ڪتاب جو نالو: واءُ وکيريا خيال
مصنف: رياضت ٻرڙو
ڇپائيندڙ: ڏاهپ پبليـڪيـشن
ڪيٽيگري: مختلف موضوع
شايع ٿيڻ جو سال: 2012
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 28 مئي 2016 ع
پڙهيو ويو: 379 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 160 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب ناليواري شاعر، ليکڪ ۽ پبلشر رياضت ٻرڙي جي لکيل ريڊيو اسڪرپٽس تي مشتمل آهي. هي ڪتاب تفريحي تحرير سان گڏ معلومات سان به ڀرپور آهي. گلابي ٻوليءَ سان گڏوگڏ تحريرن ۾ تحقيق وارو پهلُو به نمايان نظر اچي ٿو.
رياضت ٻرڙي جو هي ڪتاب انتهائي معياري ۽ لاجواب آهي جنهن ۾ ٻوليءَ جي معيار ۽ ريڊيو جي فني ۽ فڪري گھرجن کي به پورو ڪيو ويو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • • سنڌ سلامت پاران
  • • ارپنا
  • • تحفي جهڙو ڪتاب
  • • مهاڳ : وکريل خيالن جي سهيڙ
  • • ڪونجڻين ڪڻڪار
  • • قلم قبيلي جو برجستو ڪوي
  • • وکيريل ۽ سهيڙيل خيال
  • اسڪرپٽ

  • 1. ڳالهه آهي زندگيءَ جي
  • 2. دردُ زنده رکندو آهي....
  • 3. نيڻَ اُڻن ٿا خواب
  • 4. اکين جو سمنڊ اڻ جھل آهي
  • 5. لُڙڪَ ۽ مُرڪَ
  • 6. لاڙڪاڻو حاڪماڻو
  • 7. ڳالهه چڱي ڪجي...
  • 8. آءٌ انهيءَ جي پيرَ پڻِي
  • 9. شوڪيس ۾ درد رکيل آهن
  • 10. سُڪي ئي نه ٿو پورهيتن جو پگھر
  • 11. جِيجل منهنجو جيئاپو
  • 12. جي تو وٽ ڪوئِي گيت نه
  • 13. تون ئي آهين، جنهن سان مان آهيان
  • 14. محبوب بنا وقتُ ڪا حيثيت نه ٿو رکي
  • 15. ميلاپ کان وڌ وڇوڙو آهي
  • 16. اکين کي به دل جي سفارش ٿِي ماري
  • 17. جهڙا گل گلاب جا، تهڙا مٿن ويس
  • 18. نُوريءَ ڪيو ناز
  • 19. سَرها ٿيا سنگهار
  • 20. ڳَر لڳِي ڳالهيون ڪيان
  • 21. ٻاري ڏيئا اکـڙين ۾
  • 22. آزادي ۽ غلامي
  • 23. سچن ماڻهن کي هارائڻ ممڪن ناهي
  • 24. عيد مبارڪ
  • 25. سَکِي! هوا ۾ هڳاءُ آهي
  • 26. ڏيئا ٻاري ٿِي دلڙي
  • 27. وِڄُون وَسڻ آئِيُون
  • 28. ٻولُ مَ وساريج
  • 29. اداسي ۾ تنهنجُون چٺيُون آيتن جان
  • 30. عزمَ عظيم جون عيدون اينديون
  • 31. سنڌيت جو روپ ۽ رنگ
  • 32. منهنجي جنگِ يزيدي ڪردار سان آهي
  • 33. ديس سُتو، دل وارا جاڳيا
  • 34. وچن ويڙهيچن سِين

  • • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (55) واءُ وکيريا خيال اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ناليواري شاعر، ليکڪ ۽ پبلشر رياضت ٻرڙي جي لکيل ريڊيو اسڪرپٽس تي مشتمل آهي.

    هي ڪتاب 2012ع ۾ ڏاهپ پبليڪيشن، لاڙڪاڻو پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ويو هو. ٿورائتا آهيون پياري دوست رياضت ٻرڙي جا، جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلڻ سان گڏ ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    • ارپنا

    ارپيان ٿو:

    بابا سائين شوڪت علي ‘شوق’ لاهوتي ٻُرڙي کي.

    “لاهوتي شوڪت علي” جي نالي سان مشهور، بابا سائين قنبر جو هڪ پورهيت شخص هو، جنهن دينَ ۽ علم سان گھڻي پنهنجي لڳاءَ سبب هڪ تفصيلي ڪتاب “آزاد حقيقت” لکيو، جيڪو قلمي صورت ۾ موجود آهي. هن ٿوري شاعري به ڪئي، جنهن ۾ تخلص “شوق” ڪتب آندو. شوڪت علي ولد محمد عثمان ٻرڙو 1920ع ۾ قنبر ۾ پيدا ٿيو. سندس والد مولوي محمد عثمان پنهنجي دَور جي نمايان شخصيت هو، جنهن پڻ 6 ڪتاب لکيا. پنجن سالن جي عمر ۾ والد جي وفات ۽ غربت سبب بابا ابتدائي تعليم کان پوءِ ثانوي تعليم حاصل ڪري نه سگھيو ۽ پورهيو ڪري گذر سفر ڪرڻ لڳو. کيس لکڻ پڙهڻ جو بيحد شوق هو، جنهنڪري مطالعي سان پنهنجي دلچسپي برقرار رکيائين ۽ ڊاڪٽر محبت جي ورتل ڪتابن مان تاريخ ۽ مذهب سان واسطيدار انيڪ ڪتاب پڙهيائين. هن 29 نومبر 1963ع تي مٿي ڄاڻايل ڪتاب “آزاد حقيقت” لکڻ شروع ڪيو ۽ 11 فيبروري 1981ع تي لکي پورو ڪيو، جيڪو فل اسڪيپ سائيز جي 940 صفحن تي مشتمل آهي. ڪتاب جو موضوع مذهبي تاريخ آهي. ان ڪتاب جو هڪ نقل، ڊاڪٽر محبت جي هٿ اکرن ۾ پڻ لکيل آهي.
    هُو 1983ع ۾ ايم آر ڊي هلچل دوران، پنهنجي اولاد ڊاڪٽر محبت ۽ صحبت جي عيوضي ۾، ڪجھه وقت ضلعي لاڙڪاڻي جي مختلف ٿاڻن تي قيد پڻ رهيو. بابا کي اولاد ۾ پنج پٽ پيدا ٿيا: رستم علي ٻرڙو (تَرَ جو ناليرو فنڪار، بهترين اسٽيج اداڪار ۽ والي بال جو مشهور رانديگر آهي)، فتح علي ٻرڙو (بهترين ٽيلر ماسٽر آهي)، ڊاڪٽر محبت علي ٻرڙو (علمي، ادبي، سياسي ۽ سماجي شعبن ۾ مڃتا ماڻيائين)، صحبت علي ٻرڙو (سڄاڻ صحافي ۽ روزاني ‘جاڳو’ ڪراچي جو ايڊيٽر رهيو آهي ۽ هاڻ روزاني ‘سنڌ افيئرز’ جو ايڊيٽر آهي) ۽ رياضت علي ٻرڙو (ليکڪ).
    افسوس، ته مان صرف 17 ورهين جو هيس، جو بابا سائين وفات ڪري ويو. سندس وفات 1987ع ۾ قنبر ۾ ٿي. کيس عيد گاهه لڳ غريب آباد مُقام ۾ دفنايو ويو.

    رياضت ٻرڙو


    • تحفي جهڙو ڪتاب

    لفظ ڳالهائيندا آهن. لفظن کي پنهنجي صوتي تصوير ٿيندي آهي. لفظن کي پنهنجي شڪل ۽ صورت ٿيندي آهي. لفظ جڏهن اُچاريا وڃن ٿا، ڳالهايا وڃن ٿا ۽ خاص ڪري لفظ ريڊيو تي جڏهن ادا ڪيا وڃن ٿا ته انهن لفظن جو هڪ تاثير ۽ تاثر جُڙي ٿو. ميڊيا، خاص ڪري ريڊيو تي ڳالهائڻ لاءِ هڪڙا ضابطا، قاعدا مقرر ٿيل هوندا آهن ۽ ڪجهه پابنديون مڙهيل هونديون آهن جن مٿان عمل ۽ انهن جي پابندي هر حال ۽ هر صورت ۾ ڪرڻي پوندي آهي. ريڊيو جو موٽو يا هڪ طَيءِ ٿيل اصول آهي جنهن کي “قولو لِلناس حسنا” ڪوٺيون ٿا، جنهن جو مطلب آهي “سڀن سان سهڻي نموني سان ڳالهايو”. اهو ريڊيو پاڪستان جي مائيڪ تي ڳالهائڻ جو هڪ “منشور” آهي، هڪ ضابطهء اخلاق آهي، جنهن مٿان هر براڊڪاسٽر کي عمل ڪرڻ لازمي هوندو آهي. هونئن به اسان جڏهن ريڊيو تي ڪو پروگرام پيش ڪيون ٿا يا ميزبانيءَ جا فرض سرانجام ڏيون ٿا ته اسان کي ڪجهه ڳالهين جي هر حال ۾ پڪ ڪرڻي پوي ٿي ته اهي پروگرام ۾ شامل آهن يا نه؟ يا ايئن چوان ته اسان جي ريڊيو پروگرام جا اهي چند بنيادي مقصد هوندا آهن، جيڪي آهن:
    - اطلاع يا معلومات،
    - تعليم يا ترغيب، ۽
    - تفريح.
    ڇو ته اسان اهو ذهن ۾ رکون ٿا ته هڪ ٻڌندڙ هن مصروفيت ۽ هڻ هڻان، وٺ وٺان جي دَور ۾ جيڪڏهن اسان کي ڪلاڪ يا اڌ ڪلاڪ جو وقت ڏئي، نهايت توجهه سان پروگرام ٻڌي ٿو ته اسان تي لازم آهي ته ان جي وقت کي سجايو ڪيون ۽ موٽ ۾ اسان به ڪجهه ان جي دامن ۾ وجھون. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪيترا ئي براڊڪاسٽر گلابي ٻولي ڳالهائي، بي مقصد گفتگو ڪري پنهنجي اندر جي بڻاس ڪڍي وقت پورو ڪري هليا ويندا آهن. اهي ناڪام براڊڪاسٽر هوندا آهن. ڪامياب براڊڪاسٽر اهو آهي جيڪو ٻڌندڙ جي نبض تي هٿ رکي پروگرام پيش ڪري. موضوع جي حساب سان ان جو مسودو نهايت شاهوڪار هجي، معلومات ۽ تفريح سان مالامال ۽ ڀرپور هجي. سندس مسودو خالي لفاظي نه، پر حالات حاضره سان هم آهنگ هجي. مطلب ته سٺو براڊڪاسٽر پنهنجي ٻڌندڙ جي آڱر پڪڙي ان کي وقت سان گڏ گڏ وٺي هلڻ جي صلاحيت رکندو آهي.
    ريڊيو ڪمپيئرنگ کي ڪتابي صورت ۾ آڻي ان تحرير جو دائرو ٻڌندڙن کان وسيع ڪري پڙهندڙن تائين پهچائن جو رواج پراڻو ڪونهي. ان سلسلي ۾ ٻه چار ڪتاب ئي مارڪيٽ ۾ موجود آهن. اسان جي دوست، نوجوان قلمڪار ۽ ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي باصلاحيت ڪمپيئر رياضت ٻرڙي جي قلم مان سرجيل هي ڪتاب “واءُ وکيريا خيال” ريڊيو ڪمپيئرنگ تي مشتمل آهي. ڪتاب ۾ ڪيترن ئي موضوعن تي طبع آزمائي ڪري ان موضوع سان نڀائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. هي ڪتاب تفريحي تحرير سان گڏ معلومات سان به ڀرپور آهي. گلابي ٻوليءَ سان گڏوگڏ تحريرن ۾ تحقيق وارو پهلُو به نمايان نظر اچي ٿو. حالات حاضره سان تعلق رکندڙ موضوعن کي به ڪتاب ۾ پڙهي سگھجي ٿو ته تمام خوبصورت شاعريءَ جي چونڊ به ملي ٿي. مان دعوى سان چوان ٿو ته عام پڙهندڙ ۽ خاص ڪري ميڊيا جي مختلف چينلن سان لاڳاپيل ماڻهن لاءِ هي ڪتاب ڪنهن تحفي کان گهٽ ڪونهي.
    اڄ ڪلهه جڏهن خاص ڪري پرائيويٽ آڊيو ۽ وڊيو چينل سنڌي ٻوليءَ سان جيڪا جُٺ ڪري رهيا آهن ۽ ان جو بگاڙ ڪري رهيا آهن، ان عالم ۾ رياضت ٻرڙي جو هي ڪتاب انتهائي معياري ۽ لاجواب آهي جنهن ۾ ٻوليءَ جي معيار ۽ ريڊيو جي فني ۽ فڪري گھرجن کي به پورو ڪيو ويو آهي. ريڊيو، خاص ڪري ريڊيو پاڪستان هڪ فيملي چينل آهي جيڪو گھرن ۾ والدين پنهنجي نياڻين سان گڏ به ٻڌن ٿا، ان ڪري ريڊيو پاڪستان جي پروگرامن ۾ ڳالهايل لفظن کان وٺي موسيقيءَ جي اسمن جي چونڊ نهايت خبرداريءَ سان، ذميداريءَ سان ڪئي وڃي ٿي. ريڊيو پروگرامن جي هڪ خوبي يا خاصيت اها به آهي ته پروگرام ۾ جيڪو ڪجھ ڳالهايو وڃي ٿو اهو لکيل صورت ۾ هوندو آهي ۽ پروڊيوسر جي نظرن مان به گذرندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو ريڊيو پاڪستان جي ڪنهن به اسٽيشن تان نشر ٿيندڙ پروگرام جو مسودو نهايت معياري هوندو آهي. ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو سنڌ جي ٻين ريڊيو اسٽيشنن کان ان لحاظ کان به ڪجهه منفرد آهي ته ان ۾ ڪم ڪندڙ ڪمپيئرن جي اڪثريت اديبن ۽ شاعرن جي آهي جيڪي ٻوليءَ جا ڄاڻو به آهن، ته لفظن جي صحيح استعمال جا ڪاريگر به. رياضت ٻرڙو به ان سٿ جو هڪ ساٿي آهي. مان کيس هن سٺي ۽ معياري ڪتاب آڻڻ تي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏيان ٿو.

    ڪوثر ٻرڙو
    اسٽيشن ڊئريڪٽر
    ريڊيو پاڪستان، لاڙڪاڻو


    • مهاڳ : وکريل خيالن جي سهيڙ

    انسان تبديلي ۽ تغير پسند آهي. هو سدائين ڪا نه ڪا نواڻ چاهي ٿو. جدت جو نئون جهان جوڙڻ جي اها جستجو ئي زندگي جي ارتقائي عمل جو دليل آهي، پر ان جو اهو مطلب هرگز نه آهي ته ماڻهو پنهنجي روايتن کان ناتو ٽوڙي ڇڏي. اها جدت جيڪا زندگيءَ جي بنيادي اصولن، رشتن، تعلقن، اخلاقي قدرن ۽ روايتن کي ڇيهو رسائي، ان کي جدت بدران جبر چوڻ کپي. اڄ جڏهن اسين سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري دور ۾ زنده آهيون ۽ شيون ڊجيٽلائيز ٿي چڪيون آهن. جڏهن اسين گلوبل وليج جي صحيح تصور کي سمجھڻ شروع ڪيو آهي ۽ سيل فون وسيلي جهڙوڪر دٻليءَ ۾ دنيا بند ڪري ڇڏي آهي، ته هاڻي احساس ٿئي ٿو ته ڪالهه جي ڀيٽ ۾ اڄ دنيا گھڻو تبديل ٿي چڪي آهي. جَڳُ انهن تبديلين جي مثبت اثرن تي سوچي ٿو پر ترقي پزير ملڪن ۾ انهن تبديلن جا به منفي اثر ظاهر ٿين ٿا. اصل ۾ هر تبديليءَ پٺيان متحرڪ هوندي آهي سوچ. اهڙي طرح شين جي منفي ۽ مثبت استعمال پٺيان به انساني سوچ ئي ڪم ڪري ٿي.
    سڄي دنيا ۾ هر شعبي اندر تبديليون اچي رهيون آهن، هڪڙيون تبديليون انقلابي ثابت ٿينديون آهن ته ٻيون وري پنهنجي اصل سان ڳنڍيل ۽ هڪ وک اڳتي وڌڻ جي روپ ۾ ظاهر ٿينديون آهن. ادب جي دنيا ۾ به گذريل ڪيترين صدين کان اهڙيون ڪيئي تبديليون رونما ٿيون آهن. اهي تبديليون ڪن ادبي تحريڪن جي صورت ۾ هجن يا فني، فڪري ۽ تخليقي لاڙن جي روپ ۾، پر ساهت جي سنسار ڪنهن نه ڪنهن طرح سان انهن جا اثر ضرور قبول ڪيا آهن. سنڌي ساهت به اهڙين ادبي تبديلن جي سدا آجيان ڪئي آهي.
    مان پنهنجي محدود مطالعي جي آڌار تي ڏٺو آهي ته سنڌي ادب جتي لوڪ ادب، اساسي شاعري، جديد شاعري ۽ افساني جي خزاني سان مالامال آهي، اُتي ڪيترين ئي ادبي صنفن ۽ موضوعن کي اڃا ڇهيو ئي نه ويو آهي. جيئن اسان وٽ تنقيد جو پاسو جهڙوڪر خالي آهي. ايئن انشائيو به نه ٿو لکيو وڃي، ڪالم لکجن ته جام ٿا پر ڪالمن جا ڇپيل مجموعا آڱرين تي ڳڻڻ جيترا آهن. ساڳيو حال مضمونن جي ڪتابن جو آهي. دراصل منهنجو انهن موضوعن تي ڪتابن جي اڻاٺ ڏانهن اشارو ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته ڪنهن به ٻوليءَ جي علمي ۽ ادبي سرمايي جي ڪٿ لاءِ ڪتاب ئي بنيادي سورس مٽيريل ٿئي ٿو. ۽ هونءَ به ڪنهن به ليکڪ جي علمي ۽ ادبي شناخت جو سگھارو حوالو ڪتاب ئي ٿئي ٿو، جنهن ۾ سندس سالن جو پورهيو هڪ ئي هنڌ گڏيل طور مطالعي لاءِ ميسر هجي ٿو ۽ انهي بنياد تي سندس تحرير ۽ فڪر جو اڀياس ممڪن ٿئي ٿو.
    جيئن مون اڳ ۾ ذڪر ڪيو ته سنڌي ٻوليءَ ۾ برجستن ڪالم نگارن ۽ بهترين مضمون نويسن جي ڪائي ڪمي نه آهي، پر سندن ٽڙيل پکڙيل مواد سهيڙجي پڙهندڙن جي سامهون نه اچڻ سبب سنڌي ادب جي هڪ باب تي ٻاٽ جو پردو چڙهيل محسوس ٿئي ٿو ۽ جڏهن ان ٻاٽ ۾ ڪا ننڍڙي لاٽ به ٻري ٿي ته اندر ۾ اطمينان جي سَهائي جو ساهس پيدا ٿئي ٿو. خوبصورت ليکڪ رياضت ٻرڙي جو هي ڪتاب “واءُ وکيريا خيال”، جيڪو هن وقت اوهان جي هٿن ۾ آهي، اِهو به مون کي ڪنهن اهڙي ئي لاٽ وانگر محسوس ٿئي ٿو. جيتوڻيڪ هي ڪتابُ نه ته مڪمل طور مضمونن جو آهي ۽ نه ئي وري سڄو سارو ڪالمن جو، پر تنهن جي باوجود هن ڪتاب ۾ اوهان کي ڪٿي ڪنهن مضمون وارو لطف ايندو ته ڪٿي ڪنهن سهڻي ڪالم جو چَسُ. حقيقت ۾ مان رياضت جي هن ڪتاب کي انهيءَ تغير پسندي جي پس منظر ۾ ڏسان ٿو، جنهن جو هن کان اڳ ۾ آئون ذڪر ڪري آيو آهيان.
    رياضت ٻرڙي جو هي ڪتاب “واءُ وکيريا خيال” ريڊيو اسڪرپٽس تي مشتمل آهي، جنهن ۾ هن انيڪ انڊلٺي موضوعن کي يڪجا ڪيو آهي. اهو هڪ انوکو تجربو ضرور آهي، پر اهو سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪو پهريون تجربو به نه آهي، ڇو ته ٻه سال اڳ رياضت جي ئي ذات ڀائي مشهور براڊڪاسٽر ۽ ليکڪ ڪوثر ٻرڙي جو انهيءَ نوعيت جو هڪڙو ڪتاب “اڏاڻا احساس” منظرِ عام تي اچي چڪو آهي. هتي ٻنهي ٻرڙن جي ڪتابن جي ڀيٽا ڪرڻ مقصد نه آهي، البته ايترو چوڻ مناسب ٿو لڳي ته ٻنهي ڪتابن ۾ جدا جدا رنگ ۽ الڳ الڳ هڳاءَ آهن.
    رياضت، هونءَ ته منهنجي دل جي ويجھو رهندڙ دوستن مان هڪ آهي ۽ اسين ڌرتتين ۽ چانڊوڪين ۾ گڏ گھميا آهيون. ڪينجھر جي ڪناري کان گورک جي چوٽيءَ تائين سدا سنگ سنگ رهيا آهيون، پر مان هُن جي تخليقي جهان کي هميشه جدارو محسوس ڪيو آهي. مون کي هُن جون تخليقون به هُن جي مزاج وانگر لڳنديون آهن ۽ هن جو مزاج سنڌوءَ وانگر. سنڌو جيڪو ڇُلي ته بيابان به سيراب ڪري ڇڏي، نه ته ماٺار ۾ وهندو ئي وڃي. رياضت به ايئن ئي ماٺار ۾ به وهندو رهندو آهي. ڇُلي پوي ته ڪارنامن جهڙا ڪم ڪندو. “قنبر ــ هڪ اڀياس” هن جو اهڙو ئي هڪ ڪارنامو آهي. ڪجهه سال اڳ چيائين ته شاعريءَ جو ديوان آڻڻو آهي. ان ڪري روزانو هڪ ٻه غزل لکان ٿو. چيومانس، “يار اهو وري ڪيئن؟” چيائين، “ائين ئي ڪم ٿيندو.” سال کن ۾ “ديوانِ رياضت” پڌرو ٿيو، پر سندس من جي سنڌوءَ کي ماٺار نه آئي. قلم کي دل جو لهو ڏيندو رهيو ۽ تخليق جو سفر جاري رهيو. مون کي لڳندو آهي ته رياضتُ، جيمز رسل جي ان اصول تي ڪاربند آهي ته “ذاتي پريشانيءَ کي دور ڪرڻ جو سولو طريقو اهو آهي، ته ماڻهو پاڻ کي ڪنهن تعميري ۽ مفيد ڪم ۾ مشغول رکي.” مون کيس ائين ئي سدا مصروف ڏٺو آهي. زندگيءَ جي اذيتن ۽ تڪليفن مان گذرندي به هو پنهنجي ڪم ۽ پنهنجي ڌن ۾ مصروف هوندو آهي. اسين رياضت کي چوندا آهيون “يار تون ماڻهو آهين يا مشين؟” سدائين مرڪي چوندو آهي “وقت نه وڃائڻ کپي، نه ته وقت ماڻهوءَ کي وڃائي ڇڏيندو آهي.” اسين وقت جي وهڪري ۾ وڃايل ماڻهو رياضت کان وقت جي رفتار سان هلڻ جو ڍنگ اڃا نه سکي سگھيا آهيون. ساروڪن چيو هو ته “زندگيءَ جي ڊگهي سفر ۾، مون کي فقط ٽي شيون هٿ آيون آهن. اِهي ٽي املهه شيون سدائين مون سان گڏ رهنديون: پهريون ته منهنجو هيءُ عقيدو آهي ته زندگيءَ ۾ ڀل ته ڪيتريون ئي تڪليفون ۽ ڪيترائي ڪَشٽ اچن، پر زندگي تڏهن به بيحد سُندر ۽ بيحد حيرت انگيز چيز آهي؛ ٻيو ته پنهنجو فرض سڃاڻڻ ۽ ان کي نباهڻ، زندگيءَ کي سُکي ٿو بنائي؛ ۽ جيڪا ٽين ڳالهه مون سِکي آهي سا هيءَ آهي ته ظلم، نفرت، تشدد ۽ بي انصافيءَ سان دنيا ۾ ڪڏهن به روحاني، اخلاقي يا مادي خوشحالي ڪانه آڻي سگهبي: سُک ڏانهن صرف هڪ ئي شاهي واٽَ آهي - پيار جي!” رياضت مون کي سدائين ساروڪن جي انهن ئي حسين خيالن جو مظهر محسوس ٿيندو آهي.
    هڪ تخليقڪار جتي به هجي پر ان تخليقي جوهر سان ضرور سلهاڙيل رهي ٿو، جنهن سان سندس وجود روشن هجي ٿو. رياضت هونءَ ته فزڪس جو پروفيسر آهي پر سندس سڃاڻپ جو بنيادي ۽ سگھارو حوالو هڪ تخليقڪار وارو ئي آهي، پوءِ اها تخليق تحقيقي ۽ سائنسي مضمونن جي صورت ۾ هجي، ڪهاڻي جي روپ ۾ هجي، شاعريءَ جي شڪل ۾ هجي يا وري ريڊيو اسڪرپٽس جي رنگ ۾. رياضت ٻرڙي ٻه سال اڳ جڏهن ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي ڪمپيئر طور ڪم شروع ڪيو ته ڪجھ هفتن بعد ئي هن مون کي چيو، “يار منهنجو ايندڙ ڪتاب ريڊيو اسڪرپٽس تي مشتمل هوندو.” چيم، “اسڪرپٽس ۾ اهڙيون ڪهڙيون ڳالهيون آهن، جن کي ڪتابي شڪل ڏجي؟” چيائين، “توهان منهنجا پروگرام ٻڌو.” مون ڪجھ پروگرام ٻڌا ته لڳو ته رياضت ريڊيو جي مائڪ تي به پنهنجي تخليقڪار واري سڃاڻپ ناهي وڃائي. جيتوڻيڪ مون کي ذاتي ڄاڻ آهي ته ڪجھ براڊڪاسٽرس کي تخليقڪار ڪمپيئر پسند نه هوندا آهن، پر تخليقڪار ماءُ جي روپ ۾ هجي يا ڪنهن ليکڪ جي شڪل ۾ منهنجي لاءِ سدائين عزت لائق رهيا آهن.
    ريڊيو تي سدائين هڪ وڏو بحث اهو رهيو آهي ته “ڪمپيئر کي ٻڌندڙ جي ذهني سطح تي اچي ڳالهائڻ کپي.” ان ڳالهه کي آئون هڪ حد تائين درست سمجھندو آهيان، يعني ڪمپيئر جو فرض آهي ته هو جيڪا ٻولي استعمال ڪري سا ٻڌندڙن کي آساني سان سمجھ ۾ اچي وڃي. باقي رهيو سوال ٻڌندڙن جي ذهني سطح تي اچڻ جو ته، پهريان ته ان ڳالهه جو اندازو لڳائڻ مشڪل آهي ته ريڊيو ڪهڙي ڪهڙي ذهني سطح جا ماڻهو ٻڌن ٿا. جيڪڏهن ان جو جواب اهي فرمائشي خط ۽ فونون آهن جيڪي گھڻو تڻو ٻهراڙين مان اچن ٿا، ته اهو به ڪو اطمينان بخش جواب نه آهي. انيڪ اهڙا به ٻڌندڙ هوندا آهن، جيڪي ڪڏهن به خط نه لکندا آهن، فون نه ڪندا آهن، تنهنڪري ٻڌندڙ جي ذهني سطح جو اندازو لڳائڻ مشڪل آهي. پر جيڪڏهن فرض ڪجي ته ريڊيو ٻڌندڙن جو هڪ وڏو انگ گھٽ پڙهيل، اڻ پڙهيل ۽ ٻهراڙي سان تعلق رکندڙن جو ئي آهي، ته ڇا ڪمپيئر کي فڪري طرح به انهن جي ئي ذهني سطح تي اچي ڳالهائڻ کپي؟ جيڪڏهن ريڊيو ڪمپيئر جو اهو ئي ڪم آهي، ته اهو ٻڌندڙ ته ڪوبه لاڀ حاصل نه ڪري سگھندو، جنهن جِي ريڊيو ٻڌڻ بعد به ذهني سطح ساڳي رهندي!
    ريڊيو جا ٽي بنيادي مقصد آهن. پهريون تعليم (Education)، ٻيو معلومات (Information) ۽ ٽيون تفريح (Entertainment). تفريح ڊرامن، لطيفن، خاڪن ۽ موسيقي وغيره وسيلي مهيا ڪئي ويندي آهي، جڏهن ته تعليم ۽ معلومات لاءِ ٻيا پروگرام ترتيب ڏنا ويندا آهن. اسان جا ڪي دوست ‘ٻڌندڙ جي ذهني سطح تي اچي ڳالهائڻ’ واري فارمولا تحت ريڊيو جي مائڪ تي تعليم ۽ معلومات جي نالي ۾ ڪڏهن اگھوتري پيش ڪندا آهن، ته ڪڏهن مهانگائي، لوڊشيڊنگ، پاروٿين ڀاڄين ۽ لُنڊا جي اگھن تي ڳالهائيندا آهن. اهڙي صورتحال ۾ جڏهن ڪو تخليقي ذهن محبت، حسن ۽ زندگيءَ جي موضوعن تي گفتگو ڪندو آهي ته ڪجھ ماڻهن بقول ‘اها ٻڌندڙن جي ذهني سطح کان اتاهين’ ٿي پوندي آهي. ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي سينئر پروڊيوسر عابد ڪاظمي اهڙي اتاهين گفتگو کي ئي هميشه عوامي گفتگو سمجھيو آهي. هو چوندو آهي ته “جيڪڏهن اسين پنهنجي ٻڌندڙ کي زندگيءَ ۽ زندگيءَ جي حقيقتن کان آشنا ڪرڻ بنا، کين اونداهي کڏ ۾ ئي جيئرو گذارڻ تي راضي آهيون ۽ اسين کين اتي ئي ڏسڻ چاهيون ٿا ته شايد پنهنجو ڪم پوريءَ طرح سان نه ٿا ڪريون.”
    رياضت ٻرڙي کي جڏهن عابد ڪاظمي جي ئي پروڊڪشن ۾ پيش ٿيندڙ پروگرام “لاڙڪاڻو اسپيشل” مليو ته ڄڻ گڏ و گڏ کيس اهي حق به ملي ويا ته “ٻڌندڙن جي ذهني سطح تي نه اچڻو آهي، پر تعليم ۽ معلومات وسيلي سندن ذهني سطح بلند ڪرڻي آهي.” رياضت ٻرڙي جو هي ڪتاب اصل ۾ انهي پس منظر ۾ پڙهڻ کپي. رياضت جا هن ڪتاب ۾ موجود اسڪرپٽس 6 فيبروري 2011 کان 22 جنوري 2012 تائين جا لکيل آهن. ٻين لفظن ۾ هي ڪتاب سندس ٻارنهن مهينن جي محنت جو نتيجو آهي. هن ڪتاب ۾ ڏنل اسڪرپٽس ليکڪ ڇپائڻ جي خيال کان بعد ۾ ايڊٽ به ڪيا آهن ۽ ڪجھ اهڙي معلومات جيڪا رڳو ريڊيو جي مائڪ لاءِ ئي مناسب هئي، پڻ هن ڪتاب مان خارج ڪئي آهي، پر اسين جڏهن سندس هن مجموعي تي نگاهه وجھون ٿا ته اسان کي ان ۾ اهي سمورا رنگ نظر اچن ٿا، جيڪي دراصل زندگيءَ جا رنگ آهن. رياضت ٻرڙي جا هي اسڪرپٽ پڙهندي وڪٽر هيوگو جو اهو جملو ذهن ۾ تازو ٿي وڃي ٿو ته “هر چيز هڪ عنوان آهي، ۽ ڪنهن صاحب نظر جي منتظر آهي.” هنن اسڪرپٽس ۾ رياضت ايئن ئي ننڍين ننڍين شين ۽ احساسن کي عنوان بڻايو آهي.
    رياضت ٻرڙي جو هي ڪتاب اصل ۾ آواز جي لهرن تي هوا ۾ وکريل خيالن جي سهيڙ آهي. رياضت جي هن ڪتاب ۾ هونءَ ته ڪيترائي موضوع شامل آهن پر انهن مان زندگي، سچ، پيار محبت، دل، درد، خوابَ، خواهشون، رشتا، دوستي، وڇوڙا ۽ ميلاپ، حسن، منظر، برسات، ننڍ وڏائي، نرم دلي، بدمزاجي، خوش مزاجي، مصروفيت، خاموشي، واعدو، ماضي، حال، مستقبل، آزادي، غلامي ۽ ريتون رسمون قابلِ ذڪر آهن. اهي سڀ اهڙا موضوع آهن، جن جي باري ۾ هر ماڻهو وٽ پنهنجي تشريح آهي. رياضت به پنهنجي مخصوص لب ۽ لهجي ۾ انهن موضوعن تي لکيو آهي، پر ڇوته هي سموري لکت ريڊيو اسڪرپٽس جي شڪل ۾ پڙهي وئي آهي تنهنڪري لکڻ وقت ليکڪ ٻوليءَ جي سلاست تي خاص ڌيان ڏنو آهي ۽ ڪيترن ئي ڳورن موضوعن کي اهڙي ته سولي ۽ سهڻي نموني پيش ڪيو آهي جو اهي نه رڳو آسانيءَ سان سمجھ ۾ اچي وڃن ٿا پر دل تي اثر به ڇڏين ٿا.
    هن ڪتاب ۾ رياضت جا اهڙا اسڪرپٽ به موجود آهن جيڪي پڙهندڙن/ ٻڌندڙن ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ جي خيال کان لکيل آهن، جيئن ٻولي، تعليم ۽ گھر شماري وغيره جي موضوعن تي لکيل اسڪرپٽس. انهي سلسلي ۾ سندس اهي اسڪرپٽ به اهم آهن جن ۾ هُن مختلف عالمي ڏينهن جي اهميت کي اجاگر ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ رياضت محبتن، مزدورن، ڪٽنب، مائرن، ماحول، ٻارن جي پورهيي خلاف، نشي جي استعمال خلاف، ٽارچر يا ڏنڀ جو شڪار ٿيلن سان ساٿ ڏيڻ وارن عالمي ڏينهن تي روشني وڌي آهي. رياضت جي هنن اسڪرپٽس کي شاهه لطيف، شيخ اياز، استاد بخاري، وفا ناٿن شاهي ۽ ٻين شاعرن جي چونڊ شعرن به خوبصورت بڻايو آهي. رياضت انهن شاعرن جي شعرن کي وڏي هنرمنديءَ سان برمهل استعمال ڪيو آهي. ساڳي ريت خاص خاص موضوعن تي هُن دنيا جي ڏاهن ۽ ڏاتيارن جا ڪوٽيشن به ڏنا آهن. انهن سڀني شين هن ڪتاب کي چار چنڊ لڳايا آهن.
    رياضت هن ڪتاب ۾ جيڪي اسڪرپٽ شامل ڪيا آهن، اهي سچ ته دل سان لکيا آهن، ۽ دل جي ڳالهه دل تائين ضرور پهچندي آهي ۽ اثر به ڪندي آهي. اقبال به ته اهو ئي چيو هيو ته:

    دل سي جو بات نکلتي هي اثر رکهتي هي
    پَر نـهـيـن، طاقـتِ پـرواز مـگـر رکهـتـي هي

    هن ڪتاب ۾ شامل 34 عنوانن ۾ رياضت، جيڪي دل جون ڳالهيون ڪيون آهن، اهي ڳالهيون پڪ سان اوهان جي دل جي دوار تي به دستڪ ڏينديون. رياضت جي هن اسڪرپٽس بُڪ ۾ انيڪ اهڙا جملا ۽ پيراگراف آهن، جيڪي پنهنجي سلوڻي انداز باوجود دل وري وري پڙهڻ تي چوي ٿي. هتي اهڙا ڪجھ مثال ڏيڻ به ضروري سمجھان ٿو. جيئن:

    • زندگي آب حيات آهي يا زهر جو پيالو، زندگي ٻالڪَ جي مُک تي لازوال مرڪ آهي يا سالِڪ جي گَهرِي سوچ... زندگي مسلسل جدوجهد جو سفر آهي يا خودڪَشيءَ جي فيصلي ۾ وڃائجي ويل جواني...
    • جيڪي ڀاڳوَندَ پيار جي ڪَڙن ۾ قابو هوندا آهن، تن کي چڱيءَ پر سُڌ آهي ته پيارُ آنند جو ٻيو نانءُ آهي، پيارُ پُرسُڪونيءَ جي وَٿ آهي، پيار حياتيءَ جي سونهن ۽ سُک جو سنديس آهي، پيار اُفق ۾ پرهه ويل پکڙجندڙ سهڻا رنگَ ۽ شَفق ويل اُلهندڙ رنگين شام جي حسناڪي آهي. پيارُ پنهنجائپ جو پيغام آهي جنهن ۾ پوئيل اکر، لفظ ۽ جملا گيتن جي روپ ۾ فضا کي سرمستي بخشيندا آهن. پيارُ اُهو رشتو آهي جنهن ۾ جيڪو ڳنڍبو آهي سو سدا لاءِ سوگھو ٿي ويندو آهي.
    • درد تڪليف ته ڏيندو ئي آهي، ماڻهوءَ کي پيڙا مان گذاريندو ته آهي ئي آهي، پر دردُ ماڻهوءَ کي سُرور به ڏيندو آهي. دردَ مان ماڻهو مزو به وٺندو آهي... درد جو سرور، درد جو مزو ڪو ڪو ماڻهو ئي وٺي سگھندو آهي، ان سور کي ڪو ڪو ماڻهو ئي محسوس ڪري سگھندو آهي... اها هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي... اوهان سوچيندا هوندا ته ڀلا دردَ مان سرور ڪيئن ملندو؟... پر، درد واقعي به مزو ڏيندو آهي، ان مان سچ پچ به سرور ملندو آهي، جيڪڏهن اهو درد ڏيندڙ ڪو پرين پيارو هوندو آهي ته ان درد مان سُڪون ملندو آهي. جيڪڏهن درد ڏيندڙ هٿ ريشم جهڙا نرم هجن، ته ان درد جي لذت روح کي نرم بڻائي ڇڏيندي آهي. جيڪڏهن درد ڏيندڙ نيڻ خماريل هجن ته رات جا سڀ سپنا خمارن ۾ وٺجي ويندا آهن.
    • امڙ جي محبت جِي ڪَٿَ ڪري ئي نه ٿي سگھجي.... ماءُ جي محبت جو پُورو احساس ان ماڻهوءَ کي ئي هوندو آهي، جنهن کان ماءُ ننڍي وهيءَ ۾ ئي وڇڙي ويندي آهي ۽ پوءِ اهو ماڻهو سڄي ڄمار ماءُ جي محبت لاءِ تڙپندو رهندو آهي. جيڪڏهن اسان پنهنجي زندگيءَ جو پل پل امڙين کي ارپيون تڏهن به سندن لاثاني محبت جي موٽ نه ٿا ڏئي سگھون.
    • اسان جا احساس، اسان جا جذبا، اسان جا اُڌما ۽ اسان جا ارمانَ، اسان جا سُک ۽ ڏکَ انهيءَ وقت کي، اڃا به چئجي ته وقت گذرڻ جي رفتار کي گھٽ ۽ وڌ ڪندا رهندا آهن. ايئن حقيقت ۾ ته ناهي هوندو، پر وقت جي احساساتي ماپ ڪجھ اهڙا ئي انومان ڏيندي رهندي آهي. مثال طور ڪڏهن ته خوشيءَ ۽ سرمستيءَ جي احساسن ۽ اُڌمن هيٺ وقت ايئن اڏامي ويندو آهي، ڄڻ پَر لڳل هجنس، ته ڪڏهن وري وقت ڏک ۽ تڪليف توڙي وڇوڙي جي مرحلن ۾ ايئن رڙهندو آهي ڄڻ جُونءَ پير گذري رهيو هجي، اڃا به بيهجي ويو هجي....
    • فطرت جو صبح جيڪي افق ۾ رنگ وکيريندو آهي، تن جا اکڙين ۾ جيڪي رنگ رچندا آهن، اهي صرف ڏسڻ سان ئي تعلق رکن ٿا، ساڳيءَ طرح پکين جون لاتيون ڪنن ۾ امرت گيت اوتينديون آهن، ته ڪائنات جا حسين نغما ڄڻ ڪنن ۾ ٻُرڻ لڳندا آهن، ۽ هن سنسار تي بي اختيار ۽ بي پناهه پيار ايندو آهي. صبح سمي جي دنيا هڪ نئين دنيا هوندي آهي، جنهن کي منجھند تائين سمهندڙَ ڪڏهن به پَسي نه سگھندا ۽ نه ئي ان جي احساس کي لفظن منجھان سمجھي سگھندا....
    • ماڻهو هر روپ ۽ رنگ، عمر ۽ انداز ۾ پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪائيندڙ هستي آهي.... ڀلا، ٻار جي لاغرض پيار ۾ ڪيڏو نه وڏو سنسار سمايل هوندو آهي! ٻار جي مٺڙي ٻوليءَ ۾ ڪهڙي نه ڪَنن ۾ ماکي اوتيندڙ مٺاڻ هوندي آهي! ٻار جي ٽهڪن ۽ مُرڪن ۾ ڪهڙي نه پنهنجائپ هوندي آهي ۽ ٻار جي رُسامي ۾ اڻ مَئي معصوميت.
    • ملڻ ۽ وڇڙڻ، زندگيءَ جي هلچل جا لازمي جزا آهن. ڪڏهن ملڻ، ته ڪڏهن وڇڙڻ، سلسلو هلندو رهندو آهي. ڪجھ ماڻهن سان اسان ڪڏهن چاهيندي به ملي نه سگھندا آهيون، ته ڪڏهن ڪن ماڻهن سان اتفاقي طور ايئن ملي ويندا آهيون، جو يقين ئي نه ايندو آهي. اهي وارداتون ڏاڍيون عجيب آهن. ملڻ ۽ وڇڙڻ جون وارداتون عجيب ۽ لذت ڀريا احساس من ۾ پيدا ڪنديون آهن. ڪڏهن ملڻ سان وڇوڙو ياد ايندو آهي، ته ڪڏهن وري وڇوڙي سان ملڻُ. ڪڏهن ملڻ ۾ وڇوڙو سمايل هوندو آهي، ته ڪڏهن وڇوڙي ۾ وري ملڻ سمايل هوندو آهي.
    اهڙي ريت هن ڪتاب “واءُ وکيريا خيال” ۾ اوهان کي اهڙا ٻيا به ڪيترائي جملا پڙهڻ لاءِ ملندا، جيڪي اوهان جي من تي دستڪ ڏيندا. حقيقت ۾ رياضت جو هي ڪتاب مختلف خيالن ۽ احساسن جو هڪ اهڙو گلدستو آهي، جنهن جي هر گل ۾ اوهان کي پنهنجو رنگ ۽ پنهنجي خوشبو ملندي. رياضت اڃا به اهڙن خيالن ۽ احساسن جا گل گڏ ڪري رهيو آهي، هُن کي هڪ گَسُ ملي رهيو آهي، اهو گس اهو ڏس ڏئي ٿو ته هو اڳتي به اسان کي اهڙا ڪتاب ارپيندو رهندو. هتي مون کي ايمرسن جا اهي لفظ ياد ٿا اچن ته “انسان جي واسطي سڀ کان وڏي خوش قسمتي ۽ حياتيءَ جو سڀ کان وڏو انعام اُهو آهي ته هو پنهنجي پاڻ ۾ ڪنهن اهڙي خاص ڪم ڪرڻ جو لاڙو پيدا ڪري ڇڏي، جنهن سان هن کي پورو پورو شوق هجي ۽ ان ڪرڻ سان کيس دلي خوشي محسوس ٿئي.” سو منهنجي دعا آهي ته منهنجو پيارو دوست رياضت ايئن ئي پنهنجن خوبصورت لفظن سان خيالن ۽ احساسن جي انڊلٺ ٺاهيندو رهي ۽ پنهنجي تخليق جي جوهر سان هن نوعيت جا ڪتاب تخليق ڪندو رهي.


    احسان دانش
    1 سيپٽمبر 2012، لاڙڪاڻو.


    • ڪونجڻين ڪڻڪار

    وقت ڇا آهي؟ اها ڪهڙي شيءِ آهي جيڪا بنا ساهيءَ جي گذرندي رهي ٿي؟ جيڪڏهن اهو گذري نه ٿو ته ڪٿي آهي؟ اهو ڪٿي ته لازمي هجڻ گهرجي. اهي ڪٿان اچي ٿو ۽ ڪيڏانهن هليو وڃي ٿو؟ ان جا لمحا ڪٿان کان شروع ٿين ٿا ۽ ڪٿي وڃي دنگ ڪن ٿا؟ وقت ڇا آهي؟
    مان اڪثر انهيءَ تي سوچيندو رهندو آهيان، پر هن ڪائنات جي وشال ڪئنواس تي لکين اهڙا خيال چِٽيل آهن جن جا رنگ مدهم آهن ۽ هزارين اهڙا تصور آهن جن جا مڪمل جواب نه ٿا ملي سگهن ۽ ان لاءِ مختلف رايا موجود آهن. وقت جي اڪيڊمڪ بحث مان مون اهو پروڙي ورتو آهي ته ان جو سڦلائتو استعمال ڪهڙو آهي! اسان جو ماضي بي تغير آهي. هزار ڪوششون ڪيون، ان ۾ تبديلي آڻي نه ٿا سگهون ۽ اسان جو آئندو هڪ افسانو myth آهي. جيڪي اسين سوچي ويهون، سڀ ان جي ابتڙ ٿي سگهي ٿو. بس اسان جو اختيار پنهنجي هلندڙ وقت تي آهي، ۽ صاحب فهم ماڻهو اهو هنر رکندا آهن ته انهن جو استعمال ڪيئن ڪجي ۽ رياضت به انهن مان هڪ آهي.
    مون جڏهن 2003ع ۾ پروگرام پروڊيوسر طور ريڊيو پاڪستان جوائن ڪيو هو، ان وقت ريڊيو لاءِ منهنجو رايو هو ته ان جو وقت ختم ٿي چڪو آهي، بس بيروزگاريءَ جي اذيت کان پناهه وٺڻ لاءِ نوڪري ڪرڻي آهي، پر جڏهن مون ڪم شروع ڪيو ته منهنجي راءِ غلط ثابت ٿي، ڇو ته ريڊيو کي مون هڪ طاقتور ميڊيا جي حيثيت ۾ لکين ماڻهن تائين پهچندي ڏٺو ۽ ان مشاهدي منهنجي اندر ۾ موجود سماجي تبديليءَ جي خواهش رکندڙ شخص کي حوصلو ڏنو. ڪارل مارڪس جو قول منهنجي آفيس جي ديوار تي سندس تصوير سان گڏ لکيل آهي ته اڄ تائين فلسفين دنيا جي صرف تشريح ڪئي آهي، جڏهن ته اصل مسئلو دنيا کي تبديل ڪرڻ آهي. اسين ڀلي ڪو سياسي يا اقتصادي انقلاب آڻڻ جي سگهه نه رکندا هجون، پر ايترو ويساهه ضرور آهي ته اسين ماڻهن جي روين ۾ تبديلي آڻي انهن کي معاشري جو ذميوار فرد بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهون ٿا. ان سوچ تحت مون ريڊيو پاڪستان جي پاليسين کي نظر ۾ رکندي اهڙا پروگرام ترتيب ڏنا جيڪي انساني روين جي سائنسي بنيادن تي بحث ڪندي ان جي تربيت جي ذميواري نڀائي سگهن. ان ڪم ۾ ظاهر آهي اهڙن دوستن جي ضرورت محسوس ٿي جيڪي اهل علم ۽ سماجي شعور رکندڙ هجن ۽ ان کي استعمال ڪرڻ ۾ براڊ ڪاسٽنگ جي اصولن مطابق هنر به رکندا هجن. ان ڳولا ۾ مون کي عادل عباسيءَ کان وٺي رياضت ٻرڙي تائين تمام گهڻا ساٿي ملي ويا جيڪي روايتي لفاظيءَ کان هٽي ڪري بامعنى ڪم ۽ مقصديت ڀريو ڪم ڪرڻ جي فن جا ماهر آهن. منهنجي ان انداز جي ڪم تي پنهنجي سينئرن سان ۽ ٻين هم پيشه ساٿين سان بحث به ٿيا جن مان اڪثر سينئر آفيسرن حوصله افزائي ڪئي ۽ گڏوگڏ رهنمائي به ڪئي.
    رياضت ٻرڙو هڪ ڪمپيئر جي حيثيت ۾ صرف نغما هلائڻ ۽ تفريح لاءِ ٽوٽڪا لکڻ جو ڪم نه ڪيو بلڪ هڪ اهل دانش اديب ۽ ليکڪ جي حيثيت ۾ پنهنجي پروگرام جا اسڪرپٽ ڄاڻ، علم، فڪر ۽ رهنمائيءَ واري صلاحيت سان لکيا جن ۾ معلومات، دلچسپ اندازِ بيان، تفريح ۽ اڪيڊمڪ مباحثا به شامل رهيا. هن ابتدا کان وٺي ڊسڪ جاڪي پروگرام “لاڙڪاڻو اسپيشل” تسلسل سان ڪيو آهي.
    ڊسڪ جاڪي پروگرام موسيقيءَ ۽ تفريح ڀرين دلچسپ ڳالهين تي مشتمل هوندو آهي. رياضت ان جي بنيادي گهرج کي بحال رکندي ان کي اصلاحي، علمي ۽ معلومات ڀري اسڪرپٽ سان سنواريو. سندس موضوعن ۾ انساني ڪيفيتن جي گوناگون دنيا جي سفر سان گڏوگڏ ثقافتي، ادبي ۽ فڪري پهلوئن جو مشاهدو به شامل آهي. هن معلومات ۾ سنڌ جي شخصيتن، تاريخ، ثقافت، تهذيب ۽ تمدن، ادب کي به گفتگوءَ جو موضوع بڻايو، ته گڏوگڏ انسان جي من اندر جهاتي پائي سندس دل ۽ دماغ جي دنيا کي به سمجهي بيان ڪيو. هن حضرت عليؑ کان وٺي جديد دَور جي باوقار ماڻهن تي به لکيو، شاعريءَ جي پرڪيف ۽ حساس احساسن جا به رنگ رچيا ته گڏوگڏ شاهه لطيف، شيخ اياز کان وٺي لاڙڪاڻي جي لوڪ ادب جي ڏاهن سان به ٻڌندڙن کي ملايو. هن عالمي ڏهاڙن جي پس منظر ۾ سماجي شعور کي به اجاگر ڪيو ته گڏوگڏ انساني ڪٽنب جي فرد هجڻ ناتي ذميوارين جو احساس به ڏياريو آهي. سندس لکڻ جو انداز سادو ۽ بيان جو اظهار اثرائتو آهي. مثال طور هو هڪ پروگرام جي اسڪرپٽ ۾ محبت جي نفيس ۽ نرمل جذبي تي ڳالهائيندي چوي ٿو ته:
    “محبت بابت گھڻو ئي ڳالهايو، لکيو ۽ سوچيو ويچاريو ويو آهي، تڏهن به محبت بابت سدائين نئين کان نوان جذبا ۽ احساس ماڻهوءَ جي من ۾ ڪَر موڙيندا رهيا آهن. عام احساس هيٺ محبت به عام جذبو هوندي آهي، پر خاص احساس هيٺ، جڏهن ماڻهوءَ جي اندر جي ڪائنات جاڳڻ لڳندي آهي، جڏهن ان سجاڳيءَ ۾ خمار به هوندو آهي ته قرار ۽ انتظار به هوندو آهي، تڏهن محبت خاص جذبو بڻجي پوندي آهي.... ان لمحي محبت جي معنى ڪا هڪ مخصوص ۽ سادي معنى ناهي هوندي، جيڪا ڊڪشنريءَ ۾ لکيل هجي يا جنهن جو ذڪر محبت تي لکيل ڪتابن ۾ سولائيءَ سان ملي وڃي، پر ان محبت جي وسعت هن وشال سنسار وانگر وسيع ٿي ويندي آهي.”
    ان ۾ ڪو وڌاءُ نه آهي ته رياضت جا موضوع ۽ بيان به وسيع آهن، ڪٿي ڪٿي جيڪڏهن هو مبالغانه گفتگو ڪري به وڃي ٿو ته جلدي ئي وري حقيقت پسندانه Approach اختيار ڪندي شين کي بلڪل حقيقي انداز ۾ بيان ڪري ٿو.
    رياضت ٻرڙو ڌيمي انداز ۾ گفتگو ڪندڙ، نرم مزاج ۽ حساس ليکڪ آهي. هو معاشري جو ذميوار فرد هجڻ سان گڏوگڏ محبت ڪندڙ ۽ مخلص دوست به آهي. هو هر وقت فن ۽ فڪر جا نوان جهان ڳوليندو رهندو آهي، ليڪچرر جي محنت طلب نوڪريءَ سان گڏ ريڊيو، پبليڪيشن جيڪم، لکڻ پڙهڻ ۽ سماجي خدمت جي محنت طلب ڪمن ۾ هر وقت مصروف رهندڙ به آهي ۽ سندس شخصيت جا اهي سمورا رنگ هن جي ريڊيو پروگرام جي اسڪرپٽ ۾ به شامل رهيا آهن. سندس هي ڪتاب ريڊيو جي اسڪرپٽس تي مشتمل آهي، جيڪو انفراديت سان گڏوگڏ محض ريڊيو جي اڪثر سڪرپٽ لکندڙن جيان لفاظي نه آهي، پر پڙهندڙن جي علمي ذوق جي پورائي جو ڪامياب ۽ بهترين ذريعو به ثابت ٿيندو.

    عابد ڪاظمي
    12 سيپٽمبر 2012، لاڙڪاڻو


    • قلم قبيلي جو برجستو ڪوي

    جيڪي ماڻهو پيار کي ئي پنهنجي جيون جو سرمايو سمجھي هر ڪنهن کي محبتون آڇيندا آهن سي ئي ماڻهو هر دل ۾ جاءِ جوڙي وٺندا آهن، ڇا لاءِ ته اصل خوشي به پيار ۽ محبت ڀرين روَين جي موٽ ۾ ئي ملندي آهي. اهي انسان جن سان گڏ ويهندي ڏکندو ڏور ٿيندو آهي ۽ من جي مونجهه مسرتن ۾ تبديل ٿيڻ لڳندي آهي سي سچ ته دل جي انتهائي قريب ٿي ويندا آهن. منهنجي دل جي اهڙن ئي قريب ۽ پيارن دوستن ۾ رياضت ٻرڙو به شامل آهي جنهن جو وجود مون لاءِ هميشه اتساهه ڏيندڙ رهيو آهي. رياضت جي شخصيت جا ڪيترا ئي پهلو آهن. هو هڪ ئي وقت پختو شاعر، برجستو ڪهاڻيڪار، بهترين منتظم، جاکوڙي محقق، مترجم، پبلشر ۽ قابل استاد آهي. هيل تائين سندس شاعري جا ٻه ڪتاب “شام جي هوا” ۽ “ديوانِ رياضت” ڇپجي چڪا آهن. سندس ڪهاڻين جو ڳٽڪو “پيار جي ڪهاڻي” پڻ ڇپيو آهي. هو هڪ ئي وقت ڪيترين ئي تنظيمن سان پڻ مختلف حيثيتن ۾ سلهاڙيل رهيو آهي. سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري کان ويندي ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي جي سرواڻ تائين رياضت مختلف ادبي تنظيمن ۾ اڳواڻ هوندي به هڪ ڪارڪن جيان ڪم ڪندو رهيو آهي. “قنبر: هڪ اڀياس” قنبر جي تاريخ تي ترتيب ڏنل ذخيم ڪتاب پڻ رياضت جي ڪريڊٽ تي هڪ تمام وڏو ڪم آهي. مون کيس هميشه متحرڪ ڏٺو آهي، هو ڪنهن نه ڪنهن اسائنمينٽ تي ڪم ڪندو ئي رهندو آهي. ڊاڪٽر محبت جي ورسي تي هر سال ڊاڪٽر جو ڪونه ڪو ڪتاب ترتيب ڏئي شاندار ورسي جو پروگرام منعقد ڪري ان ۾ مختلف شعبن سان واڳيل شخصيتن کي ايوارڊ ڏيڻ پڻ سندس مستقل مزاجي جو وڏو دليل آهي.
    سائنسي مواد کي سنڌيءَ ۾ آڻي نوجوان شاگردن تائين پهچائڻ واري جذبي سان هو ڪيترن ئي سالن کان “سائنسي سوچ” مئگزين پڻ شايع ڪري رهيو آهي. گڏوگڏ سائنسي ڄاڻ وارا مضمون پڻ سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپرائيندو رهيو آهي. ان حوالي سان سنڌيءَ ۾ سائنسي مواد جي کوٽ واري مسئلي جو ڪنهن حد تائين پورائو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ پڻ رڌل آهي.
    سال ٻه اڳ مون کي ۽ رياضت کي اسان جي پياري دوست ۽ سينيئر براڊڪاسٽر عابد ڪاظميءَ ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي پروگرام “لاڙڪاڻو اسپيشل” ڪرڻ لاءِ ڏنو. آچر تي رياضت جو پروگرام، ته سومر تي منهنجو. اسان ٻنهين جيڪي اسڪرپٽس لکيا انهن کي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ جو خيال آيو ۽ هي ڪتاب ان خيال جو عملي ثبوت آهي. هن ئي سلسلي تحت لکيل منهنجو ڪتاب پڻ جلد پڙهندڙن جي هٿن ۾ هوندو. رياضت ريڊيو اسڪرپٽس واري هن ڪتاب “واءُ وکيريا خيال” ۾ جن موضوعن کي ڇُهيو آهي سي يقينن اسان سڀني جي پسند جا موضوع آهن، انهن جو تعلق اسان جي روزاني زندگي سان آهي. سندس لکڻ جو انداز دل کي ڇُهندڙ آهي، جنهن ۾ برسندڙ ڀوريون گھٽائون به آهن، ته آڪاش تي اڏامندڙ سهڻا رنگ برنگي پرندا پڻ. هوائن ۾ جھومندڙ گلابي گل به آهن، ته انهن تي شفاف ماڪ جا قطرا به، هير جا هڳاءَ به آهن، ته سهڻا اڏامندڙ پوپٽ، وڻ ٽڻ، درياهه ۽ آبشار به آهن. هن انساني جذبن ۽ احساسن کي به نهايت ئي سهڻن لفظن جي مالهائن ۾ پوئي پيش ڪيو آهي ته ٽٽندڙ رشتن ۽ سماجي بي حسي جي به ڳالهه ڪئي آهي. هن وٽ ٻوليءَ جو استعمال اهڙو سادو ۽ سلوڻو آهي جو هر ماڻهو انهن گفتن کي آسانيءَ سان سمجھي وٺي ٿو. سندس لکڻيءَ جي اها ڪشش آهي جو پڙهندڙ کي پاڻ سان گڏ کڻي هلي ٿي، جيڪا ڳالهه ڪنهن به نثري لکڻيءَ لاءِ نهايت ئي اهميت واري هجي ٿي.
    رياضت جي هن ڪتاب ۾ ڪيترائي موضوع شامل ٿيل آهن. پيار، دوستي، خلوص، پنهنجائپ، امن، تهذيب، ثقافت، تاريخ، شخصيتون، وڇوڙو، نيڻ، ميلاپ، درد، خوشيون، ازم، جرئت، زندگي، آزادي، غلامي، حوصلو، ڪاميابي، ناڪامي، اکيون، ميگھ ملهار، پورهيت، لڙڪ ۽ مرڪ، سڏڪا ۽ سارون، مختلف عالمن، اديبن، ڏاهن ۽ فلسفين جون چونڊ چوڻيون ۽ شاعري کان علاوه ٻيا به ڪيترائي رنگ ۽ آهنگ هن ڪتاب جي سونهن بڻيل آهن. هن ڪتاب ۾ شاهه سائين کان ويندي شيخ اياز تائين ڪيترن ئي شاعرن جو ذڪر به آهي، ته مختلف موضوعن تي سندن چونڊ شعر به شامل ڪيل آهن. پروگرام جونالو ڇا لاءِ ته “لاڙڪاڻو اسپيشل” آهي تنهنڪري اسڪرپٽس ۾ لاڙڪاڻي جو ذڪر به مختلف حوالن سان ڪيل آهي. مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ڏاهن ۽ ڏات ڌڻين جي جنم ڏينهن ۽ ورسين جي مناسبت سان به سندن تعارف شامل ٿيل آهن، ته عالمي واقعن ۽ عالمي ڏينهن جي ذڪر کان علاوه قومي مسئلن تي به ڄاڻ جي کاڻ هن ڪتاب جي سندرتا ۽ اهميت ۾ اضافي جو سبب آهي.
    رياضت جنهن جي موڪري، ڀوري خوبصورت چهري تي هميشه مرڪ آڌرڀاءُ ڪندي نظر ايندي آهي سو سچ ته صرف ٻاهر جو ئي نه، پر اندر جو به اجرو دوست آهي. سندس محنتن، محبتن ۽ ڏاهپ سان ڀرين ڳالهين واري هن سهڻي ڪتاب کي اميد ته پڙهندڙن پاران ڀرپور موٽ ملندي. قلم قبيلي جي هن برجستي ڪويءَ لاءِ پيار ۽ نيڪ تمنائون.

    رضوان گل
    گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو


    • وکيريل ۽ سهيڙيل خيال

    سال 2011ع شروع ٿيو ته منهنجي لاءِ هڪ نئين سرگرمي کڻي آيو، ۽ اها سرگرمي هئي ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي ڪمپيئر طور پروگرام ڪرڻ جي.
    ٿيو هيئن، ته ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي منهنجا ويجها ادبي دوست احسان دانش ۽ فياض لطيف مختلف پروگرام ڪندا هئا، جن جو اصرار هو ته ريڊيو تي مان ۽ رضوان گل به پروگرام ڪيون. نيٺ هنن ريڊيو جي سينئر پروڊيوسر ۽ اديب عابد ڪاظميءَ سان ڳالهايو، جنهن بعد، تنهن وقت جي اسٽيشن ڊائريڪٽر جناب محمد علي ٻانڀڻ ٽنهي دوستن کي مانُ ڏيندي، اسان جو A ڪئٽيگريءَ ۾ ڪمپيئر طور آرڊر جاري ڪيو. اسان کي ڊِسڪ جاڪِي (Disc Jockey) پروگرام “لاڙڪاڻو اسپيشل” مليو، جنهن جو پروڊيوسر عابد ڪاظمي هو. ان طرح رضوان ۽ مان ريڊيو جي دنيا ۾ اچي وياسون.
    ريڊيو جي دنيا اهڙي دنيا آهي، جنهن ۾ اسٽوڊيو اندر مائيڪ سامهون ڪمپيئر طور ماڻهو اڪيلو ويٺل هوندو آهي، پر هُو مخاطب سوين، هزارين ماڻهن سان هوندو آهي. پڙهيل، اڻ پڙهيل، مختلف ذهني سطحن وارن اڻ ڏٺَن ماڻهن سان لکيل اسڪرپٽ ذريعي ان طرح ڳالهائڻُ ڄڻ اُهي ماڻهو سامهون ويٺل هجن، هڪ نئون تجربو هو.
    اِن وڻندڙ ۽ نرالي تجربي جي شروعات، مون “ڳالهه آهي زندگيءَ جي” نالي اسڪرپٽ سان 6 فيبروري 2011ع تي ڪئي، ڇو ته مون مناسب سمجهيو ته گفتگوءَ جي ابتدا زندگيءَ کان ئي ڪجي جيڪا اسان جي هئڻ کي جواز ڏي ٿي. ان کان پوءِ لڳ ڀڳ هر هفتي پابنديءَ سان ڪنهن ‘نئين’ موضوع تي اسڪرپٽ لکي، پروگرام ڪرڻ جو سلسلو هلي پيو. ٻن اڍائي مهينن اندر ئي مون کي محسوس ٿيو، ته هيءُ هڪ نئين قسم جو مواد ترتيب هيٺ ايندو پيو وڃي، جيڪو سال کن ۾ هڪ ڪتاب جو روپ وٺي بيهندو. مون ان جو ذڪر دوستن سان به ڪيو. گڏوگڏ مون کي اها به سواليه حيرت ٿي، ته ڇو ريڊيو اسٽيشنن تي پروگرام ڪندڙ ڪمپيئر دوستَ پنهنجي ‘آواز’ کي صرف هوائن ۾ وکيري ٿا ڇڏن ۽ ڇو ان کي تحرير هيٺ نه ٿا آڻن ۽ پائندگي نه ٿا ڏين! بهرحال، مون پاڻ کي ذميوار سمجهي، پنهنجو ڪم جاري رکيو، جيڪو ضروري ايڊيٽنگ کان پوءِ ڪتابي صورت ۾ اوهان اڳيان آهي. ضرور ان ۾ ڪي کوٽون ۽ خاميون به هونديون، پر اها ڳالهه مون لاءِ اطمينان جوڳي آهي ته هي ڪتاب به مون چاهه منجهان سرجيو آهي ۽ اها ڳالهه مون لاءِ خوشيءَ جي آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب ۾ هيءُ هڪ منفرد ڪتاب آهي.
    34-هَن سهيڙيل اسڪرپٽن تي مشتمل ڪتاب جو نالو، مون کي ريڊيو جي حوالي سان “واءُ وکيريا خيال” ئي مناسب محسوس ٿيو.
    اها دل جي ڳالهه آهي ته ‘واءُ’ مان لاءِ خاص اهميت رکي ٿو جنهن مون کي وکيريو به آهي، ته سهيڙيو به آهي.
    پنهنجن مهربانن ۽ دوستن جا ٿورا مڃڻ ضروري ٿو سمجهان. سڀ کان پهرِين احسان دانش ۽ فياض لطيف جا ٿورا، جن مون کي ريڊيو سان سلهاڙيو. احسان دانشَ ڪتاب جو جامع مهاڳ به لکيو، ان لاءِ وڌيڪ ٿورائتو آهيان. سائين عابد ڪاظميءَ ۽ سائين محمد علي ٻانڀڻ جا به ٿورا، جن اعتماد ڪندي ريڊيو جي دنيا ۾ منهنجي آجيان ڪئي. عابد ڪاظميءَ هن ڪتاب لاءِ ڀرپور تاثر به لکي ڏنو، جنهن لاءِ سندس ٿورا مڃان ٿو. سينئر براڊڪاسٽر ۽ اديب سائين ڪوثر ٻرڙو اپريل 2012ع ۾ ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي اسٽيشن ڊائريڪٽر مقرر ٿي آيو، ته اهو به سٺو ٿيو. ڪوثر صاحب، منهنجيءَ گذارش کي مانُ ڏيندي ڪتاب لاءِ محبت منجهان تاثر لکي ڏنو ۽ مسلسل ڪتاب جي ڇپائيءَ بابت پڇندو رهيو. مان سندس بيحد ٿورائتو آهيان. پياري ليکڪ دوست رضوان گل به منهنجيءَ خواهش تي پيار ڀريو تاثر به لکي ڏنو ۽ سهڻو ٽائيٽل به ڊزائين ڪيو. سندس پڻ بيحد ٿورا ٿيا. هِن ڪتاب جا ڪيترائي اسڪرپٽ روزاني “عبرت” حيدرآباد جي هفتيوار ادبي صفحي “تخليق” ۾، اديب دوست واحد پارس هيسباڻيءَ ڇپيا، جنهن لاءِ سندس پڻ ٿورائتو آهيان.
    مون کي خوشي آهي ته دوستَ مون سان محبت ڪن ٿا. شالَ! مان سندن زندگيءَ جو اڻ ڇِڄ حصو رهان.

    رياضت ٻرڙو
    21 نومبر 2012ع، لاڙڪاڻو


    اسڪرپٽ

    1. ڳالهه آهي زندگيءَ جي

    زندگيءَ بابت دنيا جي ڏاهَن ماڻهن، عالمن ۽ اڪابرن ڪيئي ڳالهيون ڪيون آهن.... ڪنهن زندگيءَ کي خوبصورت لمحو سڏيو آهي، ته ڪنهن سادگيءَ ڀَريو پَل. ڪنهن زندگيءَ کي عارضي ڄاتو آهي، ته ڪنهن مستقل قدرُ..... ڪنهن زندگيءَ جا گيت ڳاتا آهن، ته ڪنهن ان کي نِنديو آهي. ڪنهن ان کي ميتَ سان ملاقات جو نانءُ ڏنو آهي، ته ڪنهن جيتَ جا سَڏ ڪوٺيو آهي.... ڪنهن زندگيءَ کي مانيءَ ڳَڀي جي ڳولا سڏيو آهي، ته ڪنهن سَت رشي طعام جو دسترخوان.... ڪنهن زندگيءَ کي حُسن ۽ عشق جي راند چيو آهي، ته ڪنهن ان کي موت سان ويڙهاند جو نالو ڏنو آهي.... ڪنهن زندگي تي ڪو ڀروسو ناهي ڪيو، ته ڪنهن وري زندگيءَ کي پنهنجي حياتي ارپي ڇڏي آهي.... ڪنهن زندگيءَ کي آخرت جو رستو چيو آهي، ته ڪنهن ان کي واريءَ ڀَري مُٺ سمجھيو آهي.... ڪنهن ڪيئن ته، ڪنهن ڪيئن.... نيٺ زندگي آهي ڇا!؟ ڇا زندگي ايئن ئي آهي جيئن ان کي دنيا جي سمجُهو ماڻهن سمجھيو ۽ ٻُڌايو آهي، يا زندگي ايئن به آهي جيئن اها گُذري پئي، جيئن اها نظر اچي پئي.... يا زندگي ايئن آهي ئي نه، جيئن اها هجڻ گھرجي؟
    زندگي آب حيات آهي يا زهر جو پيالو، زندگي ٻالڪَ جي مُک تي لازوال مرڪ آهي يا سالِڪ جي گَهرِي سوچ ويچارَ.... زندگي نوجوان جي اتساهه ڀري اُڏام آهي يا ٻُڍڙي جي ٿَڪل وِک.... زندگي سچ جي سهڻي واٽ آهي يا ڪُوڙي جي منهن تي بي حيائيءَ جِي ڏِکَ.... زندگي مسلسل جدوجهد جو سفر آهي يا خودڪَشيءَ جي فيصلي ۾ وڃائجي ويل جواني.... سنڌ جي لازوال شاعر شيخ اياز چيو آهي: “ڳالهه آهي زندگيءَ جِي، توڙ تائين مڃ نه هار!”.... سچ پچ به، زندگي، اهڙي ئي ته لازوال شَي آهي جنهن کي ڪمال تي رَسائڻو آهي، جنهن لاءِ ڪڏهن به هارَ ناهي مڃڻي.
    زندگيءَ جو سهڻو سفر هزارين لکين سالن کان هلندڙ آهي. هن سفر جو پنڌ پراڻو آهي، پر پوءِ به نئون نئون آهي.... اهائي ته زندگيءَ جي گھرج آهي، ته اها سدائين نئين نئين رهٖي، ڪڏهن به پراڻي نه ٿئي. تڏهن به، دوستو، اسان وٽ عام ماڻهوءَ جي نظر ۾ زندگي ڇا آهي؟ وَٽس، زندگي ٻن ويلن جي نه کُٽندڙ ڪَٿا آهي يا پِيڙا ۽ ڀوڳنا جي مسلسل ڪهاڻي؟.... زندگي بيمارين جي وَر چڙهي وڃڻ جي قسمت آهي يا صحتيابيءَ جي آرزوءَ ۾ گذرندڙ وقت جي قيمت؟.... زندگي خوف جي پاڇي ۾ رهندڙ ماڻهن جي لاچاري ۽ بي وسي آهي يا مَنٿِليون، ڀُنگ ۽ غُنڊا ٽئڪس ڀري جيئرو رهڻ جي خوش فهمي؟ پر ان سڀ ڪجھ باوجود زندگي.... جي ها، زندگي ايئن به آهي ڏک ۾ رهندي سُک جي ڳولا، پنهنجي سُک ۾ گذاريندي سڀني لاءِ سُک، امن ۽ سلامتيءَ جي ڳولا....
    زندگي ڪيڏي نه حسين آهي، پر زندگيءَ بابت اسان ڪڏهن سوچيو آهي ته اها ڪيئن ۽ ڪهڙن ڪمن ۾ گذري وڃي ٿي؟.... اُها اجائي گذاريون ٿا يا سجائي ڪيون ٿا؟ زندگي هڪڙو ڀيرو ئي ملي ٿي، ته پوءِ اها سڦلائتين ڪارگذارين ۾ صَرف ڪيون ٿا يا رسمي طرح گذاري ماضيءَ جو وساريل باب بڻجي وڃون ٿا؟.... زندگيءَ کي اڃا وڌيڪ خوبصورت ۽ ڪارائتو بڻايون ٿا يا زندگيءَ جي حسناڪين کان محروم رهجي، مرحوم بڻجي وڃون ٿا؟ ...... مَها ڪَوي شيخ اياز، زندگيءَ بابت ڪيڏو نه سهڻو نظم چيو آهي:

    هِيءَ شَي جا روپوش ٿِي،
    اُڀريٖ ٿي جذبات ۾
    لرزيٖ ٿي تلوار ۾
    تارن جي اک ڇنڀ جئن
    آ ساريٖ سنسار ۾،
    باک ڦُٽيءَ رابيل جيٖ
    ٽڙيل آهي ٽارَ ۾،
    هيءَ جا منهنجي گيت جيٖ
    آهي هر سُر تارَ ۾-
    هيءَ ئي آهي زندگي
    هيءَ ئي آهي زندگي!

    زندگي موسمن جي ڦرڻ گھرڻ جو نالو ناهي، نه ئي اها چئن مُندن جي واري سِر ڦرڻ جو نانءُ آهي، پر زندگي ته انيڪ موسمن جو وڻندڙ گلدستو آهي..... ماڻهوءَ جي من ۾ ڪڏهن بهار آهي ته اتي ئي پَن ڇڻ جا پِيلا پن به، پر پِيلن پنن جي خوبصورتيءَ کان ڪير ٿو انڪار ڪري سگھي. اها ئي خوبصورتي، اها ئي سونهن اسان کي زندگيءَ ۾ پيدا ڪرڻي آهي جيڪا خوشين ۽ سرمستين جو خزانو هجي.
    زندگيءَ ۾ گھڻن ئي ماڻهن سان اسان جو واسطو پوي ٿو. ڪجھ ماڻهن کي اسان پسند ڪيون ٿا، ته ڪجھ کي ناپسند ٿا ڪيون.... ڪجھ ماڻهو ڏسندي ئي اسان جي نيڻن کي وڻڻ ٿا لڳن، ته ڪجھ ماڻهو، باوجود ڪيئي سال ڪَٺٖي گذارڻ جي به اوپرا ئي اوپرا ٿي رهن..... ڪجھ ماڻهو بنا دير، دل ۾ محبت جون مُرڪون ٿا پکيڙڻ لڳن، ته ڪجھ ماڻهو سدائين لاءِ ڏک ۽ ارمانَ جو سبب بڻجي ٿا وڃن.... ايئن ڇو آهي؟ اسان زندگيءَ کي محبتن جي خوشبوءِ ڇو نه ٿا ڏيون، ڇو ٿا نفرتن جِي پرچارَ ڪيون! محبت ۾ ئي ته زندگي آهي ۽ محبتَ ئي ته زندگي آهي. سنڌ جي نالي واري شاعر راشد مورائيءَ ڪيڏو نه سهڻو شعر چيو آهي:

    گـذريـون جـي اوهـان سـاڻ گَھـڙيون، ياد ڪنداسين!
    مُکـڙيــون جــي محبـت جون ٽِـڙيون، ياد ڪنداسين!
    ڪِن ٽوڙي ڇڏيون ٿي، ڪِنين مضبوط ڪيون ٿي،
    سـي قـرب ۽ الـفـت جـون ڪَـڙيـون، يـاد ڪنـداسين!
    زندگيءَ ۾ عشق به اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. عشقُ زندگيءَ جي زندگي آهي، ته عشق ئي زندگيءَ جي بندگي به آهي. زندگي جڏهن عشق سان پيچُ اٽڪائي ٿِي ته هڪ سرمستيءَ ڀَري جهان ۾ آڻي رهائي ٿي.... ان جهان ۾، جنهن ۾ دنيا جا غم هڪ پاسي آهن، ته خوشيون ٻئي طرف. عشقُ ئي ته زندگيءَ جي وجود جو سبب آهي، زندگي عشق کان سواءِ ڪيڏي نه ٻُسي آهي!
    لکين ماڻهو پنهنجيون زندگيون گذاري، مٽيءَ ۾ ملي، مِٽجي ويا! اهي ڪنهن کي ياد آهن؟ ڪنهن کي به نه.... پر، اهي ماڻهو ئي تاريخ ۾ محفوظ رهيا آهن، انهن ماڻهن کي ئي ياد رکيو ويو آهي، جن پنهنجيون حياتيون عام ماڻهن جي ڀلائيءَ ۽ بهتريءَ لاءِ وقف ڪري ڇڏيون، جن پنهنجيءَ حياتيءَ جو پل پل انسانذات جي سنوار ۽ سڌار لاءِ سجايو ڪيو.
    پياري ماڻهوءَ کي سوچڻ، ۽ اهو به محبت منجھان سوچڻ، ڪيڏو نه سهڻو لڳندو آهي! جڏهن پياري ماڻهوءَ جا خيال اسان جي سوچن ۾ لهرن وانگر اُڀرندا آهن ته ڪيئن نه بي خوديءَ جون مُرڪون منهن تي پکيڙجي وينديون آهن.... پرينءَ کي سوچڻ به عبادت وانگر آهي. ان عبادت وانگر، جنهن ۾اسان جو هڪ هڪ ساهه “پرين، پرين” پڪاريندو آهي. اها پڪارَ، جيڪا فقط پرينءَ جي دل تائين ئي رَسندي آهي، ٻيو ڪو به اها پڪار ٻُڌي نه سگھندو آهي ۽ نه ئي ان پيار کي محسوس ڪري سگھندو آهي. پيار صرف محبوب لاءِ ئي آهي، ٻئي ڪنهن لاءِ نه.
    زندگيءَ ۾ انهن ماڻهن کي ئي امرتا ملي آهي جن سچ جو ساٿ ڏنو آهي ۽ سُولين جي به پرواهه ناهي ڪئي. زندگي سچ آهي ۽ اها سچائيءَ سان ئي جيئڻي آهي. زندگيءَ کي ڪُوڙ سان جِي نه ٿو سگھجي. ڪوڙُ ڪَچ آهي، جنهن جي ڪا حيثيت ناهي..... حيثيت صرف ۽ صرف ان پَل کي حاصل آهي جيڪو زندگيءَ کي بامقصد بڻائي ٿو:

    يقين ڪهڙو رکي سگھندو اهو ‘تنوير’ ڪنهن شَيءِ ۾،
    نه جـنـهـن کـي زنـدگـيءَ ۾، زنـدگـيءَ تي اعـتـبـار آيـــــو.

    زندگيءَ جو سفر روان رهڻو آهي. ان سفر کي روڪي نه ٿو سگھجي، پر خوبصورت بڻائي سگھجي ٿو.
    ***

    (لکيل: 6 فيبروري 2011ع. ڇپيل: روزاني “عبرت” حيدرآباد، 26 جُون 2011ع)


    2. دردُ زنده رکندو آهي....

    سنڌ جي آڪاس تي بادل ڇانيل آهن ۽ ماحول ۾ ٿڌڪار رچيل آهي. ڪڪر وسڻ جا ويس ڪري آيا آهن ۽ پنهنجي سونهن پَسائي رهيا آهن. ان سهڻي سَمٖي شاهه سائينءَ جو بيت ذهن تي تَري آيو آهي:

    ڪڪـر منجھ ڪَپـار، جـھـڙ نيـڻـؤن نه لـهـي،
    جهـڙا منـهـنجـا سـپـريــن، تـهـڙا ميگھ مــلارَ،
    کڻ اکيون، کِل يارَ، وڃن سُور سنڌا ڪيون.

    سنڌ جا شهر ۽ ٻهراڙيون ڪنهن نه ڪنهن وڻندڙ حوالي سان ڄاتا سڃاتا وڃن ٿا. مثال طور، ميهڙ جي ميندِي مشهور آهي، ته رتي ديري جا پيڙا مشهور آهن.... شڪارپور جي کٽاڻ نالي چَڙهي آهي، ته ماهوٽن جا زيتونَ شوق سان کاڌا ويندا آهن.... سکر جو ساڌ ٻيلو مشهور آهي، ته دادوءَ جو جادو ماڻهن کي موهي وجھندو آهي.... ڪراچيءَ جو سمنڊ انوکي ڇِڪَ ۽ سِڪَ رکي ٿو، ته ٺـٽي جي ڪينجھر ڍنڍَ جي ڳالهه ئي ٻِي آهي.... اسان جو لاڙڪاڻو ته وري باغن جو شهر چيو ويندو هو. هاڻي ته انهن باغن جي خوشبوءِ ۽ رنگارنگين کي ٿورو ٿَڪو جناح باغ ۽ ذوالفقار باغ ۾ ئي پَسي سگھجي ٿو.... پر هڪ شَيءِ، جا سنڌ جي ٻهراڙين کي مجموعي طرح خوبصورت بڻائي ٿي، اهي انهن واهڻن ۽ وستين جا کيتَ آهن، جيڪي ڳوٺاڻَن جي محبتي دلين وانگر خوشبوئن ۽ رنگن سان سينگاريل آهن.... سائين منهنجا، سَرنهن جي سهڻي پِيلاڻ کان ڪير ٿو اکيون ٻُوٽي سگھي! رابيلَ جي معصوم سُرهاڻ ۽ نِرملتا کي ڪير ٿو وِساري سگھي! رات جي راڻيءَ جي خوشبوءِ کي ڪيئن ٿو ساهن ۾ سمائجڻ کان روڪي سگھجي! ڪنول گُل جي ڪوملتا ٻڌائڻ لاءِ ڪهڙن لفظن جو انتخاب ڪجي! سورج مُکيءَ جي سج سان محبت ته عالم آشڪار آهي، پر سمورن گلن جي بادشاهه گل.... گلاب جي گل جي حُسن ۽ خوشبوءِ جي ڇا ڳالهه ڪجي! گلابُ عاشقن جو گل آهي، گلابُ محبوبَ جي زلفن جو سينگار آهي، گلابُ تحفو آهي هڪ محبتي دل لاءِ، ٻِيءَ چاهت ڀَري دل جو....
    ***
    سنڌ جي مَها ڪوي شيخ اياز کي سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ ۾ وڏي حيثيت حاصل آهي. شيخ اياز جنهن ريت پنهنجي بي پناهه فڪرِي ۽ فني گهرائي رکندڙ شاعريءَ سان، سنڌي ٻوليءَ کي وسعتون ڏنيون، تن جي ڪَٿ ڪرڻ ڪو سولو ڪم ناهي. ان لاءِ عالمي سطح جي علم، ادب ۽ تاريخ جو مطالعو ڪرڻو پوندو، تڏهن ئي شيخ اياز جِي عظمت کي سمجھي سگھبو. اهو ئي ڪارڻ آهي، جو سندس شاعريءَ جي باري ۾، علمي ۽ ادبي حَلقن ۾ چيو ويندو آهي، ته شيخ اياز جي فڪر ۽ فن جو اڀياس به ايئن ئي صدين تائين ٿيندو رهندو جيئن سنڌ جي ڀٽائيءَ، شاهه عبداللطيف جو مطالعو صدين کان مسلسل ٿِي رهيو آهي، پر اڃا تائين شاهه سائينءَ جي ڏاهپ ڀرين بيتن ۽ واين ۾ سمايل فڪر ۽ فن جو درياهُه بادشاهُه اڻ کُٽ وهندڙ آهي ۽ شاهه جي فڪر ۽ فن توڙي سندس موسيقيءَ جا نوان نوان رُخ پڌرا ٿي رهيا آهن.... دوستو! شاهه لطيف کان پوءِ، شيخ اياز ئي اهو شاعر آهي جنهن سنڌي شاعريءَ کي ڪمالَ جِي نَيُن اُوچائين تي پهچايو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي لِڪل حسناڪين کان رُوشناس ڪرايو. ايازَ سنڌي ماڻهن سان محبت جا، سڄي دنيا جِي انسانذات سان پيار ۽ اُن جي آزاديءَ جا ۽ فطرت جي سونهن جا گيتَ ڳاتا....
    شيخ اياز کي اسان کان وِڇڙٖي، 13 وَرهه گذري ويا آهن، پر افسوس ته اڃا تائين، شيخ اياز جي مطالعي جِي، صحيح طرح پرک ۽ پروڙ جِي شروعات نه ٿي آهي.... ان مقصد کي ڌيانَ ۾ رکندي، لاڙڪاڻي جي علمي ۽ ادبي تنظيمن، سال 2011ع کي “شيخ اياز سال” ڪري ملهائڻ جو طَي ڪيو آهي ۽ هيءُ سڄو سال شيخ ايازجي شاعريءَ ۽ سندس سرجيل نثر جي مطالعي جي حوالي سان پروگرام رٿيا آهن.... ڏاڍي خوشيءَ جي ڳالهه آهي، ته “شيخ اياز سال” ملهائڻ جي سلسلي هيٺ، اڄ صبح، پريس ڪلب لاڙڪاڻي ۾، هڪ سيمينار “شيخ اياز ــــــ بحيثيت شاعر” منعقد ٿيو.... هن پروگرام جي صدارت اُپ کنڊ “پاڪ-هند” جي دانشور ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ ڪئي ۽ خاص مهمانَ سنڌ جو مشهور شاعر ۽ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾، سنڌي شعبي جو اڳواڻ ڊاڪٽر ادل سومرو، سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر مشتاق ڦُل، آرٽس ڪائونسل لاڙڪاڻو جو وائيس پريزيڊنٽ ڊاڪٽر نذير شيخ ۽ نالي وارو اديب ۽ “شيخ اياز سال ڪاميٽيءَ” جو سيڪريٽري فياض لطيف هئا. ان موقعي تي نالي وارن اديبن ۽ سڄاڻ شخصيتن اياز جي فڪر ۽ فن بابت اڀياسي مقالا ۽ مضمون پڙهيا ۽ شاعرن شيخ اياز کي خراج پيش ڪيو...

    سِرُ سَرچو ساڻيهه سان، مٽيءَ سان ماٿو،
    ڪونهي تنهن ڪاٿو، اوچو آهي اُڀ کان. (اياز)

    ***
    سائين منهنجا! ڪجھ ڪلاڪن کان پوءِ 14 فيبروري مستقبل مان نروار ٿِي، حال جِي هنج ۾ هلِي ايندي. هِن تاريخ کي دنيا ۾ پيار ڪندڙ دلين پاران “محبت ۽ پيار جي عالمي ڏينهن” جِي حيثيت حاصل آهي.... “لَـوَرس ڊي”! جي ها، هن ڏينهن تي ڪروڙين ماڻهو گلن جي صورت ۾، محبتي مِٺين جي روپ ۾، پنهنجي پنهنجي انداز سان، پنهنجين ثقافتي روايتن موجب، پنهنجن پيارن کي محبت جي ڀيٽا پيش ڪندا. هي ڏينهن نفرتن جو ناهي، پر هي ڏينهن مرڪون ونڊڻ جو آهي.... پر، دوستو، اسان ڪيئن ۽ ڪهڙيءَ ريت ان ڏينهن کي ملهائينداسين؟ اسان وٽ عالمي ڏينهن ملهائڻ جو لاڙو مِڙيوئي گھٽ آهي. ڪٿي ايئن ته نه ٿيندو، ته هي الفت ۽ چاهت جو ڏينهن به، ٻين عام ڏينهن وانگر اسان جي ماضيءَ ۾ شامل ٿي ويندو ۽ 14 فيبروريءَ جون ڪي به يادون، اسان جي سوچن جو يادگار حصو بڻجي نه سگھنديون؟ سڀاڻي، ڇو نه اسان به گلن جا تحفا، سونهن ۽ سُرهاڻ جون سوکڙيون، پنهنجن پيارن دوستن، سنگتين ۽ ساٿين، گھر ڀاتين ۽ سڄڻن کي ڏيون، ۽ انهن کي به ڏيون جن سان اسان جو ناتو هڪ انسانُ هجڻ وارو آهي، اسان هڪ انسان هئڻ ناتي هڪ ٻئي سان سلهاڙيل آهيون....
    ***
    سائين منهنجا! دل جي دنيا به حيرت ڀَـرِي دنيا آهي! دل جا عاشقاڻا رنگ، ان جون مدهوش ڪندڙ خوشبوئيون، ان جون قُرب ڀريون ڪيفيتون اچرج جوڳيون به آهن، ته حسناڪيءَ واريون به.... دل سائنسدانن جي نظر ۾، ڀلي ته هڪ عضوو هجي جنهن جو ڪم جسم کي صاف رت ڏيڻ هوندو آهي، پر دل، عاشقن جي نظر ۾، اهو وجود آهي جيڪو دل جِي دنيا کي محبتن جون روشنيون بخشيندو آهي ۽ هڪ ماڻهوءَ کي ٻئي ماڻهوءَ سان پيار ڪرڻ سيکاريندو آهي.... پر دل جا ڪي معاملا اهڙا به هوندا آهن جيڪي عاشق کي ڀوڳنا ڏيندا آهن، اهڙي پِيڙا پَسائيندا آهن جنهن جهڙي پيڙا شايد ئي ٻِي ڪا هجي..... انهن پِيڙائن مان هڪڙي پيڙَ، هڪڙو دردُ بيوفائيءَ جو درد به آهي، جيڪو عاشق کي جيئري ئي ماري ڇڏيندو آهي.... اهو دردُ زنده ته رکندو آهي، پر احساسن جو انت آڻي ڇڏيندو آهي، تنهن باوجود، عاشق کي هڪ ئي وائي واتِ هوندي آهي ته مان وفا ڪندس، ٻيهر وفا ڪندس، هر هر وفا ڪندس، پوءِ ڀلي ته پاڻ سان بيوفائي يا دغا ئي ڇو نه ڪرڻي پوي....
    ***

    (سرجيل: 13 فيبروري 2011ع. ڇپيل: روزاني “عبرت” حيدرآباد، 22 مئي 2011ع)


    3. نيڻَ اُڻن ٿا خواب

    اڪثر چيو ويندو آهي ته زندگي ڏاڍي مختصر آهي، جيتوڻيڪ ڪيئي ماڻهو ان مختصر زندگيءَ ۾ به وڏا وڏا اهم ڪمَ، ماڻهن جي مستقبل کي سنواري ڇڏيندڙَ، اهڙا يادگار ڪم ڪري ويندا آهن، جو حيرتون لڳنديون آهن. سنڌ جي نالي واري شاعر شيخ اياز چيو آهي: “هيءَ زندگي بلڪل مختصر آهي، ۽ ان ڪري مون کي ان تي ايئن پيار ايندو آهي جيئن محبوب جي جوانيءَ تي اچي.” تڏهن به، اها مختصر زندگي، جيڪا عام ماڻهو جِيئنِ ٿا، ايئن اُڏرندي گذري وڃي ٿي جو ويرم ئي نه ٿي گذري، پر ڄڻ ته سالَ گذري وڃن ٿا. اهڙي مختصر زندگيءَ جو جوڀنُ ته تِهائين مختصر آهي. اهو ته اختصار جو به اختصار آهي! ڄڻ ته حصي جو به حصو! ته پوءِ، ان جوڀنَ ۾، جيڪو بنهه ٿورڙن ڏينهن تي مدار رکي ٿو، ڪيئن ٿو جيوَن جي سرمستين کي ماڻي سگھجي! جوڀن جا ٿورا ڏينهڙا ته اکيون ڇِنڀڻ جيان گذري ۽ اُڏري وڃن ٿا. اهي جوڀن وارا ٻه ٽي ڏينهڙا ئي ته آهن جيڪي حياتيءَ جي حسناڪين جو به روپ آهن، ته ان جي دلفريبين جو لاجواب شڪار به.... سنڌ جو مشهور ڪهاڻيڪار امرجليل پنهنجي هڪ ڪهاڻيءَ ۾ چوي ٿو: “جوڀن ۽ جواني خزان جا سُڪل پَن آهن، ڏينهون ڏينهن وڃن سُڪندا، ڀُرندا، ڀَڄندا.”
    ***
    دنيا ۾ ته لکين ڪروڙين، اڃا به اربين ماڻهو موجود آهن، جن مان اسان جو واسطو ٿورن ئي ماڻهن سان پوي ٿو، پر انهن ٿورن ماڻهن ۾ به، ڪي بنهه ٿورا ماڻهو آهن جيڪي اسان جي زندگيءَ جو اهم حصو هوندا آهن. اڃا به ايئن چوڻ وڌيڪ درست ٿيندو ته اسان جي زندگيءَ جو لازمي جزو آهي، يا جن کان سواءِ اسان جي زندگي اڻپوري آهي. انهن مِٺڙن ماڻهن سان وقت گذاريندي، ڪچهريون ڪندي، روح جا راز اوريندي، اسان کي بيحد سرور ايندو آهي. اسان چاهيندا آهيون ته انهن سان گھڻي کان گھڻو ويجھا رهون، انهن جي محبتن جي ڇانوري ۾ هجون. اهڙن پيارن ۽ مٺڙن ماڻهن ۾ پيءُ ماءُ، ڀائـرَ ۽ ڀينرون، دوستَ ۽ ساٿي ته شامل آهن ئي آهن، پر دل گُهريو ۽ دلبر ماڻهو، يار ۽ سڄڻ، جيڪو اسان جي زندگيءَ جو، اسان جي محبت جو، هيڪلو ئي حقدار هجي ٿو، ڪو هڪ ئي ٿئي ٿو، جنهن سان اسان جو جيءُ جـڙجي ويندو آهي، جنهن لاءِ سِر جي پرواهه به ناهيون ڪندا ۽ جنهن سان اسان جو سِر لڳندو آهي، جيڪو دل جي ڌڙڪڻ جو راز هوندو آهي ۽ جيڪو من جي وسيع ڪائنات ۾ رهندو آهي....
    ***
    نيڻن ۽ خوابن جو پاڻ ۾ گهرو واسطو آهي. نيڻ خوابن بنا ريگستان جي رُڃ مثل آهن، ته خواب وري خوبصورت نيڻن کان سواءِ ٻُسا ٻُسا هوندا آهن. پر ٻنهي تي جڏهن سوچيون ٿا ته محسوس ٿئي ٿو ته نيڻ خوابن کان سواءِ ٿي سگھن ٿا، ته خواب به نيڻن کان سواءِ ممڪن آهن، ته پوءِ، ڪهڙي حالت وڌيڪ بهتر آهي، جنهن جي تمنا ڪري سگھجي! ڇا خوابن بنا نيڻَ هجن؟ يا نيڻن بنا خواب هجن؟
    هن دنيا ۾ تمام گھڻا ماڻهو اهڙا آهن جن وٽ نيڻ ته آهن، پر وٽن ڪي به خواب ناهن، وٽن ڪي به اميدون ناهن، ڇو ته خوابن کي سياڻن ۽ سمجُهو ماڻهن آئيندي جي اميد به ڪوٺيو آهي. اها آئيندي جي اميد جنهن ۾ جيئڻ جي آس آهي، ڪجھ بهتر ڪرڻ، انسانذات کي ڪجھ ڏئي وڃڻ جي خواهش آهي، پر ڪي ماڻهو اهڙا به آهن جيڪي قدرتي طرح هن دنيا جون خوبصورتيون ته ڏسي نه ٿا سگھن، جن وٽ بظاهر ته فطرت جي بي رنگي آهي، پر اصل ۾، انهن وٽ سپنن جو سندر ديس آباد آهي، جنهن ۾ اهي پنهنجي اندر جي حسناڪيءَ سان سهڻا سهڻا خواب اُڻي سگھندا آهن. اهڙا ماڻهن جا نيڻ پنهنجن خوابن وسيلي هن ڪائنات کي ڏسندا آهن، ۽ ڪڏهن ته پاڻ به اهي هڪ سپنو بڻجي جيئندا آهن.
    جيئن ته خوابن ۾ راز به هوندا آهن ان ڪري ئي انهن جون تعبيرون به ڏاڍي ڪشش رکنديون آهن. ماڻهو چاهيندو آهي ته سندس خواب جي تعبير سٺي هجي، اها تعبير اهڙي هجي جيڪا خوشي ڏيندڙ هجي، جنهن ۾ ڪا چڱائي لڪل هجي، جنهن ۾ ڪنهن خواهش، ڪنهن آرزوءَ جو پُورائو هجي.
    ***
    مشهور عالمي اديب ۽ مفڪر خليل جبران ڪيترن ئي خوبصورت ڪتابن جو ليکڪ آهي. سندس مشهور ۽ معروف ڪتابن ۾ “پيغامبر”، “ڀڳل کنڀڙاٽيون”، “غلامي”، “ساحل ۽ سمنڊ”، “پهاڙن ۾ پڪار” ۽ ٻيا ڪيئي ڪتاب شامل آهن.... وڻندڙ اندازِ تحرير جي ڪري، جبران کي سڄيءَ دنيا ۾ ڏاڍي پيار ۽ پاٻوهه منجھان پڙهيو ويندو آهي. هُو پنهنجي پهرين شعري مجموعي “آبشار” (دَ پروسيشن) ۾ لکي ٿو:
    “هن ڌرتيءَ تي ڪي ٿورا انسان هوندا،
    “جيڪي زندگيءَ مان لطف اندوز ٿين ٿا،
    “۽ فطرت جي عطا ڪيل بي بها نعمتن مان ڪَڪِ نه ٿا ٿين.
    “يا وري زندگيءَ جي وهندڙ شفاف آبشارن کي
    “پيالي ۾ بند نه ٿا ڪَن،
    “جنهن جي سطح تي هنن جا خيال لُڏندا ۽ ترندا رهن ٿا.”
    واقعي به ايئن ئي ته آهي! فطرت ۾ ڪيڏي نه خوبصورتي آهي! ان جو اندازو تڏهن ٿئي ٿو جڏهن اسان ٻهراڙين ۾ نڪري پئون ٿا ۽ فطرت جي حسين نظارن کي ڏسون ٿا.... شهرن ۾ ڪٿي رهي آ اها ترتيب ۽ سُهڻائي، جيڪا شهرن کان ٻاهر چَوڏسا پکڙيل فطرتي سادگيءَ ڀَري سُونهن ۾ هنڌين ماڳين پکڙيل آهي. شال! اسان کي فطرت جي انهن نعمتن مان ڪڏهن به ڪَڪِ ٿيڻ جو موقعو نه ملي ۽ اسان باوجود ڏکن ۽ تڪليفن کي سَهندي، زندگيءَ مان لطف اندوز ٿيندا رهون....
    ***
    ڏينهن جي وٺ پڪڙ ۽ ڪمن ڪارين کان پوءِ، شام ٿيندي ئي دوستن، سنگتين ۽ ساٿين سان ملڻ ۽ ڪچهريون ڪرڻ لاءِ اسان جو منُ سَٽون هڻڻ لڳندو آهي. دل چاهيندي آهي ته ڪي پَل پنهنجن پيارن سڄڻن سان قرب جون ڳالهيون ڪجن. هنن جا احوالَ ٻُڌجن ۽ کين پنهنجون وارتائون ٻڌائجن. دنيا ۾ ڇا ٿو وهي واپري، ان تي ڪجھ ڳالهائجي، ڪي ويچار ونڊجن، يا ڪي پَل خاموشيءَ سان هڪ ٻئي جي نيڻن جي گهراين ۾ سمائجي وڃجي. هر انداز ۾ پنهنجي خاص دلچسپي آهي. ان طرح، ڪڏهن قرب ڀَريون ڪچهريون ڪري سگھندا آهيون، ته ڪڏهن شام جو به مصروفيتن يا ٿڪاوٽن جو شڪار ٿي گھرن ۾ ئي ويهي رهندا آهيون.... ڇا به هجي، دل جو حال ونڊڻ سان من هلڪو ٿي پوندو آهي ۽ ماڻهو پاڻ کي ڏاڍو هلڪو ڦُلڪو محسوس ڪرڻ لڳندو آهي. ڪڏهن اوهان به پنهنجن پيارن سان دل جا احوالَ اوري پاڻ کي سهنجو محسوس ڪندا ڪيو ۽ خوشين جا گھڙيون وڌائيندا ڪيو....
    ***
    لطيف سائينءَ جو سڄو رسالو ڄڻ ته هيرن ۽ جواهرن سان جُڙيل بيتن ۽ وائيُن سان سينگاريل آهي. شاهه لطيف رسالي جي سُرن ۾ جيڪي فڪر جا واهڙ وهايا آهن، تن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي! شاهه سائين سُر مومل راڻي ۾ فرمائي ٿو:
    شمـعَ ٻــارِيـنـدي شَبَّ، پِـرهه باکُـون ڪَـڍيُـون،
    مـوٽُ، مران ٿـي، مينـڌرا! راڻـا ڪـارڻِ ربَّ،
    تنهنجِي تاتِ طَلَبَ، ڪانگَ اُڏايم ڪاڪِ جا.
    مُومل ـــــــ حُسُنَ ۽ سُونهن جي راڻِي، ناز ۽ انداز جي مَلڪه، جنهن سان سُومل سياڻيءَ جو ساٿ، ۽ پوءِ وري راڻي جو رسامو ڪري هليو وڃڻ! ان صورت ۾ موملِ ڪيئن نه ڪُوڪُون ڪندي ۽ ايلاز ڪندي راڻي کي پرچڻ لاءِ:
    رُسُ مَ، رُسَــڻُ گھــورِيــو، اُٺُ اوراهــون ڇــــوڙِ،
    تو ريءَ ڪاڪِ ڪَڙي ٿَئِي، ساڻُ سِرکَنڊُ سوڙهه،
    اچِــي چَـنــدَنُ چــوڙِ، ته سـوڍا! سُـکِـيـاڻِـي ٿِـيـــان.
    ***
    نماڻا نيڻ هر ڪنهن دل کي موهي وجھندا آهن. اهڙي سَمي اکين جي اها ئي آس هوندي آهي ته اهڙن مٺڙن ۽ نماڻن نيڻن ۾ گم ٿِي وڃجي. اهي نماڻا نيڻ ئي هيءَ سڄي ڪائنات بڻجي پوَن، ٻيو ڪجھ نه رهي. سڀ رنگ انهن سندر نيڻن واريءَ ڪائنات جا هجن، پر جڏهن اهي نيڻ نماڻا اسان جا ئي نيڻ بڻجي پوَن ۽ پياري پرينءَ لاءِ ويڳاڻا بڻجي پونِ، ته پوءِ ڇا ڪجي! هِنَ ماڻهن سان ڀريل دنيا ۾ ماڻهو اڪيلو رهجي وڃي، ميلي ۾ ئي تنها هجي، ته پوءِ ڪهڙيءَ واٽ تي هلجي؟ ڪيئن پنهنجي اڪيلائي ۽ ويڳاڻپ ختم ڪجي؟
    ڇا به هجي، پر سڀ کان بهتر اهو ئي لڳندو آهي ته پياري پرينءَ کي ٻڌائجي ته تنهنجي لاءِ منهنجا نيڻ ويڳاڻا بڻجي پيا آهن. تون ايندين، ته اها ويڳاڻپ ختم ٿيندي، تو سان ملڻ سان ئي منهنجين تنهائيون پڄاڻيءَ تي رَسنديون.
    ***

    (سرجيل: 20 ۽ 27 فيبروري 2011ع. ڇپيل: روزاني “عبرت” حيدرآباد، 24 جولاءِ 2011ع)


    4. اکين جو سمنڊ اڻ جھل آهي

    سهڻيءَ سنڌ جو آسمان گھڻي ڀاڱي بادلن سان ڀريل رهيو آهي، ڪٿي مينهن پيا آهن ته ڪٿي تن ۽ من کي ٺاريندڙ هوائون گُهليون آهن، جن اونهاري جي گرميءَ کي ماحول منجھان پٺتي ڌِڪي ڇڏيو آهي ۽ هوائن کي رُومانَ ۽ هُڳاءَ ڀَريو بڻائي ڇڏيو آهي.... ٻئي طرف، برساتن اسان جي شهرن کي گندو به ڪيو آهي. رستن ۽ گھٽين ۾ برسات جو پاڻي بيٺو آهي، روڊن تي مسافرن کي اچ وڃ ۾ ڏاڍي ڏکيائيءَ سان مُنهن ڏيڻو پوي ٿو، گَپ چِڪ مان گذرڻو پوي ٿو، خاص ڪري عورتن ۽ ٻارن کي وڏي تڪليف سان اچ وڃ ڪرڻي پوي ٿي. ان صورتحال ۾ ڄڻ ته برسات جي سندرتا کي مات اچي وئي آهي ۽ ماڻهو برساتن مان بيزار ٿيڻ لڳا آهن. رحمتَ زحمتَ ۾ بدلجي وئي آهي.... انتظاميا ته جيڪي به اُپاءَ وٺي ۽ جڏهن به اپاءَ وٺي، اميد ته وقت سِر ڪٿي نه ڪٿي وٺندي هوندي جيڪا يقيناً ماڻهن کي سهولت ميسر ڪري ڏيندي، پر اسان جو به ڪجھ فرض آهي جيڪو اسان کي ادا ڪرڻ گھرجي. جي ها دوستو، ڏسو ته اسان ڪيئن نه رستن ۽ راهن کي سوڙهو ڪري ڇڏيو آهي. انهن تي صندل هڻي، ريڙهيون بيهاري، دڪانن اڳيان دڪانن جيترا ئي قبضا ڪري اتان ماڻهن جي گذرڻ کي بند ڪري ڇڏيو آهي، فوٽ پاٿن کي ڪنهن نه ڪنهن ريت بند ڪري مانڊڻيون هڻي ڇڏيون آهن جنهنڪري مجبورن ماڻهن کي روڊن تان گذرڻو پوي ٿو، جنهن سان ڪيئي ايڪسيڊنٽ به ٿيا آهن ۽ ماڻهو ويچارا معذور به بڻجي ويا آهن. خسيس فائدن لاءِ ماڻهوءَ کي تڪليف ڏيڻ ڪو چڱو ڪم ته ناهي نه، جو اهو ڪبو رهجي....
    ***
    سائين منهنجا! تعليم جي اهميت کان ڪير ٿو انڪار ڪري سگھي! شايد اهو ماڻهو ئي تعليم جي مخالفت ۾ ڳالهائيندو جنهن جا ڪي اهڙا مفاد هوندا جيڪي تعليم سان متاثر ٿيندا هوندا، نه ته هر هڪ چاهيندو آهي ته اسان جي قوم ۾ تعليم وڌي، هر هڪ ٻار پڙهي لکي ۽ قوم جو مانُ مٿاهون ڪري. حضرت محمد ﷺ جي حديث آهي: “والدين جو پنهنجي اولاد لاءِ سٺي تعليم کان بهتر ڪو به تحفو نه آهي.” يا حضرت علي عليه السلام جن جي ڌيان ڇڪائيندڙ چوِڻي آهي ته “علم مالَ کان بهتر آهي، ڇو ته علم تنهنجي حفاظت ڪري ٿو ۽ مال جي توهان حفاظت ڪريو ٿا.”
    دوستو! تعليمَ ڪنهن به قوم لاءِ ڪرنگھي جي حيثيت رکي ٿي. هاڻ جيڪڏهن قوم جو ڪرنگھو سگھارو هوندو، ته اها قوم فخر سان، دنيا سان، وِکون وکن سان ملائي اڳتي وڌي سگھندي. اڄوڪي وقت ۾ اهي قومون ئي اقتصادي طرح دنيا ۾ مضبوط آهن جن جي تعليم سٺي آهي ۽ جيڪي پنهنجيءَ سٺي تعليم جي ڪري سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي شعبن ۾ ڀَـڙ آهن ۽ ڏينهون ڏينهن پنهنجيءَ تعليم کي بهتر کان بهتر بڻائي رهيون آهن. اسان کي به ان لاءِ سوچڻو پوندو ۽ پنهنجو تعليمي معيار مٿاهون بڻائڻو پوندو، ته جيئن نه صرف پنهنجو مانَ ڀريو رُتبو بحال ڪرايون ۽ دنيا ۾ عزت ۽ احترام جي نظرن سان ڏٺا وڃون ۽ نئين اتساهه سان پنهنجي ڏيهه جِي ڏاهپ ۽ علم واري سڃاڻپ پيدا ڪري سگھون....

    ***
    دنيا جو تمام گھڻو شعر ۽ ادبُ پيار ۽ محبت جي وڻندڙ تحريرن سان سينگاريل آهي. انهن تحريرن ۾ اديبن ۽ شاعرن جهڙيءَ طرح پيار ۽ پيارن جون ڳالهيون قلمبند ڪيون آهن تن کي پڙهي دل جي ڌڙڪڻ کي محسوس ڪري سگھجي ٿو ۽ جذبن جي گَهِرائيءَ کي مَن جي سمنڊ ۾ لهرون هڻندي ڏسي سگھجي ٿو.... سنڌُ جو سدا حيات شاهه، حضرت عبداللطيف ڀٽائي چوي ٿو:
    چــنــڊ! چــوانءِ سـچ، جـي مَـٺــو مُــور نه ڀـانــئــيــن،
    ڪـڏهــيــن اڀـريـن سـنـهـڙو، ڪـڏهـــن اڀــريــن ڳــچُ،
    مُنهن ۾ ٻَرئيِ مَچُ، تو ۾ ناهه پيشاني پرينءَ جي.
    ٻئي طرف ويهين صديءَ ۾ سنڌ جو آوازُ، مهان شاعر شيخ اياز چوي ٿو:
    پير جو آواز تنهنجو، مون سڃاتو آهه يا نه!
    سچ ٻڌايانءِ ڪيئن آهه!
    ڌرتـتـيءَ ۾ ڏس ته نِـمُ جـي ڇـانـوَ لهـرائـي پـئـي،
    هيـر ۾ جُھـولـي پـيـو وڻ، ڄـڻ فـضـا ڳـائـي پـئـي،
    سج لهي ويندو ته ڇا! نم کان جدا ٿيندي نه ڇانوَ،
    اي پرين تئن تنهنجِي منهنجِي آهه هڪ هستِي ٻه نانوَ ــــــ
    چَؤ برابر آهه يا نه؟
    پير جو آواز تنهنجو، مون سڃاتو آهه يا نه!
    اڃا به سنڌ جو هڪ ٻيو نامور شاعر آثم ناٿن شاهي هڪ شعر ۾ چوي ٿو:
    پوپٽ! تنهنجا رنگَ، ڇو ٿا پرينءَ سان ملن؟
    ڇا تو ان جا انگَ، پنهنجي پَرن سان ڇُهيا!؟
    هن موقعي تي، قيس بن عامري ‘مجنون’ جي هڪ ڏاڍي خوبصورت شعر جو ترجمو “اڄ پڻ چِڪيم چاڪَ” (مصنف جِي.ايم. سيد) ڪتاب مان اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪيان ٿو:
    “منهنجا اُن شخص کي سلام پهچن، جنهن کي آءٌ هرگز نه وساريندو آهيان، ۽ نه جنهن جي ذڪر کان زبان کي ملال ايندو آهي، ۽ نه اها ٿَڪبِي آهي،
    “ڇا ٿِي پيو جيڪڏهن اکين ۽ بدن کان اهو دوست ڏُور آهي؟ ڇو ته جنهن صورت ۾ کيس منهنجيءَ دل ۾ جاءِ حاصل آهي، تنهن صورت ۾ آءٌ ڪيئن کيس وساري سگھندس!”
    اهڙا شعر ٻُڌي/پڙهي ڪيڏو نه سُڪون ملي ٿو! ڄڻ ته لطيف سائينءَ جي لفظن ۾ “ڪي ڏُور به اوڏا سپرين” آهن. هڪ طرف ماڻهو ٻن انچن لاءِ هڪ ٻئي سان وڙهڻ ۽ هڪ ٻئي کي مارڻ لاءِ تيار ٿي وڃن ٿا، ته ٻئي پاسي اهڙا به ماڻهو آهن جن جي دل ۾ اهڙيون جايون اَڏيل آهن جن جي اڳيان ظاهري ۽ اُوچيون جايون به تِڇ آهن.
    ***
    دوستو! سمنڊُ ڳوڙهن جي صورت ۾ اکين ۾ هجي يا وشال پاڻيءَ جي رُوپ ۾ ڌرتيءَ جي ڪشادي سيني تي پکيڙيل هجي، ان جي گهرائيءَ، سونهن ۽ تاثير کان ڪنهن به طرح انڪار ڪري نه سگھبو آهي. اکين جو سمنڊُ اَڻ جھل آهي، ته ڌرتيءَ جو سمنڊ به وڏي سگھ وارو.... اکين جو سمنڊ ڳوڙها بڻجي وهي پوي ته ماڻهوءَ کي لوڏي ڇڏي، ۽ ڌرتيءَ جو سمنڊ مينهن ۽ طوفان بڻجي اُٿلي پوي ته شهرن ۽ وسندين کي لوڙهي ۽ ٻوڙي ڇڏي. اکين جي سمنڊ ۾ جيءَ جذبن جي تڙپ هوندي آهي، ته ڌرتيءَ جي سمنڊ ۾ فطرت جي حسناڪيءَ جون ڇوليون پيون ڇُلنديون آهن.... اکين جي سمنڊ ۾ پرين جو عڪس پيو جھلڪيون پسائيندو آهي، ته ڌرتيءَ جي سمنڊ ۾ لهندڙ سج جو عڪسُ سونهن جي وصف بڻجي پوندو آهي.
    سائين منهنجا، لطيف سائينءَ فرمايو آهي:
    اکـيـن ۾ ٿِـــي ويـهه، آئــون واري ڍڪــيــانءِ،
    توکي نه ڏِسي ڏيهه، آئون نه ڏِسان ڪِي ٻيو.
    - ته ٻئي پاسي سمنڊ-ڪناري واريءَ جا گھرَ ٺاهي، ڪيئن نه محبت سان ٽمٽار جذبن جو اظهار ڪبو آهي. اهڙن جذبن جو اظهار جنهن ۾ پنهنجائپ هوندي آهي ۽ جنهن ۾ محبتي ماحول هوندو آهي....
    ها، منهنجا سڄڻو! سمنڊ جي ڪناري تي، رانديون ڪندي، ننڍڙا ننڍڙا واريءَ جا گھرڙا ٺاهڻ ۾ ڏاڍو گھڻو مزو هوندو آهي. ان وقت جيڪڏهن ڪو ساڻُ ويٺل ان گھر کي لاپرواهيءَ سان ڊاهي ڇڏيندو آهي، ته ڏک ته ڏاڍو ٿيندو آهي ۽ ڪاوڙ به گھڻي لڳندي آهي، پر جڏهن ان ڏکَ کي نئين جذبي سان ۽ ڪاوڙ کان ڪَن لاٽار ڪري ٻيهر واريءَ جو نئون گھر ٺاهڻ شروع ڪبو آهي ته من اندر پڻ چاهتن ۽ محبتن جا نوان احساس جاڳڻ لڳندا آهن ۽ دل پيار وارن جذبن سان ڀرجي ويندي آهي ۽ فضا مست بڻجي پوندي آهي....
    ***

    (سرجيل: 6 مارچ 2011ع. ڇپيل: روزاني “عبرت” حيدرآباد، 11 سيپٽمبر 2011ع)


    5. لُڙڪَ ۽ مُرڪَ

    “گھرُ”، جنهن لاءِ انگريزي ٻوليءَ ۾ ڏاڍي پيار منجهان چيو ويندو آهي “ماءِ سُئيٽ هوم” (My Sweet Home) يعني منهنجو مٺڙو پيارو گھر، اهو “گھر” جيتوڻيڪ ڏاڍو ننڍڙو لفظ آهي اچارڻ ۾ به، ته لِکڻ ۾ به، پر ان جي معنى ۽ مفهوم ڏاڍو وڏو آهي.
    جڏهن اسين گھر جو سچو پچو تصور ڪيون ٿا ته اهو گھرُ صرف شهر جي ڊرائنگ ۽ ڊائننگ وارن ڪمرن توڙي سمهڻ وارن ڪمرن يا ‘هالَ’، ورانڊي ۽ آڳر تي مشتمل ناهي ۽ نه ئي اهو گھر ٻهراڙين جي صُفحن ۽ ڪوٺين وارو گھر آهي. اهو گھر ڀتين، ڇتين ۽ فرشن تي مشتمل سامان سان سٿيل گھر به ناهي، پر هيءُ اهو گهر آهي جيڪو ڀلي ته هزارين فُٽن تي پکڙيل وڏِي ايراضيءَ تي مشتمل هجي يا ڪجھ سَو فُٽن تي اَڏيل هڪ ٻن ڪمرن تي، پر اهو گھر خالي نه هجي، ويران يا غير آباد، ڄارٖي ۽ مٽيءَ سان ڀريل ۽ بند پيل گھر نه هجي، پر ان گھر ۾ ٿورا يا گھڻا ماڻهو رهندڙ هجن، اهو گھر انساني زندگيءَ کان وانجھيل نه هجي، نه ته ان کي گهر ڪيئن چئي سگھبو!
    ان گھرَ ۾ هڪ ٻئي جي عزت ڪندڙ ۽ ميٺَ محبت سان ڳالهائيندڙ گھر-ڀاتي رهندڙ هجن، جن جو پاڻ ۾ ساٿ ڀريو رشتو هجي. ان گھر ۾ ڪو به ڀاتي پاڻ کي اهنجو محسوس نه ڪري، پوءِ اهو مرد هجي يا عورت، بزرگ هجي يا ٻار ۽ ڇوڪرو هجي يا ڇوڪرِي.... ان گھر ۾ سڀني ڀاتين جي تعلق جِي تندُ پيار ۽ پنهنجائپ سان اُڻيل هجي، تڏهن ئي ته ان کي اهڙو گھر ڪوٺي سگھنداسون جيڪو واقعي به لفظ “گھر” جو مفهوم ڏئي ٿو.
    هن موقعي تي پنهنجي هڪ دوست ۽ محبتي ماڻهوءَ جِي گھر جي حوالي سان هڪ ڀلي ڳالهه ذهن ۾ هُري ٿي اچي. دوست چيو ته “اهو گھر به ڪهڙو گھر چئبو، جنهن ۾ اسان پنهنجي پيءُ ماءُ ۽ ڀائرن ڀينرن کان الڳ ٿي رهون پيا! اصل گھر ته اهو هو جنهن ۾ اسين پنهنجي ابي امڙ سان رهندا هئاسون ۽ ڀائرن ۽ ڀينرن سان ڪچهري ڪندا هئاسون. گھر جي محبت ۽ سِڪ ته اُتي هئي. هاڻي ته وڏيون وٿيون اچي ويون آهن جو هڪ گھرُ انيڪ گھرن ۾ ورهائجي ويو آهي، جنهن ۾ اسان پيءُ ۽ ماءُ جي شفقت ۽ محبت کان محروم ٿي ويا آهيون ۽ ڀائر پنهنجن ٻارن ٻچن ۾ قابُو ٿي ويا آهن.”
    احساس انهن کي ئي وڌيڪ ٿيندو آهي جن جي سِرن تان پيءُ جي شفقت ۽ امڙ جي محبت جي ڇانوَ سدائين لاءِ هلي ويندي آهي ۽ سندن لاءِ دعائن جا در بند ٿي ويندا آهن. امڙ جون اهي نگاهون، جيڪي هوءَ پُٽن جو انتظار ڪندي در ۾ اٽڪايون ويٺي هوندي آهي، سدائين لاءِ ٻوٽجي وينديون آهن، پوءِ ئي انهن عظيم اکڙين جي اوسيئڙي جو ڪَٿ ٿيندي آهي.
    سنڌ جي نالي واري شاعر اياز گل جي هڪ غزل جو شعر آهي:
    مَن ۾ ڪو مهمان ضروري آ، پيارا!
    دَردن جـو درمــان ضـروري آ، پـيـارا!
    هاڻي جي ته صحيح خبر ناهي، البت ڪجھ وقت اڳ تائين جون ڳالهيون ٻُڌون ٿا ته معلوم ٿئي ٿو ته گھر جو وڏو ان وقت تائين ماني نه کائيندو هو جيستائين ڪو يار، دوست، واقفڪار، اڃا به چئجي ته مهمانُ اوطاق تي نه ايندو هو.... حال احوالَ پوءِ ورتا ويندا هئا، پهريائين مهمان جي خدمت چاڪري ڪئي ويندي هئي. سندس هٿ ڌوئرايا ويندا هئا ۽ جيڪو ڪجھ رڌو پَڪو هوندو هو، آندو ويندو هو ۽ ماني کائڻ کان پوءِ ئي ميزبانُ سُڪون محسوس ڪندو هو. هُو مهمانن جي اچڻ تي ڏاڍو خوش ٿيندو هو ۽ ان کي نيڪ شگن سمجھندو هو.... مهمان جي کاڌي پيتي جي حوالي سان اها چوڻي عام آهي ته مهمان پنهنجو رزق پاڻ سان گڏ آڻيندو آهي. ٻئي طرف دنيا جي مشهور مفڪر خليل جبران جو چوڻ آهي: “جيڪڏهن مهمانَ نه هجن ته گھر قبرستان جو ڏيک ڏئي.” سچ پچ به اهو گھر ڪيڏو نه ٻاڙو ٿي پوندو آهي، جتي مهمانَ اچڻ ڇڏي ڏيندا آهن. مهمانن جي اچڻ سان ڄڻ ته رونق گهر جي ڪُنڊ ڪُڙڇ تائين خوشبوءِ وانگر پکيڙجي ويندي آهي....
    ***
    ماڻهوءَ ماڻهوءَ جي طبيعت ۽ مزاج ۾ فرق ٿئي ٿو. ڪو ڪيئن ته ڪو ڪيئن. جنهن جي طبيعت ۾ مٺاڻِ هوندي آهي، هرڪو پيو ان کي جيءَ ۾ جايون ڏيندو آهي ۽ چاهيندو آهي ته ان مٺي ماڻهوءَ سان جيترو وقت گڏ گذري، اوترو سٺو.... جيڪو ٿڌي طبيعت وارو هوندو آهي، ان جا دوست ۽ سڄڻ به گھڻا هوندا آهن ۽ ان کي زندگيءَ ۾ گھڻن ئي مسئلن سان به رڳو پنهنجي ٿڌائپ جي ڪري مُنهن ناهي ڏيڻو پوندو ۽ زندگيءَ کي ڪاميابيءَ سان گذاريندو آهي، پر ٻيا مزاجَ ڪيئن به هجن، خاص طور چيڙاڪ ماڻهوءَ کان هرڪو پاسو ڪندو آهي، نه هن وٽ وڃڻ چاهيندو آهي ۽ نه سندس اچڻ جي هن کي خوشي ٿيندي آهي. اهڙي ماڻهوءَ سان واقفيت به جيءَ جو جنجال بڻجي پوندي آهي ۽ جيڪڏهن اهڙي چيڙاڪ ماڻهوءَ کي سامهون ايندي ڏسبو آهي ته اهو به خيال ٿيندو آهي ته گھٽِي ئي مَٽي ڇڏجي.... پر جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ سان دل لڳي ويندي آهي ته پوءِ سڀ مزاج پاسائتا ٿي ويندا آهن. ڇا جي ٿڌائپ، ڇا جي چيڙاڪي، ڇا ٿيو جيڪڏهن اهو ماڻهو ڪاوڙيلو آهي! کيس پرچائي وٺبو ۽ ان پرچائڻ جو مزو به وٺبو! ان سان ضرور ڪچهريون ڪبيون، ڀلي ته سانجھيءَ کان اڌ رات ٿي وڃي، دل گھرندي آهي ته ڪچهري هَلندِي رهي ۽ ننڊ نيڻن جي ويجھو نه اچي. پر جيڪڏهن مُحب مٺڙو ڪَهي اچي ئي نه، ۽ مُنهنـڙو مَٽي وڃي، ته پو ڇا ڪجي. ماڻهو بيوس بڻجي ايئن ئي چوندو ته “لاءِ ته نماڻيءَ سان نينهن، محبَ ايئن نه مُنهن مَٽجي.”
    ***
    اسان هن دنيا ۾ ته جيئون ٿا جيڪا ڌرتيءَ تي آباد آهي، پر اسان مان هر ماڻهو پنهنجيءَ هڪ مخصوص دنيا ۾ به جيئي ٿو ۽ هر ماڻهوءَ جي دنيا جا رنگ ۽ ڍنگ به پنهنجا پنهنجا ٿين ٿا، جن مان ڪي وڻندڙ ٿا ٿين ته ڪي اڻ وڻندڙ.... اها مخصوص دنيا اسان جي ڏيهاڙي گذرندڙ دنيا آهي جنهن ۾ اسان هڪ رواجي زندگي ته ضرور گذاريون ٿا، پر ان مخصوص دنيا ۾ اسان جا لُڙڪ ۽ اسان جون مُرڪون، اسان جي پيار جون سُرڪيون پنهنجيون ئي آهن، ان ڪري ئي سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز پنهنجي هڪ خوبصورت گيت ۾ چيو آهي:
    سڀ ڪا مومل، سڀ ڪو راڻو ـــــ
    پنهنجي پنهنجي ڪاڪ سڀن کي!
    لُڙڪ به سڀ کي، مُرڪ به سڀ کي،
    سـونـهـن پـيـاري سُـرڪ بـه سڀ کي،
    پـيـار بـه سـڀ کـي، پُـورَ بـه سڀ کي،
    نـيـنـهـن ڏنــا نــاســـورَ بـه ســڀ کــــي،
    هــار بـه سـڀ کـي، جيـتَ به سڀ کي،
    مـٺــڙا مـٺـــڙا مـيـتَ بـه سـڀ کــي،
    ســڀ کــي ڳــوڙهـــا ۽ ڳــاراڻـــــو!
    پنهنجي پنهنجي ڪاڪ سڀن کي!
    سڀ ڪا مومل، سڀ ڪو راڻو ـــــ
    پنهنجي پنهنجي ڪاڪ سڀن کي!
    اوهان ڄاڻو ٿا ته سنڌ جي مهان شاعر ۽ نثر نويس شيخ اياز جي مڃتا ۾ سنڌ جا اديب سال 2011ع کي “شيخ اياز سال” ڪري ملهائي رهيا آهن، ته جيئن شيخ اياز جي فڪر ۽ فن کي عام ڪري سگھجي ۽ ان مان لاڀ حاصل ڪجي، ڇاڪاڻ ته شيخ اياز اهڙو شاعر هو جنهن گذريل ويهين صديءَ جي پورن 50 سالن کي ادبي طور متاثر ڪيو ۽ سنڌي شعر ۽ ٻئي ادب تي پنهنجا اڻ مِٽ اثر ڇڏيا آهن..... شيخ اياز جي سِرجيل شعر سنڌ جي ٽن نسلن کي متاثر ڪيو آهي ۽ اهو سلسلو اڃا هلندڙ آهي. اها سندس شعر جي خوبي آهي ته سندس نالو سنڌي شاعريءَ ۾ اهڙي امرتا ماڻي چڪو آهي جو شاهه لطيف کان پوءِ شيخ اياز جو نالو سنڌ جي شعري آسمان تي چنڊ وانگر جَرڪي رهيو آهي....
    سنڌ واسين کي اياز جي شعر جو اڀياس ضرور ڪرڻ گھرجي، ڇو ته اياز کي پڙهڻ ۽ پُرجھڻ کان سواءِ سنڌي ادب جو مطالعو اڻپورو آهي. هن موقعي تي، شيخ اياز جي هڪ خوبصورت وائي پيش ڪيان ٿو:

    تـو کي ڪِئن سـاريان،
    سـڄـڻ ٿــڌي سـاهه سـان!
    اچــڻـو آهــيـن اوچـتـو، تــو کـي ڪـئــن واريـــان!
    ڪـويـل وانـگـر ڪـيـتـرو، تــو لـئـه پــڪاريــــان؟
    اِجھــو اولهـه ۾ لـٿـــو، ڪـــيــســـيــن نـهــاريـــان؟
    ڪائِي ڏِکّ ته ڏي ڪڏهن، هانءُ نه جئن هاريان!
    تـو کي ڪِئن سـاريـان،
    سـڄـڻ ٿــڌي سـاهه سان!
    ***

    (سرجيل: 13 مارچ 2011ع. ڇپيل: روزاني “عبرت” حيدرآباد، 10 جولاءِ 2011ع)


    6. لاڙڪاڻو حاڪماڻو

    لاڙڪاڻي کي سنڌ جي تاريخ ۽ تمدن توڙي جاگرافيائي حوالي سان وڏي اهميت حاصل رهي آهي. خاص ڪري لاڙڪاڻي ضلعي ۾ واقع موهين جي دڙي، سنڌ واسين جو هزارين ساله تهذيب جي حوالي سان سڄيءَ دنيا ۾ مانُ مٿاهون ڪيو آهي. جڏهن ته جھڪر جو دڙو پڻ اوسيئڙو ڪري رهيو آهي ته ان جي به کوٽائي ڪئي وڃي ۽ ماضيءَ جي تاريخ ۾ لَٽجي ويل تمدني آثارن کي ظاهر ڪجي.... هي علائقو پنهنجين ٻن وڏين ڍنڍن ڊرگھ ڍنڍ ۽ لنگھ ڍنڍ جي حوالي سان پڻ سڃاڻپ رکي ٿو، جن کي پکين لاءِ محفوظ آبي پناهگاهه جو درجو حاصل آهي. جڏهن ته ڏاڙهياري جبل ۽ ڪُتٖي جي قبر جي حوالي سان پڻ هن علائقي جي مشهوري سڄيءَ سنڌ ۾ آهي جيڪا هڪ ڀلي هِل اسٽيشن جي حيثيت حاصل ڪري سگھي ٿي....
    لاڙڪاڻي جي تاريخ، جاگرافيءَ، علمي، ادبي ۽ مذهبي ۽ ٻين موضوعن ۽ شخصيتن جي ذڪر تي مشتمل جيڪو پهريون خاص تاريخي ڪتاب ڇپيو، سو آهي “لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو”.... هن ضخيم تاريخي ڪتاب جو سرپرست هو قربان علي عباسي، نگران هو ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ۽ مرتب هو گل محمد گاد مرتب.... هي ڪتاب ميونسپل ايمپلائيز يونين لاڙڪاڻو ڇپرائي پڌرو ڪيو جيڪو ڊبل ڪرائون سائيز ۾، 756 سنڌي صفحن، 80 اردو صفحن ۽ 32 انگريزي صفحن جي مواد تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جي هڪ خاص ڳالهه هيءَ به هئي ته منجھس تمام گھڻيون تصويرون پڻ ڏنيون ويون هيون جيڪي ڪتاب جي اهميت کي وڌائيندڙ هيون.... هيءُ ڪتاب بنا شڪ جي لاڙڪاڻي جي تاريخ بيان ڪرڻ جي حوالي سان پيڙهه جو پٿر ثابت ٿيو، جنهن جي سنڌي ڀاڱي ۾ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، قربان علي بگٽي، پير علي محمد راشدي، پير حسام الدين راشدي، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلٖي، قاضي فضل اللھ، عبدالغفور ڀرڳڙِي، انيس انصاري، ڊاڪٽر الهداد ٻوهئٖي، محمد علي جوهر، جعفري غلام تقيءَ، ڪريم بخش خالد، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر حميده کهڙو، سيد خادم حسين شاهه، هري درياني دلگير، ڊاڪٽر محمود شاهه، ڊاڪٽر غلام علي سانگِي، ڊاڪٽر رحمت اللھ ابڙي، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي، ميمڻ غلام مصطفى مشتاق، ڊاڪٽر بشير احمد شاد، محمد حسن محسن چنٖي، ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ، مختار گھمرٖي، لقمان حڪيم، ڊاڪٽر اياز حسين قادري، ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ، ڪشنچند بيوس، جيئل راءِ اوڏ، امان اللھ شيخ، پنهل قادريءَ، محمد بچل تنيٖي، مقصود گل، محمد افضل عباسيءَ، علي مرتضى ڌاريجٖي، قاضي قمر ۽ ٻين جا لکيل مقالا ۽ مضمون شامل هئا.... جڏهن ته ڪتاب جي اردو ڀاڱي ۾ ڊاڪٽر ڪئپٽن ايس ايم ادريس، پروفيسر وفا صديقي، رشيد تبسم، محمود شرف، پروفيسر محمود خان، سيد هاشم رضا، غلام رسول سومرٖي ۽ سعيد الدين جا ليک شامل هئا ۽ انگريزي ڀاڱي ۾ امان اللھ مشوريءَ جو ليک ۽ ٻيو مواد ڏنل هو.... مان اهي نالا ان ڪري به پيش ڪيا ته جيئن انهن شخصيتن کي سندن ڪم جي ننڍي مڃتا پيش ڪري سگھان. انهن نالن مان اندازو ڪري سگھجي ٿو ته هي ڪتاب “لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو” ڪيڏي نه ڀرپور مواد تي مشتمل هو، ان ڪري ئي ٿوري ئي وقت ۾ پنهنجو نانءُ پيدا ڪري اڻلڀ ٿي ويو.... هن وقت يقيناً ضرورت آهي ته ضلعي حڪومت يا لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي هن اهم ڪتاب جي ٻئي سڌاريل ۽ وڌايل ڇاپي جو انتظام ڪرائي، ته جيئن هڪ تاريخي دستاويز کي نئين سر پڙهندڙن تائين پهچائي سگھجي ۽ پنهنجي ضلعي بابت آڳاٽي ۽ نئين معلومات جديد تحقيق آڌار محفوظ بڻائي سگھجي....

    لاڙڪاڻي ضلعي جي تاريخ تي تحقيقي ڪم ڪندڙ هڪ اداري “لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ” لاڙڪاڻي جي تاريخ تي ڪجھ ڪتاب ڇپي پڌرا ڪيا آهن، جن ۾ “لاڙڪاڻو صدين کان”، “لاڙڪاڻو تاريخ جي آئيني ۾”، “لاڙڪاڻو تاريخي ۽ تحقيقي مطالعو” ۽ “ويل نه وسريام” شامل آهن. هي ڪتاب پڻ لاڙڪاڻي ضلعي بابت گھڻ رُخي ڄاڻ ڏين ٿا....
    انهن ڪتابن مان هڪ ڪتاب “لاڙڪاڻو تاريخي ۽ تحقيقي مطالعو” جي هڪ مضمون “لاڙڪاڻو حاڪماڻو” ۾ نالي وارو ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار منظور ڪوهيار لکي ٿو: “لاڙڪاڻو شهر، بلاشبه انهن شهرن منجھان آهي، جنهن جو شهري ٿيڻ باعثِ افتخار آهي، ڇو ته هي شهر ڪلهوڙن جي دَور ۾ خوشحاليءَ ۽ فارغ الباليءَ جو مثال بڻيو ۽ پهاڪو جُڙيو: ‘هجئي ناڻو ته گھم لاڙڪاڻو.’ ٽالپرن جي دَور ۾ هي شهر باغات، گلن ڦلن، نازِنين، ناز پرور ۽ صوفياڻي طبيعت رکندڙ ماڻهن جي ڪري ‘لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو’ سڏجڻ لڳو. انگريزن جي دَور ۾ هي شهر علم، ادب، تفريح، سٺي انتظام ۽ امن جي حوالي سان ‘لاڙڪاڻو راڄ راڻو’ ٿي پيو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ، هن شهر جي ماڻهن، سياسي ۽ سماجي اڳواڻي ڪري، لاڙڪاڻي کي حاڪماڻو ڪيو، جو وقت جا شهنشاهه ۽ حاڪم به هت ڪَهي آيا.”
    لاڙڪاڻي لاءِ “لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو” ۽ “لاڙڪاڻو راڄ راڻو” کان سواءِ ٻيون چوڻيون پڻ مشهور ۽ مقبول ٿيون آهن، جھڙوڪ: “هجئي ناڻو ته گھم لاڙڪاڻو”، “لاڙڪاڻو شاعرن جو آکيرو”، لاڙڪاڻو باغن ۽ خوشبوئن جو شهر”.
    ***

    (سرجيل: 20 مارچ 2011ع)


    7. ڳالهه چڱي ڪجي...

    جـن کــي دَورُ دَرد جـــو، سبقُ سورَ پڙهن،
    فِـڪــرَ ڦــرهِـي هـٿَ ۾، ماٺِ مطالعو ڪَنِ،
    پنو سو پڙهن، جنهن ۾ پسنِ پرينءَ کي. (شاهه)

    اسان جي ملڪ ۾ ڪيئي ٻوليون ڳالهايون، لکيون، پڙهيون ۽ سمجھيون وڃن ٿيون، جن ۾ خاص طور سنڌي، سرائيڪي، پنجابي، بلوچي، پشتو، اردو ۽ ٻيون ٻوليون شامل آهن، جيڪي ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ڳالهائجن ٿيون. انهن ٻولين مان ڪي ٻوليون لڳ ڀڳ سڄي ملڪ ۾ ڳالهايون، سمجھيون، لکيون ۽ پڙهيون وڃن ٿيون، ته ڪي وري هڪ ٻِن صوبن ۾. ڪي ٻوليون ڪِن ننڍن خِطن تائين محدود آهن، ته ڪي وري وڏن علائقن تائين. ڪن ٻولين جا وري لهجا مختلف خِطن ۾ مروج آهن، جيتوڻيڪ اهي مجموعي طور هڪ ئي ٻوليءَ جو بُڻ رکن ٿا يا هڪ ئي ٻوليءَ کي جوڙن ٿا، اهي ڄڻ هڪ ٻوليءَ جا ٻئي ٻئي رنگ وارا گُل آهن، جن جي الڳ الڳ خوشبو آهي، ۽ ٻولي انهن رنگدار گلن جو گلدستو آهي.... اهڙيءَ طرح هر ٻوليءَ جي پنهنجي پنهنجي خوشبوءِ آهي، الڳ الڳ انداز آهي، جدا جدا رنگ ۽ روپ آهي. هر ٻوليءَ جي پنهنجي پنهنجي خوبصورتي آهي، اهڙي خوبصورتي جيڪا ٻيءَ ٻوليءَ جي خوبصورتيءَ کي گھٽائي نه ٿي، پر پنهنجيءَ خوبصورتيءَ کي به مٿڀرو رکي ٿي، ته ٻيءَ ٻوليءَ جي حسن جو به انڪار نه ٿي ڪري.... ان ريت، جيتوڻيڪ سرائيڪي ڪنهن به صوبي جي ٻولي ناهي، پر ملڪ جي وڏي علائقي ۾ ۽ گھڻن ئي مختلف هنڌن تي ڳالهائي ۽ لکي پڙهي وڃي ٿي ۽ مٺي لهجي وارين ٻولين مان هڪ اهم ٻولي آهي، جنهن کي وڏي پيار ۽ پاٻوهه مان ڳالهايو ويندو آهي ۽ جنهن جي لهجي ۾ هڪ نرالي پنهنجائپ محسوس ٿيندي آهي....
    ***
    “ڪٽنب يعني خاندان يا گھراڻي جو عالمي ڏينهن” 15 مئي تي سڄيءَ دنيا ۾ ملهايو ويندو آهي. گھراڻو گھرَ سان واسطيدار آهي، يعني اهو هنڌ جتي شادي شده مرد ۽ عورت رهندا هجن، جنهن ڇِت “هيٺان” سندن اولاد رهندڙ هجي.... ڏٺو ويو آهي ته وقت سان گڏ، اسان وٽ به گھريلو زندگي گذارڻ جا معيار بدلبا رهيا آهن. اڳي، هڪ ئي وڏو ڪٽنب، ڏاڏي کان وٺي پوٽٖي تائين، ۽ جيڪي به يا جيترا به ڀائر ۽ ٻيا گھر-ڀاتي هئا، هڪ ئي گھر ۾ پنهنجائپ، خلوص، پيار، پَوِترائي، ميٺ ۽ ملنساريءَ، عزت ۽ احترام سان رهندا هئا، وڏن جي دل ۾ ننڍن لاءِ محبت ۽ شفقت هئي، ته ننڍن جي من ۾ وڏن لاءِ احترام ۽ نِوِڙت هئي.... اهي ڪي چار پل گڏ ويهي، هِتان هُتان جون ۽ گھر جون ڳالهيون ڪندا هئا، هڪ ٻئي سان ڏک سور اوريندا هئا، پر هاڻي اها ڳالهه نظر نه ٿِي اچي.... هاڻِ وڏن جي طبيعت تي ننڍن جي بي رُخيءَ جي ڪري ڏک ۽ پيڙا جا اثر پيا آهن ۽ اهي اڪيلائيءَ جو شڪار ٿيا آهن، ساڻن ڪو ويهي حال ڀائي ٿيڻ لاءِ تيار ناهي ۽ سندس عزتِ نفس مجروح ٿِي آهي.... جڏهن ته ننڍن کي وڏن جون ڳالهيون وڻن ئي ڪو نه ٿيون، اهي پنهنجي مرضي هلائڻ چاهن ٿا، جيئن وڻين ۽ جتي وڻين وقت گذارڻ گھرن ٿا، سندن هٿن ۾ ننڍڙن ڀائرن ۽ ڀينرن جي هٿڙن ۽ آڱرين بدران موبائيل پڪڙيل آهي، جنهن تي فضول چيٽِ ۾ لڳا پيا آهن.... اڳي هڪ ئي ڪمري يا ڪوٺيءَ ۾ ڪيئي ڀائر ڀينر کِل ڀوڳ سان رهندا هئا، رات جو رهاڻيون ڪندا هئا، راند روند ڪندا هئا، گڏيل پڙهائي ڪندا هئا، هڪ ٻئي کان سمجھندا ۽ هڪ ٻئي کي سمجھائيندا هئا، پر هاڻي هر هڪ تنهائي پسند ٿِي ويو آهي، هر ڪنهن کي الڳ الڳ ڪمرو ٿو گھرجي، جتي ڪيبل، ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جي سهوليت هجي ۽ موبائيل ڊبل سِم واري هر وقت چارج ٿيندي رهي. ٻيا گھر-ڀاتي ڇا ٿا ڪن، ان جي مڙئي پرواهه هن کي گھٽ آهي....
    ڏسجي، ته اسان وٽ ايشيا ۾ ته اڃا ڪجھ نه ڪجھ ڪُٽنبي سرشتو هلندڙ آهي، جيتوڻيڪ اهو زوال پذير آهي ۽ ڏينهون ڏينهن ڪمزور ٿيندي، ختم ٿِي رهيو آهي، پر يورپ ۽ آمريڪا ۽ ٻين هنڌن تي اهو ڪافي حد تائين ختم ٿي چڪو آهي. ان ڪري ئي، اتي جيڪا هيڪلائي، تنهائي، ڇڙواڳي ۽ بيوسي وڌي آهي، ان اتان جي سوچيندڙ ذهنن کي ڏاڍو پريشان ڪيو آهي ۽ اهي سوچي رهيا آهن ته ڪنهن ريت ان ٽُـٽندڙ ڪٽنبي سرشتي کي بحال ڪرائجي يا گھٽ ۾ گھٽ ڪنهن اهڙيءَ سطح تائين ورائي آڻجي جتي ڪٽنب جي حوالي سان سماجي قدر بحال ٿي سگھن، ڇاڪاڻ ته ڪٽنب سان ڪيئي ثقافتي ريتون ۽ رسمون به لاڳاپيل آهن، جيڪي ڪٽنب جي ٽٽڻ سان پاڻ به ٽٽن ٿيون. مثال طور ڪٽنب جي ڀڄِي ڀور ٿيڻ سان هڪَ يونٽَ يعني ايڪي جو خاتمو ٿئي ٿو. يونٽُ ان معنى ۾ ته ڪجھ ماڻهو گڏجي گھر ٺاهن ٿا، ڪجھ گھر گڏجي پاڙو جوڙن ٿا، ڪجھ پاڙا مِڙي ڳوٺ يا شهر جو بنياد ثابت ٿين ٿا، ڪجھ شهر ۽ ڳوٺ ضلعي، ڊويزن ۽ صوبي يا رياست جا بنياد ميسر ڪري ٿا ڏين، ۽ ڪجھ صوبا يا رياستون وري ملڪن جي جوڙجڪ ڪن ٿا. ان ريت دائرو وڌندو وڃي ٿو.... هاڻ جيڪڏهن گھر ٽٽندو، ڪجھ گھر-ڀاتين ۾ عليحدگي ٿيندي، ته گھر-ڀاتين جي ويجھڙائي ضرور متاثر ٿيندي، ۽ ماڻهو ذهني طور نوَن روين ۽ رجحانن سان رهڻ لڳندو، جنهن جا لازمي اثر پاڙي تي پوندا ۽ اهو سلسلو وڌي ملڪ تائين پهچندو ۽ ملڪ جي ثقافتي قدرن، روين ۽ رجحانن کي هڪدم ته متاثر نه ڪندو، پر ٿوري وقت گذرڻ کان پوءِ ان جا اهي اثر ظاهر ٿيندا، جيڪي ماڻهپي جي بنيادي ۽ اٽل قدرن کي ڌوڏيندڙ هوندا.... ان ڪري ئي “ڪٽنب يعني خاندان يا گھراڻي جو عالمي ڏينهن” ملهايو پيو وڃي ۽ ان بابت پروگرام منعقد ٿين پيا ته جيئن ڪٽنبي سرشتي کي بچائي ۽ وڌائي سگھجي ۽ ماڻهوءَ جي ذهني روين ۽ لاڙن کي سٺيءَ واٽ تي وڌائي سگھجي، هڪ ماڻهو، ٻئي ماڻهوءَ جي ويجھو ٿئي، ان کان پرانهون نه بڻجي....
    ***
    اونهاري جو جھولا ۽ تتل ڏينهن سولا وڃڻا ناهن هوندا، خاص طور جڏهن ته انهن جي اڃا آمد ٿي هجي. چاليهو هلي رهيو هجي، ۽ سج ساڙيندو هجي.... هن موقعي تي، منهنجي دل چوي ٿي ته انهن کَل ساڙيندڙ لُڪَن، باهه جي اُلن، ڏڪارن جي انديشن ۽ پوءِ وري سانوڻ جي مينهنِ ۽ گل گلزارين جي حوالي سان سنڌ جي جيڪا عڪاسي سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز ڪئي آهي، سا اوهان اڳيان پيش ڪيان، جنهن ۾ حرف حرف حقيقت سان سلهاڙيو پيو آهي....
    شيخ اياز چوي ٿو:
    جِت لُڪ لڳي، جت اَڪ تَپن،
    سو ديس مسافر، منهنجو ڙي!
    جت سجّ ڦُلا ٿِي نڪري ٿو،
    ۽ آگ اُلا ٿي نڪري ٿو،
    جت ڏينهن ڪڙهائيءَ جيئن ڪَڙهن،
    سو ديس مسافر، منهنجو ڙي!
    جت ڪارِي اُسّ ڪنواٽن تي،
    ۽ ويڙهيچن جي واٽن تي،
    ٿا واريءَ جا وسڪارَ ٿِين،
    سو ديس مسافر، منهنجو ڙي!
    جت ڪيئي صدين سالن کان،
    پولارن کان، پاتالن کان،
    ٿا ڏُرت اچن، ڏهڪاوَ پون،
    سو ديس مسافر، منهنجو ڙي!
    ڪو ساوڻ نيٺ ته وَسڻو آ،
    ۽ گاهُه گسَن تي گسڻ آ،
    جت نيٺ ڪڏهن ولهار وَسن،
    سو ديس مسافر، منهنجو ڙي!
    آ آسَ اِها هڪوار وَسن،
    ۽ جَر ٿَر ويروتار وسن،
    ۽ بادل برسي بسّ نه ڪَن!
    سو ديس مسافر، منهنجو ڙي!
    ***
    هر ماڻهوءَ ۾ جيڪڏهن گھڻيون نه، ته به ڪا نه ڪا سگھ ۽ ڪا نه ڪا ڪمزوري هجي ٿي. “سگھه” بهتر صفت ۽ “ڪمزوري” ظاهر آهي ته بهتر صفت ناهي. سگھ مان ماڻهو پنهنجي لاءِ يا ٻين ماڻهن لاءِ ڪو هڪُ يا وڌيڪ چڱا ڪم ڪري سگھندو آهي ۽ ڪمزوري اهڙي چڱي ڪم کان روڪيندي آهي.... هڪڙي سگھ يا ڪمزوري جسماني ٿئي ٿي ۽ ٻِي روحاني يا ذهني. جسماني سگھ ماڻهوءَ لاءِ ضروري آهي، ڇو ته صحتمند جسم وڌيڪ سٺيءَ طرح ڪم ڪري سگھندو آهي ۽ ڪمزور جسم اوتري قوت سان ڪم ڪرڻ کان لاچار هوندو آهي. ساڳيءَ طرح روحاني يا ذهني سگھ سان ماڻهو نه صرف اخلاقي ۽ نفسي طور مضبوط هوندو آهي ۽ ماڻهپي جي سگھ سان ڀرپور هوندو آهي، پر هو اهڙو وجود هوندو آهي جنهن کي آڏو رکي ٻيا ماڻهو سٺو ٿيڻ جي به ڪوشش ڪندا آهن، جڏهن ته روحاني يا ذهني طور ڪمزور ماڻهو نه صرف پاڻ تي، پر پنهنجي سماج ۽ نيٺ پُوري انسانيت تي به بوجھ مثل هوندو آهي ۽ ٻيا ماڻهو ان کان بيزار هوندا آهن ۽ کانئس پري رهڻ چاهيندا آهن. اهو ماڻهو ڪهڙي به وقت پاڻ لاءِ ۽ ٻين لاءِ نقصانڪار ٿي سگھندو آهي.... پر اها سگھ يا ڪمزوري ماڻهوءَ جي پنهنجي وجود سان واسطو رکي ٿي، جڏهن ته هڪڙن ماڻهن جي سگھ يا ڪمزوري ڪو ٻيو ماڻهو به هوندو آهي، جيڪو کيس ڏاڍو پيارو هوندو آهي. ان سان اهي ٻئي خاصيتون يا خوبيون ملي سگھن ٿيون يعني سگھ به، ته ڪمزوري به.... اهڙي سمي اهو فيصلو ڪرڻ پڻ انتهائي مشڪل هوندو آهي، ته اهو ماڻهو سگھ آهي يا ڪمزوري. ان جو فيصلو وقت ۽ حالتون ڪنديون آهن....
    ***
    خوش مزاجي هڪ ڏاڍي ڀلي عادت آهي، پر جيڪڏهن اها ڪنهن ماڻهوءَ ۾ آهي ته. خوش مزاجيءَ سان ماڻهو نه صرف اِهو، ته پاڻ سَرهو رهي ٿو، پنهنجو وقت سٺيءَ ريت، کِلندي مُنهن تي مُرڪ پکيڙيندي، تازگيءَ سان گذاري ٿو، پر ٻئي ماڻهوءَ کي به خوشي ڏئي ٿو ۽ سندس دل تي جيڪڏهن ڪو بار آهي ته ان کي هٽائي ٿو.... ها دوستو، اسان جي دنيا ۾ ڏک گھڻا آهن ۽ خوشيون بنهه ٿوريون، اهڙين حالتن ۾ خوش مزاجي انهن ڏکن کي گھٽائڻ ۾، انهن تڪليفن ۽ اهنجن تان اسان جو ڌيان هٽائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿِي.... خوش مزاجيءَ سان ماڻهوءَ جي من تان مُونجھ لهي ٿي ۽ انسان جو اندر هلڪو ٿي پوي ٿو. ماڻهوءَ جي دلڙِي ڪي پَل اهڙيءَ طرح ڌڙڪي ٿِي جو تازي تازي رت جسم ۾ ڊوڙڻ لڳي ٿي.... ان سان گڏوگڏ خوش مزاجي اکڙين ۾ جيڪي اميد جا ۽ موج مستيءَ جا خواب اُڻي ٿي تن جِي ڀيٽ ڪنهن به ڏاڍي وڻندڙ ساڀيان سان نه ٿي ڪري سگھجي، ڇاڪاڻ ته خواب جي سونهن کي ڀلي ته ساڀيان جو روپ نه ملي، پر اها اهڙي خوشيءَ جو احساس ضرور من ۾ جاڳائي ٿي جيڪا ڏکِي زندگيءَ کي جيئڻ ڪاڻ سولو بڻائي ڇڏي ٿي.
    جيڪڏهن ماڻهو خوش مزاج آهي، سندس ڳالهائڻ ۾ مزو ۽ ميٺاجُ آهي، ته هر ڪو پيو چاهيندو ته اهڙو ماڻهو ساڻس ئي پيو ڳالهائي. چوندا آهن، ته جيڪڏهن ماڻهوءَ جي شڪل چڱي نه هجي ته ڳالهه چڱي ڪري.... اهو ان ڪري ئي چيو ٿو وڃي ته ڳالهه ۾ ئي سڀ ڪجھ آهي، صورتَ ثانوي حيثيت رکي ٿي، يا جيئن ٻين لفظن ۾ چيو ويندو آهي ته سيرت اصل شَي آهي، اها چڱي هجي، صورت ۾ ڇاهي رکيو! سيرت سدا رهندڙ شَي آهي ۽ صورت وقتي رهندڙ وَٿ. خوبصورتي زبان ۾ هجڻ گھرجي، نه ڪي مُکڙي جي جوڙجڪ ۾.... مِٺو لهجو ماڻهوءَ کي ڇانوَ ۾ ويهاريندو آهي، جڏهن ته نازن نخرن کي ڪو ڪو ئي برداشت ڪري سگھندو آهي. سياڻن ماڻهن جو چوڻ آهي ته اعلى زندگيءَ جون چار نشانيون آهن: 1. نيڪ ڪردار، 2. نيڪ نيت، 3. نيڪ گفتار، ۽ 4. نيڪ صحبت.....
    جيڪڏهن غور ڪندَو ته خوش مزاجيءَ سان ماڻهوءَ جي نيڪ ڪردار جِي عڪاسي به ٿئي ٿِي، ته نيڪ نيتيءَ جِي به. خوش مزاج ماڻهوءَ جي گفتار به نيڪ ۽ سٺِي هوندي آهي، ته کيس دوستن ۽ ٻين ماڻهن جي صحبتَ به نيڪ ملندي آهي. اهڙن خوش مزاج ماڻهن سان هر ماڻهو پَرتل هوندو آهي.
    ***

    (سرجيل: 27 مارچ ۽ 15 مئي 2011ع، ٻه گڏيل اسڪرپٽ.
    ڇپيل: روزاني “عبرت” حيدرآباد، 25-سيپٽمبر 2011ع)


    8. آءٌ انهيءَ جي پيرَ پڻِي

    سچل، سامي، ڀٽ ڌڻي،
    جنهن ۾ ڀي ڪا قرب ڪَڻي،
    آءٌ انهيءَ جي پيرَ پڻي:
    ڇو ته اُهو هيءَ ڌرتي آ،
    ڇو ته ڇپر مان ڇاٽَ ڇڻي-
    هُونءَ ته مون ۾ ‘آءُ گھڻي،
    هُونءَ ته مون ۾ ‘آءُ گھڻي. (شيخ اياز)
    ***
    5 اپريل کان سڄي پاڪستان ۾ گھر شماري شروع ٿي آهي، جيڪا 19 اپريل تائين ٿِيڻي آهي، جنهن کان پوءِ آدم ڳڻپ جو ٻيو سلسلو شروع ڪيو ويندو. اوهان ڄاڻيندا هوندا ته گذريل آدم شماري 1998ع ۾ ٿي هئي، ۽ وري 12 سالن کان پوءِ هي اهم مرحلو شروع ٿيو آهي....
    گھر شماري هجي يا آدم شماري، ٻنهي جو مقصد اهو آهي ته آباديءَ جي، ان جي واڌ جي سُڌ پوي، ته جيئن پاڪستان جي چئني صوبن ۾ رهندڙ ماڻهن جي وچ ۾ مختلف معاملن کي درست طرح نبيري سگھجي ۽ کين وسيلن جي ورڇ ۾ حصو پَتي ڏئي سگھجي.... ان حوالي سان، سرڪار مختلف ٽيمون ٺاهيون آهن جيڪي گھر شماري ڪري رهيون آهن. جيتوڻيڪ ان ڪم جي اهميت کي حڪومتي سياسي ڌُر سميت ٻين سڀني سياسي ۽ سماجي ڌُرين محسوس ڪيو ۽ سمجھيو آهي، ان ڪري ان کي بهتر کان بهتر ۽ وڌ ۾ وڌ ڀرپور ۽ درست بڻائڻ لاءِ اُپاءَ ورتا آهن ۽ عوامي جاڳرتا مهمون هلايون آهن، تڏهن به ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اها عوامي سجاڳيءَ جي مهم گھر-شماري پوري ٿيڻ واري تاريخ 19 اپريل تان ضرور هلي ۽ پوءِ جڏهن آدم شماري شروع ٿئي ته ساڳئي تسلسل سان برقرار رهي....
    ان سلسلي ۾ اوهان پنهنجن پاڙن ۾ ضرور اها ڪوشش ڪيو ته سڀ گھرَ ڳڻپ هيٺ اچن، ڪو به گهر ڳڻپ کان رهجي نه وڃي، هر گهر تي نمبر ضرور لڳي، جنهن گهر ۾ وڌيڪ ڪُٽنب رهندڙ آهن، اهي الڳ الڳ گهر طور ڳڻپ ۾ اچن ۽ انهن جا الڳ نمبر به ٻاهرين مُک در تي لکيا وڃن. اِهو تمام ضروري آهي، ٻيءَ صورت ۾ اهو گهر يا ڪٽنب ڄڻ آهي ئي نه. اميد ته انهن گذارشن تي اوهان سوچ ويچار ڪندا ۽ عمل هيٺ آڻيندا....
    ***
    اڄ اوهان کي قنبر شهر سان تعلق رکندڙ ٻن ڀلوڙ فنڪار ڀائرن بابت مختصراً ڄاڻ ڏيندو هلان، جن گھريلو مجبورين سبب جيتوڻيڪ ٿورا ڪلام ئي ريڊيو تي ڳايا، پر اهي پنهنجي خاص سنڌي رنگ ۾ رڱيل هئا.... انهن ٻن ڀائرن جا نالا آهن استاد محرم علي ٻرڙو ۽ استاد اشرف علي ٻرڙو. سندن والد جو نالو استاد احمد علي خان ٻرڙو هو. استاد اشرف علي ڪيئي سال اڳ 1996ع ۾ دل جي دوري سبب اوچتو گذاري ويو ۽ استاد محرم علي قنبر ۾ گوشه نشينيءَ جي زندگي گذاري رهيو آهي. ٻئي ڀائر جيتوڻيڪ اسڪول ۾ پڙهائيندا هئا ۽ سندن سڃاڻپ هوشيار ۽ لائق استادن واري هئي، پر موسيقيءَ سان سندن چاهه هو. اهڙو ئي چاهه هنن جو هڪ ٻئي سان به هو, جو ٻئي گڏ ئي ڳائيندا هئا، اڪيلي سِر هنن ڪڏهن به نه ڳايو.... سندن بنهه ٿورا ڪلام ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ خيرپور تي رڪارڊ ڪيل آهن، پر اهي پنهنجي سنڌي موسيقيءَ جي حوالي سان اهم آهن. ٻئي ڀائر موسيقيءَ جا مختلف انسٽرومينٽ وڄائڻ ۾ ماهر، جن ۾ خاص ڪري هارمونيم، جلترنگ، پيانو، سِتار، ڪِي بورڊ، بينجو ۽ اڪارڊين به شامل هئا.... ٻنهي ڀائرن ۾ وڏو، استاد محرم علي 12 نومبر 1939ع تي پيدا ٿيو. هن ايم اي تائين تعليم حاصل ڪئي ۽ سڄي حياتي پڙهائڻ ۾ گذاري ۽ 1998ع ۾ رٽائرمينٽ ورتي. موسيقيءَ سان سندس لڳاءُ ننڍپڻ کان ئي ٿيو جيڪو سڄي ڄمار رهيو آهي.... ٻئي طرف سندس ننڍو ڀاءُ استاد اشرف علي نالي وارو حڪيم ۽ هيڊماسٽر پڻ رهيو. هُو 20 آگسٽ 1945ع تي پيدا ٿيو. هن پڻ ايم اي پرائيويٽ ڪئي ۽ سڄي ڄمار پڙهائڻ ۾ گذاري. کيس موسيقيءَ جي علم جي پڻ وڏي ڄاڻ حاصل هئي. سندس وفات 22 جنوري 1996ع تي، دل جي دوري سبب، قنبر ۾ ٿي.... ٻنهي ڀائرن وٽ ملاقات لاءِ نالي وارو راڳي استاد امانت علي خان پڻ قنبر ڪَهي ايندو هو. جڏهن ته سندن ملاقاتون استاد حضور بخش خان، خان محمد ‘سائل’، استاد خورشيد علي خان، استاد سلامت علي خان، استاد نزاڪت علي خان، استاد اميد علي خان، محمد يوسف ۽ عابده پروين سان پڻ رهيون....
    اهڙيون شخصيتون ڪجھ ماڻهن کي سدا ياد رهندڙ هونديون آهن، پوءِ ڀلي ته زماني جي گردشن ۾ اهي ماضيءَ جي گُڦائن ۾ ڪٿي رهجي به وڃن!
    ***
    ڪجھ ڏينهن اڳ مون کي لاڙڪاڻي ضلعي جي ڏکڻ ۾ واقع هڪ شهر باڊهه ۾، اتان جي هڪ سماجي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيم “باڊهه سوشل فورم” جي سَڏ تي، نالي واري سائنسدان البرٽ آئنسٽائين جي پيش ڪيل “ٿيُورِي آف رِليٽِوِٽي” يعني “نسبتي نظريي” تي ليڪچر ڏيڻ لاءِ وڃڻو پيو.... وَين ۾ لاڙڪاڻي کان باڊهه وڃي رهيو هيس ته سفر دوران جن ٻن ڳالهين سڀني مسافرن کي پريشان ڪيو، تن مان هڪ ته لاڙڪاڻي کان ڏوڪريءَ تائين ڊٿل روڊ جو ڏاڍي خراب حالت ۾ هجڻ هو، جيڪو گذريل ٻن اڍائي سالن کان اهڙي خراب حالت ۾ آهي ۽ اڃا تائين ٺهي نه سگھيو آهي، جنهنڪري اچ وڃ ۾ وقتُ به گھڻو لڳي ٿو، ماڻهن پاڻ کي ڏاڍو ڏکيو محسوس ڪن ٿا، ايڪسيڊينٽ جو پڻ امڪان وڌي وڃي ٿو ۽ سڄي واٽ ماڻهو گاڏيءَ ۾ ٿَـڙڪندو رهي ٿو، ۽ ٻيو ته ڊرائيور ويگن کي کٽارا لوڪل بس وانگر هلائي رهيو هو ۽ هِتي هُتي بيهاري رهيو هو....
    هڪُ گرميءَ جي مُند، ڏينهن تَپندڙ، ٻيو ڀَڳل ٽُٽل روڊ ۽ ٽيون ڊرائيور جي ان اندازَ مسافرن کي ڏاڍو پريشان ڪيو، هُو دانهُون ڪرڻ لڳا، پر ڊرائيور انهن سڀني ڳالهين کان ڪَن لاٽار ڪيون پنهنجيءَ ۾ لڳو پيو هو. مسافرن لاءِ اها ڳالهه اڃا ڏُکي هئي، پر هُو ٻيو وڌيڪ ڪري به ڇا پئي سگھيا! ان صورتحال ۾ مون کي هڪ ڳالهه جو کُٽڪو هو ته متان ڊرائيور پنهنجي زبانَ تي ڪنٽرول نه رکي سگھي ۽ ماڻهن سان بدتميزيءَ سان نه پيش اچي، ڇاڪاڻ ته اهڙين حالتن ۾ ڪيئي ڀيرا ڊرائيور مسافرن جي بيعزتي ڪندي به دير نه ڪندا آهن. پر هيءُ ڊرائيور ان لحاظ کان چڱو ماڻهو هو، جو هن اهڙي ڪا به ڳالهه نه ڪئي ۽ تهمل سان مسافرن جون ڳالهيون ٻڌندو رهيو، جيڪي پوءِ نيٺ صبر ڪري چُپ ٿي ويا. چوڻ جو مقصد آهي ته اها سٺي ڳالهه آهي ته اسان ٻئي جي ڳالهه ٻڌون، پر جيڪڏهن اها سٺي ۽ درست آهي ته ان تي عمل به ڪيون. ان ريت اسان پنهنجي ماحول ۽ سماج کي سهپ جوڳو بڻائي سگھنداسون. مان واسطيدار اٿارٽين کي به گذارش ڪندس ته اهي ماڻهن جي تڪليفن ۽ ڏکيائيُن تي ڌيان ڏين ۽ انهن کي سهولتون ميسر ڪري ڏين.
    ***

    (سرجيل: 10 اپريل 2011ع)


    9. شوڪيس ۾ درد رکيل آهن

    ايڏو اوندهه منڊُ، جُگـنو هڪ به نه جيـئـرو!
    تـارا سـڀ تــڙجــي ويــا، چــاري نـاهه چــنــڊُ،
    هِي اونداهو کَنڊ! تـڙڦي شَل ڪو تِرورو! (شيخ اياز)

    اسان جون زندگيون ڪيڏي نه مصروفيت ۾ گذرن پيون! ڏسجي ته هر ماڻهو وٺ پڪڙ ۾ لڳو پيو آهي. ڪنهن وٽ به وقت ڪونهي، پوءِ اهو ٻُڍو هجي يا ٻار، جوان هجي يا اڌڙوٽ، ۽ مرد هجي يا عورت! جنهن کان به پڇبو، پيو دانهون ڪُوڪُون ڪندو ته ڪم ڏاڍو آ، نبري ئي نه ٿو، واند ئي ناهي.... ماڻهوءَ جون مصروفيتون ايڏيون آهن جو خبر ئي نه ٿِي پوي، ته صبح مان شام ٿِي وڃي ٿِي، ۽ ڏينهن رات ۾ سمائجي ٿو وڃي. وقت اڏامي ٿو پيو، سج کي پَر لڳل آهن جيڪي روشنيءَ جي رفتار سان ٿا هلن! ۽ سج کي کنڀي وڃي سمنڊ جي گهِراين ۾ ٿا اُڇلن!
    سائين منهنجا! جڏهن انهن مصروفيتن تي سوچيون ٿا ته معلوم ٿو ٿئي ته اهڙيون به مصروفيتون آهن جن کي الائي ته ڪنهن مصروفيت جو نالو ڏنو آهي! مثال طور، جيڪڏهن ماڻهوءَ جو وقت هوٽل تي چانهن جي انتظار ۾ ويٺي ويٺي گذري ٿو وڃي، ته به هو مصروف آهي.... جيڪڏهن ماڻهو ڪنهن ٻئي شهر وڃي رهيو آهي ۽ ويگن يا بس جي انتظار ۾ بيٺو آهي يا اُنهيءَ ۾ ويٺو آهي، ته به مصروف آهي، جيتوڻيڪ هُو اهو وقت ڪنهن چڱي ڪم ۾ گذاري سگھي ٿو يعني ڪو ڪتاب پڙهي سگھي ٿو، اخبار مان مستفيض ٿي سگھي ٿو يا پنهنجيءَ موبائيل تي ايف ايم ريڊيو هلائي ڪا نيوز بليٽن، ڪا سٺي ڳالهه يا ڪو چڱو گانو ٻڌي سگھي ٿو.
    ڏسجي ته اهڙيون مصروفيتون جيڪي حقيقت ۾ بهانا ئي آهن ڪن ٻين ڳالهين يا ڪمن کان ڪَن لاٽار ڪرڻ جا يا پاڻ کي زماني جي وڪڙن ۾ ڏاڍو ڦاٿل هجڻ ظاهر ڪرڻ جا.... ڀلا جيڪڏهن اسان پنهنجي ڊيوٽي ايمانداريءَ سان ڪيون ٿا ته ان کي مصروفيت ٿورو ئي چئبو، اها ته حلال جي ماني ٿِي کائڻِي، يا جيڪڏهن اسان ڪنهن مريض کان سندس طبيعت پڇڻ يا حال ڀائي ٿيڻ وڃون ٿا ته اها مصروفيت ناهي، اها ته هڪ چڱائي آهي، جيڪا انسان هئڻ ناتي اسان جي فرض ۾ شامل آهي.... شايد مصروفيت اهو بهانو آهي جيڪو اسان پاڻ کي ڪنهن ماڻهوءَ کان ملڻ کان لهرائڻ لاءِ ٻڌايون ٿا، يا جيڪو اسان وقت تي ڊيوٽيءَ تي پهچڻ کان بچڻ لاءِ استعمال ڪيون ٿا، يا ڪو چڱائيءَ جو اهڙو ڪم ڪرڻ کان نٽائڻ لاءِ ٻڌايون ٿا جنهن ۾ اسان کي پنهنجي وقت ۽ پئسي جي قرباني ڏيڻي پوي ٿِي....
    ڪهڙي به ڪم کي نه ڪرڻ لاءِ هزار بهانا جوڙي سگھجن ٿا پوءِ اهي ٺهڪندڙ هجن يا نه، جيتوڻيڪ سمجھي هر ڪو ويندو آهي، پر گذارش اها ڪرڻ ٿو چاهيان ته وقت واقعي به وڏي وَٿ آهي، جيڪڏهن اهو سجايو ڪيون ٿا. ماضيءَ ۾ نهارڻ سان اسان کي ڪيئي سال، جِي ها ڪيئي سال، اهڙا نظر ايندا، جيڪي الائي ته ڪيئن گذري ويا، جيتوڻيڪ اسان انهن کي تنهن وقت ڏاڍي مصروفيت ۾ گذاريو هوندو، ته پوءِ، جيڪو وقت هاڻي ڏاڍي مصروفيت ۾ گذاريون ٿا، اهو به ٿي سگھي ٿو ته جڏهن ماضيءَ جو حصو بڻجي وڃي ته ايئن ئي محسوس ٿئي، ڄڻ اجايو ويو. ان ڪري اسان کي پنهنجي سوچڻ جا انداز ٻيا بڻائڻا پوندا، اهڙا اندازَ، جيڪي مجموعي طور انسانذات جي چڱائي نه رڳو چاهيندڙ هجن، پر ان لاءِ لوچيندڙ به هجن.
    ***
    دوستو! درد جون ڪيفيتون به عجيب ٿين ٿيون. سنڌ جي هڪ ڀلوڙ شاعر ملڪ نديم جو هڪ تجريدي نظم هن ريت آهي:
    بازار جي شوڪيس ۾،
    منهنجا درد رکيل آهن.
    خوشبودار هر خواب گاهه ۾،
    منهنجن غمن جا گلاب آهن.
    محبت جي فقط هڪ خوبي آهي،
    جو هن کي هر قيمت تي،
    غلامي قبول ناهي.
    اِن نظم ۾ ڪيڏي نه پيڙا سمايل آهي! بازار جي شوڪيس ۾ درد رکيل هجن ته انهن جي قيمت ته ضرور لڳندي نه. دردَ وِڪري لاءِ رکي اسان ڪيڏي نه تڪليف مان گذريا آهيون، پر ڪٿي ايئن ته ناهي ته ان مان اسان هڪ سُڪون به حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي! پر درد جون ڪيفيتون ئي ڇا، خود دردُ به ته عجيب ٿئي ٿو.... درد تڪليف ته ڏيندو ئي آهي، ماڻهوءَ کي پيڙا مان گذاريندو ته آهي ئي آهي، پر دردُ ماڻهوءَ کي سُرور به ڏيندو آهي. دردَ مان ماڻهو مزو به وٺندو آهي.... ها سائين منهنجا! درد جو سرور، درد جو مزو ڪو ڪو ماڻهو ئي وٺي سگھندو آهي، ان سور کي ڪو ڪو ماڻهو ئي محسوس ڪري سگھندو آهي ۽ ان سرور مان لطف اندوز به ٿي سگھندو آهي. اها هر ڪنهن جي ڳالهه ناهي.... اوهان سوچيندا هوندا ته ڀلا دردَ مان سرور ڪيئن ملندو؟ ڪيئن درد مان مزو ملي سگھندو؟ اها به ڪا سياڻپ جي ڳالهه چئبِي! هي ته ٿيون ٺَلهيون ڳالهيون ٺاهڻيون....
    پر، ايئن ناهي. درد واقعي به مزو ڏيندو آهي، ان مان سچ پچ به سرور ملندو آهي، جيڪڏهن اهو درد ڏيندڙ ڪو پرين پيارو هوندو آهي ته ان درد مان سُڪون ملندو آهي. جيڪڏهن درد ڏيندڙ هٿ ريشم جهڙا نرم هجن، ته ان درد جي لذت روح کي نرم بڻائي ڇڏيندي آهي. جيڪڏهن درد ڏيندڙ نيڻ خماريل هجن ته رات جا سڀ سپنا خمارن ۾ وٺجي ويندا آهن.
    ***
    خواهشن جي دنيا به ڏاڍي عجيب دنيا ٿئي ٿي! ڪڏهن ڏاڍي وڻندڙ، ته ڪڏهن ڏاڍو پريشان ڪندڙ. ڪڏهن وجود ٺاريندڙ، ته ڪڏهن نِهوڙي ڇڏيندڙ. ڪڏهن خوشين ۾ مستي ڀريندڙ، ته ڪڏهن افسوس جي جَهان ۾ رُلائي ڇڏيندڙ.... انسان چاهيندي يا نه چاهيندي به خواهشن جي دنيا ۾ ضرور ويندو رهندو آهي ۽ خوش فهمين ۾ مگن ٿي، پاڻ لاءِ الائي ڇا جو ڇا چاهيندو رهندو آهي. هُو ڪڏهن آسمان جيڏو اوچو بڻجڻ جي آرزو ڪندو آهي، ته ڪڏهن خدا جيان سڀ ڪجھ ڪري سگھندڙ سگھ جو مالڪ بڻجڻ جي خواهش ڪندو آهي!.... هُو ڪڏهن ته سڄيءَ دنيا جو مالڪ ٿيڻ چاهيندو آهي ۽ ڪڏهن پنهنجون ٽي يا پنج خواهشون پوريون ٿيڻ جو طالب رهندو آهي، ۽ ان لاءِ هزارين حيلا هلائيندو آهي. خواهش پوري ٿِي ته واهه واهه، نه ته ارمان ۾ وٺجي ويندو آهي....
    ڪي خواهشون انفرادي ٿينديون آهن، ته ڪي اجتماعي. انفرادي خواهشن ۾ ماڻهو عام طور پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي ٻارن لاءِ اهڙيون شيون چاهيندو آهي جيڪي هن کي سک ۽ سهولتون ڏين، مثال طور سٺو گھر يا بنگلو، نئين گاڏِي، ڀلِي نوڪري، نوڪر چاڪر، وڏن ماڻهن سان اُٿڻ ويهڻ، ناماچاري، بئنڪ بئلنس وغيره، مطلب ته سماجي اسٽيٽس، جنهن مان سندس اميري ۽ خوشحالي ظاهر ٿئي.... ۽ اجتماعي خواهشن ۾ قوم ۽ ملڪ جي بهتري، ٻوليءَ ۽ ڪلچر جي واڌ ويجھ، انسانذات سان چڱائيءَ ڀرئي روئي جو ڦهلاءُ، سهپ جو مادو پيدا ٿيڻ، تعليم ۽ صحت جو گھڻي ۾ گھڻو هجڻ، وغيره شامل آهن.
    هِندُ جي هڪ خوبصورت سنڌي شاعر ايم ڪمل جو شعر آهي:
    خواهشون ننڍڙيون ٿِي ويون،
    ٻـــــار هـــاڻــــي وڏا ٿــيــا آهــن.
    اِن شعر ۾ وري خواهش جو ٻيو رُخ پيش ڪيل آهي، پنهنجين ذاتي يا فردِي خواهشن کي ڇڏي ٻارن جي خواهشن جو ذڪر ڪيل آهي، جن کي پُورو ڪرڻو آهي. پر اهو سڀ ڪجھ ڪيڏو نه عجيب آهي! اسان خواهشن جي پٺيان ڊُڪڻ ڇو نه ٿا ڇڏيون! ڇو نه ٿا اهڙو ڪجھ ڪريون جيڪو خواهشن جي رُڃ پٺيان هلائڻ بدران حقيقت جي پيچري تي اڳتي وڌڻ لاءِ اتساهي، پوءِ ڀلي ته ان اتساهه جي سفر ۾ اسان جون خواهشون پنهنجو پاڻ پوريون ٿينديون وڃن....
    ***
    دنيا جي مشهور مفڪر، شاعر ۽ اديب خليل جبران جو چوڻ آهي: “ياد رکڻ به ملاقات جي هڪ صورت آهي ۽ وساري ويهڻ به جدائيءَ برابر.” الا! ڪيڏِي نه وڏي ڳالهه آهي! اسان انساني سماج ۾ رهندڙ آهيون، جنهن ۾ اسان جو واسطو هڪٻئي سان رهي ٿو. ان صورت ۾ ٻين انيڪ ڳالهين سميت اسان ڪڏهن، ڪنهن سَمي ڪنهن هڪ يا گھڻن ماڻهن سان گذاريون ٿا، ته ڪنهن وقت ڪجھ ٻين ماڻهن سان. ڪجھ ماڻهن سان اسان جا ناتا وقتي ٿين ٿا، ته ڪجھ سان گھڻ وقتي، ۽ ڪجھ ماڻهن سان وري اسان جا ناتا ڪُل وقتي هوندا آهن، جن کان اسان ڪڏهن به ڇِڄي نه سگھندا آهيون. ان صورت ۾ پنهنجن ڪهڙن عزيزن ۽ قريبن، سنگتين ۽ ساٿين، يارن ۽ دوستن، سڄڻن ۽ سُونهنِ ۽ ٻين انهن انيڪ ماڻهن کي ياد رکون ٿا ۽ ڪهڙن ڪهڙن کي وساري ويهون ٿا، جن جو اسان جي زندگيءَ ۾ ننڍو يا وڏو، ٿورو يا گھڻو ۽ اهم يا غير اهم ڪردار آهي، پوءِ ان ياد رکڻ يا وساري ويهڻ جو ڪارڻ جائز هجي يا مڙئي سِڙئي. اهو هڪ اهم سوال آهي.... ٻيو ته ڪنهن ماڻهوءَ کي ياد رکڻ جا به ڪيئي طريقا ۽ اندازَ آهن. مثال طور جڏهن، ڪٿي ڪا ڪچهري ٿيندي هجي ته ان ماڻهوءَ جو ذڪر ڪيون، سندس چڱاين جي ڳالهه ڪيون ۽ سندس ڪنهن اهڙيءَ ڳالهه بابت ڳالهايون جيڪا ڏاڍي وڻندڙ هجي.... ڪڏهن اڪيلا هجون ته ان ماڻهوءَ جي سارَ کي هڪ پيار وانگر پنهنجي من ۾ محسوس ڪيون ۽ سندس وجود جي سرهاڻ سان واسجي وڃون.... اهڙي ياد ويلَ ان ماڻهوءِ کي هڪ ايس ايم ايس ڪري ڇڏيون، ته کيس احساس ٿئي ته هُو اسان کي اُن وقت ياد آهي، اسان کان وسريو ناهي.... جيڪڏهن اهو ماڻهو اسان کان ڪاوڙيل آهي، اسان سان نه ٿو ڳالهائي ٻولائي، ته ان کان پڇون ته ڇو اسان کان ناراض آهين، نيٺ اسان کان ڪهڙي خطا ٿي آهي، اسان ڪهڙي غلطي ڪئي آهي، جو سزاوار ٿيا آهيون....
    ***
    دوستو! اثرائتين ڳالهين، قولن، جملن، گفتن يا چَوِڻين ۽ پهاڪن، خاص طرح گهر جي وڏڙن جي ڳالهين ۾ وڏي ڏاهپ لڪل هوندي آهي. يقين ڪيو، ته اسان کي ڪو به اندازو نه هوندو آهي ته ڪنهن وقت ڪا به ڳالهه دل ۽ دماغ تي اهڙو پائدار، ڏُور رس ۽ ڪارگر اثر ڪري ويندي آهي، جنهن جي اسان کي ڪا به ڪَٿ نه هوندي آهي، پر اها ڳالهه اڳلي جي زندگيءَ ۽ سوچن کي نئون موڙ ڏئي ويندي آهي.... اهڙيون ڪجھ اثرائتون ڳالهيون اوهان اڳيان پيش ڪيان ٿو، جيڪي ڪتابن مان ڪوريون اٿم:
    * “معاشري جي مڙني برائين جي پاڙ شخصي ملڪيت آهي.”
    * “غير ضروري بحث، ڪنهن به دوست کي جدا ڪري سگھي ٿو.”
    * “ڪرسي ۽ دولت ناڪافي آهي. انسان ان مان ڍاپندو ئي ناهي.”
    * “سفر جي مفاصلي جو دارومدار مسافر جي حوصلي تي هوندو آهي.”
    * افلاطون چيو آهي “اڪثر ڪري انسان ان ڪري نقصان ۾ ويندو آهي جو هُو ڪنهن سان به مشورو ئي نه ڪندو آهي.”
    ڳالهيون ڳچ آهن، پر هن ڀيري صرف اهي ئِي.
    ***

    (سرجيل: 17 اپريل 2011ع. ڇپيل: روزاني “عبرت” حيدرآباد، 4 سيپٽمبر 2011ع)


    10. سُڪي ئي نه ٿو پورهيتن جو پگھر

    پڙاڏو سو سڏُ، وَرُ وائيءَ جو جي لهين،
    هُـــئــــا اڳـهِـيـــن گــــڏ، ٻــــڌڻ ۾ ٻـه ٿِــيـــــا.
    اڄ پهرين مَئي آهي، ۽ هي ڏينهن سڄيءَ دنيا جي 80 ملڪن ۾ “مزورن ۽ پورهيتن جي عالمي ڏينهن” طور ملهايو ويندو آهي. انهن ملڪن ۾ پاڪستان به شامل آهي.... سنڌ جي نالي واري شاعر ۽ لاڙڪاڻي واسي مرحوم واجد جو ان حوالي سان هڪ خوبصورت شعر آهي:
    هِــي سـنــڌ ديــس آ يــا شــڪــاگــو نـئــون،
    جو سُڪي ئي نه ٿو پورهيتن جو پگھر.
    جيتوڻيڪ ان شعر ۾ سنڌ ۾ پورهيتن جي پِيڙا ڀري حياتيءَ جي تصويرڪَشي ڪئي وئي آهي، پر اسان ڏسي سگھون ٿا ته سڄي ننڍي کنڊ ۾ پورهيتن ۽ مزورن جي اهڙي ئي اُگري حالت آهي. سندن جيئڻ جنجال بڻيل آهي، پل پل سور ۽ تڪليف ۾ گذري ٿو ۽ اهي وڏن مسئلن سان منهن مقابل ٿين ٿا.... پورهيتن جي زندگي ڏاڍي ڪَٺن گذري پئي، اهو ئي سبب آهي جو سندن پگھر سُڪي ئي نه ٿو ته کين ٻِي مزوري ڪرڻي ٿِي پئي، تڏهن ئي اهي حياتيءَ جي تند کي جيئن تيئن ڪري ڳنڍيل رکي سگھن ٿا....
    منهنجي هڪ دوست، هڪ ايس ايم ايس ۾ اڄوڪي “پورهيتن جي ڏينهن” جي حوالي سان هڪ سهڻو شعر لکي موڪليو:
    سو جاتي هين فوٽ پاٿ پي اخبار بِڇا ڪر،
    مـزدور ڪڀـي نيـنـد ڪِي گـولِي نهيـن کاتي.

    مزورن جي تحريڪ جو بنياد پهرين مئي 1886ع تي تڏهن پيو، جڏهن اتر آمريڪا جي لکين پورهيتن، ڏهاڙي ڪم جو وقت 8 ڪلاڪ مقرر ڪرائڻ لاءِ شڪاگو شهر ۾ هڙتال ڪئي. ان موقعي تي مظاهرو ڪندڙ هڪ وڏي فارم امپليمينٽ فئڪٽريءَ ۾ پکڙجي ويا، جيڪا يونين جي ڪارڪنن لاءِ بند ڪئي وئي هئي.... ان کان پوءِ 3 مئي تي مظاهرو ڪندڙن ۽ ڪجھ مخالف مزورن جي وچ ۾ چڪريءَ دوران پوليس ٻن مزورن کي گوليون هڻي ماري ڇڏيو. ٻئي ڏينهن هيمارڪيٽ چَوڪ تي هڪ احتجاجي ريليءَ دوران پوليس تي هڪ بم اڇليو ويو، جنهن جي رد عمل ۾ پوليس مظاهرو ڪندڙن تي انڌا ڌنڌ گوليون هلايون. ان دوران 8 انارڪسٽ اڳواڻ گرفتار ڪيا ويا، جن کي ڪيس هلائي موت جي سزا ڏني وئي. جڏهن ته انهن مان ٽن ڄڻن پوءِ معافي ورتي.... انهن واقعن جي ڪري اڳتي هلي مزورن طرفان بين الاقوامي سطح تي احتجاج شروع ٿي ويا ۽ 1889ع ۾ نئين سوشلسٽ پارٽيءَ جي، جيڪا ڪارل مارڪس جي 1860ع واري ڏهاڪي ۾ منظم ڪيل پهرين انٽرنيشنل جي جاءِ نشين هئي، ته ان پارٽيءَ جي ٻِي انٽرنيشنل جي پهرين ڪانگريس ٿي، جنهن ۾ مزورن کي پهرين مئي تي مزدورن جي طاقت واري اتحاد جي سالياني مظاهري طور هڙتال ڪرڻ جو سڏ ڏنو ويو....
    سڄو ڏيهُه ڏاٽا ڪري جي اُڀـا،
    لکين عيد جا، چنڊ اُڀري پون.
    ان ڏس ۾ مظاهرو ڪندڙن خاص سڌارن جو مطالبو ڪيو. مزدورن جي انهيءَ تحريڪ سبب يورپ ۾ مزدورن جو نئون طبقو ۽ انهن جون نيون سياسي پارٽيون اڀريون، جن جلد ئي مزدورن جي ڪمن جي ڪلاڪن، سندن هفتيوار موڪل ۽ ٻين حقن واري جدوجهد کي تيز ڪري ڇڏيو، جنهن کان پوءِ مجبور ٿي ڪم جا 8 ڪلاڪ مقرر ڪيا ويا ۽ مزدورن کي ٻيون به سهولتون ڏنيون ويون.•
    جڏهن ته اسان وٽ پورهيتن جي حالت اڃا تائين غربت ۾ گذرندڙ آهي. ان حوالي سان نئين ٽهيءَ جي هڪ مشهور شاعر آسي زمينيءَ جو شعر آهي:
    اَٽـو، لَـٽـو ۽ اجھــو، ڳــولـيـنــدي يـارو!
    پورهيت ويچارو، سدا ساڳي حال ۾!
    پهرين مئي جو ڏينهن اڄ به انهن شڪاگو جي شهيدن جي مڃتا ۾ ملهائجي ٿو. اڄوڪي پهرين مئي تي سوين شهرن ۾ ريليون ڪڍيون وڃن ٿيون، ڪانفرنسون ۽ سيمينار منعقد ٿين ٿا، مزورن ۽ پورهيتن جا عوامي ميڙ ڪوٺايا وڃن ٿا، جتي مزورن ۽ سندن حقن جي حمايت ۾ ۽ سرمائيداريءَ جي مخالفت ۾ ويچار ونڊيا وڃن ٿا ۽ مجموعي طور مزورن جي مسئلن تي گفتگو ڪئي وڃي ٿي..... پر ان ڏينهن ملهائڻ جو خاص مقصد ڪهڙو آهي؟ هي ڏينهن ملهائڻ ڇو ضروري آهي؟ اهي ۽ اهڙا ٻيا ڪيئي سوال ضرور اسان جي ذهنن ۾ اُڀرن ٿا، ان کان سواءِ ٻار به جڏهن پهرين مئي جو ذڪر ٻُڌن ٿا ته پڇن ٿا ته پهرين مئي مزورن جو ڏينهن ڇو آهي؟
    پهرين مئي مزورن سان هڪ ٿيڻ، سندن ساٿ ۾ ساٿ ڏيڻ جو ڏينهن آهي، هي ڏينهن انهن شهيدن کي ڀيٽا آهي جن پنهنجن مزور ڀائرن سان ساٿ ڏيندي پنهنجيءَ جانِ جي به پرواهه نه ڪئي.... هي ڏينهن ان تحريڪ جي تجديد آهي ته اڄ به جيڪڏهن ڪنهن مزور سان انياءُ ٿيندو ته اهو مزور اڪيلو نه هوندو، سڀ مزور ان جي ساٿ ۾ هوندا، هي ڏينهن صنعتڪارن ۽ سرمائيدارن کي ياد ٿو ڏياري ته اوهان مزورن جي حقن تي ڌاڙو هڻي نه ٿا سگھو، نه ئي کانئن بيگر وٺي سگھو ٿا، هي ڏينهن مزور کي سجاڳ ٿو ڪري ته تنهنجو ناتو صرف پنهنجو پاڻ سان ناهي، پر ان سڄيءَ دنيا جي ڪميونٽيءَ سان آهي، جنهن کي دنيا پورهيت جي نالي سان سڃاڻي ٿي.
    سنڌ جي نالي واري شاعر استاد بخاريءَ جو هڪ خوبصورت چَوسٽو آهي:
    جن وٽ پورهيو، پيار، صداقت، سي ويڳاڻا ڇـو؟
    جـن وٽ داڻــا، چـــاڻــا، نــاڻــا، سـي سـڀ راڻــا ڇــو؟
    هر هڪ ڏينهن هزارين تاڪيا، ٺاهي ٿِي هر “مِل”،
    انـگ اُگھــاڙا جــن نه ڍڪـــايـــا، ســي آڏاڻـــــا ڇــــو؟
    ***
    دوستو! بهار جي موسم موڪلائي چُڪي. هاڻي جهولا پنهنجو زور وٺندا پيا وڃن ۽ ماڻهو سج جي تاءُ کي بيزاريءَ منجھان سَهي رهيو آهي.... اونهاري جو سج جيءَ تي باهه جا اُلا اُڇلائڻ لڳو آهي، جنهن جي لڱ ساڙيندڙ تپش من کي مُونجھو پئي ڪري.... ان صورتحال ۾ ڇا ڪجي؟ ڪيئن گذارجي ان ڪَٺن سمي کي، جنهن ۾ بجلي پڻ بيوفا محبوبا جيان، محبوبا چئجي به يا نه، پر ڄڻ ته بيوفا محبوبا جيان هر ٻن ٽن ڪلاڪن کان پوءِ رُسي وڃي ٿي ۽ وڏي انتظار کان پوءِ اچي ٿِي، ته به پَڪ نه ٿي رهي ته ڪيترو وقت هوندي! ٻيهر ايندي به الائي نه، ڪا خبر ناهي، پر منهن ڏيڻو آهي. اڳُ به اهڙا ڏينهن سَٺا آهن، ته هيل به سهِي وڃبا! پر سوال آهي ته ڪيسين؟ ڪٿي ايئن ته نه، ته جيسين تن ۾ ساهه آهي، پيو اونهاري جو جھولن ۽ بجليءَ جي اڻهوند کي سهبو ۽ ڪڏهن آسمان کي شڪايتي نظرن سان ڏسبو، ته ڪڏهن بيٺل پکي ۽ وساميل بلب کي ميارون پيون ڏبيون.... بهرحال، ماڻهوءَ سان مسئلا هزار آهن، ڪي فطرتي، ته ڪي انساني، يعني پنهنجا پيدا ڪيل. هِڪڙا مسئلا ختم ٿين ٿا ته ٻيا ڪَر کنيو بيٺا آهن. ماڻهو پنهنجي وَس آهر پيو جاکوڙي. اوهان به اسان سان گڏ، هن اونهاري کي سَهڻ جي ڪوشش ڪجو، ڇو ته ان کان سواءِ ٻِي ڪا واٽ سُجھي نه ٿي. سج جي تاءَ کي پاڻ گھٽائي نه ٿا سگھون، جو موسمَ قدرتي آهي، ان تي اسان جو ڪو اختيار نه هلندو، البت ڪي اُپاءَ وٺي سگھون ٿا.... مثال طور، سڀ کان پهرين ته وقفي وقفي سان پاڻي پيئندا رهون ته جيئن جسم ۾ پاڻيءَ جي کوٽ نه ٿئي، ممڪن هجي ته ليمو-پاڻي ضرور پيئون، ٿڌيون شيون واپرايون، خاص طور هنداڻي جو مزو به وٺون ته فائدو به، ۽ ٻيون ڪيئي ڳالهيون....
    ***
    دوستو! اهي ننڍڙيون ۽ مختصر ڳالهيون، جن ۾ وڏي ڏاهپ لڪل آهي، جن ۾ ٿورن لفظن ۾ گھڻو ڪجھ چيل آهي، جن جي لغوي معنى پنهنجيءَ جاءِ تي، پر اصطلاحي معنى سوچ کي نئين مٿانهينءَ تي رَسائي، ۽ مجموعي طور جيڪا ڳالهه ماڻهوءَ کي اڃا وڌيڪ بهتر ماڻهو بڻائي، جيڪا کيس عقليت پسند بڻائي ۽ انسانيت جي ويجھو ڪري.... اهڙيون ڪجھ منتخب ڳالهيون، مطالعي جي ميز تان:
    * خليل جبران چيو آهي: “محبت هڪ نوراني لفظ آهي، جنهن کي نوراني هٿن، نوراني ڪاغذ تي لکيو آهي.”
    * حڪيم سقراط جو چوڻ آهي: “مرد اک آ ته عورت ان جي نظر، مرد گل آهي ته عورت ان جي خوشبو.”
    * ڀڳت ڪبير جو چوڻ آهي: “سوٽيلي ماءُ سان به برو سلوڪ نه ڪر، ڇاڪاڻ ته هوءَ تنهنجي پيءُ جي گھر واري آهي.”
    * ڪنهن چڱي ماڻهوءَ جو چوڻ آهي: “ڪنهن ماڻهوءَ جي عظيم هجڻ جون ٻه نشانيون آهن، ته هن کي ٻارن ۽ غريبن سان ڪيترو پيار آهي.”
    ***

    (سرجيل: پهرين مئي 2011ع)


    11. جِيجل منهنجو جيئاپو

    پنهنجي ٻوليءَ ۾، ميان! جي تون چوندين ماءُ،
    تـوکـي اهـڙو ســاءُ، ڏيــنـدِي ٻِـي ٻـولــي ڪـٿــي!
    اڄ 8 مئي جو ڏينهن، جِيجل امڙين يعني “مائرن جو عالمي ڏينهن” (Mother’s Day) آهي. امڙ زمين ۽ آسمان ته ڇا، ڪائنات جي عظيم هستي آهي، جنهن سان ڪا به ٻِي هستي ڀيٽي نه ٿي سگھجي. جيڪو اهڙو ڀيٽ ڪندو سو ڄڻ ته چرياڻُ چئبو، ڇاڪاڻ ته امڙ اهڙو وجود آهي، جنهن جهڙو دنيا ۾ ٻيو ڪو وجود ناهي، ٻِيو هر وجود ثانوي آهي. امڙ جي عظمت هر هستيءَ کان اُتم آهي، ٻي ڪا به شَيءِ ان جي عظمت سان ڀيٽي نه ٿي سگھجي. ٻئي طرف ٻيءَ هر شَيءِ جي ڪا نه ڪا ڪٿ ڪري سگھجي ٿِي، پر امڙ جي محبت جِي ڪَٿ ڪري ئي نه ٿي سگھجي.... ماءُ جي محبت جو پُورو احساس ان ماڻهوءَ کي ئي هوندو آهي، جنهن کان ماءُ ننڍي وهيءَ ۾ ئي وڇڙي ويندي آهي ۽ پوءِ اهو ماڻهو سڄي ڄمار ماءُ جي محبت لاءِ تڙپندو رهندو آهي. ڪنهن سياڻي جو چوڻ آهي: “ماءُ جي محبت ۾ گهِرائيءَ جو سمنڊ آهي، جنهن جي ماپڻ جو ڪو اوزار، ڪا ڪَل ناهي.” اڃا به ڏسجي ته ماءُ جي محبت ڪائنات وانگر ڪشادي، وسيع ۽ کُليل آهي، ان جي اڳيان ڪا محدودائپ ناهي. هر هڪ ڪشادائي ان اڳيان گھَٽ آهي. امڙ جي محبت اڳيان نُوري سال يعني لائيٽ اِيئر جا فاصلا به ڪمتر آهن. ماءُ جي مٺڙي نظر هر ننڍي مفاصلي کان ويجھي به آهي، ته هر وڏي مفاصلي کان وڏِي به آهي. ان نظر جي پنهنجائپ ٻِيءَ هر پنهنجائپ کان مٿاهين آهي. جنهن ماڻهوءَ کي ماءُ جي ممتا ميسر آهي، ان کي ڄڻ دنيا جي وڏي ۾ وڏي نعمت مليل آهي....

    امڙين کي محبت جي ڀيٽا رڳو ڪنهن هڪ ڏينهن تي پيش نه ٿي ڪري سگھجي. جيڪڏهن اسان پنهنجي زندگيءَ جو پل پل امڙين کي ارپيون تڏهن به سندن لاثاني محبت جي موٽ نه ٿا ڏئي سگھون، پر هي ڏينهن ان ڪري مائرن لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي ته جيئن اسان پنهنجين مصروف زندگين مان، ڪمن ڪارين جي گھڻائيءَ مان، هڻ وٺ جي گذرندڙ حياتيءَ مان، سال جي 365 ڏينهن مان جيڪڏهن صرف هڪ ڏينهن امڙين لاءِ وقف ڪيون ٿا ته اهو به سندن محبتن جي موٽ ۾ هڪ تحفو آهي. هي ڏينهن ملهائڻ جو مقصد ماءُ جي اهميت کي چِٽو ڪرڻ آهي، جيڪا زندگيءَ جي ڀڄ ڊُڪ ۾ ڪٿي وڃائجي يا رهجي وئي آهي. اها اهميت جيڪا اسان نظر انداز ڪري ڇڏي آهي ۽ جنهن کي ياد ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي. امڙين کي محبتن جِي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ يعني “مائرن جي عالمي ڏينهن” لاءِ اٺين مئي ڪا مقرر تاريخ ناهي، پر هر سال مئي مهيني جي ٻئي آچر تي هيءُ “مائرن جو عالمي ڏينهن” ملهائجي ٿو. حاصل ڪيل ڪجھ ڄاڻ موجب، مختصر طور اوهان کي ٻڌائيندو هلان ته 1876ع ۾ آمريڪا جي هڪ رياست ورجينا جي هڪ ڇوڪرِ ائنا جاروز سان هن جي ماءُ ايني ميريءَ خواهش جو اظهار ڪيو ته جيڪڏهن ماءُ جهڙيءَ هستيءَ لاءِ ڪو هڪ ڏينهن ئي ملهايو وڃي، جنهن ڏينهن هن کي پيار، ٻاجھ ۽ محبتن جي ڀيٽا ڏجي، ته ڪيڏو نه سٺو ٿئي....... ائنا پنهنجيءَ ماءُ جي حياتيءَ ۾ ته اهڙو ڏينهن منظور ڪرائي نه سگھي، پر ماءُ جي وفات جي ٻن سالن کان پوءِ 1907ع کان هوءَ ان ڏينهن “مائرن جي عالمي ڏينهن” جي پڌرائيءَ يا منظوري ڪرائڻ لاءِ گھڻي سرگرم ٿي وئي. نيٺ 1911ع ۾ تنهن وقت جي آمريڪي صدر اهڙو اعلان ڪيو ته هر سال مئي مهيني جي ٻئي آچر تي “مائرن جو عالمي ڏينهن” ملهايو ويندو. ان سان گڏ هن ان ڏينهن تي موڪل جو اعلان پڻ ڪيو....
    اسان ڄمون ٿا ته مختلف ماڻهن سان اسان جا ڪيئي رشتا ٺهي پون ٿا: ڪو پيءُ، ڪا ماءُ، ڪو ڀاءُ ته ڪا ڀيڻ، ڪو چاچو ته ڪو مامو، ڪو سَوٽ ته ڪا ماساتِ ۽ ٻيا ڪيئي انيڪ رشتا. پر ڏسبو ته انهن سڀني رشتن مان جيڪو رشتو سڀ کان ويجھو، مڙني کان پيارو هجي ٿو، سو ماءُ جو رشتو ٿئي ٿو. ماءُ جي رشتي جهڙو ٻيو ڪو رشتو آهي ئي نه. ڇو ته اها ماءُ ئي آهي جيڪا تڪليفون سهي اسان کي پنهنجي پيٽ ۾ سانڍي ۽ سنڀالي ٿي ۽ وڏيءَ پيڙا سان اسان کي هن دنيا ۾ آڻي ٿي. جيڪڏهن ماءُ جهڙي هستي نه هجي ته اهو پيدائش جو عمل ڪيئن ٿئي! ان ڪري ئي ماءُ کي تخليقڪار جي به حيثيت حاصل آهي. سنڌ جي نالي واري هڪ شخصيت ماهتاب اڪبر راشدي به آهي. “مائرن جي عالمي ڏينهن” جي حوالي سان سندس چوڻ آهي: “هر ملڪ، پوءِ اهو ڪهڙي به رنگ، نسل ۽ مذهب سان واسطو رکندڙ هجي، اهو هن ڏينهن کي ڪڏهن به مِس نه ڪندو، ڇو ته ماءُ تخليقڪار آهي. خدا تعالى جيڪي به رشتا خلقيا آهن، انهن ۾ هيءُ بي غرض رشتو آهي. اسان کي صرف هيءُ ڏهاڙو ملهائڻ نه گھرجي، پر ماءُ جي رشتي کي سمجھڻ به گھرجي. ماءُ کي صرف ‘آءِ لَو يُو’ چوڻ سان ان جو حق ادا نه ٿو ٿئي، پر ان کان پيرن تي هٿ رکي دعا به وٺڻ گھرجي.”
    سائين منهنجا! ماءُ دعائن جو در هوندي آهي، جتان اولاد لاءِ سدائين پيون دعائون ٻُرنديون آهن، پوءِ ڀلي ته اها اولاد سڌريل هجي يا اڻ سڌريل. ماءُ جي دل اهو ناهي ڏسندي، ته پٽ يا ڌيءَ ڪيئن آهي، اها ته هر لمحي، هر پل پنهنجي اولاد جو ڀلو چاهيندي آهي....
    اهو ماڻهو خوش نصيب آهي جنهن جي ماءُ حال حيات آهي، ۽ اهو ماڻهو هڪ وڏي نعمت کان محروم آهي جنهن کان ماءُ وڇڙي وئي آهي يا جنهن ماءُ کي وساري ڇڏيو آهي، ۽ اهو ماڻهو ته تهائين بدنصيب ۽ انتهائي نفرت لائق آهي جنهن پنهنجيءَ ماءُ کي تڪليف ڏني آهي، کيس ڪو هڪڙو به اهنج رسايو آهي يا نظر انداز ڪيو آهي. جڏهن اسان جي ماءُ اسان کي نظر انداز نه ٿي ڪري، ته اسان ڪيئن ٿا اهڙو ڪُڌو ڪم ڪري سگھون! جيڪڏهن اسان کان اهڙي ڪا خطا ٿي آهي، ته اسان کي گھرجي ته بنا دير پنهنجيءَ امڙ جي پيرن ۾ ويهي، سندس مٺڙا هٿ پنهنجن هٿن ۾ جھلي، کانئس ڀلي ته معافي نه به وٺون، رڳو کيس اهو چئون ته تون منهنجي جيجل آهين، جنهن مون کي جيئاپو ڏنو آهي، پنهنجي ڇاتيءَ سان لاتو آهي، آب حيات جهڙي ٿڃ پياري آهي، مان تنهنجي ئي ڪري اڄ موجود آهيان، مون کي پنهنجي جھوليءَ ۾ پناهه ڏي.... اوهان يقين ڪيو ته ماءُ اوهان کي اُف به نه چوندي ۽ اوهان کي پنهنجيءَ هنج ۾ سُڪون سان سمهاري، وري به اوهان لاءِ دعائون گھرندي. هن کان اهو سڄو اَڍنگو ورتاءُ وسري ويندو جيڪو اوهان ساڻس رکيو هوندو....
    سنڌ جي نالي واري ليکڪه سلطانه وقاصيءَ جو چوڻ آهي: “اولاد لاءِ اهو چوندَس ته پنهنجي ماءُ جو خاص خيال رکن. جيڪڏهن اوهان هِن جهان ۽ اڳئين جهانَ ۾ ڪاميابي چاهيو ٿا ته ماءُ سان محبت ڪريو، سندس خدمت ڪريو، ته جنت جي چاٻي اوهان وٽ ئي رهندي.”
    هونءَ به جنت ماءُ جي قدمن ۾ آهي. ان جو مقصد ۽ مطلب آهو ئي آهي ته ماءُ جي پيرن کان مٿاهان نه ٿيو، ان اڳيان نوڙت سان پيش اچو ۽ سندس خدمت ڪريو. جنهن جي دل ۾ ماءُ جي جڳهه آهي، ڄڻ ان جي دل ۾ ڪائنات جي اتم ۽ مهان هستيءَ جي جڳهه آهي، جنهن ۾ صرف ۽ صرف پيار ڀريل آهي.
    “مائرن جي عالمي ڏينهن” جي نسبت سان امڙ، جيجل بابت چونڊ چوڻيون، منتخب قول ۽ ڪجھ ڏاهپ ڀريون ڳالهيون:
    * پڙهيل لکيل استاد اڻ پڙهيل مائرن جا شاگرد رهي چڪا آهن.
    * مائرن جي آڏو اظهار دانش نه ڪندا ڪيو. مائرون دانش تسليم نه ڪنديون آهن. اهي سادگيءَ تي مسڪرائي ڏينديون آهن.
    * مائرن جي جھوليءَ ۾ معصوم ٻارن واريون تصويرون هر چَوڪ تي هنيون وڃن ته ڪو گمراهه نه ٿيندو.
    * جيڪڏهن مائرون نه هجن ته انسان جو وجود چند سالن ۾ ختم ٿي وڃي.
    * دنيا جي بهترين شَيءِ ماءُ ۽ صرف ماءُ آهي.
    * ماءُ جو غصو فرضي هوندو آهي.
    * عورت جو حسين ترين روپ ماءُ آهي.
    * ماءُ اها هستي آهي، جنهن جي دامن ۾ ڪنڊا به ڪِرن ته گلَ ٿي پوَن.
    * ماءُ جي جھولي انسان جو پهريون اسڪول آهي.
    * ماءُ خوشبوءِ جو اهڙو گل آ، جيڪو ڪڏهن به مرجھائجي نه ٿو.
    * ماءُ جي خوشبو گل جيان آهي، جنهن سان گھر ٻهڪندو رهي ٿو.
    * ماءُ جي لولي مٺو ۽ افضل گيت آهي.
    مائرن جي عالمي ڏينهن جي لحاظ کان ڪيئي ايس ايم ايس پڻ آيا اٿم. انهن ميسيجن ۾ پڻ ماءُ جي عظمت ۽ محبت بيان ڪيل آهي:
    * مشهور ڪهاڻيڪار وفا اسلم شيخ ميسيج ڪيو:
    “ايڪ دِن زندگي ني مجھ سي سوال ڪيا، تم اپنِي مان ڪا ساٿ ڪب تڪ چاهتي هو؟”
    “مين ني ايڪ آنسو سمندر ۾ گرا ديا اور ڪها جب تڪ تم اس ڪو ڍُونڍ نه لو.”
    اس پر سمندر ڀي رو پڙا، اور ڪها: ڪاش ميري ڀي مان هوتِي.
    * نالي واري شاعر ساجد سنڌيءَ سهڻو شعر لکي موڪليو:
    “لوگ مسجدون ۾ جنت تلاش ڪرتي هين غالب!
    فرصت اتنِي نهين هوتِي ڪه، قدم مان ڪي چُوم لين..........
    * سائنس جي هڪ شاگرد آفتاب چانڊيي شعر لکي موڪليو ته
    جب ڀي ميري دل ڪِي مسجد ۾ تيري يادُون ڪِي آذان هوتِي هي اي مان!
    مين اپني ئي آنسئون سي وضو ڪرڪي تيري جِيني ڪِي دعا ڪرتا هُون.
    ***

    (سرجيل: 8 مئي 2011ع)


    12. جي تو وٽ ڪوئِي گيت نه

    ماڻهن جي مزاجن جا ته انيڪ قسم آهن پر انهن مان هِڪڙا ماڻهو خاموش طبع هوندا آهن، جيڪي عام طور ماٺ رهڻ پسند ڪندا آهن. اُهي يا ته پنهنجيءَ سوچ ويچار ۾ رهندا آهن يا وري ماٺ ذريعي پاڻ کي پُرسڪون رکندا آهن. انهن ماڻهن جي دنيا ئي ڌار هوندي آهي، جنهن ۾ هُو پاڻ سان يا پنهنجي اندر ۾ موجود هستيءَ سان مگن هوندا آهن. اهڙن ماڻهن کان ٻيا ماڻهو عام طور بيزار نه ٿيندا آهن، ڇاڪاڻ ته ماٺ رهندڙ ماڻهن جي زبان کان ٻيا ماڻهو بچيل رهندا آهن، صرف اهي ئي انهن کان بيزاريءَ جو اظهار ڪندا آهن جيڪي يا ته ڪچهرين جا ڪوڏيا هوندا آهن يا وري اهڙا لٻاڙي هوندا آهن.... چيو ويندو آهي ته تلوار جي ڦَٽ مان ته ماڻهو ڇُٽي ويندو آهي، پر زبان جو ڏنگيل سدائين سور سهندو رهندو آهي. ٻئي پاسي، تلوار جو ڦٽُ جسم کي ۽ زبان جو ڏنگُ روح کي گھائل ڪندو آهي، ان ڪري خاموش رهندڙن جي زبان جي ڏنگ کان به ماڻهو بچي سگھندو آهي.... ڏٺو وڃي ته دنيا جي ڏاهن ۽ سياڻن ماڻهن اڪيلائيءَ ۽ تنهائيءَ کي بيحد پسند پئي ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته تنهائيءَ ۾ کين دنيا جَهانَ ۽ ان جي اسرارن ۽ رمزن تي سوچڻ ويچارڻ جو موقعو ملندو آهي. ان ريت اهي نه صرف ڪائنات جي اسرارن کي پنهنجي اندر جي سوجھري سان سمجھڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، پر زندگيءَ جي رمزن کي به پروڙڻ ۽ پرکڻ لڳندا آهن....
    ٻيا ماڻهو وري گَھڻ ڳالهائو هوندا آهن. انهن کي ڳالهائڻ کان سواءِ مزو ئي ناهي ايندو، پوءِ اهو ڳالهائڻُ ڪم وارو هجي يا اجايو، ان مان ڪو مطلب نڪري يا نه، اهي ڳالهائڻ ئي پسند ڪندا آهن. ڏسجي، ته عام طور سندن ڳالهين ۾ اجايون ۽ فضول ڳالهيون ئي هونديون آهن، ڇو ته اهڙن ماڻهن کي بس ڳالهائڻو ئي هوندو آهي، بنا ڪنهن ڪاما يا فُل اسٽاپ جي. اهي نان اسٽاپ هوندا آهن.... ڪنهن ڏاهي جو ڪُجھ هن ريت چوڻ آهي ته مان ڳالهائيندي، ڳالهه جي خراب ٿيڻ کان ڊڄان ٿو.... ڪيڏي نه وڏي ڳالهه آهي، ته ڳالهه ته ڪجي، اها به ڪم جي، پر ان ۾ به اهو کُٽڪو رهي، ته متان ڳالهه ۾ لفظن جو فرق ٿي وڃي ۽ مورڳو ئي ڳالهه خراب ٿي پوي ۽ برائي پکيڙي! پر ڳالهائُو ماڻهو، اِهو ڏسندا ئي ناهن، ته ڳالهه خراب ٿئي پئي يا نه، انهن کي ته بس پنهنجي وات ۾ زبان کي مَروٽا سروٽا ڏيڻا هوندا آهن. اهي پاڻ کي ڪچهرين جا مور سمجھندا آهن، جڏهن ته سندن لٻاڙ تي ڪو اياڻو ماڻهو ئي خوش ٿي سگھي ٿو. سياڻو ته انهن کان پاسو ڪيون گذري ويندو آهي. ان ڪري واتوڙين کان بچڻ انتهائي ضروري آهي. انهن وٽ ويهڻ کي قيمتي وقت وڃائڻ ئي چئبو. انگريزيءَ ۾ چوِڻي آهي: “He who kills the time, he is a killer” يعني جيڪو وقت وڃائي ٿو، اهو قاتل آهي. ان ڪري وقت جو قدر ڪرڻ ضروري آهي. گذري ويندڙ وقت ڪنهن به وَرائي ناهي آندو، پوءِ اهو ڪيڏو نه بدتر ٿيندو ته اسان پنهنجو وقت واتوڙين ۽ بڪواس ڪندڙن وٽ ويهي وڃائي ڇڏيون ۽ هر لحاظ کان ڏوهي بڻجي پئون....
    ٻئي طرف ڏسجي، ته صفا خاموش طبع هجڻ به سٺو ناهي ۽ نه ئي رڳو واتوڙي هجڻ يا گھڻ ڳالهائو هجڻ به ڪو چڱو آهي. وچين واٽ بهتر آهي، يعني نه ته ماڻهو ڳالهائي ئي نه، يا جنهن وقت ڳالهائڻ ضروري هجي، ته ان وقت به ماٺ رهي، ۽ نه ئي ماڻهو رڳو ڳالهائيندو رهي، پوءِ ڪو ٻُڌي يا نه، يا ٻڌي ته ويٺو بيزاريءَ مان نهاري ۽ مُنهن گھنجائي ۽ دل ۾ ويٺو گاريون ڏئي يا غلط سلط سوچي.... پاڻ سڳورن جو فرمان آهي: “سچي ۽ مِٺي ڳالهه به صدقو آهي.” ڏسجي ته اها ڳالهه ٻنهي فردن سان لڳي ٿِي، يعني خاموش طبع ماڻهو مڙيوئي گھٽ ڳالهائيندو، ان ڪري سچي ۽ مِٺي ڳالهه به گھٽ ڪندو، جڏهن ته گھڻ ڳالهائوءَ کي اها خبر ئي نه پوندي ته هُو سچ ٿو ڳالهائي يا ڪَچ ۽ مِٺو ٿو ڳالهائي يا ڪَڙو.... حضرت علي عليه سلام جن جو قول مبارڪ آهي ته “جهالت سان ڳالهائڻ ۾ ڪا ڀلائي نه آهي، حڪمت سان ڳالهائڻ ۾ ڀلائي آهي.” ٻئي هنڌ پاڻ چيو اٿن: “توهان جون ڳالهيون توهان جي عمل کان وڌيڪ نه هجن.” وڌيڪ چون ٿا: “سٺو ڳالهايو، جيئن اوهان جي سڃاڻپ ٿي سگھي، ڇو ته انسان پنهنجيءَ زبان هيٺان لڪل آهي”.... ٻئي ڪنهن مفڪر جو چوڻ آهي: “خبردار، تنهنجي زبانَ، تنهنجي خيال کان اڳتي نه هلي وڃي.”
    هي سڀ چڱائيءَ ڀريون ڳالهيون، چٽيءَ طرح اسان کي ٻڌائن ٿيون، ته حد کان وڌ ڳالهائڻ اجايو آهي، ماڻهوءَ کي گھرجي ته هو سٺيون ڳالهيون ڪري، پر اهي عمل کان وڌي لٻاڙ ۾ شامل نه ٿين. جيڪڏهن لٻاڙ ۾ ڳالهه شامل ٿي وئي ته ان کي جهالت کان سواءِ ٻيو ڪجھ نه ٿو سڏي سگھجي....
    سنڌ جي مهان شاعر شيخ اياز ڪيڏو نه چڱو چيو آهي ته:

    ايڏي چُپ اپار
    چڱي ته ناهي يار!
    جي تو وٽ ڪوئي گيت نه آ،
    ڪا جيءَ منجھان جھونگار.
    ايڏِي چُپّ چڱي ته نه آهي!
    ڀُڻ جُهڻ، ڪا ڀڻڪار!
    زنجيرن لئه زور نه آهه جي،
    ڪا جھيڻي جھڻڪار!
    ڪاري رات ابد تائين آ،
    اوندهِه تارون تار.
    پوءِ به ٿي ڪا جيءَ جھروڪا،
    لُنءَ لُنءَ منجھ لغار!
    پوءِ به ڏئي ڪا واءُ وراڪا،
    ڪونجڙين ڪُڻڪار!
    چڱي ته ناهي يار!
    ايڏي چُپ اپار.
    ***

    (سرجيل: 22 مئي 2011ع. ڇپيل: روزاني “عبرت” حيدرآباد، 16 آڪٽوبر 2011ع)


    13. تون ئي آهين، جنهن سان مان آهيان

    سنڌ ڌرتيءَ جي مشهور عوامي شاعر استاد بخاريءَ جو هڪ خوبصورت شعر آهي:
    گلـن جـي گلــسـتــان تـائـيـن نه پهـتـاسـيـن،
    مـحـبـت جـي مـيـدان تـائـين نه پهـتـاسـيـن.
    ڏِس، ماڻهو چنـڊ تي وڃي پهتا “بخاري”،
    مگر اسين هڪ انسان تائين نه پهتاسين.
    استاد بخاريءَ هنن چئن سٽن ۾ ڪيڏي نه ڌيان ڇڪائيندڙ ڳالهه بيان ڪئي آهي! هُو زندگيءَ جي ٻن حقيقتن بابت اسان کي ٻڌائي ٿو، جيڪي انتهائي اهم آهن. ڏسجي، ته هڪ طرف ماڻهو پولار ۾ اڳتي پِيهندي، چنڊ تي، ڪو وقت ٿيو جو وڃي پهتو، اتان جي مٽيءَ کي پنهنجن پيرن هيٺ آڻي ۽ سندس سُونهن کي پَسي چُڪو، ۽ اڳتي وڌندي مريخ ۽ ٻين سيارن سميت آسمان کي سَر ڪري رهيو آهي.... هُو اوچي کان اُوچو ۽ مٿانهينءَ کان مٿاهون ٿِي رهيو آهي ۽ جيئن پوءِ تيئن فلڪ ۾ اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ نين دنيائن جي تلاش ڪري رهيو آهي، نوان ستارا ۽ سيارا ڳولي رهيو آهي ۽ بليڪ هولن جي هولناڪين کي پرکي ۽ پروڙي رهيو آهي.... پر ٻئي طرف، جيڪي شيون سندس ويجھو آهن، جن کي سمجھڻ انتهائي ضروري آهي، جن کان سواءِ انسان جو گذارو ڪرڻ ڄڻ ته ناممڪن آهي، تن کان پرانهون ٿي رهيو آهي. هُو پاڻ جھڙي ئي ٻئي ماڻهوءَ کان پرتي ٿِي ويو آهي، کانئس محبت جو ميدان ڇڏائجي ويو آهي ۽ هُو گلن ۽ خوشبوئن کان پرڀرو ٿي رهيو آهي. اهي شيون جيڪي سندس جياپي کي خوبصورت بڻائن ٿيون، جن وسيلي هُو سماج ٺاهي، ان ۾ ميٺ محبت سان رهي سگھيو آهي، تن کان ڇڄي رهيو آهي.... اهو هڪ الميو، هڪ ڏک جي گھڙي آهي، جيڪا انسان جي زندگيءَ ۾ هلي آئي آهي. ان المئي کان، اسان جو بهترين شاعر استاد بخاري اسان کي آگاهه ڪري ٿو ۽ چتاءُ ٿو ڏئي ته سائنسي ترقيون ته هڪ پاسي ٿِي رهيون آهي، پر هڪ انسان جو، هڪ ماڻهوءَ جو، ٻئي ماڻهوءَ تائين پهچڻ انتهائي لازمي آهي يعني سندس من ۾ جڳهه بڻائڻ بي انتها ضروري آهي، ان کان سواءِ ماڻهو اڻپورو آهي ۽ هُو اڻپورو ئي رهندو جيڪڏهن ماڻهوءَ جي دل ۾ محبت جو جذبو مؤجزن نه ڪندو....
    محبت بابت گھڻو ئي ڳالهايو، لکيو ۽ سوچيو ويچاريو ويو آهي، تڏهن به محبت بابت سدائين نئين کان نوان جذبا ۽ احساس ماڻهوءَ جي من ۾ ڪَر موڙيندا رهيا آهن. عام احساس هيٺ محبت به عام جذبو هوندي آهي، پر خاص احساس هيٺ، جڏهن ماڻهوءَ جي اندر جي ڪائنات جاڳڻ لڳندي آهي، جڏهن ان سجاڳيءَ ۾ خمار به هوندو آهي ته قرار ۽ انتظار به هوندو آهي، تڏهن محبت خاص جذبو بڻجي پوندي آهي.... ان لمحي محبت جي معنى ڪا هڪ مخصوص ۽ سادي معنى ناهي هوندي، جيڪا ڊڪشنريءَ ۾ لکيل هجي يا جنهن جو ذڪر محبت تي لکيل ڪتابن ۾ سولائيءَ سان ملي وڃي، پر ان محبت جي وسعت هن وشال سنسار وانگر وسيع ٿي ويندي آهي....
    اهڙي لمحي محبت جو اظهار ڪڏهن احساسَ ڪندا آهن، ته ڪڏهن وري گيتن ۾ سمايل لفظَ، ڪڏهن اظهار سنئون سڌو، سادو ۽ صاف لفظن ۾ هوندو آهي ته “منهنجو توسان پيار آهي، مان تو سان ئي پيار ڪيان ٿو، ٻئي ڪنهن سان به نه، تون ئي اها هستي آهين جيڪا هن سڄيءَ ڪائنات ۾ وڌ ۾ وڌ مون کي پياري آهين، ٻِي هر هستي تو بنا بي معنى آهي، مون کي جيڪڏهن سَو حياتيون هجن ته اهي به تو تان قربان ڪري ڇڏيان....” ته ڪڏهن وري لفظ اظهارجِي نه سگھجندا آهن، لفظن جي ڀلي ۾ ڀلي چونڊ به اڻپوري محسوس ٿيندي آهي، اکر اُڪلندا ئي نه آهن ۽ دل ئي دل ۾ مٺڙي محبتي ماڻهوءَ کي چئي سگھبو آهي ته تون ئي آهين جنهن سان مان آهيان، تون ناهين ته مان ناهيان....
    ***
    ويجھڙ ۾ هڪڙي سٺي آکاڻي پڙهڻ جو موقعو مليو، جنهن ۾ ڪجھ دلچسپ سوال ۽ جواب هئا، جيڪي چاهيان ٿو ته اوهان سان ونڊيان. ان آکاڻي جا ڪردار بادشاهه، وزير ۽ ٻڪرار هئا، جن مان بادشاهه وٽ سوال، وزير وٽ عام جواب ۽ ٻڪرار جي جوابي ڳالهين ۾ وڏي ڏاهپ لڪل هئي.... بادشاهه هڪڙو سوال پڇيو ته” روشني ڪهڙي سٺي؟” جنهن تي وزير وراڻيو ته “چنڊ جي!” پر سياڻي ٻڪرار چيو ته “روشني سٺي اکين جي نُور جِي، جيڪڏهن نور نه هوندو ته چنڊ به ڏسڻ ۾ ڪو نه ايندو”..... وري بادشاهه ٻيو سوال پڇيو ته “ميوَن ۾ ميوو ڪهڙو مِٺو؟” جنهن تي وزير وراڻيو ته “سڀني ميوَن ۾ مٺو انب”. تنهن تي ٻڪرار چيو ته “ميوَن ۾ ميوو مِٺو اَنُ، جيڪڏهن انُ نه هوندو ته ڪهڙو به مٺو ميوو کائبو، ته به پيٽ ڪو نه ڀربو”.... وري بادشاهه پڇيو ته “آواز ڪهڙو سٺو؟” تنهن تي وزير وراڻيو ته “آواز سٺي ۾ سٺو بلبل جو!” پر سياڻي ٻڪرار چيو ته “آواز سٺي ۾ سٺو جنڊَ جو، ڇو ته جنڊُ هلي ته پيٽ بُکئي کي آسرو ٿئي، ان وقت جنڊ جي آواز اڳيان بلبل جو سريلي کان سريلو گيت به ڦڪو ٿيو پوي”....
    انهن لوڪ آکاڻين ۾ ڏسجي، ته ڏاهپ جون اهڙيون اهڙيون ڳالهيون ٻڌايل آهن جيڪي اسان جي زندگيءَ کي سنئين دڳ تي لائڻ لاءِ ڏاڍيون ڪارگر آهن، ضرورت صرف انهن مان مستفيض ٿيڻ جي آهي.... ٻِي ڳالهه جيڪا هنن لوڪ آکاڻين مان پڌري ٿئي ٿِي، ته بادشاهن جا وزير ۽ مشير عام طور ايڏا سياڻا ناهن هوندا، ڇاڪاڻ ته سندن زندگيءَ جا تجربا عام ماڻهن جي تجربن، تڪليفن ۽ پيڙائن کان پري هوندا آهن، ان جي ڀيٽ ۾ ريڍارن، ٻڪرارن، ميهارن، هارين ۽ عام ماڻهن جا تجربا زندگيءَ جي ڪَڙين حقيقتن ۽ سچائين سان ڀرپور هوندا آهن، ان ڪري وٽن لوڪ ڏاهپ به ڀرپور هوندي آهي جيڪا سچ سان سلهاڙيل هوندي آهي....
    ***
    اوهان کي ٻڌائيندو هلان، ته 29 مئي تي “گڏيل قومن جي امن قائم رکندڙن (Peacekeepers) جو بين الاقوامي ڏينهن” ملهايو ويندو آهي. گڏيل قومن يعني يونائيٽيڊ نيشنس جو ادارو، دنيا جو هڪ اهم ادارو آهي، جنهن جو پاڪستان به ميمبر آهي.... گڏيل قومن جا ڪيئي ذيلي ادارا پڻ آهن، جھڙوڪ يونيسيف، ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن، يونيسڪو، يُو اين اينوائرونمينٽ پروگرام وغيره. اهي سڀئي ادارا مختلف موقعن ۽ واقعن يا اهميتن جي لحاظ کان سڄو سال ڪيئي ڏينهن ملهائيندا آهن، ته جيئن انهن ڏينهن تي اهڙين شين ۽ واقعن جي اهميت اجاگر ڪري سگھجي.... 29 مئي تي “گڏيل قومن جي امن قائم رکندڙن” جو ڏينهن ملهائڻ جا ٻه مقصد آهن: نمبر هڪُ، ته امن قائم ڪرائڻ دوران جن ماڻهن پنهنجيون حياتيون قربان ڪيون آهن تن جي يادگيريءَ ۾ مڃتا ڪجي، ۽ نمبر ٻيو، ته انهن سڀني مردن ۽ عورتن کي شاباس ڏجي جن گڏيل قومن جي امن قائم رکندڙ آپريشنن ۾ پنهنجون خدمتون پوريءَ ارپنا، ڪم جي قابليت ۽ بهادريءَ سان سرانجام ڏنيون آهن يا ڏئي رهيا آهن....
    يقيناً هيءُ هڪ عظيم مقصد آهي ته دنيا ۾ امن قائم ڪرائجي. مختلف ملڪن جي اتحادن سان اڳي به اهڙي قسمن جا ادارا ٺهندا رهيا آهن، پر گڏيل قومن جو ادارو هڪ اهم ادارو آهي، جيڪو ٻِي عالمي جنگ کان پوءِ قائم ٿيو ۽ اڃا تائين فعاليت سان ڪم ڪري رهيو آهي.... پر افسوس آهي ته ان اهم اداري ته به ڪجھ ملڪن جي حاڪميت قائم آهي، خاص ڪري هڪُ سپر پاور ملڪ آمريڪا، گڏيل قومن تي ڇانيل آهي، جيڪو ان اداري جي هڪ ٻئي اداري سلامتي ڪائونسل کي به پنهنجن مقصدن لاءِ متاثر ڪري رهيو آهي.... بهرحال، اهي وڏا بحث آهن جيڪي اسان هتي ڪو نه ٿا ڪيون، مقصد صرف بين الاقوامي ڏينهن جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ هو....
    29 مئي تي ٿيل اهم واقعن مان ڪجھ چونڊ واقعا، اوهان جي ڄاڻ خاطر، پيش ڪريان ٿو:
    * 29 مئي 1886ع تي، ڪيميادان جان پيمبرٽن ڪوڪا ڪولا جِي پهرين ايڊورٽائيزمينٽ ڇپرائي جيڪا ائٽلانٽا جنرل ۾ ڇپي.
    * 29 مئي 1919ع تي، دنيا جي مڃيل سائنسدان البرٽ آئنسٽائن جي پيش ڪيل نظريي “عام نسبتي نظريي” جي چڪاس ڪئي وئي، جيڪا پوءِ درست ثابت ٿي.
    * 29 مئي 1973ع تي، ٽام براڊلي آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي شهر لاس اينجلس جو پهريون سياهه فام ميئر منتخب ٿيو.
    * 29 مئي 1990ع تي، بورس يلتسن کي روسي پارليامينٽ صدر طور چونڊيو.
    * 29 مئي 1999ع تي، خلائي شٽل ڊسڪورِي بين الاقوامي اسٽيشن سان پهريون ڀيرو ڳنڍپ ۾ آئي.
    ان کان سواءِ 29 مئي تي جيڪي هستيون پيدا ٿيون، تن ۾ حسابن جو ماهر انگريز سائنسدان همفري ڊٽن 1675ع ۾، فلڪي علمن جو جرمن ماهر جان هينرخ وان ميڊلر 1794ع ۾، آمريڪا جو پنجٽيهون صدر جان ايف ڪينيڊي 1917ع ۾، اڳوڻو پاڪستاني صدر مرحوم فاروق لغاري 1940ع ۾ شامل آهن.... جڏهن ته جيڪي هستيون 29 مئي جي تاريخ تي وڇڙي ويون، تن ۾ انگريز ڪيميادان همفري ڊيوي 1829ع ۾ ۽ نوبل انعام کٽندڙ اسپيني ليکڪ جان ريمَن جمِينيز 1985ع ۾، شامل آهن.
    ***

    (سرجيل: 29 مئي 2011ع. ڇپيل: روزاني “عبرت” حيدرآباد، 23 آڪٽوبر 2011ع)


    14. محبوب بنا وقتُ ڪا حيثيت نه ٿو رکي

    تاڻيان تنـدُ نه نِڪـري، جـيءُ نه منـهنـجـو جـاءِ،
    ساجن ڌاران سرتيون، سڀ ئي مون نه سُهاءِ،
    جِـــيَــــڻُ ڪـيــنَ جُـــڳـاءِ، آيَـــلِ ٻـــاروچــــــنِ ري.

    اسان پنهنجي وقت کي ٽن مرحلن ۾ ورهائي پنهنجي زندگي گذاريندا آهيون. اهي ٽي مرحلا ماضي، حال ۽ مستقبل آهن. ماضي، جنهن ۾ اسان جي گذريل زندگيءَ جو سمورو تفصيل سمايل آهي. حال، جنهن ۾ اسان جي ڏهاڙيءَ جي سرگرمي ٿي رهي آهي، ۽ مستقبل، جيڪو اڻ ڏِٺو ۽ اڻ ٻُڌو آهي.... اسان جي گذريل زندگيءَ يعني اسان جي ماضيءَ ۾ اسان جي ڏهاڙيءَ جي سرگرمين يعني اسان جي حال ذريعي مسلسل واڌارو ٿيندو رهي ٿو ۽ اسان جي حال کي وري مستقبل ملندو رهي ٿو. ان ريت ماضيءَ سان حال ۽ حال سان مستقبل جڙيل آهن. هڪ لمحو گذريو ته ماضي آ، هڪ لمحو گذري ٿو ته حال آ ۽ هڪ لمحو ايندڙ آهي ته مستقبل آهي.... ٽئي هڪ ٻئي کان ڌار به آهن ته هڪ ٻئي سان ڳنڍيل ۽ سلهاڙيل به آهن. هڪڙو ٻئي کان ۽ ٻيو ٽئين کان ڌار رهي پنهنجو وجود برقرار رکي نه ٿو سگھي، ٽئي ـــــ ماضي، حال ۽ مستقبل ـــــ هڪ ٻئي جو موت ۽ حيات آهن. ماضي حال کان سواءِ کُٽي ٽُٽي پوندو، حال ماضيءَ کان سواءِ بي طرفو رهندو ۽ مستقبل کان سواءِ جياپو قائم رکي نه سگھندو ۽ مستقبل وري حال (۽/پڻ ماضيءَ) کان سواءِ ڪجھ به نه بچندو....
    وقت جو سفر سدائين اڳتي کان اڳتي هلندو رهيو آهي، پر اهو دراصل مستقبل کان ماضيءَ ڏانهن هلندو رهيو آهي. ايئن ڪڏهن به ناهي ٿيو ته وقت واپس موٽيو هجي يعني ماضي ٻيهر حال ۽ مستقبل بڻيو هجي. گذريل وقت ٻيهر ڪڏهن به ناهي وَريو، اهو يادگيري بڻجي ويو آهي جيڪا ماضيءَ، حال ۽ مستقبل تي محيط آهي....
    وقت سچ پچ به عجيب “شَيءِ” آهي. ان کي “شَيءِ” چئجي به يا نه!؟ وقت جي سادي وصف ان ريت ئي ٻڌائي ويندي آهي ته وقت ڪنهن به واقعي يا عمل جي شروع ۽ ختم ٿيڻ واري وِٿي آهي.... وقت کي اسان صدين، سالن، مهينن، هفتن ۽ ڏينهنِ، يا ڪلاڪن، منٽن ۽ سيڪنڊن ۾ ته ورهائي ڇڏيو آهي، پر ڏسجي ته اصل ۾ وقت اسان کي ورهائي ڇڏيو آهي ۽ اسان وقت جا قيدي بنجي ويا آهيون ۽ وقت کي پاڻ تي حاوي ڪري جِي رهيا آهيون. جڏهن ته زندگيءَ جو اصل مزو وقت کي پنهنجي وَس ۾ بڻائي جيئڻ ۾ آهي. جن ماڻهن وقت جي واڳ موڙي آ، انهن ئي سوڀون ماڻيون آهن، نه ته وقت سڀ تي فتح ماڻيندو ويو آهي.
    اسان جا احساس، اسان جا جذبا، اسان جا اُڌما ۽ اسان جا ارمانَ، اسان جا سُک ۽ ڏکَ انهيءَ وقت کي، اڃا به چئجي ته وقت گذرڻ جي رفتار کي گھٽ ۽ وڌ ڪندا رهندا آهن. ايئن حقيقت ۾ ته ناهي هوندو، پر وقت جي احساساتي ماپ ڪجھ اهڙا ئي انومان ڏيندي رهندي آهي. مثال طور ڪڏهن ته خوشيءَ ۽ سرمستيءَ جي احساسن ۽ اُڌمن هيٺ وقت ايئن اڏامي ويندو آهي، ڄڻ پَر لڳل هجنس، ته ڪڏهن وري وقت ڏک ۽ تڪليف توڙي وڇوڙي جي مرحلن ۾ ايئن رڙهندو آهي ڄڻ جُونءَ پير گذري رهيو هجي، اڃا به بيهجي ويو هجي....
    وقت کي روڪي وجھندڙ اهي احساس ۽ ارمانَ، جيڪي ڪيفيتن جا محتاج هوندا آهن، ڏاڍا انوکا هوندا آهن. انهن ڪيفيتن هيٺ ماڻهوءَ ماضيءَ، حال ۽ مستقبل يعني وقت کان اوپرو بڻجي پوندو آهي. وقت هن لاءِ بي معنى بڻجي پوندو آهي. ان پَلِ وقتَ جي حيثيت ثانوي بڻجي ويندي آهي، ماڻهو وقت کي ڀانئيندو ئي ناهي. وقتُ موجود هوندي به، موجود ناهي هوندو، اهو موجود مان لاموجود بڻجي پوندو آهي. ماڻهوءَ لاءِ ان پل وقتُ جيڪڏهن هوندو آهي ته اهو محبوب جي صورت ۾، ان جي روپ ۾ هوندو آهي. وقتُ محبوب کان بنا ڪا حيثيت ناهي رکندو، وقت جي هر حيثيت، ان جي هر اهميت محبوب سان لاڳاپيل هوندي آهي.
    ساجھر جاڳي ننڊ مان، ورتم تنهنجو نانءُ،
    منهنجـو پنهنجـو آنءُ، پيهـي ويـو پـاتـار ۾. (شيخ اياز)
    محبوب بنا وقت جيڪڏهن گذري رهيو به هوندو، ته اهو اوپرو اوپرو ۽ بيٺل هوندو، ان جي اسان جي من ۾، اسان جي دل ۾ ڪا واقفيت نه هوندي. ها، جيڪڏهن دل جي ويران رِڻ تي وقتُ ڪڪر جي صورت ۾ وَسي رهيو آهي، ته پوءِ به زبردست قسم جي شَيءِ آهي، اها شَيءِ جنهن سان اسان پيار به ڪري سگھون ٿا....
    ***
    اسان جي ماضيءَ توڙي حال ۾ انيڪ ماڻهو شامل هوندا آهن، جن مان ڪن سان اسان جي زندگيءَ جا ڪي پل، ڪي ڏينهن، ڪي هفتا ۽ سال گڏ گذريل هوندا آهن، ته ڪن ماڻهن سان وري اسان جي زندگي اڃا گذرندڙ هوندي آهي، پوءِ اهي اسان جي اکين اڳيان هجن يا نه. هِي جو شاهه سائينءَ چيو آهي:
    “ڪــــي ويـجھــــا ئــــي ڏُور، ڪــــي ڏُور بــه اوڏا سـپـــريـــــن،
    “ڪــــي چـــڙهـــــن نــه چِـــت تــــي، ڪــــي وســـرن نـه مُــــــــور،
    “جيئن مينهنِ ڪُنڍيءَ پُور، تيئن دوست وراڪو دل سين.”
    - ته اهو ايئن ئي ته نه چيو آهي نه! هونءَ به ڪي ماڻهو ويجھو صرف ان ڪري ئي هوندا آهن جو اهي اسان جي ڀرسان رهندڙ هوندا آهن يا جن سان اسان جي عام زندگيءَ جي اٿاويٺيءَ ۾ ملاقات پئي ٿيندي رهندي آهي، پر اهي ماڻهو اصل ۾ اسان جي ويجھو ناهن هوندا، ڇاڪاڻ ته اهي اسان جي دل جي ڌڙڪنن کان پري پري هوندا آهن..... ان جي ڀيٽ ۾ ڪي ماڻهو، ڪي دل گھريا دوست، ڪي محبتي ماڻهو، ڪي سِڪ وارا سڄڻ، ڪي سونهن ڀريا سُپتيا ماڻهو جيڪي اسان کان پري رهندڙ هوندا آهن، پر اهي پنهنجي ورتاءَ، پنهنجي پيار، پنهنجي ملنساريءَ، پنهنجي محبت سبب اسان کي ويجھا هوندا آهن.... اهي ماڻهو اسان کان ڪڏهن به وسري نه سگھندا آهن، ڇو ته اهي اسان جي زندگي هوندا آهن، انهن کان سواءِ اسان جي حياتيءَ جا ساهه اڻپورا کڄندا آهن. اهي مٺڙا محبوب ماڻهو، پرين پيارا ئي اصل ۾ اسان جي وقت جي ڪَٿ هوندا آهن. جيڪڏهن اهي نه هجن ته اسان جو وقت اڻ مُلهيو ٿي پوي، ان جي حيثيت هڪ ردي شَيءِ واري بڻجي وڃي....
    ***
    اردو ٻوليءَ جي نالي واري شاعر، اديب ۽ انيڪ فلمون پروڊيوس ڪرڻ سوڌو مرزا غالب جي حياتيءَ تي شاهڪار ڊرامو لکندڙ گلزار صاحب جو هڪ خوبصورت نظم هن ريت آهي:

    “يه راهه بهت آسان نهين
    “جس راهه په هاٿ ڇُڙا ڪر تم
    “يُون تَن تنها چل نڪلِي هو!
    “اس خوف سي شايد، راهه ڀَٽڪ جائو نه ڪَهين
    “هر موڙ په مين ني نظم کَڙِي ڪر رکِي هي!
    “ٿَڪ جائو اگر
    “اور تم ڪو ضرورت پڙجائي
    “اِڪ نظم ڪِي انگلِي ٿام ڪي واپس آ جانا!”
    يقيناً اوهان کي هيءُ نظم بيحد پسند آيو هوندو! هڪ شاعر ڀلا پنهنجي دلبر ساٿيءَ کي ٻيو ڪهڙو ساٿ ڏئي سگھي ٿو! هن جا نظم، هن جا غزل، بيت، گيت ۽ وايون مٺڙي محبوب جي لاءِ ئي ته هوندا آهن.... هن نظم ۾ گلزار پنهنجن سمورن نظمن کي هڪ واضح ڪارج ڏنو آهي، ته جنهن پَل به انهن نظمن مان ڪنهن هڪ نظم جِي به جيڪڏهن سندس پياري پرينءَ کي ضرورت پوي ته اهو سندس ساٿ ڏيڻ، کيس پاڻ تائين موٽائي وٺي اچڻ لاءِ موجود هجي، اهو ئي سندس نظمن جو مقصد آهي.... گلزار صاحب جي غزلن مان ڪي چونڊ شعر:

    ڦُولون ڪِي طرح لَب کول ڪڀِي،
    خوشبو ڪِي زبان ۾ بول ڪڀـي.
    بتائين ڪيا، وه آفتاب ٿا ڪوئِي،
    گـيـا تــو آســمــان ســاٿ لــي گـيــا.
    وو بي پناهه پيار ڪرتا ٿا مُجھي،
    گيا تو ميـري جـان سـاٿ لـي گـيـا.
    روان هين ڦِر ڀي رُڪي هين وهين پي صديون سي،
    بـــڙي اداس لــگـــي جـــب ڀــــــي آبــــشــــــــار دِکــــــــي.
    ڪڀــي تو چونڪ ڪي ديکي ڪوئي هماري طـرف،
    ڪـسِـي ڪِـي آنـک ۾ هــم ڪــو ڀــي انـتـظـار دِکـي.
    ***
    اڄ 5 جُون تي، سڄيءَ دنيا ۾ “ماحول جو عالمي ڏينهن” ملهايو پيو وڃي. هن ڏينهن جا هر سال مختلف موضوع مقرر ڪيا ويندا آهن. سال 2011ع ۾ ان جو موضوع “فاريسٽ، نيچر ائٽ يوئر سروِس” آهي.... “ماحول جو عالمي ڏينهن” ملهائڻ جي شروعات 1972ع کان ٿي. هن ڏينهن ملهائڻ جو مقصد اسان جي قدرتي ماحول کي درپيش خطرن کان سڄيءَ دنيا جي حڪومتن ۽ عوام کي آگاهه ڪرڻ آهي، ته جيئن اهو قدرتي ماحول جنهن ۾ اسان ساهه کڻي جِي رهيا آهيون ۽ جنهن سان اسان جون زندگيون قائم ۽ دائم آهن، تنهن کي صاف سٿرو رکي سگھجي ۽ ان کي درپيش خطرن کان بچڻ لاءِ جوڳا اپاءَ وٺي سگھجن....
    گلوبل وارمنگ يعني عالمي تپش اهڙو عالمي مسئلو آهي، جنهن کان سڄيءَ دنيا جا سڄاڻ انسان ڊنل آهن ۽ چاهن ٿا ته ڌرتيءَ جو گرمي پد جنهن تيزيءَ سان مختلف ڪارڻن جي ڪري وڌي رهيو آهي، تنهن تي ضابطو رکجي، ته جيئن انسانذات ۽ ٻين سمورن جاندارن جي زندگين کي لاحق خطرن کان بچي سگھجي....
    اسان جي ماحول ۾ جيڪا گدلاڻ مختلف طريقن سان پکيڙجي رهي آهي، تن ۾ خاص طور آواز جي گدلاڻ، پاڻيءَ جي گدلاڻ، ماحول جي گدلاڻ وغيره شامل آهن. اسان جو سنڌ صوبو ۽ سنڌو درياءُ پڻ ماحولي گدلاڻ کي منهن ڏئي رهيا آهن. سنڌ جي مختلف شهرن، خاص ڪري ڪراچيءَ، حيدرآباد ۽ سکر ۾ موجود سوين صنعتي يونٽ وڏي صنعتي گدلاڻ پکيڙي رهيا آهن، خاص ڪري انهن صنعتن مان نڪرندڙ فضلو ۽ گندو پاڻي سنڌو درياءَ ۽ سمنڊ کي سخت نقصان رسائي رهيو آهي. جڏهن ته لاکڙا پاور هائوس ۽ ٻين پاور اسٽيشنن مان نڪرندڙ گندي ۽ زهريلي گئس ماحول کي سخت شيهو رَسايو آهي. انهن حالتن ۾ تمام وڏي ضرورت آهي ته اهڙا اپاءَ ورتا وڃن ته جيئن سنڌو درياءَ ۾ گندي پاڻيءَ جو نيڪال نه ٿئي ۽ فلٽر پلانٽن جو ڄار وڇايو وڃي، جن شين جي رِي سائيڪلنگ ممڪن آهي، تن کي ٻيهر استعمال جوڳو بڻائجي، ٻيلن ۽ وڻن جي واڍيءَ کي روڪجي ۽ انهن کي وڌائجي ۽ آبي وسيلن جي حفاظت ڪجي....
    ***
    5 جونِ عوامي شاعر گل حسن گوپانگ “شاد” جي وفات جي پڻ تاريخ آهي. هُو 1997ع ۾ اسان کان سدائين لاءِ وڇڙي ويو، پر سندس يادون اسان جي ذهنن ۾ اڄ به محفوظ آهن ۽ هو پنهنجن شعرن وسيلي جيڪي مختلف ڪتابن جي صورت ۾ ڇپيل به آهن، ته فنڪارن جي آواز ۾ ڳايل به آهن، اسان سان محبتي ڳالهيون ونڊيندو رهندو آهي.... شاد صاحب پهرين جنوري 1933ع تي ضلعي قنبر شهدادڪوٽ جي تعلقي ميرو خان جي ڳوٺ ڪرم خان گوپانگ ۾ پيدا ٿيو. 1950ع ۾ هن سنڌي فائينل جو امتحان پاس ڪيو ۽ پرائمري استاد طور پڙهائڻ لڳو. جتان 1989ع ۾ هن رٽائرمينٽ ورتي، جنهن کان پوءِ حڪمت شروع ڪيائين. شاد صاحب شاعريءَ جي شروعات 1946ع ۾ ڪئي. شاعريءَ ۾ سندس استاد مشهور شاعر دادن فقير ۽ نظام الدين “نظام” گوپانگ هئا. شاد صاحب 1984ع ۾ قنبر لڏي آيو. هُو سنڌي ادبي سنگت قنبر شاخ جو ميمبر پڻ رهيو ۽ “بزمِ طالب المولى” سان لاڳاپيل ۽ “سنڌي اردو ادبي سنگت شهدادڪوٽ” جو صدر پڻ رهيو. شاد صاحب جي شاعريءَ جا جيڪي مجموعا ڇپيل آهن، تن ۾ “تحفهء عشق”، “شانِ پنجتن”، “ڪوثر جا ڍُڪ”، “ديوانِ شاد” ۽ “شانِ رسول” شامل آهن. شاد صاحب جي تمام گھڻي شاعري آڊيو ڪئسٽن ۾ پڻ ڳائي وئي. خاص ڪري استاد مکڻي فقير 75 جي لڳ ڀڳ ڪئسٽن ۾ سندس ڪلام ڳايو ۽ ٻين فنڪارن ۾ قمر سومري، گلشن زنگيجي، فيروز گل، روبينه حيدريءَ، گل حسن ميراڻيءَ، ممتاز لاشاريءَ، جلال چانڊيي ۽ برڪت علي گوپانگ سندس شاعريءَ کي ڳايو ۽ عام ڪيو.
    شاد صاحب جو هڪ شعر هن ريت آهي:

    مـٺــڙا مـٺــڙا ٻــول ٻــڌائـــڻ ڪــو ڄـــاڻــــــي،
    ماڻـڪ مـوتـــي لـعـل ورهـائـڻ ڪـو ڄــاڻــي.
    لُوڻ ڦَٽن تي ٻُرڪڻ ايندو سڀ ڪنهن کي،
    زخـمـي دل جــا زخــم ڇُـٽـائــڻ ڪـو ڄـاڻـي.
    ***

    (سرجيل: 5 جُون 2011ع. ڇپيل: روزاني “عبرت” حيدرآباد، 30 آڪٽوبر 2011ع، عنوان “ڪي ڏُور به اوڏا سپرين”)


    15. ميلاپ کان وڌ وڇوڙو آهي

    تنهنجي آڏو ذرو به ناهيان سائين،
    ٽُبڪڙي جيترو به ناهيان سائين.

    تو کان ڪجھ پَر ڀرو به ناهيان سائين،
    اڻ ڏٺل اوپرو به ناهيان سائين.

    معتبر مٿڀرو به ناهيان سائين،
    ۽ صفا تَرو به ناهيان سائين.

    تون ‘مدهوش’ کي جيترو سمجھين ٿـو،


    سَـچ پُـڇـيـن ايـتـرو بـه نـاهـيـان سـائـيــن. (احمد خان ‘مدهوش’)

    ***
    اسان جون زندگيون انيڪ ماڻهن جي ساٿ ۽ سنگت ۾ گذرن پيون، پوءِ اسان ميڙن جي موجن ۾ هجون يا اڪيلائيءَ جو عذاب ڀوڳيندا هجون. اسان سان ڪي ماڻهو گڏ هوندي، ته گڏ هوندا ئي آهن، پر ڪي ماڻهو پري هوندي به گڏ هوندا آهن ۽ انهن جي دُوري ڪا معنى ناهي رکندِي، پر انهن سڀني ماڻهن جي سنگت ۽ ساٿ مان جنهن ماڻهوءَ جي ساٿ جو تمنائي ماڻهو رهندو آهي، اهو ڪا اهڙي شخصيت ئي هوندو آهي جنهن سان دل جو ناتو هوندو آهي، جنهن جو واسو من ۾ هوندو آهي ۽ جيڪو اکين کان اوجھل هجي يا نه هجي، پر اهو اکڙين جي درين ۾ رهندڙ هوندو آهي. اهڙي وقت اها ئي دل جي خواهش هوندي آهي ته اسان جو سڄڻ اسان جي اکڙين آڏو موجود هجي، اسان سندس اکڙين ۾ سمايل هجون، جڏهن ته، هو ته اسان جي اکڙين ۾ سمايل هوندو ئي آهي. اهڙي وقت نه اسان کي پنهنجي سُڌ رهندي آهي ۽ نه ئي ڪنهن ٻئي جي خبر رهندي آهي، هيءَ ڪائنات ڄڻ ته اسان ۽ پياري پرينءَ جي اکڙين ۾ سمائجي ويندي آهي، ان جون سڀ وسعتون، ان جون هَـڙ پکيڙون، ان جون ڪُل ئي حد بنديون توڙي لاحد بنديون اکڙين جي ڪائنات جو حصو بڻجي وينديون آهن. هڪ اهڙيءَ دلرُبا ڪائنات جو حصو جيڪا حسناڪين سان ڀرپور ۽ زندگيءَ جي چاهتن سان سينگاريل ۽ سنواريل هوندي آهي....
    ***
    مرڻـا اڳـي جي مُـئـا، مـري ٿـيا نه مات،
    هوندا سي حيات، جيئڻا اڳي جي جِيا. (شاهه)
    ڪالهه رات کان ڏاڍي ڏک ڀرِي خبر سڄيءَ سنڌ جي ادبي فضا کي سوڳوار ڪري وئي آهي ته سنڌ جو نالي وارو اديب، ناول نگار، ڪهاڻيڪار ۽ شاعر طارق عالم ابڙو اسان کان سدائين لاءِ وڇڙي ويو. هُو بهترين مصور ۽ ڊرامه نگار پڻ هو. هُو هڪڙو منفرد ۽ اهڙو اديب هو جنهن جي لکڻين ۾ اصليت جھلڪندي هئي. ان ڪري ئي سندس مشهوري ملڪ ۾ ۽ ملڪ کان ٻاهر پڻ هئي. هاڻ صرف سندس لکيل ڪتاب ئي آهن، جيڪي سندس ياد کي اسان جي من ۾ سدائين لاءِ روشن ۽ قائم دائم رکندا، ۽ ساڻس گذاريل وقت اسان جي ساروڻين جو يادگار حصو ٿِي رهندو.... طارق عالم جو لکيل يادگار ناول “رهجي ويل منظر” آهي جيڪو 1985ع ۾ پهريون ڀيرو ڇپيو ۽ نوجوان ٽهيءَ جو پسنديده ناول رهيو ۽ جنهن کي هنن شوق ۽ پيار منجھان پڙهيو، ۽ جنهن جا پوءِ ڪيئي ڇاپا پڌرا ٿيا. جڏهن ته سندس لنڊن جو لکيل سفرنامو “لنڊن تنهنجا ڪيڏا روپ” (1992ع) پڻ پنهنجي نرالي انداز ۽ منفرد مواد سبب ڏاڍو پسند ڪيو ويو. ان کان سواءِ سندس ڪهاڻين جا مجموعا “سڃاڻپ جي ڳولا ۾” (1998ع)، “رات، سانت ۽ سوچون” (1981ع) ۽ شاعريءَ جو مجموعو “مورن اوچا ڳاٽ” (1990ع) ڇپيل آهن....
    طارق عالم جي شاعريءَ مان ڪجھ شعر اوهان جي خدمت ۾:
    دل دروازو کــول پـيـــارا، ٺـــڪ ٺـــڪ ٿــئــي ٿِــي،
    دل تي هٿ ڌري ڏِس، ڪيڏي ڌڪ ڌڪ ٿئي ٿي.

    منــهنــجــو مــن ڀـــي آهــي ڪــائــي ريـــل پــراڻـــي،
    ماضيءَ جي پٽڙين تي ڪيڏي ڇَڪ ڇَڪ ٿئي ٿي.

    ماڻهوءَ کان گم ٿِي ويو پاڇو ماڻهوءَ جــو،
    ڪـتـن تـي الــزام تــراشـي ناحــق ٿـئـي ٿي.

    دروازي کي کول، دريءَ مان ڏِس ته سَهي!
    شايد ‘سچل’ بيٺو آهي، ‘حق حق’ ٿئي ٿي.

    چنڊ جيان ٿا چمڪن منهنجي ڳوٺ مٿان،
    روشن جن سان ٻنيون ٻارا ـــ تنهنجا خطَ.


    وڻ جي سيني ۾ دل ڌڙڪي مالهيءَ جي،
    منهنجيءَ دل ۾ ڌڙڪن سارا تنهنجا خط.

    ڪٿي کُٽي ٿي وڃي رات، ڪا خبر ناهي،
    ڪٿـي ٽُـٽي ٿي وڃي بات، ڪا خبر ناهـي.

    اسين فــقـيـرَ، مسـافـرَ، محبـتـن جا سفـيـر،
    پڇو ٿا ڪهڙي اٿئون ذات، ڪا خبر ناهي.

    دل تـي هـٿ ڌريــنـدي آيُــس يــاد پريـــن،
    دردَ وڇـوڙي تـي ڪـيـڏو پـڇـتـايو پئي.

    شاعر، ڪوري ڪاڳر تي اتهاس لکي،
    لفظن جو ناراض نسـل پرچايو پـئــي.
    طارق عالم قنبر جي نامور مصور ۽ قنبر شهر جي پهرئين فوٽوگرافر سائين محمد عالم ابڙي جي گھر ۾ 10 اپريل 1958ع تي قنبر ۾ پيدا ٿيو. 1960ع ۾ سندس ڪٽنب ڄام شوري لڏي ويو، جتي هن پرائمري تعليم 1965ع ۾ پرائمري اسڪول ڄام شوري، مئٽرڪ (پرائيويٽ) جامعه عربيه حيدرآباد، انٽر آرٽس سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد، بي اي (پرائيويٽ) 1988ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۽ ايم اي (پرائيويٽ) 1993ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان پاس ڪئي. هن پڙهڻ دوران سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ٽيليفون اٽينڊنٽ ۽ سوشيالاجي ڊپارٽمينٽ ۾ سيمينار انچارج طور هڪ سال پڻ نوڪري ڪئي. 1989ع ۾ هو سنڌي ادبي بورڊ ڄامشوري جي ادبي رسالي ٽماهي “مهراڻ” جو سب ايڊيٽر مقرر ٿيو. هو سنڌي ادبي بورڊ جو ڪجهه وقت سيڪريٽري به رهيو. هن ايڊيٽر ماهوار “گل ڦل” طور پڻ ڪم ڪيو، جنهن کان پوءِ کيس “مهراڻ” جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو هو. طارق عالم 1975ع ۾ ادبي دنيا ۾ پير پاتو، جڏهن سندس پهريون نظم “ماروئڙا” رسالي ۾ ڇپيو. سندس پهرين ڪهاڻي “پائلي” 1978ع ۾ ڇپي، جنهن کان پوءِ هو مسلسل لکندو رهيو. طارق عالم جي ناول “رهجي ويل منظر” کي 1985ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ پاران سال جي بهترين ادب جو ايوارڊ ۽ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن پاران نسيم کرل گولڊ ميڊل ڏنو ويو. سندس اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ “سار آهي ستل ڊائريءَ ۾” (شاعري)، “بي روپ چهري جي ڪهاڻي” (ڪهاڻيون) ۽ “مٽي” (ناول) شامل آهن. طارق عالم پاڪستان ٽيلي ويزن لاءِ ڊراما (ٽيلي پِلي) پڻ لکيا آهن. سندس لکيل پهريون ڊرامو “چنڊ رهين ٿو دور” 1979ع ۾ ٽيلي ڪاسٽ ٿيو، جيڪو سندس پنهنجي ئي هڪ ڪهاڻيءَ کي ڊراماٽائيز ڪيل هو. طارق عالم جا 25 کان وڌيڪ ڊراما نشر ٿي چڪا آهن. هن پنهنجي لکيل ڊرامي ۾ اداڪاري پڻ ڪئي جنهن جو نالو “سج لهڻ کان اڳ” هو. جڏهن ته، طارق عالم 1992ع ۾، روزاني عبرت حيدرآباد ۾ ، ڪالم/ڪهاڻي جي سري سان هفتيوار ڪالم پڻ لکيا. آرٽسٽڪ خاندان جو فرد هئڻ ناتي طارق عالم مصور پڻ هو. سندس فن پارن جي نمائش 2003ع ۾ سنڌالاجيءَ ۾ ٿي. فنِ مصوريءَ ۾ هن جو پين ورڪ ۽ آئل ورڪ ڪيل هو....
    بهرحال، طارق عالم جي وفات جو اسان کي بيحد ڏک آهي. ان ڏک ۾ اسان اوهان کي به ڀاڱي ڀائيوار ڪريون ٿا. طارق عالم کي ايئن بُڪين جي فيل ٿيڻ ۽ ساهه جي تڪليف سبب نه مرڻ گھربو هو، پر هُو هن بي حِس سماج جي ظلمتن، ناانصافين ۽ اڻ برابرين اڳيان هارجي ويو، اهو سماج جيڪو ڪٿي ته لکَ ٿو وڃائي ڇڏي ۽ ڪٿي ڪوڏي به سجائي نه ٿو ڪري....
    ***
    اڄ ڄڻ ته تعزيت نامي جي ڪَڙيون آهن، جيڪي اوهان سان ونڊيان پيو. هونءَ به زندگي سُک کان وڌيڪ ڏکُ ۽ سهولتن کان وڌيڪ تڪليف ڀري آهي. هتي ميلاپ کان وڌيڪ وڇوڙو آهي ۽ زندگيءَ کان ڏاڍو موت آهي....
    هڪڙي ٻِي پڻ ڏک جي خبر آهي ته سڄيءَ دنيا ۽ خاص ڪري ننڍي کنڊ جو مشهور ۽ معروف مصور ايم.ايف حسين ڪجهه ڏينهن بيمار رهڻ کان پوءِ، لنڊن جي هڪ اسپتال ۾ ٿورا ڏينهن اڳ لاڏاڻو ڪري ويو. کيس پاڙيسري ملڪ ڀارت جو پڪاسو سڏيو ويندو هو ۽ کيس سڄيءَ دنيا ۾ مڃتا حاصل هئي.... ايم.ايف حسين جو پورو نالو مقبول فدا حسين هو ۽ 96 ورهين جو هو، پر هندو انتها پسند تنظيمن جي ڌمڪين سبب پنهنجيءَ زندگيءَ جا پڇاڙڪا ورهيه لنڊن ۾ جلاوطنيءَ ۾ گذاري رهيو هو. سندس صحت سٺي هئي، پر ڪجھ ڏينهن اڳ هو بيمار ٿي پيو هو، جڏهن ته سندس اوچتيءَ وفات جا ڪارڻ معلوم ٿِي ناهن سگھيا.... ايم.ايف حسين ڀارتي رياست مهاراشٽر جي هڪ غريب ڪٽنب ۾ پيدا ٿيو هو. هن مصوريءَ جي شروعات فلمي پوسٽر ٺاهڻ کان ڪئي، پر پنهنجين تخليقي صلاحيتن ۽ مصوريءَ سان لڳاءَ، مهارتن ۽ محنت سبب جلد ئي هُو مشهور ۽ مقبول ٿي ويو، تڏهن به سندس طبيعت انڪساريءَ واري رهي. سڀئي ڄاڻُو ماڻهو ان ڳالهه تي متفق آهن ته جديد هندستاني آرٽ کي دنيا جهان ۾ متعارف ڪرائيندڙ ايم.ايف حسين ئي آهي. کيس ڀارتي لوڪ گيتن، ديو مالائي آکاڻين، ثقافت سان پيار هو جنهن کي بهتر طور سمجھي سگھندو هو. هن کي اتان جو سڀ کان عظيم فنڪار مڃيو وڃي ٿو. البت سندس ڪجھ تصويرن تي انتها پسندن کان ڌمڪيون به مليون هيون ۽ سندس تصويرن جي نمائشن ۾ ڀڃ ڊاهه به ڪئي وئي هئي ۽ مٿس ڪيس به هلي رهيا هئا، جنهنڪري هُن بيزار ٿِي، احتجاجن قطر جي شهريت به اختيار ڪئي هئي ۽ لنڊن ۾ به رهندو هو. ذري گھٽ هڪ صديءَ تي مشتمل، پنهنجيءَ وڏي ڄمار ۾ به هُو تصويرون چِٽيندو رهندو هو ۽ هُو عرب تهذيب تي هڪ وڏي پراجيڪٽ جي شروعات به ڪري چڪو هو، جيڪو کيس قطر جي شاهي خاندان سونپيو هو. (ذريعو: بِي.بِي.سِي)
    شاعر، فنڪار، مصور ۽ آرٽسٽ ڪنهن به هڪ ملڪ جو ورثو ناهن هوندا، پر سندن تعلق سڄيءَ دنيا جي ماڻهن سان هوندو آهي. هُو سڄيءَ دنيا جي ماڻهن لاءِ سوچيندا، ويچاريندا ۽ پنهنجيون زندگيون گذاريندا آهن، ايم.ايف حسين ۽ سندس تخليقي ڪاوشون پڻ ان جي گواهي ڏين ٿيون ته هو سڄيءَ دنيا ۽ انسانذات جو ورثو هو....
    ***
    اڄ 12 جُون جي تاريخ آهي. اڄوڪو ڏينهُن، گريگورين ڪئلينڊر ۾، هن سال 2011ع جو 163-هون ڏينهن آهي، ۽ پٺتي اڃا 202 ڏينهَن 2011ع جا رهيل آهن....
    12 جُون جي تاريخ انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن پاران “ٻارن جي پورهئي خلاف بين الاقوامي ڏينهن” آهي ۽ موڪل لاءِ منظور ٿيل آهي، ته جيئن اقتصادي ۽ فوجي شعبن ۾ ٻارن جي پورهئي خلاف سجاڳي پيدا ڪري سگھجي ۽ عملي اپاءَ وٺي سگھجن. هن ڏينهن ملهائڻ جي شروعات انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن پاران 2002ع ۾ ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ اهو هر سال ملهايو وڃي ٿو.
    اسان وٽ پڻ ٻارن کان جبري پورهيو ڪرايو وڃي ٿو ۽ سندن حقن جي پائمالي ڪئي وڃي ٿي، جنهن کي روڪڻ جي سخت ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته ٻار اسان جي ملڪ جو مستقبل آهن، جيڪڏهن انهن جي بهتر تربيت ۽ تعليم ٿيندي ته اهي ملڪ کي بهتر ۽ ڪارگر مستقبل ڏئي سگھندا. اسان وٽ جيتوڻيڪ ڪيئي اين جِي اوز ٻارن جي حقن ۽ سندن فلاح بهبود لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن، پر اهو عملي طور گھٽ ڏسڻ ۾ اچي ٿو، ڇاڪاڻ ته ٻارن جو استحصال ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي. ان طرف پڻ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.
    اڄوڪي 12 جُون جي تاريخ، آمريڪا ۾ “لَونگ ڊي” طور پڻ ملهائي ويندي آهي، اها “روس جو ڏينهن” يعني “رشيَن ڊي” پڻ آهي ۽ 1898ع ۾ اسپين کان “فلپائين جي آزاديءَ جو ڏينهن” پڻ آهي.........
    اڄوڪي تاريخ 12 جُون تي ٿيل ڪجھ اهم تاريخي واقعا هن ريت آهن:
    * 1665ع ۾، نيويارڪ ۾، انگلئنڊ ميونسپل نظام لاڳو ڪيو.
    * 1812ع ۾، نپولن رشيا تي حملو ڪيو.
    * 1839ع ۾، آمريڪا ۾، پهرين بيس بال راند کيڏي وئي.
    * 1845ع ۾، جارج ايبرنيٿيءَ کي اوريگان ملڪ جو پهريون گورنر بڻيو.
    * 1849ع ۾، ليوِس هيسليٽ گئس ماسڪ کي پنهنجي نالي رجسٽر ڪرايو.
    * 1860ع ۾، رشيائي شهنشاهيت جي اسٽيٽ بئنڪ قائم ٿي.
    * 1936ع ۾، 150 ڪلو واٽ جي پهرين آمريڪي ريڊيو اسٽيشن قائم ٿي.
    * 1942ع ۾، ايني فرينڪ کي سندس مشهور ڊائري بَرٿ ڊي سوکڙي طور ملي.
    * 1948ع ۾، مشهور ڪرڪيٽر بريڊ مئن ٽرينٽ برج ۾ پهرين ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 138 رنسون ٺاهيون.
    * 1964ع ۾، هاڪاري آفريقي سياسي اڳواڻ نيلسن منڊيلا کي جيل ۾ تاحيات عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي.
    * 1965ع ۾ ڪائنات جي ٺهڻ بابت هڪ نظريي “بِگ بئنگ” کي ان دريافت سان سگھ ملِي ته ڪائنات ۾ نِيريُون ڪهڪشائون موجود آهن.
    * 1978ع ۾ آمريڪا جي پارليامينٽ لائيوِ ريڊيو ڪوريج جي اجازت ڏني.
    * 1991ع ۾ بورس يلتسن کي رشين فيڊريشن جو صدر چونڊيو ويو.
    ٻئي طرف ڪجھ شخصيتون، جيڪي اڄوڪيءَ تاريخ 12 جُون تي پيدا ٿيون، تن ۾ نوبل انعام ماڻيندڙ آمريڪي سائنسدان، بايو ڪيمسٽ، فرٽز البرٽ فِٽمئن 1899ع ۾، آمريڪا جو ايڪيتاليهون صدر جارج ايڇ.ڊبليو. بش 1924ع ۾، پاڪستاني عالم، ليکڪ ۽ اردو لسانياتدان جميل جالبي 1929ع ۾، حسابن جو ڄاڻُو روسي ولاديمر آرنالڊ 1937ع ۾، نوبل انعام ماڻيندڙ سائنسدان، جرمن فزيالاجسٽ برٽ سئڪمئن 1942ع ۾ ۽ مشهور پاڪستاني ڪرڪيٽر ۽ ڪوچ جاويد ميانداد 1957ع ۾، شامل آهن.
    ***

    (سرجيل: 12 جُون 2011ع)


    16. اکين کي به دل جي سفارش ٿِي ماري

    سنڌ جي سدا حيات ۽ عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعري اسان لاءِ راهه جي مشعل وانگر آهي. هن جي بيتن ۽ واين ۾ ڪي عام خيال ناهن ٻڌايل، پر انهن ۾ ته زندگيءَ جي ازلي ۽ ابدي حقيقتن جي اُپٽار ڪيل آهي. اسان جي خوش قسمتي آهي ته شاهه سائينءَ جا اهي اڻ ملهه بيت ۽ وايون “شاهه جي رسالي” ۾ سانڍيل آهن، جتان اسان انهن کي پڙهندا رهون ٿا ۽ انهن بيتن ۽ وايُن ۾ روايتي قصن ۽ داستانن کي بنياد بڻائي شاهه لطيف جيڪي زندگيءَ جا راز ٻڌايا آهن ۽ جدوجهد جا ڏَس ڏنا آهن، اهي اسان جي رهبريءَ ۽ رهنمائيءَ جو ڪارج گذريل ٽن سَو سالن کان مسلسل ڪري رهيا آهن. اهو ئي ڪارڻ آهي جو شاهه سائينءَ جا بيت ۽ وايون اسان جي عام ماڻهن جي سينن ۾ پڻ دل اندر ڌڙڪي رهيا آهن.

    اکيون مُنهن ميهار ڏي، رکيون جن جوڙي،
    رِيءَ سَــنـڊَ، سـيــد چـئـي، تـارِ گِهـڙَنِ تــوڙي،
    تـنِـيـن کـي ٻوڙي، سائِرُ سگھي ڪينَ ڪِي.

    اسان کي گھرجي ته وري وري پيا شاهه جي رسالي جو مطالعو ڪيون، ان کي سمجھون ۽ سمجهايون. “شاهه جو رسالو” ڪو عام شعرن جو ڪتاب ناهي، هيءُ ته اسان سنڌين لاءِ ۽ تِهان پوءِ ٻين سمورن انسانن لاءِ خاص الخاص ڪتاب آهي، جيڪو ڏاهپ ۽ زندگيءَ جي تجربن سان ڀرپور ڪتاب آهي.
    شاهه سائينءَ جا ٻه مشهور بيت هن ريت آهن:

    چاوَتَ پائي چِتَ ۾، سنهو ڪَتيو جَن،
    تـن جـو صـرافـن، دُڪو داخل نه ڪيو.

    محبت پـائـي مـن ۾، رنـڊا روڙيـا جـن،
    تن جو صرافن، اَڻ توريو ئي اَگھائِيو.

    پهرئين بيت ۾ هڪ خاص لفظ “چاوت” آيو آهي جنهن جي معنى آهي “نفرت”. شاهه سائين ان بيت ۾ فرمائي ٿو ته ڀلي ته ڪيڏو به نفاست وارو ڪم ڪجي، ڪيڏو به سهڻو ڪم ڪجي، پر جيڪڏهن ان ڪم ۾، ان ڪَتڻ ۾، ماڻهوءَ من ۾ نفرت رکي آهي، ته پوءِ پرکيندڙَ يعني صراف ان کي ڪنهن به ليکي ۾ نه آڻيندا ۽ ڄڻ ته اهو ڪم اجايو هوندو.... وري ٻئي بيت ۾ شاهه سائين فرمائي ٿو ته ڀلي ته ڪو معمولي، گھٽ اهميت رکندڙ، رواجي نظر ايندڙ ڪم ڪجي، جنهن لاءِ اهو چئجي ته رڳو رنڊا روڙيا آهن، پر جيڪڏهن اهو ڪم محبت منجھان ڪيو ويو آهي، ته پوءِ ان جي تور تَڪ ڪرڻ کان سواءِ ئي، ان ڪم جا پرکيندڙ، ان کي سمجھندڙ، اهو ڪم اگھائي ڇڏيندا، اهو قبوليت جوڳو هوندو.... هاڻي اهو اسان تي ڇڏيل آهي ته اسان نفرت منجھان ڪو نفاست وارو ڪم ٿا ڪريون يا وري محبت منجھان رنڊا روڙيون ٿا. مقصد کي ثانوي ۽ نيت کي پهرين حيثيت حاصل آهي. اوهان پاڻ به ڏاها ماڻهو آهيو، زندگيءَ جي تجربن مان گذريا آهيو ۽ مسلسل ان عمل مان گذري رهيا آهيو، ڪيئن ٿا سمجھو! اوهان انهن بيتن کي پنهنجيءَ زندگيءَ جي ڪِرتن سان لاڳو ڪري سوچيو، ياد ڪيو، ته اوهان ڪهڙا ڪم چاوَت منجھان ۽ ڪهڙا ڪم محبت منجھان ڪيا آهن؟ اسان اهي ڪهڙا ڪم ڪيا آهن جيڪي ڪارگر آهن سڄيءَ انسانذات لاءِ يا ڪجھ ماڻهن لاءِ، ۽ اهي ڪهڙا ڪم ڪيا آهن جيڪي نقصانڪار آهن ٻين انسانن لاءِ، ۽ ان طرح اسان لاءِ پڻ.
    ***
    پو ملامت ڪَرءِ ضمير متان!
    ڪيڏِي ڇڪتاڻ آ، نڪر ته گھران!

    رات هيءَ آ، چڪورَ هلِي آءُ!
    چنڊ بڻجي وري ٻران، نه ٻران.

    معاف ڪر اي حساس ماڻهوئـڙا!
    تنهنجِي دهليز ڏي متان نه وران.

    رڻ سان تنهنجو هي ضدُ اجايو آ،
    شام کان اڳ ٺران، ته ڪيئن ٺران!

    موت “آڪاش”! ناهه ڪو مهڻو،
    بس دعا ڪر، غدار ٿِي نه مران.

    سنڌ جي نوجوان ۽ بهترين شاعر علي آڪاش جو هيءُ خوبصورت غزل اوهان جي نذر.... اسان جي شاعرن ۾ وڻندڙ ڏات ۽ ڏانءُ آهي ۽ انهن جي فڪر ۽ فن ۾ سٺي سگھ آهي. اسان جي شاعرن جي سوچ ۽ سمجھ عام ماڻهوءَ جي مسئلن ۽ مامرن کي سمجھي ٿي ۽ انهن جو اظهار پنهنجن شعرن ۾ ڪري ٿي. سندن محبت جا جذبا عام ماڻهوءَ جي محبت جي جذبن جي ترجماني ڪن ٿا ۽ انهن جذبن، احساسن ۽ اُمنگن کي خوبصورت لفظن جو لباس اوڍائن ٿا....
    ٻئي طرف، سنڌ جي نالي وارو ۽ لِيجينڊ شاعر شيخ اياز شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ جو وڏو شاعر آهي، جنهن جي شاعريءَ ۾ انيڪ رنگ ۽ روپ آهن. هُو ٻوليءَ جو وينجھار هو، جنهن نثر ۽ نظم جي انيڪ صنفن ۾ خوبصورت تصنيفون سرجيون. خاص ڪري سندس قومي ۽ رومانوي شاعريءَ کي وڏي حيثيت حاصل آهي. هو اهڙو شاعر هو، جنهن سنڌ جي ٽن نسلن کي متاثر ڪيو. سندس ذڪر کان سواءِ سنڌي ادب جو ذڪر اڻپورو رهندو. هن پنهنجيءَ شاعريءَ سبب جيل به ڪاٽيا، ته تڪليفون به سَٺيون. هن بيت، وائيءَ، گيت، غزل، نظم ۽ ٻين ڪيترين ئي صنفن ۾ بهترين شاعري ڪئي آهي. کيس جيترو به خراج پيش ڪجي، گھٽ آهي. سنڌ جون ادبي ۽ تحريرون ۽ تحريڪون شيخ اياز جي فني ۽ فڪري اثرن کان آجيون ناهن.... شيخ اياز جو سرجيل هڪ خوبصورت گيت هن ريت آهي، جنهن ۾ پڻ وڇوڙي جا وڍَ اظهاريل آهن:

    رات جا تارا چوَن ٿا،
    تون نه ايندينءَ.
    ڪيترا جگنو هِتي آيا ويا،
    پو به سڀ چارا چَون ٿا-
    تون نه ايندينءَ.
    دل ته تو سان ايتري هُئي، ڇا چَئون!
    پو به سڀ چارا چون ٿا-
    تون نه ايندينءَ.
    ڪيترو ڪينجھر اڪيلو ٿو لڳي،
    پو به سڀ چارا چون ٿا-
    تون نه ايندينءَ.
    پيار کي جينجھاڙيو آهي اِئين!
    پو به سڀ چارا چون ٿا-
    تون نه ايندينءَ.
    ***
    اڄ 26 جُون تي، منشيات يعني “نشي جي استعمال خلاف عالمي ڏينهن” سڄيءَ دنيا ۾ ملهايو پيو وڃي. اوهان ڀليءَ ڀتِ ڄاڻو ٿا ته نشي جي عادت اهڙي آهي، جو جنهن ماڻهوءَ کي لڳندي آهي، نه رڳو ان کي تباهه ۽ برباد ڪندي آهي ۽ کيس موت جي حوالي ڪندي آهي، پر اهڙيءَ ماڻهوءَ جو سڄو ڪٽنب به تڪليف ۽ پيڙا مان مسلسل گذرندو رهندو آهي.... نشي سان نه رڳو سوين جوان پنهنجي حياتي وڃائي ويٺا آهن، پر ڪيترا ته بيمارين جي وَر چڙهي پل پل عذاب مان گذرندا رهندا آهن. اسان کي پنهنجي چوڌاري اهڙا انيڪ ڪٽنب نظر ايندا جن جا فرد ڪنهن نه ڪنهن نشي جو شڪار ٿي، اجل کي وڃي پَرتا.... ٻئي طرف اسان اهو پڻ ڏٺو آهي ته جن ماڻهن پئسي جي لالچ ۾ نشي جو واپار ڪيو، انهن جي خاندان جا فرد پڻ نشي پَتي جو شڪار ٿِي، جوانيءَ جي سرحدن کي به پار ڪري نه سگھيا ۽ پنهنجي حياتي موت جي حوالي ڪري ويا. انهن ماڻهن ٻين ڪٽنبن جي نوجوان کي شڪار بڻايو، ته موت وري انهن جي نوجوانن کي به نه بخشيو، جھڙي ڪرڻي، تهڙي ڀرڻي. پنهنجي کوٽيل کاهيءَ ۾، اهي پاڻ به ڪِري پيا.... نشي مان ماڻهوءَ ڇا حاصل ڪيو آهي، ان تي سوچجي ته وڇوڙا ۽ ڏُک ئي ماڻهوءَ کي مليا آهن. چڱيءَ شَيءِ مان ئي چڱائي ٿيندي آهي، بُريءَ مان به ڪڏهن ڪجھ چڱو مليو آهي ڇا!
    اڄ 26 جُون “ٽارچر، ڏنڀَ جو شڪار ٿيلن سان ساٿ ڏيڻ جو پڻ عالمي ڏينهن” آهي. هن ڏينهن ملهائڻ جو مقصد اهو آهي ته جيئن ٽارچر جو شڪار ٿيل ماڻهو پاڻ کي اڪيلو نه سمجھن. هُو اڳي ئي پيڙا مان گذريل آهن، اهڙي سمي کين اڪيلائيءَ جو احساس نه ٿئي ۽ هُو زندگيءَ جي ڪٺن مرحلي تي پاڻ سان گڏ ڪجھ ماڻهن کي بيٺل ڏِسن.... اسان ڏسون ٿا ته اسان جي سماج ۾ ٽارچر ڏيڻ جا رجحان وڌندا پيا وڃن، پوءِ اهو جسماني ٽارچر هجي يا ذهني. ذهني ٽارچر ته اڃا به خراب رويو آهي، جنهن کي پنهنجي سماج مان ختم، ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي.
    ***
    اڄ رات دادو ضلعي جي جوهي شهر ۾، سنڌ جي نالي واري ۽ مشهور عوامي شاعر احمد خان “مدهوش” جي پهرين ورسي منعقد ڪئي پئي وڃي، جنهن ۾ نه صرف سنڌ جا مشهور اديب، شاعر مدهوش بابت پنهنجن جذبن، خيالن، احساسن ۽ اُمنگن جو اظهار ڪندا، پر مشاعري جي محفل پڻ منعقد ٿيندي، جنهن کان پوءِ موسيقيءَ جي محفل رٿيل آهي، جيڪا رات دير تائين جاري رهندي، جنهن ۾ مشهور فنڪار پنهنجن آوازن وسيلي ماحول کي مهڪائيندا....
    احمد خان “مدهوش” ڪو رواجي شاعر نه هو. هُو موجوده روايتي دَور جي اهم شاعرن مان هڪ منفرد شاعر هو، جنهن کي مختلف فنڪارن ڳائي سنڌ جي جھر جھنگ تائين پڻ پهچايو. هن جا ڪيترائي ڪلام مشهور آهن، جن ۾ “سِر لڳي سهڻي سڄن سان، سِر لڳي/دل جي دلبر، من جي من سان سِر لڳي”، “ڪنهن سان اوريان دل جون ڳالهيون/چوريان پوريان دل جون ڳالهيون”، “هِي جو توکي جانِ من ويٺو ڏسان/خالقِ اڪبر جو فن ويٺو ڏسان”، “پيار ڪر، پيار ۾ حياتي آ/ورنه آزار ۾ حياتي آ” ۽ ٻيا ڪيئي ڪلام شامل آهن....
    احمد خان مدهوش جي هڪ غزل جون چند سٽون اوهان جي نذر:

    جي سامهـون اچين ٿـو، تابـش ٿِـي مــاري،
    لڪين ٿـو ته ڳولا جـي خواهـش ٿي مـاري.
    جي ڪاوڙ ڪرين ٿو ته ڪاوڙ ڪُهي ٿي،
    جـي پـرچـي پـويـن ٿـو، نـوازش ٿي ماري.
    اکـيـن تـي نــه الــزام “مـدهــوش” ڌرجــانءِ،
    اکـيـن کـي بـه دل جـي سـفارش ٿي ماري.
    ***

    (سرجيل: 26 جُون 2011ع)


    17. جهڙا گل گلاب جا، تهڙا مٿن ويس

    ماڻهوءَ جي مزاج يا طبيعت ۾ شامل آهي ته خوبصورتيءَ کي پسند ڪندو آهي. حسن کيس موهيندو رهيو آهي ۽ حسناڪين کان هُو متاثر ٿيندو رهيو آهي. دراصل فطرت ۾ سونهن سمايل آهي، ان ڪري ماڻهوءَ به فطرت جو حصو هئڻ ناتي سونهن پسند يا سونهن جو پوڄاري رهيو آهي. ماڻهوءَ جي تاريخ ان ڳالهه جي شاهد آهي. ماڻهوءَ فطرت مان مسلسل پئي پِرايو آهي، ان ڪري هن جو فطرت سان ويجھو تعلق هئڻ ناتي سونهن سان به ويجھو ناتو رهيو آهي. سنڌ جي مشهور شاعر استاد بخاريءَ جي گيت جو سٽون ذهن تي تري ٿيون اچن ته:

    زنـــدگــيءَ تـي ناـهه ڪــوئــي ڀـروســـو،
    حُـسـنَ کـي پوڄـي وٺو، پـوڄـي وٺـــــو.
    حُـــــســـــنُ مــــــــون لاءِ مــظــهــــرِ اللھ آ،
    حسـن منهنجي سوچ، منهنجو ساهه آ،
    حـسـن تــي مـنـهـنـجــو وڏو ويـســاهه آ،
    جنهن ڪيو ايمان منهنجي کي پڪو،
    حسـن کـي پـوڄـي وٺـو، پـوڄـي وٺــو.

    واقعي به ايئن ئي ته آهي. ڀلا جيڪڏهن سنسار ۾ سونهن نه هجي ها، خود سنسارُ سهڻو نه هجي ها، ته چوڌاري ڪيڏي نه مونجھ هجي ها، ماڻهو بدصورتيءَ کي ڏسِي ڏسِي ان جو هيراڪ ته ٿي وڃي ها، کيس سونهن جو ڪو به احساس ته نه هجي ها، پر هو پاڻ بدصورتيءَ جو هڪ مثال هجي ها.... فطرت ۾ سونهن آهي، حُسن سمايل آهي، خوبصورتي آهي، ان ڪري ماڻهوءَ ۾ به سونهن آهي، ماڻهوءَ ۾ به حسن جو ڏيک آهي ۽ ماڻهوءَ ۾ به وڏي خوبصورتي پرٽيل آهي، پر جيئن ته ماڻهو سڄيءَ ڌرتيءَ تي پکڙيل آهي، هن نيون نيون ۽ ٻيون ٻيون حسناڪيون پَسيون آهن، ان ڪري سونهن کي پَسڻ ۽ پرکڻ جا طور طريقا به ماڻهوءَ وٽ ٻيا ٻيا آهن، پر انهن سڀني جو هڪ ئي مقصد آهي سونهن کي پسڻ ۽ سونهن کي ساراهڻ، ۽ حاصل مطلب ته، پاڻ به سونهن جو چِٽيندڙ بڻجڻ....
    سونهن جو هڪ اظهارُ سنڌ جي نالي واري شاعر سعيد ميمڻ به پنهنجي هڪ وائيءَ ۾ هن ريت ڪيو آهي:

    تنهنجي گھر جي مٿان-
    چنڊ بيهي رهيو آ، سَکي!
    چوڏهينءَ ڇوليون کيرَ جون،
    مان ڪَپرَ جي مٿان-
    چنڊ بيهي رهيو آ، سَکي!
    پيرَ ناريءَ جا واريءَ تي،
    رات ٿرَ جي مٿان-
    چنڊ بيهي رهيو آ، سَکي!

    فطرت جي سونهن ۾ انيڪ روپ ۽ رنگ آهن، جيڪي اسان کي موهيندا آهن. ڏينهن جي سونهن ۽ سوڀيا پنهنجي خوبصورتي رکي ٿي، ته رات جي حسناڪي وري دل ۽ دماغ تي اثر ئي ٻيو ڪندي آهي.... فطرت جو صبح جيڪي افق ۾ رنگ وکيريندو آهي، تن جا اکڙين ۾ جيڪي رنگ رچندا آهن، اهي صرف ڏسڻ سان ئي تعلق رکن ٿا، ساڳيءَ طرح پکين جون لاتيون ڪنن ۾ امرت گيت اوتينديون آهن، ته ڪائنات جا حسين نغما ڄڻ ڪنن ۾ ٻُرڻ لڳندا آهن، ۽ هن سنسار تي بي اختيار ۽ بي پناهه پيار ايندو آهي. صبح سمي جي دنيا هڪ نئين دنيا هوندي آهي، جنهن کي منجھند تائين سمهندڙَ ڪڏهن به پَسي نه سگھندا ۽ نه ئي ان جي احساس کي لفظن منجھان سمجھي سگھندا.... فطرت جو حسن شهرن ۾ ناهي هوندو، اهو ته ٻهراڙيءَ جي ماحول ۾ رچيل هوندو آهي. ڳوٺ جي خوبصورتي جنهن فضا ۾ ساهه کڻندي آهي، ان فضا ۾ گهرا گهرا ساهه کڻي ئي، ان جي چاهه کي اندر ۾ اوتجي، ته فطرت جي موج ۽ مستيءَ سان گڏ ان جِي نرميءَ جو به احساس ٿئي، باقي جيئي ته هَر هڪ ٿو، پر سوال آهي ته ان جيئڻ کي به ڪو جيئڻ چئي سگھجي ٿو جنهن ۾ ماڻهو حسناڪين کان، سونهن ۽ سنگيتن کان وانجھيل هجي ۽ وقت کي گذاريندو هجي! ڏينهن جي سونهن کي ته ٻن چئن لفظن ۾ اظهاريوسين، پر رات جي سونهن، جيڪا چنڊ ۽ ستارن ۾ پوئيل آهي، تنهن کي ڪيئن بيان ڪجي! جيڪا وسعت ستارن جي دوريءَ ۾ آهي، اها انهن کي هڪ ٻئي جي ڪيڏو نه ويجھو رکيون ويٺي آهي! چنڊ جي چانڊوڪيءَ ۾ نيڻن کي جيڪا ٿڌاڻ ملي ٿي، تنهن لاءِ لفظن جي وڏي کوٽ محسوس ٿئي ٿي ۽ ستارن جي جوت جيئن ڪاري آسمان تي چمڪَ ٽاڪي ٿي، ان حسن کي ڀلا اکڙين ۾ ڪيئن سمائي سگھجي ٿو!
    چنڊ نه هوندي، رات-
    تارن کي ٽاڪي پئي.
    ماڻهو پڻ هن ڌرتيءَ تي هڪ حسين جاندار جي حيثيت رکي ٿو، پوءِ اهو معصوميت جي صورت ۾ ٻار هجي، مردانگيءَ وارو حُسن رکندڙ مرد هجي، نفاست رکندڙ من موهڻي عورت هجي يا بزرگيءَ وارو ڄمار ۾ پهتل ٻاجھ ڀريو وجود ـــــــ ماڻهو هر روپ ۽ رنگ، عمر ۽ انداز ۾ پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪائيندڙ هستي آهي.... ڀلا، ٻار جي لاغرض پيار ۾ ڪيڏو نه وڏو سنسار سمايل هوندو آهي! ٻار جي مٺڙي ٻوليءَ ۾ ڪهڙي نه ڪَنن ۾ ماکي اوتيندڙ مٺاڻ هوندي آهي! ٻار جي ٽهڪن ۽ مُرڪن ۾ ڪهڙي نه پنهنجائپ هوندي آهي ۽ ٻار جي رُسامي ۾ اڻ مَئي معصوميت، پوءِ اهو ٻار پُٽ هجي يا ڌيءَ! اها ڳالهه بي معنى آهي ته پُٽ افضل آهي ۽ ڌيءَ ڪمتر، جيڪو ايئن سوچي ٿو، تنهن کي پنهنجيءَ سوچ تي افسوس ڪرڻ گھرجي.... ٻئي طرف مرد جي سونهن، سندس حسنُ زندگيءَ سان جدوجهد ۾ سمايل آهي، جيڪو مرد اها جدوجهد ڪري ٿو، اهو ڪوجھو هوندي به حسين آهي ۽ جيڪو اها جدوجهد نه ٿو ڪري، اهو حسين هوندي به زندگيءَ جي سونهن کان وانجھيل آهي، ان سونهن کي اهو مرد ٿُـڏي ٿو.... ظاهري سونهن پنهنجيءَ جاءِ تي، پر مرد جي جيءَ جِي سونهن، جيڪا حسناڪي هن ڌرتيءَ کي بخشي آهي، ان جي بيان لاءِ دفتر گھرجن، ٻن چئن جملن توڙي گفتن ۾ ان کي پوريءَ طرح ته ڇا، ٿورو به ٻڌائي نه ٿو سگھجي. تنهن کان سواءِ، ڏسجي ته دنيا جي تاريخ ۾ مرد جي جسماني سونهن کي پڻ اهميت حاصل رهي آهي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته حسين مردن انيڪ خوبصورت ۽ خوب سيرت عورتن توڙي مردن کي پئي موهيو ۽ متاثر ڪيو آهي. شعر ۽ ادب جو مطالعو ڪجي ٿو ته معلوم ٿو ٿئي ته عورتن سان گڏ مردن جي سونهن ۽ عاشقيءَ جا قصا پڻ وڏي چاهه سان لکيا ۽ ڳايا ويا آهن....
    ٻئي طرف، عورت جي سونهن، سندس خوبصورتي، هن جو حُسن وڏو موهه رکي ٿو جنهن مرد جو پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ سوڌو ڪائنات جي سونهن سان به ٽڪرُ پئي کاڌو آهي. جيتوڻيڪ عورت جي سيرت کي پڻ اهميت ملندي رهي آهي، پر تاريخ ٻڌائي ٿي ته ان کان گھڻو وڌيڪ، پهرينءَ چونڊ ۾، عورت جي تَن جِي سونهن ۽ مُنهن جي مهتابيءَ کي ئي پسند ڪيو پئي ويو آهي. عورت جي عزت، اهميت ۽ شجاعت کي ثانوي پئي ليکيو ويو آهي.... عورت جي سونهن جو اظهار خاص ڪري مصوريءَ ۽ شاعريءَ ۾ ملي ٿو، جيڪي ئي پڻ اهو ذريعو آهن ته ماضيءَ ۾ ڪيل عورت جي حسناڪيءَ بابت ڄاڻڻ جو. هاڻ به بنيادي ذريعو اهي ئي آهن، جيتوڻيڪ پرنٽ ميڊيا ۽ خاص اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ ان حوالي سان تمام گھڻو ابلاغ ٿي رهيو آهي، جنهن عورت جي سونهن کي بازاري وکر بڻائڻ ۾ وسان نه گھٽايو آهي. اهو هڪ نهڪاري رُخ آهي، جيڪو عورت جي سونهن بابت وڏي شَد سان، ورِي ورِي اظهارجِي رهيو آهي.... بهرحال، عورت جي سونهن کي انيڪ ماڻهن پنهنجي پنهنجي ذهني ۽ بياني سگھ آهر ٻڌائڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي. ڪنهن جو اظهار پراڻ پسند، ته ڪنهن جو نواڻ پسند پئي رهيو آهي. ڪنهن برشن ۽ رنگن سان عورت جي حُسن کي ننهن کان چوٽيءَ تائين چِٽيو آهي، ته ڪنهن لفظن جي انتخاب وسيلي ان سونهن جا گيت ڳاتا آهن.

    جــهـــڙا گـل گـلاب جـا، تـهــڙا مـٿـن ويــــس،
    چوٽـا تيـل چـنـبـيـلـيا، هـا هــا هــو هَــمــيــشَ،
    پَسيو سونهن سيد چئي، نيهن اَچن نيـشَ،
    لالــــڻَ جــي لِـبـيــسَ، آتــڻِ اکـــرُ نـه اُڄَـهــــي. (شاهه)

    تنهن کان سواءِ، بزرگيءَ واري پد تي پهتل وجود ـــــــ بابا توڙي امان، ڏاڏو توڙي ڏاڏِي يا نانو توڙي نانِي ـــــــ گھر ۽ ڪُٽنب جي سونهن ۽ خوبصورتي آهن، اهي گھرَ ۽ ڪُٽنب جا وڏا آهن، پر بدقسمتيءَ سان کين نـظر انداز ڪيو وڃي ٿو. گھر تڏهن ئي مڪمل بڻجندو آهي جڏهن ان ۾ ڪو وڏو رهندڙ هوندو آهي.... اهي سڀئي بزرگ اسان جي لاءِ ڇپر ۽ ڇانوَ ۽ دعائن جا در آهن. انهن جي هئڻ سان گھر ۾ پنهنجائپ ۽ ميٺ محبت جو احساس پيدا ٿئي ٿو. وڏن جون صلاحون سدائين مخلصيءَ سان ڀرپور هونديون آهن، جن ۾ هر هڪ ڀاتيءَ لاءِ سِڪ ۽ برابريءَ جو سمنڊ مَوجزن هوندو آهي ۽ پيار جون ڇوليون سڀني کي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀرڻ لاءِ آتيون هونديون آهن. اوهان ڪڏهن ته ان پيار جي سونهن کي محسوس ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو.... سونهن صرف جوان چَمڙيءَ ۾ ناهي هوندي، اها پوڙهي ابي ۽ امڙ جي گُھنجن ۾ به هوندي آهي، ته ڏاڏا، ڏاڏيءَ ۽ نانا، نانيءَ جي ڏڪندڙ هٿن ۾ به هوندي آهي. سونهن، حسن ۽ خوبصورتيءَ جا تصور ڪي ننڍڙا ۽ بيٺل تصور ناهن، اهي ته انتهائي وڏا، وسيع ۽ اڳتي وڌندڙ تصور آهن. اسان جا وڏا، ڪائنات جي حسناڪيءَ جو هڪ حصو آهن، جيڪا هو پنهنجي اولاد، يعني اسان ۾ منتقل ڪن ٿا، ۽ ان ريت سونهن جي منتقليءَ جي تسلسل کي برقرار رکن ٿا....
    سونهن سدا حيات آهي، اها ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ سدا رهڻي آهي.
    ***

    (سرجيل: 3 جولاءِ 2011ع. ڇپيل: روزاني “عبرت” حيدرآباد، 13 نومبر 2011ع)


    18. نُوريءَ ڪيو ناز

    سنڌ جي لڳ ڀڳ سڀني ضلعن ۾ ڪي نه ڪي اهڙا ماڳ مڪان موجود آهن، جيڪي تاريخي طور اهميت رکن ٿا ۽ گھمڻ ۽ ڏِسڻ وٽان آهن. نه صرف گھمڻ ۽ ڏسڻ وٽان، پر اهي هڪ دَور جو داستان پڻ پنهنجي اندر منجھ سمايون ويٺا آهن، جنهن کي پُڙهڻ، پُرجهڻ ۽ سمجھڻ جي ضرورت آهي. ان حوالي سان، هڪ تاريخي ضلعي ۽ شهر ٺـٽي جو نانءُ اچارڻ سان جيڪي ماڳ مڪانَ بنا دير ذهن جي اسڪرين تي اڀري اچن ٿا، تن ۾ بادشاهي مسجد، مڪليءَ جو تاريخي قبرستان ۽ ايشيا کنڊَ جي وڏي ۾ وڏي ڍنڍ ڪينجھر سرفهرست آهن. ڪينجھر نه صرف ايشيا جِي وڏي ۾ وڏي، ميلن ۾ پکيڙيل حسين ڍنڍ آهي، پر اها نوري نماڻي ۽ سنڌ جي حاڪم ڄام تماچيءَ جي لازوال ۽ بي مثال محبت جي نشاني پڻ آهي. نوري ۽ ڄام تماچي سنڌ جا ٻه اهڙا امر ڪردار آهن، جن ننڍ-وڏائيءَ کي ڪڏهن نه ڏٺو، جن اميريءَ ۽ غريبيءَ جا فرق مِٽائي ڇڏيا، جن جي محبت جي ڪَٿا صدين کان وٺي پيار ڪندڙ سنڌين جي سيني ۾ هَلندي آئي آهي ۽ صدين تائين قائم ۽ دائم رهڻي آهي. سنڌ جي سائين، حضرت شاهه لطيف عبداللطيف ڀٽائيءَ پڻ سندن داستان کي “سُر ڪاموڏ” ۾ ڳايو آهي.
    شاهه سائين فرمائي ٿو:
    هيٺِ جَر، مٿي مَڃَرُ، پاسي ۾ وڻراهَه،
    اچي وڃي وچ ۾، تمــاچـــيءَ جِي سـاءَ،
    لڳي اُترَ واءَ، ڪينجھرُ هنـدورو ٿِـئـي.
    ڪيڏي نه وڻندڙ منظرنگاري آهي! اهڙو ته اتر جو واءُ ٿو لڳي، جو ڪينجھر هندورو بڻجي ٿِي پوي! ٻئي بيت ۾ شاهه فرمائي ٿو:
    هيٺ جَر، مٿي مڃرُ، ڪنڌيءَ ڪَونرَ تَرنِ،
    ورئي واهُوندَنِ، ڪينجھـر کـٿـورِي ٿِـئـي.
    جناب غلام محمد شاهواڻي جي جوڙيل “شاهه جي رسالي” ۾، نوري-ڄام تماچيءَ جي قصي بابت لکيل آهي ته “سمي گھراڻي جو هاڪارو حاڪم، ڄام تماچي ٺٽي ۾ حڪومت ڪندو هو. سندس حد ۾ هيلايا ٽڪريءَ جي هيٺان، ڪينجھر ڍنڍ جي ڪَپ تي ڪيترائي مهاڻا رهندا هئا. اهي ڪاثر ڪري ڪارا ۽ ڪوجھا هوندا هئا، پر منجھن، نوريءَ نالي هڪڙي نينگر، نهايت حسين هوندي هئي. هڪ لڱا، ڪينجھر ڍنڍ تي سير ڪندي، ڄام تماچيءَ جي نظر وڃي نوريءَ تي پئي. هن جو نوراني نراڙ ۽ ناز ڀريا نيڻ ڏسي، ڄام جي من ۾ محبت جي ميخ لڳي ويئي؛ ترت ئي مهاڻن کان سڱ ڇڪيائين. مهاڻن جون ڏهه ئي گِهه ۾ پيون سو خوشيءَ سان قبول ڪيائون، پوءِ ته شاديءَ لاءِ منڊل منڊجي شادمانا ٿي ويا. نوريءَ سان ڏاڍا سنهج ۽ سولايون ٿيون، مهاڻن تان محصول معاف ٿي ويو ۽ ڍنڍ امداد ٿي ملين. آخر ڄام نوريءَ کي نوازي، آڻي محلات ۾ راڻين سان راڻي ڪري رهايو. ڄام جو نوريءَ تي ايترو ته آر هوندو هو، جو ڪڏهين ويهي مورڇل مٿانئس هڻندو هو، ته ڪڏهن شيل شڪار لاءِ پاڻ سان ڪينجھر ڍنڍ تي وٺي ويندو هوس. سو سڀ ڪا پيئي نوريءَ اڳيان نِمندي هئي. خود سَميون به اچيو هن جو نياز ڪنديون هيون. انهيءَ اوج ۽ عزت هوندي به، نوريءَ جو من نه وڌيو. هٺ ۽ وڏائيءَ جو منجھس نالو ئي ڪو نه هو.”
    حضرت سچل سرمست جي “سُر نوري” مان ٻه بيت اوهان جي نذر:
    نـوريءَ ڪيـو نـازُ، ٿِـي ريـجھـائـي راوَ کـي،
    نِت نِت ڄام نيازُ، ٿو اَچيو اُنهن جو ڪري.

    بيـهــودا بي آب، هــئـا اڳـي ڪينـجھـرَ ڪـنـڌئـيـن،
    پَلئه لڳي پوءِ ڄام جي، ٿيا تنهن جا جوڙَ جوابَ،
    ٻِـيـا سـڀ حــرفَ حـســابَ، مَــلاحـن مـعــافـــي ٿـيــا.
    ***
    هَٺُ، وڏائي، لَئه، آڪڙ ماڻهوءَ کي ڏاڍو نقصان رسائيندي آهي، پوءِ اهو ماڻهو مرد هجي يا عورت، جوان هجي يا پوڙهو. هَٺ توڙي وڏائيءَ کي هر سياڻي ۽ سمجُهو ماڻهوءَ سدائين پئي نِنديو آهي ۽ ان کان بچڻ لاءِ نصيحتون پئي ڪيون آهن. هُونءَ به ڏسجي ته جن ماڻهن هَٺ ۽ آڪڙ کي ڇڏي، نهٺائيءَ ۽ نِوِڙت سان زندگي گذاري آهي، تن زندگيءَ ۾ جيڪڏهن ٻيو ڪجھ نه به ماڻيو هجي، ته به انهن سُڪون ضرور ماڻيو آهي ۽ پاڻ کي پُرسڪون رکيو آهي، ڇاڪاڻ ته هَٺ سان ماڻهوءَ جو من به بي سڪون بڻجي پوندو آهي. ڀلا، جيڪڏهن هَٺ ئي ڪرڻو آهي، ته پوءِ ڏسجي ته ان مان اسان کي حاصل ڇا ٿو ٿئي! سڀ کان اهم ڳالهه ته هَٺ سان ماڻهو اڪيلو بڻجي ٿو وڃي، ۽ اوهان چڱيءَ ريت ڄاڻو ٿا ته اڪيلائي ماڻهوءَ کي ڪيڏي نه تڪليف مان گذاريندي آهي! ڪنهن اهڙي سمي، جڏهن ماڻهو چاهيندو آهي ته ڪو وٽس هجي، پر هٺيلي ماڻهوءَ وٽ ان وقت ڪو به ناهي هوندو، جيڪو سندس حال ڀائي ٿي سگھي ۽ سندس اڪيلائيءَ جي عذاب کي گھٽائي سگھي. ان ڪري هٺ کان وڌ ۾ وڌ پاسو ڪرڻ جي سِکيا سڀني مذهبن ۾ پڻ ڏني وئي آهي، نه صرف پاسو ڪرڻ جِي، پر ان کي مارڻ ۽ ختم ڪرڻ لاءِ پڻ چيو ويو آهي.
    ***
    پنهنجي طبيعت، مزاج ۽ رويي جي ڪري هڪڙو ماڻهو ٻئي ماڻهوءَ کان مختلف آهي، نه ته شڪل صورت ته ماڻهن جي مڙيوئي هڪجھڙي آهي، پوءِ ڪو پورو ساترو آهي ته ڪو حسين لڳي ٿو، ڪو سانولڙو آهي ته ڪو ڳاڙهو يا ڀورو! پر اهي طبيعت، مزاج يا رويي جا اولڙا ماڻهن جي مُنهن يا مُک تي خاص طور ظاهر ٿيندا آهن، جنهن لاءِ اڄ ڪلهه “چهري” جو لفظ گھڻو استعمال ٿئي ٿو. جيتوڻيڪ ماڻهوءَ جي ٻِي جسماني بيچينيءَ مان به اهڙين ڳالهين جو پتو پيو پوندو آهي، ته اهو ماڻهو پنهنجي من اندر ڪهڙي ڳالهه لڪايون ويٺو آهي، پر ڪي ماڻهو اهڙا به هوندا آهن جن جي منهن يا چهري مان سندس اندر جون ڳالهيون ظاهر نه ٿينديون آهن، اهڙا ماڻهو يا ته ڏاڍا گهرا هوندا آهن جيڪي پنهنجين ڀاونائن جو اظهار ناهن ڪرڻ چاهيندا يا وري ٻيا ماڻهو اهڙا هوندا آهن جن جي چهري تي ٻيو چهرو چڙهيل هوندو آهي، جيڪو سندن ڳالهين کي لڪائيندو آهي. اِهي اُهي ڳالهيون هونديون آهن جيڪي سندن مفاد پرستيءَ واريون، سندن خود غرضيءَ واريون هونديون آهن. اهڙا ماڻهو ڄڻ ته ٻهروپي هوندا آهن يعني ٻن روپن وارا، جن جون هڪ روپ ۾ هڪڙيون ڳالهيون ۽ ٻئي روپ ۾ ٻيون ڳالهيون هونديون آهن، اهي بظاهر هِڪُ هوندا آهن، پر اصل ۾ ٻيا هوندا آهن. ان ڪري اهڙن ماڻهن کي پرکڻ انتهائي ضروري هوندو آهي، پوءِ ڀلي ته سندن چهري تي ٻيو چهرو چڙهيل هجي. وفا ناٿن شاهيءَ جو ان حوالي سان هڪ شعر هن ريت آهي:
    پنهنجي چهري تي رکي چهرو ٻيو،
    پنهنجي عيبن کي لڪائينـدو رهيـو.
    وفا ناٿن شاهي سنڌ جو هڪ نالي وارو شاعر ٿي گذريو آهي. خاص طور هن غزل ايڏا ته ڀرپور ۽ ايڏا ته گھڻا لکيا آهن جو کيس “سنڌي غزل جو بادشاهه شاعر” جو لقب به ڏنو ويو. وڏي ڳالهه ته سندس مادري ٻولي پنجابي هئي، پر هن سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙي ته خوبصورتيءَ سان شعر چيا آهن، جو مادري ٻولي سنڌي وارا ڪيترائي شاعر به مشڪل سان چئي سگھندا. اها وڏي ڳالهه آهي، جيڪا پڻ وفا ناٿن شاهيءَ کي انفراديت بخشي ٿي. وفا ناٿن شاهيءَ جي سرجيل هڪ خوبصورت غزل جا ڪجهه شعر:
    اَڌ جوابن ۾، اڌ سوالن ۾،
    رات گذري پري جمالن ۾.

    ونڊ ۽ ورڇ کان سوا ڇاهي،
    مذهبن، ذاتين ۽ نالن ۾!

    ڪو حقيقت جيان رهي ٿو ‘وفا’!
    منهنجي خوابن ۽ خيالن ۾.

    ***
    دوستي وڏي ڳالهه آهي، جنهن لاءِ هاڻي عام طور چيو ويندو آهي “سچِي دوستي”. معنى ته، دوستيءَ اهڙا ته انداز بدلايا آهن، ٻين لفظن ۾ ڌوڪا به ڏنا آهن جو هڪڙي دوستي “سچي” ۽ ٻي دوستي “ڪوڙي” آهي. اها ڪوڙِي دوستي نالي ۾ ته دوستي آهي، نه ته اصل ۾ دشمني يا آزار آهي.... دوستي دوستَ سان سلهاڙيل آهي. تنهن جو مطلب اهو ٿيو ته دوست به سچا ۽ ڪُوڙا ٿين ٿا. سچا دوست ته قدرت جو انمول تحفو آهن، جيڪي پنهنجو سِر به دوست تي قربان ڪري ڇڏيندا آهن، پر ڪُوڙا دوستَ دوستيءَ جي نالي تي ڪارو چُٽو يا بدنما داغ آهن، جنهن کي ڏسڻ سان ڪراهت ايندي آهي. سچي دوستيءَ جو ڏيکاءُ ڪندڙ انهن ڪوڙن دوستن جيترو دوستيءَ کي بدنام ڪيو آهي اوترو دشمنيءَ به ناهي ڪيو. ڪنهن ماڻهوءَ جو چوڻ آهي “منهنجو پهريون دوست ئي منهنجو پهريون دشمن آهي.” جيتوڻيڪ اهڙا جملا دوستيءَ تان ايمان کڻائيندڙ آهن، پر دوست ۽ دوستيءَ جي واکاڻ ۾ به گھڻو ڪجھ چيو ويو آهي. مثال طور: “دوست هزار به گھٽ، دشمن هڪ به وڌيڪ” يا “دوستي گلاب جو گل آهي، جنهن ۾ ڪوئي ڪنڊو نه آهي” يا “دوستيءَ جي قربت، بنسبت رشتي داريءَ جي قربت کان، بهتر آهي.” بهرحال، دوست ۽ دوستيءَ جي حمايت ۽ مخالفت ۾ ايترو ته گھڻو ڪجھ ڳالهايو ۽ لکيو ويو آهي، جو ڪڏهن ڪڏهن فيصلو ڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو آهي، ته دوست ڪجن يا نه، ڪنهن سان دوستي رکجي يا نه! تڏهن به ماڻهوءَ کي گھٽ ۾ گھٽ هڪ اهڙي دوست جي سدائين گھرج محسوس ٿيندي رهندي آهي، جيڪو سندس حال ڀائي ٿِي سگھي، جيڪو ڏک جي ويل پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري سگھي، پوءِ ڀلي ته ڪي دوست اهڙا به ڇو نه هجن جيڪي دلداريءَ بدران دل آزاري ڪندا هجن....
    ***

    (سرجيل: 10 جولاءِ 2011ع. ڇپيل: روزاني “عبرت” حيدرآباد، 20 نومبر 2011ع)


    19. سَرها ٿيا سنگهار

    اسان جي ملڪ ۾ چَوماسي جي برساتن جو سلسلو هلندڙ آهي. ملڪ جي اترين علائقن ۽ آزاد ڪشمير ۾ برساتن سان نه رڳو اتي موسم ٺري آهي، پر ان جو خوشگوار اثر سڄي ملڪ جي فضا تي به پيو آهي.... ٻه ڏينهن پهريان، اسان جي ضلعي لاڙڪاڻي جي مختلف شهرن ۾، ڪجھ دير لاءِ مينهن-ڪڻين ٺوٺ ڌرتيءَ تي وسِي، نه رڳو هتان جي تَـتل ماحول کي ٿڌيرو ڪري ڇڏيو پر مٽيءَ جي وڻندڙ خوشبوءِ سان ماحول کي مهڪائي به ڇڏيو. ماڻهو گرمين مان ته ڇا، پنهنجي بُت مان ئي بيزار هئا، جو انهن ڪجھ منٽن جي برسات سندن هانوَ تي ٿڌا ڇنڊا وڌا.... اهو به چڱو! نه ته وقت ته هونئن ئي گذري وڃي ها، جو ان کي لازمي گذرڻو آهي. اهو اسان جي ٿڌيءَ ڪوسيءَ جو محتاج ناهي، ان کان آزاد آهي. بهرحال، مينهن کي “سُر سارنگ” ۾ اسان جي شاهه سائينءَ به خوب ڳايو آهي:

    اڄُ پـڻ اُتر پـار ڏي، تــاڙي ڪِي تـنــوارَ،
    هارين هَـرَ سَنـبـاهيـا، سرها ٿِيا سَنگھـارَ،
    اڄ پڻ منهنجي يارَ، وسڻَ جا ويسَ ڪيا.

    “سُر سارنگ” ۾ شاهه سائينءَ جُھڙَ ڦــڙ، آگم، لڳهه، ڪڪر، اُٺي، وڏَ ڦـڙي، پَـلَـرَ، وسڻَ، مانڊاڻَ ۽ مينهن بابت وڏيءَ ڏاهپ سان فطرت کي ته قلمبند ۽ عڪسبند ڪيو ئي آهي، پر هن ان ۾ ذاتي ۽ اجتمائي احساسن کي جهڙيءَ طرح لفظن جي مالا ۾ پويو آهي، تنهن جي ڇا ڳالهه ڪجي!

    جـانِـي آيــو جُــوءِ ۾، ٿِيـو قـلـبَ قـرارُ،
    وَهِلو، وچائين ويو، ڪَري غمُ گذارُ،
    نِظـارو نــروارُ، پِـيءَ پَـسـايو پانهنجـو.

    سر سارنگ بابت جناب غلام محمد شاهواڻي ڄاڻائي ٿو: “سارنگ هڪ راڳڻيءَ جو نالو آهي، جا برساتي موسم، يعني سانوڻيءَ ۾ ڳائبي آهي. چون ٿا ته جيڪو هن سُر کي پوري سر ۽ تال ۾ ڳائيندو، سو جُھڙ لائيندو ۽ مينهن وسائيندو....” اڳتي شاهواڻي صاحب شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي جي حوالي سان چوي ٿو: “شاهه سارنگ کي پنهنجو يار ٿو سڏي ‘اڄ پڻ منهنجي يارَ، وسڻ جا ويس ڪيا.’ اتر جي ڪنڊ کان ڪڪر چوٽي ٿو ڪڍي. لڳهن جي لالائي پسو، چوڌاري ڪارونڀار آهي. رعد جي رڙ تي ڪليون ٿيون ڪنبن. وڄن وسڻ جا ويس ڪيا آهن. اِجھو مينهن ٽِم ٽِم ڪري پيو ٽمي. مينهون ڀٽاريون به ڀِڄنديون پنهنجي وٿاڻن تي اچن ٿيون. سڀ هنڌ سرهائي آهي.”

    اُٺـو اوهِـيـــڙا ڪـري، عـاشــقَ مـٿـــي اڄُ،
    ڏُور ڏُڪاريا ڀَڄُ، مينهَن مُنهن ڏيکاريو.

    شاهه سائين جو سڄو رسالو سونُ، هيرا ۽ جواهر آهي، اکر اکر امرت ۽ لفظ لفظ لعلَ آهي، پر اڄ ته سُر سارنگ جي بيتن منَ کي به تَـرُ ڪري ڇڏيو آهي. دل چوي ٿي ته شاهه جي بيتن جي برسات ۾ ڀِڄندو ئي رهان!
    هن سُر ۾ شاهه لطيف جو هڪ انتهائي اَملهه بيت آهي، جنهن ۾ آهن ته يارنهن سِٽون، پر اسان ان جون عام طور آخري ٻه سِٽون ئي پڙهندا رهندا آهيون. اڄ موقعي جي مناسبت سان چاهيان ٿو ته اوهان جي نذر اهو سڄو بيت ڪيان:

    موٽِي مانڊاڻ جِي، واري ڪيائين وارَ،
    وِڄُون وسڻ آئيون، چوڏِس ٿِي چوڌارَ،
    ڪي اُٿي هَليُون استنبول ڏي، ڪي مَڻِيُون مَغربَ پارَ،
    ڪي چمڪن چينَ تي، ڪي لهن سمرقندين سارَ،
    ڪي رَمي وييُون رومَ تي، ڪي ڪابُل، ڪي قنڌارَ،
    ڪي دلِيءَ، ڪي دَکن، ڪي گُڙَنِ مٿي گِرنارَ،
    ڪَهِين ڀُڄُ ڀِڄائيو، ڪَهين ڍَٽَ مٿاهِين ڍارَ،
    ڪَهين اچِي عُمر ڪوٽ تان، وَسايا وَلهارَ،
    سائينم! سدائين ڪري، مٿي سنڌُ سُڪارَ،
    دوستَ! مِٺا دلدارَ! عالمُ سڀُ آباد ڪرين.

    ***
    ماڻهو انيڪ ڪيفيتن، احساسن ۽ حالتن مان مسلسل گذرندو رهي ٿو. ڪي ڪيفيتون، احساس ۽ حالتون ماڻهوءَ کي خوشي ڏيندڙ هونديون آهن، ته ڪي ڏک، پيڙا ۽ تڪليف ڏيندڙ.... خوشيءَ ڀرين ڪيفيتن، احساسن ۽ حالتن مان ته ماڻهو مزو وٺندو آهي ۽ انهن کي سرمستيءَ سان گذاريندو آهي، انهن مان لطف اندوز ٿيندو آهي، پر ڏک، پيڙا ۽ تڪليف ڏيندڙ حالتن کي ماڻهو ڀوڳيندو آهي، پَـل پَـل مٿس ڳورو لڳندو آهي ۽ وقت، زندگي، هيءَ ڪائنات بيٺل، رُڪيل محسوس ٿيندي آهي.
    “دل ڪـــو اهـــڙو دردُ پِــرايـو،
    “تون آئين، ته به چينُ نه آيو.” (شبير هاليپوٽو)

    ان سَمي ماڻهو اهڙين احساسن هيٺ وقت گذاريندو آهي، جن جو بيان لفظن ۾ آڻي نه ٿو سگھجي. اهي احساس صرف ۽ صرف محسوس ئي ڪري سگھبا آهن، تنهن هوندي به ان ماڻهوءَ کي آٿت جي گھرج هوندي آهي. ڇاڪاڻ ته ماڻهو ئي ماڻهوءَ جو حال ڀائي آهي، ان ڪري ماڻهوءَ کي وري به ماڻهوءَ جو ساٿ ئي گھربو آهي. جڏهن ڳوڙها نيڻن جا در ڀڃي نڪري پوندا آهن، ان پَـل ڪن اهڙن هٿن جي ضرورت پوندي آهي جيڪي انهن ڳوڙهن کي اُگھي سگھن، ۽ ڪنهن اهڙي ڪَنڌ جو ساٿ زندگيءَ جي واٽ تي سهڪاري بڻبو آهي جنهن تي پنهنجو ڪنڌ رکي دل جو بار هلڪو ڪري سگھجي.
    ***
    ڪالهه 16 جولاءِ اسان جي سنڌ جي انتهائي اهم ۽ نالي واري محقق ڊاڪٽر الهداد ٻوهئي جي وڇڙي وڃڻ جي تاريخ هئي. ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو مشهور دانشوَر، محقق، ٻوليءَ جو ماهر، نقاد، ڪهاڻيڪار، ماهر عمرانيات، تعليمي ماهر ۽ تعليم کاتي جو هوشيار آفيسر ٿي گذريو آهي. ڪنهن به سماج ۾ اهڙن ماڻهن جي وڏي گھرج هوندي آهي، پر اهڙا سڄاڻ ۽ محنتي ماڻهو وڏي عرصي کان پوءِ ئي ڪنهن قوم ۾ پيدا ٿيندا آهن. ڊاڪٽر ٻوهئي جو پاڻ بابت رايو هو ته هُو “مشڪل پسند ماڻهو آهي”، اهو ئي سبب آهي ته هن انتهائي ڏکين موضوعن تي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڏاڍي ڀرپوريت سان لکيو آهي.
    ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو 8 آگسٽ 1934ع تي تعلقي قنبر جي ڳوٺ گھوگھاري ۾، هڪ هاري محمد علي ٻوهئي جي گھر ۾ پيدا ٿيو. وڏي ڳالهه ته هن سڄي تعليم پرائيويٽ پِرائي. هن ايل.ايل.بِي.، ايم.اي (انگلش) ۽ پِي ايڇ.ڊِي. سنڌي ءَ ۾ ڪئي ۽ پُوري عمر تعليم کاتي ۾ نوڪري ڪندي گذاري، تان جو 16 جولاءِ 1994ع تي، هڪ سيمينار ۾ خطاب ڪندي، دل جي دَوري سبب سندس وفات ٿِي. ڊاڪٽر الهداد ٻوهئي جيڪي اهم ڪتاب لکيا تن ۾ “سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج”، “تنقيدون”، “ادب جا فڪري محقق”، علم تحقيق”، “ٻوهئي جون تحريرون” ۽ انگريزي ۾ لکيل ڪهاڻين جو ڪتاب “ٽيلس رِي ٽولڊ” ڇپيل آهن، جڏهن ته سندس ڪيئي ڪتاب اڻڇپيا ئي رهجي ويا، ڪيئي رٿائون هيون جيڪي سندس هَلي وڃڻ سبب اڻپوريون رهجي ويون، جن جو اسان کي وڏو ارمان آهي. بهرحال، ڊاڪٽر الهداد ٻوهئي پنهنجي حياتي اهڙي ته ڪارگر نموني گذاري، جو کيس ياد ڪرڻ اسان جو فرض ٿو بڻجي.
    ***
    انسان سدائين کان انيڪ خواهشن جو تمنائي رهيو آهي. توڙي جون انسان جون خواهشون پوريون به ٿينديون رهيون آهن، تڏهن به هن هميشه چاهيو آهي ته وري وري سندس خواهشون پوريون ٿينديون رهن، ڇاڪاڻ ته جڏهن به سندس ڪي خواهشون پوريون ٿيون آهن، ته انهن جي جڳهه وري ٻين نين خواهشن والاري يا ورتي آهي. عام طور ته ماڻهوءَ وٽ انفرادي خواهشون هونديون آهن، پر ڪجھ ماڻهن وٽ ڪي اهڙيون خواهشون به آهن جيڪي مجموعي طور انسانذات جي فائدي ۾ آهن، جيڪي اجتماعي خواهشون آهن، پر تڏهن به اهي اڻپوريون ئي رهيون آهن، جيتوڻيڪ انيڪ ماڻهن ان لاءِ ڪوششون به ڪيون آهن. مثال طور عالمي امن جي خواهش، دنيا کي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ جي خواهش، ڌرتيءَ کي سڳنڌن سان ڀري ڇڏڻ جي خواهش، ماڻهپي سان جيئڻ جي خواهش، ظلم کان ڇوٽڪاري جي خواهش، انصاف ڀرئي سماج قائم ٿيڻ جي خواهش، ۽ ٻيون اهڙيون انيڪ خواهشون.... سنڌ جي ڀلوڙ شاعر ۽ لاڙڪاڻي واسي غلام نبي گل جو به هڪ غزل ان ريت خواهشن جو هڪ اظهار ڪري ٿو، جيڪو هن ريت آهي:

    آجيان “آءُ” ٿي وڃي جيڪر!
    پيارُ پرچاءُ ٿي وڃي جيڪر!

    هِي جو اُلجھاءُ ٻن دلين ۾ آ،
    تنهن جو سلجھاءُ ٿي وڃي جيڪر!

    ترش لفظن ۽ سخت جملن جو،
    بندِ پٿراءُ ٿي وڃي جيڪر!

    وقت گذريو آ ‘گل’ مليا ناهيون،
    وصل ورجاءُ ٿي وڃي جيڪر!

    ***

    (سرجيل: 17 جولاءِ 2011ع)


    20. ڳَر لڳِي ڳالهيون ڪيان

    شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو هڪ بيت “سُر سامونڊي” مان هن ريت آهي:
    سَــرَ، لــوهِـيــڙا ڳَــڀِـيــا، ڪُـسَـر نِـسـريــــا،
    تو ڪئن وسرِيا، ڍوليا! ڏينهن اچڻ جا؟
    مٿئين بيت تي اوهان غور ڪندا، ته معلوم ٿيندو ته شاهه سائينءَ هن ٻِه سِٽي بيت جي ٿورڙن لفظن ۾ انتهائي وڻندڙ ڪيفيت ۽ منظر نگاري بيان ڪئي آهي، جيڪا من اندر لهي ٿِي وڃي ۽ ماڻهو بي اختيار عجب ۽ ڏک جي احساس هيٺ اچي ٿو وڃي. ڏسو، ته شاهه سائين پنهنجي ڍولئي، پرينءَ پياري، سڄڻ، هَڏ ڏوکيءَ، سپرينءَ کي چوي ٿو ته توکي ته مون وٽ اچڻو هو، هِي ڏينهن ته ملڻ جا هئا، اهي تو کان ڪيئن وسري ويا آهن، جڏهن ته سَر ۽ لوهيڙا (۽ ٻيا وڻ ٽڻ وغيره) پڻ ڳڀجي يعني ٻوڪجي ويا آهن، ايتري قدر جو ڪُسَر يعني خراب سَر به نِسري آيا آهن، پر تو اڃا تائين اچڻ جي ناهي ڪئي. هاڻ دير نه ڪر، مان وٽ ستت هليو اچ. ان ڪيفيت ۾ شاهه سائين وڇوڙي جي احساس هيٺ سوچي ٿو ته جيڪڏهن منهنجو سپرين هاڻي هليو اچي ته ان صورت ۾ ساڻس روح کي راضي ڪندڙ رهاڻيون ڪيان ۽ کيس ڀاڪر منجھ ڀري ڳالهيون ڪيان:
    جـيـڪَـر اچــي هــاڻِ، ته ڪَـريــان رُوح رچــنــديــون،
    آيلِ! ڍولئي ساڻ، هوندَ ڳَر لڳي ڳالهيون ڪريان.
    “سُر سامونڊيءَ” ۾ شاهه سائينءَ وڻجارن، سفر تي ويندڙن ۽ سندن انتظار ڪندڙن جو پُرسوز احوال درج ڪيو آهي. شاهه سائينءَ هيءُ سُر ڪنهن به راڳ يا راڳڻيءَ تي ناهي رٿيو، پر هن سُر جي مواد موجب ئي سُر جو نالو سامونڊي يعني سمنڊ وارا رکيو ويو آهي.... “شاهه جي رسالي” جو هڪ اهم مرتب جناب غلام محمد شاهواڻي لکي ٿو: “ڪراچيءَ جي لاڙي حصي جو ‘مغلڀئين’ وٽ، جيڪو سامونڊين جي وڇڙيل وهن ۽ مُنڌل مُنڌن جو حالُ هُن ]شاهه[ اکين سان ڏٺو هو، تنهن جِي هِن سُر ۾ چِٽي تصوير نڪتل آهي. وڻجارين جي من جو مونجھارو، اندر ۾ اٿندڙ ۽ پل پل پوندڙ پور، ڪانڌن جي ڦوڙائي ۾ آگي اڳيان التجائون، سندن صحيح سلامت واپس ورڻ لاءِ قسمين قسمين حيلا ۽ تپشائون ــــــ تڙن تي وَرن ورَڻ لاءِ اوسيئڙو ۽ انتظار، بندر تي ناکئن کان پڇائون ــــــ پِيرن تي پـڙ باسڻ، درياهه تي اَکا پائڻ، چَوواٽن تي ڏيئا ٻارڻ وغيره انهن سڀني جو نهايت دل سوز ۽ رِقت آميز نموني ۾ بيان ڪيو ويو آهي.”
    جَنـيـن ڪـارڻِ مون، تَــڙَ پُوڄـارا پُوڄيا،
    پُــنـــيَـمِ اُمـيـدُون، سـي ئـي سڄـڻ آئِيـا.
    شاهه سائينءَ جا “سُر سامونڊيءَ” مان ڪجھ بيت پيش ڪرڻ جو هڪ منهنجو مقصد هي به هو ته جيڪي ماڻهو سفر تي وڃن ٿا، ڪجھ تن جو ذڪر ڪريان ۽ ڪجھ تن ماڻهن جو، جيڪي سفر تي ويندڙن جو پنهنجي اباڻي تَر ۾ انتظار ڪن ٿا. ان کان سواءِ ڪجهه ڳالهيون سفر بابت به ڪجن.
    دوستو! سفر کي زندگيءَ ۾ ضروري ڄاتو ويو آهي ۽ ان جي اهميت کان ڪو به سمجُھو ماڻهو انڪاري ناهي. سفر سان ماڻهوءَ کي مختلف ماڳ ۽ مڪانَ گھمڻ جو موقعو ملي ٿو. ماڻهو انهن ماڳن مڪانن جي تاريخ، جاگرافيءَ، اهميت، ڪردار ۽ ڪارج کان آگاهه ٿئي ٿو.... سفر ۾ ماڻهو جيڪي تاريخي ۽ ثقافتي جڳهون ڏسي ٿو، ان سان سندس تاريخي ۽ سماجي شعور ۾ پڻ وڏو واڌارو ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ ته هر تاريخي ۽ ثقافتي جڳهه جو هڪ پس منظر ٿئي ٿو، جنهن مان اهو گذري ٿو. مثال طور موهين جو دڙو اسان سنڌين جو تاريخي ۽ املهه ماڳ ۽ ثقافتي ورثو آهي. اهو اسان جي سنڌو ماٿر سڀيتا جي 5 هزار سالن جي تاريخ ۽ آواز آهي، اهڙو آواز جنهن کي صدين جي صدا آهي. اها صدا ماضيءَ کان مستقبل ڏانهن وڌندي رهي آهي. موهين جو دڙو اسان جي سڃاڻپ جو مُهڙيون نشان آهي جنهن کان سواءِ اسان ماضيءَ جي عظمتن کان وانجھيل آهيون.... اهڙيءَ ريت چين جي تاريخي ڀِت، انڊيا جي تاج محل، اٽليءَ جي پِيسا ٽاور ۽ لاهور جي شاهي قلعي جي پڻ تاريخ آهي، جيڪا اهي ماڳ ڏسڻ سان اسان کي حاصل ٿئي ٿي.
    سفر ۾ ماڻهوءَ کي مختلف ماڳن مڪانن ۽ تاريخي جڳهن کان سواءِ، اهم ملڪن، شهرن ۽ ڳوٺن کي ڏسڻ وائسڻ جو پڻ موقعو ملي ٿو. جيئن ماڳن مڪانن جو پس منظر ٿئي ٿو، ايئن ملڪن، شهرن ۽ ڳوٺن جو پڻ پس منظر ٿئي ٿو.... اهڙا تاريخي واقعا ٿين ٿا جن مان ملڪَ، شهر ۽ ڳوٺ گذرن ٿا. ان ڪري ئي اهڙيون تاريخون لکڻ کي وڏي اهميت حاصل هوندي آهي جنهن مان ملڪن، شهرن ۽ ڳوٺن جو اڀياس ٿيندو هجي، ڇاڪاڻ ته ان سان تمدني ۽ تهذيبي سفر بابت ڏاڍي اهم ڄاڻ ملندي آهي. مثال طور ٺٽو شهر سنڌ جو قديمي تخت گاهه رهيو آهي جنهن کي ظالمن ۽ ڦورُن باهيون ڏئي تباهه ۽ برباد ڪيو، شڪارپور شهر، جنهن کي سنڌ جو پيرس هجڻ جو شرف حاصل هو، خدا آباد ڳوٺ، جيڪو ڪلهوڙا حڪمرانن جو گاديءَ جو هنڌ هو.... حاصل مقصد ته هر ملڪ، شهر ۽ ڳوٺ جو اڀياس سماجي معاشرت جي لحاظ کان پڻ وڏي رهبري ۽ رهنمائي ڪري ٿو، جنهن کي ضرور سمجھڻ گھرجي ۽ ان مان پِرائڻ گھرجي.
    سفر ۾ ماڻهوءَ جو انيڪ ٻين ماڻهن سان پڻ ملڻ ٿئي ٿو. مختلف ماڻهن سان ملڻ، ڳالهائڻ ٻولائڻ، کائڻ پيئڻ، اُٿا ويٺي ڪرڻ، مطلب ته گُذارڻ سان ماڻهوءَ کي ٻين ماڻهن جي روين، مزاجن، ريتن، رسمن جي خبرچار پوي ٿي. ڪهڙا ماڻهو ملنسار ۽ ڪهڙا خشڪ آهن، اِن جي ڪَٿ ٿئي ٿي. ڪهڙا ماڻهو ساٿ نڀائيندڙ آهن ۽ ڪهڙا ساٿ ڇڏي ويندڙ آهن، ڪهڙا ڏُکيءَ سُکيءَ ۾ ساڻ رهندڙ ۽ ڪهڙا مفاد پرست آهن، ان جي آگاهي ٿئي ٿي. ان کان سواءِ ماڻهن جي نسلن، ٻولين، لهجن، لوڪ روايتن ۽ رسمن کان ماڻهو سفر ذريعي بخوبي واقف ٿئي ٿو. ڪجھ ماڻهن وٽ رهائش دوران ڪٿي مهينا به ڪجھ ڏينهنِ برابر ٿين، ته ڪٿي ٿورڙا پَل به ڳورا ٿيو پوَن. ڪن ماڻهن سان ملڻ دوران ويجھڙائيءَ جو احساس جيءَ جذبن ۾ جاڳي پوي، ته ڪٿي وري اوپرائپ ايڏِي ته وڌيل محسوس ٿئي جو هڪ گھڙي گڏ گذارڻ به عذاب بڻجي پوي. مطلب ته نِت نون تجربن ۽ تجزين مان ماڻهو گذري ٿو، جڏهن هُو سفر ۾ ٻين ماڻهن سان ملي ٿو. ان سان ماڻهن جي انفرادي توڙي اجتماعي لاڙن ۽ رجحانن جي ڪَٿ ٿئي ٿي، جنهن مان مجموعي بهتريءَ جي واٽ به ڳولي سگھجي ٿي ۽ ان تي اڳتي وڌي به سگھجي ٿو.
    اهي ته ٿيون سفر بابت ‘ٻاهريون’ ڳالهيون، جيڪي مسافر لاءِ هر لحاظ کان فائدي واريون آهن. ٻئي طرف ڪي ماڻهو هوندا آهن جيڪي اڪيلي سِر سفر ڪندا آهن ۽ ڪي وري گڏجي ٽولن جي صورت ۾ هِتي هُتي گهمندا ڦرندا آهن. ڪنهن جي سفر جو مقصد سهڻيون جايون ۽ جڳهون ڏسڻ هوندو آهي، ته ڪنهن جو تفريح ڪرڻ. ڪو ماڻهو شوقيه سفر ڪندو آهي، ته ڪو وري دنيا جهان جي خوبصورتيءَ کي پنهنجن نيڻن ۾ سمائڻ چاهيندو آهي. ڪو ماڻهو ضرورت ڪارڻ سفر ڪندو آهي يعني روزگار سانگي، ته ڪو وري روزگار ڪرڻ کان پوءِ ٿَڪ ڀڃڻ لاءِ سفر اختيار ڪندو آهي. ڪي ماڻهو سفر ڪري وساري ڇڏيندا آهن، ته ڪي وري سفر جي لمحن کي يادگار بڻائيندي سفرناما لکندا آهن ۽ ان ريت ٻين ماڻهن کي به ڄڻ ته پاڻ سان گڏ گھمائيندا آهن.... سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙا سفرناما لکندڙن ۾ جناب الطاف شيخ جو نالو انتهائي اهم آهي، جنهن 50 کان وڌيڪ سفرناما ۽ ٻيا ڪيئي ڪتاب لکيا آهن ۽ دنيا جا ڪيترائي ملڪ گھميا آهن. اها به هڪ وڏي ڪارائتي سرگرمي آهي ته ماڻهو ملڪ ۽ شهر گھمندو رهي، اتان جي سماجن کان آگاهه ٿيندو رهي، شهرن ۽ ڳوٺن جي فطرتن جو اڀياس ڪندو رهي ۽ قدرتي ۽ ماڻهوءَ جي اَڏيل حسناڪين کي داد ڏئي. ان کان سواءِ پنهنجن ديس واسين کي به ان کان آگاهه ڪري.
    ***

    (سرجيل: 31 جولاءِ 2011ع. ڇپيل: روزاني “عبرت” حيدرآباد، 27 نومبر 2011ع)


    21. ٻاري ڏيئا اکـڙين ۾

    ماڻهوءَ جو ماڻهوءَ سان ملڻ به ٿئي، ته جدا ٿيڻ يعني وڇڙڻ به. ملڻ سان عام طور ماڻهوءَ کي خوشي ۽ سَرهائي ٿيندي آهي، ماڻهوءَ کي سڪون ملندو آهي، سندس اکين کي ٺار محسوس ٿيندو آهي، ۽ ٿورن لفظن ۾ چئجي ته ملڻ سان ماڻهوءَ کي اطمينان نصيب ٿيندو آهي. جڏهن ته وڇڙڻ سان ماڻهوءَ کي ڏک ٿيندو آهي، ماڻهو تڪليف ۽ پيڙا مان گذرندو آهي، وڻندڙ منظر اُٻاڻڪا بڻجي پوندا آهن، ماڻهو پاڻ کي اداس ۽ اڪيلو محسوس ڪندو آهي، ۽ ڪجھ لفظن ۾ چئجي ته ڪنهن شَيءِ ۾ دل ناهي لڳندي.
    ملڻ ۽ وڇڙڻ، زندگيءَ جي هلچل جا لازمي جزا آهن. ڪڏهن ملڻ، ته ڪڏهن وڇڙڻ، سلسلو هلندو رهندو آهي. ڪجھ ماڻهن سان اسان ڪڏهن چاهيندي به ملي نه سگھندا آهيون، ته ڪڏهن ڪن ماڻهن سان اتفاقي طور ايئن ملي ويندا آهيون، جو يقين ئي نه ايندو آهي. اهي وارداتون ڏاڍيون عجيب آهن. ملڻ ۽ وڇڙڻ جون وارداتون عجيب ۽ لذت ڀريا احساس من ۾ پيدا ڪنديون آهن. ڪڏهن ملڻ سان وڇوڙو ياد ايندو آهي، ته ڪڏهن وري وڇوڙي سان ملڻُ. ڪڏهن ملڻ ۾ وڇوڙو سمايل هوندو آهي، ته ڪڏهن وڇوڙي ۾ وري ملڻ سمايل هوندو آهي.
    جڏهن اسان ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ سان ملندا آهيون جيڪو، جيڪڏهن اسان جي محبتي ۽ مٺڙن ماڻهن ۽ مرڪندڙ چهري ۽ سڪ ڀريا گفتا ڳالهائيندڙن منجھان هوندو آهي، ته اسان کي اڻ مَئي خوشي ٿيندي آهي. اهڙي ماڻهوءَ سان ڪچهري ڪرڻ ۾ اسان کي بيحد مزو ايندو آهي. اسان جي دل چاهيندي آهي ته گھڻي کان گھڻو وقتُ ان ماڻهوءَ سان گڏ گذري، ته جيئن هن جو پيار اسان جي دل جي ڌڙڪنن ۾ شامل ٿيندو رهي. اسان ان محبتي ماڻهوءَ کان ڪو هڪ پَل به پري ٿيڻ نه ئي چاهيندا آهيون ۽ نه ئي ڪو هڪ پَـل به پري رهي سگهندا آهيون. جيتوڻيڪ مٺڙي ماڻهوءَ سان وقت عام رفتار جيان ئي گذرندو رهندو آهي، پر اهو اسان کي ايئن لڳندو آهي ڄڻ روشنيءَ جي رفتار سان اڏامندو ويندو هجي. اهڙي سمي وقت کي ڄڻ پرَ ته نه لڳل هوندا آهن، پر وقت براق تي سوار هوندو آهي ۽ اک ڇنب وانگر ڇُلندو ويندو آهي. مٺڙي ماڻهوءَ کان جدا ٿيڻ تي هڪُ ته دل ئي نه چاهيندي آهي، پر جيڪڏهن لاچاريءَ مان ڌار ٿيڻو به پوندو آهي، ته به اها ئي خواهش رهندي آهي ته شال جلد ئي ٻيهر، ٽيهر ۽ هر هر ملڻ ٿئي.
    عام ماڻهوءَ جي وڇڙڻ سان ته ڪو خاص اثر شخص تي ناهي ٿيندو، جيتوڻيڪ جيڪڏهن ان ماڻهوءَ سان ڪي چار پَـل گڏ گذرندا آهن، ته ان جي وڇڙڻ سان به تڪليف ٿيندي آهي ۽ ڏک رسندو آهي، پر جڏهن ڪو پرين پيارو ماڻهو وڇڙندو آهي ته ڏاڍو وڏو ڏک رَسندو آهي ۽ ماڻهو ڄڻ ته ٽُٽي، ڀَڄِي، ڀُرِي پوندو آهي. ڇاڪاڻ ته اول ته ماڻهو اهڙي پرين پياري، من جي مٺڙي کان پري ٿيڻ ئي نه گھرندو آهي. اُن کان ڇڄڻ ئي نه چاهيندو آهي. ان ماڻهوءَ سان محبتن جي ابتدا ان هنڌان ئي هوندي آهي، جتي ان سان محبتن جون انتهائون هونديون آهن. ٻئي طرف ڪنهن ماڻهوءَ جو وڇڙي وڃڻ ڪو عام واقعو به ناهي. اهو ته خاص الخاص واقعو آهي، خاص ڪري جڏهن اهو وڇڙڻ عارضي بدران دائمي هجي. اهڙو وڇڙڻ پنهنجا مستقل اثر اسان جي زندگيءَ تي ڇڏيندو آهي، جن مان نڪرڻ ۾ يا جن کي سهڻ ۾ ڪيئي وَرِهه لڳي ويندا آهن ۽ اهڙي وڇڙڻ جا گھاوَ تنهن وقت وري اُٿلي پوندا آهن جڏهن ان ماڻهوءَ جو ذڪر نڪرندو آهي يا ان جي ياد اوچتي ئي اوچتي دل جي اندرين تَهن مان اڀرِي، اکين ۾ ڳوڙهن جي روپ ۾ ظاهر ٿي پوندي آهي.
    ملڻ ۽ وڇڙڻ جي موضوع تي، ادب ۽ شعر جي دنيا ۾ گھڻو ئي لکيو ويو آهي. هتي موقعي جي نسبت سان، نائين صدي عيسوي جي هڪ جپاني شاعره اونونو ڪماچي جا ان حوالي سان ٺهڪندڙ ٽي ننڍڙا نظم اوهان اڳيان پيش ڪيان ٿو، جيڪي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپيل هڪ ڪتاب “دنيا جون شاعر عورتون” (2006ع) ۾ پڙهيا اٿم:

    (1) هڪ گُل جيڪو ڪومائجي وڃي ٿو
    بنا ڪنهن کي نظر اچڻ جي
    اهو آهي هن دنيا ۾
    انسان جي دل جو گل.
    (2) هيءَ چنڊ بنا رات آهي
    هن سان ملڻ جي ڪا واٽ آهي؟
    چاهت کان چري بنجي
    ڇاتيءَ منجھ دل ڌڙڪي ٿي
    ۽ ڪو باهه جو شعلو ڀڙڪي
    دل کي ورائي وڃي ٿو.
    (3) ايڏي ته اڪيلي آهيان
    ڄڻ ڪو ترندڙ اڪيلو پن
    ٽاريءَ کان ڇڳل
    پاڻيءَ جي وهڪري سان
    وهندو وڃي وياڪل.

    انهن نظمن ۾ ملڻ، وڇڙڻ ۽ وڇڙڻ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ اڪيلائيءَ جا احساس آهن. هن موقعي تي بي واجبي ٿيندي، جيڪڏهن ڪجھ بيت سنڌي شعري ادب مان پيش نه ڪريان، ڇاڪاڻ ته سنڌي شاعري جا دفتر به ملڻ ۽ وڇوڙي جي حوالي سان ڀريا پيا آهن ۽ انهن ۾ ايڏا ته خوبصورت شعر سرجيل آهن، جو ڇا چئجي! اهڙو شعرن جو انتخاب ڪرڻ پڻ هڪ وڏو مسئلو آهي، ان ڪري جيڪڏهن ڪو شعر اوهان جي دل جي تارن کي هن وقت ڇهي نه سگھي، ته دل ۾ نه ڪندا، ممڪن آهي ڪنهن ٻئي وقت اهو اوهان کي وڻي وڃي!
    حضرت شاهه لطيف سائين وڇوڙي جي حوالي سان فرمائي ٿو:

    ننگر ۽ ناريون، پَڳهَه کڻِي پنڌِ پيا،
    بندرَ بازاريون، سُڃا سامونڊينِ ري.

    سچل سرمست فرمائي ٿو:

    رُئـــــڻ زارو زار، راتـــو ڏيـنـهــــان آهه مــــــون،
    کوڙي ڪانُ قريبُ ويو، هينئڙي منجھ هزار،
    هن گوليءَ جي گُفتار، ڪا ٻُڌيَـوَ ٻاروچن ۾؟

    ڀائي چئنراءِ “سامي” چوي ٿو:

    وڌو وڇـوڙو، مُــورَکَ پـاڻَ پــرِين کــــون،
    ڏيـئـي ويٺــو گھـرَ کـي، اَوِديــا جـو اوڙو،
    سامي رَکي ڪينڪي، مُحبَ ڏي مـوڙو،
    ٻُــڌي نه ٻــوڙو، دانـهـان دردَ وَنـدَنِ جـون.

    ملڻ ۽ وڇوڙي جي حوالي سان ڪجھ ٻيا به وڻندڙ شعر ويهين صديءَ جي شاعرن جا اوهان آڏو پيش ڪريان ٿو.
    هري درياني دلگير چوي ٿو:

    واٽ تنهنجي ٿو تڪيان، ٻـاري ڏِيا اکــڙين ۾،
    ختم ٿي عمر، نه مون آس پَلِي، ڏِس ته سَهي!
    شيخ اياز چوي ٿو:
    واري ڇـڏيو مـون، تـو سان مـلــڻ آســـرو،
    پوءِ به تون ئي تون، ڇا جي لاءِ تنوار ۾.
    سڳن آهوجا چوي ٿو:
    توکـي اتــان کـڻـي وڃـي، دل ۾ ڏسـان پيـو،
    منهنجي ڏسڻ کي ڳول نه منهنجي نهار ۾.

    مشهور ليکڪ امر جليل چوي ٿو: “وصال محبت جو زوال آهي ۽ وڇوڙو محبت جي معراجَ آهي.” ان کان سواءِ ڪنهن ٻاهرئين ليکڪ جو چوڻ آهي: .وڇوڙو پيار لاءِ ايئن آهي جيئن باهه لاءِ هوا، جيڪا ننڍڙي شعلي کي اُجھائي ڇڏيندي آهي ۽ وڏيءَ باهه کي ڀنڀٽ ڪندي آهي.”
    ***

    (سرجيل: 7 آگسٽ 2011ع. ڇپيل: روزاني “عبرت” حيدرآباد، 15 جنوري 2012ع)


    22. آزادي ۽ غلامي

    “آزادي” دنيا ۾ بيحد چاهيو ويندڙ ۽ ان جو ضد “غلامي” تمام گھڻو ننديو ويندڙ لفظ رهيو آهي. ماڻهن آزاديءَ لاءِ سوين سالن تي محيط جدوجهدون ڪيون آهن، ٻين لفظن ۾ ماڻهن غلاميءَ مان نڪرڻ لاءِ يا غلاميءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ سوين سالن تائين جدوجهدون ڪيون آهن ۽ هلچلون هلايون آهن.... آزادي ۽ غلامي هڪ ئي جدوجهد جا ٻه ابتڙ يا مخالف پاسا آهن. هڪَ يعني آزاديءَ کي حاصل ڪبو ته ٻيءَ يعني غلاميءَ مان ڇوٽڪارو ملندو، جيڪڏهن هڪَ يعني آزادي وڃائي ويهبي، ته ٻيءَ يعني غلاميءَ ۾ ڦاسي وڃبو. آزاديءَ جو ملڻ غلاميءَ مان نڪرڻ آهي، ته آزاديءَ کي وڃائڻ غلاميءَ ۾ وڃڻ آهي....
    هڪ طرف آزاديءَ لاءِ ڪڏهن ته ڪيئي سالن تائين جدوجهدون ڪرڻيون پونديون آهن، لاتعداد قربانيون ڏيڻيون پونديون آهن، گھڻو ڪجھ سَهڻو پوندو آهي، ته ٻئي طرف هڪ لمحي جي غلطيءَ يا غفلت سان آزاديءَ کان محروم به ٿي پئبو آهي، جنهن مان وري نڪرڻ لاءِ، غلاميءَ جي مليل ان ڀيانڪ نتيجي مان نڪرڻ لاءِ، ٻيهر وڏي عرصي تائين ڪي قومون ته جدوجهد به هلائي نه سگھنديون آهن. ان ڪري ڪا به قوم پنهنجي آزاديءَ جي معاملي ۾ ڏاڍي حساس هوندي آهي، قوم جا ماڻهو ڪنهن به قيمت تي پنهنجي آزاديءَ تان هٿ کڻڻ لاءِ، آزاديءَ کي وڃائڻ لاءِ، تيار نه هوندا آهن. اهي قومون ۽ اهي ماڻهو ئي بدنصيب هوندا آهن، جيڪي پنهنجي آزادي وڃائي ويهندا آهن....
    سنڌ جي عظيم شاعر شيخ اياز جو هڪ قومي نظم اوهان جي نذر ڪيان ٿو:

    مان توکي گيت ڏيان اي ڌرتي!
    تون مون تي زنجير وجھين!
    هي گيت گلابي جُهڙ ڦُـڙ جا،
    هي گيت شرابي جُهڙ ڦُـڙ جا،
    هي سانوَڻ جا من ڀانوَڻ جا،
    هي آگم آگم آنوَڻ جا،
    هي گيت اُڃايل مورن جا،
    ريتيءَ تي ڪَنٺ - ڪَٺوئَرن جا،
    هي گيت سُنهريءَ سنڌوءَ جا،
    جا سُپنا آهي سانجھيءَ جا ــــ
    هي گيت تِکن طوفانن جا،
    هي گيت اَٽل انسانن جا،
    هي گيت روپهري ٻانهُن جا،
    ۽ دوريءَ جا ۽ دانهُن جا،
    گھنگھور گھٽا جئن جوانيءَ جا،
    پُرشور هوا جئن جوانيءَ جا،
    هي گيت رسيلن رنگن جا،
    يا جھولا مست اُمنگن جا!
    هي گيت نِڪورن ٿانوَن جا،
    ۽ لانوَن جا ۽ ڇانوَن جا،
    هي گيت رُسڻ جي راتين جا،
    ۽ اَت اُڪنڊيُن باتين جا،
    هي گيت برهه جي بانديءَ جا،
    ۽ سهڻين جي سيرانديءَ جا،
    ۽ وارن ڪارن ڪارن جا،
    هي گيت سُڳنڌي سارن جا،
    هي گيت جُدائيءَ جھوريءَ جا،
    ۽ لونءَ لونءَ ڪنهن جي لوريءَ جا،
    ۽ هر هر هنجون هارڻ جا،
    هي گيت اَڪارڻ ڪارڻ جا.
    ڪنهن وقت هوا کان هلڪا ها،
    هي گيت جُهڙاليءَ جَهلڪا ها،
    ڪنهن وقت اِهي ڳنڀير هُيا،
    ڪنهن اونهيءَ نَئن جو نِيرُ هيا،
    هي گيت ڌياڻيءَ ڌرتيءَ جا،
    ۽ داڻي پاڻيءَ ڌرتيءَ جا،
    هي گيت لهوءَ جي لُڙڪن جا،
    هي گيت سَلهاڙيل سُڏڪن جا،
    هي گيت اُڏاڻل ڳيرن جا،
    ۽ آنڌيءَ ۾ آکيرن جا،
    هي گيت بکايل ٻارن جا،
    ۽ مستقبل جي تارن جا،
    دردماندن جا، مزدورن جا،
    ۽ کيتيءَ کيتيءَ کورن جا،
    زنجيرن جا، زندانن جا،
    ۽ لوهه - لڱين انسانن جا،
    ۽ سوريءَ تي سَرواڻن جا.
    هي گيت اَمر اُهڃاڻن جا،
    هي گيت کُليل ميدانن جا،
    ۽ جندڙيءَ جي جولانن جا،
    هي گيت اَجھلَ آزاديءَ جا،
    ۽ ٻانهن - ٻَلَ آزاديءَ جا،
    جو ڪيري ڪوٽ غلاميءَ جا،
    هي گيت انهيءَ هر عاميءَ جا.
    مون توکي ڇا ڇا گيت ڏنا!
    ڇا شبنم شعلا گيت ڏنا!
    ڇا سپنا سپنا گيت ڏنا!
    ڇا سُندرتا جا گيت ڏنا!
    مان توکي جيتَ ڏيان اي ڌرتي!
    تون مون تي زنجير وجھين!

    آزاديءَ ۽ غلاميءَ تي انسان جي سماجي سٽاءَ ۾ اچڻ سان ئي گھڻو ڪجھ ڳالهايو ۽ لکيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته آزاديءَ ۽ غلاميءَ کي ذاتي يا انفرادي مقصدن ۽ مطلبن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پڻ مطلبي ماڻهن پاران استعمال ڪيو ويو آهي ۽ ان کان بچڻ لاءِ سچن ماڻهن لازوال هلچلون هلائي آجپو به ماڻيو آهي. ڪن حالتن ۾ ته ايئن به ٿيو آهي ته قوم ۽ وطن کي مڃڻ کان نابري واريندي انهن جو انڪار پڻ ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان تنبيهه ڪندي، سنڌ جي نامور دانشوَر سائين محمد ابراهيم جويي صاحب جو چوڻ آهي: “وطن جي انڪار جو فلسفو يا نظريو محڪوم ۽ مظلوم قومن لاءِ هر صورت ۽ هر حالت ۾ تباهيءَ ۽ ذلت جو فلسفو آهي ۽ اهو فقط ملڪ جا غدار ۽ ملڪ جا دشمن پيش ڪندا ۽ پکيڙيندا آهن.” (ڪِي جو ٻيجل ٻوليو، مهاڳ)
    جيئن ته آزاديءَ سان انسانذات کي حقيقي مسرتون ۽ خوشيون ملن ٿيون، جنهن لاءِ اديب، شاعر ۽ فنڪار پڻ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪندا آهن، تنهنڪري ان نسبت سان چاهيان ٿو ته اوهان کي هي پئراگراف به ٻڌايان، جنهن ۾ اهڙيءَ خواهش جو ذڪر ڪيل آهي، جيڪا اسان مان هر هڪ کي رکڻ گھرجي ۽ ان لاءِ جدوجهد به هلائڻ گھرجي. “پئبلو نرودا چوي ٿو: ‘مان جو ڪجھ ڏسان ٿو ۽ محسوس ڪريان ٿو، سو ئي لکان ٿو. منهنجي شاعريءَ ۾ سونهن ۽ عظمت ان ڪري آهي جو مان سموري انسانذات جي خوشين ۽ آرزوئن جو وڪيل آهيان. مان چاهيان ٿو ته مسرتون ۽ خوشيون ساري انسانذات جو مقدر بڻجن.” (رشيد ڀٽي، مضمون “شيخ اياز جي شاعريءَ جو سياسي ۽ ادبي پس منظر”، ڪتاب: شيخ اياز (سنڌي ادب ۾ تنقيد)، مرتب: جامي چانڊيو، ص 27، سال 1998ع، ڇپائيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي)

    (سرجيل: 14 آگسٽ 2011ع)


    23. سچن ماڻهن کي هارائڻ ممڪن ناهي

    هجري سال 1432 جو نائون مهينو رمضان شريف اڄ رات کان پنهنجي آخري ڏَهي جي شروعات ڪري چڪو آهي. اڄ 20 روزا خير سان پورا ٿيا.
    اڄ چنڊ جي ايڪيهين رات آهي. برڪتن ڀرئي مهيني ۾، هن تاريخ کي اونداهيءَ ۽ بيحد ڏک ڀرِي تاريخ جي حيثيت حاصل آهي، جو ايڪيهين رمضان تي، نبي سڳوري حضرت محمد مصطفى ﷺ جي پياري سؤٽ ۽ تاريخِ اسلام جي چوٿين خليفي حضرت علي ڪرم اللھ وجهه کي شهيد ڪيو ويو.
    حضرت علي عليه السلام جو تعارف صرف اهو ناهي ته هُو نبي ﷺ جو ڀائٽيو ۽ چوٿون خليفو هو، پر هُو تمام گھڻو بهادر، بردبار، فهميده ۽ ڏاهو انسان هو. هُو انصاف ڪندڙ يعني بهترين منصف ۽ صاحبِ ڪتاب انسان هو، جنهن نهج البلاغه جھڙو لاثاني ڪتاب لکيو ۽ عربي ٻوليءَ ۾ “ديوانِ علي” جي تخليق ڪئي. نبي سڳوري ﷺ جِي حضرت علي عليه السلام جي حوالي سان مشهور حديث آهي: “اَنا مدينة العلم و علي بابُها.” يعني “مان علم جو شهر آهيان ۽ علي ان جو دروازو آهي.”
    ان حديث ۾، نه رڳو حضرت علي عليه السلام سان محبت وارِي نسبت جو اظهار ڪيل آهي، پر حضرت علي عليه السلام جي علم ۽ ڄاڻ، فهم ۽ فراست جي هڪ سند پيش ڪيل آهي، جنهن کان وڌ ٻِيءَ ڪنهن سند جي ڪا حيثيت ئي ناهي.
    علي سائين يقيناً اهڙي شخصيت هو، جنهن کي نه صرف هڪ اهم اسلامي شخصيت طور، پر هڪ مدبر ۽ عالم طور به، دنيا جي انت تائين نه صرف ياد رکيو ويندو، پر سندس ذڪر به ادب ۽ احترام سان ڪيو ويندو. اچو ته سندس ڪجھ چوڻين تي هڪ نظر ڌَريون ٿا، جن ۾ انساني بهتريءَ ۽ ڀلائيءَ جا انيڪ سبق سمايل آهن.
    حضرت علي عليه السلام فرمائي ٿو:
    * ماڻهن سان اهڙو رويو رکو، جو اوهان زنده رهو ته توهان جا مشتاق هجن ۽ مري وڃو ته اوهان لاءِ روئن.
    * جنهن جي رفتار کي عمل سست ڪيو آهي، حسب نسب ان جي رفتار کي تيز نه ٿو ڪري سگھي.
    * تمنائون ڇڏي ڏيڻ سڀ کان وڏي دولت آهي.
    * عقل جھڙي ڪا به دولت ناهي، تدبير جھڙو ڪو عقل ناهي، پرهيزگاري جھڙي ڪائي شرافت ناهي، ادب جھڙي ڪائي ميراث ناهي ۽ خوش خلقِي جھڙو ڪو رويو ناهي.
    * جيڪو اعتدال سان خرچ ڪندو، اهو تنگ دست ڪڏهن به نه ٿيندو.
    * ماڻهو جنهن ڳالهه کان لاعلم هوندا آهن، ان جي مخالفت ڪندا آهن.
    * ڪنهن قوم جي ڪردار تي خوش ٿيڻ وارو ڄڻ ته ان قوم وارن مان ئي هو.
    * توهان جا دوست ٽي آهن: هڪ توهان جو دوست، ٻيو توهان جي دوست جو دوست ۽ ٽيون توهان جي دشمن جو دشمن.
    * توهان جا دشمن به ٽي آهن: هڪ توهان جو دشمن، ٻيو توهان جي دوست جو دشمن ۽ ٽيون توهان جي دشمن جو دوست.
    حضرت علي عليه السلام هڪ بهادر شخص هو، پر هن جي بهادري پنهنجيءَ ذات جي مشهوريءَ لاءِ نه هئي. سندس بهادري اسلام ۽ عالمِ اسلام جي مٿڀرائيءَ لاءِ وقف هئي. هو ڪنهن به ويڙهه ۾ پنهنجي ذاتي غرض کي شامل نه ڪندو هو ۽ ذاتي دشمن کي معاف ڪري ڇڏيندو هو. اهڙي بهادر ۽ انصاف پسند اعلى انسان کي ويڙهه ۾ شڪست ڏيڻ ممڪن نه هو، ان ڪري ئي کيس ڌوڪي سان شهيد ڪيو ويو. ڇاڪاڻ ته سچن ماڻهن کي سڌيءَ طرح هارائڻ ممڪن نه هوندو آهي، انهن کي ڌوڪي ۽ مڪاريءَ سان ئي هارائي سگھبو آهي.
    پر، اها هارَ اصل ۾ فريبيءَ جي ئي شڪست هوندي آهي. فريبي پنهنجي ڪَڌي مقصد کي پورو ڪري به هارائي ويندو آهي ۽ شهيد ٿيندڙُ هارائي به فتحمند هوندو آهي، سندس وجود زمانن پڄاڻان به سرخرو هوندو آهي. دوستو، بهادريءَ جي حوالي سان حضرت علي عليه السلام چوي ٿو:
    * دلير اهو شخص آهي جيڪو گناهه کان پاڪ آهي. جنهن ۾ عيب هجي، اهو بزدل ٿيندو آهي.
    * جيڪڏهن پنهنجي دشمن تي قابو پائڻ چاهيو ٿا ته هن جو مهرباني مڃيندي، کيس معاف ڪري ڇڏيو.
    ***
    دوستو! هر قوم ۾ ڪيئي ريتون، رسمون ۽ روايتون هونديون آهن، جيڪي صدين جي عمل مان ڦُٽي نڪرنديون آهن ۽ ان قوم جي مجموعي سڃاڻپ جو هڪ عمومي خاڪو جوڙي پيش ڪنديون آهن، پوءِ ڪي ريتون، رسمون ۽ روايتون بهتر هونديون آهن، ته ڪي بدتر، تڏهن به عام طور بهتر ريتون، رسمون ۽ روايتون سرسُ هونديون آهن. ان لحاظ کان سنڌي قوم جون به ڪيئي ريتون ۽ روايتون آهن، جيڪي ان جو خاڪو جوڙن ٿيون. هتي ان لحاظ کان تفصيل سان ڳالهائڻ جي گنجائش گھٽ آهي، ان ڪري مان اوهان اڳيان هڪ سٺي ريت ۽ روايت جو ذڪر خاص طور ڪندس، جيڪا اسان جي ڏيهاڙي زندگيءَ جو حصو آهي. اوهان ڏٺو هوندو، ته بسن ۾ سفر دوران سڀ کان پهرين سمورن مردن کان ڀاڙو ورتو ويندو آهي ۽ پوءِ مُنشي انهن زائفن کان ڀاڙو وٺندا آهن جيڪي ٻارن سُوڌو يا اڪيليون هونديون آهن، سو به ان ريت ته انهن جي مٿي تي هٿ رکي انهن کان ڀاڙي جي گُهر ڪندا آهن. ان طرح ٻيون عورتون سُڪون سان ويٺيون هونديون آهن ۽ مُنشي انهن کان ڀاڙي جي تقاضا ناهن ڪندا. اها هڪ بهتر روايت آهي، جيڪا ان سڄي ساٽ کي خوبيءَ سان نبيري ٿي.
    ٻيون به ڪيئي ريتون ۽ رسمون اسان جي سماج ۾ پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪنديون رهن ٿيون ۽ اسان جي قومي رويي جي عڪاسي ڪن ٿيون. مثال طور رمضان جي مهيني ۾ ڪنهن کي کائڻ پيئڻ جي صلاح نه ڪرڻ جي ريتِ مذهبي احترام جي نشاندهي ڪري ٿي، وڏن سان اُٿي بيهي ملڻ جي ريت کين مانُ جو بهترين اظهار آهي، ٻئي جي ڳالهه ڌيانَ سان ٻڌڻ جي ريت مان پنهنجائپ جو به احساس جاڳي ٿو، ته اڳلي کي پنهنجي اهميت به محسوس ٿئي ٿي، دوست سان ڀاڪر پائي ملڻ سان دوستيءَ کي به ڄڻ ته ڀاڪر ۾ ڀرجي ٿو، ان سان دوست ۽ دوستي مضبوط ٿئي ٿي، ڪنهن مخاطب کي “جِي سائين” سان وراڻي ڏيڻ جِي ريت مان اڳلي کي عزت ڏيڻ جو اظهار ٿئي ٿو، بسن ۾ بيٺل عورتن ۽ بزرگن کي جڳهه ڏيڻ مان کين احترام ۽ مانُ ڏيڻ جي ريت ڏسڻ ۾ اچي ٿي، ٻارن کي ماڻهو سٺي تعليم ڏيارڻ چاهن ٿا ۽ اهڙو اونو رکن ٿا ۽ ڪوششون ڪن ٿا، جا چڱي ڳالهه آهي. اها ريت اڳتي هلي اڃا به بهتر نتيجا ڏيندي....
    ٻئي طرف ڪي اهڙيون ريتون به اسان کي سماج ۾ اُسرندي، وڌندي ويجھندي نظر اچن ٿيون جيڪي نه ٿيڻ گھرجن. مثال طور اسان جي سماج ۾ سهپ جي جيئن پوءِ کوٽ ٿيندي پئي وڃي. ماڻهو ٻئي جي ڳالهه کي ٻڌڻ، سمجھڻ ۽ سَهڻ لاءِ تيار ناهي. دوستن ۽ واقفن سان گارين سان مخاطب ٿيڻ جو رجحان وڌندي نظر اچي ٿو. هر هڪ ماڻهو ٻئي ماڻهوءَ کان اڳ ڪڍڻ جي ڪوشش ۾ ڏيکارجي ٿو، پوءِ ڀلي ته ٻئي جو ڪيترو به ۽ ڪهڙو به نقصان ٿئي. قطار ٺاهي پنهنجي واري تي معاملو نبيرڻ جي سٺي ريت ادارن ۾ وڌندي نظر نه ٿي اچي. هر هڪ ماڻهو وٺُ سٺُ ۾ لڳو پيو آهي، عجيب بي چيني ۽ اُڻ تڻ آهي جيڪا ماڻهن ۾ وڌندي پئي وڃي جنهن تي سوچڻ لاءِ ڪو تيار ناهي. اسان جي تعليم ۽ تعليمي ادارا، صحت ۽ ان جا ادارا، قانون ۽ ان جا ادارا، ۽ ان ريت ٻيا ڪيئي شعبا ۽ ادارا پنهنجو ڪارج ۽ ڪردار وڃائيندي نظر اچن ٿا، پر ڪو به ان بابت سوچڻ، لوچڻ ۽ اپاءَ وٺڻ لاءِ تيار ناهي، جا ڳالهه يقيناً اسان جي سماج کي تمام وڏو مقصان ڏئي رهي آهي ۽ جيئن پوءِ تيئن اهو نقصان وڌندو ويندو، تان جو ان جو تدارڪ ڪرڻ به ممڪن نه رهندو. ان طرف سوچڻ جي تمام گھڻي ضرورت آهي.
    ***

    (سرجيل: 21 آگسٽ 2011ع)


    24. عيد مبارڪ

    ٻن يا ٽن ڏينهن کان پوءِ، پهرينءَ شوال تي، فطري واري عيد ٿيڻي آهي، جنهن کي عوامي ٻوليءَ ۾ روزن يا رمضان واري عيد ۽ پڙهيل حلقن ۾ عيدالفطر چيو ويندو آهي. عيد جي فلسفي ۽ فطرٖي بابت گھڻن ئي عالمن تفصيل سان ڪتاب به قلمبند ڪيا آهن، ته تقريرن ۽ خطبن ۾ به ويچار ونڊيا آهن، جن جو ورجاءُ ايندڙ عيد تي پڻ لفظن جي مَٽ سَٽ سان ڪيو ويندو. هتي اسان ان حوالي سان وڌيڪ ڪجھ چوڻ جي جسارت ڪو نه ٿا ڪريون، جو پنهنجي ايتري علميت ۽ عمليت ناهي. البت، ايترو سادگيءَ سان ايترو عرض ضرور ڪبو ته عيدَ جو ڏينهن، هڪ خوشيءَ جي موقعي تي ٻين انسانن کي پنهنجيءَ خوشيءَ ۾ شريڪ ڪرڻ جو ڏينهن آهي. هيءُ ڏينهن نه صرف پنهنجن عزيزن قريبن سان ملڻ جو ڏينهن آهي، پر ويجھو ۽ پري کان ڪَهي آيل دوستن ۽ ساٿين سان ٽهڪ ڏيڻ، ڀاڪرين پوڻ ۽ يادون ونڊڻ جو ڏينهن آهي. ان حوالي سان، مان اوهان سان هيءَ ڳالهه share ڪيان ته قنبر جي علي خان محلي ۾ رهندڙ اسان جا دوستَ ستار هڪڙو ۽ غلام حسين هڪڙو ٻنهي ‘وڏين’ عيدن تي يعني عيدالفطر ۽ ذوالحج جي عيد تي، پنهنجيءَ اوطاق تي سالن کان وٺي دوستن کي ڪَٺي ڪندا آهن. مون کي ئي اتي ويندي 23، 24 سال گذري ويا آهن. اتي، شهر جا توڙي ٻاهران ٻين شهرن مان ڪَهي آيل سڀ دوست ملندا آهيون، ڀاڪر پائيندا آهيون، ڪچهريون ڪندا آهيون، کِل ڀوڳ ڪندا آهيون، انيڪ موضوعن تي گفتگو ڪندا آهيون، کائيندا پيئندا آهيون ۽ هڪ ڀرپور ڏينهن گذاريندا آهيون. مان کي پڪ آهي ته اهي محبتي سلسلا ڪيئي هنڌن تي هلندڙ هوندا، جيڪي اسان جي زندگيءَ جي انهن ڏينهن کي بيحد يادگار بڻائيندا آهن.
    عيد جو ڏينهن “عيد مبارڪ” چوڻ ۽ “خير مبارڪ” وصول ڪرڻ جو ڏينهن ته آهي ئي، پر هيءُ ڏينهن پنهنجائپ سان مُرڪون ڏيڻ ۽ مرڪون ميڙڻ جو به ڏينهن آهي. هيءُ ڏينهن اسان کي موقعو ٿو ڏئي ته جيڪڏهن ڪو اسان کان رُٺل آهي، ته کيس پرچائي وٺون، جيڪڏهن ڪو اسان کان پرڀرو آهي ته کيس ويجھڙو ڪيون، جيڪڏهن ڪنهن جيءَ دل ۾ ڪي رنجشون آهن ته اهي ختم ڪرايون. ساڳيءَ ريت جيڪڏهن اسان پڻ ڪنهن عزيز قريب، مِٽ مائٽ، سنگتيءَ ساٿيءَ يا پاڙيسريءَ کان ڪاوڙيل آهيون ته پنهنجيءَ ڪاوڙ کي ختم ڪريون ۽ ناراضگيون وساري وٽن ڪَهي وڃون. جيڪڏهن ڪو ٻيو اسان وٽ اچي نه ٿو سگھي ته اسان وٽس هَلي وڃون ۽ هٿ ٺوڪين انائن جو نه ئي پاڻ شڪار ٿيون، نه ئي ٻين کي شڪار ٿيڻ ڏيون. ان کان سواءِ جيڪڏهن ڪن ٻن ماڻهن جي وچ ۾ ڪي دُوريون آهن، ته هِن اهم ڏينهن تي، انهن کي ويجھڙائين ۾ بدلائڻ جا جتن ڪيون. چڱائيءَ هونئن به بهتر آهي، پر جيڪڏهن هن ڏينهن تي خاص طور ڪبي، ته ان سان اصلي خوشيءَ جو مزو ماڻي سگھبو. اِها ئي اُها روحاني خوشي هوندي آهي جيڪا دلين ۾ مَوجزن ٿي سرمستيءَ جا گيت آلاپيندي آهي....
    هن ڀيري به سرڪار عيد جي موڪلن جو عام اعلان ڪيو آهي. اوهان چڱيءَ پر ڄاڻو ٿا ته هنن ڪجھ ڏينهن جي موڪلن ۽ عيد جي خوشيءَ ڀرئي موقعي ڪارڻ ٻين شهرن ۾ ڪمائيندڙ فرد پنهنجن اباڻن گھرن ڏانهن ورندا آهن ۽ گھر ڀاتين سان ملي ڏاڍا سَرها ٿيندا آهن.
    عيد ڏينهن عام طور ٿيندو ايئن آهي ته ڪنهن به گھر جا سڀئي مرد ۽ ٻار گڏجي عيد نماز پڙهڻ لاءِ عيدگاهه ويندا آهن. اسان پڻ ورهَن جا ورهه ان سلسلي جو حصو رهيا آهيون. مان کي ياد آهي ته جيتوڻيڪ اسان جو گھر اهل تشيعه هو، پر اسان سڀ قنبر شهر جي اولهه ۾ واقع وڏي عيدگاهه ۾ نماز پڙهڻ ويندا هئاسين، جتي مولانا عبدالڪريم قريشي صاحب پيش امامت ڪندو هو. اتي وڏي رونق هوندي هئي. کائڻ پيئڻ جون شيون کپائيندڙ، ڦوڪڻا کپائيندڙ ۽ ٻارن جا رانديڪا کپائيندڙ به ججھا، ته وٺڻ وارا ٻار به سوَن جي ڳاڻيٽي ۾. ڄڻ ميلي جو ڏيک هوندو هو، وڏو چهچٽو مچندو هو. نماز پڙهندڙن ۾ ان فرق جي ڪا اهميت نه هئي ته ڪير ٻانهون ٻڌي ٿو نماز پڙهي ۽ ڪير کولي. مقصد ٻه رڪعتون عيد نماز جون، ادا ڪرڻ هو. دعا گُھري، پنهنجن ۽ دوستن توڙي واقفن کي عيد واڌايون ڏئي، موٽندي قبرستان ۾ آرامي وڏن کي قل بخشي، گھر ورندا هئاسين، ته عيد ماني تيار.... پر هاڻي ڳالهه ئي اور ٿي وئي آهي. عيدگاهون ۽ مسجدون به دلين وانگر ورهائجي ويون آهن، ماڻهو ڊپ ۾ وٺجي ويا آهن، مخصوصيت وڌي وئي آهي. ٻيو ماڻهو ٻئي هنڌِ، پنهنجِي مسجد ۽ عيدگاهه يا امام بارگاهه ۾ هليو وڃي، نه ته پنهنجي نقصان جو ذميوار پاڻ هوندو. سهپ واري ڌرتي اسهپ جو شڪار ٿِي وئي آهي! ٻئي کي پنهنجي پسند تي ڇڏڻ بدران، چاهيو ٿو وڃي ته ٻيا هنن جي پسندن تي هلن. ان حوالي سان هيءَ گھڙي اڃا به سوچڻ جي آهي، ممڪن آهي ته اڳتي هلي اهڙو موقعو به هٿن مان نڪري وڃي....
    هنن موڪلن جي ڏينهن ۾ عيد گذاري، ٻئي ڏينهن يعني گيدَ تي، عام طور ماڻهو گھمڻ ڦرڻ، پڪنڪ ڪرڻ به نڪرندا آهن. وڏن شهرن ۾ ته اهڙا ڪيئي تفريحي ماڳ آهن جتي گھمڻ لاءِ وڃي سگھبو آهي ۽ سڄو ڏينهن مزو وٺبو آهي، پر اسان جِن شهرن ۾ رهون ٿا، اتي اهڙا ڪي موقعا ميسر ناهن، نه ته ڪي سٺا باغ آهن ۽ نه ئي ڪي بهتر تفريحي هنڌَ.... ان ڪري ٿئي ايئن ٿو ته يا ته ماڻهو ڪچهريون ڪري ئي وقت گذارن ٿا يا وري پنهنجي اوسي پاسي ۾ جيڪڏهن ڪو تاريخي ماڳ مڪان آهي ته اتان چڪر هڻي اچن ٿا. جھڙوڪ لاڙڪاڻي ۽ ڀرپاسي وارن شهرن ۽ ڳوٺن مان اڪثر ڪري ماڻهو موهين جي دڙي گھمڻ ويندا آهن، خيرپور، گنبٽ يا راڻي پور ۽ ٻين ڀرپاسي وارن شهرن ۽ ڳوٺن مان ماڻهو ڪوٽ ڏيجي جو چڪر هڻندا آهن، پر ان جو نتيجو ڏاڍو ڏکوئيندڙ نڪرندو آهي، ڇاڪاڻ ته پوءِ موهين جي دڙي يا ڪوٽ ڏيجي جي ڀيلَ ٿيندي آهي. نوجوانَ پنهنجي ناسمجھيءَ ۽ تاريخ کان اڻ ڄاڻائيءَ سبب موهين جي دڙي جي گھٽين ۾ بي درديءَ سان موٽر سائيڪلون ڀڄائيندا آهن يا وري ڊهندڙ ڀتين تي چڙهندا آهن جنهن سان ان تاريخي ماڳ ڏاڍو نقصان رَسندو آهي، جيڪو اسان جي پنج هزار ساله سڌريل تهذيب جو اهڃاڻ آهي. ٻئي طرف ڪوٽ ڏيجي سان به اهڙي ئي ڪارِ ڪئي ويندي آهي، فرق صرف ايترو آهي ته اُتي بائيڪن جي ڊوڙ ناهي لڳندي. بهرحال، ان طرف سنجيدگيءَ سان سوچڻ ۽ جاڳرتا پيدا ڪرڻ جي گھرج آهي ۽ تفريحي ماڳ مڪان ميسر ڪري ڏيڻ جي پڻ گھڻي گھرج آهي.
    عيد جي خوشين جي حوالي سان ڳالهيون ڳچ ٿيون. يقيناً هر ماڻهو وٽ عيد جا پنهنجا پنهنجا تصور ٿين ٿا، جن مان ڪي عمومي تصور ٿين، ته ڪي خصوصي. لڳ ڀڳ سڀ ماڻهو هنن خوشيءَ جي ڏينهن ۾ خوشي ملهائن ٿا، پر ڪيترائي ماڻهو اهڙا به آهن جيڪي هنن خوشيءَ جي ڏينهنِ ۾ به، خوشين کان وانجھيل آهن.... دوستو! ڪراچيءَ ۾ روڄ راڙو متل آهي، بدين ضلعي ۽ ٺٽي جي ڪيئي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ برساتن راڱا ڪيا آهن، لکين ماڻهو دربدر ٿي ويا آهن ۽ ڪئمپن ۾ منتقل ٿي رهڻ لڳا آهن. هنن لاءِ زندگي ڏاڍي ڏُکي بڻجي وئي آهي. هڪ هڪ ڏينهن ته ڇا، هڪ هڪ پل هنن جي تڪليفن ۾ واڌارو ڪري رهيو آهي. اهڙي سمئي عيد جون خوشيون هنن لاءِ اوپريون اوپريون ٿي پيون آهن. سندن اکين ۾ آس جا ڏيئا ته آهن پر انهن جي جوت جھڪي جھڪي آهي. وڌ ۾ وڌ ضرورت آهي، ته سرڪار هنن متاثر ماڻهن جي گھڻي ۾ گھڻي پرگھور لهي ۽ واهر ڪري، جستائين هُو پنهنجن اباڻن پکن ڏانهن موٽي، ٻيهر زندگيءَ جي هلچل جو حصو بڻجي سگھن....
    ***

    (سرجيل: 28 آگسٽ 2011ع)


    25. سَکِي! هوا ۾ هڳاءُ آهي

    چوري چوري ڪوئي ڪنهن سان نيڻ ملائي ويٺو آ،
    هـيـڏي سـاري مـحـفـل ۾ ڪــو پــاڻ وڃــائي ويـٺــو آ.

    سڄيءَ دنيا ۾ چورين جا انيڪ قسم ٿين ٿا. ڪا چوري نقد جي صورت ۾ ٿيندي آهي، ته ڪا وري سامان جي. پر ٻنهي صورتن ۾ چور اها ڳالهه ضرور ڌيان ۾ رکندا آهن، ته چوري اهڙي ڪجي جنهن جو ملهه وڏو هجي، معمولي چوريءَ کي چور ليکيندا ئي ناهن، جيتوڻيڪ اسان وٽ ته هاڻ اهو به نه ٿو ڏٺو وڃي ته چوري ڪيتري قدر قيمتي آهي. چور جو ڪم چوري ڪرڻ آهي، ملهه جي ڪٿ پوءِ ڪبِي، ته اهو ڪيترو ٿو بيهي، پر جيڪي چور نامي گرامي هوندا آهن، اهي پوريءَ رٿابنديءَ سان چوري ڪندا آهن. هنن وٽ چوري ڪئي ويندڙ اسم جي پوري پوري قيمت ڪٿيل هوندي آهي. کين اها به ڄاڻ هوندي آهي، ته اها چوري ڪٿي اَگھامندي.... ڇا به هجي، پر چور ۽ چوريءَ ٻنهي کي هر سڄاڻ ماڻهو نِنديندو ضرور. چور کي ڪو به چڱو نه چوندو، پوءِ چور ڪيڏو به اثر رسوخ وارو ڇو نه هجي. جيڪڏهن کيس سامهون چوڻ جو موقعو نه هوندو، ته به پرپٺ يا دل ۾ ضرور کيس چور ڪوٺيندو. حديث نبوي به آهي ته برائيءَ کي دل ۾ به ضرور برو چئو.... بهرحال، اهو ته ٿيو چوريءَ جو هڪ پاسو، جڏهن ته چوريءَ جو ٻيو پاسو ڏاڍو وڻندڙ ٿيندو آهي، جنهن کي عاشقاڻو به چيو ويندو آهي. اوهان سمجھي ويا هوندا ته مان دل جي چوريءَ جي ڳالهه ٿو ڪريان جنهن سان عاشق خوش به ٿيندا آهن، ته روڳ ۾ به وٺجي ويندا آهن. دل جي چوري ماڻهوءَ کي سُڪون به ڏيندي آهي، ته بي سُڪوني به بخشيندي آهي. جيڪڏهن دل جي چور سان ناتا ٺهيل هوندا ته دل جي چوريءَ تان عاشق فدا پيا ٿيندا ۽ جيڪڏهن دل جو چور بي وفائيءَ جي ڏِک ڏيندو ته ڏُک جون انتهائون ڪائنات ۾ پکيڙجي وينديون آهن.
    چنڊ! ڪڪرن ۾ لڪائي، ڇو ڇڏيئي چانڊوڪي،
    ڇا تنهنجي چورائي چانڊاڻ هليا وينداسين؟ (راشد مورائي)
    دل جا چور، من جا چور به ٿيندا آهن. اهي پنهنجيءَ حسين صورت سان متاثر ڪندا آهن ۽ من ۾ بي چيني ۽ اڻ تڻ پيدا ڪندا آهن، جيڪا کين وري وري ڏسڻ تي مجبور پئي ڪندي آهي. اهي ڀلي ته بي وفا بڻيا هجن پر اسان جو من ۽ اسان جي دل ڪڏهن به اهو مڃڻ تي راضي نه ٿيندي آهي، ته ڪو پرين پيارو، دل جو دلبر اسان سان بي وفائي ڪري ويو آهي. عشق ڪندڙ ڪڏهن به پنهنجي پياري جي بي وفائيءَ جو سوچي ئي نه سگھندو آهي. هن جي من ۾ فقط اهو ئي هوندو آهي ته ڪو نه ڪو ڪارڻ ضرور هوندو جو محبوب منهنڙو مَٽي ويو آهي. هُو تاويلون پيو ٺاهيندو ته هِيئن هوندو يا هونئن هوندو، پر دلبر وفا ضرور ڪندو. محبوب کي هو ڪڏهن به بي وفائيءَ جو طعنو نه ڏيندو. سائين منهنجا! محبوب جي ياد چانڊوڪين راتين ۾ ته وري اڃا جرڪي پوندي آهي. اها ياد ڄڻ ته چانڊوڪيءَ ۾ وهنتل هوندي آهي. اڃا به چئجي ته ان کي چانڊوڪي اوڍيل هوندي آهي. جيئن جيئن چنڊ جون تاريخون اڳتي چوڏهينءَ ڏانهن وڌنديون وينديون آهن، چانڊوڪي چِٽي ٿيندي ويندي آهي، تيئن تيئن محبوب لاءِ تڙپ به وڌندي ويندي آهي، ته ياد ۾ به شدت ايندي ويندي آهي.
    جيتوڻيڪ دل زندگيءَ توڙي اسان جي جسم لاءِ انتهائي اهم عضوو آهي، پر ان جو اسان جي جذباتي زندگيءَ ۾ به ڪارگر ڪردار آهي. اسان پنهنجن جذبن، احساسن، امنگن ۽ ارمانن کي دل سان ئي منسوب ڪندا آهيون، ڇاڪاڻ ته فوري طور، بنا دير جي، جيڪو عضوو اسان جو جذباتي رد عمل ظاهر ڪندو آهي، اهو دل ئي هوندو آهي. ان کان پوءِ ئي اکيون، ڳوڙها ۽ مُنهن جا تاثر يا منهن ۽ جسم جي مختلف مشڪن جا ردعمل اهڙن جذبن جي ترجماني ڪندا آهن. دل ڄڻ ته الماڙيءَ جو ڪم ڪندي آهي جتي اسان جا ارمان، اسان جا احساس، اسان جون تمنائون، اسان جون خواهشون، اسان جا رشتا ناتا، اسان جا آواز، اسان جا اُڌما، اسان جا عمل ۽ ردعمل، اسان جا ڳوڙها، اسان جون تصويرون، اسان جون تحريرون، اسان جا وڇوڙا، اسان جا ميلاپ، اسان جا خواب، اسان جون اميدون، اسان جون خوشيون، اسان جا ڏک ۽ ڏولاوا سانڍيل هوندا آهن.... نامور ليکڪا ماهتاب محبوب لکيو آهي: “ڳالهه جا دل جي گهِراين مان نڪتل هجي سا ڪهڙي به هجي پر به ان گھڙيءَ جو سچ هوندي آهي.” دل اسان جي ماضيءَ جو ريڪارڊ پنهنجي اندر منجھ رکندي آهي، دل اسان جي حال جون حقيقتون اظهاريندي آهي ۽ دل اسان جي مستقبل جا سپنا اُڻندي آهي ۽ انهن جي ساڀيائن لاءِ منتظر رهندي آهي..... جيسين زندگي آهي تيسين اهي سلسلا قائم رهندا آهن ۽ جڏهن زندگي موت جي هنج ۾ آرامي ٿيندي آهي ته دل جا ارمان دل ۾ ئي رهجي ويندا آهن.... سنڌ جي مشهور شاعر استاد بخاريءَ وفات مهل موڪلاڻي ڪندي چيو هو: “هِن جَهانَ ۾ ڪجھ به نه رهندو. صرف خوشبوءِ رهندي. مان توهان کي پنهنجا سڀ خواب ڪتاب ڏيون ٿو وڃان. اوهان مون کي منهنجي اولاد جيان آهيو. لڳ لاڳاپا، رشتا ناتا ۽ تعلق اٽوٽ ٿيندا آهن. منهنجا به اوهان سان اهڙا ئي رشتا ۽ ناتا آهن جيڪي موت جي سرحدن کان تمام پري آهن.”
    پرينءَ پياري کان پوءِ ٻئي جنهن ماڻهوءَ جي وڌ ۾ وڌ واکاڻ ڪئي وئي آهي، تنهن کي سَکيءَ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. سکي اهو ماڻهو هوندو آهي جنهن کي محبوب لاءِ عرض به ڪيو ويندو آهي ته کيس پرچائي ڏي جيڪڏهن اهو رٺل آهي. سکيءَ کي ئي ريجھايو ويندو آهي ته هٺيلي معشوق کي ريجھائي ڏئي ته ڪا دل جي کليل ڪچهري ڪجي.... سَکي پيامبر هوندي آهي جيڪا عاشق ۽ معشوق جي وچ ۾ هڪ پُل جو ڪم ڪندي آهي، سَکي درياءَ جي ٻن ڪپرن کي پاڻ ۾ ملائيندي آهي. سَکي چانڊوڪي هوندي آهي جيڪا چنڊَ ۽ چنڊ جي تمنائيءَ کي هڪ ڪري ڇڏيندي آهي. سَکي کي اهڙي انسان جي حيثيت حاصل هوندي آهي جيڪو وڇوڙي کي وصل ۾ بدلائيندو آهي.... شاعرن ۽ عاشقن وٽ سکيءَ جو رُتبو بيحد افضل ۽ اعلى هوندو آهي. سکي هيرَ جيان هوندي آهي جيڪا پرين جو واسُ دکيءَ دلڙيءَ تائين پڄائيندي آهي ۽ درد جو دارون بڻجندي آهي. سَکيءَ جون اکيون پرينءَ جي اکين جا اشارا ڏينديون آهن ۽ سَکيءَ جا ناز ۽ انداز پرين جي نازن جو پڙاڏو هوندا آهن. سکي محبوب جي ٻئي وجود جي ڏِک ڏيندي آهي. سنڌي ٻوليءَ جو محبوب شاعر شيخ اياز چوي ٿو:

    سَکي! هوا ۾ هُڳاءُ آهي، گلِي گلِي گيتُ ٿي وئي آ،
    پِيا بنا ننڊ ڪيئن ايندي، بسنت جي رات بي چَئي آ.

    يا ٻي شعر ۾ شيخ اياز چوي ٿو:

    سَکيَ پِيا کي ملين ته چئجانءِ چاندني تو سوا نه ٿيندي،
    اچين ته منهنجي اُماس ۾ آءُ، ڇو ته ٻِي رات ڪا نه ايندي.
    ***

    (سرجيل: 4 سيپٽمبر 2011ع. ڇپيل: روزاني “عبرت” حيدرآباد، 22 اپريل 2012ع)


    26. ڏيئا ٻاري ٿِي دلڙي

    اَسين سِڪون جن کي، سي اسين پاڻ،
    هاڻي وڃُ گُمانَ! صحيح سُڃاتا سُپرين. (شاهه)

    سائين منهنجا، پيارُ قرارُ ڏيندو آهي يا بيقرارُ ڪندو آهي؟ پيارُ سُڪون ۾ آڻيندو آهي يا بي سُڪونيءَ جي گردشن ۾ گرفتار ڪري ڇڏيندو آهي؟ ۽، پيارُ زندگيءَ کي سُکيو بڻائيندو آهي يا ڏُک جي گڦائن ۾ ڦاسائي ڇڏيندو آهي؟ اهي ۽ اهڙا ٻيا انيڪ سوال آهن جيڪي اهي ماڻهو ئي پڇندا آهن جيڪي پيار جي دنيا کان آشنا ناهن هوندا، جن جي من ۾ پيار جون لهرون اُٿيل ناهن هونديون ۽ جيڪي دل جي دنيا جي انڊلٺن کان اڻ ڄاڻ هوندا آهن. نه ته، جيڪي ڀاڳوَندَ پيار جي ڪَڙن ۾ قابو هوندا آهن، تن کي چڱيءَ پر سُڌ آهي ته پيارُ آنند جو ٻيو نانءُ آهي، پيارُ پُرسُڪونيءَ جي وَٿ آهي، پيار حياتيءَ جي سونهن ۽ سُک جو سنديس آهي، پيار اُفق ۾ پرهه ويل پکڙجندڙ سهڻا رنگَ ۽ شَفق ويل اُلهندڙ رنگين شام جي حسناڪي آهي. پيارُ پنهنجائپ جو پيغام آهي جنهن ۾ پوئيل اکر، لفظ ۽ جملا گيتن جي روپ ۾ فضا کي سرمستي بخشيندا آهن. پيارُ اُهو رشتو آهي جنهن ۾ جيڪو ڳنڍبو آهي سو سدا لاءِ سوگھو ٿي ويندو آهي. اهو رشتو رت جي رشتن کان به گَهِرو آهي جنهن اڳيان پاتال جي گهِرائي به ڪا حيثيت نه ٿي رکي. اهو رشتو ان ستاري وانگر آهي جيڪو آڪاس جي اُتاهين کان اُتاهين ستاري کان به اُوچو ۽ روشن کان روشن ستاري کان به وڌِ چمڪندڙ آهي. پيار ۾ ويجھڙائي ئي ويجھڙائي آهي، جنهن اڳيان ڏورانهينءَ کان ڏورانهين به دل جي ڌڙڪڻن وانگر قريب تَر آهي....

    خوش نظر ڪيڏو ته آيـو گل هـو!
    تو جو چوٽيءَ ۾ سجايـو گل هـو.
    بڻجي خوشبو واءُ ۾ وکري ويو،
    ڊائــريءَ ۾ جـو لـڪـايــو گل هـــو. (رضا بخاري)

    ماڻهو پيار ته ڪندو آهي، پيار جي احساسن هيٺ ته گذاريندو آهي، پيار جي خوش مزاجين مان لطف اندوز ته ٿيندو آهي، پر جنهن سان ماڻهو پيار ڪندو آهي، تنهن سان وقت گذارڻ به چاهيندو آهي. پيار ڪندڙُ پيار ڪَئي ويندڙ ماڻهوءَ سان گڏ رهڻ چاهيندو آهي. هن جي دل ڪنهن پل به اهو نه چاهيندِي آهي ته ڪو هڪ پل به پرينءَ کان پرتي رهي. ٻئي طرف جا شَيءِ ان سلسلي ۾ اهم آهي، اها آهي پيار جو اظهار، پرينءَ پياري کي اهو ٻڌائڻ ته “مان تو سان پيار ڪيان ٿو. تون ئي اها هستي آهين جيڪا منهنجي محبت ۽ منهنجي زندگي آهين. تو کان سواءِ مان اڻ پورو آهيان.” سائين منهنجا، ڪيئي ماڻهو پيار جو اظهار دل کولي ڪندا آهن، ته ڪيئي ماڻهو باوجود پيار جي شدت جي، پنهنجي اڻ مَئي ۽ لاثاني پيار اظهار ڪري نه سگھندا آهن. اُنهن جو اظهار زبان تي اچڻ بدران، اکين ۾ ٽِڪي پوندو آهي. انهن جا نيڻ ڳالهائيندا آهن ۽ نيڻ تارا بڻجي جڳ جهانَ ۾ جرڪندا آهن.

    ڏيئا ٻاري ٿِي دلڙي.
    توکي ڏسڻ لئه وِکِرِي وئي،
    تاري تاري ٿِي دلڙي،
    ڏيئا ٻاري ٿي دلڙي.
    جَڳ کان جيتي پيار - گھڙيون،
    تو کان هاري ٿِي دلڙي،
    ڏيئا ٻاري ٿي دلڙي.
    ديرِ ڪئي ٿِي ڪيئن، پرين!
    مون کي ماري ٿِي دلڙي،
    ڏيئا ٻاري ٿي دلڙي. (رياضت)

    پيار ڪرڻ ڏيئو ٻارڻ برابر آهي. اڃا به چئجي ته پيار ڪرڻ هڪ ڏيئو ته نه، پر هزارين ڏيئا ٻارڻ برابر آهي، ڇاڪاڻ ته پيار روشني هوندو آهي، جنهن سان نه صرف منُ منورُ بڻجي پوندو آهي، دل ۾ چانڊوڪيون پکيڙجڻ لڳنديون آهن، پر ٻاهرينءَ دنيا ۾ به سوجھري جا پَر پکيڙجي چوڏسا چمڪاٽ ڪرڻ لڳندا آهن، پر جتي پيار جا ڏيئا ٻرندا آهن، اتي مخالف به ڪيئي پيدا ٿي پوندا آهن، جيڪي ڏيئي کي اجھائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، پوءِ ڪڏهن پنهنجين ڪوششن ۾ وقتي طور ڪامياب ويندا آهن، ته ڪڏهن وري ناڪام، تنهن باوجود ڏيئو پنهنجو روشن وجود قائم ۽ برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪندو ئي رهندو آهي. ڏيئي جي لاٽ کي اجھائڻ جي ڪوشش جا شَيءِ خاص طور ڪندي آهي، اها هوا هوندي آهي. جي ها، هوا! جيڪا هونءَ ته ڏاڍي وڻندي آهي، جڏهن هِيرَ بڻجي گھلندي آهي، پر پنهنجيءَ سرشت ۾ ڏيئي - دشمن بڻجي پوندي آهي جڏهن ڏيئو ٻَرندو آهي، جڏهن ته ڏيئي جو ٻرڻ هڪ طرف اونداهيءَ ۽ نفرت جي انت، ته ٻئي طرف روشنيءَ ۽ محبت جي ابتدا جي نشاني آهي. جيئن ئي ڏيئو ٻرندو آهي، ته هوا به پنهنجو زور لڳائڻ لڳندي آهي. تڏهن ته سنڌ جي نالي واري جديد شاعر امداد حسينيءَ به سهڻن لفظن ۾ چيو آ ته “مون جڏهن ڪو ڏيئو جلايو آ، زور ڪيڏو هوا لڳايو آ.”

    پـيــار ڏيــون ٿــا، پيـار گھرون ٿا،
    ٻيو نه ڪوئي وهنوار گھرون ٿا.
    اکـيـــون ڀــي اکــيـــن تـــي آهـــن،
    پــر دل جـو اقــرار گھـــرون ٿــــــا. (وفا ناٿن شاهي)
    ***
    رسامو ۽ پرچاءُ زندگيءَ جو لازمي حصو آهن. زندگي رُسامي سان اداس اداس بڻجي پوندي آهي، ته پرچاوَ سان وري حسين کان حسين تَر لڳندي آهي. رسامو وقت کي بيهاريندو آهي، ته پرچاءُ زندگيءَ کي روان رکندو آهي. زندگيءَ ۾ ٻنهي سان خوبصورتي آهي، ڇاڪاڻ ته رسامو ٿيندو ته پرچاءُ به ٿيندو. ٻئي هڪ ٻئي لاءِ لازم ملزوم آهن، ڪنهن کي به ٻئي کان جدا نه ٿو ڪري سگھجي، پر سائين منهنجا، جڏهن پرينءَ سان پرچاءَ هوندا آهن، ته ڪائنات جا روپ ۽ رنگ بيحد موهيندڙ هوندا آهن، پرچاءَ سان ڪائنات جي سندرتا وڻندي آهي، پرچاءَ سان ڪائنات جي موسيقي روح کي تازگي ڏيندي آهي ۽ پرچاءَ سان ئي زندگي دل کي ڇهندڙ محبت جا نغما ڳائيندي آهي. جڏهن ته رسامي سان حسناڪي حسن کان وانجھيل وانجھيل محسوس ٿيندي آهي، رسامي سان موسيقي روح کي کائڻ لڳندي آهي ۽ رسامي سان ئي زندگي، زندگيءَ کان سواءِ بڻجي پوندي آهي....
    دل ۾ رهندڙ ساٿي!
    جيستائين عمر آهي باقي،
    ياد اوهان جي رهندي ساڳي. (سيف الحق سيف)
    ***
    اڄ يارهين سيپٽمبر آهي. دنيا جي تاريخ ۾ اڄوڪي تاريخ کي وڏي اهميت حاصل آهي، ڇاڪاڻ ته اڄ کان 10 سال اڳ 2001ع ۾ آمريڪا جي شهر نيويارڪ ۾ واقع ورلڊ ٽريڊ سينٽر عرف جاڙن ٽاورن کي هڪ دهشتگرد حملي ۾ تباهه ۽ برباد ڪيو ويو هو. ٻئي ٽاور مڪمل طور هستيءَ تان مِٽجي ويا هئا. اهي حملا ڪنهن رٿيا هئا، انهن تي عمل ڪنهن ڪرايو ۽ عمل ۾ ڪهڙن ماڻهن کي استعمال ڪيو ويو؟ جيتوڻيڪ انهيءَ مامَ کي ڪافي حد تائين سلجھايو ۽ سمجھيو به ويو آهي، تڏهن به اهي سوالَ اڃا تائين هڪ راز بڻيل آهن.
    اڄوڪي تاريخ اسان جي ملڪ جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جي وفات جي تاريخ به آهي. 11 سيپٽمبر 2011ع قائد اعظم جي 63-هين ورسيءَ جو به ڏينهن آهي. ان حوالي سان اوهان کي پروفيسر ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل جي ليک مان هڪ اهم ٽڪرو پيش ڪريان ٿو: “قائد اعظم عام ماڻهن خاص ڪري مزدور طبقي جي فلاح ۽ بهبود چاهي ٿي، ڇاڻ وليڪا ٽيڪسٽائيل مِل جي افتتاح جي موقعي تي 4 سيپٽمبر 1947ع تي فرمايائون ته مون کي اميد آهي ته توهان پنهنجي ڪارخاني جو پلان تيار ڪرڻ وقت ڪاريگرن لاءِ مناسب رهائشگاهه، گھرن ۽ ٻين آسائشن جو خاص طور تي احتمام ڪيو هوندو، ڇاڪاڻ ته ڪا به صنعت ان وقت تائين حقيقي ترقي نه ٿي ڪري سگھي جيستائين ان جا مزور مطمئن نه هجن.”
    ***

    (سرجيل: 11 سيپٽمبر 2011ع. ڇپيل: روزاني “عبرت” حيدرآباد، 13 مئي 2012ع)


    27. وِڄُون وَسڻ آئِيُون

    سارنگُ سينگاري، وِڄُون وَسَڻَ آئِيون،
    بَـرسِــي ڀَــٽـاري، ڀَــريــا پَــٽَ پُـــــراڻ جــا. (شاهه)

    هِن ڀيري وِڄُون اهڙيون ته وَسيون، جو وڃِي حد ٿِي! هيلَ، سانوَڻ ۾ بادل اهڙا ته برسيا، جو بَس ئي نه پئي ڪَيَنِ. چَوماسي جي برساتن ڄڻ ته پنهنجنِ مندائتن مينهنِ کي پاڻ ئي مات ڏئي ڇڏي. معلوم ئي نه پئي ٿيو ته ايڏا اڻ کُٽ ڪڪر ڪٿان آيا آهن، جي کُٽي نه ٿا کُٽنِ ۽ انهن ڪڪرن ۾ ايڏو پاڻي ڪيئن اچِي مِڙيو آهي، جو وَسي پُورو نه ٿو ٿئي! عجيب غريب خيال پئي ماڻهن جي ذهنن ۾ آيا ويا. مثال طور، ڪٿي ايئن ته ناهي ته سڄي ايشيا کنڊَ جا مينهن اسان جي ڀلاريءَ سنڌ تي اچي ڪَڙڪيا آهن! ڪٿي ايئن ته ناهي، ته اسان کان ڪا اهڙي خطا ٿي آهي، جو برسات ڏمر جي صورت ۾ نازل ٿي آهي! ڪٿي ايئن ته ناهي، ته سُڪار آڻيندڙ برسات، ناشڪريءَ سبب ڏڪار جو مينهن وسائڻ آئي آهي! ڪٿي ايئن ته ناهي، ته برسات، جيڪا رب جي رحمت هوندي آهي، سا اسان جي ڪجھ عملن جي ڪري زحمت بڻجي پئي آهي! يا ماڻهوءَ جي مفادن کي برسات نروار ڪرڻ ته نه آئي آهي، ته جيڪي مفاد پرستيون ماڻهو ٻين ماڻهن سان ڪَن ٿا، تن کي پڌرو ڪجي! جيڪي ڪَچايون عام ماڻهوءَ سان ٺيڪيدار پنهنجي ٺيڪيداريءَ جي آڙ ۾ ڪن ٿا، سي اُگھاڙيون ٿين: کير جو کيرُ ۽ پاڻيءَ جو پاڻي صاف ٿئي! ڪٿي ايئن ته ناهي ته برساتِ ماڻهن سان ٿيندڙ انهن ٺڳين، ويساهه گهاتين ۽ بي واجبين کي پڌرو ڪرڻ آئي آهي جيڪي عام ماڻهوءَ کان لِڪَ ۽ ڇُپ ۾ ڪيون ٿيون وڃن! بهرحال، برسات سهڻيءَ سنڌ کي ٻوڙي وِڌو، برسات ماروئڙن جي مُکن تان مُرڪون ميڙي، لوڙهي وئي. برسات ماڻهن کي بُکون ۽ بيماريون ڏنيون. هاڻِ اسان جو فرض ٿو بڻجي ته پنهنجن ديس واسين جي سارَ لهون، سندن تڪليفن ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيون. اسان جو چڱو عمل ضرور بالضرور سندن تڪليفن کي گھٽائڻ جو ڪارڻ بڻبو، ڇاڪاڻ ته چڱائيءَ جو نتيجو اَوس چڱائي ئي نڪرندو آهي.

    شمـع ٻــاريـنـدي شـب، پـرهه بـاکون ڪڍيون،
    مـوٽُ مــران ٿِـي، مـيـنـڌرا! راڻا ڪارڻِ ربَ،
    تنهنجِي تات طلبَ، ڪانگَ اُڏايم ڪاڪِ جا. (شاهه)

    مُندَ مَٽجي رهي آهي، جيتوڻيڪ اونهاري جي گرمي اڃا ماحول ۾ موجود آهي، پر پوءِ به، اونهاري ڄڻ ته موڪلايو آهي ۽ سرءُ جي آمد ٿِي آهي. هن موسم ۾ رات جي گِهمَ انتهائي خطرناڪ آهي، جنهن کان ضرور بچڻ گھرجي. ان کان سواءِ جيتَ ۽ مڇر پڻ تمام گھڻا پيدا ٿيا آهن، جيڪي بيمارين جو تمام وڏو ذريعو آهن، انهن جو ڪو نه ڪو تدارڪ لازمي آهي. مڇرَ مليريا جو ڪارڻ بڻجن ٿا، جيڪا ماڻهن کي نِسَتو ڪري ڇڏي ٿِي ۽ ماڻهو ڪجھ ڏينهن بيماريءَ جي بستري تي تڪليف سَهي ٿو. ان کان سواءِ سڄو گھرُ پڻ متاثر ٿئي ٿو. ٻئي طرف اوهان ڏسو ٿا ته پنجاب ۾ ڊينگِي مڇر وڏو ڊپُ ۽ حراس پکيڙي ڇڏيو آهي ۽ ڊينگي بخارُ ملڪ الموت بڻجي ننڍن وڏن ماڻهن کان حياتيون کَسي رهيو آهي. نه صرف پنجابَ، پر ڊينگيءَ ته سنڌ ۽ خيبرپختونخوا ڏانهن پڻ رُخ رکيو آهي. سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پڻ ڪيئي ماڻهو ڊينگي بخار ۾ وٺجي ويا آهن ۽ زندگيءَ ۽ موت جي وچ ۾ ڪشمڪش ۾ ڦاٿل آهن. سرءُ جي مندَ لڱن کي پڻ ڄڻ ته سُڪائيندڙ لڳي پئي. ان ڪري ئي سرءُ کي اڻ وڻندڙ موسم ڪوٺيو ويندو آهي، پر ظاهر آهي ته اها موسم اسان کي گذارڻي آهي، ته پوءِ ڇو نه سٺن اپائن سان گذارجي....
    ***
    سـچــل کــي سـيـنـي ۾، سدا آهه صنم،
    ڪونهيس ٻيو ڪم، پٿر جي پُوڄا بنا. (سچل)
    انسان جي سِيني ۾ جا شَيءِ ڌڙڪندي آهي، سا دل آهي. دل اهڙو ته احساساتي عضوو آهي جيڪو ٿورڙيءَ ڳالهه تي به جيءَ اندر جذباتي هِيجان برپا ڪري ڇڏيندو آهي ۽ ماڻهوءَ کي ڏک جي اندرين تَهن ۾ سمايل درد جو احساس ڏياريندو آهي. ان هيجانَ هيٺ ماڻهو نه رڳو بيوس ۽ لاچار بڻجي پوندو آهي، پر سندس دردُ سمنڊن ۾ پکيڙيل پاڻيءَ کان به وڌ بڻجي ويندو آهي ۽ اکين مان اڻ کُٽ آبشار جيان وَهڻ لڳندو آهي. انسان جي اندر کي جنهن ٻئي نالي سان استعاري يا تشبيهي طور سڏيو ويندو آهي، اهو سندس سينو به آهي. سينو ـــ جيڪو رازن جو امين آهي، سينو ـــ جيڪو سنسار کان به وڌ وسعت رکي ٿو، سينو ـــ جنهن جي ڀاڪر ۾ ڀرجي وڃجي ته ڄڻ ماڻهو ستن ڪوٽن ۾ قابو ٿي وڃي.... هاڻ ان سيني ۾، جيڪڏهن صنم موجود هجي، جيڪو محبوب به آهي، ته پٿر به آهي، جيڪو پريتم به آهي، ته بي حس به آهي، ته پوءِ ان سواءِ ٻِي ڪهڙي واٽ ٿي وڃي بچي، ته ان سيني واري صنم ڪَدي ۾ ويٺل صنم جي پوڄا ڪجي! جيئن حضرت سچل سائينءَ مٿئين بيت ۾ به فرمايو آهي، ته ان پٿر جي پوڄا بنا ٻيو ڪو ڪم آهي ئي نه، جيڪو صنم بڻجي سچل جي سيني ۾ ويٺو آهي.
    ***
    هڪڙي دوست ڏاڍي ڀلي ڳالهه چئي. هن چيو ته اڄڪلهه ماڻهوءَ ماڻهوءَ کي موبائيل هٿ ۾ آهي، مطلب ته نوجوانن، جوانن، پَڪن، پوڙهن، مردن، عورتن، ٻارن، ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين کي ڏسو، ته موبائيل سان مصروف لڳا پيا آهن. ڪو ڳالهائي پيو، ڪو ايس ايم ايس پيو ڪري يا پڙهي، ڪو ايم ايم ايس ۾ رڌل آهي، ڪو گانا پيو ٻڌي يا فلم پيو ڏسي، ڪو گيم پيو کيڏي، ته ڪو وري انٽرنيٽ پيو هلائي يا چِٽ چيٽ ۾ لڳو پيو آهي.... مطلب ته جنهن وٽ موبائيل آهي سو هڪ وڏي مصروفيت ۾ سوگھو آهي. هو موبائيل سيٽ ۾ اهڙو ته هٿيڪو آهي جو کيس جاءِ جڳهه جو به خيال نه ٿو رهي. گھر ۾ آهي يا آفيس ۾، اڪيلو آهي يا ميٽنگ ۾ ويٺو آهي، رستي سان پيدل وڃي پيو يا دوستن سان بائيڪ تي يا گاڏيءَ ۾ آهي، وَئن يا ٽرين ۾ آهي يا جهاز ۾، ڏسبو ته هن جون آڱريون ڪِي پئڊ تي ۽ نظرون اسڪرين ۾ کتل آهن. هن جي دنيا ڄڻ ته موبائيل سيٽ ۾ سميٽجي سوڙهي ٿي وئي آهي. پر سوچجي ته ڇا اهو سڀ ڪجھ صحيح آهي؟ ڇا اهو سٺو ٿو لڳي ته آفيس ۾، آفيس جو ڪم ڪار ڪرڻ بدران ماڻهو موبائيل ۾ منهن هنيو ويٺو هجي؟ ڇا اهو سٺو لڳندو ته ماڻهو ميٽنگ ۾ ويٺو هجي ۽ سندس ڌيان ايس ايم ايس پڙهڻ ۾ هجي؟ ڇا رستي سان پيدل ويندي هو ڪنهن حادثي جو شڪار نه ٿو ٿي سگھي، جنهن جي تلافي پوءِ ڪنهن به ريت ممڪن نه هجي؟ ڇا ايڏو وڏو رسڪ کڻي سگھجي ٿو، ته بائيڪ به هلائجي ۽ ڪنڌَ ڦڏي سان موبائيل تي ڳالهائجي به، يا ايس ايم ايس پڙهجي ۽ ڪجي؟ ڇا اسان کي اهڙي مصروفيت آهي جيڪا اسان کي اهڙي ڪم تي مجبور پئي ڪري جو حياتيءَ جو رِسڪ به کڻجي؟ زندگيءَ ۽ وقت کي ايڏو سستو ۽ سولو نه سمجھجي. زندگي ته اڳ به ڀرپور هئي جڏهن موبائيل نه هئي ۽ هاڻ به اهڙي ئي ڀرپور ۽ ڀلي گذري سگھي ٿي جيڪڏهن موبائيل جو ضرورت وارو استعمال ڪريون.

    هڪ راهه پٿر جي آ، هڪ راهه ڪنڊن جي آ،
    جنهن راهه مٿان گذرن، تاريخ ٺهي پوندي. (حفيظ باغي)
    ***

    (سرجيل: 25 سيپٽمبر 2011ع)


    28. ٻولُ مَ وساريج

    پهرِين تون پاريـج، پـارَڻُ پـوءِ پُنـهـونءَ تـي،
    ٻولُ مَ وساريج، هُو جو ڪيوءِ هوتَ سين. (شاهه)

    وچنَ يا قول جي اسان جي سماج توڙي سڄيءَ دنيا ۾ وڏي اهميت آهي. ان کي ٻين لفظن ۾ “زبان” به چيو ويندو آهي. جنهن ماڻهوءَ “زبان” ڏني، ڄڻ اهو وچن ٿي ويو. هاڻ ان جي حيثيت هڪ واعدي واري آهي، جنهن کان ڦرڻ ڪنهن به ريت شانَ ۽ مانَ لائق قدم نه هوندو. زبان جي حيثيت پٿر تي ليڪي مثل به هوندي آهي، جنهن کي مِٽائي ناهي سگھبو، ڀلي ته پٿرُ پاڻ مِٽجي وڃي، پر ليڪي کي مٽائڻ ناهي ڏيڻو. پهرين ان ليڪي مثل ڪيل واعدي کي پارڻو آهي، پوءِ ئي ٻِي ڪا ڳالهه اڳتي سورڻي آهي. پهرين ان زبان جي ڪيل انجام کي پاڻي ڏيڻو آهي، پوءِ ئي ڪا ٻِي سوچ ويچار ڪرڻي آهي، ته ڀلي ڪجي، پر ضروري اهو پڻ هوندو آهي ته اها ٻِي سوچ ويچار زبان جي ڪيل انجام سان ٽۡڪراءَ ۾ نه اچي، نه ته ڳالهه نه ٺهندي ۽ ويڇا وڌندا. اسان کي اهو ٻول ڪنهن به ريت ناهي وسارڻو جيڪو اسان پنهنجي پرين پياري سان ڪيو آهي، اسان کي اهو ٻولُ پُورو ڪرڻو آهي جيڪو پنهنجي هوتَ سان ڪيو آهي. قول، وچن، زبان يا واعدي کي دنيا جي مڙني مذهبن پڻ نمايان مَقام ڏنو ويو آهي. دنيا جي سڀني سماجن ۾ واعدو ڄڻ ته اڻ لکيل قانون جي حيثيت رکي ٿو جنهن جي ڀڃڪڙي هڪ وڏو ڏوهه آهي. اسان کي اهو پڻ پنهنجيءَ حياتيءَ ۾ ڏسڻو پوندو ته اسان جيڪي واعدا، وچن ڪيون ٿا، تن کي ڪيترو نڀايون ٿا....
    ***
    ڪُوڙن تي ڪرمُ ڇـا لـئـه!
    سـچـن تـي ستـمُ ڇـا لـئـــه!
    دل ڪــعـبــو، “وفـا”! ان ۾،
    پـٿـر جــو صــنـــم ڇــا لــئـه! (وفا ناٿن شاهي)

    زماني ۾ عام ماڻهوءَ جي اڪثر ڪري اها شڪايت رهي آهي ته هن دنيا ۾ سچارُ ڏک سهي ٿو، سچو ماڻهو تڪليف مان گذري ٿو، سچ چوڻ واري کي هر ڪو “ڦِٺِ ڦِٺِ” ڪري ٿو، سچُوءَ کي سَو ستم سهڻا پون ٿا. جڏهن ته ٻئي طرف ڪُوڙي ماڻهوءَ کي فائدا ملن ٿا، ڪوڙ هڻندڙ کي ڪا ملامت نه ٿي ٿئي، ڪوڙو ماڻهو ترقيءَ جون منزلون طَي ڪري ٿو، ڪُوڙي ماڻهوءَ کي سماج مٿاهينءَ جڳهه تي ويهاري ٿو ۽ ڪوڙي ماڻهوءَ تي ڪرمَ ڪيا وڃن ٿا، پر اهو سڀ ڪجھ منظر جو هڪڙو پاسو آهي. اهو آئينو جو ٻيو پاسو ڪو نه ٿو ڏيکاري، جنهن ۾ ڏسجي ٿو ته سچار ماڻهوءَ جو شانُ انتهائي اُتم آهي، سچي ماڻهوءَ جي عزت هر ان دل ۾ آهي جيڪا چڱائي چاهيندڙ آهي، سچار کي هر اهو ماڻهو بي انتها پيار ڪري ٿو جنهن جو عام انساني بهتريءَ ۽ ڀلائيءَ ۾ پختو يقين آهي. سچُ ڀلي ته سُوريءَ تي چاڙهيو ويو هجي، پر سچُ سوريءَ تي چڙهڻ باوجود فنا ناهي ٿيو، سچَ ڦاهيءَ تي چڙهي به امرتا ماڻي آهي، سچوءَ جو آواز گھٽجڻ باوجود گھٽيءَ گھٽيءَ ۾ گُونجندو رهيو آهي. سچ کي ڪو به روڪي نه سگھيو آهي، پوءِ ڀلي ته ان جي واٽ ۾ سوين روڙا رکيا ويا هجن. سچ سدا قائم دائم رهيو آهي ۽ سدائين قائم دائم رهندو. ان جو مانُ ڪڏهن به گھٽجڻو ناهي، اهو جيئن پوءِ تيئن وڌ آهي.
    ***
    سامهون جيڪو اجنـبيءَ وانـگر لـڳـو،
    مون کي پنهنجي زندگيءَ وانگر لڳو.
    ڇانـورَن جھــڙا پـريـن! ڇـو ٿــا اوهـيـن،
    ‘جـعـفريءَ’ کي ڌرتـتيءَ وانـگر لڳـو؟ (جواد جعفري)

    زندگيءَ ۾ جن ماڻهن سان اسان جو واسطو پوي ٿو، تن مان ڪي ماڻهو ته رواجي طور اسان سان گڏ گذاريندا آهن، جن جو اسان جي زندگيءَ ۾ توڙي عام وهنوار ۾ هڪ واجبي ڪردار ته هوندو آهي، پر اهو ڪو ايڏو اثرائتو يا اهم ڪردار نه هوندو آهي جيڪو اسان جي زندگيءَ کي ڪي نوان موڙ ڏئي ۽ نين راهن تي گامزن ڪري. ان جي ابتڙ ڪي ماڻهو اسان جي زندگيءَ ۾ اهڙا به هوندا آهن جن کان سواءِ اسان جي زندگي ڄڻ ته اڻپوري هوندي آهي. انهن ماڻهن کان سواءِ اسان جي زندگي پنهنجي مقصد کان وانجھيل محسوس ٿيندي آهي. اهي اهڙا پرين پيارا ماڻهو هوندا آهن جيڪي اسان جي زندگيءَ جون راهون متعين ڪندا آهن. اهي پيارا ماڻهو اسان جي زندگيءَ جِي محبتن جا داستان رقم ڪندا آهن. انهن سندر ماڻهن جي حسناڪيءَ سان اسان جي بي چَسي زندگيءَ ۾ سونهن ۽ سندرتا جا رنگَ ۽ روپ وجود وٺندا آهن ۽ زندگي پيار جا نغما ڳائڻ لڳندي آهي. اهي ماڻهو اسان جي زندگيءَ جو حصو هوندي به، اسان جي مڪمل زندگي هوندا آهن. انهن ماڻهن کان سواءِ اسان جي تقدير ٽٽل ٽٽل ۽ اڻڀي اڻڀي ٿي پوندي آهي. ان زندگيءَ ۾ ڪا خوشبوءِ نه هوندي آهي، جيڪا پيارن ماڻهن کان سواءِ هجي ۽ ان زندگيءَ ۾ ڪا زندگي به نه هوندي آهي، جيڪا محبتي ماڻهن جي ساٿ کان سواءِ هجي. انهن ماڻهن جون محبتون اسان جي زندگيءَ جو معراج هونديون آهن، جنهن سان زندگيءَ ۾ نوان تجلا جنم وٺندا آهن.
    ***

    (سرجيل: 16 آڪٽوبر 2011ع)


    29. اداسي ۾ تنهنجُون چٺيُون آيتن جان

    گذريل ڪجهه سالن کان موبائيل تي ايس ايم ايس ۽ ايم ايم ايس ڪرڻ جو دَور هلي پيو. ماڻهوءَ ماڻهوءَ جي هٿَ ۾ موبائيل آهي. موبائيل تي ڳالهه ٻول پنهنجيءَ جڳهه تي، پر اهو ڏسجڻ ۾ اچي ٿو ته تمام گھڻا ماڻهو ڏينهن ۽ رات جو اڪثر وقت ايس ايم ايس لکندي يا فارورڊ ڪندي گذارن پيا، جنهن جي ڪا خاص اهميت عام طور نظر نه پئي اچي.... مثال طور فارورڊ ڪيل ايس ايم ايسز ۾ اڪثريت لطيفن، شاعريءَ، صبح جي سلامن يا قولن وغيره جي هوندي آهي، جن مان ڪيئي ايس ايم ايس اهڙا هوندا آهن جيڪي هتان کان هُت، هڪ موبائيل کان ٻيءَ موبائيل تائين، پيا ڦرندا آهن. لطيفا عام طور جنسي يا غير اخلاقي هوندا آهن جن ۾ سواءِ وقت جي رواجي گذر جي ڪا ڳالهه ناهي هوندي. ڪي ٿورڙا ئي اهڙا لطيفا هوندا آهن، جو بي اختيار مُرڪ چپن تي تري ايندي آهي. ايس ايم ايس ۾ موڪليل شاعريءَ جي به ڪا خاص چونڊ ناهي ڪئي ويندي. ڏٺو اهو پڻ ويو آهي ته اهڙا ڪيئي ايس ايم ايس پهرين سِٽ پڙهڻ بعد ڊليٽ ڪيا ويندا آهن. ڪي ماڻهو ته اهڙا به آهن جيڪي وڏا وڏا، سڄي جا سڄا غزل فارورڊ ڪندا آهن جيڪي انتهائي بور ڪندڙ هوندا آهن. اهڙي شاعريءَ ۾ مشهور شاعرن کي لوئيو پڻ ويندو آهي ۽ مٿن چِٿر ڪئي ويندي آهي. ويجھڙ ۾ ان جو مثال اردو جو نالي وارو شاعر احمد فراز پڻ بڻيو، جنهن کي پهرين ته وڏي مڃتا ڏني وئي، پر پوءِ هٿراڌو شعر ٺاهي، انهن ۾ فراز جو نالو ٽنبي، کيس بيحد بدنام ڪيو ويو. صبح جي سلامن وارن ايس ايم ايسز ۾ البت هڪ يادگيري جو احساس جاڳندي نظر ايندو آهي يا قولن وارن ايس ايم ايسز ۾ ڪيئي چڱيون ڳالهيون پڙهڻ ۾ اينديون آهن. بهرحال، ان ايس ايم ايس جي سرگرميءَ کي جيڪڏهن وندر سڏجي، ته به ان وندر مان ڪا خاص چڱائي حاصل ڪو نه ٿي ٿئي. ڪي 10 سيڪڙو مس اهڙا ايس ايم ايس ڪيا ٿا وڃن جن ۾ ڪو اطلاع يا ڄاڻ ملي ٿي، نه ته وقت پيو مارجي ۽ پئسو پيو وڃائجي، ٻيو مڙئي خير....
    ***
    سـدا خـوابَ نـيـڻـيـن ٻَـکـيـون بـس پـريـن هِــن،
    اسان پوڄيون تنهنجون اکيون بس پرين هِن.
    اداسـي ۾ تنـهـنـجــون چِـٺـيـــون آيــتــــن جــــان،
    چپن تي چميون ڏئي رکيـون بـس پـريـن هِـن.
    (فياض لطيف)

    اهي محبتي چٺيون، جيڪي آيتن وانگر چمي اکين تي رکبيون هيون، ايس ايم ايس جي اوٿر ۾ الائي ته ڪيڏانهن وڃائجي ويون آهن. اهي خوشبوءِ جھڙا خط جن جو انتظار ڪبو هو، هاڻي لکجن ئي نه ٿا، اهي پرينءَ جا پيغام جيڪي لفافي ۾ ويڙهجي، خوشبوءِ سان واسجي، دل جي در تي دستڪ ڏيندا هئا، جلاوطن ٿي، نه ڄاڻان ڪيڏانهن هليا ويا آهن. اهي هٿ-اکر جن کي ڏسندي نيڻ ٺري پوندا هئا، موبائيل جي ڪِي پئڊ جي مشيني پڻي سبب پس منظر ۾ هليا ويا آهن. بس، ايس ايم ايسز جي ڀرمار آهي، جنهن پنهنجي اختصار ۽ روايتي پڻي جي ڪري خط جهڙي انمول، لاڀائتي ۽ پياري لکڻيءَ کي ماري ڇڏيو آهي. ماڻهوءَ پنهنجيءَ جوڙيل مصروفيت جي بهاني هيٺ پاڻ کي ان انمول خزاني کان محروم ڪري ڇڏيو آهي جيڪو خطن ۾ پوئيل موتين جھڙن لفظن جي صورت ۾ دل ۽ دماغ کي سهڻو بڻائي ڇڏيندو هو. خطَ اهڙي لکڻي هوندا هئا، جن ۾ سادگي به هوندي هئي ته علميت ۽ ادبيت به، خطن ۾ محبت ۽ پريت به هوندي هئي ته شڪوه ۽ شڪايتون به هونديون هيون، پر انهن شڪايتن ۾ پڻ پنهنجائپ هوندي. اهي سڀ شيون اسان وڃائي ڇڏيون آهن، ڇا اسان انهن کي حاصل ڪري سگھون ٿا؟
    ***
    (سرجيل: 30 آڪٽوبر 2011ع)


    30. عزمَ عظيم جون عيدون اينديون

    ڏٺي ڏينهن ٿيامِ، ڪُهُه ڄاڻان ڪهڙا پريـن!
    سَهـسِـيـن سِـڄَ اُلَـهِـي، واجھـائـينــدي وِيـامِ،
    تَنِين سـالَ ٿِـيـامِ، جَـنِـيـن سـاعَـتَ نه سَهــان. (شاهه)

    عيد سعيد جو موقعو اچي پهتو آهي. سعودي عرب سميت ڪيئي اسلامي ملڪن ۾ خير سان اڄ 10 ذوالحج ٿي، جنهن سان عيد به ٿي. سعودي عرب ۾ مسلمانن حج جو فرض ادا ڪيو ۽ قربانيءَ جي شروعات ٿي.... ٻئي طرف اسان وٽ پڻ 9 ذوالحج جو سڄُ اُلَهِي چڪو آهي ۽ 10 ذوالحج جو چنڊ آسمان ۾ نروار آهي. سڄي ملڪ ۾ عيد جي سرگرمي آهي. هڪ پاسي ڪيترن ئي ماڻهن نوان ڪپڙا سبايا آهن، ٻيا انتظار ڪري رهيا آهن، درزي ڏينهن رات لٽا سبڻ ۾ رُڌل آهن، استريءَ وارا استريون تپايون ڪپڙن جا گھنج لاهيندا پيا وڃن، بُوٽن جي دڪانن تي وڏي رش آهي، جنرل اسٽورن تي پڻ اچ وڃ جاري آ، ريشم بزارون مردن، عورتن ۽ ٻارن سان ڀريون پيون آهن، روڊ گاڏين سان سٿجي ويا آهن، هڪڙو وڏو مشيني غنيم آهي جيڪو روڊن تي ڀڄَ ڊُڪ ۾ لڳو پيو آهي، ڄڻ ته ڪو وڏو حملو ڪندو هجي، هر ڪو ٻئي کان اڳ ڪڍڻ، ٻه منٽ بچائڻ ۾ لڳو پيو آ، ڄڻ ته ٻيو پَل ٿيندو ئي ڪو نه ۽ ماڻهو رستي ۾ ئي رهجي ويندا، گھر پهچي نه سگھندا. عجيب عالم آهي، جنهن کي ڏسي اچرج ٿو لڳي. هيءَ عيد جي خوشي آهي يا ڪا نفسا نفسي؟ سامان جي خريداري آهي يا بي چينيءَ ۽ پريشانيءَ جون ريکائون، جيڪي ماڻهن جي مُک تي ڇاپجي ويون آهن. سُڪونُ هِن موقعي تي ته ڄڻ جلاوطن ٿيل ٿو محسوس ٿئي.

    هلڪي هلڪي خاموشيءَ ۾ پِرهه سَمي،
    خوشـبـوءِ جـا گلدان سجــائــي ويــنــدي آ. (ساحر راهو)

    عيد جي موقعي تي عام طور اهو پڻ ڏسڻ ۾ ايندو آهي ته آمدني خرچ جي سرحد پار ڪرڻ کان لاچار لڳندي آهي. ڄڻ ته آمدني اٺ آنا ۽ خرچ رپيو هوندو آهي. ان صورتحال ۾ خاص ڪري غريب ماڻهو ويچارو ڇا ڪري؟ خصوصاً پورهيت ۽ مزدور ته ڦاٿل محسوس ٿيندا آهن. اهي ڪيئن عيد جو ڀلارو ۽ خوشيءَ وارو ڏينهن گذاري سگھندا؟ ڪٿي اهو خوشيءَ جو موقعو هنن لاءِ ارمانن جا انبار ته کڻي نه ايندو؟
    هيءَ عيد قرباني جي آهي. ماڻهو پنهنجي وَس آهر مذهبي فرض طور سنتِ ابراهيمي پوري ڪرڻ چاهيندا آهن، پر ان کان به ڄڻ ته لاچار لڳندا آهن. قربانيءَ جي جانورن جا اَگھ چوٽ چڙهيا پيا آهن. اهي اگھ هاڻ ته هزارن کان به چڙهي لکن ۾ وڃي پهتا آهن. انهن اَگھن سَرنديءَ وارن جا پڻ پگھر وهائي وڌا آهن. اسان جهڙن ٽِين دنيا يا چوٿين دنيا جي ملڪن ۾، نوبت ڄڻ اهڙي ٿي ٿيندي وڃي ته جانورن بدران ماڻهنِ جي قرباني ٿِي رهي هجي. فرق فقط ايترو آ ته ماڻهو ڪُسجي نه ٿو، پر ڄڻ ته ڪُٺو پيو آهي. هُو گھاڻي ۾ پيڙهجي رهيو آهي، پر هن ۾ ڪجھ بچيو ئي ناهي، جو گھاڻي مان ڪو تيل نڪرندي نظر ايندو هجي.... اهو ئي چئي سگھجي ٿو ته اللھ جي آسري تي زندگي گذري پئي، نه ته زندگي گذارڻ کان چڙهي وئي آهي. عيد جو ڏينهن به عام ڏينهن جھڙو بڻجي ويو آهي. اڃا به هي ڏينهن ماڻهوءَ کي، هاريءَ ۽ پورهيت کي، مزور ۽ ريڙهيءَ واري کي بيوسيءَ جي احساس ۾ مبتلا ڪري ٿو ڇڏي. هن ڏينهن تي هُو پاڻ کي لاچار ٿو محسوس ڪري. هو سوچي ٿو ته ان ڏينهن تي ڪيئن پنهنجن ٻارن لاءِ لٽن ڪپڙن ۽ بوٽن وغيره جو انتظام ڪري. هُو نماڻي نگاهه سان آسمان ڏي نهاري ڪنڌ هيٺ ٿو ڪري ڇڏي....

    مايوسين جي ڪُن مان نڪرِي،
    جُنگ - جهاز - اميدون اينديون.
    مــاتـــامـــن جي جُهــڙ مـان اُڀـرِي،
    عزم عظيم جون عيدون اينديون. (استاد بخاري)

    عيد جي چنڊ جو عيدالفطر ته گھڻو ئي انتظار ڪيو ويندو آهي، پر ان جو اوسيئڙو حج جي مهيني ۾ پڻ رهندو آهي. خاص طور ذوالقعد جي 29 تاريخ تي چنڊ ڏسڻ جا سانباها هوندا آهن. ماڻهن جي ڪوشش هوندي آهي ته پهرينءَ جو چنڊ پَسن ۽ ڌڻيءَ در دعا گھرن.... پر پهرينءَ تاريخ جو ٿيندڙ اهو انتظار ڏسي، عاشقن جي دل مان سُور جو سَٽون پيون اُڀرنديون آهن، جڏهن هُو اهو ڏسندا آهن ته سندن محبوب چنڊ جو انتظار ڪري ٿو، ان کي ڏسڻ لاءِ بيتاب رهي ٿو، پر هن کي پنهنجي عاشق جي ڪا پرواهه آهي ئي نه.... اهو احساس حضرت عاشق کي مايوسيءَ جي گڦا ۾ اڇلائي وجھندو آهي. هن جي ته اها خواهش ئي هوندي آهي ته فقط هڪ ڀيرو ئي سهي، سندس محبوب هن جي اداس نيڻن ۾ نهاري، اتي سوين چنڊ اُڀاري ڇڏي. هن جو عاشق جي اکين ۾ نهارڻ، کيس نئين زندگيءَ جِي نويد ڏيڻ جي برابر آهي.

    نيڻن منجھ دريا،
    تنهنجي يادن جا پرين!
    ڪيڏا ديپ ٻريا! (مولا بخش چانڊيو)

    عيد برات جي موقعن تي “عيد مبارڪ” جا ايس ايم ايس پڻ تمام گھڻا موڪليا وڃن ٿا، جيڪي بور ڪندڙ ورجاءَ جو شڪار نظر ايندا آهن. ڀلي ته موبائيل ۾ 100 عيد مبارڪن جا ايس ايم ايس پهتا هجن، پر ڏسبو ته اهي ڪي چئن پنجن قسمن جا مَس هوندا. ان جو نتيجو ڏاڍو خراب نڪتو آهي. مثال طور, هڪ طرف ته انهن هڪجھڙن ايس ايم ايسز “عيد مبارڪن” جي لکيل لفظن کي روايتي پڻي جو شڪار بڻائي ڇڏيو آهي، جو ان ۾ صرف موڪليندڙ جو نالو ٿو ڏسجي ۽ ٻيو اُگرو نتيجو اهو نڪتو آهي ته سهڻن ۽ سنڀالي رکيو ويندڙ عيد ڪارڊن جو انت اچي ويو آهي، جن ۾ ماضيءَ جون يادگيريون سمايل هونديون هيون، مستقبل جي ملنساريءَ جو اظهار ٿيندو هو ۽ هلندڙ وقت يعني حال کي پرتي هوندي به قريبي ملي پوندي هئي. ٽيون اهو ته ايس ايم ايس ڄڻ فارملٽي بڻجي ويو آهي. ڪيئي ماڻهو رڳو ان ڪوشش ۾ هوندا آهن ته موبائيل ۾ سيوِ ٿيل سڀني ماڻهن جي نمبرن تي “عيد مبارڪ” جو ايس ايم ايس وڃي پهچي ۽ بس. اهو پڻ ڏسڻ ۾ آيو آهي، ته هڪ همراهه پنهنجي ڪنهن ڇوڪري کي موبائيل ڏئي چيو ته سڀني ڏي عيد مبارڪ جو ايس ايم ايس موڪلي ڇڏ.... هِي سڀ ڇا آهي؟ ڇو اسان ايڏا روايتي بڻجي ويا آهيون؟ موبائيل جي هيءَ اسان سهولت ٿا حاصل ڪيون يا عيد جي پُرمسرت موقعي تي ڪنهن دوست، عزيز، مٽ مائٽ جي يادگيري کي ٻن اليڪٽرانڪ لفظن ۾ قيد ڪري، جاڏي ڪاڏي پکيڙي ٿا ڇڏيون.... ڇا اهو بهتر ناهي، ته “عيد مبارڪ” کي ڪنهن سٺيءَ طرح پهچائجي، جو واقعي به محسوس ٿئي، ته “ها، مون سچ پچ به ڪنهن کي ياد ڪيو آهي” ۽ جنهن تائين “عيد مبارڪ” پهچي ته اهو به سمجھي ته “ها، کيس سچ پچ ياد ڪيو ويو آهي.”
    عيد ڪارڊَ ڪنهن وقت وڏي وٿ هئا. انهن جي خوبصورتي ڏسڻ وٽان هوندي هئي. وڌ ۾ وڌ سهڻا منظر انهن عيد ڪارڊن تي ڇپيا ويندا هئا. ڪِن ۾ فطرت جي منظرنگاري هوندي هئي، ته ڪن ۾ لازوال پيار سان ڀرپور ۽ ڌڙڪندڙ دليون قرب ونڊيندي نظر اينديون هيون. ڪن ۾ شوخ رنگن جي بي ترتيبيءَ مان به سهڻو سٽاءُ پسڻ ۾ ايندو هو، ته ڪن ۾ ڌِيمن رنگن جي معصوميت لِيئا پائيندي هئي. ڪن ڪارڊن ۾ حسين جڳهن جا فوٽو هوندا هئا، ته ۾ وري گل ۽ گلزاري ڄڻ ته خوشبو پکيڙيندي محسوس ٿيندي هئي. انهن ڪارڊن تي ڇپيل دل ڄڻ ته اسان جِي دل جي ڌڙڪڻ جو آواز ٻڌائيندي هجي.انهن عيد ڪارڊن ۾ لکيل لفظن ۾ سمايل احساس اسان کي پنهنجيءَ دل وٽان ڀانئِبا هئا، ڄڻ ته اهي لفظ اسان لکيا هجن. ڄڻ انهن لفظن جي معنى ۾ اسان جِي دل جو پيار اوتيل هجي. انهن دل کي معطر ڪندڙ خوبصورت عيد ڪارڊن مان ڪنهن هڪ جو انتخاب ڪرڻ وڏو امتحان هوندو هو. اهي عيد ڪارڊ پرينءَ پياري، عزيز قريب، دوست يار، مِٽَ مائٽ کي ملندا هئا، ته سندن نيڻن ۾ سِڪ ۽ پنهنجائپ جو ڳوڙها تري ايندا هئا، دل ڀِڄي پوندي هئي، دُوريءَ جو احساس ڌڙڪڻ کي بي قابو ڪري ڇڏيندو هو ۽ سِڪ ۽ سارَ جي ديوِي دُوريءَ جو درد سهندڙ وجود کي ويڙهي ساڻ هجڻ جي احساس ۾ پوئي ڇڏيندي هئي.
    ايس ايم ايس ۾ لکيل يا فارورڊ ڪيل لفظن انهن احساسن جو انت آڻي ڇڏيو آهي، پوءِ اهي احساس عيد ڪارڊن جي صورت ۾ هجن يا محبتي چٺين جي روپ ۾ آيتن وانگر لکيل هجن. اسان کي، انهن احساسن کي ضرور قائم رکڻو پوندو.

    درد ۾ زنـــده دلــــي پـــيـــدا ڪـــجـــــــي،
    ڪشمڪش ۾ دلڪـشي پـيـدا ڪـجـي.
    پنهنجي دنيا، پنهنجي آزادي، خوشي،
    تـرسـجـي ڇو، خـود وڌي پيـدا ڪـجـي. (استاد بخاري)

    (سرجيل: 6 نومبر 2011ع)


    31. سنڌيت جو روپ ۽ رنگ

    پُـوڄا ڪَر مَ پاڻَ کي، پَـلِ پُـوڄا کان پاڻُ،
    ڄاڻِي ڇڏي ڄاڻُ، پُـــرُ تون پُوربَ پـارَ ڏي. (شاهه)

    گذريل ڪجھ ڏينهنِ کان عام طور تي اسان کي سنڌي ماڻهن ۾ هڪ رنگُ روپ نظر اچي ٿو. اهو روپ ۽ رنگ سنڌيت جو رنگ آهي، ان رنگ ۾ ثقافت جا رنگ سمايل آهن، ان روپ ۾ سنڌي اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپيءَ جا وَنَ آهن. نه صرف ڪراچيءَ کان وٺي ڪشمور تائين، پر انهن ٻين ملڪن ۾ پڻ سنڌي ثقافت جون جھلڪيون نظر آيون پئي جتي سنڌي ماڻهو رهي پيو. ان روپ ۽ رنگ جي ڄڻ ته خوشبوءِ ئي نرالي آهي. اجرڪ جي رنگن ۾ جيڪا انوکائپ سمايل آهي، اها ٻئي ڪنهن اهڙي ڪپڙي ۾ نظر نه ايندي. ان ڪري ئي ته اجرڪ کي سنڌي ثقافت ۾ اهم حيثيت حاصل آهي اهي مخصوص رنگَ ۽ سٽاءَ ئي اجرڪ کي اها اهميت بخشين ٿا جيڪا سنڌي ڪلچر جي نمائندگي ڪري ٿي. ٻئي طرف سنڌي ٽوپ جو به پنهنجو شانُ آهي. سنڌي ٽوپ تي اڳيان محراب جيان جيڪا وٿي ڇڏيل آهي، ان جي پڻ وڏي اهميت ۽ ڪارج آهي. ان سان اسان جو نه صرف مٿو ڍڪيل رهي ٿو پر سنڌي مسلمان کي پڻ نماز پڙهڻ ويل ٽوپ لاهڻ جي گھرج محسوس نه ٿي ٿئي ۽ سجدو نرڙ جو ئي ادا ٿئي ٿو. سنڌي ٽوپ کي پائڻ سان ماڻهوءَ کي مٿي تي هڪ ڍَڪ ته آهي ئي، پر ان سان گڏوگڏ ماڻهوءَ کي اهو احساس پڻ رهي ٿو ته هُو هڪ نرالائپ پڻ رکي ٿو، جيڪا کيس سنڌيت سان ڳنڍي ٿي. جيئن سنڌي لباس ۾ پنهنجي سونهن آهي، اهڙيءَ ريت سنڌي اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپ ۾ پڻ وڏي خوبصورتي آهي.

    رات جـي پـوئــيـــن پـهــر چــنـــڊ جـيــان،
    منهنجي جھوليءَ ۾ جھلي وئي آهين.
    مون تي ڪنهن بند ٿــيــل در وانگــي،
    پــاڻ ئـــي پـــاڻ کُـلـــي وئـــي آهـــيـــــــن. (امداد حسيني)

    سنڌي ثقافت جا اهڃاڻ سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن سان سلهاڙيل آهن. اهي تهذيب اسان وٽ موهين جي دڙي جي روپ ۾ موجود آهي، جنهن کي پنج هزار سالن کان وڌيڪ وقت گذري چڪو آهي. اها ڪا معمولي ڳالهه نه آهي ته اسان سنڌي ماڻهو 5 هزار ساله تهذيب جا وارث آهيون، اسان جون پاڙون ڪي هوا ۾ لٽڪيل نه آهن، پر ان کي پنهنجي ڌرتي، پنهنجي ٻولي ۽ پنهنجون روايتون آهن. ثـقافت مجموعي طور ڪنهن به قوم جي ريتن رسمن، ٻوليءَ، روايتن، اٿا ويٿيءَ، لباس، رهڻيءَ ڪهڻيءَ جي طور طريقن جو نالو آهي. مطلب ته هڪ قوم صدين کان جنهن طرح سان رهي ٿي پئي، ان سڀ ڪجھ جو نالو ثقافت آهي. ثقافت ڪا جامد شَيءِ ناهي. جيڪڏهن اها جامد هجي ها ته ڪڏهوڪر ختم ٿي وڃي ها، پر اها تسلسل سان اڳتي وڌندڙ ۽ پاڻ ۾ تبديليون آڻيندڙ شَيءِ آهي. تنهن هوندي به ثقافت ۾ ڪي قدر پائدار هوندا آهن، جيڪي سدائين ساڳيا رهندڙ هوندا آهن. مثال طور ڪي ريتون ۽ رسمون ساڳيون رهنديون آهن، ته ڪن ۾ ٿوري تبديلي ايندي آهي، ته ڪي مڪمل طور تبديل ٿي وينديون آهن.... ڪنهن به قوم جي ثقافت جو اڀياس انتهائي اهم ۽ وڻندڙ موضوع پڻ آهي. اهو موضوع ڄڻ ته انسانذات جي تاريخ ۽ سماجيات کي سمجھڻ ۾ پڻ مدد ڏيندو آهي. ثقافتي اڀياس سان اسان ان لائق پڻ ٿي سگھندا آهيون ته ان قوم جي مزاج کي سمجھي سگھون. ڪي قومون ويڙهاڪ مزاج رکنديون آهن، ته ڪي قومون وري امن پسنديءَ کي وڌائينديون آهن ۽ سهپ جو مظاهرو ڪنديون آهن. اسان جي سنڌي قوم پڻ امن پسند قوم آهي ۽ سهپ وارو مزاج رکندڙ آهي. اسان وٽ ڪنهن کي ڏکويو ناهي ويندو، پر مهمان نوازي ڪري، خدمت چاڪري ڪئي ويندي آهي. جيڪڏهن دنيا ۾ اهڙا رويا وڌايا وڃڻ ته ٻرندڙ دنيا امن پسند بڻجي سگھي ٿي.

    هڪڙو لفظُ لکِي، ٻيا سڀ ڊاهي ڇـڏ،
    وينديـن پاڻ سِکِـي، اکـرَ عاشقـيءَ جـا. (ادل سومرو)

    سنڌي ٻولي پڻ سنڌي ثقافت جو اهم جزو آهي. سنڌي ٻوليءَ کان سواءِ ڄڻ ته اسان جي ثقافت اڻ پوري ۽ کُٽل کُٽل آهي. جيتري سنڌي ٻولي سهڻي ۽ مٺڙي، اوتري ئي سنڌي ثقافت به سهڻي ۽ مٺڙي. جيترو سنڌي ٻولي ڳالهائڻ ۾ پياري ۽ وڻندڙ، اوترو ئي سنڌي ثقافت به پياري ۽ وڻندڙ. جيترو سنڌي ٻولي وسيع ۽ دل کي ڇُهندڙ، اوترو ئي سنڌي ثقافت به وسيع ۽ دل کي ڇُهندڙ. جيئن جيئن سنڌي ٻولي وڌندي، تيئن تيئن سنڌي ثقافت به وڌندي ۽ ويجھندي. ٻنهي جو هڪ ٻئي سان اڻٽٽ ناتو آهي، ٻئي هڪ ٻئي سان سلهاڙيل آهن، ڪنهن به هڪ جو موتُ، ٻئي جو موتُ هوندو. سنڌي ٻولي جيئندي، ته سنڌي ثقافت به جيئندي. سنڌي ٻولي جي واڌِ، سنڌي ثقافت جي به واڌ آهي. هاڻ اهو سوال پڻ اهم آهي ته سنڌي ٻوليءَ کي اسان ڪيئن وڌائي سگھون ٿا، جو سنڌي ٻوليءَ سان گڏ سنڌي ثقافت به وڌي ۽ ترقي ڪري؟ سڀ کان پهرين ته اسان سنڌي ٻوليءَ ۾ تعليم کي وڌائڻ جا اُپاءَ وٺون، سنڌي ٻوليءَ جو واهپو وڌايون، ان کي مارڪيٽ جو ٻولي به بڻايون، سنڌي ٻوليءَ کي انٽرنيٽ تي گھڻي کان گھڻو وڌايون، سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپجندڙ ڪتابن، اخبارن ۽ رسالن کي خريد ڪري پڙهون ۽ پڙهايون، سنڌي پروگرامن ۽ سرگرمين ۾ شرڪت ڪيون ۽ هر اهو ڪم ڪيون جنهن سان اسان کي ٿورو به محسوس ٿئي ته ان عمل سان سنڌي ٻولي وڌندي. ٻئي طرف اهڙن عملن کان پاسو ڪيون، جيڪي سنڌي ٻوليءَ کي نقصان رَسائيندڙ آهن، ڇو ته ان سان اسان جي ثـقافت کي به نقصان رَسندو. پنهنجي ٻوليءَ، پنهنجي ڌرتيءَ سان پيار ئي قوم جي جيئندان جو اهم جُز آهي، جيڪو اسان کي پنهنجي زندگيءَ جو مستقل حصو بڻائڻو آهي. اسان جي ٻڌي ئي اسان جي ٻوليءَ جي سگھ آهي ۽ اسان جي ٻوليءَ جي سگھ ئي اسان جي قوم ۽ وجود جي سگھ آهي.
    ***
    تمهاري حُسن سي رهتِي هي همڪنار نظر
    تمهارِي يـاد سـي دل هـم ڪـلام رهـتـا هــي
    رهِـي فـراغـتِ هـجـران تـو هـو رهي گا طَي
    تمهارِي چاهه ڪا جـو جـو مقـام رهـتـا هــي. (فيض)

    سال 2011ع کي انجمن ترقي پسند مصنفين پاڪستان، اردو ادب جي مشهور ۽ ترقي پسند شاعر فيض احمد فيض جي صَد ساله تقريبن طور ملهايو پيو وڃي. ان سلسلي ۾ ڪيئي پروگرام ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ۽ ٻين ملڪن ۾ پڻ جنوري 2011ع کان منعقد ڪيا ويا آهن. اڄ 20 نومبر فيض صاحب جي 120 هِين ورسيءَ جو ڏينهن آهي، ته ضروري ٿو محسوس ٿئي ته فيض صاحب جا ڪي شعر اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪريان ۽ سندس ڪي ڳالهيون اوهان سان شيئر ڪريان.

    رات يُون دل ۾ ترِي کوئِي هُوئي ياد آئِي
    جيسي ويراني ۾ چُپڪي سي بهار آجائي
    جيسي صحرائون ۾ هولي سي چلي بادِ نسيم
    جيسي بيمار ڪو بي وجه قرار آجائي. (فيض)

    فيض صاحب جي شاعريءَ جي ڪُليات “نسخه هائي وفا” جي نالي سان ڇپيل آهي، جنهن ۾ سندس هِي 8 ڪتاب شامل آهن: نقشِ فريادِي، دستِ صبا، زندان نامه، دستِ تهِ سنگ، سرِ واديِ سينا، شامِ شهرِ ياران، مري دل مري مسافر ۽ غُبارِ ايام.... فيض صاحب بابت، سندس ڪتاب “زندان نامه” ۾ رُودادِ قفس” جي عنوان هيٺ سابق ميجر محمد اسحاق لکي ٿو ته “فيض صاحب انهن انسانيت نواز روايتن سان تعلق رکي ٿو جيڪي هزارين سالن کان ٻنهي ملڪن (يعني پاڪستان ۽ ڀارت) جي ڌرتيءَ جي سڃاڻ رهيون آهن. هُو انهيءَ سلسلي جي ڪَڙي آهي جنهن کي امير خسروءَ، ڀڳت ڪبير، خواجه معين الدين چشتيءَ، بابا نانڪ، بابا فريد، ابوالفضل، فيضِي، بُلي شاهه، وارث شاهه، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ، رحمان بابا ۽ ٻين انيڪ بزرگن فيض بخشيو آهي.” (نسخه هائي وفا، ص 93-192)

    رات مَهڪِي هُئِي آئي هي ڪَهِين سي پُوڇو
    آج بـکـرائي هُـوي زلـفِ طـرحـدار هـي ڪــون
    ڦِــر درِ دل پــه ڪـوئـي ديـنــي لگــا هي دستڪ
    جانئـي ڦِـر دلِ وحشِـي ڪا طلبگار هي ڪون. (فيض)

    فيض احمد فيض جا ڪي گيت فلمن ۾ پڻ ڳايا ويا. انهن فلمن ۾ “سُک ڪا سپنا”، “قسم اس وقت ڪِي” ۽ “جاگو هُوا سويرا” شامل آهن. فلم “جاگو هوا سويرا” ۾ فلمايل فيض صاحب جو هڪ خوبصورت گيت، اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪريان ٿو:

    اَب ڪيا ديکين راهه تمهارِي
    بِيت چَلِي هي رات
    ڇوڙو
    ڇوڙو غم ڪِي بات
    ٿَم گَئي آنسُو
    ٿَڪ گَئِين اکيان
    گُذر گَئي برسات
    بِيت چلِي هي رات
    ڇوڙو
    ڇوڙو غم ڪِي بات
    ڪَب سي آس لگِي درشن ڪِي
    ڪوئِي نه جاني بات
    ڪوئي نه جاني بات
    بِيت چلِي هي رات
    ڇوڙو غم ڪِي بات
    تُم آئو تو من ۾ اُتري
    ڦُولون ڪِي بارات
    بِيت چلِي هي رات
    اب ڪيا ديکين راهه تمهارِي
    بِيت چلِي هي رات.
    ***

    (سرجيل: 20 نومبر 2011ع)


    32. منهنجي جنگِ يزيدي ڪردار سان آهي

    محرم موٽِي آئيو، موٽيا تان نه امِيرَ،
    مديني جا مِيرَ، ڏاتر! مون ڏيکارِئين. (شاهه)
    نئين هجري سن 1433هه جي شروعات مُحرم الحرام جي مهيني ۽ ڪربلا جي شهيدن جي المئي سان ٿيندي آهي.
    ڏٺو مُحرم مـاهُه، سَنـڪو، شهـزادن ٿِيـو،
    ڄاڻي هڪُ اللھ، پاڻَ وَڻنديُون جو ڪَري. (شاهه)
    شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ “سُر ڪيڏاري” ۾ تاريخِ اسلام جي ان عظيم سانحي جي دردناڪ تصوير چِٽي آهي. ڪيڏاري جي معنى ئي آهي “جنگ جو ميدان”. ان نسبت سان شاهه سائينءَ سر ڪيڏاري ۾ ان جنگ جو داستان چِٽيو آهي، جيڪا هر سال هزارين، لکين بلڪ ڪروڙين مسلمانن ۽ انصافُ چاهيندڙن جِي دل کي چاڪ ڪري وجھندي آهي ۽ ماڻهو پنهنجو غم وساري، حسيني غم ۾ پاڻ وڃائي ويهندا آهن.
    اڄ مِيـر مـومـنـن جـا، مـديـنــو ڇـڏي هـلـيــا،
    مدينو ڇڏي هليا، سي مدينَئُون لڏي هـليـا.
    سِڄُ، چنڊُ، مصطفى ڏي، يَڪدِل گڏي هليا.
    اَنـڌارو ٿــيــو، اُنِ ري، تـــارا لَــــڏي هـــلــيــا. (شاهه)
    *
    محرم موٽِي آئـيـو، مـوٽيـا تـان نه امـامَ،
    مديني جـا ڄام، مولا! مون کي ميڙِئين. (شاهه)
    شاهه لطيف رح جي “رسالي” جو هڪ اهم مرتب ۽ محقق جناب غلام محمد شاهواڻي، پنهنجي مرتب ڪيل شاهه جي رسالي ۾، سر ڪيڏاري بابت لکي ٿو: “هن سُر ۾ شاهه سچ جي راهه ۾ سُور ۽ سختيون سهي، سر فدا ڪرڻ جو سبق امامن جي ڪربلا واري قضئي مان پِرائڻ جي تلقين ڪري ٿو. امامن دنيا تي دين ڪو نه وِڪيو. جيڪڏهن يزيد جي بيعت ڪن ها ته جيڪر وڏا وظيفا ۽ دنيوي سُک ۽ سهنج حاصل ڪن ها. ايئن ڪرڻ سان هنن کي هڪ طرف مانُ ۽ مرتبو ملي ها، ته ٻئي طرف سُورن کان نجات. جيتوڻيڪ کين يقين هو ته يزيد سان پُڄڻ محال آهي، ته به بي سروسامانيءَ جي حالت ۾ حق جي راهه کان نه مُڙيا. نفس سان جنگ جوٽڻ وڏو جهاد آهي، پر جبري حاڪم کي سچ چوڻ انهيءَ کان به وڏو جهاد آهي. سچ تان سرُ صدقي ڪندڙن جا مثال، دنيا جي تاريخ ۾ ٻيا به گھڻائي لڀندا، پر ڪربلا جي واقعي جھڙو رقت آميز حادثو مشڪل ملندو.”
    سـخـتـي شـهــادت جِـي، مِڙوئي ملهارُ،
    ذَرو ناهِه يَزيد کي، اِي عشقَ جو آثارُ،
    ڪُـسَـڻَ جـو قَــرارُ، اصـلِ اِمامـن سين. (شاهه)

    *
    مـيــرَ مــدِيــنِـئــــان نــڪــرِي، آئــيــا نه مــوٽِـي،
    ڪــــارا رَڱـــــجُ ڪــــپـــــڙا، ادا نـــيــــروٽـــــــي!
    آئون تَنِين لاءِ لوٺِي، جي ميرَ مسافرَ رانئِيا. (شاهه)
    جيتوڻيڪ هجري سال جي پهرئين مهيني محرم ۾ جنگ ۽ جھيڙو حرام آهي، تڏهن به يزيد پنهنجي اقتدار کي بحال ۽ برقرار رکڻ لاءِ عبيداللھ ۽ شمر وسيلي، پيغمبرِ اسلام حضرت محمد مصطفى ﷺجي ڏوهٽي ۽ سندس سچن ساٿين سان جنگ جوٽي.
    سختي شهات جي، سُڻ! شاديءَ جو ڏينهن،
    ذرو نـــاهِه يـــزيـــد کــي، نـسـورو ئي نينهن،
    مَـرگُ آهـي مـيـنـهـن، عـليءَ جـي اولاد کـي. (شاهه)
    حق ۽ ڪُوڙ جي جنگ ازل کان هلندي رهي آهي ۽ ابد تائين جاري رهندي. ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته حق کي لبيڪ چوندڙ انيڪ امر انسان هن دنيا ۾ ٿِي گذريا آهن، جن حق ۽ سچ جي واٽ ۾ پنهنجين زندگين جي به پرواهه ناهي ڪئي ۽ پنهنجي حياتي قربان ڪري ڇڏي آهي.
    سختي شهات جي، نِسـورو ئـي نـاز،
    رِندَ پرُوڙِين رازُ، قَضئي ڪربلا جو. (شاهه)
    ٻئي طرف ڪُوڙ ۽ ڪُپت جِي پوئواري ڪندڙ به گھڻائي ماڻهو هن ڌرتيءَ تي ڄاوا آهن جن ڪُڌن ڪمن ۽ ذاتي لالچن هيٺ ٻين انسانن کي ڏکويو آهي، ڌرتيءَ تي بيگناهن جي رت وهائي آهي ۽ پنهنجي اقتدار کي ظلم ۽ ڏاڍ سان ڊيگھ ڏني آهي. پر تاريخ شاهد آهي ته اهڙن ماڻهن کي چڱن لفظن ۾ ياد ناهي ڪيو ويو، کين ڦِٺ ۽ لعنت ئي نصيب ٿي آهي، پوءِ ڀلي ته هنن وقتي طور زندگيءَ جون موج ۽ مستيون ماڻيون هجن.
    ڪــربــلا جــي پِــڙ ۾، خيـمـا کـوڙيـائُون،
    جھيڙو يزيد سامهون، جُنبِي جوڙيائـون،
    مُنهن نه موڙِيائون، پَسي تاءُ تــرارِ جــو. (شاهه)
    ڪربلا جو ميدانُ حق ۽ ناحق جي وچ ۾ فاصلي جو ميدان هو. ڪربلا ۾ بظاهر حقُ جي هار ٿِي، ته به حَق ئي فتح ماڻي ۽ بظاهر ناحقُ کَٽيو، ته به اهو ناڪامياب ٿيو. ايئن ٿيندو آهي. ڪيئي ڀيرا ظاهري ڪاميابي اصل ۾ ناڪامي هوندي آهي ۽ ظاهري ناڪامي اصل ۾ جيت هوندي آهي.
    ڪـــامِـــلَ ڪـــربــــلا ۾، اهـــــل بـــيـــتَ آيـــا،
    مـاري مِصـرِيَـنِ سـيـن، تَـن ڪافـرَ ڪَنـبايـا،
    سچُ ڪِ بِيبِيءَ ڄايا، ههڙا سُورهيه سُپرين. (شاهه)
    سورهيائي اها ئي آهي جيڪا امام حسينؑ ۽ سندس امر ساٿين ڏيکاري. هُو ٿورا هئا ۽ سندن سامهون هزارين، پر فتح ڪنهن جي ٿِي، اهو تاريخ جي ورق ورق ۾ لکيل آهي. ٿورن ماڻهن کي هزارين ماڻهن هڪَ جنگ ۾ ته ماتِ ڏني، پر هزارين ماڻهن کي ٿورڙن ماڻهن تاريخ ۾ اهڙي مات ڏنِي جهڙي ٻِي ڪا مات تاريخ ۾ رَقم ٿيل آهي ئي نه.
    گھــوڙن ۽ گھـوٽـن، جـيـئـڻ ٿـــورا ڏيـنـهــڙا،
    ڪڏهن منجھ ڪوٽن، ڪڏهن واهِي رِڻَ جا. (شاهه)
    *
    ڪاري ڪڪر هيٺِ، مُون جھيڙيندا ڇڏيا،
    ڪــارا ڪُــنــدَ هــٿنِ ۾، اَڙَلَ وَڇيرا هيٺ،
    ٿِـي تَـنـين سين ڏيٺِ، موٽڻُ جَنين ميهڻو. (شاهه)
    حق ۽ ناحق جي، سچ ۽ ڪوڙ جي، امن ۽ جنگ جي اها ويڙهه اڄ به جاري آهي. ان جنگ جي پُڄاڻي نه ڄاڻ ته ڪڏهن ٿيندي! پر ان ويڙهه ۾ حق، سچ ۽ امن جو ڳاٽ سدائين اُوچو رهيو آهي ۽ ناحق، ڪُوڙ ۽ جنگَ جو ڪنڌُ سدا جُهڪيل رهيو آهي. سچ چوندڙ جي اکين ۾ جوت جرڪندي رهي آهي ۽ ڪوڙ ڳالهائيندڙ جون اکيون اکين سان ملائڻ جَهِڙيون ناهن رهيون. سچ چوندڙ جي زبان صدين جي سفر بعد به اڳي کان اڳري رهي آهي ۽ ڪوڙ بَڪندڙ جي زبان لَڙکڙائيندي رهي آهي.
    بهادُرَ گَڏيا بهادُرين، کَڙڳَ کِـلـوِلِ ڪَـن،
    وجَهــن ڌَڙَ ڌَڙن تــي، هــاڪـارِيـنِ هَـڻـنِ،
    ڪِرَن ڪنڌَ نَچَنِ، رڻ گجِيو، راڙو ٿيو. (شاهه)
    جڏهن بهادرَ بهادرن سان ملندا آهن ته انهن جون تلوارون ڪڙڪا ڪنديون آهن ۽ اهي هڪلون ڪندا آهن. انهن جا ڪنڌ ڀلي ته تن کان جدا ٿي وڃن، سِسيون ڌڙ کان ڌار ٿِي وڃن، ته به اهي سُرخرو هونديون آهن ۽ جنگ جي ميدان ۾ گجگوڙون ٿينديون آهن.

    ڪـامـلَ ڪـربـلا ۾، پـاڻَ آيا پيهِي،
    پَهُه ڪيائون پاڻ م، مُقابِلِ ويهِي،
    قضا هِيءَ ڪيهِي، هَئي هَئي! ٿِي حُسينَ سين. (شاهه)
    هن موقعي تي، امام حسينؑ جي قولن مان ڪي چونڊ قول پيش ڪريان ٿو. اميد ته انهن تي غور ۽ فڪر ڪندا:
    * جنهن ڪم جي طاقت نه هجي، ان جو ذمو نه کڻو.
    * جڏهن اوهان سمجھي وڃو ته اوهين حق تي آهيو، ته پوءِ نه جانِ جي پرواهه ڪريو، نه مال جِي.
    * ذلت برداشت ڪرڻ کان، موت بهتر آهي.
    * منهنجي جنگ يزيد سان نه، پر يزيدي ڪردار سان آهي.
    * ظالمن سان گڏ زندگي گذارڻ ڏوهه آهي.
    * جلدبازي بد عقلي آهي ۽ بدترين ڪمزوري پڻ.
    ***

    (سرجيل: 27 نومبر 2011ع. ڇپيل: روزاني “عبرت” حيدرآباد، 4 ڊسمبر 2011ع. عنوان: “ڪربلا سانحو ۽ ڀٽائي جو سُر ڪيڏارو”)


    33. ديس سُتو، دل وارا جاڳيا

    سـاري رات سـتـارا جـاڳـيا،
    ديس سُتو، دل وارا جاڳيا!
    پنهنجي پنهنجي چنڊ جون هر ڪنهن،
    ڳالهيون ڳاتيون،
    جھاتيون پاتيون،
    ٿڪجي نيٺ ٿيا ننڊ هاڻا،
    آئي ننڊ ته روح اُڏاڻا!
    پهچي پار پرينءَ کي هر ڪنهن،
    پل ۾ پاتو،
    ڇاتيءَ لاتو!
    سـاري رات سـتـارا جـاڳـيا،
    ديس سُتو، دل وارا جاڳيا!

    ويهين صديءَ ۾، سنڌي ٻوليءَ کي نوان فڪر ۽ فن جا روپ ۽ رنگ بخشيندڙ، سنڌ جي سدا حيات شاعر شيخ اياز جو هيءُ هڪ خوبصورت گيت آهي. اياز سنڌ جو اهو امر آواز هو، جنهن جي ابتدا صدين بعد ٿيندي آهي، ۽ اهو آواز صدين تائين مسلسل پڙاڏو پيدا ڪندو رهندو آهي. اياز جو آواز ويهين صديءَ جي پوئين اڌ ۾ فضا ۾ ٻُريو ۽ ويهين صديءَ جي پُڄاڻي ٿيندي ٿيندي، 1997ع ۾ سندس وفات تائين، پنهنجي تخليقڪار جي مڪمل سگھ سان گونجندو رهيو. پر تاريخ ان آواز جي پُڄاڻي سندس وفات سان مشروط نه ڪئي هئي. تاريخَ ان آواز جي امرتا کي ايڪيهين صديءَ ۾ هڪ نئون ڦهلاءُ ڏنو آهي. اهو آوازُ هڪ نئين ‘رُوح’ سان، هڪ نئين توانائيءَ سان اُڀريو آهي، تاريخَ جنهن جي ڪَٿ وقت جي حوالي ڪري ڇڏي آهي.

    ڏيـئــا مـنـهـنـجـــيءَ ڏات جــا، ايــــڏو واءُ وَڻــــاءُ!
    توتي ڪنهن به پتنگ جي، پَــرَ نه ڪَيو پڙلاءُ،
    آڌيءَ مـنـجھ اُهــاءُ، پــو بـه اُهــوئِـي ٿـو ڪَرين! (اياز)

    ڪـاتيءَ هـيـٺـان ڪـنـڌُ، پـوءِ به نعرا نينهن جا،
    سنڌڙيءَ جو سَوڳنڌُ، مرنداسين پَر مُرڪندي! (اياز)

    شيخ اياز جي شاعريءَ کي پائندگي ته آهي ئي، جيڪا سندس 40 کن ڇپيل ڪتابن جي صورت ۾ موجود آهي، جن ۾ 2 اردو شاعريءَ جا ڪتاب به آهن، پر سندس سرجيل نثر به لاجواب آهي، جنهن جا پڻ 10 کن ڪتاب ٿي ويندا. انهن ڪتابن ۾ خط به آهن ته ڊائريءَ جا ورق به، ڪهاڻيون به آهن ته جيل ڊائريون به، آتم ڪٿا به آهي ته مضمون، ايڊيٽوريل ۽ سوانحي خاڪا به، مهاڳ به آهن ته تقريرون ۽ انٽرويو به. جڏهن ته سندس اڻ ڇپيل نوٽ بُڪ پڻ لاتعداد آهن، جن ۾ ايئن ئي تارن ڀريون ڪهڪشائون آهن جيئن رات ٽاڻي آسمان ۾ ٽمڪندڙ سَهسِين ستارا.
    آڪـــاسُ نِـــيـــرو، نـــرمـــــل اُجــــــالا!
    ڀَــــر ڀَــــر ڪَـــــلالا، پُـــــورا پـــيـــــالا!
    اڄ ڪلهه ‘اياز’ آ هر گيتُ تنهنجو،
    انــــڌيـــر نــگـــريءَ ۾ ڪــــا جُــــــوالا. (اياز)

    اياز اهو شاعر آهي جنهن جي نثر ۾ شاعري رقص ڪندي نظر اچي ٿي. خاص طور سندس جڳ مشهور ۽ پهريون نثرِي ڪتاب “جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي” هڪ لاثاني ڪتاب آهي، جنهن ۾ سندس ادبي خط ۽ ڊائريءَ جا ڪجھ ورق آهن. ان ڪتاب بابت سنڌ جو نالي وارو اديب ۽ دانشوَر سائين محمد ابراهيم جويو لکي ٿو: “سنڌي ادب ۾ هيءُ ڪتاب پنهنجي نوع جو پهريون ڪتاب آهي. ادبي خط ادب جي هڪ اهڙي پياري صنف آهي، جنهن جي نثر ۾ شعر، شعر ۾ پنهنجائپ ۽ پنهنجائپ ۾ دل جي گهراين جي اپٽار ملي سگھي ٿي ـــــــ بشرطيڪ لکندڙ دلي اخلاص، خالص جذبي، نئين نگاهه ۽ سجاڳ دل جو صاحب هجي.” (مهاڳ: ‘جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي’)
    - ۽ سچ پچ آهي به ايئن ئي. اياز جي انهن خطن جي نثر ۾ شعر ۽ شعر ۾ پنهنجائپ ۽ ان ۾ دل جي گهرائي سمايل آهي. انهن خطن ۾ اياز جي دل جِي درد ڀري ڪٿا آهي، جيڪا سنڌ ڌرتيءَ جي عظمت، سنڌي ماڻهن سان محبت، ماضيءَ جي تناظر ۾ حال ۾ گذرندڙ زندگيءَ ۽ سندس دل لگيءَ جي عڪاسي ڪري ٿي.
    ان ڪتاب جي هڪ خط ۾ اياز لکي ٿو: “نه بابا، مان انسان آهيان. مان مسلمان، هندو، عيسائي، يهودي، آتش پرست، سڀ ڪجھ آهيان ۽ ساڳئي وقت ڪجھ به نه آهيان. مان اروڙ جي صديون پراڻي مٽي آهيان، مان مدن مست آهيان، مان ڪالڪا جي گفا آهيان، جنهن ۾ هڪ نه پر هزارين ديويون آهن، جن کي مون گھڙي ڇلي، سنواري سينگاري، ساري عمر پوڄيو آهي.” ڪير چوندو ته هي نثر آهي!؟ هي ته لفظن جو رقص آهي، جنهن ۾ فڪر جي همه گيريت ۽ تسلسل به آهي ته فن جي انوکي پيشڪش به. شاهه لطيف جي حوالي سان، اياز هڪ ٻئي خط ۾ لکي ٿو: “شاهه جي زندگيءَ تي اُهو تقدس جو غلاف آهي، جنهن کي هٽائڻ ۽ هن جي زندگيءَ کي صحيح روپ ۾ پيش ڪرڻ گناهه سمجھيو ويندو. هر عظيم فنڪار جي جنسي محبت ئي هن جي اسرندڙ فن جو سرچشمو آهي. ڪنهن انسان جي سهڻي سرير جي اَجھل ڇِڪ؛ هن جي ويجھڙائپ جي جھيڻي جھيڻي، مڌ-ڀري آڳ؛ هن جي وڇوڙي جي ڄيري ۾ ڄَر؛ هن جون نماڻيون اکڙيون، ڳوڙها، ڳراٽڙيون؛ هن جا ويڻ، وهه جھڙيون وراڻيون، رسڻ ريجھڻ جون گھڙيون؛ ۽ مجاز جي ٿڌيءَ ٿڌيءَ چانڊوڪيءَ ۾ ڪنهن ازلي حقيقت جو جوالا وانگر اوچتو چٽاءُ؛ رڳ رڳ ۾ آڳ، بيت، وايون، تند تنبورو سڀ آڳ؛ جھنگ جھر، پکي پِسون، ڀِٽون ڀاڻ سڀ آڳ؛ زمين آسمان شعلا، ازلي ابدي شعلا ــــــــ اهو آهي منهنجو شاهه جي زندگيءَ جو تصور!”
    اياز جي انهن خطن ۾، سکر مان لکيل خطن کان سواءِ اهي خط به شامل آهن جيڪي هُن ٽئڪسلا، ڪوهه مريءَ، ڀوربن، سوات، پشاور ۽ سندربن (اوڀر پاڪستان، هاڻ بنگلاديش) مان به لکيا آهن. انهن خطن ۾ هن انهن علائقن جي قدامت جا داستان ٻڌائڻ سميت بهترين منظر نگاري پڻ ڪئي آهي ۽ ننڍي کنڊ جي ادب بابت رايا ڏنا آهن. جڏهن مان ان ڪتاب کي پڙهيو ته مان کي محسوس ٿيو ته انهن خطن مان وڌيڪ فيض ۽ ادبي لطف تڏهن ماڻي سگھبو، جڏهن انهن علائقن جو سير ۽ سفر ڪبو. انهن خيال کي ڌيان ۾ رکي، 2003ع ۾ جڏهن مان لاهور، اسلام آباد (راول پنڊي)، ڪوهه مري، ڀوربن، ايبٽ آباد، ڪاغان وادي ۽ سوات واديءَ جو tour ڪيو هو، ته پاڻ سان گڏ شيخ اياز جو اهو ڪتاب “جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي” ساڻ کنيو ويو هوس، جنهن ۾ هن جا 1960ع ۽ 1961ع ۾ لکيل خط هئا. سچ پچ ته منهنجي سفر ۽ سير کي ڄڻ نواڻ ملي وئي هئي. ڇا ته سفر هو! ڄڻ ته مان سان گڏ همسفر طور شيخ اياز هو، جيڪو مان کي نه صرف فطرت مان لطف اندوز ڪرائي رهيو هو، پر علم ادب ۽ تاريخ جي روشني پڻ ڏيکاري رهيو هو. جيتوڻيڪ منهنجو سفر 42 سال پوءِ هو ۽ ان وچ ۾ گھڻو ڪجھ بدلجي ويو هو، پر گھڻو ڪجھ ساڳيو به هو. مثال طور اياز ڪوهه مريءَ مان لکيل خط ۾ منظر نگاري ڪندي ٻڌائي ٿو: “جڏهن ڊونگا گليءَ وٽ پهتاسين ته جُھڙ ڇانئجي ويو. هيٺ واديءَ ۾ ڪڪر ايئن ٿي لڳا ڄڻ ڪنهن پيڃاري ڪپهه جون پوڻيون ٿي اڏايون. ڪڏهن ڪڏهن اُس ٿي نڪتي، ته چِيل جي پنن مان اس جا تڙڪا پهاڙي ڇِپن تي ايئن ٿي پيا، جيئن ڪنهن پٿر ڪٽيندڙ جابلوءَ جي سخت، سوٽ ۽ ٽامڻيءَ هنيل منهن تي چِٽيءَ جا داغ.” يا سوات واديءَ مان لکي ٿو: “هوٽل مان نڪتاسين ته سامهون پهاڙ نظر آيا، جن جي چوٽيءَ تي شفق ڪنهن اشتعال پسند جي تخيل وانگر ٻري رهي هئي.”
    اياز جي سرجيل هنن خطن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو خوبصورت اظهارِ بيان به سمايل آهي. هُو خط نه ٿو لکي پر ڄڻ سنڌي ٻوليءَ جو اظهار حسين کان حسين تر ٿو بڻائي. شيون هر ڪو ڏسي ٿو، پر جڏهن انهن کي اياز ٿو ڏسي، ته انهن جي خوبصورتي چِٽجڻ ٿي لڳي. هُو لکي ٿو: “سج پهاڙن پٺيان لهي ويو هو؛ گھاٽا ناسي ۽ ڀورا ناسي پهاڙ ڌيري ڌيري اوندهه جي آغوش ۾ اچي رهيا هئا.” يا ٻئي هنڌ لکي ٿو: “ڀوربن نهايت سانتيڪي جاءِ آهي. هتان جي گلن ۽ درختن سان منهنجي دوستي ٿي ويئي آهي ۽ انهن کي ڇڏيندي وڇوڙي جو احساس ٿو ٿئي.” اهو وڇوڙي جو احساس ئي آهي جيڪو فطرت سان محبت کي محسوس ڪرائي ٿو. شاعر جنهن ريت فطرت سان محبت ڪري ٿو، ايئن ٻيو ڪير ڪري سگھندو!
    اياز جي ان بهترين نثري ڪتاب ۾ “نوٽ بُڪ جا ورق” به ڏنل آهي، جن ۾ ادب جو نئون لهجو اوريل آهي، اڃا به چئجي ته نئون لهجو متفرقه رنگن سان ڪئنواس تي چِٽيل آهي. هڪ “ورق” ۾ هُو لکي ٿو: “مون هن جھڙيون سهڻيون اکيون ڪٿي به نه ڏٺيون آهن؛ ڪوهِه ندا جي صدا جھڙيون اکيون، ‘فنا في الوجود’ جھڙيون اکيون، سرمد جي ڪلمي جھڙيون اکيون!” يا ٻئي “ورق” ۾ لکي ٿو: “شبنم آسمان تان ڊوڙندي آئي ۽ اچي نرگس کي چميائين، ۽ هن کان پڇيائين، ‘تون مون کي ڏسي سگھين ٿي؟’ نرگس وراڻيو، ‘مان توکي ڏسي ته نه ٿي سگھان، پر ايترو يقين سان چئي سگھنديس ته تنهنجي محبت پاڪيزه آهي، پايدار نه آهي.’“
    بهرحال، شيخ اياز جو نثر ۾ سرجيل هي ڪتاب “جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي” وري وري پڙهڻ ۽ پُرجھڻ جھڙو ۽ ساهه ۾ سانڍڻ جھڙو آهي.
    اختتام اياز جي ئي هن “ورق” تي:

    ماڪَ گل کي چيو ته “مان تنهنجي لاءِ آسمان تان ڊوڙندي آئي آهيان.”
    گلَ ماڪ کي چيو ته “مان تنهنجي لاءِ زمين چيري نڪتو آهيان.”
    پوءِ ٻيئي هم آغوش ٿي ويا. اها آهي محبت جي اِبتدا.
    ***

    (سرجيل: 25 نومبر 2011ع)


    34. وچن ويڙهيچن سِين

    جـــيــهــــا جــــي تــيـــهــــا، مــــون مــــارُو مـــڃــــيـــا،
    مــون جـيــڏيــون مــلـيــر ۾، چـونـڊن مـوڪَ مِـهـا،
    منهنجي آهَه اِها، ڪڏهن ڪيرائيندي ڪوٽ کي. (شاهه)

    شاهه سائينءَ جي اها سِٽ “جيها جي تيها، مون مارُو مڃيا” ڪيئن نه هانوَ ۾ کُپِي ٿي وڃي. دل ڌڙڪڻ ٿي لڳي انهن لفظن جي تاثير ۾: “جيها جي تيها، جيها جي تيها” جيئن به آهن، جهڙا به آهن، اهڙا ئي، بلڪل ايئن ئي، مون انهن کي پنهنجا مارُو مڃيو آهي. اُهي منهنجا پنهنجا آهن، منهنجا ديس-واسي. مارئي پنهنجِي حيثيت ياد رکي ٿي، پنهنجي ڏيهه کي ياد رکي ٿي. ان سان گڏوگڏ هوءَ اها به اميد رکي ٿي ته سندس آهَه ڪوٽ کي ڪيرائيندي، جنهن ۾ هوءَ قيد آهي.
    هر ماڻهو چاهيندو آهي ته پنهنجن ماروئڙن سان گڏ گذاري، هنن سان کلي خوش ٿئي، ٽهڪ ڏئي، ۽ ڏکن ۾ به ساڻ هجي. مارئي به ته اهو ئي ٿي چاهي، ۽ پنهنجي ان چاهه ۾ هوءَ محل ۽ ماڙيون ٿُـڏي ٿي ڇڏي. هوءَ پنهنجي وطن جي انڪار کان منهن موڙي ٿي ڇاڪاڻ ته کيس پنهنجو ديس ۽ پنهنجا مارُو گھرجن.

    تيلُ نه لائيان تنهنجو، مون مارُوءَ جو منِ،
    ڪـريـان ٻِـي نـه ڪَـنِ، آهَـرَ اُنـهِـيــنءَ آهيان. (شاهه)

    “اَلـســتُ بِـرَبّــڪُــم” جـڏهــن ڪـنِ پيــومِ،
    “قـالو ابَلى” قلب سين، تڏهن تِت چيـومِ،
    تنهين ويرَ ڪيومِ، وَچَنُ ويڙهِيچن سِين. (شاهه)

    ان وچن جي ئي اهميت آهي، جيڪو ڄڻ ته اسان جي پنهنجي اصليت جي نشاندهي ڪري ٿو. لطيف سائينءَ ڪيڏن نه سهڻن ۽ بامعنى لفظن ۾ اسان کي سمجھايو آهي ته جنهن وقت ڪنن ۾ آواز ٿو پوي ته “ڇا مان اوهان جو رب نه آهيان؟” ته ان وقت ئي هڪُ ته اقرار ڪيم ته هائو، تون ئي رب آهين، پر ساڳئي وقت پنهنجن ماروئڙن سان پڻ ساڻ رهڻ، ساٿ ڏيڻ، کين نه ڇڏڻ جو به وچن ڪري ڇڏيو هيم.... هيءَ تمام وڏي ڳالهه آهي جيڪا اسان کي اسان جي رهبر لطيف سائينءَ صفا سولي انداز ۾ سمجھائي آهي، ته پوءِ هاڻ ڪيئن ممڪن آهي ته اسان پنهنجي ان وچن تان هٿ کڻي وڃون! جنهن وچن جو اقرار رب جي اقرار سان سلهاڙيو ويو آهي، ان کي ڪيئن ٿو پٺتي رکي سگھجي. ڇو ته ان ۾ وطن جي انڪار جو فلسفو به اچي ٿو وڃي، جيڪو ڄڻ ته اسان تي تحفي طور ملي ٿو. ان حوالي سان سنڌ جو نالي وارو دانشور سائين محمد ابراهيم جويو چوي ٿو ته “وطن جي انڪار جو فلسفو يا نظريو محڪوم ۽ مظلوم قومن لاءِ هر صورت ۽ هر حالت ۾ تباهيءَ ۽ ذلت جو فلسفو آهي، ۽ اُهو فقط ملڪ جا غدار ۽ ملڪ جا دشمن پيش ڪندا ۽ پکيڙيندا آهن.” (مهاڳ “ڪي جو ٻيجل ٻوليو”)

    مون مـارُوءَ سين لَڌيُـون، لوِئـيءَ ۾ لائُـون،
    سونَ برابر سڳڙا، مون کي ٻانهنِ ٻڌائُون،
    عُمرَ جو آئُون، پَٽُ ڪيئن پهريان سومرا! (شاهه)

    مارئي مڪمل طور پنهنجن ماروئڙن سان محبت جو ڀرپور اظهار آهي. مارئيءَ جو من پنهنجن مارُوئن کان پرتي هوندي به ساڻن سلهاڙيل آهي. هن کي اهي سڳڙا ئي سونُ ٿا لڳن جيڪي هنن سندس ٻانهن تي ٻڌا آهن. مارئيءَ جي من ۾ مقصد چِٽو پَٽو آهي، ۽ اهو مقصد آهي پنهنجن مارُوئن سان لڳاءَ جو. مقصد جي حوالي سان محمد ابراهيم جويو صاحب چوي ٿو: “سچ آهي ته مقصد جي مومل کي، جي ماڻڻو آهي ته ڪاڪ محل کي سَر ڪرڻو ئي پوندو؛ ميهر سان ملڻو آهي ته دهشت ڀرئي درياءَ جي لهرين ۾ لُڙهڻو ئي پوندو؛ پنهنجي پنهل کي پهچڻو آهي ته ڪيچ جا جبل جھاڳڻا ئي پوندا؛ ملير جي مارن سان ملي مَرڪڻو ۽ مَهڪڻو آهي ته عمرَ جي قيد جا ڏيهاڙا ڪاٽڻا ئي پوندا ــــــ

    ڏکَ سکن جي سونهن، گھوريا سُک ڏکن ري،
    جــنِــي جــي ورُونـهـن، سـڄــڻ آيــو مــون ڳَـــري. (شاهه)
    ***

    (سرجيل: 22 جنوري 2012ع)


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 537
    ڪتابن جو مشاهدو: 566189
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 215636
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ