آدمشماري گهٽ هئي، اُن ڪري ون يونٽ ٺهڻ سان سنڌ جي زمين ۽ ٻين پيداواري وسيلن کي پنجاب جي اڪثريت آباديءَ لاءِ ڪم آڻي سگهيا پئي.
    (6) مغربي حصي ۾ مختلف صوبن جي موجودگيءَ سبب هر هڪ صوبو پنهنجي حد انتظامي يونٽ هئڻ سبب پنهنجا اڪثر مالي وسيلا پنهنجي عوام جي مفاد وٽان استعمال ڪري رهيو هو، جيڪا ڳالهه مهاجر پنجابي مستقل مفاد جي خلاف هئي. هنن لاءِ فائديمند، اها ڳالهه هئي ته ٻين قومن جا وجود ختم ڪري “هڪ قوم” جي سانچي ۾ کين فٽ ڪن ۽ اردو زبان ۽ مرڪزي طاقت جي آڌار تي مرڪزي حڪومت جي هٿ هيٺ، مٿن راڄ ڪن.
    (7) ان کان سواءِ مغربي حصي ۾ ڪيتريون ڏيهي رياستون هيون، جيڪي جدا نظامن هيٺ پنهنجي طور طريقي سان هلي رهيون هيون، تن کي ختم ڪري، مرڪزي حڪومت جي هٿ هيٺ آڻي سگهيا ٿي. رڳو هڪڙي بهاولپور رياست جي 17602 چورس ميل ايراضيءَ کي پنجاب سان ملائي، اتي اهل پنجاب کي ڪالونائيز ڪري پاڻ تان آباديءَ جو بوجهه هٽائي سگهيا ٿي.
    انهن مقصدن لاءِ هنن اسلام ۽ “وحدت پاڪستان” جا سونهري ڌوڪا استعمال ڪيا ٿي.
    ون يونٽ واري اسڪيم کي جن طريقن سان پايه تڪميل تي پهچايو ويو، اُن جو مختصر تفصيل هيءُ آهي :
    1. وزيراعظم پاڪستان ۽ مسلم ليگ پاڪستان پارٽيءَ جي ليڊر سر خواجه ناظم الدين (بنگالي) کي آئين ساز اسيمبليءَ ۾ اڪثريت هئڻ جي باوجود سازشي گروهه جي سرغني غلام محمد خان گورنر جنرل، فوج سول سروس جي مدد سان ڊسمس ڪري، آمريڪا مان پاڪستان جي سفير محمد علي بوگرا (بنگالي) کي گهرائي، کيس وزيراعظم نامزد ڪري آل پاڪستان مسلم ليگ جي صدر ٿاڦيو ويو ۽ مرڪزي اسيمبليءَ جي ميمبرن کان قبول ڪرايو ويو. اهڙي ريت هن نئين حڪومت ۾ جمهوري دستورن جي مٽي پليت ڪئي وئي.
    2. پيزادو عبدالستار سنڌ جو وزيراعلى هو، جنهن جي دور حڪومت ۾ سنڌ جي ڀلي جا ڪيترا منصوبا شروع ڪيا ويا هئا ۽ کيس سنڌ اسيمبليءَ ۾ ميمبرن جي اڪثريت حاصل هئي، ان کي جڏهن معلوم ٿيو ته ون يونٽ بنائي، سنڌ جي وجود کي ختم ڪرڻ جي سازش ٿي رهي ته هن ون يونٽ جي مخالفت ڪئي، جنهن ڪري کيس وزارت اعلى تان ڊسمس ڪري اڳ ۾ پروڊا هيٺ ستن سالن لاءِ سياست مان خارج ڪيل خانبهادر کهڙي تان پروڊا ـ پابنديون هٽائي، سنڌ اسيمبلي جي ميمبر نه هئڻ جي باوجود کيس سنڌ جو وزيراعلى نامزد ڪيو ويو ۽ سندس هٿان وزارت ٺهرائي، پير علي محمد شاهه راشدي، حاجي مولا بخش سومري ۽ قاضي محمد اڪبر کي وزيرن طور کنيو ويو. کهڙي هٿان سنڌ جي خود مطلب ۽ بيغيرت زميندار ڪلاس جي ميمبرن کي ڊيڄاري، ايس.پي.آر ۽ پوليس جي موجودگيءَ ۾ ڏنڊي جي زور تي سنڌ اسيمبليءَ مان ون يونٽ جي فائدي ۾ ٺهراءُ پاس ڪرايو. ٺهراءَ جي مخالفت ڪندڙن کي جيل ۾ موڪليو ويو، جن مان هڪ آئون به هُئس، جنهن کي جون 1955ع تائين جيل ۾ رکيو ويو.
    3. بهاولپور رياست جي وزيراعلى سيد حسن محمود کي ڊسمس ڪيو ويو.
    4. صوبي سرحد جي وزير اعلى سردار عبدالرشيد کي لالچون ۽ ڪوڙا دلاسا ڏئي، فرنٽيئر اسيمبليءَ کان ون يونٽ جي حق ۾ ٺهراءُ پاس ڪرايو ويو. پر جڏهن هن ٿيل واعدن جي خلاف ڪم ٿيندي ڏٺو ته هن احتجاج ڪيو، جنهن ڪري کيس وزارت اعلى تان هٽايو ويو.
    5. ون يونٽ جي مخالفت ڪندڙ سياستدانن خان عبدالغفار خان، خان عبدالصمد، قاضي فيض محمد، حيدر بخش جتوئي ۽ مون کي جيل ۾ موڪلي، اسان جو آواز دٻايو ويو.
    6. آئين ساز اسيمبليءَ 1954ع ۾، ملڪ جو آئين تيار ڪري ڇڏيو هو، صرف گورنر جنرل جي صحيح رهيل هئي، پر غلام محمد خان گورنر جنرل اُن آئين کي ون يونٽ جي راهه ۾ رڪاوٽ سمجهي، مرڳو آئين ساز اسيمبليءَ کي ختم ڪري ڇڏيو. ان تي آئين ساز اسيمبليءَ جي اسپيڪر مولوي تميزالدين خان، ان غير قانوني آرڊر خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ رٽ داخل ڪئي ۽ ڪورٽ گورنر جنرل جي فيصلي کي غير قانوني قرار ڏنو. ان تي گورنر جنرل سپريم ڪورٽ جي هڪ پنجابي جج آڏو اپيل داخل ڪئي، جنهن پنجاب جي مفادن کي اڳيان رکي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ طرفان رد ڪري، فيصلو ڏنو ته جنهن صورت ۾ طاقت گورنر جنرل جي هٿ ۾ هُئي، ان ڪري آئين ساز اسيمبليءَ ۽ وزارت کي ڊسمس ڪرڻ جو کيس اختيار حاصل هو. ان کان پوءِ ساڳئي گورنرجنرل، ڏنڊي جي زور تي، وزيراعظم، چوڌري محمد عليءَ کي بنائي، غير جمهوري طريقن سان ساڳين ناسازگار حالتن ۾ نئين آئين ساز اسيمبلي چونڊائي، ان کان 1956ع جو آئين پاس ڪرايو، جيڪو ون يونٽ تي ٻڌل هو. جنهن جا مکيه جزا هيٺيان هئا :
    (الف) : مغربي پاڪستان جي سڀني صوبن کي “انڊين انڊپينڊنٽ ائڪٽ” 1947ع جي ڀڃڪڙي ڪندي، ختم ڪري مغربي پاڪستان کي “ون يونٽ” هيٺ هڪ صوبو بنايو ويو.
    (ب) دنيا جي مڃيل جمهوري اصولن اولهه پاڪستان لاءِ اوڀر پاڪستان جي آباديءَ جي اقليت ۽ اڪثريت واري حيثيت ختم ڪري، ٻنهي يونٽن (صوبن) کي مرڪزي اسيمبليءَ ۾ هڪ جيتري نمائندگي ڏني وئي.
    (ت) اولهه پاڪستان جي صوبائي اسيمبليءَ ۾ ميمبرن جو هڪ اهڙو گروهه آندو ويو، جيڪو ڊپٽي ڪمشنر جي نامزد ڪيل جرڳن جي ميمبرن طرفان نمائندو ٿي آيو ٿي ( جيڪو گروهه هميشه وقت جي حڪومت جي اشاري تي ووٽ ڏيندو هو).
    (ث) [اُن آئين ۾] ون يونٽ کي ڊاهڻ لاءِ مغربي ۽ مشرقي پاڪستان جي اسيمبليءَ جي ٺهرائن ساز اسيمبليءَ جي ميمبرن جي 3/2 ووٽن جي ضرورت لازمي ٺهرائي وئي.اهڙيءَ ريت اُن کان پوءِ ون يونٽ جي حفاظت ۽ استحڪام لاءِ هڪ طرف ون يونٽ جي مخالفت تي ملٽري ۽ سول سروس ذريعي سختي ڪئي وئي ۽ ٻئي طرف “وحدت مغربي پاڪستان” کي جائز ۽ صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ نشرواشاعت جي سمورن ذريعن ڪتابن، پمفليٽن، اخبارن، ريڊيو وغيره ذريعي عوام جا ذهن مسخ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
    ون يونٽ جو قيام غلط ۽ نقصانڪار ڇو ۽ ڪيئن هو؟ اُن لاءِ مون وٽ هيٺيان دليل آهن :
    1. ون يونٽ جي غير قانوني نفاذ ذريعي سنڌ جي جدا ملڪ ۽ قوم واري حيثيت ۽ وجود کي ختم ڪري، “قومن جي حق خوداراديت جي اصول” جي خلاف ورزي ڪئي وئي.
    2. ون يونٽ جو قيام آل انڊيا مسلم ليگ جي 1940ع واري اجلاس ۾ پاس ڪيل ٺهراءَ جي روح جي خلاف هو، جنهن موجب (پاڪستان جي) جملي قومي رياستن کي آزاد ۽ خودمختيار رياستن بنائڻ جو اصول تسليم ٿيل هو.
    3. ون يونٽ جو قيام، 3 مارچ 1943ع تي سنڌ اسيمبليءَ جي پاس ڪيل ٺهراءَ جي خلاف هو، جنهن موجب سنڌ کي آزاد ۽ خودمختيار رياست بنائڻ جي تجويز ڏنل هئي.
    4. مذڪوره ملڪن ۽ قومن جي ماڻهن کي ون يونٽ جي قيام مان اهو انديشو هو ته پنجاب جا رهاڪو پنهنجي وڌندڙ آباديءَ کي هنن جي ملڪن ۾ زوريءَ منتقل ڪري، اصل آباديءَ جو توازن مٽائي، سندن جداگانه ملڪي ۽ قومي وجود ختم ڪيا ويندا.
    5. ون يونٽ جي قيام مان سنڌي جي ترقيءَ ۽ تعمير کي خاص طرح ۽ بلوچستان ۽ پختونستان جي مفاد کي عام طرح نقصان پهچائڻ جو انديشو هو.
    6. ون يونٽ جي قيام مان سنڌ، پختونخوا ۽ بلوچستان جي عوام ۽ دانشور طبقي کي خطرو محسوس ٿي رهيو هو ته مهاجر پنجابي سامراجي، سندن ايراضين جي زميندارن، واپارين، دولتمند طبقي، ملن ۽ پيرن کي لالچ ۽ دٻاءَ ذريعي بي ايمان ۽ پنهنجو ايجنٽ بنائي، عوام جي دماغن کي مسخ ڪري، کين ختم ڪرڻ جي اسڪيم لاءِ رضامند ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا.
    مغربي پاڪستان صوبي ٺاهڻ کان پوءِ، ون يونٽ ذريعي هڪ منظم پروگرام موجب سنڌ کي جيڪي اڪيچار نقصان پهچايا ويا، تن مان ڪجهه هي آهي :
    (1) سنڌ جي اٽڪل 80 ڪروڙ روپين جي سرڪاري خرچ سان ٺهرايل ڪوٽڙي بئراج رستي تعلقي ٽنڊي محمد خان ۽ ٻين هنڌن تي سڌاريل زمين، غير سنڌي ملٽري ۽ سول آفيسرن کي ڏني وئي، جن ۾ اڪثريت پنجابين ۽ پٺاڻن جي هُئي.
    (2) ڪيترن سينيئر سنڌي آفيسرن جا حق ماري، پنجابين ث مهاجر جونيئر آفيسرن کي اعلى عهدن تي پروموٽ ڪيو ويو. مکيه عهدن جهڙوڪ ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر، ايس پي وغيره تي غير سنڌي عملدارن کي رکيو ويو، جن معرفت سنڌ بابت بلند ٿيندڙ آواز کي دٻايو ويو.
    (3) سنڌ سرڪار طرفان جابلو ۽ ٿر ايارضين کي سڌاري، آباديءَ لائق زمينن بنائڻ لاءِ جيڪي پراجيڪٽ تيار ڪيا ويا هئا (جن جي تياري لاءِ سنڌ حڪومت رقم جو انتظام به ڪيو هو) تن کي رد ڪري سنڌ جا 33 ڪروڙ روپيا بچت، نئين اولهه پاڪستان صوبي (پنجابي اڪثريت) جي حوالي ڪيا ويا.
    ٻئي طرف پنجاب تي هڪ سو ڪروڙ روپين جو قرض هو، سو به نئين (مغربي پاڪستان) صوبي کي ڀرڻو پيو. سنڌ مان فرنيچر، غاليچا ۽ دفتر کڻائي لاهور نيا ويا. جڏهن سنڌ سيڪريٽريٽ جي عملي کي اسپيشل ٽرين ۾ لاهور وٺي وڃي رهيا هئا ته اهڙو نظارو ڏسڻ ۾ پئي آيو، جهڙو بابل جي بادشاهه جي يروشلم فتح ڪرڻ کان پوءِ، يرغمال طور يهودين کي بابل وٺي وڃڻ وارو هو.
    (4) اپر سنڌ ۾ قائم ٿيل نئين گڊو بئراج جي زمين کي سڌاري، غير سنڌي (پنجابي) آفيسرن ۽ ٻين ماڻهن جي حوالي ڪيو ويو.
    (5) سنڌي ادبي بورڊ ۽ شاهه لطيف ڪلچرل بورڊ لاءِ سنڌ سرڪار طرفان منظور ڪيل رقمن کي گهٽائي، بورڊن جي تشڪيل ۾ تبديل آڻي، انهن کي سرڪاري آفيسرن يا ٽو ڊي ماڻهن جي هٿن ۾ ڏئي، رٿيل اعلى ادبي، علمي ۽ ثقافتي ڪمن کي روڪيو ويو.
    (6) سنڌ سرڪار طرفان هر سال، هڪ تعلقي ۾ هاءِ اسڪول ۽ هر ضلعي ۾ ڪاليجن ۽ اسپتالن ٺهرائڻ جون جيڪي اسڪيمون تيار ڪيل هيون، تن کي روڪيو ويو. سنڌ جي زوري پرائمري تعليم واري اسڪيم کي رد ڪيو ويو.
    (7) سنڌ ۽ پنجاب جي وچ ۾ ٿيل 1945ع واري پاڻي جي معاهدي کي رد ڪري، پنجاب جي فائدي لاءِ نوان بئراج ۽ ڊيم تعمير ڪرايا ويا.
    (8) سنڌ جي اهم کاتن ۾ اعلى عملدار غير سنڌي رکي کين وسيع اختيار ڏئي، سنڌ مفاد کي نقصان پهچايو ويو.
    (9) اقتصادي معاملن سان واسطو رکندڙ کاتا جهڙوڪ : واپڊا، پڪڪ، P.I.D.C اي. ڊي. سي وغيره مغربي پاڪستان بنياد تي ادارا ٺاهي، انهن جي چارج غير سنڌي آفيسرن کي ڏئي، سنڌ جي مالي ڦرلٽ ڪئي وئي.
    (10) پي. آءِ . ڊي. سي معرفت اسڪيمن تي خرچ ڪيل 200 ڪروڙن مان سنڌ تي صرف 10 ڪروڙ روپيا ڪيا ويا.
    (11) سنڌ ۾ ٻاهرئين ۽ ٻڌي واپار ۽ ڪارخانن برپا ڪرڻ جي پاليسي اهڙي ٺاهي وئي، جو انهن جي هڪ هٽي (Monoply)غير سنڌين جي حوالي ٿي وئي.
    (12) سنڌ جي اسپتالن، ريلوي اسٽيشن، رستن، ڪاليجن، اسڪولن، مارڪيٽن ۽ ٻين مرڪزن تي غير سنڌي ۽ سنڌ دشمن ماڻهن جا نالا رکي سنڌ جي روايتن ۽ ثقافت کي نقصان پهچايو ويو.
    (13) اردو کي قومي زبان بنائي، سنڌيءَ کي غير مساوي حالت ۾ رکي، ڪراچي ميونسپالٽيءَ ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان سنڌي زبان کي ختم ڪيو ويو.
    (14) سنڌ ۽ سنڌين جي حقن جي حفاظت لاءِ اٿاريل هر ڳالهه کي علائقائي ذهنيت، ملڪ دشمني، ڀارت جي ايجنٽي، انتشار پسندي ۽ اسلام دشمنيءَ جي نالي ۾ دٻايو ويو.
    (15) سموري سرڪاري مشينريءَ کي سنڌي، بلوچ ۽ پختون قومن جي جدا وجودن، ڪلچرن ۽ زبانن کي اسلام، پاڪستان ۽ مسلم قوم جي نالي ۾ ختم ڪري، مهاجر پنجابي سامراجين ۾ مدغم ڪرڻ لاءِ ڪتب آندو ويو.
    (16) سنڌ اندر اسٽيشنن، رستي جي پٿرن (Mile Stones) نوٽن دڪانن جي سائين بورڊن ۽ ووٽر لسٽن ۾ نالا اردو ۾ لکي، هڪ طرف سنڌي زبان کي نقصان رسايو ويو ته ٻئي طرف نالن کي کلڻ هاب بنايو ويو.
    (17) سنڌ ۾ قائم ڪيل ۽ ٿيندڙ ڪارخانن، ادارن، بئنڪن، دڪانن، واپار جي منڊين لاءِ ٻاهران پنجابي، پٺاڻ ۽ مهاجر گهرائي رکيا ويا. اهڙيءَ طرح هڪ طرف سنڌين کي روزگار کان محروم ڪيو ويو ته ٻئي طرف سنڌين جي آباديءَ جو توازن تبديل ڪيو ويو.
    (18) سنڌ جي پيرن، ميرن، زميندارن، واپارين، ڪامورن ۽ سياستدانن کي لالچائي، هيسائي، غلط نظرين جي پرچار ذريعي سنڌ جي قومي ۽ ملڪي وجود کي وسارڻ لاءِ سندن دماغ مسخ ڪيا ويا.
    (19) ون يونٽ دوران مرڪزي سيڪريٽريٽ ۾ غير سنڌين جي گهڻائي رکي وئي ۽ جيڪي ٿورا گهڻا سنڌي اُتي رکيا ويا، تن کي اهڙو تنگ ڪيو ويو، جو ڪيترا نوڪريون ڇڏي آيا ۽ ڪيترا تڪليفن ۽ مشڪلاتن ۾ مبتلا ٿي دانهون ڪندا رهيا.
    (20) سنڌ جو نالو هر جڳهه تان مِٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. حتى ڪ حيدرآباد سنڌ اسٽيشن تان سنڌ جو نالو ڪڍيو ويو. ڪنري سنڌ کي ڪنري پاڪ ڪيو ويو. لفافن، ڪتابن ۽ پمفليٽن ۾ سنڌ لکڻ ڏوهه قرار ڏنو ويو. سنڌ “سابق سنڌ” ٿي وئي.
    سنڌڙي تنهنجو نانءُ وتو، ڄڻ ڪاريهر تي پير پيو. (اياز)
    اهو سڀ ڪجهه ون يونٽ وقت سنڌ جي وزيراعلى خانبهادر کهڙي سان مرڪزي سرڪار جي ڪيل معاهدي جي خلاف ٿي رهيو هو. هونئن به پاڪستاني حڪمرانن، 1946ع کان وٺي ننڍي کنڊ جي مسلم اڪثريت وارن علائقن سان ڪيل معاهدن جي سدائين خلاف ورزي پئي ڪئي. هاڻي هتي آئون اهو معاهدو پيش ڪري رهيو آهيان، جيڪو سنڌ وزارت سان مرڪزي سرڪار، “ون يونٽ ٺاهڻ وقت” ڪيو هو :
    عهد نامو

    سنڌ جو صوبو، مغربي پاڪستان ۾ ون يونٽ جو ٺهڻ، هيٺين شرط تي قبول ڪندو :
    (1) سنڌ کي وعدي ڪيل حق، قانوني طور ڏيڻ جو آئين ۾ انتظام ڪيو وڃي ۽ اُهي عدالتي طريقي (Justiciable) سان حاصل ڪري سگهجن.
    (2) سنڌ مان جيڪا به سرڪاري آمدني ٿئي اُها سنڌ تي خرچ ڪئي وڃي.
    (3) سنڌ جون سموريون صوبائي نوڪريون سنڌين جي هٿن ۾ ۽ سندن سنڀال هيٺ هجن.
    (4) سنڌ جون زمينون پهريان بي زمين سنڌين ۾ ورهايون وڃن، پوءِ ڪجهه حصو سنڌ ۾ رهندڙ بي زمين مهاجرن ۽ ٻين غير سنڌين ۾ ورهائجن ته اعتراض ڪونهي.
    (5) مٿينءَ طرح زمين جي ورهاست کان پوءِ جيڪا زمين بچي، سا ڀلي ڪنهن مقرر ڪيل ايراضيءَ گهٽ ايراضيءَ رکندڙ ماڻهن کي نيلام ڪئي وڃي.
    (6) جملي مرڪزي ۽ وڏين نوڪرين ۾ سنڌ کي مقرر تعداد نوڪرين جو ڏنو وڃي.
    (7) ون يونٽ بعد مرڪز ۾ صرف ٽي کاتا رهن : بچاءُ، امور خارجيه ۽ سِڪو.
    (8) سنڌونديءَ جي پاڻيءَ جي حصي ۾ [1945ع جي معاهدي موجب] دست اندازي نه ڪئي وڃي.
    (9) سنڌي زبان ۽ ادب تي ٿيندڙ موجوده خرچ ۾ گهٽتائي نه ڪئي ويندي.
    (10) سنڌ کي لشڪر [۽ بچاءَ کاتي] ۾ سندس حصو ڏنو ويندو
    (11) سنڌ سان واسطو رکندڙ ڳالهين بابت اهڙيو ڪو به قانون پاس نه ڪيو وڃي، جنهن جي فائدي ۾ سنڌي ميمبرن جي اڪثريت ووٽ نه ڏنو هجي.
    [“اُهي ڏينهن اُهي شينهن” : ـ پير علي محمد راشدي ص 11 ـ 409]

    هن عهد نامي موجب 14 آڪٽوبر 1954ع تي ون يونٽ جو قيام عمل ۾ آيو هو، ۽ سنڌ اسيمبليءَ کان 11 ڊسمبر 1954ع تي “ون يونٽ” جي حق ۾ ٺهراءُ پاس ڪرايو ويو هو. جيئن ته هيءُ واقعو تاريخ جو رڪارڊ آهي، ان ڪري بهتر سمجهان ٿو ته سنڌ اسيمبليءَ جي رڪارڊ مان “ون يونٽ” جي حمايت ڪندڙن ۽ مخالفت ڪندڙن جا نالا هتي پيش ڪريان. سنڌ اسيمبلي جي 110 ميمبرن مان 98 ميمبرن فائدي ۾ ووٽ ڏنو ۽ فقط چئن مخالفت ۾ [ڪجهه ميمبر موڪل تي هئا، ڪجهه ميمبريءَ جون جايون خالي هيون ۽ آئون جيل ۾ هئس.]
    مخالفت ۾ ووٽ ڪندڙ ميمبر :
    (1) عبدالحميد خان جتوئي (2) غلام مصطفى خان ڀرڳڙي، (3) پير الاهي بخش ۽ (4) شيخ خورشيد احمد.
    حمايت ۾ ووٽ ڪندڙ ميمبر :
    عبدالله خان مهيسر، عبدالفتاح ميمڻ، عبدالمجيد خان جتوئي، قاضي عبدالمنان ،ڄام بشير احمد ڏهر، مير احمد خان ٽالپر، احمد خان راڄپر، احمد خان ڀٽو، مير احمد خان پٺاڻ، ٺڪر آئيدان سنگهه، بيگم عائشه عزيز، علي اصغر شاه شيرازي، مير علي احمد ٽالپر، علي بلاول خان ڊومڪي، سردار علي گوهر خان مهر، علي گوهر کهڙو، علي حسن منگي، علي محمد راشدي، علي نواز خان ڌاريجو، مير علي نواز خان ٽالپر، پير عالي شاه جيلاني، ڄام اميرالهه بچايو خان، علڻ خان لغاري، امير بخش مهر، ڄام امير علي خان، آغا بدر الدن دراني، مير بنده علي خان ٽالپر، ڌرمداس موٽو مل، دوست محمد هڪڙو، فيض محمد صندل، فقير محمد انڙ، حاجي فضل محمد خان لغاري، حاجي غلام علي ميمڻ، حاجي خان محمد مري، سيد غلام حيدر شاه ولد حاجي پير شاه، سيد غلام حيدر شاهه ولد نواب شاهه، غلام قادر ناريجو، غلام نبي ڏهراج، غلام رسول خان جتوئي، غلام رسول شاهه جيلاني، غلام رسول ڪيهر، سيد گل محمد شاهه، حاجي گل محمد کيڙو، گل جي مينگهواڙ، حامد حسين فاروقي، مير امام بخش ٽالپر، مير جعفر خان جمالي، جان محمد ڀائي خان، قادر بخش تنيو، سيد ڪرارو شاهه، سيد خير شاهه، خان محمد بوزدار، محبوب شاهه پير رسول بخش شاهه، مامون خان ملڪاڻي، سيد مهر علي شاهه، موسى خان ٻگهيو، حاجي مولا بخش، سيد مبارڪ علي شاهه، قاضي محمد اڪبر، سردار محمد قمر علي شاهه، محمد اشفاق، مير محمد بخش ٽالپر، محمد بخش خان سرڪي، حاجي پير محمد حسن بخش، سيد بخش خان سرڪي، حاجي محمد حيات جوڻيجو، سردار جعفر خان بليدي، پير مهدي شاهه جهنڊي وارو، محمد يوسف چانڊيو، مخدوم طالب المولى، سيد محمد زمان شاهه بقادار شاهه، حاجي نجم الدين لغاري، نصير محمد مدواڻي، سردار نور محمد بجاراڻي، نورمحمد راهمون، سيد نور محمد شاهه، رحيم بخش سومرو، رسول بخش جوڻيجو، روپچند چيلا رام، روپچند لوهاڻو، حاجي صادق علي ميمڻ ، ڊاڪٽر سعيد الدين صالح ، سيف الله خان مگسي، پير صالح شاهه، سنڀو مل لوهاڻو، سوائي سنگهه سوڍو، شاهنواز پيرزادو، شاهه نظر حسين شاهه، شاهل خان کوسو، ملڪ سڪندر خان هملاڻي، سيرو مل ڪرپال داس، سلطان احمد چانڊيو، سردار مير سندر خان سندراڻي، بيگم طاهره آغا، مسٽر ٽيئون مل، توڳاچي مير محمد نوهڙي، عثمان خان ملڪاڻي، نواب زاهد علي خان،


    16

    انهيءَ (ون يونٽ واري) عهدنامي جي ڀڃڪڙين جو تفصيلوار وچور آئون اڳ ۾ بيان ڪري آيو آهيان، پر هتي اُن جي هڪ فقري (نمبر 4)، جنهن جو واسطو زمين جي ورهاست ۽ استعمال سان آهي، اُن جي ڪهڙيءَ ريت مٽي پليت ڪئي وئي، اُن تي آئون پنهنجي طرفان ڪجهه چوڻ جي بدران هڪ پنجابي دانشور پروفيسر عزيز الدين جي ڪتاب “کیا ھم اکٹھے رہ سکتے ہیں” مان هڪ اقتباس پيش ڪريان ٿو:

    بيراج جون زمينون ۽ غير سنڌي آبادگار

    “سکر بيراج جي ٺهڻ کان پوءِ سنڌ ۾ ٺهيل ٻه بيراج يعني ڪوٽڙي بيراج (غلام محمد بيراج) ۽ گڊو بئراج، هي به بئراج پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ ٺهيا. انهن جي تعمير جي نتيجي ۾ سنڌ تي زمين جي بک ۾ مبتلا غير سنڌين هڪ دفعو وري يلغار شروع ڪري ڏني. هن دفعي اُن يلغار ۾ سول ۽ فوجي آفيسرن جو تعداد اڳ کان وڌيڪ هو. اهي فوجي ۽ سول آفيسر پنجابي مهاجر يا پختون هئا. شايد ئي ڪوئي جنرل هو، جنهن سنڌ جي مختلف بيراجن تي پنهنجي لاءِ زمين الاٽ نه ڪرائي هجي. انهن ۾ ايوب خان ۽ موسى خان کان وٺي اصغر خان ۽ ٽڪا خان تائين سياسي ۽ غير سياسي (جنرل) آبادگار شامل هئا. ان باري ۾ اسان وٽ جيڪي انگ اکر آهن، سي بلڪل نامڪمل آهن ۽ ڪيترا سال پراڻا آهن. حقيقت جي صحيح تصوير مستقبل جو ڪو اهڙو مصنف ئي پيش ڪري سگهندو، جنهن جي رسائي سموري سرڪاري رڪارڊ تائين هوندي.
    . . . . سکر بئراج مان تقريباً 29 لک ايڪڙ زمين آباد ٿي. هيءَ بئراج ان لحاظ کان سنڌ جو سڀ کان وڏو بئراج آهي. سکر بئراج جي زمين جي ورهاست پاڪستان ٺهڻ کان اڳ شروع ٿي چڪي هئي ۽ 1954ع جي آخر (14 آڪٽوبر 1954ع) ۾ جڏهن ون يونٽ قائم ٿيو، تڏهن صرف 6 لک ايڪڙ زمين باقي بچيل هئي. جڏهن ته ون يونٽ کان اڳ ورهايل 22 لک ايڪڙ زمين جااسان وٽ انگ اکر موجود ڪو نه آهن ته اُها ڪنهن کي ڏني وئي [ نوٽ : اها زمين اڪثر پنجابين کي ڏني وئي ـ جي ايم سيد] ون يونٽ جي ٺهڻ کان پوءِ جي ٽن سالن ۾ الاٽ ٿيندڙ زمين جو گهڻو حصو غير سنڌين کي ڏنو ويو. 1955ع کان 1958ع تائين غير سنڌين 620،52،1 ايڪڙ زمين حاصل ڪئي، جڏهن ته سنڌين کي 5886،22،1 ايڪڙ زمين ملي. جيئن ته اسان اڳتي هلي ڏسنداسين ته زمين حاصل ڪندڙن ۾ سول ۽ فوجي آفيسر سڀ کان اڳرا هئا ـ اصلي ڦرلٽ 1958ع جي مارشل لا لڳڻ کان پوءِ شروع ٿي. آڪٽوبر 1958ع کان 1962ع جي عرصي دوران هر سؤ ماڻهن مان زمين حاصل ڪندڙ 85 ماڻهو، غير سنڌي هئا. يعني سنڌين کي رڳو 89،7،54 ايڪڙ زمين الاٽ ٿي، جڏهن ته غير سنڌين کي 679،12،2 ايڪڙ زمين ملي . . . . . آمريت جي دور ۾ آفيسر شاهيءَ کي تمام سٺو موقعو مليو ۽ اُنهن ٻنهي هٿن سان ملڪ ۾ ڦرمار ڪئي. 1962ع تائين سکر بئراج جي گهڻو تڻو زمين ڏجي چڪي هئي، ڪل 6 لک ايراضي، جيڪا رهيل هُئي، ان مان 000،67،4 ايڪڙ زمين غير سنڌين کي ۽ اُن جي اڌ کان به گهٽ زمين سنڌين کي ملي.”
    . . . . . . . پاڪستان ٺهڻ کان ڇهه سال اڳ 1941ع موجوده پير صاحب پاڳاري جي والد پير صبغت الله شاه جي قيادت ۾ سنڌ ۾ حرن انگريزن خلاف جهاد ڪيو هو. انهن هر هنڌ سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچايو، خاص طرح ريلوي لائينون سندن ڪاررواين جو نشانو بنيون. انگريز دشمن سرگرمين سبب حرن کي برطانوي حڪومت جي ڏاڍ ۽ ڏمر جو نشانو بڻجڻون پيو. پير صاحب کي بغاوت جي ڏوهه ۾ ڦاسي ڏني وئي ۽ مکي ڍنڍ واري زمين، جتي هُو آبادي ڪرائيندو هو، اُها سرڪار ضبط ڪري ورتي هئي. 1947ع ۾ ملڪ آزاد ٿيڻ کان پوءِ ٿيڻ ته ائين گهربو هو ته پير صاحب جي زمين حر مجاهدن کي واپس ڪئي وڃي ها ۽ وڌيڪ زمين پڻ کين انعام طور ڏني وڃي ها. مگر اُنهن جي زمين سابق فوجين جي بحاليءَ لاءِ مخصوص ڪئي وئي آهي. هي اُهي فوجي هئا، جيڪي ٻي مهاڀاري لڙائيءَ ۾ برطانوي سامراج جي مفاد لاءِ وڙهيا هئا. مکي ڍنڍ واري اٽڪل ڏيڍ لک ايڪڙ زمين قريباً اُنهن سامراج دوست فوجين کي مفت ۾ ڏني وئي. زمين جن شرطن سان ڏني وئي، اُن مان ائين معلوم ٿي رهيو هو، ڄڻ اُهي ڪنهن وڏيءَ خدمت جي صلي ۾ کين انعام طور ڏنيو پئي ويون. ملاحظه ڪريو اُهي شرط، جن هيٺ کين اُهي زمينون الاٽ ڪيون ويون هيون.
    (1) زمين پنجاهه ريپا في ايڪڙ مالڪاڻن حقن سان ڏني وڃي ٿي. قيمت جو 4/1 حصو اڳواٽ وصول ڪيو ويو ۽ باقي 4/3 حصي جي وصولي پندرهن هڪجيترين قسطن ۾ رکي وئي، جيڪي هر فصل تي وصول ڪيون وينديون (يعني 15 سالن جي مدي ۾)
    (2) زمين حاصل ڪندڙ فوجيءَ کي هڪ فصل مفت کڻڻ جي رعايت ڏني وئي.
    (3) زمين جي درستيءَ ۾ سڌاري جو ڪم وزارت دفاع جي ذمي هوندو.
    (4) اُن علائقي ۾ رستن جي اڏاوت، واهن جي کوٽائي توڙي مزدوريءَ جو خرچ صوبائي حڪومت (سنڌ) کي ڀرڻو هو.
    (5) زمين کي سيراب ڪندڙ اڏون يا ڪسون خريدار پنهنجي خرچ تي ٺهرائيندو.
    (6) وڏن ڳوٺن ۾ هڪ جڳهه رهائش وغيره لاءِ [چڪڻ جوڙڻ ـ جي سيد) صوبائي حڪومت ٺهرائي ڏيندي ته جيئن الاٽين کي رهڻ ڪرڻ ۽ سامان وغيره جي سهولت ٿئي.
    مٿين شرطن موجب نه رڳو انگريزن خلاف وڙهندڙ (حرن) جو زمينون کانئن کسي، غير سنڌي فوجين حوالي ڪيون ويون، پر اٽلندو فوجين جي آباديءَ جو سمورو خرچ به مرڪزي ۽ صوبائي حڪومت جي سر تي وڌو ويو. ان دوران حُر جماعت مطالبو ڪيو ته مکي ڍنڍ جي زمين اصلي مالڪن کي موٽائي ڏني وڃي. آخر ڪار 1957ع ۾ سنڌ حڪومت فيصلو ڪيو ته حرن کي به آباد ڪيو وڃي ۽ بجاءِ ان جي جو کين سندن “A” ڪلاس زمين واپس ڪئي وڃي، کين ٻئي هنڌ “C” (سي ڪلاس) زمين الاٽ ڪئي وئي، جيڪا بنهه خراب حالت ۾ هئي. اولهه پاڪستان اسيمبليءَ ۾ 18 جنوري 1957ع تي غلام مصطفى ڀرڳڙيءَ، خزاني جي وزير کان پڇيو : “ڇا، حڪومت انهيءَ“C” ٽائيپ زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ تيار آهي؟” ته نواب افتخار حسين خان ممدوٽ جواب ڏنو ته “حڪومت جو اهو ڪم ڪونهي ته غير آباد زمينون آباد ڪندي وتي.” اُن تي سوال ڪيو ويو ته “ڇافوجين کي ڏنل زمين غير ملڪي امداد سان آباد نه ڪئي وئي آهي؟” ته حڪومت طرفان جواب ڏنو ويو ته “غير ملڪي امداد فوجين کي ملي هئي ۽ زمين آباد ڪرڻ لاءِ جيڪا مشينري آئي هئي، اُها به فوجين کي ڏني وئي هئي، اُن جي سول انتظاميا سان ڪو به واسطو نه آهي.”
    انهيءَ طريقي سان سنڌ جي زمين جو زرخيز حصو صوبائي حڪومت جي خرچ تي يعني سنڌي عوام جي ٽيڪسن مان آباد ڪيو ويو ۽ اُن ۾ ڪجهه مرڪز طرفان غير ملڪي امداد به شامل هئي، جيڪا وياج سميت سجھي ملڪ کي واپس به ڪرڻي هئي. سنڌ جي تمام سٺي زمين آباديءَ لائق بنائي فوجين جي حوالي ڪئي وئي ۽ اصل وارثن کي غير آباد زمين مٿي ۾ هنئي وئي.
    فوج ۾ سدائين پنجاب جي واضع اڪثريت رهي آهي. مکي ڍنڍ جي علائقي واري زمين يا سنڌ جي ٻين بيراجن واري زمين انهن ئي پنجابي فوجين حاصل ڪئي. مقامي آباديءَ کان زمين کسي وئي ۽ پنجاب کان اهڙا بااثر ماڻهو آڻي آباد ڪيا ويا، جن جو واسطو آفيسر شاهيءَ سان هو. اهي طاقت جي نشي ۾ مست هئا. پنجاب سان واسطو رکندڙ اُهي ماڻهو، پنجاب ۾ پنهنجن ماڻهن سان جيڪو رويو روا رکيو اچن ٿا، اُن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اُهي سنڌي عوام سان ڪهڙو سلوڪ ڪندا هوندا. اُنهن ماڻهن نه رڳو ناجائز طريقن سان زمينون حاصل ڪيون، پر اُنهن کي سرڪاري خرچ تي آباد ڪيو. اُنهن ماڻهن ي چَڪ (ڳوٺ) بجلي سان روشن ٿيا ۽ پڪن رستن جو ڄار سندن زمين ۽ ڳوٺن تائين وڇايو ويو. سندن زمينون سڄو سال نهري پاڻيءَ سان سيراب ٿينديون رهيون، سندن علائقن جي ويجهو کنڊ جا ڪارخانه قائم ڪيا ويا، ته جيئن اُهي آرام سان پنهنجو ڪمند پُڄائي سگهن. کين قرض جون سهولتون ڏنيون ويون، جنهن مان هو ٽريڪٽر وغيره خريد ڪري ۽ ڀاڻ ۽ ٻج وقت سر وٺي پئي سگهيا. سندن چڪن ٻاهران سنڌي آباد هئا، پر سندن گهرن ۾تيل جا ڏيئا [گاسليٽ جون بتيون] پئي ٻريا. زمين آباد ڪرڻ لاءِ سرڪاري مدد حاصل نه هئن. رستا ڪچا هئا ۽ نهرن جو پاڻي ڇماهي هو، ڇاڪاڻ ته سندن ڪو هم قوم ماڻهو آفيسر شاهيءَ ۾ موجود نه هو. ان ڪري کين نه قرض جي سهولت حاصل هئي ۽ نه ئي اُهي وقت تي ڀاڻ ۽ ٻج حاصل ڪري سگهيا ٿي. اُنهن سمورين تخليقي صلاحيتن جي باوجود، جيڪي سنڌين ۾ موجود هيون، خارجي حالتون ناسازگار هئڻ سبب اهي سنڌي گهڻي عرصي تائين ترقي ڪري نه سگهيا ۽ پوئتي پيل زندگي گذارڻ تي کين مجبور ڪيو ويو. سنڌين کي هر قدم تي پنجاب مان آيل اهڙن ماڻهن سان معاشي ڊوڙ ۾ مقابلو ڪرڻو پيو ٿي، جتي سندن (سنڌين جون) ڄنگهون اڳي ئي ٻڌل هيون. پوليس آفيسر پنجابي هو، اسسٽنٽ ڪمشنر پنجابي ۽ ڊپٽي ڪمشنر پنجابي، مرڪزي حڪومت سان واسطو رکندڙ مختلف کاتن جا عملدار به پنجابي ۽ پنجابين کان سواءِ جيڪڏهن ٻيا ڪي عملدار هئا به ته اُهي مهاجر هئا. ون يونٽ جي قيام کان پوءِ هر شيءِ جو مرڪز پنجاب ٿي ويو. انتظامي معاملا، نوڪريون، انصاف، مطلب ته هر ڳالهه لاءِ سنڌ لاهور ۾ لڙڪيل هئي.
    انهن حالتن ڪري سنڌ ۾ پنجاب خلاف نفرت ۽ شديد ردعمل ٿيڻ فطري ڳالهه هئي. حيرت ته انهيءَ ڳالهه تي آهي ته انهيءَ ردعمل پيدا ٿيڻ ۾ ايتري دير ڪيئن لڳي!
    ڪوٽڙي بئراج : هيءُ سنڌ جو ٻيو نمبر بئراج آهي. 1956ع ۾ مڪمل ٿيڻ کان پوءِ هن بيراج مان نڪرندڙ واهن رستي حيدرآباد، ٺٽي ۽ بدين ضلعن جي ساڍا 6 لک ايڪڙ زمين آباد ٿي. جون 1958ع ۾ زمين جي استعمال لاءِ هڪ ڪميٽي “لينڊ يوٽيلائيزيشن ڪميٽي” نالي جوڙي وئي، جنهن ۾ مرڪزي حڪومت جي نمائندن کان سواءِ فوج مان به نمائندا کنيا ويا. ان ڪميٽيءَ ۾ مقامي آباديءَ کي ڪا به نمائندگي نه ڏني وئي. رسمي طرح زمين جو وڪرو 1958ع ۾ شروع ڪيو ويو، پر حقيقت ۾ اُن جي الاٽمينٽ ٻه سال اڳ جنرلن کي شروع ڪئي وئي هئي. ون يونٽ جي قيام کان هڪ سال پوءِ تائين اسيمبليءَ ۾ هارين کي زمين ڏيڻ جي باري ۾ سوال پڇبا رهيا، ڇاڪاڻ ته گذريل حڪومت هارين لاءِ ٽي لک ايڪڙ زمين مخصوص ڪئي هئي، ليڪن ڪافي وڏي عرصي تائين هارين کي زمين ڏيڻ جي پاليسي ٺاهي نه وئي هئي. ان مسئلي بابت ڪيترا ڀيرا سوال ڪيا ويا. مثال طور جنوري 1957ع ۾ مغربي پاڪستان اسيمبليءَ ۾ جيڪي سوال جواب ٿيا، اُهي هيٺينءَ ريت هُئا :
    بيگم طاهره اعجاز حسين آغا (ميمبر اسيمبلي) : ڇا وزير آبپاشي ۽ ڊيولپمينٽ صاحب مهرباني ڪري جواب ڏيندو ته :
    (1) غلام محمد (ڪوٽڙي) بئراج آبپاشي اسڪيم ڪڏهن پوريءَ ريت ڪم ڪرڻ شروع ڪندي؟
    (2) انهيءَ بيراج رستي ڪيترا ايڪڙ زمين آباد ٿيندي؟
    (3) حڪومت ان بئراج ما سيراب ٿيندڙ زمين ڪهڙي طريقي سان هارين کي ڏيندي؟
    (4) حڪومت اها زمين صرف بي زمين هارين کي ڏيڻ جو ارادو رکي ٿي؟
    انهن سوالن جي جواب ۾ واسطيدار وزير قاضي فضل الله جيڪي تفصيل ٻڌايا، انهن مان هڪ جو تعلق الاٽمينٽ سان هو. ٻڌايو ويو ته هڪ لک ايڪڙ زمين فوج وارن لاءِ مخصوص ڪئي وئي هئي، اُن مان 25 هزار ايڪڙن کان مٿي زمين الاٽ ڪئي وئي آهي. وزير صاحب جن الاٽين جا نالا ڏنا، اُهي هن ريت هُئا :
    (1) جنرل محمد ايوب خان 247 ايڪڙ
    (2) ميجر جنرل موسى 250 ايڪڙ
    (3) ميجر جنرل محمد ابرار خان 246 ايڪڙ
    (4) برگيڊيئر سيد غواث 246 ايڪڙ
    (5) ڪرنل مظفر خان 246 ايڪڙ
    (6) ڪرنل حيدر 246 ايڪڙ
    وزير موصوف وڌيڪ ٻڌايو ته فوجين کان اڍائي سؤ روپيا في ايڪڙ جي حساب سان قيمت وصول ڪئي وئي آهي ۽ جڏهن ته پوئين حڪومت هارين لاءِ ٽي لک ايڪڙ زرعي زمين مخصوص ڪري چڪي هئي، ليڪن مغربي پاڪستان حڪومت اڃا تائين اُن بابت ڪا به پاليسي جوڙي نه سگهي آهي ۽ اهڙي پاليسي ٺاهي جلد ئي ڪابينا جي آڏو پيش ڪئي ويندي.
    فوجين کي جيڪا زمين ڏني وئي، اُن جي باري ۾ وڌيڪ جيڪي سوال جواب اسيمبليءَ ۾ ٿيا، اُهي به دلچسپيءَ کان خالي ڪونه هئا.
    جي ايم سيد وزير موصوف کان سوال ڪيو ته:
    “ڇا وزير صاحب جي نوٽيس ۾ اها ڳالهه آندي وئي آهي ته انهن فوجي آفيسرن، جن کي زمين الاٽ ڪئي وئي آهي، مقامي ماڻهن کي پريشان ڪرڻ شروع ڪيو آهي ته جيئن اُهي پنهنجو علائقو خالي ڪري وڃن؟”
    قاضي فضل الله: “اها ڳالهه منهنجي ڄاڻ ۾ نه آئي آهي. جيڪڏهن منهنجو دوست ڪنهن خاص واقعي جو حوالو ڏئي ته يقيناً ان جي جاچ ڪندس.!”
    جي ايم سيد: “ڇا اها حقيقت ڪا نه آهي ته اُنهن ماڻهن جو هڪ وفد پهچي چڪو آهي ۽ معزز وزير سان ملاقات به ڪري چڪو آهي؟”
    قاضي فضل الله: “جيڪڏهن منهنجي دوست جو اشارو اُنهي وفد ڏانهن آهي، جيڪو غلام حيدر ڀرڳڙيءَ جي قيادت ۾ آيو آهي ته منهنجو جواب “هائو” آهي ۽ پنهنجي درخواست پيش ڪري چڪو آهي. ليڪن مان اُنهيءَ واقعي جي جاچ ڪري ڪو نه سگهيو آهيان”.
    جي ايم سيد : “ڇا مان وزير موصوف کان پڇي سگهانٿو ته فوجين کان سواءِ ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ کي هڪ ايڪڙ به زمين نه ڏني وئي آهي؟”
    قاضي فضل الله : “نه جناب”
    جي ايم سيد : “ صرف فوجي آفيسرن کي زمينون ڏيڻ ۽ مقامي ماڻهن کي زمين نه ڏيڻ جا ڪهڙا سبب آهن.”
    قاضي فضل الله : “ منهنجو خيال آهي ته ايوان جي ٻئي پاسي ويٺل کهڙو صاحب ئي اُن جو بهتر جواب ڏئي سگهي ٿو.”
    م. ا . کهڙو “ڇا اها حقيقت نه آهي ته سنڌ حڪومت صرف زمين مخصوص ڪئي هئي، مگر اُن جي الاٽمينٽ مغربي پاڪستان جي وحدت (One Unit) قائم ٿيڻ کان پوءِ ڪئي وئي آهي ”
    قاضي فضل الله : “ نه جناب ائين نه آهي!”
    جي ايم سيد : “ ڇا مان وزير موصوف کان اِهو پُڇي سگهان ٿو ته مقامي هارين کي اڃا تائين زمين الاٽ نه ڪرڻ جا ڪهڙا سبب آهن؟”
    اسپيڪر : “هن (وزير) جواب ڏئي ڇڏيو آهي. اسيڪيم حڪومت وٽ ويچار هيٺ آهي.”
    جي ايم سيد : “ اُن تي فيصلي ڪرڻ ۾ گهڻو وقت لڳندو”
    اسپيڪر : “ هن ٻڌايو آهي ته معاملو جلد ئي وزارت اڳيان اچڻ وارو آهي.”
    م. ا. کهڙو : “ڇا اها حقيقت نه آهي ته ٽي لک ايڪڙ زمين مقامي هارين لاءِ مخصوص ڪئي وئي هئي، پوءِ اُن کي اڃا تائين ڇو ورهايو نه ويو آهي.”
    قاضي فضل الله : “ جناب! مان ٻڌائي چُڪو آهيان ته ڪابينه جي اڳين ميٽنگ ۾ اُن بابت آخري فيصلو ڪنداسين”.
    خان قيوم خان : “ ڇا توهان ٻڌائيندؤ ته هارين لاءِ زمين مخصوص ڪرڻ جو فيصلو ڪڏهن ڪيو ويو هو؟”
    قاضي فضل الله : “ اهو فيصلو اڳوڻي سنڌ حڪومت کهڙي صاحب جي هٿان ختم ٿيڻ کان ڪجهه عرصو اڳ ڪيو هو.”
    خان عبدالقيوم خان : “ مان معزز وزيرن کان پُڇڻ چاهيان ٿو ته اهي ڪهڙيون اڻٽر مجبوريون هيون، جن جي ڪري حڪومت 15 مهينن گذري وڃڻ کان پوءِ به ڪو فيصلو نه ڪري سگهي آهي؟”
    مٿين اسيمبلي گفتگوءَ مان جيڪي حقيقتون ظاهر ٿين ٿيون اُهي هي آهن :
    (1) ڪوٽڙي بئراج جون زمينون سڀ کان اڳ فوجي آفيسرن کي، جيڪي اڃا تائين ملازمتن تان لٿا ئي ڪو نه هئا، گهڻو ڪري مفت الاٽ ڪيون ويون.
    (2) اُنهن فوجي آفيسرن زمين تي قابض ٿيندي ئي پسگردائيءَ ۾ آباد سنڌي ماڻهن کي تنگ ڪرڻ شروع ڪيو هو. سندن رويو مقامي ماڻهن سان ايڏو پريشان ڪندڙ هو، جو مقامي ماڻهن جو هڪ وفد شڪايت کڻي حڪومت وٽ پهچي ويو هو.
    (3) مقامي هارين لاءِ به زمين مخصوص ڪئي وئي هئي، پر ڪافي عرصو گذرڻ کان پوءِ به کين الاٽ ڪرڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي وئي.
    ڪوٽڙي بيراج ۽ ان کان پوءِ گڊو بيراج (Gudu Barrage) تي جن فوجي توڙي سول آفيسر زمينون حاصل ڪيون، اُنهن جو مقامي ماڻهن سان ٽڪراءُ اڻٽر هو. سول آفيسرن وسيع اختيارن جا مالڪ هئا، جڏهن ته 1958ع ۾ ايوب خان جي مارشل لا کان پوءِ فوجي آفيسرن کي زمين جي آبادڪاريءَ لاءِ هر طرح جون سهولتون مهيا ڪيون ويون. اُنهن سهولتن مان اُنهن جيڪي ناجائز فائدا ورتا، اُن سان مقامي آباديءَ ۽ انهن آفيسرن جي وچ ۾ محاذ آرائيءَ جي شروعات ٿي.
    ڪوٽڙي بيراج ۾ مقامي آباديءَ جي مقابلي ۾ وڌيڪ زمين ٻاهرين ماڻهن کي ملي، جڏهن ته ظاهريءَ طرح حڪومت اڌو اڌ جي اصول تي زمين جي ورهاست جو فيصلو ڪيو هو. 1962ع تائين ڪوٽڙي بئراج جي زمين هيٺين طرح ورهائي وئي.
    ٽوٽل ايراضي، جيڪا ورهائي وئي 250،24،11 ايڪڙ،
    مقامي ماڻهن کي قبضو ڏنو ويو 285،45،2 ايڪڙ
    مقامي ماڻهن لاءِ مشيني هارپ لاءِ وڌيڪ زمين 000،28،1 ايڪڙ
    ٻين لفظن ۾ سوا يارهن لک ايڪڙ ورهايل زمين مان مقامي آباديءَ کي پوڻا چار لک ايڪڙ زمين ڏني وئي.
    ڪوٽڙي بئراج جون زمينون، پاڪستان جي سڀني صوبن جي ماڻهن ۾ ورهايون ويون يعني مهاجرن کان سواءِ اُن مان پنجابين، بنگالين، پٺاڻن ۽ بلوچن سڀني کي حصو ڏنو ويو. بنگالي آبادگارن جي هڪ مختصر جماعت کي انهيءَ لاءِ سنڌ ۾ آباد ڪيو ويو ته ته جيئن اهو تاثر ڏنو وڃي ته سڄو ملڪ ورهاست ۾ حصيدار آهي.
    ڪوٽڙي بيراج جي ڏيڍ لک ايڪڙ زمين ڪجهه ڪيٽيگريون مقرر ڪري ماڻهن لاءِ مخصوص ڪئي وئي” جيڪي Cattegries هيٺيون هيون.
    (1) سم ۽ ڪلر جا متاثرين.
    (2) جابلو علائقي جا ماڻهو.
    (3) باراني علائقي جا ماڻهو
    (4) ڳتيل آباديءَ جي علائقي جا ماڻهو، جن وٽ زمين گهٽ آهي.
    (5) وچولي طبقي جا ماڻهو.
    انهيءَ طريقي سان جيڪي زمينون وڪرو ڪيون ويون، تن ۾ پنجاب کان پوءِ ٻئي نمبر تي پٺاڻن زمينون حاصل ڪيون.
    ڪُل زمين، جيڪا مخصوص ڪئي وئي.
    پنجاب لاءِ 000،70،1ايڪڙ.
    فرنٽيئر لاءِ 000،34،0 ايڪڙ.
    زمين جو سڀ کان خراب حصو فطري بلوچن جي حصي ۾ آيو، ڇاڪاڻ ته سندس سياسي اقتدار ۾ به حصو سڀني کان گهٽ هو. انهن مان به ڪن ته زمين وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ڪوٽڙي بيراج جي زمين مٿين ڪيٽيگرين کان سواءِ پهلوانن، رانديگرن ۽ گلوڪارن کي به عطيي طور ڏني وئي. ڪوٽڙي بيراج تي ٽريڪٽر اسڪيم تحت به زمين الاٽ ٿي. اُن جو چڱو خاصو حصو به سول ۽ فوجي آفيسرن جي هٿ لڳو. دليل اهو ڏنو ويو ته انهن ماڻهن وٽ زمين جي درستيءَ لاءِ پئسا موجود آهن. اهڙيءَ طرح ٽريڪٽر اسڪيم مان سرڪاري آفيسرن دل کولي جاوا ڪيا، تن ۾ اعلى فوجي آفيسر، نيوي جا آفيسر، پوليس آفيسر، سيشن جج، انجنيئر، ريلوي جا ملازم ۽ ڪيترائي ٻيا شامل هئا. اُنهن نه رڳو پنهنجن نالن تي زمينون الاٽ ڪرايون، پر پنهنجن عزيزن وغيره جي نالي به زمينون الاٽ ڪرايون. اسان صرف اهڙن آفيسرن جا نالا عهدن سميت ڏيون ٿا، جن 1962ع تائين ٽن سؤ ايڪڙن کان مٿي زمين الاٽ ڪرائي. سول ۽ فوجي آفيسرن جي اُنهيءَ لٽ مار کي ڏسندي، هڪ اسيمبلي ميمبر حسرت مان چيو ته : “وزير (خزانه) صاحب ! هروڀرو زمين جي جهڳڙي ۾ ڇو پيو آهين، اسان وٽ سنڌ ۾ ايتري زمين پئي آهي، جو جيڪڏهن توهان سرڪاري ڪامورن ۽ فوجين کي زمين نه ڏيو ته اسان پوري مغربي پاڪستان جي هارين کي اها زمين ڏئي سگهون ٿا.”
    چارٽ نمبر 8
    نمبر نالو ۽ عهدو ڪل زمين جيڪا حاصل ڪئي وئي
    1. ميجر ايوب احمد خان (پروفيسر (KEMC) 500 ايڪڙ
    2. ڪرنل ضياءَ الله 500 ايڪڙ
    3. ڪرنل نور الاهي 498 ايڪڙ
    4. ڪرنل اختر حفيظ (سيالڪوٽ ڇانوڻي) 397 ايڪڙ
    5. ڪيپٽن فيروز خان 352 ايڪڙ
    6. ميجر امير گلستان (پيءُ ۽ پٽ) 342 ايڪڙ
    7. ليفٽيننٽ ڪرنل بشير 500 ايڪڙ
    8. ميجر ظفري احمد 279 ايڪڙ
    9. گروپ ڪيپٽن اي.ايم.مُراد 496 ايڪڙ
    10. ڪمانڊر ايم افضل خان 303 ايڪڙ
    11. ڪرنل يعقوب 487 ايڪڙ
    12. ميجر غلام فاروق (زال جي نالي) 458 ايڪڙ
    13. ميجر محمد لطيف 500 ايڪڙ
    14. عبدالله رحمان خان (ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ ڊسٽرڪ جيل ملتان 384 ايڪڙ
    15. ڊاڪٽر جي. اي اصغر (دماغي اسپتال حيدرآباد) 401 ايڪڙ
    16. صبح صادق (سرڪاري ملازم جو پٽ) 401 ايڪڙ
    ٽريڪٽر اسڪيم هيٺ جيڪا زمين الاٽ ڪئي وئي، اُن تي پهرين مقامي آباد هارپ ڪندي هئي، پر هن اسڪيم هيٺ چيو وڃي ٿو ته اٽڪل چئن لکن (سنڌ) هارين کي بيدخل ٿي، بيروزگاريءَ جو منهن ڏسڻو پيو. هڪ اهڙي صوبي ۾ جتي لکن جي تعداد ۾ بي زمين هاري هڪ هنڌ تان ٻئي هنڌ ڌڪا کائيندا وتن ۽ اُنهن جو ڪو حال ڀائي نه هجي، اتي ٻاهرئين ڪنهن شخص کي زمين الاٽ ڪرائڻ جو ڪو اخلاقي جواز نه ٿو جڙي. باقي رهي فوج يا سول آفيسر شاهيءَ جي ماڻهن کي بيراج وارين علائقن ۾ زمين ڏيڻ، اها ڳالهه اڃا به وڌيڪ نندڻ جوڳي آهي. جيئن هڪ اسيمبلي ميمبر مغربي پاڪستان اسيمبليءَ ۾ سوال ڪيو هو ته.
    “جيئن ته فوج جي جرنل جو به ڪُل وقتي ڪم آهي ۽ زمينداري به ڪُل وقتي ڪم آهي. مهرباني ڪري اهو ٻڌايو ته اهي ٻئي ڪم سرڪاري ڪامورا ڪيئن ڪندا؟
    جنرلن ۽ سرڪاري آفيسرن کي ملازمت دوران پگهار ملندي آهي ۽ رٽائر ٿيڻ کان پوءِ پنشن به کڻندا آهن، پوءِ انهن کي زمين جي خيرات سان نوازڻ جو ڪهڙو جواز آهي؟”
    دراصل پاڪستان جي ٺهڻ کان پوءِ فوجي ۽ سول آفيسر جهڙيءَ ريت ملڪ جي ڦرلٽ ۾ شريڪ ٿي ويا، اُن جي هڪ مثال سنڌ جي بيراجن واري زمين تي قبضو پڻ آهي. اُنهن جهڙي نموني زمين حاصل ڪئي ۽ ان کان پوءِ مقامي ماڻهن سان جهڙو رويو رکيو ۽ نفرت جو ٻج پوکيو، اُن جي فصل هاڻي پچي تيار ٿي چڪو آهي. پنجاب جي خلاف اڄ سنڌ ۾ جيڪا نفرت ۽ ڪاوڙ موجود آهي، ان جي زميواري سڀ کان وڌيڪ فوج ۽ سول آفيسر شاهيءَ تي عائد ٿئي ٿي، جيڪي زمين جي لازوال حرص ۾ مبتلا رهيا.
    ڪوٽڙي بيراج تي بهترين زمينون فوجين کي الاٽ ڪرڻ کان پوءِ 1959ع ۾ گهڻي خواريءَ کان پوءِ هارين کي به ڪجهه زمين الاٽ ڪئي وئي. جيڪا زمين انهن لاءِ مخصوص ڪئي وئي، ان جي ايراضيءَ اڳ مخصوص ڪيل ايراضيءَ کان گهٽ هئي. گهڻو ڪري آخر ۾ ڏنل اها زمين اڳ الاٽ ٿيل ايراضي کان بيڪار، اڻ سڌريل، ڀٽن ۽ دڙن تي مشتمل هئي. واهن جي پڇڙيءَ تي هجڻ ڪري اُتي پاڻي دير سان پهتوٿي ۽ گهٽ به هو. ڪوٽڙي بئراج تي جن هارين کي زمين الاٽ ڪئي وئي، تن جي مسئلن جو پڙاڏو 1986ع تائين ٻڌڻ ۾ آيو. انهيءَ سال ڏيڍ لک ايڪڙ زمين تي قابض هارين جي زمين رد ڪئي وئي. غير سنڌي آبادڪارن بلڊوزرن جي اسڪيم هيٺ جيڪو قرض ورتو هو، اهو هارين تي وڌو ويو ۽ نه ڏيڻ جي صورت ۾ سندن زمين رد ڪئي وئي. “سنڌي هاري ڪميٽيءَ” جي ڪوششن باوجود فيصلي تي عمل ٿي نه سگهيو. ڪوٽڙي بئراج تي 24 هزار ايڪڙ زمين نيلامن ذريعي وڪري لاءِ مخصوص ڪئي وئي. مقامي هاري يا غريب ماڻهو ان قابل ئي نه هو ته هو اُها زمين خريد ڪري سگهي. پنجاب جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ سنڌ جي ڀيٽ ۾ هڪ ايڪڙ جا وڌيڪ يونٽ مقرر ڪيا ويا، ان ڪري پنجاب ۾ ڪيترن هنڌن تي ماڻهن پنهنجون زمينون وڪڻي، ان جي ڀيٽ ۾ ڪئين ڀيرا وڌيڪ زمينون سنڌ ۾ نيلامن رستي اچي خريد ڪيون. ڳوٺن جا ڳوٺ پنجاب مان لڏي اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا. ان ڪري فوجي ۽ سول آفيسرن جيڪا زمين حاصل ڪئي، اها به گهڻو ڪري پنجابين جي حصي ۾ آئي ۽ نيلامن واري زمين پڻ. زمين وٺندڙن ضرورت آهر هاري به پنجاب مان گهرائي ورتا. ان ڪري سنڌ ۾ پنجابين جو ۽ (ڪنهن حد تائين پٺاڻن جو) تعداد ڏينهون ڏينهن وڌڻ لڳو.
    (کیا ھم اکٹھے رہ سکتے ہیں ـ پروفيسر عزيز الدين ص ـ 88 کان 91)
    اهي حالتون ڏسي، اسان ڪوشش ڪئي ته ڪنهن طريقي سان سنڌ کي “ون يونٽ” جي پنجوڙ مان آزاد ڪرائجي، ته جيئن سنڌ جي وسيلن کي ڌارين جي ڦرلٽ کان بچائي، سنڌي ماڻهن لاءِ استعمال ڪري، کين جديد زندگيءَ ۽ سائنس جي نعمتن ۾ ڀاڱي ڀائيوار ڪري سگهجي. ان لاءِ اسان ون يونٽ کي ٽوڙائڻ لاءِ اسيمبلين کان ٻاهر ڪا عوامي تحريڪ هلائڻ بدران اسيمبلين ۾ آئيني طريقي سان جدوجهد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ان سلسلي ۾ آئون ڪجهه ساٿين سميت مغربي پاڪستان اسيمبليءَ ۾ چونڊجي ويس. اُن وقت ريپبلڪن پارٽي، مغربي پاڪستان جي اقتدار ۾ هُئي ۽ مسلم ليگ مخالفت ۾. اسان جي پوزيشن “Balance Power” واري هئي، ۽ جنهن طرف به ووٽ ڪيوسين ٿي، ته ٻي ڌر اقليت ۾ تبديل ٿي وئي ٿي. مون ۽ منهنجي دوستن، اسان جي ان پوزيشن کي ون يونٽ جي خاتمي ۽ سنڌ جي مفاد لاءِ استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اُن سلسلي ۾ مسلم ليگ اسيمبليءَ پارٽي، جنهن کي اڪثريت جي باوجود وزارت ۾ اچڻ کان محروم ڪيو ويو هو، اُن اسان جي ڌُر کي اسيمبليءَ ۾ توازن جو حامل سمجهي، اسان سان وزارت ڌر (اقتدار ۾ آيل حڪومت) خلاف ڳالهيون شروع ڪيون.
    اسان جيئن ته مغربي پاڪستان اسيمبليءَ ۾ ون يونٽ کي ناڪامياب بنائڻ جو ارادو ساڻ کڻي وياسون، اُن ڪري اسان مسلم ليگ اسيمبليءَ پارٽي کي وزارت ڊاهڻ ۽ کيڻ طاقت ۾ آڻڻ جو انهيءَ شرط تي دلاسو ڏنو ته اهي اسان سان “ون يونٽ ڊاهڻ” واري ٺهراءَ پاس ڪرڻ ۾ مدد ڪندا. اُن تي مسلم ليگ ڌر راضي ٿي ۽ اهڙو عهدنامو لکيو ويو، جنهن تي مسلم ليگ طرفان سندن پارٽي ليڊر سردار بهادر خان ميان ممتاز محمد خان دولتانه، خان عبدالقيوم خان ۽ خانبهادر کهڙي صحيحون ڪيون ۽ اسان جي ڌر پاران مون (جي ايم سيد) ۽ رئيس غلام مصطفى خان ڀرڳڙيءَ صحيحون ڪيون.
    جنهن بعد اسان مسلم ليگ پارٽيءَ جي شموليت سان ون يونٽ ڊاهڻ لاءِ مغربي پاڪستان اسيمبليءَ جي سامهون ٺهراءُ پيش ڪيا. اُن تي ريپبلڪن پارٽي (وزارت ڌُر) اسپيڪر سان ساز باز ڪري ٺهراءَ تي ووٽ وجهڻ جي عيوض ان کي “ٽاڪ آئوٽ” ڪرائي ڇڏيو. اهڙي طرح اُهو ٺهراءُ پاس ٿيڻ کان رهجي ويو. اُن تي اسان ۽ مسلم ليگ ڌُر ناراض ٿي سپليمينٽري بجيٽ جي گرانٽن پاس ڪرڻ جي مخالفت ڪئي. ريپبليڪن پارٽي بجيٽ گرانٽن پاس ڪرائڻ جو آسرو نه ڏسي، وزارت تان استعيفا ڏئي ڇڏي ۽ ڪجهه وقت لاءِ صوبي (مغربي پاڪستان) سان گورنر راڄ لاڳو رهيو. ڪجهه وقت طاقت کان ٻاهر رهڻ بعد جڏهن ريپبليڪن وزير تنگ ٿيا ته اُنهن مجبور ٿي، اسان سان ڳالهيون هلايو ته کين مدد ڪري طاقت ۾ آڻيون. جنهن تي اسان کين به ساڳيا شرط پيش ڪيا، پر اُن ۾ اها گنجائش رکي وئي هئي ته جنهن صورت ۾ اسان مسلم ليگ سان عهدنامو (Agreement) ڪيو هو، اُن ڪري سندن شرط به نيشنل عوامي پارٽيءَ جي اڳيان فيصلي لاءِ رکنداسون، جيڪڏهن انهن شرط قبول ڪيا ته پوءِ توهان کي مدد ڪنداسون. اُن عهدنامي تي ريپبليڪن پارٽيءَ طرفان : سردار عبدالرشيد وزيراعلى مغربي پاڪستان، ڪرنل عابد حسين شاهه سيڪريٽري ۽ وزير ريپبليڪن پارٽي، سر فيروز خان نون وزيراعظم پاڪستان ۽ ليڊر ريپبليڪن پارٽي پاڪستان اسيمبليءَ، صحيحون ڪيون.
    اولهه پاڪستان ۾ ڪوليشن حڪومت بنائڻ واسطي مسلم ليگ ۽ نيشنل عوامي پارٽي، هيٺ ڏنل نقطن تي ٺاهه ڪيو آهي.
    (الف) مرڪزي ڪوليشن حڪومت جي فيصلي ۽ اليڪشن ڪميشن جي سٽاءَ مطابق آزاد ۽ انصاف وارين چونڊن ڪرائڻ واسطي پنهنجي طرفان حتي الامڪان ڪوشش ڪرڻ.
    (ب) سنڌ ۾ هندن جي ڇڏيل زرعي زمين جا، موجوده قبضيدارن کي مالڪاڻا حق ڏيارڻ ۽ ان زمين جي قيمت ڏهن سالن ۾ هڪ جيترين قسطن ۾ ادا ڪرڻ واري نقطي کي حڪومت وٽ قبول ڪرائڻ لاءِ جاکوڙ ڪرڻ.
    (ت) اصولي طور تي هن ڳالهه لاءِ جاکوڙيو ويندو ته سرڪاري زمينون عام نيلام وسيلي نه، پر اتي جي مقامي هارين ۽ ننڍن کاتيدارن کان وڪرو ڪري نيڪال ڪيون وينديون. ان زمين جي قيمت ڏهن سالن ۾ هڪ جيترين قسطن ۾ وٺڻ ۾ ايندي.
    (ث) بهترين زرعي پيداوار حاصل ڪرڻ، غيرآباد زمينن کي آبادي هيٺ آڻڻ، سم ۽ ڪلر جي خاتمي، ٻوڏ جي هاڃيڪارين کي ٻنجي ڏيڻ واسطي بچاءَ بند تعمير ڪرڻ، بئريجن ۽ واهن جي مرمت ڪرڻ، بجليءَ جي پيداوار ۾ واڌارو ڪرڻ، ڍلون وڌائڻ واسطي ڍل جي اڳينءَ شرح تي نظر ثاني ڪرڻ، هارين جي حقن کي يقيني بنائڻ ۽ ضروري زرعي سڌارا ڪرڻ ـ هنن سڀني ڳالهين کي اهم سمجهي جلدي ۽ جوڳا قدم کنيا ويندا.
    (ج) مهاجرن جي آبادڪاري ۽ سندن دعوائن (Claimes) کي نظر ۾ رکي کين جائز ۽ صحيح معاوضي ڏيڻ لاءِ جتن ڪرڻ.
    (ح) ضروريات زندگيءَ سان واسطو رکندڙ شين جي قيمتن کي ضابطي ۾ رکڻ ۽ بلئڪ مارڪيٽنگ ۽ ذخيره اندوزيءَ خلاف ڪات ڪهاڙا کڻڻ.
    (خ) انتظاميه منجهان رشوت، اقربا پروري ۽ ٻين غلط ڪارين کي پاڙئون پٽڻ لاءِ اثرائتا اپاءَ وٺڻ.
    (د) لاقانونيت کي ختم ڪري، قانون ۽ انصاف جي بالادستي قائم ڪرڻ.
    (ذ) مقامي ماڻهن کي نوڪرين ۽ زوزگار جا ٻيا ذريعا مهيا ڪري ڏيڻ.
    (ر) عوام جي اهنجن کي دور ڪرڻ لاءِ، هر ڊويزن جي ڪمشنر وٽ صلاحڪار ڪميٽي مقرر ڪرائڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ.
    (ز) ننڍن صوبن جي ملازمن کي سيڪريٽريٽ جي ملازمت ۾ آڻڻ جا جيڪي واعدا ڪيا ويا هئا، تن کي پاڙڻ لاءِ جاکوڙڻ.
    (س) سياسي نقطه نگاهه کان اڳئين حڪومت جيڪي گزيٽيڊ ملازم معطل ڪيا يا کاتن جي سربراهن جون بدليون ڪيون. يا پينشن تي لٿل ملازمن کي ٻيهر ڀرتي ڪيو، انهن مامرن تي ٻيهر ويچارڻ.
    (ش) ويسٽ پاڪستان ائپيڪس بئنڪ کولڻ واسطي جيڪي احڪام جاري ڪيا ويا آهن، سي واپس وٺڻ، ڇاڪاڻ ته اها حڪمت عملي ڪن سياسي سببن ڪري اختيار ڪئي وئي آهي، جيڪا سنڌ جي تمام پراڻي “سنڌ پراونشل بئنڪ” کي ختم ڪرڻ لاءِ شروع ڪئي وئي آهي. موجوه پراڻي بئنڪ کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ ان جو صدر مقام حيدرآباد منتقل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ.
    (ص) تجارت جي ضابطن کي ترميم ڪري آسان بنائڻ پنهنجن فرضن کي سولائي سان نڀائڻ واسطي سڀئي اختيار وزيرن جي سپرد ڪرڻ.
    (ض) ون يونٽ ٺهڻ دوران، ننڍن صوبن جي ترقيءَ واسطي جيڪي تجويزون ۽ منصوبا بنايا ويا، تن کي بنا ڪنهن دير جي عملي جامون پهرائڻ.
    (ط) عوام جي بنيادي حقن جو تحفظ ڪيو ويندو. سندن حقن جي لتاڙ واسطي جيڪي احڪام صادر ڪيا ويا آهن. تن تي نظر ثاني ڪرڻ ۽ ختم ڪرائڻ.

    صحيحون

    (1) جي . ايم . سيد (1) سردار بهادر خان
    (2) پير الاهي بخش (2) ممتاز محمد خان دولتانه
    (3) غلام مصطفى (3) ايم . اي . کهڙو
    (4) عبدالقيوم خان.



    مسلم ليگ ۽ نيشنل عوامي پارٽي هيٺين شرطن تي ٺاهه ڪيو آهي.

    (i) اولهه پاڪستان ۾ ڪوليشن حڪومت ٺاهي ويندي، جنهن ۾ ٻنهي جي هڪ جيتري نمائندگي هوندي. پر وزيراعلى مسلم ليگ جو هوندو ۽ سندس چونڊ نيشنل عوامي پارٽيءَ جي رضامندي سان ڪئي ويندي.
    (ii) نيشنل عوامي پارٽيءَ جا وزير، نيشنل عوامي پارٽيءَ جي سياسي اڳواڻن جي صلاح سان کنيا ويندا.
    (iii) وزيرن کي قلمدان، ٻنهي ڌرين جي سياسي اڳواڻن جي صلاح مشوري کان پوءِ سپرد ڪيا ويندا.
    صحيحون
    (1) جي . ايم . سيد (1) سردار بهادر خان
    (2) پير الاهي بخش (2) ممتاز محمد خان دولتانه
    (3) غلام مصطفى (3) ايم . اي . کهڙو
    (4) عبدالقيوم خان.

    هڪ پاسي ريپبليڪن پارٽي ۽ ٻئي پاسي کان نيشنل عوامي پارٽيءَ پاڻ ۾ فيصلو ڪري هيٺئن نقطي تي رضامند ٿيون آهن.
    “ ته اولهه پاڪستان جي ليجسليٽِوِ اسيمبليءَ جي هلندڙ اجلاس دوران هڪ رٿ ڏني وئي آهي ته اولهه پاڪستان جي يڪي صوبي کي ختم ڪري. ٻوليءَ جي بنياد تي صوبا بحال ڪيا وڃن ۽ انهن کي مڪمل صوبائي خودمختياري ڏني وڃي. اڳوڻي صوبائي حيثيت بحال ٿيڻ کانپوءِ اهي اولهه پاڪستان جي زونل فيڊريشن جا رڪن رهندا.
    ان کان سواءِ قومي اسيمبليءَ ۾ به ساڳيون پارٽيون ان رٿ جي تائيدڪنديون.
    اهڙيءَ ريت نيشنل عوامي پارٽي، ريپبليڪن حڪومت ۾ شامل وزيرن ۾ اعتماد رکندي ۽ هر معاملي ۾ حڪومت جي فيصلن جي تائيد ڪندي. تعمير تنقيد ڪرڻ جو کيس پورو حق حاصل هوندو.

    صحيحون
    (1) عبدالغفار خان (1) سردار عبدالرشيد
    (2) ميان افتخار الدين (2) ڪرنل عابد حسين
    (3) جي . ايم . سيد.

    هڪ طرف کان ريپبليڪن پارٽي، ٻئي طرف کان پاڪستان نيشنل عوامي پارٽي اتفاق ڪري هيٺئين نقطي تي اتفاق ڪيو آهي.

    “اولهه پاڪستان جي ليجسليٽوِ اسيمبلي جي هلندڙ اجلاس دوران اها رٿ پيش ڪئي وئي آهي ته ٺهراءُ پاس ڪري اهو اجلاس قومي اسيمبليءَ کي سفارش ڪري ته، اولهه پاڪستان جي اڳين صوبن کي ٻولي جي بنيادن تي بحال ڪري ۽ صوبن کي صوبائي خودمختياري ڏئي. ان کانپوءِ مذڪوره صوبائي اولهه پاڪستان جي زونل فيڊريشن جا رڪن هوندا. ان پيش ڪيل رٿ جي نيشنل عوامي پارٽي تائيد ڪرڻ لاءِ ٻڌل رهندي.
    صحيحون
    فيروز خان نون

    مسلم ليگ ورڪنگ ڪميٽيءَ جو، تاريخ 7 مارچ، 1957ع تي لاهور ۾ اجلاس ٿيو ۽ هيٺئين نتيجي تي پهتي آهي.

    گهڻي پروڙڻ، پرجهڻ ۽ اولهه پاڪستان جي سياسي وايو منڊل جي مشاهدي ڪرڻ کان پوءِ هيءَ ڪميٽي اهو قبول ڪري ٿي ته اولهه پاڪستان جو ون يونٽ وارو تجربو بلڪل ناڪام ٿي چڪو آهي، تنهن ڪري ون يونٽ جي موجودگيءَ جي تائيد ڪا نه ٿي ڪري. جيئن ته مسلم ليگ هڪ عوامي تنظيم آهي ۽ ان تجويز ڏانهن پنهنجو توجهه مرڪوز ڪرڻ گهري ٿي، جيڪا عوام وٽ قابل قبول هوندي ۽ جنهن ۾ هر علائقي جي ماڻهن جي مرضي شامل هوندي.
    اهو به فيصلو ڪيو ويو آهي ته هيءَ رٿ اخبارن کي شايع ٿيڻ لاءِ ڪانه ڏني ويندي.
    صحيح
    قاضي محمد عيسى
    سيڪريٽري
    پاڪستان مسلم ليگ
    [ هتي ٻنهي عهدنامن جون ترجمي ڪاپيون ـ انهن ۾ طئي ٿيل شرطن سميت ڏجن ٿيون ]
    اهو سمجهوتو سڪندر مرزا جي ڄاڻ ۽ رضامنديءَ مطابق ڪيو ويو هو. اُن تي ريپبليڪن پارٽي وري وزارت ۾ آئي. نيٺ 17 سيپٽمبر 1957ع تي مغربي پاڪستان اسيمبليءَ ۾ رئيس غلام مصطفى ڀرڳڙيءَ جي تجويز تي وزارت پارٽيءَ اسان سان گڏجي ون يونٽ کي ختم ڪرائڻ جو ٺهراءُ پاس ڪرايو. اُن وقت حسين شهيد سهروردي، وزيراعظم پاڪستان هو. ياد رهي ته هيءُ حسين شهيد سهروردي اهو هو، جنهن ۽ سندس پارٽيءَ جي ميمبرن ون يونٽ ٺهڻ وقت مرڪزي اسيمبليءَ ۾ اُن جي مخالفت ڪئي هئي، پر هينئر پنجابي سول سروس ۽ ملٽري جنتا جو حڪومت تي اهڙو دٻاءُ پيو، جو سڪندر مرزا ۽ حسين سهرورديءَ، ٻنهي اهڙو بيان ڏنو ته “اسان ون يونٽ ختم ڪرڻ نه ڏينداسون.”
    هتي هيءَ حقيقت بيان ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان ته ون يونٽ ٺاهڻ ۾ اُن وقت جي ملٽري ڪمانڊر انچيف ايوب خان خاص ڪردار ادا ڪيو هو ۽ سندس پنهنجي چواڻي ته “ون يونٽ” جي اسڪيم جو مصنف به پاڻ هو. هن جي ان دعوى لاءِ سندس ڪتاب “فرينڊز ناٽ ماسٽرس” جي صفحي 192 ۾ لکي ٿو : “ آئون لنڊن ۾ هُئس، وزيراعظم محمد علي بوگرا ۽ گورنر جنرل غلام محمد جي وچ ۾ ڇڪتاڻ شروع ٿي ويل هُئي. مون سمجهيو پئي ته غلام محمد ڪو جبرو قدم کڻندو ۽ مون کي به سياست ۾ گهلي ويندو. حالانڪه مون سياست ۾ قدم رکڻ پسند ڪو نه ٿي ڪيو، هڪ دفعي رات جو ننڊ ڪا نه ٿي آيم، پاڪستان جي مستقبل ۽ مونجهاري تي سوچيندي، ڪجهه خيال آيم، جيڪي بروقت قلمبند ڪري ورتم. انهن خيالن جو مول متو هيءُ هو ته مغربي پاڪستان بنائجي، اهو منهنجو پروگرام آهي. اهو ڪم اسان کي ڪرڻو آهي. پهرين نمبر تي مغربي پاڪستان جي صوبن کي ملائي هڪ ڪرڻو آهي”.
    (192 ص : فرينڊز ناٽ ماسٽرس)
    انهيءَ ايوب خان جڏهن ڏٺو ته مغربي پاڪستان اسيمبليءَ ون يونٽ رد ڪرڻ وارو ٺهراءُ وڏي اڪثريت سان پاس ڪيو آهي، جيڪو آخري منظوريءَ لاءِ مرڪزي اسيمبليءَ ۾ ايندو، جتي به يقيناً بنگالين جي مدد سان پاس ٿي ويندو ۽ سندس (۽ سندس آقا پنجابين) جي اسڪيم مٽيءَ ۾ ملي ويندي ـ ان ڪري هن ملڪ جو آئيني رستو روڪڻ ۽ ون يونٽ کي پنجاب ۽ ملٽري جي مفاد وٽان سمجهندي، ان کي برقرار رکڻ لاءِ اسڪندر مرزا سان صلح ڪري، 8- آڪٽوبر 1958ع تي ملڪ مٿان مارشل لا لاڳو ڪري، اسيمبليون ختم ڪري، آئين ئي ٽوڙي ڇڏيو ۽ 10 آڪٽوبر، 1958ع تي مون کي گرفتار ڪري جيل حوالي ڪيو ويو.
    مارشل جي دور ۾ سياسي سرگرميون مڪمل طرح ختم ڪيون ويون، سياسي پارٽين تي بندش وجهي، سياستدانن کي “ايبڊو” جهڙن ڪارن قانونن هيٺ ناهل قرار ڏنو ويو. سنڌ جي وسيلن، زمينن، نوڪرين، ڪارخانن ۽ واپار تي قبضو ڪرڻ لاءِ پنجابين ۽ پٺاڻن کي ڇيڪ ڇڏيو ويو. حالت اهڙي هئي، جو انهيءَ ڦرلٽ جي خلاف ڪو به احتجاج يا فرياد ڪرڻ ممڪن نه هو، ڇو ته تقرير، تحرير، جلوس، جلسي ۽ ميٽنگن تي مڪمل بندش هئي. اُن ڪري سياسي طرح سموري ملڪ سان گڏ سنڌ ۾ به جمود ڇانيو رهيو ۽ هر طرح جي ڦرلٽ به سنڌ ۾ وڌيڪ ٿيندي رهي. ان حد تائين جو سنڌي زبان کي تعليمي ادارن مان لازمي مضمون واريءَ حيثيت سان ختم ڪيو ويو ۽ سنڌي زبان جو ورنيڪيولر امتحان فائينل به ختم ڪئي وئي. ايوبي ڏهه ساله دور حڪومت ۾ جيتوڻيڪ ڪجهه عرصي کان پوءِ مارشل لا ختم ڪئي وئي، محدود سياسي سرگرمين جي اجازت به ڏني وئي ۽ پهرين ڪنٽرولڊ ڊيموڪريسي ۽ بعد ۾ بنيادي جمهوريت (Basic Democracy) جي آڌار تي صدارتي نظام رائج ڪري، مرڪزي اسيمبليءَ سان گڏ ٻنهي صوبن (اوڀر پاڪستان ۽ اولهه پاڪستا) جون اسيمبليون به بحال ڪيون ويون، پر اُنهن سڀني جو اختيار ۽ اقتدار فردِ واحد ايوب خان جي هٿ ۾ هو. ان ڪري سنڌي نمائندا به باوجود سنڌ مان چونڊجي وڃڻ جي مفاد پرستيءَ خود غرضيءَ، ابن الوقتيءَ ۽ ڌارين جي دلاليءَ جي پنهنجيءَ پراڻيءَ روايت تي عمل ڪندي، ايوب خان جي “جي حضوريءَ” ۾ پورا هئا ۽ انهن مان هڪ ته ايوب خان کي صلاح الدين ايوبي ۽ ابراهيم لنڪن کان به مٿي سڏيو ۽ ڀٽ ڌڻيءَ جي درگاهه تي اُن حد تائين چئي ويٺو ته “اڄ جيڪڏهن شاهه لطيف جيئرو هجي ها ته ون يونٽ جي حمايت ڪري ها ۽ ايوب خان کي هار پارائي ها.” اِهي لفظ، ذوالفقار علي ڀٽي، اُن وقت جي وزير خارجيه، ڀٽ شاهه جي ميلي تي پنهجي وقت جي بدترين آمر لاءِ چيا هُئا. جنهن نه رڳو ون يونٽ کي برقرار رکڻ لاءِ مُلڪ تي ملٽري راڄ نافذ ڪيو هو، پر سنڌ کي مڪمل طرح پنجابين جي ڪالوني بنائڻ ۾ پنهنجي وسان ڪين گهٽايو هو.
    ون يونٽ جي دور ۾ سنڌ طرفان اسيمبليءَ جي ايوانن ۾ ڪو به مؤثر آواز نه هو ۽ سڀ ميمبر ايوب خان جي چمچاگيريءَ ۽ جي حضوريءَ ۾ پورا هئا. اڄ جا “شهيدِ جمهوريت” ۽ مظلوم عوام جا بزعم خويش“قائد” عوام جي رت ۽ ست تي پلجندڙ حڪمرانن جي بُوٽ پالش ڪرڻ ۾ پورا هئا. سنڌ سڙندي رهي، ماڻهو چچريا ۽ چٿبا رهيا، زمينون لُٽبيون ۽ نيلام ٿينديون رهيون، شهرن تي قبضا ٿيندا رهيا، آئون ۽ منهنجا چند ساٿي جيلن ۽ نظربندين ۾ هُئاسين، سنڌ جا پير، مير، وڏيرا ۽ جاگيردار اقتدار جي ايوانن ۾ آمرن کي سجدا ڪندا رهيا. اُن دور جي حقيقت جي ترجماني هن شعر مان چڱيءَ طرح ٿي سگهي ٿي :

    زبانن تي تالا، تخيل تي پهرا،
    لکڻ کان به وياسين، ڪڇڻ کان به وياسين.
    مليو جي تڏهن ڀي ڪو همدم اسان سان
    پري کان ئي گونگا اشارا ڪياسين. (عبدالحڪيم ارشد)
    اهڙي اونداهيءَ، مايوسيءَ ۽ گُهٽ ٻوسٽ واري دور ۾ به مُون ۽ منهنجن ساٿين اُميد جو دامن هٿا نه ڇڏيو ۽ سنڌ جي آزاديءَ لاءِ جيڪي ڪجهه اهڙي ماحول ۾ ڪري ٿي سگهياسون، سو ڪندا ٿي رهياسون ۽ ان “ڪجهه ڪرڻ” جو بهترين ذريعو ڪاغذ ۽ قلم کي سمجهيو سون. “لکڻ پڙهڻ” ۽ ان مطالعي ۽ مشاهدي کي ڪتابن جي صورت ۾ ماڻهن تائين پهچائڻ جو “پرامن رستو” اختيار ڪيوسون. پر سرڪار اسان جي انهيءَ عمل کي به برداشت نه ڪري سگهي ۽ ڪتابن تي بندشون، پريسن تي پهرا، اخبارن تي سينسر شپ ۽ پابندي سرڪار جا مؤثر هٿيار هئا. صرف هڪ طرفي پروپيگنڊا جا دروازا کليل هئا ۽ ٻئي طرف جي هر شيءِ تي بندش هئي. صورتحال اهڙي هئي جو شيخ سعديءَ جو هيءَ مقولو بلڪل سچو ٿي لڳو ته :
    “مَردمان اين دهه چه حرامزاده اند،
    ڪه سگان راڪشاده انو سنگان را بسته اند
    [ هن ملڪ جا ماڻهو ڪيڏا نه بدمعاش آهن، جو ڪُتا کولي ڇڏيا اٿن ۽ پٿر ٻڌي ڇڏيا اٿن ]


    17

    اهڙي ماحول ۾ مُون ۽ منهنجي دوستن اهو مناسب سمجهيو ته سياست جي پُرخار واديءَ کان پاسيرو ٿي، ادب، ڪلچر ۽ زبان جي ترقيءَ وسيلي عوام ۾ شعور پيدا ڪجي. اهو اسان ان ڪري سوچيو ته انسان جي طويل تار ۾ ڪيئي موقعا ۽ مرحلا اهڙا به آيا، جو قومون سياسي ۽ اقتصادي طرح ته شڪست کائي ويون، پر انهن قومن جي دانش مند ماڻهن تهذيب، ادب ۽ ڪلچر جي مورچي تان جدوجهد ڪري، انهن قومن جي سياسي ۽ اقتصادي شڪست کي نه رڳو فتح ۾ تبديل ڪيو، پر فاتح قومن تي پڻ تهذيبي غلبو حاصل ڪري ورتو.
    اُن ڪري، اسان به انساني تاريخ جو اهو آزمايل نسخو پنهنجي مادرِ وطن ۾ استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اسان جي ان جدوجهد جا ٽي مورچا، مرڪز يا محاذ هئا. ثقافتي طرح، “بزم صوفياءِ سنڌ”، ادبي طرح “سنڌي ادبي سنگت” ۽ سماجي طرح سنڌي شاگردن ۾ سياسي ۽ سماجي شعور جو مورچو.
    ان سڄي عرصي ۾ آئون 10 آڪٽوبر 1958ع کان 11 مارچ 1966ع تائين اٽڪل ساڍا ست سال جيل ۾ يا نظربندين ۾ (هائوس اريسٽ ۽ ڪڏهن ڪڏهن وليج اريسٽ) رهيس. مارچ 1966ع ۾ آزاد ٿيڻ کا پوءِ مُون پنهنجي سوچيل پروگرام تي عمل ڪرڻ لاءِ 18 اپريل 1966ع تي بزم صوفياءِ سنڌ جو بنياد وجهي، سنڌ جو گشت شروع ڪيو. انهيءَ گشت دوران مُون موجود سياسي خلفشار کان پاسيرو ٿي، انساني سماج جي بنيادي مسئلن، ان جي ارتقا، جوڙجڪ، قومن جي وجود، فنا ۽ بقا آزاديءَ ۽ غلاميءَ جهڙن بنيادي فلسفيانه معاملن تي صوفي بزرگن جي درگاهن تي لڳندڙ ميلن جي موقعن تي ادبي ڪانفرنس، 23 جون 1966ع تي “سيد عالي شيرازي” جي سالياني ميلي تي ٺٽي ۾ منعقد ڪئي وئي. ان ۾ مون جيڪا افتتاحي تقرير ڪئي، ان مان هڪ ٽڪرو اوهان جي ملاحظي لاءِ پيش ڪري رهيو آهيان، جنهن مان خبر پوندي ته اسان ڪهڙي طريقي سان سنڌي عوام ۾ پُر امن نموني ڪم ڪرڻ چاهيو ٿي.
    “ مون کي تاريخ مان ڪيترا اهڙا مثال مليا آهن، جيڪي اسان جي موجوده مشڪلاتن سان مشابهت رکن ٿا، جن هيٺ قومن لاءِ ٽي رستا کليل رهن ٿا.
    (1) يا ته جيل سان ٽڪر هڻي خود ڪشي ڪن.
    (2) حالتن سازگار ٿيڻ جي بيڪار اُميدن تي ماٺ ڪري ويهي رهن ۽ آهستي آهستي پنهنجي موت مري وڃن يا غلاميءَ جي زندگي گذارين.
    (3) پنهنجي قوت عمل کي قومي اصلاح ۽ تعمير جي ٻين رستن ۾ ڪتب آڻين.
    مسلمانن جي تاريخ ۾ ئي ڪيترا اهڙا مثال موجود آهن. بني اُمين، بني عباسين ۽ ٻين حاڪمن جي دور حڪومت ۾ خانه جنگي، قومي انتشار، بداخلاقيءَ ۽ خود مطلبيءَ جي حالات کي جڏهن چند مسلمان مفڪرن ۽ اهل راءِ ڏٺو ته، هنن سياسي خلفشارن کان ڪناره ڪشي ڪري، مسلم عوام ۾ اصلاح نفس، قومي خود شناسي، اخلاقي درستي، حب الوطنيءَ، ايثار ۽ قربانيءَ جي مادي پيدا ڪڻ لاءِ پنهنجون زندگيون وقف ڪري ڇڏيون. سنڌ ۾ سمن جي آخري دور ۽ مغل حڪومت جي ابتدا ۾ اسان جي اِهل راءِ جو توجهه به اُن طرف ڇڪجي ويو هو. هن وقت اسان جي هُوبهو ساڳي حالت آهي. اسان ۾ قومي شعور پيدا ٿي نه سگهيو آهي، نه اتحاد ٿيو آهي، ساري ملڪ ۾ تعداد ۾ گهٽ آهيون، خود مطلبي ويڙهي وئي اٿئون، آئيني طرقن سان پنهنجا حق حاصل ڪري نه ٿا سگهون ۽ غير آئيني طريقا منزل مقصود تي پهچائي سگهن ٿا، تنهن ڪري منهنجي نظر ۾ هن وقت بهتر طرقيو اهو ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته هڪڙو مخلص ڪارڪنن جو گروهه سياسي خلفشارن کان پري ٿي “سرونٽس آف انڊيا سوسائٽيءَ” جي طرقي تي “خدامِ سنڌ” جماعت ٺاهي، زندگي وفق ڪري، قوم جي اتحاد، نفسياتيءَ اصلاح، اخلاقي درستي، حب الوطنيءَ ۽ خود شناسيءَ جي تعليم ۽ تربيت تي توجهه ڏئي”.
    اُن لاءِ مون ڪجهه تجويزون، اُن وقت موجود ماڻهن جي سامهون سوچ ويچار لاءِ پيش ڪيون هيون، جي هتي پيش ڪريان ٿو.
    (1) ڪلچرل مرڪز يا خدامِ سنڌ جي نالي سان هڪ پليٽ فارم تيار ڪجي، جنهن ۾ مختلف مذهبي عقيدن، اقتصادي ۽ سياسي نظرين، مختلف سياسي گروه بندين ۽ طبقاتي مفاد جي ماڻهن کي پنهنجي راءِ تي قائم رهندي، سنڌ جي ڪلچرل ۽ قومي مفادن لاءِ صلاح مصلحت ۽ تبادله، خيالات لاءِ گڏيل قدم کڻجي.
    (2) ماڻهن جي مکيه خامين : جهڙوڪ خود مطلبيءَ شخصي اختلافن، قوم فروشيءَ بزدلي نفسياتي ۽ اخلاقي ڪمزورين کي دور ڪرڻ لاءِ تعليم ۽ تربيت جو انتظام ڪجي.
    (3) ماڻهن کي اتحاد، امن ۽ ترقيءَ لاءِ تيار ڪرڻ واسطي محبت، مذهبي ۽ سياسي رواداريءَ، حب الوطنيءَ ۽ قربانيءَ جي جذبي پيدا ڪرڻ لاءِ صوفياءِ ڪرام ۽ قومي هيروز جي زندگيءَ جي احوالن کان واقف ڪجي.
    (4) هر هڪ ضلعي ۾ ڪلچرل مرڪز ٺاهي، اُتان ڪم ڪيو وڃي.
    (5) عوام، شاگردن، ماسترن، پروفيسرن ۽ پڙهيل طبقي کي انهيءَ رنگ ۾ رچڻ لاءِ ڪي مخصوص ڪارڪنن جا گروه ٺاهي، ڪم انهن جي سُپرد ڪيو وڃي.

    انهن اصولن پٽاندڙ اسان ڪم جو آغاز ڪيو ۽ مختلف درگاهن تي ميلن جي موقعن تي ادبي ڪانفرنسن، ثقافتي ميڙن، قومي مشاعرن ۽ راڳ رنگ جي محفلن ذريعي عوام تائين پنهنجا خيال پهچائڻ لڳاسون. اهو سلسلو هڪ سال تائين سرڪار مس هلڻ ڏنو. انهيءَ هڪ سال اندر اسان ٺٽي، حيدرآباد، سانگهڙ، خيرپور ميرس، ٿرپارڪر ۽ دادو ضلعن ۾ مختلف موقعن تي 10 ادبي ڪانفرنسون ۽ ثقافتي ميڙاڪا منعقد ڪيا، جن ۾ شروع ۾ ته ماڻهن گهٽ دلچسپي ورتي، پر آهستي آهستي سنڌ جا اهلِ علم اديب، شاعر، دانشور، شاگرد، استاد ۽ عام ڳوٺاڻا جهجهي تعداد ۾ شرڪي ٿيڻ لڳا ۽ قومي قافلو نون حوالن ۽ نون رستن سان پنهنجي منزل ڏانهن وڌڻ لڳو. اسان جو اِهو سفر جيتوڻيڪ بلڪل پُر امن، سرڪاري پالسين کان پاسيرو ۽ ملڪي معاملن کان جهڙوڪر بي تعلق هو، پر سرڪار اسان جو اِهو سفر به برداشت ڪري نه سگهي ۽ مون کي 23 جون 1967ع تي پنهنجي ڳوٺ ۾ (پوري هڪ سال بعد) نظر بند ڪيو. پر هاڻي آئون گذريل مايوسيءَ نڪري چڪو هوس ۽ مون ڪلچرل بنياد تي سنڌ جي ضمير جو وساڻل شعلو وري ڀڙڪائڻ چاهيو ٿي، سو ڪراچيءَ کان کوکرا پار تائين ۽ ڪارونجهر کان ڪشمور تائين “ڏيئا ڏيئا لاٽ” بڻجي چڪو هو، ۽ سنڌ جو نئون نسل، جيڪو پُرجوش ۽ باشعور شاعرن، اديبن، دانشورن، استادن، پروفيسرن ۽ باهمت شاگردن تي مشتمل هو، سو “نئين جدوجهد” لاءِ صف بند ٿي چڪو هو. اُن دور جي ڪيفيت، سنڌ جي هڪ شاعر نياز همايونيءَ هنن لفظن ۾ چٽي آهي :

    ڪو زمانو ته سنڌ سان اهو ظلم هو،
    هن جو نالو وٺڻ ڀي وڏو جُرم هو،
    ڪالهه اُن جرم ۾ جي به جهلجي ويا،
    تن جي صدقي هي سڀ رنگ رچجي ويا،
    سنڌ جاڳي پئي . . . !
    ڪالهه هن تي ته ڪنهن لڙڪ لاڙيو نٿي،
    هن جي سورن سان ڪوئي سلهاڙيو نه ٿي،
    اڄ ته هر ڪوئي ٿو رت وهائڻ گهري،
    عشق هن جي ۾ سوري سجائڻ گهري،
    سنڌ جاڳي پئي . . . !
    ڪو ڀلي مڪر ۽ جبر جاري رکي،
    هوش ۽ جوش ٿي سنڌ ساري رکي،
    هاڻ حيلو هلي ڪين سگهندو ڪوئي،
    سنڌ ماري مڃائي نه رهندو ڪوئي،
    سنڌ جاڳي پئي . . . !
    اسان جي انهن سرگرمين ۾ اسان جي ادبي محاذ به “سنڌي ادبي سنگت” جي پليٽ فارم تان ڀرپور طريقي سان شريڪ رهيو. پاڻ سڀني سياسي ۽ سماجي ڌرين کان اڳتي وڌي سنڌي ٻوليءَ جي بحاليءَ ۽ ون يونٽ ٽوڙائڻ لاءِ جيڪا جدوجهد سنڌ جي اديبن، شاعرن ۽ فنڪارن، سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان ڪئي، سا ويجهيءَ تاريخ ۾ تمام ڪن گهٽ ملڪن ۾ نظر ايندي. انهيءَ عرصي ۾ نه صرف سنڌ جي تاريخ جي قومي بنيادن تي بهترين تشريح ٿي، قومي هيروز تي مضمون، ڪتاب، ڪهاڻيون ۽ ناول لکيا ويا، پر موجود سياسي حالتن، جنهن قسم جو ذهني ۽ جسماني دٻاءُ سنڌ تي مسلط ڪيو هو، اُن جو به اسان جي ادب ۽ شاعريءَ ذريعي بي مثال فني نزاڪتن ۽ خوبين سان اظهار ٿيڻ لڳو. انهيءَ ادبي جدوجهد ۽ اسان جا ڪيترائي مرحوم ۽ موجود ساٿي شامل هئا، جن کي سنڌ جي تاريخ ڪڏهن به وساري يا نظرانداز ڪري نه ٿي سگهي ـ جن ۾ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، قاضي فيض محمد، شيخ اياز، عبدالڪريم گدائي، محمد ابراهيم جويو، محمد عثمان ڏيپلائي، رسول بخش پليجو ۽ ٻين جا نالا ڳڻائي سگهجن ٿا. اسان جي ڪلچرل محاذ ۽ ادبي محاذ نه رڳو سنڌ جي عام ماڻهن کي متاثر ڪيو، پر اُنهن سنڌ جي انتهائي حساس ۽ پر جوش حصي شاگردن ۾ بي پناهه جوش، جذبو ۽ قومي شعور پيدا ڪيو، جنهن جو پهريون ڀرپور اظهار، 4 مارچ 1967ع تي حيدرآباد جي حدن ۾ ٿيو، جيڪو ون يونٽ ٽوڙائڻ لاءِ شاگرد جدوجهد جي پيڙهه جو پٿر ثابت ٿيو ۽ اُن واقعي کان متاثر ٿي، حڪومت مون کي نظربند ڪيو ۽ نظربنديءَ جي ليٽر ۾ منهنجي گرفتاريءَ جا جيڪي سبب ڄاڻايا ويا، تن ۾ ٻين سببن سان گڏ بزم صوفياءَ سنڌ جي سرگرمين، شاگردن سان لهه وچڙ، سنڌي ادبي سنگت سان سهڪار، 4 مارچ جو واقعو ۽ برضعير جي سياست تي منهنجي ڪتاب “جديد سياست جا نورتن” جي اشاعت، سرِ فهرست هئا. هتي آئون گرفتاريءَ جي آرڊرن ۽ سببن وارو ليٽر ترجمي جي صورت ۾ ڏئي رهيو آهيان :

    نمبر 1967 – 597 – J
    ڪوٽڙي ڪئمپ – تاريخ 23-6-67
    جيئن ته مون کي کريون خبرون ۽ سچيون سڻسون مليون آهن. مان پاڻ به هن سچائيءَ کي هرپاسي کان پروڙيو پُرجهيو ۽ ويچاريو آهي ۽ اها حقيقت قانوني نقطئه نگاهه کان به ضروري معلوم ٿئي ٿي ته مسٽر غلام مرتضى شاهه ولد محمد شاهه سيد (جيڪو عام طور جي . ايم . سيد جي نالي سان مشهور ۽ معروف آهي) ويٺل ڳوٺ سن، تعلقي ڪوٽڙي، ضلعي دادوءَ، جي سرگرمين کي انهيءَ نقطئه نظر کان روڪيو وڃي ته سندس طورطريقا امن لاءِ هاڃيڪار ۽ عوامي مفادن سلامتيءَ ۽ ڀائيچاري لاءِ مضر آهن.
    تنهنڪري، “ويسٽ پاڪستان مينٽيننس آف پبلڪ آرڊر آرڊيننس 1960” جي فقري (1) 5 تحت مليل اختيارن موجب آئون، مظهر رفيع، سي. ايس. پي، ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ دادو، هيٺ ڏنل هدايتون مسٽر غلام مرتضى شاهه ولد محمد شاهه سيد ڏانهن موڪليان ٿو :
    (1) ته هو، ڳوٺ سن، تعلقي ڪوٽڙيءَ جي حدن اندر رهندو.
    (2) ته هو بزم صوبيائي سنڌ جي ڪار گذارين ۽ “سنڌي ادبي سنگت” جي سرگرمين کان سڌيءَ ۽ اڻ سڌيءَ ۽ طور اجتناب ۽ اعتراز ڪندو ۽ ٻين اهڙن ادبي ميڙن ۽ سياسي تنظيمن کي خطاب نه ڪندو، نه وري اهڙيون تحريرون شايع ڪرائيندو.
    هيءُ حڪم ان ڏينهن کان وٺي ٽن مهينن لاءِ نافذ العمل رهندو، جنهن ڏينهن مسٽر جي . ايم . سيد تي تعميل ڪيو ويندو. مذڪوره حڪم نامو تاريخ 23 جون 1967ع تي منهنجي صحيح ۽ ٺپي سان جاري ڪيو ويو.
    صحيح
    مظهر رفيع
    ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ دادو
    حڪومت اولهه پاڪستان،
    گهرو کاتو،
    نمبر 8-4-H-SPIOV791 جيئن ته اولهه پاڪستان جي گورنر کي گري ۽ ڀروسي جوڳي جھاڻ ملي آهي ته مسٽر غلام مرتضى شاهه ولد محمد شاهه سيد (جيڪو جي . ايم . سيد جي نالي سان ڄاتو سڃاتو ويندو آهي) رهندڙ سن، تعلقو ڪوٽڙي ضلعو دادو، ڄاڻي ٻجهي پنهنجين تحريرن، تقريرن ۽ ٻين تدبيرن سان نفرتون يدا ڪري عوام جي هڪ طبقي کي ٻئي جي خلاف هشي ڏئي ڀڙڪايو آهي ۽ وڳوڙي حالتون پيدا ڪيون آهن ۽ خاص طور تي ضلعي حيدرآباد ۽ ضلعي دادوءَ جي شاگردن کي وڳوڙ ڪرڻ لاءِ ڀڙڪايو آهي. ان ڪري امن امان کي هاڃو ۽ عوامي مفادن ۽ سلامتيءَ کي ڇيهو رسيو آهي. اهڙيءَ ريت، اولهه پاڪستان جي گورنر کي کريون خبرون ۽ سچا اطلاع پهتا آهين ته مذڪوره، جي . ايم . سيد وري به ساڳين ساڙ ۽ ڪيني وارين سرگرمين ڪرڻ لاءِ پَرسوئي رهيو آهي ۽ وري به ان ڪري وڳوڙي ويو منڊل پيدا ڪري عوامي امن ۽ ڀائيچاري کي هاو رسائڻ جو ارادو ڪري رهيو آهي، جنهن مان هن علائقي جي ماڻهن جي مفادن ۽ سندن سلامتيءَ کي ڇيهو رسندو.
    تنهنڪري، اولهه پاڪستان جو گورنر، پهتل سچن اطلاعن ۽ عام حالتن مان صحيح انومان ڪڍي پوري ريت مطمئن آهي ته مذڪوره جي . ايم . سيد، عوام جي مختلف طبقن ۾ نفرتن، ساڙ ۽ ڪيني پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ اهو پوريءَ ريت وسهي ٿو ته نفرتن پکيڙڻ ۽ وڳوڙي وايو منڊل پيدا ڪرڻ لاءِ لڳاتار جتن ڪندو رهندو.
    مسٽر جي . ايم . سيد کي اهڙين سرگرمين کان روڪڻ واسطي اهو ضروري ٿي پيو آهي ته سندس اهڙين ڪوششن مٿان ضابطو رکيو وڃي.
    ان نقطئه نگاهه کان، اولهه پاڪستان جي گورنر طرفان، “ويسٽ پاڪستان مئنٽئننس آف پبلڪ آرڊر، آرڊيننس 1960ع،” جي فقري (1) 5 تحت مليل اختيارن کي استعمال ڪندي، مذڪوره مسٽر غلام مرتضى (جي ايم سيد) ولد محمد شاهه سيد لاءِ هيٺ ڏنل هدايتون جاري ڪجن ٿيون.
    (الف) ته هو ڳوٺ سن، تعلقي ڪوٽڙي ضلعي دادوءَ جي حدن اندر رهندو.
    (ب) ته هو بزم ـ صوفيائي سنڌ جي ڪارگذارين ۽ سنڌي ادبي سنگت جي سرگرمين کان سڌي ۽ اڻ سڌي طريقي سان اجتناب ۽ احتراز ڪندو. ڪنهن به ميڙ کي خطاب ڪرڻ کان پاسو ڪندو ۽ اهڙين لکڻين کي شايع ڪرائڻ کان لنوائيندو، جن مان نفرت، ساڙ ۽ ڪيني جي بوءِ ايندي هجي ۽ جن جي ڪري امن کي هاڃو رسي ۽ عوام جي سلامتيءَ ۽ مفادن کي ڇيهو پهچندو هجي.
    هن حڪم مسٽر جي . ايم . سيد تي تعميل ڪيو ويندو.
    اولهه پاڪستان جي گورنر جي حڪم سان
    صحيح
    (سعود نبي نور) ـ اي . ڪي . ايس. پي
    سيڪريٽري ـ گهرو کاتو اولهه پاڪستان، لاهور
    سيڪريٽري ـ گورنر اولهه پاڪستان لاهور

    مسٽر غلام مرتضى شاهه ولد محمد شاهه سيد (جيڪو جي . ايم . سيد جي نالي سان مشهور آهي) جي خلاف، اولهه پاڪستان جي گورنر طرفان “ويسٽ پاڪستان مينٽيننس آف پبلڪ آرڊر آرڊيننس 1960ع” جي فقري (1) 5 تحت ڪڍيل حڪم لاءِ اصلي ۽ بنيادي سبب.
    (1) ته تون بزم ـ صوفيائي ـ سنڌ جي نالي پٺيان پنهنجن اهڙن ويچارن ۽ اصولن جو پرچار ڪري رهيو آهي، جن وڳوڙي حالتون پيدا ڪري وڌيون آهن. تعصب، ساڙ ۽ ڪيني سبب عوامي امن ۽ مفادن کي ڏاڍو هاڃو رسيو آهي.
    (2) ته تون، “جديد سياست جا نَو رتن” نالي هڪ ڪتاب لکي جون 1967ع ۾ ڇاپايو آهي. مذڪوره ڪتاب ۾ تو اهڙن خيالن جو اظهار ڪيو آهي، جنهن جا تفصيل هيٺ ڏجن ٿا ۽ جيڪي نفرتن سان ڀريل، عوامي امن ۽ ڀائيچاري لاءِ هاڃيڪار ۽ عام ماڻهوءَ جي مفادن کي ڇيهو رسائن ٿا :
    تفصيل
    (الف) تو، ايم ـ ڪي گانڌي، جواهر لال نهرو، ولڀ ڀائي پٽيل ۽ ابوالڪلام جهڙن، ڪانگريسي اڳواڻن جي ساراهن جا ڍڪ ڀريا آهن، جن سندرو ٻڌي پاڪستان جي وجود ۽ تخليق جي مخالفت ڪئي هئي. ان جاءِ تي مسلمان اڳواڻن جهڙوڪ علامه اقبال ۽ سرسيد تي چٿرون ڪيون آهن.
    (ب) قائداعظم محمد علي جناح (جنهن کي تو پنهنجي ڪتاب ۾ پڇاڙيءَ ۾ رکيو آهي) ۽ ايم. ڪي. گانڌيءُ، ٻنهي جو جيڪڏهن تقابلي مطالعو ڪيو وڃي ته پوري ريت اهو سمجهي سگهجي ٿو ته تو اولهه پاڪستان جي ماڻهن جي احساسن ۽ جذبن کي ايذايو آهي.
    (ت) تو، مسٽر ايم . ڪي گانڌيءَ کي دنيا جي مکيه مذهبن جي پيغمبرن سان ڀيٽايو آهي ۽ ائين ڪري تو اولهه پاڪستان جي ماڻهن ۾ بيچيني پيدا ڪئي آهي. (ڏسو ڪتاب جو ص 26)
    (ث) تو، مسٽر ايم . ڪي گانڌيءَ جي ان لاءِ ساراهه ڪئي آهي، جو هن هندستان کي ورهاڱي کان بچائڻ لاءِ نهن چوٽيءَ جو زور لاتو هو. (ڏسو ڪتاب جو ص 102)
    (پ) تو، علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ جي لاءِ لکيو آهي ته اها انگريزن جي پوئلڳيءَ ۽ فرقيوارنه تعليم جو مرڪز هئي. (ڏسو ڪتاب جو ص 32)
    (ڦ) ڪتاب ۾ تو اهو بيان ڪيو آهي ته هندستان جو ورهاڱو ٻه ـ قومي نظريي جي بنياد تي ٿيو آهي. (ڏسو ڪتاب جو ص 38)
    (ج) تو، ورهاڱي کي وڏو هاڃو قرار ڏنو آهي. (ڏسو ڪتاب جو ص 40)
    (ڄ) تو، اهو به ذڪر ڪيو آهي ته مسٽر جواهر لال نهروءَ، ٻه قومي نظريي موجب، هندستان جي ورهاڱي جو اصول قبول ڪري، غلطي ڪئي هئي. (ڏسو ڪتاب جو ص 63)
    (چ) تو، جواهر لال نهروءَ جي ڪشمير جي ڏچي بابت ويچارن ۽ حڪمت عمليءَ کي بلڪل صحيح لکيو آهي، جيڪو پاڪستان ۽ خاص طور تي اولهه پاڪستان لاءِ حساس مسئلو آهي. (ڏسو ڪتاب جو ص 64 ۽ 65)
    (ڇ) تو، مولانا ابوالڪلام آزاد بابت لکندي، اڻ سڌي نموني قائداعظم محمد علي جناح جي قبر مٿان ٺهندڙ مقبري تي چٿرون ۽ ٽيڪاٽپڻي ڪئي آهي، جنهن تي ڪروڙها روپيا خرچ اچي رهيا آهن. وڌيڪ لکندي سندس مقبري جي دهليءَ ۾ مولانا ابوالڪلام جي قبر مٿان ٺهيل سادي مزار سان ڀيٽ ڪئي آهي. (ڏسو ڪتاب جو ص 37)
    (د) تو، انهن مسلمان سياسي اڳواڻن مٿان سخت جُلهون ڪيون آهن، جن پاڪستان جي تخليق لاءِ جتن ۽ جاکوڙ ڪئي. (ڏسو ڪتاب جو ص 83)
    (ڏ) تو، اولهه پاڪستان ۾ رهندڙ هڪ خاص طبقي واسطي سخت بُڇان ۽ ڌڪار جو اظهار ڪيو آهي. (ڏسو ڪتاب جو ص 98 ۽ 99)
    (ذ) تو، اڻ سڌي نموني هن آس جو اظهار ڪيو اهي ته هڪ ڏينهن پاڪستان ۽ هندستان ملي هڪ ملڪ ٿي ويندو. (ڏسو ڪتاب جو ص 102)
    (3) تاريخ 23 جون 1967ع تي ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ تنهنجي چُرپر تي پابندي مڙهي، تنهن کان اڳ ۾، تو ڪيترن ماڳن تي پهچي شاگردن ۽ مختلف خيالن جي ماڻهن سان گڏجاڻيون ڪيون، جن جو مقصد رڳو اهو هو ته جيئن عوامي امن کي هاڃو رسي، وڳوڙي حالتون پيدا ٿين ۽ عام شهرين جي مفادن کي ڌڪ رسي.
    (4) تو، بزم، صوفيائي سنڌ جي نالي سان هڪ ادارو قائم ڪيو آهي. اها تنظيم تنهنجي نفرت واري پرچار جي لاءِ ڇَپَرَ ڇانوَ هئي. هن تنظيم سان تنهنجو مقصد فقط اهو آهي ته شاگردن کي استعمال ڪري ملڪ ۽ بيچيني ۽ وڳوڙ پيدا ڪرائجي.
    (5) تنهنجي لکڻين ۽ ٻين سرگرمين جي ڪري سنڌي ۽ غير سنڌي شاگرد ٽولن جي وچ ۾ ويڇا ۽ ويرُ پيدا ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي ٽولن ۾ ويڙهاند شروع ٿي. انهن مان اوڙڪ ويڙهاند تاريخ 19 جون 1967ع، نئين ڪئمپس ڄام شوري ضلعي دادو ۾ ٿي هئي.
    (6) انهن، شاگرد ـ هنگامن دوران تو، شاگرد اڳواڻن، محمد يوسف لغاريءَ ڄام ساقيءَ سان، مئي 1967ع ۾ ملاقات ڪئي. اهي ٻئي، شاگردن جي هنگامن دوران پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪندا رهيا آهن ۽ انهن هنگامن جي نتيجي ۾ شاگردن جي رتو ڇاڻ به ٿي آهي. اهو پڻ ڏسڻ ۾ آيو آهي ته سنڌ يونيورسٽي، نئين ڪئمپس ڄام شوري، ضلعي داو ۾ مختلف شاگرد ٽولن طرفان حملا ۽ جوابي حملا به ڪيا ويا.
    (7) تاريخ 4 مارچ 1967ع تي حيدرآباد ۾ قلم 144 جي ڀڃڪڙي ڪندي ڇوڪرن هڪ جلوس ڪڍيو هو. شاگردن جو اهو جلوس، سنڌ يونيورسٽي جي نئين ڪئمپس ضلعي دادوءَ کان شروع ٿيو ۽ سنڌو درياهه اڪري حيدرآباد، ضلعي ۾ داخل ٿيو هو. شاگردن ۾ اها وڳوڙي صورتحال تنهنجي سرگرمين سبب پيدا ٿي هئي. پوليس جڏهن ڳوڙها گيس اڇلي شاگردن کي اڳتي وڌڻ کان روڪڻ ۾ سوڀاري نه ٿي ته ان مٿن ڏنڊا وسايا ۽ قانون جي مختلف فقرن تحت 210 شاگردن کي گرفتار ڪري ورتو. ساڳي ڏينهن تي حيدرآباد شهر ۾ شاگردن جي ٻئي گروهه به جلوس ڪڍيو هو، جنهن، سرڪاري بسن ۽ ٻي سرڪاري ملڪيت تي پٿراءُ ڪري، انهن کي ڏاڍو ڇيهو رسايو.
    (8) ضلعي دادو ۽ حيدرآباد ۾ وڳوڙي وايو منڊل جيئن تئين ڳنڀير ٿيندو ويو، قانون ۽ امن امان جو ڏچو پيدا ٿي پيو. ان لاءِ حيدرآباد جا ڪاليج، سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو (ضلعو دادو) ۽ هاسٽلون به اڻ ڄاتل مُدي تائين بند ڪرائڻيون پيون.
    (9) کين خيالي ۽ غير حقيقي انياءَ ۽ ڏاڍايون ٻڌائي، تون هڪ گروهه کي ٻئي جي خلاف ڀڙڪائي نفرتون ۽ ويڇا پيدا ڪري رهيو آهين.
    (10) تنهنجو مذڪوره سرگرميون نفرتن ۽ تعصب سان واڳيل آهن ۽ صوبي جي امن امان، قانون ۽ عوامي سلامتيءَ لاءِ ڏچو بڻيل رهنديون ۽ خدشو آهي ته عوام جي مختلف طبقن ۾ نفرت ويڇي ۽ وير جو ڪارڻ ٿينديون.
    تون، مٿي بيان ڪيل قانون خلاف، ويسٽ پاڪستان مينٽيننس آف پبلڪ آرڊر آرڊيننس 1960ع” جي فقري (1) 5 تحت قانوني چاره جوئي لاءِ بااختيار آهين.

    صحيح
    (سعود نبي نور) ـ اي . ڪي . ايس. پي
    سيڪريٽري ـ حڪومت اولهه پاڪستان
    گهرو کاتو
    67 – 10
    ٺپو
    هوم سيڪريٽري
    حڪومت اولهه پاڪستان
    لاهور

    ڪنهن ڏاهي جو چوڻ آهي ته “اسان کي ڳالهائڻ ڏيو، ڇو ته جيڪڏهن توهان اسان جون زبانون بند ڪيون ته گهٽين مان گوليون ۽ خنجر اُڀا ٿيندا”. اُن مطابق مُون ڪوشش ڪئي ته اسيمبليءَ ذريعي ون يونٽ کي ختم ڪرائجي ۽ سنڌ جو “قومي تشخص، وقار ۽ وسيلا” بحال ٿين، پر حڪمرانن اسيمبليءَ جي اندر اسان جي ڳالهائڻ ۽ آواز کي روڪڻ لاءِ اسيمبليون ئي ختم ڪري مارشل لا لاڳو ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي هٿ ٺوڪي 1962ع جي آئين ذريعي جمهوري ۽ سياسي طريقا ۽ رستا بلڪل مسدود ڪري ڇڏيا ۽ سياسي جدوجهد جي ڪا به واٽ آزاد ۽ کليل نه رکي وئي، سواءِ حڪمرانن جي مدح خواني ۽ پروپيگنڊا جي.
    اسان قومي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ ڪلچرل ميدان تي صوفياڻي طريقي سان عوام سان مخاطب ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسان جو اِهو رستو به بند ڪيو ويو. ادبي طرح اسان ماڻهن ۾ ذهني ۽ فڪري شعور پيدا ڪرڻ لاءِ ڪتاب لکي ماڻهن تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسان جا ڪتاب ضبط ڪيا ويا ۽ اسان کي لکڻ پڙهڻ کان محروم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
    هتي آئون هڪ دلچسپ واقعو ٻڌايان ته : سنڌ جي هڪ تمام وڏي شاعر شيخ اياز، پنهنجي دل آويز قومي شاعريءَ جو ڪتاب مون ڏانهن منسوب ڪرڻ چاهيو ۽ اهڙي قسم جي هُن مون کان اجازت گهري. ان تي مون کيس ملڪي حالتن کي مد نظر رکي، خط ذريعي هن طرح جواب ڏنو ته : “ڪتاب جو انتساب ڀلي منهنجي نالي ڪر، پر اُن جي نتيجي ڀوڳڻ لاءِ به تيار رهج، جيڪو ڪتاب جي ضبطيءَ ۽ تنهنجي گرفتاريءِ جي صورت ۾ نڪري سگهي ٿو.”
    اهڙيءَ گُهٽ ۽ ٻوسٽ ۽ آئيني ذريعن جي مسدود ٿيڻ تي نوجوانن، اديبن ۽ دانشورن جي ذهنن ۾ جيڪو مچُ رهيو هو، تنهن گهٽين، چوڪن، رستن، شهرن ۽ روڊن واري احتجاج جي صورت اختيار ڪئي ۽ سنڌ ۾ هزارين بلڪ لکين ماڻهو ون يونٽ جي خلاف تحريڪ سموري پاڪستان ۾ سنڌ جي حوالي سان زور وٺندي وئي. انهيءَ وچ ۾ بنگال ۾ ايوب خان پنهنجي مخالفت کي زور وٺندو ڏسي، شيخ مجيب الرحمان کي اگرتلا سازش ڪيس ۾ گرفتار ڪري ورتو ۽ هن ۽ سندس ساٿين تي ٽارچر ڪئمپن ۾ بيپناهه تشدد ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ شيخ مجيب جي هڪ ساٿي (ڪيپٽن منصور) ٽارچر ڪئمپ ۾ ئي مري ويو. انهيءَ موت بنگالين کي وڌيڪ مشتعل ڪيو ۽ اُهي ڪرفيو ٽوڙي ميدان ۾ نڪري آيا. اهو ئي عرصو هو، جڏهن ايوب خان جو هڪ دادلو کيس “ڊيڊ” سڏيندڙ سنڌي سياستدان، ذوالفقار علي ڀُٽو، تاشقند معاهدي جي آڙ وٺي، ايوب ڪابينا مان ٻاهر نڪري آيو ۽ ملٽري ۽ پنجابي بيورو ڪريسيءَ جي پٺڀرائي سان هُن ڪوشش ڪئي ته بنگال ۽ سنڌ ۾ هلندڙ “قومي خودمختياريءَ” جي تحريڪ کي صرف “ايوب مخالف تحريڪ” تبديل ڪري.
    اصل حقيقت هيءَ هئي ته ڪشمير جي مسئلي تي هُن (ذوالفقار علي ڀُٽي) ايوب خان کي مشتعل ڪري 1965ع ۾ هندستان خلاف جنگ جو اعلان ڪرايو هو، ۽ ايوب خان کي يقين ڏياريون هئائين ته عالمي صورتحال اهڙي موڙ تي پهتل آهي، جو هندستان وسيع پيماني تي پاڪستان جي خلاف چڙهائي نه ڪندو ۽ نتيجي طور پاڻ ڪشمير تي پاڪستاني قبضو مستحڪم ڪري وٺنداسون ۽ هندستان کي ڪشميري سرحدن مان ڌڪي ٻاهر ڪڍيو ويندو. انهيءَ ارادي سان پاڪستاني حڪمرانن، ڪشمير ۾ ڪمانڊوز موڪلي هندستان جي خلاف (ابتڙ) هندستان حڪومت کيم ڪرن کان وٺي رڻ ڪڇ تائين جنگ جو وسيع محاذ کولي، پاڪستان. تي حملو ڪري ڏنو ۽ پنجاب جي ڪافي علائقي تي قبضو پڻ ڪري ورتو. جنگ دوران پاڪستان جي سموري آرمي پنجاب کي بچائڻ ۾ مصروف ٿي وئي ۽ اوڀر پاڪستان (بنگال) جي بچاءَ جو ڪو به خاطر خواه بندوبست نه ڪيو ويو. انهيءَ ڳالهه بنگال جي ليڊر شيخ مجيب الرحمان کي ڇهه نقاطي پروگرام پيش ڪرڻ جو موقعو ڏنو. جن نقطن ۾ هڪ نقطو اهو به هو ته هر صوبو پنهنجي بچاءَ جي لاءِ نيم فوجي مليشيا رکڻ جو مجاز هوندو. شيخ مجيب الرحمان جي انهيءَ ڇهه نقاطي پروگرام ۾ پاڪستان جي سمورن صوبن لاءِ خودمختياري ۽ پاڻڀرائيءَ جي مڪمل ضمانت ڏنل هئي، جنهن کي پنجابي حڪمران برداشت نه ڪري سگهيا ۽ هنن شيخ مجيب الرحمان کي ملڪ جي خلاف سازش ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪري ورتو.
    سنڌ ۾ آئون ٿوري وقفي کان سواءِ اهو سمورو عرصو گهر ۾ نظر بند هئس. جيتوڻيڪ سنڌي ماڻهن جي ون يونٽ جي خلاف تحريڪ زور وٺندي پئي وئي. ايوب خان تي سڄي ملڪ زبردست دٻاءَ پئجي رهيو هو ته “استعيفا ڏئي وڃي ۽ سياسي قيدين کي آزاد ڪيو وڃي.” ايوب خان ڪافي سياستدانن کي آزاد ڪيو ۽ گول ميز ڪانفرنس جي تياري شروع ڪئي، پر مون کي آزاد نه ڪيو ويو. ان موقعي تي سنڌ جي سڀني باشعور ماڻهن هڪ آواز ٿي اهو مطالبو ڪيو ته “جنهن گول ميز ڪانفرنس ۾ سنڌي نمائندگي نه آهي، اُن جي نتيجن کي اسان قبول نه ڪنداسون”. اهڙي قسم جي تقرير، گاڏي کاتي چوڪ حيدرآباد ۾ گڏ ٿيل هزارين سنڌين جي سامهون سنڌ جي شاعر شيخ اياز ڪندي چيو ته : “جنهن گول ميز ڪانفرنس ۾ جي . ايم . سيد شريڪ نه آهي، ان گول ميز ڪانفرنس جي نتيجن کي سنڌ رد ڪندي.”
    عوام جي انهيءَ وڌندڙ احتجاج کي ڏسي، پاڪستان سرڪار مون کي 26 فيبروري، 1967ع تي آزاد ڪرڻ جو آرڊر ڪڍيو. آئون 1 مارچ 1969ع تي آزاد ٿيس. آزاد ٿيڻ شرط مون ون يونٽ خلاف هلندڙ تحريڪ ۾ حصو وٺندڙ مختلف ڌڙن ۽ ڌرين کي گڏي هڪ پليٽ فارم تي آڻڻ لاءِ 9 مارچ 1969ع تي حيدرآباد ۾ “سنڌ متحده محاذ” کي ٻيهر زنده ۽ متحرڪ ڪرڻ لاءِ اجلاس ڪوٺايو، جنهن جي صدارت برصغير جي آزاديءَ جي هڪ مجاهد ۽ محب وطن سنڌي سياستدان، جناب شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ ڪئي. اُن موقعي تي مُون جيڪو افتتاحي خطبو پڙهيو، تنهن ۾ چيو هئم ته :
    سنڌ کي 1843ع ۾ انگريزن فتح ڪري، انتظامي سهولت خاطر سنڌين جي هزارها سالن جي روايات ۽ قومي غيرت جي خلاف 1847ع ۾ بمبئي علائقي سان گڏي ڇڏيو هو. آخر 1935ع جي انڊيا ايڪٽ جي نتيجي ۾ گهڻين ڪوششن کان پوءِ سنڌ کي بمبئيءَ کان آزاد ڪرايو ويو.
    1937ع ۾ سنڌ جي جدا اسيمبلي قائم ٿي ۽ سنڌي وزارت وجود ۾ آئي ۽ 1954ع تائين باوجود وزارتن بدلجڻ جي، اُن جو جُدا وجود قائم رهندو آيو. ان کان پوءِ هڪ وڏي صوبي جي مستقل مفاد خاطر سنڌ کي زبردستيءَ سان ون يونٽ ۾ داخل ڪيو ويو.
    اُن دور ۾ سنڌي ميمبرن اقتدار جي حصول، شخصي اختلافن ۽ مختلف سببن ڪري جيڪو ڪردار ادا ڪيو، اُهو ڪنهن کان به لڪل نه آهي. ون يونٽ جو ٺهڻ، باهمي اختلافن ۽ ميمبرن جي خود مطلبيءَ ڪري هو.
    هن وقت شاگردن، قومي ڪارڪنن ۽ عوام جي بيداريءَ، حالتن ۾ تبديلي آڻي ڇڏي آهي ۽ وڏا بت ڊهڻ کي نزديڪ اچي بيٺا آهن. مرڪزي اسيمبليءَ ۾ تبديلي اچڻ واري آهي ۽ مڪاني سياست ۾ نئين دور جو آغاز ٿيڻ وارو آهي. هيستائين اسان سڀني کان گهڻيون غلطيون ٿيون آهن، تنهن ڪري گذشته ڪمزورين کي درگذر ڪري، نئين دور جو اهڙو آغاز ڪرڻو آهي، جو وري اسان کان ساڳئي قسم جون غلطيون سرزرد نه ٿين. هن وقت تائين اسيمبلين ۽ ملڪي سياست ۾ اسان جي مٿانهين طبقي، ذاتي اقتدار، عزت جو ڪارڻ ۽ ملڪيت ٺاهڻ جو ذريعو سمجهي پئي حصو ورتو آهي. پر هينئر اسان کي اڳين طريقن کي ڇڏي خدمت خلق، ملڪي سلامتي، عوامي فلاح ۽ بهبوديءَ جي بنيادن تي حصو وٺڻ گهرجي. اُن لاءِ جيڪڏهن آئون ڪجهه صاف گوئيءَ کان ڪم وٺان ته مون کي معاف ڪندا، ڇاڪاڻ ته هينئر ملڪي سياست ۾ هيٺين مقصدن کي مشعل راهه طور ڪم آڻڻو آهي.
    (1) سنڌ کي مغربي پاڪستان (ون يونٽ) کان آزاد ڪرائي، اڳوڻا صوبا بحال ڪرائڻا آهن.
    (2) ملڪي سياست کي آئيندي لاءِ حتي الامڪان اقتدار جي بکين، عزت جي طالبن ۽ حصولِ املاڪ جي خواهشمندن کان پاڪ رکڻ جي ڪوشش ڪرڻي آهي.
    (3) آئيندي لاءِ سياسي پارٽين جي واڳ، بي لوث قومي ڪارڪنن، قربانيءَ جي پتلن ۽ درد دل رکندڙ ماڻهن جي هٿن ۾ ڏيڻي آهي.
    (4) اسان کي شخصي پارٽي بازيءَ، گذشته اختلافن، اڳوڻين ڪيل غلطين جي انتقامي جذبي ۽ اڳوڻن ۽ نون سنڌين جي تفاوتن کان برتر ۽ بالا رهڻو آهي. هر اُهو سنڌي، جو اسان جي مٿي ذڪر ڪيل مقصدن لاءِ بنا ڪنهن شرط شروط جي ون يونٽ جي خلاف شامل ٿيڻ ۽ مدد ڪرڻ لاءِ تيار ٿئي، اسان کي اُن جي مدد حاصل ڪرڻي آهي.
    (5) هن وقت جن ماڻهن کي ڪن سببن ڪري شريڪ ڪري نه سگهيا آهيون ۽ ڪن ڪوتاهين ڪري کين دعوت نه موڪلي سگهيا آهيون، يا باوجود دعوت موڪلڻ جي هُو مختلف وجوهات سبب هن مجلس ۾ شريڪ نه ٿيا آهن، تن کي هن قومي محاذ کان ٻاهر رکڻ جو ارادو ڪو نه آهي. غلطيون هر هڪ کان ٿين ٿيون، اُنهن کي درگذر ڪرڻ قومي مفاد ۽ مصلحت وقت جي اهم تقاضا آهي.
    (6) سنڌ جي آزاد ڪرڻ بعد اسان جي محاذ جا مکيه ۽ بنيادي اصول قومپرستي، معاشي انصاف ۽ جمهوريت رکڻا آهن.
    (7) آخر اسان کي مستقبل ۾ ملڪ جي سياسي ليڊر شپ عوام جي هٿ ۾ آڻڻي آهي، ليڪن، ون يونٽ جي ڊاهڻ تائين اهڙا اختلافي مسئلا پيدا نه ڪرڻا آهن، جن جي ڪري اسان ۾ اختلاف پيدا ٿيا ۽ مقصد جي حصول ۾ رڪاوٽ جو ڪارڻ بنجن.” اُن ڪانفرنس جي موقعي تي مون کي سنڌ متحده محاذ جو صدر چونڊيو ويو.


    18

    اسان اڃا سياسي جدوجهد منظم نموني شروع نه ڪئي هئي ته گول ميز ڪانفرنس جي ناڪاميءَ کان پوءِ، جيڪا حقيقت ۾ ناڪام ذوالفقار علي ڀٽي ۽ مولانا عبدالحميد ڀاشانيءَ جي بائيڪاٽ ۽ گهيرائو جلائو واريءَ تحريڪ جي نتيجي ۾ ٿي هئي. آئون جيتوڻيڪ گول ميز ڪانفرنس ۾ شريڪ نه ٿيو هوس، پر پوءِ به اسان جو فقطه نظر ڀرپور طريقي سان گول ميز ڪانفرنس ۾ عوامي ليگ جي سربراه شيخ مجيب الرحمان ۽ نيشنل عوامي پارٽيءَ جي ليڊرن ولي خان ۽ عطاءُ الله خان مينگل طرفان پيش ڪيو ويو هو. اُن جي باوجود گول ميز ڪانفرنس ڪو کڙ تيل ڪڍڻ کان سواءِ ناڪام ٿي وئي ۽ مارچ 1969ع جي پڇاڙيءَ ڌاري صدر ايوب خان پنهنجي آئين ۽ پنهنجي نظام حڪومت سميت هميشه لاءِ رخصت ٿي ويو ۽ اُن جي جاءِ تي ملٽري ڪمانڊر آغا محمد يحى خان ملڪ جون واڳون سنڀاليون، ۽ ملڪ مٿان مارشل لا لاڳو ڪري پاڻ اُن جو چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ۽ صدر مملڪت بڻجي ويهي رهيو. اُن مارشل لا جي باوجود، سياسي سرگرمين تي بندش ڪانه وڌي وئي، اُن ڪري اسان پنهنجو سياسي سفر جاري رکيو.
    سنڌ متحده محاذ ٺاهڻ وقت اسان کي ملڪ جي وسيع تناظر کي ذهن ۾ رکڻو هو. ون يونٽ جي ڪري سڌيءَ طري سنڌ، پختونخوا ۽ بلوچستان متاثر ٿيا هئا. اڻسڌيءَ طرح بنگالين کي به پنهنجي اڪثريت تان هٿ کڻڻو پيو هو. ان سموريءَ صورتحال کي ذهن ۾ رکي، اسان کي اهڙو طريقو اختيار ڪرڻو هو، جنهن سان ايندڙ آئين ساز اسيمبليءَ ۾ اولهه پاڪستان جا ثيئي صوبا (پنجاب کان سواءِ) ۽ بنگالي اڪثريت گڏجي، نه رڳو ون يونٽ ٽوڙائين، پر صوبن جي لاءِ خودمختياريءَ جو دائرو پڻ اهڙو مقرر ڪن، جنهن موجب صوبن جا وڌ ۾ وڌ وسيلا، صوبن جي پنهنجي ڪنٽول ۾ رهن ۽ مرڪز کي صوبن جي اختيارن ۽ وسيلن ۾ گهٽ کان گهٽ مداخلت ۽ دست اندازيءَ جو موقعو ملي. انهيءَ ڳالهه کي ذهن ۾ رکندي مون ٻه طرفي سياسي جدوجهد شروع ڪئي. هڪ طرف سنڌ متحده محاذ جهڙا “ائنٽي ون يونٽ فرنٽ” بلوچستان ۽ پختونخوا ۾ قائم ڪرايم ۽ ٻئي طرف وسيع تر صوبائي اختيارات ڏيارڻ لاءِ، هڪ سمجهوتو ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم. انهيءَ سلسلي ۾ جڏهن شيخ مجيب الرحمان سنڌ ۾ آيو ته مون سنڌ متحده محاذ جي پليٽ فارم تان سندس شاندار آجيان ڪئي ۽ ڪيترا ماڻهو عوامي ليگ ۾ شامل ٿيا. شيخ صاحب کي مون 10 آگسٽ 1969ع تي انٽرڪانٽينينٽل هوٽل ڪراچيءَ ۾ زبردست آجياڻو ڏنو. مون ان موقعي تي استقباليه تقرير به ڪئي، جنهن جا ڪي ٽڪرا هتي ڏيان ٿو.
    “اسان هيءَ حقيقت اوهان کي گوش گذار ڪرڻ چاهيون ٿا ته “ون يونٽ” ڪ سوچيل سمجهيل بي رحمانه ۽ ناقابِل عمل آئيني چالبازي آهي، جا خود انهن مقصدن مان ثابت ٿئي ٿي، جي اُن جا محرڪ هُئا ۽ جن جو اظهار بدنام زمانه، خفيه دستاويز “ايڪس” ۾ ڪيو ويو آهي، يا جنهن نموني تيرهن سالن کان هلندو رهيو آهي، ان مان ئي ظاهر آهي.
    اسان جي ون يونٽ جي سرشتي کان نفرت، ڪيترن مختلف سببن جي بنيادن تي آهي، جهڙوڪ:
    (1) هيءُ سرشتو تيرهن سالن جي عرصي کان مختلف حڪومتن ۽ مختلف قانوني سرشتن هيٺ رهندو آيو آهي. اڄ سڀني اڳيان هيءَ حقيقت ظاهر ٿي چڪي آهي ته ون يونٽ جو سرشتو ڪامياب ثابت نه ٿيو آهي. اُن جا جيڪي نتيجا پيدا ٿيا آهن، سي خود اُن جي بانين جي اُميدن جي بلڪل خلاف ويا آهن.
    (2) اهو سرشتو اولهه پاڪستان جي رهواسين جي وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌائڻ جو هڪ خاص سبب بنبو آهي، ۽ ان، قومي اتحاد جي نشو نما کي وڏو ضرر رسايو آهي . . . . ملڪ جي اندروني رنجشن ۽ رقابتن کي وڌيڪ وقت جاري رکڻ ۽ طاقت جي زور سان موجوده انتظامي سرشتي کي قائم رکڻ جي ڪوشش ڪرڻ، ڪنهن به صورت ۾ دانائپ وارو ڪم نه آهي. هيءَ حقيقت وسارڻ نه گهرجي ته ون يونٽ جي سرشتي هيٺ ملڪي ڍانچي جا ڪيترا جُزا پاڻ کي هيسيل ڪمزور، ڏتڙيل، ناراض، ذهني طور شڪست خورده، بيمار ۽ بي يارو مددگار محسوس ڪري رهيا آهن.
    (3) تفصيلوار شڪايتن جي وضاحت کي في الحال هڪ طرف رکندي، ائين چوڻو پوندو ته ون يونٽ، سنڌ جي خودداريءَ جي احساس کي مجروح ڪرڻ سان گڏوگڏ کين آزاديءَ جي نعمت کان پڻ محروم ڪري ڇڏيو آهي. درحقيقت موجوده صورتحال ۾ آزاديءَ جي ڪا به معنى ڪانه ٿي رهي ـ جڏهن صورتحال هيءَ هجي ته هڪ علائقي جي آزاد شهرين کي اهو موقعو به حاصل نه هجي ته هو پنهنجا ميونسپل معاملا پاڻ هلائڻ جو اختيار رکندا هجن.
    (4) ون يونٽ جي سرشتي، بيشمار انتظامي براين ۽ خرابين کي ڦهلائڻ ۾ مدد ڏني آهي، جنهن جي نتيجي ۾ اڄ اسان جي حڪومت وڏي پيماني تي ۽ نهايت بُريءَ طرح رشوت خوريءَ، لالچ، ڪامورن جي غرور، غير ذميداريءَ، نااهليءَ ۽ طاقت جي غيردانشمندانه استعمال سان پيدا ٿيندڙ براين سببان داغدار ٿي چڪي آهي. ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته بدنصيب سنڌ “ننڍڙي ليول جي ڪم عقل ۽ خود سر آفيسرن لاءِ هڪ جنت” بڻجي وئي آهي. انهيءَ جو ڪارڻ هيءُ آهي ته هتي مقرر ٿيل ڪارندا، وڏي بيپرواهيءَ سان ڪم ڪن ٿا ۽ ساڳئي وقت عوامي نمائندن جي نظرداريءَ ۽ باز پرست کان محفوظ آهن.
    (5) هن نظام جو وجود جمهوريت جي بنيادي روح کان ئي انڪاري آهي. سنڌ جا رهواسي هن سرشتي کي متفقه طور دل سان رد ڪري چڪا آهن.
    (6) هن سرشتي هيٺ، سنڌ جي حيثيت انگريزن جي دور واري “هوم رول” جي درجي کان به گهڻو هيٺ ڪري چڪي آهي، جنهن جو برصغير (هندو پاڪ) جي ماڻهن اڄ کان ستر سال اڳ مطالبو ڪيو هو.
    (7) هيءُ انتظامي سرشتو خود ويهين صديءَ جي اُنهن تقاضائن کان انڪاري آهي، جيڪي خود اختياريءَ واري حق جي بنياد تي، سموري طاقت عوام جي حوالي
    ڪرڻ جو تاڪيد ڪن ٿيون ۽ اُن ۾ ڪنهن جي به مداخلت برداشت ڪرڻ نه ٿيون چاهين.
    اهڙي طرح ون يونٽ کي لاهور ٺهراءَ [ 1940] 1943ع جي سنڌ اسيمبليءَ جي ٺهراءَ، اقوام متحده جي چارٽر، جناح جي 14 نقطن، قرارداد مقاصد [ 1949 ] ۽ 1957ع جي قانون ساز اسيمبليءَ جي قانون ساز اسيمبليءَ جي پاس ڪيل ٺهراءَ وغيره خلاف بيان ڪندي، شيخ صاحب کي مخاطب ٿيندي چيو هوم ته:
    “جناب شيخ صاحب! اوهان کي بخوبي معلوم آهي ته اسان ڪيترائي دفعا اوهان جي پارٽيءَ ڏانهن انهيءَ مقصد سان رجوع ٿياسون. اوهان جي اعلى مرتبي واري رهنما، جناب سهرورديءَ، ملڪ سان ايوبي مارشل لا لاڳو ٿيڻ کان پوءِ، ڪراچيءَ ۾ منهنجي بنگلي تي، جتي هو پاڻ ۽ سنڌ جا ٻيا سمورا ليڊر موجود هئا، اسان جي جائز مقصد جي حمايت ڪئي هئي ۽ وعدو ڪيو هو ته اسان جا علائقا ۽ علائقائي خودمختياري واپس وٺرائي ڏيڻ ۾ اسان جي مدد ڪندو. ليڪن بدقسمتيءَ چئجي جو هو اڄ اسان وٽ موجود نه آهي.
    اسين اڄ اوهان کي مرحوم جا لائق جانشين سمجهندي، اوهان ڏانهن رجوع ڪريون ٿا، ۽ اوهان جي معرفت، اوڀر پاڪستان جي پنهنجن وڏن ڀائرن کي اپيل ڪريون ٿا ته هو پنهنجي مرحوم ليڊر جي واعدي کي ضرور پورو ڪن . . . .
    اسين هيءَ حقيقت بلڪل صاف طور واضع ڪرڻ چاهيون ٿا ته 1956ع جو آئين اسان جي لاءِ ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول نه ٿيندو، انهيءَ ڪري ته اهو قطعي غير جمهوري طريقي سان وجود ۾ آيل آئين ساز اسيمبليءَ تيار ڪيو هو. . .
    . . . شيخ صاحب ! ننڍن صوبن ۽ اوڀر پاڪستان جي مڙني مسئلن جو حل، اسان جي اتحاد ۾ پوشيده آهي. اوهان جي بيانن ۽ اوهان جي سياسي مضبوطيءَ مان ننڍن صوبن جي ماڻهن جي دلين ۾ اوهان جي شخصيت ۽ پارٽيءَ ۾ چڱيون اميدون پيدا ٿيون آهي. مشرقي پاڪستان کي آباديءَ جي بنياد تي نمائندگيءَ ۽ مڪمل طور اندروني خوداختياريءَ جا مطالبا، سواءِ ڪنهن شڪ شبهي جي اهڙا جائز ۽ درست آهن، جهڙا اسان جا. اسان اوهان سان گڏ هڪ ئي ٻيڙيءَ ۾ سوار آهيون، ان ڪري اوهان سان هر طرح ثابت قدم رهنداسين. اميد ته اوهان به اسان جي نصب العين جي حمايت جاري رکيو ايندا ۽ اسان جو ساٿ هرگز نه ڇڏيندا”.
    هن موقعي تي عوامي ليگ ۽ سنڌ متحده محاذ جي وچ ۾ ان بنياد تي هڪ سمجهوتو به ڪيو ويو.
    ٻئي طرف 5 آڪٽوبر 1969ع تي ڪوئيٽا ۾ “ بلوچستان متحده محاذ” قائم ڪرايم.
    هڪ طرف اسان اها ڪوشش ڪري رهيا هئاسون ته مظلوم ۽ ننڍن صوبن جو عوام متحد ٿي، نه رڳو ون يونٽ ٽوڙائي، پر آئيندي جي لاءِ اهڙيءَ ڪنهن خرابيءَ پيدا ٿيڻ کي روڪڻ لاءِ اهڙو آئيني ڍانچو تيار ڪيو وڃي، جنهن سان سموري ملڪ ۾ ڪا به رنجش ۽ نفرت پيدا نه ٿئي. اُن جي لاءِ سموري تناظر کي مد نظر رکي، آئين سازيءَ جي مسئلن تي وسيع تر اتحاد پيدا ڪرڻو هو، ته ٻئي طرف پاڪستاني حڪمران پنهنجن ڪن ڇاڙتن جي ذريعي اها ڪوشش ڪري رهيا هئا ته عوام جو ذهن آئيني ۽ سياسي مسئلن تان هٽائي، صرف ڪن فردن جي مخالفت ۽ گهٽ درجي جي طبقاتي تضادن ڏانهن موڙي، خسيس لالچن جي آڌار تي عوام کي سياسي شعور کان پري رکي پنهنجو اقتدار حاصل ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ هنن ٻن مُهرن کي وڏي ڪاميابيءَ سان استعمال ڪرڻ شروع ڪيو:
    اولهه پاڪستان ۾ اسان جي برخلاف ذوالفقار علي ڀٽي کي “ايوبي آمريت” جي شڪست جو هيرو ۽ فاتح بنائي، وسيع تر پبلسٽيءَ ۽ پروپيگنڊا جي ذريعي ماڻهن جي دماغن تي مسلط ڪيو ويو. ته ٻئي طرف اوڀر پاڪستان ۾ عوامي ليگ جي خلاف مولانا ڀاشانيءَ کان اهو ڪم وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. مولانا صاحب تي ته نيٺ بنگالي حب الوطني غالب پئجي وئي ۽ هن عوامي ليگ جي وڌندڙ مقبوليت جي سامهون هٿيار ڦٽا ڪيا، پر هتي مسٽر ذوالفقار علي ڀٽي، فوجي ۽ سول آفيسر شاهيءَ جي پٺڀرائيءَ سان اهو ڪردار انتهائي هوشياريءَ ۽ چالاڪيءَ ۽ حرفت سان ادا ڪيو ۽ هُن سنڌ جي قومپرست ۽ محب وطن ليڊرن ۽ تنظيمن خلاف جارحانه انداز اختيار ڪيو. بدقسمتيءَ سان “سنڌ متحده محاذ” ۾ شامل، ڪافي نوجوان ورڪرن ۽ ڪامريڊن تي ڀٽي جو اهو سحر ڪارگر ثابت ٿيو ۽ هُنن “سنڌ متحده محاذ” ۾ ڀڃ ڊاهه واري سياست ۽ طبقاتي اختلافن کي هوا ڏيڻ جون سازشون شروع ڪري ڏنيون. ٻئي پاسي ملٽري ڪمانڊر يحى خان به اولهه پاڪستان جي مظلوم صوبن جي قومپرستن جي هٿن مان واحد “اليڪشني اِشو” ون يونٽ ڊاهڻ واري کسي، ڀُٽي جي لاءِ ميدان صاف ڪري ڏنو ۽ هُن اسيمبلين جي قائم ٿيل ون يونٽ کي، هڪ صدارتي آرڊيننس ذريعي ختم ڪري، اسان جي 14 سالن جي ڪيل جدوجهد ۽ پنجابين طرفان لٽ مار ذريعي حاصل ڪيل اثاثن ۽ پئسن کي هميشه لاءِ پنجاب کي هضم ڪرائي ڇڏيو ۽ يڪدم اليڪشن جو اعلان ڪيو. نتيجي طور اليڪشن ۾ اسان قومپرست سنڌ مان ڪابه سيٽ کڻي نه سگهياسون. جيتوڻيڪ اليڪشن وقت مون پنهنجي وس، وت ۽ وسيلن آهر انهيءَ نئين غلاميءَ واري سيلاب جي سامهون بند ٻڌڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ جلسن، ميٽنگن، ڪتابن، اخباري مضمونن ۽ پاڪستان جي تاريخ ۾ ريڊيي ۽ ٽي وي تان واحد مليل موقعي کي استعمال ڪندي، پنهنجيءَ تقرير ۾ عوام کي باشعور ۽ خبردار رهڻ جي تلقين ڪئي، پر منهنجون اهي سڀ ڪوششون ڪامياب ٿي نه سگهيون پر پوءِ به مون کي اميد هئي ته پاڪستان جي نئين مرڪزي اسيمبليءَ ۾ عوامي ليگ جي 100 سيڪڙو نمائندگي ۽ بلوچستان ۽ پختونخواه مان قومپرستن جي ڪنهن قدر ڪاميابي، “صوبائي خودمختياري ۽ قومي تحفظ” جو ڪو نه ڪو اطمينان بخش ڍانچو تيار ڪرڻ ۾ مؤثر ڪردار ادا ڪري سگهندي. اُن لاءِ مون پنهنجا رابطا ۽ لاڳاپا، عوامي ليگ، بلوچ ۽ پختون قومپرست اڳواڻن سان برقرار رکيا. پر پنجابي حڪمران شايد گهڻي وقت کان وٺي سنڌ تي پنهنجو قبضو برقرار رکڻ لاءِ اهو طئي ڪري چُڪا هُئا ته بنگالي اڪثريت مان جان ڇڏائجي، ۽ اُن منصوبي تي هنن 1970ع جي اليڪشن کان پوءِ، ذوالفقار علي ڀٽي جي ذريعي عمل ڪرڻ شروع ڪري ڏنو.
    مون هاڻي چيو آهي ته پنجابي ابتدائي ڏينهن کان بنگالين مان جان ڇڏائڻ لاءِ ڪنهن موقعي جا منتظر هئا، اهو آئون پنهنجي طرفان ڪو نه چئي رهيو آهيان، پر اُن لاءِ هڪ پنجابي C.S.P آفيسر ۽ شاعر جناب فضل احمد ڪليم فضليءَ جي شهادت، هتي پيش ڪرڻ گهران ٿو، جيڪو اوڀر پاڪستان ۾ ويهه سال اهم سرڪاري عهدن تي فائز رهيو آهي. هو لکي ٿو :
    “ اهي ڪهڙيون ڳالهيون هيون، جن جي ڪري بنگال ۾ اهو احساس وڌندو ويو ته ان کي نه رڳو پاڪستان ۾، پر اُن جي تعمير ۾ به وڌيڪ غالب شريڪ سمجهڻ بجاءِ فتح ٿيل علائقو سمجهيو پيو وڃي. انهن سڀني ڳالهين کي جيڪڏهن مختصر نموني به لکيو وڃي ته گهٽ ۾ گهٽ هڪڙو ٻيڙو کپي، انهيءَ سمونڊ سيوڻ خاطر. تت انهيءَ جو اهو آهي ته بنگال ۾ جيڪا بد دلي پکڙي، تنهن جي ذميواري وڏي حد تائين اڳوڻين حڪومتن تي آهي. مون کي انهيءَ ڳالهه جو ذاتي طرح علم آهي ته پاڪستان ٺهئي اڃا ٻه ٽي سال ئي مس گذريا هئا ته اولهه پاڪستان جي ڪجهه آفيسرن، جن بعد ۾ حڪومت کي ٺاهڻ، ڊاهڻ ۽ هلائڻ ۾ مکيه حصو ورتو، اهو سوچڻ شروع ڪيو هو ته هڪ نه هڪ ڏينهن بنگال جي اڪثريت پاڻ مڃائيندو ۽ سندن هٿن منجهان اقتدار نڪري ويندو. انهيءَ ڪري اهڙيون تدبيرون اختيار ڪرڻ گهرجن، جو بنگال ۾ الڳ ٿيڻ جو جذبو آهستي آهستي وڌي. اسان الزام به انهن تي ئي ڏيندا رهون ته توهان علحدگي پسند آهيو ۽ نيٺ هُو الڳ ٿيڻ لاءِ راضي ٿي وڃن. جيئن ته آئون انهن ڏينهن ۾ اوڀر پاڪستان جي با اثر آفيسرن ۾ شمار ٿيندو هئس. اُن ڪري مون سان اهڙو مشور ڪيو ويو. مون اُن پلاننگ جي شديد مخالفت ڪئي ۽ چيو، اها پاڪستان سان کليل غداري ۽ پاڪستان سان کليل غداري ۽ پاڪستان جي تباهيءَ جو سامان آهي. پر شاهي ايوانن ۾ درويشن جون ڳالهيون ڪير ٻڌي! يار پنهنجيءَ ڌن ۾ لڳا رهيا. اولهه پاڪستان جي سمورن پرڳڻن کي ختم ڪري، هڪ اڪيلو صوبو (مغربي پاڪستان)، بنگال کي الڳ ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويو هو.
    [ هفتيوار زندگي لاهور ـ 11 کان 17 فيبروري 1971ع ـ بحواله : “ جديد سنڌ جا مسئلا ۽ حل”. از : محمد موسى ڀٽو، ص 55 ـ 154]
    انهيءَ اسڪيم تي عمل پيرا ٿيڻ ۾ هڪ سنڌي سياستدان مسٽر ذوالفقار علي ڀٽي، جيڪو ڪردار ادا ڪيو، سو آئون سمجهان ٿو انساني تاريخ ۾ اقتدار خاطر دلال طور استعمال ٿيڻ ۽ ٽيهه لک ماڻهو مارائڻ جو بي مثال واقعو آهي. ايترا ماڻهو ڪن فاتحن ڊگهين جنگين ۾ به نه قتل ڪرايا هوندا، پر 9 مهينن جي مختصر وقت ۾ مسلم عوام جو اهڙو قتل عام انتهائي شرمناڪ ۽ اسلام جي نالي تي ڪارنهن جو ٽڪو آهي. بنگال جي خانه جنگيءَ دوران مون کي خبر پئي ته لاڙڪاڻي ضلعي جي هڪ مشهور ڍنڍ “ڊگهه بالا” ۾ شڪار دوران يحى خان، ذوالفقار علي ڀٽي ۽ فوجي جنرلن” اهو منصوبو ٺاهيو ته بنگالين کي ڪنهن به صورت ۾ متحده پاڪستان ۾ حڪومت ڪرڻ نه ڏني ويندي. اُن لاءِ ڀُٽي کي ڪهڙو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، سو به کيس ذهن نشين ڪرائڻ سان گڏ اهو طئي ٿيو ته کين ماڻهو ڇو نه مارڻا پون، پر عوامي ليگ کي اقتدار نه ڏنو ويندو.
    مون کي جڏهن ان منصوبي جي خبر پئي ته آئون پهرين پشاور ۾ نيشنل عوامي پارٽيءَ جي صدر خان عبدالولي خان سان وڃي مليس ۽ کيس چيم ته هيءُ موقعو آهي جو اسان کي بنگالين جي مدد ڪرڻ کپي ۽ عوامي ليگ جي ڇهه نقاطي فارمولي مطابق پاڪستان جي نئين سر تشڪيل ڪري، قومي مسئلي کي حل ڪري ۽ قومن جي حقن کي هميشه لاءِ پنجابين ۽ آرميءَ جي دست اندازيءَ کان محفوظ بنايو وڃي. ان تي عبدالولي خان مون کي چيو ته، “اسان عوام ليگ جي مدد نٿا ڪري سگهون، ڇو ته اُن جي ڇهن نقطن مان نقطي نمبر (3) ۾ ڄاڻايل آهي ته : “سڀني صوبن جون الڳ الڳ ڪرنسيون هونديون، جيڪڏهن ساري ملڪ جي هڪ ڪرنسي هجي ته ان صورت ۾ ناڻي جي هڪ صوبي کان ٻئي صوبي ڏانهن منتقليءَ کي روڪڻ لاءِ هر صوبي کي جُدا رزروڊ بئنڪ هجي.” اهو نقطو اسان پٺاڻن لاءِ نقصانڪار آهي، ڇو ته اسان جا ڏهه لک پٺاڻ سنڌ ۾ رهن ٿا. جيڪڏهن اُنهن مان هر هڪ روزانو پنج رپيا ڪمائي، تڏهن به پنجاهه لک روپيا روزانه ڪمائي ٿئي ٿي ۽ اها ان نقطي موجب سنڌ ۾ ئي رهندي ۽ انهن پٺاڻن جا ٻار، جيڪي صوبي سرحد ۾ رهن ٿا، سي بک مرندا. اُن ڪري اهو نقطو اسان پٺاڻن لاءِ هاڃيڪار آهي، سو اسان ڪهڙيءَ طرح عوامي ليگ جي مدد ڪري سگهون ٿا.
    خان عبدالولي خان جي انهيءَ جواب مون کي نه رڳو مايوس ڪيو، پر حيران به ڪيو، ڇو ته اهو سراسر نعپ جي پراڻيءَ پاليسيءَ جي خلاف ۽ اهل پنجاب جي مفاد جي وڪالت برابر هو ۽ ان مان سنڌ جي ڦرلٽ ۾ پٺاڻن ۽ پنجابين سان ڀاڱي ڀائيواري واري بُوءِ اچي رهي هئي. ولي خان کان مايوس ٿي، آئون فيبروري. 1971ع ۾ ڍاڪا ويس ۽ شيخ مجيب الرحمان سان ملي، کيس جنرلن جي منصوبي کان آگاهه ڪيم، ڇو ته منهنجي خواهش هئي ۽ مون سمجهيوٿي ته عوامي ليگ جي اقتدار ۾ اچڻ ۽ بنگال جي گڏ رهڻ سان اهڙو آئيني نظام رائج ٿي سگهيو ٿي، جنهن سان مظلوم قومون سنڌي، بلوچ ۽ پختون مطمئن ۽ باوقار نموني هن “گهڻ ـ قومي يونين” ۾ پنهنجيءَ مرضيءَ سان رهي سگهيون ٿي. شيخ صاحب، منهنجي ڳالهه ٻڌڻ کان پوءِ چيو ته “مون کي جنرلن جي منصوبي جا پروڻ پئجي چڪا آهن. آئون هر ممڪن ڪوشش ڪندس ته پنهنجي ملڪ ۾، پنهنجن ماڻهن سان گڏ رهان ۽ ڪوشش ڪريان ته عوامي طاقت جي آڌار تي پاڪستان کي صحيح معنى ۾ آزاد قومن جي يونين بنائي سگهان. جيڪڏهن ههڙين حالتن ۾ آئون پنهنجن ماڻهن کان ڌار ٿيس ته هو بنگال جي هر ماڻهوءَ کي قتل ڪندا ۽ هر گهر کي باهه ڏئي ڇڏيندا. پر سنڌ جي حالت بنگال کان مختلف آهي. سنڌي ماڻهو، قومپرستن بدران وفاق پرست ۽ پنجاب جي دلال ذوالفقار علي ڀٽي جي چنبي ۾ ڦاٿل آهن. ان ڪري، توهان مهرباني ڪري ڪجهه وقت لاءِ سنڌ کان ٻاهر هليا وڃو، ڇو ته بنگال تي ٿيندڙ ملٽري ائڪشن جا ڇنڊا ۽ اثر توهان تي ضرور پوندا. اُن ڪري، اوهان جو ملڪ کان ٻاهر رهڻ ضروري آهي.”
    آئون شيخ مجيب الرحمان جو مشورو مڃي، روضه رسول مقبول ۽ خانه ڪعبه جي زيارت لاءِ سعودي عرب هليو ويس. اتان مُون پنهنجي پراڻي رفيق ڪار سياسي ساٿي خان عبدالغفار خان (جيڪو اُن وقت ڪابل ۾ رهيل هو) سان خط و ڪتابت رستي ڪئي ته ڪهڙي طريقي سان حالتون سڌاري سگهجن ٿيون. پر افسوس جو اسان اُن موقعي تي به پنهنجن خوابن مطابق حالتن جو رُخ موڙي نه سگهياسون ۽ نه ئي بنگال جو ڏکڻ ايشيا جي تاريخ جو وڏي ۾ وڏو قتل عام، هڪ ڪروڙ ماڻهن جي لڏ پلاڻ ۽ لکين عورتن جي عصمت دريءَ کي روڪي سگهياسين. نيٺ مايوس ٿي آئون ڪجهه عرصي ٻاهر رهڻ بعد وري موٽي سنڌ آيس، جتي مون کي فوجي آمر يحى خان گرفتاري ڪري، پنهنجي گهر ۾ نظر بند ڪيو. منهنجيءَ غير حاضريءَ ۾، منهنجا ٻيا سياسي رفيق شيخ اياز، قاضي فيض محمد، غلام محمد لغاري وغيره گرفتار ٿي چڪا هئا ۽ ملڪ ۾ هڪ ڀيرو وري دهشت، داروگير ۽ بربريت جو سلسلو شروع ٿي چڪو هو.
    اهڙي ماحول ۾ فوجي جرنيلن ۽ سول بيورڪريسيءَ، مسٽر ذوالفقار علي ڀٽي جي صلاح سان هندستان سان جنگ ڇيڙي ڇڏي، جنهن ۾ اوڀر پاڪستان ۾ 16 ڊسمبر 1971ع تي پاڪستاني فوجي ڪمانڊر جنرل اروڙا جي پيرن ۾ اڇلائي، پنجابين جي پراڻي خواهش ته “بنگالي الڳ ٿي وڃن” ـ تي مهرِ تصديق هڻي ڇڏي. جيتوڻيڪ اُن وقت کان اڳ ۾ نام نهاد سول حڪومت بحال ڪرڻ جي بهاني سان عالمي راءِ عامه جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ لاءِ يحى خان نورالامين کي پاڪستان جو وزيراعظم ۽ مسٽر ڀُٽي کي بنا ڪنهن اسيمبليءَ اجلاس سڏائڻ جي نائب وزيراعظم ۽ وزير خارجه مقرر ڪري، اقوام متحده جي سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ پاڪستان جو نمائندو بنائي موڪليو ته جيئن وڃي بنگالين جي قتل عام ۽ مجيب الرحمان جي غداريءَ جي الزام هيٺ گرفتاريءَ کي اخلاقي ۽ اسلامي طرح جائز ۽ ضرور ثابت ڪري. ڀُٽي صاحب اُتي پهچي، پاڪستان کي متحده رکڻ واري آخري ڪوشش، پولينڊ جي قرارداد” کي ڦاڙي، اڇلائي، بنگال ۾ پاڪستان آرميءَ جي شڪست کي يقيني بنايو ته جيئن بنگال الڳ ٿي وڃي ته پاڻ اولهه پاڪستان ۾ اڪثريتي پارٽيءَ جي ليڊر جي حيثيت سان پنهنجي پٺڀرائو جرنيلن ـ مسٽر گل حسن، جنرل پيرزادي، جنرل حميد ۽ ٻين جي مدد سان اقتدار حاصل ڪري سگهي ۽ ان ۾ هو انتهائي چالاڪيءَ سان ڪامياب ويو ۽ 20 ڊسمبر 1971ع تي هُن اسلام آباد ۾ دنيا جي تاريخ جي پهرين سول مارشل لا ائڊمنسٽريٽر جو ٻلو پنهنجي سيني تي سجايو ۽ اهڙي طريقي سان سنڌين، بلوچن ۽ پٺاڻن جو هڪ مضبوط ڀرجهلو بنگال، الڳ ٿي ويو.
    اسان پنجاب جي ليڊرن جي پراڻي فارمولا تحت پنجاب جي مڪمل ماتحتيءَ ۾ اچي ويا سون. ڀُٽي صاحب اقتدار وٺڻ شرط عالمي طرح پنهنجي ڪمزور پوزيشن کي محسوس ڪندي، ڪي قدم کنيا جن مان نعپ تا بندش ختم ڪرڻ، شيخ مجيب الرحمان کي آزاد ڪرڻ ۽ سنڌ ۾ مون سميت قومي ڪارڪنن تان پابنديون هٽائڻ شامل هئا.
    اهي واقعا 1971ع جي پڇاڙيءَ جا آهن.


    19

    1972ع جي شروع ۾ مون سن ۾ پنهنجي سالگره ملهائي، جنهن ۾ سڄي سنڌ مان سوين قومي ڪارڪن ۽ هزارين ماڻهون شريڪ ٿيا، جن جي موجودگيءَ ۾ مون پنهنجي صدارتي تقرير ۾ بچيل ملڪ کي بچائڻ ۽ ان جي آئيني جوڙجڪ لاءِ چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ۽ صدر پاڪستان ذوالفقار علي ڀُٽي کي ڪي تجويزون پيش ڪيون. ان تقرير ۾ مون چيو ته :
    “گذريل سال پاڪستان لاءِ نحس ثابت ٿيو. اليڪشن کان پوءِ اميد هئي ته حڪومت جون واڳون عوام جي حوالي ٿينديون، پر ائين نه ٿيو ته. اڪثريتيءَ پارٽيءَ کي واڳ ڏيڻ جي عيوض 25 مارچ 1971ع تي ملٽريءَ سڌو قدم کڻي حالتون نازڪ بنائي ڇڏيون. سڄا سارا نو مهينا بنگال ۾ سول وار جاري رهي، لکين ماڻهو قتل ٿيا ۽ ڪروڙ کن ماڻهن ملڪ ڇڏي وڃي ڀارت ۾ پناهه ورتي. 3 ڊسمبر 1971ع تي جنگ مغربي پاڪستان طرف به ڇڪجي آئي. 6 ڊسمبر تي ڀارت، بنگال جي عوامي ليگ حڪومت کي تسليم ڪندي، کليو کلايو پاڪستان تي لشڪر موڪلي حملو ڪيو. نيٺ 16 ڊسمبر 1971ع تي تيرهن ڏينهن جي جنگ کان پوءِ پاڪستاني فوجون بنگال ۾ هٿيار ڦٽا ڪري پيش پيون.
    جنهن بعد ڀارت طرفان يڪ طرفو جنگ بند ڪرڻ جو اعلان ٿيو. اُن جي جواب ۾ پاڪستان حڪومت به جنگ بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو. اُن جي رد عمل ۾ جنرل يحى خان خلاف سخت مخالفت پيدا ٿي. ان کان مجبور ٿي، هن سندس عهدي تان استعيفى ڏئي ذوالفقار علي ڀٽي کي 20 ڊسمبر 1971ع تي پنهنجي جاءِ تي صدر نامزد ڪيو. 22 ڊسمبر 1971ع تي آزاد بنگلاديش حڪومت ڍاڪا ۾ داخل ٿي، حڪومت جون واڳون سنڀاليون. اُن سموريءَ ڪارگذاريءَ ڪري نتيجو اهو نڪتو ته بنگال ساڍا 7 ڪروڙ ماڻهن سميت پاڪستان کان جُدا ٿي ويو.
    آئون اهو سمورو عرصو نظر بند هوس. ڪيترا منهنجا دوست به جيلن ۾ هئا. مون کي اُن سموري عرصي ۾ پڙهڻ، لکڻ ۽ غور فڪر ڪرڻ لاءِ چڱو وقت مليو، جنهن سبب معلومات ۾ اضافو ٿيڻ ڪري پنهنجا تاثرات قلمبند ڪري سگهيو آهيا.
    نئين صدر همت کان ڪم وٺي هڪ طرف اسان کي آزاد ڪيو، ٻئي طرف 8 جنوري 1972ع تي شيخ مجيب الرحمان کي آزاد ڪري ڍاڪا وڃڻ لاءِ اجاز ڏني، جتي هن 10 جنوري تي وڃي حڪومت جون واڳون سنڀاليون.
    نئين صدر حڪومت جون واڳون اُن وقت ورتيون آهن، جڏهن پاڪستان جي سامهون ڪيئي مسئلا ۽ مشڪلاتون درپيش آهن. جنگ ۾ شڪست اچڻ ڪري هڪ لک کن سپاهي (فوجي) نظر بند آهن. ملڪ کي اربها رپين جو نقصان رسيو آهي. مغربي پاڪستان مان به ڪجهه حصا ڀارت جي هٿ هيٺ ويل آهن. فوجون سرحد تي آهن. مارشل لا هٽائڻ ۽ صوبن ۾ حڪومت بحال ڪرڻ جو مطالبو ٿي رهيو آهي. آئين ٺاهڻ، بنگلاديش کي تسليم ڪرڻ، ڀارت ۽ افغانستان سان تعلقات قائم ڪرڻ ۽ عوام جي غربت دور ڪرڻ جا مسئلا حل طلب آهن.
    ملڪ جي آئنده سلامتي، ترقيءَ ۽ تعمير جو مدار انهن سوالن جي خاطر خواه نموني حل ڪرڻ تي آهي. جيتري قدر مون ان مسئلي تي غور ڪيو آهي، آئون ان نتيجي تي پهتو آهيان ته پاڪستان جي انتشار، افراتفريءَ ۽ موجوده پست حالت جا هيٺيان ڪارڻ آهن :
    (1) مسلمانن جي جداگانه قوم جو نظريو : دنيا ۾ ڪٿي به مذهبي بنياد تي قوم جو وجود تسليم ٿيل نظر نه ايندو. هندستان ۾ ڪن عارضي اختلافن جي پيدا ٿيڻ سبب مسلم اقليتن ۽ پنجاب جي مستقل مفاد ۾ مسلمانن اهو نظريو ايجاد ڪري، سامراجي خيال جي انگريز آفيسرن معرفت ملڪ جي ورهاست ڪرائي.
    پاڪستان جي بانيءَ، ان نظريي جي دائمي طور ڪتب آڻڻ کي نقصان ڪار ڄاڻي. 11 آگسٽ 1947ع تي آئين ساز اسيمبليءَ پهرين نشست ۾ ان کي رد ڪري ڇڏيو. ليڪن هو گهڻو وقت زنده نه رهيو. بعد ۾ مذڪوره بالا گروه، سندن اقتدار ۽ استحصال کي قائم رکڻ خاطر ان کي ڪتب آڻيندو رهيو آهي. ان نظريي ۾ اعتماد رکڻ ڪري، ملڪ کي هيٺين مشڪلاتن ۾ مبتلا ٿيڻو پيو آهي.
    (الف) بنگال، سنڌ، بلوچستان ۽ پختون ايراضيءَ جي هزارها سالن جي قديم قومن جي وجود کان انڪار ڪرڻو پوي ٿو.
    (ب) جنهن ڪري اتي جي قومن جي زبانن، ڪلچرن، سياسي ۽ اقتصادي مفادن ۽ وطنن کي نقصان پهچي ٿو.
    (ث) مستقل مفاد اُن نظرئي جي آڙ وٺي مذهبي نظام حڪومت، ڀارت دشمني ۽ علائقن جي حڪومتن جا نعرا لڳائي عوام جو توجهه حقيقي مسئلن کان هٽائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. سياست ملڪ کي نفرت جي بنياد تي هلايو وڃي ٿو. انهيءَ ڪري ون يونٽ ٺاهي وئي. جنهن سبب اولهه پاڪستان جي صوبن ۾ رد عمل پيدا ٿي، صوبائي عصبيت زور ورتو. انهيءَ ڪري بنگال الڳ ٿي ويو. انهيءَ وجهه ڪري پنجاب، سنڌ، بلوچستان ۾ عوامي نمائندن جون حڪومتون اقتدار ۾ اڃان تائين اچي نه سگهيون آهن.
    نئين صدر صاحب اعلان ڪيو آهي ته ملڪ جون حالتون نهايت گنڀير آهن، تنهن ڪري ملڪ جي ساري پاليسيءَ تي از سر نو غور ڪندو. ان ڪري هر هڪ شهريءَ جو فرض آهي ته کيس اهڙي نئين پاليسي مرتب ڪرڻ لاءِ مشورا پيش ڪري. ان نقطئه نگاه کان آئون به ڪي تجويزون پيش ڪريان ٿو، جي سندس ۽ عوام جي ويچار هيٺ اچڻ گهرجن.
    وقت آيو آهي ته گذشته 24 سالن جي تجربن مان فائدو وٺي اسان بنيادي تبڊيليون آڻيون. ان مان سڀ کان وڏي تبديلي مسلمانن جي جداگانه نظرئي کي خبر آباد چئي، پاڪستان کي پنجن قومن جو وطن تسليم ڪرڻو آهي. جنهن صورت ۾ هر هڪ قوم کي خوداراديءَ جو حق رهي ٿو ته ان بنياد تي جيڪڏهن اهلِ بنگال آزاد ٿي جدا رهڻ گهرن ٿا ته سندن اهڙي تقاضا کي صحيح سمجهي بنگلاديش کي تسليم ڪرڻ گهرجي.
    مغربي پاڪستان جي باقي چئن قومن جي رياستن کي اندروني طور مڪمل خودمختياري ڏئي، سندن باهمي سمجهوتي سان هڪ فيڊريشن ٺاهجي، جنهن ۾ مرڪزي حڪومت کي صرف 3 کاتا سپرد ڪيا وڃن. دفاع، خارجي معاملات ۽ ڪرنسي. باقي سڀ کاتا علائقائي رياستن جي حوالي رهڻ ڏجن. ٻي صورت ۾ پاڪستان جو اندروني انتشار ختم ٿي، ملڪ جو مستحڪم ٿيڻ مشڪل پيو نظر اچي.
    (2) مذهبي نظام حڪومت: هي ڳالهه به خاص ذهن ۾ ويهارڻ جي لائق آهي ته دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ مذهبي نظام حڪومت مروج ناهي. دنيا جي جديد حالات مطابق ان جي مستقبل ۾ ڪٿي به رائج ٿيڻ جو امڪان ناهي. مٿي ذڪر ڪيل نظرئي ۾ اعتماد رکڻ سبب پاڪستان جي جملي حڪومتن لفظي طرح ان نظرئي موجب نظام ٺاهڻ جا وعدا پئي ڪيا آهن. جنهن صورت ۾ اهڙو نظام قائم ٿيڻ ناممڪن آهي، ان ڪري اُن تي عمل ٿي نه سگهيو آهي. نتيجو هيءُ پئي نڪتو آهي ته حڪومتن جي قول ۽ فعل ۾ تفاوت پئي رهيو آهي. جنهن ڪري رجعت پسند گروهن طرفان حڪومتن خلاف پروپيگنڊا ڪرڻ ۽ پنهنجي قوتن کي زور وٺرائڻ لاءِ اسباب پئي رهيا آهن.
    نظر ڪري ڏسبو ته دنيا جي اڪثر حڪومتن جو آئين ۽ نظام سيڪيولر طريقي جو آهي، تنهن ڪري هن ملڪ ۾ جداگانه آئين ۽ نظام قائم ڪرڻ تقريباً ناممڪن پيو نظر اچي. تنهن ڪري بهتر ائين آهي ته صاف ظاهر ڪجي ته اهڙو آئيني نظام قائم ڪري نه سگهبو.
    جيڪڏهن هن وقت صاف گوئيءَ کان ڪم نه وٺبو ته ترقي پسند گروهن کي آئينده هلي رجعت پسند طاقت کي منهن ڏيڻ مشڪل ٿي پوندو. ان ڪري نئين صدر صاحب کي عرض ڪجي ٿو ته ان بابت صاف ذهن کان ڪم وٺي سيڪيولر نظام حڪومت واري پاليسي مرتب ڪري، نه ته اُهي قوتون سندس سوشلزم ۽ عوامي مفاد جي پروگرام ۾ چپي چپي تي مذهب جي نالي ۾ رنڊڪون وجهنديون رهنديون.
    (3) فسطائي نظريه سياست: بدقسمتيءَ سان پاڪستان ۾ ابتدا کان وٺي مستقل مفاد جي تسلط هئڻ سبب صحيح طور تي جمهوريت ۽ عوامي حڪومت قائم ٿي نه سگهي آهي، جنهن ڪري ملڪ ۾ چونڊ ذريعي آئين ٺهي نه سگهيو آهي. مستقل مفاد طرفان هڪ ٻئي جي حڪومتن کي بدلائڻ جو دستور هلندو رهيو آهي.
    ابتدا ۾ ته نالي خاطر چونڊيل ميمبرن جون اسيمبليون هلنديون هيون، پر آهستي ٿي ڊڪٽيٽري راڄ قائم ٿيو، جنهن جو دؤر اڌ کان وڌيڪ عرصي تائين قائم رهيو. اهي ڊڪٽيٽر ڪڏهن ڪنٽرولڊ ڊيموڪريسي (ضابطي واري جمهوريت)، ڪڏهن بنيادي جمهوريت ۽ ڪڏهن مضبوط مرڪز جا نعرا لڳائي، پنهنجي تسلط کي قائم رکندا آيا آهن.
    هيءُ پهريون دفعو آهي ته عوام طرفان چونڊيل ميمبرن کي اقتدار هٿ ڪرڻ جو موقعو مليو آهي. ممڪن آهي اهي طاقتون، جن اڳ جمهوريت بحال ڪرڻ ۾ رنڊڪون وڌيون هيون، وري به ان کي ناڪام بنائين، تنهن ڪري هر هڪ شهريءَ جو فرض آهي ته هن موقعي کي ناڪامياب بنائڻ نه ڏين.
    اهو تڏهن ٿي سگهندو، جڏهن اول ۾ صوبائي حڪومتن کي مڪمل اختياري ڏئي، ڪاروبار هلائڻ ڏنو وڃي. تنهن ڪري مرڪزي اسيمبليءَ سڏڻ ۾ دير ٿئي ته پرواه ناهي، پر صوبائي وزارتون جلد ٺاهڻ ڏنيون وڃن. انهيءَ اصول کي مد نظر رکي سنڌ ۽ پنجاب ۾ حڪومت جون واڳون پيپلز پارٽيءَ جي هٿ ۾ هئڻ گهرجن ۽ سرحد ۽ بلوچستان ۾ حڪومتن جون واڳون ڪوئليشن پارٽين جي حوالي ڪرڻ گهرجن، صوبن جا گورنر انهيءَ اصول پٽاندڙ صوبن جي حڪمران پارٽين جا هئڻ گهرجن، ٻيءَ صورت ۾ صوبائي خودمختياري بي معنى ٿي پوندي. ملڪ جو آئين انڊين پاڪستان انڊپينڊنس ائڪٽ مطابق هلايو وڃي. آئنده جو آئين 12 مهينن جي تجربي بعد رياستن جي رضامنديءَ سان پارليامينٽري طرز جو ٺاهيو وڃي، جنهن جي ٺاهڻ لاءِ اڪثريت موجب فيصلا نه ڪيا وڃن، بلڪ هر هڪ صوبي جي رضامنديءَ شامل ڪرڻ گهرجي ۽ مرڪز کي صرف 3 کاتا سپرد ڪيا وڃن. وقت آيو آهي ته صدر صاحب ان طرف غور ڪري ترت فيصلا ڪري، نه ته ممڪن آهي رجعت پسند طبقا وري ان موقعي کي به ناڪام بنائين.
    (4) مستقل مفاد طرفان استحصال : تجربي ۽ تاريخي حقائق جي بنياد تي ڪيترا ماڻهو ان نتيجي تي پهتا آهن ته مسلم اقليت وارن صوبن ۽ پنجاب جي ڪامورن ۽ زميندار طبقي جي مسلم مستقل مفاد طرفان مسلمانن جي جدا قومن جو نظريو ايجاد ٿي، ملڪ جو ورهاڱو ڪرايو ويو. ان جي پويان انهيءَ طبقي جي نئين ملڪ ۾ تسلط ۽ استحصال قائم ڪرڻ جو جذبو مضمر هو. گذريل 24 ساله عرصي جي تاريخ گواهي ڏئي ٿي ته ان ئي گروه نه ملڪ جو آئين ٺاهڻ ڏنو، نه عوامي حڪومت کي وجود ۾ اچڻ ڏنو.
    هن وقت مس مس عوامي طرح چونڊيل صدر اقتدار ۾ آيو آهي. سندس پارٽيءَ جي پروگرام ۽ واعدن ڪري مستقل مفاد کي ڪُک ۾ ڪان هوندو. ممڪن آهي هو سندس هٽائڻ لاءِ ڪي طريقا استعمال ڪن. ان ڪري اهو نهايت ضروري آهي ته سندن استحصال ختم ڪرڻ کان اڳ سندن وري اقتدار ۾ اچڻ جا رستا ۽ ذريعا ختم ڪيا وڃن. ڇاڪاڻ ته قومن جي تعمير ۽ ترقي چند مهينن ۾ ڪانه ٿي سگهندي آهي. سوويت يونين ۽ چين جا مثال اسان جي سامهون آهن، جن کي نئين طرز تي تعمير ڪرڻ لاءِ سالن جا سال گذري ويا آهن، پر اڃا تائين سندن ڪم پايه تڪميل تي ڪونه پهتا آهن. انهيءَ لاءِ عرصئه دراز جي ضرورت آهي. تنهن ڪري صدر صاحب کي اهي طريقا اختيار ڪرڻ گهرجن، جيڪي عوامي دور کي قائم رکڻ لاءِ ڪارائتا ٿين. جيڪڏهن چند سڌارا ڪيائين ۽ ان کان پوءِ هنن کيس هٽائي ڇڏيو ته ساري محنت رائيگان ٿي ويندي. تنهن ڪري بنيادي طرح سان کيس اول ۾ اهي مسئلا حل ڪرڻ گهرجن، جن جي ڪري هنن جو حڪومت تي تسلط ۽ اثر رهي ٿو. منهنجي نظر ۾ اهي ذريعا جيڪي مستقل مفاد کي حڪومتن تي تسلط ۽ اثر ڏين ٿا، سي هيٺيان آهن :
    1. مرڪزي حڪومت جي مضبوطي : جنهن ڪري ملٽري ۽ سول سروس وارا ساري نظام حڪومت تي اثر انداز ٿين ٿا.
    2. مسلمانن جي جداگانه قوم جو نظريو : جنهن ڪري مختلف علائقائي قومن جي حقن جي پائمالي ڪري، مستقل مفاد، سندن استحصال جاري رکڻ لاءِ منصوبابندي ڪن ٿا.
    3. اسلامي نظام حڪومت : جنهن ڪري عوام جو توجهه سندن روزمره جي مسئلن کان هٽائي، عقل جي عيوض جذباتي بنيادن تي رکي مستقل مفادن جي استحصال جاري رکڻ لاءِ ميدان هموار ڪيو وڃي ٿو.
    4. ڀروارن ملڪن جي مخالفت: جنهن ڪري هنگامي حالتن جو اظهار ڪري لشڪر وڌائڻ ۽ عوام جي آزادي سلب ڪرڻ لاءِ جواز پيدا ڪيا وڃن ٿا.
    انهيءَ ڪري صدر صاحب کي سندس پروگرام کي پايه تڪميل تي پهچائڻ لاءِ پهرين مذڪور بالا چئني سوالن جو فيصلو ڪرڻو پوندو، جيئن “نه هجي بانس نه وڄي بانسري”.
    ڀارت سان سمجهوتو، بنگلاديش کي تسليم ڪرڻ، مغربي پاڪستان جي چئن قومن کي تسليم ڪري انهن کي آزادي ڏيارڻ، مُلن ۽ پيرن جو سياست مان اثر زائل ڪرڻ نهايت ضروري آهي. انهن کي زائل ڪرڻ بعد هو پنج ساله منصوبه بندين ذريعي آهستي آهستي ڪري ملڪ جو ترقي ۽ تعمير ڪري سگهي ٿو. باقي مارشل لا جاري رکي مرڪزي حڪومت مضبوط ڪرڻ، اسلامي نظام حڪومت ۽ مسلمانن جي جدا قوم جي نظريي کي مڃڻ ۽ ڀروارن ملڪن سان دشمني واري پاليسي جاري رکڻ بعد نه سول سروس ۽ ملٽريءَ جو اثر گهٽائي سگهندو ۽ نه کيس عرصئه دراز تائين ڪم ڪرڻ لاءِ وقت ڏنو ويندو.
    5. ڀروارن ملڪن سان دشمني : پاڪستان قائم ٿيڻ کان وٺي جملي حڪومتن جي پاليسي ڀارت ۽ افغانستان جي دشمنيءَ جي آڌار تي رٿيل رهي آهي. انهيءَ پاليسي سبب لشڪر وڌائڻ ضروري سمجهيو ويو ۽ ان لاءِ ٻاهرين سامراجي طاقتن کان مدد حاصل ڪرڻ واسطي عهدناما ڪيا ويا. انهيءَ ڪري ٽي جنگيون ڪرڻيون پيون. لشڪر وڌائڻ سبب ملٽريءَ کي سياست ۾ دست اندازيءَ ڪرڻ جو موقعو ميسر ٿيو ۽ ڊڪٽيٽري نظام قائم ٿيو. جيڪڏهن ان مسئلي جي تهه ۾ وڃبو ته ملڪي سياست کي نفرت جي بنياد تي تعمير ڪرڻ ان جو مکيه ڪارڻ آهي.
    پاڪستان کي قائم ڪرڻ لاءِ امن جي ضرورت آهي. اهو تڏهن حاصل ٿي سگهندو. جڏهن ان جا تعلقات ڀروارن ملڪن سان دوستاڻه هجن. مستقل مفاد ڪڏهن به نه چاهيندا ته پاڪستان جي موجوده دشمنيءَ واري پاليسي ختم ڪئي وڃي، ڇاڪاڻ ته ان ڪري ئي هنگامي حالتن جي عذر تي هو پنهنجو اقتدار ۽ استحصال قائم رکي سگهن ٿا.
    اهي چند سوال آهن، جن جو خاطر خواه حل پاڪستان کي موجوده گنڀير حالتن مان ڪڍي سگهي ٿو.
    سنڌ جي دانشور طبقي لاءِ مون چند تجويزون رٿيون آهن، جيڪڏهن هو ان تي عمل ڪندا ته ملڪ جا گهڻا مسئلا حل ڪرڻ ۾ مدد ڏئي سگهندا.
    1. مذڪور بالا پنجن اصولن جي تشريح ڪري، ذهني تبديلي آڻڻ لاءِ مون ڪي خيال قلم بند ڪيا آهن، انهن کان واقفيت حاصل ڪن.
    2. صدر جي نالي چند معروضات پيش ڪري، انهيءَ بنياد تي عام راءِ پيدا ڪن.
    3. مخلص ڪارڪنن تي مشتمل “خدامِ سنڌ” جا جٿا تيار ڪن.
    منهنجي سمجهه موجب نئين صدر جي هٿ هيٺ عوام کي آخري موقعو مليو آهي ته ملڪي مسئلن کي حل ڪرائين، نه ته پاڪستان پرزا پرزا ٿي ويندو.
    جيئن ته صدر جي چؤ طرف ڪئين ماڻهو ڦريا بيٺا آهن. ان ڪري مؤثر تجويزون ان تائين پهچائڻ لاءِ عوامي آواز پيدا ڪرڻو پوندو.”
    جيتوڻيڪ بنگال جي الڳ ٿي وڃڻ سان آباديءَ ۽ طاقت جو سمورو توازن پنجاب جي حق ۾ هليو ويو هو، جنهن ئي پنجاب پاڪستان جي 24 ساله تاريخ ۾ پنهنجي فوجي ۽ سول بيورو ڪريسيءَ ذريعي بنگال سميت ٻين صوبن کي ڦريو، لٽيو ۽ چٿيو چيڀاٽيو هو، ان کان ڪنهن چڱائيءَ جي اُميد رکڻ ۽ انصاف جي توقع رکڻ “ٻٻرن کان ٻير گهرڻ” جي برابر هو، پر جيئن ته ان وقت پنجاب شڪست خورده هو، اُن جا هزارين فوجي سپاهي هندستان وٽ قيد هئا، اُن جو ڪافي علائقو هندستان جي قبضي ۾ هو، اُن ڪري مون سمجهيو ٿي ته هاڻي شايد پنجاب جي عسڪري ذهني برتريءَ ۾ ڪا تبديلي آئي هوندي ۽ هُو ٻين صوبن سان برابريءَ ۽ برادريءَ جي بنياد تي معاملو طئي ڪرڻ لاءِ تيار هجي. اُن ڪري ئي آخري دفعو مون گڏجي رهڻ لاءِ تقرير ۾ پيش ڪيل تجويزون، صدر پاڪستان (ذوالفقار علي ڀٽي) ڏانهن ڏياري موڪليون هيون، ته جيئن هُو هن علائقي مان بحران ختم ڪرڻ لاءِ ڪو آئيني سرشتو لاڳو ڪري، جنهن مان مظلوم قومون ۽ صوبا مطمئن ٿي سگهن. پر انصاف، رواداريءَ، برابريءَ ۽ برادريءَ واريون صفتون پاڪستاني حڪمرانن جي سرِشت ۽ طبعيت مان ائين غائب هيون، جيئن ڍڳيءَ جا مٿيان ڏند، ان ڪري هُنن بجاءِ اُنهن تجويزن تي عمل ڪرڻ جي، مون کي هڪ تهديدي ۽ تنبيهي خط لکيو، جيڪو هتي پيش ڪريان ٿو.
    وزير صدارتي امور حڪومت پاڪستان
    5 فيبروري 1972،
    جناب جي ايم سيد

    حڪومت جي ڌيان تي آندو ويو آهي ته اوهان 17 جنوري 1972ع تي سن، ضلعي دادوءَ ۾ پنهنجي سالگره جي تقريب ۾ تقرير ڪندي، هيٺيون ڳالهيون ڪيون آهن.
    1. (i) “ٻه قومي نظريو” عارضي نوعيت جو هو ۽ اوهان ان ۾ اعتماد نٿا رکو.
    (ii) اها ڳالهه تسليم ڪئي وڃي ته پاڪستان جي پنجن صوبن جا رهاڪو، پنجن مختلف قومن سان واسطو رکندڙ آهن ۽ انهن کي پنجن رياستن جي ڪنفيڊريشن ۾ آندو وڃي.
    (iii) اوهان پنهنجي مقصد جي حصول لاءِ “خدامِ سنڌ” نالي هڪ تنظيم وسيلي هلچل شروع ڪرڻ وارا آهيو، جيڪا ٻٽي مقصد: عوامي راءِ تيار ڪرڻ ۽ گوريلا جنگ جي تربيت ڏيڻ جو ڪم ڪندي:
    2. گورنمينٽ کي اهو پڻ ٻڌايو ويو آهي ته توهان جي جاءِ تي ۽ اوهان جي سرپرستيءَ ۾ ڪن ٻين مقررن پنهنجي تقريرن ۾ “سنڌ جي آزاديءَ” لاءِ ڪم ڪرڻ ۽ ان مقصد واسطي گوريلا جنگ وڙهڻ لاءِ عوام کي اُڀاريو. حڪومت کي چتاءُ ڏيندي چيو ويو ته جيڪڏهن اُن ڪا به مداخلت ڪئي ته اُن جو هٿيارن جي طاقت سان مقابلو ڪيو ويندو ۽ جيڪي تحريڪ جي راهه ۾ رڪاوٽ بنبا، انهن جي رت سان سنڌو درياهه جو پاڻي ڳاڙهو ٿي ويندو.
    3. ان ڏس ۾ اوهان جو ڌيان ڇڪائيندي ٻڌائجي ٿو ته پاڪستان ۾ اهڙا به قانون موجود آهن ته جيڪو ماڻهو ملڪ جي يڪجهتيءَ ۽ سالميت خلاف ڳالهائي، ڪوشش ڪري يا تشدد پکيڙي ته اُن کي سخت سزا ڏني وڃي.
    4. آئون هاڻي اوهان کان پُڇان ٿو ته مون کي اطلاع ڪندا ته آيا مٿي بيان ڪيل رپورٽ درست آهي، يا پاڻ اوهان ان موقعي تي مذڪوره تقرير ڪندڙ مقررن سان گڏ هئا !

    اوهان جو مخلص
    جي. اي. رحيم.

    ان خط جو اُنهن حالتن آهر مون تفيصلي جواب حڪومت کي موڪلي ڏنو، جنهن ۾ مون ڄاڻايو ته هن وقت آئون بچيل ملڪ ۽ ان جي صدر لاءِ ڪو به مسئلو ۽ مونجهارو پيدا ڪرڻ نه ٿو چاهيان ۽ عوام کي گهرجي ته اهي هن آخري موقعي مان فائدو وٺي، پنهنجا حق ۽ اختيار حاصل ڪن، ڇو ته شايد تاريخ کين وري اهڙو موقعو نه ڏئي.
    ان مان اندازو لڳايو ته مون شروع کان وٺي انهيءَ وقت تائين اها ڪوشش پئي ڪئي آهي ته ڏکڻ ايشيا جي هن علائقي ۾، جنهن کي پاڪستان چيو ٿي ويو، “قوميتن ۽ صوبن” جي شناخت ۽ اختيار بحال رکندي، گڏيل جوڙجڪي سرشتو لاڳو ڪيو وڃي، پر منهنجيءَ اهڙيءَ مخلصانه تجويز کي نه رڳو 1972ع ۾ ٺڪرايو ويو، پر اهڙي قسم جون تجويزون ۽ سهڪار جون آڇون پاڪستان ٺهڻ شرط مون حڪمرانن کي وقت به وقت پيش پئي ڪيون. انهن سڀني کي انتهائي حقارت ۽ مغروريءَ سان ٺڪرايو ويو هو. اڪثر منهنجي لاءِ چيو ويندو آهي ته مُون هر حڪومت جي مخالفت جو ٺيڪو کنيو آهي. آخر آئون به هڪ سياسي انسان آهيان، منهنجو مٿو ته نه ڦريو آهي، جو هر حڪومت جي بي بنياد مخالفت ڪندو وتان، پر جيئن ته هڪ سياسي سنڌي انسان جي حيثيت ۾ منهنجو واسطو هن سرزمينِ سنڌ ۽ اُن جي قديم تهذيب جي مالڪ قوم سان هو، اُن ڪري مُون جتي به پنهنجيءَ قوم تي جبر ۽ تهذيب تي وار ٿيندي ڏٺو ته پنهنجيءَ قوم ۽ تهذيب جي مدافعت منهنجو قومي، اخلاقي ۽ سياسي فرض ۽ تاريخ سنڌ ۽ اُن جي شهيدن طرفان سپُرد ڪيل فرض هو ـ ۽ ان فرض ۽ قرض جو ادا ڪرڻ منهنجي لاءِ پنهنجيءَ حياتيءَ برابر هو. پوءِ به آئون هن قوم ۽ تهذيب کي بچائڻ لاءِ پاڪستاني حڪمرانن کي وقت به وقت تعاون ۽ سهڪار جي آڇ ڪندو پئي رهيس. اُن سلسلي ۾ سڀ کان پهرين مون ۽ منهنجي سياسي رفيق شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ، پاڪستان جي پهرين وزيراعظم، لياقت علي خان کي1947ع ۾ هيٺيون خط لکيو هو :

    پيارا وزيراعظم!

    “اوهان جي 20 سيپٽمبر 1947ع تي لاهور واري تقرير ۾ هيٺين اپيل ڪيل آهي:
    “مصيبتون قومن تي اڪثر اينديون آهن، اسان هر طرح جي ڪوشش ڪري مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهيون. اسان جي اڳيان صرف پاڪستان کي مضبوط ڪرڻ جو سوال نه آهي، پر برِ اعظم هندستان ۾ اسلام جو شان دوباره اعلى ڪرڻ آهي. اهو تڏهن حاصل ٿي سگهندو، جڏهن اسان سڀئي پاڪستان جي خدمت لاءِ آماده ٿي وڃون. اسان کي هر هڪ مسلمان جي خدمت جي ضرورت آهي، خواه اها خدمت شخصي حيثيت ۾ يا جماعتي حيثيت ۾ ملي. آئون هر هڪ مسلمان کي دعوت ٿو ڏيان ته اسان سان پاڪستان جي مشڪلاتن دور ڪرڻ ۾ مدد ڪري”
    ڊان، 21 سيپٽمبر 1947ع.
    هيسين تائين اوهان جو خطاب، مدد لاءِ صرف مسلم ليگ پارٽيءَ طرف پئي رهيو آهي. پر هاڻي جڏهين اوهان جي اپيل جو دائرو وسيع ٿي، پارٽيءَ جي حدن کان ٻاهر نڪتو آهي ته اسان شخصي طرح ۽ جماعت جي طرف کان پنهنجون خدمتون ۽ وسائل بنا ڪنهن پس و پيش جي پوريءَ سچائيءَ سان اوهان جي سپرد ٿا ڪريون. اهو اوهان تي ڇڏيل آهي ته توهان جي تقرير جي بيان ڪيل مقصدن لاءِ اسان جي خدمتن کي ڪهڙي نموني به ڪتب آڻيو. اوهان گهرندا ته پنهنجي دوستن ۽ گڏجي ڪم ڪندڙن جي لسٽ به اوهان کي موڪلي ڏبي. اسان کي اُميد آهي ته هيءَ اسان جي عقيدت ڀري آڇ قبول ڪئي ويندي.
    اوهان جا مخلص
    شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ جي. ايم. سيد.

    اسان اخبارن ذريعي خط سان گڏ هيءُ به صاف ڄاڻايو ته هيءَ آڇ عهدي وغيره جي لالچ تي ڪانه ڪيل آيل آهي. اها صرف وزيراعظم جي اپيل جي جواب ۾ پاڻ کي ملڪ جي خادمن جي لسٽ ۾ داخل ڪرائڻ جي نيت سان ڪيل هئي، پر هنن انگريزن جي جاءِ نشينن ۽ بنا محنت جي بڻيل نون حاڪمن کي ايڏو فخر دماغ ۾ ويٺل هو، جو خط جي پهچ به ڪانه موڪليائون. اهڙيءَ طرح نوابزادي لياقت علي خان کي هڪ ٻيو خط 22 جون 1951ع تي موڪليو، پر اُن جو به ساڳيو حشر ٿيو:
    حيدر منزل،
    ڪراچي.
    22 جون 1951

    پيارا نواب صاحب.
    هيءُ خط ان ماڻهوءَ طرفان آهي، جنهن سياسي ميدان ۾ ڪجهه عرصو اوهان جي ويجهو گذاريو آهي ۽ پنهنجي مرضيءَ سان پورا پنج سال اوهان کان الڳ به رهيو.
    مون کي پورو يقين آهي ته غلط فهمين دور ڪرڻ واسطي توضيحي ڳالهيون يا بحث مباحثا، پاڻ کان وڌيڪ با اختيار ماڻهن جي دلين مان ڪدورتون ڪڍي صاف ڪرڻ ۾ سوڀارا ڪو نه ٿيندا آهن. مان پنهنجي عهدي تان استعفى ڏئي گوشئه گمنامي اختيار ڪئي ۽ منهنجي دوستن احبابن به ائين ڪيو. ان جو ڪارڻ اهو هو ته اسان پنهنجي انفرادي سوچ جا مالڪ هئاسون.
    هاڻي صورتحال نئين ٿي وئي آهي ۽ عام چونڊون سر مٿان اچي بيٺيون آهن. اخبارن ۾ اسان جي مستقبل جي سياسي ارادن ۽ ميدانِ عمل متعلق غلط خيال آراين ۽ غلط بيانين جي ڀرمار لڳي پئي آهي. عام طور تي آءُ انهن قياس آراين ڏانهن ڪن به ڪونه ڌريان، پر هاڻ سنڌ جا ڪجهه سياستدان، اسان جي گڏيل سياسي مخالفت کان ڊڄي، پنهنجي شخصي مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ اهي اخلاق سوز حرڪتون ڪري رهيا آهن. ٻين جمهوري طور ترقي يافته ملڪن جون اقتدار واريون ڌريون جيڪر اهڙيءَ سياسي مخالفت جي ڀليءَ ڀت آجيان ڪن ها. منهنجي لاءِ اهو اندازو لڳائڻ ڏاڍو ڏکيو آهي ته گهاگهه سياستدانن جون اهڙيون ڪريل حرڪتون عوام ۽ ان سان گڏ اوهان جهڙن مٿئين طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻهن جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ ڪيتريءَ حد تائين ڪامياب وڃن ٿيون. مون کي ڳڻتي فقط هن ڳالهه جي آهي ته منهنجون اهي ايماندارانه ڪوششون پاڻ جهڙن ساٿي سياستدانن ۽ اوهان جهڙن اڳواڻن جون غلط فهميون دور ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ويون. مون کي اها ڪل ڪا نه آهي ته هنن ورهين جي وٿيءَ اوهان جي خيالن ۾ ڪو مثبت ڦيرو آندو آهي الائي نه. پر ان هوندي به منهنجي اندر ۾ اوهان سان ملڻ لاءِ هڪ اجهل خواهش ڪر موڙي اٿي آهي. جيڪڏهن اوهان گهڻ پاسائن ممڪن ڪارين ۽ مشغولين ۽ ملڪي سياست مان ڪجهه وقت بچائي ملاقات ڪرڻ لاءِ مون کي وقت ڏيندو ته نئين سياسي جوڙ جڪ (Set up) بابت مان پنهنجو موجوده نقطئه نظر پيش ڪرڻ ۾ شايد ڪامياب ٿي وڃان.
    اوهان گهڻن سياستدانن کان وڌيڪ هن اهم ڳالهه کي سمجهي سگهو ٿا ته سنڌ جي سياست جي باري ۾ منهنجو انوکو نقطئه نظر آهي، جنهن لاءِ گهڻو ڀوڳيو به آٿم،. اها هڪ حقيقت آهي ته اڳي يا هاڻي، مرڪزي سياست يا حڪمت عمليءَ جي نقطئه نگاهه کان منهنجي ۽ هاءِ ڪمانڊ جي جي وچ ۾ سياسي نقطه نظر جي ناتي سان ڪو خاص فرق به موجود ڪونه آهي. اسان جي ملڪ ۾ صوبائي سياست عام شهري جي روز مره جي زندگيءَ تي وڏو اثر دخل رکي ٿي. ان حقيقت جي ناتي سان مون کي پنهنجو منفرد نظريو آهي، جنهن جو اظهار وقت بوقت با اختيار ماڻهن سان ڪندو رهيو آهيان، خير، مان پنهنجي خيال تي اڏول ۽ مستحڪم آهيان ۽ سنڌ جي معاملي ۾ منهنجو هيءُ نظريو هن نئين ملڪ پاڪستان جي استحڪام ۽ ترقي لاءِ ڪو هاڃيڪار ثابت ڪو نه ٿيندو. پر ان جي برعڪس سندس خوشحالي ۽ امن آشتيءَ واسطي مددگار ثابت ٿيندو.
    مان اوهان سان ملاقات ڪرڻ واسطي پنهنجو فرض ادا ڪيو آهي. مون کي پوري پڪ آهي ته وقت ڪڍي مون کي ملاقات جو شرف بخشيندا. هن ملاقات مان اسان ٻنهي کي هڪ ٻئي جي نقطئه نظر کي پرکڻ جو سٺو موقعو ملندو. اهو ڪم عام ماڻهوءَ جي گڏيل مفادن سان واسطو رکي ٿو، جنهن کي اسان ٻنهي دل جي گهراين سان چاهيو آهي ۽ اهائي هن ملڪ جي سچي خدمت ٿيندي.

    اوهان جون مهربانيون
    اوهان جو مخلص
    جي. ايم. سيد


    20

    ان کان پوءِ پاڪستان جي ٻئي وزيراعظم خواجه ناظم الدين کي پڻ اِن قسم جي ملڪي تعمير ۽ بهبوديءَ جي سلسلي ۾ تعاون ۽ سهڪار جي آڇ روبرو توڙي خط ذريعي ڪئي سون، (Attached copy of letter written on 9th Dec 1951) ، پر خواجه صاحب پڻ بنگالي هئڻ ڪري مسلم ليگ جي هاءِ ڪمانڊ، پنجابين، ملٽري ۽ سول بيروڪريسيءَ جي چنبن ۾ ايترو ته وڪوڙيل هو، جو پنهنجيءَ روءِ سوءِ ڪو به فيصلو ڪري نه ٿي سگهيو ۽ هو پڻ ٻين جي رحم و ڪرم تي پنهنجيءَ ڪرسيءَ کي بچائيندو پئي آيو. اُن ڪري هُن صاحب اسان سان صوبائي مسئلن تي ڪنهن به سگهاري سياسي سمجهوتي ڪرڻ کان پاسيرو رهڻ ۾ ئي پنهنجي عافيت سمجهي. خواجه ناظم الدين کان پوءِ پاڪستان ۾ مڪمل طرح بيوروڪريسي ۽ ملٽري جو غلبو قائم ٿي ويو هو، جتي سياستدان پتلين وانگر آرمي آفيسرن ۽ بيوروڪريٽن جي اشارن تي يا ته نچندا ٿي رهيا يا انهن جي هُشيءَ تي ڪڪڙن وانگر سياسي اکاڙي ۾ وڙهندا ٿي رهيا. انهيءَ ويڙهه جي ابتدا اهل پنجاب طرفان فرقيوارنه فسادن جي شروعات سان ٿي ۽ پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ملٽريءَ کي سنئون سڌو قانون تي عمل ڪرائڻ جو اعلى اختياراتي اداري جي حيثيت ۾ حق ڏنو ويو، جنهن 1953ع ۾ “قاديانين خلاف فسادن” کي روڪڻ لاءِ لاهور (پنجاب) سان مارشل لا لاڳو ڪيو.
    هيءَ حيرت انگيز ڳالهه آهي ته پاڪستان برصغير جي فرقيوارنه مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويو هو، پر اُن ٺهڻ شرط “نون فرقيوارانه مسئلن کي جنم ڏنو ۽ پاڪستان ٺهڻ کان 5 سال پوءِ پهريون دفعو مسلمانن جي مختلف فرقن ۾ اهڙائي ڀيانڪ فساد شروع ٿي ويا، جهڙا گڏيل هندستاني جي آخري وقت ۾ بنگال ۽ آسام ۾ ٿيا هئا. انهن فرقيوارانه فسادن جي جاچ لاءِ پاڪستاني سپريم ڪورٽ جي ٻن معزز ججن جسٽس منير ۽ جسٽس ڪياني جاچ ڪري 378 صفحن تي مشتمل جيڪا تاريخي رپورٽ مرتب ڪئي، تنهن جو حوالو آئون اڳ ۾ ڏئي آيو آهيان، پر هتي دهرائڻ جو مطلب اهو آهي ته اهي فساد ڪرايا ئي خواجه ناظم الدين کي هٽائڻ لاءِ ويا هئا.
    اُن کان پوءِ اسان غلام محمد (گورنر جنرل) ۽ اسڪندر مرزا سان پڻ ملڪي يڪجهتيءَ عوامي ڀلائيءَ جي موضوعن تي ڪيترائي دفعا ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اسان کي معلوم اهو ٿيو ته اهي حڪمران خود آرمي ۽ بيوروڪريسيءَجي ڪنٽرول ۾ هئا، جن (آرمي ۽ بيوروڪريسي) ملڪ کي فتح ٿيل علائقو سمجهي، پنهنجا گهر ڀرڻ ٿي چاهيا. اسڪندر مرزا کان پوءِ ايوب خان آرميءَ جي ذريعي 10 سال پاڪستان جي سياه و سفيد جو مالڪ رهيو ۽ هُو ته خود ون يونٽ جو پاڻ کي خالق سمجهندو هو، اُن ڪري هُن ون يونٽ جي خلاف سوچيندڙن سان ڪنهن به قسم جو رابطو رکڻ ملڪ دشمنيءَ جي برابر ٿي سمجهيو. ايوب خان کان پوءِ صحيح معنى ۾ عوامي چونڊيل ماڻهو ذوالفقار علي ڀٽو هو، جنهن سان تعاون جي سلسلي ۾ آئون پنهنجي 17 جنوري 1972ع واري تقرير پيش ڪري چڪو آهيان ۽ اُن تي سندس رد عمل جو اظهار، جناب جي. اي. رحيم جي خط جي صورت ۾ پڻ مٿي بيان ٿي چڪو آهي. اهو خط 5 فيبروري 1973ع تي ڊپٽي ڪمشنر دادوءَ طرفان مون کي هيءُ ليٽر پهتو:
    19 فيبروري 1972ع
    جناب شاهه صاحب!
    مون کي پاڪستان حڪومت طرفان حڪم مليو آهي ته اوهان کي 22 فيبروري 1972ع تي ساڍي ٻارهين وڳي منجهند جو روالپنڊيءَ ۾ صدر صاحب سان ملڻ لاءِ عرض ڪريان. مهرباني ڪري پنهنجي رضامنديءَ جي خبر ڏيندا ته آئون حڪومت کي اهڙو اطلاع ڪريان.
    اوهان جو مخلص
    حامد علي ميمڻ،
    ڊپٽي ڪمشنر دادو.

    مون ان خط جي جواب ۾ کيس هيءَ خط لکيو:

    19 فيبروري، 1972،

    پيارا حامد علي !
    اوهان جو اڄوڪو خط پهتو. آئون صدر صاحب جو نهايت شڪر گذار آهيان، جو هن مون کي 22 فيبروريءَ تي روالپنڊيءَ ۾ ملڻ لاءِ گهرايو آهي.
    آئون دعوت کي پنهنجي عزت افزائي سمجهان ٿو ۽ خوشيءَ سان اها دعوت قبول ڪريان ها، پر طبيعت جي بيچاڪائيءَ ۽ وقت ٿوري هئڻ ڪري مون لاءِ مقرر تاريخ تي صدر صاحب سان ملاقات ڪرڻ ناممڪن آهي.
    تنهن ڪري اوهان کي عرض آهي ته صدر صاحب کي چوائي موڪليندا ته جيڪڏهن ممڪن هجي ته سنڌ ۾ ملڻ لاءِ ڪو وقت مقرر ڪن. پر جيڪڏهن مستقل قريب ۾ صدر صاحب هن طرف اچڻو نه آهي ته 10 محرم يعني 25 فيبروري 1972ع کان پوءِ ڪا تاريخ رکندؤ ته آئون ان کي خوش آمديد چوندس. هيءُ منهنجو پيغام کيس پهچائيندا.
    نيڪ تمنائن سان،
    اوهان جو مخلص
    جي. ايم. سيد

    ان کان پوءِ صدر صاحب طرفان ساڻس روبرو ملڻ لاءِ ملٽري سيڪريٽريءَ جي معرفت تار پهتي ته “ صدر صاحب اوهان سان 5 مارچ تي راولپنڊي ۾ ملاقات ڪرڻ گهري ٿو. اوهان کي عرض آهي ته مهرباني ڪري اچي ملندا.

    ملٽري سيڪريٽري
    2 ـ مارچ 1972

    اڳتي هلي صدر صاحب ذوالفقار علي ڀٽي مون کان مدد طلب ڪئي ته آئون هندستان ـ پاڪستان جي لاڳاپن سڌارڻ ۾ ساڻس تعاون ڪريان ۽ جواهر لعل نهروءَ جي خاندان تي پنهنجي اثر کي لاڳاپن سڌارڻ لاءِ استعمال ڪريان ۽ ان سلسلي ۾ آئون هندستاني وزيراعظم مادام اندرا گانڌيءَ سان ملاقات ڪريان. مون صدر صاحب سان اهڙو وعدو ڪيو ته برصغير جي لاڳاپن سڌارڻ لاءِ جيڪڏهن منهنجو اثر رسوخ مفيد ثابت ٿي سگهي ٿو ته آئون خوشي سان اهو استعمال ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. ان سلسلي ۾ وزارت خارجيه اسلام آباد طرفان هيٺين خط و ڪتابت ٿي، جيڪا تاريخ جي رڪارڊ تي آڻڻ چاهيان ٿو :

    وزارت خارجه،
    اسلام آباد 25 مارچ 1972ع
    طرفان : مسٽر برجيس حسن خان PFS
    ڊائريڪٽر جنرل )ائڊمنسٽريٽريشن)
    No. SSP/84/72

    پيارا سيد! مون کي حڪم ڪيو ويو آهي ته اوهان کي اطلاع ڪريان ته اوهان جو سفارتي پاسپورٽ (Diplomatic passport) تيار ٿي ويو آهي ۽ فارين آفيس ۾ پيو آهي. مسٽر امير حيدر شاهه جو پاسپورٽ پڻ تيار آهي.
    2 ـ اڃا تائين ٻيءَ ڌر (انڊيا) کان ڪو خاطر خواهه جواب نه پهتو آهي. خط و ڪتابت جو رستو تمام ڦير وارو ۽ دير سان پهچڻ وارو آهي، ان ڪري نياپي (Message) موڪلڻ يا رسڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي آهي.

    ان ڪري اوهان کي صلاح ڏجي ٿي ته اوهان هن وزارت سان رابطي ۾ رهندا. جڏهن به خاطر خواه جواب مليو ته هڪدم اوهان کي اطلاع ڪيو ويندو.

    اوهان جو مخلص
    برجيس حسن خان
    منسٽري آف فارين افيئرس
    اسلام آباد 27 مارچ 1972.
    طرفان : برجيس حسن خان PFS
    ڊائريڪٽر جنرل (ائڊمنسٽريٽريشن)
    No. SSP/84/72

    پيارا سيد! منهنجي 25 مارچ جي ساڳئي نمبر واري لکيل خط ۾ ڄاڻايل اوهان جو سفارتي پاسپورٽ نمبر D-003778 ۽ امير حيدر شاهه جو پاسپورٽ نمبرAC-968437 موڪلجي ٿو.
    جيئن مون اڳئين خط ۾ بيان ڪيو آهي ته جيئن ئي اسان کي (ڀارت کان) خاطر خواه جواب مليو ته اوهان سان هڪدم رابطي ۾ اينداسون.

    سلامن سان اوهان جو مخلص
    برجيس حسن خان.

    (3)
    (تمام تڪڙو)
    اسلام آباد
    20 اپريل 1972.
    طرفان: فارين سيڪريٽري آف پاڪستان
    افتخار علي (S.K.P.L)
    No. 3433-PS/75/72

    پيارا سيد! مون کي فارين سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾ نهايت اهم ڪم اهو ڏنو ويو ته صدر صاحب جي حڪم موجب اوهان کي انڊيا حڪومت سان ڳالهين لاءِ سندس خاص ايلچي نامزد ڪيو وڃي. اسان اوهان لاءِ ڪاغذ تيار ڪيا. هڪ سفارتي پاسپورٽ اوهان لاءِ ۽ ٻيو پاسپورٽ اوهان جي فرزند لاءِ تيار ڪري اوهان کي موڪليا ويا، جو پڻ اوهان سان گڏ هلڻو هو.
    2 ـ انهيءَ وچ ۾ بدقسمتيءَ سان ڪن تازين حالتن ڪري اسان جون رٿون هيٺ مٿي ٿي ويون. هندستان وارن آڇ ڪئي آهي ته گفتگو آفيسري سطح تي ٿيڻ گهرجي. ان لاءِ هنن هندستان پرڏيهي کاتي جي پاليسي پلاننگ ڪاميٽيءَ جي چيئرمين مسٽر ڊي. پي ڌر جو نالو پيش ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ اسان به هڪ آفيسر، آفيشل سطح جي ڳالهين لاءِ نامزد ڪيو آهي. صدر صاحب هن وزارت جي سيڪريٽري جنرل مسٽر عزيز احمد کي ان مقصد لاءِ منتخب ڪيو آهي. آئون تصديق سان اوهان کي ٻڌايان ٿو (جيئن اڄوڪي پريس ۾ پڻ آيو آهي) ته مسٽر ڌر ۽ سندس ساٿين سان ڳالهيون هندستان ۾ نه ٿينديون، جيئن اسان اڳ سوچيو هو.
    صدر صاحب مون کي سڌو چيو آهي ته اوهان کي اطلاع ڏيان ته پاڻ اوهان سان جلد ملڻ گهرن ٿا. پاڻ جڏهن ڪراچيءَ ۾ ايندا ته اوهان سان رابطي ۾ ايندا. ٻيءَ حالت ۾ جڏهن لاڙڪاڻي اچن ته کانئن وقت وٺي سگهو ٿا.

    اوهان جو مخلص افتخار علي
    (4)
    (تمام تڪڙو)
    اسلام آباد
    18 جون 1972
    افتخار علي
    فارين سيڪريٽري آف پاڪستان

    پيارا سيد! صدر صاحب مون کي حڪم ڪيو آهي ته اوهان کي چوان ته پاڻ 28 جون 1973ع تي هندستاني وزيراعظم سان ملاقات لاءِ هڪ وفد وٺي وڃي رهيا آهن. پاڻ نهايت خوشي محسوس ڪندا، جيڪڏهن اوهان اُن وفد ۾ ساڻن گڏجي وڃڻ لاءِ تيار ٿيندا.
    جيئن ته صدر صاحب جلد جواب گهرايو آهي، اُن ڪري ڪري آئون نهايت شڪر گذار ٿيندس، جيڪڏهن اوهان جيترو جلد ٿي سگهي، خط جو جواب ڏيندا.

    اوهان جو مخلص
    افتخار علي

    مون سندس انهيءَ خط جو جيڪو جواب ڏنو، سو هتي پيش ڪريان ٿو، جنهن ۾ مون ساڻس وفد ۾ گڏجي هلڻ کان معذرت ڪئي، ڇو ته ان سٺ ڄڻن جي وفد ۾ مون پنهنجو ڪو به اثرائتو ڪردار نه ڏٺو، اُن ڪري رڳو گهمڻ، ماني کائڻ ۽ صدر جي محفل جي رونق وڌائڻ مناسب نه سمجهيم ۽ شڪريي سان گڏ ڀارت وڃڻ کان انڪار ڪيم.

    حيدر منزل،
    126 مسلم ڪالوني، ڪراچي،
    19 جون 1972.

    پيارا افتخار علي!

    آئون صدر صاحب جو نهايت ٿورائتو آهيان، جو هو مون کي 28 جون 1973ع تي هندستان جي وزيراعظم سان ڳالهائڻ لاءِ وفد ۾ وٺي وڃڻ گهري ٿو. آئون هند ـ پاڪ مسئلن جي حل واري مشن ۾ صدر صاحب جي روبرو چيو هو ته منهنجو ساڻس سٺ ڄڻن جي وفد ۾ گڏجي وڃڻ ڪارائتو ۽ سڦل نه ٿيندو. مون هن کي اهو به چيو هو ته جيڪڏهن سندس مرضي هجي ته آئون آزادانه طور وفد کان اڳ يا ان اعلى گڏجاڻي کان پوءِ ان مشن ۾ مدد ڪري سگهان ٿو.
    اميد ته خوش و خرم هوندا.
    اوهان جو مخلص
    جي . ايم . سيد

    مون محسوس ڪيو ته ذوالفقار علي ڀٽو، پنجاب جي ڪمزور پوزيشن مان فائدو وٺي، مظلوم قومن کي حق ڏيارڻ جي صلاحيت کان محروم آهي يا شڪست خورده پنجاب کان ايڏو ڊنل آهي، جو ان سلسلي ۾ هو ڪا به ڪاروائي ڪري نه ٿو سگهي ـ ويندي ان حد تائين جو اڪيلي سر منهنجي مادام اندرا گانڌيءَ سان ملڻ جي مسئلي تي به هُو پنجابين کان خوفزده آهي ۽ اهڙي قدم کي هُو پنهنجي اقتدار لاءِ خطرو ٿو سمجهي. اُن ڪري گهڻي ڊيگهه ڪرڻ مناسب نه سمجهي، پنهنجي مشغولين ۾ لڳي ويس. تُرت ٿي پوءِ اهڙو مسئلو پيدا ٿيو، جنهن ذوالفقار علي ڀٽي جي پوزيشن، اسان سنڌ واسين جي سامهون بلڪل ظاهر ڪري ڇڏي ته هُو پنهنجي اقتدار جي بچائڻ خاطر سنڌ جي هر مفاد کي قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
    پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اسان جو مطالبو ۽ موقف پئي رهيو هو ته سنڌيءَ ٻولي کي پاڪستان جي قومي ٻولين مان هڪ ۽ سنڌ جي واحد سرڪار زبان بنائڻ گهرجي. ان مطالبي ڏانهن پاڪستان ٺهڻ کان وٺي صدر ڀٽي جي اقتدار ۾ اچڻ تائين پاڪستان جي ڪنهن به حڪمران توجهه نه پئي ڏنو. پاڪستان ۾ ٻوليءَ جو مسئلو بنا حل ٿيڻ جي هلندو پئي آيو. پاڪستان جن علائقن تي مشتمل هو، تن جي ڪا به هڪ مشترڪه زبان نه هُئي. ان جي باوجود پاڪستاني حڪمرانن اردوءَ کي پاڪستان جي قومي زبان قرار ڏنو. جنهن تان بنگال ۾ 1954ع ۾ فساد ٿيا ۽ شورش ان حد تائين وڌي وئي، جو حڪمرانن مجبور ٿي، بنگاليءَ کي پاڪستان جي اردوءَ سان گڏ ٻي قومي ٻولي قرار ڏنو.
    حقيقت ۾ اردو ته پاڪستان جي ڪنهن به صوبي جي زبان نه هئي، پر بنگال به پوري پاڪستان جي (سواءِ بنگال جي) زبان نه هئي، اسان جو موقف هو ته پاڪستان، جن قدرتي ۽ طبعي علائقن تي مشتمل آهي، تن جي ٻولين کي قومي ٻوليون قرار ڏنو وڃي، پر پاڪستاني حڪمرانن، جتي سياسي، معاشي ۽ ثقافتي استحصال جاري رکيو، اتي هنن سڀني صوبن جو لساني استحصال پڻ جاري رکيو، ۽ زبان جو مسئلو جيئن جو تيئن رهيو. ڀُٽي صاحب جي اقتدار ۾ اچڻ سان جتي ٻن مسئلن جو حل جي اُميد پيدا ٿي هئي، اتي اها اُميد پڻ پيدا ٿي هُئي ته هُن جو واسطو جيئن ته هڪ مظلوم سنڌي قوم ۽ سرزمين سنڌ سان آهي، اُن ڪري هُو سنڌين جي ديرينه مطالبي ته“سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ بنايو ـ کي به حل ڪندو. پر هُن اهو مسئلو آئيني ۽ قانوني طرح سموري ملڪ جي سطح تي حل ڪرڻ بدران پنهنجي سؤٽ ۽ سنڌ جي وزير اعلى ممتاز علي ڀٽي جي معرفت سنڌ اسيمبليءَ ۾ هڪ اڌو گابرو ٻوليءَ جو بل پيش ڪرايو، جنهن ۾ صرف اهو ڄاڻايل هو ته سنڌي ٻولي سنڌ جي صوبائي ٻولي ٿيندي. اُن ۾ اها به صراحت ۽ وضاحت نه هُئي ته آيا سنڌي سرڪار ۽ دفتري زبان به هوندي يا نه. حالانڪه سنڌي ٻوليءَ جو اهو دفتري ۽ سرڪاري استحقاق انگريزن جي دور کان وٺي هلندو پئي آيو ۽ بل پيش ٿيڻ تائين قائم هو، ان لاءِ تاريخي دليل ۽ ثبوت موجود آهن :
    1978ع ۾ سنڌ تي انگريزن جي قبضي کان 5 سال پوءِ، بمبئي پرڳڻي جي گورنر سر جارج ڪلارڪ هڪ حڪم نامو ڪڍي سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي دفتري ٻولي بنايو هو. حڪم نامي ۾ هن طرح لکيل هو.
    “اسان کي سرڪاري لکپڙهه واسطي ملڪي ٻولي يعني سنڌيءَ کي رائج ڪرڻ گهرجي. آئون نٿو سمجهي سگهان ته ڪهڙيءَ ريت اسان جا روينيو ۽ عدالتي آفيسر ڪاميابيءَ سان ڌار ٻوليءَ جهڙوڪ فارسي يا انگريزيءَ ۾ لکپڙهه هلائي سگهندا. تنهنڪري 18 مهينن جو مُدو اهڙن ملازمن کي ڏنو وڃي، جنهن ۾ هُو سڀ سنڌيءَ ٻوليءَ جو امتحان پاس ڪن، گرامر ۽ لغت ڇپرائڻ جو ڪم به ترت ڪيو وڃي.”
    1851ع ۾ سنڌ جي ڪمشنر هڪ اطلاع نامو ڪڍي، سرڪاري عملدارن کي هدايت ڪئي ته اُهي سڀ سنڌيءَ ۾ امتحان پاس ڪن ۽ ان ۾ ڄاڻايل هو ته:
    (الف) آئيندي سڀ سرڪاري لکپڙهه سنڌيءَ ۾ هلي
    (ب) يوپي ۽ ٻيا پرڏيهي آفيسر سنڌيءَ ۾ امتحان پاس ڪن.
    (ت) سنڌي اسڪول کُلن.
    ايسٽ انڊيا ڪمپني جي ڊائريڪٽرن جو 1953ع ۾ يڪراءِ فيصلو، سنڌي زبان کي سنڌ صوبي جي دفتري ۽ عدالتي ٻولي بنائڻ جي حق ۾ هو.
    سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ ۾ دفتري زبان بنائڻ لاءِ سنڌ جي ڪمشنر 25 مارچ 1857 تي سنڌ جي ڪليڪٽرن ڏانهن حڪمنامو موڪليو ته سنڌي روينيو ۽ عدالتن ۾ عام استعمال ڪئي وڃي. نتيجي طور سنڌ جي ڪليڪٽرن (ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور) ۽ سياسي ناظم اپر سنڌ، ڪمشنر سنڌ کي 3 ڊسمبر 1957ع تي اطلاع ڪيو ته “سنڌي مڪمل طور عدالتي ۽ روينيو دفتر جي زبان ٿي چڪي آهي” ۽ ڪمشنر 28 ڊسمبر 1858ع تي بمبئي سرڪار کي اطلاع موڪليو ته سنڌ صوبي ۾ سنڌيءَ کي دفتريءَ ۽ حساب ڪتاب جي ٻولي بنايو ويو آهي.”
    اهو سلسلو 13 آگسٽ 1947ع تائين قائم هو ۽ پاڪستان ۾ پڻ هن ٻوليءَ واري بل پاس ٿيڻ واري ڏينهن تائين به سنڌي ٻوليءَ جي ساڳي حيثيت برقرار هئي. ٻئي طرف 1947ع جي آزاديءَ واري ائڪٽ، 1956ع توڙي 1962ع وارن دستورن ۾ سنڌيءَ بابت ڪجهه به لکيل نه آهي، پر اُن حالت ۾ سنڌيءَ جي حيثيت ۽ مرتبي تي ڪو به اثر ڪو نه پيو هو، ڇاڪاڻ ته سنڌي سنڌ اندر عدالتي ۽ دفتري ٻولي هُئي ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپنيوارو فيصلو قائم هو.
    هن اڌو گابرو بل پاس ٿيڻ سان سنڌين جو مڪمل مطالبو ته پورو نه ٿيو، پر ان جو صرف هڪ حصو پورو ٿيو. هن بل پاس ٿيڻ شرط اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ اُن بل جي خلاف زبردست فساد ۽ فتنو پيدا ڪيو. نتيجي طور سنڌ ۾ “لساني فساد” باهه وانگر ڀڙڪي اُٿيا ۽ حڪومت پنهنجي سڀني وسيلن جي باوجود سنڌي ماڻهن کي شهرن ۾ تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام رهي. فسادن کي ٿڌي ڪرڻ ڀٽي صاحب، سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙن جي نمائنده ماڻهن کي اسلام آباد ۾ گهرايو. مون کي به دعوت ڏني وئي، پر مون وڃڻ کان انڪار ڪيو. اُن ڪري ته اها گڏجاڻي، جيڪڏهن فسادن تي ڪنڙول ڪرڻ لاءِ سڏائي وڃي ها ته مون کي وڃڻ تي ڪو به اعتراض نه ٿئي ها، پر هيءَ گڏجاڻي سنڌ اسيمبليءَ جي اڪثريت سان پاس ٿيل بل کي تبديل ڪرڻ لاءِ سڏائي پئي وئي. اُن لاءِ مون ٽيليگرام رستي صدر صاحب کي اطلاع ڪيو ته “ اسيمبليءَ جي پاس ٿيل بل کي توهان اڻ چونڊيل ماڻهن وسيلي تبديل ڪرائڻ گهرو ٿا، ان ڪري آئون اهڙي غير جمهوري عمل ۾ شريڪ نه ٿيندس ۽ مون کي ان قسم جي غير جمهوري عمل تي سخت اعتراض آهي. اهو ڪٿان جو انصاف آهي جو چند غنڊن آڏو جُهڪي، اسيمبليءَ جو اڪثريتي پاس ڪيل بل رد ڪيو وڃي. اُن ڪري آئون گڏجاڻي ۾ شرڪت کان انڪار ڪريا ٿو ۽ پنهنجو احتجاج، هن ٽيلگرام رستي اوهان آڏو نه، پر تاريخ جي صفحن ۾ رڪارڊ ڪرائڻ چاهيان ٿو ” وغيره.
    مُنهنجي اُن ٽيلگرام جي باوجود ڀُٽي صاحب، سنڌ اسيمبليءَ جي پاس ڪيل ٻوليءَ واري بل، جنهن ۾ “سنڌي” صوبائي ٻولي قرار ڏنل هُئي، کي 8 جولاءِ 1972ع تي گورنر سنڌ کي چئي، هڪ آرڊينينس ذريعي تبديل ڪري، سنڌ کي “ٻه زباني صوبو” قرار ڏنو، جنهن موجب “اردو ۽ سنڌي زبانون” ٻئي سنڌ صوبي جون سرڪاري زبانون قرار ڏنيو ويون ـ اها سنڌي زبان سان سراسر زيادتي هُئي، ڇو ته جيتوڻيڪ هن کان اڳ اردو، حڪمرانن پاران قومي زبان طور اسان تي مڙهيل هُئي، پر سنڌ جي سرڪاري زبان نه هُئي ۽ سنڌ جي سرڪاري، عدالتي ۽ دفتري زبان صرف سنڌي هُئي. هن آرڊينينس لاڳو ڪرڻ سان خود سول ڪورٽس رولز 1954ع جي قائدي 4/33 جي به ڀڃڪڙي ٿئي ٿي، جنهن ۾ سنڌ چيف ڪورٽ، واضح لفظن ۾ سنڌي ٻوليءَ کي عدالتي ٻولي جي حيثيت سان قبوليو هو. فقري 4/33 ۾ ڄاڻايل آهي ته.
    “ هر هڪ دعوى، جيڪا ضلعي يا ماتحت عدالت ۾ داخل ڪئي وڃي ۽ اُن جي رقم پنج هزار يا اُن کان مٿي آهي ته انگريزي يا سنڌيءَ ۾ لکي وڃي ۽ سنڌيءَ جي حالت ۾ انگريزي نقل شامل ڪيو ويندو.”
    قاعدي نمبر 82 ۾ آهي ته : “ڪارروائي، عدالتي ٻوليءَ سنڌي ۾ هلائي ويندي يا جيڪڏهن قانون اجازت ڏئي ته انگريزيءَ ۾ قاعدو نمبر 98 نوٽس ۽ سمن بابت آهي ۽ ان ۾ عدالتي ٻولي سنڌي ٻولي ڏيکاريل آهي. ان کان سواءِ سنڌ سول سروس ڪلاسيفڪيشن قاعدي1952ع جي قاعدي نمبر 101 موجب هر غير سنڌي ملازم کي ملازمت ۾ گهڙڻ کان هڪ دم پوءِ ٻن سالن اندر سنڌي ٻولي جو امتحان پاس ڪرڻو هو. قاعدي 101 ۾ ڄاڻايل آهي ته :
    “سڀ گزيٽيڊ ۽ نان گزيٽيڊ آفيسر نوڪري حاصل ڪرڻ کان پوءِ ٻن سالن اندر سروس ڪميشن جي نگرانيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جو امتحال پاس ڪندا. مقرر ڪيل مدت ۾ امتحان پاس نه ڪرڻ جي حالت ۾ هنن جي نوڪري ختم ڪئي ويندي. پر خاص حالتن ۾ سنڌ سرڪار اُها مُدت وڌائي سگهي ٿي، پر وڌايل مدت دوران اُهو ملازم نه اضافي جو حقدار هوندو ۽ نه ترقي وٺي سگهندو.
    پر گورنر سنڌ جي آرڊينينس ذريعي ترميم ٿيل هن ٻوليءَ واري بل موجب اردو دانن کي سنڌي سکڻ کان 12 سالن جي مهلت ڏني وئي. انگريزن سنڌي سکڻ لاءِ 1851ع ۾ ملازمن کي 18 مهينا مهلت ڏني هُئي، ون يونٽ کان اڳ واري پاڪستاني سرڪار هن کي صرف ٻه سال ڏنا هئا، پر ڀٽي صاحب آرڊينينس ذريعي 25 سال سنڌ ۾ رهڻ کان پوءِ به اردو دانن کي سنڌي سکڻ لاءِ 12 سالن جي مهلت ڏئي ڇڏي.
    ڀٽي صاحب نه رڳو اردو دانن کي ٻولي سکڻ جي معاملي ۾ اها سهولت ڏني، پر انتظاميا ۾ پڻ اهڙي قسم جي تبديلي ڪرڻ جو اصول قبول ڪيو ته جڪڏهن وزيراعلى سنڌي ڳالهائيندڙ هوندو ته گورنر اردو ڳالهائيندڙ هوندو. اهڙيءَ طرح ضلعي جي عملدارن مان ڊپٽي ڪمشنر جيڪڏهن سنڌي ڳالهائيندڙ هوندو ته ايس پي اردو ڳالهائيندڙن مان رکيو ويندو ۽ اهڙيءَ ريت سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن به اردو ۽ سنڌي ڳالهائيندڙ برابر ميمبرن تي مشتمل هجڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
    اِن فيصلي سان اسان کي خبر پئي ته سنڌ جو وڏي ۾ وڏو ماڻهو، پاڪستان جي اعلى ترين عهدي تي پهچڻ جي باوجود، پنجابين ۽ پناهگيرن وٽ مجبور آهي ۽ هُو پنهنجي اقتدار بچائڻ لاءِ سنڌ جي فائدي خاطر ڪو به ڪم يا قانون رائج ڪري ئي نه ٿو سگهي. سنڌين جي آئيني جدوجهد ۾ ڀٽي صاحب جو پاڪستان جي اقتدار اعلى تي پهچڻ نقطه، عروج هو، پر اُن اقتداري منصب تي پهچڻ جي باوجود هُو پنجابي بناهگير ملٽري ۽ سول بيورو ڪريسيءَ وٽ غلام ئي ٿي رهڻو هو. اُن ڪري هو پنهنجي مادرِ وطن سنڌ سان صرف غداري ئي ڪري سگهيو ٿي، جنهن جي عيوض کيس “ چنيسر واري پڳ” ملي سگهي ٿي.
    انهيءَ ڳالهه اسان کي پاڪستان ۾ آئيني طرح اسيمبلين جي ذريعي واحد وفاقي سرشتي ۾ قومي ۽ صوبائي حق حاصل ڪرڻ کان مڪمل مايوس ڪري ڇڏيو ۽ “ ماڻهو جڏهن مڪمل مايوس ٿي ويندو آهي، اُن وقت مڪمل تبديلي چاهيندو آهي”
    ـ اهڙيءَ ريت اسان به مڪمل طرح مايوس ٿي چُڪا هئاسون. اُن ڪري اسان هن نظام ۽ ڏانچي کان سنڌ جي مڪمل آزادي يعني “سنڌوديش” جي قيام لاءِ عوام کي تيار ڪرڻ جو پروگرام ظاهر ڪيو ۽ ان تي ڪاربند ٿي، سنڌي عوام سان رابطي رکڻ جو فيصلو ڪيو سون.
    اُن سلسلي ۾ سڀ کان پهرين سنڌي قوم کي، تازي مڙهيل “ٻوليءَ واري آرڊينينس” جي نقصان کان واقف ڪرڻ لاءِ مون سنڌ متحده محاذ جي ميمبرن، عهديدارن ۽ همخيال قومي ڪارڪنن، اديبن، دانشورن ۽ شاگردن جو هڪ اجلاس، پنهنجي ڪراچيءَ واري رهائشگاهه، حيدر منزل تي 18 جون 1972ع تي سڏائي، پراڻي “سنڌ متحده محاذ” ۽ “جيئي سنڌ نوجوان محاذ” کي ملائي “جيئي سنڌ محاذ” نالي نئين پارٽيءَ جو بنياد وڌو ۽ اُن جي ئي جهنڊي ۽ بينر هيٺ آئينده جي جدوجهد هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
    ان سلسلي ۾ 31 جولاءِ 1972ع تي ڪراچيءَ ۾ پنهنجي رهائشگاهه، حيدر منزل تي مون هڪ پريس ڪانفرنس ڪوٺائي، اُن ذريعي سنڌ جي دوري جو پروگرام ۽ مقصد واضح ڪيو. اُها پريس ڪانفرنس هتي پيش ڪري رهيو آهيان.

    پريس ڪانفرنس

    “سنڌ گهڻي عرصي کان وٺي مستقل مفاد قوتن جي هٿان استحصال جو شڪار رهي آهي. هن دفعي سنڌ کي اهڙي حالات ۾ پهچايو ويو آهي، جو هن کي پنهنجي وجود جي بقا لاءِ جنگ ڪرڻي پوندي.
    مون کي وڏي ڏک سان چوڻو ٿو پوي ته سنڌ کي مشڪلاتن کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ ۽ پاڪستان جي حدن اندر صحيح مقام ڏيڻ جي عيوض اهي ڪوشش ڪيون پيون وڃن ته جيئن سنڌ جي جاگرافيائي وحدانيت کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري کيس هڪ تاريخي ڪاري رات ۾ ڌڪيو وڃي.
    تازين حالتن مان آسانيءَ سان معلوم ڪري سگهجي ٿو ته موجوده حڪومت ۽ سنڌ وطن جا ويري، سنڌ خلاف هڪ جامع سازش ۾ ٻانهن ٻيلي ٿي چڪا آهن. سندن مقصد سنڌ کي هڪ چالاڪ ۽ مسلسل طريقي سان هڪ وڏو ڇيهو رسائڻ آهي.
    آئون اهو پنهنجو فرض ٿو سمجهان ته سنڌوديش جي ماڻهن کي سندن وجود خلاف خطرن کان نه صرف آگاهه ڪريان، پر کين ڪنهن مؤثر احتياط ڪرڻ لاءِ واٽون ڏسيان. آئون اُن سان گڏوگڏ سنڌ جي ويرين کي ٻڌائڻ ٿو گهران ته ڪنهن به حالت ۾ سندن سنڌ دشمن سازشن کي عملي جامو پهرائڻ نه ڏنو ويندو.
    مون هميشه چيو آهي ته اردو سامراجي طبقي، نه پاڪستان جي حقيقي مقصد کي تسليم ڪيو آهي ۽ نه ئي سنڌ ڌرتي ۽ ان جي رهاڪن، جن کي لڳاتار 25 سال پئي پاليو آهي، سان وفادار ٿيڻ چاهين ٿا. سندن اُن ذهن ۽ “ترڪ وطن” حرڪتن ئي بنگلاديش کي اسان کان جدا ڪيو. جيڪڏهن هو پنهنجي اردو زبان کي پاڪستان جي واحد قومي زبان بنائڻ واري غير فطري تقاضا کي بنگلاديش جي ماڻهن مٿان نه مڙهين ها ته جيڪر بنگال جي ڌرتيءَ تي بنگال جي ماڻهن جو خون نه وهي ها ۽ نه ئي بنگال جُدا ٿئي ها.
    بدقسمتيءَ سان انهن ساڳين ئي عنصرن پنهنجن غير انساني ارادن جو نشانو سنڌ کي بنايو آهي. تازو زبان جي مسئلي تي ٿيل فساد نه صرف غير فطري پر مجرمانه هئا. بل ۾ ڪا به اهڙي ڳالهه موجود نه هئي، جاکين اهڙين حرڪتن ڪرڻ لاءِ بهانو ٿي سگهي ٿي. سنڌ اسيمبليءَ مان پاس ٿيل بل هڪ ڪاغذ جي ٽڪري تي ناڪافي سٽن کان وڌيڪ ڪجهه به نه هو، جنهن کي سنڌ اسيمبليءَ جي 62 ميمبرن مان 51 ميمبرن اڪثريت سان پاس ڪي ويو هو.
    سنڌ جي ماڻهن جي تاريخي تقاضا هئي ته موجوده حڪومت سنڌي زبان کي سنڌ جي واحد سرڪاري زبان وارو تاريخي حق وٺي ڏيندي. ليڪن اسان جي تعجب جي حد نه رهي، جو اُهو بل، جو ڪمزور ۽ مڪمل طرح ناڪافي هو، سو به هنن کان سٺو نه ٿيو ۽ هنن سنڌ جي جائز ۽ ڊگهي جدوجهد کي دٻائڻ لاءِ غنڊا گرديءَ جو سهارو ورتو. اُن کان وڌيڪ تعجب خيز ڳالهه اها هئي ته انهن ساڳين عناصرن سنڌ جي ٻهراڙين ۾ به سنڌي قوم جي ماڻهن مٿان طرح طرح جا حملا ڪيا. سنڌ کي ايڏي وڏي نقصان پهچائڻ کان پوءِ به کين تسڪين حاصل نه ٿي ۽ هو سنڌ کي وڌيڪ زخم پهچائڻ لاءِ پنهنجي “غنڊا گرديءَ” کي جائز قرار ڏيندا رهن ٿا.
    پر اسان جي حيرانيءَ جي حد نه رهي. جو جناب ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي صدارت بچائڻ خاطر وڃي سنڌ جي ويرين ۽ ٻين مستقل مفاد سان گڏيو آهي، جن جو مقصد سنڌ کي استحصال جو شڪار بنائڻ آهي.
    آئون پنهنجي وطنين (سنڌين) کي آگاهه ڪرڻ چاهيان ٿو ته موجوده پاس ٿيل آرڊينينس، جيڪو صدر ڀٽي جي هدايتن تي سنڌ جي گورنر جاري ڪيو آهي، اُن سنڌ جي ماڻهن جي حقن واري جدوجهد کي تمام گهڻو نقصان رسايو آهي ۽ اسان سنڌين جون ڪيتريون قيمتي جانيون ورتيون آهن.
    هن آرڊينينس ذريعي سنڌ کي ٻن ٻولين وارو صوبو بنايو ويو آهي، جو ڪو به غيرتمند سنڌي برداشت نه ڪندو. هن آرڊينينس ۾ صدر ذوالفقار علي ڀٽي، اردو سامراجين کي اُها راهه خلقي ڏني آهي، جنهن کي هُو ڪراچي کي سنڌ کان علحده ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري سگهن ٿا.
    صدر ڀٽي جا چند بيان اردو سامراجين کي سندن ڊگهي سنڌ دشمن سازشن کان باز رکڻ کان قاصر آهن. اهو صرف منهنجو تجربو نه آهي، پر گذريل چند ڏينهن کان حڪومت ۽ اردو سامراجي ٽولي درميان ٿيل عهدنامن ۽ آرڊينينس بابت اشفاق حسين قريشيءَ ۽ شاهه فريد الحق جا وضاحتي بيان منهنجي تجزئي کي ٽيڪو ڏين ٿا.
    ٻئي طرف مسٽر ڀٽي طرفان انهن بيانن خلاف ڪنهن به ترديد جو نه اچڻ اسان جي شڪن کي صحيح ثابت ڪري ٿو ۽ ظاهر ٿي رهيو آهي ته هو صاحب به پنهنجي مادرِ وطن جي ويرين سان شريڪ آهي.
    انهن واقعات هڪ اهڙي روايت ٺاهي آهي، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌ اندر خودمختياري سنڌ اسيمبليءَ وٽ، نه پر چند هٿ ٺوڪين غنڊن جي هٿ ۾ آهي. هيءُ آرڊينينس سنڌ اسيمبليءَ، جيڪا خود صدر صاحب جي پنهنجي پارٽي (پيپلز پارٽي) جي اڪثريت جي ٺهيل آهي، جي منهن تي هڪ چماٽ آهي.
    ڀُٽي صاحب اُنهن انتشار پسند اڳيان جهڪندي، سنڌ وطن جي ماڻهن سان غداري ڪئي آهي. هن پنهنجي صدارت بچائڻ لاءِ ڪيڏي نه وڏي قيمت ادا ڪئي آهي. اُها صدارت کيس وڌ ۾ وڌٻه مهينا به هلائڻ نه ڏيندا.
    اردو سامراجي، جيڪي پنهنجي اڳوڻي مادر وطن سان قطع تعلقات ڪري سگهن ٿا، جيڪي 25 سال مسلسل پاليندڙ محسنن سان غداري ڪري سگهن ٿا، اهي ڪنهن فرد واحد سان وفادار ٿي نه ٿا سگهن.
    آئون ڏسي رهيو آهيان ته مستقبل ۾ سنڌ تي وڏا عذاب اچڻ وارا آهن ۽ اُهي اُن وقت ايندا، جڏهن قومي اسيمبليءَ ۾ بنگلاديش تسليم ڪرڻ واري معاملي کي آندو ويندو. آئون سمجهان ٿو ته صدر ڀٽو ڪي اهڙا قدم کڻندو، جيئن رجعت پسندن کي راضي ڪري، بنگلاديش بابت ووٽ وٺي سگهي.
    آئون سنڌ جي ماڻهن جي قوت ۾ ويساهه رکندي، اهڙن عنصرن کي آگاهه ڪرڻ گهران ٿو ته جيڪڏهن ڪابه اهڙي ڳالهه، ڪنهن به ڪنڊ ۾ رٿي وئي ته ان کي هڪدم روڪيو ويندو.
    صدر ڀٽي جون موجوده پاليسيون ان ڳالهه جي نشاندهي ڪن ٿيون ته هُو اردو سامراجين کي خوش ڪرڻ ۽ سندن ساٿ وٺڻ خاطر مناسب قدم کڻڻ وارو آهي، جيئن صدر ڀُٽي تازين حالتن ۾ چند غنڊن آڏو جهڪي، پنهنجي ڪمزور هجڻ جو ثبوت ڏنو آهي. اُن ڪمزوريءَ جو فائدو وٺندي، هُو انتشار جو سهارو وٺي، هن مان ڪو به ڪم ڪڍي سگهن ٿا.
    اسان هن کان اڳ به 23 جولاءِ 1972ع تي جيئي سنڌ محاذ واري گڏجاڻيءَ ۾ ٺهرائن ذريعي آگاهه ڪيو هو ته مستقبل قريب ۾ اُهي عناصر بنگلاديش مان بهارين کي گهرائڻ واري تحريڪ هلائڻ چاهين ٿا ته جيئن هُو سنڌ اندر اصل سنڌين کي اقليت ۾ بنائي سنڌ جا حاڪم ٿي ويهن. مون کي ته شڪ آهي ته صدر ڀُٽي ڪٿي اهڙي ٺهراءُ تي ساڻن سمجهوتو نه ڪيو هجي. سنڌين اڳيئي اردو سامرجين هٿان گهڻا زخم کاڌا آهن ۽ هُو ڪنهن به صورت ۾ بهارين کي هتي اچڻ نه ڏيندا. آئون ايمانداريءَ سان اِها تجويز ڏيان ٿو ته سنڌين کي ايترو سوڙهو نه ڪيو وڃي، جو اڳتي هلي تباهه ڪن نتيجا نڪرن.
    مون کي اهو ٻڌي تمام گهڻو صدمو رسيو آهي ته موجوده حڪومت غريب بنگالي سرڪاري ڪامورن توڙي ٻين شهرين کي سندن خواهش جي اظهار (بنگلاديش وڃڻ جي اظهار) ڪرڻ جي جُرم ۾ نوڪرين مان خارج ڪري پگهارون بند ڪري، ڪاري وحشت ۽ ظلم جو شڪار بنايو ويو آهي. اهڙيءَ طرح جا ڪيترا مضمون ۽ خط شايع ڪيا ويا آهن. سندن پگهارن بند ٿيڻ ۽ ويجهڙائيءَ ۾ وطن وري وڃڻ جي امڪانن جي غيرموجودگيءَ ۾ کين عليل ۽ رحم جوڳين حالتن ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي.
    هيءَ دنيا جي تاريخ ۾ هڪ قسم جو الميو ثابت ٿيندو. جيڪڏهن کين زندگي گذارڻ لاءِ وسائل مهيا نه ڪيا ويا ته هو بک افلاس جو نشانو بڻجي ويندا.
    آئون گهر ڪريان ٿو ته موجوده حڪومت کي اهڙن ستايلن انسانن لاءِ جوڳا قدم کڻڻ گهرجن. هيءُ انساني مسئلو آهي، جيڪڏهن اهو حل نه ڪيو ويو ته ٻاهرين ملڪن اندر توڙي ڀروارن ساٿين سامهون ذلت ۽ بدناميءَ جو ڪارڻ بنبو. اڳيئي گذريل سال دوران بنگال وارن واقعن ۽ بربريت اسان کي ڪافي خوار ڪيو آهي ۽ اسان وڌيڪ خواري برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيون.
    آئون اعتماد سان چوڻ چاهيان ٿو ته سنڌي قوم هاڻي جهالت جي اونداهين راتين مان نڪري رهي آهي ۽ وقت اچي ويو آهي ته هو پنهنجي خلاف سٽجندڙ سازشن کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيندا. کين هاڻي “غداريءَ وارن نعرن” سان گمراهه ڪري نٿو سگهجي. اسين ڪافي ڀوڳي چڪا آهيون.
    نئين دور جو صبح هن موهن جي دڙي جي پراڻي ڌرتيءَ تي اڀري چڪو آهي. سنڌي زبان جي واحد سرڪاري زبان هجڻ وارو مقام اسان جو حق آهي. اڄ يا سڀاڻ اسان اِهو حق ضرور وٺي رهنداسون.
    هاڻ اسان سان وڌيڪ دغا ممڪن نه آهي. سنڌ اندر نئين صوبي بنائڻ واري سازش کي پوري قوت سان روڪيو ويندو. اسين پنهنجي پاڪ ڌرتيءَ تي ڪو به اسرائيل يا محمد پور ۽ ميرپور (بنگال ۾ بهارين جون ٻه آباديون) برداشت نه ڪنداسون. هيءَ صوفين جي ڌرتي آهي.
    آئون سڀاڻي سنڌ جي دوري تي وڃي رهيو آهيان. منهنجو مقصد سنڌ جي ماڻهن کي سندن خلاف ٿيندڙ سازشن کان آگاه ڪرڻ آهي. ممڪ آهي ته موجوده حڪومت انهن حقيقتن کان خائف ٿي، منهنجي اُن دوري جي راهه ۾ رڪاوٺتون کڙيون ڪري. پر مون کي اهڙين رڪاوٽن جي ڪا به پرواه نه آهي، جيڪڏهن مون سان ڪو به اهڙو واقعو پيش آيو ته هيءُ سچ جو جهنڊو منهنجن ساٿين جي هٿن تائين پهچي ويندو ۽ هُو اُن جهنڊي جي وقار ۽ بلنديءَ خاطر آخري دم تائين جدوجهد ڪندا رهندا.”
    ان کان پوءِ پهرين آگسٽ 1972ع تي مون سنڌ جو دورو شروع ڪيو ۽ ماڻهن کي پنهنجن حقن حاصل ڪرڻ ۽ منظم ۽ متحده ٿيڻ جي تلقين ڪندو رهيس ۽ اهو پڻ واضح ڪيم ته پاڪستان جي ڍانچي ۾ رهندي نه سندن حياتيون سلامت آهن، نه ٻولي، نه تهذيب، نه اقتصادي ۽ نه سياسي حق محفوظ آهن، کڻي جو پاڪستان جو حڪمران نالي خاطر سنڌي ئي ڇو نه هجي. ان ڪري توهان کي “سنڌوديش” جي سياسي، ثقافتي ۽ اقتصادي آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪرڻ گهرجي. ان دوري ۾ مُون پوريءَ ريت وفاق ۽ وفاقي ڍانچي کان بيزاريءَ ۽ مايوسيءَ جو اظهار ڪيو، ڇو ته ڪافي تجربي کان پوءِ خاص ڪري بنگال جي علحدگيءَ اهو ثابت ڪيو ته پاڪستاني حڪمران ڪنهن به صورت ۾ ننڍن ۽ مظلوم صوبن کي عزت جوڳو مقام ڏيڻ لاءِ تيار ئي نه آهن. اهڙو اظهار آئون هن دوري ۽ لساني فسادن کان اڳ ۾ 4 مارچ 1972ع ۾ حيدرآباد اندر هڪ وڏي عام جلسي ۾ ڪري چڪو هئس ۽ سنڌين جي آئيندي جدوجهد جو محور ۽ مرڪز “سنڌوديش” کي قرار ڏنو هئم ۽ هيءُ دور پڻ انهيءَ سلسلي جي ڪڙي هو.


    21

    مون کي اهو دورو پورو ڪرڻ نه ڏنو ويو ۽ 8 آگسٽ، 1972ع تي مون کي گرفتار ڪري پنهنجي سن واري گهر ۾ نظربند ڪيو ويو ۽ حڪم ڪڍيو ويو ته آئون ڪنهن به ماڻهو سان نه ملي سگهان ٿو، نه ڳالهائي سگهان ٿو ۽ نه خط و ڪتابت ڪري سگهان ٿو. سنڌ حڪومت جي گهرو کاتي طرفان 15 آگسٽ، 1972ع تي منهنجي گرفتاريءَ جي ڪارڻن جو طويل چٺو ليٽر جي صورت ۾ مون کي موڪليو ويو. هتي آئون ان گرفتاريءَ جي حڪمنامي ۽ گرفتاريءَ جي ڪارڻن واري ليٽر جا متن پيش ڪريان ٿو.
    نمبر: 8207
    حڪومت سنڌ
    هوم ڊپارٽمينٽ
    ڪراچي : 15-8-1972ع
    گرفتاري جا ڪارڻ
    توهان، مسٽر جي ايم سيد ولد محمد شاه، ويٺل ڳوٺ سن، ضلعو دادو، صدر جيئ سنڌ محاذ کي حڪم ڪجي ٿو ته اوهان کي صوبائي سنڌ حڪومت جي قاعدي 32 (1) جي ڪلاز (ب) ۽ ڊفينس آف پاڪستان رولز جي قاعدي 213 موجب، 8 آگسٽ 1972ع جي آرڊر نمبر 8207 موجب ڇهن مهينن لاءِ نظربند ڪيو ويو آهي، ته جيئن اوهان کي روڪي سگهجي ته اوهان پاڪستان جي سالميت ۽ سنڌ صوبي جي امن امان وارين حالتن کي وڌيڪ خراب نه بنائي سگهو. اوهان جي گرفتاريءَ جا سبب ۽ ڪارڻ هيٺيان آهن.
    (1) جڏهن نون ۽ پراڻن سنڌين جا تعلقات، ٻوليءَ واري تنازعي سبب ڪشيده بڻيل هئا، تڏهن توهان سنڌ ۾ مختلق هنڌن جو دورو ڪيو ۽ اهڙيون تقريرون ڪيون، جيڪي نون ۽ پراڻن سنڌين جي وچ ۾ نفرت جا احساس وڌائڻ جو ڪارڻ بنجي رهيون هيون.
    (2) توهان 31-7-1972ع تي پنهنجي ڪراچيءَ واري رهائشگاهه تي پريس ڪانفرنس ڪئي، جيڪا 1-8-1972ع جي روزانه ڊان ۾ شايع ٿي آهي، ان ۾ اوهان اردو ڳالهائيندڙن تي الزام هنيو آهي ته انهن نه پاڪستان جي تخليق کي تسليم ڪيو آهي ۽ نه ئي اُهي سنڌ سان سچا آهن.
    (3) مٿي ڄاڻايل پريس ڪانفرنس ۾ ذڪر ڪيل مسئلي (جيڪو ڊان ۾ ڇپيو آهي) بابت اوهان صدر پاڪستان جناب ذوالفقار علي ڀٽي جي خلاف بي بنياد ۽ غلط بيانيءَ تي ٻڌل الزام هنيو آهي ته هُن سنڌ ـ دشمنن جا هٿ مضبوط ڪيا آهن، جيڪي سنڌ صوبي جي استحصال ۾ شريڪ آهن.
    (4) مٿي ڄاڻايل پريس ڪانفرنس ۾ اوهان صدر پاڪستان ڀُٽي خلاف هڪ بي بنياد الزام هنيو آهي ته هُن اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ کي ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ڏنو آهي.
    (5) اوهان ٺٽي ۾ سيد قادر ڏني شاهه جي اوطاق تي جيئي سنڌ محاذ جي ڪارڪنن جي ميٽنگ کي 1-8-1972ع تي منجهند وقت خطاب ڪندي، پراڻن سنڌين کي هٿيارن گڏ ڪرڻ تي اُڀاريو آهي ته جيئن اُهي غير سنڌين سان مقابلو ڪري سگهن.
    (6) ان ساڳيءَ تقرير ۾ توهان صدر پاڪستان تي بي بنياد الزام هنيو آهي ته هيءُ پنجابي کان ڊڄي ۽ سندن هٿن ۾ کيڏي، سنڌين کي پنهنجن حقن کان محروم ڪري رهيو آهي.
    (7) ان ساڳئي ڏينهن يعني 1-8-1972ع تي اوهان ميرپور بٺوري (ضلعي ٺٽي) ويا ۽ فداحسين شاهه جي اوطاق تي جيئي سنڌ محاذ جي ميڙ کي خطاب ڪيو، جتي توهان جي ساٿيءَ حفيظ قريشي، ميڙ ۾ تقرير ڪندي سنڌين کي جوش ڏياريو ته هٿيار ۽ ماڻهو، خونريزيءَ لاءِ گڏ ڪريو. ساڳيءَ ميٽنگ ۾ تقرير ڪندي توهان حفيظ قريشي جي مشوري تي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ واضح ڪيو ته پاڪستان جو ٻه قومي نظرئي جي بنياد تي قيام غلطي هئي.
    (8) 1-8-1972ع تي 5 ۽ 6 وڳي جي وچ ۾ شام جو اوهان، اٽڪل 600 ۽ 700 ماڻهن جي عام ميڙ کي سجاول ڪلب (ضلع ٺٽي) ۾خطاب ڪيو ۽ ماڻهن کي اُڀاريو ته مهاجرن سان وڙهڻ لاءِ تيار ٿي وڃو، ڇو ته انهن اوهان جا حق غضب ڪيا آهن.
    (9) اوهان 2-8-1972ع تي ميرواهه پُل بدين ويجهو هڪ عوامي ميڙ ۾ تقرير ڪندي فوج تي ٿيندڙ وسيع خرچ تي تنقيد ڪئي ۽ اُن کي اجايو خرچ قرار ڏنو. گڏوگڏ اوهان اعتماد سان اهو ٻڌايو ته سن کي ٻن صوبن ۾ ورهايو پيو وڃي ۽ بهارين کي اصل سنڌين کي ٿورائيءَ ۾ بدلائڻ لاءِ آندو پيو وڃي.
    (10) 2-8-1972ع تي اوهان تلهار (ضلعي حيدرآباد) ۾ جيئي سنڌ محاذ جي ڏجاڻيءَ جي اندازاً ساڍي چئين وڳي صدارت ڪئي ۽ ميڙ کي خطاب ڪندي چيو ته لکين بگهڙ، مهاجرن جي روپ ۾ سنڌ تي مسلط ڪيا ويا آهن. جن سنڌين جا حق ڦٻايا آهن.
    (11) 3-8-1972ع تي اٽڪل ساڍي يارنهن وڳي صبح جو غلام رسول ڀرڳڙيءَ جي بنگلي (حيدرآباد) ۾ هڪ گڏجاڻيءَ ۾ تقرير ڪندي اوهان ڊڪليئر ڪيو ته سنڌ ۾ هر ماڻهو جيئي سنڌ هلچل جو حامي آهي ۽ اوهان الزام هنيو ته مهاجر بي وفاقسم جا ماڻهو (Cunning type of people) آهن، ۽ سنڌين کي ساڻن وڙهڻ جي تياري ڪرڻ گهرجي.
    (12) ساڳيءَ تاريخ 3-8-1972ع تي ٽنڊي الهيار(حيدرآباد ضلعي) ۾ اٽڪل ساڍي نائين وڳي شام جو غلام رسول شاهه جي بنگلي تي هڪ گڏجاڻيءَ ۾ تقرير ڪندي، اوهان حڪومت تي بي بنياد الزام مڙهيو ته حڪومت اردو جي تعليم، لازمي طرح مڙهي سنڌي زبان جوبنيادي حق ماريو آهي ۽ بهارين کي سنڌ ۾ آڻي، اصل سنڌين ٿورائيءَ ۾ بدلائڻ جي سازش ڪئي وئي آهي، ان ڪري سنڌين کي خبردار ٿيڻ گهرجي.
    (13) ساڳيءَ ميٽنگ ۾ اوهان بيان ڪيو ته پاڪستان جو صدر سنڌ جي حقن کان روگرداني ڪري رهيو آهي، ڇو ته هُو مهاجرن کان ڊڄي ٿو.
    (14) مٿي بيان ڪيل ساڳيءَ ميٽنگ ۾ ٽنڊي الهيار ۾ توهان چيو آهي ته سنڌين هميشه ڌارين کي ڌڪي ڪڍيو آهي ۽ بقائي اصلح جو نظريو موجوده حالت ۾ اها تقاضا ڪري ٿو ته اصل سنڌي نون سنڌين کان پلاند وٺن ۽ هن دنيا تي ڪا به اهڙي طاقت نه آهي، جيڪا مهاجرن کي وڌيڪ عرصو سنڌ ۾ ٽڪڻ ڏئي ۽ آخر ۾ توهان چيو ته اوهان کي مري وڃڻ کپي، پر سنڌ مهاجرن کي نه ڏيڻ گهرجي.
    (15) 3-8-1972ع تي صبح جو ساڍي يارهين وڳي ڌاري توهان سچائي منزل ميرپور خاص تي جيئي سنڌ محاذ جي گڏجاڻيءَ ۾تقرير ڪئي ۽ پڌرو ڪيو ته توهانکي اهو پيغام ڏيڻ آيو آهيان ته سنڌ کي آزاد صوبو بنايو وڃي.
    (16) 4-8-1972 تي سانگهڙ ۾ هڪ عوامي ميڙ ۾ تقرير ڪندي، اوهان صدر پاڪستان تي زور ڀريو ته اندرا گانڌيءَ جا هٿ مضبوط ڪري ۽ اقوام متحده ۾ آواز اٿاري ته سمورن مهاجرن کي پاڪستان مان ڀارت موڪليو وڃي، ڇاڪاڻ ته اردو ڳالهائيندڙ، سنڌين کي ٿورائيءَ ۾ بدلائڻ لاءِ آندا ويا آهن.
    (17) 4-8-1972ع تي ساڍي ڇهين وڳي توهان نوابشاهه ۾ هڪ گڏجاڻيءَ کي خطاب ڪندي الزام هنيو ته اردو ڳالهائيندڙ، جيڪي پناهگير آهن، هڪ سازش هيٺ آيا آهن ته جيئن پاڪستان ۾ فاشسٽ طرز حڪومت ڪجي ۽ اوهان مرحوم لياقت علي خان تي الزام هنيو ته اُن سنڌ کي يو. پي ۾ بدلائڻ جي سازش ڪئي هئي.
    (18) ساڳئي ڏينهن ۽ تاريخ تي اوهان نوابشاهه ۾ گڏجاڻيءَ ۾ تقرير ڪندي، ڪوڙو ۽ بي بنياد الزام هڻندي، اشتعال پکيڙيو ته مهاجرن اصل سنڌين کي قتل ڪيو آهي، سندن اکيون ڪڍيون آهن، سندن زبانو وڍيون آهن، ان ڪري سنڌي خاموش نه ويهندا ۽ اُن جو ضرور پلاند وٺندا. توهان ساڳيءَ گڏجاڻيءَ ۾ موجود ماڻهن کي اُڀاريو ته هٿيار گڏ ڪريو ۽ پاڻ کي سنڌي مهاجر جهيڙي لاءِ تيار ڪيو، جيڪو اوهان جي چوڻ موجب 14 ۽ 15 آگسٽ 1972ع تي ٿيندو.
    توهان جون مٿيون تقريرون ۽ بي بنياد بيان اهڙا عمل آهن، جن وسيلي :
    (الف) اوهان پاڪستان جي هٿياربند فوج خلاف ڳالهائي، انهن جي فرائض ۾ دخل اندازي ڪئي آهي.
    (ب) اوهان نفرت پيدا ڪئي آهي ۽ جوش ڏياريو آهي، حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ خلاف، پاڪستان جي قانون موجب، خاص ڪري سنڌ صوبي ۾.
    (ت) توهان شهرين، خاص ڪري اصل ۽ نون سنڌين جي وچ ۾ نفرت ۽ دشمنيءَ وارا جذبا پيدا ڪيا آهن.
    (ث) توهان عوام ۽ عوام جي مختلف حصن ۾ خون ۽ ڏهڪاءُ واري فضا پيدا ڪرڻ جو ڪارڻ بنيا آهيو.
    (ج) اوهان اشتعال ۽ جوش واري صرتحال پيدا ڪري، آرمس ائڪٽ 1878 ۽ ايڪسپلوروز ائڪٽ 1884 جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. هي تقريرون، بيان ۽ عمل، جيئن مٿي ڄاڻائجي چڪا، حڪومت سنڌ جي نظر ۾ سنڌ صوبي جي امن ڀرين حالتن ۽ پاڪستان جي سلامتي لاءِ خطرناڪ آهن.
    (غلام جيلاني) T.PK.C.S.P
    سيڪريٽري حڪومت سنڌ،
    هوم ڊپارٽمينٽ.

    ان حڪم نامي ۾ گرفتاري جا جيڪي سبب ڄاڻايا ويا آهن، سي پاڪستان بيوروڪريسيءَ جي شاطر ذهن جي فتنه پردا پيداوار آهن، ڇو ته مون پنهنجي دوري ۾ ڪٿي به ماڻهن کي وڙهڻ، هٿيار کڻڻ يا رتوڇاڻ ڪرڻ جي ترغيب نه ڏني هئي ـ ڇو ته آئون عدم تشدد (اهنسا) جو پيروڪار رهيو آهيان ۽ تشدد کي انساني مسئلن جو حل ڪو نه ٿو سمجهان. منهنجون نگاهون تاريخ ۾ ايترا ته لاش ۽ خونريزيون ڏسي چڪيون آهن، جو هاڻي وڌيڪ ڪُٺل ماڻهن جا لاش ۽ رت جون نديون ڏسڻ گوارائي نه ٿيون ڪن. البته مون اهو ضرور چيو هو ته پاڪستان جو موجوده حڪمران، پنجابين ۽ پناهگيرن وٽ يرغمال بنيل آهي، اُن ڪري سنڌين کي ڪو به فائدو پهچائي نه ٿو سگهي ۽ پڻ هُو ملٽريءَ جو آندل آهي ۽ ملڪ جي پيداوار کي بي دريغ ملٽري تي خرچ ڪري رهيو آهي، جيڪو سراسر بي فائدي آهي. ان ڪري جو ملٽري ملڪ جو بچاءُ ڪرڻ ۾ مڪمل طرح ناڪام وئي آهي ۽ انهيءَ ملٽريءَ جي نااهليءَ سبب 1971 ۾ وڏو نقصان وري به سنڌ کي ئي برداشت ڪرڻو پيو، جو اُن جو هڪڙو ضلعو ذري گهٽ ٻه حصا ڀارتي فوج جي قبضي ۾ هلي ويو هو ۽ ظاهر ڳالهه آهي ته زمين جي جنهن ٽُڪري تي متحارب فوجون داخل ٿينديون آهن، اُتي نه صرف انساني حياتين جا چراغ گل ٿيندا آهن، پر اُتي جي دولت لٽجڻ سان گڏوگڏ تهَذيب ۽ عصمت جا آبگينا به ڀور ڀور ٿيندا آهن ـ ۽ انهن ڪارروين سبب لکين ٿري ماڻهو پنهنجو سڀڪجهه لٽائي هڪڙا مذهبي لحاظ سان ڀارت هليا ويا ۽ ٻيا سنڌ جي نهري علائقن ڏانهن لڏي آيا ـ ته جيڪا فوج، جنگ جي وقت ۾ پنهنجي ماڻهن ۽ ڌرتيءَ جو دفاع نه ڪري سگهي، اُن تي لاتعداد خرچ اجايو آهي. پر ڀٽو صاحب اهو خرچ ڪرڻ لاءِ ان ڪري مجبور آهي، جو سندس اقتدار جي ڪُرسي، فوجي سولجرن جي سنگينن جي سهاري تي بيٺل آهي. تنهن ڪري هو سنڌ جا وسيلا، سنڌ جي ماڻهن تي خرچ ڪرڻ بدران آرميءَ تي خرچ ڪري رهيو آهي ـ ۽ اسان هاڻي نه رڳو پاڪستان جي اسيمبلين، حڪمرانن ۽ بيوروڪريسيءَ مان مايوس آهيون، پر ان جي آرميءَ مان به مڪمل طرح مايوس آهيون. اُن ڪري “اپڻي گهوٽ ته نشا ٿيوئي” جي مصداق پنهنجي ملڪ “سنڌو ديش” کي آزاد ڪرائڻ لاءِ منظم ۽ متحد ٿيون.
    اُن وقت مُون اهو محسوس ڪري ورتو هو ته هاڻي ننڍن ۽ مظلوم صوبن جي ليڊرن کي پنجابي حڪمران، سول ۽ ملٽري بيوروڪريسي، هٿيار طور استعمال ڪندي ۽ عوام کي اُنهن جي آڌار تي محڪوم بنايو ايندي ۽ اهو حربو وڌيڪ خطرناڪ آهي. سنئين سڌي حڪمراني ڪرڻ کان ۽ ڪم ڪڍڻ کان پوءِ اُنهن کي چوسيل ڳني يا استعمال ٿيل جوراب وانگر اڇلائي ڇڏيندي. انهيءَ نقطئه نظر کي سامهون رکندي مون جناب ذوالفقار علي ڀٽي کي هڪ تاريخي خط لکيو. اُن ۾ مون پنهنجو مٿي ڄاڻايل نتيجو پيش ڪيو ۽ اهو پڻ ڄاڻايم ته نيٺ پنجابي ۽ پناهگير مستقل مفاد توکي پنهنجي راهه تان هٽائي ڇڏيندا. اُن ڪري اُنهن جي پوئلڳيءَ ۽ غلاميءَ کان بهتر آهي ته تُون سنڌ جي آزاديءَ ۽ آجپي واري جدوجهد ڏانهن متوجهه ٿيءُ، ڇو ته آزاد ٿيڻ کان پوءِ سنڌ کي ڪيترائي فائدا ٿيندا، اُنهن مان مکيه هي آهن:
    (1) مهاجر پنجابي سامراج کان هميشه لاءِ نجات ملندي.
    (2) انڪم ٽيڪس، ڪسٽمز، ايڪسائيز ڊيوٽي، سيلز ٽيڪس، مان سنڌ کي 350 ڪروڙ روپيا پيدائش ٿيندي، ٻي پيدائش 50 ڪروڙ ٿي سگهندي، جُملي 400 ڪروڙ بجيٽ مان سنڌ ٿوري وقت اندر نهايت تيزيءَ سان ترقي ڪري ويندي.
    (3) سنڌي زبان ۽ ڪلچر تيزيءَ سان عروج حاصل ڪري وٺندا.
    (4) سنڌ جا سمورا وسيلا سنڌين جي حوالي ٿيڻ ڪري بيروزگاري قطعاً ختم ٿي ويندي.
    (5) سنڌين جو معيار زندگي جلد بلند ٿي سگهندو، ڇاڪاڻ ته آباديءَ گهٽ، زمين، ڪارخانا، واپاري ذريعا، نوڪريون ۽ کاڻيون جهجهي تعداد ۾ هئڻ ڪري، سنڌ جلد تعمير ۽ ترقيءَ ۾ اڳري ٿي ويندي.
    (6) سنڌ جي پاڻيءَ کي پنجاب طرفان بند ڪرڻ عيوض سنڌي پنجاب جي مال تي ڳرو محصول وجهي، پنهنجي پاڻيءَ جو عيوضو وٺي سگهندا.
    (7) پنهنجو بچاءُ پاڻ ڪري سگهندا.
    (8) جمهوريت، سيڪيولرزم، نيشنلزم ۽ سوشلزم تي هلي، بنگلاديش ۽ ڀارت سان دوستي ڪري سگهندا.
    مون کي افسوس آهي ته مُنهنجي ڏنل راين تي هُن صاحب ڪو به توجهه نه ڏنو ۽ نتيجو اُهو ئي نڪتو جيڪو مون کيس ٻڌايو هو. اڳتي هلي محمد خان جوڻيجي، بينظير ڀٽي ۽ غلام مصطفى جتوئيءَ سان به ڀُٽي صاحب کان قدري مختلف، پر اقتدار تان استعمال ڪري اُڇلائڻ واري ساڳي حالت اختيار ڪئي وئي. هيءَ ٻي ڳالهه آهي ته ڀُٽي کي اقتدار کان محروميءَ سان گڏ حياتيءَ کان به محروم ٿيڻو پيو، پر پويان ٽئي صاحب پنهنجي حياتي بچائي، خيرن سان گهر ڀيڙا ٿيا. ليڪن محسوس ائين ٿو ٿئي ته انهن سائينءَ سوارين، اڃا تائين پنجابين مان آسرو نه لاٿو آهي ۽ تاريخ مان ڪو به سبق نه پرايو آهي. شايد ذاتي لالچ سبق پرائڻ واريءَ اک تي انڌ جا کوپا چاڙهيو ڇڏي، گهٽ ۾ گهٽ مون کي ته ائين ٿو نظر اچي. انهن جي سبق نه پرائڻ جي باوجود مُنهنجيءَ راءِ ۾ وڌيڪ پختگي پيدا ٿي آهي ته گڏيل وفاق ۾ نه سنڌ سلامت رهندي ۽ نه سنڌي سلامت رهندا. اُن ڪري آئون 1972ع کان وٺي جيڪا جدوجهد ڪندو آيو آهيان، اُن کي وڌيڪ تيز ۽ همه گير ڪرڻ جو پاڻ وڌيڪ حوصلو پيدا ٿيو اٿم.
    جناب والا !
    مون مڪمل مايوس ٿيڻ کان پوءِ، جيڪا سنڌوديش جي آزاديءَ جي جدوجهد شروع ڪئي آهي، اُن جدوجهد جي سلسلي ۾ مون آزادي حاصل ڪرڻ تائين پاڪستاني حڪمرانن طرفان هر سنڌ دشمن ڪارروائيءَ، عمل ۽ فيصلي جي ڀرپور طريقي سان مزاحمت پئي ڪئي آهي. انهيءَ سلسلي ۾ منهنجي نظر ۾ ڀُٽي صاحب طرفان سڀ کان وڏي سنڌ دشمنيءَ واري عمل 1973ع وارو وفاقي طرز جو آئين نافذ ڪرڻ هو.
    (i) اِن آئين سنڌين کي هڪ قوم طور ختم ڪري پاڪستاني وفاق جي هيٺ ننڍڙي وحدت (اِڪائي) قرار ڏنو.
    (ii) ان آئين سنڌ ۾ ڌار آبادڪاري لاءِ قانوني طرح وسيع ميدان مهيا ڪري ڏنو، جنهن ڪري پنجابي پٺاڻ، بهاري، هندستاني، برمي، افغاني ويندي آفريقي ملڪن جهڙوڪ، ڪينيا، يوگنڊا وغيره مان ڏتڙيل هندستاني مسلمان به سنڌ جو رُخ ڪرڻ لڳا.
    (iii) اِن آئين سنڌ اسيمبليءَ کان اُهي اختيار به کسي ورتا، جيڪي برطانوي هند ۾ 1935ع جي ائڪٽ ۽ انڊپينڊنٽس ائڪٽ 1947ع ۾ کيس مليل هئا.
    ان ڪري، سنڌي پاڪستان ۾ مڪمل طرح هڪ ٿورائيءَ واري محڪوم يونٽ ۾ تبديل ٿي ويا ۽ سنڌ اسيمبلي مرڪزي حڪومت جي مداخلت جي آماجگاه بنجي وئي.
    هتي آئون 1973ع جي آئين جي تفصيلوار نقصانن جي فهرست پيش نه پيو ڪريان ۽ نه ئي ايترو وقت آهي، جو ويهي اُن جي تفصيلات تي بحث ڪجي، پر ايترو ٻڌائڻ ضروري ٿو سمجهان ته انهيءَ آئين، سنڌين کي آئيني توڻي سياسي، اقتصادي، تهذيبي ۽ لساني طور پوريءَ ريت پنجاب پناهگير مستقل مفاد جو غلام بنائي ڇڏيو. اُن ڪري، اهڙي آئين جي مزاحمت ڪرڻ مون پنهنجو فرض سمجهيو ۽ قومي ڪارڪنن کي چيم ته اُهي پنهنجون سموريون صلاحيتون اُن آئين جي خلاف ڀرپور احتجاج ڪرڻ ۾ صرف ڪن. ان ڏس ۾ 28 اپريل 1973ع تي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اُن وقت جي وائيس چانسلر طرفان آئين جي جوڙيندڙ مسٽر عبدالحفيظ پيرازادي کي اعزازي طرح جڏهن ڊاڪٽر آف لا جي ڊگري ڏني پئي وئي، اُن وقت قومي ڪارڪنن ۽ نوجوان شاگردن طرفان زبردست احتجاج ٿيو، جيڪو تاريخ جو رڪارڊ آهي.
    اهڙي طريقي سان جڏهن به سنڌ دشمن ڪارروايون ٿينديون رهيون، مون پنهنجي وس، وت ۽ تنظيمي طاقت آهر انهن جي مزاحمت ۽ مخالفت پئي ڪئي آهي.
    حقيقت ۾ 1973ع کان پوءِ واري عرصو گهڻو ڪري نظر بند ئي رهيو آهيان، مون کي پوريءَ ريت ماڻهن سان رابطي ڪرڻ، تنظيم ڪاري ڪرڻ ۽ پنهنجن خيالن کي نشر و اشاعت وسيلي پڌرو ڪرڻ کان مڪمل طرح روڪيو ويو. اهو عرصو سنڌ ۾ وڏن طوفانن، تبديلن ۽ حاڪمن طرفان پنهنجي من پسند فيصلن، نظرين ۽ ٽوڙ ڦوڙ واري عمل کي تيز ڪرڻ وارو رهيو آهي. حڪمرانن ۽ سندن ادارن ذوالفقار علي ڀٽي کي اقتدار تان لاهي، ڦاسيءَ تي ٽنگيو. ٻئي طرف اُن جي ردعمل کي روڪڻ لاءِ سنڌ ۾ مارشل لا جي سخت ضابطن کي عمل ۾ آڻيندي، سنڌ ۾ فوجي ڇانوڻين ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارن جو ڄار وڇائي، سنڌي ماڻهن کي مڪمل طرح مفلوج ۽ هراسان بنائڻ جون ڪوششون ڪيون ويون. سنڌ جي نوجوانن کي نفسياتي ۽ جذباتي طرح بي ست ۽ هيڻو بڻائڻ لاءِ نه رڳو جيلن ۾ بند ڪيو ويو، پر ڪن کي ٽارچر سيلن ۾ سخت اذيتون ڏئي سندن حوصلن ۽ همتن کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ڦٽڪن هڻڻ وقت ڪنهن به انساني، اخلاقي ۽ قانوني معيار کي مد نظر نه رکيو ويو، عمر ۽ جنس جو به فرق نه ڏٺو ويو. اهو سڀڪجهه سنڌوديش جي قومي آزاديءَ جي جي تحريڪ کي ڪچلڻ لاءِ ڪيو ويو. پر جڏهن نوجوانن ۽ قومي ڪارڪنن جي همت ٽٽڻ، جهڪڻ ۽ پست ٿيڻ کان انڪار ڪيو، ته سنڌ جي ڳوٺن، روڊن ۽ يونيورسٽين ۾ ملٽري ۽ رينجرس، ايف سي ۽ پوليس ذريعي نوجوانن جي قافلن، ماڻهن جي جلوسن، تعليمي ادارن جي ڪلاس رومن تي وحشيانه فائرنگون ڪري، سوين شاگرد، عام ڳوٺاڻا ۽ قومي ڪارڪن شهيد ڪيا ويا. رياستي جبر جو بدترين ۽ ڀيانڪ روپ اسان جي سنڌ جي ڳوٺن ۾ ايم.آر.ڊي جي نا عاقبت انديش ليڊرن طرفان، ڳوٺاڻن ماڻهن کي رستن ۽ روڊن تي آڻڻ وقت ڏسڻ ۾ آيو ـ جڏهن رستن تي قرآن شريف پڙهندڙ ماڻهن تي ٽئنڪون چاڙهيون ويون، ڳوٺن تي هوائي جهازن سان بمباري ڪرائي وئي، ڳوٺن کي باهيون ڏنيو ويون ۽ عورتن جي جلوسن تي به فائرنگ ڪئي وئي.
    آئون جيتوڻيڪ ايم.آر.ڊي ۾ شامل نه هُئس ۽ نه ئي مون ايم.آر.ڊي جي ليڊرن جي موقف ۽ تحريڪ کي سنڌ لاءِ فائديمند سمجهيو ٿي، اُن جي باوجود سنڌي ماڻهن جو اهو قتل عام آئون برداشت ڪري نه سگهيس، مون عالمي ادارن مثال طور: اقوام متحده ۽ ايمنسٽِ انٽرنيشنل کي ٽيليگرامس ذريعي اپيل ڪئي ته اُهي سنڌ جي معاملي ۾ غفلت نه ڪن، پر پنهنجو انساني فرض سمجهي، مداخلت ڪن ۽ سنڌ ۾ انساني ڪوس بند ڪرائين. انهيءَ موقعي تي مُون هندستان جي وزيراعظم مادام اندرا گانڌيءَ کي پڻ خط موڪليو ته اُها پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪري، سنڌي ماڻهن جو قتل عام بند ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. اُن تي اندرا گانڌيءَ پارليامينٽ ۾ سنڌ جي مسئلي تي پنهنجي تشويش جو اظهار ڪيو هو.
    ايم. آر. ڊي جي قتل عام کان پوءِ به حڪمرانن جي رت پياڪ طبيعت مطمئن نه ٿي ۽ هنن 17 آڪٽوبر 1984ع تي سنڌي شاگردن جي بسن جي قافلي تي “ٽوڙي ڦاٽڪ” (لڳ مانجهند، ضلعي دادو) وٽ حملو ڪري، 5 شاگردن کي شهيد ۽ سون کي زخمي ۽ گرفتار ڪيو. اِن اندوهناڪ واقعي تي به پاڪستاني حڪمرانن کي ڪو به ارمان ۽ افسوس ڪو نه ٿيو، رهندو اهڙين ڪاررواين ڪندڙن کي انعام ۽ ٻِلا ڏيا ويا. پر مون تي انهن واقعن جيڪو اثر ڪيو، اُن جو اظهار مون پنهنجي پراڻي سياسي رفيق ۽ برصغير جي آزاديءَ جي عظيم مجاهد، خان عبدالغفار خان جي سامهون، پنهنجي سالگرهه جي موقعي تي 17 جنوري 1986ع تي سن ۾ هن ريت ڪيو :
    جناب والا!
    جسماني طرح پاڪستان جي پوري تاريخ ۾ منهنجي ديس کي زنجيرن ۾ سوگهو ڪري ٻڌل رکيو ويو آهي. آئون 24 سالن کن قيد ۽ نظربند آهيان. ڪوڙا، گوليون، ڦاسيون ۽ ٻيون اذيتون اسان جو مقدر بنجي ويون آهن. منهنجيءَ قوم جي بهادر پُٽن ۽ غيرتمندن نياڻين کي پنهنجي عمرين جو هڪ بهترين حصو جيل خانن ۽ اذيت گاهن ۾ گذارڻو پيو آهي. منهنجي تحريڪ جي بهادر فرزندن کي فوجي درندن منهنجي اکين آڏو گولين جي بک بنايو ۽ کين ڌاڙيل ۽ چور جي لقبن سان نوازيو. اڄ به سنڌ جا فرزند جيلن ۾ سڙي رهيا آهن. سموري پاڪستان جا سياسي قيدي آزاد ڪيا ويا آهن، پر اُن آزاديءَ جي سج مُون لاءِ منهنجي ڌرتيءَ جي فرزندن لاءِ اڃا اُڀريو نه آهي. ويجهي ماضيءَ ۾ سنڌي قوم جي گهرن تي جهازن ذريعي بمباري ڪئي وئي ۽ ڳوٺن ۽ فصلن کي باهيون لڳايون ويون، معصوم ٻارن ۽ عورتن کي هفتن تائين پاڻيءَ خوراڪ کان محروم رکيو ويو، قرآن پاڪ جي تلاوت ڪندڙ ماڻهن جي مٿان پوليس ۽ فوج جون ٽرڪون چاڙهيون ويون. ان صورتحال ۾ اسان محسوس ڪريون ٿا ته اسان جا ڀائر نه پر ڪو غير ملڪي ۽ غير قومي سامراج حڪومت ڪري رهيو آهي.”
    انهيءَ جلسي ۾ خان بادشاهه به ان ڳالهه سان سهمت ٿيو ته آزاديءَ کان سواءِ قومن جي نجات جو ڪو به رستو ڪونهي ۽ اتي موجود مسٽر ممتاز علي ڀٽي هزارين ماڻهن کان هٿ مٿي کڻائي، سنڌ جي آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪرڻ واسطي منهنجي خيالن جي تائيد ڪرائي.
    چوڻ جو مطلب هيءُ آهي ته جن خيالن جي اظهار ڪرڻ تي موجوده ڪيس تيار ڪيو ويو آهي، اهي خيال آئون 1972ع کان وٺي باقاعدي پنهنجي پارٽيءَ جي پروگرام طور ظهار ڪندو اچان ٿو ۽ اهي منهنجا سوچيل سمجهيل خيال آهن، نه ڪي وقتي وجدان يا هيجان جو نتيجو آهن.


    22

    انهيءَ ڏهاڪي ۾ حڪمرانن طرفان سنڌ جي وجود لاءِ ٻه ٻيا روڳ پيدا ڪيا ويا. هڪ شهرن ۾ نسلي ڇڪتاڻ ۽ ٻيو بهراڙين ۾ ڌاڙيل فيڪٽر. انهن ٻنهي مسئلن جي ڪري سنڌ ۾ نه رڳو بدامنيءَجي باهه ڀڙڪي آهي، پر سنڌي سماج سياسي، معاشي، ثقافتي ۽ لساني طرح غير مستحڪم ۽ منتشر بنجي ويو آهي، جنهن جو سنڌ جي قومي سلامتيءَ ۽ آزاديءَ واري سوچ جي بدران انفرادي يا گروهي سلامتي ۽ گروهي مفاد جي سوچ وڌي آهي. نتيجي طور حاڪم ڌريون، ڌاڙيلن ۽ فسادن کي روڪڻ جي بهاني سنڌ ۾ هٿيار بند ايجنسين جي مقرريءَ ۾ مسلسل اضافي ڪرڻ سان گڏ سخت قانونن ۽ خاص عدالتن جو ڄار وڇائي، ماڻهن کي نفسياتي، ذهني ۽ سياسي طرح دٻائي ۽ ڪچلي رهيون آهن. انهن حالتن ۾ جڏهن ته دنيا هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي چڪي آهي، مضبوط ترين بلاڪ (ڪميونسٽ بلاڪ) ٽٽي چڪو آهي ۽ اهڙيون قومون، جن ڪڏهن نظرياتي بندشن، ضابطن ۽ عقيدن سبب آزاديءَ جو خواب به نه ڏٺو هو، سي اڄ عالمي منظر تي پنهنجي آزاد حيثيت سان نمودار ٿي چڪيون آهن. اُن وقت مون محسوس ڪيو ته سنڌ جي آزاديءَ واري ڪيس کي “ نئين عالمي منظر نامي” ۾ وڌيڪ چٽائيءَ ۽ سگهه سان پيش ڪريان ۽ اُن سان گڏوگڏ عالمي سطح تي سامراجي بلاڪ جي هڪ هٽيءَ بالادستيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ عالمِ انسانيت جي ڏاهن اڳيان، اقوام متحده جي نئين جوڙجڪ جي سلسلي ۾ نئون خاڪو پيش ڪريا، ته جيئن دُنيا ۾ نه رڳو طبقن جو طبقن تي، قومن جو قومن تي ۽ سامراجي بلاڪ جو غريب کنڊن تي اثر، بالادستي ۽ استحصال ختم ٿئي ۽ دنيا ايڪيهين صديءَ جي پهرئين سج جو آزاد باوقار ۽ پر مست دلين ۽ ٻهڪندڙ چهرن سان استقبال ڪري، هزارين، سوين سال اڳ کان اڃا تائين انسانيت جا خيرخواه، ڏاها ۽ مدبر، جيڪو انسانيت جي ڀلي ۽ امن جو خواب ڏسندا آيا آهن، تنهن کي شاندار ۽ تابناڪ تعبير ملي سگهي.
    هتي آئون پنهنجي اُها تقرير، جيڪا 17 جنوري 1992ع تي نشترپارڪ، ڪراچي ۾ پنهنجي سالگره جي موقعي تي ڪئي هئم، سا پيش ڪريان ٿو.

    “ ڀينرو ۽ ڀائرو
    جيئي سنڌو ديش !!
    آئون اڄ پنهنجيءَ زنگيءَ جا 88 سال پورا ڪري. 89 سال ۾ پير رکي رهيو آهيا ۽ اوها سڀ هيڏي وڏي تعداد ۾ سنڌ جي راڄڌانيءَ، ڪراچيءَ ۾ منهنجي سالگره جي موقعي تي اچي گڏ ٿيا آهيو. اُن لاءِ آئون اوهان جو دل جي گهراين سان شڪر گذار آهيان.
    گذشته زماني تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿيندو ته منهنجو ۽ منهنجي خاندان جو دنيا جي قديم تهذيب جي مالڪ سرزمين سنڌ سان واسطو هئڻ سبب مون کي فطري طور پنهنجي مادر وطن سان بي انتها محبت رهي آهي ۽ ان لازوال محبت جي ناتي ئي مون کي سنڌ جي سياست، سنڌ جي ڀلائيءَ، خوشحاليءَ آزاديءَ وارن معاملن ۾ دلچسپي وٺڻي پئي آهي. ان واٽ تي هلندي انگريز سامراج کان وٺي پنجاب سامراج جي سنڌ تي موجوده تلسط تائين، مون مختلف وقتن تي جيلن ۽ نظربندين ۾ گهاريو آهي ۽ حڪمران ۽ سنڌ مخالف ماڻهن جا الزام ۽ طعنا برداشت پئي ڪيا آهن.
    اسان تي الزام، آندا جڳ جيئڻ جا !
    هن صديءَ جي ابتدا ۾ مون سنڌ کي بمبئي پرڳڻي سان لاڳاپيل ڏٺو، جيڪو لاڳاپو يا الحاق تاريخ جي ڪنهن به دور ۾ اڳ نه رهيو هو. سنڌ (بمبئي پرڳڻي) جي گاديءَ جو هنڌ بمبئي ۾ هجڻ ڪري نهايت پري هو، جنهن تائين پهچڻ لاءِ سمنڊ، ڪڇَ جو رڻ ۽ راجستان جو پَٽ لتاڙڻا پيا ٿي. انگريزن پنهنجن سامراجي ۽ تجارتي مفادن کي آڏو رکي. بمبئيءَ کي هر طرح ترقي وٺائڻ ۽ مضبوط بنائڻ پئي چاهيو. اُن ڪر سنڌ کي مڪمل طرح نظر انداز ڪيو پئي ويو. اها معلومات حاصل ٿيڻ بعد محسوس ڪيو ويو ته سنڌ جي بمبئيءَ سان لاڳاپو غير فطري هو ۽ سنڌ جي اُن کان آزادي لازمي هُئي. اُن ڪري اسان سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاديءَ لاءِ جدوجهد شروع ڪئي ۽ وڏيءَ جدوجهد بعد 1936ع ۾ وڃي سنڌ، بمبئيءَ جي محڪوميءَ مان آزادي حاصل ڪئي. پر ڏٺو وڃي ته اسان کي انهيءَ آزاديءَ تمام وڏي قيمت ادا ڪرڻي پئي. سکر بئراج جي قرضن واري سوال تي سنڌي هندن جي مفاد پرست مٿئين ڪلاس جي مخالفت ۽ انگريزن جي مفادن سان ٽڪراءَ سبب اسان کي هندستان جي ڪجهه اهڙين بنياد پرست جماعتن کان مدد حاصل ڪرڻي پئي، جن جي اثر کان اڃا تائين نڪري نه سگهيا آهيون ۽ مستقل ۾ الائي ڪيترو وقت اُن اثر هيٺ ڀوڳڻو پوي.
    هندستان هڪ برصغير هو، جنهن جي مختلف علائقن جي آبهوا هڪ ٻئي کان مختلف هئي ۽ ان ۾ مختلف نسلن، ٻولين ۽ مذهبن جا ماڻهو رهندا هئا. اُن جي ڪن حصن ۾ هندن جي ۽ ڪن ۾ مسلمانن جي اڪثريت هُئي. ڪٿي پوک، بارش تي ٿيندي هئي ۽ ڪٿي جديد آبپاشي نظام موجود هو. ڪن علائقن جي آبادي گنجان ۽ ڪن جي مختصر هئي. ڪن قومن جو دراوڙ نسل سان واسطو هو ۽ ڪي آريا نسل مان هيون. برصغير هندستان ۾ هندو مذهب کي مڃيندڙ دراوڙ، آريا ۽ ٻين نسلن جا ماڻهو ڪثير تعداد ۾ رهندا هُئا، پر اُن جي باوجود مسلمانن (عربن، مغلن ۽ افغانن وسيلي) اُن جي ڪافي حصن تي پنهنجو قبضو ۽ اقتدار قائم ڪري ورتو هو، اڳتي هلي انگريزن مسلمانن کان قبضو ڇڏائي سڄي هندستان تي پنهنجو تسلط ڄمائي ورتو. قديم دور ۾ هندستان کي متحد رکڻ لاءِ مهاراجا اشوڪ، وڪرماجيت ۽ شهنشاهه اڪبر به ڪوششون ڪيو هيون، پر اُهي ڪا خاص ڪاميابي حاصل نه ڪري سهگيا. پر انگريزن پنهنجي سامراجي قبضي دوران هندستان کي متحد رکڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي. اڳتي هلي هندستان کي متحد رکڻ ۾ڪاميابي حاصل ڪري ورتي. اڳتي هلي هندستان کي آزاد ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ٿيون ۽ تحريڪون هليون، جن جي نتيجي ۾ انگريزن کي رضا خوشيءَ يا مجبوريءَ سان هندستان کي آزادي ڏيڻي پئي.
    سنڌ، تاريخ جي هڪ وڏي عرصي تائين آزاد ۽ خودمختيار ملڪ رهي آهي ۽ خود انگريزن سنڌ کي هڪ ملڪ جي حيثيت ۾ محڪوم بنايو هو. پر جيئن آئون مٿي ڄاڻائي آيو آهيان ته سنڌ تي اجتماعي قبضي ڪرڻ کان پوءِ انگريزن سنڌ کي جبري طور بمبئيءَ سان ملائي ڇڏيو اُن ڪري اسن مجبوراً سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاديءَ واري جدوجهد وقت ڪن بنياد پرست جماعتن (مسلم ليگ وغيره) کان ڪن اهڙن شرطن کي قبول ڪندي، مدد حاصل ڪئي هئي، جن اسان جي مستقبل کي اونداهو ڪري ڇڏيو. انهن شرطن ۾ هڪ مسلم ليگ جو “مسلمانن جي جُداگانه قوم جو نظريو” هو، جنهن موجب مُلڪن جي جمهوري حق ۽ سندن جُداگانه قومن واري حيثيت ختم ٿي وئي ٿي. ٻيو شرط “جُداگانه چونڊن جو سرشتو” هو، جنهن موجب مذهب کي سياست ۾ گڏڻ، مسلمانن کي مذهب جي بنياد تي جُدا قوم مڃڻ ۽ اسلامي شريعت جي نفاذ جهڙيون بدعتون قبول ڪرڻيون پيون ٿي. مٿان وري بدقسمتي اها، جو باوجود سيڪيولر روايتن جي حامي ۽ ترقي يافته هجڻ جي انگريزن پڻ پنهنجي سامراجي مفادن خاطر مذڪوره بدعتن جي مڃيندڙ جماعت (مسلم ليگ) جي سرپرستي ڪئي. نتيجي طور هڪ طرف هندن جي مفاد پرست مٿئين ڪلاس جي مخالفت سبب اسان کي سکر بئراج جي قرضن جي سوال تي گورنر جي مخصوص اختيارن جو شڪار ٿيڻو پيو ته ٻئي طرف تاريخ جي مافي “مسلم قوميت” جي نظريي مڃڻ سبب، سنڌ جي جداگانه قومي حيثيت ختم ٿي وئي. جنهن ڪري اڳتي هلي اسان کي وڏين مشڪلاتن سان مُنهن ڏيڻو پيو ۽ پاڪستان جي نالي ۾ “ پنجاب سامراج” جي غلامي ۾ رهڻو پيو. جنهن غلاميءَ مان جند ڇڏائڻ لاءِِ مسلسل جدوجهد ۾ مصروف آهيون، پر اڃا آزادي حاصل نه ڪري سهگيا آهيون.
    هن وقت گذريل ٻن مهاڀاري لڙاين جي نتيجن کان پوءِ اسان ڏسي رهيا آهيون ته دنيا کي “نئين ورلڊ آرڊر (New World Order) جي ضرورت محسوس ٿي رهي آهي. هن وقت تائين جمهوريت، سوشلسٽ ملڪن جو بلاڪ، سرمائيدار ملڪن جو بلاڪ ۽ اقوام متحده پنهنجا تصور وڃائي چُڪا آهن. جڏهن ته ملڪ، قومپرستيءَ جي لهر آڏو پنهنجا هٿيار ڦٽا ڪري چُڪا آهن. جڏهن ته سرمائيدار ملڪ، اقوام متحده تي مڪمل طور اثر انداز ٿي، دنيا تي پنهنجي هڪ هٽي (Monoploy) قائم ڪرڻ جي شروعات ڪري چُڪا آهن. پر بدليل عالمي حالتون. ان ڳالهه جي بلڪل مخالفت ۾ آهن. جتي سوويت يونين جهڙي مضبوط عالمي قوت، حالتن ۽ تضادن جي سَٽ نه سهي، پنهنجو وجود وڃائي چُڪي آهي اُتي هي سرمائيدار مُلڪ ڪهڙيءَ طرح دنيا جي مختلف حصن ۾ پنهنجو هٿ ٺوڪيون حڪومتون قائم رکي، باقي بچيل غلام ملڪن کي آزاد حاصل ڪرڻ کان روڪي سگهندا؟
    سنڌ ملڪ ۽ سنڌي قوم، اقوام متحده جي ستر سيڪڙو (70%) ميمبر ملڪن ۽ قومن کان آباديءَ، ايراضيءَ، ۽ پيدائش ۾ وڌيڪ ۽ اڳڀري آهي. اُها آخرڪار ڏنڊي ۽ غلط نظرين جي زور تي ڪيترو وقت غلام رهي سهگندي؟ جتي برونائي، بحرين ۽ مالديپ جهڙا ننڍڙا ۽ جيتامڙا مُلڪ آزاد ملڪن جي حيثيت ۾ اقوام متحده جا ميمبر آهن، اُتي سنڌ اڃا وڌيڪ عرصو غلاميءَ هيٺ رهي، ناممڪن آهي!
    هينئر نيو ورلڊ آرڊر (New World Order) جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن ۽ اقوام متحده جا ڪيترائي مُلڪ اُن “نيو ورلڊ آرڊر” ۾ شامل سمجهيا وڃن ٿا. معلوم هجڻ گهرجي ته اقوام متحده جي موجوده جوڙجڪ، ٻن مهاڀاري لڙاين جي تباهڪارين جي نتيجي ۾ ڪئي وئي هُئي ۽ ان ۾ بنا ڪنهن ڳڻ ڳوت جي، حالتن جي مدنظر ابتدا ۾ دُنيا جي چئن وڏين طاقتن ۽ بعد ۾ پنجين طاقت چين کي “ويٽو پاور” (Veto Power) ڏنو ويو هو، جنهن موجب ڪن ملڪن کي اقوام متحده جو ميمبر بنايو ويو ٿي ۽ ڪن ملڪن کي ان جي ميمبر شپ کان محروم رکيو ويو ٿي. پر اها اقوام متحده هن وقت هڪ غير موثر ۽ ناڪاره ادارو بنجي چڪو آهي. درحقيقت ان ۾ ويٽو پاور (Veto Power) چند مخصوص ملڪن کي ڏيڻ بدران ملڪن جي چند “وڏن گروپن” جهڙوڪ : سوشلسٽ ملڪن جي گروپ، سرامائيدار ملڪن جي گورپ، روحاني پسمنظر رکندڙ ملڪن جي گروپ، ڪثير آباديءَ واري ملڪن جي گروپ (Thickly populated countries) ۽ گهٽ آباديءَ وارن ملڪن جي گروپ (Irid countires group) کي ڏيڻ کپي ها. هن وقت اقوام متحده تي پنجن خاص ملڪن يعني آمريڪا، برطانيا، فرانس، چين ۽ رشيا (سوويت يونين جي ٽٽي وڃڻ واريءَ حالت ۾) جي هڪ هٽي (Monopoly) قائم آهي ۽ ڪيترا وڏا ملڪ جهڙوڪ : هندستان، انڊونيشيا ۽ بنگلاديش، جن جي آدمشماري ڪروڙن ۾ آهي، ويٽو جي پاور کان محروم آهن. ان کان سواءِ اقوام متحده جي موجوده جوڙجڪ موجب، جنهن صورت ۾ اُن جي اختيارن تي ملڪن جي گروپن بدران “مخصوص ملڪ” قابض آهن، اُن ڪري نون آزاد ٿيل ۽ پوئتي پيل ملڪن کي دنيا جي هن سائنسي ۽ جديد ٽيڪنالاجيءَ واري ترقي يافته دور ۾ ڪيترين ڳالهين ۽ ترجيحن کان محروم رکيو ويو آهي. اُن ڪري، موجوده تيزيءَ سان تبديل ٿيندڙ عالمي حالتن کي مدنظر رکي، هن وقت مناسب اهو ٿيندو ته اقوام متحده جي موجوده جوڙجڪ کي تبديل ڪري، اُن کي پنجن “مستقل مفاد” ملڪن جي قبضي (ويٽو پاور جي لحاظ کان) مان ڪڍي، مٿي ڄاڻايل “ملڪن جي پنجن گروهن” سوشلزم جو پس منظر رکندڙ ملڪن جي گروپ، سرمائيداري نظام هيٺ هلندڙ ملڪن جي گروپ، روحاني پس منظر رکندڙ ملڪن جي گروپ، ڪثير آبادي وارن ملڪن جي گروپ (Group of thickly populatd countires) ۽ گهٽ آباديءَ وارن ملڪن جي گروپ (Group of thinly populated countires) جي نظرداريءَ ۾ ڏنو وڃي. اقوام متحده جي ان نئين جوڙجڪ کي عمل ۾ آڻڻ کان اڳ، دنيا جي سمورين محڪوم قومن ـ ملڪن کي آزادي ڏياري، کين آزاد ڇڏيو وڃي ته اُهي پنهنجي خواهش ۽ سوچ پٽاندڙ مٿي ڄاڻايل “ملڪن جي گروپن” مان ڪنهن جا به ميمبر بنجي، بعد ۾ نئي جوڙجڪ واري اقوام متحده جي ميمبر شپ حاصل ڪن.
    اُن سان گڏ، انگريزن ۽ سندن حوارين جي مفادن وٽان قائم ڪيل غير فطري ملڪ پاڪستان توڙي هندستان جي جوڙجڪ به نئين ٿيڻ گهرجي، جنهن موجب سنڌ، بلوچستان، پختونخوا ۽ سرائيڪي ديس کي آزاد ملڪن جي حيثيت ڏئي، کين اهو موقعو (Chance) فراهم ڪيو وڃي ته انهن مان هر مُلڪ ـ افغانستان، عراق، ايران، ترڪي، شام، فلسطين، مصر، اردن ۽ ٻين عرب ملڪن تي مشتمل “روحاني پس منظر رکندڙ ملڪن جي گروپ” ۾ شامل ٿيڻ چاهي ٿو يا هندستان، بنگلاديش، سريلنڪا، ڀوٽان، نيپال ۽ برما تي مشتمل ملڪن واري گروپ ۾ شامل ٿيڻ جو خواهشمند آهي. اهڙي صورت ۾ آزاديءَ بعد سنڌي ماڻهو پنهنجيءَ مرضيءَ سان ڪنهن به گروپ ۾ شامل ٿيڻ جو حق محفوظ رکن ٿا.
    منهنجي خيال ۾ هن وقت دنيا جنهن جنگ ۽ ائٽمي تباهڪاريءَ جي خطري کان بچڻ گهري ٿي ۽ دائمي امن، اتحاد، ڀائيچاري ۽ بقائي باهميءَ (Co-existance) جي جنهن ضرورت کي محسوس ڪري رهي آهي، اُن کي صرف ۽ صرف مٿي ڄاڻايل تجويز موجب ممڪن بنائي سگهجي ٿو.
    اڄوڪيءَ منهنجي سالگره جي موقعي تي مون وٽ هر قسم جي استحصال، خطري ۽ غلاميءَ کان آزاد سنڌ ۽ دُنيا لاءِ اهوئي عالمي پيغام آهي، جنهن کي پنهنجي سمجهه ۽ فهم موجب اوهان جي آڏو پيش ڪرڻ جي جسارت ڪئي اٿم.
    جيئي سنڌوديش! جيئي عالم انسانيت !
    والسلام !
    غلام مرتضى !
    (G.M.SYED)
    جناب والا !
    مون پنهنجي بيان ۾ بار بار آزاد سنڌ ۽ سنڌو ديش جو نه رڳو ذڪر ڪيو آهي، پر اُن کي پنهنجو نصب العين ظاهر ڪيو آهي ۽ ان جي قائم ڪرڻ لاءِ سڄي عمر مختلف روپن ۽ پليٽفارمن تان جدوجهد ڪندو آيو آهيان. اهو ان لاءِ نه، ته آئون ڪنهن ملڪ جو ڪو ٽڪرو ڪٽي، پنهنجي هوسِ اقتدار کي پورو ڪرڻ چاهيان ٿو، آئون ته هڪ اهڙي ملڪ جي اصلي حيثيت بحال ڪرائڻ ۽ ان جي نئين سر تشڪيل ۽ صورتگري ڪرڻ چاهيان ٿو، جيڪو ملڪ هزارها سالن کان هن زمين جي گولي تي پنهنجي خاصيتن، خوبين، خوشحالين ۽ نرالپ سان موجود پئي رهيو آهي. ماضيءَ جي ڊگهيءَ تاريخ کي ڇڏي هتي توهان کي صرف پيغمبر اسلام جي پيدائش کان شروع ٿيل دور سنڌ جي آزاد حڪومت ۽ آزاد ملڪ واري حثيت سان اُن جي تاريخ ٻُڌايان ٿو.
    پيغمبر اسلام صلعم 571ع ۾ پيدا ٿيو ۽ سندس پيدائش کان 121 سال اڳ به سنڌ ۾ راءِ گهراڻي جي آزاد حڪومت قائم هئي، جيڪا 232ع تائين ذري گهٽ موجوده سموري پاڪستان، ڪڇ، راجستان ۽ افغانستان جي ڪن حصن تي مشتمل هُئي. اُن کان پوءِ برهمڻ گهراڻي جي آزاد حڪومت 632ع کان 712ع تائين انهيءَ ساڳيءَ ايراضيءَ تي مشتمل رهي. انهيءَ ئي عرصي ۾ رسول پاڪ صلعم جن جي سموري زندگي، خلافت راشده جو پورو دور ۽ بنو اميه جو ابتدائي دور شامل آهي. خلافت وارو عرصو ۽ بني اُميه دور جا ابتدائي سال،جڏهن مسلمان هڪ ٻئي جو گلو ڪٽڻ ۽ هڪٻئي جي قبرن کوٽڻ جي مشغلي ۾ مشغول هئا، اُن وقت سنڌ ۾ خوٺشحال ۽ پرامن، منظم ۽ مهذب حڪومت موجود هُئي. 712ع ۾ عربن حملو ڪري سنڌ جي انهيءَ منظم، متعدن ۽ آزاد حڪومت کي تلوار جي ذريعي فتح ڪري، بدامنيءَ، انتشار ۽ غلاميءَ جي منحوس ديو جي چنبن ۾ اُڇلائي ڇڏيو.
    هتي هڪ دلچسپ حقيقت ٻڌايان ته پاڪستاني حڪمران چوندا رهن ٿا ته پاڪستان اُن ڏينهن ٺهيو، جنهن ڏينهن ابن قاسم سنڌ ۾ وارد ٿيو، گويا ڪِ پاڪستاني حڪمران، ابن قاسم جا وارث ۽ پاڪستان، اُمي حڪومت جو نمونو آهي. توهان کي ته خبر ئي آهي ته ابنِ قاسم هڪ وحشيانه ۽ ظالمانه حڪمران وليد بن عبدالملڪ جي گورنر، حجاج بن يوسف جو نمائندو ٿي سنڌ ۾ وارد ٿيو هو حجاج بن يوسف لاءِ اسلام جا سڀئي مؤرخ اتفاق راءِ سان چون ٿا ته قيامت جي ڏينهن سموريءَ دنيا جا ظالم هڪڙي پاسي بيهاريا وڃن ۽ مسلمانن طرفان صرف حجاج بن يوسف کي پيش ڪجي ته به حجاج وارو پاسو ڳورو ٿيندو ـ ۽ اُموي حڪومت، جنهن جي شروعات اهلبيت ڪرام جي قتل ۽ مسلمانن ۾ عظيم انتشار سان شروع ٿي، جنهن ۾ جيترا حق پرست، عالم، حافظ القرآن، فقيه ۽ درويش قتل ڪيا ويا، ايترا شايد ئي ڪنهن ٻئي دور حڪومت ۾ قتل ڪيا ويا هجن. انهيءَ دور کي ئي ڏسي مولانا آزاد اهو چيو هو “ايشيا ۾ سياست هميشه مذهب جي پاڇي هيٺ رهي آهي ۽ جتي ڪيترا حق پرست سياسي مخالفت سبب قتل ڪيا ويا، جن تي مذهب جي سفيد چادر وڌي وئي. اهڙي ماحول ۾ مفتيءَ جو قلم ۽ جلاد جي تلوار گڏوگڏ استعمال ٿي آهي.”
    هن وقت جيڪڏهن پاڪستاني حڪمران حق گهرندڙن ۽ حريت پسندن جي خلاف ظالمانه ۽ وحشيانه ڪاررواين سان گڏ ڦرلٽ ۽ غارتگري ڪن ٿا، ته اهو گويا ڪِ حجاج بن يوسف ۽ اموي بادشاهت جي سنت تي عمل ڪري رهيا آهن.
    سنڌ ۾ عربن جو اهو وحشيانه دور، غزنوين هٿان اختتام پذير ٿيو ۽ غزنوين کان پوءِ سنڌي ماڻهن سومرن جي اڳواڻيءَ ۾ 1053ع کان 1350ع تائين پورا ٽي سؤ سال سنڌ ۾ آزاديءَ سان حڪومت ڪئي، جيڪا خوشحال، آزاد ۽ رعيت پرور هُئي.انهيءَ ئي دور ۾ سنڌ جا رومانوي داستان پروان چڙهيا، جن اڳتي هلي اسان جي عظيم ڪلاسيڪي شاعريءَ جي اوج لاءِ بنياد ۽ مواد فراهم ڪيو. سومرن جي پوئين دور ۾ خلجين جي حملي سبب سنڌ ۾ انتشآر پيدا ٿيو ۽ مرڪزي آزاد حڪومت منتشر ٿي پر سنڌ جي مختلف حصن مان سنڌي حاڪمن جي اقتدار ۽ اختيار بلڪل ختم نه ٿيو. انهيءَ انتشار کي سموهي، يڪ وجود متحده سنڌ جي آزاد حڪومت وري نج سنڌي سما گهراڻي برپا ڪئي، جيڪا 1351ع کان 1551ع تائين پورا 200 سال برقرار رهي. هن دور ۾ سنڌ علم، فن، شاعريءَ تعميرات، ٽيڪسٽائل صنعت، سنگتراشيءَ ڪاشي گريءَ، زراعت، باغبانيءَ، تصنيف ۽ تاليف، تصوف ۽ حب الوطني جا بي مثال بنياد فراهم ڪيا ۽ سنڌ مڪمل طرح امن امان جو گهوارو بنجي وئي. ان دور جي سنڌ جي آزاد بادشاهن جي عدل و انصاف ۽ امن پروريءَ جا ٻه مثال آئون هتي ڏيڻ چاهيان ٿو.
    (1) هڪ ڏينهن ڄام خيرالدين (ولد تماچي) سمي سير ڪندي هڪ کڏ ۾ ڪجهه انساني هڏين جا ڍانچا ڏٺا. هڪدم پنهنجي ساٿين کي چوڻ لڳو ته “هي ڪي بيگناهه ماريا ويا آهن ۽ مون کان انصاف گهري رهيا آهن. ” تحقيقات بعد خبر پئي ته ست سال اڳ گجرات جي هڪ واپاري قافلي کي ڪن رهزنن قتل ڪري سندن مال ڦري ڇڏيو هو. پاڻ نه رڳو اُهو مال هٿ ڪري، مقتولن جي وارثن کي ڏياريائين، پر قاتلن کي جوڳي سزا ڏنائين.
    اهو ڄام خيرالدين ئي هو، جنهن دهليءَ جي هاڪاري بادشاهه فيروز شاهه تعلق کي منهنجي ڳوٺ سن جي ڀرسان شڪست ڏئي سنڌ مان ڀڄائي ڪڍيو هو.
    (2) ٻيو واقعو ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي سان واسطو رکي ٿو. هيءُ سنڌ جو اُهو هاڪارو حڪمران هو، جنهن سنڌ تي ايترا ئي سال حڪومت ڪئي، جيترا سال هندستان تي اڪبر اعظم حڪومت ڪئي. ڄام نظام الدين جي سلسلي ۾ سنڌ جو مايه ناز مورخ مير علي شير قانع لکي ٿو ته هُو روزانو صبح جو پنهنجي گهوڙن جي پٺن تي هٿ ڦيرائي چوندوهو ته “خُدا اُهو ڏينهن نه آڻي جو توهان تي چڙهي، آئون ڪنهن پاڙيسري ملڪ تي حملو ڪري اُن جي رعيت کي آزاريان.”
    اِها آزاد حڪومت 1551ع ۾ ختم ٿي ۽ ارغونن سنڌ تي قبضو ڪري ورتو. ارغونن، ترخانن ۽ مغلن سنڌ ۾ جيڪا باهه ٻاري ۽ ممڻ مچايو، تنهن سان سنڌ جون تاريخون ڀريون پيون آهن ۽ ارغونن جي قبضي کي ئي اُن وقت جي شاعرن “خرابئي سنڌ” سان تعبير ڪيو هو. اِهو ارغونن، ترخانن ۽ مغلن سميت ڌارين حاڪمن جو دور حڪومت پوڻا ٻه سو ورهيه هليو. جنهن ۾ هڪ طرف حاڪمن طرفان هر ظلم، جيڪو انساني ذهن ايجاد ڪري سگهيو ٿي. سنڌ جي ماڻهن جي مٿان ڪيو ويو ۽ سنڌي قوم کي صفحئه هستي تان سندس زبان ۽ تهذيب سميت ميسارڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي وئي ته ٻئي طرف سنڌي ماڻهن، ڪنهن بادشاهه ۽ سردار جي غيرموجودگيءَ ۾ وطن جي آزاديءَ جي محبت ۾ اهڙي ڪا به قرباني جيڪا انساني جذبي جي ماتحت ٿي سگهي ٿي، سا ڏيڻ کان نه ڪيٻايو. اهو ئي مشترڪه دور آهي، جنهن ۾ اسان جي مُرشد ۽ سنڌ جي لازوال فرزند مخدوم بلاول کي گهاڻي ۾ پيڙايو ويو، دولهه دريا خان کي پُٽن سميت شهيد ڪيو ويو، شاهه حيدر سنائي جلاوطن ٿيڻ تي مجبور ٿيو ۽ بکر کان ٺٽي تائين سموري سنڌ ترارن، ڀالن ۽ گهوڙن جي سنبن جي آواز سان گونجي رهي هئي ۽ رت ۽ باهه جو کيل سنڌ ۾ ڪڏهن به بند نه ٿيو. پوءِ به سنڌي ماڻهن پٽڪي جي عزت ۽ لوئيءَ جي لڄ سلامت رکي ۽ سنڌ کي وري 1736ع ۾ مڪمل آزاد ۽ خودمختيار ديش جي صورت ۾ حاصل ڪري ورتو. اهو آزاديءَ وارو دور 1843ع تائين ڪلهوڙن ۽ ميرن جي مجموعي حڪومت جي صورت ۾ برقرار رهيو.
    ان مان توهان اندازو لڳايو ته آئون جيڪا آزاد سنڌوديش جي گُهر ڪري رهيو آهيان ۽ جنهن گُهر جي جرم ۾ اڄ جي ڪٽهڙي ۾ بيٺو آهيان، اها ڪا مُنهنجي ايجاد نه آهي، پر هڪ تاريخ ساز دور آهي ۽ اهڙي جُرم جي خواهش آئون سنڌ جي هر ماڻهو کا ڪريان ٿو، خواه اهو عدالت جي ڪرسيءَ تي ويٺو هجي يا اقتدار جي مسند اعلى تي.


    23

    جناب والا !
    جنهن سنڌ کي آئون سڌوديش سڏي رهيو آهيان، ۽ سنڌوديش ٺاهڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهيان، اُهو ملڪ سنڌ، تاري جي تمام ڊگهي عرصي ۾ انهيءَ نالي سان سڏبو رهيو آهي.
    مُون سنڌوديش کي سنڌي ماڻهن جي منزل مقصود طور 31 مارچ 1973ع ۾ سنڌي شاگردن پاران سنڌ يونيورسٽيءَ، مون سان ملهايل شام جي موقعي تي پنهنجي صدارتي تقرير ۾ پيش ڪيو هو. اُن جي واسطيدار ٽڪرو هيءُ آهي.
    “آئون” : غور فڪر ۽ تجربي بعد اُن نتيجي تي پهتو آهيان ته سنڌ جا رهاڪو زبان، ڪلچر، تاريخي روايات، سياسي ۽ اقتصادي مفادن جي بنياد تي جُدا قوم آهن، ۽ قومن جي حق خوداراديءَ جي آڌار تي پنهنجا سياسي، اقتصادي، ڪلچرل آزاديءَ، خوشحاليءَ ۽ ترقيءَ جا فيصلا ڪرڻ جا حقدار آهن. اُن جي لاءِ هنن کي سنڌوديش حاصل ڪرڻ گهرجي. سنڌوديش، برصغير پاڪ و هند ۾ هزارين ورهين کان جداگانه تاريخي ملڪ رهيو آهي، ۽ دنيا جي ٻين ملڪن وانگر ان کي پنهنجي مستقبل جي فيصلي ڪرڻ جو هرڪو حق آهي. هتي آئون توهان کي سنڌوديش جي معنى ٻڌايان ٿو.
    سنڌوديش جي معنى سنڌو طاس جي موجوده سنڌ ملڪ واري آزاد، ايراضي آهي. اِن ملڪ هزارن ورهين کان پنهنجي علحده حيثيت قائم رکي آهي. سنڌ ۽ سنڌوديش ۾ تفاوت اهو آهي ته سنڌ ۾ ساري “انڊس ويليءَ ” (Indus Valley) وارو ملڪ اچي وڃي ٿو، پر سنڌوديش ۾ صرف موجوده سنڌ جي ايراضي آهي. جيئن بنگال جي معنى صرف اڀرندي بنگال وارو آزاد ملڪ آهي.
    سنڌوديش جي نالي وٺڻ مان، اسان جو مقصد اُن خطئه زمين جي سياسي آزادي، اقتصادي خوشحالي ۽ ڪلچرل ترقي ٿئي ٿو، جا هن وقت صوبه سنڌ تي مشتمل آهي.”
    هن تقرير تان ڏمرجي سرڪار مون کي 6 مئي 1973ع تي نظربند ڪيو ۽ 12 مئي 1973ع تي نظربنديءَ جا سبب، منهنجيءَ مڪمل تقرير جي ڪاپي سميت هڪ حڪمنامي ذريعي سرڪار طرفان مون ڏانهن موڪلي ڏنا، جنهن جو نقل هت شامل آهي :

    سنڌ حڪومت
    وزارت داخلا
    ڪراچي. 2 مئي، 1973ع

    نظربنديءَ لاءِ سببن جو ياداشت نامو
    تو، مسٽر جي ايم سيد ولد محمد شاهه ويٺل سن ضلعو دادو، کي، ضابطه 32 جي فقري (1) دفعي (b)، (f) ۽ ان سان گڏ، ڊفينس آف پاڪستان جي ضابطي 213 تحت ۽ حڪم نامي نمبر 9053 تاريخ 6 مئي، 1973ع مطابق سنڌ حڪومت ٽن مهينن لاءِ نظر بند ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي. انهيءَ مقصد سان ته توکي ان طرز عمل کان روڪي سگهو، جيڪو عوامي سلامتي، سنڌ صوبي جي امن امان ۽ پاڪستان جي سلامتيءَ لاءِ هاڃيڪار آهي، جنهن جا هيٺيان بنياد ۽ سبب آهن :
    (1) تاريخ 3 مارچ، 1973ع تي تو سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو ۾ هڪ اعتراض جوڳي تقرير ڪئي هئي، جيڪا هيٺ ڏجي ٿي.
    سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن سان شام
    عزيز دوستو !
    اوهان سان شام ملهائڻ ياقوتي کائڻ جي برابر آهي. ههڙن وقتن تي ضرور ٿئي ٿو ته ڪجهه ٻڌجي ۽ ڪجهه ٻڌائجي. مون اوهان کي 4 مارچ تي آگاه ڪيو هو، ته سگهو ئي وقت اچڻ وارو آهي، جڏهن اوهان تي وڏين جوابدارين جو بار پوي، تنهن لاءِ اوهان کي تيار ٿيڻو آهي. صرف صالح ۽ لائق ماڻهو ان امتحان مان ڪامياب ٿي نڪرن ٿا. جيل ۾ وڃڻ ۽ لٺيون جهلڻ سولو ڪم آهي، پر جوابداريءَ جو بار سنڀالڻ اوکو آهي. ان ڪم جي سرانجامي لاءِ اوهان کي مخلص ڪارڪنن جو گروهه پيدا ڪرڻو پوندو. جي سنڌ جي سياسي، سماجي، ۽ اقتصادي مسئلن کي پوريءَ طرح سمجهي سگهن ۽ سندن ذهن صاف ٿيڻ بعد هم خيال ڪارڪنن جو گروهه پيدا ڪرڻو پوندو. جي سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي مسئلن کي پوري طرح سمجهي سگهن ۽ سندن ذهن صاف ٿيڻ بعد هم خيال ڪارڪنن جو تعداد وڌائين.
    اوهان کي هيٺين مسئلن تي غور فڪر بعد صحيح نتيجن تي پهچڻو آهي
    (1) قومي نظريي جي مختلف تصورن جي معلومات حاصل ڪرڻ بعد هڪ نظريي کي قبول ڪرڻو آهي. آئون غور فڪر ۽ تجربي بعد ان نتيجي تي پهتو آهيان، ته سنڌ جا رهاڪو زبان، ڪلچر، تواريخي روايات، سياسي ۽ اقتصادي مفاد جي بنياد تي جُدا قوم آهن ۽ قومن جي حق خوداراديءَ جي آڌار تي سندن سياسي، اقتصادي ۽ ڪلچرل آزادي خوشحالي ۽ ترقي لاءِ پاڻ فيصلا ڪرڻ جا حقدار آهن.
    (2) سنڌوديش برصغير پاڪ هند ۾ هزارن ورهين کان جداگانه تاريخي ملڪ رهيو آهي ۽ دنيا جي ٻين ملڪن وانگر کيس پنهنجي مستقبل جي فيصلي ڪرڻ جو هر ڪو حق آهي.
    (3) سنڌ جي زبان قديم وقت کان سنڌي زبان رهي آهي. اها پاڪستان ۾ سڀ کان زياده جهوني ۽ شاهوڪار زبان آهي، ان ڪري ملڪ جي سرڪاري ۽ قومي زبان ٿيڻ جو ان کي هر ڪو حق آهي.
    (4) ملڪي آئين سازيءَ جي مسئلي کي سمجهڻ لاءِ پهرين ان ڳالهه جو فيصلو ڪرڻو پوندو ته آئين هڪ قوم جي بنياد تي ٺاهيو وڃي ٿو يا چئن قومن جي بنياد تي. پهرئين نظريي مطابق سنڌي اقليت ۾ ٿي ٻين اڪثريت وارن صوبن جي ڪثرت راءِ جا محتاج ٿيندا. ٻئي مطابق ڪو به آئين سنڌين جي رضامنديءَ کان سواءِ ٺهي نه سگهندو.
    (i) هڪ قومي نظريي جي آڌار تي اڪثريت وارو صوبو سندس تعداد، پيسي، ملٽري ۽ سول سروس جي آڌار تي سنڌ تي حاوي رهندو، جنهن ڪري سنڌ جي پئسي ۽ سنڌ تي مسلط رهندو.
    (ii) ان نظريي جي آڌار تي سنڌ جي ڪمائي، ٽيڪس، زمين، ڪارخانن ۽ نوڪرين تي ٻين ملڪن جو استحصال رهندو.
    (iii) اِن نظريي جي آڌار تي هتان پئسا ڪمائي ماڻهو ٻاهر کڻي ويندا.
    (iv) اِن نظريي جي آڌار تي نظريه پاڪستان، اسلامي آئين ۽ مضبوط مرڪز جي چنبي مان نڪري نه سگهنداسون.
    (v) ان نظريي جي آڌار تي ٻاهرينءَ مٽاسٽا، واپار، بئنڪن، ريلوي، پوسٽ، ريڊيو، ٽيليويزن، ٽيليگراف، کاڻين، ۽ اقتصادي ادارن تي مرڪزي حڪومت جو قبضو رهندو.
    (vi) اِن نظريي جي آڌار تي دفاع، خارجيه معاملات ۽ ڪرنسيءَ کان سواءِ ٻين کاتن تي، مرڪز کي اختيار رهندا.
    (vii) اِن نظريي جي آڌار تي مرڪزي اسيمبليءَ ۾ سنڌين کي آباديءَ جي لحاظ تي نمائندگي ملندي.
    (viii) اِن نظريي جي آڌار تي مرڪزي حڪومت ۾ نوڪرين ۾ هن وقت وانگر صرف هڪ سيڪڙو نوڪريون ملنديون.
    (ix) اِن نظريي جي آڌار تي سول سروس مرڪزي حڪومت جي هٿ ۾ رهڻ ڪري صوبائي خودمختياري اجائي ٿي پوندي.
    (x) اِن نظريي جي آڌار تي ملڪ جي قومي زبان غير ملڪي زبان اردو ٿيندي.
    (xi) اِن نظريي جي آڌار تي ملڪ ۾ مذهب ۽ سياست گڏيا رهندا.
    (xii) اِن نظريي جي آڌار تي ڀر وارن ملڪن سان مخاصمت جي پاليسي جاري رهندي.
    (xiii) اِن نظريي جي آڌار تي ٻين صوبن جي ماڻهن کي سنڌ ۾ ڪالونائيز ڪرڻ جي ڇوٽ هوندي.
    (xiv) اِن نظريي جي آڌار تي سوشلزم پوري طح رائج ٿي نه سگهندو.
    (5) سنڌي ڪلچر: سنڌ کي گذريل چئن هزار ورهين جي تاريخ آهي، جنهن جي بنياد تي هنن پنهنجو قومي ڪردار ۽ ڪلچر ٺاهيو آهي. اهي اسان جا قومي ورثا آهن، انهن کي وساري نون آيل ماڻهن جي ڪلچر ۾ سمائجي وڃڻ اسان لاءِ پاڻ وسارڻ جي برابر ٿيندو.
    (6) سامراجي مفاد جو استحصال: اسان کي ان ڳالهه بابت به ذهن صاف ڪرڻا آهن، ته اهي ڪهڙا مستقل مفاد آهن، جي اسان جو استحصال ڪن ٿا. ٿوري غور بعد پتو پوندو ته مهاجر پنجابي مستقل مفاد اسان جي سياسي آزادي سلب ڪريو ويٺا آهن. اسان جي اقتصاديات تي قابض آهن. اسان جي ڪلچر تي غلبو ڪري ويا آهن. ان جي سدباب لاءِ ويچار ڪرڻو اٿو.
    (7) قومپرستي ڇا کي چئجي ٿو؟: مٿي چئي آيو آهيان ته اسان سنڌ جي جداگانه قوم مڃون ٿا، پر ڏسڻو آهي ته سنڌي قومپرستيءَ جا بنيادي متا ڪهڙا آهن؟
    (الف) پاڪستان هڪ ملڪ نه بلڪ چئن جدا ملڪن جو مجموعو آهي. اعتماد رکڻ.
    (ب) سنڌي، وطن، زبان، ڪلچر، تواريخي روايات، سياسي ۽ اقتصادي مفاد جي بنياد تي جدا قوم آهن.
    (ت) سنڌي جدا قوم جي حيثيت ۾ پنهنجي مستقل بابت فيصلي ڪرڻ جو حق رکن ٿا.
    (ث) سنڌي قومپرستيءَ جي راءِ ۾ رڪاوٽون، نظريه پاڪستان، اسلامي نظام حڪومت، مضبوط مرڪز ۽ پاڪستان جا مجموعي مفاد آهن.
    (8) سيڪيولر نظام حڪومت: ساري دنيا ۾ حڪومتي نظام سيڪيولر بنيادن تي ٻڌل آهن، پر هتي پاڪستان ۾ هڪ سامراجي مستقل مفاد عوام جو توجهه ملڪ جي حقيقي مسئلن کان هٽائڻ لاءِ اسلامي نظام حڪومت جو راڳ ڳائي رهيو آهي. ان جو مقصد عقل جي عيوض مذهب جي نالي ۾ ملا جي اٿارٽيءَ هيٺ حڪومت قائم ڪرڻ آهي، جي اڪثر سرمائيدار ۽ حاڪم جا ايجنٽ ٿي ڪم ڪن ٿا.
    (9) صحيح جمهوريت ڇا آهي؟ : صحيح جمهوريت ۾ هيٺين ڳالهين جو هجڻ ضروري آهي.
    (الف) ان ۾ هڪ قوم جو ٻيءَ قوم تي سندس اڪثريت، قابليت، تشدد، پئسي ۽ ذهن جي آڌار تي تسلط قائم نه رهي.
    (ب) جنهن ۾ هڪ گروه يا طبقو ٻئي گروه يا طبقي جو اقتصادي استحصال نه ڪري سگهي ۽ ملڪ جي جملي ماڻهن کي هڪ جهڙا موقعا ۽ حق حاصل هجن.
    (ت) جنهن شاهوڪار، ڪارخانيدار، مُلا ۽ پير کي سياست ۽ ملڪ ۾ دست اندازي ڪرڻ تي بندش هجي
    (10) سوشلزم ڇا آهي؟ : ان جو مقصد ملڪ جي جُملي پيداوار جي ذريعن، ورهاست ۽ پئسي تي عوام حڪومت جو تسلط هئڻ کپي، جا ان کي ماڻهن جي مجموعي مفاد لاءِ ڪتب آڻيندي. ان ۾ شخصي ۽ طبقاتي استحصال جا رستا محدود ڪيل هوندا. ان جو بنياد، حقائق دهر ۽ عقل جي بنياد تي ٿئي ٿو. مذهب ۾ شخصي ۽ طبقاتي مفاد کي تحفظ ڏنو وڃي ٿو، جنهن ڪري سوشلسٽ معاشري جي حصول ۾ رڪاوٽ پوي ٿي. “اسلامي سوشلزم” ٿيندو ئي نه آهي.
    (11) اسلامي آئين ۽ اسلامي نظام حڪومت: ملڪ جو آئين معاشري جي حالتن مطابق بنايو وڃي ٿو، ساڳيءَ طرح نظام حڪومت ٿيندا ئي ڪونه آهن. جيڪي اهڙي گفتگو ڪن ٿا، سي يا دوکي باز يا بيوقوف آهن.
    (12) سنڌوديش جي معنى ڇا آهي؟ : سنڌوديش جي معنى سنڌ طاص جي موجوده سنڌ ملڪ واري ايراضي آهي. اُن ملڪ هزارن ورهين کان پنهنجي علحده حيثيت قائم رکي آهي. سنڌ ۽ سنڌوديش ۾ تفاوت اِهو آهي، ته سنڌ ۾ ساري انڊس ويلي وارو ملڪ اچي وڃي ٿو، پر سنڌوديش ۾ صرف موجوده سنڌ جي ايراضي آهي. جيئن بنگال جي معنى اڀرندو ۽ اولهندو بنگال آهي ۽ بنگلاديش جي معنى صرف اڀرندي بنگال وارو آزاد ملڪ آهي.
    سنڌوديش جي نالي وٺڻ مان اسان جو مقصد اُن خطئه زمين جي سياسي آزادي، اقتصادي خوشحالي ۽ ڪلچرل ترقي ٿئي ٿو، جا هن وقت صوبي سنڌ تي مشتمل آهي.
    (13) سنڌي قوم جي تڪميل : اها حقيقت آهي ته سنڌ جا رهاڪو علحده قوم سڏائڻ لاءِ حقدار آهن، پر ان ڳالهه کان به انڪاري ڪري نٿو سگهجي ته هڪ بافعال، باغيرت ۽ يڪجهت قوم بنجڻ لاءِ جنهن قومي عصبيت جي ضرورت ٿئي ٿي، اها اڃا پيدا ڪري نه سگهيا آهيون. ان جي راه ۾ جي رڪواٽون آهين، تن جي دور ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻي پوندي.. مُلان، پير، وڏيرو ۽ غلام صفت مڊل ڪلاس جي اڪثريت ان ۾ رڪاوٽون آهن.
    (14) پاڪستان ۽ سنڌ : سنڌ، پاڪستان کان سواءِ رهي سگهي ٿي، پر پاڪستان، سنڌ کان سواءِ قائم رهڻ مشڪل آهي. پاڪستان جي قيام جو مدار ۾ تبديلي آڻي، سنڌ سان برتاءَ تي آهي. جيڪڏهن هنن سندن موجوده ذهنيت ۾ تبديلي آڻي، سنڌ ۽ سنڌين جي وجود کي تسليم نه ڪيو ۽ انهن کي سندن واجبي حق نه ڏنا، ته دنيا جي ڪا به طاقت پاڪستان کي قائم رکي نه سگهندي.
    (15) پاڪستان جون موجوده سياسي پارٽيون : سواءِ جيئي سنڌ ۽ خداءِ خدمتگار جي سڀ آل پاڪستان جماعتون آهن. اهي بنيادي طرح نطريه پاڪستان جي بنياد تي ٻڌل آهن، جنهن ۾ سنڌ ۽ ٻين صوبن جي جداگانه حيثيت جو انڪار ڪيل آهي. انهن ۾ سنڌ قومپرست جو داخل ٿيڻ سنڌ جي موت جي وارنٽ تي صحيح ڪرڻ جي برابر ٿيندو.
    (16) حڪومتن جي پاليسي : سنڌين کي هر حڪومت جي پاليسي پرکڻ لاءِ ڪي ڪسوٽيون مقرر ڪري، ان مطابق فيصلو ڪرڻو پوندو. منهنجي نظر ۾ هيٺيون ڳالهيون آهن، جن جي آڌار تي اوهان حڪومتن جي پاليسي بابت راءِ ظاهر ڪري سگهو ٿا.
    (i) نظريه پاڪستان ۾ اعتماد رکندڙ حڪومت، سنڌين کي ڪڏهين به فائدو پهچائي نه سگهندي.
    (ii) مضبوط مرڪز ۾ اعتماد رکندڙ حڪومت، سنڌ جي دشمن ٿيندي.
    (iii) اسلامي آئين يا اسلامي نظام حڪومت مڃيندڙ حڪومت، سنڌ لاءِ نقصانڪار ٿيندي.
    (iv) اصولن تي هلڻ جي بجاءِ اقتدار جي قيام کي ترجيح ڏيندڙ حاڪم، سنڌ جا خيرخواه ٿي نه ٿا سگهن.
    (v) سنڌين جي جداگانه قوم ۽ سنڌوديش کان انڪار ڪندڙ حڪومت، سنڌ دشمن شمار ڪري سگهجي ٿي.
    (17) سنڌين لاءِ مفيد خارجي پاليسي: ٻاهرين ملڪن مان آمريڪا، اسرائيل تان بار جهڪو ڪرائڻ خاطر پاڪستان کي ڀارت سان ويڙهائڻ گهري ٿو. سندس هٿيارن کي نيڪال لاءِ، جنگجويانه پالسي جو حامي آهي. روس جي دشمنيءَ خاطر، پاڪستان تي مهاجر پنجابي تسلط قائم رکڻ خاطر ۽ ايشيا جي طاقت کي ايشيا ۾ ڪمزور ڪرڻ لاءِ ڀارت دشمنيءَ اختيار ڪئي آهي. انهيءَ ڪري هو آمريڪا جي پوئلڳيءَ ۾ هلي ٿو. تنهن ڪري سنڌين لاءِ ڪنهن به حڪومت جي انهن سان دوستي نقصانڪار ثابت ٿيندي. ڀارت، روس، افغانستان، ايران ۽ عرب ملڪن سان دوستي سنڌ جي مفادن وٽان آهي.
    (18) پئن اسلامزم : هي نظريو فرسوده ۽ بيڪار ٿي چڪو آهي. آئنده مختلف ملڪن سان تعلقات سيڪيولر بنيادن تي قائم ڪرڻ گهرجن. انهيءَ نظريي ۾ اعتماد رکڻ سان اڻ سڌيءَ طرح سنڌين کي سامراجي سازشن ۾ ڦاسائڻ برابر ٿيندو.
    (19) سياسي اخلاق : سياست ۾ جهڙي طرح مکيه اصول قائم ڪرڻ ضروري آهن. اهڙيءَ طرح انهن اصولن تي عمل ڪرڻ لازمي آهي. هيءَ ڳالهه ياد رکڻ جي لائق آهي ته جي ماڻهو شخصي اخلاق برقرار رکي نٿا سگهن، انهن کان اصولي اخلاق جي اُميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جي برابر آهي. ابن الوقتي ۽ ڦرڻي پاليسي عارضي طرح، ڪن شخصن کي وقتي فائدو ڏئي سگهي ٿي، ليڪن قومن ۽ ملڪن جي ديريا مفاد لاءِ نقصانڪار ٿيندي.
    (20) ذهني قابليت ۽ صلاحيت : ڪي به افراد يا گروه يا قومون حڪومت هلائڻ جون اهل ٿي نه سگهنديون، جيڪڏهن انهن ۾ ذهني صلاحيت پيدا نه ٿي آهي. انهيءَ کانسواءِ حاصل ڪيل اقتدار پاڻي جي ڦوٽي جيان آهي، جو هوا جي جهوٽي سان ختم ٿي سگهي ٿو. تنهن ڪري جيڪڏهن اوهان سرزمين جا وارث ٿيڻ گهرو ٿا ته سياسي اخلاق ۽ ذهني صلاحيت جا حامل ٿيو.
    (21) سياستدانن جا قسم : سياستدانن ٻن قسمن جا ٿين ٿا.
    هڪ پريڪٽيڪل پاليٽيشن: سياست عمل جا پوئلڳ، جي عارضي ڪاميابي يا اقتدار جي حصول لاءِ اصول لاءِ اصولن کي قربان ڪن ٿا، ٻيا آئيڊيلسٽ سياستدان، جي ملڪ ۽ قوم جي مجموعي نفعي لاءِ ڪي اصول مقرر ڪري اُن مطابق هلن ٿا ۽ ٻين کي ان تي هلڻ جي ترغيب ڏين ٿا. انهن وٽ عارضي ڪاميابي يا اصولن کي قربان ڪرڻ بعد اقتدار جو قيام، بي معنى شيون آهن.
    (1) اهي ۽ ٻيا اهڙا سوال آهن، جن بابت اوهان کي ذهن صاف ڪرڻا پوندا. بجاءِ ان جي جو اوهان ٻاهر نڪري حڪومت جي پاليسي يا پاڪستان سطح جي پارٽين جي فائدي يا مخالفت لاءِ ڪم ڪريو، بهتر ائين آهي ته شاگرد برداريءَ جي ذهن صاف ڪرڻ لاءِ سندن تعليم ۽ ترغيب وقت صرف ڪريو.
    (2) مذڪوره تقرير ۾ تو سنڌوديش قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ ٻه قومي نظري کي پنهنجي سخت تنقيد جو نشانو بنايو، جنهن معرفت پاڪستان معرض وجود ۾ آيو.
    (3) تو پنهنجي تقرير جي فقري 6 ۾ چيو آهي ته مهاجرن ۽ پنجابين سنڌين جا حق هڙپ ڪيا آهن، اهڙيءَ ريت تو پراڻن نون سنڌين جي وچ ۾ نفرت جي فضا قائم ڪري ڇڏي آهي.
    (4) تنهنجي مذڪوره تقرير عوامي تحفظ، پاڪستان جي سلامتيءَ ۽ سنڌ صوبي جي امن امان لاءِ هاڃيڪار آهي.
    (5) جولاءِ ۽ آگسٽ 1972ع واريءَ زبان جي مسئلي تي ڇڪتاڻ وقت تو نهايت اعتراض جوڳو طرز عمل اختيار ڪيو هو، جنهن جي پاداش ۾ توکي نظر بند رکيو ويو هو. جيڪڏهن توک هاني نظربنديءَ مان آزاد ڪيو ويو ته تنهنجو طرز عمل وري به، عوام، پاڪستان جي سلامتيءَ ۽ سنڌ صوبي جي امن امان لاءِ نهايت هاڃيڪار ثابت ٿيندو.
    پاڪستان جي عبوري دستور جي فقري 9 (v) تحت، تو ڏانهن نظر بندي جا “بنياد ۽ ڪارڻ” جو ياداشت نامون موڪلجي ٿو، انهيءَ لاءِ ته جيڪڏهن تون چاهين ته نظربنديءَ جي هن حڪم کي عدالت ۾ للڪاري سگهين ٿو.
    غلام رباني
    ڊپٽي سيڪريٽري سنڌ،
    وزارت داخلا
    ان کان اڳ ۾ سنڌ جي تاريخ تي لکيل پراڻن ڪتابن ۾ باربار هيءُ ملڪ انهيءَ نالي سان سڏبو آيو آهي. گهڻا حوالا ڏيڻ بدران ٻن چئن حوالن تي اڪتفا ڪريان ٿو:
    (1) مشهور عالم ۽ تاريخدان دوارڪا پرشاد شرما، پنهنجي ڪتاب “سنڌ جو پراچين اتهاس” (ڀاڱو پهريون) ۾ تاريخي کوجنا ۽ ويدن جي مطالعي جي حوالي سان لکيو آهي ته “ويدن ۾ سنڌونديءَ جي ڪناري واري سڄي زمين کي “سنڌ” جي نالي سان سڏيو ويو آهي. ويدن مان صاف ظاهر آهي ۽ پراچين سمي جي ٻين گرنٿن مان به بخبوبي ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌ جي آسپاس واري زمين کي “سنڌ” ۽ باقي رهيل آرين جي آباديءَ کي “سپت سنڌوديس” سڏيو ويندو هو.” (ص 18 ـ 19).
    هن ويدڪ زماني ۾ سنڌ جي ذڪر ڪندي لکيو آهي ته “پراڻ، جن کي هندن جا خالص اتهاسڪ گرنٿ سمجهيو وڃي ٿو.، سي به اها ڳالهه مڃين ٿا ته ست يگ يعني ويدڪ سمي ۾ سپت سنڌوديس جي ڏکڻ ۾ سمنڊ هو”. (ص 9)
    هن پنهنجي ڪتاب ۾ ويدڪ زماني ۾ هندستان (عيسوي سن کان 5 هزار سال اڳ) ۽ ويدڪ زماني ۾ سنڌ جا نقشا به شامل ڪيا آهن، جن ۾ هن علائقي جو نالو سنڌوديش آهي. انهن نقشن جون نقل ڪاپيون شامل ڪجن ٿيون :

    (2) مشهور انگريز سياح، ڊپلوميٽ، لساني ماهر ۽ تاريخ نويس “رچرڊ برٽن”، جيڪو ميرن جي صاحبيءَ ۾ سنڌ آيو هو، تنهن پنهنجي ڪتاب “سنڌ ۽ سنڌو ماٿريءَ ۾ وسندڙ قومون” (Sindh and the races that inhabit th Valley of Indus) ۾ سنڌوديش جو ذڪر هن ريت ڪيو آهي.
    “اهو علائقو جنهن کي يوناني “سنڌومان” پراچين هندو “سنڌوديش”، عرب جاگرافي نويس “سنڌ” ۽ سندس هاڻوڪا رهواسي “سنڌ” ۽ سندس هاڻوڪا رهواسي “سنڌوءَ” جي نالي سان سڏيندا آهن، تنهن جون حدون هي آهن: اتر ڏي بهاولپور جو علائقو، ڏکڻ ڏانهن عربي هندي وڏو سمنڊ، اڀرندي ۾ وارياسا رڻپٽ ۽ الهندي ۾ هڪ جبلن جي قطار آهي جنهن کي يورپ ۾ “هالار جبلن” جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.” (ص 3 سنڌي ترجمو محمد حنيف صديقي، سنڌي ادبي بورڊ ـ سال 1971)
    (3) مسلم ليگ سنڌ جي اڳوڻي صدر، مشهور عالم، سيد علي اڪبر شاهه ميهڙ واري جو هڪ مضمون “الوحيد” “سنڌ آزاد نمبر” (16 جون 1936ع) ۾ “اسان جو سنڌوديس” جي عنوان سان شايع ٿيو هو، جنهن ۾ هن لکيو آهي ته “سنڌوديس هڪ آڳاٽو تاريخي ملڪ آهي ۽ سندس گذريل تاريخ نهايت شاندار آهي. اصل ۾ هي اڻ آرين جو ملڪ هو، ان کان پوءِ ٻاهر کان جڏهن آريا لوڪ، خيبرلڪ کان لنگهي آيا ته پهريائين هڪڙو وڏو درياءُ وهندو نظر آين، جنهن کي سنڌو ڪوٺيائون.” (ص 128)
    (4) سنڌ جي ٻئي هڪ وڏي عالم، اديب، تعليم دان ۽ تاريخ جي ماهر شمس العلماءَ عمر بن دائود پوٽي، 31 آگسٽ، 1945ع تي سنڌ جي جڳ مشهور مخزن “مهراڻ” جي اِجراءَ جي موقعي تي “ادبي سنگت” جي عنوان سان هڪ خط لکيو هو، جنهن ۾ هُن سنڌ ملڪ کي “سنڌوديش” جي نالي سان سڏيو آهي.
    “مهراڻ” سنڌونديءَ جو قديم نالو آهي. اُها پياري ندي، جنهن جو لُڙاٽيل پوتر پاڻي سنڌوديش جا سڀ رهواسي، هندو خواه مسلمان پي ۽ پنهنجي اڃ لاهي، اندر ٿا ٺارين.”
    جناب والا!
    سنڌ جي تاريخ جي حوالن مان اها به خبر پئجي وئي ته سنڌوديش، هن ملڪ جو قديم ترين نالو آهي، جنهن کي وري نئين سر، آزاد ملڪ واري حيثيت ۾ آڻڻ لاءِ آئون ۽ منهنجي پارٽي جدوجهد ڪري رهي آهي.
    سنڌوديش جي آزاديءَ واري ڳالهه به نين دور ۾ صرف مون نه ڪئي آهي، پر مون کان اڳ ۾ سنڌ جو هڪ ٻيو عاشق ۽ برصغير جي آزاديءَ جو مجاهد مولانا عبيدالله سنڌي به پڇاڙي عمر ۾ برصغير جي فرقيواانه مسئلي جو حل “سنڌ جي مڪمل آزاديءَ” ۾ سمجهندو هو، مولانا صاحب لِکي ٿو.
    “ هتي هن ڳالهه جي وضاحت ڪرڻ ضروري آهي ته اسان سنڌ ۾ سنڌين جي مستقل حڪومت چاهيون ٿا، اسان اِن سلسلي ۾ ڪو به مذهبي سوال پيدا ٿيڻ نه ڏينداسين، اسان سنڌ جي سرزمين کي هڪ مستقل ملڪ سمجهون ٿا، ۽ هن براعظم جي باقي ملڪن سان شرڪت جو فيصلو، اسان هڪ ملڪ جي حيثيت ۾ ڪنداسون”.
    (خطبات عبيدالله ـ ص 163)
    وري مولانا صاحب ٻي جاءِ تي چوي ٿو.
    “اسان سنڌ کي “ڊومينين اسٽيٽ” (Dominiun state)بنائينداسون ۽ برٽش ڪامن ويلٿ ۾ رهڻ جو فيصلو ڪنداسون”. (ساڳيو ڪتاب ص 256)
    اڳتي هلي مولانا صاحب چوي ٿو :
    “اسان جي پارٽي (سنڌ ساگر پارٽي) سنڌ جي ڪنهن به اهڙيءَ پارٽيءَ سان اتحاد ڪرڻ لاءِ تيار هوندي، جيڪا پارٽي هن بنيادي اصول کي مڃيندڙ هوندي ته “سنڌ صرف سنڌين لاءِ آهي.”
    (ساڳيو ڪتاب ص 165)
    اهڙي ئي جدوجهد شهيد الهه بخش سومري جي به رهي هئي، جڏهن هُن سنڌ جي سياست کي ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي دست اندازين کان الڳ رکڻ ٿي چاهيو.
    نه تنها من درين ميخانه مستم
    ازان مي هم چُو من بسيار شد مست
    [ آئون هن ميخاني جو اڪيلو مست نه آهيان، پر هتي مون جهڙا ڪيترا ميخوار موجود آهن ]
    آئون، جيڪا جدوجهد ڪري رهيو آهيان، سا سنڌ جي انهن بزرگن ۽ کانئن اڳ ۾ قرباني ڏيندڙ سنڌ جي محب وطن سومرن جي خواب جي تعبير لاءِ ئي آهي، ان ڪري ئي اڄ هن ڪورٽ جي ڪٽهڙي ۾ بيهاريو ويو آهيان.
    تاريخ جي عجيب رفتار ۽ روايت مان هڪ اها به آهي ته ڪڏهن ڪڏهن عدالتن جي تنگ ڪٽهڙن ۾ اهڙا ماڻهو به اچي بيهاريا ويندا آهن، جن جو قد ۽ ڪاٺ، فڪري ۽ ذهني دنيا، سموري ڪائنات تي حاوي هوندي آهي ۽ وقت جا حڪمران ايڏيءَ وڏيءَ ڪائنات کي هڪ ننڍڙي کوپڙيءَ جي ذريعي فنا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. پر ڇا، ڪڏهن زندگيءَ جون ابدي حقيقتون ۽ انهن حقيقتن جي اسرارن جا محرم راز، ايڏڙيءَ دُنيا ۾ پاڻکي بند محسوس ڪري سگهن ٿا؟
    ليڪن مون تاريخ جي رفتار ۾ اهو به ڏٺو آهي ته حضرت مسيح کان وٺي گانڌيءَ تائين، ڪائنات جي وجود جا مظاهر انهن ننڍڙن ڪمرن ۾ بيهاريا ويا آهن ۽ ڪائنات جي ننڍڙن جُزن انهن عظيم انسانن کي سزائون به ڏنيو آهن. پر ڇا اڄ تائين اُنهن کي سزائون ڏيندڙ، تاريخن جي صفحن ۾ ته پري رهيو، پر رستي تي ٺوڪر سان اُڏامندڙ ڪنهن پٿر تي به زنده آهن؟ اهو آئونپنهنجي لاءِ نه چئي رهيو آهيان، پر آئون دنيا جي اُنهن عظيم انسانن لاءِ چئي رهيو آهيان، جيڪي سقراط، مسيح، گيليليو، گانڌي، غفار خان، ابوالڪلام آزاد ۽ فيڊل ڪاسترو جي روپ ۾ اُنهن ئي تنگ ڪٽهڙن ۾ بيٺا هُئا، ۽ ننڍڙن دماغن کان سزاياب ٿي، سج کان به وڌيڪ روشن ۽ وڏا ٿي ويا. ڇا، هڪ انسان جي لاءِ اِن کان وڌيڪ ڪا خوش بختي ۽ عظمت ٿي سگهي ٿي ته اُهو زمان ۽ مڪان جون سرحدون عبور ڪري، هن ڪائنات وانگر دوامي ٿي وڃي. مون کي خوشي آهي ته سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي پهاڙي علائقي جو سيد خاندان ۾ پيدا ٿيل هڪ شخص، اڄ اُن جاءِ تي بيٺو آهي، جنهن جاءِ تي ڪنهن وقت ۾ سقراط، مسيح، گيليليو، گانڌي، آزاد، غفار خان ۽ ڪاسترو بيهي چُڪا آهن. آئون خوش آهيان ۽ اها سعادت ۽ نيڪبختي جيڪا اڄ منهنجي حصي ۾ آئي آهي، ڪاش! اِن جي اهميت ۽ حيثيت جي خبر سنڌ جي جاهه ۽ اقتدار جي بکين ليڊرن جي سمجهه ۾ اچي!
    اين سعادت بزور بازو نيست
    تا نه بخشد خدائي بخشنده
    [ هيءَ سعادت ٻانهن جي ٻل ۽ طاقت وسيلي نه ملندي آهي، پر جنهن کي خدا چاهي، حاصل ٿي سگهي ٿي. ]
    آخر ۾ آئون پنهنجي هڪ همعصر عالم ۽ سياستدان، مولانا ابوالڪلام آزاد جي بيان جا ڪجهه جُملا، مستعار وٺي رهيو آهيان.
    “ مسٽر مئجسٽريٽ ! هاڻي آئون عدالت جو گهڻو وقت نه وٺندس. هيءُ تاريخ جو هڪ دلچسپ ۽ عبرت انگيز باب آهي، جنهن جي ترتيب ۾ اسان ٻئي مشغول آهيون. منهنجي حصي ۾ هيءُ مجرمن جوڪٽهڙو ۽ تنهنجي حصي ۾ جج جي ڪُرسي!
    آئون مڃان ٿو ته انهيءَ ڪم لاءِ اها ڪُرسي به ايتري ئي اهم ۽ ضروري آهي جيترو ضروري ۽ اهم هيءُ ڪٽهڙو. اچ! هن يادگار ۽ مستقل جي دلچسپ افساني بنجندڙ هن ڪم کي جلدي ختم ڪريون. مؤرخ اسان جي انتظار ۾ آهي ۽ مستقبل ڪيتري وقت کان اسان جي واٽ نهاري رهيو آهي. اسان کي جلدي جلدي هتي اچڻ ڏيو ۽ توهان به جلدي جلدي فيصلا لکندا رهو. اڃا ڪُجهه ڏينهن تائين اِهو سلسلو جاري رهندو، جيستائين ڪِ هڪ ئي عدالت جو دروازو کُلي وڃي، اها عدالت خدا جي قانون جي عدالت آهي، وقت اُنهيءَ جو جج آهي، اُهو جيڪو فيصلو لکندو، سو آخري فيصلو هوندو.”
    جناب والا !
    توهان جيڪو به فيصلو ڪندؤ، آئون پنهنجي نصب العين، نظريي ۽ سنڌوديش سان عشق جي حوالي سان بخوشي قبول ڪندس، اُن ڪري جو آئون پنهنجي جدوجهدِ آزاديءَ سان سچو آهيان ۽ اُن ڏس ۾ جيڪڏهن اهڙي قسم جي جدوجهد ڪرڻ توهان جي قانون ۾ ڏوهه آهي ته پوءِ اُهو ڏوهه نه صرف مون اڄ ڪيو آهي، پر سڄي عمر ڪندو رهيو آهيان ۽ اڄ به اعتراف ٿو ڪريان.

    اي سنڌ!
    بجرمِ عشقِ تُو ام مي کُشند، غوغائي است،
    تو نيز برسِر بام آ، که خُوش تماشاي است
    [ تنهنجي عشق جي جرم ۾ مون کي ڪُهن ٿا، وڏو غوغاءُ آهي.
    تون به ڪوٺي تي چڙهي ڏس ته ڪيڏو نه وڻندڙ نظارو آهي ! ]

    (جي. ايم. سيد)
    *


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1259610
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386666
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ