ڪتاب جو نالو: ڌاري آبادڪاري ۽ سنڌ جو مستقبل
مصنف: نصير ميمڻ / اختيار کوکر
ڇپائيندڙ: سنڌ رائيٽرس اينڊ ٿنڪرس فورم
ڪيٽيگري: تاريخ، فلسفو ۽ سياست
شايع ٿيڻ جو سال: 2014
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 10 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 2379 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 656 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب سنڌ رائيٽرس ۽ ٿنڪرس فورم پاران ڇپائي سنڌي عوام تائين آندو ويو آهي جنهن ۾ ڪيترائي دستاويز، انگ اکر ۽ ثبوت شامل آهن، جيڪي اهو ثابت ڪن ٿا ته ڪيئن نه سنڌ جي تباهي ڪئي پئي وڃي سڀني سنڌ دوستن کي گهرجي ته هن ڪتاب جو مطالعو ڪن ۽ سنڌ جي آجپي لاء ۽ سنڌ سان ٿيندڙ زيادتين خلاف هر فورم تي پنهنجو ڪيس پيش ڪن.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • • سنڌ سلامت پاران
  • • ليکڪ پاران
  • • پسمنظر
  • انگريز دور ۾ آباديءَ جو عدم توازن
  • ورهاڱي جا سنڌ جي آباديءَ تي اثر
  • هندن جي لڏپلاڻ
  • هندستان مان آباديءَ جي آيل ٻوڏ
  • ڪليمن جي ڪٿا
  • بئراجي زمينن وسيلي ڌاري آبادڪاري
  • ڪراچي سنڌين لاءِ اوپري ڪيئن بنائي وئي
  • ڪراچيءَ ۾ ڌاري آباديءَ جي آمد
  • نئين آدم ڳڻپ ۾ رنڊڪون
  • 2011ع جي گهر ڳڻپ
  • پختونخواهه مان نئين لڏپلاڻ
  • هندن جي سنڌ مان لڏپلاڻ جي نئين لهر
  • شهري ميگاپراجيڪٽس
  • سنڌ جي ساحلي پٽيءَ تي ڪنهن جي اک آهي؟
  • حوالا
  • ڪراچي ۽ سڄي سامونڊي پٽيءَ جي زمينن جو ڌارين کي وڪرو

  • اختيار کوکر : ڪراچي ۽ سڄي سامونڊي پٽيءَ جي زمينن جو ڌارين کي وڪرو

  • • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو جيڪو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ڪتاب نمبر چورياسي (84) ”ڌاري آبادڪاري ۽ سنڌ جو مستقبل“ اوهان اڳيان پيش آهي. هن اهم ڪتاب جا ليکڪ نصير ميمڻ ۽ اختيار کوکر آهن.

    هي ڪتاب سنڌ رائيٽرس ۽ ٿنڪرس فورم پاران ڇپائي سنڌي عوام تائين آندو ويو آهي جنهن ۾ ڪيترائي دستاويز، انگ اکر ۽ ثبوت شامل آهن، جيڪي اهو ثابت ڪن ٿا ته ڪيئن نه سنڌ جي تباهي ڪئي پئي وڃي. مان ٿورائتو آهيان سائين امان الله شيخ صاحب جو جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏني ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ذريعي سڄي دنيا جي سنڌين تائين پهچائڻ جو تاڪيد ڪيو آهي. سڀني سنڌ دوستن کي گهرجي ته هن ڪتاب جو مطالعو ڪن ۽ سنڌ جي آجپي لاء ۽ سنڌ سان ٿيندڙ زيادتين خلاف هر فورم تي پنهنجو ڪيس پيش ڪن.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    salamatsindh@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    • ليکڪ پاران

    سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري اڄ جنهن انتها تي پهتي آهي، ان جا پيرا گهٽ ۾ گهٽ هڪ صدي پٺتي وڃن ٿا. ان موضوع تي هن ننڍي ڪتابڙي لکڻ وقت مون کي محسوس ٿيو ته هن موضوع تي تمام گهري تحقيق جي گهرج آهي. بدقسمتيءَ سان سنڌ ۾ ادارن جي زوال سبب هن قسم جي موضوعن تي لاڳاپيل سبجيڪٽ جي ماهرن بجاءِ هي ڪم مون جهڙن سيکڙاٽن کي ڪرڻو پوي ٿو. هن وقت ان موضوع تي جيڪڏهن سائنسي بنيادن تي ڪنهن وٽ سمجهه ۽ لاڳاپيل مواد آهي ته اهو آهي محترم سائين فضل الله قريشي صاحب. سندن رهنمائي ۽ مهيا ڪيل مواد کانسواءِ هي تحقيقي ڪم مون لاءِ ممڪن نه هو. هن دستاويز جي تياريءَ سنڌ جي گذريل صديءَ دوران ٿيل سمورن آدمشماري دستاويزن کي اڳيان رکيو ويو ۽ ڪجهه ٻيا ڪتاب به حوالي طور پڙهڻا پيا. جيئن ته انگن اکرن جو ڪم تمام اوکو ۽ محنت طلب آهي، تنهن ڪري ان ۾ گهٽ وڌائيءَ جي گنجائش موجود آهي. هن دستاويز کي هن موضوع تي هڪ شروعاتي ڪم سمجهڻ گهرجي، ان کي بهتر بڻائڻ لاءِ تجويزون، حوالا ۽ رهنمائي فراهم ڪندڙن جو آءٌ دل سان ٿورائتو رهندس.

    نصير ميمڻ
    اسلام آباد
    (nmemon2004@yahoo.com)


    • پسمنظر

    ڌاري آبادڪاري اڄوڪي سنڌ جو سڀ کان اهم مسئلو آهي. ان مسئلي جي شدت ان حد تائين وڃي پهتي آهي جو سنڌ جي اصلوڪن رهواسين کي پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي ٿورائيءَ ۾ بدلجڻ جو خوف ورائي ويو آهي. گذريل هڪ صديءَ دوران جنهن رفتار سان سنڌ ۾ غير سنڌي ماڻهو آباد ٿيا آهن، اها هاڻي پنهنجي اوج تي پهچي چڪي آهي. ڌرتيءَ ڌڻين جو اهو خوف بي بنياد ناهي ته ان رفتار سان ايندڙ ڌاري آباديءَ جي نتيجي ۾ هڪ اڌ ڏهاڪي اندر سنڌي، سنڌ ۾ هڪ عددي ٿورائي بڻجي پنهنجي ڌرتيءَ تي مليل نالي ماتر حقِ حاڪميت به وڃائي ويهندا. سنڌ ۾ ڌاري آباديءَ جي اصل شروعات انگريز جي قبضي کان پوءِ شروع ٿي. انگريزن سنڌ ۾ جيڪو جديد آبپاشي نظام تعمير ڪيو، ان سنڌ جي معيشت ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو. زراعت جي ترقيءَ ۽ زمين جي آباديءَ سان پنجاب مان سنڌ اندر آمد شروع ٿي. 1894ع ۾ جمڙائو ڪينال ۽ ان کان پوءِ 1932ع ۾ سکر بئراج جي اڏوات سان ڌارين خاص طور تي پنجاب جي زميندارن ۽ هارين جي سنڌ آمد ۾ تيزيءَ سان واڌ آئي. ڌاري آباديءَ جي ٻي وڏي ۽ سڀ کان ڀوائتي لهر ننڍي کنڊ جي ورهاڱي وقت آئي، جنهن سنڌي سماج جا بنياد لوڏي ڇڏيا. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ون يونٽ جي دور ۾ ڪوٽڙي ۽ گڊو بئراج ٺهڻ سان نيون زمينون آباد ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڌاري آبادڪاريءَ کي ويتر هٿي ملي. ايوب خان جي دور ۾ اتر کان پٺاڻ آباديءَ ڪراچيءَ جو منهن ڪيو. اهو سلسلو وقت بوقت اڄ به جاري آهي ۽ هاڻي پنهنجي انتها کي پهچي چڪو آهي. 1941ع کان 1998ع جي وچ ۾ سنڌ اندر آباديءَ ۾ آيل واڌ جا وچور سامهون جدول ۾ ڏجن ٿا:



    نوٽ: 1941ع جي آدمشماري ۾ خيرپور به شامل آهي

    انهن سالن دوران سنڌ جي آبادي 48 لکن مان وڌي ٽي ڪروڙ تائين پهتي آهي. اها واڌ ڪل 533 سيڪڙو بڻجي ٿي. يعني سراسري طور ساليانو 10 سيڪڙو واڌ بڻجي ٿي جيڪا رواجي سالياني واڌ يعني 2 کان 3 سيڪڙو جي ڀيٽ ۾ غيرمعمولي طور وڌيڪ آهي، سال 1941ع ۾ سنڌ اندر سنڌي ۽ سرائڪي ڳالهائيندڙ لڳ ڀڳ 41 لک هئا، جڏهن ته غير مقامي ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻهو 7 لکن جي لڳ ڀڳ هئا، 1998ع ۾ سنڌ ۽سرائڪي ڳالهائيندڙ 190 لک هئا جڏهن ته غير مقامي ٻوليون ڳالهائيندڙ 114 لک ٿي ويا، ان جو مطلب اهو آهي ته ان عرصي دوران سنڌ ۽ سرائڪي ڳالهائيندڙ آبادي ۾ 131 سيڪڙو (ساليانو سراسري 2.3 سيڪڙو) واڌارو ٿيو، جڏهن ته غير مقامي آبادي ۾ 1800 سيڪڙو (ساليانو سراسري 32 سيڪڙو) واڌارو ٿيو. سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ آباديءَ جي واڌ جا وچور هيٺين جدول ۾ ڏجن ٿا.



    مٿين جدول تي غور ڪرڻ سان معلوم ٿيندو ته انهن ضلعن ۾ آباديءَ جو دٻاءَ وڌيو آهي جتي معاشي ترقي گهڻي ٿي آهي.


    انگريز دور ۾ آباديءَ جو عدم توازن

    ويجهي ماضيءَ ۾ سنڌ اندر ڊيمو گرافيءَ جي تبديليءَ جا بنياد سمجهڻ لاءِ انگريزن جي دور ۾ جهاتي پائڻي پوندي. 1847ع ۾ سنڌ کي بمبئي سان ڳنڍي نان ريگيوليشن صوبي يا ڪمشنريٽ جو درجو ڏنو ويو ۽ ان کي بمبئي جي ماتحت بڻايو ويو. سنڌ جيئن ته ساموندي ڪناري تي واقع خطو هو، تنهنڪري وڻج واپار جا وڏا موقعا ڏسي هندستان مان ماڻهن جي اچ وڃ تڏهن کان شروع ٿي وئي. بمبئي، گجرات ۽ ڪڇ مان سامونڊي وڻج واپار ڪندڙن جو سنڌ سان سڌو سنئون ڳانڍاپو ٿي ويو ۽ ڪراچيءَ ڏانهن گجراتين، ڪڇين، پارسين، يهودي واپارين ۽ پنجابي ڪاروبار ڪندڙن جي اچ وچ ۾ واڌ آئي.
    ويهين صديءَ جي منڍ ۾ پنجابين جي سنڌ ڏانهن لڏپلاڻ ۾ تيزي آئي ۽ 1930ع جي ڏهاڪي ۾ اهو سوال بحث هيٺ اچڻ لڳو ته ڪير سنڌي آهي ۽ ڪير ناهي. ان دور ۾ سنڌو درياءَ ٽرانسپورٽ جو اهم وسيلو هو. 1878ع ۾ ڪراچي ۽ پنجاب وچ ۾ ريل جو رستو ٺهڻ کان پوءِ سنڌ عملي طور پنجاب سان ڳنڍجي وئي. 1889ع ۾ سکر وٽ لئسنڊائون پل ۽ 1900ع ۾ ڪوٽڙيءَ واري پل ٺهڻ کان پوءِ آباديءَ جي اچ وڃ ۾ ويتر سولائي پيدا ٿي.
    ان سڄي ردوبدل جو مرڪز ڪراچيءَ جو سامونڊي شهر هو. 1729ع ۾ مقامي واپارين پاران 35 ايڪڙن تي قائم ڪيل اهو ساحلي ڳوٺ انگريزن جي والار کان پوءِ خطي جو اهم مرڪز بڻجي ويو. برطانيا جي قبضي کان پوءِ 20 سالن اندر ان جي آبادي 1856ع ۾ وڌي 57 هزار ٿي وئي. شهر جي واپار جو ملهه 122،160 پائونڊ مان وڌي 855،103 پائونڊ ٿي ويو. 1886ع ۾ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جو قيام عمل ۾ آيو ۽ برطانوي راڄ جي پهرين چاليهن سالن اندر واپار جو ملهه ستوڻ تي وڌي ساليانو 60 لک پائونڊن کان به چڙهي ويو. 1890ع جي ڏهاڪي ۾ ڪراچيءَ جي ساحل تي پنجن وڏين شپنگ سروسز جي اچ وڃ ٿي رهي هئي. 1904ع تائين ڪراچي پورٽ هن خطي جو اهم ترين اڏو بڻجي چڪو هو ۽ واپار توڙي شپنگ جو ملهه 30 ڪروڙرپين کان به وڌي چڪو هو. پهرين مهاڀاري لڙائيءَ برطانيا لاءِ ڪراچيءَ جي اهميت کي ويتر وڌائي ڇڏيو. برطانيه ۽ فرانس ان وقت هاڻوڪي وچ اوڀر جا بنياد رکيا هئا ۽ مليٽري آپريشنز کي ڪراچي پورٽ وسيلي هلايو ٿي ويو. 1920ع جي ڏهاڪي ۾ هوائي اڏو ٺهڻ کان پوءِ شهر جي اهميت ۾ غير معمولي واڌارو ٿيو. لنڊن ۽ ڪراچيءَ وچ ۾ هوائي سفر جي ڳانڍاپي سان سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ نئون باب کلي ويو. اهڙي طرح ڪراچي سنڌ ڏانهن ٻاهرين آباديءَ جي لڏپلاڻ جو مرڪز بڻجي ويو.
    انگريز دور ۾ سنڌ ڏانهن ڌاري آبادڪاريءَ جي ڇڪ جو ٻيو ڪارڻ ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ آبپاشي نظام جا سڌارا هئا. انگريز دور کان اڳ سنڌ ۾ موسمي واهن وسيلي چاڙهه دوران پوکي ٿيندي هئي. وڌندڙ آبادي ۽ پرڏيهي واپار جي نون موقعن سبب سنڌ ۾ آبپاشي سڌارن جو آغاز ٿيو. 1894ع ۾ جمڙائو ڪينال رٿا شروع ڪئي وئي. آبپاشي نظام ۾ اصل انقلاب 1932ع ۾ سکر بئراج جي ٺهڻ سان آيو. البته جتي هڪ طرف آبپاشي ۽ ان جي نتيجي ۾ زرعي معيشت ۾ انقلاب جا نوان رستا کليا، اتي نين زرخيز زمينن تي اک رکندڙ ڌاري آباديءَ جي ڪٽڪن لاءِ به نوان دروازا کلي ويا. بئراج ٺهڻ کان اڳ 32-1931ع تائين سڄي سنڌ ۾ ڪل 30 لک ايڪڙ زمين آباد ٿيندي هئي. 38-1937ع ۾ رڳو سکر بئراج زون ۾ 30 لک ايڪڙ زمين آباد ٿي رهي هئي. اهڙي طرح دادو، رتوديرو، خيرپور، نوابشاهه، شهدادپور، ٽنڊو آدم، ٽنڊوالهيار ۽ ميرپورخاص ۾ معاشي اٿل پٿل جي نتيجي ۾ آباديءَ جو دٻاءُ به وڌيو. مثال طور 1930ع جي ڏهاڪي دوران نوابشاهه جي آباديءَ ۾ 150 سيڪڙو ۽ ميرپورخاص جي آباديءَ ۾ 90 سيڪڙو واڌ ٿي. جمڙائو ڪئنال رٿا ٺهڻ کان پوءِ سنڌ اندر پنجاب مان آباديءَ جي آمد ۾ تيزي آئي. انگن اکرن موجب 1921ع کان 1931ع وارن ڏهن سالن ۾ سنڌ اندر ٻاهرين آباديءَ ۾ 18 سيڪڙو واڌ آئي، جڏهن ته 1931ع ۽ 1941ع جي وچ ۾ سنڌ ڏانهن لڏپلاڻ ۾ 15.5 سيڪڙو واڌ آئي.
    1921ع جي آدمشماريءَ موجب پنجاب مان جيترا ماڻهو ڪراچيءَ آيا، اوترا ئي ماڻهو سنڌ جي ٻهراڙين ڏانهن به لڏي آيا. 1891ع ۽ 1901ع جي وچ وارن ڏهن سالن ۾ سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي آبادي 1.06 ملين مان وڌي 1.91 ملين ٿي وئي، يعني ان ۾ ساڍا اٺ لک ماڻهن جو واڌارو ٿيو. انهن جو هڪ وڏو انگ پنجاب سان تعلق رکندڙ هو. اڳتي هلي آبپاشي نظام جي بهتري ۽ زراعت جي اوسر سان انهن جو انگ اڃا به وڌيو. انگريزن جي راءِ ۾ پنجابي وڌيڪ محنت سان هارپو ڪندڙ قوم هئا، تنهن ڪري هنن کين سنڌ ۾ آبادڪاريءَ ۾ به واهر ٿي ڪئي. مهاڀاري لڙاين دوران ۽ ان کان اڳ هندستان ۾ بغاوت چٿڻ ۾ پنجاب مان ڀرتي ڪيل فوجين جي وفاداري ۽ ڪارڪردگيءَ جو عيوضو ڏيڻ لاءِ به کين انگريزن سنڌ جون زرخيز زمينون عطا ڪيون.
    آباديءَ جي ان منتقليءَ سان سنڌ اندر ڌاري آباديءَ جي دٻاءَ بابت بحث مباحثو ورهاڱي کان اڳ ئي شروع ٿي چڪو هو. سنڌ جي بمبئي کان الڳ ٿيڻ کان پوءِ جڏهن سنڌ ليجسليٽو اسيمبليءَ جو قيام ٿيو ۽ 1937ع ۾ اهو بحث ٿي رهيو هو ته سنڌ جو اصلوڪو رهواسي ڪير آهي. اسيمبليءَ ۾ بحث دوران اهو به سوال اٿاريو ويو ته صوبي اندر پوليس ۽ بجليءَ وارن کاتن ۾ سنڌين جي ڀيٽ ۾ غير مقامي ڇو وڌيڪ آهن. اسيمبليءَ ۾ اهو فيصلو به ڪيو ويو ته آئيندي گهربل اهليت رکندڙ سنڌين کي نوڪرين ۾ اوليت ڏني وڃي.


    ورهاڱي جا سنڌ جي آباديءَ تي اثر

    1947ع ۾ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي وقت هاڻوڪي پاڪستان مان اٽڪل 47 لک هندو ۽ سک انڊيا جي طرف لڏي ويا. جڏهن ته اٽڪل 65 لک مسلمان سرحد جي ٻئي پار کان پاڪستان ڏانهن لڏي آيا. اها سموري لڏپلاڻ سنڌ ۽ پنجاب ڏانهن ٿي، جڏهن ته سرحد ۽ بلوچستان ڏانهن ايڪڙ ٻيڪڙ ڪا لڏپلاڻ ٿي هوندي. هندستان مان لڏي آيلن جي گهڻائيءَ وڏن شهرن ڏانهن منهن ڪيو. 1951ع ۾ ٿيل آدمشماريءَ موجب پاڪستان جي شهرن ۾ رهندڙ آباديءَ جو 48 سيڪڙو هندستان مان لڏي آيل هو. آباديءَ جي ان واڌ جو دٻاءُ سڀ کان گهڻو سنڌ جي شهرن تي پيو، جتي 1941ع ۽ 1951ع جي وچ ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد جي آباديءَ ۾ 150 سيڪڙو واڌ ٿي. ٻئي طرف سرحد صوبي ۽ شهري آبادي 18 سيڪڙو مان گهٽجي 11.3 سيڪڙو ٿي وئي.
    آباديءَ جي ٻه-طرفي لڏپلاڻ ۾ سنڌ مان 943،000 ماڻهن هندستان هجرت ڪئي، جڏهن ته هندستان مان 1,167,000 ماڻهو سنڌ ۾ داخل ٿيا. 1941ع جي آدم ڳڻپ موجب سنڌ ۾ اردو ڳالهائيندڙ 23 هزار هئا، جن ۾ 1380 سيڪڙو اضافو ٿيو ۽ ورهاڱي کان پوءِ انهن جو انگ وڌي 479,000ٿي ويو.
    1941ع جي آدم ڳڻپ موجب سنڌ ۾ 11.85 سيڪڙو آبادي شهرن ۾ رهندڙ هئي. جڏهن ته ڏهه سال پوءِ 1951ع ۾ ٿيل آدم ڳڻپ موجب شهري آباديءَ جو حصو وڌي 29.2 سيڪڙو ٿي ويو هو. ڪراچي ۽ حيدرآباد جي آباديءَ ۾ 150 سيڪڙو واڌ آئي. پاڪستان ڏانهن لڏيندڙن جي 80 سيڪڙو آبادي ڀارتي پنجاب مان آئي، جنهن جو هڪ وڏو حصو پنجاب جي شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ ٿقافتي طور سمائجي ويو. ان جي ابتڙ سنڌ ڏانهن ايندڙ آباديءَ جو سنڌ سان ڪو به ثقافتي ميلاپ نه هو. پاڻي ۽ تيل جي ميلاپ جيان اهي هڪ ٻئي کان الڳ ٿلڳ رهيا. پنجاب جيئن ته هڪ خطو هو، تنهن ڪري ان جي ورهاڱي سبب آباديءَ جي ٻنهي طرف لڏپلاڻ فطري هئي، ان جي ابتڙ سنڌ ڏانهن آباديءَ جي ايڏي وڏي يلغار جو ڪو به اصولي جواز نه هو. هندستان مان ايڏي وڏي انگ ۾ آيل پناهگيرن سنڌ جي مکيه شهر ڪراچيءَ جو ثقافتي مهانڊو ئي بدلائي ڇڏيو.
    ٻاهرين آباديءَ سنڌ جي ثقافتي قدرن کي پڻ زبردست ڌڪ رسايو. صدين کان مسلمان ۽ هندو گڏ رهڻ سبب ٻين انيڪ مسئلن جي باوجود مذهبي ڪٽرپڻو ڪڏهن به وچ تي نه آيو هو. ساڳي طرح ڪڏهن به شيعا- سني تفرقو وچ ۾ نه آيو هو. حيدرآباد ۾ 1950ع ۾ پهريون ڀيرو محرم دوران پناهگيرن جي انتهاپسند ٽولن شيعا-سني وڳوڙ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. ساڳي طرح مئي 1952ع ۾ ڪراچيءَ ۾ احمدين کي نشانو بڻايو ويو. احمدي عقيدي واري پرڏيهي وزير ظفر الله خان جي هلندڙ هڪ گڏجاڻيءَ تي وڳوڙين حملو ڪيو ۽ سينٽرل ڪراچيءَ ۾ احمدين جي ملڪيتن کي باهيون ڏنيون. ڪراچيءَ جي مولوين مطالبو ڪيو ته احمدين کي الڳ اقليت قرار ڏنو وڃي. ڪراچيءَ جون اخبارون ۽ پناهگير قيادت هر ٿوري گهڻي ڳالهه تي سنڌي قوم ۽ ان جي ثقافت کي هندن جي باقيات قرار ڏيندي دير نه ڪنديون هيون.


    هندن جي لڏپلاڻ

    ورهاڱي وقت جڏهن پنجاب ۾ ڀوائتي رتوڇاڻ هلندڙ هئي، سنڌ ۾ رتوڇاڻ جا ڪي به واقعا پيش نه آيا. سنڌ ۾ هندن ۽ سکن تي حملا ورهاڱي کان پوءِ هندستان مان آيل آباديءَ شروع ڪيا. سيپٽمبر1947ع جي پهرين هفتي ۾ نوابشاهه ۽ ميرپورخاص ۾ سکن خلاف تشدد جا واقعا پيش آيا. ساڳي طرح ڪراچيءَ ۾ هندن خلاف پڻ ڪارروايون ڪيون ويون. 17 ڊسمبر 1947ع تي حيدرآباد ۾ وڳوڙ ٿيا. 6 جنوري 1948ع تي ڪراچيءَ ۾ وڳوڙ ٿيا. شڪارپور مان 148 سکن جو قافلو پهچڻ تي 8 هزار کن وڳوڙي ڪٺا ٿي ويا، جن گردواري کي گهيرو ڪري ان کي باهه ڏئي ڇڏي. ايوب کهڙي پاڻ شهر جي علائقن ۾ وڃي وڳوڙن کي روڪڻ جون ڪوششون ڪيون پر صورتحال ان جي سنڀالڻ کان چڙهي وئي هئي.
    13 سيپٽمبر 1947ع تي سنڌ جي تڏهوڪي وڏي وزير ايوب کهڙي سنڌ مان جٿن جي شڪل ۾ لڏيندڙ هندن تي سخت تنقيد ڪندي چتاءُ ڏنو ته اهڙو قانون ٺاهيو پيو وڃي، جنهن هيٺ سنڌ مان لڏيندڙن کي سواءِ پهرين ڪپڙن ۽ ڪجهه ذاتي شين جي ڪجهه به ساڻ کڻڻ جي اجازت نه هوندي. 1948ع تائين سنڌ ۾ لڏپلاڻ جي باوجود ڪي به مذهبي وڳوڙ نه ٿيا هئا. جنوري 1948ع ۾ پهريون ڀيرو هندستان مان لڏي آيل پناهگيرن سکن ۽ هندن تي حملا ڪيا. انهن وڳوڙن ۾ 200 جي لڳ ڀڳ ماڻهو مارجي ويا ۽ سينٽرل ڪراچيءَ ۾ هندن جي گهرن ۽ دڪانن کي ساڙيو ويو. پوليس حالتن تي ضابطو نه آڻي سگهي، جنهن کان پوءِ فوج جي مدد ورتي وئي ۽ ڏهن ڏينهن لاءِ ڪرفيو لڳايو ويو. انهن حالتن ۾ ڪراچيءَ مان هندن جي لڏپلاڻ ۾ تيزي اچي وئي. ٻن هفتن اندر 21 هزار ماڻهو هندستان لڏي ويا ۽ مهيني جي پڄاڻيءَ تائين 40 هزار وڌيڪ ماڻهو لڏي چڪا هئا. سنڌ حڪومت هندن جي لڏپلاڻ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر حالتون سندن وس کان نڪري چڪيون هيون اتر سنڌ ۾ انتظاميا کي ڳجهيون هدايتون جاري ڪيون ويون ته ضلعي مئجسٽريٽ جي اجازت نامي کان سواءِ هندن کي سنڌ مان نڪرڻ نه ڏنو وڃي. هندن کي روڪڻ لاءِ ٻيو به شرط لاڳو ڪيو ويو ته کين سنڌ ڇڏڻ وقت انڪم ٽيڪس اختيارين پاران سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻو پوندو ته مٿن ڪي به سرڪاري رهتون ناهن. ايوب کهڙي هندن کي روڪڻ لاءِ حيلا هلايا پر مارچ تائين چٽو ٿي ويو هو ته وڏي پيماني تي لڏپلاڻ کي روڪڻ ممڪن ناهي. هر هفتي ڪراچي ۽ بمبئي جي وچ ۾ پنج سامونڊي جهاز هلي رهيا هئا، جن جي مجموعي گنجائش 11 هزار مسافرن جي هئي. چار هزار وڌيڪ ماڻهو ڪاٺياواڙ جي رستي تان لڏي ويا. هندستان سرڪار به هندن کي سنڌ مان ڪڍڻ لاءِ حيدرآباد ۽ ميرپورخاص رستي ٽرينون هلايون ۽ پنهنجي سرحد جي پاسي عارضي ڪيمپون به قائم ڪيون.


    هندستان مان آباديءَ جي آيل ٻوڏ

    ايوب کهڙي ڪراچيءَ ۾ پناهگيرن جي آمد کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ انهن جي وڌيڪ آمد کي روڪڻ جو اعلان ڪيو. سنڌ ۾ سخت بيچيني هئي. سنڌ مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن ڌاري آبادڪاريءَ کي روڪڻ لاءِ ”سنڌ سنڌين جي“ مهم شروع ڪئي. ان مهم ۾ مطالبو ڪيو ويو ته سرڪاري نوڪرين ۾ سنڌين کي اوليت ڏني وڃي ۽ صوبي اندر وڌيڪ ڌارين جي آمد کي ٻنجو ڏنو وڃي.
    ان دوران ڪراچيءَ کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جون تياريون ٿيڻ لڳيون. سنڌ اسيمبليءَ 10 فيبروريءَ تي اهڙي ممڪنه فيصلي تي پنهنجي خدشن جو ٺهراءُ پڻ منظور ڪيو. اسيمبلي مميبرن اهڙن فيصلي جي سخت مخالفت ڪئي. جناح ان مخالفت جي باوجود 22 هين مئي تي آئين ساز اسيمبليءَ کان فيصلو ڪرائي ڪراچيءَ کي ملڪ جي گاديءَ جو شهر بڻايو ويو ۽ اهو وفاق جي حوالي ٿي ويو. ان فيصلي کان پوءِ ڌاري آبادڪاريءَ بابت انتظامي معاملن تان سنڌ حڪومت جو شهر تان اختيار ختم ٿي ويو. ميونسپل ايڊوائزري ڪميٽيءَ اردوءَ کي شهر جي سرڪاري ٻولي بڻائي ڇڏيو.
    جون مهيني جي شروعات ۾ سنڌ مسلم ليگ ڪائونسل ڪراچيءَ کي الڳ ڪرڻ واري فيصلي خلاف سخت ٺهراءُ پڻ منظور ڪيو. ان کان اڳ 27 اپريل تي جناح پاران کهڙي کي ڊسمس ڪري سندس حڪومت کي ختم ڪيو ويو هو. ان عرصي ۾ هندستان مان پناهگيرن جي آمد جاري رهي. پاڪستان- سنڌ جوائنٽ ريفيوجيز ڪائونسل پاران جولاءِ 1948ع ۾ جاري ڪيل انگن اکرن موجب صوبي اندر 7 لک پناهگير داخل ٿي چڪا هئا. انهن مان ٽي ڀاڱي چار حصو ڪراچيءَ ۾ اچي آباد ٿيا هئا. درحقيقت کهڙي جي حڪومت ختم ڪرڻ پٺيان اصل ڪارڻ پناهگيرن جي وڌيڪ آمد جي هن پاران مخالفت هئي. جنوري 1948ع تائين پنجاب ۾ اڃا به 9 لک پناهگير ڪيمپن ۾ هئا، جن مان اڍائي لک کن کلئي آسمان هيٺ ويٺل هئا. مرڪزي حڪومت انهن مان هڪ لک پناهگيرن کي سنڌ منتقل ڪرڻ ٿي گهريو. کهڙو ان فيصلي جي خلاف هو. سندس چوڻ هو ته سنڌ مان جيترن هندن لڏيو آهي، ان کان ٻيڻا ماڻهو سنڌ ۾ داخل ٿياآهن. سنڌ ۾ وڌيڪ پناهگيرن کي سنڀالڻ جيترا وسيلا ناهن. ڪراچيءَ جي ميڊيا ۽ پناهگير قيادت کهڙي خلاف باهه ٻاري ڏني. پناهگيرن جي آبادڪاريءَ واري وزير غضنفر علي خان چيو ته سنڌ حڪومت صوبائيت پکيڙي رهي آهي ۽ صوبائيت جو اهو وائرس اسلامي تعليمات ۽ پاڪستان جي اصولن جي ابتڙ آهي. ايوب کهڙي جي ان موقف سبب آخرڪار کيس هٽائي پير الاهي بخش کي سنڌ جو وڏو وزير ڪيو ويو. مرڪزي حڪومت ٻئي طرف پنجاب ۾ پناهگيرن جي دٻاءَ کي روڪڻ لاءِ 27 آگسٽ تي هنگامي حالتون لاڳو ڪري پناهگيرن کي سنڌ منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ان فيصلي موجب هڪ لک نه پر ٻه لک پناهگيرن کي سنڌ منتقل ڪيو ويو. انهن پناهگيرن کي 6 هزار ماڻهو روزاني جي حساب سان سنڌ منتقل ڪيو ويو. آڪٽوبر 1948ع تائين پنجاب مان ڪيمپون صاف ٿي چڪيون هيون ۽ ٻه لک کان به وڌيڪ ماڻهو سنڌ منتقل ڪيا ويا هئا.
    صوبي اندر هندو-مسلم آباديءَ جو توازن يڪدم بدلجي ويو. ورهاڱي کان پوءِ مسلمان آباديءَ ۾ 38 سيڪڙو واڌ ٿي، جڏهن ته هندو آباديءَ ۾ 84 سيڪڙو لاٿ آئي. ان دوران ٻهراڙي ۽ شهري آباديءَ جي تفاوت ۾ به وڏو فرق آيو. 1901ع کان 1951ع وچ ۾ جتي سنڌ جي ٻهراڙين جي آباديءَ ۾ 40 سيڪڙو واڌ آئي اتي شهري آباديءَ ۾ 130 سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ آئي.
    سنڌ ۾ پناهگيرن کي آباد ڪرڻ لاءِ آگسٽ 1952ع ۾ حيدرآباد، نوابشاهه ۽ ميرپورخاص ۾ هڪ لک آباديءَ لاءِ ٽي سيٽلائيٽ ٽائون تعمير ڪرڻ لاءِ رقمون جاري ڪيون ويون. ان مد ۾ ڪراچي شهر لاءِ 3 ڪروڙ رپيا ۽ باقي سنڌ لاءِ هڪ ڪروڙ رپيا جاري ڪيا ويا. سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ پناهگيرن جي آبادڪاري ڪئي وئي. 1951ع ۾ سنڌ جي ننڍن شهرن ۾ ڪيترا پناهگير آباد ٿي چڪا هئا. ان جو اندازو هيٺين جدول مان لڳائي سگهجي ٿو.



    هندستان مان سنڌ لڏي آيلن جي گهڻائي سنڌ جي شهري علائقن جو منهن ڪيو.1951ع جي آدم ڳڻپ موجب انهن جا تفصيل هيٺين جدول ۾ ڏجن ٿا.



    ايڏي وڏي پيماني تي هندستان مان آيل آباديءَ سنڌ جي ثقافتي جوڙجڪ ۾ خطرناڪ اٿل پٿل آندي.
    1951ع جي آدم ڳڻپ ۾ لڏپلاڻ جا ڪافي انگ اکر سامهون آيا. آدم ڳڻپ جي انگن موجب 72 لک ماڻهو هندستان مان پاڪستان آيا. انهن مان 74 سيڪڙو ماڻهو پنجاب صوبي ۾ پهتا. پنجاب پهتل آباديءَ جو 97.5 سيڪڙو اوڀر پنجاب مان آيل هو، تنهن ڪري اتي ڪو به ثقافتي ٽڪراءُ پيدا نه ٿيو. پناهگيرن جو 18 سيڪڙو سنڌ ۾ آباد ٿيو جيڪو سنڌ جي مجموعي آباديءَ جي حساب سان وڏو بار هيو، سنڌ آيل پناهگيرن جو ٽي ڀاڱي چار حصو هندستان جي پنجاب، يونائيٽيڊ پروانسز ۽ راجپوتانا سان تعلق رکندڙ هو. سنڌ ۾ ان سان شهري علائقن جي اندر اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ جي شرح ۾ يڪرام واڌ آئي.
    1951ع ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙن جو آباديءَ ۾ سيڪڙو هن ريت هو.



    پناهگيرن جي آمد جو اهو سلسلو ورهاڱي کان پوءِ به ڪيترن ئي سالن تائين هلندو رهيو. 1951ع ۾ ٿيل آدم-ڳڻپ موجب ڪراچي شهر ۾ 616،906 پناهگير آباد ٿي چڪا هئا. مجموعي طور تي شهر ۾ پناهگير، آباديءَ جو 55 سيڪڙو هئا. 1950ع واري ڏهاڪي جي پهرين اڌ دوران هندستان اندر هندو- مسلم وڳوڙن سبب وڌيڪ آبادي سنڌ منتقل ٿي. اتر پرديش جي علائقن علي ڳڙهه، ڪانپور وغيره مان ڪيترائي پناهگير جوڌپور رستي کوکروپار اسٽيشن تي پهچندا رهيا. پناهگيرن کي سنڌ آڻڻ لاءِ خصوصي ٽرينون هلايون ويون ۽ پٿوري ۾ هڪ نئين ڪميپ به قائم ڪئي وئي. مئي 1950ع تائين لڳ ڀڳ ٻه لک 30 هزار پناهگير سرحد ٽپي اچي چڪا هئا. اپريل مهيني دوران روزانو ٽي کان چار هزار پناهگير سنڌ ۾ داخل ٿي رهيا هئا. آخرڪار 27 مئي تي جڏهن 20 هزار پناهگير اڃا هندستان پاسي موجود هئا ته حڪومت وڌيڪ پناهگيرن جي سهائتا تان هٿ کڻڻ جو فيصلو ڪيو. چيو وڃي ٿو ته آءِ جي پوليس ضرورت پوڻ تي فائر ڪرڻ جي به اجازت گهري ورتي هئي. 1952ع ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر مذهبي وڳوڙ ٿيڻ سبب هندستان مان پناهگيرن جي آمد شروع ٿي وئي. مختلف هنڌن ۽ خاص طور تي کوکروپار کان پناهگير سنڌ ۾ داخل ٿيڻ لڳا. سرڪاري انگن موجب رڳو جولاءِ مهيني 1952ع ۾ 6،683 ماڻهو سنڌ ۾ داخل ٿيا.
    1954ع ۾ هڪ ڀيرو وري کوکروپار کان پناهگيرن جي يلغار شروع ٿي. 1953ع ۾ سراسري طور هر مهيني 3,036 ماڻهو سنڌ ۾ داخل ٿيندا رهيا. جنوري کان مارچ جي مهيني ۾ اهو سراسري انگ وڌي 4،410 ٿي ويو. کوکروپار کان سنڌ ايندڙ پناهگيرن جو لڳ ڀڳ 70 سيڪڙو ڪراچي پهچي رهيو هو. اهڙي طرح 1954ع تائين ڪراچيءَ ۾ پناهگيرن جو انگ ساڍا ست لک ٿي چڪو هو. ياد رهي ته اپريل 1950ع ۾ نهرو ۽ لياقت علي خان وچ ۾ ٿيل ٺاهه کان پوءِ ٻنهي ملڪن پنهنجي مذهبي ٿورائين جي حقن کي تسليم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، اصولي طور ان کان پوءِ وڌيڪ پناهگيرن جي سنڌ آمد جو ڪو به جواز نه هو پر ڌارين جي اها يلغار نه بيٺي. ان ڌاري آبادڪاريءَ کي سهولتون ڏيڻ لاءِ بجيٽن کانسواءِ خاص فنڊ به قائم ڪيا ويا. قائداعظم رليف فنڊ ۾ فيبروري 1948ع تائين 30 لک رپيا ڪٺا ٿي چڪا هئا. وڌيڪ وسيلا ڪٺا ڪرڻ لاءِ ريفيوجي ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو، جنهن هيٺ انڪم ٽيڪس، ڪسٽم ڊيوٽيز، ريلوي جي ڀاڙن وغيره مٿان سرچارج لاڳو ڪيو ويو. پناهگيرن کي پنجاب ۾ في خاندان 5 کان 8 ايڪڙ ۽ سنڌ ۾ 8 کان 12 ايڪڙ زمين به ڏني وئي. پناهگيرن کي هندستان ۾ ڇڏي آيل زمينن عيوض 250 کان 450 ايڪڙ زمين پڻ ڏني وئي. 1948ع ۾ پاڪستان سرڪار طرفان پاڪستان ريفيوجي ريهيبليٽيشن فنانس ڪارپوريشن قائم ڪري ان کي هڪ ڪروڙ رپين جو فنڊ ڏنو ويو. جناح گورنر جنرل طور ٻه آرڊيننس جاري ڪري پاڪستان ريهبليٽيشن ڪمشنر کي خصوصي اختيار ڏنا جنهن هيٺ ڪمشنر هندن جون ڇڏيل زمينون، عمارتون ڪاروبار وغيره پنهنجي ڪنٽرول ۾ وٺي پناهگيرن کي الاٽ ڪري ٿي سگهيو.
    مقامي آبادين ۽ پناهگيرن ۾ ڪيترائي ٽڪراءَ پڻ ٿيا. سکر ۾ هڪ گهر تي قبضي تان ٿيل ٽڪراءَ ۾ نوَ ڄڻا مارجي ويا ۽ 28 زخمي ٿيا. شڪارپور ۾ انب خريد ڪندي جهيڙي ۾ ست ڄڻا زخمي ٿيا. اپريل 1949ع ۾ هڪ واقعي ۾ 12 مارجي ويا ۽ 28 ڄڻا زخمي ٿيا. جيڪب آباد ۾ 1950ع ۾ ٿيل هڪ اهڙي ئي ٽڪراءَ ۾ هڪ هندو مارجي ويو ۽ ٽي ڄڻا زخمي ٿيا. ساڳي سال حيدرآباد ۾ پهريون ڀيرو محرم ۾ سني شيعا وڳوڙ ٿيو. حيدرآباد جو سڄو وايومنڊل بدلجي ويو هو. هڪ اندازي موجب هندن جي لڏپلاڻ کان پوءِ حيدرآباد ۾ مس 20 هزار کن آبادي بچي هئي. پناهگيرن جي آمد سان 1950ع تائين اهو انگ وڌي ٽي لک ٿي چڪو هو.


    ڪليمن جي ڪٿا

    سنڌ ۾ ۽ خاص طور تي ڪراچيءَ ۾ هندن جي ڇڏيل ڪاروبارن ۽ ملڪيتن تي ڪيل ناجائز قبضن جا اڇا ڪارا 1958ع جي مارشل لا کان پوءِ وائکا ٿيڻ لڳا. 23 آڪٽوبر 1958ع تي هڪ حڪمنامو جاري ڪيو ويو ته هندن جي خالي ڪيل ملڪيتون جن جي به قبضي، انتطام يا نگرانيءَ هيٺ آهن، اهي ٽيهن ڏينهن اندر ان جا تفصيل فراهم ڪن، جنهن ۾ اختيار ناما، ڪليم جي رقم وغيره ٻڌايا وڃن نه ته انهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. 20 ڊسمبر تائين سڄي ملڪ مان اٽڪل 3 هزار ماڻهن پنهنجا داخل ڪيل ڪليم واپس وٺي ڇڏيا ۽ 3،300 ماڻهن ڪليم جي رقم گهٽائڻ جي اجازت گهري. ان وقت تائين ڪل 340،000 ڪليم داخل ڪيل هئا، جن مان رڳو اڌ جي تصديق ٿي سگهي هئي. جن ماڻهن غيرقانوني طور ڪليم ڪيل زمينن تي اڏاوتون ڪيون هيون، تن کي چيو ويو ته اهي تڏهوڪي قيمت ادا ڪن ۽ 50 سيڪڙو ڏنڊ به ڀرين. رڳو ڪراچي شهر ۾ 33،000 اهڙا ڪيس پڌرا ٿيا، جن ۾ ملڪيتن جي مالڪن اهي غير قانوني طور قبضو ڪيون هيون ۽ اهي رڪارڊ ۾ موجود نه هيون. ڪل 100 ڪروڙ رپين جا ڪليم واپس ورتا ويا. 31 ڊسمبر تائين ڪليمن جي واپسي يا گهٽائڻ جون ايتريون ته درخواستون جمع ٿي چڪيون هيون جو سرڪاري آفيس انهن کي سنڀالڻ کان لاچار ٿي چڪي هئي. اها هئي اسلام ۽ پاڪساتن سان محبت، جنهن لاءِ هي همراهه اڃا تائين ابن ڏاڏن جي قربانين جا داستان ٻڌائيندي نه ٿا ٿڪجن.
    ورهاڱي کان پوءِ مقامي آباديءَ کي ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ ٻين شهري علائقن مان بيدخل ڪرڻ لاءِ قانوني بنياد پيدا ڪيا ويا. آبادڪاريءَ جي قانونن ۾ هڪ نئين شق شامل ڪئي وئي، جنهن موجب مقامي سنڌين کي ڪو به اهڙو گهر خريد ڪرڻ جي اجازت نه هئي، جنهن جي قيمت 10 هزار رپين کان وڌيڪ هجي.
    هندن جون ڇڏيل زمينون به سنڌين کي وٺڻ نه ڏنيون ويون. ورهاڱي وقت سنڌي مسلمانن جي اٽڪل 25 لک ايڪڙ زمين هندو سيٺن وٽ گروي هئي. مارچ 1947ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ هڪ قانون پاس ڪيو، جنهن موجب اهي گروي زمينون اصلوڪن مالڪن کي واپس ٿيڻيون هيون. ورهاڱي کان پوءِ سنڌ جي گورنر ان بل تي صحيح ڪرڻ کان نابري واري ڇڏي. چيو وڃي ٿو ته هن جي ان انڪار پٺيان ملڪ جي گورنر جنرل جناح جي هدايت شامل هئي. ان جي نتيجي ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ هندن جي ڇڏيل 12 لک ايڪڙ زمين مان 4 لک 17 هزار ايڪڙ زمين پناهگيرن کي ڏني وئي. ان مان رڳو هڪ لک 14 هزار ايڪڙ زمين کي سڌ طرح نوان زميندار سنڀالي رهيا هئا، جڏهن ته 2 لک 84 هزار ايڪڙ زمين اهڙن مالڪن کي مليل هئي جيڪي سرزمين تي موجود ئي نه هئا. سنڌ جي هر ضلعي ۾ پناهگيرن کي زمينون ڏنيون ويون. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ قيمتي زرعي زمين جي ايئن لٽ ٿي جو نومبر 1953ع ۾ سنڌ ايگريڪلچر ڪميشن انڪشاف ڪيو ته ٻهراڙين ۾ جن پناهگيرن کي زمينون ڏنيون ويون آهن، تن مان 80 سيڪڙو نوان زميندار صوبي ۾ ٻين هنڌن تي نوڪريون ڪري رهيا هئا ۽ زمينون مفت ۾ سندن ملڪيت بڻيل هيون.
    جنوري 1950ع تائين سنڌ سرڪار مجموعي طور تي 5 لک 10 هزار 232 ايڪڙ زمين پناهگيرن کي الاٽ ڪري چڪي هئي. 31 مارچ 1956ع ڪليم داخل ڪرڻ جي آخري تاريخ هئي. ان ڏينهن تائين سنڌ ۾ ڪل 88،360 ڪليم داخل ٿي چڪا هئا. رڳو ڪراچيءَ ۾ 37،176 ڪليم داخل ٿيا. مٿي ڏنل مختلف جائزي مان اهو واضح ٿي وڃي ٿو ته ڪراچيءَ مان سنڌين جي بيدخلي ۽ سندن ملڪيتن تي قبضن جي پٺيان مرڪزي سرڪار سڌو سنئون ملوث هئي، ان عرصي دوران سنڌ جي صوبائي حڪومتن جڏهن به احتجاج ڪيو ته کين گهر موڪليو ويو. 1947ع کان 1955ع جي وچ ۾ سنڌ اندر 6 گورنر ۽ 7 وڏا وزير تبديل ڪيا ويا يعني سراسري طور هر سوا سال بعد سنڌ ۾ حڪومت تبديل ڪئي ٿي وئي، ان سڄي سياسي ڏڦيڙ جي پٺيان مرڪزي حڪومت جو سڌو هٿ هيو.


    بئراجي زمينن وسيلي ڌاري آبادڪاري

    پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاريءَ جو هڪ اهم ترين ڪارڻ بئراجي زمينن تي لڳل ڌاڙا هئا. سنڌ جي زمين جنهن بي درديءَ سان لاهور هيڊڪوارٽر مان ون يونٽ ۽ مارشل لائي انتظاميا ٻنهي هٿن سان لُٽي ان جا تفصيل پڙهي لڳي ٿو ته سنڌ ڄڻ ته فتح ڪيل علائقو هو. سکر، ڪوٽڙي ۽ گڊو بئراج جي لکين ايڪڙ زمين ڌارين ۾ ورهائي انهن جي سنڌ ۾ آبادڪاري ۽ سنڌ جي معيشت ۽ سياست تي غيرمقامي ماڻهن جي والار جا بنياد رکيا ويا.
    سکر بئراج 1932ع ۾ راس ٿيو. ان بئراج تي 28 لک 68 هزار ايڪڙ نئين زمين سيراب ٿي. اها زمين انگريز دور ۾ ۽ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ڪنهن کي ۽ ڪيئن ڏني وئي، ان جا وچور ملن ئي نه ٿا. جڏهن ون يونٽ لڳو ته ان وقت 22 لک ايڪڙ زمين ورهائجي چڪي هئي ۽ باقي 6 لک ايڪڙ زمين بچي هئي. ون يونٽ لاڳو ٿيڻ کان پوءِ ٽن سالن دوران هڪ لک 53 هزار ايڪڙ زمين غير سنڌين کي ڏني وئي. 1958ع ۾ مارشل لا لڳڻ کان پوءِ ملڪ ۾ فوجي راڄ قائم ٿيڻ سان باقي زمين سڌي سنئين غير سنڌين ۾ ورهائجڻ لڳي. 1958ع ۽ مارچ 1963ع وچ ۾ ورهايل زمين مان 2 لک 13 هزار 679 ايڪڙ زمين ڌاري آباديءَ کي ملي ۽ مقامي ماڻهن کي رڳو 54 هزار 789 ايڪڙ زمين ملي. يعني مقامي ماڻهن کي مس چوٿون حصو زمين ملي ۽ 75 سيڪڙو زمين ڌارين حوالي ٿي وئي. سنڌ تي ان وقت پنجابي ۽ پناهگير آفيسر شاهيءَ جو قبضو هو، جن سنڌ جي زمين کي مال غنيمت سمجهي ورهايو. ساڳي طرح ڪوٽڙي بئراج 1956ع ۾ راس ٿيو. ان بئراج وسيلي حيدرآباد، ٺٽي ۽ بدين ضلعن ۾ ساڍا سورنهن لک ايڪڙ زمين سيراب ٿيا. جون 1958ع ۾ ان زمين جي لٽ مار لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وئي. چيو وڃي ٿو ته ڪميٽي ٺهڻ کان ٻه سال اڳ ئي فوجين کي زمينن جي الاٽمينٽ شروع ٿي چڪي هئي. فوجي ڊڪٽيٽر جنرل ايوب کي به 247 ايڪڙ زمين ڏني وئي. 1963ع تائين ورهايل سوا يارنهن لک ايڪڙ زمين مان مقامي آباديءَ جي مس 4 لک 73 هزار ايڪڙ زمين ملي ۽ باقي زمين غيرمقامي ماڻهن جي حوالي ٿي.
    ايوب جي مارشل لا حڪومت کي سنڌ جي زمينن جي ڪيتري هوس هئي، ان جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته 7 آڪٽوبر 1958ع تي مارشل لا لاڳو ڪرڻ کان ستت پوءِ 15 آڪٽوبر تي اولهه پاڪستان جي گورنر کي حڪم ڪيو ويو ته سنڌ ۾ ڪوٽڙي بئراج، سکر بئراج ۽ نارا ڪينال تي پوکيءَ جوڳي زمين کي فوري طور ورهايو وڃي. ان مقصد لاءِ ڪالونائيزيشن آفيسر مقرر ڪيا ويا. 15 آڪٽوبر تي حيدرآباد ۾ ڪوٽڙي بئراج جي 41 هزار ايڪڙ زمين ورهائڻ جي رٿا جو اعلان ڪيو. ان زمين ۾ 25 هزار ايڪڙ کليل نيلام لاءِ رکيا ويا. 16 هزار ايڪڙ زمين ڊگهي مدي واري ليز لاءِ رکيا ويا. آڪٽوبر جي پڇاڙيءَ ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 35 هزار ايڪڙ زمين ڪراچيءَ ۾ رهندڙ 2000 بي زمين پناهگيرن لاءِ رکيا وڃن، جيڪي زمينداري ڪندڙ هئا. ڊسمبر ۾ زمين ورهائيندڙ ڪميٽيءَ فيصلو ڪيو ته چار هزار ايڪڙ زمين رٽائرڊ ۽ حاضر سروس فوجين لاءِ رکي وڃي. جڏهن ته وڌيڪ 24 هزار ايڪڙ کليل نيلام لاءِ رکيا ويا. مئي 1959ع ۾ ڪراچيءَ جي 1100 پناهگير زميندار گهراڻن کي ڪراچيءَ مان ڪوٽڙي بئراج جي زمينن تي منتقل ڪيو ويو. ساڳي سال 1959ع ۾ انتظاميا رٽائرڊ ۽ حاضر سروس فوجين لاءِ رکيل زمين کي وڌائي هڪ لک ايڪڙ ڪري ڇڏيو. ان کانسواءِ رٽائرڊ فوجين کي گرانٽ طور زمين ڏيڻ لاءِ 18 هزار ايڪڙ زمين جي نئين ڪيٽيگري به متعارف ڪرائي وئي.
    1960ع جي جنوري مهيني ۾ بنگالي هارين جا 81 ڪٽنب سامونڊي جهاز وسيلي ڪراچي پهتا. هي ڪٽنب انهن 350 گهراڻن ۾ شامل هئا، جن کي سنڌ منتقل ٿيڻو هو. هي ڪٽنب ورهاڱي وقت پاڪستان منتقل ٿيا هئا ۽ کين هتي اڃا زمينون نه مليون هيون. انهن پناهگير بنگالي رضاڪاراڻي طور اولهه پاڪستان رهڻ جو فيصلو ڪيو هو. ان جي عيوضي کين سنڌ جي مال غنيمت بڻايل زمين کان 10 هزار ايڪڙ ڪوٽڙي بئراج جي علائقي ۾ ڏيڻا ڪيا ويا هئا. اهي ماڻهو جن جو سنڌ سان تاريخ ۾ ڪڏهن به ڪو واسطو نه رهيو هو، انهن کي اولهه پاڪستان منتقل ٿيڻ جي عيوضي سنڌ جي زمين ڏني وئي. اولهه پاڪستان جي گورنر خواب آف ڪالاباغ سندن آمد کي تاريخي قرار ڏنو ۽ چيو ته اوڀر پاڪستان جي رهواسين جي اتحاد جو پيمانو قرار ڏنو، يعني پاڪستان جي اتحاد جي علامت لاءِ به سنڌ جي زمين جو صدقو ڏنو ويو. انهن کي هڪ ايڪڙ زمين به پنجاب ۾ نه ڏني وئي.
    سنڌ ۾ هينئر تائين آخري بئراج گڊو وٽ 1962ع ۾ ٺهي راس ٿيو. گڊو بئراج وسيلي سنڌ ۾ 27 لک ايڪڙ زمين کي سيراب ٿيڻو هو. ان مان 16 لک ايڪڙ زمين خانگي هئي ۽ ايگريڪلچر ڊولپمينٽ ڪارپوريشن کي باقي 11 لک ايڪڙ زمين ورهائڻي هئي. 1962ع جي ويسٽ پاڪستان ايئربوڪ موجب اهو فيصلو ڪيو ويو ته اها زمين مقامي ۽ ٻاهرين ماڻهن ۾ اڌو اڌ ورهائي وڃي. 15 سيڪڙو زمين فوجين لاءِ رکي وئي. آڪٽوبر 1962ع تائين 10 هزار ايڪڙ زمين نيلام ٿي چڪي هئي. مارچ 1963ع ۾ ڊان اخبار رپورٽ ڪيو ته 20 سيڪڙو زمين منگلا ۽ تربيلا ڊيم ۽ اسلام آباد شهر جي متاثرين لاءِ رکي وئي آهي.
    انگن اکرن موجب منگلا ڊيم متاثرين لاءِ 46 هزار 700 ايڪڙ، اسلام آباد جي متاثرين لاءِ 54 هزار 200 ايڪڙ، سرحدي قبائلين لاءِ 4 هزار 800 ايڪڙ، تربيلا ڊيم متاثرين لاءِ 11 هزار ايڪڙ ۽ انعام/خطاب ماڻيندڙن لاءِ 12 هزار 217 ايڪڙ زمين رکي وئي.
    سنڌ جي زمينن جي ان لٽ مار جي نتيجي ۾ ٻين صوبن خاص طور تي پنجاب مان وڏي انگ ۾ آبادي سنڌ منتقل ٿي ۽ کين سنڌ جي معيشت تي به قبضو حاصل ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ پنجاب مان وڌيڪ ماڻهو سنڌ منتقل ٿيندا رهيا. شهرن جيان ٻهراڙين ۾ به سنڌين جي ملڪيتن تي والار ۾ مرڪزي سرڪار جو هٿ هيو، بدقسمتي سان ان دور ۾ سنڌ اندر سائين جي ايم سيد، حيدر بخش جتوئي ۽ ڪجهه ٻين فردن کي ڇڏي ڪا وڏي مزاحمت گهٽ نظر اچي ٿي.


    ڪراچي سنڌين لاءِ اوپري ڪيئن بنائي وئي

    ورهاڱي کان اڳ ڪراچي عملي طور تي هڪ سنڌي شهر ۽ ضلعو هئو. ان وقت ڪراچي ضلعي جي مجموعي آبادي 713،900 هئي جنهن ۾ 406،050 سنڌي ڳالهائيندڙ هئا. جڏهن ته اردو ڳالهائيندڙ آبادي رڳو 30 هزار هئي. ڪراچي ضلعي ۾ 1941ع جي آدم ڳڻپ موجب مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙن جا وچور هن ريت هئا:



    آدم ڳڻپ جي تفصيلن مان پتو لڳي ٿو ته ان وقت ڪراچيءَ ۾ 148،650 ماڻهو ٻين علائقن سان تعلق رکندڙ هئا. ڪراچيءَ ۾ وقت بوقت ٻاهرين علائقن مان آباديءَ جي آمد جاري رهي. ننڍي کنڊ جي ورهاڱي وارن سالن دوران ان ۾ نمايان تيزي آئي. ان جا انگ اکر هيٺين جدول ۾ ڏجن ٿا.


    ڪراچيءَ ۾ ڌاري آباديءَ جي آمد

    ڪراچيءَ ۾ ڌاري آباديءَ جي آمد



    ورهاڱي وقت ڪراچي شهر جي آبادي ساڍا چار لک هئي، جن ۾ 61.2 سيڪڙو ماڻهو سنڌي ڳالهائيندڙ هئا، جڏهن ته اردو/هندي ڳالهائيندڙ آباد رڳو 6.3 سيڪڙو هئي. ان وقت جي آباديءَ جو 51 سيڪڙو مذهبي لحاظ کان هندو برادريءَ سان تعلق رکندڙ هو، جڏهن ته 42 سيڪڙو ماڻهو مسلمان هئا. ورهاڱي کانپوءِ آباديءَ جو اهو توازن هڪ دم بگاڙ جو شڪار ٿيو 1951ع جي آدمشماريءَ موجب ڪراچي شهر جي آبادي ساڍا يارهن لک جي لڳ ڀڳ ٿي وئي. لساني اعتبار کان ان آدمشماريءَ جا انگ اکر ڇرڪائيندڙ آهن، جن موجب ورهاڱي کان اڳ 61 سيڪڙو سنڌي ڳالهائيندڙ آبادي گهٽجي رڳو 8.6 سيڪڙو وڃي بچي. جڏهن ته 6.3 سيڪڙو اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ جو انگ وڌي 55 سيڪڙو کان به وڌي ويو. ورهاڱي کان پوءِ شهر جي 96 سيڪڙو آبادي مسلمانن تي ۽ رڳو 2 سيڪڙو آبادي هندن تي ٻڌل هئي. ان لحاظ کان ڏسجي ته ڪنهن به سماج لاءِ اها خطرناڪ ترين ڌونڌاڙ هئي.
    سنڌ جو شهري وچولو طبقو يعني هندو سرحد پار لڏي ويو ۽ ٻئي طرف يارنهن لکن کان وڌيڪ ماڻهو سنڌ ۾ اهڙا داخل ٿيا، جيڪي سنڌي ڪلچر ۽ زمين کان بنهه اوپرا هئا. سندن لاءِ سنڌ اسلام جي جنگ ۾ فتح ڪيل مال غنيمت کان وڌيڪ ڪجهه به نه هئي. 1941ع ۽ 1951ع وچ ۾ ڪراچيءَ جي آباديءَ ۾ 161 سيڪڙو واڌ ٿي. سنڌ ۾، خاص طور تي ڪراچيءَ اندر ڌارين آباديءَ جو اهو سلسلو ختم نه ٿيو، بلڪه ايوب جي دور ۾ 60ع جي ڏهاڪي ۾ پختونن جي آمد 1972ع ۽ 1978ع جي وچ ۾ بنگلاديش مان اٽڪل ساڍا ٽي لک پناهگيرن جي آمد (جيڪي گهڻي ڀاڱي بهاري هئا) ۽ افغان جنگ کانپوءِ ٽي لک کان وڌيڪ پناهگيرن جي آمد ڪراچيءَ جي آدمشماريءَ جي توازن کي لڳاتار پئي تبديل ڪيو. هڪ ڪاٿي موجب هر سال سراسري طور ڪراچيءَ ۾ ساڍا ٽي لک ماڻهن جو واڌارو ٿيو. ان سموري عرصي دوران جتي پنجاب ۽ پختونخواهه مان آباديءَ جي لڳاتار آمد ڪراچيءَ ڏانهن جاري رهي، سنڌي ڳالهائيندڙن جي ڪراچي آمد ۾ ڪو نامايان اضافو نه ٿيو، منهنجي خيال ۾ ان جا هيٺيان اهم ڪاڻ هئا.
     ورهاڱي وقت خاص توازن ٺاهي شهرن ۾ مقامي آباديءَ لاءِ جائيداد خريد ڪرڻ تي بندش وجهڻ سبب مقامي سنڌي آبادي شروعاتي سالن ۾ شهرن کان ڪٽجي ٻهراڙين تائين محدود ٿي وئي.
     ساڳي طرح آڪٽوبر ۾ جناح صاحب پنهنجا خصوصي اختيار استعمال ڪندي جائيدادن بابت ٻه آرڊيننس جاري ڪيا. انهن حڪمنامن هيٺ پاڪستان ريهبليٽيشن ڪمشنر کي اهي اختيار ڏنا ويا ته هو هندن پاران ڇڏيل زمينن ۽ ڪاروبارن کي تحويل ۾ وٺي ان جي عارضي ليز جاري ڪري سگهي. ساڳي طرح پناهگيرن کي ان قانون هيٺ خالي ڇڏيل عمارتن تي قبضي جي اجازت ڏني وئي. هڪ ڪاٿي موجب آگسٽ 1947ع کان 1948ع وچ ۾ هندن جيڪي ملڪيتون ڇڏيون، تن ۾ 70 سيڪڙو زرعي زمين ۽ شهري علائقن 85 سيڪڙو گهر ۽ عمارتون شامل هيون، جيڪي جناح صاحب جي حڪم تي مقامي آبادي بجاءِ ٻاهران آيلن حوالي ڪيون ويون. اهڙي طرح رياستي قانون ۽ گورنر جنرل جي خصوصي اختيارن وسيلي هڪ منظم طريقي سان سنڌ جي اصلوڪن رهواسين کي عملي طور ڪراچيءَ مان بي دخل ڪيو ويو.
     سنڌين جو سرنديءَ وارو وچولو طبقو هندن تي مشتمل هو، جن وٽ شهرن خاص ڪري ڪراچيءَ ۾ جائيداد رکڻ جو لاڙو هوندو هو، سنڌي مسلمان ورهاڱي وقت گهڻو ڪري سماجي اعتبار کان پٺتي پيل ۽ غربت جو شڪار هئا ۽ وڏن شهرن ۾ ملڪيتون خريد ڪرڻ جي لاءِ گهربل مقرري موجود نه هئي.
     سنڌي مسلمانن ۾ تعليم جو لاڙو ايتري قدر گهٽ هيو جو 1937ع ۾ رڳو هڪ مقامي مسلمان ايم اي تائين تعليم حاصل ڪئي هئي ۽ هر هزار ماڻهن مان رڳو 44 ماڻهو پڙهيل لکيل هئا. تعليم جي اهڙي حالت هجڻ سبب سنڌي شهري هنرن کان پرڀرا هئا ۽ سندن گهڻو تڻو واسطو ٻهراڙين ۾ ٿوري گهڻي ملڪيت زمينداري جي شڪل ۾ وڏيرڪي طبقي وٽ هئي. هن طبقي وٽ ڪراچيءَ ۾ جائيداد رڳو فصل لهڻ وقت عياشين ڪرڻ لاءِ هوندي هئي، ان طبقي وٽ نه قومي سوچ هئي ۽ نه قومي غيرت نالي ڪنهن شيءِ کان هو واقف هئا. تنهن ڪري هنن شهري ماحول ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ کي ڪا به اوليت نه ٿي ڏني، ڇو ته شهري ماحول ۾ سندن غلامي قبول ڪرڻ لاءِ ڪير به تيار نه هو. جڏهن ته ٻهراڙين جي رعايا سان صوبيدار ۽ مختيارڪار جي ناپاڪ ڳٺ جوڙ وسيلي خلق کي غلام رکڻ آسان هو.
     سنڌ جي ٻهراڙين ۾ قبائلي ۽ راڄوڻو نظام روايتي سرشتو ۽ مدي خارج سماجي ڍانچو پڻ سنڌين جي ٻهراڙين کان شهرن ڏانهن منتقلي ۾ هڪ رنڊڪ هئا.
     تربيلا ڊيم ٺهڻ تائين ٻهراڙين ۾ زرعي معيشت تمام سگهاري هئي، ڪچي توڙي پڪي ۾ محدود آبايءَ جي گهرج کان وڌيڪ ان اپائجندو هو ۽ ٻهراڙيءَ جي پرسڪون ماٺيڻي زندگي سنڌي ڳالهائيندڙن لاءِ وڌيڪ سهنجي هئي، جڏهن ته شهري تيز رفتار زندگي، شور شرابو ۽ ڀڄ ڊڪ سندن مزاج سان ٺهڪدڙ هئي، ان عرصي دوران پختون ۽ پنجابي ڳالهائيندڙ آبادي به پنهنجا علائقا ڇڏي درحقيقت ڪراچيءَ ۾ ننڍي سطح جي روزگار لاءِ اچي رهيا هئا. ۽ ان جو وڏو ڪارڻ سندن علائقن جي معاشي بدحالي هئي. ان جي ابتڙ سنڌ جي ٻهراڙين معاشي طور آسودي پاڻ ڀَري هئي، جنهن ڪري سنڌي ڳالهائيندڙن کي ڪڏهن به شهرن ۾ وڃي روزگار ڪرڻ يا سيڙپڪاري ڪرڻ جي گهرج پيش نه آئي.
     ٻهراڙين جي ڀيٽ ۾ شهرن، خاص طور ڪراچي ۽ حيدرآباد جو ماحول ثقافتي لحاظ کان ورهاڱي کان پوءِ اوڀر ٿي چڪو هو ۽ سنڌي ڳالهائيندڙ آباديءَ پاڻ کي ان ماحول ۾ اڻ ٺهڪندڙ محسوس ٿي ڪيو، جنهن ڪري شهرن ۾ رهڻ ۽ ڪاروبار ڪرڻ ۾ سندن دلچسپي نه هجڻ جي برابر هئي. ان سڄي پسمنظر ۾ شهري علائقن خاص طور تي ڪراچيءَ ۾ صنتعڪاري، ٽرانسپورٽ ۽ ننڍن وچولن ڪاروبارن ۾ سنڌي سماج مٿان سياسي طور ٿاڦيل فيوڊل ڍانچي سنڌ جي ٻهراڙين کي هڪ اڻ کٽ غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙي رکيو، ان جي نتيجي ۾ سنڌ جون ٻهراڙيون ڪراچيءَ جي ڀيٽ ۾ سماجي توڙي انفرااسٽرڪچر جي لحاظ کان هڪ صديءَ جي وٿيءَ تي بيٺل نظر اچن ٿيون. ڪراچيءَ کان 100 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي موجود ٺٽو ضلعو هر لحاظ کان سَوَن سالن جي وٿيءَ تي نظر اچي ٿو. شهري زندگيءَ کان ان وٿيءَ سنڌي سماج جي اوسر کي شديد ڌڪ رسايو، ان عرصي دوران سنڌ جي سياسي نمائندگي جيئن ته ابن الوقت وڏيرڪي طبقي وٽ رهي، تنهن ڪري ان ٻهراڙين جي سنڌين کي اٻوجهه ۽ غلام رکڻ لاءِ ضروري سمجهيو ته سندن حڪمرانيءَ هيٺ ٻهراڙين ۾ ڪڏهن به معياري انفرااسٽڪچر تعمير نه ٿئي، معياري تعليم جا ادارا قائم نه ٿين ۽ سنڌي وچولي طبقي جي اوسر لاءِ ڪي به موقعا پيدا نه ٿين. سياسي ۽ سماجي جمود جو اهو غلاميءَ وارو دور 70ع جي ڏهاڪي تائين پوري شدت سان جاري رهيو.
    1973ع ۾ سنڌ اندر پنجاب، پختونخواهه ۽ فاٽا جا 7 لک 11 هزار رهواسي موجود هئا. رڳو ڪراچيءَ ۾ انهن جو انگ پوڻا پنج لک جي لڳ ڀڳ هو. ان صورتحال سبب شهري علائقن ۾ سنڌي ماڻهو نه هجڻ جي برابر هئا ۽ شهري معاملن ۾ سندن ڪردار نه هجڻ جي برابر هو. ان جمود کي ٽوڙڻ جي پهرين ڪوشش 1970ع ۾ ون يونٽ جي ٽٽڻ بعد سنڌ جي گورنر رخمان گل ۽ اڳتي هلي ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ ٿي، جڏهن هن ڪوٽا سسٽم، ليٽرل انٽري وغيره ذريعي نوڪري پيشه سنڌي وچولي طبقي جي پهرين کيپ کي پير کوڙڻ جو موقعو ڏنو. ساڳي طرح هن سنڌ جي ٻهراڙين ۾ انجنيئرنگ ۽ ميڊيڪل تعليمي ادارن جو بنياد رکي، مستقبل جي سنڌي وچولي طبقي جي اوسر جا بنياد رکيا. اهوئي سبب آهي جو 1981ع ۽ 1998ع واري آدم ڳڻپ جي انگن اکرن ۾ ڪراچيءَ اندر سنڌي آباديءَ جو سيڪڙو وڌيو ۽ اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ جو سيڪڙو گهٽيو آهي. 1981ع جي آدم ڳڻپ ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ ڪراچيءَ اندر 6.3 سيڪڙو هئا، جيڪي 1998ع ۾ وڌي 7.2 سيڪڙو ٿي ويا، جڏهن ته اردو ڳالهائيندڙ آبادي جيڪا 1981ع ۽ 54.3 سيڪڙو هئي، اها 1998ع ۾ گهٽجي 48.5 سيڪڙو ٿي وئي. ان جو مکيه ڪارڻ پختونخواهه ۽ پنجاب مان خاص طور تي سرائيڪي پٽيءَ ۽ سنڌ جي ٻهراڙين مان ماڻهن جي ڪراچيءَ ڏانهن لڏپلاڻ هئي.
    سنڌ جي ٻهراڙين مان 90ع جي ڏهاڪي ۾ شهرن ڏانهن وڌيڪ لڏپلاڻ ٿي آهي. ان جا هي مکيه ڪارڻ هئا. هڪ ته ٻهراڙين ۽ بدامني ۽ ڌاڙيل راڄ سبب وچولي طبقي شهرن جي محفوظ ماحول کي چونڊيو. ٻيو ٻهراڙين ۾ زراعت لاءِ پاڻيءَ جي اڻاٺ سبب زرعي معيشت کي ڌڪ لڳو ۽ ماڻهو بيروزگار ٿيا، جن شهرن جو رخ ڪيو ۽ ٽيون ته سرڪاري نوڪرين تي بندش کانپوءِ سنڌي ورڪنگ ڪلاس جنم ورتو، جنهن خانگي روزگار ۽ ننڍن ڪاروبارن لاءِ حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جو رخ ڪيو. ساڳي طرح اتر سنڌ جي ضلعن ۾ قبائلي جهيڙن ۽ مارا ماري جي نتيجي ۾ پڻ ٻهراڙين مان ماڻهو شهرن ڏانهن منتقل ٿيا. ان دوران نائين اليون واقعي کانپوءِ پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ پختونخواهه مان ماڻهو بي دخل ٿي ڪراچيءَ منتقل ٿيا. هاڻي ڪراچيءَ ۾ صورتحال اها آهي ته هڪ طرف هندستان ۽ بنگلاديش مان آمد بند ٿيڻ ۽ شهري ماحول سبب آباديءَ ۾ فطري واڌ گهٽ ٿيڻ سبب اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ ۾ ڪو نمايان اضافو نه پيو ٿئي. ڪراچيءَ جي اردو ڳالهائيندڙ آبادي ۾ روزگار ۽ رهائش لاءِ ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جو به سگهارو لاڙو آهي، جنهن ڪري پڻ اردو ڳالهائيندڙ آبادي ۾ اضافي ۾ لاٿ آئي آهي. ٻئي طرف سرائيڪي علائقي، سنڌ جي ٻهراڙين ۽ پختونخواهه مان ماڻهن جي لڳاتار آمد سبب ڪراچيءَ ۾ اردو ڳالهائيندڙ آبادي وڌيڪ ٿورائيءَ ۾ بدلجي رهي آهي.

    1998ع جي آدم ڳڻپ موجب ڪراچيءَ ۾ مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ آباديءَ جا وچور هن ريت آهن:



    1998ع جي آدمشماريءَ جي انگن اکرن جو تفصيلي جائزو وٺڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جي شهرن ۾ سنڌي آبادي ڳڻتيءَ جوڳي حد تائين گهٽ آهي. 1998ع جي آدمشماريءَ موجب سنڌ، ملڪ اندر سڀ کان وڌيڪ شهريل (Urbanized) صوبو آهي، جتي اٽڪل 49 سيڪڙو آبادي 163 ننڍن وڏن شهري مرڪزن ۾ رهي ٿي، جڏهن ته پنجاب ۾ شهري آبادي اتان جو رڳو 31.3 سيڪڙو آهي. وري جيڪڏهن سنڌ ۾ شهري آباديءَ جو وڌيڪ ڇيد ڪبو ته معلوم ٿيندو ته شهري آباديءَ جو 71 سيڪڙو رڳو ٽن وڏن شهرن ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ وسيل آهي. اڪيلي ڪراچي شهر ۾ شهري آباديءَ جو 62 سيڪڙو رهي ٿو، جڏهن ته ان جي ابتڙ پنجاب جي گاديءَ واري شهر لاهور ۾ صوبي جي شهري آباديءَ جو صرف 22.3 سيڪڙو رهي ٿو. باقي شهري آبادي فيصل آباد 8.7 سيڪڙو، راولپنڊي 6.2 سيڪڙو، گجرانوالا 5.4 سيڪڙو ۽ ملتان 5.2 سيڪڙو ۾ هڪ توازن سان ورهايل نظر اچي ٿي. غور ڪري ڏسجي ته هي اهي علائقا آهن، جتي صنعت ۽ ڪاروبار کي جوڳي ترقي ڏياري ٻيون بنيادي شهري سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن، جنهن ڪري پنجاب ۾ لاهور مٿان آباديءَ جو اهڙو دٻاءُ نه پيو آهي. ان جي ابتڙ سنڌ ۾ ڪراچيءَ کان ٻاهر ٿوري گهڻي صنعتي ۽ ڪاروباري ترقي حيدرآباد ۾ نظر اچي ٿي ۽ ان کان ٻاهر ڪاريءَ وارا ڪک آهن.
    ٻين صوبن ۾ جيئن ته ٻاهرين آباديءَ جي يلغار ايتري ناهي، تنهن ڪري اتان جا شهري علائقا به اتي جي اصلوڪن رهواسين جي اڪثريت هيٺ آهن، پر سنڌ ۾ صورتحال مختلف آهي. 1998ع جي آدمشماريءَ جي انگن اکرن موجب پنجاب جي شهري علائقن ۾ 78.75 سيڪڙو ماڻهو پنجابي ڳالهائيندڙ آهن. اسلام آباد جي به شهري علائقن ۾ 65.36 سيڪڙو ماڻهو پنجابي ڳالهائيندڙ آهن. ساڳي طرح سرحد جي شهري علائقن ۾ 73.55 سيڪڙو ۽ فاٽا جي شهري علائقن ۾ 97 سيڪڙو ماڻهو پشتو ڳالهائيندڙ آهن. جڏهن ته سنڌ جي شهري علائقن ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ ڪل شهري آباديءَ جو رڳو 25.79 سيڪڙو مس آهن. هي انگ اکر واضح ڪن ٿا ته سنڌ جا شهر لڳاتار سنڌين کان کسجي رهيا آهن. مجموعي طور سنڌي پنهنجي صوبي اندر اقليت ۾ بدلجڻ کي ويجهو اچي رهيا آهن. ان جا وچور 1998ع جي آدم ڳڻپ جي هيٺين تفصيلن مان معلوم ڪري سگهجن ٿا.



    مٿي ڏنل ٻن جدولن ۾ اها ڳالهه نظر اچي ٿي ته سنڌ ۾ پنجابي ۽ پشتو ڳالهائيندڙ آبادي ته ترتيب وار 21 لکن ۽ 12 لکن کان مٿي آهي پر سنڌ اندر ٻاهرين صوبن جي رهواسين جي انگ ۾ ٻنهي صوبن جا ماڻهو گهڻو گهٽ نظر اچن ٿا. ان جو ڪارڻ اهو آهي جو سنڌ ۾ عرصي کان رهندڙ پنجابين ۽ پختونن مقامي رهائش جا ڪاغذ ٺهرائي ڇڏيا آهن ۽ اهي هاڻي سنڌ اندر سمورن شهري حقن يعني ووٽ، نوڪرين وغيره ۾ ڀائيوار ٿي چڪا آهن.
    مارچ 2011ع ۾ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي اجلاس ۾ نادرا چيئرمين علي ارشد حڪيم اهو انڪشاف ڪيو ته سنڌ ۾ ٻين صوبن جي 13 لک ماڻهن سنڌ جا سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي ورتا آهن. سندس انڪشاف موجب ستن سالن دوران خيبرپختونخواهه جي 6 لک 33 هزار 916، پنجاب جي 5 لک 59 هزار 620، بلوچستان جي 82 هزار، فاٽا جي 28 هزار 443 ۽ ڪشمير جي 52 هزار 259 ماڻهن سنڌ مان سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي ورتا آهن. ڳالهه رڳو اتي ختم نه ٿي ٿئي. انگريزي اخبار دي ايڪسپريس ٽربيون 9 مارچ 2012ع تي اهو انڪشاف ڪيو ته پپيلز پارٽيءَ جي حڪومت جي گهرو وزارت پاران سفارش ڪئي وئي آهي ته ملڪ ۾ رهندڙ 30 لک بنگالين ۽ بهارين کي مڪمل شهريت ڏني وڃي. ياد رهي ته ذري گهٽ سمورا بهاري ۽ بنگالي سنڌ ۾ رهندڙ آهن. 23 فيبروري 2014ع جي ڊان اخبار موجب وفاقي گهرو کاتي هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته رڳو ڪراچي شهر اندر 20 لک غيرقانوني پرڏيهي رهندڙ آهن. ساڳي طرح نيشنل ايلين رجسٽريشن اٿارٽي (نارا) به ڪراچيءَ اندر 18 لک 85 هزار غيرقانوني پرڏيهين جوا نڪشاف ڪري چڪي هئي. غيرسرڪاري ذريعن جو خيال آهي ته غيرقانوني پرڏيهين جو انگ ان کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي پر انهن کي هڪ مقامي سياسي ڌر پاران سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ٻيا دستاويز ٺهرائي ڏئي باقاعدي شهري بنايو ويو آهي. ساڳي طرح نارا اداري جو مقصد به انهن شهرين کي باقاعدي رجسٽر ڪرڻ آهي. انهن ڌارين ۾ هڪ لک کان وڌيڪ بنگالي ۽ ٻن لک کان وڌيڪ برمي به شامل آهن. بنگالين جو هڪ وڏو انگ ڪراچيءَ جي مڇر ڪالوني، موسيٰ ڪالوني، ابراهيم حيدري، ڪياماڙي ۽ ڪچين آبادين ۾ رهندڙ آهي. مزي جي ڳالهه ته لکن جي تعداد ۾ رهندڙ افغانين کي ڌارين بجاءِ رفيوجي جو درجو مليل آهي ۽ انهن کي غيرقانوني به نه ٿو ڳڻيو وڃي. ڪراچيءَ ۾ ڪيترائي پرڏيهي ڪائونسلر ۽ ناظم به چونڊجندا رهيا آهن. بدقسمتيءَ جي ڳالهه آهي جو سنڌ اندر هر ڪنهن جي اچ وڃ ۽ رهائش کي آئين جي غلط تشريح وسيلي جائز قرار ڏنو وڃي ٿو.
    ٻاهرين صوبن مان ايندڙن جي حق جي وڪالت ڪندر آئين جي آرٽيڪل 15 ۽ 23 جا حوالا ڏجن ٿا. پهرين اچو پڙهون ته آئين جي انهن آرٽيڪلز ۾ ڇا چيل آهي:
     Article 15 = Freedom of movement: Every citizen shall have the right to remain in, and subject to any reasonable restriction imposed by law in the public interest, enter and move freely throughout Pakistan and to reside and settle in any part there of.
     Article 23: Provision as to property: every citizen shall have the right to acquire , hold and dispose of property in any part of Pakistan, subject to the constitution and any reasonable restriction imposed by law in public interest.
    انهن ٻنهي آرٽيڪلز ۾ ملڪ اندر هر شهريءَ کي چرپُر، رهائش ۽ ملڪيت وٺڻ/رکڻ جو حق ڏنو ويو آهي. اڪثر ڪري سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري خلاف سنڌين جي احتجاج تي انهن آرٽيڪلز جو حوالو ڏنو ويندو آهي. آئين جي ٻنهي آرٽيڪلز ۾ البته هڪ ڳالهه واضح طور ڪيل آهي: “any reasonable restriction imposed by law in public interest”يعني عوامي مفادن وٽان ڪنهن به لڳايل مناسب پابنديءَ سان انهن حقن کي مشروط ڪيو ويو آهي. يعني ته 1973ع جو آئين به ڌاري آبادڪاريءَ جي ڪا کلي ڇوٽ نه ٿو ڏئي پر صوبي جي حڪومت کي آئين جي اهڙي تشريح سان ڪا به دلچسپي ناهي.


    نئين آدم ڳڻپ ۾ رنڊڪون

    1998ع ۾ پاڪستان جي پنجين آدمشماري ڪئي وئي هئي. ان کان اڳ 1981ع ۾ چوٿين آدم ڳڻپ ڪئي وئي هئي. ان حساب سان گذريل 32 سالن اندر پاڪستان ۾ رڳو هڪ آدم ڳڻپ ڪئي وئي آهي. جڏهن ته بين الاقوامي ضابطن موجب هر ڏهن سالن ۾ آدم ڳڻپ ڪرائڻ لازمي آهي. پاڪستان جي پسمنظر ۾ آدمشماريءَ جي اهميت هيٺين حوالن سان سمجهي سگهجي ٿي.
     ورڇ جوڳي ناڻي جو 82 سيڪڙو آدمشماريءَ آڌار ورهايو ويندو آهي. آدمشماريءَ جا تازا انگ اکر نه هجڻ سبب وسيلن جي ورهاست 16 سال پراڻي 1998ع واري آدم ڳڻپ مطابق ڪئي پئي وڃي، ان عرصي دوران صوبن اندر آباديءَ جي وڏي پيماني تي چرپر ٿي آهي، جنهن کي وسيلن جي ورهاست ۾ شامل نه ٿو ڪيو وڃي. مثال طور خيبرپختونخواهه صوبي اندر لڳاتار حالتون خراب هجڻ سبب وڏي پيماني تي لڏپلاڻ ٿي آهي ۽ ان جو هڪ وڏو حصو سنڌ پهتو آهي. ان واڌو آباديءَ جو سنڌ جي وسيلن تي بار پئجي رهيو آهي پر سنڌ کي ورڇ جوڳي ناڻي مان ڪو به واڌو حصو نه ٿو ملي.
     قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ نمائندگي جو به آباديءَ سان ڳانڍاپو هوندو آهي. آباديءَ جا صحيح انگ اکر نه هجڻ سبب اسيملبين جون سيٽون به ان حساب سان نه ٿيون مقرر ٿين.
     مڪاني ادارن لاءِ تڪ بنديون آباديءَ جا صحيح انگ اکر نه هجڻ سبب نه پيون ٿي سگهن ۽ ان ڪري مڪاني ادارن جون چونڊون رولڙي جو شڪار ٿي ويون آهن.
     ترقياتي رٿابنديءَ جو سمورو عمل درحقيقت آدمشماريءَ جي آڌار تي ٿيندو آهي. بدقسمتيءَ سان ڪافي سالن کان ترقياتي رٿائون ڪنهن رٿابنديءَ آڌار عمل هيٺ نه ٿيون آنديون وڃن، تنهن هوندي به آباديءَ جي صحيح ڄاڻ سان ترقياتي رٿابنديءَ بابت عقلي بنيادن تي بحث مباحثو ڪري صوبن اندر ترقياتي رٿائن بابت عوامي راءِ جوڙي سگهجي ٿي.
    ماضيءَ جي آدمشماريءَ جي انگن تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿيندو ته درحقيقت ملڪي آباديءَ ۾ پنجاب جو سيڪڙو هر ڀيري اڳي کان گهٽجندو آهي. ان جي ابتڙ سنڌ جو ملڪي آباديءَ ۾ حصو هر ڀيري اڳي کان وڌندو آهي. ماضيءَ جي آدمشماريءَ جي انگن اکرن جو اهو وچور جدول نمبر 1 ۾ ڏنل آهي.
    جدول نمبر: 1 آدمشماري ۾ سنڌ ۽ پنجاب جو حصو (سيڪڙي ۾)



    آبادي ۾ تبديلي جي ان روش کي هيٺين حقيقتن جي روشني ۾ سمجهي سگهجي ٿو:
     پنجاب ۾ ويجهن ڏهاڪن اندر وچولو سرمائيدار ۽ ڪاروباري طبقو تيزيءَ سان اسريو آهي. ان طبقي اندر ٻاهرين علائقن ۾ وڃي ڪاروبار ڪرڻ سندن معاشي سرگرمين جو لازمي حصو آهي، تنهن ڪري پنجاب مان ٻاهر وڃڻ جو رواج وڌيڪ آهي. رياستي ڍانچي جي سرپرستي ۽ واهر سبب پنجاب جي رهواسين کي ملڪ جي ٻين صوبن ۾ روزگار، زمينداري، نوڪرين وغيره ۾ وڌيڪ موقعا حاصل ٿيا، جنهن ڪري صوبي جي آبادي ٻين صوبن ڏانهن توڙي پرڏيهه ويندي رهي ٿي.
     اسرندڙ سرمائيداريت ۽ واپار ڪندڙ وچولي طبقي پنجاب اندر تعليم کي پڻ عام ڪيو آهي، جنهن ڪري عورتن ۾ به تعليم ۽ ملازمتون ڪرڻ جو رواج وڌيڪ آهي. ان ڪارڻ عام طور تي ڪٽنب کي ننڍو رکڻ جو رويو وڌيڪ مضبوط ٿي رهيو آهي. اهو ساڳيو رويو سنڌ جي شهرن ۾ به نظر اچي ٿو ۽ نوڪرين ۾ رڌل وچولي طبقي ۽ خاص طور عورتن ۾ آباديءَ جي فطري واڌ پڻ گهٽ آهي.
     پنجاب ۾ آباديءَ جي گهاٽائي (Population Density ) يعني في چورس ڪلو ميٽر ايراضيءَ ۾ رهندڙ آبادي باقي صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي. 1998ع جي آدمشماريءَ جي انگن موجب پنجاب جي في چورس ڪلو ميٽر تي 359 انسان آباد هئا. جڏهن ته سنڌ ۾ اهو انگ 216، پختونخواهه ۾ 238 ۽ بلوچستان ۾ رڳو 19 هو. آباديءَ جو اهو دٻاءُ وسيلن تي به دٻاءُ وجهي ٿو. ان صورتحال ۾ ماڻهن ۾ ٻين علائقن ڏانهن لڏپلاڻ جو رويو وڌيڪ هوندو آهي، ان صورتحال سبب پنجاب مان آبادي ٻين صوبن خاص طور سنڌ ڏانهن لڏپلاڻ ڪندي رهي آهي، نتيجي ۾ هر ڀيري پنجاب جي آباديءَ جو سيڪڙو گهٽبو رهي ٿو.
     سنڌ، زرخير زرعي زمينن ۽ ڪراچي ۾ روزگار جي انيڪ وسيلن سبب انساني آبادي کي ڇڪيندي رهي ٿي. ان سبب سنڌ اندر آباديءَ ۾ غير فطري واڌ جي رفتار پڻ وڌيڪ رهي ٿي.
     سنڌ جي آباديءَ جي گهڻائي ٻهراڙين ۾ رهي ٿي، هڪ تعليم جي اڻاٺ، ڄم روڪ جي سهولتن جي اڻهوند ۽ هڪ ٻه ڏهاڪا اڳ تائين زرعي معيشت جي سگهاري هجڻ سبب عام طور تي ڪٽنبن ۾ گهڻا ڀاتي هجڻ جي روايت سنڌ ۾ وڌيڪ سگهاري رهي آهي. پنجاب ۾ في عورت ٻارن جي شرح 3.8 سيڪڙو ۽ سنڌ ۾ 3.9 سيڪڙو آهي. ساڳي ريت سنڌ اندر عورتن ۾ ڄم روڪ جي جديد طريقن جو استعمال 25 سيڪڙو ۽ پنجاب ۾ 29 سيڪڙو آهي. اهي انگ ثابت ڪن ٿا ته سنڌ ۾ ڄم ۽ آباديءَ جي فطري واڌ جي شرح وڌيڪ آهي. ان سبب سنڌ ۾ آباديءَ جي واڌ جي شرح پنجاب کان وڌيڪ آهي.
     2011ع ۾ آدم ڳڻپ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر گهر- ڳڻپ جي نتيجن کي ڏسندي وس وارن آدم ڳڻپ وارو ٻيون مرحلو شروع ٿيڻ ئي نه ڏنو، گهر ڳڻپ جي انگن کي سرڪاري طور تي پڌرو نه ڪيو ويو پر روزاني دي نيوز 31 مارچ 2012ع تي اهي انگ غير سرڪاري طور پڌرا ڪيا. انهن انگن موجب پنجاب جي آبادي جو ملڪي آبادي ۾ حصو 1998ع جي 55.7 سيڪڙي کان گهٽجي 47.3 سيڪڙو ٿي ويو هو. جڏهن ته سنڌ جو حصو 1998ع جي 23 سيڪڙي مان وڌي 28.3 سيڪڙو ٿي ويو آهي. پر اها ڳالهه واضح آهي ته:
    ملڪي آباديءَ ۾ حصو گهٽجڻ پنجاب کي سياسي طور بنهه قبول نه آهي.


    2011ع جي گهر ڳڻپ

    29 مارچ 2012ع تي انگريزي اخبار دي نيوز پاران 2011ع ۾ ٿيل گهرشماريءَ جا انگ اکر پڌرا ڪيا. ان خبر موجب سنڌ جي آباديءَ ۾ 81.5 سيڪڙو واڌ آئي ۽ اها 1995ع جي 30.43 ملين مان وڌي 55.24 ملين ٿي وئي آهي. ان خب موجب صوبي وار گهراڻن ۽ آباديءَ جا وچور هن ريت بنجن ٿا.



    پنجاب جي آباديءَ ۾ اضافي جي گهٽتائيءَ جو هڪ ڪارڻ ان جي ٻين صوبن ڏانهن منتقلي به آهي.
    اهي انگ اکر واضح ڪن ٿا ته سنڌ ۾ آباديءَ جي واڌ جي شرح ملڪ ۾ ٻئين نمبر تي آهي، جنهن جو هڪ وڏو ڪارڻ ڌاري آباديءَ جو دٻاءُ آهي. سنڌ ۾ ضلعي وار آباديءَ جا غيرسرڪاري انگ اکر هيٺين جدول ۾ ڏجن ٿا.
    جيئن ته اهي انگ اکر غير سرڪاري ذريعن کان مليل آهن تنهن ڪري انهن ۾ ڪجهه ڦير ڦار نظر ايندي.

    2011ع جي گهر-ڳڻپ جا غيرسرڪاري انگ اکر:


    پختونخواهه مان نئين لڏپلاڻ

    سنڌ ۾ ويجهن سالن اندر پختونخواهه ۽ فاٽا مان آباديءَ جي هڪ لهر سنڌ ڏانهن آئي آهي. ان لڏپلاڻ جو مکيه ڪارڻ قبائلي علائقن ۾ دهشتگردن خلاف آرمي آپريشن آهي. سنڌ ۾ پٺاڻ آبادي گهڻي ڀاڱي ڪراچيءَ ۾ چڱي موچاري انگ ۾ رهي ٿي. جڏهن ته ويجهن سالن دوران ان سنڌ جي ٻهراڙين خاص طور تي ساحلي ضلعن ۾ به پکڙجڻ شروع ڪيو آهي. 2008ع جي چونڊن ۾ عوامي نيشنل پارٽي ڪراچيءَ جي پختون آباديءَ مان صوبائي اسيمبليءَ جون به سيٽون کٽڻ ۾ ڪامياب ٿي هئي. ٽرانسپورٽ، ڪاروبار ۽ جائيداد جي ڏيتي ليتيءَ وارن شعبن ۾ پختون ڪراچيءَ اندر ڇانيل آهي. 80ع واري ڏهاڪي ۽ ويجهن سالن دوران اردو آباديءَ سان سندس ٽڪراءَ کان پوءِ ان پاڻ کي وڏي حد تائين منظم ڪيو آهي. ڪراچيءَ ۾ پٺاڻن جو چڱو موچارو انگ ورهاڱي وقت به موجود هو. ڪراچيءَ ۾ جڏهن 1952ع ۾ بمبئيءَ جي ميمڻ گهراڻي پاران دائود ڪاٽن ملز ڪم شروع ڪيو ته ان ۾ اٽڪل ٽي هزار کن ملازم هئا، جن ۾ هڪ وڏو تعداد سرحد مان آيل پٺاڻن جو هو، جيڪي ڪراچيءَ ۾ صنعتڪاريءَ جي شروعات سان ئي وڏي انگ ۾ اچڻ شروع ٿي ويا هئا. ايوب پاران 1958ع ۾ مارشل لا لڳائڻ کان پوءِ سرڪاري سرپرستيءَ هيٺ پٺاڻن کي ڪراچيءَ ۾ مضبوط ڪيو ويو. چار مارچ 1958ع تي ناظم آباد ۾ پٺاڻن ۽ پناهگيرن وچ ۾ خوني جهيڙو ٿيو، جنهن ۾ سرڪاري رپورٽ موجب ٻه ۽ غير سرڪاري رپورٽن موجب ٻارهن ماڻهو مارجي ويا. ناظم آباد جي صنعتي علائقي ۾ پٺاڻ مزدورن جو هڪ وڏو انگ رهندڙ هو، جن جو پناهگير آباديءَ سان مختلف معاملن تي ٽڪراءُ هلندڙ هو. پناهگير، پٺاڻن کي وحشي ڪوٺيندا هئا ۽ موٽ ۾ پٺاڻ وري کين حقارت وچان هندستاني ڪوٺيندا هئا.
    1951ع ۾ سنڌ اندر پشتو ڳالهائيندڙن جو انگ 51،754 هو جيڪو 1981ع ۾ وڌي 650،791 ٿي ويو ۽ 1998ع جي آدمشماريءَ ۾ پختون آبادي وڌي 1,276,445 ٿي چڪي هئي. ان کان پوءِ گذريل 15 سالن اندر سنڌ ۾ پٺاڻ آباديءَ جي آمد تيزيءَ سان جاري آهي پر ان جا اصل انگ اکر ملي نه پيا سگهن. 2009ع ۾ سوات ۾ ٿيل فوجي آپريشن ۽ 2014ع ۾ اتر وزيرستان ۾ ٿيل آپريشن کان پوءِ سرحد ۽ فاٽا مان پشتو ڳالهائيندڙ آبادي وڏي انگ ۾ سنڌ منتقل ٿي آهي. ويجهن سالن دوران اها حقيقت سامهون آئي آهي ته پختون هاڻي ڪراچيءَ جي معاملن ۾ هڪ اهم ڌر ٿي اڀريا آهن.


    هندن جي سنڌ مان لڏپلاڻ جي نئين لهر

    سنڌ ۾ آباديءَ جي عدم توازن کي هڪ طرف ڌاري آبادڪاريءَ مان خطرو آهي ته ٻئي طرف سنڌ جي مختلف علائقن ۾ هندو آباديءَ تي حملن، سندن نياڻين جي زوريءَ شادين ۽ هندن جي اغوا جي واقعن ۾ غيرمعمولي تيزي آئي آهي. انهن واقعن جي نتيجي ۾ سنڌ مان هندن جي لڏپلاڻ ۾ تمام گهڻي تيزي آئي آهي. ويجهن سالن دوران سنڌ مان ڪيترا هندو لڏي ويا آهن. ان جا درست انگ اکر دستياب ناهن پر يقينن سندن انگ هزارن ۾ آهي.
    1998ع جي آدمشماري موجب، سنڌ ۾ هندو آبادي لڳ ڀڳ 20 لک هئي، اهو انگ ان وقت جي سنڌ جي آباديءَ جو لڳ ڀڳ ساڍا 6 سيڪڙو بڻجي ٿو. ياد رهي ته 1998ع جي آدمشماريءَ ۾ سنڌي ڳالهائيندڙن جو تناسب صوبي اندر لڳ ڀڳ 60 سيڪڙو هو. ان جو مطلب ٿيو ته سنڌي ماڻهو پنهنجي ڌرتيءَ تي اقليت ۾ تبديل ٿيڻ کان رڳو 10 سيڪڙي جي وٿيءَ تي هئا، جنهن ۾ ساڍا ڇهه سيڪڙو هندو سنڌي نهايت اهم توازن جو ڪردار ادا ڪن ٿا. جيڪڏهن ايتري وڏي انگ ۾ هندن تي ڌرتي تنگ ڪري سنڌ ڇڏڻ تي مجبور ڪري ڇڏجي ته سنڌي ماڻهو پنهنجي ڌرتيءَ تي اقليت بڻجڻ جي بلڪل ويجهو اچي ويندا. هن وقت سنڌين کي ٿورائيءَ ۾ ڏيکارڻ لاءِ آدمشماريءَ جي انگن اکرن سان تمام وڏي هٿ چراند ڪرڻي پوي ٿي، جيڪا ڳالهه ڏکي آهي پر جيڪڏهن ٻن ٽن سالن اندر هندن جو هڪ وڏو انگ سنڌ مان تڙجي ويو ته پوءِ انهن ڌرين لاءِ آدمشماري ۾ معمولي هٿ جي صفائي سان به سنڌين کي ٿورائي ۾ ڏيکارڻ آسان ٿي پوندو.


    شهري ميگاپراجيڪٽس

    سنڌ جي شهرن اندر ڌاري آبادڪاريءَ جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ وقت بوقت وڏيون رٿائون شروع ٿينديون رهيون آهن. ويجهي ماضيءَ ۾ انهن رٿائن ۾ ڊائمنڊ بار آءِ لينڊ سٽي، شگر لينڊ سٽي، ڊي ايڇ اي جا نوان فيز، بحريا ٽائون جا ڪيئي منصوبا ۽ ذوالفقار آباد شامل آهن. ڊي ايڇ اي فيز 9 سپر هاءِ وي تي لڪي سيمينٽ فيڪٽري ۽ ٽول پلازه وچ ۾ تعمير ٿيڻو آهي، ساڳي طرح سپر هاءِ وي تي بحريا ٽائون ڪراچيءَ جاپلاٽ نيلام ٿي رهيا آهن، جيتوڻيڪ انهن رٿائن جا صحيح تفصيل پڌرا نه پيا ڪيا وڃن، پر اندازو آهي ته انهن رٿائن تي 20 لک جي لڳ ڀڳ ماڻهو آباد ڪيا ويندا، جيڪي سنڌ ۾ آباديءَ جي توازن کي وڌيڪ بگاڙيندا، انهن رٿائن مان ڪجهه جا مختصر وچور هن ريت آهن.

    (1) ڏنگي ۽ بنڊاڙ ٻيٽ:
    اهي ٻئي ٻيٽ ڪراچيءَ جي ڏکڻ ۾ ابراهيم حيدريءَ ويجهو واقع آهن. مٿي ڄاڻايل ٻئي ٻيٽ اصل ۾ هڪ ڊگهي ٻيٽ جا ٻه ڇيڙا آهن، جنهن مان اولهندي ٻيٽ کي ڏنگي ۽ اوڀرندي پاسي کي بنڊاڙ سڏيو وڃي ٿو. عالمي سطح تي ماحول جي بچاءَ جي لاءِ ڪم ڪندڙ اداري آءِ يو سي اين جي تيار ڪيل پاڪستان ۾ تمام وڏي ترجيح وارن علائقن بابت رپورٽ موجب اهو ٻيٽ بنڊاڙ / کپرانوالا / موچاڪا وارن ٻيٽن جو حصو آهي، جيڪو آءِ يو سي اين پاران حساس ماحولياتي علائقو پڻ قرار ڏنل آهي. ٻيٽن جو اهو سلسلو 17850هيڪٽر ايراضيءَ تي پکڙيل آهي ۽ اهو سنڌ جي ساحلي پٽيءَ جي اولهندي ڇيڙي تي ڪورنگي، ڦٽي ۽ جهري ڪريڪن جي لڳولڳ آهي. انهن ٻيٽن جي بابت سنڌ حڪومت جي دعوى آهي ته اهي ٻيٽ پورٽ قاسم اٿارٽيءَ کي ليز تي نه ڏنا ويا هئا. ايستائين جو پورٽ قاسم اٿارٽي کي بندرگاهه سان لاڳاپيل ڪمن ڪارين لاءِ ليز تي ڏنل ايراضي ۾ به اهي ٻيٽ شامل نه هئا پر اڳوڻي وزير اعظم شوڪت عزيز 14 آڪٽوبر 2006ع تي پنهنجي ڪراچيءَ جي دوري ۾ اهو فرمان جاري ڪيو ته، زمين پورٽ قاسم اٿارٽيءَ جي آهي.
    2006ع ۾ جڏهن ارباب رحيم سنڌ جو وڏو وزير هو، تڏهن به دبئيءَ جي هڪ وڏي ريئل اسٽيٽ ڪمپني عمار پراپرٽيءَ کي اهي ٻيٽ وڪرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي. عمار ان رٿا تي 43 ارب ڊالر سيڙائڻ جو واعدو ڪيو هو. 13 سالن اندر هڪ نئون شهر اڏڻ واري رٿا ۾ عمار جو حصو 85 سيڪڙو هجي ها. جڏهن ته پورٽ قاسم اٿارٽيءَ جو رٿا ۾ حصو 15 سيڪڙو هو. ان سودي کي ايترو ته ڳجهو رکيو ويو هو جو سنڌ جي تڏهوڪي وڏي وزير ارباب رحيم پاڻ اهو چيو هو ته وفاقي حڪومت اهڙي ڪنهن به فيصلي کان اڳ سنڌ سرڪار کي اعتماد ۾ نه ورتو هو، ان ڪري سنڌ سرڪار ان معاملي تي وفاقي حڪومت سان ڳالهائيندي پر اڳتي هلي سنڌ سرڪار هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا. سول سوسائٽي ۽ ماحوليات تي ڪم ڪندڙ ڌرين ان رٿا جي مخالفت ڪئي ۽ بعد ۾ چپ چپات ۾ ان رٿا مان هٿ ڪڍيا ويا.
    پيپلز پارٽيءَ ان دور ۾ انهن ٻيٽن جي وڪري خلاف سخت موقف اختيار ڪيو هو. اڄوڪو وزيراعلى قائم علي شاهه، صوبائي سيڪريٽري جنرل تاج حيدر، سينيٽر رضا رباني، نثار کهڙو، سيد مراد شاهه ۽ ٻيا ڪيترائي اهم پ پ اڳواڻ ان رٿا کي سنڌ جا اثاثا نيلام ڪرڻ جي سازش قرار ڏيندا رهيا. اڄ ان ئي پارٽيءَ جي حڪومت ۾ جڏهن اهي ساڳيا همراهه اقتدار جي ڪرسين تي ويٺل آهن ته اهي ساڳيا ٻيٽ بحريا ٽائون کي وڪرو ڪيا ويا آهن. 11 مارچ 2013ع تي آمريڪي سيڙپڪار ٿامس ڪريمر ۽ ملڪ رياض جي وچ ۾ مفاهمت يا يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون، جنهن هيٺ آمريڪي سيڙپڪار ۽ بحريا ٽائون سيف سٽي نالي اڏاوتي رٿا کي عمل هيٺ آڻيندا. بحريا ٽائون جي ترجمان موجب اهو شهر ڏهن سالن اندر مڪمل ٿيندو، جنهن ۾ دنيا جي سڀ کان اوچي عمارت، بين الاقوامي معيار جا شاپنگ سينٽر ۽ ٻيون اهم رٿائون تعمير ڪيون وينديون. اخباري خبرن موجب ان رٿا تي 15 کان 20 ارب ڊالر خرچ ٿيڻا هئا. بهرحال سنڌ واسين جي سخت مزاحمت ۽ ٻيٽن جي مالڪيءَ واري تڪرار سبب اها رٿا هن وقت رولڙي جو شڪار آهي.

    (2) شگرلينڊ سٽي:
    2007ع ۾ اهو انڪشاف ٿيو ته ڪراچيءَ جي اولهه ۾ هاڪس بي واري ساحلي پٽيءَ تي 60 هزار ايڪڙن تي هڪ نئون شهر ”شگرلينڊ سٽي“ تعمير ڪيو پيو وڃي، جنهن تي 68 ارب ڊالر خرچ ڪيا ويندا. اهو شهر ٺاهڻ لاءِ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۽ دبئيءَ جي ڪمپني نخيل وچ ۾ ٺاهه ٿيو. ايم ڪيو ايم جو تڏهوڪو ناظم مصطفيٰ ڪمال ان رٿا کي عمل هيٺ آڻڻ لاءِ تمام گهڻو سرگرم رهيو. اڳتي هلي دبئيءَ ۾ پيدا ٿيل مالي بحران ۽ سنڌ ۾ ان رٿا جي سخت مخالفت سبب اها رٿا عمل هيٺ نه اچي سگهي.

    (3) ذوالفقار آباد:
    پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ٺٽي جي ساحلي پٽيءَ تي هڪ نئون پورٽ سٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
    28 مئي 2009ع تي ملڪ جي صدر آصف زرداريءَ جي سرواڻي هيٺ ڪراچي ۾ هڪ گڏجاڻيءَ ۾ اهو طئي ڪيو ويو ته سنڌ ۾ ”جهرڪ“ نالي هڪ نئون شهر قائم ڪيو ويندو، جيڪو جهمپير کان سنڌ جي ساحل تائين پکڙيل هوندو. مختصر اعلان نامي ۾ ان شهر قائم ڪرڻ جو هڪ ئي ڪارڻ ڄاڻايو ويو ته ملڪ ۾ اسلام آباد کان پوءِ ڪو نئون شهر نه ٺهيو آهي، تنهن ڪري ”جهرڪ“ شهر کي اڏيو ويندو. ان پڌرائيءَ ۾ نئين شهر اڏڻ جي ڪارڻن يا شهر بابت ڪجهه به وڌيڪ تفصيل نه ڄاڻايا ويا. ان کانپوءِ هينئر تائين سنڌ يا وفاقي سرڪار ان بابت ڪا به وڌيڪ ڄاڻ عوام اڳيان نه آندي آهي سواءِ ان جي ته ان شهر جو نالو هاڻي ذوالفقار آباد رکيو ويو آهي. جيتوڻيڪ زرداري صاحب اهو شهر ٺاهڻ جو باضابطه حڪم هاڻي جاري ڪيو آهي پر سنڌ ۾ سندس اتحادي جماعت پاران ان شهر بابت سوچ ويچار اڳي ئي هلندڙ هو ۽ ماڻهن کي ضرور ياد هوندو ته گذريل حڪومت دوران رٿيل ڪوسٽل هاءِ وي جي آس پاس ڪراچيءَ جي واپارين ۽ سيڙپڪارن تمام گهڻي زمين خريد ڪري ورتي هئي. گهاري ۽ ڀرپاسي ۾ جيڪا ايڪڙ ايراضي ڪير هزارن ۾ نه وٺندو هو، ان جو ملهه لکن تي وڃي پهتو ۽ چيو وڃي ٿو ته ڪراچيءَ کان گهاري، ڀنڀور ۽ ڪيٽي بندر ڏانهن ويندڙ رستن جي ٻنهي پاسي هزارين ايڪڙ زمين گذريل حڪومت دوران ڪراچيءَ جي رهواسين خريد ڪري ورتي آهي. خود گهاري جي ڀرپاسي ۾ وڏي انگ ۾ فارم هائوسز ٺهڻ لڳا، جتي ڪراچيءَ جا مالدار رهواسي ويڪ اينڊ نائٽس تي هفتي جو ٿڪ ڀڃڻ وڃن ٿا. 2007ع ۾ سنڌ سرڪار ونڊ مل رٿا لاءِ ٺٽي ضلعي ۾ 4500 ايڪڙ زمين نجي ڪمپنين حوالي ڪري ڇڏي هئي، جنهن جي ماليت 600-ارب رپيا ٻڌائي وڃي ٿي. جڏهن ته گذريل حڪومت ٻيٽن ۽ هاڪس بي تي به نوان شهر ٺاهڻ جو اعلان ڪيو هو پر اهو رولڙي جو شڪار ٿي ويو. ملير ۽ گڏاپ طرف زمينن تي والار ڪرڻ کانپوءِ پراڻي نيشنل هاءِ وي وارو ئي هڪ پاسو بچيل آهي، جنهن طرف ڪراچيءَ کي پکيڙي پيو سگهجي. سنڌ جي ماڻهن کي ضرور ياد هوندو ته ڪجهه وقت اڳ ڪوسٽل ضلعو ٺاهڻ جون به خبرون عام هيون ۽ گذريل حڪومت ۾ ڪيٽي بندر وٽ نئون پورٽ تعمير ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو هو. ان سڄي تصوير کي ذهن ۾ رکجي ته ”جهرڪ“ شهر جي اڏاوت جي فيصلي جا ڪارڻ سمجهه ۾ اچي وڃن ٿا. اهي سموريون رٿائون سنڌ ۾ ڌاري آباديءَ جي نون ڪٽڪن لاءِ رستا هموار ڪنديون.


    سنڌ جي ساحلي پٽيءَ تي ڪنهن جي اک آهي؟

    سنڌ ۾ ڌاري آباديءَ جو وڌندڙ اهو دٻاءُ سنڌ جي وحدت لاءِ تمام وڏو خطرو آهي. ان ڳالهه ۾ هاڻي ڪو به شڪ ناهي ته ڪراچي سميت سنڌ جي سموري ساحلي پٽي، بين الاقوامي مفادن جي سياست جو محور آهي. آمريڪا، برطانيا ۽ چين جي علائقائي مفادن جي ٽڪراءَ ۽ مقامي سطح تي مختلف لساني ڌرين جي مفادن جي ويڙهاند جو مرڪز ڪراچي آهي. ٻئي طرف ٿر ۾ ڪوئلي جا وڏا ذخيرا ملڻ کان پوءِ نه رڳو ساحلي پٽي پر ان سان ڳنڍيل ٿر جو علائقو پڻ توانائيءَ جي نئين مرڪز طور اهميت اختيار ڪيو ويو آهي.
    ڪراچي شروع کان مخصوص قوتن جي خواهشن جو مرڪز رهيو آهي ۽ وقت بوقت ڪراچيءَ کي الڳ صوبو ۽ الڳ رياست بنائڻ وارين خواهشن جو اظهار ۽ انهن سازشن جو انڪشاف ٿيندو پئي رهيو آهي.
    ڪراچيءَ کي الڳ شهري رياست ٺاهڻ پٺيان وڏين طاقتن جي مفادن کي سمجهڻ لاءِ اچو ته ٿورو ڪراچيءَ جي موجوده بيهڪ کي سمجهون:
    ڪراچي ڏکڻ ايشيا ۾ هندي سمنڊ (عربي سمنڊ) تي واقع آهي. عربي/هندي سمنڊ جي ڪناري سان ڪراچيءَ جي اوڀر ۽ ڏکڻ ۾ ايشيا ۽ پئسفڪ جا وڏا ساحلي شهر آباد آهن، جن ۾ ممبئي، مدراس، ڪولمبو، ڪلڪتو، رنگون (برما) ملاڪا (ملائيشيا)، سنگاپور، بئنڪاڪ، هانگ ڪانگ، ۽ تائيوان کان سواءِ چين، جاپان ۽ ڪوريا جي سال تي آباد اسريل جديد صنعت ۽ ٽيڪنالاجي جا سرواڻ شهر شامل آهن، ڪراچيءَ جي اولهه پاسي مسقط، دبئي، ايران ۽ ان کان اڳتي سعودي عرب ڏانهن لنگهه آهن. ڏاکڻي طرف آفريقا جو کنڊ آهي، جيڪو قدرتي وسيلن سبب بک ۽ بدحاليءَ جو شڪار بڻيل رهيو آهي پر هوريان هوريان عالمي وڻج واپار ۾ اهم خطو ٿي اڀري رهيو آهي. انهن سمورن ساحلي ملڪن ۽ شهرن جو نقشو سامهون رکڻ سان معلوم ٿيندو ته ڪراچي پنهنجي جاگرافيائي بيهڪ جي لحاظ کان تمام اهم شهر آهي. شهر اندر ٻه اهم پورٽس يعني ڪراچي پورٽ ۽ قاسم پورٽ ان جي جاگرافيائي اهميت کي وڌائين ٿا. اولهه طرف گوادر ۽ اوڀر طرف ڪيٽي بندر جي شڪل ۾ مستقبل جو پورٽ سموري ساحلي پٽيءَ جي اهميت حڪمت عمليءَ جو لحاظ کان وڌائي ڇڏين ٿا. سنڌ جي ساحلي پٽيءَ سان لاڳاپيل ٿر جو ڪوئلو توانائيءَ جي املهه ذخيري جي شڪل ۾ ان سڄي پٽيءَ کي سياسي توڙي معاشي لحاظ کان غير معمولي طور اهم بنائي ڇڏي ٿو. اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته ساحلي پٽي سڄي دنيا ۾ معيشت جي لحاظ کان اهم ترين علائقو هجي ٿي. هن وقت ست ارب آدم جي دنيا ۾ اٽڪل 3 ارب ماڻهو ساحلي پٽيءَ جي 200 ڪلوميٽرن جي اندر آباد آهن ۽ ساحلي شهرن ۾ آباديءَ جي گهاٽائي 80 ماڻهو في چورس ڪلوميٽر آهي، جيڪا سراسري آدم گهاٽائيءَ جو ٻيڻو تعداد آهي. دنيا جي سڀ کان وڏن 17 شهرن مان 14 ساحلي پٽيءَ تي آباد آهن. ان پسمنظر ۾ ڪراچيءَ جي معاشي ۽ سياسي اهميت تمام وڏي آهي.
    عربي، هندي ۽ ڏاکڻي چيني سمنڊ جي معاشي ۽ فوجي اهميت ان ڪري به وڌيڪ آهي، جو دنيا جون ٽي سگهاريون معاشي ۽ فوجي طاقتون ان خطي ۾ واقع آهن، جن ۾ چين، جاپان ۽ ڀارت شامل آهن. گذريل ٻن ڏهاڪن دوران چين نه رڳو هڪ زبردست معاشي طاقت ٿي اڀريو آهي پر فوجي ۽ سفارتي طاقت وسيلي هو ايشيا پئسفڪ ۽ آفريقا اندر آمريڪي مفادن لاءِ هوريان هوريان ڳڻتيءَ جي شڪل اختيار ڪري رهيو آهي. پنهنجي آس پاس ۾ جاپان، فلپائين، تائيوان، ڪوريا ۽ ڀارت سان ڇڪتاڻ وارا سرحدي ناتا رکڻ سان گڏ چين انهن سمورن ملڪن، پاڪستان، روس، ايران ۽ ڪيترن ئي آفريقي ملڪن سان تمام گهرا اقتصادي ناتا قائم ڪري هن خطي اندر آمريڪي مفادن لاءِ جيڪڏهن ڪو وڏو خطرو نه، تڏهن به ڳڻتيءَ جو ڪارڻ ضرور بڻيل آهي. افغانستان ۽ پاڪستان هن خطي ۾ واحد ٻه وڏا ملڪ آهن، جتي آمريڪا جا پير ڪنهن حد تائين کتل آهن ۽ هزارين ميل پري هجڻ جي باوجود اهو هن خطي اندر هڪ اهم فوجي طاقت بڻيل آهي. فلپائين ۽ جاپان سان فوجي ناتا بهتر بنائي هن خطي اندر چين جي پکڙجندڙ فوجي طاقت کي ضابطي ۾ آڻڻ لاءِ آمريڪا ڏکڻ ايشيا ۽ عربي/هندي/چيني سمنڊ ۾ پنهنجي فوجي سگهه جو توازن بهتر بنائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيو آهي. پنهنجي فوجي ۽ سفارتي سگهه جو وڏو حصو افغانستان ۾ سڌي جنگ ۽ ايران سان سرد جنگ ۾ خرچ ڪندڙ آمريڪا هوريان هوريان هن خطي ۾ چين کي پکڙجڻ کان روڪڻ لاءِ مختلف حڪمت عمليون ٺاهڻ ۽ انهن کي عمل هيٺ آڻڻ ۾ رڌل آهي. هن خطي جي سامونڊي نقشي کي غور سان ڏسڻ سان ٻه اهم سامونڊي لنگهه نظر اچن ٿا، اوڀر طرف ملاڪا جو لنگهه (Strait of Malacca) آهي، جنهن جي هڪ طرف سماترا جو ٻيٽ آهي ۽ ٻئي پاسي ملائيشيا ۽ سنگاپور آهن. اولهه طرف هر موز جو سامونڊي لنگهه (Strait of Hormuz) آهي، جيڪو عربي سمنڊ کي ايراني نار (Persian Gulf) سان ڳنڍي ٿو. انهن ٻنهي سامونڊي لنگهن جي وچ ۾ ڪراچي واقع آهي، ڪراچي البته هرموز جي لنگهه کي وڌيڪ ويجهو آهي.
    هاڻي اچو ته انهن ٻنهي لنگهن جي اهميت کي سمجهون. ملاڪا جو لنگهه ڏاکڻي چيني سمنڊ کي عربي/هندي مکيه سمنڊ سان ڳنڍي ٿو. وڏن کنڊن وچ ۾ ٿيندڙ واپار جو 90 سيڪڙو سمنڊ وسيلي ٿئي ٿو ۽ تيل جي ٻه ڀاڱي ٽي حصو سپلاءِ سامونڊي رستي تان ٿئي ٿي. هڪ ڪاٿي موجب، سامونڊي رستي سان ٿيندڙ واپار جا 50 سيڪڙو جهاز ملاڪا جي لنگهه مان گذرن ٿا، جيڪي اڳتي هلي هندي سمنڊ ۾ داخل ٿين ٿا ۽ هڪ ڪاٿي موجب، دنيا جا اڌ سامونڊي ٽينڪر هن سامونڊي خطي کي استعمال ڪن ٿا. ايراني نار کان وچ اوڀر ۽ پئسفڪ وچ ۾ سمند وسيلي پيٽروليم شين جو 70 سيڪڙو واپار هلي ٿو. جيئن جيئن ڀارت ۽ چين اقتصادي طاقت طور اڀري رهيا آهن، تيئن تيئن هن سامونڊي خطي مان پيٽروليم ۽ واپاري شين جي سامونڊي ٽرانسپورٽ ۾ واڌ اچي رهي آهي. هڪ ڪاٿي موجب، 2030ع تائين دنيا اندر توانائيءَ جو اڌو اڌ واهپو رڳو چين ۽ ڀارت ۾ ٿي رهيو هوندو. هن وقت آمريڪا کان پوءِ چين دنيا ۾ ٻيو نمبر وڏي معيشت آهي ۽ ان حساب سان ان جون توانائي گهرجون وڌي رهيون آهن، جڏهن ته توانائي ڊوڙ ۾ جاپان ٽيون ۽ ڀارت چوٿون نمبر ملڪ آهي. 90 سيڪڙو تيل تي توانائيءَ جو دارومدار رکندڙ ڀارت ۽ چين لاءِ اهم ترين سامونڊي لنگهه ملاڪا ۽ هرموز جا سامونڊي لنگهه آهن. 2025ع تائين ڀارت ان ڊوڙ ۾ جاپان کي پٺتي ڇڏي ٽيون نمبر ٿي ويندو. اهڙي طرح دنيا اندر توانائيءَ جا ٽي وڏا مرڪز هن سامونڊي خطي ۾ واقع هوندا. چين اٽڪل 30 سالن کان ساليانو ڏهه سيڪڙي جي لڳ ڀڳ معاشي واڌ حاصل ڪري رهيو آهي. 1995ع کان 2005ع جي وچ ۾ ان جي تيل جي کپت ٻيڻي ٿي آهي. سعودي عرب جي تيل جي پيداوار جو اڌ حصو چين ڏانهن برآمد ٿئي ٿو. مجموعي طور چين جي تيل جو 85 سيڪڙو گذر هرموز ۽ ملاڪا جي سامونڊي لنگهن مان ٿئي ٿو. هندي ۽ چيني سمنڊن کي ڳنڍيندڙ ملاڪا جي سامونڊي لنگهه کي ٻيون اهم علائقائي معاشي طاقتون ڪاروباري ٽرانسپورٽ لاءِ استعمال ڪن ٿيون، انهن ۾ جاپان، ڪوريا، تائيوان، فلپائين، هانگ ڪانگ، سنگاپور، چين، ڪمبوڊيا، ويٽنام، ٿائلينڊ، انڊونيشيا ۽ ملائيشيا شامل آهن. يعني ايشيائي ٽائيگر سڏائيندڙ آسيان (ASEAN) جون ڏکڻ اوڀر ايشيا جون اهم تجارتي طاقتون ان لنگهه تي تمام گهڻو دارومدار رکن ٿيون. اولهه طرف وري سريلنڪا، بنگلاديش ۽ سريلنڪا ان لنگهه تي واقع آهن، جتي پڻ اهم ڪاروباري پورٽ يا ته موجود آهن يا ٺهي رهيا آهن.
    ٻئي طرف سعودي عرب، ايران ۽ متحده عرب امارات جي تيل جو گذر هرموز جي سامونڊي لنگهه مان آهي. هيءُ خطو هن وقت تيل جي فراهميءَ جو سڀ کان وڏو ذريعو آهي ۽ دنيا جي تيل جو لڳ ڀڳ چاليهه سيڪڙو هن لنگهه مان گذري ٿو. هرموز جي سامونڊي لنگهه مان 2011ع ۾ سراسري طور روزانو پوڻا ٻه ڪروڙ بيرل تيل ٽرانسپورٽ ٿيندو رهيو آهي. ان تيل جو 85 سيڪڙو ايشيائي ملڪن جاپان، انڊيا، ڏکڻ ڪوريا ۽ چين ڏانهن ويندو رهيو آهي. ان لحاظ کان ڏسجي ته هرموز جو لنگهه حڪمت عمليءَ جي لحاظ کان تمام حساس آهي. هرموز جي لنگهه کان اٽڪل 240 ميلن جي مفاصلي تي گوادر جو پورٽ آهي. ياد رهي ته 250 ملين ڊالرن جي لاڳت واري گوادر پورٽ رٿا جو 80 سيڪڙو چين طرفان فراهم ڪيو ويو هو ۽ هينئر ان جو انتظام به چيني ڪمپنيءَ حوالي آهي. گوادر ۾ چين جي موجودگيءَ جو مطلب آهي عملي طور هرموز جي لنگهه مان گذرندڙ تيل جي ڪنٽينرز جي نگهباني ڪرڻ. ٿورو هيٺ اوڀر طرف سريلنڪا جي ساحلي شهر همبنتونا (Hambantota) وٽ ڪولمبو کان به بهتر ۽ جديد پورٽ تعمير ٿي رهيو آهي. ڪروڙين ڊالرن جي ان رٿا لاءِ موڙي چين جي چائنا امپورٽ، ايڪسپورٽ بئنڪ کان ورتي وئي آهي. بظاهر ڪاروباري نوعيت جي ان رٿا وسيلي چين ان خطي ۾ پنهنجي موجودگيءَ کي وڌيڪ سگهارو بنائي سگهي ٿو. بنگلاديش جي سامونڊي شهر چٽاگانگ ۾ ڪنٽينرز لاءِ هڪ وڏي سهولت جي اڏاوت ۾ به چين شامل آهي. برما جيڪو باقي دنيا جي سخت تنقيد هيٺ رهيو آهي، اتي فوجي ڊڪٽيٽرن کي چين دل کولي امداد ڏيندو رهيو آهي ته جيئن ان سامونڊي خطي ۾ پنهنجا پير مضبوط ڪري سگهي. برما ۾ روڊن ۽ پائيپ لائين منصوبن کان علاوه سامونڊي اڏا ٺاهڻ لاءِ پڻ چين مالي سهائتا ڪندو رهيو آهي. چين ان سڄي سامونڊي خطي ۾ پنهنجا پير مضبوط ڪرڻ واري پرامن ترقيءَ واري پاليسي کي String of Pearls (موتين مالها) جو عنوان ڏنو آهي. موتين جي اها مالها دراصل سياسي ۽ معاشي طاقت کي پکيڙڻ جي پاليسي آهي. آفريڪا اندر پڻ چين پنهنجي معاشي پکيڙ خاطر تمام وڏا تجارتي معاهدا ڪيا آهن. 2004ع ۾ آفريڪا اندر چين 900 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري ڪئي آهي. ان کان اڳ 2000ع ۾ چين، آفريڪا کي 1.2 ارب ڊالرن جو قرض معاف ڪيو ۽ 2003ع ۾ وڌيڪ 750 ملين ڊالرن جو قرض معاف ڪيائين. 2006ع ۾ چين طرفان ان خطي ۾ 60 ارب ڊالرن جا واپاري ٺاهه ڪيا ويا. 2007ع تائين چين ان علائقي ۾ 100 ارب ڊالرن جي سڌي سيڙپڪاري ڪري چڪو آهي. نتيجي ۾ چين اڄڪلهه تيل جو لڳ ڀڳ ٽيون حصو آفريڪي ملڪن مان درآمد ڪري رهيو آهي. سوڊان، گني، ڪانگو، نائجيريا ۽ انگولا چين لاءِ تيل جا تمام مکيه ذريعا آهن. تيل جي ان لنگهه لاءِ به هندي سمنڊ ۽ اڳتي هلي ملاڪا جو لنگهه استعمال ٿئي ٿو.
    هاڻي عربي/هندي سمنڊ جي ان سڄي نقشي ۾ ڪراچيءَ جي بيهڪ کي غور سان ڏسي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته آمريڪا ۽ چين ان خطي ۾ هڪ شديد سرد جنگ ۾ رڌل آهن. افغانستان جي ويڙهه جو نبيرو ڪرڻ کانپوءِ آمريڪا ان جنگ لاءِ وڌيڪ وقت ۽ وسيلا ڪڍي سگهندو. هرموز جي لنگهه وٽ ايران سان آمريڪا جو تڪرار ڏينهون ڏينهن شدت اختيار ڪري رهيو آهي، جڏهن ته فلپائين ۽ تائيوان جي چين سان ڇڪتاڻ ۾ آمريڪا سڌي سنئين ڌر بڻيل آهي. ڏکڻ ايشيائي عربي /هندي سمنڊ ۾ هندستان، پاڪستان، ايران ۽ متحده عرب امارات مان آمريڪا جي بهتر سياسي ۽ فوجي پهچ پاڪستان ۽ عرب امارات سان آهي پر بهرحال پاڪستان جي سياسي اهميت تمام مختلف آهي. تنهن ڪري هن خطي ۾ چين جو ساسي، معاشي ۽ فوجي اثر روڪڻ لاءِ پاڪستان، آمريڪا لاءِ سرد جنگ جي هن نئين دور ۾ نهايت اهم آهي. اها ئي سياسي بار گيننگ آهي جو آمريڪا ڪانگريس جي خاص ڪاميٽيءَ واري گڏجاڻيءَ ۾ بلوچستان بابت بحث دوران بلوچ نمائندن آمريڪا کي خاطري ڏني ته جيڪڏهن سندن آجپي ۾ مدد ڪئي وڃي ته هو گوادر پورٽ جو انتظام آمريڪا حوالي ڪرڻ ۽ پاڪ-ايران گئس پائيپ لائين رٿا ختم ڪرڻ ۾ آمريڪا جي واهر ڪندا. چين جي اثر هيٺ آيل گوادر پورٽ کي ڇڏائڻ لاءِ آمريڪا کي اها آڇ ظاهري طور موهيندڙ لڳندي. جيڪڏهن ان کان ڪجهه سؤ ميلن جي مفاصلي تي ڪراچي پورٽ به اهڙي ئي ڪنهن وفادار طاقت جي هٿ ۾ هجي ته پوءِ آمريڪا کي ٻيو ڇا کپي. اهو ئي سبب آهي جو ڪراچيءَ اندر ايم ڪيو ايم ۽ اي اين پي ٻئي ڪراچيءَ جي مالڪيءَ جي دعويداريءَ تي رتوڇاڻ ۾ رڌل رهيون آهن. ٻئي ڌريون آمريڪا کي اهو تاثر ڏيڻ چاهين ٿيون ته ڪراچيءَ ۾ اصل طاقت جي مالڪي انهن وٽ آهي. جيستائين اي اين پي ڪراچيءَ اندر سياسي مالڪيءَ جي دعويداري نه پئي ڪئي، ايم ڪيو ايم کي پٺاڻن سان ايڏا شديد مسئلا نه هئا. هاڻي ڪراچي الڳ صوبو بڻائي ان کي ساحلي پٽي ۽ ٿر تائين پکيڙڻ جي ڳالهه ڪري هڪ ڌر آمريڪا کي اهو نياپو ڏيڻ گهري ٿي ته اسان کي هي شهر ۽ ساحلي پٽي ملي وڃي ته عربي سمنڊ ۾ هڪ وڌيڪ وفاداري طاقت توهان جي واهر لاءِ حاضر هوندي. گوادر ۽ ڪراچي جهڙا اهم پورٽ سٽي جيڪڏهن آمريڪي وفادار طاقتن وٽ هجن ته ڏکڻ ايشيا ۾ چين جي فوجي پکيڙ کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ آمريڪا کي هڪ مضبوط سهولت موجود هوندي. هتان ويهي ايران کي به اکين ڏيکاري سگهبيون ته چين کي به داٻي ۾ رکي سگهبو. ان تصوراتي خاڪي اندر ڪراچي سميت سڄي ساحلي پٽيءَ جي الڳ ڪرڻ واري مامري کي سمجهي سگهجي ٿو. پاڪستان جي ملٽري اسٽيبلشمينٽ تي مڪمل ڀروسو نه هجڻ سبب آمريڪا لاءِ سامونڊي شهر ڪنهن وفادار طاقت وٽ هجڻ سياسي ۽ عسڪري لحاظ کان نهايت اهم آهي. جيئن جيئن پاڪستان جي ملٽري اسٽيبلشمينٽ سان آمريڪا جا ناتا خراب ٿي رهيا آهن، بلوچستان جي آجپي جي تحريڪ به نوان رخ اختيار ڪري رهي آهي ته سنڌ اندر الڳ صوبي جو ڊرامو به زور وٺي رهيو آهي. صاف ظاهر آهي ته جيڪڏهن آمريڪا ڪنهن موڙ تي اهڙو فيصلو ڪيو ته پوءِ اهو رڳو الڳ صوبو نه پر الڳ ساحلي رياست جي شڪل اختيار ڪري سگهي ٿو. ڏکڻ ايشيا جي عربي/ هندي سمنڊ ۾ عالمي طاقتن جي ان نئين سرد جنگ ۾ ڪراچي هڪ اهم مرڪز بڻجي سگهي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو اوچتو ئي اوچتو ڪراچيءَ جي محروميءَ جو بي بنياد راڳ شروع ڪيو ويو آهي. اهو سمورو درامو ان وڏي رٿابنديءَ ۾ حصو پتي وٺڻ جي ڪوشش جو حصوآهي. عملي طور اهو سڀ ڪجهه ڪيئن ممڪن هوندو، ان سان سؤ سوال سلهاڙيل آهن پر اهو سڀ ڪجهه رڳو ڪجهه غير معروف ماڻهن جي دماغ جو فتنو ناهي، ان مطالبي واري ڊرامي پٺيان تام گهرا مفاد سلهاڙيل آهن، جيڪي وقت سان گڏ وڌيڪ وائکا ٿيندا. ياد رکڻ گهرجي ته عالمي طاقتن جا ناتا ۽ فيصلا اصولن يا قدرن آڌار نه پر مفادن آڌار ٿيندا آهن. ڪراچي مفادن جي ان راند ۾ هڪ اهم ميدان بڻجي سگهي ٿو.
    هن وقت پاڪستان هڪ خطرناڪ اندروني ڏڦيڙ جو شڪار آهي. سول- ملٽري ناتا هميشه جيان ڇڪتاڻ جو شڪار آهن. مٿان وري مذهبي انتهاپسندي ڏينهون ڏينهن مضبوط ٿي رهي آهي. وچ اوڀر ۾ مضبوط ٿيندڙ انتهاپسند طاقتن لاءِ پاڪستان هڪ اهم مورچو آهي ۽ ڪنهن مرحلي تي اهي ملڪ اندر پنهنجي حامين وسيلي ڏڦيڙ پيدا ڪري سگهن ٿيون.جيڪڏهن ملڪ اندر ڪا انارڪيءَ واري صورتحال پيدا ٿئي ٿي ته سنڌ ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سڀني کان وڌيڪ نقصان جو شڪار ٿيندي. ان اندازي لاءِ مون کي هيٺيان ڪارڻ نظر اچن ٿا.
     سنڌ گهڻ لساني صوبو هجڻ سبب اتي جي مقامي آباديءَ مٿان ٿورائيءَ ۾ تبديل ٿيڻ جي تلوار ٽنگيل آهي. آباديءَ جي عدم توازن سبب سنڌين لاءِ خاص ڪري ڪراچي شهر جي مالڪي ڏکي ٿي وئي آهي. البته گذريل ڪجهه سالن اندر ڪراچيءَ ۾ اردو ڳالهائيندڙن کان سواءِ پختون ۽ بلوچ ڌرين جي مضبوط ٿيڻ کان پوءِ ان شهر مٿان ڪنهن اڪيلي ڌر جي قبضي وارو خواب ساڀيان ٿيندي نظر نه ٿو اچي.
     هن خطي جو حڪمت عمليءَ جي لحاظ کان اهم ترين پورٽ سٽي هجڻ سبب ڪراچي هر ڌر لاءِ جيئڻ مرڻ جو معاملو آهي. شهر ۾ اڳي ئي گهرو ويڙهه جهڙيون حالتون آهن ۽ ڪنهن انارڪيءَ جي حالت ۾ اهو شهر مختلف هٿياربند گروهن هٿان ڀـيانڪ رتوڇاڻ جي ور چڙهي سگهي ٿو. لساني نه پر هاڻي ته انتهاپسند مذهبي ڌرين به ان شهر ۾ ڀائيواري ڪري ورتي آهي. اها صورتحال انتهائي ڳڻتيءَ جوڳي آهي. سنڌ ۾ ڪا به اهڙي قدآور سياسي شخصيت ناهي جيڪا سمورين لساني ڌرين کي ساڻ کڻي گڏيل مفادن لاءِ ميدان هموار ڪري سگهي. ڪنهن به انارڪيءَ جي صورتحال ۾ ڪراچي جي مالڪي/ وڏي ويڙهاند جو بنياد بڻجندي. جيتوڻيڪ ڪراچي شهر اندر سنڌي ڪا سگهاري ڌر شايد نه هجن پر صوبي جي مجموعي بيهڪ اندر سنڌين کي ٻاهر رکي، ڪراچيءَ بابت ڪو به فيصلو ڪرڻ ممڪن نه هوندو. عالمي طاقتون هن خطي اندر ڪراچيءَ ۽ مجموعي طور ڏاکڻي سنڌ جي ساحلي پٽيءَ تي پنهنجي وفادار طاقتن جو قبضو ڏسڻ چاهينديون، ان ڊوڙ ۾آمريڪا ۽ سندس اولهه وارا اتحادي هڪ پاسي ۽ چين ٻئي پاسي ڌر هوندا.
    سنڌ ۾ ڪنهن به قسم جي انارڪي پيدا ٿي ته اهڙي صورتحال ۾ سڀ کان گهڻي نڌڻڪائي سنڌين جي ڀاڱي ۾ ايندي، ان جو اهم ڪارڻ سنڌين جي ڪمزور نمائندگي آهي. سنڌي وڏيرا جنهن به پارٽيءَ ۾ هجن، هميشه سگهارين ڌرين جو پاسو وٺندا ۽ عام سنڌين جي مفادن جي کين ڪا ڳڻتي نه هوندي سنڌي وچولو طبقو پيپلز پارٽيءَ جي مهربانين سان حددرجي جو ڪرپٽ ٿي چڪو آهي ۽ ان مان سنڌ جي مفادن جي نگهبانيءَ جي اميد اجائي آهي. نئينءَ مان وڏيرا ٿيل وچولي طبقي جا ڪرپٽ همراهه موقعي پرستيءَ ۾ وڏيرن کي به مات ڏئي ڇڏيندا. سنڌ ۾ قومي وجود ۽ بنيادي مفادن جي حوالي سان هميشه متحرڪ ڪري ڪارائتو ڪردار ادا ڪنديون رهيون آهن پر جنهن شديد انتهائي خطرناڪ صورتحال ۽ ملڪي سطح جي انارڪيءَ جو انديشو آهي ان کي منهن ڏيڻ واري گهربل سگهه قومپرست ڌرين ۾ في الحال نظر نه ٿي اچي. انارڪيءَ جي قوتن جي هر محاذ تي مزاحمت ڪرڻ، بين الاقوامي فورمن ۽ عالمي طاقتن سان ميز تي پنهنجي شرطن تي ڳالهائڻ ۽ بکين بگهڙن اڳيان سنڌ جي وحدت کي سلامت رکڻ ڪو چرچو نه هوندو. ان وڏي چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ جنهن قسم جي سگهاري منظم تنظيم گهرجي، ان جي کوٽ چٽيءَ طرح موجود آهي. ها البته قومپرستن ۾ اها صلاحيت موجود آهي ته جيڪڏهن اهي پنهنجا رويا تبديل ڪن ۽ قومي سياست کي گهربل سطح جي سنجيدگيءَ سان قيادت فراهم ڪن ته اهي بحراني صورتحال ۾ سنڌين جي نمائندگي ڪري سگهن ٿا. ياد رهي ته هتي ڪنهن عام رواجي روز مره جي مسئلن جو نه پر عراق جهڙي ڳنڀير بحران واري صورتحال کي سامهون رکي سوچڻو پوندو. اهو چئلينج اسان جي سوچ کان هزار ڀيرا وڌيڪ خطرناڪ هوندو. اهڙي صورتحال کي رڳو اخباري بيانن، ضلعي هيڊ ڪوارٽرن ۾ مظاهرن ۽ پريس ڪلبن اڳيان بک هڙتالن سان منهن نه ڏئي سگهبو. ان قسم جي امڪاني صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تمام وڏي سطح جي سياسي سگهه ۽ سنجيده روين جي ضرورت آهي، ڊيموگرافيءَ جي تبديلي ۽ مذهبي انتهاپسندي به موتمار چئلينج آهن، جن کي منهن ڏيڻ لاءِ اثرائتي حڪمت عملي گهرجي.
    ڪنهن به انتهائي صورتحال ۾ سنڌين لاءِ سڀ کان اهم مسئلو اثرائتي نمائندگيءَ جو هوندو، سنڌ کي هڪ اهڙي منظم، محب وطن سياسي نمائندگيءَ جي ضرورت آهي جيڪا جديد دور جي چئلينجن جي ڳنڀيرتا کي سمجهندي هجي. هن وقت سنڌ ۾ ان سطح جي ڪا نمائنده ڌر نظر نه ٿي اچي ۽ اها ئي سنڌ واسين لاءِ سڀ کان وڏي ڳڻتيءَ جوڳي ڳالهه آهي.
    البته هڪ اميد سنڌ جي ان اجتماعي سياسي ۽ مزاحمتي شعور مان آهي جيڪو هميشه مصيبت جي وقت سيهي جي ڀت بڻجي پوندو آهي. سياسي قيادت جي ڪمزوريءَ جو خال رڳو اجتماعي عوامي قومي شعور ڀري سگهي ٿو. اهو اجتماعي شعور اهڙي انتهائي صورتحال ۾ ڪهڙي شڪل اختيار ڪندو، ان بابت اڳڪٿي ڪرڻ مشڪل آهي پر مايوسيءَ جي اٿاهه انڌيرن ۾ اميد جو ڪرڻو وري به سنڌ جو اجتماعي سياسي شعور آهي.
    ان سموري پسمنظر ۾ ڏسجي ته سنڌ ۾ ڊيموگرافيءَ جي ردوبدل سنڌين مٿان ڪنهن تلوار جيان لٽڪيل آهي. آباديءَ جو توازن جيڪڏهن سنڌين جي حق ۾ نه رهيو ته پوءِ سنڌي به فلسطينين وانگر پنهنجي ڌرتيءَ تي مڪمل طور غلام بڻجي ويندا. ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته اهو معاملو هاڻي مذمتن ۽ مطالبن کان گهڻو اڳتي نڪري چڪو آهي. سنڌين کي ڌاري آبادڪاري روڪڻ لاءِ هڪ منظم سياسي حڪمت عمليءَ جي ضرورت آهي. ٻي صورت ۾ وقت هٿن مان نڪري ويندو.


    حوالا

    1. Daniel Haines, Building the Empire, Building the Nation-Development, Legitimacy and Hydro-Politics in Sind, 1919-1969 (Oxford University Press, 2013)
    2. Richard D. Lambert, Hindu-Muslim Riots (Oxford University Press, 2013)
    3. G.M. Syed, The Case of Sindh (Fiction House Lahore, 2012)
    4. Arif Hasan with Mansoor Raza, Immigration and Small Towns in Pakistan(Oxford University Press, 2011)
    5. Robert D. Kaplan, Monsoon-The Indian Ocean and the Future of American Power (Random House Trade Press, New York, 2010)
    6. Tanvir Ahmad Tahir, Political Dynamics of Sindh 1947-1977(Pakistan Study Centre, University of Karachi, 2010)
    7. Sarah Ansari, Life After Partition-Migration, Community and Strife in Sindh 1947-62 (Oxford University Press, 2005)
    8. Shahzad Manzar, Sindh ke Nasli Masael (Fiction House Lahore, 1994)
    9. Mushtaq Rahman, Land and Life in Sindh Pakistan (Feroz Sons Ltd Lahore, 1993)
    10. Prof. Aziz ud Din Ahmed, Kia ham ikathey reh saktey hein?(Maktaba-e- Fiker-w-Danish, 1988)
    11. Population and Census Organization, Statistics Division, GoP: Provincial Census Report of Sindh 1998
    12. Population and Census Organization, Statistics Division, GoP: Housing Economic and Demographic Survey-1973 Volume-II, Part V, Statistical Tables Sind
    13. Population and Census Organization, Statistics Division, GoP: Population Census of Pakistan 1972, Statistical Report of Sindh
    14. Ministry of Home and Kashmir Affairs, GoP: Population and Census Organization, Statistics Division, GoP: Census of Pakistan Population 1961, Volume I
    15. H.T Lambrick: Census of India, 1941 Volume XII Sindh
    16. A.H. Dracup and H.T Sorley: Census of India 1931 Bombay Presidency Vol XIII, Part II


    ڪراچي ۽ سڄي سامونڊي پٽيءَ جي زمينن جو ڌارين کي وڪرو

    اختيار کوکر : ڪراچي ۽ سڄي سامونڊي پٽيءَ جي زمينن جو ڌارين کي وڪرو

    ڪنهن به قوم جي وجود لاءِ زمين جو هجڻ بنيادي شرط آهي. تاريخ شاهد آهي ته جن قومن جي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي، انهن لاءِ پنهنجو وجود بچائڻ به ممڪن نه رهيو ۽ آزاديءَ وارين لڳ ڀڳ سمورين تحريڪن توڙي جنگين جو بنياد به ڌارين قابض ماڻهن کان پنهنجي ڌرتي خالي ڪرائڻ رهيو آهي، ان ڪري قوم جي حفاظت زمين جي حفاظت سان لازمي طور ڳنڍيل آهي. جيڪي قومون پنهنجي زمين جي حفاظت نٿيون ڪري سگهن، اهي پنهنجي آزادي وڃائي ويهن ٿيون. اها پڻ تاريخي حقيقت آهي ته قومن جي پيرن هيٺان زمين کسڪائڻ جي ڪوشش ڪندڙن کي تاريخ ۾ غدارن طور سڃاتو وڃي ٿو. ان ڪري سڄي دنيا ۾ آزاد ۽ حقيقي طور تي خودمختيار ملڪن ۾ ڪنهن ڌارئي لاءِ زمين يا ملڪيت مالڪي حقن جي بنياد تي خريد ڪرڻ تمام گهڻو ڏکيو بڻيل آهي. ڪيترن ئي ملڪن ۾ ته اهڙي به قانون سازي ٿيل آهي، جو ڪو ڌاريو اتي زمين خريد ئي نٿو ڪري سگهي، هنن جو دليل اهو آهي ته وٽن جيڪا به خالي زمين پئي آهي، اها سندن ايندڙ نسلن جي امانت آهي. ايندڙ وقت ۾ آباديءَ ۾ واڌ ٿيڻ سان ايندڙ نسلن جي گهرج پوري ٿي سگهندي پر سنڌ پاڪستان جو واحد صوبو آهي، جنهن جون زمينون سڄي دنيا جي ڌارين کي وڪڻڻ جي لٽ لڳل آهي.
    سنڌ جي زمينن جي ڀڳڙن مٺ اگهه تي بي رحميءَ سان ٿيندڙ نيلامي صوبي جي ماضيءَ وارن تقريبن سڀني حڪمرانن جي ڪرت رهي آهي، پر پيپلزپارٽيءَ جي حڪومت ماضيءَ وارن سڀني حڪمرانن کان گوءِ کڻي وئي. حڪومت جي پنجن سالن واري مدي دوران سنڌ جي زمينن جي ٿيل الاٽمينٽ ۽ رٿابنديءَ جو جڏهن جائزو وٺجي ٿو ته صاف نظر ٿو اچي ته سنڌ جون زمينون ۽ خاص ڪري ڪراچي ۽ صوبي جي سامونڊي پٽيءَ واريون عالمي سيڙپڪاريءَ جي حوالي سان وڏي اهميت ۽ قيمت رکندڙ زمينون حڪومت جي ڪرتا ڌرتائن جي نيلاميءَ واري ايجنڊا جي خاص ٽارگيٽ تي رهيون، جنهن جا وڏا مثال ٺٽي ۽ بدين ضلعن جي سامونڊي پٽيءَ واري اٽڪل 13 لک ايڪڙ زمين نيلام ڪرڻ لاءِ ذوالفقار آباد نالي شهر اڏڻ جي رٿا جوڙڻ ۽ ذوالفقار آباد ترقياتي ادارو قائم ڪرڻ، سنڌ حڪومت جي ملڪيت وارا ڪراچيءَ جا ٻه ٻيٽ اڳوڻي صدر سان ويجها ناتا رکندڙ بلڊر ملڪ رياض کي پورٽ قاسم اٿارٽي ذريعي غير قانوني طور الاٽ ڪري ڇڏڻ کانپوءِ اڳوڻي سنڌ حڪومت کان بلڊر ڪمپني کي انهن ٻيٽن تي نئون شهر اڏڻ لاءِ اين او سي جاري ڪرائڻ جي منظوري ڏياري ڇڏڻ، ڪراچيءَ جي 14 هزار ايڪڙ زمين رعايتي اگهه تي الاٽ ڪري ڇڏڻ ۽ وفاقي اداري ڪي پي ٽي پاران سمنڊ تي غير قانوني طور قبضي هيٺ آندل 130 ايڪڙ زمين جي حق ملڪيت تان هٿ کڻي وڃڻ. آهن. حڪمرانن واڳون سنڀالڻ شرط سنڌ جي زمينن سان واردات ڪرڻ جون تياريون شروع ڪيون، هو لالچ ۾ ايتري حد تائين به هيٺ لهي آيا، جو اهي سنڌ حڪومت پاران هارين ۾ مفت ورهائڻ لاءِ ٺٽي ضلعي ۾ آباديءَ لائق مخصوص ڪيل 18 هزار ايڪڙ زمينن مان زمينون ورهائيندڙ اختيارين مٿان ان تي ڪاوڙجي پيا ته هنن ذوالفقار آباد شهر جي حدن ۾ ايندڙ اها زمين هارين ۾ ورهائڻ لاءِ ڪيئن مخصوص ڪئي ۽ ان مان يارنهن هزار ايڪڙ زمين ڪيئن ورهائي ڇڏي؟ اها رڪارڊ جي ڳالهه آهي ته رهيل 7 هزار ايڪڙ زمين هارين ۾ زمينون ورهائڻ وارو سيل، زمينون ورهائڻ جو شيڊول پڌرو ڪري ڇڏڻ جي باوجود اڄ تائين هارين ۾ زمينون نه ورهائجي سگهيون. حڪومت ذوالفقار آباد رٿا ۽ ذوالفقار آباد اٿارٽي تي گذريل 6 سالن دوران 50 ڪروڙ رپيا صوبائي خزاني مان خرچ ڪرڻ جي باوجود سٺا خريدار نه ملڻ سبب زمينون کپائڻ واري پوزيشن ۾ نه اچي سگهي. پر صوبي جي ڏاکڻي سامونڊي پٽي تين وال ڪرڻ واري اها رٿا ختم ناهي ڪئي وئي. ذوالفقار اآباد ترقياتي اداري شاهبندر واري علائقي جي 55 هزار ايڪڙ زمين جو ٽروپو گرافيڪل سروي تازو مڪمل ڪري ورتو آهي ۽ زيڊ ڊي اي کي هاڻي وري خود مختيار ڪمپني ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي.
    سنڌين جي پيرن هيٺيان زمين کسڪائڻ واري ٻي وڏي سازش ڪراچيءَ واري منوڙي کان بلوچستان سان ملندڙ سرحد تائين جي سامونڊي ڪناري واري اٽڪل 60 هزار ايڪڙ زمين پرڏيهي سيڙپڪارن کي وڪڻڻ ۽ ڪراچيءَ جا ٻه سامونڊي ٻيٽ بنڊل ۽ بڊو ڏيهي ۽ پرڏيهي بلڊرن کي کپائي، اتي نوان شهر اڏي لکين ڌاري آباديءَ جو بندوبست ڪرڻ واري آهي. ان حوالي سان رڪارڊ تي آڻڻ واري سڀ کان وڏي اهميت واري ڳالهه اها آهي ته سنڌ حڪومت پاران پنهنجي ملڪيت وارن انهن ٻيٽن تي هڪ بلڊر ڪمپني کي شهر اڏڻ جي اين او سي ڏيڻ ۽ ٻيٽن جي ملڪيت ۾ آئين ۽ قانون جي برخلاف وفاقي اداري پورٽ قاسم کي ڀائيوار بڻائيندي مسئلو 50، 50 سيڪڙو حصي جي بيناد تي حل ڪرڻ لاءِ ڏنل آڇ وارو خط اڃا تائين سنڌ حڪومت واپس ناهي ورتو ۽ سنڌي ماڻهن سان ويسا گهاتي ڪندي سنڌ حڪومت پاران ساموندي ٻيٽن ۾ وفاقي ادارن جي حصيداري تسليم ڪري وٺڻ واري ڏنل آڇ کي ڪنهن به صورت ۾ نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. اڳوڻي صوبائي سيڪريٽري لينڊ يوٽيلائيزيشن ثاقب سومري پاران اڳوڻي پي پي صوبائي حڪومت جي پڄاڻيءَ کان 3 ڏينهن پهرين 15 مارچ 2013ع تي پورٽ ۽ شپنگ واري وفاقي وزارت جي سيڪريٽري کي ”عربي سمنڊ جي ٻيٽن جي مالڪي“ جي عنوان سان لکيل ان خط نمبر PS/MBR/LU/04/13 ۾ چيو ويو آهي ته بنڊل ۽ بڊو ٻيٽن کي ترقي وٺرائڻ لاءِ اين او سي حاصل ڪرڻ لاءِ بحريا ٽائون پرائيويٽ لميٽيڊ ڪمپني سنڌ حڪومت کي هڪ درخواست ڏني آهي. سنڌ حڪومت جي مجاز اختياري سنڌ جي وڏي وزير (سيد قائم علي شاهه) درخواست گذار ڪمپني کي اهڙي اين او سي هيٺين شرطن تي ڏيڻ جي منظور ڏئي ڇڏي آهي. (1) انهن ٻيٽن جي مالڪيءَ جو معاملو گهڻو پراڻو معاملو رهيو آهي ۽ سنڌ حڪومت جو موقف آهي ته اهي ٻيٽ صوبائي حڪومت جي ملڪيت آهن. (2) جيئن ته اهو تڪرار گهڻو پراڻو هلندڙ آهي ۽ زمين ويران پئي آهي، ان ڪري ان کي ترقي وٺرائڻ لاءِ سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت وچ ۾ ٺاهه ٿي سگهي ٿو. (3) پورٽ قاسم اٿارٽي اهي ٻيٽ ڏيڻ لاءِ بحريا ٽائون ڪمپني کي سنڌ حڪومت کي اعتماد ۾ وٺڻ بنا ڪامياب ٻولي ڏيندڙ ڪمپني قرار ڏئي ڇڏيو آهي. (4) ان لاءِ ضروري آهي ته بحريا ٽائون ڪمپني سان ٿيل ٺاهه کي سنڌ حڪومت کان Vett ڪرايو وڃي. خط جي آخر ۾ پورٽس ۽ شپنگ واري وفاقي سيڪريٽري کي ٻيٽن جي مالڪيءَ جي دعويٰ ڪندڙ سنڌ حڪومت پاران انتهائي نياز نوڙت سان درخواست ڪئي وئي آهي ته مهرباني فرمائي هڪ اعليٰ سطح جي گڏجاڻي ڪوٺايو، جنهن ۾ اهڙو فيصلو ٿي سگهي ته ٻيٽن واري زمين بحريا ٽائون ڪمپني حوالي ڪئي وڃي ۽ ٻيٽن جي وڪري مان حاصل ٿيندڙ رقم وغيره 50،50 سيڪڙو حصيداريءَ واري فارمولي جي بنياد تي سنڌ حڪومت ۽ پورٽ قاسم اٿارٽي ۾ ورهائي سگهجي. سنڌ جي ملڪيت وارا ٻيٽ ڏاڍ مڙسيءَ سان خانگي ڪمپنيءَ کي وڪڻي ڇڏيندڙ وفاقي اداري کي سنڌ جي ملڪيت ۾ اڌ جو ڀائيوار بنائڻ واري اهڙي تجويز بحريا ٽائون ڪمپني پاران اين او سي لاءِ 6 مارچ 2013ع تي سينئر ميمبر بورڊ آف روينيو کي لکيل خط کان ڪجهه ڏينهن اڳ سيڪريٽري لينڊ يوٽيلائزيشن جي 20 هين گريڊ جي عهدي تي ان وقت مقرر ڪيل 19 هين گريڊ جي ايڪس پي سي ايس آفيسر ثاقب سومري ۽ ان وقت واري سينئر ميمبر بورڊ آف روينيو شازر شمعون پاران 7 مارچ 2013ع تي صوبائي سيڪريٽري قانون سيد غلام نبي شاهه، ان وقت واري صوبائي وزير قانون محمد اياز سومرو، ان وقت واري صوبائي سيڪريٽري ناڻو کاتو ۽ وڏي وزير جي ان وقت واري پرنسپل سيڪريٽري نويد ڪامران بلوچ، ان وقت واري وزير ۽ موجود ناڻي واري صلاحڪار سيد مراد علي شاهه، ان وقت واري چيف سيڪريٽري سنڌ راجا محمد عباس ذريعي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ڏانهن اماڻيل سمري ۾ ڏني وئي. ان سمريءَ سان گڏ لينڊ يوٽيلائزيشن کاتي جي اڳوڻي سيڪريٽري محمد صديق ميمڻ پاران ان معاملي تي 17 مئي 2008ع تي ساڳي وڏي وزير ڏانهن اماڻيل 10 صفحن تي ٻڌل ان سمريءَ جي ڪاپي پڻ لڳائي وئي، جنهن ۾ آئين ۽ قانون جي مختلف شقن وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت وچ ۾ ٿيل ڳالهين جا حوالا ڏئي ثابت ڪيو ويو هو ته عربي سمنڊ جا سنڌ جي حدن سان ملندڙ سمورا ٻيٽ سنڌ حڪومت جي ملڪيت آهن ۽ سنڌ حڪومت اهي ٻيٽ پورٽ قاسم اٿارٽي کي بندرگاهه جي آپريشنل مقصدن لاءِ به ڪڏهن الاٽ ناهن ڪيا، پر نئين سمري ۾ يو ٽرن کائيندي چيو ويو جيئن ته، ٻيٽن جي ننڍڙي زمين جي ملڪيت جو تڪرار هاڻي گهڻو پراڻو ٿي ويو آهي ۽ سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت لاءِ مسئلا پيدا ڪري رهيو آهي، ان ڪري تجويز ڪيو ٿو وڃي ته ٻيٽن جي ملڪيت وارو معاملو پاڪستان ريلوي سان ريلوي کي آپريشنل مقصدن لاءِ الاٽ ڪيل زمينن جي استعمال ۽ ملڪيت تي هلندڙ تڪرار کي حل ڪرڻ لاءِ 50، 50 سيڪڙو ڀائيواري جي بنياد تي ڪيل ٺاهه وانگر وفاقي حڪومت سان اڌو اڌ ڀائيواري وارو ٺاهه ڪري حل ڪيو وڃي، ٻيٽ بحريه ٽائون ڪمپني حوالي ڪيا وڃن. سمريءَ ۾ ان معاملي جو فيصلو ڪرڻ لاءِ اعليٰ سطحي گڏجاڻي ڪوٺائڻ جي تجويز ڏني وئي. وڏي وزير جي صدارت هيٺ سي ايم هائوس ۾ ٿيل ان گڏجاڻيءَ ۾ سمريءَ جي حوالي سان مٿي ڄاڻايل نالن کانسواءِ سنڌ حڪومت ۾ ڪو به سرڪاري عهدو نه رکڻ جي باوجود بعد ۾ پاڻ کي سجاول مان چونڊرائيندڙ بااثر فرنٽ مين پڻ خصوصي طور شرڪت ڪئي، جنهن اهڙو فيصلو ڪرائڻ ۾ سڀني کان وڌيڪ اثر استعمال ڪيو. گڏجاڻيءَ ۾ وڏي وزير ۽ ٻين کان ٻيٽ بحريه ٽائون ڪمپني حوالي ڪرڻ ۽ ٻيٽن جي ملڪيت ۾ وفاقي حڪومت جو اڌ حصو تسليم ڪرڻ جي ٺاهه جي درخواست ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت کي مٿي ڄاڻايل خط لکڻ جي منظوري ورتي وئي.
    انهن ڏينهن ۾ اهڙو ئي هڪ ٻيو ڪم به ٿيو، جنهن کي پڻ رڪارڊ تي رکڻ جي ضرورت آهي. سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پاران اڳوڻي حڪومت جي دور ۾ ڪراچي ۾ سرڪاري زمينن جي ٿيل الاٽمينٽ جي جاچ لاءِ جوڙيل نذر محمد لغاري ڪميشن پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو ته صوبائي لينڊ يوٽيلائيزيشن کاتي جي سيڪريٽري ثاقب سومري وڏي وزير (سيد قائم علي شاهه) کان منظور ٿيل سمري جي بنياد تي 13 مارچ 2013ع تي ڪراچي پورٽ ٽرسٽ اٿارٽي کي هڪ خط لکي ڪراچيءَ جي پوش علائقي مائي ڪلاچي روڊ وٽ سمنڊ مان نڪتل 75 ايڪڙ زمين تي ڪي پي ٽي پاران ڪيل قبضي واري تڪرار کي حل ڪرڻ لاءِ 50،50 سيڪڙو حصيداريءَ جي بنياد تي ڪي پي ٽي ۽ سنڌ حڪومت وچ ۾ ٺاهه ڪرڻ جي آڇ ڏني وئي آهي، جنهن مطابق قبضي هيٺ آيل زمين ڪي پي ٽي سنڌ حڪومت کي واپس ڪندي ۽ سنڌ حڪومت نه صرف اڌ قيمت وفاقي اداري کي ادا ڪندي پر ان زمين جي بدلي ٻئي مناسب هنڌ تي کين ايتري زمين به ڏيندي، ان زمين بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ مان پنهنجو هڪ ڀيرو کٽيل ڪيس به صوبائي حڪومت واپس وٺندي. ڪي پي ٽي سان سنڌ جي مفادن جي برخلاف اهڙو ٺاهه ڪرائڻ ۾ ڪراچي بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي چيف ڪنٽرولر منظور ڪاڪا، سينئر ميمبر بورڊ آف روينيو شازر شمعون ۽ پيپلزپارٽي جي اهم شخصيت جو اهم ڪردار رهيو آهي.
    سنڌ جي ملڪيت واري اٽڪل 10 ارب روپيا ماليت واري اها زمين ڦٻائڻ واري سازش پڻ اڃا بند ناهي ٿي، سپريم ڪورٽ پاران معاملي جو نوٽيس وٺڻ تي صوبائي لينڊ يوٽيلائيزيشن کاتي ڪي پي ٽي کي زمين تان قبضو خالي ڪرڻ جو نوٽيس ته ڏئي ڇڏيو پر مسئلي کي ففٽي ففٽي سيڪڙو حصي جي بنياد تي حل ڪرڻ وارو ٺاهه ڪرڻ لاءِ 13 مارچ 2013ع تي ڪي پي ٽي انتظاميه کي لکيل خط پڻ واپس ناهي ورتو ويو. تازو اهو ٿيو آهي ته وفاقي اداري جي وڪيل سپريم ڪورٽ ۾ چيو ته زمين جو اهو تڪرار وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن وچ ۾ آهي، ان ڪري عدالت کي اعتراض نه هجي ته سنڌ حڪومت سپريم ڪورٽ جي حڪم تي زمين خالي ڪرڻ لاءِ ڏنل نوٽيس واپس وٺي ۽ ٻنهي حڪومتن جا نمائندا پاڻ ۾ ويهي مسئلي کي سنڌ حڪومت پاران پهريان ئي ڏنل آڇ جي بنياد تي حل ڪرڻ چاهن ٿا. وفاقي اداري جي وڪيل جي درخواست تي سنڌ حڪومت جي وڪيلن ڪوبه اعتراض نه واريو ۽ صوبي جي ملڪيت واري زمين جو دفاع نه ڪيو. نتيجي ۾ عدالت وفاقي اداري جي وڪيل جي درخواست منظور ڪري ڇڏي. اطلاع اهي آهن ته سنڌ حڪومت پاران ان زمين ۾ ڪي پي ٽي کي ڀائيوار بنائڻ لاءِ پهريان ڏنل آڇ جي بيناد تي مسئلي کي حل ڪرڻ جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. اهي اطلاع آهن ته سنڌ حڪومت جي ملڪيت واري جيڪا زمين ڪي پي ٽي کان خريد ڪئي پئي وڃي، اها زمين پڻ ساڳي بلدر پارٽيءَ حوالي ٿيڻ جا پڻ انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن.
    هاڻي اچون ٿا ان سوال جي طرف ته ڇا سنڌ جي ماڻهن سنڌ حڪومت کي اهڙو مينڊيٽ ڏنو آهي ته جيڪي ٻيٽ ڪڏهن بندرگاهه وارن آپريشنل مقصدن لاءِ به پورٽ قاسم اٿارٽي ڪراچي کي الاٽ نه ڪيا ويا هئا ۽ وفاقي اداري ڏاڍ مڙسي ڪري خانگي ڪمپنيءَ کي وڪڻي به ڇڏيا. انهن ٻيٽن جي ملڪيت ۾ سنڌ حڪومت سنڌ جي حقن تي ڌاڙو هڻندڙ ساڳئي وفاقي اداري کي اڌ جو ڀائيوار بڻائڻ لاءِ پاڻ ايلاز ڪري، آئيني طور سنڌ جي زمينن جي اهڙي سوديبازي ڪرڻ جو اختيار ته سنڌ اسيمبليءَ کي به حاصل ناهي، جو آئين ۾ صوبي جي حدن جو حصو قرار ڏنل زمينن تي وفاقي ادارن جي ڀائيواري تسليم ڪري وٺي ته پوءِ سينئر ميمبر بورڊ آف روينيو ۽ سيڪريٽري لينڊ يوٽيلائزيشن کي اهڙي تجويز ڏيڻ ۽ وڏي وزير ۽ ڪجهه صوبائي وزيرن ۽ معاملي جي پويان موجود سگهاري شخصيت کي سنڌ جي حقن جي اهڙي سوديبازي ڪرڻ جو اختيار ڪٿان ملي ويو؟ سنڌ جي سامونڊي ڪناري کي لٽي وفاقي ادارن پاران پيدا ڪيل زمينن ۽ ٻيٽن تي وفاقي ادارن کي اڌ جو حصيدار بڻائڻ وارو اهڙو خطرناڪ بنياد وڌو پيو وڃي، جيڪو اڳتي هلي صوبي ۽ صوبي جي عوام لاءِ اڃا وڌيڪ هاڃيڪار ثابت ٿيندو، ڇاڪاڻ جو پوءِ هي صرف ٻن ٻيٽن بڊو ۽ بنڊل يا ڪي پي ٽي پاران سمنڊ لٽي قبضي هيٺ آندل 130 ايڪڙ زمين جو مسئلو نه رهندو، هي ڪراچي واري سمنڊ جي اٽڪل 100 کان وڌيڪ سنڌ جي ٻيٽن ۽ هزارين ميلن تي پکڙيل صوبي جي سامونڊي پٽيءَ جو مسئلو بڻجي ويندو. اڄ توهان جن کي پنهنجي ان ملڪيت ۾ حصيدار بڻائي رهيا آهيو، سڀاڻي ان بنياد تي هو توهان جي سڀني ٻيٽن ۽ سڄي سامونڊي پٽيءَ جا مالڪ بڻجڻ جي ڪوشش ڪندا.
    پيپلز پارٽي حڪومت کان پهرين ارباب رحيم جي حڪومت 2006ع ۾ غير زرعي مقصدن لاءِ سرڪاري زمينون سستي اگهه تي الاٽ ڪرڻ لاءِ سنڌ لينڊ گرانٽ پاليسي جوڙي لاڳو ڪري ڇڏي. ان پاليسيءَ هيٺ ارباب رحيم جي دور ۾ ڪراچي جي اٽڪل 3 هزار ايڪڙ زمين 25 کان 50 سيڪڙو رعايتي اگهه تي مختلف ڌرين کي الاٽ ڪئي وئي، جن ۾ به اڪثريت غير سنڌين جي هئي. پيپلز پارٽي حڪومت قائم ٿيڻ شرط ارباب رحيم جي دور ۾ زمينن جي رعايتي اگهه تي ٿيل الاٽمينٽ جي جاچ لاءِ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري نذر حسين مهر جي سربراهيءَ ۾ ڪميشن جوڙي ويئي ۽ غير قانوني طور رعايتي اگهه تي الاٽ ٿيل زمينن جي الاٽمينٽ رد ڪرڻ ۽ لينڊ گرانٽ پاليسي تبديل ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو، پر نذر حسين مهر ڪميشن پنهنجي ڏنل رپورٽ ۾ ڪراچيءَ جي سوناري ڪامران ٽسوري سميت ٻين ڌرين کي ڀڳڙن مٺ الاٽ ٿيل زمينن جي الاٽمينٽ رد ڪرڻ ۽ رعايتي اگهه تي زمينون حاصل ڪندڙ ڪجهه ڌرين کان مارڪيٽ اگهه موجب قيمت وصول ڪرڻ وارين سفارشن تي ٻڌل رپورٽ ڏئي ڇڏي. ڪراچيءَ ۾ سستيون زمينون حاصل ڪندڙ ارباب رحيم جو ويجهو ساٿي جيڪو هاڻي فنڪشنل مسلم ليگ جو اڳواڻ بڻجي ويو آهي.
    ڪامران ٽسوري اينٽي ڪرپشن پوليس هٿان گرفتار ٿي جيل به پهتو، اينٽي ڪرپشن کاتي اڳوڻي وڏي وزير ۽ ٽسوري خلاف ثبوتن سان ڪيس به تيار ڪري ورتو، پر پيپلز پارٽي حڪومت 5 سالن دوران نذر مهر جاچ ڪميشن جي رپورٽ تي عمل نه ڪيو ۽ نه ئي زمين جي ڪا الاٽمينٽ رد ڪئي، نه ڪنهن خلاف ڪو ڪيس داخل ٿيو. ٽسوري به معاملا سڌا ڪري جيل کان ٻاهر اچي ويو، ان کانپوءِ پيپلزپارٽي پاڻ ارباب رحيم واري لاڳو ڪيل لينڊ گرانٽ پاليسيءَ کي بنياد بڻائي ڪراچيءَ جون اٽڪل 100 ارب رپيا قيمت واريون 14000 ايڪڙ زمينون ساڍا ست ارب رپين ۾ کپائي ڇڏيون. نه صرف زمينون کپايون پر لينڊ گرانٽ پاليسيءَ ۾ ترميم ڪري ان کي به ممڪن بڻايو ته 30 سالن واري زرعي عارضي ليز جي بنياد تي صوبائي حڪومت کان زمينون حاصل ڪرڻ کانپوءِ زمينن تي غير قانوني قبضا ڪري تفريحي فارم ۽ ٻيا ادارا قائم ڪري ڇڏيندڙ پڻ ساڳيون زمين 99 سالن وارن مالڪاڻن حقن جي بنياد تي رعايتي اگهن تي الاٽ ڪرائي سگهندا، ۽ اهڙن قبضا گيرن کي ڌڙا ڌڙ ساڳيون قيمتي زمينون 25 کان 50 سيڪڙو اگهه تي وڪرو ڪيون ويون.
    روينيو کاتي پاران زمينن جي خريدارن جي سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل لسٽ تي جڏهن نظر وجهجي ٿي ته ان ۾ پڻ 90 سيڪڙو خريدار غير سنڌي ملن ٿا، ۽ اڪثر خريدارن تعليم، صحت، صنعتڪاري ۽ ٻين مقصدن کي بنياد بڻائي حڪومت جي لينڊ گرانٽ پاليسيءَ هيٺ 25 سيڪڙو مارڪيٽ اگهه تي زمينون حاصل ڪري رکي ڇڏيون آهن ۽ عوام کي سهولت ڏيڻ واري جنهن فلاحي مقصد جو نالو وٺي حڪومت کان رعايتي اگهه تي زمين حاصل ڪئي وئي، ان مقصد لاءِ استعمال نه ڪري ٻي ٺڳي ڪئي وئي آهي. سپريم ڪورٽ آف پاڪستان لينڊ گرانٽ پاليسيءَ هيٺ ڪراچيءَ ۾ سستي اگهه تي الاٽ ٿيل زمينن جي جاچ لاءِ رٽائرڊ روينيو ڪاموري نظر محمد لغاريءَ جي سربراهيءَ ۾ ڪميشن جوڙي ڇڏي ٻيو اهو ته دنيا ۾ ڪٿي به زمين حاصل ڪرڻ لاءِ درياهن جا پيٽ سوڙها ناهن ڪيا ويندا، درياهن جا پيٽ پاڻيءَ جي قدرتي وهڪري جي نتيجي ۾ ٺهندا آهن. جيڪڏهن انهن سان هٿ چراند ڪنداسين ۽ دريا جي پيٽ اندر بند ٻڌي پاڻيءَ جي وهڪري ۾ رڪاوٽون وجهڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته پوءِ اهڙا ئي نتيجا سامهون ايندا، جهڙا سنڌوءَ جو پيٽ سوڙهو ڪرڻ لاءِ ٻڌل بندن سبب 2010ع واري ٻوڏ جي تباهيءَ جي صورت ۾ سامهون آيو. ٿيو ائين جو زمينن تي قبضي جي خواهش واري بيماريءَ ۾ مبتلا ڌرين جي نظر ڪراچيءَ جي ڊفينس واري علائقي سان لڳ گذرندڙ ملير نديءَ جي پيٽ واري 3 هزار ايڪڙ قيمتي زمين تي پئجي وئي آهي ۽ هنن بچاءُ بند جي اندرئين پاسي نديءَ جي پيٽ اندر پڻ 500 ايڪڙ زمين رهائشي مقصد لاءِ الاٽ ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ان زمين مان 80 ايڪڙ سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبرن جي ڪو آپريٽو سوسائٽي ۽ 60 ايڪڙ ايوانِ صدر جي ملازمن جي سوسائٽي کي الاٽ ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. نديءَ جو پيٽ سوڙهو ڪرڻ لاءِ بچاءَ بند کي اندر سوري نئون بند اڏڻ جي رٿا جوڙي وئي، هلندڙ مالي سال 2015-2014 واري صوبائي اي ڊي پي ان رٿا نمبر 2936 لاءِ بجيٽ ۾ 2 ارب 52 ڪروڙ رپيا پڻ رکيا ويا آهن. اهو پڻ پهريون ڀيرو ٿيو ته ايوان صدر جي ملازمن کي سنڌ حڪومت جي ملازمن وانگر 10 سيڪڙو اگهه تي زمين الاٽ ڪرڻ لاءِ پارٽيءَ جي اعليٰ قيادت جي هدايتن تي روينيو کاتي وڏي وزير کي سمري اماڻي ڇڏي ته سنڌ حڪومت قاعدن ۾ ترميم ڪري، جيئن وفاقي حڪومت جي ملازمن کي به سنڌ ۾ سنڌ حڪومت جي ملازمن وانگر انتهائي رعايتي اگهه تي زمين الاٽ ڪري سگهجي. ڇا سنڌ جون زمينون لٽ جو مال آهن، جو جنهن کي وڻي مفت ۾ ڏئي ڇڏجن!
    صوبائي وزير روينيو کاتي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کي ڏنل تازي رپورٽ ۾ اهو پڻ اعتراف ڪيو آهي ته مختلف صوبائي ۽ وفاقي ادارن ڪراچي ۾ صوبائي حڪومت جي 59 هزار 803 ايڪڙ زمين تي قبضو ڪري ورتو آهي. سپريم ڪورٽ جي ڏنل حڪم تي ڪراچي ۾ صوبائي حڪومت جي 52130 ايڪڙ زمين تي غير قانوني قبضو ڪندڙ 16 وفاقي ۽ صوبائي ادارن کي زمين خالي ڪرڻ جا روينيو کاتي نوٽس به جاري ڪري ڇڏيا آهن. صوبائي حڪومت جي سڀ کان وڌيڪ 20 هزار ايڪڙ زمين تي قبضو ڪرڻ جو الزام صوبائي اداري ملير ترقياتي اداري تي آهي. جڏهن ته ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي کي 5374 ايڪڙ ۽ پورٽ قاسم اٿارٽي کي 4 هزار 195 ايڪڙ زمين خالي ڪرڻ جا نوٽس ڏنا ويا آهن. صوبائي لينڊ يوٽيلائيزيشن کاتي مختلف وفاقي ۽ صوبائي ادارن کي زمينن جو غير قانوني قبضو ڪرڻ لاءِ جاري ڪيل نوٽيسن ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پاران ڪراچي امن امان ڪيس نمبر 2011/16 جي 24 جون 2014ع تي ٿيل ٻڌڻي جي موقعي تي صوبائي روينيو کاتي کي ڪراچيءَ جي مختلف علائقن ۾ 59 هزار 803 ايڪڙ سرڪاري زمين تي ٿيل قبضا 6 مهينن اندر خالي ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي. نوٽيس موجب ان عدالتي حڪم ۾ چيو ويو آهي ته بورڊ آف روينيو جي سينيئر ميمبر ملڪ اسرار احمد ۽ ميمبر ذوالفقار علي شاهه پاران عدالت ۾ ڏنل رپورٽ موجب مختلف ادارن ۾ شخصيتن ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ 59803 ايڪڙ سرڪاري زمين تي غير قانوني قبضا ڪري ورتا آهن. جن مان 2864 ايڪڙ زمين جا قبضا روينيو کاتي خالي ڪرايا آهن. جڏهن ته باقي زمين اڃا غير قانوني قبضي هيٺ آهي. انهيءَ زمين مان 52130 ايڪڙ مختلف وفاقي ۽ صوبائي ادارن قبضي هيٺ آڻي ڇڏيا آهن. عدالت اهي قبضا خالي ڪرائڻ لاءِ روينيو کاتي کي 6 مهينن جو مدو ڏنو آهي. جنهن کان پوءِ عدالت روينيو کاتي کان ان ڏس ۾ پڇاڻو ڪندي. نوٽيس ۾ زمين تي قبضا ڪرڻ جي الزام هيٺ آيل ادارن کي چيو ويو آهي ته هو 15 ڏينهن اندر زمين جا قبضا ختم ڪري زمينون صوبائي روينيو کاتي حوالي ڪري ڇڏين، جيئن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کي عملدرآمد رپورٽ ڏئي سگهجي. رونيو کاتي زمين جا قبضا خالي ڪرڻ لاءِ جن ادارن کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. انهن مان 20 هزار ايڪڙ زمين خالي ڪرڻ لاءِ سڀ کان وڌيڪ نوٽيس ملير ترقياتي اداري کي ڏنا ويا آهن. ملير ترقياتي اداري جي ڊي جي جي نالي جاري ڪيل ٽن نوٽيسن ۾ ايم ڊي اي انظاميا کي رهائشي اسڪيم 45 ڪراچي جي ديهه تيسر ۾ 7401 ايڪڙ، ديهه بجار ٻٽي ۾ 4889 ۽ 309 ايڪڙ، ديهه نانگن ۾ 2104 ۽ 640 ايڪڙ، ديهه موکيءَ ۾ 1415 ۽ 1416 ايڪڙ ۽ ديهه تيسر ۾ وڌيڪ 712 ۽ 1103 ايڪڙ زمين خالي ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي. ڪراچي نيو ڪليئر پاور پلانٽ (ڪينپ) جي انتظاميه کي ديهه لال بکر ۾ غير قانوني قبضي هيٺ آندل369 ايڪڙ زمين، پاڪستان نيوي جي نيول اسٽيٽ آفيسر کي ديهه مواڇ جي ناڪلاس نمبر ون ۾ 9177 ايڪڙ زمين، لياري ترقياتي اداري جي ڊي جي کي ديهه لال بکر ۾ غير قانوني قبضي هيٺ آندل 8175 ايڪڙ زمين اسٽيشن ڪمانڊر پاڪستان آرمي کي ٽن ديهن جو ريجي، مهراڻ، ٻوئل ۾ غير قانوني قبضي هيٺ آندل 3949 ايڪڙ زمين، ايم ڊي آئل اينڊ گئس ڪمپني ڪراچي کي ديهه کڏيجي ۾ غير قانوني قبضي هيٺ آندل 67 ايڪڙ، ڊي جي پاڪستان ڪوسٽ گارڊز کي ديهه لال بکر ۽ مواڇ ۾ غير قانوني قبضي هيٺ آندل 3 ايڪڙ زمين، ايم ڊي سوئي سڌرن گئس ڪمپني کي ديهه ٻوئل ۽ کڏيجي ۾ غير قانوني قبضي هيٺ آندل 60 ايڪڙ زمين، ڊائريڪٽر جنرل سول ايوي ايشن کي ديهه صفوران ۾ 150 ايڪڙ زمين، ايئر ڪموڊور ايئر آفيسر ڪمانڊنگ سائوڌرن ايئر ڪمانڊ پاڪستان ايئر فورس ڪراچي کي ديهه ديهه، ديهه جوريجي، ديهه ٿوڙ ۽ ديهه دوزان ۾ غير قانوني قبضي هيٺ آندل 788 ايڪڙ زمين پاڪستان ايئر فورس مسرور بئس ماڙي پور جي انتظاميه کي ديهه مواڇ ۽ ڪي 28 ۾ غير قانوني قبضي هيٺ آندل 6 هزار ايڪڙ زمين، چيئرمين سپارڪو کي ديهه مواڇ ۾ غير قانوني قبضي هيٺ آندل 700 ايڪڙ زمين، ملير ڇانوڻي جي ايگزيڪيوٽو آفيسر کي غير قانوني قبضي هيٺ آندل 1522 ايڪڙ زمين، نيشنل لاجسٽڪ سيل جي سينيئر مئنيجر کي 37 ايڪڙ زمين ۽ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن جي صدر کي ديهه ڪاٺوڙ ۾ هڪ ايڪڙ زمين خالي ڪرڻ جا نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.
    سپريم ڪورٽ آف پاڪستان صوبي ۾ زمينن جي سستي اگهه تي غير قانوني الاٽمينٽ جو نوٽيس وٺندي 28 نومبر 2011ع کان سرڪاري زمينن جي الاٽمينٽ تي پابندي لڳائي ڇڏي. پر ان پابندي باوجود سرڪاري زمينون ڦٻائڻ ۾ رڌل مافيا وري نوان رستا ڪڍي ورتا. 19 ڊسمبر 2013ع سنڌ اسيمبلي مان ايڪٽ منظور ڪرائي ملير ۽ لياري ترقياتي ادارن جا سال 2002ع ۾ ختم ٿيل ايڪٽ بحال ڪيا ويا. ڏٺو وڃي ته گذريل يارهن سالن کان غير قانوني طور تي هلندڙ ادارن کي قانوني حيثيت ڏني وئي. پر انهن بحال ٿيل قانونن جي سيڪشن 2 ۽ سيڪشن 8 ۾ ننڍڙي ترميم ڪري انهن ترقياري ادارن کي پرائويٽ زمين جي بدلي سرڪاري زمين ڏيڻ ۽ مختلف علائقن ۾ پکيڙيل زمينن جي ٽڪڙن جي بدلي هڪ ئي هنڌ ڪنساليٽيڊ ڪري هڪ ٽڪڙي جي صورت ۾ زمين ڏيڻ جا اختيار ڏنا ويا. ٻئي طرف روينيو کاتي هڪ نوٽيفيڪيشن جاري ڪري ملير ضلعي جون وڌيڪ 23 ديهون ٽائون پلاننگ جي حوالي سان ملير ترقياري اداري حوالي ڪري ڇڏيون . 20 ديهون پهريان ئي ايم ڊي اي حوالي ٿيل هيون. انهيءَ ڪارروائي کانپوءِ 13 مارچ 2014ع تي ملير ترقياتي اداري اخبارن ۾ اشتهار ڏئي اعتراض گهرايا ته بحريا ٽائون بلڊر ڪمپنيءَ جي مخلتف اٽارنيز ڊي سي ملير جي ذريعي درخواست ڏني آهي ته هنن پاران ملير جي مختلف علائقن ۾ خريد ڪيل زمين جي پکيڙيل ٽڪڙن جي بدلي ملير ترقياري اداري جي ماسٽر پلان جي فيز ون واري علائقي ۾ مين سپر هاءِ وي تي 1330 ايڪڙ زمين جو هڪ ٽڪڙو ڪنسالٽيڊ ڪري الاٽ ڪيو وڃي. ملير ترقياتي اداري سندن اها درخواست منظور ڪري ورتي . ايم ڊي اي جي ڊي جي 8 آگسٽ 2014ع تي اخبارن ۾ ٻيو اشتهار ڏئي بحريه ٽائون ڪميٽي کي خانگي روينيو کاتن واري زمين جي بدلي ۾ ايم ڊي ماسٽر پلان جي سيڪٽر 177 ۽ 118 ۾ ڪراچي حيدرآباد ، سپر هاءِ وي تي هڪ ئي هنڌ نئين 4696 ايڪڙ زمين ڏيڻ لاءِ اعتراض طلب ڪيا ويا آهن. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڪراچي جي قميتي سرڪاري زمين ڪيئن ملير جي ڏورانهن علائقي واري سستي زمين جي کاتن جي مخصوص بلڊرن کي ڏيڻ لاءِ بدلي ۾ ڪيئن نوان قانوني طريقا ڪڍيا ويا آهن. وڏي ڳالهه ته اها آهي جو انهن مقصدن لاءِ صوبي جي عوام جي چونڊيل ايوان کي پڻ پڻ استعمال ڪرڻ کان نٿو ڪيٻايو وڃي. ٻيو اهو ته جڏهن سپريم ڪورٽ سرڪاري زمين الاٽ ڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي ته ڇا بدلي جي نالي ۾ ڪنهن کي سرڪاري زمين الاٽ ڪرڻ ان پابندي جي دائري ۾ نٿي اچي. انهيءَ کان سواءِ ملير ترقياتي اداري ۽ لياري ترقياتي اداري پاران غير قانوني طور قبضي هيٺ آندل روينيو کاتي جي اٽڪل 30 هزار ايڪڙ زمين تي پوري رٿابندي سان انتظاميا ۽ پوليس جي سرپرستيءَ ۾ ڳوٺن جي نالي تي قبضا ڪرائي وڏي پئماني تي ڌارين جي آبادڪاري جو بندوبست ڪيو ويو آهي. سنڌي ڳوٺن جي نالن تي زمينن تي ٿيندڙ انهن قبضن ۾ انهن علائقن مان چونڊيل نمائندا ۽ وزير ڪبير پڻ سرگرم ترين ڪردار ادا ڪندا رهيا آهن. اربين کربين رپين واري ان سنڌ دشمن ڪاروبار ۾ سڀني کان وڌيڪ خراب ڪردار روينيو کاتي عملدارن ۽ پوليس انتظاميه جو آهي. سنڌ جا ٻيٽ ۽ زمينون تين وال ڪرڻ لاءِ سڀ کان وڌيڪ سرگرميءَ جو مظاهرو ڪندڙن جو سڀ کان وڏو دليل اهو آهي ته ٻيٽ ۽ زمينون نيلام ڪرڻ ۽ شهر اڏجڻ سان صوبي ۾ ترقي ٿيندي. سوال اهو آهي ته اها ترقي ڪنهن جي لاءِ ٿيندي؟ اٽڪل 80 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاريءَ سان ٻيٽن تي اڏجندڙ شهر ۾ ڪير آباد ٿيندو؟ ظاهر آهي ته سنڌي ماڻهن ۾ ته ايتري مالي سگهه ڪانهي، جو انهن جون شهرن جا مهانگا پلاٽ خريد ڪري سگهن يا اتان جي ڪاروبار ۾ داخل ٿي سگهن، ته پوءِ صاف نظر پيو اچي ته اهي شهر سنڌي ماڻهن لاءِ نه پر ڪنهن ٻئي جي لاءِ اڏيا پيا وڃي. باقي جيڪڏهن ترقيءَ جي ڳالهه آهي ته ترقي ته سڄي دنيا جي تڙيل يهودين به فلسطين جي ڌرتيءَ کي وٺرائي آهي، ته ڇا اصل ڌرتيءَ ڌڻين جي پيرن هيٺان زمين کسڪائيندڙ اهڙي ترقيءَ کي ترقي چئي سگهجي ٿو، جيڪا ترقي آزادي کسي وٺي ۽ غلاميءَ جو سبب بڻجي، ان کي ترقي ۽ خوشحاليءَ جو نالو ڪيئن ٿو ڏئي سگهجي؟!! ڪراچي ۽ سنڌ جا ٻيا وڏا شهر اڳ ئي سنڌي ماڻهن لاءِ اوپرا بڻجي ويا آهن، ڪراچيءَ ۾ آيل ڊيمو گرافيڪل تبديلي شهر جي مالڪيءَ وارا ٻيا گهڻا دعويدار پيدا ڪري وڌا آهن، الڳ صوبي جا نعرا پڻ لڳي رهيا آهن، اهڙين حالتن ۾ نون شهرن جي اڏاوت سان جيڪڏهن ڌرتي ڌڻين جي اقليت ۾ تبديل ٿيڻ جا امڪان اڃا گهڻا وڌي وڃن ته اهڙي ترقيءَ کان ويران ۽ غير آباد پيل زمينون ۽ علائقا لک ڀيرا وڌيڪ بهتر آهن. جيڪڏهن سنڌ جي ڌرتيءَ ڌڻين ۾ اڄ ايتري مالياتي سگهه ڪانهي، جو اهي پنهنجن قيمتي ٻيٽن ۽ وڏي اهميت رکندڙ سامونڊي پٽيءَ کي آباد ڪري ترقي وٺرائي سگهن ته ايندڙ نسل اهو ڪم ضرور ڪري وٺندا. ٻيو اهو ته سنڌ ۾ آباديءَ جي واڌ جي شرح گهڻي وڌيل آهي ۽ آباديءَ ۾ تيزيءَ سان واڌ اچي رهي آهي، ڇا ايندڙ صدين ۾ ايندڙ نسلن کي زمين جي ضرورت نه پوندي، جو اڄ اسان پنهنجون زمينون ڪميشنون وٺي بي رحميءَ سان ڌارين کي وڪڻي سڀ ڪجهه لٽائي ويهي رهون؟!!


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1259608
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386666
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ