ڪتاب جو نالو: جديد ڪهاڻي: فن ۽ موضوع
مصنف: عباس ڪوريجو
ڇپائيندڙ: ڪنول پبليڪيشن
ڪيٽيگري: لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق
شايع ٿيڻ جو سال: 2015
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 26 مئي 2016 ع
پڙهيو ويو: 1949 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 488 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
“جديد ڪهاڻي : فن ۽ موضوع” ڪهاڻيڪار ۽ پياري دوست عباس ڪوريجي جو لکيل تحقيقي مونوگراف آهي. هي ڪتاب اصل ۾ عباس ڪوريجي سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪرڻ دواران مونوگراف جي شڪل ۾ ”سال 2000ع کان 2014ع تائين شايع ٿيل ڪهاڻي ڪتابن جو تنقيدي جائزو“ جي عنوان سان سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ پيش ڪيو هو. جيڪو هاڻي ڪتابي صورت ۾ ڇپايو ڪيو ويو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • • سنڌ سلامت پاران
  • • ارپنا
  • • اداري پاران
  • • ٻه اکر
  • • پنهنجي پاران
  • باب پهريون : ڪهاڻي ڇاکي چئجي؟

  • • ڪهاڻيءَ جي ڪهاڻي
  • • ڪهاڻي اسان تائين ڪيئن ٿي پهچي؟
  • • ارتقا، تاريخ، فن ۽ عنصر
  • • ڪهاڻي ءَ جون فني خوبيون
  • • ڪهاڻي ڪيئن لکجي؟
  • • ڪهاڻيءَ يا افساني جا قسم
  • • فليش فڪشن: ماضي ، حال ۽ مستقبل
  • • مختصر ڪهاڻيءَ سان هڪ جهڙائي رکندڙ صنفون
  • • حوالا
  • باب ٻيو : سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪهاڻيءَ جي ارتقا

  • • ابتدائي دؤر
  • • ورهاڱي کان اڳ
  • • ورهاڱي کان پوءِ
  • باب ٽيون : سنڌي ڪهاڻي جي انفراديت

  • • سنڌي ڪهاڻي جي انفراديت
  • • حوالا
  • باب چوٿون ؛ ڪهاڻيءَ جو تنقيدي جائزو

  • • سال 2000ع کان 2014ع تائين شايع ٿيل ڪهاڻي ڪتابن جو تنقيدي جائزو
  • • نتيجا
  • • ببليوگرافي

  • • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (111) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب “جديد ڪهاڻي : فن ۽ موضوع” ڪهاڻيڪار ۽ پياري دوست عباس ڪوريجي جو لکيل تحقيقي مونوگراف آهي. هي ڪتاب اصل ۾ عباس ڪوريجي سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪرڻ دواران مونوگراف جي شڪل ۾ ”سال 2000ع کان 2014ع تائين شايع ٿيل ڪهاڻي ڪتابن جو تنقيدي جائزو“ جي عنوان سان سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ پيش ڪيو هو. جيڪو هاڻي ڪتابي صورت ۾ ڇپايو ڪيو ويو آهي.
    هي ڪتاب ڪنول پبليڪيشن قنبر پاران 2015ع ۾ ڇپايو ويو آهي. لک ٿورا پياري دوست عباس ڪوريجي جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    • ارپنا

    سنڌي ٻوليءَ کي جديد بنيادن تي آڻڻ لاءِ پاڻ ارپيندڙ هن صديءَ
    جي سنڌي جوڌي سنڌي ڪمپيوٽنگ جي سرواڻ

    عبدالماجد ڀرڳڙيءَ
    جي نالي




    سنڌي ادب جي اُفق تي سفرنامن ۽ ترجمن وسيلي
    چئن ڏهاڪن کان چمڪندڙ ستاري
    هردلعزيز شخصيت

    الطاف شيخ
    جي نالي


    • اداري پاران

    عباس ڪوريجو ــ نئين ٽهيءَ جي انهن ڪهاڻيڪار ساٿين منجهه اهم حيثيت رکندڙ آهي، جن کي نه رڳو ڪهاڻي لکڻ جو ڏانءُ آهي پر ڪهاڻي جي فني باريڪ بينن تي گفتگو جي ڏات پڻ آهي.
    “چنڊُ پيرن هيٺ” (2003ع) کان پوءِ ايوارڊ يافته ڪتاب “پنهنجي ڌرتي” (2014ع) جهڙن خوبصورت ڪهاڻين جي مجموعن جي ڪاميابي بعد سندس ايم فل جي ٿيسز ڪتابي صورت ۾ اشاعت ڪندي جتي بي پناهه سرهائي محسوس ٿي پئي، اُتي ڪنول پبليڪيشن جيCentennial Golden Jubilee ڪتاب اچڻ تي اداري جي روان سفر جي پڻ دلي خوشي آهي.
    عباس ڪوريجي جي هيءَ اهم پيشڪش ان ڳالهه جي گواهي آهي ته ادبي حالتن جي ڪيتري به ابتر شڪل هجي، جيڪڏهن نوجوان نسل تي ايمان رکجي ته اُهو گهڻين اميدن کي ساڀيان جو روپ بخشي سگھي ٿو. عباس ڪوريجي به ڪهاڻي جي فن ۽ موضوع تي جامع رنگن سان هڪڙي مختصر زماني کي زنده جاويد ڪندي، ايندڙ وقت جي محقق ۽ پاڙهوءَ لاءِ آسان رستي جي تخليق ڪئي آهي.
    جديد ڪهاڻيءَ جو فن، نه رڳو نئين ٽهي سمجهي ٿي پر خوبصورت اسٽائيل ۾ لکي به ٿي. ضرورت ان جي درست وقت تي پذيرائيءَ جي آهي. عباس ڪوريجي نه رڳو پنهنجي همعصر ڪهاڻيڪار دوستن جي ڪهاڻي ڪتابن جو مختصر جائزو ورتو آهي بلڪه ان جي نتيجن تي پڻ ڳالهائي هڪ محقق دانشور جو حق ادا ڪيو آهي.
    سنڌي جديد ڪهاڻيءَ جي ڀرپور جيئدانَ لاءِ، ڪهاڻين جي نوَن ڪتابن سان گڏ ڪهاڻي بابت ۽ ڪهاڻيڪارن جي فني ۽ فڪري اڇل بابت سيرِ حاصل ڳالهه ٻولهه ٿيڻ سان ئي سنڌي ادب ترقي ڪري سگهي ٿو. “ماٺ” رڳو مقامن ۾ ئي سونهي ٿي.

    سعيد سومرو
    ڪنول پبليڪيشن قنبر
    Cell: 0333-7523132
    Saeedsoomro4@yahoo.com


    • ٻه اکر

    يونيورسٽيءَ پاران:
    ٻه اکر
    عباس سنڌي شعبي سنڌ يونيورسٽيءَ جو اهڙو باصلاحيت شاگرد آهي، جنهن پنهنجي شاگرديءَ واري دور ۾ ئي هڪ ليکڪ طور سڃاڻپ پيدا ڪئي، ۽ علمي ادبي حلقن ۾ عزت جوڳي جاءِ ٺاهي. ڪوبه شعبو، ڪنهن به ماڻهوءَ کي فنڪار ٺاهي نٿو سگهي، البته جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي فطرت ۽ سرشت ۾ فنڪار آهي ته علمي ادبي ادارا ان کي پالش ڪري سگهن ٿا، ماحول ڏئي سگهن ٿا ۽ کيس موقعا فراهم ڪري سگهن ٿا- سنڌي شعبو به اهو ئي ڪم ڪندو رهيو آهي. هن شعبي مان نڪتل لاتعداد شاگرد شاعريءَ، ڪهاڻيءَ، ناول، ڊرامي، تحقيق ۽ ٻين شعبن ۾ شانائتي سڃاڻپ رکن ٿا. دهلي، ممبئي، ڪراچي ۽ خيرپور يونيورسٽين ۾ قائم سنڌي شعبن جون خدمتون به ضرور ذڪر جوڳيون آهن، پر سنڌي شعبي سنڌ يونيورسٽي کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هتان جي استادن توڙي شاگردن سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي جهولي ڪيترين ئي نين ادبي روايتن سان ڀري آهي. گڏوگڏ امداد حسيني، شمشيرالحيدري، حسن درس جهڙا اعليٰ شاعر هن شعبي جا شاگرد رهيا آهن، جيڪا ڳالهه ڪنهن اعزاز وانگر ڳڻائڻ جهڙي آهي. اسان وٽ هڪ زماني ۾ لاٽ فورم هوندو هو، جنهن ۾ حسن درس وارن جي ٽهيءَ جا اڪثر نوجوان اچي شرڪت ڪندا هئا. بعد ۾ منهنجي رهنمائيءَ ۾ شاگردن اسٽڊي سرڪل قائم ڪيو، جنهن شعبي ۾ شاگردن جي ادبي سرگرمين کي وڏي پئماني تي هٿي ڏني ۽ نوجوانن ۾ روايتي ڪلاس روم اسٽڊي کان ٻاهر ساهه کڻڻ جي به فضا مهيا ڪئي. منهنجي ئي مدد سان شاگرد پهرين يونيورسٽي منظر ۽ هاڻي ادبي منظر مئگزين ڪڍي رهيا آهن، جنهن ۾ شاگردن جون پنهنجون تحريرون شايع ٿين ٿيون، ۽ ايئن سندن لفظن سان محبت قائم ٿئي ٿي. عباس ڪوريجو اهڙي ماحول ۾، پنهنجي ذاتي قابليت ۽ تخليقي صلاحيت سان اڳتي آيو آهي، ۽ نه فقط ڪهاڻيءَ ۾ پر ايم اي سنڌيءَ لاءِ لکيل پنهنجي هن اهم مقالي وسيلي پڻ پنهنجي سڃاڻپ کي نئون حوالو مهيا ڪيو آهي.
    عباس هن مقالي ۾ ڪهاڻيءَ جي فن کان وٺي، نئين ڪهاڻيءَ جي موضوعاتي دنيا تي اڪيڊمڪ توڙي آرٽسٽڪ رخن کان روشني وڌي آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ ٿيل نون تجربن جهڙوڪ مختصر ترين ڪهاڻي، هڪ جملي جي ڪهاڻي ۽ فليش ڪهاڻيءَ تي به ڳالهايو آهي، جيڪا هن جي نئين ڪهاڻيءَ ۾ دلچسپيءَ جي ساک ڀري ٿي، ۽ سندس فني معاملن سان دلچسپي ظاهر ڪري ٿي. توڙي جو انهن تجربن تي اڃا ڪهاڻيءَ طور بحث مڪمل نه ٿيو آهي، تڏهن به هيءَ هڪ ابتدائي ڪوشش آهي، ۽ ڪابه ڪوشش حرفِ آخر نه ٿيندي آهي.
    هي مقالو ڪهاڻيءَ تي ٿيل روايتي ۽ نئين تحقيق جو گڏيل نچوڙ آهي، جنهن ۾ ڪيترن ئي سوالن جا جواب به ملن ٿا ته ان مان ڪيئي نوان سوال جنم وٺن ٿا، جن تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. پر ڇاڪاڻ ته هيءُ ايم.اي جو مقالو آهي ۽ ان جو عرصو به تمام محدود آهي، تنهن ڪري ان تي ان کان وڌيڪ لکڻ ممڪن به نه هو. عباس وس آهر گڏ ڪيل معلومات کي يڪجا ڪري ۽ ان جي مناسب تجزيي ۽ بهتر تبصري وسيلي هڪ علمي ڪم سرانجام ڏنو آهي، جنهن سان سنڌي شعبي جي شاگردن پاران قائم ڪيل تحقيق جي روشن روايت ۾ هڪ نئين مشعل جو واڌارو ٿيو آهي. هن تحقيق ۾ سندس رهنما ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو صاحب هو، جنهن جي اچڻ کان پوءِ سنڌي شعبي ۾ تحقيقي سرگرمين جو هڪ نئون دؤر شروع ٿيو آهي.

    ڊاڪٽر اسحاق سميجو
    سنڌي شعبو
    سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو


    • پنهنجي پاران

    مونوگراف ٿيسز ۾ گذريل 15 سالن دؤران ڇپيل ڪهاڻي ڪتابن بابت انگ اکر گڏ ڪرڻ کي جيترو آسان سمجهيم پئي اوترو ئي مشڪل ثابت ٿيا، ان لاءِ لائبريريون، ڪتاب گهر ۽ دوستن جي ذاتي ڪتب خانن جي ڪيترائي ڀيرا ڇنڊڇاڻ بعد ٻئي مرحلي ۾ پبلشرن ڏانهن رخ رکيو جن ۾ محترم يوسف سنڌي، سعيد سومري، سليم چنا، رياضت ٻرڙي ۽ ٻين پنهنجن ادارن جي ڇپيل ڪتابن بابت جامع معلومات ڏني. سنڌ رنگ ڊائجسٽ جي ايڊيٽر محترم ظفر عباسيءَ سان سندس ڪلينڪ تي وڃي ملڻ ٿيو، جنهن اها ڏکوئيندڙ خبر ڏني ته هو ادب کي الواداع چئي گذريل 8 سالن کان پنهنجي ذاتي ڪلينڪ هلائي رهيو آهي ۽ هن پنهنجي ڪتابن کي رديءَ ۾ وڪڻندي باقي رهيل مواد سنڌو درياءَ جي حوالي ڪري ڇڏيو هو، خير ان موضوع تي الڳ سان لکبو، پر باوجود ان حال جي ظفر عباسي ڪنهن هڪ اڌ باقي رهيل ڪتاب جي ڪاپي آڻي اڳيان رکي، جنهن مان ان دؤر ۾ سندس ادارن پاران ڇپرايل ڪهاڻي ڪتابن جا تفصيل معلوم ڪيا ويا. وڌيڪ جن ڪتابن جا حوالا گهربل هئا، ان لاءِ اديبن کان فون ڪال توڙي روبرو ملي معلومات ورتي وئي. انٽرنيٽ تان پڻ ڪيترن ئي ڪتابن جي معلومات ملي. وڌيڪ ڪتابن جي جستجو ۾ ڪهاڻيڪارن تي لکيل خاڪن ۽ مختلف مضمونن مان استفادو حاصل ڪيو ويو. ڏسندي ڏسندي اها فهرست 190 کي وڃي پهتي. هندوستان سان تعلق رکندڙ بزرگ اديب مانواري سائين ڀڳوان ٻاٻاڻي “بندو” منهنجي گذارش تي هندوستان ۾ ڇپيل ان عرصي جا ڪهاڻي ڪتاب گڏ ڪري ٽيبل جي صورت ۾ اماڻيا، جيڪي جيئن جو تيئن الڳ ڪري رکيا آهن، جنهن لاءِ آءُ سندس سهڪار تي ٿورائتو آهيان.
    ڪهاڻي هر دؤر ۾ ماڻهن جي دلچسپيءَ جو باعث رهي آهي، پوءِ اهو انساني ارتقا وارو پٿر جو دؤر هجي يا اڄ جو سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جو دؤر هجي. اوائلي زماني جي ماڻهن پڻ مافوق الفطرت ڪردارن توڙي پاڻمرادو جوڙيل آکاڻين، داستانن ۽ رومانوي قصن وسيلي هڪ ٻئي کي وندرايو پئي. اهو ڪهاڻيءَ جو ٻڌڻ يا ٻڌائڻ وارو دؤر هو، اڄوڪو دؤر ڪهاڻيءَ جي پڙهڻ يا ڏيکارڻ جو دؤر آهي، جنهن ۾ ڪهاڻي ڪتابي صورت ۾ لکجي پيش ٿئي ٿي يا ناٽڪ ۽ ڊرامي جي شڪل ۾ ڏيکاري وڃي ٿي. ڪهاڻيءَ ۾ عام لوڪ توڙي سڌريل سماجن جي حد کان وڌيڪ دلچسپي نظر ايندي. اهوئي سبب آهي جو ننڍن ٻارن کي تعليم ڏيڻ، مذهبي رسمون يا عقيدا سمجهائڻ توڙي دل وندرائڻ لاءِ هر عمر جو ماڻهو ڪهاڻيءَ جي صورت کي پسند ڪري ٿو. اهڙي دلچسپ صنف بابت هيءَ تحقيق پڙهندي ضرور ساڳئي ڪيفيت محسوس ڪندا.
    هن تحقيق جو پهريون ڀاڱو، جيڪو ڪهاڻيءَ جي ڪهاڻي تي مشتمل آهي، ان ۾ مختصر ڪهاڻي جي تاريخ ۽ ارتقا سان گڏوگڏ ڪهاڻيءَ جي فن تي مثالن ذريعي تفصيلي بحث ڪيو ويو آهي، فني لحاظ کان ڪهاڻي ڇا آهي، ڪهاڻيءَ جون خوبيون ڪهڙيون هونديون آهن، ڪهاڻيءَ جا ڪهڙا ۽ ڪيترا قسم آهن، ڪهاڻي ڪيئن لکجي؟، ڪهاڻيءَ سان لاڳاپيل ٻيون صنفون ڪهڙيون آهن، ڪهاڻيءَ جا هيئت جي لحاظ کان نوان قسم ڪهڙا آهن؟ وغيره وغيره شامل آهن، مون لکڻ وقت ان کي اڪيڊمڪ رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيئن پڙهندڙ آسانيءَ سان سمجهي سگهن ۽ هن مان لاڀ پرائن. ڪهاڻيءَ جي قسمن توڙي فني عنصرن کي مختلف مثالن وسيلي آسان ۽ عام فهم بڻايو آهي ته جيئن پڙهندي هر ڳالهه کي آسانيءَ سان سمجهي سگهجي.
    باب ٻيو روايتي هجڻ ۽ ان بابت اڳواٽ گهڻ رُخي تحقيق موجود هجڻ ڪري ان کي جيئن جو تيئن رکندي ناليواري اسڪالر محمد اسماعيل عرساڻيءَ جي ڪتاب “چار مقالا” مان استفادو حاصل ڪيو ويو آهي.
    باب ٽئين ۾ سنڌي ڪهاڻيءَ جي انفراديت جانچيندي سنڌي ڪهاڻيءَ جا سنڌي سماج تي اثر پيش ڪيا آهن، سماجي، ثقافتي ۽ تاريخي روايتن کي سنڌي ڪهاڻي ڪيئن پيش ڪيو آهي، يا سياسي ۽ سماجي حالتن کي سنڌي ڪهاڻيءَ ڪيئن منهن ڏنو آهي، اجتماعي طور سنڌي ڪهاڻيءَ جو سنڌي سماج جي اجتماعي ترقي پسند شعور ۾ ڪيترو حصو آهي. سنڌي ڪهاڻي جي اثر هيٺ سنڌي سماج ۾ ڪهڙيون مثبت تبديليون ۽ لاڙا آيا وغيره شامل آهن. ڪهاڻيءَ جهڙي جامع موضوع کي مفصل ۽ جامع طريقي سان سمجهڻ واسطي سهنجو اندازِ بيان اختيار ڪيو ويو آهي ته جيئن ادب جا شاگرد، نوان لکندڙ توڙي مقابلي جي امتحانن جي تياري ڪندڙ شاگرد پڻ لاڀ حاصل ڪري سگهن.
    ڪجهه ڏهاڪا پهرين سنڌي ڪهاڻي جي مرڻ جي ڳالهه نڪتي ته ٿرٿلو مچي ويو هو ته سنڌي ڪهاڻي نٿي مري سگهي! ڪهاڻي هميشه رهڻي آهي! جيسين ماڻهو جيئرو آهي، ڪهاڻي جيئري رهندي! وغيره وغيره. هن مطالعي مان جيڪو مون محسوس ڪيو، اُهو اِهو آهي ته سنڌي ڪهاڻي پوين پندرنهن سالن ۾ 200 کان مٿي ڪتاب ڏنا آهن، پر انهن ۾ معياري ڪتابن جو انگ تمام ٿورو آهي، سنڌي ڪهاڻي مئي ناهي، واقعي مرندي به نه، پر ڳالهه آهي معيار جي، معياري سنڌي ڪهاڻي لکرائڻ لاءِ معياري تربيت جي ضرورت هئي ۽ جنهن جي اسان وٽ ڪافي کوٽ آهي. اها تربيت ڏيڻ جي هي ادنى ڪوشش آهي.
    آخر ۾ هڪ ڳالهه ضرور ونڊبي، اُها اِها ته سائين انورفگار هڪڙي جي اُها فاتحانه کِل شايد مونکان ڪڏهن به نه وسري، جڏهن مونوگراف مڪمل ٿيڻ وارن ڏينهن ۾ پڇيوهئائين، “عباس! ڏي خبر، تحقيق جي ميدان ۾ پير ڀرڻ کان پوءِ ڇا محسوس ڪيو اٿئي!” مون جواب ۾ فقط اهو چيو هو ته “سائين ننڊون حرام ڪري ڇڏيون اٿوَ، اجهو رات ئي خواب ڏٺو ته ڪنهن ڪتاب گهر ۾ بيٺو آهيان ۽ ڪو ڪهاڻي ڪتاب هٿ چڙهيو آهي، محسوس ٿيو ته اهو مون فهرست ۾ شامل ناهي ڪيو، اڻ تڻ ۾ اهو ڪتاب پڙهڻ ۽ نوٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو پر لکي نٿو سگهان ۽ اک کلي وڃي ٿي ته خواب ۽ ڪتاب ٻئي گم ٿي ٿا وڃن.”
    مان ٿورائتو آهيان پنهنجي محترم استاد ۽ هن مونوگراف لکڻ ۾ نگران سائين انور فگار هڪڙي جو، جنهن وقت سر پنهنجي قيمتي راين سان نوازيو ۽ مدد ڪئي. سائين اسحاق سميجي سان پڻ مشاورت ٿيندي رهي، جنهن جي وقتائتي صلاحن لاءِ سندس شڪرگذار آهيان، ڀڳوان ٻاٻاڻي، اسد الله کوکر، سعيد چانڊيي، علي حسن ملاح، سليم چنا، مولابخش محبتي ۽ انهن سڀني دوستن ۽ ساٿين جو ٿورائتو آهيان، جي ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان هن تحقيق مڪمل ڪرڻ ۾ منهنجا سهڪاري بڻيا.

    عباس ڪوريجو

    03003434235 abbaskorejo@gmail.com
    www.abbaskorejo.com


    باب پهريون : ڪهاڻي ڇاکي چئجي؟

    • ڪهاڻيءَ جي ڪهاڻي

    قديم دؤر ۾ جڏهن ماڻهن گڏجي رهڻ شروع ڪيو، تڏهن ان عمل سماج جي ارتقائي شڪل اختيار ڪرڻ شروع ڪئي. تڏهن سڄو ڏينهن ڪم ڪار ڪرڻ کان پوءِ شام جو جڏهن اهي ٿڪل ماڻهو گڏجي هڪ جاءِ تي ويٺا ٿي ته انهن هڪ ٻئي سان روزمرهه جون ڳالهيون ۽ مسئلا اوريا ٿي، يا سڄي ڏينهن جي ٿڪاوٽ مٽائڻ واسطي هڪ ٻئي کي بهادريءَ جا دلچسپ قصا يا واقعا ٻڌايا ٿي، اهڙي ئي طريقي سان انهن روزمرهه جي ڪچهرين ۾ ڪجهه دلفريب ڳالهيون ۽ واقعا شامل ٿيندا رهيا، جن اڳتي هلي ڳالهه يا قصي ٻڌائڻ جو بنياد وڌو. اهو سلسلو اڄ سوڌو هلندڙ آهي، گهر جا پوڙها فرد اڪثر ڪري ننڍڙن ٻارن جي دل وندرائڻ يا کين ننڊ ڪرائڻ واسطي پَرين، جنن، بادشاهن جون ڪهاڻيون ٻڌائيندا رهن ٿا ۽ گهرن ۾ اهو ڪردار اڪثر ڪري نانيون يا ڏاڏيون نڀائينديون اچن، ان لحاظ کان “نانيءَ جون آکاڻيون” مقبول مثال آهي.
    ننڍپڻ ۾ خاص ڪري سياري جي طويل راتين ۾ جڏهن گهر جا سڀ ٻارڙا نانيءَ جي کٽ جي چوڌاري ڦري ويندا آهن ۽ ضد ڪندا آهن ته کين ڪانه ڪا ڪهاڻي ٻڌائي وڃي ته پوءِ اها ناني پنهنجي عمر جي مشاهدن ۽ صدري روايتن کي آڏو رکندي ڪو نه ڪو قصو شروع ڪندي آهي، جنهن جي شروعات اڪثر هن طرح هوندي آهي ته هڪڙو هو بادشاهه... يا هڪڙي دفعي جي ڳالهه آهي ته....
    ڳوٺاڻي ماحول ۾ اڄ به سياري جي راتين جو اڱڻ ۾ يا اڪثر ٻاهر اوطاقن تي هڪ وڏو مچ ٻاريو ويندو آهي، جنهن جي تاءَ تي ويهي ڪجهه جهونڙا ۽ نوجوان پنهنجو جسم سيڪيندا آهن ۽ جهونڙا وقت کي ريڙهڻ ۽ هڪ ٻئي جي دل وندرائڻ واسطي قصا ۽ ڪهاڻيون پڻ ٻڌائيندا رهندا آهن. جهونڙا جيڪي اڪثر سگهڙ پڻ هوندا آهن، اهي انهن ڪهاڻين ۽ قصن ۾ شعر، پروليون ۽ هنر پڻ ڪتب آڻيندا آهن ۽ ائين لوڪ ادب جي خزاني ۾ واڌارو ايندو ويندو آهي. ناليوارو ليکڪ اشتياق انصاري پنهنجي ڪهاڻيڪار پيءُ انيس انصاريءَ تي لکيل ڪتاب “ انيس انصاري: فن ۽ شخصيت” ۾ اهڙين ڪهاڻين جي باري ۾ لکي ٿو:
    “اهڙي طرح دنيا جي هر خطي ۽ ٻوليءَ ۾ صدين کان وٺي اهڙيون ڪهاڻيون ٻڌيون ۽ ٻڌايون وڃن ٿيون. جيڪي آهستي آهستي اڳتي هلي ادبي روپ اختيار ڪري چڪيون آهن. ڌرتيءَ تي ڳالهائيندڙ ڪابه اهڙي ٻولي ڪانهي، جنهن کي پنهنجا لوڪ داستان، قصا، ڪهاڻيون نه هجن؛ ان ڪري افسانوي ادب جون پاڙون هر ٻوليءَ ۾ صدين کان وٺي ڦهليل آهن.” (1)

    اهڙين لوڪ ڪهاڻين جي شروعات بابت ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سنڌي لوڪ ڪهاڻين جي پهرين مجموعي جي مقدمي ۾ لکي ٿوته :
    “لوڪ ڪهاڻين ۾ انسان ذات جي ٻالاپڻ جا اهڃاڻ موجود آهن، عقل جي بلوغت ۽ جوانيءَ کان اڳ واري دؤر ۾، وهم ۽ وسوسا، سوڻ ۽ سنسا، مند ۽ منتر، سڳا ۽ ڌاڳا، ديو ۽ پريون، جن ۽ ڏانئڻيون، انسان جي ڪائنات جا اهم اسباب هئا ۽ انهن کي سندن عملي زندگيءَ ۾ وڏو دخل هو. جهڙيءَ طرح جهونن دڙن ۽ ڀڙڻ ۾ آڳاٽين تهذيبن ۽ تمدنن جا آثار مدفون آهن، اهڙي طرح لوڪ ڪهاڻين ۾ آڳاٽن نفسياتي رجحانن ۽ ذهني لاڙن جا آثار محفوظ آهن، “لوڪ ڪهاڻيون” ڄڻ لفظن ۽ بيانن جي صورت ۾ جهونا کنڊر آهن، جن کي ولَڻ ۽ ويچارڻ سان انسان جي آڳاٽي وهمن ۽ ويچارن، خوشين، ۽ خوفن، مرادن ۽ مقصدن، حڪمتن ۽ حيلن، ڪاميابين ۽ ناڪاميابين ۽ جي نوعن ۽ نمونن جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.” (2)
    هتي هاڻي سوال اهو ٿو اڀري ته آخر اهي شروعاتي ڪهاڻيڪار ڪير هئا، جن ويهي ٿي اهڙيون ڳالهيون، داستان، قصا ۽ ڪهاڻيون ٻڌايون، ظاهر آهي جڏهن ان سماج جا اڪثر ماڻهو شڪار يا اڳتي هلي ٻين ڪمين ڪارين سڄو ڏينهن سوگها رهڻ لڳا هئا، ان بابت ڊاڪٽر بلوچ وڌيڪ لکي ٿو ته:
    “ڪهاڻيءَ جي سٽاء جي شروعات غالباً پهريائين ڪنهن گهر جي ڀاتي يا سورهيه اڳواڻ جي ڪارنامن يا ڪنهن وڇڙي ويل شخص جي ڪشالن جي حقيقي بيان سان ٿي، جنهن کي وقت گذرڻ بعد وڌائي ويجهائي وڏو ڪيو ويو. اوائلي ڪهاڻيون سڀ حقيقي ڳالهيون هيون، جن تي پوءِ حڪايتي رنگ چڙهيو. اهو ڪهاڻين اُسرڻ جو اوائلي دؤر هو، ان بعد عالمن ۽ دانائن، نصيحت خاطر بادشاهن ۽ سردارن يا پنهنجن پٽن ۽ پوئلڳن واسطي عمداً ۽ ارادتاً ڳالهيون جوڙيون.” (3)

    ڪهاڻيءَ بابت اگر ڪنهن عام ماڻهوءَ کان ڀي پڇندا ته اهو ننڍپڻ ۾ ناني يا ڏاڏيءَ پاران ٻڌايل جنن، پرين، بادشاهن، وزيرن يا ديون ۽ ڏائڻن بابت ڪهاڻين جو ذڪر ضرور ڪندو، ڇوته ڪهاڻي هميشه هر دؤر ۾ هر ماڻهوءَ جي دلچسپيءَ جو محور رهي آهي، جنهن جو مثال مختلف مذهبي ڪتابن ۾ موجود پراڻا قصا ۽ ڪهاڻيون آهن، جن کي مثال بڻائيندي مذهبي تعليم کي عام ڪيو ويو آهي. پراڻي مذهبي ڪتاب رگ ويد ۾ موجود قصا، رامائڻ ۽ مهاڀارت جون ڪٿائون، بائيبل ۾ شامل ڪهاڻيون ۽ قران شريف ۾ موجود اڳين نبين، پيغمبرن ۽ ٻين ماڻهن جون تاريخي ڳالهيون شامل آهن، جيڪي ڪهاڻيءَ جي پراڻي هجڻ ۽ پسندديدگيءَ جو موجود ثبوت آهن ڇوته ڪهاڻي هر دؤر ۾ ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ موجود رهي آهي. ڪهاڻي جي بنياد بابت ناليوارو ڪهاڻيڪار نجم عباسي پنهنجي ڪتاب “ڪهاڻيءَ جو قافلو” ۾ لکي ٿو:
    “ڪهاڻيءَ جون شروعاتي صورتون يعني قصا، داستان ۽ آکاڻيون زباني طرح ٻڌائڻ جو فن هيون. خود ڪهاڻيءَ لاءِ جيڪي نالا ڏنا ويا آهن، انهن مان به ڳالهائڻ جو مطلب نڪري ٿو. ڪهاڻي “ڪهڻ” مان نڪتل آهي، جنهن جي معنى آهي زباني طرح چوڻ. ان کي ڳالهه به سڏبو آهي. ڳالهه “ڳالهائڻ” مان نڪتي آهي، جنهن جو مطلب پڻ زبان سان چوڻ آهي، ان کي آکاڻي به چيو وڃي ٿو؛ هي لفظ “آکڻ” مان نڪتل آهي ۽ مطلب اهو ئي اٿس زبان سان چوڻ. اهڙي طرح اصل ۾ ڪهاڻي “زباني ڪهاڻي” هئي.” (4)
    لوڪ ادب جڏهن اڳتي هلي سماجي ادب کي جنم ڏنو، تڏهن لوڪ صنفن جديد صنفن جو روپ ورتو، لوڪ ڪهاڻي، قصي يا داستان مان ناول جنم ورتو ۽ ناول مان وري مختصر ڪهاڻي يا افساني جنم ورتو، جنهن يورپ جي 18 صديءَ ۾ آيل صنعتي انقلاب جي ڪري مختصر ڪهاڻي جي جديد شڪل اختيار ڪئي.
    سنڌي ڪهاڻيءَ کي عروج بخشيندڙ ڪهاڻيڪار امر جليل پنهنجي ڪتاب “لهندڙ سج جي لام” ۾ ڇپيل ڪهاڻي بابت ڪيل تقرير ۾ چوي ٿو:
    “مان لاڳيتو لفظ ڪهاڻي استعمال ڪري رهيو آهيان، ڪهاڻيءَ مان منهنجو مطلب افسانو يا شارٽ اسٽوري ناهي. مون لفظ ڪهاڻيءَ کي وسيع معنى ۾ استعمال ڪيو آهي. ٽيليويزن، ريڊِيو ۽ اسٽيج ڊرامي ۾ ڪهاڻي هوندي آهي، اخبار يا رسالي لاءِ لکيل ڪنهن سياسي ۽ غير سياسي واقعي جي انويسٽيگيٽو رپورٽ ۾ ڪهاڻي هوندي آهي، ويندي جو اوهين پنهنجي گرل فرينڊ کي جيڪو خط لکندا آهيو، ان ۾ به ڪهاڻي هوندي آهي.” (5)
    شارٽ اسٽوري جي اصطلاحي وضاحت بابت پروفيسر انور جمال پنهنجي ڪتاب “ادبي اصطلاحات” ۾ لکي ٿو ته:
    “افسانو داستان جي ترقي يافته صورت آهي، داستان جيڪو مافوق الفطرت ۽ غير عقلي واقعن جو مجموعو هو، سو حقيقي شڪل ۾ ناول بڻيو ۽ پوءِ ويهين صديءَ جي مشيني دؤر ان کي وڌيڪ سنواري“افسانو” ٺاهي ڇڏيو. جيتوڻيڪ ناول پنهنجي جاءِ تي الڳ نثري صنف طور بحال رهيو. افسانو زندگيءَ جي ڪنهن به هڪ واقعي يا پهلو جي اها تخليقي ۽ فني پيشڪش آهي، جيڪو اڪثر ڪري ڪهاڻيءَ جي صورت ۾ پيش ڪيو ويندو آهي. اهڙي تحرير ۾ اختصار بنيادي حيثيت رکي ٿو ۽ وحدت تاثر( Unity Of Impression)ان جي سڀ کان اهم خاصيت آهي .” (6)
    ناميارو ليکڪ محمد اسماعيل عرساڻي پنهنجي ڪتاب “چار مقالا” ۾ افساني بابت لکي ٿو ته:
    “انساني زندگي بيشمار واقعات ۽ گوناگون تجربات جي حامل آهي. ليڪن افساني نگار ان مان هڪ واقعي يا ڪنهن هڪ ڪردار کي انتخاب ڪري پنهنجي افساني جو اساس قرار ڏئي ٿو. هو ڪنهن هڪ تحريڪ کان متاثر ٿي قلم کڻي ٿو ۽ ان جو ڀرپور تاثر پڙهندڙن تائين پهچائڻ لاءِ ڪوشش ڪري ٿو. هن جي ذهن ۾ واقعات جو ذخيرو محفوظ رهي ٿو. ليڪن ان مان هو رڳو ان واقعي جو انتخاب ڪري ٿو. جنهن جو سندس تحريڪ سان سڌو سنئون تعلق ٿئي ٿو. چنانچه افساني لکڻ وقت افساني نگار جي ذهن ۾ صرف هڪ منزل هڪ خيال ۽ هڪ نقطئه نظر هوندو آهي، جنهن کي هو پهرئين جملي کان وٺي آخر تائين قائم رکڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، ڇو ته مقصد ۽ منزل جي ڪثرت هجڻ سبب افساني جي وحدت کي صدمو رسي ٿو، جنهن ڪري هڪ منزل ۽ هڪ تحريڪ کان وڌيڪ ان ۾ مطلب ڪڍڻ نه گهرجي ته افساني ۾ صرف هڪ واقعي جي عڪاسي ٿي سگهي ٿي. حقيقت ۾ مکيه يا اهم واقعو صرف هڪڙو ئي هوندو آهي. ۽ ٻيا ننڍا ننڍا واقعا يا حادثا به افساني ۾ ٿيندا آهن ليڪن اهي سڀ ان مکيه واقعي جون ڪڙيون هونديون آهن، جي ان کي اجاگر ڪنديون آهن ۽ افساني جي تڪميل ۾ مدد ڪنديون آهن. انهن ننڍڙن واقعن ۾ به زندگيءَ جي مختلف پهلوئن جي تصوير ڪشي ڪئي ويندي آهي. ليڪن مختصر افساني ۾ بيڪار بحث مباحثا، بيسود نظرين جو پرچار يا فضول واقعن جو ذڪر ڪونه هوندو آهي، تنهن ڪري ئي اهو مختصر ٿئي ٿو.” (7)
    ڪهاڻي ڇا آهي؟ ان بابت معروف اردو افسانه نگار مظهرالاسلام پنهنجي ڪتاب”گهوڙون ڪي شهر ۾ اڪيلا آدمي” ۾ لکي ٿو:
    “ڪهاڻي ڪاري دؤر ۾ رڙ آهي.
    ڪهاڻي گلاب موسمن جو گل آهي.
    ڪهاڻي ڦوهه جوانيءَ تي بيٺل عورت جو خواب آهي.
    ڪهاڻي اندر اڊڙيل ماڻهو آهي.
    ڪهاڻي ورق ورق ڇوڪري آهي.
    ڪهاڻي عمر قيد ڪٽيندڙ قيدي آهي.
    ڪهاڻي ولر کان وڇڙيل ڪونج آهي.
    ڪهاڻي اڻ ڏنل چمي آهي.
    ڪهاڻي ٻارڙي جي سليٽ تان ڊٺل سوال آهي.” (8)
    ڪهاڻي ڇا آهي؟ ان لاءِ سنڌي ڪهاڻي کيتر جي نامياري ڪهاڻيڪارا تنوير جوڻيجو، پنهنجي ڪهاڻي ڪتاب “عيبن هاڻِي” ۾ لکي ٿي ته:
    “ دراصل انساني زندگي واقعن ۽ حادثن جو مجموعو آهي. واقعا ۽ حادثا جيڪي انساني دل ۽ دماغ تي گهرو اثر ڇڏن ٿا، انهن کي ڏانوَ ۽ ترتيب سان لکڻ ئي ڪهاڻي آهي.” (9)
    افسانوي ادب تي پي ايڇ ڊي ڪندڙ ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي پنهنجي تحقيقي ڪتاب “آزاديءَ کان پوءِ افسانوي ادب جي اوسر” ۾ ڪهاڻيءَ بابت لکي ٿو ته:
    “مختصر ڪهاڻي هڪ اهڙو مختصر فڪري داستان آهي، جنهن ۾ ڪنهن هڪ واقعي يا ڪنهن هڪ ڪردار تي روشني وڌي وڃي ٿي. ان جي پلاٽ ۽ واقعات جا تفصيل ڳنڍيل ۽ ڳتيل ٿين ٿا. ۽ ان جو بيان ايتري قدر ته منظم ٿئي ٿو، جو ان مان هڪڙو واحد تاثر پيدا ٿي سگهي ٿو.” (10)
    ايڊگر ايلن پو، جنهن کي ڪهاڻيءَ جو ابو سڏيو وڃي ٿو، ان جي مختصر ڪهاڻي بابت راءِ بنيادي حيثيت رکي ٿي:
    “افسانو نثر جي اها صنف آهي، جيڪا پڙهندڙ هڪ ئي نشست (اڌ کان ٻن ڪلاڪن تائين) پڙهي پوري ڪري.”(11)
    ڪهاڻيءَ بابت مختلف ٻولين جي ٻين ڪجهه مشهور اديبن، نقادن ۽ محققن جا قيمتي رايا هتي پيش ڪجن ٿا، جيڪي پڻ ڪهاڻيءَ کي سمجهڻ لاءِ ڪارائتا آهن:
    “ڪابه ننڍي رچنا، جيڪا ويهن منٽن جي اندر پڙهي پوري ڪري سگهجي، تنهن کي ڪهاڻِي چئي سگهجي ٿو.” ايڇ جي ويلس
    “ڪهاڻي ادب جي سڀني نثري روپن ۾ وڌيڪ لچڪدار آهي، ڪهاڻي گهوڙي جي موت کان وٺي هڪ جوان ڇوڪريءَ جي پهرين محبت بابت به ٿي سگهي ٿي.” ايڇ اي بيٽس
    “ زندگيءَ جي ڪنهن به هڪ پهلوءَ ۽ جذبي کي افسانو چئجي ٿو.”
    منشي پريم چند
    “مختصر افسانو نثري ادب جو معراج آهي، ۽ نثر اتي پهچي شعر ۽ تغزل سان وڃي همدوش ٿئي ٿو. ڪامياب مختصر افسانو پنهنجي جاءِ، لفظن جي چونڊ، معنيٰ ۽ مطلب جي وسعت، جذبات جي لطافت ۽ گهرائي ۽ آخري تاثر جي لحاظ کان نثري شعر آهي.” محمد ابراهيم جويو
    “فسانہ نگاری ادب کی سب سے زیادہ آسان صنف ہے۔ ایک معمولی پڑھا لکھا آدمی جو خط لکھنا جانتا ہو تھوڑی سی کوشش سے افسانہ لکھ سکتا ہے بشرطیک وہ یہ جانتا ہو کہ زندگی کی حقیقتوں کو کم سے کم لفظوں میں کس طرح پیش کیا جاسکتا ہے۔ اور افسانہ نثر کی تمام اصناف میں اس لیئے برتری رکھتا ہے کہ وہ چند صفحات میں لکھا جاسکتا ہے اور زندگی کی حقیقت کو پیش کرسکتا ہے۔”
    اردو افسانه نگار غلام عباس
    “مختصر ڪهاڻي ادب جي هڪ نهايت مقبول صنف آهي. جديد دؤر ۾ هن ادبي صنف کي جيتري مقبوليت حاصل ٿي آهي، تنهن جو ڪو ٻيو مثال ورلي ملندو.” ڊاڪٽر قاضي خادم
    ڪهاڻي هڪ مختصر ڳالهه آهي، ان ڳالهه ۾ واقعي جو سلسليوار بيان هوندو آهي ۽ ان بيان کي ئي ڪهاڻي چيو ويندو آهي، اهو بيان حقيقي به ٿي سگهي ٿو ته افسانوي به، تنهن هوندي به جيڪڏهن اهو بيان حقيقي هوندو ۽ سماج جي حقيقتن جي عڪاسي ڪندڙ هوندو ته ڪهاڻي جي بنيادي گهرجن جي لحاظ کان بهتر آهي. ڪو حادثو يا واردات ڪهاڻي کي جنم ڏئي ٿي ۽ ڪهاڻيڪار ان کي پنهنجي تجربي ۽ مشاهدي جي بنياد تي افسانوي انداز ڏئي ٻين تائين پهچائي ٿو.
    افسانو يا ڪهاڻي قصي جي اها شڪل آهي، جنهن کي انگريزيءَ ۾ Short Story سڏيو وڃي ٿو. مختصر ڪهاڻي قصي، داستان ۽ آکاڻين مان ڦٽي نڪتي آهي. ارڙهين صديءَ ۾ يورپ ۾ جڏهن صنعتڪاريءَ جو دؤر آيو ته ماڻهن جي زندگي ايتري ته تيز ٿي وئي جو ڊگهو ادب پڙهڻ لاءِ وقت نه رهيو، تڏهن مختصر ڪهاڻي/افسانو لکڻ جو رواج پيو. افسانو سماجي مسئلن جو عڪس هوندو آهي ۽ عام پڙهندڙ جي ان ۾ خاص دلچسپي ڏٺي وئي. آمريڪن افسانانگار ايڊگر ايلن پو جي مضمون مطابق، “ افسانو نثر جي اها ڪهاڻي آهي، جيڪا پڙهندڙ هڪ ئي نشست (اڌ کان ٻن ڪلاڪن تائين) ۾ پڙهي پوري ڪري.”

    انسائيڪلوپيڊيا آف سوشل سائنسز ۾ ڪجهه هن طرح وصف بيان ڪئي وئي آهي، “ هي اها فني تخليق آهي، جنهن کي حقيقي زندگيءَ ۾ ڪوبه سچو مفهوم ناهي.”

    ثابت ٿيو ته ڪهاڻي هڪ مختصر ڳالهه آهي، ان ڳالهه ۾ وقت جي لحاظ کان واقعن جو سلسليوار بيان هوندو آهي ۽ ان سلسليوار بيان کي ئي ڪهاڻي يا افسانو سڏجي ٿو ۽ اهو بيان فرضي هوندو آهي ۽ ان جا ڪردار ڪهڙا به هجن پر تن جو تعلق اسان جي سماج سان هوندو آهي.

    تخليقي ادب ۾ افساني جو نرالو مقام آهي. جنهن تمام تيزيءَ سان دنيا جي مڙني ٻولين ۾ شهرت حاصل ڪئي. افسانو يا مختصر ڪهاڻي دراصل فڪشن جو حصو آهي، جنهن مان مراد اهڙو تخليقي ادب جيڪو غير حقيقي، جڙتو ۽ ڪوڙي قصي تي آڌاريل هجي. فڪشن ۾ ناول، داستان، قصو ۽ افسانو اچي وڃن ٿا.
    فني حوالي کان افسانو هڪ اهڙي ڪهاڻيءَ کي سڏجي ٿو، جنهن ۾ هڪ وقت فقط هڪ ئي واقعو بيان ڪيل هجي، جنهن ۾ تاثر جي وحدت هجي، يعنى ڪنهن به هڪ ئي مقصد تي زور ڏنو ويو هجي. هڪ کان وڌيڪ واقعن بيان ڪرڻ سان اهو افسانو يا ڪهاڻي نٿو رهي بلڪه ناول يا ناوليٽ جي شڪل اختيار ڪري ٿو. فقط هڪڙي ئي واقعي کي فوڪس ڪرڻ کي ئي مختصر ڪهاڻي سڏجي ٿو، پوءِ اهو واقعو ڪيترو ڀي ننڍو يا ڪيڏو ڀي طويل ڇونه هجي، پر طوالت جي افساني اندر هڪ حد ضرور مقرر ڪيل هوندي آهي، ڇوته افساني جي بنيادي خوبي اختصار آهي، اختصار بابت روسي ڪهاڻيڪار ائنتون چيخوف ڇا ته خوبصورت انداز سان سمجهاڻي ڏني آهي:
    “ڪهاڻي کي نه شروعات هجڻ گهرجي ۽ نه ئي پڇاڙي.” انهيءَ تشريح بعد هو ڪهاڻيڪارن کي ياد ڏياري ٿو ته هو اگر ڪهاڻيءَ جي پهرين صفحي تي ڀت تي ٽنگيل بندوق جو ذڪر ڪري ويٺا آهن ته اها بندوق ڇٽڻ ئي گهرجي.” (12)
    مختصر ڪهاڻي جي اختصار بابت مختلف رايا آهن، ڪجهه نقادن جو خيال آهي ته افسانو هڪ ئي نشست ۾ پڙهي پورو ڪرڻ جيترو هجي، ڪجهه نقاد ان راءِ جا آهن ته اڌ ڪلاڪ ۾ پڙهي پورو ڪري سگهجي، ان کي افسانو سڏجي، پر اڪثريت جي راءِ اها آهي ته مختصر ڪهاڻي کي وقت جي پيماني ۾ بند ڪرڻ جي بدران ڪهاڻيڪارن کي اجائي ڊيگهه کان گريز ڪرڻ کپي۽ فقط اهي ڪردار، ماحول يا شيون بيان ڪرڻ گهرجن، جن جو ان افساني ۾ ڪونه ڪو عمل دخل هجي.
    پهرين جديد ڪهاڻي ڪنهن لکي؟ پهرين جديد افساني جو/جي ليکڪ ڪير آهي؟ ان بابت ميڊم فهميدهه حسين پنهنجي مضمون “ سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ عورت جو روپ” ۾ لکي ٿي:
    “صحيح معنى ۾ اهڙي پهرين ڪهاڻي آمريڪا ۾ لکي وئي. واشنگٽن ارونگ 1819ع ۾ “اسڪيچ بوڪ” نالي ڪهاڻي لکي، جنهن جو مقصد محض تفريح مهيا ڪرڻ ٻڌايو وڃي ٿو.” اڳتي ان جي وڌاءَ ۾ لکيو آهي. “ فڪشن جي هڪ خاص صنف طور پهريون ڀيرو ڪهاڻيءَ کي مڃڻ وارو برانڊر ميٿيوز هو، جنهن 1885ع ۾ هڪ ڪتاب لکيو Philosophy of Short Story .هن ڪهاڻي ۾ زمان، مڪان ۽ عمل جي وحدت (Unity of time, Place and Action) کانسواءِ ڪردار جي وحدت تي به زور ڏنو.” (13)
    ڪهاڻي يا افساني بابت ڪنهن نقاد اهو به لکيو هو ته افسانو نثري صنفن ۾ ائين آهي، جيئن شعري صنفن ۾ غزل آهي. ڪهاڻيءَ بابت جن به نقادن، ڪهاڻيڪارن پنهنجا پنهنجا رايا پيش ڪيا آهن، يا ڪا مخصوص وصف ڏني آهي يا وقت جي پابندي ڏيکاريندي تشريح ڪئي آهي، اهي سڀ ڪهاڻي جي هيئت، فن ۽ ارتقا تي پابندي مڙهڻ مثل آهن، ڇو ته ڪهاڻي ڪنهن به هڪ مخصوص وصف جي محتاج ناهي. ڪهاڻي هڪ آبشار مثل آهي، جنهن جو پاڻي (مرڪزي خيال) هيٺ ڪرڻ کان پوءِ پنهنجو وهڪرو (پلاٽ) پاڻ ٺاهيندو، ڪنهن نه ڪنهن نديءَ ۾ وڃي ڇوڙ (ڪلائيميڪس) ڪندو آهي.
    ڪهاڻي کي سمجهڻ واسطي هيٺيون خيال پڻ ڌيان ڇڪائڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿو:
    “ ڪهاڻي هڪ اهڙي مختصر فڪري ڳالهه آهي، جنهن ۾ ڪنهن خاص واقعي تي روشني وڌي وڃي ٿي. جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ يا جانور سان پيش آيو هجي.”


    • ڪهاڻي اسان تائين ڪيئن ٿي پهچي؟

    ڪهاڻي ٽن طريقن سان اسان تائين پهچي ٿي، پهريون آهي ٻڌڻ يا ٻڌائڻ وسيلي، ٻيو آهي پڙهڻ يا پڙهائڻ وسيلي ۽ ٽيون ڏسڻ يا ڏيکارڻ وسيلي. پهريون وسيلو آهي ته قديمي، پر ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ اڄ به قائم آهي ڇو ته اڄ سوڌو ڳوٺن توڙي شهرن ۾ نانيون ۽ ڏاڏيون اهو فريضو سرانجام ڏينديون پيون اچن. پٺتي تي پيل يا جديد وسيلن کان وانجهيل علائقن ۾ اڄ به مچ ڪچهرين ۽ اوطاقن تي ڪيل محفلن ۾ ڪهاڻي ٻڌائي پئي وڃي. ٻيو وسيلو اڄ پنهنجي عروج تي آهي ۽ اڪثر ڪهاڻيون لکت جي صورت ۾ پڙهڻ وسيلي ٻين تائين پهچن ٿيون، دنيا جي هر ان ٻوليءَ ۾ ڪهاڻي لکي ۽ ڇپي وڃي ٿي جنهن کي پنهنجو رسم الخط آهي. ٽيون ۽ آخري وسيلو ڪهاڻيءَ کي ٻين تائين پهچائڻ جو آهي ڏيکارڻ؛ اسٽيج، ڊرامي يا فلم وسيلي ڪهاڻي ڏيکاري ويندي آهي.


    • ارتقا، تاريخ، فن ۽ عنصر

    ڪهاڻي ۽ حقيقي زندگي جو هڪ ٻئي سان گهرو جوڙ آهي، اياز گل جي ان مشهور شعر جيان ته ڏک جي نه پڄاڻي آ، هر شخص ڪهاڻي آ. هر شخص جي زندگيءَ ۾ هڪ کان وڌيڪ ڪهاڻيون آهن، انيڪ واقعا ۽ حادثا آهن. انهن واقعن، حادثن جو نثري اظهار ئي ڪهاڻي جو روپ وٺي ٿو. انساني اندر جي پيڙا ۽ ٻاهر جو ڪرب انهن واقعن جو مکيه سبب آهن. داخلي يا خارجي مامرا، جي ماڻهوءَ کي سوچڻ ۽ لوچڻ تي مجبور ڪن ٿا، اهي ڪهاڻي بڻجڻ جي کاتي ۾ آڻي سگهجن ٿا. ڇوته ڪهاڻي آهي ئي حقيقي زندگيءَ جي انيائن ۽ لقائن جو عڪسي بيان.
    جرنلزم جي شاگردن کي هڪ عام ڳالهه ۽ خبر جو فرق سمجهائڻ واسطي اهو ٻڌايو ويندو آهي ته اگر ڪو ڪتو ڪنهن ماڻهوءَ کي چڪ پائي ٿو ته اها عام ڳالهه آهي، جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن ڪتي کي چڪ پائي ته اها خبر آهي. ساڳي ڳالهه کي جيڪڏهن افساني جي نظر سان ڏٺو وڃي ته ائين ٿيندي ته ڪتي ماڻهوءَ کي چڪ پاتو اهو واقعو آهي، ردعمل ۾ ان ماڻهوءَ ان ڪتي کي چڪ پاتو اهو افسانو آهي.

    ارتقا ۽تاريخ:
    افساني لاءِ چيو ويندو آهي ته اهو لوڪ ڪهاڻين، لوڪ داستانن، قصن يا آکاڻين جي پيداوار آهي. افسانو 19 صديءَ ۾ ڳالهه ٻڌائڻ واري روايت مان ادب جو حصو بڻيو.
    ڪتاب “سنڌي ادب جو مختصر جائزو” ۾ اڪبر لغاري ڪهاڻي جي شروع ٿيڻ بابت لکي ٿو:
    “ارڙهين صديءَ ۾ يورپ ۾ جڏهن صنعتڪاريءَ جو دؤر آيو ته ماڻهن جي زندگي ايتري ته تيز ٿي وئي جو ڊگهو ادب پڙهڻ لاءِ وقت نه رهيو، ان وقت اها سوچ اڀري ته اهڙو ادب لکجي جيڪو مختصر ۽ بامعنى هجي، تڏهن مختصر ڪهاڻي/افسانو لکڻ جو رواج پيو.” (14)
    ڊاڪٽر غلام علي الانا لکي ٿو، “هي صنف فرانس جي صنعتي انقلاب جي اثر جو ڦل آهي.” (15)
    ڊاڪٽر فهميدهه حسين پنهنجي مقالي “ سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ عورت جو روپ” ۾ ڪهاڻي جي تاريخ ڪجهه هن ريت بيان ڪئي آهي:
    “جديد مفهوم ۾ ڪهاڻي يا Short Story جي فن جي ابتدا لاءِ به مختلف رايا آهن. صحيح معنى ۾ پهرين اهڙي ڪهاڻي آمريڪا ۾ لکي وئي.واشنگٽن ارونگ 1819ع ۾ “اسڪيچ بوڪ” نالي ڪهاڻي لکي جنهن جو مقصد محض تفريح مهيا ڪرڻ بيان ڪيو وڃي ٿو.” (16)
    آمريڪا ۾ ايڊگر ايلن پو هن صنف کي مقبول ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو روس ۾ ٽالسٽاءِ، گوگول ۽ چيخوف، فرانس ۾ موپاسان ۽ بالزاڪ، انگلينڊ ۾ چارلس ڊڪنس ۽ پوءَ اڳتي هلي او هينري، وليم سڊني، ڏکڻ ايشيا ۾ منشي پريم چند کي ان جو باني تصور ڪيو وڃي ٿو.
    فن:
    ڪهاڻي يا افسانو لکڻ وقت ڪجهه ڳالهين جو خاص خيال رکيو ويندو آهي، جن کي فن سڏيو ويندو آهي ۽ اهو فن ڪجهه عنصرن تي مشتمل هوندو آهي. جن جي موجودگيءَ ۽ ترتيب کي فن چئبو آهي.
    ڪهاڻيءَ جي فني اڻت لاءِ هيٺين ڳالهين جو خاص خيال رکيو ويندو آهي.
    1. ايتري مختصر هجي جو هڪ ويهڪ ۾ پڙهي پوري ڪري سگهجي.
    2. هڪ وقت فقط هڪ ئي واقعو پيش ڪيو وڃي، پوءِ اهو تمام مختصر يا تمام طويل ڇونه هجي.
    3. حقيقت نگاري هجي، ڪردار، واقعا ايترا به تصوراتي نه هجن جو فئنٽسي محسوس ٿين.
    4. واقعن، مڪالمن ۽ ڪردارن ۾ ربط هجڻ کپي.
    5. آغاز ۽ انجام پڻ هجي.
    6. اجائي پٽاڙ يا وڌاءَ هرگز نه هجڻ گهرجي.
    7. ڪونه ڪو پيغام، ڳالهه، خيال يا سوچ پيش ڪيل هجي.
    8. مقصديت هجي.
    اڄ جديد ڪهاڻي يا افساني جي فني لحاظ کان تبديلي “فليش فڪشن” جي نالي سان پيش ٿي رهي آهي، جنهن ۾ اکرن، لفظن، جملن ۽ صفحن تي مشتمل ڪهاڻين لکڻ جو بنياد وڌو ويو آهي. فليش فڪشن جي باري ۾ تفصيل اڳتي “ فليش فڪشن: ماضي، حال ۽ مستقبل” واري ڀاڱي ۾ پڙهندا.
    بنيادي جزا يا عنصر:
    روايتي ڪهاڻيءَ جا حامي عام طور مختصر ڪهاڻيءَ جي ستن عنصرن يعني “پڪڊوطما ” وسيلي تشريح ڪن ٿا. جنهن مطابق:
    پ مان مراد پلاٽ، ڪ مان مراد ڪردارنگاري، ڊ مان مراد ڊائلاگ(مڪالما) و مان واقعو، ط مان طرزِ تحرير(اسلوب) م مان مرڪزي خيال(مقصد) ۽ آخري الف مان مراد اختتام ورتي ويندي آهي.
    پلاٽ Plot :
    واقعي يا واقعن جي ترتيب جو نالو پلاٽ آهي. پلاٽ واقعن جي خاڪي کي چيو وڃي ٿو، جيڪي ڪردارن کي پيش اچن ٿا. ڪهاڻي يا ناول جون سموريون دلچسپيون ان پلاٽ جي ترتيب سان جڙيل هونديون آهن. پلاٽ ڪهاڻي يا ناول جو روح هوندو آهي. پلاٽ جو دارومدار ڪهاڻي جي بيان تي آهي، ته ڪهڙو واقعو ڪڏهن، ڪيئن ۽ ڇو پيش آيو؟ ڪهاڻي جي ماهرن پلاٽ جا به ٽي حصا ڪيا آهن، جن ۾ پهريون ابتدا ، ٻيو عروج ۽ ٽيون انتها. جنهن مان اها مراد ورتي ويندي آهي ته واقعي جي ابتدا ڪيئن ٿي، واقعي ۾ عروج ڪيئن آيو، جنهن ڪري پڙهندڙ جي دلچسپي پڻ شامل ٿي ويندي جو هو ان جي انتها (ڪلائيميڪس) پڻ پڙهڻ پسند ڪندو، پر ضروري ناهي ڪيتريون ئي ڪهاڻيون انتها (ڪلائيميڪس) کان به شروع ٿينديون آهن ته عروج کان ڀي.
    ناليوارو ليکڪ اشتياق انصاري پنهنجي ڪتاب “ انيس انصاري: فن ۽ شخصيت” ۾ پلاٽ جي باري ۾ لکي ٿو:
    “ڪنهن به ڪهاڻيءَ ۾ پلاٽ وڏي اهميت رکي ٿو، ڪهاڻي جو تاڃي پيٽو پلاٽ تي ٻڌل هوندو آهي. ٻين لفظن ۾ پلاٽ ڪهاڻيءَ جي ترتيب ۽ سٽاءَ جو نالو آهي. پلاٽ زندگيءَ جي ڪنهن به واقعي يا حادثي تي مشتمل هوندو آهي، جنهن کي ڪهاڻيڪار هڪ خوبصورت ترتيب ڏئي، پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندو آهي.” (17)
    مطلب ڪو به واقعو يا حادثو، جنهن تي ڪهاڻي لکي وڃي. ان کي پلاٽ چئبو آهي. هتي اسان حليم بروهيءَ جي ڪهاڻي روپوش جو شروعاتي ٽڪرو مثال طور کڻون ٿا:
    “مون روپوشن جي لسٽ تي نظر ڊوڙائي. ٻه سؤ کان وڌيڪ نالا هئا لسٽ ۾. منهنجو ٽيمپر لوز ٿيڻ لڳو. جنهن ضلعي ۾ ٻه سؤ روپوش هجن، تنهن ضلعي جا پوليس آفيسر يا ته رشوتي هئا، يا نا اهل هئا. مان اٿيس ۽ لسٽ کڻي ڪانفرنس روم ڏانهن روانو ٿيس.منهنجي وک تکي هئي، تنهنڪري اردلي ڊڪندو منهنجي اڳيان هليو. ڪانفرنس روم جو اردليءَ تڙتڪڙ ۾ در کوليو، ۽ در مان اندر داخل ٿيندي مون ڪَرڙي نظر صوبيدارن تي ڦيرائي جيڪي ٽپ ڏئي ڪرسين تان اٿي کڙا ٿيا هئا. لسٽ ٽيبل تي رکي مون ان تي پنهنجو هٿ رکيو، ۽ صوبيدارن تي نظر ڊوڙائيندي مون چيو ته، “ٻين ڳالهين تي مان ڪنهن ٻي ميٽنگ ۾ ڳالهائيندس. هن لسٽ ۾ مون وٽ انهن روپوشن جا نالا آهن جيڪي حيدرآباد ضلعي جي مختلف ٿاڻن کي ڪيسن ۾ گهربل آهن. هن لسٽ ۾ ٻه سؤ نالا آهن. ٻه سؤ نالا گهٽ ڪينهن. تمام گهڻا آهن. جنهن ضلعي ۾ ٻه سؤ ائبسڪانڊر هجن تنهن ضلعي جا پوليس آفيسر يا ته رشوتي آهن يا نا اهل آهن. جيڪڏهن اوهان رشوتي به نه آهيو ۽ نا اهل به نه آهيو، ته پوءِ هي ٻه سؤ روپوش ڇو اڃان هن لسٽ تي آهن؟ اها ائبسڪانڊرس جي لسٽ هر هڪ ٿاڻي تي هوندي آهي. هر هڪ ٿاڻي تي هنن ائبسڪانڊرس جا فوٽا هوندا آهن. مان ڊائريڪٽ ايس. پي ڀرتي نه ٿيو آهيان. مان صوبيداريءَ مان چڙهي ايس. پي ٿيو آهيان. مون کي خبر آهي، ته صوبيدارن کي خبر هوندي آهي، ته سندن تَر ۾ ڪهڙا روپوش رهندا آهن ۽ ڇا ڪندا آهن.” (18)
    هن ڪهاڻي ۾ هڪ پوليس آفيسر پنهنجي علائقي جي ننڍن عملدارن کي ان علائقي جي روپوشن جي لسٽ بابت ٻڌائيندي حڪم جاري ڪري ٿو ته کيس اهي روپوش حراست ۾ گهرجن، ڇو ته سندس تجربو آهي ته هر ٿاڻي جي حد ۾ رهيل چورن، لوفرن ۽ ڏوهارين جي صوبيدار کي خبر هوندي آهي. هن ڪهاڻي جو پلاٽ پوليس ڊپارٽمينٽ جي ان ايس پي، صوبيدارن ۽ روپوشن جي چوڌاري ڦري ٿو، جن جي لسٽ ٿاڻي تي موجود آهي. ان ڪهاڻي ۾ موجود ان بيان يا گفتگو جي سلسلي کي پلاٽ سڏجي ٿو.

    ڪردار Character:

    ڪردار اهي وجود هوندا آهن، جن جي چوڌاري اهو پلاٽ ڦرندو رهندو آهي. يعنى اهو واقعو جن ماڻهن/جانورن/شين سان پيش آيو، اهي ڪهاڻي جا ڪردار آهن. ڪردار جيئرا جاڳندا ڀي ٿي سگهن ٿا ته بي جان ڀي.
    هونئن ته اڪثر ڪري ماڻهن، جانورن ۽ نظر نه ايندڙ مخلوقن کي ڪهاڻي جو ڪردار تسليم ڪيو ويندو هو پر هاڻي بي جان شيون، ديوار، ڇت، کٽ، پين، چنڊ، ڪتاب وغيره ڪهاڻين ۾ ڪردارن طور ڪتب آندا وڃن ٿا.
    جيئن اسان مٿي حليم بروهيءَ جي ڪهاڻي روپوش جي شروعاتي ٽڪرو رکيو آهي، جنهن ۾ هڪ نئون ايس پي، حيدرآباد پوليس جي مختلف ٿاڻن جي صوبيدارن سان گفتگو ڪندي روپوشن جي لسٽ پيش ڪري ٿو. مٿين ٽڪري ۾ اهو ايس پي، سڀ صوبيدار ۽ اهي روپوش ان ڪهاڻيءَ جا ڪردار آهن، باقي بيجان شين کي ڪردار طور استعمال ڪرڻ جو مثال پائلو ڪوهلو جي “پينسل” ڪهاڻيءَ مان پيش ڪريان ٿو:
    “هڪ ڇوڪرو پنهنجي ڏاڏيءَ کي خط لکندي ڏسي رهيو هو ۽ نيٺ کانئس پڇائين: “ڇا توهان ان بابت ڪهاڻي لکي رهيا آهيو، جيڪو سڀ اسان ڪيو آهي؟ ڇا هي ڪهاڻي منهنجي باري ۾ آهي؟ سندس ڏاڏي خط لکڻ بند ڪيو ۽ پنهنجي پوٽي کي چوڻ لڳي، “مان واقعي تنهنجي باري ۾ لکي رهي آهيان، پر حقيقي لفظن کان وڌيڪ هيءَ پينسل جيڪا مان استعمال ڪري رهي آهيان، اها اهم آهي. مان اميد ٿي ڪيان ته جڏهن تون وڏو ٿئين ته هن پينسل جيئن هجين”
    پريشان ٿيندي، ڇوڪري پينسل ڏينهن ڏٺو، جنهن ۾ هن کي ڪا شيءِ نظر نه آئي.
    “پر اها ته ٻين عام پينسل جيئن آهي.”
    “اهو ته توتي آهي ته تون شين کي ڪيئن ٿو ڏسين، انهيءَ ۾ 5 خاصيتون آهن جيڪي اگر تون هنڊائين ته توکي هڪ پرامن ۽ پرسڪون ماڻهو بڻائينديون.” ڏاڏي چيو ۽ ڳالهه کي جاري رکيو.” (19)
    مٿي ذڪر ڪيل ڪهاڻيءَ ۾ پينسل کي هڪ ڪردار طور پيش ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح مختلف بيجان شين کي ڪهاڻين ۾ ڪردارن طور ڪتب آندو ويندو آهي.

    ڊائلاگ (مڪالما) Dialogue :

    ڪردارن پاران ڪيل گفتگو يا ڳالهه ٻولهه کي مڪالما Dialogues سڏبو آهي. مڪالما ڪنهن به ڪهاڻيءَ جي جان ٿين ٿا، ڪهاڻين جو هيئت جي لحاظ کان هڪڙو قسم ڊائلاگ ڪهاڻي پڻ آهي. مڪالمن ذريعي ڪهاڻي جي ڪردارن توڙي پلاٽ کي واضح ڪيو ويندو آهي. مڪالما ٻن ڪردارن جي وچ ۾ يا هڪڙي ئي ڪردار جي ذهني ڪيفيت ڏيکارڻ لاءِ استعمال ٿيندا آهن.
    هتي اسان نسيم کرل جي مشهور ڪهاڻي ڪافر مان ڪجهه ڊائلاگ/مڪالما مثال طور پيش ڪريون ٿا:
    “جڏھن سيتل مسيت ۾ ويٺو، تڏھن مولوي صاحب بلند آواز ۾ سيتل کان پڇيو:“بابا، تون ۽ مائي ٽلي، دين محمدي قبول ڪرڻ گھرو ٿا؟”
    “ھا مولبي صاحب.”
    “پنهنجي رضا خوشي سان يا زور زبردستيءَ سان؟”
    “پنهنجي رجا سان، سائين.”
    “تون به مائي ٽلي؟”
    “ھا سائين.” ھڪ نويڪليءَ ڪنڊ ۾ ويٺل مائي ٽليءَ جواب ڏنو. مولوي صاحب اھو ٻڌي ڏاڍيان جماعتين کان پڇيو: “ٻڌو ٿا برادران؟”
    “ھا ٻڌون ٿا.” گھڻن جماعتين جواب ڏنو.
    مولوي صاحب اشھد آڱر ڇت ڏانهن کنئي ۽ ٽي ڀيرا بلند آواز سان چيائين: “اي الله! تون شاھد ھججانءِ، اي الله! تون شاھد ھججانءِ، اي الله! تون شاھد ھججانءِ.” ائين چئي مولوي صاحب وري سيتل کان پڇيو: “روزا به رکندين ۽ نماز به پنج وقت باجماعت پڙھندين؟”
    “ھا سائين، روجا به رکندس ۽ نماج به پڙھندس.”
    “سونهاري به شرعي حد تائين رکائيندين.”
    “رکائيندس.” سيتل، صدق دل سان چيو.” (20)
    مٿي ذڪر ڪيل ٽڪري ۾ مسجد جي مولوي ۽ اوڏن جي نئين مسلمان ٿيندڙ جوڙي سيتل ۽ جوڻس ٽليءَ جي گفتگو ڏيکاري وئي آهي، جنهن کي ڪهاڻي يا افساني ۾ ڊائلاگ يا مڪالما سڏبو آهي.
    واقعو Incident:
    هتي واقعي مان مراد پلاٽ جو اهو مرڪزي مونجهاروCrisis آهي، جيڪو ڪهاڻيءَ جو روح آهي، جنهن تي اها ڪهاڻي آڌاريل آهي. دراصل واقعو يا حادثو ئي ان ڪهاڻيءَ جو روح هوندو آهي ۽ پلاٽ ان کي پيش ڪرڻ جو هڪ طريقو آهي.
    واقعي جو ذڪر اسان جنرلزم جي شاگردن کي ڳالهه ۽ خبر جي فرق معلوم ڪرڻ واري انداز طور پيش ڪري آيا آهيون ته جڏهن ڪتو ڪنهن ماڻهوءَ کي چڪ پائي ٿو ته اهو واقعو آهي، جيڪڏهن ماڻهو ان ڪتي کي چڪ پائي ته اها خبر آهي. واقعو ڪنهن به ماڻهو، جانور، شيءَ يا فطرت اندر پيش آيل ڪنهن اوچتي تبديليءَ جو نالو آهي. ماڻهوءَ جو مري وڃڻ، دل ٽٽڻ، حادثو ٿيڻ وغيره کي واقعو تصور ڪيو ويندو آهي. ڪهاڻيءَ يا افساني ۾ واقعو ان مرڪزي ڳالهه کي سڏيو ويندو آهي، جنهن تي ڪهاڻيءَ جو پلاٽ ٻڌل هوندو آهي.
    واقعي کي وڌيڪ سمجهڻ لاءِ هتي نامياري ڪهاڻيڪار منظور ڪوهيار جي ڪهاڻي “مالِ غنيمت” مان ٽڪرو پيش ڪجي ٿو:
    “استاد مٺل چڱو ڀلو هو. معمول مطابق رات جو ٻارنهن وڳي پنڪچر جو دڪان بند ڪري گھر پهتو. هٿ منهن ڌوئي اچي کٽ تي ويٺو. جوڻهس چانور ۽ پٽاٽا اڳيان آڻي رکيا. کائي کير جو وٽو پي، اوڳرائي ڏئي، اڃا ليٽيو مس ته اوچتو سيني ۾ سور جي سٽ اُڀريس. دانهن ڪري چيائين: ‘نصيبان الائي ڇا ٿو ٿئي!؟’ جيستائين نصيبان پاڙي جي ڊاڪٽر (ڪمپائونڊر) ڏي ڀڳي، وٺي آئي، تيستائين ساهه نه تو ڏٺو نه مون ڏٺو.
    سڄو پاڙو صبح سان اٿلي پيو. استاد مٺل جي سڀ سان ٻانهن ٻڌڻ واري واٽ هئي. ڪنهن سان ڏند اگھاڙي نه ڳالهائين، نه ڊيگھه رکيائين. ڪم سان ڪم رکڻ وارو شخص هيو. جنهن ٻڌو سو لڙي آيو.” (21)
    مٿي بيان ڪيل ٽڪري ۾ استاد مٺل جي اوچتي مرڻ جو واقعو پيش اچي ٿو، ۽ اڳتي هلي اهو ان جي زال ۽ ڌيئرن لاءِ مونجهاري جو سبب بڻجي ٿو، ڇو ته ان جي مُئي پڄاڻان اهي نڌڻڪيون بڻجي مٽن مائٽن لاءِ مالِ غنيمت بڻجي وڃن ٿيون.

    طرزِ تحرير (اسلوب) Diction :
    خيالات بيان ڪرڻ ۽ جذبات ظاهر ڪرڻ جي ڍنگ جو نالو اسلوب آهي. اسلوب ليکڪ جي لکت جو ڏانءُ ظاهر ڪندو آهي، جنهن مان اهو پتو لڳائي سگهجي ٿو ته ليکڪ ڪهڙن لفظن وسيلي خيالن جي ادائگي ڪري ٿو. اسلوب کي مصنف جي شخصيت جو مظهر سڏيو ويندو آهي. اسلوب نثر ۽ نظم ۾ الڳ الڳ مفهوم رکي ٿو. جنهن به ليکڪ جي لکڻيءَ ۾ انفراديت هوندي آهي ته ان کي الڳ يا منفرد لهجي يا اسلوب وارو ليکڪ تسليم ڪيو ويندو آهي، مثال امر جليل جي ڪهاڻين يا ناولن ۾ انتهائي سنجيدهه موضوع هجڻ باوجود کلڻ يا مسڪرائڻ تي مجبور ڪندڙ چهنڊڙيون موجود هونديون آهن، جمال ابڙي جي تحرير ۾ انتهائي اختصار ۽ ڪهاڻي جي پلاٽ مطابق ئي گفتگو هوندي آهي، لفظن جي چونڊ انتهائي موزون ۽ ماحول مطابق هوندي آهي. نسيم کرل جي لکڻين ۾ اڳتي وڌڻ واري رواني پيش ڪيل هوندي آهي، ان جي ڪهاڻيءَ ۾ ماضيءَ جي فليش بئڪ جو استعمال بلڪل ناهي، تنهن ڪري ان کي کَلَ جو ڪهاڻيڪار سڏيو ويندو آهي، جنهن جو تعلق ٻاهر جي دنيا سان آهي، اندر جي دنيا سان نه. ان قسم جي انفراديت کي اسلوب سڏجي ٿو.
    نوٽ: اسلوب جو سڌوسنئون واسطو ڪهاڻيءَ سان ناهي، دراصل اسلوب ليکڪ جي لکڻ جو انداز هوندو آهي.

    مرڪزي خيال Theme:
    مرڪزي خيال ان نڪتي کي ظاهر ڪري ٿو، جنهن خيال کان اها ڪهاڻي لکي وئي آهي، يعنى ان ڪهاڻي بيان ڪرڻ پويان درحقيقت ڪهڙو مقصد آهي. آيا ڪهاڻيڪار فقط تفريح واسطي اهو قصو بيان ڪيو آهي يا هو ان وسيلي ڪو نه ڪو پيغام پڻ ڏيڻ چاهي ٿو. مثال طور جمال ابڙي جي ڪهاڻي پشو پاشا پويان ڪهڙو مقصد رکيل آهي، نجم عباسيءَ جي ڪهاڻي ڇوڏو ڪهڙو پيغام ڏئي رهي آهي يا امر جليل جي افساني اروڙ جو مست ۾ ڪهڙي مقصديت لڪل آهي. مرڪزي خيال دراصل اها مقصديت آهي، جيڪا ان واقعي يا حادثي بيان ڪرڻ پٺيان لڪل آهي. پشو پاشا جو مرڪزي خيال اهو آهي ته عدل ۽ انصاف لاءِ اٿي کڙو ٿيل هڪ جهنگلي ڪردار جڏهن پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ ڪورٽ پهچي ٿو ته ان سان گڏ هڪ تمام وڏو سٿ پڻ اتي فيصلو ٻڌڻ پهچي وڃي ٿو. هن ڪهاڻي جو مرڪزي خيال طبقاتي نظام خلاف هيٺين طبقي جي جدوجهد آهي، اهڙي طرح ڇوڏو ۽ اروڙ جو مست ڪهاڻين جو مرڪزي خيال عقيدي پرستيءَ کي نندڻ آهي.

    اختتام Climax :
    پڄاڻي وسيلي ليکڪ ان مرڪزي خيال بابت ڪونه ڪو پيغام ڏيندو آهي. جنهن مان ان واقعي جو حل پڻ معلوم ٿيندو آهي. اختتام هميشه غير متوقع هجڻ گهرجي، فلمن يا لوڪ ڪهاڻين جيان هيرو جي فتح ۽ ولين جي ناڪامي يا بربادي واري رواجي اختتام کان پاسو ڪرڻ گهرجي. اختتام انتهائي انوکو ۽ ڇرڪائيندڙ هجڻ کپي، جيڪو پڙهندڙ جي توقعات جي ابتڙ هجي يا کيس سوچڻ تي مجبور ڪري.
    اختتام کي سمجهڻ لاءِ اسين نسيم کرل جي ڪهاڻي ڪافر جو مثال پيش ڪريون ٿا، جنهن ۾ مسجد جو مولوي هڪ اوڏ جوڙي کي مسلمان ڪري ٿو ۽ اڳتي هلي اوڏن جو مُکي پنهنجي دليل سان لاجواب ڪري ٿو وجهي، نتيجي ۾ نئون مسلمان ٿيل اوڏ ٻيهر پنهنجو ساڳيو ڌرم اختيار ڪري ٿو، مثال طور ان ڪهاڻي جا اختتامي جملا هتي پيش ڪجن ٿا.
    “مکي ڦڳڻ مل، پنهنجو گھربل داءُ وٺي، مرڪيو. عبدالله جي منهن مان رت ڇڏي ويو. ھن جا چپ ڏڪڻ لڳا. اکين جي الائي ڪھڙين ڪنڊن مان ڳوڙھا نڪتا، جن سندس ماڻڪيون آليون ڪري ڇڏيون. جيسين اھي ڳوڙھا ڇپرن ۽ پنبڻين جو بند ڀڃي ڳلن ڏانهن وڌن، ھو مکي جي چنبي ۾ چنبو ڏيئي، مسيت ڏانهن وڃڻ بجاءِ پنهنجي اباڻن پکن ڏي موٽيو.
    ٻئي ڏينهن عبدالله پئنچايت ۾ ڏنڊ ڀري رکيل ڏاڙھي ڪوڙائي ۽ سونيون ڪيوٽيون ڪنن ۾ پائي، سائو گھاري ۾ وھنجي، پاڻ کي اوڏن جي رسم موجب “پاڪ” ڪيو ته ھوڏانهن ڳوٺ واري مسيت ۾ ٽپھري جي نماز کان پوءِ، ھڪ جماعتيءَ مولوي صاحب کي چيو: “مولوي صاحب، ڪتو ڇا ڄاڻي ڪڻڪ جي مانيءَ مان.”
    ٻئي چيو: “سائين گڏھ کي پنج-سنجيون پارائي، گھوڙن سان بيھاربو ته ڪو گھوڙو ڪو نه ٿي پوندو!”
    آخر ۾ مولوي اميد علي پنهنجي سونهاريءَ کي ھٿ سان سنواريندي چيو: “ھا ابا! سچ ٿا چئو، ڪافر نيٺ ڪافر!” (22)

    مٿي ذڪر ڪيل مختصر ڪهاڻيءَ جا عنصر اسان وٽ ڪهاڻيءَ جي فن جي روايتي استادن پاران پڌرا ڪيا ويا آهن، جڏهن ته دنيا جي مڙني ٻولين جي ادب ۾ ان لاءِ مختلف ماپا مقرر ڪيل آهن. خاص ڪري عالمي ادب ۾ مختصر ڪهاڻيءَ جي عنصرن جي جديد بناوت هن ريت ٻڌائي وئي آهي.
    1. شروعات/آغاز (Exposition ): جنهن ۾ مرڪزي ڪردار توڙي خيال لاءِ وضاحتي بيان ڪندي ماحول جوڙيو ويندو آهي.
    2. پيچيدگي/مونجهارو(Complication): اهو اڀرندڙ واقعو، جيڪو تضاد جو سبب بڻيو.
    3. فيصله ڪن گهڙي (Crisis): مسئلي جي اڀرڻ يا نسرڻ جو وقت، بحران.
    4. پڄاڻي(Climax): مسئلي جي حل طرف روانگي يا حل.
    آمريڪي ادب ۾ وري مختصر ڪهاڻيءَ جا پنج عنصر Elements ڄاڻايا ويا آهن.
    1. ڪردار Character
    2. ماحول Setting
    3. پلاٽ Plot
    4. مسئلو Conflict
    5. مرڪزي خيال Theme

    هند جي محقق جڳديش لڇاڻي، جنهن 1985ع ۾ “سنڌي ڪهاڻيءَ جي اوسر” تي ٿيسز لکي، بمبئي يونيورسٽيءَ مان ماسٽرس آف فلاسافيءَ جي ڊگري ورتي، سو پنهنجي ان ڪتاب ۾ ڪهاڻيءَ جي عنصرن کي هن ريت بيان ڪيو آهي:
    “ڪهاڻيءَ جا مکيه مقرر ڪيل عناصر آهن، ڪٿا وستو يا پلاٽ، ڪردار، گفتگو، ماحول، عبارت ۽ چرمسيما وغيره. سماجڪ ڪهاڻي، اتهاسڪ ڪهاڻي، ڌارمڪ ڪهاڻي، ڪردارنگاريءَ واري ڪهاڻي، آدرشي يا اخلاقي ڪهاڻي، ماحول جو چترڻ ڪندڙ ڪهاڻي وغيره جهڙين فتوائن پٺيان به اڳواٽ مقرر ڪيل ماپا يا عناصر ئي آهن.” (23)

    ناميارو محقق، نقاد ۽ شاعر ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو پنهنجي پي ايڇ ڊي جي مقالي “شڪارپور شهر جو سنڌي ادب ۾ حصو” ۾ ڪهاڻي جي فني لوازمات جو ذڪر ڪندي لکي ٿو:
    “افساني ۾ هيٺين فني خصوصيتن ۽ خوبين جو هئڻ لازمي آهي. 1. پلاٽ 2. ڪردار نگاري 3. مڪالما يا گفتگو 4. مرڪزي نقطهء خيال 5. اسلوبِ بيان 6. آغاز ۽ انجام” (24)
    ڊاڪٽر صاحب تفصيل سان پنهنجي ان تحقيقي ڪتاب ۾ انهن عنصرن تي تحقيقي نظر وجهندي الڳ الڳ بحث پڻ ڪيو آهي. جڏهن ته ناليوارو ليکڪ اشتياق انصاري پنهنجي ڪتاب “ انيس انصاري: فن ۽ شخصيت” ۾ ڪهاڻي جي جزن جي ساڳي ترتيب ڏني آهي، جنهن ۾ پلاٽ، موضوع، ڪردارنگاري، اسلوب، منظرنگاري ۽ ٻولي شامل آهن.
    نامياري محقق امير علي چانڊيي پنهنجي مضمون “ڪهاڻي ۽ ان جا ترڪيبي جزا” ۾ ڪهاڻيءَ جا ست عنصر بيان ڪيا آهي، جيڪي هن طرح آهن.
    1. پلاٽ يا سٽاءُ Plot
    2. ڪردار Characters
    3. نقطه نظر Point Of View
    4. سيٽنگ Setting
    5. اسلوب يا ڏانءُ Style
    6. ٻولي Diction
    7. موضوع Theme


    • ڪهاڻي ءَ جون فني خوبيون

    ڪهاڻي ٻڌائڻ جي شيءِ هئي ۽ هاڻي لکڻ ۽ ڏيکارڻ جي رابطي وسيلي ٻين تائين پهچي ٿي، ڪهاڻي لکڻ لاءِ ڪي اصول ۽ خوبيون هونديون آهن، تن جو مختصر ذڪر هيٺ ڪجي ٿو.

    ڪهاڻي/افسانو مختصر ٿيندو آهي:

    فرانس جي صنعتي انقلاب کان پوءِ ڊگها ناول پڙهڻ جو وقت نه رهيو ته ضرورت ايجاد جي ماءَ آهي واري فارمولي تحت مختصر ڪهاڻي ايجاد ڪندي لکي وئي ۽ ان عالمي طور تي مڃتا ماڻي. مختصر ڪهاڻي جي ان دؤر جي وصف موجب ناول کان ننڍي ڪهاڻي هئي. تنهن ڪري ئي ايڊگر ايلن پو ان جي وضاحت هڪ ئي نشست يعني اڌ کا ٻن ڪلاڪن تائين پڙهي پوري ڪرڻ واري ڪئي هئي پر مختصر ڪهاڻي واقعي جي پلاٽ تي مدار رکي ٿي، واقعو جيترو طويل يا مختصر هجي، ڪهاڻي به ان جي ضرورت موجب هجڻ گهرجي. مختصر ڪهاڻي جي خوبصورتي ڊيگهه نه پر اختصار ۾ آهي، ڪهاڻي جيتري ننڍي هوندي اوتري وڌيڪ دلچسپ محسوس ٿيندي ڇو ته افسانو لکيو ئي ڪو نه ڪو تاثر ڏيڻ لاءِ آهي ۽ اهو تاثر هڪ سٽ مان به ملي سگهي ٿو.

    دلچسپي ۽ تجسس:

    واقعي، پلاٽ يا انداز بيان ۾ ايتري ته دلچسپي پيدا ڪئي وڃي جو پڙهندڙ ڪڏهين ڀي اڌ ۾ ڇڏڻ جو سوچي به نه، ڇو ته مختصر ڪهاڻي جي بنيادي گهرج دلچسپي پڻ آهي. دلچسپيءَ سان گڏوگڏ تجسس پڻ مختصر ڪهاڻيءَ جو لازم حصو آهي. ڇو ته مختصر ڪهاڻي ننڍڙي ٿيندي آهي ان لاءِ پڙهندڙ جي دلچسپي قائم رکڻ لاءِ تجسس پيدا ڪرڻ لازمي آهي. ان لاءِ چيو ويو آهي ته ڪهاڻي يا ناول شطرنج وانگر آهن، پهريون داءُ ئي ٻڌائيندو آهي ته اوهان کٽيندا يا هارائيندا. اهڙي طرح ڪهاڻي يا ناول جو پهريون جملو ئي نه فقط پڙهندڙن جو ڌيان ڇڪائي پر اهو آخري جملي تائين پڙهڻ تي مجبور پڻ ڪندڙ هجي.
    تاثر جي وحدت:
    مختصر ڪهاڻي يا افساني ۾ فقط هڪ ئي واقعو بيان ڪيو ويندو آهي ۽ اها ئي ڪهاڻي يا افساني جي بنيادي گهرج آهي. ڪهاڻي ۾ دلچسپي پيدا ڪرڻ واسطي يا پڙهندڙ جو ڌيان ۽ دلچسپي برقرار رکڻ لاءِ مرڪزي واقعي سان سلهاڙيل ٻيون ڳالهيون پڻ پيش ڪيون وينديون آهن پر واقعو فَقط هڪ ئي هوندو ان کي تاثر جي وحدت سڏيو ويندو آهي.
    پلاٽ جي ترتيب:
    ناول ۽ مختصر ڪهاڻي جي پلاٽ ۾ فرق هوندو آهي، ناول گهڻن واقعن تي مبني هوندو آهي ۽ ڪهاڻي فقط هڪڙي واقعي تي، ان لاءِ ناول جي پلاٽ ۾ واقعن جي ترتيب رکي ويندي آهي، جڏهن ته مختصر ڪهاڻيءَ ۾ پلاٽ جي ترتيب ۽ تنظيم رکي ويندي آهي ته واقعي کي ڪيئن ۽ ڪٿان شروع ڪندي ڪٿي ختم ڪرڻو آهي.

    ماحول پيدا ڪرڻ:
    افساني اندر ماحول جو خاص خيال رکيو ويندو آهي، جهڙي قسم جو واقعو هجي، جهڙي سماج اندر اهو واقعو، جهڙي ڪلاس جي ڪردارن سان پيش آيو هجي ان ئي قسم جو ماحول جوڙيو وڃي، ڪردارن جي ٻولي انهن جي ماحول مطابق هجڻ گهرجي. ڪردار کي نظر ۾ رکي ان جا مڪالما لکيا وڃن. ڪردار چور آهي ته مڪالمن مان به محسوس ٿيڻ گهرجي، ڪردار شرابي آهي ته ان جي ٻوليءَ مان محسوس ٿيڻ گهرجي، ڪردار مذهبي آهي ته ان جي گفتگو مان اهڙو تاثر ملڻ گهرجي. پڙهندڙ جي سوچ ڪجهه ٻي يا مخلتف ٿي سگهي ٿي، ڪوشش ڪجي تي ڪردار جي منهن مهانڊي کي بيان ڪجي جيئن ان جو خاڪو پڙهندڙ جي ذهن ۾ پڻ جڙي. ليکڪ واضح بياني کان ڪم وٺي ۽ مبهم پڻي کان احتياط ڪري.
    آغاز ۽ انجام:
    هر ڪهاڻي جو ڪونه ڪو آغاز ۽ انجام هوندو آهي اها ليکڪ جي مرضي آهي ته اهو ڪهاڻي ڪٿان ٿو شروع ڪري آغاز کان يا انجام کان يا وچ مان. بهترين تاثر لاءِ ڪهاڻي جو انجام ڀرپور هجڻ گهرجي. جيڪو پڙهندڙن تي ڪيفيت طاري ڪري ۽ پنهنجو اثر ڇڏي.
    ڪهاڻي ڪيئن لکجي؟:

    سٺي ڪهاڻي لکڻ لاءِ سٺو مطالعو لازمي آهي، جيتريون وڌيڪ بهتر ۽ الڳ الڳ انداز واريون تخليقي ڪهاڻيون پڙهبيون اوتري ئي بهتر ۽ تخليقي ڪهاڻي لکي سگهبي. اڪثر ڏٺو ويو آهي ته اسان جا نوجوان اخبارن، ڊائجسٽن ۽ غير معياري رسالن کي وڏي شوق سان پڙهندا آهن، جتي جهڙو تهڙو مواد شايع ٿيندو رهندو آهي، اڪثر اخبارون ۽ ڊائجسٽ پنهنجي ڪُک ڀرڻ لاءِ ۽ وڌيڪ محنت کان بچڻ واسطي غير معياري ۽ جاسوسي توڙي هيجاني ڪهاڻيون شايع ڪندا رهندا آهن، اهڙيون ڪهاڻيون پڙهي ڪابه تخليقي ڪهاڻي لکڻ ناممڪن آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته معياري ڪهاڻي لکڻ لاءِ سڀني ٻولين ۾ لکيل معياري ڪهاڻيون پڙهجن. ڪهاڻي لکڻ وقت هنن ڳالهين کان پرهيز ڪجي؛ ڪهاڻي اندر شاعراڻي انداز جو استعمال نه ڪجي، ڇو ته ڪهاڻي نثري صنف آهي، ان کي نثر ئي رهڻ ڏجي، فقط سٺي ٻولي يا خوبصورت تشبيهون لکڻ ئي ڪهاڻي ناهي، ڪهاڻي اندر ڪهاڻي پڻو رکڻ گهرجي، بيانيه حصي ۾ اڌ اکري يا ابتو گرامر ڪتب نه آڻجي، جملي يا ڊائلاگ جي پويان .......... ڊاٽ ڊاٽ جا نشان نه ڇڏجن، وٿيءَ لاءِ وڌ ۾ وڌ ٽي نشان ڪافي آهن، ڪهاڻي فقط واقعو بيان ڪرڻ ناهي هوندي ان واقعي کي انجام تائين پڄائڻ جو نالو ڪهاڻي آهي.
    ڪهاڻيءَ جي تاريخ، ارتقا، فن ۽ عنصرن بابت اسان مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون، هتي اوهان کي فقط اهي ڪجهه ڳالهيون ٻڌايون وينديون، جيڪي هڪ معياري ڪهاڻي لکڻ لاءِ ضروري آهن. هتي اسان اهو ذڪر ڪنداسين ته آخر ڪهاڻي ڪيئن لکجي؟


    • ڪهاڻي ڪيئن لکجي؟

    هڪ معياري، فني لحاظ کان مڪمل ۽ پختي ڪهاڻي لکڻ لاءِ هيٺين ڏهن ڳالهين جو خاص خيال رکڻ ضروري آهي ڇو ته بهترين تاثر ڇڏيندڙ ڪهاڻيءَ جو فني طور مضبوط هجڻ پڻ ضروري آهي.
    1. ڪهاڻي لکڻ لاءِ پهرين ٻيون تخليقي معياري ڪهاڻيون پڙهو: ڇو ته جيستائين اسان بهترين ڪهاڻيون نه پڙهنداسين ته اسان وٽ ڪهاڻيءَ جو تخليقي تصور ئي نه جڙندو. بهترين ڪهاڻي نه فقط ليکڪ جي احساسن جي عڪاسي ڪندي آهي پر پڙهندڙن ۾ پڻ احساس پيدا ڪندي آهي. تخليقي ادب جو پروفيسر ايليسن گولڊن (Allyson Goldin) صلاح ڏيندي چوي ٿو ته “بهترين ڪهاڻي لکڻ لاءِ چيخوف ۽ ارنيسٽ هيمنگوي جهڙا لکيڪ پڙهو نه ته گهٽ ۾ گهٽ چيخوف کي ته ضرور پڙهو، ان کي پڙهڻ سان سٺي تخليقي ڪهاڻي لکڻ سکي سگهجي ٿي.” اسٽيفن ڪنگ (Stephin King) لکيو آهي ته “جيڪڏهن اوهان وٽ پڙهڻ لاءِ وقت ناهي ته لکڻ لاءِ به نه هجڻ گهرجي.”
    2. پهريون پيراگراف دلچسپ رکو: پهريون جملو يا پيراگراف اهڙو لکو، جيڪو ڌيان ڇڪائيندڙ عمل وارو هجي، غير روايتي ۽ غير متوقع ڇڪتاڻ سان ڀريل هجي.
    3. ڪردار اهڙو پيش ڪريو، جنهن جي شخصيت جي هر پاسي کان اوهان باخبر هجو: هڪ زندهه،گهڻ رخو ڪردار پيدا ڪرڻ لاءِ اهم آهي ته توهان ان ڪردار بابت هر شيءِ کان واقف هجو، مثلن ان جي نالي، عمر، ڪم، نسل، مهانڊي، رهائش، مذهب، طبيعت، پسند نا پسند، اوڻاين ۽ ڪمزورين، محبت ۽ نفرت، خوف، سنگت ساٿ، رازن، اٿڻي ويهڻي وغيره.
    4. ڪهاڻي ڪير ٻڌائيندو؟: هڪ ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾ اهو اوهان کي فيصلو ڪرڻو آهي ته اها ڪهاڻي ڪير ٻڌائيندو؟ اها ڪهاڻي Subjective هوندي يا Objective، هتي سبجيڪٽو مان مراد اها ڪهاڻي ڪو ڪردار بيان ڪندو ويندو ۽ آبجيڪٽو مان مراد ته يا ڪهاڻيڪار پاڻ ٽين ڌر بڻجي اهو واقعو بيان ڪندو ويندو.
    5. با مقصد ۽ با معنى گفتگو: ڪردارن جي ڪيل گفتگو با مقصد هجي ائين نه هجي ته ڳالهه ڪندا هجون ڪنهن هاريءَ جي ۽ ڪردار ويٺا ملڪي حالات تي گفتگو ڪن. ڪهاڻي کي اڳتي وٺي هلندڙ، با معنى ڳالهه ٻولهه شامل ڪجي.
    6. ماحول ۽ پس منظر جوڙجي: ماحول ۾ وقت، جاءِ، پس منظر ۽ وايو منڊل شامل آهن، جن ۾ وري پلاٽ هوندو آهي. پڙهندڙن کي ماحول ۽ پس منظر تڏهن دلچسپ لڳندو جڏهن اهو پلاٽ ۽ واقعي سان ٺهڪندڙ يا هم آهنگ هوندو. ماحول کي ڪردارن ۽ پلاٽ سان جوڙڻ گهرجي.
    7. پلاٽ جوڙڻ: ڪهاڻي ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو هوندو آهي، ان کي پلاٽ چئبو آهي، ڪردار ڇا ڪري رهيا آهن، ڇا ڪندا ۽ ڪيئن ڪندا ان کي پلاٽ سڏيو ويندو آهي. جين برووي (Jane Burroway) پلاٽ جي باري ۾ چوي ٿو ته “پلاٽ واقعن جو تسلسل آهي، جن کي ڄاڻي واڻي ڊرامائي، موضوعاتي يا جذباتي ڪيفيت کي ظاهر ڪرڻ لاءِ جوڙيو ويندو آهي.”
    8. ڇڪتاڻ پيدا ڪرڻ: ٽڪراءُ، تضاد يا ڇڪتاڻ ڪردارن جي وچ ۾ مخالفت سان پيدا ٿيندي آهي جنهن ڪري ٽينشن جنم وٺندو آهي ۽ اهو ٽينشن افساني ۾ دلچسپي پيدا ڪندو آهي. جين برووي ان ڇڪتاڻ کي هن طرح بيان ڪيو آهي ته “ڇڪتاڻ افسانوي ادب جو بنيادي عنصر آهي، بنيادي ان ڪري جو ان سان ادب ۾ دلچسپي پيدا ٿيندي آهي ۽ اها ڇڪتاڻ زندگيءَ جي عظيم موضوعن کي ڪهاڻيءَ ۾ تبديل ڪندي آهي.”
    9. ڪلائيميڪس طرف وٺي اچو: هاڻي ان ڇڪتاڻ کي ڪلائيميڪس جو دڳ ڏيکاريو جيڪا هڪ فيصله ڪن گهڙي هوندي آهي، جنهن ۾ پرجوش ۽ ڊرامائي لمحا هوندا آهن.
    10. حل ڪڍڻ: شارٽ اسٽوري ۾ مڪمل حل ڏيڻ ڏکيو ڪم آهي، هتي فقط ڇڪتاڻ جو حل پيش ڪيو ويندو، جنهن جي نتيجي ۾ مکيه ڪردار يا ٻين ڪردارن جي رويي ۾ تبديلي آڻڻي پوندي يا پاسو بدلائيندي نئين رُخ کان ڏسڻ جي شروعات ڪرائي ويندي.

    هڪ ٻي ڳالهه ته معياري ڪهاڻيءَ لاءِ واقعي جي چونڊ ۽ پلاٽ اندر ان جي ترتيب پڻ اهميت لهڻي ٿي. واقعي يا حادثي جي چونڊ وقت ان ڳالهه جو خيال رکڻ لازمي آهي ته ڪهاڻي لاءِ اهو واقعو يا حادثو مناسب آهي به يا نه. جيڪڏهن مناسب سمجهو ٿا ته ان جي پلاٽ ترتيب ڏيڻ لاءِ لائحه عمل جوڙيو ته ڪهاڻي ڪيئن ۽ ڪٿان شروع ڪجي؟ ليکڪ جو ڪم ان ڪهاڻيءَ جي ڪردارن توڙي عنصرن ۾ توازن پيدا ڪرڻ آهي، جيئن کاڌي ۾ اگر مليل جزا معيار ۽ وزن مطابق نه هوندا ته ضرور ان جو ذائقو ئي تبديل ٿي ويندو. ڪهاڻي لکڻ جي ٽيڪنڪ بابت امر جليل لکي ٿوته:
    “ڪهاڻي، فزڪس ۽ ڪيمسٽريءَ جي رٿيل فارمولائن مطابق نه لکبي آهي پر اوهان کي اهڙا انيڪ ليکڪ ملي ويندا جيڪي لکڻ کان اڳ ڪهاڻيءَ جو خاڪو ٺاهي سامهون رکندا آهن ۽ پوءِ ڪهاڻي لکڻ شروع ڪندا آهن. خاڪي ۾ ڪهاڻي جو منڍ، جسم يعني باڊي، ڪلائيميڪس ۽ پڄاڻيءَ بابت نوٽس ورتل هوندا آهن. ڪيترائي ليکڪ ڪلائيميڪس ۽ پڄاڻيءَ کي ڳنڍي هڪ ڪري ڇڏيندا آهن. لکڻ لاءِ، ڪجهه ٻڌائڻ لاءِ هر هڪ ليکڪ کي پنهنجو ڏانءُ، پنهنجو انداز ۽ پنهنجو طريقو هوندو آهي.” (25)
    دنيا اندر موضوع تمام ٿورڙا آهن ٻڌايل معلومات موجب ڪل 36 ٿيم آهن ۽ انهن 36 موضوعن مان به شايد ڏهن يا پندرنهن تي ئي گهڻو لکيو ويو آهي ۽ انهن موضوعن تي لکڻ وارن جو تعداد حد کان وڌيڪ آهي، ان موضوع تي لکيل لکڻين جو تعداد وري ڳڻپ کان ٻاهر آهي. مثال پيار هڪ موضوع آهي ۽ ان موضوع تي هڪ اندازي موجب ڪيتريون تحريرون لکيون ويون هونديون؟ ظاهر آهي ڪروڙن جي تعداد ۾هونديون. ڪابه ڪهاڻي لکڻ کان پهرين اهو ضرور ذهن ۾ رکڻ کپي ته ان موضوع تي اها ڳالهه ڪٿي ماضيءَ ۾ لکيل ڳالهين جو ورجاءُ ته ناهي؟ جيڪڏهن ورجاءُ محسوس ٿئي ته ان جي پلاٽ جي پيشڪش گهٽ ۾ گهٽ نواڻ ڏيندڙ هجي يا ڪلائيميڪس گهڻو ڇرڪائيندڙ هجي. هيٺ ڪجهه اهم خوبيون پيش ڪجن ٿيون، جيڪي ڪهاڻي جي رواجي موضوع ۽ واقعي کي به نواڻ بخشي سگهن ٿيون ته اوهان کي به ڪنهن پختي ڪهاڻيڪارن جي فهرست ۾ شامل ڪري سگهن ٿيون. ناليوارو ڪهاڻيڪار نجم عباسي پنهنجي ڪتاب “ڪهاڻيءَ جو قافلو” ۾ ڪهاڻي جي سٽاءَ بابت لکي ٿو ته:
    “اڄوڪي ڪهاڻيءَ ۾ واقعن سان گڏ منظرنگاري،ڪردارنگاري، ڊگهي گفتگو، سماجي ۽ سياسي مسئلن تي ٽيڪاٽپڻي، ڪردارن جي ذهني سوچ ۽ نفسياتي ڪيفيت جو ذري پرزي احوال ۽ هنن جي منهن مهانڊي جو تفصيل پڻ ڏجي ٿو. ان کانسواءِ پلاٽ منجهيل ۽ وڙوڪڙ ٿئي ٿو ۽ ڪن حالتن ۾ ته پلاٽ ٿئي ئي ڪونه. اهي ڳالهيون ڪهاڻيءَ جي رفتار ۾ رڪاوٽ وجهن ٿيون ۽ واقعي جو سلسلو هر هر ٽٽي پوي ٿو.” (26)

    منظرنگاري:
    منظرنگاري دراصل ڪهاڻي بيان ڪرڻ دؤران ماحول جوڙڻ يا وقت ۽ پهر ڏيکارڻ لاءِ بيان اندر درج ڪئي ويندي آهي. منظر مان مراد ڏيک آهي ۽ ڪوبه منظر چٽڻ وقت ڪجهه ڳالهين جو خيال پڻ رکيو ويندو آهي، مثال جيڪڏهن واقعو يا ڳالهه جو تعلق رات سان آهي ته رات جي منظرنگاري ڪبي، اگر ڏينهن جو آهي ته ڏينهن واري ڪبي. منظر نگاري وسيلي پڙهندڙ جي ذهن ۾ هڪ خاڪو اڀرندو آهي، جنهن وسيلي اهو پاڻ کي ان واقعي سان ڳنڍيل يا اتي موجودگي محسوس ڪندو آهي. اهڙو ڪوبه منظر چٽڻ لاءِ پنهنجيون اکيون بند ڪري، پاڻ کي ان ماحول ۾ محسوس ڪريو ۽ دل جي اکين سان جيڪو اوسي پاسي نظر اچي اهو لکندا وڃو. منظر نگاريءَ کي سمجهڻ واسطي عباس ڪوريجي جي ڪهاڻي “جهرڪيءَ جي آکاڻي” مان هي ٽڪرو پيش ڪجي ٿو:
    “شهر جي گهما گهميءَ ۽ گهُٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول کان ڪوهين ڏور، دريا جي ڪپ تي آباد ننڍڙي ڳوٺڙي جوماحول جنت سمان آهي، هڪ پاسي ڪمند جو ڊگهو گهاٽو فصل فوجي پلٽون وانگر قطارن ۾ بيٺل هوندو آهي ته ٻئي پاسي مڪئيءَ جا سنگ هوا تي لڏندي هو جمالو جو رقص پيش ڪري رهيا هوندا آهن. سرسبز ۽ آباد ٻنين جي وچ ۾ پنجاهه گهرن تي مشتمل هي ڳوٺ آباد آهي.
    جڏهن اتر جي هوا، دريا جي لهرن کي ڇهندي، ڳوٺ جي گهرن ۾ داخل ٿيندي آهي ته پوءِ سانوڻ هجي يا سيارو بدن مان سيسراٽ ڪڍي وجهندي آهي. ڇٻر جي سائي قالين وڇايل ٻنن تي جڏهن عورتون ڪامبو ٻڌي ڪمند جي فصل مان ڏاندن ۽ ٻڪرين لاءِ گاهه ڪرڻ نڪرنديون آهن ته مٿان گذرندڙ پکين کي ٽُڪ جي رليءَ جهڙو ڏيک ملندو آهي. سڀ گهر هارين جا ئي آهن، جن کي پنهنجيون ذاتي زمينون آهن. ڳوٺ ۾ زميندار يا وڏيرو نه هجڻ ڪري امن ۽ سڪون جا ڪڪر پيا وسندا آهن، هرو ڀرو جهيڙو يا ڏندچڪ ناهي ٿيندي، باقي اهو ساڙ ۽ مقابلو ضرور رهندو اٿن ته ڪنهن جو فصل ڀلو ۽ ڪنهن جو ڪسو ٿيو آهي.” (27)
    خوبصورت ۽ وقتائتي منظرڪشي ڪهاڻي يا افساني کي اڀارڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪندي آهي. منظرنگاريءَ طرف ڌيان ڏيڻ جي ضرورت هوندي آهي، هڪ ته اها منظر نگاري ڪهاڻيءَ جي بيان واري حصي ۾ ايندي آهي، جنهن ڪري اها ٻولي ڪهاڻيڪار جي ٻولي سمجهي ويندي آهي، جيڪا ادبي ٻولي هجڻ گهرجي.
    منظر ڪشي وقت هنن ڳالهين کي ذهن ۾ رکڻ گهرجي.
    • ڪهاڻيءَ جي واقعي کي نظر ۾ رکجي.
    • رات يا ڏينهن هجڻ يا مخصوص وقت ڏيکارڻ طرف ڌيان ڏجي.
    • شهري يا ٻهراڙي جي ماحول جو فرق رکجي.
    • غريب يا امير جي اٿڻ، ويهڻ، سوچ، عمل ۽ گفتگو جي انداز کي نظر ۾ رکجي.
    • لفظن جي چونڊ ماحول مطابق هجي.
    • واقعي يا حادثي ٿيڻ کان پهرين ان بابت ماحول جوڙجي.
    • موسم جو خاص خيال رکندي ان موجب ڊريسنگ ڏيکارجي.
    • پسگردائي وارو ماحول به حقيقت پسندانه ڏيکارجي.
    • ڪردار جي نفسيات موجب ماحول هجڻ گهرجي.

    ٻولي:
    ٻوليءَ مان مراد بياني ۽ ڪرداري ٻولي آهي. بياني ٻولي ڪهاڻيڪار جي ٻولي هوندي آهي، جيڪا هو منظر يا ماحول بيان ڪرڻ وقت ڪتب آڻيندو آهي. ڪرداري ٻوليءَ مان مراد ڪردار پاران ڳالهائي ويندڙ ٻولي آهي. ٻوليءَ مان ڪهاڻيڪار جي مشاهدي ۽ مطالعي جي خبر پوندي آهي.
    بياني ٻولي ادبي ٻولي هوندي آهي، ان ۾ غلطي ڪرڻ کي ڪهاڻيڪار جي مطالعي ۽ مشاهدي جي غلطي سمجهيو ويندو آهي.
    ڪرداري ٻولي جيڪا ڪردار جي واتان ڳالهرائي ويندي آهي، اها ڪرداري ٻولي آهي. هاڻي هتي ان ڳالهه جو خاص خيال رکڻو آهي ته اگر ڪردار ڪنهن ڳوٺاڻي هاريءَ جو آهي ته ٻولي به ان مطابق هجي. هتي ٻوليءَ جي لهجن جو به خيال رکڻ گهرجي، جيڪڏهن ٿر جو واقعو آهي ته ڪردارن جي گفتگو ۾ ڍاٽڪي اثر ضرور هجي، اگر ڪردار لاڙ، سري يا وچولي سان تعلق رکندڙ آهي ته ان جي گفتگو ۾ ان لهجي جي جهلڪ ضرور هجڻ گهرجي.
    بياني توڙي ڪرداري ٻوليءَ اندر تشبيهون ۽ پهاڪا استعمال ڪرڻ کي سٺو سمجهيو ويندو آهي. پر لازمي امر آهي ته اهي موضوع ۽ واقعي سان مشابهت رکندڙ هجن.
    سمجهڻ واسطي جمال ابڙي جي ڪهاڻي “بدمعاش” مان هي ٽڪرو پيش ڪجي ٿو:
    “پوءِ ته ڪئين ڀيرا جهليو. لوڏو ئي نه اچيس. اک کڻيو نهاري ته ساهه سڪيو وڃي. جهڙي تهڙي پوليس آفيسر جي ڇاتي نه ٿئي، جو ڪجهه چويس.
    چڱي مڙس جي چوريءَ ۾ جهليو. پوليس تي بار پيا. چيائونس؛ “مال موٽاءِ!” وٺي آيس گهر، ڀيڻس کي اگهاڙو ڪيائون، چي؛ “وار پٽينس”.
    ڪيس مان ڇٽي نڪتو، ڀيڻ جي منهن نه چڙهيو. چڱي مڙس کي ماريائين. اهي پوليس جا آفيسر ماريائين. روپوش ٿي ويو. ڪهڙو روپوش؟ اتي ئي هو، پر پوليس کان ڏاڍو هو.
    ڏهڪاءُ وجهي ڇڏيائين. ماڻهو مئو، ڄڻ ڪتو مئو. جڏهن ماڻهن جي ڳچين مان رت ٺينديون ڪري وهندو هو، جڏهن ڪٽيل نڙگهٽ مان گرڙاٽ جا آواز نڪرندا هئا. جڏهن وڍيل رڳن مان رتُ، ڇاٽيون ڪري نڪرندو هو ۽ رت جي گپ ۾ ڇڙهيون هڻندا، بل کائيندا هئا، تڏهن هو بيهي ڏسندو هو. هڪ ڀروون هيٺ، ٻيو مٿي ۽ اک چنجهي.
    ڄڃون ڦريائين. گهوٽ ڪنوار ماريائين. نوٽن جون ڍڳيون ڪري ساڙيائين، ڄڀيءَ کي بيهي ڏٺائين. هڪڙو ڀروون هيٺ، ٻيو مٿي ۽ اک چنجهي.
    هڪ دوست تي ڪاوڙيو، هڻي آنڊا ڪڍي رکيائينس. ٽڪر ٽڪر ڪري وڍيائينس. پوءِ وٺي ڪوڪون ڪيائين. اٺ پهر ماني نه کاڌائين. موٽي اچي، فاتحا پڙهيائينس. مڇون هيٺ لڙڪي آيس. رت لڳل ڪهاڙي کڻي خون واريءَ جاءِ تي پوري ڇڏيائين. ڄڻ ته پنهنجي ڏاڍ ۽ مستيءَ کي دفن ڪيائين...... ۽ پوءِ.....” (28)
    علامت نگاري:
    علامت جي معنى نشاني آهي، تشبيهه مان مراد ڀيٽ ڪرڻ آهي، استعاري مان مراد هوبهو اُڌارو وٺڻ آهي. چنڊ کي مثال وٺي انهن ٽنهي کي سمجهون ٿا. چنڊ علامت آهي حسن جي، روشني جي، خوبصورتي جي. تشبيهه ڏيڻ وقت چئبو آهي، منهنجو محبوب چنڊ جهڙو آهي. استعاري طور ڪتب آڻڻ وقت چئبو آهي، منهنجو محبوب ته چنڊ آهي. تشبيهه ۽ استعاري جو استعمال هونئن ته شاعري ۾ اڪثر ٿيندو آهي پر ڪهاڻي اندر به ڪتب ايندا آهن.
    علامت ڪهاڻي جي گهرج پڻ آهي. ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه لفظن کي علامت طور ڪتب آڻبو آهي. سنڌي ڪهاڻي کيتر ۾ تاجل بيوس جو ڪهاڻِي ڪتاب “جهڄان پسي جهوڪ” علامتي ڪهاڻين جو مجموعو آهي.
    امر جليل جي مشهور ڪهاڻي “ڪپيل ٻانهن جو وارث” مان هي ٽڪرو مثال طور پيش ڪجي ٿو:

    “مئجسٽريٽ صوبيدار جي هٿ ۾ جھليل ٻانهن ڏانهن اشارو ڪندي چيو، “منهنجو خيال آهي، هيءَ ٻانهن تنهنجي آهي.”
    مريض مئجسٽريٽ تان نظرون هٽائي، ٻانهن ڏانهن ڏسڻ لڳو. ڪجھ دير کان پوءِ هن وري مئجسٽريٽ ڏانهن ڏٺو. پڇيائين، “تنهنجي عمر ڪيتري آهي؟”
    مئجسٽريٽ وائڙو ٿي ويو. ڪجھ سمجھ ۾ نه آيس، چيائين، “مان پنجويهن سالن جو آهيان.”
    “مان به پنجويهن سالن جو آهيان، پاڪستان به پنجويهن سالن جو آهي.” زخمي چيو، “پنجويهن سالن ۾ هن ملڪ تو جھڙن کي پنجويھ ٻانهون ڏيئي ڇڏيون آهن. مونکان ٻن ٻانهن مان هڪ ٻانهن ڦڙي ورتي آهي.”
    مئجسٽريٽ اجايو کلڻ جي ڪوشش ڪئي. سندس شڪل ڀولي جھڙي ٿي ويئي. چيائين، “مان حڪومت پاڪستان طرفان توکي تنهنجي ٻانهن موٽائي ڏيڻ آيو آهيان.”
    زخميءَ ڪرڙي اک سان مئجسٽريٽ ڏانهن ڏٺو. ڄاڙيءَ جا هڏا هڪٻئي ۾ جڪڙجي ويس. منهن جو رنگ بدلجندو ويس. تڪليف بدران، سندس منهن مان بي پناھ نفرت ظاهر ٿيڻ لڳي.
    مئجسٽريٽ کان زخمي جي خاموشي ۽ گھائل ڪندڙ گھور برداشت ٿي نه سگھي. چيائين، “مان تو کي تنهنجي ٻانهن موٽائي ڏيڻ آيو آهيان.”
    “مونکان جيئري جاڳندي ٻانهن وٺي، مونکي مئل ٻانهن ڏيڻ آيو آهين!” زخميءَ ڏند ڪرٽيندي چيو، “مان فنڪار آهيان. مان مئل ٻانهن کي ڇا ڪندس! مونکي جيئري ٻانهن موٽائي ڏيو.”
    ڊاڪٽرن مئجسٽريٽ کي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪندي چيو، “هن جو دماغ خراب ٿي ويو آهي. اسين کيس چرين جي اسپتال موڪلينداسين.”
    مئجسٽريٽ نه مُڙيو. زخميءَ کي چيائين، “توکي پنهنجي ٻانهن نه گھرجي؟”
    “مان مئل ٻانهن ڇا ڪندس!” زخميءَ چيو، “پنهنجي حڪومت کي چئه ته مونکي منهنجي جيئري ٻانهن موٽائي ڏي. مونکي جيئري ٻانهن گھرجي. مان فنڪار آهيان. مان تصويرون ٺاهڻ چاهيان ٿو. مان ڪوي آهيان. مان گيت لکڻ چاهيان ٿو. مان سودائي آهيان. مان ڪهاڻيون لکڻ چاهيان ٿو. مونکي منهنجي ٻانهن موٽائي ڏيو. مونکي منهنجي جيئري ٻانهن موٽائي ڏيو.”
    مئجسٽريٽ کي وحشت وٺي ويئي. هو ڊاڪٽرن ۽ صوبيدار سميت موٽي ويو.” (29)

    اسلوب :
    اسلوب نثر توڙي نظم ٻنهي ۾ ڪتب ايندو آهي. اسلوب کي انگريزي ۾ Diction سڏبو آهي. اسلوب طرزِ تحرير آهي، جنهن مان مراد ڳالهه چوڻ جو ڍنگ يا طريقو آهي. اسلوب ۾ جدت يا منفرديت ليکڪ کي منفرد يا الڳ ڪري بيهاريندي آهي. هر ماڻهوءَ جي سوچڻ جو انداز الڳ الڳ هوندو آهي ۽ ڳالهه ٻڌائڻ جو انداز به الڳ هوندو آهي. اوهان نوٽ ڪيو هوندو ته زندگيءَ جي عام رواجي ڳالهه جڏهن ڪوبه سنجديدهه سمجهيو ويندڙ شخص ڪندو ته غور سان ٻڌي ويندي آهي، پر جڏهن ڪو مسخرو سمجهيو ويندڙ شخص ڪندو ته مذاق تصور ڪئي ويندي. دنيا جي سڀني ماڻهن جا ڏک، خوشيون، محبتون وغيره ساڳيا آهن ۽ اهي اهڙا موضوع آهن، جن تي انيڪ ڪهاڻيون سرجيون ويون آهن. پر هر ڪهاڻي جي انفراديت اسلوب سان جانچجي ٿي.
    اسلوب هڪ فن آهي ڳالهه بيان ڪرڻ جو، تنهن ڪري ڪوشش ڪجي ته ڪنهن ٻئي جو اسلوب ڪاپي نه ڪجي، پنهنجو انداز اختيار ڪجي، ڳالهه پيش ڪرڻ لاءِ. بيان جو انداز ائين هجڻ کپي جو ڪردار، منظر ۽ ٻولي ڪٿي به اوپري محسوس نه ٿئي.

    زمان :
    اڪثر ڪري ڪهاڻيون زمان حال مطلق، زمان حال استمراري يا زمان حال مڪمل ۾ لکيون وينديون آهن پر اڪثر ڪهاڻيڪار زمان ماضي مطلق، زمان ماضي استمراري يا زمان ماضي مڪمل ۾ به ڪهاڻيون لکڻ پسند ڪن ٿا. پرڪجهه جدت پسند ڪهاڻيڪارن زمان مستقبل ۾ پڻ ڪهاڻيون لکيون آهن. پهريون مڪمل سنڌي مستقبليه ناول قاضي فيض محمد جو “ ٻاويهه سئو ٻاويهه” آهي، جڏهن ته طارق قريشيءَ جون ڪجهه ڪهاڻيون جن ۾ “صديءَ جو سفر، قيامت ۽ ظالمِ اعظم” شامل آهن اهي سنڌيءَ ۾ پهريون مستقبليه ڪهاڻيون آهن. عباس ڪوريجي جون “ چنڊ پيرن هيٺ ۽ خلا جو سفر” پڻ سائنسي مستقبليه ڪهاڻيون آهن.

    پڄاڻي يا ڪلائيميڪس:

    پڄاڻي ۽ ڪلائيميڪس ڪنهن به ڪهاڻي جي سحرانگيزي ۽ مقبوليت جو وڏو سبب بڻجي سهگن ٿا. ڀرپور ڪلائيميڪس واري ڪهاڻي يادگار بڻجي ويندي آهي ۽ صدين تائين بحث جو موضوع بڻجندي رهندي آهي. پڄاڻي جي لحاظ کان مختصر ڪهاڻي يا افساني جو ڪلائيميڪس هميشه غير متوقع رکيو ويندو آهي. جيئن ڪنهن به ڊرامي يا فلم جي پڄاڻي هميشه خوشگوار رکي ويندي آهي، جنهن ۾ هيرو جي فتح ۽ ولين جي ذلالت ڏيکاري ويندي آهي پر مختصر ڪهاڻي يا افساني اندر توقع جي ابتڙ اهڙي پڄاڻي رکڻ گهرجي جيڪا پڙهندڙ کي سوچڻ تي مجبور ڪري، روئاري وجهي، جنجهوڙي يا سحر ۾ جڪڙي وجهي. ڪهاڻي جو ڪلائيميڪس ڊرامائي نه پر زندگيءَ جي حقيقتن ۾ رڱيل نظر اچي، خيالي محسوس نه ٿئي پر گهر ۽ گھٽيءَ جي ڪهاڻي يا ڳالهه لڳي.


    • ڪهاڻيءَ يا افساني جا قسم

    ڪهاڻي يا افساني جي قسمن کي مختلف رخن کان ڏسي يا ورڇي سگهجي ٿو. پر بنيادي طور ڪهاڻيءَ جا ٻه قسم آهن هڪڙو موضوع جي لحاظ کان قسم ته ڪهڙي موضوع تي لکيل آهي پيار ڪهاڻي آهي يا سماجي مسئلن تي آهي ۽ ٻيو هيئت جي لحاظ کان قسم ته ڪهڙي فارميٽ ۾ لکي وئي آهي تمام ڊگهي آهي يا انتهائي مختصر، پر ڪهاڻيءَ جي پارکن ان جي ڪيترن ئي مختلف رخن کان ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي، جنهن کي پڻ معلومات خاطر ڏسڻ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪنداسين. نامور ڪهاڻيڪار نجم عباسي پنهنجي ڪتاب “ڪهاڻي جو قافلو” ۾ ڪهاڻي جي پراڻي دؤر کي “زباني ڪهاڻي” ۽ جديد دؤر کي “قلمي ڪهاڻي” سڏيندي ڪهاڻي جي قسمن بابت پنهنجي راءِ هن طرح ڏني آهي:
    “اڄوڪي ڪهاڻي ان ڪري به “قلمي ڪهاڻي” آهي جو ان جون ڪي نيون صورتون، جهڙوڪ:
    1. خيال جو وهڪرو
    2. مونولاگ يا پاڻ سان ڳالهائڻ
    3. گفتگو جي صورت واري
    4. اڌ اکري يا ابتي گرامر واري
    5. خطن جي صورت واري
    6. اکين ڏٺي احوال واري
    7. اهڃاڻي ڪهاڻي” (30)
    نجم عباسيءَ جي مٿين راءِ پنهنجي جڳهه تي، هتي اسان ڪهاڻي جي ڪجهه انهن قسمن تي بحث ڪنداسين جيڪي عالمي طور نه سهي پر مجموعي طور معياري سمجهيا، لکيا ۽ پڙهيا وڃن ٿا. تن ۾ موضوعاتي رجحان جي لحاظ کان قسم، پيشڪش جي لحاظ کان قسم، بياني لحاظ کان قسم، هيئت جي لحاظ کان قسم وغيره شامل آهن باقي ڪهاڻي جي فارم ۾ ٻيا به ڪيترائي تجربا ڪيا ويا آهن، جن ۾ اينٽي اسٽوري Anti Story ، اڌ اکري، تجريدي ڪهاڻي، ابتي گرامر واري ڪهاڻي يا ڳجهارتي ڪهاڻي شامل آهن ڇوته جيستائين توهان جي ان لکت ۾ ڪهاڻي پڻو ناهي تيستائين ان کي ڪهاڻي نه پر مضمون يا ٻيو ڪجهه چئي سگهجي ٿو. افساني جي ٽيڪنڪ ۽ قسمن بابت ثميرهه زرين پنهنجي مضمون “ سنڌي افساني جي اوسر” ۾ لکي ٿي:
    “ افساني جي ٽيڪنڪ جا اهم اصول: اختصار، اشاريت، ڪردار جي حياتيءَ جو هڪ رخ پيش ڪرڻ ۽ تاثر جي وحدت، اڄ به اڳ وانگر آهن. انهن تي عمل پيرا رهڻ سببان نه افساني جي صورت بدلي آهي ۽ نه وري هن صنف کي ٻئي نالي ڏيڻ جي ضرورت ٿي آهي. البت ايترن تجربن افساني جي صنف ۾فني نقطي نگاري کان مختلف قسم ضرور پيدا ڪيا، جيئن ته مختصر افسانو، طويل افسانو، افسانو، خاڪو، رپورتاز ۽ فئنٽسي وغيره” (31)

    مون مٿي ذڪر ڪيو ته بنيادي طور ڪهاڻيءَ جا ٻه قسم ٿيندا آهن ۽ انهن ٻنهي بنيادي قسمن اندر وري ڪجهه فارم آهن، جن کي سمجهڻ واسطي انهن جي هيٺين طريقن سان ڇنڊڇاڻ ڪرين ٿا.
    موضوعاتي رجحان جي لحاظ کان قسم:
    موضوعاتي رجحان جي لحاظ کان ڪهاڻي يا افساني جا ٻه قسم آهن، حقيقت پسنديءَ واري مختصر ڪهاڻي ۽ افسانوي ڪهاڻي.
    افسانو ۽ مختصر ڪهاڻي ڪي الڳ شيون نه آهن پر ٿوري تفريق جي ڪري الڳ سڃاتا وڃن ٿا. افسانو هڪ اهڙي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ مبالغو يا افسانويت وڌيڪ هجي ٿي، جڏهن ته مختصر ڪهاڻيءَ ۾ حقيقت نگاريءَ تي زور ڏنل هوندو آهي ۽ مبالغو گهٽ هوندو آهي. يعني اها ڳالهه جنهن ۾ حقيقت نگاريءَ تي زور ڏنل آهي، اها مختصر ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ افسانوي انداز اختيار ڪيو ويو آهي، اهو افسانو آهي. باقي صرف موضوع يا مضمون جي ڪري ڪهاڻي کي ڪهڙو به نالو ڏئي سگهجي ٿو. جيئن کل ڀوڳ جي موضوع تي لکيل ڪهاڻين کي مزاحيه ڪهاڻيون، تصوف جي موضوع تي لکيل ڪهاڻين کي صوفي ڪهاڻيون، تعليم جي ٻرندڙ موضوع تي لکيل تعليمي ڪهاڻيون، خاص ٻارڙن لاءِ لکيل ٻاراڻيون ڪهاڻيون، گهرن ۾ پڙهي سگهجندڙ موضوعن تي لکيل فيملي ڪهاڻيون، سائنسي موضوعن تي لکيل سائنسي افسانا اهڙي طرح جاسوسي، تجسسي، خوفناڪ ۽ ٻيون ڪهاڻيون پڻ ان قطار ۾ شامل ڪري سگهون ٿا.

    پيشڪش جي لحاظ کان قسم:

    پيشڪش جي لحاظ کان به ڪهاڻيءَ جا ٻه قسم آهن، هڪ پلاٽ تي آڌاريل ڪهاڻي ٻيو اَڪهاڻي. پلاٽ تي آڌاريل ڪهاڻي ته اها ساڳي روايتي ڪهاڻي آهي، جيڪا اسان عام طور تي مقصديت جي مفهوم ۾ اڳتي وڌايون ٿا ۽ ان واقعي کي بيان ڪندي شعوري طور تي ڪو نه ڪو پيغام پهچايون ٿا.
    ا َڪهاڻي دراصل Plot less ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ ڪوبه پلاٽ ناهي هوندو، ڪو خاص واقعو بيان ڪيل ناهي هوندو، لاشعوري ڳالهيون هونديون آهن. ان قسم جي ڳالهين کي سريئلزم ڪوٺيو ويندو آهي، يعني تحت الشعور تحت پيش ڪيل ڳالهيون. سريئلزم دراصل غيرمنطقي تصورن تي ٻڌل هڪ تحريڪ هئي، جيڪا پهرين مهاڀاري لڙائيءَ کان ٻي مهاڀاري لڙائيءَ واري عرصي ۾ سرگرم رهي. ادب ۽ آرٽ ۾ هن قسم جو فڪر پڻ پيش ڪيو ويو. سريئلزم وارو تصور اسان وٽ اَڪهاڻي واري انداز سان پيش ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ تحت الشعور ۾ ڪيل ڳالهيون بيان ڪيون ويون آهن، جيئن خواب واري ڪيفيت، چريائپ يا وائڙائپ واري ڪيفيت يا بي ڌياني ۾ ڪيل گفتگو شامل آهن. هن قسم جي ڪهاڻيون سنڌيءَ ۾ اخلاق انصاريءَ ۽ نسيم پارس گاد لکيون آهن، جيڪي “مان ڪائنات آهيان” ۽ “ ڪولاج ٿيل شخص جو پورٽريٽ” مجموعن ۾ شامل آهن.

    بياني لحاظ کان قسم:
    بياني لحاظ کان ڪهاڻيءَ جا هيٺيان ڪجهه مقبول قسم آهن، مونولاگ، بياني قسم، ضمير حاضر وارو، خط وارو انداز، وجوديت وارو قسم ۽ مڪالمن تي مبني، ڊائريءَ جي ورق وانگر، ڪرداري ڪهاڻي ۽ متفرقه ڪهاڻي.
    مونولاگ Monologue:
    هن قسم جي ڪهاڻي ۾ ڪهاڻيڪار خود هڪ ڪردار جي صورت ۾ موجود هوندو آهي، ۽ اها ڳالهه ٻڌائيندو ويندو آهي، ٻين ڪردارن جو تعارف پڻ ڪرائيندو آهي، ان واقعي يا حادثي بابت پنهنجي راءِ پڻ ڏيندو آهي، ٻين ڪردارن جي عملن، روين ۽ گفتگو کان پڻ واقف ڪندو ويندو آهي ۽ پوءِ ڪهاڻيءَ کي پڄاڻيءَ تي رسائيندو آهي. مونولاگ ڪهاڻيءَ لاءِ سعيد سومري جي ڪهاڻي “مون کي ننڊ نه ٿي اچي” مان هي ٽڪرو رکجي ٿو:
    “اخبار وارو ڇوڪرو هوڪا ڏيندو منهنجي اڳيان اڳيان گذريو. مون کي وائڙن وانگر اخبارن ڏانهن ڏسندي، بيٺي پير ئي پڇائين: “سائين! اخبار کپي ڇا!؟”
    مون ڇرڪندي “هونهن” ڪري هُن ڏانهن ڏٺو. سانوري رنگت، پوريل اکيون، وکريل وار، ميري قميص ۽ ڪيترن ڏينهن کان منهن نه ڌوتل.... اف! منهنجو ايندڙ نسل .... هيءُ..!؟
    “ڪاوش ... سچ ... ڪوشش .... سنڌ ... جيڪا چئو ...!” هن وري ڳالهايو.
    مون اکين تي نظر جو چشمو ٺاهيندي، روڊ کان ويندڙ گڏهه گاڏي تي ويٺل مايوس شخص ڏانهن ڏسندي هاڪر کي چيو. “نه پُٽ .. مون کي اخبار نه گھرجي، اخبار ۾ رڳو ڏکن جون خبرون اچن ٿيون ۽ مان ڏک سهڻ جھڙو ناهيان رهيو ....!”
    “سائين! اخبار وٺندوَ ته مون کي روپيو بچندو. مون کي امان جون دوائون وٺڻيون آهن سائين!”
    منهنجو هانءُ اُٻڙڪو ڏيئي ڄڻ پيرن ۾ اچي ڪريو. مون تڪڙ ۾ کيسي ۾ هٿ هنيو ته رڳو ٻه روپيا مس هئا. ڇوڪرو مون کي ائين وساميل ڏسي سمجھي ويو.
    “پٽ! مون وٽ پيسا ڪونهن، تون هيءُ ٻه روپيا رک...! مون هٿ هن ڏانهن وڌائيندي چيو.
    “نه سائين!” ڪري هن هلڪڙي وک اڳتي کڻندي جھيڻو هوڪو ڏنو. “س ... چ ... سن ...ڌ...”
    مون کي لڳو ته ڄڻ مان گورڪن ٿي ويو آهيان ۽ ڪي قبرون کوٽڻ ۾ مصروف آهيان.” (32)

    بيانيNarrative :
    ٻين پاران ٻڌايل يا ڪهاڻيڪار پاڻ اهو قصو يا ڪهاڻي بيان ڪندو ويندو آهي ۽ هر واقعي، ڳالهه يا تاثر کي بياني انداز ۾ ٻڌائيندو اڳتي وڌندو آهي ته ڇا ٿي رهيو آهي. مطلب ڳالهه ٻڌائڻ واري جو ڳالهه سان سڌو سنئون تعلق ناهي هوندو، ٻڌڻ واري جو به ناهي هوندو پر ان ۾ واقعي جي دلچسپيءَ جي ڪري ٻين جي ڳالهه ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ وارو حِضُ حاصل ڪيو ويندو آهي. هتي قاضي مقصود گل جي ڪهاڻي “ٻارن جو وڪرو” پيش ڪجي ٿي:
    “ڪراچي جي ريگل چوڪ جي فوٽ پاٿ تي پڪي عمر جو هڪ مرد ۽ هڪ عورت، ٻه معصوم ٻارڙا کارن ۾ ويهاريو اڳيان رکيو ويٺا هئا، ۽ هوڪا ڏئي رهيا هئا؛ “ٻار وٺو! ٻار وٺو!” عورت جو منهن لٿل ۽ مايوس هو پر مرد پنهنجي مايوسيءَ ۽ درد کي، هٿرادو مرڪ مرڪي، پردو وجهڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو هو.
    ماڻهن جي هجوم مان هڪ گراهڪ ڳالهايو؛ “گهڻو...... گهڻو!”
    مرد وراڻيو؛ “ٻه ٻه هزار.”
    گراهڪ چيو؛ “نه! هڪ هڪ هزار!”
    “ڏي ڀلا!” مرد هٿ ڊگهو ڪندي چيو.
    “نه نه مون کي نه کپن...! بس مون ائين ئي چيو، اگهه پڇڻ لاءِ...!” گراهڪ چيو.
    ٻارن جي ماءُ ڏکوئيندڙ لفظن ۾ چيو؛ “پئسا نه ڏي! تون ٻار ائين ئي وٺي وڃ! بس منهنجي ٻارن کي ڍَوَ تي ماني کارائجانءِ..!”
    ماءُ جون اکيون آبشار ٿي ٽمڻ لڳيون..!” (33)
    ضمير حاضر وارو Second Person :
    هن قسم جي ڪهاڻين ۾ ڪهاڻي جي ڪنهن ڪردار کي ائين مخاطب ٿي لکيو ويندو آهي ڄڻ اهو اڳيان ويٺو هجي ۽ ان جي موجودگيءَ ۾ ان سان گهاريل اهي واقعا يا ڳالهيون شيئر ڪبيون آهن جيڪي انهن ٻنهي ۽ ٻين جي وچ ۾ گڏيل طور واقع ٿيون هجن، ان قسم جي ڪهاڻي کي ضمير حاضر واري ڪهاڻي شمار ڪجي ٿو. طارق عالم ابڙي پنهنجي ناول “رهجي ويل منظر” ۾ اهڙو انداز ڪتب آندو آهي پوءِ جا آيل ڪجهه ناول پڻ انداز سان پيش ڪيا ويا آهن، جن ۾ منير چانڊيي جا ناول پڻ شامل آهن. هن قسم جو انداز ڪهاڻي ٻڌائڻ واري روايت کي ظاهر ڪري ٿو، جنهن ۾ ناني يا ڏاڏي ننڍڙن ٻارن کي مخاطب ٿي چوندي هئي/آهي ته پيارا ٻارو! خبر اٿوَ ته پوءِ اڳتي ڇا ٿيو....؟ مثال طور رفيق سومري جي ڪهاڻي “ڀونءِ تري ۾ ڦاٿل ڀوري ڇوڪري” مان ٽڪرو پيش ڪجي ٿو:
    “ڀينرو! اچو ته آئون اوهان کي پنهنجي آتم ــ ڪٿا ٻڌايان.
    مان خليل جبران جي مٺڙي وطن لبنان جي سهڻي، من ــ موهيندڙ ۽ حُور ــ پرين جي شهر بيروت جي رهواسڻ آهيان. ڪالهه تائين، مون پنهنجي حياتيءَ جا ٻارنهن سال ڌرتيءَ جي پيٽ (انڊر گرائونڊ بيسمينٽ) ۾ گذاريا. پنهنجي ننڍپڻ ۽ ٻالڪپڻ جا ٻارنهن سال، معصوم، ڪومل، نرم ۽ نازڪ جذبن سان ٽمٽار، نفيس ۽ خوبصورت خيالن ۽ حسرتن ڀريل ٻارنهن سال، ڀونءِ تري ۾ نهايت وحشتناڪ ڪيفيت ۾ گذارڻا پيا. منهنجو هڪ هڪ ڏينهن ڊپ، ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ ۾ اذيتن جي اولڙي ۽ پيڙائن جي پهري ۾ گذريو آهي ۽ اهڙيءَ ريت مون پورا چار هزار ٽي سوءُ اسي ڏينهن هڪ غار جهڙي اونداهي ڪوٺي ۾ ڪاٽيا آهن.” (34)

    ڊائريءَ جو ورق Diary Page Form:

    هن قسم جي ڪهاڻيءَ اندر ڪو ڪردار پاڻ سان سلهاڙيل ٻي ڪردار سان مخاطب ٿي پنهنجي اندر جي ڳالهه اوريندو آهي، مثال طوراصغر گگي جي ڪهاڻي“تو لئه تڪيندي ڏيئا اجهاڻا” مان هيٺيون ٽڪرو پيش ڪجي ٿو:
    “اچي ڏس ته مان ڪيئن جلي آهيان، ٿورو ٿورو ٿي...تون ڪٿي آهين... ٻڌين ٿو نه...مان توسان آهيان...مان جا جنم جنم کان تنهنجي آهيان...توکي يقين نٿو اچي...تون يقين ڪر مون تنهنجي اچڻ جي آس ۾ ڏيئا ٻاريا آهن....۽ تنهنجي راهه تڪيندي رهي آهيان...لڇندي آهيان...پر ڪجهه به ڪڇندي ناهيان...ڪنهن سان پنهنجو اندر اوريان..ديوارن سان...يا ديوارن کان وڌ چپ رهندڙ پڦين سان...هتي رهندڙ مرد سڀ ٻوڙا ۽ انڌا آهن...انهن کي اسان جي جوڀن جي اڀرندڙ سج جي خبر ئي نه پئي آهي...سج ڄڻ هنن ديوارن مٿان اڀرندو ئي ناهي.
    تون ڪٿي آهين؟ ڇا تو تائين منهنجا سڏ نٿا پڄن...مان توکي ئي سڏي رهي آهيان... ” (35)

    خط وارو قسم Letter Form :
    خط واري انداز ۾ لکي ويندڙ ڪهاڻي هيئت جي لحاظ کان هڪ الڳ قسم آهي ڪهاڻي جو. جنهن ۾ خط واري انداز ۾ واقعو بيان ڪندي ڪهاڻيءَ جون گهرجون پوريون ڪيو وينديون آهن. قاضي خادم جي ڪهاڻي “ هڪ شخص چار خط” هن اسٽائيل ۾ لکيل آهي. هتي نوجوان شاعر ۽ ڪهاڻيڪار علي صفدر جي ڪهاڻي “آخري خط” مان اقتباس پيش ڪجي ٿو:
    “ پياري فري.... اميد ته خوش هوندينءَ!!
    ٻڌم ته تون ڪالهه منهنجي گهر آئينءَ..!! گهر ۾ داخل ٿي تون ڏاڍو رعبدار نموني سان منهنجي ننڍڙي گڏيءَ کي گاريون ڏئي وئينءَ.... منهنجي گڏيءَ جو ته ڪوبه ڏوهه نه هو... ڏوهه ته منهنجو هو....ــــــــ.....بس ان لاءِ تون پنهنجي گارين واري خوشبوءِ مون وٽ نه ڇڻڪجانءِ....
    تنهنجي صفوران.....” (36)

    وجوديت Extentialism:
    هن قسم جي ڪهاڻين ۾ ڪهاڻي جو هر ڪردار پنهنجي ڳالهه پاڻ ٻڌائيندو آهي، يا ائين کڻي چئون ته واقعي واري هنڌ بيٺل هر ماڻهو ان واقعي کي پنهنجي پنهنجي انداز سان بيان ڪندو آهي، تيئن ڪهاڻي ۾ پڻ هر ڪردار ان واقعي کي پنهنجي پنهنجي انداز سان پيش ڪندو آهي؛ پوليس جڏهن ڪنهن قتل ڪيس جي تفتيش ڪندي مخلتف ماڻهن کان انهن جا رايا ۽ واقعي بابت معلومات حاصل ڪندي آهي ته هر ماڻهو ان واقعي کي ڪيئن ڏٺو، پنهنجي انداز سان پيش ڪندو يا ٻڌائيندو آهي ان کي وجوديت وارو ڪهاڻي قسم چئجي ٿو. ان جي مثال طور شهدادڪوٽ سان تعلق رکندڙ ڪهاڻيڪار انور ڪليم جي مجموعي “32” مان هڪڙي ڪهاڻي “ٽي رنگ” مان هيٺيان ٽڪرا پيش ڪجن ٿا:
    “چوندا آهن ته محبت جا ڪيئي رنگ هوندا آهن ۽ هر ڪو انهن رنگن کي پنهنجي پنهنجي نظر سان ڏسندو ۽ محسوس ڪندو آهي. هن ڪهاڻي ۾ موجود محبت جي “رنگ” کي ٽي اهم ڪردار پنهنجي پنهنجي نظر سان ڏسن ٿا ۽ بيان ڪن ٿا.
    پيءُ: شروع شروع ۾ مون ان ڳالهه تي ڌيان ئي نه ڏنو ته اسان جي گهر جي سامهون وارو دوڪان، ڪافي وقت بند رهڻ کان پوءِ ٻيهر کوليو ويوآهي. هن ڀيري به دوڪان کولڻ وارو مون لاءِ اوپرو هيو ۽ ڌنڌو به نئون هيو. دوڪان کولڻ وارو خوش لباس نوجوان هيو ۽ ڊراءِ ڪلينر يعني ڪپڙا ڌوئڻ ۽ استري ڪرڻ جو ڌنڌو کوليو هئائين.
    ڌيءُ: شروع شروع ۾ مون ان ڳالهه تي ڌيان ئي نه ڏنو ته اسان جي گهر جي سامهون وارو دوڪان، ڪافي وقت بند رهڻ کان پوءِ ٻيهر کوليو ويوآهي. مان پنهنجي ننڍپڻ کان وٺي هن وقت تائين ان دوڪان کي ڪيئي ڀيرا کلندي ۽ بند ٿيندي ڏسي چڪي آهيان، هن ڀيري دوڪان هڪ خوش لباس نوجوان کوليو آهي. شروع جي ڏينهن ۾ مون سوچيو هو ته هو به ٻين مردن جيان مونکي اکيون ڦاڙي ڏسندو.
    محبوب: شروع شروع ۾ مون ان ڳالهه تي ڌيان ئي نه ڏنو ته جتي مون دوڪان کوليو آهي، ان جي بلڪل سامهون واري ننڍڙي گهٽيءَ ۾ هڪ گهر به آهي. ان گهر ۾ ڪنهن مرد يا ائين چئجي ته ڪنهن نوجوان لاءِ دلچسپيءَ واري ڪا “شيءِ” هئي ته اها ان گهر ۾ رهندڙ هڪ سانوري نوجوان پر قبول صورت ڇوڪري.” (37)
    مڪالما Dialogue:
    هن قسم جي ڪهاڻي سڌي سنئين مڪالمن تي آڌاريل هوندي آهي، ان قسم جي ڪهاڻين کي ڊائلاگ اسٽوري پڻ سڏيو ويندو آهي. ان قسم جي ڪهاڻي ۾ ڪوبه بيان ناهي هوندو، ڪابه وضاحت ناهي هوندي، پوري ڳالهه صرف ڪردارن جي گفتگو وسيلي ظاهر ڪيل هوندي آهي. هتي مثال طور عباس ڪوريجي جي ڪهاڻي “پنهنجي ڌرتي” جو هڪڙو ٽڪرو پيش ڪجي ٿو:
    “هيلو!”
    “هيلو! سيٺ رامون مل ڳالهايان پيو. . . . . ”
    “سيٺ مون کي سڃاڻين ٿو. . . . !؟”
    “بابلا! مان فون تي تنهنجو فوٽو ته ڪونه پيو ڏسان!”
    “سيٺ! مان ڪلال مڪراڻي ٿو ڳالهايانءِ! ”
    “اڙي ڪلو خوش آهين، ماڻهين پڻهين خوش آهن!؟”
    “سيٺ! تو سٺو ناهي ڪيو!”
    “اڙي باشاهه! مان ڇا سٺو ناهي ڪيو؟”
    “سيٺ! تو ٽي ڏينهن اڳ منهنجي ماءُ کي اوڌر تي ڪپڙو نه ڏنو هو!”
    “اڙي باشاهه! توهان ڏي اڳيان پئسا به رکت ڪيل آهن، اهي به اڃا ناهن مليا!”
    “سيٺ! ۽ مان جو توکان چئن مهينن جي “منٿلي” ناهي ورتي؟!”
    “چڱو چڱو باشاهه ڪلو! ماڻهين کي موڪل ته هزار جو ڪپڙو وٺي وڃي. . . . . چڱو . . . . . نمستي!!” (38)
    ڪرداري ڪهاڻي Protagonist :
    ڪرداري ڪهاڻي اهڙي قسم جي ڪهاڻي کي چيو ويندو آهي، جيڪا ڪهاڻي جي مکيه ڪردار جي سورهيائي بيان ڪندي ان جي چوڌاري ڦري. هن قسم جي ڪهاڻي جو انداز ڪهڙو به هجي پر پلاٽ ان ڪردار جي ئي چوڌاري ڦرندڙ هوندو. هن قسم جون ڪهاڻيون سنڌي ادب ۾ گهڻيون لکيون ويون ۽ تمام گهڻيون مقبول پڻ آهن، جن ۾ اياز قادري جي بلو دادا، جمال ابڙي جي پشو پاشا، غلام رباني جي شيدو ڌاڙيل يا رشيد ڀٽيءَ جي ميرل شامل آهي.
    مثال طور غلام رباني آگري جي ڪهاڻي “شيدو ڌاڙيل” مان ٽڪرو پيش ڪجي ٿو:
    “سج ٻه ڪانا کن مٿي چڙهي آيو هو. اڱڻ ۾، ڇنل کٽ تي، ڦاٽل رلهيءَ ۾ ويڙهيو سيڙهيو، هو ستو پيو هو. کٽ جي چوڌاري اسڪولي ٻارن جو ڊنب مڙيو بيٺو هوس.
    “شيدو، شيدو، سائين ٿو سڏيئي!”
    “اڙي ائين ڪونه اٿندو: هلو ته سائينءَ کي سڏي اچون،” ٻئي واڪو ڪيو.
    پر شيدو اهوئي ستو پيو هو.
    تنهن تي، ٽئين ڇوڪر وڌي سندس منهن تان رلهيءَ جو پلئه لاٿو. ڇوڪر جو پلئه لاهڻ ۽ شيدوءَ جو واڪو ڪري اٿڻ، “وڃي پنهنجي بابي ماستر کي ٻڌايو! مان ڪونه ايندس، ڪونه ايندس” ۽ سٽ ڏيئي رلهيءَ جو پلئه ڇڏائي، هو وري ويڙهجي سيڙهجي سمجهي پيو.
    ڇوڪرا چپ چاپ هليا ويا.
    ’غفور اصل ڪونه مڙندو- ضرور سائينءَ کي چوندو ته سائين، شيدوءَ هيئن ٿي چيو. قالو به ته ٺاهي جوڙي ڳالهه ۾ لوڻ مرچ گڏيندو. ڀلا ڪريم؟ نه نه، هو به حرامي آهي- اهو به چوندو ته سائين توهان کي گاريون ٿي ڏنائين” اهي ويچار ويچاريندي شيدو اٿيو. رلهي پري ڦٽي ڪري، کٽ هيٺان پيل پاڻيءَ جي ٻٽي دلي مان جهڙو منهن ڌئڻ لاءِ پاڻيءَ لپ ڪڍيائين، تهڙو پاڻي، ڀڳل گهانگهي مان پٽ تي وهي ويو.
    “ڀيڻسان دلو به ڀڳل.... ڀلا هجي ابو امڙ ته.....” هن جون اکيون آليريون ٿي ويئون. کٽ تان رلهي کڻي، منهن اگهي، جهڙوئي در ڏانهن وڌيو ته پٽ تي هاريل پاڻيءَ تان پير ترڪي ويس. ڌومنهن ڀر وڃي ڪريو. ڪاري ڪپڙي جي پنيءَ تائين گوڏ به گپ ۾ ڀرجي ويس. اڃان اٿيوئي مس ته در کڙڪيو، ۽ ائين ڊنب ٻارن جو گهر ۾ گهڙي آيو. در تان ماستر واڪو ڪيو، “اڙي کنڀي اچوس”!.... ۽ ڇوڪرا شيدوءَ کي چنبڙي ويا. ڪو ٽنگن کان ڪو ٻانهن کان، ٽنگوٽالي ڪري هو کيس ائين ماستر ڏانهن کنيو پئي ويا جيئن ماڪوڙيون ڪنهن مئل ڏينڀوءَ کي پنهنجي ڏرڙ ڏانهن نينديون آهن. “هل اسڪو!” ماستر، شيدوءَ کي ڇوڪرن جي وچ ۾ ڪري اڳ ۾ ٿي هليو.
    “سائين گپ ۾ ترڪي پيو آهيان. گهڙي کن ڇڏيو ته گڏ تان وهنجي اچان.”
    “وهنجي ٿو پٽ!” ماستر، شيدوءَ جي اگهاڙيءَ پٺيءَ تي ٻير جو لڪڻ هڻندي خار وچان چيو.
    اسڪول ۾ پهچي ماستر رڙ ڪئي، “حمزا!”
    “جي سائين!”
    “پاڻيءَ واري واڍ کڻي آ!”
    حمزو پاڻيءَ واري واڍ کڻي آيو، ۽ ماستر جي حڪم سان شيدوءَ کي بينچ تي پٺيءَ ڀر سمهاري ٻڌڻ لڳو.
    “سائين سوگهو آهي” حمزي، شيدوءَ کي چڱيءَ طرح بينچ سان جڪڙي ٻڌڻ بعد چيو.
    “ها، پوءِ؟ ڇاٿي چيئي ته وڃي پنهنجي بابي کي دانهن ڏيو!”
    شيدوءَ ڪڇوئي ڪونه بس، جهڙي ڀت!
    اسڪول ۾ چپ چاپ ٿي ويئي. ۽ پوءِ ان خاموشيءَ ۾ ماستر جي گارين جي گجگوڙ بعد، جڏهن ٻير جو لڪڻ وڄ جيان وراڪو ڏيئي، بينچ سان ٻڌل شيدو تي وسڻ لڳو ته شيدوءَ جون اکيون سانوڻ جي ڪڪرن جيان اوهيرا ڪري وسڻ لڳيون. اهي گارين جو گوڙيون، لڪڻ جا وڄ جيان وراڪا ۽ اکين جو اوهيرا ڪري وسڻ- تيسين جاري رهيا جيسين ڏيڍ مڻ جي پڃري کڻندڙ ماستر جي ٻانهن ساڻي ٿي پيئي ۽ شيدوءَ جي اکين مان وهندڙ مهراڻ سڪي ويو.” (39)

    متفرقه ڪهاڻي miscellaneous :
    متفرقه ڪهاڻي دراصل ڪوبه الڳ قسم ناهي پر ڪهاڻيڪار مٿي ذڪر ڪيل الڳ الڳ قسمن کي گڏائي ڪهاڻي لکندا آهن، جنهن ۾ مٿي ذڪر ڪجهه قسم گڏيل طور ڪتب آيل هوندا آهن.
    نوٽ: اڪثر ڪهاڻيڪار بياني، مونولاگ ۽ ڊائلاگ واري گڏيل فارميٽ ۾ڪهاڻي لکڻ پسند ڪندا آهن.

    هيئت جي لحاظ کان قسم Structural Forms:
    ڊيگهه يا اختصار جي لحاظ کان ڪهاڻيءَ جا ٻه قسم آهن، هڪ ميڪرو ڪهاڻي ٻي مائڪرو ڪهاڻي.
    ميڪرو ڪهاڻي روايتي ڪهاڻي ئي آهي. (فقط مائڪرو ڪهاڻيءَ جي فارميٽ کي سمجهڻ واسطي ان کي ميڪرو ڪهاڻيءَ جو نالو ڏنو ويو آهي.)
    مائڪرو ڪهاڻي مختصر مختصر ڪهاڻي آهي، جيڪا ڪجهه لفظن، جملن يا صفحن تي مشتمل هوندي آهي.


    • فليش فڪشن: ماضي ، حال ۽ مستقبل

    بنيادي طور ادب کي ٻن حصن م ورهايو ويندو آهي، هڪ نظم ۽ ٻيو نثر. پر ادب کي وڌيڪ گهرائي سان سمجھڻ لاءِ ان کي چئن حصن/ڀاڱن ۾ ورهائي سمجهون ٿا. 1. مضمون (جنهن ۾ مهاڳ، مقالو، تنقيد، ادبي خط، سوانح عمري، آتم ڪٿا، تحقيق، خاڪا ۽ ٻيون نثري صنفون شامل آهن.) 2. شاعري 3. ڊرامو 4. فڪشن (جنهن ۾ ناول، ڪهاڻي/افسانو قصو ۽ داستان شامل آهن.)
    سڀ کان پهرين اسان پنهنجي موضوع جي نسبت سان فڪشن کي سمجهون ٿا ته فڪشن ڇا آهي؟
    فڪشن هڪ اهڙي قسم جي لکڻيءَ جو نالو آهي، جيڪا مڪمل طور تي يا ڪجهه حصي اندر غير حقيقي معلومات يا واقعن تي مشتمل هجي، تصوراتي هجي، ڪنهن به ليکڪ پاران ڪوڙي قصي طور لکي وئي هجي. اڄ فڪشن مان مراد ناول ۽ ڪهاڻي ئي آهي. فڪشن جو مخالف نان فڪشن ادب آهي، جيڪو مجموعي طور يا ڪجهه حصي اندر سچو سمجهيو ويندو هجي. ان ۾ موجود واقعا، وضاحتون، مشاهدا، تجربا، رويا سچا ۽ حقيقي محسوس ڪرايا وڃن/هجن.
    فڪشن کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي.
    1. حقيقي فڪشن Realistic Fiction
    2. غير حقيقي فڪشن Non-Realistic fiction
    حقيقي فڪشن: هي اصطلاح بظاهر ته مزاح سان ڀرپور لڳي رهيو آهي، جنهن جي لغوي معنى ايئن ٿيندي ته سچا ڪوڙا قصا. متضاد ڳالهه آهي ته جڏهن اهو بنيادي طور آهي ئي ڪوڙو قصو ته سچو ڪيئن هوندو؟ ان جو مثال هن طرح ٿا ڏيئون ته جولس ورني (Jules Verne) ناول لکيو هو “ڌرتي کان چنڊ تائين” (From the earth to the moon) جيڪو اڳتي هلي سچ ثابت ٿيو، جو 1969ع ۾ نيل آرم اسٽرانگ چنڊ تي پهريون قدم رکيوته اهو سچ ثابت ٿيو. واضح ٿيو ته حقيقي فڪشن اهڙي لکڻي آهي، جيڪا آهي ته غير حقيقي پر اڳتي هلي سچ ثابت ٿي سگهي ٿي. اُهي تصور ۾ آندل واقعا، حادثا، اڳڪٿيون حقيقت جو روپ ڌاري سگهن ٿيون.
    غير حقيقي فڪشن: هاڻي هتي ته وڏو تضاد پيدا ٿي ويو، جڏهن فڪشن آهي ئي غير حقيقي ته پوءِ ان ۾ Non-realistic ملائڻ جي ڪهڙي ضرورت؟ جي، منهنجي خيال ۾ ضرورت آهي، هڪ اهڙو ڪوڙو قصو، جنهن ۾ حد درجي جي فئنٽسي هجي، جيڪو ڪڏهن ڀي حقيقت جو روپ ڌاري نه سگهي، اهو غير حقيقي فڪشن آهي. هن قسم جي فڪشن ۾ جادو، غير فطري ڏيکاءَ ۽ ٻين مخلوقن جي تصوراتي دنيا يا انساني فطرت جا اهي پاسا جيڪي ڪڏهن حقيقت جو روپ نه ڌاري سگهن، شامل آهن.
    جنهن جو وڏو مثال هيري پوٽر(Harry Potter) ناول جي سيريز آهي، ان کي (Fantasy) به سڏي سگهجي ٿو.
    هاڻي هڪڙو سوال جيڪو اوهان جي ذهنن ۾ پڻ اڀريو هوندو ته ڪجهه ليکڪ اها دعوى ڪندا آهن ته سندن فلاڻو ناول يا ڪهاڻي سچي واقعي تي مشتمل آهي، ڪردار، ماحول ۽ واقعات سچا (Real) آهن، ته پوءِ فڪشن جي جامي ۾ اوڙهيل اهڙي تحرير کي ڇا سڏيون؟ اهڙي قسم جي لکڻي کي (Semi-fiction) سڏيو ويندو آهي، جيڪا ڪنهن سچي واقعي جو افسانوي خاڪو ٿي پيش ٿئي.
    باقي واقعن جي مشاهداتي نئين عڪس جوڙڻ کي (Reconstructed-Biography) سڏجي ٿو. هن قسم جي لکڻيءَ ۾ ڪنهن به فردِ واحد يا وڌيڪ ڪردارن جي زندگيءَ کي افسانوي انداز ۾ ٻيهر لکجي. هن قسم جو ڪم سنڌيءَ ۾ مراد علي مرزا جو شاهه لطيف جي سوانح تي لکيل ناول “سامي سڄ وڙاءُ”، محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو “سانگهڙ”، سرمد چانڊيي جو “شاهه لطيف” يا سنڌيءَ جو پهريون جديد افسانو مڃيو ويندڙ ڪهاڻي “حُر مُکيءَ جا” کي شامل ڪري سگهجي ٿو.
    فليش فڪشن ڇا آهي؟
    فڪشن جي وضاحت مٿي ڪري آيا آهيون، هاڻي ٿورو فليش لفظ کي سمجهون ته ان جو تصور ڇا آهي؟ اوڪسفرڊ ڊڪشنريءَ مطابق فليش جي لغوي معنى آهي: چمڪڻ، چمڪائڻ، اوچتو جهلڪ ڏيڻ يا ترورو ڏيڻ. يا اوچتي شعلي يا ڀنڀٽ جيان روشن ڪرڻ يا عڪس ڏيڻ. ظاهر ٿيو ته فليش جي معنى اوچتو تجلو يا جهلڪ ئي آهي.
    فليش فڪشن افسانوي ادب جي لکت جو هڪ انتهائي اختصاريل نمونو آهي. ان جي اهڙي ڪابه قبوليل وصف ناهي جنهن مان ان جي مقرر ڪيل ڊيگهه جي صحيح خبر پئجي سگهجي. ڪجهه جڳهين تي ڪي ليکڪ پاڻمرادو ان کي 300 لفظن تائين رکڻ تي زور ڏين ٿا، جڏهن ته ڪجهه ليکڪ 1000 لفظن تائين لکيل اهڙي تحرير کي فليش فڪشن تسليم ڪن ٿا.
    پهريون ڀيرو فليش فڪشن جو اصطلاح جيمس ٿامس 1992ع ۾ ڪتب آندو، جنهن 72 مختصر ترين ڪهاڻين جي گلدستي کي ايڊٽ ڪرڻ وقت فليش فڪشن جو اصطلاح ڪتب آندو ۽ هن طرح وضاحت ڪئي ته اها مختصر ڪهاڻي جيڪا ادبي ڊائجسٽ جي ٻن صفحن تي مشتمل هجي، اها فليش فڪشن آهي.
    چائنا ۾ ان فارم کي سگريٽ جي ڪش جيتري (Smoke Long)، هڪ منٽي (Minute-long) ۽ مُٺِ جيتري (Palm-sized) اسٽوري سڏيو ويو، جيڪا هڪ منٽ، هڪ مُٺ ۾ پورا ايندڙ لفظن يا هڪ سگريٽ ڇڪڻ جي وقفي تائين پڙهي پورو ڪري سگهجندڙ هجي.
    فليش فڪشن جا ڪيترائي نالا رائج ڪيا ويا، جيڪي مختلف لکندڙن پاران رکيا ويا، اُهي هي آهن؛ مائڪرو فڪشن، مائڪرو Narrative، مائڪرو اسٽوري، پوسٽ ڪارڊ فڪشن، شارٽ شارٽ، سڊن فڪشن، پاڪيٽ اسٽوري، ڪئيڪ فڪشن، مختصر ترين ڪهاڻي، مختصر مختصر ڪهاڻي وغيره.
    سال 2000ع تائين ان کي مختصر مختصر ڪهاڻي ئي سڏيو ويندو هو پر تنهن بعد اهڙي ادب کي فليش فڪشن جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.
    فليش فڪشن جا اگر پيرا کڻون ته اهي ماضيءَ ۾ ايسپ جي آکاڻين ۽ زين ڪونس ڏانهن وڃن ٿا. ان بعد جن ان فارم تي لکيو، انهن ۾ شيخ سعدي (گلستانِ سعدي)، بوليسلا پُرس، ائنتون چيخوف، او هينري، فرانز ڪافڪا، لِڊيا ڊيوس، ارنيسٽ هيمنگوي، جان ڪيج ۽ ٻيا شامل آهن. هيمنگوي ان فارم جي جديد فارم جو بنياد رکڻ وارن مان آهي، هن جون اهڙيون 18 ڪهاڻيون، هن جي ڪهاڻين جي مجموعي “اسان جي دؤر ۾ In Our Time ” ۾ شامل آهن، هن جي جڳ مشهور فليش فڪشن ڪهاڻي؛ “ For sale, baby shoes, never worn” (وڪري لاءِ، اڻ پاتل، ٻاراڻا بوٽ) آهي.
    ان کان علاوهه فليش فڪشن اسپين، ارجنٽينا، اٽلي، فرانس، جرمني، روس ۽ عرب دنيا ۾ پڻ لکيو ۽ پڙهيو وڃي ٿو. عربيءَ ۾ نجيب محفوظ مائڪرو ڪهاڻيون لکيون آهن. انٽرنيٽ تي لاتعداد ويب سائيٽون اهڙيون آهن، جيڪي رڳو فليش فڪشن کي متعارف ڪرائڻ توڙي عام ڪرڻ ۾ رڌل آهن. پائلو ڪوهلو چوي ٿو ته، “رابطن کي عوامي ڪرڻ جي سهولت جيڪا انٽرنيٽ ڏني آهي، ان مثبت اثر ڇڏيا آهن ۽ اهڙي سهولت شهرت کي وڌيڪ مقبول ڪيو آهي.”
    فليش فڪشن کي هن طرح به بيان ڪيو ويو آهي ته “ ڪجهه سَوَ لفظن ۾ ڪهاڻي يا ناول بيان ڪرڻ.” فليش فڪشن ۾ مختصر هجڻ باوجود ڪلاسيڪي ڪهاڻيءَ جا عنصر شامل هجن ٿا. عام رواجي ڪهاڻيءَ جي ابتڙ لفظن جي ڳڻپ/محدوديت جي ڪري ڪڏهن ڪجهه عنصر اڻ لکيا رهايا ويندا آهن، پر تصور ۾ موجود ضرور هوندا آهن. فليش فڪشن جا چمڪندڙ عنصر هي آهن: شروعات ۾ ماحول جوڙڻ Setting، وچ ۾ مسئلو Conflict، آخر ۾ حل Resolution شامل آهن.
    مختصرا ته فليش فڪشن ڪهاڻيءَ جو اهو فارم آهي، جنهن ۾ اکرن، لفظن، جملن يا صفحن جو تعداد مقرر ڪيل هجي. ان حوالي سان فليش فڪشن تي آڌاريل ڪهاڻين جي قسمن کي هيٺين ترتيب سان سمجهي سگهجي ٿو:
    اکرن تي مشتمل فليش فڪشن:
    1. ٻڙِي اکر ڪهاڻي (Zero Byte Story)
    2. ايس ايم ايس ڪهاڻي( SMS Story)
    لفظن تي مشتمل فليش فڪشن:
    1. هڪ لفظي ڪهاڻيءَ کان 300 لفظي ڪهاڻيءَ تائين.
    جملن تي مشتمل فليش فڪشن:
    1. هڪ جملياتي ڪهاڻي One sentence Story
    2. ٻه جملياتي ڪهاڻي Two Sentence Story
    صفحن تي مشتمل فليش فڪشن:
    1. هڪ صفحاتي ڪهاڻي One page Story
    2. ٻه صفحاتي ڪهاڻي Two Sentence Story
    ان کان علاوهه ان ئي مقرر ڪيل حدن ۾ مختلف موضوعاتي ڪهاڻيون پڻ لکجي رهيون آهن، جن ۾ خوفناڪ ڪهاڻيون، اسڪيچ اسٽوري، تعليمي ڪهاڻيون وغيره شامل ڪري سگهون ٿا.
    هاڻي هڪ نظر انهن فارميٽس تي لکيل ڪهاڻين تي، سڀ کان پهرين ترتيب جي لحاظ کان اکرن تي مشتمل ڪهاڻين کان ڪريون ٿا.
    اکرن تي مشتمل:
    هنن ڪهاڻين ۾ اکرن جي هڪ بائونڊري رکيل آهي، پهرين قسم ٻڙي اکر ڪهاڻي ۾ ڪهاڻيءَ جو نالو ئي ڪهاڻي آهي، هيٺ متن زيرو بائيٽ هوندو، مطلب خالي هوندو، ڪجهه به نه هوندو. هن جي وضاحت مون پنهنجي ڪهاڻي ڪتاب“پنهنجي ڌرتي” جي پنهنجي پاران ۾ هن طرح ڪئي آهي:

    “منظور ڪوهيار پنهنجي ڪهاڻي ڪتاب “سچا ڪوڙا رشتا” جي مهاڳ ۾ مختصر مختصرڪهاڻي بابت ڏاڍي وڻندڙ وصف پيش ڪئي آهي: “جيئن اکيون روح ۽ جسم جون دريون آهن، تيئن مختصر مختصر ڪهاڻي به هڪ اهڙي دريءَ مثل آهي، جنهن مان زندگيءَ کي اک ڇنڀ ۾ ڏسي يا محسوس ڪري سگهجي ٿو.” (40)
    ٻڙي اکر ڪهاڻين بابت ڪوهيار صاحب پنهنجي ڪتاب “ڀئونرن جي انتظار ۾” انجنيئر عبدالوهاب سهتي جي ڪتاب جو حوالو ڏيندي لکي ٿو:
    “ٻن ٽن سٽن يا هڪ پيراگراف کان وٺي اٺن، ڏهن پيراگرافن ۾ بيان ڪيل وارتا، جيڪا مثال طور تي ٻڌائي وڃي، ان کي مثالي ٽوٽڪو يا ڪهاڻي سڏيو ويندو آهي. مثال: “ٻڏيءَ ٻيڙيءَ جون هريڙون به ڀليون.”
    ان پسمنظر ۾ ڄاڻايل هڪ ڪهاڻي هت پيش ڪجي ٿي:
    “سامان سان ڀريل ٻيڙي هڪڙي پتڻ کان ٻئي تي پُور کنيون پئي وئي ته واٽ تي طوفان سبب اونڌي ٿي پئي. ماڻهو جيئن تيئن بچيا پر سامان سارو درياهه ۾ داخل ٿي ويو. هرِيڙن جي هڪڙي ٻوري پئي تري، جيڪا ناکئو صحيح سلامت ٻاهر ڪڍي آيو ته اهو ڏسي مالڪ چيو، “ٻڏيءَ ٻيڙيءَ جون هريڙون به ڀليون” (41)
    مطلب ته اهڙي قسم جا پهاڪا ۽ چوڻيون ٻڙي ڪهاڻيون آهن، جنهن جي عنوان ٻڌڻ سان ماڻهوءَ کي پس منظر ۾ ڪهاڻي/آکاڻي/حڪايت وغيره ياد اچي وڃي.”
    منهنجي ڪهاڻي ڪتاب“پنهنجي ڌرتي” جي صفحي 114 کان 116 تائين اهڙيون ڪهاڻيون موجود آهن، مثال طور ٻه هتي پيش ڪريان ٿو:
    ( امان، مان ٻيلي ۾ نه پڙهندم!)
    ..........
    (ڀاءَ تي بندوق نه تاڻيندم!)
    ..........
    باقي ايس ايم ايس ڪهاڻي 160 اکرن تي مشتمل هوندي، جيتري هڪ ايس ايم ايس جي طوالت آهي.

    لفظن تي مشتمل:
    هن قسم جي ڪهاڻين ۾ هڪ لفظ کان ويندي 300 لفظن تائين جون ڪهاڻيون اچي وڃن ٿيون. ڪهاڻي جو نالي بعد جيڪو مواد ايندو اهو هڪ لفظ تي هجي يا وڌ ۾ وڌ 300 لفظن تائين. اهڙي قسم جي ڪهاڻين جي باري ۾ منظور ڪوهيار پنهنجي ڪتاب “ڀئونرن جي انتظار ۾” جي مهاڳ ۾ لکي ٿو ته:
    “ اهڙين ڪهاڻين کي ڪو به حتمي نالو ڏئي ڇڏجي. مثلًا:
    ۱ - افسانڙا. ۲ - مختصر مختصر ڪهاڻي. ۳ - ننڍڙي مختصر ڪهاڻي. ۴ - ننڍيرڙي ڪهاڻي، وغيره وغيره.
    پر مان سمجھان ٿو ته هڪ اهڙي ڪهاڻي، جيڪا عام مختصر ڪهاڻي(common short story) کان به وڌيڪ مختصر هجي ته ان کي مختصر مختصر ڪهاڻي (short short story) سڏڻ بهتر رهندو. ڊيگهه/ طوالت جي حوالي سان منهنجي راءِ اها آهي ته؛ اهڙي ڪهاڻي هڪ صفحي يا ۳۰۰ لفظن کان وڌيڪ نه هجڻ گھرجي.
    ترقي يافته ٻولين ۾، سائنسي افسانوي ادب گھڻو مقبول آهي. سائنسي افسانوي ادب ۾، ناول ۽ افسانه ته جام آهن پر هاڻي ته مختصر مختصر ڪهاڻيون به لکيون وڃن ٿيون.
    هڪڙو مثال پيش خدمت آهي.
    تنهنجي هن دنيا ۾ اچڻ جو مقصد ڪهڙو آهي؟
    هڪڙو مثبت، ته وڻن ٽڻن جي زندهه رهڻ لاءِ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ خارج ڪيان.
    ٻيو منفي، ته ڪمري ۾ ويٺل ماڻهن جي حصي جي آڪسيجن کڻي وڃان.
    ٻي هڪڙي، ۶ لفظي ڪهاڻي به ان حوالي سان پيش ڪجي ٿي:
    ڊائونسار موٽن ٿا
    ڊائونسار موٽيا، تيل واپس گھرڻ لاءِ.
    مٿين ڪهاڻي، اِن سائنسي نظريي تي ٻڌل آهي، ته تيل/ پيٽرول پنڊ پهڻ ٿيل ڊائونسار يا زمين اندر دٻيل حياتياتي مادي مان نڪرندو آهي.
    سائنسي ادب کان علاوه، سماجي پهلوئن تي به مختصر مختصر ڪهاڻيون آهن، مثلًا: ۴ لفظي ڪهاڻي
    پاڳل ماڻهو ۽ مان
    مان پاڳل نه آهيان
    ۲ لفظي ڪهاڻي، مثلًا:
    گھريل دعا جو جواب
    بلڪل … نه!
    (مطلب ته گھريل دعا نه اگھامي)
    ۱ لفظي ڪهاڻي، مثلًا:
    جي خدا مون سان آهي، ته پوءِ ڪير مخالفت ڪندو.
    مان
    ٻڙي لفظي ڪهاڻي: مثلًا،
    وقت جو بهترين پل
    ………….” (42)

    جملن تي مشتمل:
    هڪ جملي يا ٻن جملن تي مشتمل ڪهاڻيون پڻ ڏاڍيون مقبول آهن. هڪ جملي تي آڌاريل اهڙين ڪجهه ڪهاڻين جا انٽرنيٽ تان کنيل مثال هيٺ پيش ڪجن ٿا:
    شرمسار
    “منهنجي ملحد پاڙيسري فقط گذريل هڪ سال ۾ ايترن ماڻهن جي مدد ڪئي، جيتري اسان جي جماعت ڏهن سالن ۾ ناهي ڪري سگهي.”
    شايد ٺيڪ ناهي!
    “آن لائين ڊيٽنگ سروس وارن منهنجو جوڙ منهنجي ئي سوٽَ سان ملائي ڇڏيو.”
    ٻن جملن تي آڌاريل اهڙين ڪهاڻين جا مثال هيٺ ڏجن ٿا، جيڪي خوفناڪ ڪهاڻين مان ورتا ويا آهن:
    “منهنجي موبائيل ۾ منهنجي ننڊ جي حالت ۾ تصوير نڪتل آهي، مان اڪيلي رهندي آهيان.”(گزتالز)
    “جڏهن ڀي مان گهر ۾ اڪيلي رهي آهيان، خدا جو قسم مون ايترا دروازا کوليا ناهن، جيترا بند ڪيا آهن.” (ايول اسٽيو ڊيو)
    باقي صفحن تي مشتمل ڪهاڻين جا مثال هتي طوالت جي ڪري نه ڏئي رهيو آهيان، اهو بلڪل واضح آهي ته جيڪا ڪهاڻي جيترن صفحن تي هوندي اها اوترن صفحن واري سڏبي. موضوعاتي لحاظ کان لکيل ڪهاڻيون انهن مان ڪابه فارميٽ کڻِي سگهن ٿا. طرحي مشاعرن جيان فليش فڪشن جا پڻ مقابلا ٿيندا رهيا آهن، جن ۾ لفظن جي هڪ مقرر تعداد ۾ رهي ڪجهه مخصوص لفظ استعمال ڪندي ڪهاڻي يا ناول پيش ڪرڻو هوندو آهي، اهڙا مقابلا بي بي سي ريڊيو 4 جي پروگرام (Front View) پاران پڻ منقعد ٿيندا رهيا آهن، جن مان چونڊجي آيل لکڻين کي انعام پڻ ڏنو ويندو آهي.
    فليش فڪشن جي مقبوليت کي نظر ۾ رکندي روزاني جنگ اخبار ۾ هڪ سئو لفظي ڪهاڻيون شايع ٿي رهيون آهن، روزاني ڪاوش پڻ “ننڍڙي ڪهاڻي، وڏي ڳالهه” جي عنوان هيٺ اهڙيون ڪهاڻيون شايع ڪري رهي آهي. اهڙيون سنڌي ڪهاڻيون لکندڙن ۾ عبدالقادر جوڻيجو، منظور ڪوهيار، زيب سنڌي، عزيز قاسماڻي، عباس سارنگ، انور ڪليم، عباس ڪوريجو، بيوس محرم مغيري، سليم چنا، ايس سرمد، شبير حسين شبير، سيف الحق سيف، ذاهد ميراڻي، علي رضا قاضي، سومرو شبير، مرتضى لغاري، مٺل جسڪاڻي ۽ هڪ ڊگهي قطار موجود آهي. تازو ئي S.A.Cecrle جو ڪتاب “The Big Picture and other byte-sizes stories” 2014ع ۾ شايع ٿيو آهي. فليش فڪشن نه فقط جديد دؤر جي گهرج آهي، پر ان جو هڪ شاندار مستقبل پڻ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ڇو ته عالمي ادب ۾ اهو هڪ مڃيل فارم طور اڀري چڪو آهي ۽ ان فارم ۾ مڪمل ڪتاب اچڻ ان جي مقبوليت جو ثبوت آهي.


    • مختصر ڪهاڻيءَ سان هڪ جهڙائي رکندڙ صنفون

    ڪهاڻي يا افساني سان هڪ جهڙائي رکندڙ نثري صنفن جو انتهائي مختصر انداز ۾ ذڪر ڪيو ويندو، جيئن اسين انهن جي فن، هيئت ۽ فرق کان واقف رهون. ڪهاڻي ۽ مختصر ڪهاڻي ۾ به فرق آهي، ڪهاڻي ان واقعي کي چئجي ٿو، جيڪو ڪنهن ناول، داستان، آکاڻي، ڊرامي، خط، خبر، اطلاع، رپورٽ، تبصري، فيصلي، خبر توڙي ٻين رابطي جي ذريعن ۾ موجود هوندو آهي. جڏهن ته مختصر ڪهاڻي هڪ نثري صنف آهي، جنهن ۾ پڻ ڪهاڻي شامل هوندي آهي.
    مختصر ڪهاڻي سان هڪ جهڙائي رکندڙ صنفن ۾ خاص طور تي شامل آهن، آکاڻي، ناول، ناوليٽ، ناويلا، قصو، داستان، لوڪ ڪهاڻي ۽ ڪالم ڪهاڻي وغيره.
    آکاڻي :
    “ آکاڻي: آکاڻيءَ مان مراد واقعن جو تسلسل ٿئي ٿو، جنهن ۾ منظر، ڪردار ۽ واقعا شامل هجن. آکاڻي انساني زندگيءَ ۾ پيش ايندڙ مختلف وارداتن، مشاهدن ۽ تجربن جي ترجمان آهي. آڳاٽي دؤر ۾ سنڌ ۾ آکاڻين جي رواج رهيو آهي، جيڪي مذهبي نوعيت جون ۽ سورمن جي ڪردارن تي مبني هيون. جنن، ديون ۽ پرين جا قصا آکاڻيون ليکجن ٿيون.
    جديد زماني ۾ آکاڻي يا ڪهاڻي افساني کي چوندا آهن، جنهن ۾ ڪوبه واقعاتي قصو بيان ڪيل هجي. اصطلاحي طور آکاڻي اهو قصو آهي، جيڪو ٻاراڻي زندگيءَ ۽ ٻاراڻي دلچسپيءَ پٽاندر ڪردارن تي مبني تصوراتي افسانوي ليک هجي. آکاڻي ٻڌائڻ جو سلسلو تڏهن کان شروع ٿيو جڏهن انسان ڳالهائڻ سکيو، ان ريت ڪن شروع ۾ پاڻ سان يا قبيلي وارن سان پيش آيل واقعن کي ياد ڪري ٻين تائين پهچائڻ شروع ڪيو. پوءِ جڏهن اهي ٻڌل واقعا هڪ شخص کان ٻئي شخص تائين ۽ هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين منتقل ٿيا ته انهن افسانوي رنگ به اختيار ڪيو. ان ريت اهي قصا ڪهاڻيون ماضيءَ جي واقعن ۽ تجربن جو ذخيرو ٿيندا ويا. اڳتي هلي ڪي ماڻهو اهي قصا ياد ڪرڻ ۽ ڊرامائي انداز ۾ بيان ڪرڻ جا ماهر ٿي ويا. ان ريت آکاڻي جو فن اسريو ۽ دنيا جا بهترين قصا جهڙوڪ رامائڻ، مهاڀارت، الياد، اوديسي وغيره لکيا ويا.” (43)

    آکاڻي ۽ مختصر ڪهاڻي ۾ فرق:

    مختصر ڪهاڻي يا افسانو بنيادي طرح آکاڻي ئي آهي. ڪهاڻي آکاڻي جي ئي موجودهه سڌريل صورت آهي. آکاڻي ۾ واقعا ڪردارن کان وڌيڪ اهميت رکندا هئا ۽ ڪردار جي حيثيت ثانوي رکي ويندي هئي. آکاڻي ۽ مختصر ڪهاڻيءَ ۾ واضح فرق اهو آهي ته آکاڻيون ٻارن لاءِ لکيل اهڙيون ڪهاڻيون آهن، جن ۾ ماڻهو، جانور، پکي، جيت، جن، ديو، پريون ۽ ٻين مخلوقن کي ڪردار بڻائي افسانوي انداز ۾ ڪونه ڪو اصلاحي پيغام ڏنو ويندو آهي. جڏهن ته موجودهه ڪهاڻي سماج جي ڪردارن تي آڌاريل واقعن يا حادثن جو حقيقي روپ آهي. سنڌيءَ ۾ “گرم جون آکاڻيون” ۽ “ايسپ جون آکاڻيون” تمام گهڻو مشهور آهن.

    داستان:
    داستان پڻ ڪوڙي قصي طور مشهور آهي. جنهن جو اڪثر ڪري تعلق حقيقي زندگيءَ سان ناهي هوندو. ان ۾ مافوق الفطرت واقعن جو هڪ سلسلو هوندو آهي. داستان ڪهاڻي جي سڀ کان قديم صورت آهي، يعني داستان اها ڪهاڻي يا قصو آهي، جنهن جو بنياد تخيل، رومان ۽ مافوق الفطرت عنصرن تي هجي. ڪهاڻي جيئن ته ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ واري ڳالهه آهي، اهڙي طرح داستان جو تعلق به ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ سان آهي. داستان جو تعلق حاضرين کي مخاطب ٿي ٻڌائڻ سان آهي، تنهن ڪري ان ۾ ويٺل ماڻهن يا ٻڌندڙن سان مخاطب ٿيڻ واسطي مخصوص لفظ پڻ ڪتب آندا ويندا آهن، جيئن ٻڌندڙن جي دلچسپي قائم رهي. داستان هڪ ڊگهي ڪهاڻي يا قصو هوندو آهي، جنهن ۾ هر ايندڙ واقعو پراڻي آيل واقعي جي ڪڙي هوندو آهي، داستان مان اڳتي هلي ناول ۽ ڪهاڻيءَ جو جنم ٿيو.
    احسان بدوي پنهنجي زينت ناول جي مطالعي واري مضمون ۾ لکي ٿو:
    “مشرقي ادب ۾، هونءَ ته قصي نويسيءَ، ۽ داستان سرائيءَ جو رواج، صدين کان وٺي هلندو آيو آهي؛ جنهن ۾، ڪنهن تاريخي، يا نيم تاريخي شخصيت کي، قصي يا داستان جو هيرو بڻائي، هڪ اهڙي تخيّل جي دنيا پيدا ڪئي ويئي آهي، جنهن جو حقيقت سان، دُور به تعلق، ۽ واسطو ڪونه آهي. داستان، ۽ قصي ۾، هڪ اهڙي ڪائنات ٿئي ٿي، جتي ديوَ، پريون، ۽ عجيب الخلقت هستيون، چُرنديون ڦِرنديون نظر اچن ٿيون. اِن لحاظ کان، قصو يا داستان، مافوق الفطرت ڪهاڻين کان، زياده اهميت نٿو رکي. مگر اِن جو مطلب اِهو نه آهي، ته ڪو قصن، ۽ داستانن کي، ڪا اسان جي ادب ۾، جڳهه ئي حاصل ڪانه آهي.” (44)

    داستان ۽ مختصر ڪهاڻيءَ ۾ فرق:

    داستان ۾ لوڪ ادب جو رنگ ڇانئيل هوندو آهي، جڏهن ته مختصر ڪهاڻيءَ جو تعلق سماج ۽ ان ۾ رهندڙ فردن سان آهي. داستان ۾ مافوق الفطرت عنصر هوندا آهن، جڏهن ته ڪهاڻي سائنسي بنيادن تي تبديل ٿيندڙ سماج جو عڪس آهي. داستان ٻڌائڻ جي ڳالهه آهي، جڏهن ته مختصر ڪهاڻي پڙهڻ لاءِ لکي ويندي آهي. داستان ۾ ٻڌائڻ وارو پنهنجي پاران مخاطب ٿيڻ وارا لفظ پڻ ڪتب آڻيندو آهي، جڏهن ته ڪهاڻي بياني يا مونولاگ ٿيندي آهي.




    ناول/ناوليٽ/ناويلا:

    دنيا جي تقريبا هر ٻولي جي ادب ۾ داستان، قصو، ناول، افسانو هڪ ئي خاندان جا فرد آهن. سڀني جو تعلق افسانوي ادب سان آهي. هتي اسان ناول ۽ ان جي صورتن جو مختصر ذڪر ڪنداسين.
    ناول اطالوي زبان جو لفظ آهي، انگريزي ادب مان سنڌي، اردو توڙي ٻين ٻولين ۾ آيو. ناول لفظ جي لغوي معنى ڀي آهي ڪا نئين، نرالي، انوکي يا عجيب ڳالهه. ناول داستان جي ترقي يافته شڪل آهي. ناول اها نثري ڪهاڻي يا قصو آهي، جيڪو پنهنجي خاص مقصد تحت اڳتي وڌندو منزل تي رسي ٿو. ناول جو پلاٽ تمام وڏو ۽ تفصيلي هوندو آهي. ان ۾ مختصر ڪهاڻي وانگر ڪنهن به هڪ واقعي تي فوڪس ڪرڻ واري بندش ناهي، بلڪه ناول واقعن جي هڪ سيريز جو نالو آهي. هڪ ناول ۾ زندگيءَ جي انهن سڀني مسئلن، مونجهارن توڙي واقعن کي هڪڙي مخصوص پلاٽ جي تحت قلمبند ڪيو ويندو آهي، جيڪي اسان جي سماج اندر موجود آهن. ناول اندر هڪ کان وڌيڪ ڪهاڻيون ۽ ڪردار شامل هوندا آهن. مرڪزي ڪهاڻي يا ڪردار کي وڌيڪ اهميت ڏنل هوندي آهي. سنڌي ادب ۾ ناول جي صنف ايتري ترقي ناهي ڪري سگهي جيتري ٻين ٻولين ۾، ان جا ٻيا به ڪيترائي سبب هوندا پر سنڌيءَ ۾ جيڪي به ناول لکيا ويا آهن، اهي اڪثر يونيورسٽيءَ جي پلاٽ تي آڌاريل آهن، باقي جيڪي تاريخي ناول آهن، انهن جو تعداد بلڪل ٿورڙو آهي.
    ناوليٽ ناول جو ننڍايل فارم آهي. طوالت جي لحاظ کان ننڍو ناول ناوليٽ سڏجي ٿو. جيڪو هجي ته ناول جون گهرجون پوريون ڪندڙ، طويل نه هجي ، ان کي ناوليٽ يا مختصر ناول سڏيو ويندو آهي.
    ناويلا کي Long Short Story به سڏيو ويندو آهي. ناويلا ناول ۽ مختصر ڪهاڻي جي وچ واري هڪڙي صنف آهي، جيڪا طوالت ۾ ذري گهٽ ناول جيتري ۽ عنصرن ۽ جوڙجڪ ۾ مختصر ڪهاڻي جهڙي هوندي آهي. هتي ڳالهه واضح ڪندو هلان ته مختصر ڪهاڻي Short Story جو اهو مطلب قطع ناهي ته ڪا ننڍڙي ڪهاڻي، پر ان جو مطلب اهو آهي ته ناول جي ڀيٽ ۾ ننڍي ڪهاڻي.
    ناول هر سماج ۾ گهڻو پڙهي ويندڙ صنف آهي، ان جي مقبوليت جو هڪڙو مثال اهو به آهي ته هالي ووڊ جون ڪيتريون ئي ڪامياب فلمون ناولن مان ٺاهيون ويون آهن.

    ناول/ناوليٽ/ناويلا ۽ مختصر ڪهاڻيءَ ۾ فرق:

    ناول ۾ هڪ کان وڌيڪ واقعا يا ڪهاڻيون بيان ٿيل هونديون آهن، جڏهن ته مختصر ڪهاڻي تاثر جي وحدت تي زور ڏئي ٿي. ناول جو پلاٽ وسيع هوندو آهي، جنهن ۾ مرڪزي ڪردار توڙي واقعن کي تفصيل سان بيان ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته ڪهاڻي ۾ اختصار کان ڪم ورتو ويندو آهي. مختصر ڪهاڻي ۽ ناول جا فني جزا تقريباَ ساڳيا هوندا آهن، پيشڪش جو انداز به هڪ جهڙو هوندو آهي، پر بنيادي فرق فقط پلاٽ اندر واقعن ۽ ڪردارن جي گهٽ وڌائيءَ جو آهي.



    لوڪ ڪهاڻي:

    لوڪ ڪهاڻي لوڪ ادب جي مشهور ۽ مقبول صنف آهي. لوڪ ڪهاڻي قديم دؤر ۾ بادشاهن، پرين، جنن، ديون، جادوگرن، ڏانئڻين، ڀوپن، وزيرن ۽ شهزادن، شهزادين جي قصن تي مبني قصا آهن، جيڪي پڻ اڪثر ٻڌڻ ٻڌائڻ وسيلي نسل در نسل وڌندا رهيا. انساني تاريخ جا قديم وهم وسوسا لوڪ ڪهاڻين ۾ بيان ڪيا ويا آهن. لوڪ ڪهاڻيون ڪنهن لکيون يا ٻڌايون ان بابت ڪا به ثابتي نٿي ملي. لوڪ ڪهاڻي هر دؤر ۾ هر سماج ۾ تبديل ٿيندي رهي آهي، ان جو سبب هر سماج جون الڳ الڳ معاشي، سماجي حالتون ۽ عقيدهه آهن. لوڪ ڪهاڻين جا ڪردار فرَضي يا هٿرادو آهن. اهي سماج مان ناهن نه ئي وجود رکندڙ هوندا آهن سواءِ انهن ڪردارن جي جيڪي انسان آهن.

    لوڪ ڪهاڻي ۽ مختصر ڪهاڻي ۾ فرق:

    لوڪ ڪهاڻي لوڪ ادب جي صنف آهي، مختصر ڪهاڻي سماجي ادب جي حقيقت تي آڌاريل تخليق آهي. لوڪ ڪهاڻي جا اڪثر ڪردار ۽ واقعا مافوق الفطرت آهن، جڏهن ته مختصر ڪهاڻي جا ڪردار ۽ واقعا اسان جي سماج جي جيئري جاڳندي تصويرآهن.

    ڪالم ڪهاڻي:

    ڪالم صحافتي ادب جي صنف آهي، جيڪا روزانو اخبارن جو پيٽ ڀرڻ لاءِ اوچتو پيدا ٿيل واقعن، حادثن، مصيبتن ۽ حالتن تي لکيا ويندا آهن، ڪالم جي عمر جو مدار ان واقعي جي عمر جيترو هوندو آهي، گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڏينهن يا وڌ ۾ وڌ جيستائين ان واقعي جو اثر قائم هجي. ڪالم ڪهاڻي روزمرهه جي اهڙن واقعن کي ڪردارن جي صورت ۾ بحث هيٺ آڻڻ ۽ پنهنجي تجزياتي راءِ ڏيڻ جو نالو آهي، اهڙي قسم جون انيڪ ڪهاڻيون نامياري ڪهاڻيڪار امر جليل لکيون آهن، جن ۾ سندس سنڌو، چيني، چرٻٽ ۽ ڦندڻ جي ڪردارن مقبوليت ماڻي. اڄڪلهه ته اڪثر ليکڪ ڪالم ڪهاڻيون لکڻ کي ترجيح ڏيندي نظر اچن ٿا، ڇوته ان لاءِ پلاٽ اڳواٽ موجود هوندو آهي ۽ ڪردار انهن جا گهڙيل هوندا آهن، فقط مڪالما پيش ڪرڻ جي ضرورت پوندي آهي.
    ڪالم ڪهاڻي ۽ مختصر ڪهاڻي ۾ فرق:

    ڪالم ڪهاڻي اخبارن لاءِ لکي ويندي آهي، اها روزمرهه جي واقعن، حادثن جي اثر هيٺ هوندي آهي ۽ ان تي ليکڪ جي پنهنجي جڙتو ڪردارن وسيلي راءِ ڏنل هوندي آهي.
    ڪالم ڪهاڻي جي عمر مختصر هوندي آهي.
    ڪالم ڪهاڻي صحافتي ادب جو حصو آهي.
    ڪالم ڪهاڻي مختصر ڪهاڻي جي ڀيٽ ۾ ننڍي فقط واقعي تي فوڪس ڪيل هوندي آهي.
    ڪالم ڪهاڻي جي اڻت مختصر ڪهاڻي کان بلڪل مخلتف هوندي آهي. ان ۾ ماحول يا ڪردارن جي پنهنجي مسئلن يا مونجهارن جو بيان ناهي هوندو پر اڪثر اخبار ۾ شايع ٿيل واقعي تي تاثر هوندو آهي.


    • حوالا

    1. انصاري، اشتياق، “انيس انصاري: فن ۽ شخصيت”، ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد، 2008ع
    2. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، “سنڌي لوڪ ڪهاڻيون”، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، 2014ع
    3. ايضاً
    4. عباسي نجم، “ڪهاڻيءَ جو قافلو”، نيو فيلڊس پبليڪيشنس حيدرآباد، 1985ع
    5. امر جليل، “لهندڙ سج جي لام”، ڪاڇو پبليڪيشن ڪراچي، 2012ع
    6. انور جمال، پروفيسر، “ادبي اصطلاحات”، نيشنل بوڪ فائونڊيشن اسلام آباد، 2014ع
    7. عرساڻي، محمد اسماعيل، “چار مقالا”، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، 2005ع
    8. مظهرالاسلام، “گهوڙون ڪي شهر ۾ اڪيلا آدمي”، سنگِ ميل پبليڪيشن، 2006ع
    9. جوڻيجو، تنوير، “عيبن هاڻي”، نيو فيلڊس پبليڪيشنس، 1982ع
    10. عرساڻي، شمس الدين، “آزاديءَ کان پوءِ افسانوي ادب جي اوسر”، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄام شورو، 1985ع
    11. لغاري اڪبر، “سنڌي ادب جو مختصر جائزو”، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2008ع
    12. لڇاڻي جڳديش، “سنڌي ڪهاڻيءَ جي اوسر”، سنڌي ساهت گهر، 1996ع
    13. فهميدهه حسين، ڊاڪٽر، مضمون: “سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ عورت جو روپ”، ڪلاچي ريسرچ جرنل، مئي 2007ع
    14. لغاري اڪبر، “سنڌي ادب جو مختصر جائزو”، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2008ع
    15. الانا، غلام علي، ڊاڪٽر، “سنڌي نثر جي تاريخ”، سنڌي ساهت گهر، 1999ع
    16. فهميدهه حسين، ڊاڪٽر، مضمون: “سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ عورت جو روپ”، ڪلاچي ريسرچ جرنل، مئي 2007ع
    17. انصاري، اشتياق، “انيس انصاري: فن ۽ شخصيت”، ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد، 2008ع
    18. انٽرنيٽ تان کنيل
    19. لاشاري، ثقلين، ترجمو:“پائلوڪوهلو جون ڪهاڻيون”، ماهوار وائيس آف سنڌ قمبر، 2008ع
    20. نسيم کرل، “نسيم کرل جون ڪهاڻيون”، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2007ع
    21. ڪوهيار، منظور، “سچا ڪوڙا رشتا”، ڪنول پبليڪيشن قنبر، 2007ع
    22. کرل، نسيم، “نسيم کرل جون ڪهاڻيون”، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2007ع
    23. لڇاڻي جڳديش، “سنڌي ڪهاڻيءَ جي اوسر”، سنڌي ساهت گهر، 1996ع
    24. فگار، هڪڙو، انور، ڊاڪٽر، “شڪارپور شهر جو سنڌي ادب ۾ حصو”، انسٽيٽيوٽ آف سنڌيالاجي، 2009ع
    25. امر جليل، “لهندڙ سج جي لام”، ڪاڇو پبليڪيشن ڪراچي، 2012ع
    26. عباسي، نجم، “ڪهاڻيءَ جو قافلو”، نيو فيلڊس پبليڪيشنس حيدرآباد، 1985ع
    27. ڪوريجو، عباس، “پنهنجي ڌرتي”، ڪنول پبليڪيشن قنبر، 2014ع
    28. انٽرنيٽ تان کنيل
    29. انٽرنيٽ تان کنيل
    30. عباسي، نجم، “ڪهاڻيءَ جو قافلو”، نيو فيلڊس پبليڪيشنس حيدرآباد، 1985ع
    31. چانڊيو، جامي، “افسانوي ۽ فڪري ادب”، سنڌيڪا اڪيڊمي، 2007ع
    32. انٽرنيٽ تان کنيل
    33. انٽرنيٽ تان کنيل
    34. سومرو، رفيق، “مٽيءَ سندو مامرو”، سڳنڌ پبليڪيشن حيدرآباد، 1995ع
    35. گگو، اصغر، “حياتي جي ڦاٽل ورقن جون ڪٿائون”، سچائي اشاعت گهر دڙو، 2005ع
    36. ماهوار سڦلتا، ڪهاڻي نمبر، مئي 2014ع
    37. ڪليم، انور، “32” ڪنول پبليڪيشن قنبر، 2005ع
    38. ڪوريجو، عباس، “پنهنجي ڌرتي”، ڪنول پبليڪيشن قنبر، 2014ع
    39. انٽرنيٽ تان کنيل
    40. ڪوهيار، منظور، “سچا ڪوڙا رشتا”، ڪنول پبليڪيشن قنبر، 2007ع
    41. ڪوهيار، منظور، “ڀنئورن جي انتظار ۾”، ڪنول پبليڪيشن قنبر، 2008ع
    42. ايضاً
    43. سنڌي لينگئيج اٿارٽي جي انٽرنيٽ ويب سائيٽ
    44. انٽرنيٽ تان کنيل


    باب ٻيو : سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪهاڻيءَ جي ارتقا

    • ابتدائي دؤر

    پس منظر:
    ابتدائي دؤر:
    سنڌي ڪهاڻي هي مونوگراف لکڻ وقت تائين پنهنجي هڪ صديءَ جي تاريخ پوري ڪري چڪي آهي، يعني 1914ع کان 2014ع تائين. سنڌي ڪهاڻيءَ جي تاريخ کي خاص طور تي ٻن ڀاڱن ۾ ورهايو ويندو آهي، ورهاڱي کان پهرين ۽ ورهاڱي کان پوءِ. هن موضوع تي تمام گهڻي تحقيق ٿي چڪي آهي، تنهن ڪري ان مان استفادو وٺندي انتهائي مختصر طور اهو ساڳيو احوال هتي درج ڪنداسين.
    سنڌي افساني جو اوائلي دؤر 1853ع کان پوءِ نئين رسم الخط ٺهڻ سان شروع ٿيو، ان وقت “سورٺ راءِ ڏياچ”، “شهزادي ماڻڪ جي ڳالهه”، “سڌاتوري ۽ ڪڌاتوري” ۽ “ڀنڀي زميندار جي ڳالهه” جهڙيون ڪهاڻيون لکيون ويون، جن کي اسان مڪمل افسانو نٿا چئي سگهون ڇو ته اهي جديد افساني جي وصف موجب ناهن، جديد افساني جي گهرجن تي پورو لهندڙ اهڙي ڪنهن پهرين سنڌي ڪهاڻيءَ بابت ڊاڪٽر عبد الجبار جوڻيجو سنڌي ادب جي تاريخ ڀاڱي ٽئين ۾ لکي ٿو:
    “سنڌي افسانو جنهن کي اڳتي هلي ڪهاڻي سڏيو ويو. ان کي به هڪڙو پسمنظر آهي. اڳ ۾ اهو خيال هو ته ڪهاڻي/افسانو اڳوڻن ننڍن قصن يا آکاڻين مان اسريل آهي.”
    ته وري پهرين سنڌي ڪهاڻيءَ بابت ڊاڪٽر غلام علي الانا هڪ ٻي راءِ رکندي لکي ٿو:
    “1914ع ۾ مرزا قليچ بيگ “شريف بيگم” جي نالي سان پهريون جديد افسانو لکيو.”
    واسديو موهيءَ مطابق،“ سنڌيءَ ۾ لالچند امر ڏني مل جي “حُر مُکيءَ جا” پهرين ڪهاڻي آهي.”
    جڏهن ته ڪجهه محقق پهرين جديد سنڌي ڪهاڻي امر لعل هنڱوراڻيءَ جي “ادو عبدالرحمان” کي مڃين ٿا، جيڪا 1930ع ۾ ڪتابي شڪل ۾ ڇپي.
    سنڌيءَ ۾ جديد ڪهاڻي جي شروعات 1914ع کان ٿئي ٿي، ڇو ته پهرين سماجي موضوع تي ڪهاڻي لعلچند امرڏني مل جي “حر مکيءَ جا” کي قرار ڏنو ويو آهي ۽ اها 1914ع ۾ ڇپجي پڌري ٿي هئي. برصغير جي اڪثر ٻولين ۾ ڪهاڻيءَ جي شروعات ويهين صديءَ جي مهڙ ۾ ٿي آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙيون طبعزاد ڪهاڻيون 1914ع کان پوءِ ملن ٿيون، ورهاڱي تائين اهو سڄو دؤر سنڌي ڪهاڻيءَ جو ابتدائي دؤر آهي، جنهن ۾ گهڻو ڪري ٻين ٻولين مان ترجمو ڪري ڪهاڻيون آنديون ويون ۽ ڪيتريون ئي طبعزاد ڪهاڻيون پڻ لکجنديون رهيون.
    ورهاڱي کان اول جي مشهور سنڌي ڪهاڻيڪارن ۾: ڄيٺمل پرسرام، ڀيرومل مهرچند، لعلچند امرڏنو مل، پرڀداس، امر لعل هنڱوراڻي، عثمان علي انصاري، شيخ اياز، آسانند مامتورا ۽ نادر بيگ مرزا قابل ذڪر آهن. ورهاڱي کان پهرين ڇپيل ڪجهه اهم ڪتابن جي ٽيبل اڳتي شامل ڪجي ٿي، جنهن مان ان عرصي ۾ شايع ٿيل ڪهاڻي ڪتابن جو پتو پوي ٿو.

    ورهاڱي کان پهرين ڇپيل سنڌي ڪهاڻي ڪتاب:

    س. ڪتاب جو نالو ليکڪ ڇپيو حوالو
    1 من جا مڻيا منوهرداس ڪوڙيمل 1927ع ملڪاڻي، 49
    2 واندڪائيءَ جي وندر ٽهلرام پنواڻي 1928ع ملڪاڻي، 49
    3 ادو عبدالرحمان امر لعل هنڱوراڻي 1930ع جوڻيجو، 70
    4 چمڙا پوش ڪهاڻيون ڄيٺمل پرسرام 1932ع لڇاڻي، 61
    5 اندر جا اڌما پرڀداس 1932ع جوڻِيجو،70 ۽ لڇاڻي، 66
    6 اخلاقي ڪهاڻيون منوهرداس ڪوڙيمل 1935ع ملڪاڻي، 49
    7 پنج عثمان علي انصاري 1937ع جوڻيجو، 71
    8 جيوت، پريم ۽ پاپ جون ڪهاڻيون آسانند مامتورا 1939ع لڇاڻي، 68
    9 سرد آهون گوبند پنجابي 1942ع جوڻيجو، 71 ۽ لڇاڻي، 72
    10 آرسي ۽ ٻيون ڪهاڻِيون آسانند مامتورا 1943ع لڇاڻي، 69 ۽ ملڪاڻي 60
    11 ريگستاني ڦول مرتب:گوبند مالهي 1944ع لڇاڻي، 72
    12 مرڪندڙ مکڙيون جهامنداس ڀاٽيا 1945ع ملڪاڻي، 64
    13 بکايل ايم آر ماڻيداساڻي 1945ع ملڪاڻي، 64
    14 خوشبوءَ ايم آر ماڻيداساڻي 1945ع ملڪاڻي، 64
    15 شهيدِ وفا محمد عيسى نظاماڻي 1947ع ملڪاڻي، 64
    16 سنڌي ڪهاڻي بهاري لال ڇاٻڙيا 1947ع لڇاڻي، 73
    17 سفيد وحشي شيخ اياز 1947ع جوڻيجو، 73
    18 نادر بيگ مرزا جون ڪهاڻيون مرتب: نصير مرزا 1991ع (هي ڪتاب دير سان ڇپيو)


    • ورهاڱي کان اڳ

    “اڄ کان تقريباً هڪ صدي اڳ ۾ سنڌي نثر ۾ ڪهاڻين لکڻ جو رواج پيو. راءِ ڏياچ ۽ سورٺ، شهزادي ماڻڪي جي ڳالهه، ڀنڀي زميندار جي ڳالهه، سڌاتورو ۽ ڪڌاتورو ۽ ٻيون ڪي ڪهاڻيون 1851ع ڌاري لکيون ويون. انهن مان پويون ٻه ڪهاڻيون وڏي اهميت رکن ٿيون، ڇاڪاڻ جو هنن قصن جو پلاٽ اخلاق ۽ نيڪيءَ تي رکيل آهي. سنڌي زبان ۾ شايد اهي پهريون ئي ڪهاڻيون آهن جن ۾ روزمره واري زندگيءَ جا واقعات ۽ حقيقي ڪردار پيش ڪيا ويا آهن ۽ منجهن مقامي رنگ به سمايل آهي. ليڪن انهن کي اسان باقاعدي “مختصر افسانو” ڪونه چونداسون، ڇاڪاڻ ته اهي افساني جي فني اصولن ۽ لوازمن کان گهڻو دؤر آهن. البت انهن کي “سنڌي افساني” جي هڪ اوائلي صورت چئي سگهجي ٿو. سنڌي رسم الخط عام ٿيڻ بعد ٻيا به ڪيترائي ڪهاڻين جا مجموعا شايع ٿيڻ لڳا. ميران محمد شاهه جو “مفيد الصبيان” مرزا قليچ بيگ جو “دلپسند قصا” ۽ ديوان ڪيولرام جا “سوکڙي ۽ گل” ان سلسلي جون ڪڙيون آهن.
    برصغير هندو پاڪ جي گهڻو ڪري سڀني زبانن ۾ افساني جي سچي پچي شروعات ويهين صديءَ جي اوائلي دؤر ۾ ٿي. اسان وٽ به افساني نگاريءَ جو باقاعدي فن نئين تهذيب ۽ نين حالتن جي اثر ماتحت رائج ٿيو. ان جا ڪامياب تجربا 1915ع جي لڳ ڀڳ شروع ٿيا هئا. جنهن کي بلاشبه اسان افساني جو اوائلي دؤر چئي سگهون ٿا. هن دؤر جا افسانا سماجي مسئلن معاشرتي بڇڙاين ۽ ٻين انيائن خلاف لکيا ويا آهن. ان وقت هندستان ۾ سماج سڌار تحريڪن جي هڪ ملڪ گير مهم هلي هئي. جنهن سڀني زبانن جي ادب تي گهاٽو اثر ڇڏيو. چنانچه سنڌي ادب به ساڳين حالتن هيٺ لکجڻ لڳو.
    شايد ڪوڙو مل پهريون ئي اديب هو. جنهن جي هٿان اهڙن افسانن جي لکڻ جو آغاز ٿيو. هن بينگالي ليکڪ بنڪم چندر چئٽرجيءَ جا سماجي افسانا سهڻيءَ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا، جن مان “ٻه منڊليون” (1914ع) ڪافي مشهور آهن. هن ٻين به ڪيترن هندستاني ۽ بينگالي افساني کي سنڌيءَ جي روپ ۾ آندو. پرمانند جي دل بهار (1912ع) جا چار ڀاڱا شايع ٿيا. جن ۾ مزيدار ۽ دل وندرائيندڙ آکاڻيون هيون. ساڳئي مصنف جا ڪن سماجي مسئلن تي به مفيد افسانا شايع ٿيا. جن مان “لڇڻ ڪين لڌو” هڪ طبعزاد افسانو آهي. ازانسواءِ “هيري جي منڊي” پڻ هڪ سماجي افسانو آهي اهو به سندس لکيل هو. نانڪرام ڌرمداس به معاشر تي ۽ اخلاقي افسانا “ڌرم راءِ جي وهي” ۽ “جيوت جو جس” (1915ع) ۾ لکيا هئا.
    1914ع ۾ سنڌي ساهت سوسائٽي جا رسالا شايع ٿيڻ لڳا، جن ۾ پڻ مختصر افسانا اچڻ لڳا. ازان سواءِ پهرين عالمگير جنگ (1914ع) کان پوءِ به ڪي رسالا نڪتا. مثلن:”لٽڪا چٽڪا”، “ماهوار گلشن”، “ماهوار راجپوت” وغيره جن ۾ افسانا اچڻ لڳا. هنن رسالن ۾ به اديبن سنڌي عوام ۾ صحيح سماجي شعور پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ سنڌي معاشري جي اوڻاين مثلاً عورتن جي پيڙا ۽ بيوسي، گڏيل ڪٽنبن جا مسئلا، زوريءَ شادي، ننڍپڻ جي شادي، هڪ کان گهڻين شادين ۽ ٻين انيڪ گهرو ريتين رسمن ۽ رواجن جي صحتمند معاشري جي تعمير لاءِ رڪاوٽ بنيل هئا، تن کي ظاهر ڪيو ويو. انهن موضوعن تي هيٺين ليکڪن چند اثر دار افسانا لکيا.
    لالچند امر ڏنو مل جو “ڪشنيءَ جو ڪشت” هڪ درد ناڪ ۽ دل ڀِڄائيندڙ افسانو آهي، جنهن ۾ سنڌي گهرو زندگيءَ جو هڪ خاڪو آهي. سندس ٻيا مشهور افسانا “ڏکن ڏڌي زندگي” ۽ “ننڍڙي نينا” آهن. جن جو پلاٽ به ساڳين مسئلن تي ٻڌل آهي.
    ڄيٺمل پرسرام جا افسانا 1923ع ۾ “چمڙا پوشيءَ جون آکاڻيون” جي نالي سان شايع ٿيا. هن صاحب پڻ پنهنجي باريڪ بين نظرن سان سماجي براين کي عيان ڪيو. هن ٻين سماجي مسئلن سان گڏ سنڌي سرمائيدارن ۽ وڏيرن جي گناهن تان به پردو کنيو هو. جي پنهنجي ڏاڍ سان غريب عوام کي پيڙيندا رهندا هئا. ازان سواءِ هن صاحب “نئين سنڌي لئبريري” ۽ “ستو هندو ساهت مالا” جي نالي سان ٻه ڪتابي سلسلا شروع ڪيا، جن ۾ ناول ۽ افسانا وغيره سڀ اچي وڃن ٿا. خود ڄيٺمل صاحب مغرب جي ڪيترن مشهور ناولن ۽ طويل ڪهاڻين کي سنڌي زبان ۾ مختصر طرح سان ترجمو ڪري افسانن جو روپ ڏنو، جن ۾ “مونا وانا”، “ٻال هتيا”، جو ٽالسٽاءِ جو ڊرامي power of darkness تان ورتل هو ۽ گل بلاس، جو هڪ مشهور “اسپين جي سفر” واري ناول تان کنيل هو ۽ ٻيا ڪيترائي افسانا اچي وڃن ٿا.
    پرڀداس ڀيرو مل به ڪيترائي گهرو زندگيءَ متعلق افسانا لکيا، جي طنز و مزاح سان ڀرپور هئا. “اندر جا اڌما” ۽ “هير- جواهر” سندس افسانن جا ٻه مجموعا شايع ٿي چڪا هئا.
    “علمي دنيا” ماهوار رسالو به لڳ ڀڳ ان دؤر ۾ نڪرندو هو، جنهن ۾ ٻين سان گڏ ٻن مشهور مسلمان اديبن: مسٽر عبدالله “عبد” ۽ محمد عثمان حبيب الله ڏيپلائيءَ جا افســانا اينــدا رهــــيا ٿــي. عــبدالله صــــاحب جــــي افســانن ۾ “ماسترياڻي” ۽ “اتفاق” امتيازي حيثيت رکن ٿا.
    افسانن جو ٻيو دؤر 1925ع کان 1940ع تائين قائم رهيو. جنهن کي “ترجمي” جو دؤر چئي سگهجي ٿو. اهو زمانو عالمگير جنگين جو هو. سموري دنيا جون سياسي حالتون نهايت ڪشيده بنجي چڪيون هيون. خود هندستان ۾ به آزاديءَ جي تحريڪ شروع ٿي چڪي هئي، جنهن جو اثر سنڌي ادب تي به نمودار ٿيو. هيءُ ئي دؤر هو، جنهن ۾ هندستان جي مختلف زبانن: هندي، اردو، بنگالي، گجراتي، مرهٽي ۽ ٻين ٻولين مان سوين افسانا سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيا، جن مان ڪي ته هوبهو ترجمو هئا ۽ ڪن افسانن ۾ صرف ماحول ۽ ڪردار نگاريءَ کي ٿورو تبديل ڪري، سنڌي حالتن مطابق بنايو ويو هو. ايترا سارا افسانا جي ڪيترن ئي مشهور ادارن جي طرفان شايع ٿيندڙ سلسليوار ڪتابن ۾ ڇپيا هئا تن مان چند هيءُ آهن، سندر ساهتيه 1914ع، مسلم ادبي سوسائٽي 1931ع، رتن ساهتيه منڊل 1934ع. ازانسواءِ 1939ع کان 1943ع جي وچ ۾ ڪهاڻي، ڀارت جيون ۽ آشا، ٽي ماهوار رسالا نڪرندا هئا، جي ادبي حلقن توڙي عوام ۾ گهڻو مقبول ٿيا. انهن مڙني ڪتابي سلسلن ۽ رسالن سنڌي ادب جي گهڻي خدمت ڪئي. انهن جي مد نظر هميشه اها ڳالهه هئي ته سنڌي ادب ۾ جا کوٽ آهي. تنهن کي ڌارين زبانن جي ڪهاڻين سان مالا مال ڪجي. چنانچه مختلف هندستاني زبانن جي جن مشهور ليکڪن جا افسانا سنڌيءَ ۾ آيا، تن مان ڪن جا نالا هي آهن:
    پريم چند، ٽئگور، ڪرشن چندر، ڪشور ساهو، رڻبيرسنگهه، ڪوراناٿ، سدرشن، ڪملاڪانت ورما، ترشچندر گپتا، سانڪر نياپن، ڪنيا لعل منشي، اختر حسين، رشيد جاويد، عشرت رحماني، احمد عباس، ابراهيم جليس، احمد نديم قاسمي وغيره.
    هندستاني افسانن کان علاوه يورپ جي به جڳ مشهور افساني نگارن جا افسانا سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا ويا. جن مان ڪي هي آهن:
    چيخوف، گورڪي، ٽالسٽاءِ، ترجينوف (روسي)، پشڪن، موپاسان (فرانس)، اوهينري، پرل بڪ (آمريڪا)، گالسوردي ۽ ماري ڪاريلي (انگلنڊ)، پال هين (جرمن)، الاسڪان (اسپين) وغيره.
    ترجمي جي هيڏي ساري عظيم ڪم ۾ ڪيترن ئي اديبن جو حصو آهي، جن پنهنجا فرائض نهايت ئي ڪاميابيءَ سان بجا آندا. هندو ليکڪن مان جڳت آڏواڻي، ميلارام منگترام، آهوجا، گوبند مالهي، ديو سنڀاڻي، ليکو تلسياڻي، وديارٿي، هيرانند عبدناڻي، ۽ مسلمان مصنفن ۾ دوست علي، اميد علي ۽ دلدار حسين موسوي ان حلقي ۾ شامل آهن.
    مٿئين سموري عرصي ۾ سڀ کان قابل ذڪر رسالو “ماهوار سنڌو” آهي، جو جديد ادب خصوصن افساني جي ترويج ۽ ترقيءَ ۾ سڀني کان اڳرو رهيو. اهو جريده 1932ع ۾ اول شڪارپور ۽ بعد ۾ جيڪب آباد مان شايع ٿيڻ لڳو ۽ ملڪ جي ورهاڱي ٿيڻ تائين باقاعدگيءَ سان نڪرندو رهيو. هن جي نمايان خوبي اها آهي جو ان ۾ ترجمي ۽ نقل جي بجاءِ اصلوڪن افسانن کي به گهڻو فروغ مليو. مرزا قليچ بيگ جي لائق فرزند نادر بيگ، لطف الله بدوي، آسانند، مامتورا، تاراچند ڦٽيل، گوبند مالهيءَ ۽ ٻين جا معياري افسانا ان ۾ شايع ٿيندا رهندا هئا.
    هاڻي چند شهرت يافته فنڪارن ۽ سندن افسانن تي روشني وجهي هن دؤر کي اختتام تي رسايان ٿو. هنن جو فن اصلوڪوOriginal هئڻ سبب قابل داد آهي ۽ انسان جي ادب ۾ ان کي نهايت اهم مقام حاصل آهي.
    مرزا نادر بيگ جي افسانن ۾ “اڇوت”، “مس رستمجي”، “ماهه جو قهر”، “موهني”، “عينڪ جو آزار” ۽ “ڀاڄائيءَ” جي مضمون نوشيءَ کي گهڻي شهرت حاصل ٿي. هن ڪن افسانن ۾ طنز و مزاح واري انداز ۾ معاشري جي اوڻاين کي ظاهر ڪيو آهي.
    لطف الله بدويءَ جي افسانن ۾ وري “غربت” ۽ “خوفناڪ بدلي” کي خاص مقام حاصل آهي. اهڙيءَ طرح آسانند مامتورا جا افسانا هڪ خاص رنگ جا حامل آهن. هن جي افسانن جا ٻه مجموعا “آرسين” ۽ “پاپ ۽ پريم جون ڪهاڻيون” ورهاڱي کان اڳ شايع ٿيا هئا. هو پنهنجي ڪردارن جو نفسياتي تجزيو ڪندي، جنسي مونجهارن جي ڇندڇاڻ ڪري ٿو. هن جي بهترين تسليم ٿيل ڪهاڻي “ڪڪي” آهي، جا هندي، انگريزي ۽ اطالوي زبانن ۾ ترجمو ٿي، داد حاصل ڪري چڪي آهي. هن جا ٻيا ناليوارا افسانا “وڏيرو رمضان” ۽ “ڳنوارڻ” آهن.
    هن دؤر جي مقبول فنڪارن ۾ امر لعل هنگوراڻيءَ جو نالو به پيش پيش آهي. هن 1930ع ۾ پنهنجو رسالو “ڦلواڙي” ڪڍيو هو. جنهن ۾ سندس افسانا شايع ٿيندا هئا. هو وڪيل هو ۽ افسانن جا موضوع پڻ پنهنجي ڌنڌي مان ئي چونڊيندو هو، جن کي تمام وڻندڙ ۽ اصلاحي انداز سان پيش ڪندو هو.
    “ادو عبدالرحمان”، “لکيو ڪين ٽريو”، “ٻڍيءَ جي ڳالهه”، “هيءَ به رانجهوءَ سندي رمز”، “رام رحيم”، “گوئي جو گناهه” وغيره سندس بهترين افسانا مڃيا وڃن ٿا. “ادو عبدالرحمان” ته ڪيترن ئي دنيا جي زبانن ۾ ترجمو ٿيل آهي. يونيسڪو طرفان به شايع ٿي چڪو آهي.
    مرحوم عثمان علي انصاريءَ به ان دؤر جي افساني نگارن ۾ خاص مقام رکي ٿو. هن جو “پنج” افسانن جو مجموعو 1937ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ پنج مختصر افسانا ڏنل آهن، جن مان وري “ململ جو چولو” داد جي لائق آهي. انصاري صاحب جي افسانن جا واقعات نهايت دلنشين، عبارت سليس ۽ پيشڪش جو انداز دلڪش ۽ وڻندڙ آهي.
    1940ع کان 1947ع تائين افساني جو ٽيون ۽ انگريزي راڄ جو آخرين دؤر آهي. هن عرصي جي اها خصوصيت آهي، جو ٻين سڀني اصناف ادب کان افسانا گهڻا شايع ٿيا. هن دؤر جي ادبي اظهار جو مکيه وسيلو هو ئي افساني نويسي. هيءُ سڄو زمانو هنگامن سان ڀرپور هو. آزاديءَ جي تحريڪ برصغير ۾ عروج کي پهچي چڪي هئي. چؤ طرف سياسي ۽ سماجي هلچل ۽ تحريڪن جو ملڪ ۾ هڪ مانڌاڻ متل هو. چنانچه هن دؤر ۾ 90 سيڪڙو افسانن ۾ آزاديءَ جو جذبو ڪار فرما آهي، جن ۾ ڌارينءَ حڪومت خلاف باغيانه خيالات ملن ٿا. سواءِ هن زماني کان ٿورو اڳي ڪيترن بين الاقوامي تحريڪن جهڙوڪ سوشلزم ۽ ڪميونزم وغيره جو اثر به سنڌي ادب تي پيو جو هندستاني ادب جي معرفت اسان جي ادب تي اثر انداز ٿيو. هن دؤر جي افسانن جو موضوع سياسي، سماجي، معاشي ۽ اخلاقي مسئلن مان کنيل آهي. ڌارين جي حڪومت خلاف نفرت، هندو مسلم ايڪتا، شاهوڪار شاهي ظلم، غريبن جي بدحالي ۽ اقتصادي ڦُرلٽ وغيره. اهي ئي مسئلا اسان جي افسانن جو موضوع بنيل هئا. هن دؤر ۾ تمام گهڻا افسانا لکيا ويا، ليڪن اڪثريت اهڙن جي آهي، جن ۾ فنڪاريءَ جو لحاظ نه رکيو ويو آهي، فني حسن، انهن ۾ ناپيد آهي. افساني جي لوازمن ۽ اصولن کي بالائي طاق رکيو ويو آهي. محض جذبات، جوش و خروش، تقرير و تبلغ ۽ پروپئگنڊا انهن مان ظاهر ٿئي ٿي، مگر اسان ان دؤر جي ليکڪن کي قصور وار ٺهرائي نٿا سگهون، ڇاڪاڻ جو اهو دؤر ئي ڪشمڪش جو هو. حالات نهايت ئي سنگين هئا. اسان کي اهڙي ادب جي ضرورت هئي جو قوم جي ستل جذبن کي يڪدم جاڳائي. تنهن ڪري ڪيترا نوان لکندڙ فني اصولن جي ڄاڻ کان سواءِ ئي صرف اندر جي جذبي ۽ اتساهه کان لکندا هئا. باقي جيڪي پخته قلمڪار هئا، جن جا افسانا گهڻي قدر ڪامياب چئي سگهجن ٿا، تن جو ۽ بعض انهن ڪتابي سلسلن ۽ رسالن جو ذڪر هتي ڪريان ٿو، جن ۾ هن دؤر جو اهو ادب قلمبند ٿي چڪو آهي. هيٺين افساني نگارن جو فن هر وجهه کان قابل ذڪر آهي:
    گوبند پنجابي، گوبند مالهي، ڀڳوان لالواڻي، شيخ عبدالستار، آنند گولاڻي، سڳن آهوجا، رام امر لعل، جيوت نرياڻي، ڪشن کٽواڻي، ڪماري نانڪ گدواڻي، مائيداساڻي، آسن اتمچنداڻي، هرو سدا رنگاڻي، ليکو تلسياڻي، ڀون پنجواڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، شيخ اياز، لڇمڻ راجپال، ڀوڄراج موٽواڻي ۽ ٻيا.
    “سرد آهون”، “پرهه ڦٽي”، “ريگستاني ڦول”، سنڌي ڪهاڻيون ۽ سفيد وحشي وغيره ان دؤر جي افسانن جا مجموعا آهن، جي نئين دنيا پبلڪيشن، زندگي پبليڪيشن، باغي منڊل ۽ ٻين ادبي اشاعت گهرن جا شايع ڪرايل هئا. انهن مجموعن ۾ هن دؤر جا ڪم و بيش سڀئي شهره آفاق افسانا اچي وڃن ٿا. ازانسواءِ 1940ع اندر ڪيترائي ماهوار رسالا ۽ ڪتابي سلسلا علم و ادب جي ميدان تي ظهور پذير ٿيا، جن ۾ به ڪيترن ننڍن وڏن اهم ۽ غير اهم افسانن جو ذخيرو ڇپجي چڪو آهي.”


    • ورهاڱي کان پوءِ

    “پاڪستان قائم ٿيڻ بعد يڪايڪ حالتون بدلجي ويون ۽ سنڌي ادب جي اشاعت به گهڻي ڀاڱي روڪجي ويئي، ڇاڪاڻ جو اشاعتي ذريعن ۽ ادب تي گهڻي ڀاڱي قبضو هندن جو هوندو هو. ٿوري مدت بعد جيتوڻيڪ حالتون ڪجهه معمول تي موٽي آيون هيون ۽ سنڌي ادب جي اشاعت بدستور جاري رهي، مگر افسوس جو افساني جو فن ڪابه ترقي ڪري نه سگهيو. سواءِ آڱرين تي ڳڻڻ جيترن افسانن جي، ڪي به اهڙا افسانا شايع نه ٿيا جي قابل ذڪر هجن. ان جو سبب اهو آهي ته سنڌي زبان جا افساني نگار ۽ فنڪار گهڻو ڪري هندو اديب هوندا هئا، جنهن ڪري نين حالتن پيدا ٿيڻ سبب هيءَ فن بلڪل ختم ٿيڻ تي وڃي رسيو هو. ان هوندي به قيام پاڪستان کان اڳ افساني کي سنڌي ادب ۾ بلند ۽ واضح مقام حاصل هو ۽ ادبي اظهار جو مکيه وسيلو افسانو ئي هوندو هو. ڪجهه عرصي جي خاموشيءَ بعد ڪيترن ڪتابي سلسلن ۽ ماهوار رسالن جو اجراءُ ٿيو. 1950ع ڌاري اهڙيون ادبي ڪوششون نظر اچن ٿيون، جن جو مطمع نظر افساني جي ترقي هو. “پرهه ڦٽي” ۽ “اڳتي قدم” رسالن ۾ افسانا ايندا هئا. ازان سواءِ ٻه_ ٽي افسانن جا مجموعا به شايع ٿيا، جن ۾ “ڊاڪ بنگلو”، “پنهل کان پوءِ” ۽ “گل ۽ مکڙيون” خاص طرح سان مشهور ٿيا. مسٽر حيدر بخش جتوئي سوشلسٽ تحريڪ جي اثر ۾، قيام پاڪستان کان اڳ تقريباً 1936ع ڌاري افسانا لکڻ شروع ڪيا هئا. پاڪستان قائم ٿيڻ بعد پڻ هن جا ڪي افسانن جا مجموعا شايع ٿيا آهن، جي هاريءَ جي مظلوميت ۽ زميندارن جي ظلمن بابت آهن. “فردوس”، “اسان جي منزل”، “ادا”، “رهنما” ۽ ٻيا به ڪيترا رسالا انهيءَ زماني کان شايع ٿيڻ لڳا، جن مان هن وقت تائين ڪوبه زنده رهي نه سگهيو آهي. انهن ۾ افسانا ايندا رهيا ٿي، ليڪن گهڻائي اهڙن جي هئي جي فڪر و فن کان بلڪل خالي هئا. اهي گهڻو ڪري غير معروف ۽ سيکڙاٽ اديبن جا لکيل هئا، جن ۾ ڪابه جان نه هئي. غير حقيقي ۽ غير دلچسپ واقعات، پلاٽ گهرگلا، فني ترتيب معدوم ۽ زبان جي لذت نه هوندي هئي. انهن ۾ افسانا هڪ رواجي ڪهاڻيءَ جي عام پيرايي ۾ بيان ٿيل هوندا هئا. انهن افسانن کي ڏسي ائين لڳندو هو ته سنڌي افسانو ارتقا جون هيتريون ساريون منزلون طئي ڪري وري يڪدم پوئتي هٽي ابتدائي مرحلي ۾ وڃي داخل ٿيو آهي. الله تعاليٰ جل شانہ جا لک احسان آهن، جو سنڌي افسانو انهيءَ حالت ۾ گهڻو وقت ڪونه رهيو ۽ جلدي مسلمان اديبن جو هن پٺتي پوندڙ صنف ڏانهن توجهه ڇڪيو ۽ ان تي خاص خيال ڏيڻ لڳا. سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ طرفان ادبي ڪلاس جو اهتمام ڪيو ويو، جن ۾ افسانا پڙهيا ويندا هئا ۽ ٻيا اديب ۽ نقاد ان تي تنقيد ڪندا هئا. ليڪن جا به خيال آرائي ۽ راءِ زني ٿيندي هئي، سا تعميري نوعيت جي هوندي هئي ۽ ان ۾ افساني جي ترقي جو جذبو ڪارفرما هو.
    سنڌي افساني جي نمايان ۽ حقيقي ترقيءَ ۾ جيڪي سو ماهوار نئين زندگيءَ ۽ سماهي مهراڻ اضافو ڪيو. چوٽيءَ جي افساني نگارن جون ڪاوشون ۽ فن جي لحاظ کان عروج تي پهتل افسانا، اول اول انهن ئي جريدن جي صفحن جي زينت بنيل آهن.
    1950ع کان 1960ع تائين ڏهن سالن جي قليل عرصي ۾ سنڌي افساني توقعات کان وڌيڪ ترقي ڪئي ۽ ڪن افساني نگارن جو فن ته ادب جي آسمان تي پوري آب و تاب سان چمڪڻ لڳو. هن مختصر ادبي دؤر ۾ ڪيترن ئي اديبن جا افسانا شايع ٿيا، مگر آءٌ صرف انهن چند فنڪارن جا نالا هيٺ ڏيان ٿو، جن جو فن هن دؤر تي پوريءِ طرح سان مسلط رهيو آهي.
    جمال ابڙو، غلام رباني، شيخ حفيظ، سراج، بشير مورياڻي، رشيد ڀٽي، ڊاڪٽر غلام حسين جعفري، ابن حيات، اياز قادري، ڪريم بخش خالد، علي بخش ميمڻ، ڪروڙ پتي، خواجه سليم، جمال رند، ع_ق شيخ، مرزا مراد علي، ثميره زرين چنو، بيگم زينت ۽ علي احمد بروهي وغيره. انهن مان رشيد ڀٽي، محمد حسين، ڪروڙ پتي ۽ علي احمد بروهيءَ جو نالو مزاحيه افساني نگارن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. هن دؤر ۾ چند هندستاني اديبن جا پڻ سنڌي افسانا، سنڌ جي مختلف رسالن ۾ شايع ٿيا هئا، جن ۾ ڪيرت ٻاٻاڻي، گورڌن محبوباڻي ۽ موهن ڪلپنا جا افسانا خاص طرح سان ساراهيا وڃن ٿا.
    هتي آءٌ اهو به ضروري سمجهان ٿو ته هر ڪنهن افساني نگارجي ڪن چند مقبول افسانن جا نالا پڙهندڙن کي ٻڌايان، تاڪ جيڪي شائقين ۽ باذوق حضرات آهن، تن کي مطالعي ۾ مدد ملي سگهي.
    جمال ابڙو: بد معاش، خميسي جو ڪوٽ، پشو پاشا، منهن ڪارو، مان مڙد، مهرباني ۽ شاهه جو ڦر.
    غلام رباني: بري هن ڀنڀور ۾، نئون مڙدو، شيدو ڌاڙيل، پن ٻوڙين پاتال ۾، هوندا سي حيات ۽ آبحيات.
    بشير مورياڻي: چهڙي، پريم، ٽڪري ۽ زندگيءَ جو روڳ.
    سراج: ٻهڻي، ديوتا ۽ انسان، زندگي جي ڪنارن تائين ۽ چنڊ گرهڻ.
    شيخ حفيظ: ٻه ڳوڙها، ٽه واٽو، ٻه پاڇا، مبارڪون ۽ پن ٻوڙين پاتال ۾.
    رشيد ڀٽي: ميرل، ڍءَ بنا ڍوليا ڪانهي ساڃهه سونهن جي ۽ بُڻ.
    ڊاڪٽر جعفري: بدلو.
    خواجه سليم: الا ڪنهن پر ۽ انٽريسٽ.
    اياز قادري: فرشتو، بلو دادا، هي ليڊر، امڙ مان به ڪندس، ڀوڪ ۽ هاجرا.
    ابن حيات: واهه وڏيرا.
    ع_ق شيخ: لکيل جواب، پريشان انسان.
    ثميره زرين: دروازو ۽ پلؤ پايو سچ.
    1960ع کان هن وقت تائين، سنڌي افسانو ترقيءَ جا مختلف مرحلا نهايت تيزيءَ سان طي ڪري چڪو آهي. ترقيءَ جي لحاظ کان افساني جي حق ۾ هيءُ دؤر انتهائي خوشگوار ۽ انقلاب آفرين سمجهڻ گهرجي. افسوس جو ڪيترن سٺن افساني نگارن جن جو ذڪر هن کان اڳ ۾ ڪري چڪو آهيان، افسانا لکڻ ڇڏي ڏنا آهن، نه ته هنن جو فن اڃا به ترقي ڪري ها. ان هوندي به مختصر عرصي ۾ سنڌي زبان ۾ بلند پايي جا افساني نگار پيدا ٿيا آهن. هنن مان گهڻن جيتوڻيڪ 1940ع کان گهڻو اڳ لکڻ شروع ڪيو هو، ليڪن سندن فن پوري نشو و نما پائي هن وقت پخته بنجي چڪو آهي. ڪن ناميارن فنڪارن جا نالا هيٺ ڏيان ٿو، جن مسلسل مشق ۽ محنت سان پنهنجي فن لاءِ سنڌي ادب ۾ مستقل طرح سان جاءِ پيدا ڪئي آهي.
    آغا سليم، نسيم کرل، غلام نبي مغل، علي بابا، نذير شيخ، طارق اشرف، حميد سنڌي، غياث جوڻيجو، ذوالفقار راشدي، امرجليل، قمرشهباز، رشيده حجاب، الهبچايو لغاري، شوڪت راهي ۽ عبدالقادر جوڻيجو وغيره.
    ازانسواءِ ٻيا به ڪيترائي نوجوان افساني نگار ان فن ۾ پنهنجي طبع آزمائي ڪري رهيا آهن. جن جي فن نؤمولود هوندي به، فني لحاظ کان ڪافي سٺا افسانا پيش ڪيا آهن. انهن جو هن وقت ذڪر ڪرڻ قبل از وقت ٿيندو.
    سنڌي زبان ۾ هن وقت تائين سوَن جي تعداد ۾ افسانا شايع ٿي چڪا آهن، جي مختلف رسالن ۾ ٽڙيا پکڙيا پيا آهن، مگر افسوس جو ڪابه اهڙي پبلشنگ ڪميٽي نه آهي جا مختلف مصنفن جي ڌار ڌار افسانن کي يڪجا ڪري ڪتابي صورت ۾ ڇپائي. جن چند افساني نگارن جا مجموعا شايع ٿي چڪا آهن، سي هي آهن:
    1. پشو پاشا_ جمال ابڙو
    2. آب حيات_ غلام رباني
    3. بلو دادا_ اياز قادري
    4. سونهن، پٿر ۽ پيار_ طارق اشرف
    5. نئون شهر_ غلام نبي مغل
    6. عبرت ڪده (ٻه ڀاڱا)_ ابراهيم خليل
    7. گهڙيءَ گهڙيءَ هڪ گهاءُ_ رشيد ڀٽي
    8. اي درد هلي آءُ_ سراج
    9. چنڊ جا تمنائي_ آغا سليم
    10. مهراڻ جون ڇوليون (مختلف اديبن جي افسانن جو مجموعو (مطبوعه پاڪستان پبليڪيشن).
    11. ڪنول ڪنول، شبنم شبنم_ نسيم کرل
    12. اداس واديون_ حميد سنڌي
    هن دؤر ۾ غير ملڪي زبانن جي افسانن کي پڻ سنڌيءِ جو ويس پهرايو ويو آهي ۽ ڪيترن ئي عالمي شهرت رکندڙ اديبن جي افسانن کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ چند مجموعا پڻ شايع ٿي چڪا آهن.
    1_ آمريڪي ڪهاڻيون_ پبلشر سنڌي ادبي بورڊ
    مترجم: سراج ۽ غلام رباني.
    2_ ديس ديس جون ڪهاڻيون_ مترجم: ميمڻ عبدالحميد سڌي
    3_ سپون_ خليل جبران جي افسانن جو ترجمو.
    4_ دنيا جا عظيم افسانا_ سنڌي ادبي بورڊ.
    آخر ۾ پڙهندڙن کي ايترو ذهن نشين ڪرائڻ چاهيان ٿو ته سنڌي افسانو هينئر ترقيءَ جي شاهراهه تي گامزن ٿي چڪو آهي. سنڌي افسانن نه رڳو اردو ۽ هند و پاڪ جي مختلف زبانن ۾ ترجمو ٿي داد حاصل ڪيو آهي، بلڪ انگريزي، جرمني ۽ فرينچ ٻوليون ۾ ترجمو ٿيا آهن.
    قيام پاڪستان کان اڳ جي افسانن ۾ فني عناصر يا ته عدم پيدا هئا يا ته ڪين جهڙا هوندا هئا. ازانسواءِ اهي نعريبازي ۽ ڪنهن خاص نظريي جي تبليغ ساڻ ڀريل هوندا هئا. ان جي برعڪس فني لحاط کان اڄوڪو افسانو نهايت ئي پختو ۽ منجهس سنجيدگي ۽ متانت آهي. اڳي نقل تي زور هوندو هو هاڻي “اصليت” پيش پيش آهي.
    هاڻوڪي سنڌي افساني ۾ ماحول جي ڀرپور عڪاسي ٿيل آهي. سنڌي معاشري جا انيڪ مسئلا ان ۾ آندل آهن. انهن ۾ سنڌي ڪردار پنهنجي سٻاجهي انداز ۾ فطري ۽ نج زبان سان مخاطب آهن. ازانسواءِ مقصد جي لحاظ کان سياسي، اخلاقي ۽ ٻين قومي ۽ بين الاقوامي مسئلن بابت انهن ۾ صحتمند انداز فڪر ملي ٿو. ليڪن اهو سڀڪجهه فنڪارانه انداز ۾ ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ نڪو تصغ آهي ۽ نڪي فني اصولن کان تجاوز ڪيل آهي. مواد ۽ فن جي لحاظ کان اڄوڪو سنڌي افسانو گذريل دؤرن جي افسانن کان گهڻو ترقي يافته آهي. هيئت (form) جي لحاظ کان به انيڪ قسمن ۾ سنڌي افسانا لکيا ويا آهن. سڄي دنيا ۾ افساني نويسيءَ جا جيڪي به ڍنگ مروج آهن، تن سڀني ۾ سنڌي افسانو لکيو ويو آهي. مثلاً: مسئلن وارا افسانا، واقعن وارا افسانا، ڪردارنگاريءَ وارا افسانا، ماضيءَ تي روشني وجهندڙ افسانا، مونولاگ ۾ لکيل افسانا وغيره ازانسواءِ طويل مختصر افسانا ۽ ڪامياب فئنٽيون به لکيون ويون آهن، ۽ هاڻي بلاشبه اها دعويٰ ڪري سگهجي ٿي ته “اهو وقت پري نه آهي جڌهن سنڌي افسانو به قدر ۽ معيار جي لحاظ کان دنيا جي بهترين ادب سان همسري ڪري سگهندو.”

    (نوٽ: ورهاڱي کان اڳ ۽ پوءِ واري تاريخ محمد اسماعيل عرساڻيءَ جي ڪتاب “چار مقالا” تان کنئين وئي آهي، استفادو وٺڻ جو سبب ان موضوع تي اڳواٽ ٿيل تحقيق ۽ اصل موضوع کي وڌيڪ اهميت ڏيڻ آهي.)


    باب ٽيون : سنڌي ڪهاڻي جي انفراديت

    • سنڌي ڪهاڻي جي انفراديت

    هتي سنڌي ڪهاڻي جي انفراديت مان مراد، سنڌيءَ ۾ لکيل مختصر ڪهاڻي جي انفراديت آهي ڇوته ڪهاڻي دنيا جي هر ڪنڊ پاسي ۾ ڪهاڻي ئي سڏي ويندي آهي، ان جون بنيادي گهرجون ٿوري ڦير گهير سان ساڳيون ئي هونديون آهن. مختصر ڪهاڻي دنيا جي مختلف ٻولين ۾ لکي ويندي آهي، ان ڪري ان کي سنڌيءَ يا انگريزيءَ ۾ لکيل ڪهاڻي تصور ڪيو وڃي نه ڪه سنڌي ڪهاڻي يا انگريزي ڪهاڻي! ان بابت سنڌي ڪهاڻيءَ جو روح روان امر جليل لکي ٿو ته:
    “فزڪس، فزڪس هوندي آهي، فزڪس پاڪستاني، هندوستاني، ايراني يا يوناني نه هوندي آهي. ڪيمسٽري، ڪيمسٽري هوندي آهي، ڪيمسٽري هندو، مسلمان، عيسائي يا يهودي نه ٿيندي آهي، اهڙي طرح ڪهاڻي، ڪهاڻي هوندي آهي. سنڌي، هندي، اردو، انگريزي، روسي، فرانسيسي ۽ اهڙين انيڪ ٻولين ۾ لکڻ باوجود ڪهاڻيون بنيادي ماپن ۽ پيمانن ۾ هڪجهڙيون هونديون آهن. ڪلاشنڪوف ڪنهن سنڌيءَ جي هٿ ۾ اچڻ سان غليل نه ٿي پوندي آهي. سنڌيءَ ۾ لکڻ سان ڪهاڻي دنيا جي مختلف ٻولين ۾ لکيل ڪهاڻين کان افضل يا ابتر نه ٿيندي آهي ۽ اهو به ضروري ناهي ته انگريزي ۾ لکيل هر ڪهاڻي سٺي هجي.” (1)
    اسان هتي سنڌي ٻوليءَ جي ڇپيل صورت ۾ مليل ڪهاڻي جي انفراديت تي بحث ڪنداسين، جيئن سنڌيءَ ۾ لکيل مختصر ڪهاڻي جي فني توڙي فڪري انفرادي خوبين کي پرکي سگهجي. سنڌي ڪهاڻي جي هڪ صديءَ جي تاريخ پڄاڻيءَ تي رسڻ واري آهي، ان پوري صديءَ ۾ سنڌي ڪهاڻي فڪري توڙي شعوري منزلون طئي ڪيون آهن ۽ سفر اڃا جاري آهي. سنڌي ادب ۾ ڪهاڻي يا افسانو سڌو سنئون انگريزي ادب مان شامل ٿيل نظر نٿو اچي. ڇوته شروعاتي ترجما بنگالي، اردو ۽ هندي ڪهاڻي ڪتابن جا ڪيا ويا هئا. ڇو ته ان دؤر جي ٻين ڏکڻ ايشيائي ٻولين ۾ افسانو پهرين کان پهچي چڪو هو. منشي پريمچند جو “انمول رتن” جيڪو 1905ع ۾ لکيو ويو، ان کي پهريون اردو افسانو تسليم ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته پهرين سنڌي ڪهاڻي “حُر مُکيءَ جا” کي سمجهيو ويندو آهي، جيڪا 1914ع ۾ لکي وئي. پهرين هندي ڪهاڻيءَ بابت اڃا ڪا به حتمي راءِ قائم ناهي ٿي سگهي ڇو ته هندي ۾ هڪ ڊزن کان وڌيڪ ڪهاڻيون جيڪي 1803ع کان 1915ع تائين لکيون ويون آهن، تحقيق کان پوءِ انهن مان ڪابه هڪ پهرين هندي مختصر ڪهاڻي بڻبي. بنگالي مختصر ڪهاڻيون به گهڻو اڳ ڇپيون. طارق عزيز شيخ پنهنجي ڪتاب “سنڌي ادب جو تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو” ۾ لکي ٿو ته:
    “ڪوڙومل پهريون ئي اديب هو، جنهن جي هٿان اهڙن افسانن لکڻ جو آغاز ٿيو. هن بنگالي ليکڪ بنڪم چندر چئٽرجي جا سماجي افسانا سهڻي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا، جن مان “ٻه منڊليون” 1911ع ۾، “اندر ۽ راڌا راڻي” 1914ع ۾ ڪافي مشهور آهن.” (2)
    پهريون سنڌي طبعزاد ڪهاڻين جو مجموعو 1930ع کان پوءِ شايع ٿيو. جيئن دنيا جي ٻين ٻولين ۾ لکيل ڪهاڻين ۾ ڪي نه ڪي انفرادي خصوصيتون آهن تهڙي طرح سنڌي ڪهاڻي پڻ ڪيترين ئي انفرادي خصوصيتن سان مالامال آهي. هتي سنڌي ڪهاڻيءَ جي انفراديت مان مراد آهي؛ سنڌي ڪهاڻيءَ اندر ڪهڙا موضوع شامل رهيا آهن، سنڌي ڪهاڻي سنڌي سماج جي ڪيتري عڪاسي ڪئي آهي، سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ ڪهڙين ٽيڪنڪس يا اسلوبن تي تجربا ڪيا ويا آهن، سنڌي سماج کي سڌارڻ ۾ سنڌي ڪهاڻي ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو آهي، سياسي سماجي لاڙن، نظرين ۽ تحريڪن کي سنڌي ڪهاڻي ڪيئن منهن ڏنو آهي يا سنڌي ڪهاڻيءَ جو مزاحمتي ڪردار ڪهڙو ۽ ڪيترو رهيو آهي. سنڌي ثقافتي روايتن کي سنڌي ڪهاڻي ڪيئن پيش ڪيو آهي، سنڌي ڪهاڻي سنڌي سماج جي آگاهي ڏيڻ ۾ ڪيتري اڳتي رهي آهي، مجموعي طور سنڌي ڪهاڻي سنڌي سماج جا ڪهڙا قدر، ثقافت، فن ۽ تاريخ جا پهلو اجاگر ڪيا آهن، سنڌي ڪهاڻي ۾ سنڌي سماج جي بيهڪ ڪهڙي آهي.
    سنڌي ڪهاڻيڪارن ننڍي کنڊ ۾ سنڌي ڪهاڻي جو ڳاٽ اوچو ڪرڻ لاءِ جيڪو تخليقي پورهيو ڪيو آهي تنهن جو مثال شايد ننڍي کنڊ جي ڪنهن ٻي ٻوليءَ ۾ ملي. سنڌي ڪهاڻي جي سنڌي سماج تي اثر بابت نامياري محققه ڊاڪٽر تهمينه مفتي پنهنجي مضمون، “سنڌي ڪهاڻيءَ جو سماجي ڪارج” ۾ لکي ٿي ته:
    “سنڌ ۾ رائج داستانن جا ڪردار سنڌي سماج جا آئينه دار آهن، دودي جي بهادري جي ڳالهه ۽ سام جهلڻ واري روايت اسان جي سماج ۾ ائين شامل ٿي جو اڄ به ان جي اهميت کان ڪو به انڪار نه ٿو ڪري سگهي، سنڌ جي سمن ڄامن ۽ سردارن جي سخاوت سان منسوب ٿيل قصن ۽ ڪهاڻين جو اثر عوام تي ٿيو، اهي خوبيون سنڌي سماج ۾ملن ٿيون، مورڙو همت ۽ بهادري ۾ نشانبر ٿيو، سورمين جي ڪردار ۾ به سنڌ جي قديم سماج جا عڪس نظر اچن ٿا، عورت کي اهميت ڏني وئي ۽سندس فطري خاصيتن کي کولي بيان ڪيو ويو، سماج ۾ عورت ذات سان ٿيندڙ زيادتي، اهڙن ڪردارن جي اوسر ڪئي، گذريل ٻه ٽي سئو سالن جا تاريخي ۽ تمدني واقعا نظر ۾ رکبا ته سنڌي سماج جي سٽاءَ سمجهه ۾ اچي ويندي، ڌارين جي حملن ۽ انهن مان ڪيترن جي سنڌ ۾ رهائش، سنڌي سماج کي نه رڳو هڪ مخصوص رنگ ڏنو آهي، بلڪه هڪ ذهنيت، قوت برداشت، سوچ ۽ رک رکاءِ جو حامل بنايو آهي، سماج هڪ مخصوص ثقافت جو حامل ٿئي ٿو، جنهن ۾ کائڻ پيئڻ، ڪپڙو لٽو، وندر، ورونهن ۽ شادي مرادي ته آهي پر قوت برداشت جو هجڻ ۽ تهذيب يافته هجڻ جو انگ اهم آهي، سٺن ڪپڙن ۾ تهذيب کي گولهڻ عبث آهي، پر سٺن ويچارن ۾ تهذيب لڀي ٿي ۽ سماج تهذيب يافته فردن جي آڌار تي تشڪيل وٺي ٿو، جنهن جو اظهار سنڌ ۽هنڌ جي سنڌي ڪهاڻي ۾ ڀرپور نظر اچي ٿو.” (3)
    سنڌي ڪهاڻي 1914ع کان باقاعدهه پنهنجي جوهر سان شروع ٿي ۽ 2014ع تائين پنهنجي هڪ صديءَ جو عرصو پورو ڪيو آهي. ان پوري هڪ صديءَ ۾ سنڌي ڪهاڻيءَ پنهنجو ننڍپڻو به ڏٺو، جوڀن به ڏٺو، جوانيءَ جا مزا به چکيا، موت جون ڌمڪيون به ٻڌيون، بيزاري به برداشت ڪئي وري نئين سري سان اٿي ڊوڙڻ به شروع ڪيو ۽ سندس سفر تيزيءَ سان جاري به آهي. سنڌي ڪهاڻي جي تاريخ کي مختلف دؤرن ۾ ورهايو ويو آهي، هتي اسان ان کي ٻن دؤرن ۾ ورهائي ان جو تجزيو ڪنداسين، پهريون دؤر ورهاڱي کان اڳ وارو ٻيو دؤر ورهاڱي کان پوءِ وارو.
    ورهاڱي کان پهرين وارو دؤر سنڌي ڪهاڻي جي اسرڻ ۽ نکرڻ جو دؤر آهي. هي دؤر ترجمن توڙي شروعاتي تجربن جو دؤر هيو، جنهن ۾ ديوان ڪوڙومل هندي ۽ اردو تان سنڌيءَ ۾ ترجما ڪيا ۽ نوان رسالا نڪرڻ شروع ٿيا، جنهن ڪري طبعزاد ڪهاڻيون پڻ لکيون ويون. هن دؤر جي ڪهاڻين جو موضوع وڏيرن جو ظلم، ننڍپڻ جون شاديون ۽ عورتن سان ظلم وغيره هيا. 1925ع کان 1940ع تائين ترجمن جي قطار لڳي وئي. انگريزي، بنگالي توڙي مرهٽي ٻوليءَ جي ادب تان ترجما پڻ ڪيا ويا. 1940ع کان 1947ع تائين آزاديءَ جي تحريڪ جي ڪري سماجي مسئلن ڪر کنيو، هندو مسلم فساد ٿيڻ لڳا، ايڪتا ۽ امن متاثر ٿيو، سنڌ جي رواداري واري روايت کي ڪاپاري ڌڪ رسيو، صوفين جي سرزمين تي مذهبي تنگ نظري اڀرڻ شروع ڪيو هو ان دؤر جي ڪهاڻيڪارن پنهنجي پاران خوب ملاهيو، لالچند امرڏنو مل، مرزا نادر بيگ ۽ شيخ اياز جهڙن ڪهاڻيڪارن پنهنجو ڪردار ادا ڪيو ۽ ڪهاڻي وسيلي ڌرتي ڌڻين ۾ صوفياڻو روح ڦوڪيو.
    مجموعي طور ورهاڱي کان اڳ واري سنڌي ڪهاڻي شروعاتي دؤر هجڻ باوجود سماجي مسئلن توڙي رواداريءَ واري فضا قائم رکڻ ۽ برابريءَ لاءِ جاکوڙيندڙ هئي. ناميارو محقق ۽ سنڌي شعبي سنڌ يونيورسٽيءَ جو استاد نواب ڪاڪا پنهنجي مقالي “سماجي ڪردار ۽ سنڌي ڪهاڻي” ۾ ان دؤر جي ڪهاڻيءَ جي ڪردارن بابت لکي ٿو:
    “سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ سڀ کان پهرين جنهن ڪردار پنهجو ڌاڪو ڄمايو، اهو آهي امرلال هڱوراڻي جي ڪهاڻي ”ادو عبدالرحمان“ جو ”عبدالرحمان“ وارو مست، الست ڪردار. هن ڪردار تي تمام گهڻو لکيو ويو آهي. دنيا جي بهترين ڪهاڻين ۾ شامل ٿي انعام به حاصل ڪري چڪي آهي. هيءُ ڪردار سنڌ جي صوفياڻي فڪر جو نمائندهه ڪردار مڃيو ويو آهي. پڙهندڙ جي ذهن تي ڀرپور تاثر ڇڏي ٿو. ڪيرت ٻاٻاڻي هن مجموعي جي مهاڳ ۾ هن ڪردار لاءِ لکي ٿو: “هن ڪردار جو ايڏو تاثير آهي، جو هڪ دفعو پڙهڻ کان پوءِ ذهن تي ڇانئجي وڃي ٿو ۽ سالن تائين جهونجهاڙيندو ٿو رهي.” (4)
    ورهاڱي ٿيڻ کان ڪجهه مهينا پهرين شيخ اياز جو ڪهاڻي ڪتاب “سفيد وحشي” شايع ٿيو، جيڪو انگريز گورن خلاف مزاحمت جو اعلان هو، ان ڪتاب جي ڪردارن جي باري ۾ نواب ڪاڪا لکي ٿو:
    “شيخ اياز ورهاڱي کان ڪجهه عرصو اڳ باغي منڊل ڪهاڻين جو مجموعو “سفيد وحشي” نالي سان شايع ڪرايو. اياز به پنهنجي مخصوص فن جي ذريعي ڪيترن ئي سماجي ڪردارن جا نقش چٽيا آهن. خاص طور “کلڻي” ڪهاڻي، بهترين ڪرداري ڪهاڻي مڃي وئي آهي. معصوم عورت جي معصوميت محبت کي اياز هن ڪهاڻيءَ جي ڪردار ذريعي ڪمال فنڪاريءَ سان چٽيو آهي.” (5)
    1940ع کان 1947ع تائين لکيل نوي سيڪڙو ڪهاڻين ۾ مزاحمت ۽ گورن جي حڪومت خلاف باغياڻا احساس چٽيل نظر اچن ٿا. مجموعي طور ورهاڱي کان اڳ واري ڪهاڻيءَ ۾ مقاميت نگاريءَ جو رنگ مڪمل طور شامل نه هجڻ باوجود اها پنهنجي ماحول ۽ حالتن کان باخبر آهي،سنڌي سماج جو اثر وٺندي، ان دؤر جي ڪهاڻي ان جي بدلي ۾ سماج کي پڻ انهن انيائن خلاف بغاوت توڙي واويلا جو اظهار ڪيو آهي.
    ورهاڱي پوءِ وارو دؤر سنڌي ڪهاڻي جي نئين سر اڀرڻ وارو دؤر ليکيو ويندو آهي، پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ سنڌي ڪهاڻي وري ساهه کڻڻ شروع ڪيو ۽ سٺ ۽ ستر وارن ٻن ڏهاڪن تائين پنهنجي ڦوهه جوانيءَ کي رسي. هن دؤر جي ڪهاڻي اڄ به سنڌي سماج توڙي ادب کي پنهنجي سحر ۾ جڪڙي رکيو آهي. ان دؤر جا ڪهاڻيڪار اڄ به سنڌي ڪهاڻي جا بلند پهاڙ آهن. هي اهو دؤر هو جڏهن ملڪ اندر ون يونٽ جهڙي مصيبت مڙهي وئي هئي، جنهن قومن جي تشخص کي تباهه ڪري رکيو هو، اهڙي دجالي دؤر ۾سنڌي ڪهاڻي پنهنجي روايتي مزاحمتي روپ ۾ اڀري ۽ ڀرپور احتجاج ڪيو. انهن ٽن ڏهاڪن جي نامور ڪهاڻيڪارن ۾ شيخ اياز، جمال ابڙو، اياز قادري، شيخ عبدالرزاق راز، سراج، حفيظ شيخ، بشير مورياڻي، عبدالجبار جوڻيجو، عبدالقادر جوڻيجو، علي بابا، امر جليل، نجم عباسي، غلام رباني آگرو، آغا سليم، حميد سنڌي، نسيم کرل ۽ ٻيا ڪيترائي نالا شامل آهن. ان دؤر جي ڪهاڻي تي تمام گهڻي تحقيق ڪئي وئي آهي، ان جو ورجاءُ نٿو ڪريان پر ايترو ضرور چوندم ته هي دؤر سنڌي ڪهاڻيءَ جي ڦوهه جوانيءَ وارو دؤر هيو ۽ سنڌي ڪهاڻي جيڪو هن دؤر ۾ پنهنجي سرمستيءَ سان سنڌي سماج تي پنهنجو اثر ڇڏيو شايد اڳ يا پوءِ اهڙو اثر نه ڇڏي. هن دؤر جي سنڌي ڪهاڻي پنهنجي ٻوليءَ جي تشخص لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو ۽ سنڌي سماج ۾ قوميت جو روح ڦوڪيو.
    سال 1980ع کان سال 1999ع تائين سنڌي ڪهاڻيءَ جو اثر توڙي مقبوليت ڍري رهي، شايد سماج اندر ٺاپر سنڌي ڪهاڻيءَ جي سست رفتاريءَ جو ڪارڻ بڻي هجي، پر پوءِ به سنڌي ڪهاڻي لکجندي رهي، ڇپجندي رهي، پر ان دؤر کي جيڪڏهن سٺ ۽ ستر واري ڏهاڪي جو اثر ڪوٺجي ته غلط نه ٿيندو.
    پوءِ ڀي هن دؤر جي ڪهاڻي سياسي وايو منڊل اندر اڀريل تحريڪ ايم آر ڊي جي حمايت ۾ وقت جي حاڪم خلاف علامتي انداز اختيار ڪيو ۽ مزاحمت ڪئي. رئوف نظاماڻي پنهنجي مضمون “ سنڌي ڪهاڻي ـــ هڪ مختصر جائزو” ۾ لکي ٿو ته:
    “ ون يونٽ ٺهڻ کان وٺي 1969ع ۾ ون يونٽ ٽٽڻ تائين واري دؤر کي سنڌي ڪهاڻي ۾ قوم پرستيءَ جي فڪر جي حوالي سان ڄاڻائي سگهجي ٿو، جڏهن ته 1970ع جو ڏهاڪو سنڌي سماج وانگر سنڌي ڪهاڻي لاءِ به هڪ عبوري دؤر جي حيثيت رکي ٿو، جنهن ۾ سماج ۾ ٿيندڙ سڄي ڀڃ ڊاهه، مونجهارن ۽ آدرشن جي ٽٽڻ وغيره کي سنڌي ڪهاڻي پاڻ ۾ سموهيو هو. 1980ع جو ڏهاڪو استحڪام يا Consolidation جو دؤر آهي. ان دؤر ۾ 70 جي ڏهاڪي واري انفراديت پسندي ۽ سماجي حقيقت نگاري واري ڇڪتاڻ 1983ع جي جمهوري تحريڪ جي نتيجي ۾ ٻئين لاڙي جي حق ۾ ختم ٿئي ٿي پر ان جو مطلب سنڌي ڪهاڻي جو 70 کان اڳ واري ڏهاڪي ڏانهن موٽڻ نه هو ۽ نه ئي ان جي نتيجي ۾ سنڌي ڪهاڻي ڪنهن هڪجهڙائي يا يڪسانيت جو شڪار ٿي.” (6)
    هن دؤر ۾ مشهور پراڻا ڪهاڻيڪار ڪجهه پاسيرو نظر اچن ٿا اهي يا ته سرڪاري نوڪريءَ جي ڪري لکڻ جي رسيس ڪن ٿا يا ته ڊرامي طرف هليا ٿا وڃن. هن دؤر ۾ نوان ڪهاڻيڪار اڀري آيا، جن پاڻ ملهايو، تن ۾ رسول ميمڻ، نورالهدى شاهه، غلام نبي مغل، ظفر عباسي، منظور ڪوهيار، انور ابڙو، جان خاصخيلي، طارق قريشي، رحمت الله ماڃوٺي، عابد مظهر، يوسف سنڌي، ضراب حيدر، سليم چنا، وهاب سهتو، اخلاق انصاري، رزاق مهر، صنوبر سيد، حفيظ ڪنڀر، عزيز ڪنگراڻي ۽ ٻي ڊگهي قطار شامل آهي.
    هن دؤر ۾ سنڌي ڪهاڻي ۾ مختلف تجربا پڻ ڪيا ويا، جنهن ۾ طارق قريشي پاران مستقبليه ڪهاڻيون، سائنس فڪشن ڪهاڻيون، ابتي گرامر واريون ڪهاڻيون، وجوديت واريون ڪهاڻيون ۽ اڪهاڻي شامل آهن. هن دؤر جي افساني يا ڪهاڻي جي موضوعاتي تفريق هن ريت ڪري سگهجي ٿي ته هن دؤر جي ڪهاڻي ۾ حقيقت پسندي سان گڏ سماجي حقيقت نگاري ۽ مقاميت نگاري پڻ نظي اچي ٿي، هن دؤر جي افساني ۾ شعوري ڌارا پڻ نظر اچي ٿي، نورالهدى شاهه، ماڻڪ ۽ اخلاق انصاري نفسياتي حقيقت نگاري کي اڀارڻ لاءِ ڪهاڻيون لکيون، خيرالنساءَ جعفري، زرينه بلوچ، صنوبر سيد ۽ ٻين عورت ڪهاڻيڪارائن عورتن جي مسئلن ۽ عورتن سان سلهاڙيل ٻين سماجي مسئلن کي اڀاريو. ون يونٽ واري اثر هيٺ مزاحمتي رنگ چڙهيل نظر ايندو. طبقاتي ڇڪتاڻ ۽ مڊل ڪلاس جي بيچينيءَ کي سنڌي ڪهاڻيءَ جي زينت پڻ بڻايو ويو، خاص سنڌي سماج ۾ موجود جن براين ۽ انيائن خلاف قلم کنيو ويو، تن ۾ سماجي اڻ برابري، عورتن جي حقن جو استحصال، سرمائداريت ۽ جاگيرداريت، جهالت ۽ وهم پرستي، عقيدي پرستي ۽ پيرن ۽ مُلن جي لُٽ مار شامل آهن. سنڌي ڪهاڻي هر دؤر ۾ سنڌ جي زرعي سماج اندر زميندار يا وڏيري جي ظلمن کي نروار ڪندي ننديو آهي. اها سنڌي ڪهاڻي ئي آهي، جنهن زميندارن جي نجي جيلن، هارين سان غير انساني سلوڪ، ڳوٺن جي پوئتي ڌڪيل معاشري، ۽ مانيءَ يا اجهي لاءِ پريشان ويچاري هاريءَ جو ننگ به سلامت نه رهڻ جهڙن موضوعن کي پنهنجي اندر ۾ جاءِ ڏئي، انهن جي حل لاءِ ڪوشش ورتي. اها سنڌي ڪهاڻي ئي آهي، جنهن سنڌي سماج ۾ زوري پيوند ڪيل ڪارو ڪاري رسم، ڪجهه گهراڻن ۾ ٿيندڙ ملڪيت ڦٻائڻ جي چڪرن ۾ نياڻين جون قران سان شاديون، حويلين ۾ قيد سيد زادين، ۽ ننڍي عمر جي شادين سميت ڪيترن ئي ٻين سماجي مسئلن تي آواز اٿاريو. اها سنڌي ڪهاڻي ئي آهي، جنهن پير پرستيءَ، مُلن ۽ ڀوپن جي تعويذ سڳن، انڌن عقيدن جي تقليد، ۽ ٻين اهڙن ڪيترين ئي جهالت وارين رسمن خلاف پنهنجو پيغام پيش ڪيو. اها سنڌي ڪهاڻي ئي آهي، جنهن عالمي طور اڀريل سڀني مثبت فڪري لاڙن کي سنڌي سماج اندر پيوند ڪيو، ترقي پسند سوچ پيدا ڪئي، مزاحمت جو جذبو اڀاريو ۽ سنڌي سماج اندر نئين جوڙجڪ جو بنياد پڻ وڌو.
    مجموعي طور تي سنڌي ڪهاڻي سنڌي ادب توڙي سماج کي موٽ ۾ اهي موضوع ڏنا، جيڪي سماج اندر ڀڃ ڊاهه يا سياسي تبديليءَ جو ڪارڻ هئا. سنڌي ڪهاڻي سنڌي سماج کي ترقي پسند سوچ ارپيندي اڳتي کڻي آئي ۽ سنڌي سماج ۾ قوم پرستي، وطن دوستي، انسان دوستي، رواداري، ميٺ محبت وارو سنڌ جو روايتي پيغام پڻ ڏنو.


    • حوالا

    1. امر جليل، “لهندڙ سج جي لام”، ڪاڇو پبليڪيشن ڪراچي، 2012ع
    2. شيخ، طارق عزيز، “ سنڌي ادب جو تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو” ڪاٺياواڙ اسٽورس ڪراچي، 2001ع
    3. مفتي، تهمينه، ڊاڪٽر، مضمون: “ سنڌي ڪهاڻيءَ جو سماجي ڪارج” نمبر ٽيون مهراڻ 1992ع
    4. ڪاڪا نواب، مضمون: “سماجي ڪردار ۽ سنڌي ڪهاڻي” نمبر چوٿون، مهراڻ 2012ع
    5. ايضاً
    6. چانڊيو، جامي، “افسانوي ۽ فڪري ادب”، سنڌيڪا اڪيڊمي، 2007ع


    باب چوٿون ؛ ڪهاڻيءَ جو تنقيدي جائزو

    • سال 2000ع کان 2014ع تائين شايع ٿيل ڪهاڻي ڪتابن جو تنقيدي جائزو

    سنڌي ٻولي ادبي طور انتهائي زرخيز ٻولي آهي، سنڌي ٻوليءَ ۾ هر سال سوين ڪتاب ڇپجن ٿا، جيڪي نثر توڙي نظم ٻنهي جي مختلف صنفن توڙي تحقيق تي مبني هجن ٿا. هتي ڪوشش ڪري گذريل 15 سالن جي عرصي ۾ شايع ٿيل فقط انهن ڪهاڻي ڪتابن جو تنقيدي جائزو پيش ڪيو ويو آهي، جيڪي مونوگراف لکڻ جي مختصر عرصي ۾ ميسر ٿي سگهيا آهن، جن تائين پهچ ٿي سگهي آهي، توڙي جو انهن جي حاصلات لاءِ لائبريريون، ڪتاب گهر، دوستن جي ذاتي ڪليڪشن توڙي انٽرنيٽ جا وسيلا ڪتب آندا ويا آهن، پوءِ به يقين آهي ته ڪجهه ڪتاب شامل ٿيڻ کان رهجي ويا هوندا.
    مون ڪوشش ڪئي آهي ته تازن گذريل پندرنهن سالن ۾ شايع ٿيل ڪهاڻي ڪتابن بابت جامع معلومات ڪٺي ڪندي انهن تي تنقيدي راءِ پڻ ڏيان. منهنجي تحقيق ڪيل هن لسٽ ۾ ٻاراڻين ڪهاڻين جا ڪتاب، ٻيهر شايع ٿيل ڪهاڻي ڪتاب، ترجمو ٿيل ڪهاڻي ڪتاب ۽ مزاحيه ڪهاڻي ڪتاب شامل ناهن، باقي ڪليات يا مرتب ڪيل ڪتاب شامل ڪيا ويا آهن. ان عرصي دؤران ڪجهه رسالن ڪهاڻي نمبر پڻ جاري ڪيا، جن ۾ سنگت پبليڪيشن ۽ ماهوار سڦلتا شامل آهن. منهنجي تحقيقي اندازي موجب ان عرصي دؤران شايع ٿيل ڪهاڻي ڪتابن جو تعداد اڳتي ڏنل ٻن ٽيبلن جي حساب سان 215 کان به مٿي ٿي سگهي ٿو پر منهنجي ڪتب آيل وسيلن ۽ رابطن ذريعي جن ڪتابن تائين رسائي ممڪن بڻي آهي سي اڳئين صفحن تي آيل فهرستن جي شڪل ۾ ڏجن ٿا.



    س ڪتاب جو نالو ليکڪ ڇاپو ادارو
    1 ڪهاڻي سهيڙ: سيد زوار نقوي 2000 ڪاوش گروپ
    2 جيون پيڙا پيار سهيڙ: ڊاڪٽر بشير شاد 2000 سچل ادبي مرڪز
    3 ڀونءِ مان نڪتل ماڻهو ظفر 2000 سنڌي ساهت گهر
    4 سرد خاني ۾ رکيل خواب مظهر ابڙو 2000 وينگس پبليڪيشن
    5 ڪنوارا چپ اختر رند 2000 خوشبو پبليڪيشن
    6 انڊس ڪهاڻيون رجب آزاد سولنگي 2000 ــــــــــــــ
    7 زندگي هڪ مرڪ غلام رسول ڪلهوڙو 2000 ــــــــــــــ
    8 ڌنڌ ۾ گم ٿيل منظر زيب سنڌي 2001 روشني پبليڪيشن
    9 يادون ۽ سڪون ڊاڪٽر محبت ٻرڙو 2001 ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي
    10 اداس سانجهي شبانه سنڌي 2001 رچنا پبليڪيشن
    11 سرها ساهه پرينءَ جا طارق عزيز شيخ 2001 ــــــــــــــ
    12 رات جي راڻي اختر رند 2001 خوشبو پبليڪيشن
    13 پياسي سپ سمونڊ ۾ احمد علي صابر چانڊيو 2001 روشني پبليڪيشن
    14 اڌ وهي رزاق سهتو 2001 سيف پبليڪيشنز
    15 مرڪ واري ڇوڪري طارق خشڪ 2001 خوشبو پبليڪيشن
    16 خودڪشيءَ جو رومانس انور ابڙو 2001 رائٽرس ورلڊ
    17 ڪهاڻي ــ 3 سهيڙ: سيد زوار نقوي 2002 ڪاوش گروپ
    18 ڪهاڻيون سهيڙ: ادل سومرو 2002 سنڌي ادبي سنگت
    19 درد ونديءَ جو ديس حميد سنڌي 2002 زندگي پبليڪيشن
    20 ڪوجهي چنڊ جو غم سڪندر عباسي 2002 سچل ادبي مرڪز
    21 گئلري مان ڪريل وجود راز شر 2002 مشعل پبليڪيشن
    22 روين جو چهرو راجن مڱريو 2002 رم جهم پبليڪيشن
    23 دعا جا پير غلام نبي گل 2002 وجاهت پبليڪيشن
    24 ٽياس ادا قاضي 2002 سنڌ ساهت گهر
    25 منڇر ٻڏي ويو روشن علي تنيو 2002 رائيٽرس ورلڊ
    26 حويلي ۾ گم ٿيل وجود نسرين سيد 2002 هالار پبليڪيشن
    27 مشعل ٻرندي رهندي صنوبر سيد 2003 نيو ٿنڪرس فورم
    28 مان ڪائنات آهيان اخلاق انصاري 2003 ڪنول پبليڪيشن
    29 جذبن جهوريو جيءُ ساجدهه جبين 2003 نيو ٿنڪرس فورم
    30 فائيل ۾ بند ٿيل هڪ ڇوڪري ڊاڪٽر اعجاز سمون 2003 غزل پبليڪيشن
    31 هڪ حوا ڪئين ڪهاڻيون ڊاڪٽر فهميدهه حسين 2003 سنگم پبليڪيشن
    32 دريا جي هن پار ابراهيم کرل 2003 خيرپور تخليقار فورم
    33 ٽٽل، ڊٺل، ڊهندڙ پاڇولا مشتاق احمد شورو 2003 گلشن پبليڪيشن
    34 اکرــ ڀوري هوندراج بلواڻي 2003 ساهتيه سهڪار
    35 لوڻ جو قرض ڪلاڌر متوا 2003 وي ڪي گرافڪس
    36 منهنجو ڀڳوان ڪويتا انيل سکيجا ــــ اي بي سي ڪريئيٽس
    37 سفر مشتاق ڀرڳڙي 2004 رم جهم پبليڪيشن
    38 حُسن جو سجدو نظير ملڪاڻي 2004 سنڌي ساهت گهر
    39 مان ڪير آهيان غلام نبي گل 2004 وجاهت پبليڪيشن
    40 خيال، خوشبو ۽ ستارا منظور جوکيو 2004 سمبارا پبليڪيشن
    41 جهڄان پسي جهوڪ تاجل بيوس 2004 نئون نياپو
    42 رنگن وکرڻ کان پوءِ منور سراج 2004 سمبارا پبليڪيشن
    43 بي ساهو خواب رئوف عباسي 2004 سنڌ وائسز پبليڪيشن
    44 اک ڇنڀ جو ڦهلاءُ امير بخاري 2004 صبا اڪيڊمي
    45 ماڻڪ مِٽُ سندوم مرتب: ناز سنائي 2004 سنڌي ساهت گهر
    46 ڪونج غلام علي چنه 2005 ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي
    47 رشتن جو رقص ريٽا شاهاڻي 2005 ڪويتا پبليڪيشن
    48 اداس موسمن جو شهر جمن احمداڻي 2005 پارس پبليڪيشن
    49 اڻ پورو اظهار ثريه سرهاڻ سومرو 2005 نيو ٿنڪرس فورم
    50 ڪارو پاڻي سائين بخش رند 2005 پورب پبليڪيشن
    51 منزل کان اورتي مٺل چانڊيو 2005 زخمي پبليڪيشن
    52 ڪارو چشمو رجب آزاد 2005 ميمڻ عبدالمجيد اڪيڊمي
    53 ساٿ جي موسم رسول بخش درس 2005 ساگر پبليڪيشن
    54 مهراڻ جون چونڊ ڪهاڻيون سهيڙ: حميد سنڌي 2005 سنڌي ادبي بورڊ
    55 وڃايل مرڪ پرويز 2005 سچائي اشاعت گهر
    56 ٿي تند وڙهي تلوارن سان ڊاڪٽر حاجي خان ڪيريو 2005 روشني پبليڪيشن
    57 روڳ عزيز ڪنگراڻي 2005 روشني پبليڪيشن
    58 جديد ناني جي جديد ڪهاڻي رمضان دلدار چڍڙ 2005 چڍڙ پبليڪيشن
    59 چنڊ پيرن هيٺ عباس ڪوريجو 2005 ڪنول پبليڪيشن
    60 32 انور ڪليم 2005 ڪنول پبليڪيشن
    61 هر ديڳي چمچا گوبند خوشحالاڻي 2005 سنت ڪنور فائونڊيشن
    62 پکي اڏاڻا پيار جا عباس سارنگ 2005 سنڌي ادبي سنگت
    63 پکين جو وطن صديق منڱيو 2005 سنڌ بوڪ ڪلب
    64 اڌورا خواب سليم چنا 2005 سليم چنا اشاعت گهر
    65 بي سڪون خواب جو سچ احسان دانش 2005 سچل ادبي مرڪز
    66 شبنم ڪهاڻي الحاج آغا غلام محمد 2005 گل دراني پبليڪيشن
    67 حياتي جي ڦاٽل ورقن جو ڪٿائون متفرقه 2005 سچائي اشاعت گهر
    68 وري ورندو واءُ سومرو شبير احمد 2005 سنگت جيڪب آباد
    69 عبادت اندرا پونا والا شبنم 2005 ــــــــــ
    70 ٻه واٽي تي بيٺل ڇوڪري رمضان دلدار چڍڙ 2006 چڍڙ پبليڪيشن
    71 آئيندو منظور جوکيو 2006 ڪاڇو پبليڪيشن
    72 پاڻيءَ تي پهرو راشد مورائي 2006 فهد پبليڪيشنز مورو
    73 وڇوڙي جي پن ڇڻ ۾ فتاح ابڙو 2006 ڪنول پبليڪيشن
    74 دل ڪليسا جي اڪيلي ڪنڊ آهي مراد قريشي 2006 سچائي اشاعت گهر
    75 وجود جا عذاب صديق منڱيو 2006 مسيحا پبليڪيشن
    76 کيرٿر تان اڏار سهيڙ: سعيد سومرو 2006 ڪنول پبليڪيشن
    77 تحفو حسن علي هڪڙو 2006 ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي
    78 جيون تنهنجي نانءِ وفا اسلم شيخ 2006 ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي
    79 نسيم کرل جون ڪهاڻيون نسيم کرل 2007 روشني پبليڪيشن
    80 ڪهاڻيون ساروڻيون سليم نور حسين 2007 زندگي پبليڪيشن
    81 ردي پنا ماڻڪ ڪنگراڻي 2007 نئون نياپو
    82 پوپٽ جهڙو پيار سهيڙ: يوسف سنڌي 2007 سنڌي ادبي سنگت
    83 ڳالهيون ڪندي ڪاڪ جون پير عبيد راشدي 2007 سيف بخاري اڪيڊمي
    84 منهنجو پاڻي بند نه ڪجانءَ پرويز 2007 سچائي اشاعت گهر
    85 ماڃر جي حور پرويز 2007 سچائي اشاعت گهر
    86 ڪٿا اپ ڪٿا تهمينه مفتي 2007 CPCS
    87 کيرٿر تي صبح سهيڙ: سعيد سومرو 2007 ڪنول پبليڪيشن
    88 ڪجهه به نه عزيز قاسماڻي 2007 ڪنول پبليڪيشن
    89 بوتيڪ کان بيڊروم تائين اڪبر سومرو 2007 ڪويتا پبليڪيشن
    90 فراق جي منزل منظور ڪوهيار 2007 ڪنول پبليڪيشن
    91 ڪولاج ٿيل شخص جو پورٽريٽ نسيم پارس گاد 2007 روشني پبليڪيشن
    92 سو مون سڀ ڄمار حميد سنڌي 2007 زندگي پبليڪيشن
    93 اوندهه ۾ رکيل آئينو لياقت رضوي روشني پبليڪيشن
    94 ڪهاڻي هر دؤر جي اياز قادري 2008 قادري قلم قبيلو
    95 زندگيءَ جو رستو بهادر ٽالپر 2008 نيو ڊمي پبليڪيشن
    96 دل جي دري پرويز 2008 سچائي اشاعت گهر
    97 مٽيءَ ۾ ملاوٽ قاضي خادم 2008 ڪويتا پبليڪيشن
    98 جيجل منهنجي ماءُ امر جليل 2008 ڪاڇو پبليڪيشن
    99 دل اندر دريا مدد علي سنڌي 2008 سنڌي ادبي بورڊ
    100 پياسو درياهه، پياسا ماڻهو سليم مگسي 2008 ــــــــــــــ
    101 خوابن جي سرحد منور سراج 2008 سوجهرو پبليڪيشن
    102 اندرا امر جليل 2009 ڪاڇو پبليڪيشن
    103 فونو رسول ميمڻ 2009 سوجهرو پبليڪيشن
    104 ڊهندڙليڪا رزاق مهر 2009 ڪاڇو پبليڪيشن
    105 مقدس مٽي عباس سارنگ 2009 سنڌي ادبي سنگت
    106 سچا ڪوڙا رشتا منظور ڪوهيار 2009 ڪنول پبليڪيشن
    107 لهر لهر اچار عدنان هاليپوٽو 2009 امرتا پبليڪيشن
    108 چنڊ وسامي ويو امر جليل 2009 ڪاڇو پبليڪيشن
    109 سون ورنيون سوڍيون سهيڙ: پروين موسى ميمڻ 2009 محمد موسى قاسماڻي ادبي اڪيڊمي
    110 سرد لاش جو سفر امر جليل 2009 ڪاڇو پبليڪيشن
    111 رات جو رنگ شوڪت حسين شورو 2009 سنڌي ادبي بورڊ
    112 ڪڏهن بهار ايندو سوڀو گيانچنداڻي 2010 سنڌي ادبي سنگت
    113 زندگيءَ جي ٻي تصوير بيوس محرم مغيري 2010 ڪنول پبليڪيشن
    114 اڏوهي کاڌل وجود سيف الحق سيف 2010 ڪنول پبليڪيشن
    115 مان اوهان مان ناهيان عزيز قاسماڻي 2010 ڪنول پبليڪيشن
    116 سنڌي چونڊ ڪهاڻيون
    مرتب: محمود مغل 2010 سنڌي لئنگئيج اٿارٽي
    117 تنهنجي دل ۾ هوندي به اڪيلا ڊاڪٽر اعجاز سمون 2010 پوپٽ پبليڪيشن
    118 جڏهن مان چوهٺ جو هوندس ممتاز مهر 2010 نئون نياپو
    119 فرشتن جي دنيا شهاب سومرو 2010 الرزاق پرنٽنگ ايجنسي
    120 انگن جي راند هوش ڀٽي 2010 سچائي اشاعت گهر
    121 ادب ۽ سياست امر جليل 2010 ڪاڇو پبليڪيشن
    122 شيدو محمد رفيق سپيو 2010 صبوح پبليڪيشن
    123 حيدرآباد 47 ڪلوميٽر زيب سنڌي 2010 سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم
    124 جي پيار هجي ها پاڇولو قمر شهباز 2010 سنڌيڪا اڪيڊمي
    125 ڏينهن ڏٺي جا سپنا پاويل جوڻيجو 2010 سنڌي ساهت گهر
    126 جيئڻ جو حق رمضان دلدار چڍڙ 2010 چڍڙ پبليڪيشن
    127 ڊائري ۾ رکيل خواب منصور ٻرڙو 2011 نئون نياپو
    128 وارياسا وجود نصير ڪنڀر 2011 مارئي اڪيڊمي
    129 آب حيات غلام رباني آگرو 2011 روشني پبليڪيشن
    130 پيار جي هڪ ٻي صدي رفيق سومرو 2011 ڪويتا پبليڪيشن
    131 ٻرندڙ لڱ متفرقه ڪهاڻيڪار 2011 نامعلوم
    132 خوابن جي خودڪشي شگفته جبين 2011 نارا ريسرچ ۽ پبلشنگ
    133 آسماني تارو سليم چنا 2011 سليم چنا اشاعت گهر
    134 شينهن بنا ٻيلو سليم چنا 2011 سليم چنا اشاعت گهر
    135 بند ٿي ويل دروازو ذوالفقار ڪانڌڙو 2011 سچائي اشاعت گهر
    136 نه وڃڻ جو پڇتاءُ يوسف سنڌي 2011 نئون نياپو
    137 ڪپيل نڪ عباس سارنگ 2011 نئون نياپو
    138 ڳوڙهن جا ڪبوتر پرويز 2011 نئون نياپو
    139 چيني ۽ چرٻٽ جو ڪهاڻيون امر جليل 2011 ڪاڇو پبليڪيشن
    140 مٽي هاڻا ماڻهو اڪبر اديب 2011 نئون نياپو
    141 ٻه سئو ٽيٽيهه لياقت رضوي 2011 دي ڪريئيٽرس
    142 ڏکيو ڏيهه، سندر سپنا آزاد جتوئي 2011 مومل پبليڪيشن
    143 هڪ شام جو الميو علي محمد سولنگي 2012 ثقافتي ادبي فورم
    144 جنم جنم الميو يار محمد چانڊيو 2012 ڪنول پبليڪيشن
    145 زندگي مرجهي ويل گل جهڙي مصور حسين 2012 ڪنول پبليڪيشن
    146 آرسي ڪهاڻيون مرتب: ظفر جوڻيجو 2012 فينيڪس بوڪس
    147 امر جليل جي سنڌو امرجليل 2012 ڪاڇو پبليڪيشن
    148 سونو ڏند رسول ميمڻ 2012 پوپٽ پبليڪيشن
    149 ڀونئرن جي انتظار ۾ منظور ڪوهيار 2012 ڪنول پبليڪيشن
    150 اوجاڳن جو سوڳ بيوس محرم مغيري 2012 ڪنول پبليڪيشن
    151 مهنگي مرڪ مايا راهي 2012 جوالا پبليڪيشنس
    152 اڪيلو ماڻهو جمن احمداڻي 2012 نئون نياپو
    153 سنڌو بقا، مان فنا آهيان امر جليل 2012 ڪاڇو پبليڪيشن
    154 ٿڳڙ ڪلاڌر متوا 2012 NCPSL نئين دهلي
    155 جمنا سان ٽي ڏينهن فتاح ملڪ 2012 شاهه لطيف ادبي سوسائٽي
    156 برسات کان پوءِ اختر حفيظ 2012 ؟
    157 قيديءَ جي عيد ستار ڀٽي 2012 لاڙڪاڻو ريسرچ اڪيڊمي
    158 چونڊ سيد عرفان علي شاهه 2013 حاجي وڏل شاهه فائونڊيشن
    159 جمود امر جليل 2013 ڪاڇو پبليڪيشن
    160 فيس بوڪ منظور قادر 2013 نئون نياپو
    161 مان هت جنم نه وٺندس امداد ڪانهيو 2013 نئون نياپو
    162 اڀر چنڊ پس پرين نسيم ٿيٻو، سهيڙ: دين محمد 2013 سنڌي ادبي بورڊ
    163 درد جو انگاس انور شيخ 2013 ماءِ پبليڪيشن
    164 کريل گهڙيال رحمت الله ماڃوٺي 2013 ماءِ پبليڪيشن
    165 حليمان رسول ميمڻ 2013 پوپٽ پبليڪيشن
    166 ڪڻ ڪڻ ريت ۾ ڪيئي ڪهاڻيون حميد سنڌي 2013 سنڌي ادبي بورڊ
    167 سانول جا سور اقبال بلوچ 2013 سلام پرنٽرس
    168 اڻپورا وجود ممتاز لوهار 2013 ڪنول پبليڪيشن
    169 مٽيءَ جو عشق صديق منڱيو 2013 ساهتي ادبي اڪيڊمي
    170 ڪهاڻيون ئي ڪهاڻيون محمد انور بلوچ 2013 سچائي اشاعت گهر
    171 اوسيئڙي ۾ جڙيل آس عبدالسلام ٿهيم 2013 ڪنول پبليڪيشن
    172 زندگي جي ويڙهه ۾ ناياب کوکر 2013 ڪنول پبليڪيشن
    173 خواب نگر سليم چنا 2013 سليم چنا اشاعت گهر
    174 ڌرتي، دريا سمنڊ سليم چنا 2013 سليم چنا اشاعت گهر
    175 ڏينهن ڏٺي ڏيئو سليم چنا 2013 سليم چنا اشاعت گهر
    176 سٽ سٽ، قصو، ڪٿا، ڪهاڻي، نئين پراڻي آکاڻي سليم چنا 2013 سليم چنا اشاعت گهر
    177 سٽ سٽ ڪهاڻي، سليم چنا ٻڌائي ٿو آکاڻي سليم چنا 2013 سليم چنا اشاعت گهر
    178 ستين آسمان جا فرشتا ماڻڪ ڪنگراڻي 2014 نئون نياپو
    179 پسي ڳاڙها گل ۽ ڪورٽ ڪهاڻيون رسول بخش پليجو 2014 روشني پبليڪيشن
    180 ڪيڏارو نورالهدى شاهه 2014 روشني پبليڪيشن
    181 پنهنجي ڌرتي عباس ڪوريجو 2014 ڪنول پبليڪيشن
    182 نئون جهان جوڙجي اختر ملاح 2014 سورٺ پبليڪيشن
    183 اکين ۾ رهجي ويل عڪس پرويز 2014 سچائي اشاعت گهر
    184 سپنن جو انت رضوان گل 2014 ڏاهپ پبليڪيشن
    185 احساس جا رنگ فاطمه ڀرڳڙي 2014 سنڌ راڻي پبليڪيشن
    186 هڪ هڪ سٽيون هڪ سئو ڪهاڻيون سليم چنا 2014 سليم اشاعت گهر
    187 مان سنڌ گهمڻ نه ويندس عبدالواحد سومرو 2014 نئون نياپو
    188 سهائيءَ جي سوڀ رسول بخش درس 2014 سنڌي ساهت گهر
    189 پرين ياد پيام رئوف عباسي 2014 ادب لطيف پبليڪيشن
    190 تخليق جو انت عابدهه گهانگهرو 2014 مهراڻ ميڊيا سروس
    191 درد ڪهاڻيون سراج 2014 روشني پبليڪيشن


    هندوستان جي بزرگ ليکڪ محترم ڀڳوان ٻاٻاڻي “بندو” پاران موڪليل ان عرصي دؤران انڊيا ۾ ڇپيل ڪجهه وڌيڪ ڪهاڻي ڪتابن جي لسٽ هيٺ ڏجي ٿي.

    س ڪتاب جو نالو ليکڪ جو نالو ڇاپو ادارو
    1 مُند جو ٽڙيل پهريون گُلاب لکمي کلاڻي 2000 لکمي کلاڻي، آديپور
    2 ڪردارن جي بغاوت ڪشن بجاج 2000 ڪشن بجاج، اُڌيپور
    3 دنيا رنگ رنگيلي هرڪشن سامتاڻي 2000 هرڪشن سامتاڻي، پُـڻي
    4 ڳوٺاڻي راڌاڪرشن عالمچنداڻي 2001 چندن پرڪاشن، لکنؤ
    5 اِستمراري ۽ ٻيوُن ڪهاڻيوُن گوبند خوشحالاڻي 2002 سنت ڪنور فائونڊيشن، اَحمدآباد
    6 ڇلانگ ايسر ڪلياڻي 2002 پشپانجلي پبليڪيشن، ناگپور
    7 موٽ بنسي خوبچنداڻي 2003 ڪونج، مُمبئي
    8 ڪجھ آپ بيتي ڪجھ جڳ بيتي ڊا. موتيلال جوتواڻي 2005 سنڌي ٽائيمس پبليڪيشن
    9 هرديگي چمچو گوبند خوشحالاڻي 2005 سنت ڪنور فائونڊيشن، اَحمدآباد
    10 ڏاچي واليان رام ڪُڪڙيجا 2006 سنڌي ٽائيمس پبليڪيشن
    11 ردي ڄيٺو لالواڻي 2006 اسٽيج پبليڪيشن، آحمدآباد
    12 سنڌي ڪهاڻيوُن ٺاڪُر چاولا 2006 امرتا آنند پبليڪيشن، مُمبئي
    13 ڪارڻ جي تلاش هيرو شيوڪاڻي 2008 ڊا. ايسر پارواڻي، اُلهاسنگر
    14 جذبو سُريش ببلاڻي 2008 سنڌي بُڪ ٽرسٽ ، انڊيا
    15 شيام جئسنگھاڻيءَ جون ڪهاڻيوُن شيام جئسنگھاڻي 2008 هري هِمٿاڻي، اَجمير
    16 منجري ڪولهڻ ۽ ٻيوُن ڪهاڻيوُن ليکو تلسياڻي 2009 سُريش پرياڻي، اُلهاسنگر
    17 سلام سنڌڙي هري پنڪج 2009 اِنڊس اِنڊ فائونڊيشن، دهلي
    18 پيار جو آنچل ڪنعيالال گوپلاڻي 2010 ڪوتا ساهتيه مالا، اَحمدآباد
    19 سنڌي ننڍيوُن ڪهاڻيوُن ٺاڪُر چاولا 2010 امرتا آنند پبليڪيشن، مُمبئي
    20 خواهشن جو وهڪرو لعل هوتچنداڻي ‘لاچار’ 2011 اَجنتا ساهتيه سنگم، گانڌيڌام
    21 تو نه سُڃاتو گوپ گولاڻي 2012 سنڌي ٽائيمس پبليڪيشن، انڊور
    22 آئينو ايم. ٽي. ڀاٽيه 2012 ايم. ٽي. ڀاٽيه، اجمير
    23 آنسون عمر ڀر جا امر گوپلاڻي 2012 امر گوپلاڻي، اِنڊور
    24 گردش امر گوپلاڻي 2012 امر گوپلاڻي، اِنڊور
    25 چيڪ بوڪ واسديو موهي 2012 ڪرن ڪِشن تخليقي پبليڪيشن
    26 لکمي کلاڻيءَ جون چونڊ ڪهاڻيون لکمي کلاڻي 2014 اَسانجو اَدب، آديپور
    27 ڪال گرل لڪشمڻ ديو بجلاڻي 2014 ناري لڇواڻي، ڀوپال
    28 آشيرواد گوپ گولاڻي 2014 گوپ گولاڻي

    سنڌي ڪهاڻي بابت جيڪو جائزو اڳتي پيش ڪيو ويندو اهو فقط مٿين انگن اکرن کي نظر ۾ رکي ورتو ويو آهي، ۽ ان لاءِ انگن اکرن کي مٿين ٽيبلن جي حساب سان سمجهيو وڃي.
    مٿئين ٻني ٽيبلن ۾ فقط ڪهاڻي ڪتاب شامل آهن، پر ان عرصي دؤران ڪيترائي اهڙا ڪهاڻيڪار پڻ اڀريا، جن تمام وڻندڙ ۽ مقبول ڪهاڻيون لکيون، پر بدقسمتيءَ سان اهي فقط انهن رسالن، ڊائجسٽن ۽ اخبارن تائين ئي محدود رهيون. مون هتي ڪوشش ڪري ڪجهه مقبول رسالن، ڊائجسٽن ۽ اخبارن جي ڇنڊ ڦوڪ کان پوءِ اهڙن ڪهاڻيڪارن جا نالا ڪٺي ڪيا آهن، جن جو اڃا تائين ڪوبه ڪهاڻين جو مجموعو شايع ناهي ٿيو. ڏنل نالا هيٺين رسالن جي مختلف شمارن مان گڏ ڪيا ويا آهن. نئين زندگي، سوجهرو، عبرت مئگزين، ادب، اديب، مهراڻ، هالار، سنڌ رنگ، ڪينجهر، پرک، سڦلتا، وائيس آف سنڌ، امرتا، هزار داستان، سارنگا، سفير سنڌ، نئين آس، ڪهاڻي ڊائجسٽ، پرک ۽ ٻيا شامل آهن.
    سال 2000ع کان 2014ع تائين شايع ٿيل مٿئين رسالن ۾ جن ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون ڇپيون تن ۾ اسحاق انصاري، بيدل مسرور، فقير محمد ڍول، ايوب عمراڻي، الطاف ملڪاڻي، غلام نبي اداسي، ايس سرمد، ثقلين لاشاري، محمد پناهه مغيري، ستار هليو، شبير حسين شبير، راشد بروهي، نورالحق نور، مير بهادر ٽالپر، عبدالواحد سومرو، حيدر ملاح، فقير دلبر لغاري، شاهين سنڌي، مخمور بخاري، گوهر سنڌي، منصور ٻرڙو، فدا سمون، ساقي ارشاد لورڙ، عبدالغني شر، زاهد منگي، مرڪ سنڌو، آزاد زنگيجو، عرفان گل چانڊيو، راجا ملاح، ڪليم ٻٽ، حميد ابڙو، فيض سومرو، دريا خان شنباڻي، هما ايس، ثنا ايس، اصغر پتافي، عزيز ڀنڀرو، انور ڪاڪا، حسيب ڪانهيو، رحمت پيرزادو، فوزيه ناز، خليق فياض، محمد دين راڄڙِي، پريت گهمرو، ذاهد نظاماڻي، عاجز گلشير ٽڳڙ، مجيب اوٺو، علي صفدر، باک جوڻيجو، مرتضى لغاري، قربان سنديلو، ساجدهه چنا، هاشم شورو، منور ڪيهر، جميل گاد، انور ابڙو، بادل جمالي، عنايت ميمڻ، علي صفدر، ج.ع.منگهاڻي، اختر جانوري، وفا صالح راڄپر، ديوي نانگراڻي، محمد علي پٺاڻ، ڊاڪٽر اعجاز سمون، ڊاڪٽر سليمان سولنگي، منظور ڪلهوڙو، امر لغاري، جهان آرا سومرو، مير حاجن مير، مقصود گل، خالد چانڊيو، رضا بخاري، عاشق اوڍاڻو، سميرا گل، فريال بانو، منير منگي، قاسم رستماڻي، ذاهد سومرو، ساجد سومرو، همدرد جانوري، اختر پيا، فدا سيلرو، تيرٿ ڪمار، مقبول مارو، زينت گل، غمدل غفور، ناشاد ملاح، مور مغيري، رجب آزاد سولنگي، ايس شاد، سڪايل نهال چانڊيو، گل ڪونڌر، سارنگ ٻٽُ، نظير ملڪاڻي، امداد جسڪاڻي، زُبي پروين، امداد گوپانگ، ظهير تبسم جوڻيجو، جوجي سمون، رفيق بلوچ، مختيار سهتو، سڪندر سرواڻ، جهانگير عباسي، حسن صوفاڻي، استاد نظاماڻي، قاضي اياز مهيسر، حفيظ باغي، امين اڏيرائي، معشوق قمبراڻي، آصف جمالي، گوپال ٺڪر، اميد الطاف، رفيق ڪانڌڙو، شمن لاشاري، الطاف ميمڻ، زاهده قريشي، اسلم ڀٽو، ذاهد گبول، مرتضى لاشاري، محبوب لغاري، نسيم لاکو، صائب ميمڻ، مظهر علي جروار، زين تنيو، زيبا لاشاري، جعفر شاهاڻي، غلام مصطفى سولنگي، عاشق ڳاهو، جانثار کوسو، لياقت مولائي، وفا جانوري، علي دوست عاجز، صابر سميجو، حفيظ پيرزادو، ستار هليو، شوڪت لوهار، مصور حسين، عمران رند، ڪريم لغاري، انيس خاصخيلي، امجد حسين امجد، رضا ٻٻر، تنها واجد، محمد خان ڪانڌڙو، شميم ناز بلوچ، وحيد دانيال ڪاڪا، موتيا چنا، ذاهد ميراڻي، علي رضا قاضي، مختيار ملاح، امر فياض شيخ، زاهده تاج ابڙو، رحمان ابڙو، امداد چنا، سجاد گهلو، مشتاق گوپانگ، بشير آچو، عبدالرزاق ڪلهوڙو، مٺل جسڪاڻي، الطاف امر ۽ اڃا هڪ ڊگهي قطار شامل آهي.
    ڪهاڻي نثر جي مقبول ترين صنف آهي، جيڪا دنيا جي هر ٻولي ۾ لکي وڃي ٿي، ان جي مقبوليت ڏسي ڪيترن ئي نقادن اها راءِ ڏني هئي ته ناول جو زوال اچڻ وارو آهي ۽ ان جي جاءِ ڪهاڻي والاريندي، خير ائين ته ٿي نه سگهيو پر ايترو ضرور ٿيو جو ناول جي مقبوليت کي ڇيهو رسيو ۽ ڪهاڻي اڳيان نڪري آئي.
    سنڌي ڪهاڻي پڻ قديم آهي ۽ شايد هتان جي ماڻهن جي مزاج وٽان آهي، جو اڪثر ڪلاسيڪي شاعري پڻ ڪن رومانوي داستانن، قصن ۽ ڪهاڻين تي مبني آهي. شاهه سائينءَ جو رسالو ان جو مثال آهي. سنڌي ۾ اهڙا اوائلي قصا، داستان ۽ ڪٿائون، ڀٽن، ڀانن ۽ مڱڻهارن جي واتان لوڪن تائين پهچندا رهيا. اهي جاجڪ ۽ مڱتا اڪثر درٻارن توڙي عام محفلن ۾ پنهنجي فن سان اهڙن قصن کي ڪمال جي ڪاريگريءَ سان پيش ڪندا هئا. سنڌي لوڪ ادب جو ضخيم هجڻ ان جو ثبوت آهي.
    ارتقا جي اصولن پٽاندڙ شيون بنياد کان اونچائيءَ ڏي سفر ڪنديون آهن، پر ڪٿي ڪٿي ائين نه به آهي، جيئن سنڌي شاعريءَ ۾ باوجود وسيلا نه هئڻ جي ڪلهوڙا دؤر جو شاهه لطيف اڄ به پنهنجي شاعراڻي معراج تي جلوا افروز آهي، هن وقت تائين شاهه سائين جي مقابلي يا برابريءَ جو به ڪو فڪر سنڌي شاعري ۾ اچي نه سگهيو آهي/ تسليم نه ڪيو ويو آهي، اهڙي طرح سنڌي لوڪ ادب جيڪو ماضي ۾ هڪ درياءَ وانگي موجزن هيو، اڄ اهي سگهڙ، شاعر، فنڪار ڇهين ٻارهين مهيني ڪنهن ٽي وي يا سرڪاري پروگرام ۾ نظر ايندا آهن. سنڌي ڪهاڻي ورهاڱي کان اڳ توڙي جو پنهنجون شروعاتي وکون کڻي رهي هئي پر شعور ۽ مقصد سان ٽمٽار هئي، ورهاڱي کان پوءِ وري ڪجهه سالن لاءِ جمود جو شڪار بڻجي ماٺي ٿي وئي، وري شايد سماجي حالتن ان جمود کي ٽوڙي تحرڪ پيدا ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪهاڻي عروج جون منزلون طئي ڪيون ۽ اڄ سوڌو اهڙو سفر جاري آهي.
    اڄ جي جديد ڪهاڻي تعداد جي لحاظ کان ته پاڻ ڀري ٿي وئي آهي پر معيار جي لحاظ کان ان ۾ شديد سڌارن جي گنجائش موجود آهي. ڇو ته سنڌي ڪهاڻي کي ان ڌٻڻ مان اگر هن وقت نه ڪڍيو ويو ته سڀاڻي شايد حالتون اڃا به ان جي ابتڙ هجن. اڄ جو لکندڙ فني توڙي فڪري لحاظ کان ڪهاڻي جي فارميٽس کان پري آهي، نئين جديد مختصر ترين ڪهاڻي “مائڪرو ڪهاڻي” جي نالي تي لکي ويندڙ اڪثر ڪهاڻين ۾ ۽ نثراڻي نظم ۾ ڪوبه فرق نظر نٿو اچي.
    بهرحال اچون ٿا پنهنجي جائزي ڏانهن سال 2000ع کان 2014ع تائين هڪ سوَ کان وڌيڪ سنڌي ڪهاڻيڪارن جا ٻنهي ٽيبلن جي حساب سان 219 کان وڌيڪ ڪهاڻي ڪتاب پهريون ڀيروشايع ٿيا، جيڪو هڪ وڏو تعداد آهي. سراسري لحاظ کان هر مهيني هڪ ڪتاب شايع ٿيو ۽ هر سال 14 ڪتاب شايع ٿيا. ان عرصي دؤران 2005ع ۾ ڇويهه ڪتاب شايع ٿيا ۽ اهو سال ان عرصي ۾ وڌ ۾ وڌ ڪتاب شايع ٿيڻ وارو سال آهي. ان عرصي دؤران ٻن ڪهاڻيڪارن جا نوَ نوَ ڪهاڻي ڪتاب شايع ٿيا، اهي آهن؛ امر جليل ۽ سليم چنا. باقي جنهن اداري وڌ کان وڌ ڪهاڻي ڪتاب شايع ڪيا اهو ڪنول پبليڪيشن قنبر آهي. جنهن جي شايع ڪيل ڪهاڻي ڪتابن جو تعداد ويهن تائين آهي.
    سال 2000ع ۾ ڏهه ڪتاب شايع ٿيا، ڪاوش پبليڪشين وارن سيد زوار نقوي تي اهو ذمو رکيو ته هو ڏهاڪن کان خاموش ويٺل سنڌي ڪهاڻيڪارن کان ٻيهر ڪهاڻيون لکرائي ۽ گڏي ڇپائي، سيد صاحب سنڌ جي ناليوارن ڪهاڻيڪارن ۽ ڪهاڻيڪارائن کان نيون پراڻيون اڻ ڇپيل ڪهاڻيون هٿ ڪندي ڪتاب “ڪهاڻي” شايع ڪرايو، جنهن ۾ امر جليل، نورالهدى شاهه، حميد سنڌي، غلام نبي مغل، طارق عالم ابڙو، حليم بروهي، امداد حسيني ۽ ٻيا شامل آهن. هن ڪتاب جو مهاڳ عبدالقادر جوڻيجي لکيو، هن مجموعي ۾ امر جليل جي “غفا” قمر شهباز جي “راڄيءَ جو روح” ۽ حليم بروهيءَ جي “باهه” ڪهاڻيون پڙهڻ وٽان آهن. هن ئي سال سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻي پاران ڊاڪٽر بشير احمد شاد جي سهيڙ ۾ لاڙڪاڻي جي چونڊ ڪهاڻيڪارن جون چونڊ ڪهاڻيون “جيون پيڙا پيار” جي نالي سان ڇپرايون ويون، جنهن ۾ ٽن ٽهين جي نون توڙي پراڻن جن ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون شامل ڪيون ويون، تن ۾ جمال ابڙو، اياز قادري، سوڀو گيانچنداڻي، انيس انصاري، اخلاق انصاري، زيب سنڌي، ايوب گاد، ادا قاضي، منظور ڪوهيار ۽ ٻيا شامل آهن. هي ڪتاب، جتي سنڌي چونڊ ڪهاڻين جو مجموعو آهي اتي لاڙڪاڻي جي ڪهاڻيڪارن جو گڏيل تعارف پڻ آهي. ظفر لغاريءَ جو ڪتاب “ڀونءِ مان نڪتل ماڻهو” سنڌي ڪهاڻي ۾ هڪ اضافو آهي. اختر رند جو هن ڪتاب “ڪنوارا چپ” کان پهرين هڪ ڪتاب “ڪال گرل” ڇپجي چڪو آهي، هي سندس ٻيو ڪتاب آهي، اختر رند جي ڪهاڻي ڊرامي جي اثر هيٺ آهي، تقريبن هر ڪهاڻي ڊرامائي انداز ۾ شروع ٿي ۽ ختم ٿئي ٿي. اختر رند لاءِ علي بابا چوي ٿو ته اختر شاعر مان ڪهاڻيڪار بڻيو آهي، اختر رند اها دعوى ڪري ٿو، “مون ڪڏهن ڀي ڪنهن ٻئي ڪهاڻيڪار جي پيرن مٿان پير رکي هلڻ ناهي سکيو، مون وٽ جيڪو ڪجهه آهي، پنهنجو آهي.” هن سال مظهر ابڙي، رجب آزاد سولنگي، لکمي ڪلاڻي، ڪشن بجاج ۽ غلام رسول ڪلهوڙي جا ڪتاب پڻ شايع ٿيا.
    سال 2001ع ۾ پڻ ڏهه ڪتاب شايع ٿيا، جن ۾ زيب سنڌيءَ جو “ڌنڌ ۾ گم ٿيل منظر”، ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جو “يادون ۽ سڪون” رزاق سهتي جو “اڌ وهي”، انور ابڙي جو “خودڪشيءَ جو رومانس” ۽ طارق خشڪ جو “مرڪ واري ڇوڪري” سرفهرست آهن. زيب سنڌي، سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ نهايت پختو نالو آهي، زيب جي ڪهاڻي سماجي توڙي گهريلو مسئلن جي منجهيل سُٽ بابت آهي، تڏهن ڀي ان وٽ موضوع توڙي پيشڪش جي کوٽ ناهي. محبت ٻرڙي جي مرڻ کان پوءِ ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي هر سال ان جي ورسيءَ تي ڪونه ڪو ڪتاب شايع ڪري ٿي، هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر جي لکيل ڪهاڻيون شايع ڪيون ويون آهن، جن ۾ سماجي روين توڙي مزاح کي ڊاڪٽر صاحب خوبصورت انداز سان پيش ڪيو آهي. “مرڪ واري ڇوڪري” شهدادڪوٽ سان تعلق رکندڙ نوجوان ڪهاڻيڪار طارق خشڪ جي ڪهاڻين جو مجوعو آهي، طارق تي امر جليل جو نمايان اثر آهي، طارق جي ڪهاڻين ۾ پڻ مزاح جون چهنڊڙيون دلچسپ آهن. اختر رند جو ٽيون ڪهاڻي ڪتاب “رات جي راڻي” شايع ٿيو، جنهن ۾ پڻ ڊرامائي انداز آهي، رات جي راڻي ۽ ٻيون ڪهاڻيون مٿئين طبقي جي عياشين ۽ رات جي رنگينين بابت آهن. اختر رند جيڪو پنهنجي ڪهاڻيءَ جي موضوع کي سنڌ جو محور ڪوٺي ٿو، پنهنجي اسلوب کي اصلوڪو ۽ منفرد ڪوٺي ٿو، پر سندس ڪهاڻيءَ جو گهرائيءَ سان مطالعو ڪرڻ تي خبر پوي ٿي ته سندس اسلوب اثر ورتل، اڪثر ڪردار چوڌري ۽ وڏيري ٽائيپ جاگيردار آهن.
    سال 2002ع ۾ ٻارنهن ڪتاب شايع ٿيا، جن ۾ غلام نبي گل جو “دعا جا پير”، روشن علي تنيي جو “منڇر ٻڏي ويو” راجن مڱريي جو “روين جو چهرو”، ڪاوش گروپ جو “ڪهاڻي” ٽيون حصو، سنڌي ادبي سنگت جو “ڪهاڻيون” ۽ حميد سنڌيءَ جو “درد ونديءَ جو ديس” سرفهرست آهن. راجن مڱريي جا موضوع بک، بيروزگاري، گهٽ اجرت ۽ معاشي بدحالي شامل آهن. “دعا جا پير” قمبر ۽ لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ بزرگ شاعر ۽ اديب غلام نبي گل جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي، جملي مان ڪهاڻي جوڙڻ جو فن غلام نبي گل ڄاڻي ٿو. غلام نبي گل جون اڪثر ڪهاڻيون سندس ڳوٺ گهٽهڙ ۾ پيش آيل سچن واقعن يا حالتن تي مبني آهن. ڪتاب جو مهاڳ ناليواري ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامانگار منظور ڪوهيار لکيو آهي، غلام نبي گل جي ڪهاڻي عام انداز ۾ سليس ڳوٺاڻي ٻوليءَ ۾ پيش ڪيل آهي. مجموعي جي پهرين ڪهاڻي “سڃاڻپ” آهي جيڪا خط واري انداز ۾ بي جوڙ شاديءَ جي موضوع تي لکيل آهي. منظور ڪوهيار سندس ڪهاڻيءَ لاءِ لکي ٿو ته هن جون ڪافي ڪهاڻيون سماجي حقيقت پسندي ۽ نفسياتي حقيقتن تي ٻڌل آهن. ڪهاڻي جي سهيڙ جا ٻه مجموعا ڪاوش گروپ پاران سيد زوار نقوي ۽ سنڌي ادبي سنگت پاران ادل سومري ترتيب ڏنا، جن ۾ نون توڙي پراڻن ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون پيش ڪيون ويون.
    سال 2003ع ۾ ڏهه ڪتاب شايع ٿيا، جن ۾ اخلاق انصاريءَ جو “مان ڪائنات آهيان” ڊاڪٽر فهميدهه حسين جو “هڪ حوا ڪئين ڪهاڻيون”، ابراهيم کرل جو “درياءَ جي هن پار” ڪلاڌر متوا جو “لوڻ جو قرض” ساجدهه جبين جو “جذبن جهوريو جيءُ” ۽ مشتاق شوري جو “ٽٽل، ڊٺل، ڊهندڙ پاڇولا” سرفهرست آهن. اخلاق انصاريءَ جو هي ڪتاب جيڪو ڪنول پبليڪيشن قنبر پاران ڇپرايو ويو آهي، ان ۾سريئلزم جي تحريڪي فڪر تي ڪهاڻيون لکيل آهن، انهن مان ڪجهه اَڪهاڻي جي فارم ۾ پڻ لکيل آهن. اخلاق انصاري جي ان ڪتاب جي باري ۾ تاج بلوچ پنهنجي ڪتاب “جديد ادب جو تجزيو ۾ لکي ٿو ته، “توهان جڏهن اخلاق انصاري جي افساني “مان ڪائنات آهيان” جو تجزيو ڪيو ته اخلاق جي انهيءَ جهرڪيءَ وٽ وڃو ته جهرڪي جنهن پسمنظر ۾ موجود آهي، انهي Perspective ۾وڃي، انهيءَ جو ڪلچر ڏسو، اتان جي ماڻهن جو Behaviourism ڏسو.” ڊاڪٽر فهميدهه حسين عورتن جي موضوع تي لکيل پنهنجين پراڻين ڪهاڻين کي سهيڙي ڪتابي شڪل ڏني آهي. مشتاق شورو پنهنجي نرالي اسلوب جي ڪري سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ تڪڙي جاءِ ٺاهي ورتي آهي، پر اسلوب جو اهو تجربو اڳتي هلي خارج ڪيو ويو.
    سال 2004ع ۾ نوَ ڪهاڻي ڪتاب شايع ٿيا، جن ۾غلام نبي گل جو “مان ڪير آهيان”، منور سراج جو “رنگن وکرڻ کان پوءِ”، رئوف عباسيءَ جو “بي ساهو خواب”، منظور جوکيي جو “ خيال، خوشبو ۽ ستارا”، مشتاق ڀرڳڙيءَ جو “سفر” ۽ تاجل بيوس جو “جهڄان پسي جهوڪ” سرفهرست آهن. منور سراج پختو ليکڪ آهي، ان جي ڪهاڻين ۾ فني پختگي به آهي ته ڏانءُ به. سندس ڪهاڻيون “گرگلي” ۽ “اوپرو” پڙهڻ وٽان آهن. سندس مجموعي جو مهاڳ طارق عالم ابڙي لکيو آهي. طارق جي منور جي باري ۾ راءِ آهي ته، “جيڪڏهن اوهان واقعي سٺا پڙهندڙ آهيو ته منور سراج جي ڪهاڻين کي خاموش لمحن ۽ سانتيڪي ماحول ۾ ويهي پوري ڌيان گيان سان پڙهي ڏسو ۽ پڙهي ختم ڪرڻ بعد هن نوجوان ڪهاڻيڪار جي شهر ڏانهن منهن ڪري پيار ڀري فلائنگ ڪس جو ست رنگو پوپٽ اڏائي ڇڏجو.” منظور جوکيي جي ڪتاب ۾ 65 صفحن تائين ٻين ليکڪن جا رايا آهن، پوءِ سندس ڪهاڻيون ۽ آخر ۾ ڊائريءَ جا ورق. ڪنهن ڪهاڻي ڪتاب ۾ ايترن صفحن تائين رايا ڇپرائڻ جو شايد هي نئون انداز آهي. منظور جوکيي جي ڪهاڻي ڪتاب ۾ امداد حسيني، عبدالقادر جوڻيجو، محمود مغل، ضراب حيدر ۽ منور سراج جا رايا شامل آهن، سندس ڪهاڻيون پڙهڻ وٽان آهن. تاجل بيوس جو ڪتاب علامتي ڪهاڻين تي مشتمل آهي، جنهن ۾ علامتي رنگ ۾ رومال ۾ ويڙهي ڪردار توڙي واقعا بيان ڪيا ويا آهن. علامتي ڪهاڻيون ڪردارن يا واقعن کي هوبهو ڪجهه ٻين ڪردارن يا واقعن سان پيش ڪرڻ کي سڏبو آهي، اهي ڪهاڻيون اهڙي دؤر ۾ لکيون وينديون آهن، جڏهن سڌيءَ طرح سچ چئي، لکي يا ٻڌائي ناهي سگهبو. مشتاق ڀرڳڙي پنهنجي ڪهاڻي ڪتاب جي پنهنجي پاران ۾ ڪهاڻيءَ بابت پڻ ڳالهايو آهي، هن وٽ ڪهاڻي لکڻ ۽ راند کيڏڻ برابر آهن. ڪهاڻي بابت سندس هي سٽون دلچسپيءَ کان خالي ناهن: “ ڪهاڻي ڪا اڪ جي ماکي ناهي جو لاهي وٺجي، ڪهاڻي ماني به ناهي جو بس کائي ڇڏجي ۽ نه ئي ڪهاڻي ڪو راز آهي جو ٻڌائي ڇڏجي.”
    سال 2005ع ۾ هن عرصي جا وڌ کان وڌ ڇويهه ڪهاڻي ڪتاب شايع ٿيا، جن ۾ ريٽا شاهاڻي جو “رشتن جو رقص”، عزيز ڪنگراڻي جو “روڳ”، پرويز جو “وڃايل مرڪ”، مٺل چانڊيي جو “منزل کان اورتي”، عباس ڪوريجي جو “چنڊ پيرن هيٺ”، انور ڪليم جو “32”، احسان دانش جو “بي سڪون خواب جو سچ”، صديق منڱيي جو “پکين جو وطن” جمن احمداڻيءَ جو “اداس موسمن جو شهر”، رسول بخش درس جو “ساٿ جي موسم” ۽ عباس سارنگ جو “پکي اڏاڻا پيار جا” سرفهرست آهن. عزيز ڪنگراڻي جي ڪتاب جو مهاڳ عبدالقادر جوڻيجي لکيو آهي جڏهن ته “عزيز ـــ هڪ طويل ڪهاڻي” جي عنوان هيٺ استاد بخاري ويچار ونڊيا آهن. عزيز جي ڪهاڻي “مان آدم آهيان” ورهاڱي جي پيڙا ورتل نرمل جيڪو پنهنجي ڪٽنب سميت پنهنجي ڌرتي ڇڏي وڃي رهيو آهي ۽ ٽرين جي دريءَ مان وطن جا نظارا ڏسندي سندس دل روئي رهي آهي، ديس ڇڏڻ تي دل نٿي مڃيس پر حالتن کان مجبور آهي. ڪراچي پهچڻ بعد سندس ويجهو دوست محمد علي اچي وڃي ٿو ۽ وڃڻ کان روڪي ٿو وٺيس. دل کي جهوريندڙ ڪهاڻي آهي. عزيز جون ڪهاڻيون فني ۽ فڪري گهرائي رکن ٿيون. انور ڪليم اردو ۾ لکي رهيو هو ۽ هاڻي سنڌي ڪهاڻي ڏانهن سندس پهرين وک “32” جي نالي سان شايع ٿي آهي، انور ڪليم ننڍڙي فارميٽ ۾ مائڪرو ڪهاڻي پڻ لکي آهي. عباس ڪوريجي جي ڪتاب “چنڊ پيرن هيٺ” جو مهاڳ طارق قريشي ۽ ٻه اکر الطاف شيخ لکيا آهن، عباسي ڪوريجي جون سائنس فڪشن تي مبني مستقبليه ڪهاڻيون “چنڊ پيرن هيٺ” ۽ “خلا جو سفر” پڻ هن مجموعي ۾ شامل آهن. صديق منڱيي جو ڪتاب “پکين جو وطن” جتي ڇتي تنقيد جي بار هيٺ آيو اتي سندس ٻوليءَ ۽ ڪردارنگاريءَ جي پڻ تعريف ڪئي وئي. صديق جو اسلوب نرالو آهي. لاڙڪاڻي جي ادبي گهراڻي سان تعلق رکندڙ احسان دانش جي ڪهاڻين جو ڪتاب سچل ادبي مرڪز جي پليٽ فارم تان شايع ٿيو، احسان دانش سٺو شاعر، ڪهاڻيڪار، محقق ۽ استاد آهي، لاڙڪاڻي جي شهري سماج ۾ پالنا ورتل احسان دانش لاءِ سندس دوست فياض لطيف مهاڳ ۾ سندس ڪهاڻين “رانديڪو” ۽ “دوزخ” ۾ ٻهراڙيءَ جي ٻولي ۽ حالتن کي چٽڻ تي ساراهيو آهي، ڪتاب جي پس لفظ ۾ محمد هاشم حامي پڻ سندس ڪهاڻي رانديڪو ۾ موجود ٻهراڙيءَ جي ماحول ۽ ٻوليءَ جي تعريف ڪئي آهي. رانديڪو ڪهاڻي هڪ اهڙي پوڙهي جُواري ۽ هڪ سڪي لڌي ڌيءَ ڀاڳ ڀري جي ڪردارن جي چوڌاري ڦري ٿي. سڪي لڌي جيڪا حسن ۾ ته پري آهي پر مجبورين هٿان وڪامجي ان پوڙهي جُواري نواز وٽ پرڻجي ٿي اچي. ڪهاڻي ۾ ٻوليءَ توڙي مشاهدي جون غلطيون ۽ لفظن جو غلط استعمال نظر اچي ٿو، جنهن مان رڳو هي شروعاتي جملو پيش ڪجي ٿو: “ڀنگين جي صورت ۾ ڇڙوڇڙ گهر، گهرن جي ٻاهران اڪثر ڪنڊن ۽ سڪل وڻن جي ٽارين جو لوڙهو ڏنل.” ڀُونگين کي ڀنگين لکيو ويو آهي، جڏهن ته ڊنگهرن جي لاءِ ڪنڊن ۽ سڪل وڻ جون ٽاريون لکيو اٿس، هتي هڪ سوال اهو پڻ اڀري ٿو ته سڪل وڻ جي ٽاري هجڻ گهرجي يا وڻ جي سڪل ٽاري، ڇو ته اڪثر ڪري ٻٻر ۽ ڪنڊيءَ جي وڻن مان لامون ۽ ٽاريون ڇانگهي لوڙهي طور ڪتب آنديون وينديون آهن. ڳوٺ ۾ قحط هجڻ ۽ وڏيري پاران مدد نه ڪرڻ سببان ڀاڳڀريءَ جا والدين کيس جُواريءَ کي پنجاهه هزار ۾ وڪڻي ٿا ڇڏين، جڏهن ڳوٺ ۾ قحط آهي ته جُواريءَ وٽ پنجاهه هزار ڪيئن هئا؟ ان ڳوٺ ۾ ڪنهن سان جُوا کيڏي کٽيا؟ اڪثر ائين ٿيندو آهي ته جُوارين جا کيسا ۽ گهر اڪثر خالي هوندا آهن.
    سال 2006ع ۾ ڪل ٻارنهن ڪتاب ڇپيا، تن ۾ راشد مورائيءَ جو “پاڻي تي پهرو”، فتاح ابڙي جو “وڇوڙي جي پن ڇڻ ۾”، صديق منڱيي جو “وجود جا عذاب”، سعيد سومري جو قمبر جي ڪهاڻيڪارن تي سهيڙيل ڪتاب “کيرٿر تان اڏار”، حسن علي هڪڙي مرحوم جو “تحفو” منظور جوکيي جو “آئيندو” ٺاڪر چاولا جو “سنڌي ڪهاڻيون”، ڄيٺو لالواڻي جو “ردي” ۽ وفا اسلم شيخ جو “جيون تنهنجي نانءِ” سرفهرست آهن. راشد مورائيءَ جي ڪتاب تائين رسائي ناهي ٿي سگهي، ان ڪري ڪابه راءِ نٿي رکجي، فتاح ابڙو سنڌي ڪهاڻي کيتر ۾ هڪ خوبصورت اضافو آهي، فتاح ابڙي جي ڪهاڻين ۾ ڳوٺاڻين مدي خارج رسمن، عام ماڻهن جي اٻوجهائپ ۽ سادگي توڙي ماڻهن جي اندر جي الڳ الڳ ڪيفتين جو ذڪر آهي. صديق منڱيي جو هي ڪتاب پڻ فني خوبين سان گڏ ڪهاڻي جي مزاج جو پورائو پڻ آهي. سعيد سومري پاران سهيڙيل قمبر جي ڏهن ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻين ۽ تعارف تي مشتمل ڪتاب “کيرٿر تان اڏار” ڪهاڻي کيتر ۾ دلچسپ اضافو آهي، هن ڪتاب ۾ سهيڙيندڙ قمبر جي ڪهاڻيڪارن جي تاريخ ۽ ادب ۾ حصي تي مختصر روشني وجهندي نئين اڏار پيش ڪئي آهي. هن مجموعي ۾ رياضت ٻرڙي، عزيز قاسماڻي، سيف الحق سيف، نور الحق نور، عباس ڪوريجي، بشير آچي، نور کوسي، سعيد سومري، دين محمد ڪلهوڙي ۽ شبير لاکي جون ڪهاڻيون شامل آهن. حسن علي هڪڙي مرحوم جي ڪهاڻين جو ڪتاب تحفو پڻ ڪهاڻي کيتر ۾ اضافو ٿيو جيڪو سندس هن فاني جڳ مان گذاري وڃڻ کان پوءِ سهيڙي ڇپايو ويو. حسن علي هڪڙي جي ڪهاڻي ۾ عوامي رنگ شامل آهي. وفا اسلم شيخ جي ڪتاب تي ادبي حلقن ۾ تنقيد ٿي ته اهو امرتا پريتم جي اردو لکڻين تان ڪاپي ٿيل آهي جنهن حوالي سان اڃا تائين ڪابه وضاحت ناهي ڪئي وئي.
    سال 2007ع ۾ چوڏنهن ڪتاب شايع ٿيا، جن ۾ نسيم کرل جي ڪليات “نيسم کرل جون ڪهاڻيون”، ماڻڪ ڪنگراڻي جو “ردي پنا”، پرويز جا ٻه ڪتاب “ماڃر جي حور” ۽ “منهنجو پاڻي بند نه ڪجانءَ”، يوسف سنڌيءَ جي سهيڙ “پوپٽ جهڙو پيار”، سعيد سومري جي سهيڙ “کيرٿر تي صبح”، عزيز قاسماڻي جو “ڪجهه به نه”، تهمينه مفتي جو “ڪٿا اپ ڪٿا”، منظور ڪوهيار جو “فراق جي منزل”، اڪبر سومري جو“بوتيڪ کان بيڊروم تائين”، پير عبيد راشديءَ جو “ڳالهيون ڪندي ڪاڪ جون”، حميد سنڌيءَ جو “سو مون سڀ ڄمار” ۽ نسيم پارس گاد جو “ ڪولاج ٿيل شخص جو پورٽريٽ” سرفهرست آهن. نسيم کرل جو ڪليات آهي، ان جو جائزو ان لاءِ نٿو وٺجي جو ان جي هڪ هڪ ڪهاڻي تي گهڻو ڳالهايو ۽ لکيو ويو آهي. ماڻڪ جي ڪتاب جو مهاڳ طارق قريشيءَ لکيو آهي جڏهن ته ٻه اکر عزيز ڪنگراڻي لکيا اٿس. عزيز ڪنگراڻي ماڻڪ تي راءِ ڏيندي لکيو آهي ته کيس محنت جي سخت ضرورت آهي. ماڻڪ ڪنگراڻي ڪهاڻيءَ کي اربنائيز ڪرڻ جي چڪر ۾ رڳو ماحول اربنائيز ڪيو آهي، جنهن جو مثال سندس پهرين ڪهاڻي “نامراد” آهي، اليٽ Elite ڪلاس جي هڪ ڇوڪري جيڪا پيار جي دولاپ ۾ اچي چار ڏينهن پهرين گهران نڪري وڃي ٿي ۽ چوٿين ڏينهن ماءُ جي موت جي خبر ٽي ويءَ تي ڏسي ٽيڪسي ۾ واپس گهر اچي ٿي. سندس پيءُ جنهن وٽ محل نما بنگلو آهي، شهرت ايتري جو زال جي طبعي/اتفاقي موت جي خبر ٽي ويءَ تي نشر ٿئي ٿي، پر ان جي ذهنيت ڪنهن ڳوٺ ۾ ويٺل وڏيري جهڙي آهي. ڇوڪري ايتري ميچوئر آهي جو عالماڻا ڊائلاگ ٿي ڳالهائي: “ابو! اقرار ۽ اعتراف جو در بند ڪرڻ جي معنى ڌرتي جو گولي کي بند گهٽيءَ ۾ تبديل ڪرڻ هوندو.” اگر ايتري ئي ميچوئر هئي ته گهران ڀڄي نڪرڻ جو ڪو واضح جواز پيش ڪجي ها ۽ ٻي ڳالهه فوتگي ٿي وڃڻ ۽ خبر ٽي ويءَ تي اچڻ بعد ڀي گهر ۾ انهن چئن ڪردارن کان علاوهه ڪوبه ناهي، ڇوڪري ٽي وي تي خبر ٻڌي پهچي ٿي وڃي پر سندس پيءُ جو ويجهو دوست انڪل مراد پوءِ ٿو پهچي. تهمينه مفتي ڪهاڻيڪارهه طور پنهنجو نالو لکرايو آهي، شايد اهو سندس ڪهاڻيءَ تي تحقيق ڪرڻ جو ثمر آهي يا شايد ڪجهه ٻيو، خير! سندس تحقيق وڌيڪ جاندار آهي، هي سندس پهريون ڪهاڻي ڪتاب آهي. تهمينه جي ڪهاڻين بابت جامي چانڊيي لکيو آهي ته سندس ڪهاڻين ۾ سماجياتي ۽ احساساتي موضوع گڏ هلن ٿا. حميد سنڌي سنڌيءَ ڪهاڻيءَ کي ڪيترائي ڪتاب ارپيا آهن، حميد سنڌيءَ جي لکڻ جو انداز نرالو ۽ اسلوب منفرد آهي. حميد سنڌي جي ڪهاڻي رواجي طوالت رکڻ باوجود پنهنجي اندر موجود دلچسپي برقرار رکيو اچي ٿي، سندس ڪهاڻين جي هن مجموعي ۾ شروعاتي 74 صفحن تائين ٻين اديبن پاران ڏنل رايا رکيا ويا آهن ۽ فقط شروعاتي ٻه ڪهاڻيون “لڳي لڳي واءُ” ۽ “سو مون سڀ ڄمار” 52 صفحن تي مشتمل آهن. لڳي لڳي واءُ ڪهاڻيءَ اندر شاگرد توڙي قمپرست سياست جو هڪ اهڙو پهلو پيش ڪيو ويو آهي، جنهن جي ڪري اهي تحريڪون اڄ تائين ڪامياب نه ٿي سگهيون آهن. منظور ڪوهيار صوفي ڪهاڻين جو ڪتاب پيش ڪيو، جنهن ۾ صوفي ڪهاڻيون لکيون اٿس، اعتراض واريو ويو ته ڪهاڻيون وري ڪيئن صوفي ٿيون، جواب هو جيئن شاعري صوفي آهي. هن ڪتاب ۾ مقبول صوفي قصن، ڪهاڻين کي فڪشن جي رنگ ۾ پيش ڪيو آهي ڪوهيار. ان قسم جي ڪهاڻين کي Reconstructed Biography سڏي سگهجي ٿو. عزيز قاسماڻي جو ڪتاب مائڪرو ڪهاڻي يعني فليش فڪشن تي مبني آهي، جنهن ۾ ننڍڙيون ڪهاڻيون شامل ڪيون ويون آهن. عزيز جي لکڻ جو انداز تڪراري رهيو آهي، ان جي ڪهاڻين تي شروع کان وٺي اعتراض ٿيندا رهيا آهن ته اهي ڪهاڻيون ناهن. عزيز مهاڳ ۾ لکي ٿو ته “ڪهاڻين لکڻ جي ڪري زندگيءَ ۾گهڻو ڪجهه سَٺو آهي.” سنڌي ادب ۾ مڪمل فليش فڪشن تي شايد پهريون ڪتاب عزيز قاسماڻيءَ جو آهي توڙي جو سندس ڪجهه ڪهاڻيون ان اصول تي پوريون نٿيون لهن. پرويز لاڙ جو مٽيءَ جو عشق کڻي ڪهاڻي کيتر ۾ آيو ۽ پنج ڪتاب ڏئي ڇڏيائين، سندس ڪتاب “منهنجو پاڻي بند نه ڪجانءِ” ۾ پنهنجي پاران کان پوءِ سندس جيون جهلڪيون ڏنل آهن، ان کان پوءِ پهرين ڪهاڻي “ڪارا ڪڪر، اجرو آڪاس” ڄڻ ته سندس جيون جهلڪين جو تسلسل پئي لڳي. ڪهاڻي کي هروڀرو اينگهائي فقط صفحا پورا ڪيل ڏسجن ٿا، پرويز جو اندازِ بيان ناويلا وارو آهي.
    سال 2008ع ۾ به يارنهن ڪتاب ڇپيا، جن ۾ قاضي خادم جو “مٽيءَ ۾ ملاوٽ”، منور سراج جو“خوابن جي سرحد”، امر جليل جو “جيجل منهنجي ماءُ”، اياز قادريءَ جو “ڪهاڻي هر دؤر جي”، مدد علي سنڌيءَ جو ڪليات “دل اندر درياهه”، هيرو شيوڪاڻيءَ جو “ڪارڻ جي تلاش”، “شيام جئسنگهاڻيءَ جون ڪهاڻيون” ۽ پرويز جو “دل جي دري” سرفهرست آهن. قاضي خادم جو ڪتاب ڪويتا پبليڪيشن ڇپايو، جنهن ۾ سندس 25 ڪهاڻيون شامل آهن. قاضي خادم جي ڪهاڻي فني لحاظ کان مضبوط آهي ۽ ان ۾ ورسٽلٽي پڻ موجود آهي. “شالو چريو”، “هائيڊ پارڪ ۾ ٻوڙا” ۽ “مريم پناهگير” ان جو مثال آهن. امر جليل جي پراڻين ڪهاڻين کي ڪاڇو پبليڪيشن وارن سهيڙي ڇپرايو، هي امر جليل جو وڏي عرصي کان پوءِ ڪو نئون ڪتاب آهي، جيڪو پهريون ڀيرو ڇپيو. پرويز مسلسل لکي رهيو آهي ۽ ڪتابي صورت ۾ ڇپجي رهيو آهي. اياز قادري جون ڪهاڻيون گڏي ڇپايون ويون.
    سال2009ع يارنهن ڪتاب ڇپيا، جن ۾ امر جليل جو “اندرا”، “سرد لاش جو سفر” ۽ “چنڊ وسامي ويو”، رسول ميمڻ جو “فونو”، عباس سانگ جو “مقدس مٽي”، منظور ڪوهيار جو“سچا ڪوڙا رشتا”، شوڪت حسين شوري جو “رات جو رنگ”سرفهرست آهن. هن سال امر جليل جا ٽي ڪتاب مارڪيٽ ٿيا، جيڪي امرجليل جي پڙهندڙن جي هڪ وڏي حلقي هجڻ ۽ مقبوليت جي ڪري جلد ئي وڪامي ويا توڙي جو اهي امر جليل جون پراڻيون ڪهاڻيون، ڪالم ڪهاڻيون ۽ ڪالم هئا. شوڪت حسين شورو سنڌي ڪهاڻيءَ جي سينيئر ترين نالن منجهان هڪ آهي، گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان شوڪت سنڌي ڪهاڻيءَ جي افق تي روشن رهيو آهي. شوڪت جي ڪهاڻي ۾ اندر جر پيڙا، سماجي انيائن توڙي ڳتيل رشتن جي رسمي پورائي تي ٺٺول شامل آهي. رسول ميمڻ انتهائي لائق ڪهاڻيڪار آهي، ان جي ڪهاڻين ۾ ورائٽي هوندي آهي، هي ڪتاب سوجهرو پبليڪيشن وارن ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. مجموعي جي پهرين ڪهاڻي ورهاڱي جي درد تي مبني آهي، جنهن ۾ هڪ ليکڪ موهن لالواڻي آهي، جنهن جي ڪراچيءَ ۾ پنهنجي گهر ۾ هڪ شاندار لائبريري آهي، جتي هو مطالعو ڪندو رهي ٿو ۽ لکندو رهي ٿو، حالات خراب ٿيڻ ڪري موهن کي ملڪ ڇڏڻو ٿو پوي، پويان حڪومت پاران اهو گهر هڪڙي موالي انيس حوالي ڪيو ويو، جنهن اهڙي عاليشان گهر کي ڪٻاڙخانو بڻائي ڇڏيو، جتي جي شيشن سان سينگاريل لائبريريءَ ۾ ڪوئا ڦوڳڙيون لاهيندا وتن ٿا. هن سال منطور ڪوهيار جو ڪتاب سچا ڪوڙا رشتا پڻ مقبول رهيو، ڪوهيار پنهنجي ڊڪشن اندر ڪهاڻي کي اهڙو پختو رکي ٿو جو ڪهاڻي پنهنجي محور کان ٻاهر اصلي نٿي نڪري. منظور ڪوهيار سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ ڪيترائي بنياد رکيا آهن، جن ۾ صوفي ڪهاڻيون ۽ فليش فڪشن اندر ڪيل تجربا شامل آهن. عباس سارنگ جو ڪتاب مقدس مٽي فليش فڪشن تي مبني ڪهاڻين جو مجموعو آهي. ٽائيٽل ڪهاڻي ورهاڱي جي جهلڪ رکندڙ آهي، جنهن ۾ ٻه مختلف ڌرم رکندڙ دوست ڌار ٿين ٿا، ۽ ملڪ ڇڏي ويل دوست کيس خط لکي مقدس مٽي موڪلڻ لاءِ چوي ٿو، پر هتي رهندڙ سندس آدرشي دوست اهو سمجهي ٿو ته هتان جي مٽي ٻاهرين جي اچڻ ڪري گدلي ٿي وئي آهي، جيستائين آزاديءَ جو سج نه اڀرندو مٽي مقدس نه بڻبي.
    سال 2010ع ۾ سترنهن ڪتاب ڇپيا، جن ۾ زيب سنڌيءَ جو “حيدرآباد 47 ڪلوميٽر”، ممتاز مهر جو “جڏهن مان چوهٺ جو هوندس”، سيف الحق سيف جو “اڏوهي کاڌل وجود”، هوش ڀٽيءَ جو “انگن جي راند”، عزيز قاسماڻيءَ جو“مان اوهان مان ناهيان”، بيوس محرم مغيريءَ جو “زندگيءَ جي ٻي تصوير”، امر جليل جو “ادب ۽ سياست” پاويل جوڻيجي جو “ڏينهن ڏٺي جا سپنا” ۽ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي پراڻين ڪهاڻين جو مجموعو “ڪڏهن بهار ايندو” سرفهرست آهن. سوڀي جي ڪهاڻي ڪڏهن بهار ايندو جنسي مت ڀيد ۽ معاشري ۾ عورت جي حيثيت متعلق آهي، جنهن ۾ اهو ڏيکاريو ويو آهي ته هڪ ادبي محفل ۾ ڪنهن ڪهاڻي تي تنقيد ڪرڻ وقت اديبن ڪيئن نه الڳ الڳ رايا ڏنا ۽ عورت کي پنهنجي پنهنجي انداز سان پيش ڪيو، ڪهاڻيءَ جو هڪ ٽڪرو اوهان سان ونڊ ڪجي ٿو: “محبوب چيو: ٻيلي ٻڌايو ته سهي، عورت هڪ دفعو ڪنهن سان محبت ڪري ته هوءَ ڇو جُوٺي يا باسِي سمجهي وڃي ٿي. مرد سڄي عمر عيش ڪري ته به نت نئون ۽ ڪنوارو ڇو سمجهيو وڃي؟ جيتوڻيڪ محبت ڪرڻ سان نه عورت گَسي ٿي وڃي ۽ نه مرد – بشرطيڪه حد کان مٿي چڙهي نه وڃن. آءٌ ته فري لو (آزاد محبت) جو قائل آهيان....... پر ...... پر منهنجي محب ڏي ميريءَ نظر سان نه نهارجو، ڇو ته پرايون نظرون به عورت کي ناپاڪ ڪري ڇڏين ٿيون!” سيف الحق سيف انتهائي حساس ڪهاڻيڪار آهي، ان جي ڪهاڻين جو محور بک، بدحالي، بيروزگاري، فطرت پسندي آهي. سيف جي هن مجموعي ۾ سندس ڪهاڻي “نم جو وڻ” کي عالمي ليول جي ڪهاڻي چيو ويو آهي، سندس هڪ ٻي ڪهاڻيءَ مان هڪ ٽڪرو پيش ڪجي ٿو: “هو بيڪار نموني انگريزي اسٽائل ۾ اهو الائي جي ڇا جهونگاري رهيو هو، گڏوگڏ ڪنڌ به اهڙي نموني ٿي ڌوڻيائين، ڄڻڪ لطف اندوز ٿيندو هجي! اخبار پڙهندي مان ڊسٽرب ٿي رهيو هيس، تنهن ڪري چيو مانس، “پليز يار ماٺ ڪري ويهه، الائي جي ڇا ٿو ويٺو چئين.”
    ويا ڪل نظرون کڻي ڏسندي ورايائين.
    “تون سمجهي نه سگهندين”، ٽنگون مٿي ڪري ڪرسيءَ تي اوڪڙو نموني ويهندي، هٿ مهٽيندي چيائين،“تون ڇا؟ ڪير به سمجهي نه سگهندو.”
    مان کيس ڪو جواب ڏيڻ بدران خاموشيءَ سان اخبار پڙهندو رهيس، ٿوري ماٺ کان پوءِ هن پڇو.
    “اخبار ۾ ماڻهپي گم ٿيڻ جي خبر آئي آهي!؟”
    نوجوان ڪهاڻيڪارن هوش ڀٽي ۽ بيوس محرم مغيري پڻ پنهنجي ادبي پورهيي ذريعي ڪهاڻي کيتر ۾ پنهنجو نالو لکرايو. هوش ڀٽي ننڍڙي عمر کان وٺي ڪهاڻيون، شاعري ۽ ٻاراڻو ادب لکندو پيو اچي، سندس هي ڪتاب “انگن جي راند” ڪهاڻي کيتر ۾ دلچسپ اضافو بڻيو آهي.
    سال 2011ع ۾ سترنهن ڪتاب شايع ٿيا، جن ۾ يوسف سنڌيءَ جو “نه وڃڻ جو پڇتاءُ”، لياقت رضويءَ جو “ٻه سو ٽيٽيهه”، عباس سارنگ جو “ڪپيل نڪ”، ذوالفقار ڪانڌڙي جو“بند ٿي ويل دروازو”، رفيق سومري جو“پيار جي هڪ ٻي صدي” پرويز جو“ڳوڙهن جا ڪبوتر” امر جليل جو “چيني ۽ چرٻٽ جون ڪهاڻيون”، اڪبر اديب جو “مٽيءَ هاڻا ماڻهو” ۽ سليم چنا جا ٻه ڪتاب “آسماني تارو” ۽ “شينهن بنا ٻيلو” سرفهرست آهن. ذوالفقار ڪانڌڙي جي مجموعي ۾ ڪل نو ڪهاڻيون آهن، جن جي عنوانن مان ئي پتو لڳي ٿو ته هن جي اسلوب تي مظهرالاسلام جو اثر آهي. مثال خاطر ڪجهه هتي پيش ڪجن ٿا: “محبت کان وسري ويل شخص، شڪ هن جي دل ۾ رهندو هو، ورهايل محبتن جو نوحو ۽ ليلى مونکي توسان پيار آهي” وغيره شامل آهن، ذوالفقار پنهنجي پاران ۾ پنهنجي اندر جي ڳالهه “هڪ ڪهاڻيڪار جو ڦاٽل پورٽريٽ” جي عنوان سان ڪئي آهي. عباس سارنگ جو ڪتاب “ڪپيل نڪ” جيترو سائيز ۽ صفحن ۾ ننڍڙو آهي اوترو راين ۽ تاثرات سان ڀريل آهي. 80 صفحن مان به ٻه صفحا خالي ڇڏيل آهن، شايد پورائي لاءِ 22 صفحن تائين رايا ۽ تاثرات ڏنا ويا آهن. سليم چنا جهڙو مولائي ليکڪ اوهان شايد ڏٺو ۽ ٻڌو هجي، هن سال ان جا ٻه ڪتاب شايع ٿيا، هڪڙو “آسماني تارو” جو نالي سان، جنهن ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي حوالي سان ڪهاڻيون، شاعري ۽ تاثرات آهن ۽ ٻيو مختصر ڪهاڻين تي مبني آهي، اهو ٻڌي اوهان حيران ٿيندا ته ٻنهي ڪتابن جي ڪابه قيمت ناهي رکي وئي. سليم چنا جي فن جي باري ۾ رفيق سومرو لکي ٿو ته “سليم چنا، اعلى ادب جي منزل واري واٽ جو پانڌيئڙو آهي ۽ ان قطار ۾ صفا پويان نه پر وچ ۾ آهي ۽ اڳتي وڌي رهيو آهي. وٽس ڪهاڻي هڪ اسٽائيل يا اسلوب جي پابند ناهي، سندس فن متحرڪ آهي.” امر جليل جي پراڻي مشهور ڪردارن تي لکيل ڪالم ڪهاڻيون پڻ شايع ٿيون.
    سال 2012ع ۾ ويهه ڪتاب ڇپيا، جن ۾ امر جليل جا ٻه ڪتاب، “سنڌو بقا، مان فنا آهيان” ۽ “امر جليل جي سنڌو”، منظور ڪوهيار جو مختصر ترين ڪهاڻين (فليش فڪشن) جو مجموعو “ڀونئرن جي انتظار ۾”، رسول ميمڻ جو “سونو ڏند”، امر گوپلاڻيءَ جا ٻه ڪتاب “آنسو عمر ڀر جا” ۽ “گردش”، واسديو موهيءَ جو “چيڪ بوڪ”، بيوس محرم مغيريءَ جو ٻيو ڪتاب “اوجاڳن جو سوڳ”، جمن احمداڻيءَ جو “اڪيلو ماڻهو”، اختر حفيظ جو “برسات کان پوءِ”، فتاح ملڪ جو “جمنا سان ٽي ڏينهن” ۽ يار محمد چانڊيي جو “جنم جنم الميو” شامل آهن. امر جليل جي پراڻي لکيل ڪهاڻين توڙي ڪالمن کي ڪاڇو پبليڪيشن جي محمد علي ماجد سهيڙي ڇپائڻ جي سلسلي ۾ تيزي آندي آهي، ان مان ثابت پيو ٿئي ته جليل جا ڪتاب مارڪيٽ ۾ جلدي وڪرو ٿيو وڃن ۽ پبلشر پڻ ڪمائي رهيو آهي. منظور ڪوهيار سنڌي ڪهاڻي ۾ انفرادي حيثيت رکي ٿو، سندس هي ڪتاب مختصر ترين ڪهاڻين تي مبني آهي. ڪتاب جي مهاڳ ۾ جديد ننڍڙي ڪهاڻي تي تفصيلي بحث ٿيل آهي. رسول ميمڻ جو سنڌي ڪهاڻيءَ لاءِ نئون تحفو “سونو ڏند” جي صورت ۾ آيو. بيوس محرم مغيريءَ جو ڪتاب اوجاڳن جو سوڳ شايع ٿيو، جنهن جو مهاڳ ناليواري ڪهاڻيڪار صديق منڱيي لکيو آهي، محرم جي ڪهاڻي فني لحاظ کان پختگيءَ ڏانهن وڌي رهي آهي، پر اڃا سندس ٻوليءَ ۾ مذڪر ۽ مونث توڙي واحد جمع جون اوڻايون رهجي ويون آهن. بيوس محرم فليش فڪشن تي پڻ طبع آزمائي ڪئي آهي. اختر حفيظ جي ڪهاڻي ڪتاب “برسات کان پوءِ” تي نه ڇپائيءَ جو سال لکيل آهي ۽ نه ئي ڇپائيندڙ ادارو. انيس انصاري اڪيڊميءَ پاران سندس ڪهاڻين جي هن مجموعي تي ايوارڊ پڻ ڏنو ويو آهي.
    سال 2013ع ۾ ويهه ڪتاب شايع ٿيا، جن ۾ امر جليل جو “جمود”، رسول ميمڻ جو “حليمان”، منظور قادر جو “فيس بوڪ”، حميد سنڌيءَ جو “ڪڻ ڪڻ ريت ۾ ڪيئي ڪهاڻيون”، رحمت الله ماڃوٺي جو“کريال گهڙيال”، ممتاز لوهار جو “اڻپورا وجود”، صديق منڱيي جو“مٽيءَ جو عشق”، محمد انور بلوچ جو “ڪهاڻيون ئي ڪهاڻيون”، عبدالسلام ٿهيم جو “اوسيئڙي ۾ جڙيل آس”، اقبال بلوچ جو “سانول جا سور” سرفهرست آهن. هن سال سليم چنا جا پنج ڪتاب شايع ٿيا. سال 2005ع وانگي هن سال به ڪتابن جي پيهه لڳل رهي، هن سال گهڻا معياري ڪهاڻي ڪتاب مارڪيٽ ۾ آيا. امر جليل جو مجموعو “جمود” جليل جي پراڻن ڪتابن جون سڪون لاٿيون توڙي جو سڀ ڪهاڻيون پراڻيون لکيل هيون، پر گڏي ڇپايل هيون. ناليواري ڪهاڻيڪار رسول ميمڻ جو نئون ڪتاب “حليمان” پڻ ڪهاڻي کيتر ۾ هن سال جو بهترين اضافو آهي. منظور قادر جو ڪتاب جڳ مشهور سوشل نيٽ ورڪ فيس بوڪ جي نالي تي رکيو ويو آهي، ٽائيٽل اسٽوري سنڌي سماج جي عڪاسي ڪندڙ ناهي، جنهن ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته هڪ مرد ۽ هڪ عورت جو فيس بوڪ تي رابطو ٿئي ٿو، جتي هو هڪ ٻئي سان ڪوڙن اڪائونٽس وسيلي ڳالهه ٻولهه ڪن ٿا ۽ جڏهن پهرين ڊيٽ مقرر ڪن ٿا ته اتي پهچڻ کان پوءِ کين خبر پوي ٿي ته اهي ٻئي حقيقي زندگيءَ ۾ زال مڙس آهن. رحمت الله ماڃوٺي سنڌي ادب ۾ مزاح نگاريءَ جي حوالي سان سڃاڻپ رکي ٿو، هن مجموعي ۾ سندس 18 ڪهاڻيون شامل ڪيون ويون آهن. سندس ڪهاڻين ۾ ابت ڏنگڻي، کريل گهڙيال، ليڪا ۽ ٻيون پڙهڻ وٽان آهن. محمد انور بلوچ جي ٻن ڪتابن “سنگسار” ۽ “ڪپيل هٿ” جو گڏيل ڇاپو “ڪهاڻيون ئي ڪهاڻيون” جي نالي سان شايع ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سندس چاليهن کان مٿي ڪهاڻيون شامل آهن. نئون اڀري آيل ڪهاڻيڪار عبدالسلام ٿهيم “اوسيئڙي ۾ جڙيل آس” ڪتاب کڻي ڪهاڻي کيتر ۾ پنهنجا پير کوڙيا آهن. مهاڳ ۾ ناليواري ڪهاڻيڪار صديق منڱيي سندس ڪهاڻي اوندهه کي نجم عباسيءَ جي ڪهاڻي “ڇوڏو” جو تسلسل سڏيو آهي ۽ اڳتي وڌاءُ ڪندي سنڌ جي ناليوارن ڪهاڻيڪارن ۽ سندس ڪهاڻين تي ٻين جي اثر جا حوالا ڏنا آهن، پر دراصل ٿهيم جي اها ڪهاڻي بلڪل الڳ ٿيم رکي ٿي، جنهن ۾ هڪ نوجوان جيڪو ڪنهن سماجي تنظيم ۾ ڪم ڪري ٿو اهو پنهنجي گهر ۾ بيٺل وڻ ان ڪري ڪٽڻ نٿو ڏئي جيئن ان وڻ جي ڪري ماحول ۾ تازگي رهي ۽ وڻ سان لاڳاپيل يادن جو تاثر قائم رهي، پر ڪجهه عرصو نوڪري جي ڪري ٻاهر رهڻ کان پوءِ هو جڏهن واپس اچي ٿو ته ان وڻ سان سڳا ڌاڳا ٻڌل ڏسي، انڌي عقيدي پرستي بابت معلوم ٿئيس ٿو. ان ۾ عبدالسلام ان جملي جو وڌاءُ ڪيو ته ڪجهه ماڻهن ان وڻ جا ڇوڏا پڻ استعمال ڪيا پئي. ڇا جنهن لفظ جو استعمال سنڌي ڪهاڻي ۾ هڪ ڀيرو ٿيو اهو ٻيهر استعمال ڪرڻ نقل ڪرڻ يا اثر قبولڻ جي کاتي ۾ رکڻ گهرجي؟
    سال 2014ع ۾ سترنهن ڪهاڻي ڪتاب شايع ٿيا، جن ۾ سراج جو ڪليات “درد ڪهاڻيون”، نورالهدى شاهه جو ڪليات “ڪيڏارو”، فاطمه ڀرڳڙيءَ جو “احساس جا رنگ”، رضوان گل جو“سپنن جو انت”، ماڻڪ ڪنگراڻي جو “ستين آسمان جا فرشتا” اختر ملاح جو “نئون جهان جوڙجي”، عابدهه گهانگهرو جو “تخليق جو انت” پرويز جو “اکين ۾ رهجي ويل عڪس” ۽ عباس ڪوريجي جو “پنهنجي ڌرتي” سرفهرست آهن. رضوان گل جي ڪتاب جي باري ۾ محمد سليمان وساڻ لکي ٿو ته “سندس ڪهاڻي بت بڻجي ويل شخص سوشل ميڊيا جي اصلي تصوير پيش ڪري ٿي، جتي ڪو بيوقوف بڻجي ٿو، ڪو احساس تي وار ڪري ٿو ته وري ڪو پاڻ کي مصروف رکڻ لاء ٻئي کي الجهايو ويٺو آهي. سندس ڪهاڻي ڇولين جو ماتم پڙهندي مونکي اڄوڪي دؤر جا مطلب پرست انسان ياد اچي ويا جيڪي لالچ جي انڌ ۾ اچي ڪنهن جي به اعتماد کي سولائيء سان ٺيس پهچائي سگهن ٿا. سندس ڪهاڻي سپنن جو انت ڪراچي جي موجوده حالتن جي صحيح عڪاسي ڪري ٿي، جتي روزانو ڪيترن ئي نوجوانن جي سپنن جو انت سندن زندگيء جي انت سان گڏ دفن ٿي وڃي ٿو. سندس ڪهاڻي پروفيسر اهڙي مطلب پرست ڀاءُ جي آهي جيڪو پنهنجي خوشين ۽ مجبورين عيوض رشتن جي تقدس کي به وساري ويهي ٿو. سندس ڪهاڻي منهنجو ارسلان پڙهندي لڳو ته ڄڻ مان ڪجهه وڃائي رهيو آهيان ۽ ڪهاڻي جي ڪردار ۾ گم ٿي ويس.”
    سنڌي ادب ۾ عجيب ٽرينڊ اچي ويو آهي هر ليکڪ چاهي ٿو ته ان جو نالو شاعرن ۾ به هجي ته ڪهاڻيڪارن ۾ به لکيو وڃي، مضمون نويسن ۾ به شامل هجي ته نقاد به تسليم ڪيو وڃي، محقق هجڻ ته حق آهي پر تاريخ نويس ۽ لغت نويس پڻ ڳڻيو وڃي ۽ ها اهي سڀ لقب عظيم پڻ تصور ڪيا وڃن. اهڙي روش جي ڪري سنڌي ادب ۾ تعداد جو اضافو ضرور ٿيو آهي پر معيار جو نه.
    فاطمه ڀرڳڙي جي سنڌي اردو ڪهاڻين، ساروڻين ۽ ڪالمن تي مشتمل ڪتاب “احساس جا رنگ” رنگ برنگي آرٽ ڪور سان شايع ٿيو، فاطمه ڀرڳڙي عورت ليکڪائن جي سٿ ۾ هڪ خوبصورت اضافو آهي، سندس ڪهاڻين، ڪالمن توڙي ساروڻين کي ايڊٽ ٿيڻ يا ڪرڻ جي گهرج هئي، ڪتاب اندر پروف جون بيشمار غلطيون رهجي ويون آهن، فاطمه جي ٻولي توڙي گرامر تي اردوءَ جو اثر آهي، جيڪو واحد جمع ڪرڻ وقت ظاهر ٿئي ٿو. هن جي اسلوب جي خاص سڃاڻپ سادو مثبت اندازِ بيان آهي، جنهن ۾ اڪثر جڳهين تي مزاح کي ڪتب آڻيندي پلاٽ کي خوبصورت بڻايو ويو آهي. عباس ڪوريجي جو ٻيو ڪهاڻي ڪتاب “پنهنجي ڌرتي” شايع ٿيو، جنهن ۾ روايتي مختصر ڪهاڻي سان گڏ، فليش فڪشن اسٽوري جا ڪجهه فارميٽ ڏنا ويا آهن، هن مجموعي ۾ پهريون ڀيرو موضوعاتي لحاظ کان الڳ ڪري تعليمي ڪهاڻيون ڏنيون ويون آهن. هن ڪتاب جو مهاڳ ڊاڪٽر فگار هڪڙي لکيو آهي. ماڻڪ ڪنگراڻيءَ جو ٻيو ڪهاڻي ڪتاب “ستين آسمان جا فرشتا ” ڇپيو. هن سال انڊيا اندر گوپ گولاڻيءَ جو “ آشيرواد”، لڪشمڻ ديو بجلاڻيءَ جو “ڪال گرل” ۽ “لکمي کلاڻيءَ جون چونڊ ڪهاڻيون” ڪتاب شايع ٿيا.
    مجموعي طور سنڌي ڪهاڻيءَ جا مٿي ذڪر ڪيل پندرنهن سال جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جو اثاثو آهن، جتي سنڌي ڪهاڻيءَ جي تسلسل کي برقرار رکندي ڪهاڻيءَ جي فني توڙي هيئتي انداز ۾ نوان تجربا ڪيا ويا آهن، سنڌي ڪهاڻي پنهنجي ڀرپور جوڀن سان لکي، پڙهي ۽ ڇپي وڃي ٿي، اڄ ڀي جيڪڏهن ڪو سنڌي ڪهاڻي مري چڪي آهي وارو رينگٽ چوري ته ان کي جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جي ان عرصي جي تاريخ جو مطالعو ضرور ڪرڻ گهرجي. سنڌي ڪهاڻي جي مستقبل بابت امر جليل لکي ٿو ته:
    “ڪهاڻي ان ڏينهن پيدا ٿي، جنهن ڏينهن انسان پيدا ٿيو هو. ڪهاڻي ان ڏينهن پنهنجو پاڻ مري ويندي، جنهن ڏينهن دنيا جو آخري ماڻهو مري ويندو......جيستائين هڪ به سنڌي جيئرو آهي پوءِ ڀلي کڻي هو اصلوڪو سنڌي هجي يا نووارد سنڌي هجي، سنڌي ڪهاڻي جيئري رهندي. ڇو جو ڪهاڻي ڪميونيڪيشن آهي ۽ ڪميونيڪيشن هر انسان جي ضرورت آهي، ڪهاڻي هنر آهي ۽ هنر ڪنهن به صورت ۾ جاري رهندو آهي.....اسين مري وينداسين، سنڌي ڪهاڻي نه مرندي!”
    بينجيمن فرينڪلن چيو هو: “ توهان جيڪڏهن هميشه امر رهڻ گهرو ٿا ته ڪجهه اهڙو ڪريو جو دنيا توهان تي لکي يا اهڙو ڪجهه لکو جو دنيا توهان کي پڙهي.”


    • نتيجا

    • جديد ڪهاڻي ارڙهين صديءَ جي آخر ۾ يورپ ۾ آيل صنعتي انقلاب کان پوءِ ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي واري اصول تحت ناول مان ڦٽي نڪتي، جنهن کان پوءِ اها دنيا جي مڙني ٻولين ۾ لکجڻ لڳي. ان جي اختصار ۽ ٻين فني خوبين جي ڪري اها تيزيءَ سان مقبول ٿيڻ لڳي، ناول جيان ان جا فني پاسا پڻ ساڳيا آهن پر فقط تاثر جي وحدت ۽ اختصار ان جون انفرادي فني خوبيون آهن.
    • سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪهاڻي باقاعدي 1914ع کان لکجڻ شروع ٿي، پهرين جديد سنڌي ڪهاڻي امر لعل هنڱوراڻي جي ڪهاڻي “حُرَ مُکيءَ جا” کي تسليم ڪيو وڃي ٿو.
    • ورهاڱي کان اڳ وارو دؤر 1940ع تائين سنڌي ڪهاڻيءَ جو ابتدائي دؤر آهي، 1940ع کان 1947ع تائين جي ڪهاڻيءَ ۾ آزاديءَ جي تحريڪ ۽ انگريز گورن خلاف بغاوت ۽ نعريبازي واري ڪهاڻي ملي ٿي.
    • 1955ع کان 1975ع کي سنڌي ڪهاڻيءَ جو سونهري دؤر چئي سگهجي ٿو، هن دؤر جي ڪهاڻي اڄ ڀي مقبول آهي ۽ شوق سان پڙهي وڃي ٿي، هن دؤر جا ڪهاڻيڪار اڄ ڀي سنڌي ڪهاڻي جا معتبر نالا آهن.
    • سنڌي ڪهاڻي هر دؤر ۾ سنڌ جي زرعي سماج اندر زميندار يا وڏيري جي ظلمن کي نروار ڪندي ننديو آهي. اها سنڌي ڪهاڻي ئي آهي، جنهن زميندارن جي نجي جيلن، هارين سان غير انساني سلوڪ، ڳوٺن جي پوئتي ڌڪيل معاشري، ۽ مانيءَ يا اجهي لاءِ پريشان ويچاري هاريءَ جو ننگ به سلامت نه رهڻ جهڙن موضوعن کي پنهنجي اندر ۾ جاءِ ڏئي، انهن جي حل لاءِ ڪوشش ورتي. اها سنڌي ڪهاڻي ئي آهي، جنهن سنڌي سماج ۾ زوري پيوند ڪيل ڪارو ڪاري رسم، ڪجهه گهراڻن ۾ ٿيندڙ ملڪيت ڦٻائڻ جي چڪرن ۾ نياڻين جون قرآن سان شاديون، حويلين ۾ قيد سيد زادين، ۽ ننڍي عمر جي شادين سميت ڪيترن ئي ٻين سماجي مسئلن تي آواز اٿاريو. اها سنڌي ڪهاڻي ئي آهي، جنهن پير پرستيءَ، مُلن ۽ ڀوپن جي تعويذ سڳن، انڌن عقيدن جي تقليد، ۽ ٻين اهڙن ڪيترين ئي جهالت وارين رسمن خلاف پنهنجو پيغام پيش ڪيو. اها سنڌي ڪهاڻي ئي آهي، جنهن عالمي طور اڀريل سڀني مثبت فڪري لاڙن کي سنڌي سماج اندر پيوند ڪيو، ترقي پسند سوچ پيدا ڪئي، مزاحمت جو جذبو اڀاريو ۽ سنڌي سماج اندر نئين جوڙجڪ جو بنياد پڻ وڌو.
    • سال 2000ع کان 2014ع تائين 219 کان مٿي ڪهاڻي ڪتاب پهريون دفعو ڇپيا، جيڪو هڪ واضح اشارو آهي ته سنڌي ڪهاڻي پنهنجو سفر تيزيءَ سان جاري رکيون پئي اچي.
    • نسيم کرل، سراج الحق ميمڻ، رسول بخش پليجي، مدد علي سنڌي، نورالهدى شاهه، ماڻڪ، غلام رباني آگري ۽ قمر شهباز جا ڪليات ڇپيا.
    • امر جليل ۽ سليم چنا جا نوَ نوَ ڪهاڻي ڪتاب ان عرصي ۾ ڇپيا.
    • سال 2005ع ۾ 26 ڪهاڻي ڪتاب ڇپيا، جيڪو ان عرصي جو وڌ کان وڌ ڪهاڻي ڪتاب ڏيندڙ سال آهي.
    • ڪنول پبليڪيشن ويهن تائين ڪهاڻي ڪتاب ڏئي، وڌ کان وڌ ڪهاڻي ڪتاب ڇپائيندڙ اداري جو اعزاز حاصل ڪيو آهي.
    • مجموعي طور هر مهيني هڪ ڪهاڻي ڪتاب مارڪيٽ ۾ ڇپجي آيو ۽ هر سال 14 ڪتاب شايع ٿيا.
    • ڇپيل مجموعن ۾ 85 سيڪڙو نوان ڪهاڻيڪار آهن.
    • پراڻن ڪهاڻيڪارن جي نين ڪهاڻين جو ڪوبه مجموعو پڌرو نه ٿيو، سندن پراڻيون ڪهاڻيون سهيڙي ڇپرايون ويون آهن.
    • ڪاوش گروپ پاران ڪهاڻي تي 3 ڪتاب ڏنا ويا، جيڪي سيد زوار نقوي مرتب ڪيا، جنهن ۾ سينيئر ڪهاڻيڪارن کان نيون ڪهاڻيون لکرايون ويون.
    • امر جليل جي ڪالمن، ڪالم ڪهاڻين، مختصر ڪهاڻين جي ڪتابن کي ڀرپور موٽ ملي، ڪجهه ڪتابن جا ٽي ٽي ايڊيشن پڻ آيا.
    • ڪهاڻي جي فارميٽ ۾ ننڍڙي ڪهاڻي (فليش فڪشن) لکي وئي، جنهن جا الڳ مجموعا ڇپرايا ويا، تن ۾ منظور ڪوهيار، سليم چنا، عباس سارنگ ۽ عزيز قاسماڻيءَ جا مجموعا شامل آهن.
    • سينيئر ليکڪن مان امر جليل، رسول ميمڻ، حميد سنڌي، شوڪت حسين شورو، پير عبيد راشدي ۽ منظور ڪوهيار جا ڪهاڻي ڪتاب ڇپجندا رهيا.
    • هن عرصي ۾ جن عورت ڪهاڻيڪارائن جا مجموعا ڇپيا تن جو تعداد پندرنهن کان ڀي مٿي آهي، جيڪو مجموعي تعداد جو ست سيڪڙو آهي. انهن عورت ڪهاڻيڪارائن ۾ شبانه سنڌي، نسرين سيد، صنوبر سيد، ساجدهه جبين، فهميدهه حسين، ڪويتا انيل سکيجا، ريٽا شاهاڻي، ثريه سرهاڻ سومرو، اندرا پوناوالا شبنم، تهمينه مفتي، شگفته جبين، نسيم ٿيٻو، ناياب کوکر، نورالهدى شاهه، فاطمه ڀرڳڙي، عابدهه گهانگهرو ۽ ٻيون شامل آهن.
    • ان عرصي ۾ مختلف رسالن ڪهاڻي نمبر پڻ ڪڍيا ۽ ڪهاڻي ڪانفرنسون پڻ ڪوٺايون ويون.
    • سنڌي ڪهاڻي تعداد جي لحاظ کان تمام گهڻي ڇپي آهي، پر معيار جي کوٽ نظراچي ٿي.
    • معياري سنڌي ڪهاڻي لاءِ ڪهاڻي جي فن بابت ڪلاسن جي سخت ضرورت آهي.
    • سنڌي ڪهاڻي کي عالمي ليول تي آڻڻ لاءِ نون فارميٽس کي ترويج ڏيڻ لاءِ عملي اپاءَ ورتاءَ وڃن.
    • سنڌي ڪهاڻيءَ جي سينيئر ليکڪن کان هڪ دفعو ٻيهر نيون ڪهاڻيون لکرايون وڃن.
    • هن عرصي دؤران جديد سنڌي ڪهاڻيءَ بابت انگ اکر ڪنهن به ادبي تاريخ ۾ شامل ناهن، ان لاءِ پڻ ڪوشش ڪئي وڃي.
    • جديد سنڌي ڪهاڻي، هن عرصي ۾ ڪيترائي نوان فني توڙي موضوعاتي تجربا ڪيا آهن، انهن تي تحقيق ۽ تنقيد جي اشد ضرورت آهي.
    • ڪهاڻيءَ کي جيترو سهل سمجهي پيش ڪيو وڃي ٿو، اوترو بلڪل ناهي، لکندڙ جي ذهن ۾ ڪهاڻيءَ سان لاڳاپيل صنفن جي فرق جي معلومات لازمي هجڻ گهرجي. ڇو ته ڪيترن ئي صاحبِ ڪتاب لکيڪن کي خبر ئي ناهي ته هو ڇا لکي رهيا آهن.
    • سنڌي ڪهاڻي نه مئي آهي ۽ نه ئي ڪوما ۾ آهي، سنڌي ڪهاڻيءَ آزاد فضا ۾ ساهه کڻڻ ڇڏي ڏنو هو، جيڪو هاڻي بحال ٿي رهيو آهي.
    • ڪهاڻيءَ کي وڌيڪ نکارڻ جي ضرورت آهي، ان لاءِ ادبي ادارن کي ڪم جي ضرورت آهي.
    • پراميد آهيان ته انهن ڪجهه تجزين ۽ راين کي نظر ۾ رکي جيڪڏهن سنڌي ڪهاڻيءَ جي سڌاري لاءِ ڪوششون ورتيون ويون ته سنڌي ڪهاڻي عالمي مقابلي لاءِ اٿي کڙي ٿيندي.


    • ببليوگرافي

    1. الانا غلام علي ڊاڪٽر، سنڌي نثر جي تاريخ، سنڌي ساهت گهر، 1999ع
    2. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، سنڌي لئينگئيج اٿارٽيءَ جي ويب سائيٽ
    3. انصاري اسحاق، سنڌي ڪهاڻي، ثقافت کاتو حڪومتِ سنڌ، 2012ع
    4. انصاري اشتياق، انيس انصاري: فن ۽ شخصيت، انيس انصاري اڪيڊمي، 2008ع
    5. انور جمال پروفيسر، ادبي اصطلاحات، نيشنل بوڪ فائونڊيشن، 2014ع
    6. بلوچ تاج، جديد ادب جو تجزيو، سوجهرو پبليڪيشن، 2014ع
    7. بلوچ نبي بخش ڊاڪٽر، سنڌي لوڪ ڪهاڻيون، جلد پهريون، سنڌي ادبي بورڊ، 2014ع
    8. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، هڪ جلدي سنڌي لغت، سنڌي لئنگويج اٿارٽي، 2006ع
    9. جتوئي ادريس، جمال ابڙو ۽ جديد سنڌي ڪهاڻي، ڪويتا پبليڪيشن، 2005ع
    10. جليل امر، لهندڙ سج جي لام، ڪاڇو پبليڪيشن، 2010ع
    11. جوڻيجو تنوير، عيبن هاڻي، نيو فيلڊس پبليڪيشنس، 1982ع
    12. جوڻيجو فيض، ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ناول، 1995ع
    13. جوڻيجوعبدالجبارڊاڪٽر، سنڌي ادب جي تاريخ ڀاڱو ٽيون، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي
    14. چانڊيو جامي، افسانوي ۽ فڪري ادب، سنڌيڪا اڪيڊمي 2007ع
    15. چانڊيوامير علي، ڪهاڻي ۽ ان جا ترڪيبي جزا، سنگت ڪهاڻي نمبر
    16. ڇهه ماهي سنڌي ادب، جلد 9، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، 1985ع
    17. سال 2000ع کان 2014ع تائين جائزي هيٺ آيل اڪثر ڪتاب
    18. سليم چنا، روشني، سليم چنا اشاعت گهر، 1997ع
    19. سهتو، عبدالوهاب، انجنيئر، موزون آکاڻين ذريعي جڙيل پهاڪا ۽ چوڻيون، سنڌي ساهت گهر، 2004ع
    20. عباسي نجم، ڪهاڻيءَ جو قافلو، نيو فيلڊس پبليڪيشن، 1986ع
    21. عرساڻي شمس الدين، ورهاڱي کان پوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، 1985ع
    22. عرساڻي، محمد اسماعيل، چار مقالا، سنڌي ادبي بورڊ، 2005ع
    23. فگار هڪڙو انور ڊاڪٽر، شڪارپور شهر جو سنڌي ادب ۾ حصو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌيالاجي ڄام شورو، 2009ع
    24. فهميدهه حسين ڊاڪٽر، مضمون: سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ عورت جو روپ، ڪلاچي ريسرچ جرنل، مئي 2007ع
    25. ڪوهيار منظور، ڀونئرن جي انتظار ۾، ڪنول پبليڪيشن قنبر، 2007ع
    26. گوگل سرچ انجڻ ذريعي مليل ويب سائيٽس
    27. لڇاڻي جڳديش، سنڌي ڪهاڻيءَ جي اوسر، سنڌي ساهت گهر، 1985ع
    28. لغاري اڪبر، سنڌي ادب جو مختصر جائزو، روشني پبليڪيشن، 2008ع
    29. مظهرالاسلام، گهوڙون ڪي شهر ۾ اڪيلا آدمي، سنگ ميل پبليڪيشن، 2006ع
    30. ملڪاڻي منگهارام، سنڌي نثر جي تاريخ، سنڌي ساهت گهر، 2007ع
    31. نظاماڻي رئوف، جديد سنڌي ڪهاڻي، انڊس پبلشرس، 2003ع


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1259607
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386666
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ