ڪتاب جو نالو: خط خوشبو خواب
مصنف: فياض لطيف
ڇپائيندڙ: ڏاهپ پبليـڪيـشن
ڪيٽيگري: مختلف موضوع
شايع ٿيڻ جو سال: 2010
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 28 مئي 2016 ع
پڙهيو ويو: 1078 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 304 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب سنڌ جي حساس ۽ خوبصورت شاعر ۽ نثر نويس فياض لطيف جي محبوبا، دوستن ۽ اديبن ڏانهن لکيل خطن جو مجموعو آهي.
خطن جي مجموعي وارو هِيءُ منفرد ڪتاب فياض لطيف جي فطرت پسند ذهني سفر جي ڪٿا آهي، جنهن ۾ سندس زندگيءَ جي لڳ ڀڳ پندرهنِ ورهَن جي وارتائن جا انيڪ عڪس پَسي سگهجن ٿا، جن ۾ ڏکن ڀريا ڏکيا پيچرا به آهن، ته سکن سان سلهاڙيل انڊلٺي رنگ به اوتيل آهن.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • • سنڌ سلامت پاران
  • • ارپنا
  • • حساس دل ساڀيا جي ڳولا ۾
  • • موهُه منهنجي من جي مايا
  • • مهاڳ : خوبصورت خوابن جهڙا خط
  • خط

  • • سال 1991
  • • سال 1992
  • • سال 1993
  • • سال 1994
  • • سال 1995
  • • سال 1996
  • • سال 1997
  • • سال 1998
  • • سال 1999
  • • سال 2000ع
  • • سال 2001ع
  • • سال 2002ع
  • • سال 2003ع
  • • سال 2004ع
  • • سال 2005ع

  • • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو جيڪو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ڇويهون ڪتاب خط خوشبو خواب اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب سنڌ جي حساس ۽ خوبصورت شاعر ۽ نثر نويس فياض لطيف جي محبوبا، دوستن ۽ اديبن ڏانهن لکيل خطن جو مجموعو آهي.
    اسين ٿورائتا آهيون پياري دوست رياضت ٻرڙي جا جنهن نه فقط هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏني پر ان سان گڏ هي ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت به ڏني. هي ڪتاب ڏاهپ پبليڪيشن لاڙڪاڻو ڇپائي مارڪيٽ ۾ آندو ويو آهي.
    اوهان سڀني دوستن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين ، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    salamatsindh@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    • ارپنا

    ريشوءَ جي نالي

    مُدت ٿي ڇڏيئي پيالو، ڪٿي آ پاڻ ڪو پيتو،
    نگاهن کي نشا آهن، اوهان جي نينهن جا جانان!

    فياض لطيف


    سدا خوابَ نيڻين ٻَکيون بس پِرين هِن،
    اسان پوڄيون تنهنجون اکيون بس پرين هن.

    اداسي ۾ تنهنجون چٺيون آيتن جان،
    چپن تي چميون ڏئي رکيون بس پرين هن.


    • حساس دل ساڀيا جي ڳولا ۾

    سنڌ جي نالي وارن اديبن ۾ فياض لطيف جي سُڃاڻَ هڪ سٺي سرجڻهار ۽ سنڌيڪار طور گذريل ڪيتري ئي وقت کان آهي، خاص ڪري معروف مفڪر رجنيش اوشو جي ٻن ڪتابن ”خدا، زندگي، محبت ۽ موت“، ”اوشو جي آتم ڪهاڻي“ ۽ نالي وارِي صحافڻ اوريانا فلاشي جي مشهور ناول ”اڻ ڄاول ٻار ڏانهن خط“ جو ترجمو، فياض لطيف جي ذهني لاڙن جي عڪاسي ڪن ٿا، جن ۾ هُو سنڌي پڙهندڙن کي اهڙين منتخب ادبي تخليقن سان، پنهنجي خوبصورت ادبي ٻوليءَ وسيلي، واقفيت ڪرائي ٿو جن جي دنيا جي سطح تي هڪ ناماچاري آهي. فياض لطيف هڪ حساس شاعر ۽ وڻندڙ اندازِ تحرير رکندڙ نثرنويس به آهي، جنهن جي سُڌ سندس ڪوتا-ڪتاب ”چنڊُ ڪڪر جي اوٽ“، سندس لکيل مختلف ڪتابن جي مهاڳن، تحقيقي مقالن ۽ موجوده نثري ڳُٽڪي ”خط، خوشبو، خواب“ مان چڱيءَ پر پوي ٿي.

    ”خـط، خوشبو، خواب“ جي حسناڪ نالي سان، خطن جي مجموعي وارو هِيءُ منفرد ڪتاب فياض لطيف جي فطرت پسند ذهني سفر جي ڪٿا آهي، جنهن ۾ سندس زندگيءَ جي لڳ ڀڳ پندرهنِ ورهَن جي وارتائن جا انيڪ عڪس پَسي سگهجن ٿا، جن ۾ ڏکن ڀريا ڏکيا پيچرا به آهن، ته سکن سان سلهاڙيل انڊلٺي رنگ به اوتيل آهن. هي خطَ، خوشبوءِ جهڙا خواب رکندڙ آهن، جيڪي فياض لطيف جي جيوَن سان ويجهو ۽ گهرو تعلق رکندڙ سندس پريتم، ذاتي ۽ اديب دوستن ڏانهن لکيل آهن. هنن خطن ۾ هڪ حساس دل، ساڀيا جي ڳولا ۾ حسين ڪائنات کي درد ڀري نظر سان نِهاري رهي آهي، جيڪا زندگيءَ جي سونهن کي پنهنجي انمول ڇهاءَ سان نه فقط پاڻ محسوس ڪرڻ چاهي ٿي، پر پنهنجي پريتم ۽ دوستن کي به اهڙي اتساهه ۾ آڻڻ گهري ٿي، جنهن ۾ ”مِي رقصم“ جي ڪيفيت سمايل هجي.

    ”ڏاهپ پبليڪيشن“ اٿاهه خوشيءَ سان فياض لطيف جو هيءُ ڪتاب اوهان سڄڻن جي خدمت ۾ پيش ڪري رهي آهي، جيڪو اسان کي اميد آهي ته بيحد شوق سان پڙهيو ويندو.

    ساٿ سلامت،

    رياضت ٻرڙو
    ڏاهپ پبليڪيشن،لاڙڪاڻو
    7533011 0333 Mob #


    • موهُه منهنجي من جي مايا

    لکڻ منهنجو عشق آهي، عشق منهنجي عبادت ۽ عبادت منهنجو آنند ۽ آجپو...
    ازل کان آدمي پنهنجي فڪري وجود ۾ ويڳاڻو، هيڪل وياڪل رهڻ کان علاوه فطري طور پنهنجي جيءَ ۾ انيڪ خيالن، خوابن ۽ خواهشن جون خوبصورتيون به رکي ٿو، انهيءَ ڪري جيون ۾ هُن کي اندر جي اظهار لاءِ ڪو نه ڪو ذريعو ضرور درڪار رهيو آهي. مصوري، سنگتراشي، رقص، راڳ، شاعري ۽ تخليقي اظهار سان لاڳاپيل فنونِ لطيفه جا ٻيا کوڙ ذريعا ان حوالي سان انسان جو وڏو آٿت رهيا آهن.
    جيڪي ماڻهو لکي نه سگهندا آهن، پنهنجن جذبن ۽ احساسن، محرومين ۽ مجبورين، روح جي روڳن ۽ من جي زخمن کي اوري نه سگهندا آهن، اُهي روئندا آهن. تنهائي جي تار درياءَ ۾ ٻُڏندا اُپڙندا آهن ۽ لڙڪن سان وجود جو وضو ساري پريت جي نماز پڙهندا آهن. جيڪي روئي نه سگهندا آهن، اُهي رُلندا ۽ ڀِٽڪندا آهن، جيءَ ۾ جلاوطن ٿي ويندا آهن. اندر جي بي چينين ۽ خانه بدوشين کي رستن ۽ راهن ۾ رولي بي قرار روح جي راحت تلاشيندا آهن. جيڪي رُلي نه سگهندا آهن، اُهي دل جي ڪليسا جهڙي ڪُنڊ ۾ پاڻ وڃائي پرين پائڻ جي جستجو ڪندا آهن، پر جن کي اها من جي مايا به ملي نه سگهندي آهي، اُهي ماڻڪ، ماياڪوفسڪي ۽ وان گوگ جيان خودڪشي ڪري ڇڏيندا آهن...!
    ڪا به تحرير ۽ تخليق، سرجڻهار جي وجود جو آئينو ۽ عڪس ٿيندي آهي. منهنجا هي مختلف وقتن ۽ ڪيفيتن ۾ مختلف پرين پيارن کي لکيل خط منهنجي آتم ڪهاڻي جو اهم حصو آهن، جن ۾ منهنجا لڙڪ به آهن، ته نيڻن جون ننڊون ۽ اوجاڳا به، جن ۾ محبت جون حُسناڪيون ۽ حاصلاتون به آهن، ته ڦوڙائي ۽ فراق جا وڍ ۽ ورلاپ به. ادب ۽ آجپي جا فڪري بحث به آهن، ته اندر جي سُندر جَهان ۾ جهاتڙيون به. يادگيرين جا ريشمي رنگ به آهن، ته محبوبن سان ملاقاتن جا کيپ ۽ خمار به... ۽ اُهي منهنجن احساسن ۽ آرزوئن جون ساريون سندرتائون ۽ سڳنڌون اوهان پڙهندڙن جي دل جي دوار تي ڪهڙي طرح ۽ ڪيئن ٿيون دستڪ ڏين، ان جي سُڌِ ته تڏهن پوندي، جڏهن اوهان انهن کي پڙهي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندا ۽ اوهان جي راءِ سچ ته مون لاءِ انتهائي مانائتي آهي.
    آخر ۾، احسان دانش؛ جنهن هن خطن جي ڳٽڪي جو خوبصورت مهاڳ لکيو ۽ ٽائيٽل ٺاهيو ۽ رياضت ٻرڙو؛ جنهن جي محنتن ۽ محبتن سان هي ڪتاب اوهان جي هٿن تائين پهتو آهي، جون مهربانيون، جن هر قدم تي پنهنجي محبت ۽ پنهنجائپ پئي آڇي آهي.

    فياض لطيف
    16-سيپٽمبر2009ع، لاڙڪاڻو
    3413275 0300 Mob #


    • مهاڳ : خوبصورت خوابن جهڙا خط

    لفظ جب تک وضو نہیں کرتے
    ہم تیری گفتگو نہیں کرتے

    فياض لطيف جي ڪتاب جو مهاڳ لکڻ مون لاءِ ڪيترو مشڪل ۽ محال آهي، ان جو اندازو شايد ڪنهن کي به نه هجي. ڇا لاءِ ته، فياض ٻين لاءِ ڀلي ڪو معمو يا راز هجي، پر منهنجي اڳيان کليل ڪتاب وانگر آهي. مون سندس جيون ڪتاب جو ورق ورق اٿلايو آهي. مان ساڻس گڏ ٽهڪ به ڏنا آهن ۽ سندس نير به اگهيا آهن. مان سندس پيار جي ساگر کي ڪناري تان بيهي ناهي ماپيو، مان ان ۾ پيهي ڏٺو آهي، منجهس پيهي پاڻ کي ڦوليو آهي ۽ ائين ڪندي جڏهن به پارِ پڳو آهيان، ڀٽائيءَ جو بيت منهنجي ڪنن ۾ ٻُريو آهي:
    پيهي جان پاڻ ۾، ڪيم روح رهاڻ،
    نه ڪو ڏنگر ڏيهه ۾، نه ڪا ڪيچن ڪاڻ،
    پنهون ٿيس پاڻ، سسئي تان سور هئا.

    هن مهاڳ ۾ مون کي ٻه ٽي لفظ فياض جي انهن خطن جي باري ۾ لکڻا آهن، جيڪي هن پنهنجي خونِ جگر سان تحرير ڪيا آهن ۽ جن ۾ هن جي فڪر جي اڏام اوچي آهي. سنڌي ادب ۾ خطن جي هن مجموعي جو ڪهڙو مقام هوندو ۽ ڇا اهي سنڌي ساهت ۾ ڪو جدت جو جهان جوڙيندا؟ انهن سوالن جا جواب آءٌ ضرور پيش ڪندس، پر ان کان اڳ ۾ خط ۽ خاص طور ادبي خط جي اهميت ۽ افاديت جي باري ۾ ٻه چار ڳالهيون ضرور ڪرڻ چاهيان ٿو.
    ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته دنيا ڪافي تيز رفتاريءَ سان مادي ترقي ڪري رهي آهي. اها الڳ ڳالهه آهي ته ان ڇوهي رفتار ۾ ڪيتريون ئي خوبصورت روايتون ۽ تهذيبي سونهن داغدار ٿي آهي، پر تنهن جي باوجود ڪن حسين روايتن کي جدت جو ڇوهو طوفان به ڇُهي نه سگهيو آهي. خط نويسي پڻ هڪ اهڙي ئي بهترين روايت آهي، جيڪا اڄ به پنهنجي سمورين سندرتائن سان زندهه آهي. ڪميونيڪيشن جي جديد ترين سولن ۽ سستن ذريعن اي-ميل ۽ ايس. ايم. ايس جي موجودگيءَ باوجود اڄ تائين خط پنهنجي روايتي تازگي ۽ احساسن جي انوکي خوشبوءِ سميت پنهنجي اهميت قائم رکيو پيو اچي. خط هونءَ ته ٻن روحن جي وچ ۾ رابطي جو هڪ وسيلو آهن، پر حقيقت ۾ اهي تاريخ جا سچا دستاويز آهن جيڪي دل جي رحل تي رکي پڙهڻ جي قابل هوندا آهن. خطن ۾ نه رڳو فرد جي انفرادي حالتن، ڳجهه ڳوهه، نفسياتي مونجهارن ۽ زندگيءَ جي ٻين مامرن جي پروڙ پوندي آهي، پر پنهنجي دؤر جي اجتمائي سماجي حالتن سمجهڻ ۾ به مدد ملندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو ڪي خط وڃايل تاريخ جون اهم ڪڙيون ثابت ٿيندا آهن.
    خط نويسي جي تاريخ ڪافي پراڻي آهي. ايترو ضرور آهي ته جتي ادب جي ٻين نثري ۽ نظمي صنفن کي اهميت ملي، اتي خط جي علمي ۽ ادبي حيثيت کي گهڻو دير سان اجاگر ڪيو ويو. جڏهن خط کي باضابطا طور تي هڪ ادبي صنف طور قبول ڪيو ويو ۽ عالمن، اديبن، ڏاهن ۽ فيلسوفن جا خط عالم آشڪار ٿيا ته دنيا جون اکيون کلي ويون. تاريخ جي تهه خاني ۾ دفن ٿيل اهڙا خط جن جي اکرن ۾ اتهاس جا عڪس نظر اچن ٿا، انهن کي پڙهي دنيا خط نويسيءَ جي اهميت ۽ افاديت سمجهي سگهي ٿي. مصر جي احرامن مان لڌل پٿر جي سِرن تي اڪريل اکرن سان جيڪي خط لکيل آهن، اهي ان دؤر جي تهذيب، تمدن ۽ تاريخ جا کليل داستان آهن، پر اڃا به ڪن مها پُرشن جا پتر نه ڄاڻ ڪهڙن گمنامي جي گوشن ۾ غرق آهن!
    خط بنيادي طور ماڻهوءَ جي جذبن، احساسن، امنگن ۽ اندر جي اڌمن جي اظهار جو هڪ خوبصورت ذريعو آهي، جن جي وسيلي ماڻهو پنهنجي ڪنهن هم راز، دوست يا عزيز سان دلي طرح پنهنجي اندر جو احوال اوري سگهي ٿو، ان ڪري خط کي جيڪڏهن فرد جي ذات جو پوتامل يا آتم ڪهاڻيءَ جو ڪجهه حصو چئجي، ته به غلط نه ٿيندو. خط بنيادي طور تي هڪ ڳجهو احوال آهي، جنهن ۾ ماڻهو اڪثر هڪ ٻئي سان ذاتي ڳالهيون، معاملا ۽ مسئلا شيئر ڪري ٿو، تنهنڪري ڪنهن جي خط کي بنا اجازت کولي پڙهڻ غير اخلاقي حرڪت سمجهيو ويندو آهي، پر ڪجهه خط ان ڳجهه جي ڳنڍ کان آزاد هوندا آهن ۽ هر ڪنهن کي پڙهائي سگهبا آهن. ان قسم جي خطن کي خالص علمي ۽ ادبي خط سڏيو ويندو آهي. اهڙا خط ڪنهن به ادبي صنف جهڙوڪ ناول، ڪهاڻي، مضمون ۽ شاعري وغيره سان برميچڻ جي قابل هوندا آهن. دنيا جي ادبي تاريخ اهڙن منفرد ادبي خطن سان ڀري پئي آهي.
    پرڏيهي ادب ۾ جن ليکڪن جو چؤڏس چوٻول آهي ۽ جن جا خط سندن آتم ڪٿائن جي ورقن جي دز دُور ڪن ٿا، تن ۾ ڪيٽس، جيمس جوائس، ورجينا وولف، ايوان ترگنيف، ورڊس ورٿ، ٽالسٽاءِ، گورڪي، فرانز ڪافڪا، خليل جبران، لارڊ بائرن، آسڪر وائيلڊ، وينسٽ وان گوگ، پشڪن، مائيڪل اينجلو، پال گاگن، مارڪس سسرو، هينري جيمس، جـواهـر لعـل نـهـرو، مهـاتمـا گانـڌي، امـرتـا پريتم ۽ ٻيا ڪيترائي نالا شامل آهن.
    ادب ۽ فن جي شهسوارن مان مائيڪل اينجلو کي دنيا هڪ عظيم آرٽسٽ طور سڃاڻي، پر جڏهن هن جا لکيل خط منظرِ عام تي آيا، ته سندس ڳنڀير شخصيت جا ڪيئي راز کُلي دنيا جي سامهون آيا. هو هڪ عظيم مصور هوندي پاڻ کي هڪ بت تراش سڏائيندي فخر ڪري ٿو. بيشڪ هن جي آڱرين عظيم تخليقن کي جنم ڏنو، پر هن جي اندر جي ڪائنات جا ڳجهه سندس خطن کوليا. فرانز ڪافڪا دنيا جي ادب جو هڪ بي حد وڏو نالو، پر ان نانءَ جي پٺيان هڪ طويل درد-ڪهاڻي. هُو جنهن ذهني ڪشمڪش، ويڳاڻپ، بي سڪونيءَ ۽ اوجاڳي جو شڪار رهيو، تنهن ادب جي هڪ نئين رجحان کي جنم ڏنو. هن پنهنجي ناول ڪيسل ۾ فرد جي پيڙا کي شدت سان محسوس ڪرايو آهي. ڪافڪا ادب ۾ داخليت ۽ وجوديت جو وڏو ليکڪ آهي. هن جا خط پڻ ادب جي دنيا ۾ وڏي اهميت رکن ٿا. سندس خطن جو مجموعو “Letters to friends, family & editors” ۾ فيلائس ڏي لکيل يادگار خط به شامل آهن. ائين وري ميلينا ڏي موڪليل پريم پتر به ڇپيل آهن. ڪافڪا جو هڪ سؤ صفحن وارو خط، جيڪو هن پنهنجي والد ڏانهن لکيو هو، سندس يادگار ۽ اهم خطن مان هڪ آهي. انهن خطن مان ڪافڪا جي ڏات جي پيڙا، ذهني عذاب، وياڪلتا ۽ زندگيءَ بابت نظريي جي پروڙ پوي ٿي.
    آسڪر وائيلڊ دنيا جي ڏاهن اديبن مان هڪ سمجهيو وڃي ٿو. هُو انگريزي زبان جو هڪ عظيم ڊراما نگار هو. هن جي طرز تحرير رڳو لنڊن ۾ ئي نه پر پوري دنيا ۾ کيس شهرت جي بلندين تي پهچايو. اڻويهين صديءَ جي پوئين ڏهاڪي ۾ هن ادب جي ميدان ۾ وڏيون ڪاميابيون ماڻيون، پر هن جي زندگيءَ جي دامن تي اوچتو هڪ بدناميءَ جو وڏو داغ لڳو، جنهن کيس ڌوڏي وڌو. ان بدناميءَ جو بنياد الفريڊ ڊگلس جي نالي لکيل اهو خط هيو، جيڪو بعد ۾ گلاب جي پنکڙين جهڙا ڳاڙها چپ جي حوالي سان مشهور ٿيو. بعد ۾، وائيلڊ تي هڪ نوجوان سان غير فطري لاڳاپن جو الزام لڳو، جنهن نه رڳو سندس شهرت کي ڪاپاري ڌڪ هنيو، پر کيس ڪورٽ جي ڪٽهڙي ۽ پوءِ جيل جي سلاخن پويان اچي بيهاريو. ”ريڊنگ جيل“ ۾ هن اذيت ۽ پيڙا جي لمحن مان گذرندي، وري هڪ طويل خط الفريڊ ڊگلس ڏانهن لکيو، جيڪو اٽڪل 150 صفحن جو هيو ۽ اهو خط گهري سڃاڻ جي نالي سان مشهور ٿيو. “Selected letters of Oscar Wild” ۾ ان تاريخي خط جو ڪجهه حصو شايع ٿيو، جنهن ۾ هن قيد بامشقت جي سزا، جيل جي گهٽيل ماحول/ذهني اذيت ۽ ڀوڳنا کي پنهنجي لفظن ۾ آندو آهي ۽ ڊگلس کي ان رسوائيءَ ۽ بي جرم سزا جو ڪارڻ ڄاڻايو آهي. هي خط آسڪر وائيلڊ جي زندگيءَ جي تلخ ڏينهنِ تي چِٽي روشني وجهي ٿو. ان ۾ شڪ ناهي ته اهو خط ادبي دنيا جو هڪ شاهپارو آهي.
    اهڙيءَ طرح ونسنٽ وان گوگ، ڪيٽس، ورجينا وولف ۽ ايوان ترگنيف جا لکيل خط سندن زندگيءَ جي رازن، رمزن ۽ سندن تخليقي سفر جي پيچيدگين کان ڀلي ڀت آگاهه ڪن ٿا. لبنان جي عظيم فلسفي ۽ ليکڪ خليل جبران جا ميري هيڪل ۽ مي زيده ڏانهن لکيل خط جڏهن منظر عام تي آيا ته هڪ وڏي مصنف ۽ چترڪار جو بنهه نئون رخ دنيا جي اڳيان پڌرو ٿيو. ساڳيءَ ريت لارڊ بائرن جي آتم ڪٿا سندس لکيل خطن کان سواءِ اڌوري ۽ اڻ پوري آهي.
    مختصر ائين چئجي ته فڪر ۽ فن جي دنيا ۾ خطن کي نهايت اهم حيثيت حاصل آهي. جڏهن اسين ننڍي کنڊ ۾ مڪتوب نگاريءَ جي تاريخ تي نظر وجهون ٿا ته ان حوالي سان مرزا غالب جو نانءُ سڀ کان مٿاهون نظر اچي ٿو. حقيقت ۾ غالب پنهنجي شاعريءَ ۾ جيترو مشڪل پسند آهي، پنهنجن خطن ۾ وري ايترو ئي سهل پسند. خطن ۾ هن جو اسلوب سادو، ڪنهن به تڪلف کان آجو ۽ گفتگو مڪالمي واري انداز جي آهي. غالب جا اهي خط سندس زندگيءَ ۾ جهاتي پائڻ ۾ وڏي مدد ڏين ٿا.
    اردو زبان جي مشهور ۽ ٻوليءَ جي لحاظ کان مشڪل ترين داستان فسانه عجائب جي ليکڪ رجب علي بيگ سرور جا خط جڏهن انشائه سرور جي نالي سان شايع ٿيا، ته موضوعي لحاظ کان انهن خطن هڪ نئون جهان جوڙيو، پر انهن ۾ بيگ جو اندازِ تحرير ساڳيو ئي دقيق، هم معنى لفظن، مشڪل اصطلاحن ۽ قافيه پيمائيءَ سان جنجهيل نظر آيو. جڏهن ته کانئس پوءِ سر سيد احمد خان جي مڪتوب نگاريءَ ۾ جيڪا سلاست، سادگي ۽ بي ساختگي آهي، اها کيس وڃي غالب جي هم پلئه بيهاري ٿي. هن جي اڪثر طويل خطن ۾ علمي، ادبي، سياسي، سماجي ۽ مذهبي موضوعن تي کليل اظهارِ خيال نظر اچي ٿو. ڪتاب مڪتوباتِ سر سيد سندس زندگيءَ ۽ نظرين جو آئينو آهي. انهي دوران واجد علي شاهه، ميرامن ۽ ڊپٽي نذير احمد جا خط اردو زبان ۾ پنهنجي اسلوب بيان جي لحاظ کان اهميت جوڳا آهن. مرات العروس ۽ ابن الوقت جهڙا ناول لکي شهرت ماڻيندڙ ليکڪ ڊپٽي نذير جا اهي خط، جيڪي هن پنهنجي پٽ بشير ڏي لکيا، تن ۾ هُو هڪ شفيق پيءُ ۽ رهبر جو ڪردار نڀائيندي نظر اچي ٿو. اهي خط جيڪي بعد ۾ موعظئه حسنه جي نالي سان شايع ٿيا، تن ۾ به سندس ناولن وانگر ناصحاڻو انداز گهڻو نظر اچي ٿو. حقيقت ۾ انهن خطن ۾ هر دؤر جي نئين نسل لاءِ پيغام آهي. ساڳي دؤر ۾ مرزا غالب جي شاگرد الطاف حسين حالي، جنهن مسدس حالي ۽ مقدمهء شعر و شاعري جهڙا ڪتاب لکي اردو ادب ۾ پنهنجو نانءُ نروار ڪيو، ان جي خط نويسيءَ ۾ وري هڪ عجيب شائستگي ۽ سادگي جهلڪندي نظر اچي ٿي. هو پنهنجن خطن ۾ گهمنڊ ۽ غرور بجاءِ عجز ۽ انڪساريءَ جو دامن جهليو بيٺو آهي. سندس خط مڪاتيب حالي جي نالي سان شايع ٿيل آهن. علامه شبلي نعماني جي خطن ۾ وري غالب واري شگفتگي ۽ بي تڪلفي نظر اچي ٿي. هن جي اڪثر خطن ۾ پردو، عورتن جي تعليم ۽ موسيقي موضوع بڻيل آهن. مختصر نويسي هن جي خطن جي خاص خوبي آهي.
    اردو ۾ شايع ٿيل علمي ۽ ادبي خطن مان جن ليکڪن جي خطن کي قدر جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو، تن مان مولانا ابوالڪلام آزاد جو نالو نهايت اهميت جوڳو آهي، جنهن جي خطن جي مجموعي غبارِ خاطر مقبوليت جو معراج ماڻيو، جن مان اڪثر هن جيل جي سلاخن پويان ويهي لکيا. انهن خطن ۾ هن قيد تنهائي ۽ اندر جي خلوت کي محسوس ڪندي خود ڪلاميءَ جي انداز ۾ جيڪي رنگ ڀريا آهن، تن جو جواب نه آهي. آزاد جا اهي خط جن ۾ خاص طور فارسي ۽ اردو شعرن جي خوبصورت آميزش آهي، انهن کي چار چنڊ لڳائي ٿي ۽ اهي اردو ادب جو سرمايو آهن.
    اردو ادب ۾ قديم کان جديد دؤر تائين ادبي خطن جا سوين مجموعا شايع ٿي چڪا آهن. مڪتوب نگاري جي حوالي سان اردو ادب وڏي حد تائين شاهوڪار آهي. اردو جي مڪتوب نگارن ۾ مٿين کان سواءِ محمد حسين آزاد، مولانا عبدالباري فرنگي محلي، اڪبر الهه آبادي، خواجه حسن نظامي، مولانا محمد علي جوهر، مولانا حسرت موهاني، بهادر يار جنگ، شوق قدوائي، سيد سليمان ندوي، جليل مانڪ پوري، مولوي عبدالحق، رشيد احمد صديقي، اثر لکنوي، شوڪت ٿانوي، جگر مراد آبادي، ميرا جي، غلام رسول مهر، حافظ محمد شيراني، نياز فتح پُوري، سجاد ظهير، راجا انور، ابن انشا، پطرس بخاري، ڊاڪٽر وزير آغا، ن م راشد، احمد نديم قاسمي، فيض، حبيب جالب، امجد اسلام امجد، حسن نثار، انيس ناگي، احمد شميم، ڪشور ناهيد، ايم آر ڪياني، محمد علي ردولي ۽ اسلم فرخي وغيره اهم آهن. مٿين ليکڪن جا خط پنهنجي دؤر جي تاريخ ۽ معاشرت جا امين آهن. اردو زبان ۾ لکيل خطن جي سلسلي ۾ اردو جي مشهور رسالي ’نقوش‘ جي خطوط نمبر، جيڪو چئن جلدن جي هزارين صفحن تي مشتمل آهي، کي تاريخي اهميت حاصل آهي.
    سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان جڏهن خط نويسي جي جهان ۾ جهاتي پائي ڏسون ٿا، ته سنڌي اب جي تاريخ ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا خطن جا مجموعا شايع ٿيل ملن ٿا. انهن مان به اڪثر ادبي چاشني، لطافت ۽ لذت کان خالي ۽ بنهه ذاتي ۽ سياسي خط آهن. اهڙيءَ طرح خالص علمي ۽ ادبي خطن جي مجموعن جو انگ ڏهن پندرهن کان وڌيڪ نه هوندو. سنڌي ٻوليءَ ۾ جتي ٻين ادبي صنفن پنهنجا ارتقائي مرحلا طَي ڪري خاطر خواهه اهميت ۽ حيثيت ماڻي آهي، اتـي ادبـي مڪـتـوب نگاريءَ جي حوالي سان اهو انگ مايوس ڪندڙ آهي.
    هن وقت تائين سنڌيءَ ۾ جيڪي خطن جا مجموعا ڇپجي منظر عام تي آيا آهن، تن ۾ رهاڻ (ميران محمد شاهه جا جِي ايم سيد ڏي لکيل خط)، ساهڙ جا سينگار (علامه آءِ آءِ قاضي جا جِي ايم سيد ڏي لکيل خط)، جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي (شيخ اياز جا محمد ابراهيم جويي ڏي لکيل خط)، اڄ پڻ چيڪم چاڪ (جِي ايم سيد ڏانهن مختلف دوستن اديبن ۽ ڪارڪنن جا خط)، خط ۽ مضمون (علي محمد راشدي جا جِي ايم سيد ڏي خط)، واڄٽ ويراڳين جا (محمد امين کوسي ۽ جِي ايم سيد جا خط، ٻه جلد)، وفائيءَ جا خط (علي نواز وفائي جا اخبار ”آزاد“ لاءِ لکيل خط)، سير و سفر (غلام مصطفيٰ شاهه جا الوحيد اخبار ڏانهن لکيل خط)، ڪجهه خط (جِي ايم سيد ڏي سياستدانن ۽ سياسي ڪارڪنن جا لکيل خط)، اڌ ملاقات (طارق اشرف جا لکيل خط)، هٿين هٿ ڪڙول (طارق اشرف جا لکيل خط)، خط ٻن اديبن جا (عبدالقادر جوڻيجو ۽ محمد ابرهيم جويو جا خط )، خط ٻن استادن جا (محمد ابراهيم جويو ۽ غلام علي چنه جا خط)، جيءُ منهنجو جن سين (عبدالحميد خان جا سهيڙيل خط)، آريجن کان الهاس نگر (تاجل بيوس ڏي ليکڪن جا خط)، ڪينجهر خط نمبر (مختلف اديبن جا خط)، پيارن جا پيغام ( ڊاڪٽر بلوچ ڏانهن لکيل خط)، جي مارن مون ڏي مڪا (ولي رام ولڀ ڏي هند سنڌ جي اديبن جا خط)، سڄڻن جا سلام (ڊاڪٽر بلوچ ڏانهن لکيل خط)، سڄڻ ساريندي (ڊاڪٽر بلوچ جا عالمن ۽ اديبن جا ڏي لکيل خط)، ياد گهر (ڪوثر ٻرڙي ڏي مختلف ليکڪن ۽ دوستن جا لکيل خط)، سنيهڙا (ولي رام ولڀ ڏي ڌيئرن جا لکيل خط)، جبل مٿي باهڙي (نجم عباسيءَ جا يوسف سنڌي ڏي خط)، ڏونگر سي ڏورينديون (جِي ايم سيد ۽ درشهوار سيد جا هڪ ٻي ڏي لکيل خط)، ماکيءَ مٺا ماڻهو (مهتاب محبوب ڏانهن هند ۽ سنڌ جي اديبن جا لکيل خط)، خيال خطن ۾ خواب اکين ۾ (منصور ملڪ جا دوستن ۽ ليکڪن ڏي لکيل خط)، سور سنيها نينهن نياپا (منصور ملڪ جا دوستن ڏي لکيل خط)، تو لکيو مون پڙهيو (منصور ملڪ کي لکيل خط) ۽ ڪجهه ٻيا شامل آهن.
    مٿين مجموعن مان ادبي نوعيت وارن خطن جي مجموعن کي الڳ ڪبو ته مهان شاعر شيخ اياز جو جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي ٻوليءَ جي حسن توڙي ادبي چاشنيءَ جي حوالي سان منفرد ۽ نمايان نطر ايندو. ان ڪتاب ۾ ڇپيل خط محمد ابرهيم جويي ڏانهن لکيل آهن، جيڪي دراصل ’مهراڻ‘ ۾ ادبي خطن جي سلسلي تحت جويي صاحبَ اياز کان لکرايا. اياز اهي خط ملڪ جي مختلف حصن مان ويهي لکيا ۽ اڪثر ’مهراڻ‘ ۾ شايع ٿيا. سنڌي ادب ۾ اياز جا اهي خط صحيح معنى ۾ ادبي خطن جو جنم چئي سگهجن ٿا. جيتوڻيڪ انهن ۾ اياز ڪي ذاتي ڳالهيون به لکيون آهن، پر گهڻو ڪري منجهن منظر نگاري، فڪر ۽ ڏاهپ جو جهان پَسي سگهجي ٿو.
    سنڌي ٻوليءَ ۾ مختلف قسم جي خطن کي منظر عام تي آڻڻ جي حوالي سان سائين جِي ايم سيد جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. جيتوڻيڪ هن جا پنهنجا خط جيڪي هن مختلف عالمن، اديبن ۽ سياستدانن ڏانهن لکيا آهن، باضابطا طور سامهون نه آيا آهن، پر ڏانهس لکيل خطن جو ججهو انگ ڇپجي پڙهندڙن اڳيان آيو آهي. خطن جي انهن مجموعن مان وري ٻه رهاڻ ۽ ساهڙ جا سينگار خصوصي اهميت رکن ٿا. رهاڻ ۾ سنڌ جي تاريخ جي اهم ڪردار سيد ميران محمد شاهه جا اهي خط آهن، جيڪي هن وقت بوقت جِي ايم سيد ڏي لکيا. هنن خطن مان ميران محمد شاهه جي ذات کي بي پرده پسي سگهجي ٿو. سندس پسند، ناپسند، شوق شڪار، سياسي بصيرت، سماجي ڪارگذاري، مطلب ته هن جا خط کليل ڪتاب وانگر آهن. هن بنا ڪنهن هٻڪ جي محبت جي معاملن کي به کولي بيان ڪيو آهي. انهن خطن ۾ سندس رنگين ٻولي پڙهڻ وٽان آهي، پر جڏهن هو ڪنهن سنجيده سياسي مسئلي تي ڳالهائي ٿو ته هن جي اندازِ تخاطب ۾ مدبراڻي سنجيدگي نظر اچي ٿي. ميران محمد شاهه جا اهي خط سنڌي ٻوليءَ جو سرمايو آهن. اهڙيءَ طرح ساهڙ جا سينگار ۾ وري مهان ڏاهي علامه آءِ آءِ قاضيءَ جا، جي ايم سيد ڏي لکيل خط آهن. ان مجموعي ۾ جيتوڻيڪ ڪجهه خط ايلسا قاضيءَ جا به آهن، پر گهڻائي علامه صاحب جي خطن جي آهي. انهن مان اڪثر خط انگريزيءَ مان ترجمو ڪيا ويا آهن، پر اهو ترجمو به نهايت سُپڪ ۽ سولي ٻوليءَ ۾ ٿيل آهي. هنن خطن ۾ علامه صاحب هڪ فلسفي ۽ ڏاهي کان علاوه هڪ گائيڊ ۽ رهبر طور نظر اچي ٿو. ٻوليءَ جي شائستگي ۽ اندازِ بيان جي ڇا ڳالهه ڪجي! انهن خطن ۾ نه رڳو جِي ايم سيد سان محبت ۽ ويجهڙائيءَ جو اظهار ٿيل آهي، پر انهن مان علامه آءِ آءِ قاضي جي طبيعت ۽ فڪري لاڙن جي پڻ پروڙ پوي ٿي.
    سنڌيءَ ۾ ڇپيل خطن جي مجموعن ۾ علي نواز وفائيءَ جي خطن جو مجموعو وفائيءَ جا خط الڳ رنگ ۽ ڍنگ ۾ نظر اچي ٿو. هن اهي خط ڪنهن خيالي نوجوان جي نالي لکيا آهن، جيڪي اخبار ’آزاد‘ ۾ ڇپيا ۽ بعد ۾ ڪتابي صورت ۾ آيا. وفائيءَ جي قافيه پيمائيءَ ۽ لفظي جادوگريءَ جو متعرف ڪير ناهي! ساڳيو انداز هنن خطن ۾ به نظر اچي ٿو، پر پڙهندڙ کي گهڻيءَ دير تائين لفظن جي ريشمي ڏوريءَ ۾ نه ٿو ڦاسائي سگهجي. موضوعي لحاظ کان هي خط ڄڻ ڊپٽي نذير احمد جي ناصحاڻن خطن جو تسلسل نظر اچن ٿا. اهڙيءَ طرح غلام مصطفى شاهه جي خطن جو ڪتاب سير و سفر به خط نويسيءَ ۾ هڪ جدا طرز جو ڪتاب آهي. سندس اهي خط آمريڪا جي دوري دوران اخبار ’الوحيد‘ لاءِ لکيل هئا، جيڪي اخبار ۾ ڇپبا رهيا. هي ڪتاب اصل ۾ هڪ سفرنامو آهي، جيڪو خطن جي روپ ۾ لکيو ويو آهي. ليکڪ اهي خط لکندي آمريڪا، ڪينيڊا، مصر وغيره جي باري ۾ تمام سٺي ڄاڻ ڏني آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن اهي خط تقرير جو روپ وٺي وڃن ٿا. هي خط دلچسپ هجڻ باوجود ادبي خطن واري ماڻ ۽ ماپ تي پورا نه ٿا اچن.
    سنڌي ٻوليءَ جي صحيح معنى ۾ اورچ، ڏاهي، محقق ۽ دانشور ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جا لکيل خط به ڪافي اهميت رکن ٿا. سندس خطن جو مجموعو سڄڻ ساريندي سنڌي ادب جي تاريخ جي ڪيترن ئي گوشن تي روشني وجهي ٿو. ڊاڪٽر صاحب جو سلوڻو انداز تحرير يقينن خوبصورت آهي. هن وٽ تصنع ۽ ڏيکاءُ نالي ماتر به نه آهي. خطن جي هن مجموعي ۾ ڊاڪٽر صاحب جي ٽڙيل پکڙيل خطن کي سهيڙيو ويو آهي. انهن خطن مان ڪيترائي خط تاريخي نوعيت جا آهن. اهڙن خطن ۾ عثمان علي انصاري، جي ايم سيد، علامه دائود پوٽو، محمد عثمان ڏيپلائي ۽ غلام رباني آگرو جي نالي لکيل خط شمار ڪري سگھجن ٿا. هنن خطن ۾ ڊاڪٽر بلوچ پاڻ سان ٿيل ويساهه گهاتين جو به ذڪر ڪيو آهي ته پنهنجن دوستن سان شڪوه شڪايتون به ڪيون آهن. ڪيترن ئي خطن ۾ نون ۽ پراڻن ليکڪن جي پڇيل سوالن ۽ مخلف ادبي مونجهارن کي سلجهائيندو، هُو هڪ رهنما طور نظر اچي ٿو. ادبي نوعيت جي خطن جي مجموعي مان طارق اشرف جو اڌ ملاقات به نمايان آهي. هي اهي خط آهن جيڪي طارق مختلف ڪيفيتن جي سمنڊ ۾ ترندي لکيا آهن. خاص طور سندس اهي خط جيڪي ’هُن‘ (محبوبه) ڏانهن لکيل آهن، پڙهڻ وٽان آهن، جيڪي پيار ڪندڙن جي روح جي تارن کي ڇيڙي ٿا وجهن. هن وٽ غالب جيان مڪالمي/ڊائلاگ وارو انداز به نظر اچي ٿو، جيڪو سندس خطن کي وڌيڪ خوبصورت بڻائي ٿو. هن ڪتاب ۾ طارق اشرف جا اهي خط آهن جيڪي هن 22 مهينا جيل ۾ رهڻ دوران دوستن، عزيزن ۽ پيارن ڏي لکيا. هُو جيئن ته بنيادي طور ڪهاڻيڪار هو تنهنڪري سندس خطن ۾ به رومانوي لهجو ۽ افسانوي انداز نظر اچي ٿو. هن خطن ۾ جهڙِي ٻولي خوبصورت آهي تهڙي سندس تصورن جي دنيا. ڪافي خط بنهه ذاتي نوعيت جا آهن.
    سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپيل خطن جي مجموعن جي ان محدود تعداد کي ڏسندي جيڪڏهن مجموعي جائزو ورتو ويندو ته ادبي خط جي صنف ارتقائي حوالي سان اسان کي بانبڙا پائيندي نظر ايندي. ايترو ضرور آهي ته ڪيترن ئي اديبن جا ڪارائتا خط جيڪي اڻ ڇپيل صورت ۾ موجود آهن جيڪڏهن ڇپجي منظر عام تي آيا ته سنڌي ادب ۾ مڪتوب نگاريءَ جي صنف کي هٿي ملندي. اسان وٽ جيڪي ڳاڻ ڳڻيا نوجوان نثر نگار موجود آهن ۽ جن جي نثر ۾ به شاعراڻي شگفتگي ۽ ترنم موجود آهي، انهن مان ڪو شڪ ناهي ته فياض لطيف جو نالو پنهنجي نرالي حيثيت رکي ٿو، جيتوڻيڪ هن وقت تائين لوڪ اڳيان فياض جي سڃاڻپ جا ٻه چٽا حوالا آهن. هڪ مترجم ۽ ٻيو شاعر، ڇو ته هن جي ڇپيل ڪتابن مان هڪ شاعريءَ جو ۽ ٽي ترجمي تي مشتمل آهن. جيئن هن جي شاعريءَ ۾ آبشار ڌارائن وانگر هڪڙو وهڪرو آهي تيئن سندس ترجمن ۾ به نثر جي حسناڪين کي محسوس ڪري سگهجي ٿو. هونءَ ته فياض هڪ نثرنگار طور به سنڌي ادب ۾ ڪو نئون نانءُ نه آهي، پر ڪتابي شڪل ۾ اوهان سندس نثر جي جادو کان پهريون دفعو واقف ٿيندا ۽ مون کي يقين آهي ته سندس هيءُ ڪتاب هن جي سڃاڻپ جو هڪ مضبوط حوالو بڻبو.
    فياض لطيف جي هن ڪتاب ۾ سندس اهي خط آهن جيڪي هن دل جي لهوءَ سان لکيا آهن. اهي خط هن پنهنجي دوستن، محبوبن ۽ هم عصر اديبن ڏانهن وڏي چاهه ۽ پنهنجائپ سان لکيا آهن. انهن خطن ۾ هن پنهنجيءَ دل جا دفتر کولي رکيا آهن. سندس لکيل هر سٽ ۾ اظهار جي انوکائپ ۽ احساس جي سچائيءَ کي محسوس ڪري سگهجي ٿو. لفظ هن وٽ رڳو کيڏوڻن وانگر نه آهن جن سان هُو پنهنجي دوستن جي دل ونـدرائـيـنـدو هجي، پر اهي پنهنجي پوريءَ سگهه ۽ فڪري اڏام سان جلوه گر ٿين ٿا. فياض جي خطن ۾ ڇا آهي؟ ان سوال جو جواب اهو ئي ٿي سگهي ٿو ته انهن ۾ ڇا نه آهي! ڇو ته سندس مذڪوره خطن ۾ فڪر ۽ فلسفي جي ڳوڙاهپ به آهي ته عشق ۽ عقل جي مامرن تي بحث پڻ. اهي خط غم، خوشي، آس، نراس، يقين، بي يقيني، اضطراب ۽ بي چينيءَ جهڙن ڪيئي احساسن جو رنگ محل سجائين ٿا. هنن خطن ۾ فياض پنهنجي اندر جي ڪائنات کي پنهنجي پوريءَ سندرتا توڙي ڪَرب سان جيئن جو تيئن ۽ کولي پيش ڪيو آهي.
    فياض لطيف جي هن ڪتاب ۾ موجود خطن جو عرصو 14 سالن تي محيط آهي. انهن چوڏهنِ سالن ۾ هُو پنهنجي پيارن سان ڪيئن مخاطب ٿيو آهي ۽ ڪهڙيون روح رچنديون ڪيون آهن، ان لاءِ سندس ڪتاب ۾ جهاتي پائڻ ضروري آهي.
    هن مجموعي ۾ ٽن قسمن جا خط شامل آهن. هڪڙا ذاتي خط آهن، جن ۾ فياض پنهنجي دوستن ۽ پيارن جي اڳيان پنهنجي اندر جي ڪائنات کي کولي رکيو آهي ۽ پنهنجي ذات جي باريڪ کان باريڪ حوالن تي به گفتگو ڪئي آهي. انهن خطن ۾ سندس درد جو صحرا به پسي سگهجي ٿو، ته مشڪلاتن ۽ مصيبتن جا ٿوهر به ڏسي سگهجن ٿا، پر جيڪڏهن هن جي اندر جي رڃ ۾ خوشيءَ جي ڪا ننڍڙي مکڙي به ٽڙي ٿي ته هُو ان جي خوشبو کي به پوسٽ ڪري ٿو. فياض جا اهي خط ذاتي هوندي به ادبي لطافت سان ڀرپور آهن. ٻيا نج ادبي خط آهن، جن جو موضوع ئي ادب آهي. اهڙا خط گهڻو ڪري هن پنهنجي ليکڪ دوستن ڏي لکيا خط آهن. سندس ان قسم جي خطن ۾ مونس اياز، اسحاق انصاري، ڊاڪٽر مبارڪ جتوئي، مظهر ابڙو، اعجاز منگي، ضمير لاشاري، احسان دانش ۽ منظور ٿهيم ڏانهن لکيل خط خاص اهميت رکن ٿا. انهن خطن ۾ هن ادب جي مختلف رجحانن، ڪهاڻي، شاعري ۽ دنيا جي ادب کي موضوع بڻايو آهي ۽ نهايت ڀرپور اظهارِ خيال ڪيو آهي. ٽئين قسم جا خط رومانوي آهن. هي خط فياض لطيف پنهنجي محبوبه جي نالي لکيا آهن. اها محبوبه جنهن سان هو عبادت جي حد تائين محبت ڪري ٿو. هنن خطن ۾ ڪو احساسن جو سمنڊ آهي، جيڪو اٿلون کائيندو ڪاغذ جي سيني کي سيراب ڪندو ٿو وڃي. هونءَ به محبت جا معاملا نرالا هوندا آهن، انهن کي لوڪ ڪٿي ٿو ساڃاهي سگهي! شاعر صحيح چيو آهي ته:
    یہ عشق نہیں آساں بس اتنا سمجھ لیجئے
    اک آگ کا دریا ہے اور کود کے جانا ہے
    سو فياض جي اهڙي قسم جي خطن کي پڙهندي، اهو ضرور سوچيو ۽ ويچاريو وڃي، ته هن ان عشق جي آڳ ۾ ڪُڏندي لفظن کي ڪُندن بڻائي اهي خط تحرير ڪيا آهن.
    فياض لطيف جا خط خوبصورت لفظن جي رنگين ۽ ريشمي ڏورين سان ٻَڌل آهن، جيتوڻيڪ ڪٿي ڪٿي انهن ۾ پيچيدگي به محسوس ٿئي ٿي، پر حقيقت ۾ اهي پيچيده هوندي به سليس آهن ڇو ته اهي محبت سان لکيل آهن... ۽ محبت سان لکيل هر حرف پنهنجي الڳ سڳنڌ ۽ سرهاڻ کنيو ايندو آهي، تنهنڪري سندس هن پورهيي کي پيار جي پُرڪيف نگاهن سان پڙهبو ته ان ۾ ازلي سچائي ۽ هن جي اندر جي اجري ڪائنات کي پسي سگهبو. فياض دل جو سودو به محبت جي معيار تي ڪيو آهي، تنهنڪري ڀٽائيءَ جي بيت ”محبت پائي من ۾ رنڊا روڙيا جن“ وانگر چاهه جي بازار ۾ ان وکر کي پڪ اٿم ته اوهان مان ڪيئي صراف پارکو/پڙهندڙ قدر جي نگاهه سان ڏسندا.
    فياض لطيف جي خطن جو جائزو وٺبو ته انهن ۾ روايتي سلام دعا، خوش خير عافيت ۽ آداب و تسليمات نه ملندي. هونءَ به هُو رسمي حال احوال جو قائل نه آهي. اهو ئي سبب آهي جو هن جو ڪو به خط ادبي لطافت کان وانجهيل نه آهي. هن جا ڪافي خط موضوعاتي آهن جن ۾ هن پنهنجن دوستن سان دل کولي ڳالهايو آهي. هن جِي دوستن سان گفتگو بي تڪلف ۽ پنهنجائپ واري آهي.
    ڀائو، جنهن کي فياض ڀيڻ جي مقدس رشتي سان تعبير ڪري ٿو، ان جي نالي لکيل هڪ خط ۾ فياض ساڻس پيار، پاٻوهه ۽ پنهنجائپ جو هن طرح اظهار ڪيو آهي: ”ڀائو! تون ڀلي مون سان کوڙ شڪوه شڪايتون رکندي ڪر، ناراضگيون ۽ رنجشون اظهاريندي ڪر، من جون بي چينيون ۽ دنيا جون بي رخيون بيان ڪندي ڪر، آءٌ هر لمحي تو سان احساس جي ڳراٽڙي پائي ساٿ ۾ شامل هجڻ جو آٿت آڇيندو رهندس، پر اڄ کان پوءِ خودڪشيءَ جهڙي بزدليءَ جو خيال به سوچيو اٿئي ته پوءِ نه صرف توکان ناراض ٿي ويندس، پر آءٌ پنهنجي پوري پيار کي پنهنجي وجود ۾ ئي بي معنى ڀائڻ لڳندس، ڇو ته منهنجو وجود ۽ اهي محبتون ئي ڪهڙي ڪم جون، جيڪي تو کي آٿت ۽ آجپو آڇي نه ٿيون سگهن!“
    مظهر ابڙو جڏهن خودڪشيءَ جو اٽيمپٽ ٿو ڪري، ته فياض جا لفظ رت جا ڳوڙها روئن ٿا: ”پيارا! ڪنڊن لاءِ ته مڙئي موسمون ساڳيون هونديون آهن، پر هڪ آدرشِي انسان ئي ته ڪنول جيان هوندو آهي. جنهن عمر ڀر لفظن جي بي جان بتن ۾ هميشه جياپي، جان، امنگ، انس ۽ اتساهه جو روح پئي ڀريو آهي سو پنهنجي ئي جيون جي لاٽ کي خودڪشيءِ جي ٻاٽ جو بَک بڻائڻ جو عمل ادا ڪندو، تنهن جي عملي مظاهري منهنجي احساساتي وجود کي سچ پچ وکيري ڇڏيو آهي.“ (28 فيبروري 2001)
    ايڏي آٿت، همت افزائي ۽ تسلي ڏيندڙ شخص، جيڪو پنهنجن دوستن سان بي انتها پيار ڪري ٿو، پنهنجي اندر ۾ ڪيترو ٽـٽل ۽ ڀڳل آهي، ان جو اندازو سندس ڪيترن ئي خطن مان لڳائي سگهجي ٿو. هو خود عجيب محرومين جو شڪار رهيو آهي. انهن محرومين جا لڙڪ سندس لفظن مان جهلڪن ٿا.
    ”منهنجا هٿ خطائن کان خالي هوندي به هر ڀيري عتابن جي اڳيان رهيا آهن. مون پنهنجي جياپي جي جواز لاءِ انيڪ فريبن کي دريافت ڪيو آهي. منهنجي وجود جي مٽيءَ ۾ ازلي پياس آهي. خبر ناهي خدا منهنجي تقدير ۾ اڻ پورائيءَ جو انگ ڇو لکيو آهي!“ (پرينءَ ڏي لکيل خط. 31 مئي 2004ع)
    ”مون تنهائيءَ ۾ جڏهن به پنهنجي جيون جي ڪٿا جو ڪاٿو ڪيو آهي، منهنجي حاصلاتن جا هٿ ڪنڊن سان ڀرجي ويا آهن. آءٌ پوري عمر تلاش جي صحرا ۾ پياسي هرڻ جيان ڊوڙيو آهيان، پر پوءِ به پياسو ئي رهيو آهيان. پياس منهنجي ساٿ ۾ سدائين رهي آهي... منهنجي پرورش اهڙي ماحول ۾ ٿي آهي جنهن ۾ ڏاهپ ۽ دانش بدران سرڪشي ۽ سرفروشي کي اوليت رهي آهي...آءٌ پنهنجي وجود جي ڪشتيءَ جو اهو بچي ويل حصو آهيان، جيڪو لهرن جي هٿن مان کسڪي ڪنهن ڪناري جي آغوش ۾ اچڻ لاءِ آتو آهي، پر هر ڀيري ڪناري جي آس منهنجي آرزوءَ جي هٿن ۾ هيڪلايون ئي ڏنيون آهن!“ (مبارڪ ڏي لکيل خط. 2 ڊسمبر 1998ع)
    انهيءَ گُهٽ ٻوسٽ، بي يقينيءَ ۽ محروميءَ جي احساس جي ڪري فياض لطيف جو رشتن تان ويساهه ئي کڄي ويو آهي. هُو بار بار پنهنجن خطن ۾ رشتن جي ناپائداريءَ ۽ تعلقات جي ڇڄندڙ تند جو ذڪر ڪري ٿو، پر فياض اهڙين ڪيفيتن جي سمنڊ ۾ ٻڏندي اپڙندي به دوستيءَ جو دامن هٿان نه ٿو ڇڏي ۽ سرڪس جي جوڪر وانگر پنهنجي اندر ۾ سوين درد سانڍي، پنهنجا لڙڪ لڪائي، پنهنجي مُکَ تي اطمينان جو ماسڪ چنبڙائي، دوستن کي مايوسيءَ جي موسم ارپڻ بدران سندن نيڻن کي محبتن جا خواب ٿو آڇي. دوستي هن لاءِ هڪ مقدس رشتو آهي. هو ان رشتي جي اهميت کان واقف آهي. امتياز ڏي لکيل هڪ خط ۾ جيتوڻيڪ فياض ساڻس شڪوه ڪري ٿو، پر ان شڪوي سان گڏ کيس دوستيءَ جو احساس پڻ ڏياري ٿو.
    ”امتياز! دوست ته دلين جي ڀرندڙ ڀتين جي ٽيڪ ۽ من جي گهاون جو مرهم ٿيندا آهن. دوست ته رڃ ۾ پاڻيءَ جو شفاف چشمو ۽ تنهائيءَ جي تاريڪ راتين ۾ آشا ۽ اميد جو ڪِرڻو ٿيندا آهن...دوست ته دلين جي چهاڙيون چولي تي آٿت جي چتي ۽ غم جي درياءَ ۾ دلين جي ٻڏندڙ ٻيڙن جا سڙهه ٿيندا آهن! پر تون ڪهڙو دوست آهين! تو وٽ ته آٿت جي لفظن جا ٻه پها به ڪونهن.“ (4 جنوري 1993)
    حبيب ساجد ڏي لکيل خط ۾ فياض سٺن دوستن ۽ سٺن ڪتابن کي پنهنجي ڪمزوري سڏيو آهي:”سٺا دوست ۽ سٺا ڪتاب ٻئي منهنجي محبوب ڪمزوري رهيا آهن ۽ اڄ آءٌ جو ڪجهه به آهيان، اهو فقط ۽ فقط پرخلوص دوستن جي ساٿ ۽ ڪتابن جي قرابت سبب ئي آهيان.“ (13 مارچ 2001)
    فياض، شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور جي سچل چيئر ۾ ڪجهه عرصي لاءِ ريسرچ فيلو طور ڪم ڪيو. ان مختصر عرصي ۾ هن پنهنجي محبتي طبيعت ۽ سهڻي سڀاءَ سبب ڪيئي دوست ٺاهيا. جڏهن کيس نوڪريءَ تان هٽايو ويو ته هن پنهنجن انهن دوستن، جن سان سندس روح رهاڻيون ۽ جن سان خيرپور جون خوبصورت شامون ٽهڪ ڏيندي گذاريون، تن ڏانهن خط لکي پنهنجي سندر يادن جا در کوليا آهن. هن جا اهڙا خط اسحاق انصاري، مونس اياز، سجاد ميراڻي ۽ حاجي خان ڏاهري ۽ ٻين ڏانهن لکيل آهن. سچ ته فياض جي اهڙن خطن ۾ پنهنجو حسن ۽ حقيقت آهي. انهن خطن ۾ اداسيءَ جي واءُ به گهلندي محسوس ٿئي ٿي ۽ خوبصورت منظر به ڏسڻ ۾ اچن ٿا.
    ”موهن جي دڙي جي کنڊرن ۾ ڪجهه ملڻ ۽ واپسيءَ تي ڄڻ ته اتي ڪجهه وسري وڃڻ جو احساس هر ڀيري شدت سان ٿيندو اٿم. اهو ساڳيو احساس خيرپور ۽ لطيف يونيورسٽيءَ مان به هر ڀيري واپسيءَ تي ڏاڍو وياڪل ڪري ڇڏيندو آهي... پيارا، سچ پڇين ته منهنجي اندر جي ٽئگور لاءِ لطيف يونيورسٽي شانتي نڪتين جو ٻيو روپ آهي...“ (اسحاق انصاري ڏي لکيل خط. 18 نومبر 1996ع)
    فياض لطيف جا اهي خط جيڪي هن پنهنجن اديب دوستن ۽ ادب دوست سڄڻن ڏي لکيا آهن، انهن ۾ علمي ۽ ادبي معاملن تي هن جي نظر گهري محسوس ٿئي ٿي. اهڙن خطن ۾ هن ادب جي فڪري ۽ نظرياتي پهلوئن ته به ڪافي ڳالهايو آهي. سندس انهن خطن مان هن جي ڳوڙهي مطالعي ۽ مشاهدي جي پروڙ پوي ٿي. ان حوالي سان 1996ع ۾ مونس اياز جي نالي لکيل هڪ خط ڪافي اهم آهي، جيڪو پڙهڻ سان تعلق رکي ٿو.
    ”مونس سائين! يقين ڪريو، مون جيستائين گرو رجنيش کي نه پڙهيو هو، تيستائين سڌارٿ ۽ چتر ليکا جهڙا اندر ۾ لهرون پيدا ڪندڙ ناول پوريءَ طرح سمجهي نه سگهيو هوس. هينئر جڏهن انهن کي ٻيهر پڙهيو اٿم، تڏهن گوتم جي ”سروم دکم دکم“ جي فلسفي کان وٺي ڀٽائيءَ جي ”ٻوڙو ٿي ٻڌيج، گونگو ٿي ڏسيج“ جي گيان تائين جو منطق منهنجي من اندر نئين نکار سان نروار ٿيو آهي ۽ گروءَ جي انهن گياننLose your self into the arms of darkness, behold un consciousness, you will feel consummation there. You will feel equity and expose face of your eternal beloved منهنجي تخيل جي تاڪين کي وڌيڪ کولي ڇڏيو آهي.“ (نومبر 1996ع)
    ان قسم جا ٻيا به ڪجهه ادبي خط هن مجموعي ۾ شامل آهن.
    خطن جي هن مجموعي ۾ فياض جا اهي خط جيڪي هن پنهنجي محبوبه ڏي لکيا آهن، هڪ نرالي حيثيت رکن ٿا. اهي خط هن اندر جي اٿاهه گهرائين سان لکيا آهن، جن ۾سندس جذبن ۽ احساسن جو ڇوهو طوفان به نظر اچي ٿو، ته لمحي لمحي انوکين ڪيفيتن جون لهرون به ڏسجن ٿيون. اهي پريم-پتر سچ ته پريم نگر جي واسين لاءِ هڪ تحفو آهن، ڇو ته فياض پنهنجن رومانوي خطن ۾ جن ڪيفيتن جا چٽ چٽا آهن، اهڙِيون ڪيفيتون محبت جي راهن تي هلندڙ هر پريميءَ تي طاري ٿينديون آهن، پر فياض انهن سمورين ڪيفيتن کي جنهن انوکي فن ۽ خوبصورت لفظن جي مالها ۾ پوئي اظهاريو آهي، اهو هر ڪنهن جو ڪم ناهي. محبت جي نازڪ ڏور ۾ ٻڌجڻ کان اڳ اها ئي محبتَ ماڻهوءَ جي اندر جي ڪائنات کي ڪوڙين رنگ، رونقون ۽ سڳنڌون ارپي سندس وجود کي مهڪائي ڇڏيندي آهي.
    ۽ جڏهن فياض ان خوبصورت محبت ۾ ڦاسي ٿو ته هڪ عجيب بي خوديءَ جي عالم ۾ غرق ٿي وڃي ٿو ۽ محبت جي گهرائين ۽ وسعتن جي ڪَٿَ ئي نه ٿو ڪري سگهي. محبت جي ديوي دل تي حڪومت ڪري ۽ آهستي آهستي اها اندر جي ڪائنات کي ڪيئن ٿي تبديل ڪري، هُو اهو سمورو لقاءُ محسوس ڪري ٿو ۽ ان حالت ۾ هن جي دل جي ڪيفيت شيخ ايازجي هن شعر جهڙي ٿي پوي ٿي:
    خبر ناهي ته ڇو آهي ۽ ڇا آهي،
    محبت زندگـيءَ جي انتهـا آهي.
    بنگال جي عظيم ليکڪ ٽئگور صحيح چيو هو ته ”محبت مڪمل زندگي آهي ۽ ان جو نشو سڄي حياتي انسان کي مدهوش رکي ٿو.“
    حقيقت اها آهي ته مون فياض جي اکين ۾ اها مدهوشي ڏٺي آهي. جنهن ڏينهن هُو پيار جي حسين ڄار ۾ جڪڙجي ويو، تنهن ڏينهن مون سندس اکين ۾ عجيب چمڪ ڏٺي. اها چمڪ پاڻيءَ جي ڪنهن شفاف چشمي تي پوندڙ سج جي پهرين ڪرڻن کان به حسين هئي. ان ڏينهن هن مون کي پاڻ مرڪي ٻڌايو هو “Dear I am in love” ۽ مون کيس ڀاڪر ۾ ڀري ڳل تي مِٺي ڏني هئي، پر جيڪڏهن هو اهو مون کي نه ٻڌائي ها، ته به آءٌ سندس نيڻن مان لفظ لفظ ڪري سندس اندر جي ڪيفيتن کي پڙهندو وڃان ها.
    فياض لطيف جڏهن پيار جي احساس کي انتهائي قريب کان محسوس ڪيو، تڏهن سندس تخيل جي ڪائنات ۾ محبت جون معنائون ئي مَٽجي ويون. هاڻي هن جا پتر پيار جي پوتر سڳنڌ سان مهڪڻ لڳا. ڀائوءَ جي نالي لکيل هڪ خط ۾ هو پيار جي تشريح هنن لفظن ۾ ٿو ڪري. ”ها! پيار ته دوريءَ ۾ قرابت جو احساس ۽ قرابت ۾ عبادت جو آنند اٿئي. بي چينيءَ ۾ قرار ۽ قرار ۾ عجيب بي قراري اهو ئي ته آهي محبت جو معجزو...پيار، وجودي ۽ احساساتي ارپنائن جي اها واحد ۽ محبوب صداقت آهي، جنهن جي هر لمحي کي هزارين حيرتون ۽ اڻ ڳڻيون سندرتائون ٿيون هجن. (14 جون 2004)
    جڏهن فياض کي محبت جي موٽ ۾ پيار جا گل پلئه پون ٿا ته سندس من ۾ خوشين ۽ خوبصورتين جا ڦول ڦولارجي وڃن ٿا ۽ جڏهن وري پرينءَ سان ملاقاتن جي موسم اچي ٿي ته سندس اندر جون خزائون خودڪشي ڪري ڇڏين ٿيون ۽ هر بار ان قرب جي ڪٺ کان پوءِ جڏهن هو پنهنجي سانئڻ ڏي پريم پتر لکي ٿو ته لفظ سندس دل جي اجري نديءَ مان وضو ڪري نڪرن ٿا ۽ ڪٿي ڪٿي اهي خود ڪنهن سيل روان وانگر تيز تيز وهندا ٿا وڃن. احساس جي ڍنڍ مان لفظن جا ڪنول چونڊيندي ڪٿي ڪٿي فياض لطيف جو اظهار عقل ۽ منطق کان ماورا به محسوس ٿئي ٿو، پر ان کي محبت جي اکين سان پڙهي بنا دليل قبول ڪري سگهجي ٿو. هونءَ به جتي عقل جا دليل ختم ٿيندا آهن اتان عشق جو سفر شروع ٿيندو آهي. فياض جي هيٺئين خط جي سٽن مان اهو سڀ ڪجهه محسوس ڪري سگهجي ٿو:
    ”تون منهنجي لازوال پياس جو اهو چشمو آهين، جنهن جي سحر ۽ پوتر ڌارائن اڳيان جُهڪندي، اڄ واقعي ئي اها سرهائي ۽ مسرت محسوس پئي ٿئيم، جنهن جي سرمستيءَ جي بيان ۽ اظهار لاءِ منهنجي لفظن جي پوري اميري سچ ته ڏاڍي مفلس ٿي ڀاسي، تنهنڪري ”تون“ جيڪا منهنجي محبت جي ٽاريءَ تي ٽڙندڙ گل جيان آهين، تنهن کي هڪ ڀيرو ٻيهر پرنام ڪرڻ لاءِ آءٌ وري به سر بسجود آهيان... تو جنهن محبت جي روح سان، منهنجي پيار کي پڪاريو ۽ منهنجي جيون کي مانُ ۽ مريادا عطا ڪئي آهي، جيڪڏهن منهنجو وجود واقعي بي جان به هجي ها، تڏهن به مون کي وشواس آهي. ته اهو تنهنجي سڏ جي وراڻيءَ لاءِ، هڪ لمحو ئي سهي پر ضرور زنده ٿي پوي ها....!“ (سائنڻ ڏي لکيل خط. 28 ڊسمبر 2001)
    فياض لطيف جو جڏهن به پنهنجي سانئڻ سان ميلو ٿئي ٿو ته سندس دل جا دڳ روشن ٿي وڃن ٿا، نيڻ مرڪڻ ۽ لفظ مهڪڻ لڳن ٿا. هن جا اهڙا خط جن جي لفظن ۾ محبوبه سان ملاقات کان پوءِ جو سحر ڇانيل آهي، اهڙا خط پڙهندي احمد نديم قاسميءَ جو شعر بار بار ذهن تي تري اچي ٿو:
    محبت ایک سمندر ہے، وہ بھی اتنا بسیط
    کہ اس میں کوئی تصور نہیں کنارے کا
    ”تنهنجي ملڻ جي آس ۾ سوين ڳالهيون ساهه ۾ سانڍيل هونديون آهن، پر ڪلاڪن جو عرصو به لمحن ۾ گذري ويندو آهي. تنهنجي چاهت مان جيءُ ڍاپندو ئي ڪونهي. اکيون پوري طور تنهنجي پياس مان پلبيون ئي ڪونهن. چپ چاهت جي مسافت ۾چين جي ساحل تي پهچڻ کان اڳ ئي پياسا رهجي ويندا آهن. بدن تنهنجي ڀاڪرن جي بارشن ۾ پوري ريت پُسڻ کان پوءِ به اڃايل ئي رهندو آهي. خبر ناهي وقت پويان ڪهڙي هلاڪو جو لشڪر لڳل هوندو آهي، جڏهن جڏهن به پاڻ ملندا آهيون...! لڳندو آهي توکي موھ جون موسمون هوائن جي هٿ تريءَ تي مون وٽ کڻي اينديون آهن ۽ تون منهنجي وجود جي پن پن ۾ سڳنڌن جو ساءُ پکيڙي خوشبوءَ جو خواب بڻجي ويندي آهين ۽ آءٌ ڏينهن تائين پنهنجي بدن جي بي قرارين ۾ تنهنجي قرب ۽ قرار جون سرهاڻيون ووڙيندو رهندو آهيان.“ (23 ڊسمبر 2003)
    فياض جو پنهنجي سانئڻ، پنهنجي جانان سان روح جو رشتو رهيو. هن پنهنجي محبوبه کي اندر جي اٿاهه گهرائين سان چاهيو، پر اها چاهنا جي لاٽ جيڪا عشق جي آتش بڻجي، جنون جون حدون به اورانگهي ويندي آهي، جڏهن وقت جي طوفانن سان وڙهندي وڙهندي موت جون هڏڪيون ڏيڻ لڳِي، ته هن جا لفظ لڙڪ بڻجي ويا. فياض پنهنجي دل تي جدائيءَ جو ڏونگر جيڏو ڏک سٺو آهي، تڏهن ئي ته پرينءَ سان تعلق جي تنـد ڪمـزور ٿيڻ کان پوءِ وارن خطن ۾ سندس لفظ سڏڪندي ٿا محسوس ٿين:”تو بن آءٌ هي پنهنجي بي قراري ۽ اضطراب جي هڙ ڪهڙي ڪمري جي ڪنڊ ۾ رکان! منهنجي ڪمري جو هنج ته ڪتابن ۽ درد جي صدائن سان ڀريو پيو آهي، جتي هاڻي ته منهنجي هيڪلائيءَ جو هينئون به ڪنهن زخمي پنڇي جيان پنهنجيءَ پرواز جا پر وڃائڻ لڳو آهي. خاموشي مسلسل پنهنجيءَ ئي پڪار جا پڙڏا ۽ ڪتابن جي خاموش وجود کي جنجهوڙڻ جي باوجود آواز کان خالي احساس جو درد، ڪنهن خنجر جيان منهنجي نس نس ۾ ايترو ته اونهو لهي چڪو آهي، جو هينئر مون لاءِ درد جي شدت ۽ ماٺار جي احساس واريون معنائون ئي معمولي بڻجي چڪيون آهن... غم جا پهاڙ ڪيتري تائين صبر جي سيني ۾ سانڍي رکجن! آڳ ته آخر پنهنجو پيچرو خود ئي ووڙي وٺندي آهي...!“ (15 اپريل 2002)
    فياض لطيف جي هن ڪتاب ۾ مجموعي طور فڪر جي گهرائي ۽ تخيل جي جوهر کان سواءِ ٻوليءَ جو حسن، جادوگري ۽ مٺاس هينئين سان هنڊائڻ جهڙي آهي، پر هن ڪٿي ڪٿي عجب جهڙا اصطلاح، محاورا، تشبيهون ۽ استعارا به استعمال ڪيا آهن. اهي بنهه نوان آهن ۽ انهن کي سمجهڻ لاءِ سرت ۽ ساڃاهه جون اکيون ۽ سڻڻ لاءِ سماعتون گھرجن. فياض جي اهڙن اصطلاحن، محاورن، تشبيهن ۽ استعارن ۾ دل جا نيڻ نپوڙڻ، احساس جا پاند آلا ڪرڻ، ڪلمي جهڙا چپ، پوپٽن جي آوارگيءَ جهڙو جياپو، ڪوڪ جو قافلو، خواب جي مٽي، خوشبو جو بدن، غرض جو ڇتو ڪتو، آڱرين جي بي چيني، عقل جون آڱريون، اوجاڳيل سمنڊ، اوجاڳيل آڱريون، بي روح جياپو، سنڍ ٿيل معاشرو وغيره شامل آهن. انهن جو استعمال سندس خطن ۾ مختلف جڳهن تي ٿيل آهي.
    هن جي اظهار ۾ نماڻپ به آهي، ته فلسفياڻو انداز به. جيتوڻيڪ سندس بيان پيچيده آهي، پر احساس جي تازگي ان کي سليس بڻائي ڇڏي ٿي. فياض جي هيٺين خط جي چند سٽن کي پڙهي ڏسو، جن مان شيخ اياز جي سوات ۽ ڀوربن مان لکيل خطن واري منظرنگاري ۽ موهه به نظر اچي ٿو ته احساس جي خوشبو پڻ.
    ”خبر ناهي آدميءَ جي مٽيءَ ۾ ڪهڙي محبوبيت جي مهڪ سمايل آهي، جو خود خالق ڪائنات به ان سڳنڌ جي معرفت سڃاپجڻ کي ترجيح پئي ڏني آهي. واقعي هي سارو سنسار ڏاڍو سندر آهي. چنڊ سان ڀريل هي آڪاش، هي بادلن جا سرمئي سلسلا، هي پهاڙن جي آغوش ۾ آهلجندڙ ننڍاکڙو سج، هي پرهه ڦٽيءَ جو پرندن جون پياريون ٻوليون، هي رنگ برنگي گلن سان ٽنڊڙيل ڌرتيءَ جون رونقون، هي سمنڊ جون ساحرانه موجون، هي بهارن جون معطر هوائون، هي خزائن جي پُرآشوب موسم... پر جا حسناڪي حوا ۽ آدم جي اولاد، انسان جي وجود جي ميراث آهي، سا ٻي مخلوق جي مقدر ۾، گهٽ ۾ گھٽ مون کي ته نظر ڪو نه آئي آهي...“ (سانئڻ ڏي لکيل خط. 5 نومبر 2001ع)
    فياض لطيف انسان جي ڪامل وجود ۽ عظمت تي يقين رکي ٿو. هو انساني محبتن جو معترف آهي. هن پاڻ لکيو آهي: ”آءٌ انساني محبتن جو معترف آهيان، تنهنڪري مٽيءَ جي خوشبو منهنجي ڪمزوري ۽ ماڻهوءَ جو موهه منهنجو محبوب ترين احساس آهي...“ زندگيءَ ۾ محبتون هن لاءِ وڏي معنيٰ رکن ٿيون. اهوئي سبب آهي جو سندس اکر اکر ۾ چاهت جو هڳاءُ ۽ سچائيءَ جي سڳنڌ آهي.
    خطن جي هن مجموعي ۾ ڪيترين ئي جڳهن تي ايڏا ته خوبصورت جملا ملن ٿا جن کي ڊائريءَ ۾ نوٽ ڪري سگهجي ٿو. اهڙا جملا شايد فياض آگهيءَ جي آڱر وٺي نه لکيا آهن، ڇو ته اهي سندس اندر جي اڇل ٿا ڀاسن. انهن ۾ جيڪا بيساختگي آهي، ان کي محسوس ڪري سگهجي ٿو.
    • جڏهن اعتماد جي ديوي ئي عصمت فروشيءَ تي آماده ٿي وڃي، ته پوءِ مخلصيءَ جي مجذوبي ڪهڙي ليلا جي وفا جي ڪلمي تي پاڻ ڪُهائي؟
    • زندگيءِ جي دشت ۾ جن پُرشن کي پيار جي ڇانو، دوستيءَ جي دلبري ۽ علم جي آگهي حاصل ٿي ويندي آهي، انهن جي ننڊ عبادت ۽ جاڳ جياپو بڻجي ويندي آهي.
    • سڪون لاءِ هيءَ ڌرتي ڪيتري نه محدود ۽ مسافت لاءِ ڪيڏي نه اکٽ ٿي هجي.
    • ٽٽي جڙڻ ۽ جڙي ٽٽڻ ته جياپي جي حسين حقيقت آهي. پٿرن جي شهر ۾ رهجي ۽ زخمن جي حقيقتن کي وساري ڇڏجي، اها ڪيڏي نه ڀورڙائي چئبي....!
    • جڏهن اکين کي خواب ۽ حقيقتون حاصل ٿينديون آهن، تڏهن زندگي هزارين ڏکن ۽ پيڙائن جي باوجود به ڏاڍي پياري ۽ حسناڪ ڀاسندي آهي.
    چارل ڊڪنس ۽ هينري جيمس پاڻ ڏي آيل سمورا خط ساڙي رک ڪري ڇڏيا هئا. سندن خيال هو ته خط سانڍڻ جي شيءِ نه آهن. هنن خبر ناهي ڪهڙي احساس جي وهڪري ۾ وهي اهو فيصلو ڪيو هو... پر حقيقت اها آهي ته خط ۽ خاص طور ڪنهن تخليقڪار جا خط سندس زندگيءَ جي انهن گوشن تي به روشني وجهن ٿا جيڪي نه ته آتم ڪٿائن ۾ عيان ٿي سگهندا آهن ۽ نه ئي وري ڪن ٻين ادبي شاهپارن ۾. هينري جيمس پنهنجي گهر جي آڳر تي پاڻ ڏي آيل سمورا خط ته کوڙ ڪر ساڙي ڇڏيا هئا، پر هن جا پنهنجا لکيل خط جيڪي هن اڌ صدي جي عرصي ۾ پنهنجن پيارن ڏي لکيا هئا، اهي محفوظ رهيا ۽ جڏهن شايع ٿي ميدان تي آيا ته اهي ادب جي دنيا جي بهترين خطن ۾ شمار ٿيڻ لڳا. فياض لطيف، چارلس ڊڪنس ۽ هينري جيمس جيان پاڻ ڏي آيل خطن کي نذر آتش نه ڪيو آهي، پر ساهه ۾ سانڍي رکيو آهي. هن نه رڳو ٻين جا خط سنڀالي رکيا آهن، پر پنهنجن لکيل خطن جي به حفاظت ڪئي آهي. هن پاڻ هڪ خط ۾ لکيو آهي: ”خط ۽ خواب مون کي ڏاڍا پيارا آهن.“ فياض جو هي مجموعو سندسن خطن سان پيار ۽ سانڍ جو ثبوت آهي.
    مٿئين مختصر تجزيي مان اوهان بخوبي اندازو لڳائي ورتو هوندو ته فياض جي خطن جو هي مجموعو سنڌي ادب ۾ خط نويسيءَ جي حوالي سان ڪيترو لاڀائتو ثابت ٿيندو. مون کي پڪ آهي ته توهان فياض لطيف جا هي خط پيار ۽ پنهنجائپ سان پڙهندا.

    احسان دانش
    سميع آباد، لاڙڪاڻو
    8 آگسٽ 2010
    ahsandanish1@yahoo.com


    خط

    • سال 1991

    پيارا امتياز!

    سدا مُرڪ جون مُکڙيون تنهنجي چپن تي ٽڙنديون رهن ۽ ڪڏهن به تنهنجي مسرتن کي ڪو ڪوسو واءُ نه لڳي...
    يار! تو ته بلڪل ئي وساري ڇڏيو آهي، پر آءٌ توکي ڪيئن وساريان؟ تون ته منهنجي تنها راتين جو چنڊ جيان هم سفر رهيو آهين. تنهنجو ساٿ، منهنجي دوستيءَ جي جياپي ۽ جيون جو ڏڍ رهيو آهي. پاڻ ته هڪٻئي جي جڏي جيءُ جو جياپو ۽ ڏکئي سکئي ڏينهن جو سهارو رهيا آهيون.
    وقت ۽ حالتون ماڻهوءَ کي لهرن جيان ڪٿان کان وڃي ڪٿي ٿيون پُڄائين! توکي غمِ روزگار وڃي پنجاب جا وڻ وسرايا ۽ آءٌ حالتن جي ستم ظريفيءَ سبب هتي ڳوٺ جي ڳهر ۾ ڳهجي رهيو آهيان. ڳوٺ جون کُليل ۽ آزاد هوائون، فطري نظارن جون دلڪشيون پنهنجيءَ جاءِ تي عجيب دلبري رکندڙ ٿيون هجن، پر ڳوٺن مان پنهنجائپ ۽ پيار وارو اوطاقي ڪلچر، جيڪو روز بروز وڃي پيو موڪلائيندو، تنهن ويڳاڻپ ۽ هيڪلائيءَ جي عجيب احساسن کي جنم ڏنو آهي.
    ڪتابن جي ڪمپني ۽ شام جو رائيس ڪئنال جي پُررونق ڪنارن جي ساٿ باوجود آءٌ پاڻ کي ڪڏهن ڪڏهن ڏاڍو ويڳاڻو ۽ اداس ٿو ڀانيان... ائين ٿو لڳيم ڄڻ خزان رُتِ ۾ آءٌ ڪنهن هيکلي وڻ جيان آهيان، جنهن جي ساوڪ ۽ سرهائين کي لُڪَ لهسائي ڇڏيو آهي... يا وري ڪڏهن ائين ٿو ڀاسيم ڄڻ منهنجو من ڪنهن ٿر جي ٿوهر جيان هجي، جنهن جي آس جا نيڻ، ڏينهن کان ڦڙيءَ جي فراق ۾ پَڄرندا ۽ تڙپندا رهيا آهن!
    مٺا! پاڻ ان طبقي مان آهيون، جن پگهر جي پورهئي مان اجوري طور فقط خوبصورت خواب ئي ڪمايا آهن ۽ سچ پڇين ته اهي خوبصورت خواب ئي منهنجي جيون جو سرمايو آهن....!

    تنهنجو پنهنجو
    فياض لطيف
    2 آڪٽوبر 1991ع

    •••••

    امتياز!

    شال ڪينجهر جي ڪنولن جهڙي مرڪ تنهنجي مک ٿي مُرڪندي رهي ۽ جرڪندو رهي تنهنجو جيءُ مهراڻ جي موجن جيان....
    پيارا! خالي ڪمرو، اداس نيڻ، وکريل سوچون، اوجاڳيل ۽ بي چين هٿن جون آڱريون، بي ربط لفظن جا هجوم، بتي (لالٽين) جي ڌيمي ڌيمي روشني، پين ۽ پنن جي ڪوري ڇاتي. جذبن ۽ احساسن جو جيءَ ۾ ڇوليون هڻندڙ سمنڊ ۽ ... تنهنجو احساساتي ساٿ...
    سارو ڳوٺ ننڊ جي آغوش ۾ آهي ۽ چؤڏس خاموشي... ڄڻ آواز کي سانت جو راڪاس ڳڙڪائي ويو هجي. رکي رکي ڪٿان ڪنهن ڪُتي جو ڪونڪٽ رات جي سانت کي جاڳائي ٿو وجهي...!
    آڪاش ۾ ستارا ڪنهن مي نوش جي نيڻن جيان لڳي رهيا آهن. چنڊ ڪڪرن جي گهونگهٽ ۾ ڪنهن نازنين جي مُک جيان مَهڪي ۽ جرڪي رهيو آهي ۽ ڌرتي رات جي ٻکن ۾ ويڙهجي وڃڻ باوجود صبح جي سنجوڳ جا سُندر سپنا پَسڻ ۾ مگن آهي...
    آءٌ جنهن پهر توکي هي خط لکي رهيو آهيان، شايد تون به ننڊ جي هنج ۾ هجين، ڪنهن محفل ۾ يا وري ڪنهن رابيلي وينگس جي ريشمي ويچارن ۾... خير تون ڪٿي به هجين، شال آباد هجين... آزاد هجين. توکي کوڙ خط لکيا آهن، پر تنهنجي موٽ اڃا موصول ڪو نه ٿي آهي. خبر ناهي ايڏو مصروف ٿي ويو آهين جو سنگت کي سار ۽ خيريت جا ٻه اکر لکڻ جو وقت به ڪڍي نه ٿو سگهين يا وري ٽپال جي مهربانيءَ سبب اهو سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي، جو پاڻ عرصي کان مواصلاتي طور هڪٻئي کان ڪٽيل رهيا آهيون.
    امتياز! روحاني ۽ احساساتي رابطن جو ڏڍ ۽ آٿٿ اسان جهڙي من موجي ۽ روڳي ماڻهن لاءِ يقينن وڏي وٿ هجي ٿو، پر ماڻهوءَ جو آنند ته وري به ماڻهوءَ ۾ ئي آهي. ڪتابن جي سجايل ڪاڪ ڪيتري به سندر ۽ موهيندڙ هجي، ديوارن جو محل ڪيڏو به حسين ۽ پُرآسائش هجي، پر ماڻهوءَ جو سڪون وري به ماڻهو ۾ ئي آهي. گوتم جو سالن جو تياڳ هجي يا حضرت محمد صلعم جي غارِ حرا ۾ چند ڏينهن جي گوشانشيني هجي يا حضرت موسى جي خدا سان هم ڪلامي هجي يا حضرت عيسى جي دنيا تياڳي، پر سندن موٽ جون راهون وري به ماڻهن ڏانهن آهن. ماڻهوءَ جي مٽيءَ ۾ ئي اهڙي محبوبيت ۽ مهڪ ٿئي ٿي، جيڪا دانائـن کي ديـوانگـين ۽ ديوانن کي دانائين جا عجيب درس سيکاري ڇڏي ٿي.
    مان ڄاڻان ٿو، سُٺا ڪتاب ذهن ۽ سٺا دوست دلين جو ڏڍ ٿيندا آهن. زماني جي انيڪ ٻهروپن ۽ فريبن باوجود منهنجي دل جو ايمان اڄ به ”دوستي“ جي دين ۾ آهي، توڙي جو ڪيئي ڀيرا منهنجو آرسي جهڙو من دوکي ۽ فريب جي پٿرن سان ٽڪرائجي پرزا پرزا به ٿي چڪو آهي:
    رفــت دل و نـمــي رود آرزوءِ تــو از دِلـــم
    عمر شُد و نمي رود نقشِ تو اِز خيال من
    (دل ته وئي پر منهنجيءَ دل مان تنهنجي آرزو نه وئي. عمر گذري وئي پر تنهنجو نقش منهنجي خيال تان نه ٿو لهي.)
    سچ ته منهنجو درد تنور جو تتل تئو به آهي، ڪنول جي پنکڙين تي ڪريل ماڪ جو قطرو به... هرڻ جي پياس به آهي ته صحرا جي رڃ به... ها، منهنجو درد ئي منهنجي روح جي راحت ۽ منهنجي راحتن جي بي چيني ۽ بي قراري آهي...!
    امتياز! رات جو ڳپل پهر گذري چڪو آهي ۽ هاڻي بتيءَ جي روشني به جهيڻي ٿيندي پئي وڃي، شايد تيل (گاسليٽ) به پورو ٿي ويو اٿس ۽ سندس وَٽِ به پوين پساهن ۾ آهي.
    چڱو ساٿ سلامت.
    تنهنجو پنهنجو
    فياض لطيف
    5 نومبر 1991ع

    •••••

    مبارڪ!

    تنهنجو خط مليو. پڙهڻ کان پوءِ سچ ته کوڙ وقت تائين اداسيءَ ۽ بي چينيءَ ۾ رهيس. هاڻي جڏهن پاڻ سنڀالي توکي هي خط لکڻ ويٺو آهيان، تڏهن سوچيان ٿو، ابتدا ڪٿان ڪريان؟ توکي تنهنجي خط جي موٽ ڏيان يا پنهنجين ڪيفيتن جي من مان سچائيءَ ۽ احساسن جا موتي سوجهي، لفظن جي مالهائن ۾ پوئي تو ڏي اُماڻيان يا وري چيني شاعر باءِ جوءِ جون صرف هيٺيون سٽون لکي ڇڏيان:
    When the string of a flute breaks, there is always a way to tie it back together again, but when heart is torn, there is no way to mend it.
    (جڏهن سارنگيءَ جي ڪائي تار ٽُـٽي پوندي آهي ته ان کي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان جوڙِي سگهبو آهي، پر جڏهن ڪائي دل ٽُٽندي آهي، ته ان کي ٻيهر جوڙڻ ناممڪن هوندو آهي.)
    يار! پيڙا ۽ سُڪون ٻه عجيب لفظ آهن، جيڪي هڪٻئي کان ڌار ۽ الڳ به هجن ٿا ته هڪٻئي سان انتهائي سنجوڳي ۽ سلهاڙيل به... جيئن آواز ۽ پڙاڏو، جيئن سانت ۽ سرگوشي، جيئن گل ۽ خوشبو، جيئن اجل ۽ آجپو...!
    پيڙا ته ابتدا ۾ به آهي ته انتها ۾ به... ابتدا ۾ حاصلات ۽ پائڻ جي پيڙا ۽ پائڻ کان پوءِ وڃائڻ جو عذاب.... منهنجي خيال ۾ هر تخليق پيڙا جي پيداوار آهي. جي پيڙا نه هجي ها ته پيار جو وجود ئي نه هجي ها! اها پيڙا ئي آهي، جيڪا ڪنهن سرجڻهار کي تخليقي سگهه عطا ڪري ٿي. پيڙا اها آڳ آهي، جا اندر جي آويءَ ۾ پَڄري جڏهن اُٻڙڪي نڪري ٿي، تڏهن ان مان جوت جا جواهر جرڪي پون ٿا...
    ڇا تو ڪڏهن اهو پتنگ (پرانو) ڏٺو آهي، جنهن کي سهائيءَ جي سندرتا (پسڻ جي پيڙا) آڳ جي آڙآهه تائين گهلي ايندي آهي ۽ هو ان کي پسڻ/پائڻ کان پوءِ حاصلات جي پيڙا/آڳ ۾ سڙي ڀسم ٿي ويندو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ آسڪروائلڊ جو هڪ ننڍڙو نظم نظرن مان گذريو:
    All man kill they love, by all let this be heard. some do it with a bitter look, some with flattering words. Then coward does it with a kiss, the brave man with a sword.
    (سڀئي ماڻهو پنهنجي پيار جا قاتل پاڻ هوندا آهن، ڪجهه ماڻهو پنهنجي محبت کي نظرن سان ۽ ڪجهه پنهنجن خوشامدي لفظن سان گهايل ڪندا آهن. جڏهن ته بزدل چميءَ سان ۽ بهادر وري تلوار سان ان جو قتل ڪندو آهي.)
    پيارا! تون ائين نه سمجهه ته پيڙا رڳي توکي پَڄرائي ٿي، پر اها ته وِهَه ۽ ماکيءَ جو اهڙو مِٺو ۽ ڪڙو ڪٽورو آهي، جيڪو زندگي کي هر حال ۾ پيئڻو پوي ٿو.
    اسان اهڙي ٻيڙيءَ جا سوار آهيون، جنهن جا سِڙهه طوفان جي هوائن ڦاڙي ڇڏيا آهن ۽ اسان جي مسافت جي ناوَ درد جي ساگر جي لهرن تي بي سمت ڀٽڪي رهي آهي. شايد ڪڏهن ان کي ڪو ڪنارو ملي وڃي....!
    هينئر رات جو ڳچ حصو گذري چڪو آهي ۽ ننڊ اکين جي آکيري ۾ اچڻ لاءِ آتي آهي. ها ننڊ، جيڪا اوجاڳيل اکڙين کي جڏهن پنهنجن گرم ۽ گداز ڀاڪرن ۾ ڀري وٺندي آهي، تڏهن خوابن جون خوبصورتيون اسان جي معصوم ۽ مرجهايل دلين کي مُرڪائي ۽ مسرور ڪري ڇڏينديون آهن.
    اسان جهڙن ماڻهن وٽ صرف يادن جا گلاب ۽ خوابن جا مينديءَ رتا رنگ ئي ته هوندا آهن، جن سان اسان پنهنجين حسرتن جا بي رنگ هٿ ڳاڙها ڪندا آهيون. شاعري ۽ سپنا منهنجي وجود جي وڏي پناهه رهيا آهن. آءٌ جڏهن به وقت جي اوٿر اڳيان پنهنجي وجود جي وڻ کي برقرار رکي نه سگهندو آهيان.... جڏهن به اداسيون ويڙهي وينديون اٿمِ، تڏهن شاعريءَ جي آٿت جهڙي آڱر ۽ رستن جون رولاڪيون منهنجي روح جي اڪيلي راحت وڃي رهنديون آهن... انهيءَ ڪري سپنن جون سندرتائون ۽ شاعريءَ جون حُسناڪيون، مون لاءِ جيون جي صحرا ۾ ڪڪوهه جي ڪٽوري جيان آهن...!
    دوست! هينئر منهنجي خماريل نيڻن مٿان ننڊ جا ڀونرا ڀِري رهيا آهن. ان کان اڳ جو ننڊ مون کي پنهنجي نفيس ڀاڪرن ۾ ڀري ڇڏي، اچ ته توسان خوابن جهڙين سِٽن جي سرجڻهار ٿامس هارڊي جون هي سِٽون شيئر ڪريان:
    Is drinking glass, for down that my lover and i am walking under a sky.
    (منهنجي ۽ منهنجي محبوبا جي هٿن ۾ ڪڪوهه جا ڀريل ڪٽورا آهن ۽ اسين آڪاش هيٺان پسار ڪري رهيا آهيون.)

    تنهنجو پنهنجو
    فياض لطيف
    30 ڊسمبر 1991ع


    • سال 1992

    پيارا امتياز!

    سدا تنهنجي سَرهائين جا گلاب جيون جي ٽاريءَ تي ٽِڙيل رهن ۽ جرڪندا رهن تنهنجي مُکڙن تي مُرڪن جا ماڪ ڦڙا...
    پنجن ڏينهن کان بادل برسندا رهيا آهن، ڌرتيءَ جي اڃايل چپن تي مينهن-ڦُڙيون ٿر جي ڪنهن سُڪاري وينگس جي مُرڪن جيان مُرڪي پيون آهن ۽ مٽيءَ جي ڀنل بدن مان ڪنهن ڪنواري جوڀن جهڙي سڳنڌ، ماحول کي مَهڪائي ڇڏيو آهي.
    ڌرتيءَ جي بدن تي سائي پوشاڪ ته واهه جو ٿي سونهين، پر مٿان وري سرنهن جا پيلا گل، جيڪي سندس ڪنن ۾ جهومڪن جيان ٿا لڳن، جڏهن انهن کي هوا جي دوش تي جهومندي پَسجي ٿو، تڏهن ٿڌڙي هير جي ڪتڪتائين سان دل جي لونءَ لونءَ ڪانڊارجي وڃي ٿي ۽ فطرت جون حسناڪيون حيرتن ۾ وجهي ڇڏن ٿيون. فطرت جي مصوريءَ جو محبوب ۽ موهيندڙ مثال ان کان وڌيڪ ٻيو ڀلا ڪهڙو ٿي سگهي ٿو! قدرت جو قادر پنهنجي ڪاريگريءَ ۾ ڇا ته جمال جو ڪمال ۽ ڪمال جو جمال رکندڙ آهي....!
    امتياز! ڇا تو ڪڏهن برسات وَسي بند ٿيڻ کان پوءِ وارن منظرن ۽ محوبيت کي هنئين جي اکين سان پَسيو ۽ پُرجهيو آهي؟
    ها، جڏهن اُڀ تي انڊلٺ نڪري نروار ٿيندي آهي، آگم آڪاش جي گرم آغوش ۾ آهلي پوندا آهن، برسات جي ديوي پنهنجو حسين مُک پرهه جي سفيد گهونگهٽ ۾ لڪائي ڇڏيندي آهي ۽ سج پنهنجي چهري تان ڪڪرن جي ڪاري چادر هٽائي کيپن ۽ خمارن مان آرس ڀڃڻ لڳندو آهي... تڏهن من جي چپن کي خود بخود ”الله جميل يحب الجمال“جو اقرار ڪرڻو پوي ٿو.
    برسات جي هِن خوشگوار ۽ محبوب موسم ۾ اوچتو تنهنجو اداسين جي احساسن سان ڀريل هڪ خط مليو آهي، جنهن کي پڙهڻ کان پوءِ دل عجيب درد ۽ اداسيءَ ۾ ويڙهجي وئي آهي. نيڻن جي آگمن مان لڙڪ لڙي، من جي وارياسي ۾ وڃائجي ويا آهن ۽ پاڻ کي پاڻ ئي ڏينهن تائين ڳولڻو پيو اٿم...!
    مٺا! آءٌ تنهنجي ڪيفيتن جي ڪرب کي ڄاڻان ٿو. جهڙي نموني سان تنهنجي چاهتن کي سماجي ريتن جي چکيا تي چاڙهيو ويو، ان جو به ادراڪ اٿم، پر هِن بيٺل دُٻي جهڙي معاشري ۾، سواءِ پنهنجيءَ ئي دل کي سمجهائڻ جي، ٻيو ڪري به ڇا ٿو سگهجي...!
    پنهنجو ناتو ۽ رشتو ازل ۽ ابد کان آهي، اسان جي پرورش ۽ پالنا ضرور مختلف حالتن ۽ ماحول ۾ ٿي آهي، پر اسان جي سوچن ۽ احساسن جي هم آهنگي ئي اسان جي قرابتن جو ڪارڻ آهي. اسان جا سپنا رڃ ۽ انهن جي ساڀيا اڃ آهي، جا ڪڏهن به پوري ٿيڻي ڪانهي....!
    آغا سليم چواڻي ”اسين خوابن جا سوداگر آهيون، اسين گلن جا خواب ڏسي، گل پوش ماٿرين جي تلاش ۾ نڪرندا آهيون، پر اسين اڃايل ريگستان جي تپندڙ واريءَ ۾ وڃي پهچندا آهيون، جتي گلن بجاءِ اسان جي نِـڙي ۾ اُڃ جا ڪنڊا چُڀجي پوندي آهن....!
    توکي موڪليل منهنجو تحفو، طارق عالم جو ناول ”رهجي ويل منظر“ پسند آيو ۽ ناول پڙهندي مون جيان تون به عجيب ڪيفيتن جي جهان مان گذرئين، ان لاءِ صرف ايترو ئي چوندس ته ”جواني ديواني هوندي آهي.“ طارق جو ناول واقعي هڪ مخصوص عمر تائين جي ٽهيءَ کي پنهنجي خوبصورت ٻوليءَ، رومانس جي راحتن ۽ اندازِ بيان جي سحر ۾ جڪڙي ۽ مدهوش ڪري ڇڏيندڙ آهي. ان جا احساساتي خمار سگريٽ جي ڪش جيان سڪون ڏيندڙ ۽ من کي محبت جي هندوري ۾ جُهلائيندڙ آهن، پر انهن جي لذت ۽ تاثير جو احساس خواب جيان چند لمحن تائين ئي ٿو رهي...!
    منهنجي خيال ۾ هر ڪنواري ڇوڪري ۽ ڳڀرو نوجوان جي من ۾ محبت جو اٿاهه سمونڊ موجزن هوندو آهي، جنهن مان اڻ مئيو پيئڻ پڄاڻان به پياس اُجهي ڪونه ٿي.... پهرين پيار جي مدهوشي هجي ئي عجيب چيز ٿي...! چاهي اهو ڇوڪرو هجي يا ڇوڪري، محبتن جي پهرين مئڪشي جا کيپ ۽ خمار عمر ڀر چاهه جي چت تان لهندڙ ڪونه ٿا هجن، شرط اهو آهي ته سنجوڳ جي گهرائي جسم کان روح جي سيمائن تائين رسندڙ هجي.

    تنهنجو پنهنجو
    فياض لطيف
    31 جنوري 1992ع


    • سال 1993

    پيارا مشتاق!

    تنهنجو محبتن ۽ جذبن جي انوکي اظهار ۽ خوبصورت لفظن جي مالهائن ۾ پوئيل خط پهتو، جنهن کي پڙهڻ کان پوِءِ سچ ته ڏاڍو روحاني سڪون مليو. اميد ته اڳتي به اهڙي محبتن جي سلسلي کي جاري رکندين.
    ماڻهوءَ جي ”جياپي“ جي راهه ۾ وک وک تي آزمائش جو آڙاهه ٿو ٻَري ۽ ان آزمائش جي آڙاهه ۾ آدم کان اڄ جي جديد انسان تائين، هر ماڻهو پنهنجو پاڻ پچائيندو ۽ اڻ ڏٺي ماڳ جي مسافت ڏوريندو رهيو آهي. ان مسافت ۾ ڪيئي پنهنجي مقصدن تائين وڃي پهتا آهن، ته ڪيترن ڳولا ۽ جاچنا جي گس ۾ ئي پاڻ وڃايو آهي.
    مون جيون جي اُجاڙ راهن ۾ کوڙ اهڙيون مسافتون ڪيون آهن، جن مون کي گهڻو ڪجهه سيکاريو ۽ سمجهايو آهي، جن جي بدولت ئي مون اهو ڄاتو آهي ته:
    Life is tattered garment of a beggar on which every day a new patch of pain is attached. (Faiz Ahmed Faiz)
    ( زندگي فقير جي ڦاٽل گودڙي آهي، جنهن تي هر روز هڪ نئين درد جي چتي لڳندي رهي ٿي.)
    پيارا! کوڙ ماڻهو محبتن جي دوار تي دستڪ ڏئي سالن تائين نيڻن ۾ اوسيئڙي ۽ انتظار جون راتيون ڪٽيندا آهن، پر انهن جي سپنن جي ڌنڌلي شهر ۾ ڪو ساڀيا جو سورج جرڪي نه سگهندو آهي. اُهي جذبن جي لهوءَ مان قلم ٻوڙي ڪاغذ جي ڪئنواس تي پنهنجن خوابن ۽ خيالن جون خوبصورتيون پينٽ ڪندا آهن، پر انهن جا سپنا ساڀيائون ماڻي نه سگهندا آهن.
    مشتاق! ڪڏهن ڪڏهن لفظ مون کان محبوبه جيان رُسي ويندا آهن. آءٌ لفظن جي ساٿ بنا خيالن جي واهڙ ۾ غوطا کائڻ لڳندو آهيان ۽ محبتون منهنجي چيڇ پڪڙي مون کي پار پُڄائينديون آهن. آءٌ جڏهن به زندگيءَ جي پٿريلي راهن تي ڀٽڪي پنهنجا پير پٿون ڪري وجهندو آهيان، تڏهن محبت منهنجن زخمن تي آنند ۽ آجپي جا پَها رکي، مون ۾ جياپي ۽ جستجوءَ جو روح اُتپن ڪندي آهي. مون کي جيون جي تجربي ۽ مطالعي ان نتيجي تي پهچايو آهي ته ”پيار ئي انساني وجود جي وڻ جو اهو ثمر آهي، جنهن جي حاصلات ماڻهوءَ کي ’ماڻهپو‘ ۽ جيون کي راحتون ۽ رونقون عطا ڪندو آهي...“
    هِن سود خور سماج ۾ اُهي ماڻهو ڏاڍا خوش نصيب ٿيندا آهن، جن کي جيون جي ڌرتتيءَ ۾ پيار جو ڇانورو ملي ويندو آهي. ڪتابن جي ڪمپني ۽ پيار جي آٿت ڪيئي ڀيرا مون کي موت جي مُنهن مان بچايو آهي. جڏهن به منهنجي وجود کي درد جي وڻ ويڙهي وڪوڙي ويندي آهي، جڏهن به روايتن ۽ رسمن جي سنگهرن ۾ جياپي جو ساهه گُهٽجڻ لڳندو آهي، تڏهن آءٌ پنهنجي وجود جي پناهه، پرينءَ جي آغوش ۾ يا وري ڀٽائيءَ، ٽئگور، شيخ اياز، فيض احمد فيض ۽ ماياڪوفسڪي جهڙن سرجڻهارن جي ڪوتائن ۾ ووڙي وٺندو آهيان. شايد زندگيءَ جي سفر ۾ منهنجي ملاقات ڪتابي ڪائنات سان نه ٿئي ها، ته اردوءَ جي منفرد ۽ ورسٽائل ڪهاڻيڪار مظهرالسلام جيان مون کي به اهو اعتراف ڪرڻو پوي ها ته ”جيڪڏهن مون وٽ ايترا ڪتاب نه هجن ها، ته ميز تي پيل منهنجي وجود جي اڪيلي ڪتاب جو موت ڪڏهوڪو مطالعو ڪري چڪو هجي ها...!“
    مشتاق! هِن دنيا ۾ پيار، سُٺن ڪتابن ۽ چند چڱن دوستن کان سواء منهنجي ڪا ٻي وڏي ملڪيت ڪانهي.... پيار منهنجي جيون ۾ مسرتن ۽ مرڪن جون بهارون آنديون آهن. دوست منهنجي جيون جو بهترين ۽ املهه اثاثو آهن ۽ ڪتابن منهنجي جيون کي احساس، آنند ۽ آجپي جو انوکو ۽ محبوب جهان عطا ڪيو آهي.

    تنهنجو پنهنجو
    فياض لطيف
    21 سيپٽمبر 1993ع

    •••••

    امتياز!

    شال خوشين ۽ خوبصورتين ۾ هجين.
    ويهين صديءَ جي البيلي برطانوي سرجڻهار ۽ ادب جو نوبل پرائيز حاصل ڪندڙ سر وليم گولڊنگ (Sir William Golding) ڪٿي پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته، ”زندگي ايتري مُلهائتي نه هجي ها، جيڪڏهن آءٌ وقفي وقفي سان ۽ وري وري هومر کي نه پڙهان ها....!“
    ڪيئي ڀيرا مون به پنهنجي زندگيءَ کي مٿين سٽن جيان محسوس ڪيو آهي، فرق صرف اتساهيندڙ ڪردار ۽ حالتن جو آهي. وليم گولڊنگ کي هومر جي ڪوتائن مان جيون جو حوصلو ۽ حسناڪي ملي، ته مون وري هميشه انساني محبتن مان سرت ۽ سندرتا جا درس پئي پِرايا آهن. جيڪڏهن جيون جي رڃ ۾ آءٌ علم ۽ آگهيءَ جي راهه نه اپنايان ها، ته انفرادي درد ۽ تنهائي ڇتي ڪُتي جيان منهنجي وجود کي ڪڏهوڪو ڏاڙهي چُڪي هجي ها...!
    ڀٽائيءَ کان سچل تائين ۽ شيخ اياز کان نئين ٽهيءَ جي اڻ ڳڻين ڪوتا ڪارن تائين، فيض ۽ فراز کان ساحر، ساغر ۽ گلزار تائين، آغا سليم، اشفاق، بانو قدسيه ۽ قرت العين کان امر جليل ۽ امرتا پريتم تائين، دوستوفسڪي، ڪافڪا، ڪاميو، مارڪيز ۽ ٽالسٽاءِ کان ٽئگور، اوشو ۽ ڪرشن چندر تائين، اُهي سڀئي سرجڻهار ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان منهنجي جيون لاءِ اتساهه جو ڪارڻ رهيا آهن.
    جيڪڏهن آءٌ ڪائنات ۽ زندگيءَ جي خاموش، خوبصورت، ڳوڙهي ۽ احساساتي ڪتاب جو آهستي آهستي ۽ ورق ورق ڪري، مختلف ڪيفيتن ۽ حالتن ۾ وري وري مطالعو نه ڪريان ها، ته شايد منهنجي جيون جي ٽاريءَ ۾ جياپي جو ٽڙيل گل بي معنيٰ بڻجي ڇڻي وڃي ها...!
    آءٌ اڄ تائين تنهنجي تعلق کي ڪنهن به رشتي جو نانءُ ڏئي نه سگهيو آهيان، يا شايد ڏيڻ ئي نه چاهيو آهي. هن مفادن ۽ خود غرضيءَ جي ڪوڙهه ورتل دنيا ۾، مون لاءِ سڀئي روايتي رشتا بي معنى آهن، ڇو ته هر رشتي جي چادر ۾ خودغرضيءَ جو خنجر لِڪل آهي، جيڪو جيون جي ڪنهن نه ڪنهن موڙ تي ويساهه جي ڪُکِ ۾ چُڀي پوي ٿو....!
    مٺا! تنهنجا ٻه خط مليا آهن. پهريون خط انهن حالتن ۽ ڪيفيتن ۾ مليو، جو آءٌ ڪوشش جي باوجود ان جي موٽ ڏئي نه سگهيس ۽ مٿان ٻيو خط جڏهن هاڻي مليو اٿم، تڏهن ويتر پريشاني ۽ پشيماني ٿي اٿم. عجيب جيون آهي پنهنجو به... ۽ ان کان به وڌيڪ عجيب آهي پنهنجو سماج، جنهن ۾ پاڻ جِي رهيا آهيون...! وک وک تي مجبوري، پل پل سجهوتو....! سمجهه ۾ نه ٿو اچي، ته اهڙي جيئڻ کي نانءُ ڪهڙو ڏجي... ان کي جياپو چئجي يا جيل...!
    پيارا! اسين ماڻهو پنهنجي پنهنجي بي قصور ڪلهن تي اڻ ڍنگي ريتن ۽ ڇسي سماجي رسمن جي سزائن جا صليب کڻي جِي رهيا آهيون..! ڏاهپ اسان لاءِ ڏنگ به آهي ته ڏڍ به. اسان جا آدرش ئي اسان جو جياپو آهن. اسان جا کوڙ خواب اسان جي خوشين جيان روايتن جي راهه ۾ قتل ٿي وڃن ٿا ۽ اسين پنهنجي قتل ٿيل خوابن جي لاشن تي نوحو به لکي نه ٿا سگهون...!
    ڪڏهن ڪڏهن وقت ۽ حالتون هڪ دانشمند دل کي ايترو ته مجبور ڪري وجهن ٿيون، جو ماڻهو ڪاميو جي ناول ”ڌاريو“ جي نائڪ ”ميرسيو“ جيان خيالي خودڪشي ڪري ڇڏي ٿو ۽ ڀانئي ٿو ته ان ريت هِن مصلحت پرست معاشري مان سندس جند آجي ٿي ويندي، پر پاڇي جيان سنگ سنگ هلندڙ هي سج گرهڻ جهڙو سماجي سرشتو ماڻهوءَ کي آزاد ۽ خودمختيار جياپو جيئڻ ڪٿي ٿو ڏئي...!

    تنهنجو پنهنجو
    فياض لطيف
    8 آڪٽوبر 1993ع

    •••••

    پيارا منظور ٿهيم!

    تنهنجي هڪ عدد خط جو آءٌ اڳ ئي قرضي هوس، مٿان وري ٻي خط جي پهچ مون کي ويتر تنهنجو مقروض ڪري ڇڏيو آهي.
    ڀاءُ! اصل ۾ ڪڏهن ڪڏهن حالتون اهڙيون ٿي وڃن ٿيون، جو ماڻهوءَ جي اختيار ۾ ڪا به شيءِ نه ٿي رهي، ايتري قدر جو ان جي سوچ قلم، قوت ۽ ويندي وجود تائين هر چيز حالتن جي اوٿر ۾ وکري وڃي ٿي. ڪجهه ڏينهن اڳ آءٌ به اهڙين حالتن جي ور چڙهي ويو هوس...!
    اسان جنهن معاشري ۾ رهون ٿا، ان جي سماجي ۽ نفسياتي بيهڪ ئي ڪجهه اهڙي قسم جي آهي، جنهن ۾ ڪٿي نه ڪٿي، ڪنهن نه ڪنهن جاءِ تي اسان جو جيءُ عيسى جيان سماجي دقيانوسيت جي صيلب تي سزا وار ٿئي ٿو. اسان جي سوچ ۽ سُرتِ هن مُردا پرست معاشري کي ڪونه ٿي آئـڙي ۽ نتيجي ۾ هي فرسوده سماج پنهنجو ڪوڙهه ورتل چهرو ڏسي، پاڻ تي چڙڻ بجاءِ آدرش ۽ آجپي ۾ ايمان رکندڙ ماڻهن تي مڇرجي پوي ٿو... روايتن ۽ ريتن جي نالي ۾ هڪ حساس ۽ خود دار ماڻهوءَ سان جيڪا ويڌن ڪئي وڃي ٿي، اها ڪنهن کان لِڪل ۽ ڳُجهي ته ڪانهي...!
    دوست! تون ئي ٻڌاءِ هڪ سُڄاڻ ماڻهو هِن خود غرض معاشري ۾ پنهنجن خوبصورت خوابن جي ٽٽل ٽُڪرن کي ڪيسيتائين ميڙيندو ۽ پنهنجن احساسن جا هٿ ڦٽيندو رهندو؟
    آخر ڪيسيتائين هڪ آدرشي ماڻهو پنهنجي ئي جيءَ ۾ جلاوطن رهي سگهندو؟ ڇا سڀني سقراط جي پيروڪارن ۽ سچ جي پانڌيئڙن لاءِ پٿريليون راهون ۽ وِهَه ڪٽورا ئي مقدر ۾ لکيل آهن؟ ڇا سرمد ۽ شمس تبريز جي سنت تي هلندڙن لاءِ دنيا هميشه دوزخ بڻيل رهندي....؟
    هر بديءَ کي عروج ۽ هر عروج کي زوال اوس اچڻو آهي... تاريڪ رات کان پوءِ پرهه ڦٽڻي آهي... سج نڪرڻو آهي، سوجهرو ٿيڻو آهي...
    منظور! اسان جهڙن ويساهه ۽ اميد پرست، آجپي ۽ فطري آزاديءَ ۾ ايمان ۽ اعتقاد رکندڙ ماڻهن لاءِ هِن سُري کاڌل سماج ۾ جيڪڏهن قلمي ۽ تخليقي اظهار جو ذريعو نه هجي ها، ته شايد اسين ڪڏهوڪو موت جي محبت کان خالي آغوش ۾ رَکُ جي بي معنى مُٺِ بڻجي وڃون ها...!
    منهنجو اهو پختو وشواس آهي ته ڪوتا ۽ تخليقي قوت اسان جي وجود لاءِ مضبوط ٿوڻي ۽ ٿنب جيان آهي، جنهن جي ڏڍ ۽ آٿت سان پاڻ هر اوندهه ۽ انڌياري سان اٽڪيا آهيون.
    پيارا! تو پنهنجي پهرين خط ۾ جيڪو ”تنهائي“ جي حوالي سان بحث ڇيڙيو هو، ان ۾ تنهنجا پيش ڪيل دليل تنهنجي سوچ، مطالعي، مشاهدي ۽ تجربي جي آڌار تي آڌاريل آهن، جن کي پنهنجو حُسن ۽ حقيقت آهي. تو وٽ شين کي ڏسڻ، پرکڻ ۽ محسوس ڪرڻ جي پنهنجي اک ۽ پنهنجو ادراڪ آهي، جنهن کي يقينن وقعت ۽ حيثيت آهي... پر آءٌ تنهنجين کوڙ ڳالهين سان اتفاق ڪرڻ باوجود ”تنهائي“ جي موضوع جي فڪر ۽ فلسفي تي پنهنجا ويچار ۽ احساس رکان ٿو، جن سان تنهنجو اتفاق ۽ اختلاف رکڻ فڪري ۽ بنيادي حق آهي.
    اسين دوست هڪٻئي جا آٿت، فڪري ۽ احساساتي سهارا آهيون. اسان جون محبتون ۽ وابستگيون ذهني هم آهنگي ۽ صحتمند اختلاف جي حوالي سان نه صرف پڪيون ۽ پختيون آهن، پر غير مشروط پڻ. انهيءَ ڪري اها محبتن ۽ دوستيءَ جي تقاضا آهي، ته اسان هڪٻئي تي پنهنجا خيال ۽ ويچار بنا ڪنهن مصلحت ۽ ڊپ ڊاءَ جي واضح ڪريون.
    منظور! انساني وجود پنهنجي جوهر ۾ اسرارن ۽ عجائبات جو انوکو ڀنڊار ٿئي ٿو. جيئن هيءَ ڪائنات پنهنجي جوت ۽ جمال ۾ پُرديد، ڳوڙهي ۽ انيڪ فڪري ۽ احساساتي راز رکندڙ آهي، ساڳيءَ ريت ماڻهوءَ جو وجود به هِن سنسار ۾ ڪنهن معمي جيان آهي. هِن ساري ڪائنات جو چرخو ”باهميت“ جي نظام تحت هلندڙ آهي. ڪا به ايڪائي اڪيلي سر ڪوئي ڪارج ادا ڪرڻ بدران باهمي طور تي بهتر ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.
    جيتري تائين انساني وجود جي تنها ٿيڻ يا نه ٿيڻ جو سوال آهي، ته آءٌ ان خيال جو آهيان ته ”تنهائي“ وجودي سوال بدران فڪري، شعوري ۽ اڃا به ائين چئجي ته نفسياتي مامرو آهي. جهڙيءَ ريت انساني عقل ۽ فهم جا شعور (Conscisous) تحت الشعور (Subconscious) ۽ لاشعور (Unconscious) اهم ۽ لازمي حصا آهن، اهڙيءَ ريت تنهائي جو احساساتي ۽ نفسياتي پهلو به زندگيءَ جو هڪ سچ آهي. ڇا تون ڪڏهن ان مرحلي مان گذريو آهين، جنهن ۾ ماڻهو پاڻ کي ميڙ/هجوم ۾ موجود هوندي به اڪيلو ۽ تنها محسوس ڪندو آهي؟
    هُن جو جسماني ۽ مادي وجود ته اُتي ئي موجود هوندو آهي، پر هُن جي ذهني ۽ خيالي پرواز جو پنڇي جسماني وجود جي پڃري کان ڪوهين ڏور ڪنهن پرانهين پار آڪاش ۾ پنهنجا پَر پيو ساهيندو آهي. ڪجهه پلن ۽ ساعتن لاءِ ئي سهي، پر هو شعوري ۽ نفسياتي طور تنهائيءَ ۽ اڪيلائيءَ جو شڪار ٿي ويندو آهي... ان کي وڌيڪ واضح ائين ڪجي ته، ڪڏهن ڪڏهن اسين ڪجهه دوست جڏهن پاڻ ۾ ڪچهري ڪندا آهيون، ڪنهن موضوع تي هڪٻئي سان ويچار ونڊيندا آهيون، تڏهن ائين به ٿيندو آهي ته ڪچهري ڪندي، اسان ۾ موجود هوندي، ڪو دوست چند گهڙين لاءِ اسان کان خيالي طور ڪٽجي، ڪنهن ٻي جاءِ تي شعوري/نفسياتي طور پهچي ويندو آهي يا پهچي وڃڻ جي احساس جو شڪار ٿي ويندو آهي. هُن جو مادي وجود ته اسان جي سامهون اسان ۾ ئي موجود هوندو آهي، پر هُن جو خيال، احساس ۽ سوچ ڪٿي ٻي هنڌ وڃايل ۽ ڀٽڪي ويل هوندي آهي. جيڪڏهن اسان مان ڪو ان ويچارن ۾ ويڙهيل دوست کي ڪلهي تي اوچتو هٿ هڻندو آهي، ته هو اهڙيءَ ريت ڇرڪ ڀريندو آهي، ڄڻ هو ڪنهن خوابيده ننڊ مان جاڳي پيو هجي...!
    حقيقت ۾ هُن جو جسماني يا شعوري وجود ڪنهن به ننڊ ۾ نه هوندو آهي، پر هو شعوري طور خيالن ۽ نيم خوابن جهڙي دنيا ۾ هوندو آهي ۽ اوچتو جڏهن سندس ڪنهن جاءِ يا شيءِ تي مرڪوز ۽ محو ٿيل خيالن ۾ ڪائي رڪاوٽ ۽ ڪائي چرپر حائل ٿيندي آهي، تڏهن هو ڇرڪ ڀري، هڪ خيال ۽ احساس ۾ وڃائجي وڃڻ کان پوءِ ٻي خيال ڏانهن موٽ کائڻ ۽ عملي طرح موٽي اچڻ جو مظاهرو ڪندو آهي...
    مٺا! آءٌ هِن بحث کي وڌيڪ اينگهائڻ ۽ لفظن ۾ الجهائڻ بدران صرف ايترو ئي گوش گذار ڪندس ته، شعور ۽ سوچ پنهنجي وجود ۾ ڪڏهن به تنها ڪو نه ٿيندي آهي. ايتري تائين جو انساني جسم جڏهن گهري ننڊ ۾ هوندو آهي، تڏهن به دماغ بيدار هوندو آهي ۽ شعور جي مختلف وادين جا پيو سير ڪندو آهي...
    انهيءَ ڪري ”تنهائي“ انساني وجود جو نه پر انسان جي نفسياتي احساس جو مامرو آهي ۽ نفسياتي احساس ۽ سوچ يقينن انساني وجود سان لاڳاپيل ٿئي ٿي.
    زندگي هر ماڻهوءَ کي ڏاڍي عزيز ۽ پياري هوندي آهي... ان جي کوڙ ڏکن ۽ اهنجن باوجود انسان ان جي اڻ مئي دلڪشيءَ ۽ دلبريءَ تي عمر ڀر عاشق ٿو رهي، پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ان محبوب ۽ عزيز ترين زندگيءَ جي نازڪ ۽ نفيس نڙيءَ تي خودڪشيءَ جو ننهن ڏئي، ڪڏهن ماڻهو ان کي ئي ختم ڪرڻ ئي مجبور ڇو ٿو ٿئي؟ منهنجي خيال ۾ ان جي ڪيترن ئي سماجي ۽ اقتصادي سببن سان گڏوگڏ هڪ سبب اهو به آهي، ته جيڪي ماڻهو نفسياتي طور تي پنهنجي وجود ۾ شديد تنهائيءَ ۽ بي وسيءَ جي احساس جو شڪار ٿي ويندا آهن، اهي شعوري توڙي لاشعوري طور خودڪشيءَ کي پنهنجي نجات ۽ آزاديءَ جو ذريعو سمجهڻ لڳندا آهن. ان لاءِ روس جي تمام وڏي شاعر ماياڪوفسڪيءَ جو خودڪشيءَکان چند ساعتون اڳ سرجيل اهو آخري نظم هتي ڏيڻ ئي ڪافي ٿيندو، جنهن ۾ هُن پنهنجي اندر جي ڪيفتين کي ڏاڍي چٽي نموني اظهاريو آهي....
    مان ڄاڻان ٿو، مان ڄاڻان ٿو
    هر سيني ۾ هڪ مچ ٿئي ٿو
    جنهن ۾ ڪوئي سچ نچي ٿو....!
    مان ڄاڻان ٿو، مان ڄاڻان ٿو
    منهنجي من ۾ مچ ٻَري ٿو
    جنهن ۾ هڪڙو سچ مري ٿو!
    عشق جي ٻيڙي ٽٽي پئي آ
    روز ٽڪرجي لهرن سان
    سمنڊ کي هاڻي ننڊ اچي ٿي
    پنهنجو هاڻي ليکو چُڪتو
    ڪهڙا ويهي ويڻ ڏيون
    هڪٻئي کي رهيل دکن دردن جا؟
    ٺا ٺا ٺا......ٺا ٺا ٺا........!
    مان ڄاڻان ٿو، مان ڄاڻان ٿو
    جيون جڳ ۾ ساهه وڏي شيءِ آ
    پر ساهه ڏئي ، جو وٺجي
    ويساهه وڏي شيءِ آ....
    ويساهه وڏي شيءِ آ...!

    تنهنجو پنهنجو
    فياض لطيف
    17 آڪٽوبر 1993ع


    • سال 1994

    دنيا جي دوزخ ۾ وڃائجي ويندڙ خواب جي خوبصورت تعبير جهڙا دوست!

    شال سَرهو ۽ سلامت هجين.
    ڪافي عرصي کان پوءِ پنهنجي خوبصورت ۽ پُرلطف دنيا مان چند گهڙيون ڪڍي، تو هڪ ديوانن جي دنيا ۾ رهندڙ مجذوب دل کي ياد ڪرڻ جي زحمت ڪئي آهي. ان لاءِ وڏا وَڙ... ڀلا! تون ئي ٻڌاءِ هن مادي ۽ مطلب جي دنيا ۾ ڪاغذي لفافي ۾ ويڙهي پوسٽ ڪيل لفظن ۽ احساسن جو مُلهه ئي ڪهڙو آهي....؟ ۽ ها، اهي لفظ ۽ احساس به ان ديوانن جي دنيا ۾ رهندڙ جا، جنهن جي دل جي گلدستي ۾ دوستيءَ جو گل اڃا به تازو ۽ خوشبوئن سان مهڪيل آهي...! جنهن جي نيڻن مان محبتن جي جياپي جا سپنا ۽ سندرتائون اڃا ميساريا ڪونه آهن، جنهن جون آڱريون اڃا به آرزوئن جي بدن لاءِ لفظن جي نفاستن جو لباس اُڻنديون ٿيون رهن، جنهن جا چپ اڃا به محبت جي سرمدي ڪلمي جو ورد ورجائيندا ٿا رهن...!
    امتياز! هِن فرسوده ۽ سود خور سماج ۾، هر جذبي جو مُلهه ۽ هر عمل جي پويان منافعي جو احساس ڪارفرما هجي ٿو. ان حوالي سان تنهنجي راءِ يقينن درست آهي، پر تون خود جيڪو ڪجهه ڪري رهيو آهين، ان لاءِ ڇا چئجي!؟
    وقت ۽ تجربا اياڻي کي به سياڻو بڻائي ڇڏيندا آهن. مون سياڻن جي دنيا مان ديوانگيءَ ۽ ديوانن جي دنيا مان دانائيءَ جا ڪافي درس پِرايا آهن، پر تنهنجي ڏاهَپ جو فلسفو منهنجي مجذوبيءَ جي مغز ۾ اَلائي ڇو نه ٿو اچي....!
    تون ئي ٻڌاءِ! مون کان ڪهڙي ڪوتاهي ٿي آهي، جنهن جي بنياد تي تون دوستيءَ جي چادرِ کي بي رنگ، پراڻي ۽ چتين هاڻي ٿو چوين...؟
    مون ته هر ڀيري تنهنجي مزاجن جي بدلجندڙ موسمن باوجود توکي انتهائي پيار ۽ پنهنجائپ جون رُتون ارپيون ۽ آڇيون آهن.
    اهو ماڻهو جيڪو هِن سود خور سماج ۾ رهڻ باوجود ڪنهن سان غير مشروط محبتون ڪندو هجي ۽ انهن معصوم محبتن جي موٽ ۾ کيس اڻ مئيون بي رُخيون ۽ اوپرائيون پلئه پون، ته ان شخص جو روح ۽ نيڻ ڪيئن نه روئندا....!
    پيارا! هزارين ڏکن، ڏولاون، دوکن ۽ دولابن باوجود هيءَ ڪائنات تمام حسين آهي. ان جي سونهن کي پنهنجي هڪ انوکي حُسناڪي ۽ حقيقت آهي. ڪڏهن دنياداريءَ جي لوڀ ۽ پٽ-کوهه مان فرصت ملئي ته ان کي پيار ۽ عشق جي نگاهن سان ضرور ڏسجانءِ ۽ پرکجانءِ...!
    مون کي توسان ڪائي شڪايت ڪانهي، نه ئي اهڙو مون کي حق آهي، پر پوءِ به هڪڙي ڳالهه ضرور چوندس، ته تون جيڪو ڪجهه هِن سود خور سماج جو حصو بڻجي ڪري رهيو آهين، اهو توکي نه ٿو جُڳائي. تون پنهنجي ڪَئي جي بدلي ۾ عام جيان سود سميت موٽ جو طالبو نه ٿيءُ. يقين ڪر توکي دنيا جي هن گدلي سينورَ جهڙي سماج ۾ اُجري ڪنول جهڙي دوستيءَ جو ساٿ ڪنهن نه ڪنهن موڙ تي ضرور ملي ويندو، جيڪو پراڻي مِي جيان سرور ڏيندڙ ۽ درد جي زخمن تي مرهم جي پهن جهڙو هوندو.

    تنهنجو پنهنجو
    فياض لطيف
    14 جنوري 1994ع


    • سال 1995

    پيارا مبارڪ!

    شال سَرهو ۽ سلامت هجين.
    توسان ڳوٺ ملاقات نه ٿي سگهي. ان لاءِ سچ ته ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ ان سان گڏ عجيب قسم جو افسوس به، جيڪو صرف اسان جهڙا ماڻهو ئي ڪري سگهندا آهن...!
    مِٺا! ڪڏهن ڪڏهن ائين لڳندو آهي ته پاڻ ڄڻ مصلحتن جي شوڪيس ۾ سجايل شو پِيس هجون، جيڪي واپاري صفت ماڻهن جي مفادن ۽ منشا جي خودغرض ۽ بي رحم هٿن ۾ اُجڙي ويندا آهن.
    هي خود عرض سماج (جيڪو مون کي ڪنهن پاڳل ڪُتي جي ڪَنَ ۾ گندي ڪيڙي جيان لڳندو آهي) تنهن ۾ اسان جهڙا اُنس ۽ آدرشي جياپي ۾ ايمان رکندڙ ماڻهو مِس فِٽ هوندا آهن. جيڪڏهن ڪنهن مصلحت يا مجبوريءَ تحت هن سود خور سماج جو ڪي اهڙا ماڻهو حصو ٿيڻ به چاهيندا آهن، تڏهن به پڪ ڄاڻجانءِ ته اُهي پاڻ جيان ڀڳل ٽٽل، ٻاهران چپلي چارلن ۽ اندر غمن، مجبورين ۽ محرومين جي جنم ٽيپ ڪاٽيندڙ هوندا...!
    هيءَ دنيا عجيب دنيا آهي. هن ۾ هر رشتو ۽ تعلق مفادن جي معمولي بنيادن تي جُڙندو ۽ غرض جي مضبوط بنيادن تي قائم ۽ دائم رهندو آهي. ايتري تائين جو رت جي رشتن کان وٺي دوستي (جيڪا اڄڪلهه واپاري لغت جو منافعي بخش لفظ ٿي پئي آهي) جي تعلق تائين سڀ رشتا طمع جي سگهاري بنيادن کان سواءِ بي معنى ٿي وڃن ٿا.
    مبارڪ! تو ننڍڙي ٻار کي پنهنجي مِٺاڻ هڻي آڱر چوسيندي ته ضرور ڏٺو هوندو. جڏهن ٻار جي وات مان اها مِٺاڻ واري آڱر نڪرندي آهي، تڏهن اهو روئڻ ۽ رڙيون ڪرڻ لڳندو آهي. ساڳيءَ ريت مفاد به اهڙي مِٺي آڱر آهن، جيڪا جيستائين رشتن ۽ تعلقن جي وات ۾ هوندي آهي، تيستائين اهي سڀئي آرام ۽ اطمينان ۾ هوندا آهن، پر جڏهن اها پل لاءِ به سندن وات مان نڪرندي آهي، ته سندن وايون ئي بتال ٿي وينديون آهن. رشتن ۽ تعلقن جا سارا نام نهاد تقدس مٽيءَ ۾ ملي ويندا آهن ۽ سندن اندر ۾ لڪل خودغرضيءَ ۽ انائيت جو خونخوار جانور جاڳي پوندو آهي...!
    آءٌ به اڄڪلهه مِٺي آڱر بڻجي ويو آهيان، خبر ناهي ته ڪنهن ڪنهن جي لاءِ...! پر ايتري سُڌِ ضرور اٿم ته اها مِٺي آڱر جڏهن به مون سان لاڳاپيل منهنجن رشتن ۽ تعلقن جي وات مان نڪتي، تڏهن شايد آءٌ، آءٌ نه رهان ۽ اُهي اُهي نه رهن...!
    تنهنجو پنهنجو
    فياض لطيف
    14 جنوري 1995ع

    •••••

    عزيزم اعجاز منگي!

    شال پُرمسرت ۽ پُرعزم هجين.
    تنهنجا ڪاوش ۾ لکيل ڪالم آءٌ وڇڙي ويل محبوبه جي خوبصورت خطن جيان وري وري پڙهندو آهيان. اهي تنهنجا ڪالم ئي هئا، جن جي اوجاڳيل اکين مان، مون کي پنهنجي ننڍپڻ جي اڌ ٽڙيل گلاب جهڙي سندر دوست سيمي ملي وئي هئي ۽ آءٌ ان ڏينهن کان ئي تنهنجي طلسمي تحريرن جو مجنون ۽ گرويدو بڻجي ويو هوس.
    تنهنجا ڪالم/ڪوتائون لاڙڪاڻي جي شاهنواز لائبريريءَ جي اخباري بنڊلن جي جهنگ مان ائين ووڙي وٺندو هوس، جيئن ڪو سرجڻهار پنهنجي حافظي جي هِردي مان حسين لمحن جون حُسناڪيون ۽ حسرتون ووڙي وٺندو آهي.
    تنهنجا ڪالم ”جهاتيون، آئينو، ڪلهي ڦاٽو ڪنجرو ۽ اناالحق“ منهنجي زخمي روح ۽ ضمير جي زبان هئا.
    فيض احمد فيض کان ڪنهن پڇيو هو ته ”تون پنهنجي مادري زبان کي ڇڏي اردو زبان ۾ ڪوتائون ڇو ٿو سرجين؟“
    تڏهن هن سچل جيان سرمست سيني ۾ اناالحق جهڙي دل رکندڙ يگاني شاعر وراڻيو هو ”منهنجي مادري زبان ۾ ته منهنجو محبوب شاعر بلا شاهه اهو سڀ ڪجهه چئي چڪو آهي، جيڪو مون اظهارڻ ٿي چاهيو، هاڻي منهنجي لاءِ ته ڪجهه رهيو ئي ڪونهي!“
    ساڳيءَ ريت مون سنڌي نثر ۾ لکڻ جي خواهش پنهنجي قلم جي چپن ۾ ان ڪري قيد ڪري ڇڏي هئي، ته اعجاز منهنجي بي زبان اِڇائن کي پنهنجي ڪالمن ۾ ڏاڍي سندرتا ۽ سليقي سان بيان ڪري رهيو آهي.
    اعجاز! سچ پڇين ته تو انهن ڏينهن ۾ ايترو تيز ۽ جاندار ٿي لکيو، جو منهنجي اندر جي بٺيءَ ۾ دُکندڙ چند چڻنگن جي باقي بچيل تپش تي به تنهنجون تخليقون ٿڌي ڇنڊي جيان محسوس ٿيون هيون، انهيءَ ڪري آءٌ نثر کي ڇڏي، شاعريءَ جي سانوري حسينا سان وڃي سڱ جوڙيو هو.
    تنهنجن گمنام ۽ نظرانداز ٿيل نڌڻڪي ڪردارن تي لکيل ڪالمن، مون جهڙن کوڙ ماڻهن جي جيءَ کي جنجهوڙڻ سان گڏوگڏ دوستوفسڪي ۽ ٽالسٽاءِ جي بي چين روحن کي يقينن سانتيڪو ڪري ڇڏيو هوندو.
    گلو ماڇيءَ کان وٺي هِن امير ملڪ جي آزادي واري پُرمسرت ڏينهن تي جنم وٺندڙ مسڪين ۽ مفلس حليمان جا ڪردار سنڌ جي اتهاس جو روح آهن ۽ تون ان ايفروڊائيٽ جهڙي حسين ۽ مريم جهڙي مقدس سنڌ جي روحاني رباب کي پنهنجي جذبي، جرئت، عشق ۽ جنون جي آڱرين سان جهڙيءَ ريت ڇيڙيندو رهيو آهين، ان جي بيان لاءِ هي منهنجا بي چين لفظ ڪُلي اظهار کان قاصر آهن.
    اعجاز! سياست وڏي بي رحم بلا جو نانءُ آهي، ان ڏائڻ نما مم ڪيترن ئي سرڪشن جي سرڪشيءَ جا گوڏا چٽي کين ترين ڀر جُهڪائي ڇڏيو آهي. ان ڪيترن ئي ڪنول جهڙي اُجرن ماڻهن جي انائن کي پنهنجي سينور جهڙي گدلي بدبودار گند ۾ غرق ڪري ڇڏيو آهي.
    ڪجهه عرصو اڳ مون تنهنجي شفاف تحريرن کي ان ئي سياست جي لڙاٽيل ڍنڍ ۾ ٻُڏندي ۽ ترندي ڏسي پنهنجي تخيل جي وجود تي هڪ عجيب ڏک جي احساس جو زخم محسوس ڪيو هو ۽ ان زخم جي احساس کي ميسارڻ خاطر مون ڀٽائيءَ، اياز، سچل، فيض، غالب ۽ ساغر کان وٺي گرو رجنيش، امرتا پريتم ۽ سارهه شگفته جي ڪوتائن کي پنهنجين راتين جو روح بڻايو هو ۽ ڪيترين راتين جي ڪچهرين کان پوءِ منهنجي مُرجهايل من تي سرجڻهارن جي شبدن جي مهڪيلي ماڪ پئي هئي ۽ آءٌ تر و تازو ٿي ويو هوس.
    اعجاز! آءٌ اڄڪلهه سچل سائينءَ جي فڪري آشياني سچل چيئر ۾ ڪم ڪري رهيو آهيان. ڪيترن ڏينهن کان منهنجن ڪنن ۾ ”اناالحق“ جو آواز ٻُري رهيو آهي ۽ ان آواز سان گڏ منهنجي من ۾ دفن ٿيل نثر ۾ لکڻ واري خواهش پڻ اکيون مهٽي جاڳي پئي آهي.
    آءٌ چاهيان ٿو ته اندر جي آوي ۾ پچندڙ ۽ پڄرندڙ احساسن کي پني تي پرتيان ۽ اها هفتيوار ڪالم ”اناالحق“ جي سِري سان ڪاوش جي پڙهندڙن تائين پهچايان. ان طريقي سان شايد منهنجي بيچين ۽ جلاوطن جيءَ کي ٿورڙو آنند ۽ اطمينان نصيب ٿئي.

    تنهنجو پنهنجو
    فياض لطيف
    13 آڪٽوبر 1995ع


    • سال 1996

    ڊيئر حاجي خان ڏاهري!

    شال سَرهائين ۽ سُندرتائن ۾ هجين.
    خيرپور جي عجيب خوشبوئن ۾ رچيل پُررونق ۽ دلفريب ڊسمبر جي يادن سان گڏ تنهنجون ۽ وقار ٻانڀڻ جون پُرلطف ڪچهريون ۽ ٽهڪڙا هڪ لمحي لاءِ به وسرڻ جا ڪونه آهن. آڌي رات تائين چوڪيدار گل حسن جي آشياني تي بي فڪر ٿي مختلف معاملن تي تبصرا ۽ ٽهڪن ۾ ويڙهي ڇڏيندڙ ڳالهين کان وٺي آواره ڳڀرن جيان يونيورسٽي جي روڊن تي رُلڻ، ڳائڻ ۽ رونشا ڪرڻ تائين هر لمحو منهنجي من-اندر محفوظ آهي ۽ ڪنهن تنها پياڪ جيان هينئر آءٌ انهن سمرتين (يادن) جي پُرمسرت پيالي مان چُڪي چُڪي پِي رهيو آهيان.
    سنڌي شاعريءَ ۾ مروج هڪ جپاني صنف آهي ”هائڪو“، جنهن کي ”ٽيڙو“ به چوندا آهن. سچ پڇين ته پنهنجو ساٿ به ڪنهن رنگين ۽ سجائتي ٽيڙوءَ جي ٽن سٽن جي حسين سنگم جهڙو هو. جڏهن پاڻ ٽئي شام جو ڪمپيوٽر سيڪشن کان ٿيندا سائنس فيڪلٽي مان گذرندا ڪينٽين تي پهچندا هئاسين، تڏهن ڪيترن جا ڪَن کڙا ۽ ڪَنِِ جون واڇون گودو ٿي وينديون هيون. هڪ ڀيري ته ڪنهن چئي به ڏنو هو ته ”بي ادبن سان هڪ اديب جي صحبت سونهين ڪو نه ٿي“! موٽ ۾ کيس اهڙو جواب ڏنو هو، جو سندس وايون ئي بتال ٿي ويون هيون. مصنوعي سنجيدگي ظاهر ڪندي چيو هيائين: ”يار! آءٌ ته توکي هڪ اديب ۽ ادب دوست جي حيثيت ۾ آشنا ڪرڻ پئي چاهيو، ته ڏاهري تنهنجي مزاج جو ماڻهو ڪونهي. هو مَلههَ (وقار) به عجيب ماڻهو ٿو لڳي، تنهنجو انهن سان سنگ ۽ سُٻنڌ جُڙي ئي نه ٿو. وڌيڪ تنهنجي مرضي...؟!“
    مون کيس ڌيرج سان چيو هو، ”ڏاهري ٻيو ڇا به هجي پر هڪ پُرخلوص ۽ محبتي ماڻهو آهي. ڪَميون، ڪوتاهيون هر ماڻهوءَ ۾ هونديون آهن. هُن ۾ به يقينن هونديون، پر هو ان هوندي به کرو ۽ خولن ۾ رهڻ وارو ماڻهو ڪو نه آهي. مون کي کرا ۽ کُليل ماڻهو وڻندا آهن، ڇو ته انهن جون خوبيون ۽ خاميون ٻئي ڪنهن کان به ڳُجهيون ۽ لِڪل ڪونه هونديون آهن. باقي رهي وقار جي ڳالهه، ته هو منهنجو ڪليگ ۽ ڏاهريءَ سان آشنائي پيدا ڪرائيندڙ ساٿي آهي. هو سادو ۽ ڏيک ويک ۾ پهلوان ضرور آهي، پر هُن ۾ علم ۽ ادب سان خاصو لڳاءُ آهي. خاص ڪري لطيف سائينءَ ۽ سنڌي جي صوفياءِ ڪرام سان کيس ججهو اُنس ۽ عشق آهي. ها باقي نام نهاد ۽ عريض نويس اديبن جيان هِنن ٻنهي يارن ۾ لفاظي ۽ منافقي ڪانهي..!“ مون ڏٺو ته انهن لفظن کان پوءِ هو منهنجي پاسي واري ڪرسيءَ تي موجود ڪونه هو.
    پيارا! لطيف يونيورسٽيءَ جو جڏهن به تصور ڪندو آهيان، تڏهن خيالن ئي خيالن ۾ سچل چيئر جو گلابن ۽ موتئي جي مهڪائي ڇڏيندڙ اُجرن گلن سان سجيل صحن، مائڪرو بائلاجيءَ جو سوڙهو ڪاريڊار، جيڪو سدائين ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي پيهه ۽ چوڙين جي ڇم ڇم ۽ هِيل جي موهيندڙ رڌم سان محو رقص هوندو هو، جنهن کي پسي سدائين هينئين تي بابا ڀٽائيءَ جون سٽون هُري اينديون هيون...
    سـوڙهيءَ گهٽيءَ سپرين، گونگا ٿي گـڏيـام،
    ملاحظي ماڻهن جي، ڪُڇي ڪين سگهيام،
    نــهــاريـنــدا ويـــام، نـمــاڻـــي نـيــڻـــن ســيـــن.
    سرسبز وڻن جي جُهڳٽي ۾ ويڙهيل ڪينٽين ۽ ڪمپيوٽر سيڪشن جي سامهون واري لان ۾ پينگهه تي شام جي پهر ۾ لُڏندڙ پوپريون...
    پينگهه تـي او پـوپـري تنـهـنـجـو لُــڏڻ
    ڪينَ ٿو وسري سگهي تنهنجو کِلڻ...
    اُهي سارا محبوب منظر ۽ موهيندڙ ساعتون اڄ به منهنجي هينئين ۾ ڪنهن هٻڪار جيان تازيون آهن...
    وقار ۽ آءٌ جڏهن به سچل چيئر مان فارغ ٿيندا هئاسين، تڏهن حُسناڪ هوائن جو واس وٺندا، اچي مائڪرو بائلاجي ۾ تو وٽ پھچندا هئاسين ۽ تون سدائين پوپٽن جيان ڪنهن نئين گل جي آس پاس نظر ايندو هئين. لطيف يونيورسٽيءَ جي ٻين دوستن اسحاق انصاري، مونس اياز، ادل سومرو، اياز گل، مجيد چانڊيو، فياض چانڊيو، امير چانڊيو، امداد چانڊيو، برڪت بلوچ، امان ڀٽي، يوسف خشڪ، امير شر ۽ ٻين الاهي دوستن جو ساٿ ۽ سُٻنڌ به ڏاڍو محبوب ۽ موهيندڙ هو.
    حقيقت ۾ لطيف يونيورسٽي منهنجي احساساتي، تخليقي ۽ اُتساهڪ جيون جو هڪ اهڙو ڪاڪ محل آهي، جنهن ۾ هڪڙي مومل جي ادائن ۽ جلون کان وٺي، دوستن جي اَملهه روح رهاڻين ۽ قدرت جي جمالياتي مظهرن تائين جو ڪئنواس شامل آهي، جنهن کي هڪ ڏينهن خوبصورت ناول جو روپ ضرور ڏبو...!
    تنهنجو پنهنجو
    فياض لطيف
    30 آگسٽ 1996ع

    •••••

    سجاد!

    شال سک ۽ سندرتائن ۾ هجين.
    تنهنجو خوبصورت لفظن جي مالهائن ۾ پوئيل ۽ احساسن جي سُڳنڌ سان ٽمٽار خط مليو، جنهن جو احساساتي تاثر ۽ هڳاءُ هينئر به منهنجي حواسن ۾ موجود ۽ تازو آهي. تو جنهن ڪاغذ کي منهنجي پَـتي تي پوسٽ ڪيو آهي، تنهن ۾ تنهنجو عڪس ۽ احساس سچ ته ڏاڍو پيارو ۽ موهيندڙ ٿو لڳي. شال اهو عڪس ۽ احساس اکين ۾ هميشه ائين ئي اُجرو رهي.
    سجاد! خيرپور سان مون کي عجيب لڳاءُ آهي. باليءَ جي نڪ-ڦلي جيان نکريل ۽ موهيندڙ هِن شهر سان منهنجي الائي ڪهڙي نسبت آهي، جنهن سدائين منهنجي ساهه ۽ سرير کي هن سان واڳي ۽ ويڙهي رکيو آهي... هِن شهر جي احساساتي حسناڪين ۽ موسمن منهنجي تخليقي عمل کي حسين ڪئنواس ۽ دلفريب رنگ عطا ڪيا آهن. جهڙيءَ ريت ڄامشورو، ان جون هوائون ۽ حُسناڪيون، سنڌ جي سرجڻهارن جي شاعراڻي اظهار جو محبوب محرڪ رهيون آهن، ساڳيءَ طرح خيرپور ۽ ان جي محبوبه جي ادائن جهڙي دل فريب راتين، مهنجي سرجڻهار سگهه کي انوکو اتساهه ۽ آجپو عطا ڪيو آهي. سانوري شام، لهندڙ سج جا پويان پهر کجين جي اونچي وڻن جي لامن سان شفق جي سندر ڪرڻن جون ڳراٽڙيون ۽ آڌي رات جو مير واهه جي پاڻي تي خماريل چنڊ جو لڙکڙائيندڙ عڪس ۽ اهڙي حسين پلن ۾ پرينءَ جو فون ڪال، ڪهڙي ڪافر کان وسرندا اُهي پل، پهر، راتيون، رونقون ۽ راحتون...!
    مون کي خيرپور ۾ پوندڙ اها پهرين رات اڄ به مڙني منظرن ۽ ڪيفيتن سميت ياد آهي، جيڪا مون مير واهه جي ڪناري تي آباد ”منصور ماڳ“ ۾ گذاري هئي. ان رات ڪمري جي اونداهيءَ ۾ زندگيءَ ۾ مون شايد پهريون ڀيرو پاڻ کي ڪجهه لمحن لاءِ اڪيلو ۽ اداس محسوس ڪيو هو. ڪمري جي ٽيوب لائيٽ سڙيل هئي. سياري جي موسم هئي ۽ ٻاهر وِلهه ٿي پئي، پر ڪمري جي گُگهه اونداهي الائي ڇو ان رات مون کي قبر جي بي حس آغوش جهڙي ڀاسي هئي. ان پل منهنجي ڪيفيت پڃري ۾ قيد پنڇيءَ جهڙي هئي. قبر جي بي حس آغوش جهڙي ان اونداهي ڪمري کي آڌي رات جو تو نئين ٽيوب لائيٽ لڳائي روشن ڪيو هو. سچ پڇين ته ان کان پوءِ تون مون کي انتهائي پنهنجو ۽ پاڻ جهڙو محسوس ٿيو هئين. اصل ۾ تنهنجي سوچ جو انداز ۽ شين ڏانهن مشاهداتي ۽ محساساتي نگاهه جو عمل، مون کي پاڻ جهڙو لڳندو آهي. ان ڪري ئي مون چاهيو پئي ته لطيف يونيورسٽي جي سندر شامن ۾ توسان ادب، زندگيءَ، سچ، سونهن، محبت، موت ۽ ڪائنات جي ٻين انيڪ موِضوعن تي تفصيلي ۽ طويل روح-رهاڻيون ڪريان، پر نوڪريءَ ۽ مطالعي جي مصروفيتن سبب اهو سڀ ممڪن ئي نه رهيو.
    تنهنجي ڏنل ماريا ڪيري (Mariah Carey) جي آڊيوڪيسٽ اڄ به مون وٽ محفوظ آهي، جنهن کي جڏهن ٽيپ رڪارڊر ۾ وجهي Play ڪندو هوس، تڏهن منجهند جو ننڊ جي پنڪين ۾ پيل ڪمرو به ڄڻ ته ڇرڪ ڀري جاڳي پوندو هو ۽ ڌيمي موسيقيءَ ۾ گونجندڙ ٻولWhen I saw you ۽ Love takes time منهنجي روح ۾ ڪنهن شراب جي پيگ جيان لهڻ لڳندا هئا. مٿان وري جڏهن زخمي پرندن جي پُرسوز پڪار جهڙي پنکج اداس جو آواز....
    عکس خوشبو ہوں بکھرنے سے نہ روکے کوئی

    اور بکھر جاؤں تو نہ سمیٹے کوئی

    ڪنن ۾ ٻُرڻ لڳندو هو، تڏهن دل سراپا لهر بڻجي ميوزڪ ۽ ٻولن جي سمنڊ ۾ ٻُڏڻ ۽ ترڻ لڳندي هئي. خليل جبران، شيخ اياز، ڀٽائي، فيض، فراز، ساحر، امرتا، نوشي گيلاني، ساغر، ساره شگفته ۽ ٻين کوڙ ڪوتاڪارن کي مون انهن ڏينهن ۾ جام پڙهيو ۽ پروڙيو. انهن سان فڪري ۽ احساساتي رهاڻين کان پوءِ ئي مون توکي پنهنجي دوستيءَ جي احساس ۾ اُڻيو، جيڪو مون کي پنهنجن ٻين کوڙ احساسن جيان سچ ته ڏاڍو عزيز ۽ پيارو آهي.
    حقيقت ۾ لطيف يونيورسٽيءَ جي بلاڪس هاسٽل جو ٻيو نمبر ڪمرو منهنجي ننڍڙي رنگين ڪائنات سمان هو، جنهن ۾ ڪتابن، ڪيسٽن، هُن جي روزاني ڏنل گلاب جي گلن ۽ ٻين ڪيترن ئي احساساتي ۽ تخليقي سندرتائن سان گڏ، تنهنجي دوستيءَ جي احساس جو آٿت به شامل هو.

    تنهنجو پنهنجو
    فياض لطيف
    3 سيپٽمبر 1996ع

    •••••

    پيارا ضمير لاشاري!

    شال سُکيو ۽ سلامت هجين.
    خيرپور کي الوداع ڪئي ته کوڙ ڏينهن ٿيا آهن، پر خيرپور جون عجيب خوشبو ۾ رچيل راتيون، مير واهه جي ميرانجهڙي پاڻيءَ تي آڌي جو اوجاڳيل چنڊ جو ننڊاکرو ۽ موهيندڙ عڪس، ٿيڙ کائيندڙ اڪيلي چنڊ سان پير پير ۾ کڻي ڊاڪٽر تنوير جي گهر پهچي ساڻس ڪچهريون ڪرڻ، ورڊس ورٿ، شيلي، ڪيٽس، ڀٽائي ۽ شيخ اياز جي ڪوتائن تي ويچار ونڊڻ، شوڪت نوناري، حبيب ساجد، امر اقبال، مختيار ملڪ، مظهر ابڙو ۽ ٻين کوڙ اديب دوستن جون روح رهاڻيون، محبتون ۽ سمرتيون هڪ لمحي لاءِ به ڪو نه وسريون آهن.
    ضمير! خيرپور سان تعلق ۽ رشتي جي حوالي سان هونءَ ته کوڙ حوالا آهن، پر دوستيءَ جي حوالي سان تنهنجو نانءُ ڏاڍو محبوب ۽ منفرد آهي. سچل چئير ۾ تو سان پهرين ملاقات اڄ به منهنجي من-ڪاغذ تي اُجري ۽ تازي آهي. تو خودبخود پهرين ملاقات ۾ جنهن محبت ۽ خلوصِ دل سان دوستيءَ جو هٿ وڌايو هو، اها ادا سچ ته مون کي ڏاڍي موهيندڙ ۽ پياري لڳي هئي. تو جهڙا کُليل ۽ خولن کان آجا ماڻهو، زندگيءَ جي سفر ۾ مون سان تمام گهٽ مليا آهن.
    ڪافي ڏينهن کان لفافي تي تنهنجي ائڊريس لکي رکي هئي، پر ڪاغذ جي ڪئنواس تي ڪنهن احساس جو ڪوئي ڀرڀور رنگ الائي ڇو ڪو نه ٿي پينٽ ڪري سگهيس...!
    اوهان دوستن جون ڏنل محبتون ۽ خلوص هڪ ساعت لاءِ به وسارڻ جا نه آهن. ڪمپيوٽر سيڪشن کان فيڪلٽي ۽ ڪئنٽين تائين جو خوبصورت سفر، سياري ۾ گرم چانهه مان گڏجي لطف وٺڻ ۽ يونيورسٽيءَ جي سندر شامن ۾ تنهنجون ڪچهريون ۽ قرب منهنجي جيون-ڪتاب جو حسين ۽ يادگار باب آهن.
    ڪجهه ڏينهن اندر ئي خيرپور اچڻ جو ارادو آهي. ان وچ ۾ لاڙڪاڻي اچڻ جو تنهنجو ڪوئي پروگرام هجي ته ضرور آگاهه ڪجانءِ....
    علي حمزي ۽ ڀاڀي لاءِ کوڙ سلام.
    تنهنجو پنهنجو
    فياض لطيف
    11 آڪٽوبر 1996ع

    •••••

    عزيزم مونس اياز!

    شال سُندرتائن ۽ سَرهائين ۾ هجين.
    اسين جنهن معاشري ۾ رهون ٿا، ان جو جيڪو طبقاتي ۽ سماجي سيٽ-اپ آهي، ان ۾ هڪ حساس، باشعور ۽ آدرشي انسان جو جياپو ڏاڍو ڏکيو هجي ٿو، ڇو ته هو فڪري ۽ احساساتي طور تي نه صرف چالو سماجي قدرن کان الڳ ٿلڳ ۽ پنهنجي مزاج وارو ٿئي ٿو، پر هُن جي جيئڻ جا رنگ ۽ ڍنگ ئي پنهنجا ٿين ٿا. نتيجي ۾ هِن سماج ۾ رهڻ باوجود هو ان جي بازاري قدرن ۽ وهنوار جو حصو نه ٿو بڻجي ۽ عمر ڀر چالو سماجي سرشتي ۾ Miss fit ٿو رهي. جيڪڏهن ڪنهن به سُڄاڻ، سُچيت ۽ آدرشي ماڻهوءَ ڪنهن جبر يا مجبوريءَ تحت هِن بي روح سماجي ڍانچي جي حصو بڻجڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، تڏهن به سندس جيءُ ان سان گهڻو وقت جٽاءُ ڪري نه سگهيو آهي. ان لاءِ ماڻڪ، مايا ڪوفسڪي، ساره شگفته، ازرا پائونڊ ۽ ٻين اڻ ڳڻين باشعور سرجڻهارن ۽ سچيت ماڻهن جا نالا ۽ مثال اسان جي سامهون آهن....!
    تاريخ گواهه آهي ته چالو سماجي سرشتي سان سمجهوتو نه ڪري سگهڻ سبب ساڃاهه وند ماڻهو، سدائين ڏکن ۽ ڏوجهرن ۾ رهيو آهي.
    مايا ڪوفسڪي جي روح، وجود جي قيد مان آزاد ٿيڻ کان چند ساعتون پهريان جيڪو نظم سرجيو هيو، ان ۾ موجود احساس ڪجهه هيئن هئا:
    آءٌ چاهيان ٿو،
    اوهان لاءِ پيار جا گيت لکان
    پر مان ضابطي جي قيد ۾ آهيان.
    مون پنهنجن پيرن هيٺيان
    خود پنهنجن اڻ ڳاتل گيتن کي چيڀائي ڇڏيو آهي....!
    ڀٽائيءَ جو سِٽون ”الا! ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن“ يا هِن صديءَ جي سيبتي سرجڻهار شيخ اياز جو احساساتي آواز ”هو چون ٿا هيئن چئه، آءٌ چوان ٿو ائين نه چوندس....!“ اهڙا الميا آهن، جن جي وجود ۾ پارکو ۽ سرجڻهارن جي صدين جي صدا ۽ ويڳاڻپ جو درد سمايل آهي.
    ان ويڳاڻپ مان نجات، هالا جو پُررونق شهر ڇڏي، اچي ڀٽ وَسائيندڙ لطيف سرڪار هيٺين سٽن ذريعي ٿو حاصل ڪري:
    پــيــهــي جــان پـــاڻ ۾، ڪــيــم روح رهـــاڻ،
    نه ڪو ڏونگر ڏيهه ۾، نه ڪا ڪيچن ڪاڻ،
    پـنـهـون ٿـيـس پـاڻ، سسـئـي تـان سـور هـئـا.
    ته درازن جو هو مست الست سچل پنهنجي جيءَ جي زخمن تي پنهنجي ئي احساس جي مرهم رکي، پاڻ کي هِن ريت ڏڍ ۽ آٿت ڏئي ٿو:

    پٺئـي ڄـڃ مَ ڄُــل، منجهـه تـمـاشـي نه پـويـن،
    گهوٽ ڪري تون پاڻ کي، ڪر هنگامو هل،
    ٻــي ڀُــل مَ ڀُـــل، پـڇـج حـــال حــلاج جـــو....!
    ۽ شيخ اياز وري:
    اي ڪاش! مان ليٽي پوان
    اڳ جيئـن سنـدءِ آغـوش ۾
    ۽ پـــوءِ ابـــد تـائــيــن اچـــان
    جيڪر نه ٻيهر هوش ۾...!
    جهڙين روماني ۽ سحر انگيز سٽن جي سندرتائن ۾ آنند ۽ آجپو محسوس ڪري ٿو. مونس! سچ ته مون جيستائين گرو رجنيش کي نه پڙهيو هو، تيستائين ”سڌارٿ“ ۽ ”چتر ليکا“ جهڙا اندر ۾ عجيب احساسن ۽ اُمنگن جون لهرون پيدا ڪندڙ ناول پوريءَ طور پروڙي ۽ پُرجھي ڪونه سگهيو هوس. هينئر جڏهن انهن کي ٻيهر پڙهيو اٿم، تڏهن گوتم جي ”سروم دکم دکم“ جي احساس کان وٺي ڀٽائيءَ جي ”ٻوڙو ٿي ٻُڌيج، انڌو ٿي ڏسيج....“ جي گيانن تائين جو فڪر ۽ فلسفو منهنجي من-اندر نئين نينهن ۽ نکار سان نروار ٿيو آهي. گروءَ جي انهن گيانن منهنجي تخيل جي تاڪين کي کولي ڇڏيو آهي:
    Lose yourself into the arms of darkness, behold unconsciousness, you will feel consummation there. You will feel equality and expose face of your eternal beloved.
    جهڙيءَ ريت ڄامشوري جون چنچل هوائون ۽ حُسناڪيون سنڌي سرجڻهارن جي تخليقن جو رومانوي محرڪ رهيون آهن، ساڳيءَ طرح خيرپور ۽ لطيف يونيورسٽيءَ جون گروءَ جي گيانن جهڙيون خاموش راتيون ۽ پرندن جي رنگن جهڙيون خوبصورت شامون منهنجي سمرتين ۾ سَرهن ساهن جيان رهيون آهن. هِن شهر سان منهنجي عشق ۽ اُنس جا هونءَ ته کوڙ حوالا آهن، پر ڀٽائيءَ جي نانوَ جي ڇانوَ ۾ آباد هِن يونيورسٽيءَ جو گل محمد کتريءَ جي پينٽنگس جهڙو موهيندڙ ۽ سدا سائو ڪينواس ۽ خيرپور جي دوستن جون محبتون وسرڻ جون نه آهن. انهن محبتي ۽ پُرخلوص دوستن ۾ مون کي تنهنجو نانءُ گرو رجنيش جي ڪتاب ”PEOPLE OF THE PATH “ جي عنوان جيان انتهائي موهيندڙ ۽ محبوب ڀاسندو آهي، جيڪو پنهنجي وجود ۾ جيترو بامعنى آهي، اوترو ئي فڪري ۽ عملي حوالي سان انفراديت جو حامل پڻ.
    اسان جِن راهن جا مسافر ۽ پانڌيئڙا آهيون، ان ۾ رونقون ۽ راحتون گهٽ پر رنڊڪون ۽ روڳ وڌيڪ آهن. درد کي پنهنجي لذت ۽ دلبري ٿئي ٿي. هڪ باشعور ۽ گياني راويتي راهن جو مسافر نه، پر ڀٽ ڌڻيءَ جيان ”لوڪ وهي لنهوارو، تون وهج اوڀارو“ جو متلاشي هوندو آهي، توڙي جو اهو رَند ۽ پنڌ انتهائي اوکو ۽ ڪَـٺن ٿئي ٿو، پر پوءِ به ”هڪ اڻ ڄاڻ ڄاڻو ۽ بي سمجهه سمجهو“ جو آنند ۽ اطمينان ان واٽ ۾ ئي هجي ٿو.
    هِن سود خور سماج ۾ رهندي به اسان جي پيار جي پورهيت هٿن کي چالو سماجي ڪار وهنوار جو حصو نه بڻجڻ گهرجي ۽ اهو ممڪن آهي، ڇو ته جڏهن هڪ ڪنول جو گل سينواريل ڍنڍ ۾ رهي پنهنجي اوجر ۽ سڳنڌ سلامت رکي سگهي ٿو، ته پوءِ هڪ ’آدرشي فرد‘ هِن دنيا جي گدلي ڍنڍ ۾ پنهنجي جذبن، احساسن ۽ فڪري حسناڪين سان ڀرپور جياپو ڇو نه ٿو جِي سگهي؟

    تنهنجو پنهنجو
    فياض لطيف
    18 آڪٽوبر 1996ع

    •••••

    پيارا اسحاق انصاري!

    شال سُکيو ۽ سلامت هُجين.
    تنهنجا ڄامشوري جي هوائن جهڙا پُرفريب ۽ پيارا ٽهڪڙا ۽ پنهنجن جهڙو پُرخلوص رويو ڪو وسرڻ جو آهي!
    مون کان ته هُن مير واهه جي مُهاڻي جون آيتن جهڙيون اکيون، جنهن جي نگاهن ۾ عجيب نشو ۽ اسرار هو ۽ تنهنجا ماريا ڪيري جي مڌر گيتن جهڙا ٽهڪ هڪ لمحي لاءِ به ڪو نه وسريا آهن....!
    رات قلم کڻي توکي خط لکڻ لاءِ ٽيبل تي ويٺو هوس، پر الائي ڇو لفظ هوائن جيان هر هر گرفت مان نڪري ٿي ويا ۽ ائين چند لمحن کان پوءِ بجلي بي وفائي ڪري وئي هئي. ڪافي انتظار کان پوءِ به لائيٽ نه اچڻ ڪري آءٌ ننڊ جي آغوش ۾ آهلي پيو هوس. هينئر جڏهن جاڳ ٿي آهي، تڏهن منهنجي ڪمري جي کُليل کِڙڪيءَ مان پرهه ڦُٽي جي پکين جون ٻوليون اندر ٽپي آيون آهن ۽ آءٌ پنهنجي پرندن جهڙي دوست ڏانهن اڌ ۾ ڇڏيل خط وري لکڻ ويٺو آهيان.
    اسحاق! آءٌ هتي جنهن ڳوٺ ۾ رهان پيو، ان ۾ سواءِ فطرت جي رنگينين، خوبصورت ڪتابن، چند دوستن جي پُرخلوص خطن ۽ هڪڙي وينگس جي محبوب نيڻن جي آٿٿ ۽ ادائن کان سواءِ باقي خاموشيءَ ۽ خود ڪلاميءَ جي موسم آهي ۽ انهن سمورين موسمن کي مون پوري محبوبيت ۽ مجذوبي سان ماڻيو آهي. منهنجو هي ننڍڙو ڳوٺ جيڪو لاڙڪاڻي ۽ موهن جي دڙي جي آغوش ۾ آباد آهي، سو لاڙڪاڻي شهر کان 28 ڪلوميٽر ڏکڻ طرف ۽ موهن جي دڙي کان اولهه-اتر جي ڪُنڊ تي رائيس ڪئنال جي ڪناري ويجهو ئي ڪجهه زرعي زمين تي اڏيل آهي، جنهن جي چوڌاري پري پري تائين ساوڪ ئي ساوڪ پکڙيل آهي. بهار جي ڏينهن ۾ جڏهن سرنهن ڦولاربي آهي، تڏهن چوڌاري پيلي گلن ۽ سائي پنکڙين جو منظر صبح جي پهر ۾ عجيب سحر طاري ڪري ڇڏيندو آهي. هتي ڳوٺ ۾ جيترو صبح جو منظر محبوب ۽ موهيندڙ آهي، اُتي شام به غضب جي ٿي ٿئي. هونءَ ته کيرٿر جو پهاڙي سلسلو هتان کوڙ فاصلي تي آهي، پر شام جي لهندڙ سج سان ڄڻ ته اهو کوڙ ويجهو سُري ايندو آهي ۽ سج جڏهن آخري ڀاڪي پائي پهاڙي ٽڪرين کان موڪلائڻ لڳندو آهي، تڏهن ٻهراڙيءَ جي ڳڀرو عاشقن جو هينئون عجيب اُنس ۽ آرزوءَ جي ساگر ۾ ٻُڏڻ ۽ اُپڙڻ لڳندو آهي...
    رائيس ڪئنال کان چند قدمن جي فاصلي تي منهنجو گهر آهي. ها منهنجو گهر، جيڪو حويلي نما آهي ۽ ان ۾ اسين چارئي ڀائر، انهن جا ٻار ٻچا ۽ امڙ، بابا گڏ رهون ٿا... هن جديد دَور ۾ جوائنٽ فيمليءَ جا ڊِس ايڊوانٽيجز پنهنجيءَ جاءِ تي، پر اُن جو وڏو ايڊوانٽيج اهو آهي، ته اُن ۾ ڏک ۽ سُک ورهائجي وڃن ٿا، ماڻهن جي پاڻ ۾ محبت ۽ پنهنجائپ هجڻ ڪري تنهائيءَ ۽ نڌڻڪائيءَ جو احساس گهٽ ٿو رهي ۽ ماڻهو بنا ڪنهن فڪر ۽ ڳڻتيءَ جي گهڻو ڪجهه گهمي ڦري ۽ ڏسي وائسي سگهي ٿو... جڏهن ته فيمليءَ ۾ اڪيلي هجڻ ۽ سنڀاليندڙ جي حيثيت ۾ جيڪو عذاب هجي ٿو، ان کان خدا ماڻهو کي پنهنجي پناهه ۾ رکي....!
    گهر جي مٿئين حصي ۾ منهنجو هڪڙو ڪمرو آهي، جيڪو منهنجو اسٽيڊي روم به آهي، ته بيڊ روم به... منهنجين اداسين، خوشين، خوبصورتين مطلب ته منهنجي جلاوطن جيءَ جي جاءِ پناهه ۽ جنت آهي منهنجو هي ڪمرو... مون هِن وقت تائين جيڪو ڪجهه لکيو، پڙهيو ۽ پُرجهيو آهي، اهو گهڻي قدر هِن ڪمري جي محبوبه جهڙي مهربان آغوش جي دين ئي آهي. شايد هِن ڪمري جو ساٿ، سڪون ۽ سانتيڪائي ميسر نه هجي ها، ته آءٌ يقينن اهو ڪجهه نه ڪري سگهان ها، يا شايد اهو ڪجهه هجان ئي نه ها، جيڪو ڪجهه ۽ جو ڪجهه هينئر آهيان...
    منهنجي ڪمري جو هڪڙو دروازو ۽ دري صحن طرف آهي ۽ ٻيو دروازو اولهه طرف گيلريءَ ۾ کُلي ٿو ۽ گيلري جي هيٺان هڪڙو ننڍڙو واهه وهي ٿو، جنهن جي ٻنهي ڪنارن تي ساوڪ ۽ وڻراهه آهي. پريان ٿوري پنڌ تي رائيس ڪئنال آهي، جيڪو سانوڻيءَ جي موسم ۾ پنهنجي اوج ۽ جوڀن تي هوندو آهي. آڌي رات جو جڏهن سارو ڳوٺ ننڊ جي آغوش ۾ هوندو آهي، پکي پنهنجي آکيرن ۾ وڃي آرامي ٿيندا آهن ۽ آڪاش ۾ چنڊ، ستارن جي ڄڃ سان پرينءَ جي پار ڏي پنڌ پوندو آهي، تڏهن آءٌ گيلريءَ ۾ اچي ويهندو آهيان. چَوطرف سانت ئي سانت ۽ ان سانت ۾ رائيس ڪئنال جي ٻانهن ۾ لڇندڙ بي چين لهرون، چنڊ جي مدهم روشني، هينئين ۾ ساروڻين جون هٻڪارون ۽ پني تي اوجاڳيل آڱرين ۽ من جي اڌمن جون آوارگيون... ائين مون انيڪ راتيون اکين ۾ ويهي ڪٽيون آهن. مون کي پنهنجن خوابيده ننڊن سان گڏوگڏ پنهنجون اوجاڳيل ۽ اکين ۾ ڪٽيل راتيون به عزيز ۽ پياريون آهن.
    اسحاق! آءٌ ڳوٺ ۾ گهڻو ڪري پنهنجي ڪمري ۾ ڪتابن ۽ موسيقيءَ جي سندر ساٿ ۾ ئي وقت گذاريندو آهيان. موسيقيءَ جا سُر منهنجي روح کي تراوت ۽ تازگي بخشيندا آهن. جنهن جو من موسيقيءَ جي روح سان معجزن نه ٿو هجي، جنهن جو جيءُ سُرن جي سرگم سان سلهاڙيل ۽ سنجوڳي نه ٿو ٿئي، اهو ماڻهو يقين ڄاڻ محبتن جو معراج ڪڏهن به ماڻي نه ٿو سگهي.
    ڪتاب، دماغ جون دريون کولي انهيءَ دنيا جو سير ڪرائين ٿا، جنهن ۾ ساڃاهه، سمجهه ۽ سُرت جون سُندرتائون پنهنجين پورين صداقتن سميت موجود هجن ٿيون. موسيقي روح کي راحت ڏئي ٿي، ته ڪتاب دماغ جي دنيا کي جوت ۽ جلا بخشين ٿا.
    منهنجو صبح پکين جي پيارين ٻولين، سج جي سندر ڪرڻن ۽ چَوطرف پکڙيل ساوڪ جي موهيندڙ منظرن سان شروع ٿيندو آهي. منجهند تائين ڪجهه پڙهائي، ڪجهه ميوزڪ ۽ ڪجهه وقت ننڊ جي نظر ٿي ويندو آهي ۽ شام جو رائيس ڪئنال جي پاڻيءَ ۾ لهندڙ سج جي آخري سنان جو محبوب منظر نصيب ٿيندو اٿم...
    لاڙڪاڻي جو پُرهجوم شهر ۽ موهن جي دڙي جا خاموش کنڊر منهنجي اداسين ۾ ڪڏهن اطمينان ۽ آنند، ته ڪڏهن بي چينيءَ ۽ بي قراريءَ جو عجيب روح ڦوڪي ڇڏيندا آهن. آءٌ لاڙڪاڻي جي پُرشور ۽ پرهجوم شهر جي بي پرواهه ماڻهن جي ڀيڙ ۾ ڪڏهن ڪڏهن پنهنجا سڀ اُلڪا ۽ انديشا وڃائڻ لاءِ پاڻ به انهن جو حصو بڻجي ويندو آهيان. نتيجي ۾ اُلڪن ۽ انديشن وڃائڻ بدران پاڻ وڃائي ويهندو آهيان. موهن جي دڙي جي کنڊرن ۾ اڪثر ڪجهه ملڻ ۽ واپسيءَ تي ڄڻ ته اتي ڪجهه وساري اچڻ جو احساس هر ڀيري ٿيندو اٿم.
    اهو ساڳيو احساس خيرپور ۽ لطيف يونيورسٽيءَ مان به هر ڀيري واپسيءَ تي ڏاڍو وياڪل ڪري ڇڏيندو آهي.
    پيارا! سچ پُڇين ته منهنجي اندر جي ٽئگور لاءِ لطيف يونيورسٽي ڄڻ شانتي نڪتين جيان آهي ۽ ان ۾ اوهان جهڙن دوستن جي موجودگي ويتر موهيندڙ ۽ محبوب ٿي ڀاسي.

    تنهنجو پنهنجو
    فياض لطيف
    19 نومبر 1996ع

    •••••

    مبارڪ جاني!

    شال سُکيو ۽ سلامت هجين.
    ڪڏهن ڪڏهن اظهار لاءِ لفظ ڏاڍا ننڍڙا ۽ ڪمزور ٿي ويندا آهن ۽ انهن ۾ انساني ڪيفيتون سمائڻ ڏاڍو اوکو ٿي پوندو آهي. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته لفظ ڪنهن به سرجڻهار لاءِ سرمايي جيان هوندا آهن، پر جيئن ڪنهن ڪنهن لاٰ سرمايو بي سود بڻجي ويندو آهي، ائين ڪڏهن ڪڏهن لفظن جي زبان منهنجي ڪيفيتن جي اظهار لاءِ ڏاڍي نحيف ۽ ناڪافي بڻجي پوندي آهي. مون سان جيون ۾ ائين ڪيئي ڀيرا ٿيو آهي، ته زبان جي گرفت ۾ لفظن جي انبارن هوندي به آءٌ پنهنجين ڪيفيتن ۽ احساسن کي پوريءَ طرح اظهاري نه سگهندو آهيان.
    ان ڏينهن ٽنڊومحمد خان مان تو کان موڪلائي گاڏي ۾ ويٺـس، پر حيدرآباد پهچڻ تائين عجيب ڪيفيتن ۽ احساسن جي لهرن ۾ ٻُڏندو ۽ اُپڙندو رهيس. ان حال ۾ جڏهن گهنور تائين پهتو هوس، تڏهن هو الائي ڪيئن منهنجي هينئين جي حالت ڀانپي ويو هو. گهنور به عجيب ماڻهو آهي. سندس اک ۽ اندر ۾ غضب جي جادوئي پرک آهي. هو اسان ٻنهي وانگر طويل بحثن جو عادي ڪونهي. نتيجن ۽ بنيادن جي منطق ۾ اسان جيان سندس موهه به ڪونهي، پر اسان ٻنهي کان ڪيترين ڳالهين ۾ الڳ هوندي به هو ڄڻ ته اسان جو حصو آهي... ساڻس چڱو وقت ڪچهري ڪرڻ کان پوءِ ڪوچ ملي، پر انتظار جي اها اذيت مون کان هن وقت به ڪو نه وسري آهي، جڏهن چوٿين ڏينهن کان پوءِ توکي هي خط لکي رهيو آهيان.
    مبارڪ! بي روزگاري ڪيڏو نه وڏو عذاب آهي! ان جو شديد احساس مون کي هن هڪڙي مهيني جي محدود مدت ۾ ٿيو آهي. مون ۾ جرئت، همت ۽ حوصلو آهي. آءٌ زندگيءَ ۾ ڪيئي ڀيرا ٽٽڻ کان پوءِ به ثابت قدم رهيو آهيان. ٽٽي جُڙڻ ۽ جُڙي ٽٽڻ ۾ ئي زندگيءَ جو حُسن آهي.
    بليو لائين ۾ چڙهڻ کان پوءَ خبر ناهي ڪهڙي پل اک لڳي وئي هئي ۽ خواب جي خمار ۾ پاڻ کي لطيف يونيورسٽيءَ جي وڻڪار ۾ موجود محسوس ڪيو هيم، جتي لهندڙ سج جي سونهري شامن ۾ هُن سانوري جون سرمدي اکيون منهنجي من جي تارن کي عجيب سحر ۾ ويڙهي ڇڏينديون هيون ۽ جيون جي سوين مجبورين ۽ مصلحتن باوجود زندگي ڏاڍي آزاد ۽ پرندن جي پرواز جهڙي محسوس ٿيندي هئي.
    مون جڏهن پنهنجي نوڪريءَ جي ڪانٽريڪٽ (مُدي) پوري ٿيڻ جي کيس خبر ڏني هئي، تڏهن فون تي کوڙ لمحن جي خاموشيءَ کان پوءِ ڏاڍي اداس لهجي ۾ چيو هيائين:
    “Fayaz! I will feel myself alone in the evenings of Latif University except of you, though fragrance of your memories will remain with me but not you yourself.”
    ٻئي ڏينهن خانم گوگوش جي گيتن جي آڊيوڪسيٽ ڏيندي چيو هئائين:
    “Try to feel me in her words and voice when ever you need. I will be with you indeed.”
    سال ڏيڍ جي لطيف يونيورسٽيءَ واري ان عرصي ۾ روز هن جو معمول هو، ته هوءَ صبح جو فون تي چند منٽ ئي سهي، پر ڳالهائيندي ضرور هئي ۽ شام جو ڪو گل، ڪو ڪتاب يا ڪائي آڊيوڪيسٽ گفٽ ڪندي هئي. ائين منهنجي هر صبح جي ابتدا هُن جي آواز سان ۽ شام سندس پسند جي ڪنهن خوشبو، ڪنهن خواب جهڙي ڪتاب يا ڪنهن ميوزڪ جي خمار جهڙي خوبصورتيءَ سان ٿيندي هئي. هر رشتي کي ڪونه ڪو تعلق ضرور هوندو آهي، پر تعلق ڪنهن به رشتي جو محتاج ڪو نه ٿيندو آهي. هوءَ خوشبو هئي يا خواب.... هوءَ آٿت هئي يا آجپو... هوءَ منهنجي ڪنهن اڌوري نظم جي پورتڻا هئي يا منهنجي ازلي اڃايل من جي مِرگهه ترشنا....!
    گاڏيءَ کي ڊرائيور اچانڪ ڪنهن شيءِ جي اڳيان اچي وڃڻ ڪري ايڏي تيز بريڪ هنئي هئي، جو مون سميت ڪيترائي ننڊ جي ڀاڪرن ۾ ڀريل همراهه ڇرڪ ڀري اُٿي پيا هئا. رات جو هڪ بجي ڪوچ لاڙڪاڻي پهچايو ۽ اتان ٽيڪسي ڪري ڳوٺ پهتس، جتي خبر پئي ته انٽرويو ڪال خيرپور يونيورسٽيءَ جي نه، پر سنڌ يونيورسٽيءَ جي هئي. ان وقت سفر جي تڪليف سچ ته ٻيڻو اثر ڏيکاريو هو ۽ آءٌ ٽرين مان رهجي ويل مسافر جيان پاڻ کي ڏاڍو تنها ۽ وياڪل محسوس ڪيو هو....!

    تنهنجو پنهنجو
    فياض لطيف
    30 نومبر 1996ع

    •••••

    سجاد!

    شال سُکيو ۽ سلامت هُجين.
    کوڙ ڏينهن کان پرس ۾ سانڍي رکيل هڪ نظم تو سان share ڪرڻ ٿي چاهيم، پر جڏهن فاصلي جي مسافت ۾ ڪاغذي ڪشتيءَ جي بي منزل ٿي وڃڻ وارو اُلڪو اندر ۾ اچي ٿي کُٽڪيو، تڏهن هٿ ۾ کنيل پين وري پاڪيٽ ۾ اچي ٿي وئي. اهو ئي سبب آهي، جو ڪافي بي چينين باوجود توسان رابطي جي تند جوڙي نه سگهيو آهيان. اصل ۾ ڪڏهن ڪڏهن انديشن جي بي يقيني ماڻهوءَ کي ڏاڍو مُنجھائي وجھندي آهي، انهن حالتن ۾ يقين ۽ بي يقيني جي پلصراط تي بيٺل ماڻهوءَ جون اِڇائون هوا جي دوش تي ڀٽڪندڙ وڻن جي پيلي پنن جيان ٿي وينديون آهن، پر انهن سڀني انديشن باوجود اڄ جڏهن ساڳيو نظم ٻيهر پڙهيو اٿم، تڏهن سمورن اُلڪن جي بي يقينيءَ کي منهنجي من جي اَڄاتي يقين ۽ نظم جي تخليقي ۽ احساساتي صداقت انوکو ڏڍ ۽ آٿٿ ڏنو آهي. وشواس اٿم ته هي ڪاغذي رومال ۾ ويڙهيل بنجمن مولائيس جي نيڻن جهڙو معصوم نظم تو تائين ضرور پهچندو.
    “When I born, I balck. When I grow up, I black. When I go in sun, I black. When I scared, I black. When I sick, I black and when I die, still I black and you white...! When you born, you pink. When you grow up, you white. When you scared, you yellow. When you sick, you green and when you die, you gray... and you calling me coloured...!”
    وقت جي ويسر ۽ دنياوي مصروفيتن جي ڌنڌ ۾ ماڻهوءَ کان کوڙ ڳالهيون وسري وڃن ٿيون، کوڙ شين جا عڪس ۽ احساس ڌنڌلا ٿي وڃن ٿا، کوڙ تصور ۽ تصويرون دل ۽ دماغ جي ڪئنواس تان ئي مِٽجي وڃن ٿيون، پر ڪجهه تعلق، رشتا ۽ ڪجهه ماڻهن سان روح رهاڻين جون راحتون ۽ رنگ، دل ۽ دماغ جي نيري ڍنڍ ۾ عمر ڀر ڪنهن اُجري ڪنول جيان تازا ۽ توانا ٿا رهن... ڪڏهن ڪڏهن آءٌ خود انهن تعلقن جي ريشمي ۽ پُر روح سُٻنڌ تي حيران هوندو آهيان، جيڪي لمحن ۾ جُڙي پوري جيون تائين جسم ۾ روح جيان رهي پوندا آهن. هيءَ زندگي به عجيب آهي ۽ ان کان وڌيڪ عجيب آهي، ان جي خوابن، خواهشن، ۽ خوبصورتين جي دنيا. ڪڏهن ڪن ماڻهن سان مهينا ۽ سال گڏ گذارڻ باوجود ناآشنائي ۽ اوپرائپ پنهنجيءَ جاءِ تي قائم دائم رهندي آهي، پر ڪڏهن ڪنهن سان ساعتن ۾ جنم ۽ جياپو جُڙي ويندو آهي. ڪڏهن ڪنهن جي هجڻ سان ڪائي ڪمي محسوس ڪونه ٿيندي آهي، سارا خال ڀرجي ويندا آهن، ساريون محروميون مِٽجي وينديون آهن، پر ڪڏهن هجومن ۾ هوندي به من هيکلو هوندو آهي، دل ويڳاڻي ۽ اداس ٿي پوندي آهي. ميلي ۾ وڃايل ٻار جيان هينئون هراسيل، نيڻ متلاشي ۽ وِماسيل رهندا آهن ۽ ڪنهن جي ڪمي شدت سان محسوس ٿيڻ لڳندي آهي....!
    ڪـڏهـن ڪـڏهـن هينـئـڙا، نه ٿو وڻيـن مون،
    جي تو سڄڻ سايان، سي وس نه آهن مون،
    جڏهن ڪڏهن تون، ٿو اڻ ڏٺي آرا ڪرين. (شاهه)
    آءٌ اڄ ڪلهه ڳوٺ ۾ ئي آهيان. سڄو ڏينهن گهڻو ڪري ڪتابن ۽ موسيقيءَ جي سندر ساٿ ۾ گذري ٿو. پروين سلطانه، پٺاڻو خان، عابده پروين، گرو رجنيش، امرتا پريتم، سارا شگفته ۽ ٻيا انيڪ سرجڻهار ۽ راڳي منهنجي ڪمري ۾ مون سان سارو وقت صحبتي آهن. شام جو سج لٿي ڌاري پنهنجي ڳوٺ کان وک پنڌ تي وهندڙ رائيس ڪئنال تي نڪري ويندو آهيان. پاڻيءَ تي پوندڙ، لهندڙ سج جا سونهري ڪرڻا ڏاڍا محبوب ۽ موهيندڙ لڳندا آهن ۽ انهن چند ساعتن ۾ ڄڻ ساري ڏينهن جا ڏک ۽ سور ڪافور ٿي ويندا آهن. اُڀرندڙ ۽ لهندڙ سج جي حسناڪين سان منهنجون کوڙ وابستگيون رهيون آهن. آءٌ جتي به هوندو آهيان، جنهن به ڪيفيت ۾ هوندو آهيان، اُڀرندڙ ۽ لهندڙ سج جا حسين منظر مون سان هم آغوش هوندا آهن ۽ ائين ئي چنڊ به سالن کان منهنجي تنها راتين جي سفر ۾ منهنجو هم سفر رهيو آهي...
    سجاد! ڪافي ڏينهن اڳ تنهنجو ننڊ ۽ جاڳ جي مليل جليل ڪيفيتن ۾ لکيل خط مليو، تنهنجي اوجاڳيل ۽ اداس نيڻن جو عڪس تنهنجي بي قرار ۽ بي چين لفظن جي اکين ۾ ڏاڍو چٽو نظر آيو.
    اڄ ڪلهه جن سوالن ۽ ڪيفيتن جي جهنگ مان تنهنجي خيالن ۽ خوابن جا پنڇي گذري رهيا آهن، اُهي موڙ هر حساس فرد جي جيون سفر ۾ اوس ايندا آهن، پر فرق صرف محسوسات ۽ انهن کي سمجهڻ جو هوندو آهي. تون جنهن معصومانه مزاج ۽ من سان انهن سوالن کي محسوس ڪرڻ ۽ سمجهڻ چاهين ٿو، انهن کي ٻيو ڪوئي ماڻهو ٻي ڪيفيت، انداز ۽ احساس سان سوجهيندو ۽ ساڃاهيندو آهي.
    سچ، حُسن، محبت ۽ ٻين اهڙين ڪيترين صداقتن جي پرک ماڻهوءَ جي داخلي ۽ خارجي حسيت تي منحصر هجي ٿي. ڪي ماڻهو انهن شين کي فقط خارجي مشاهدي ۽ ٻاهرين ڏيک ويک جي بنياد تي قبول ڪندا آهن. انهن وٽ سچ ۽ سونهن جا ماڻ ۽ ماپا طئي ٿيل ۽ روايتي هوندا آهن. ڪي وري انهن کي داخلي محسوسات ۽ ڪيفيت جي بنياد تي پرکيندا ۽ پروڙيندا آهن، پر ڪجهه ماڻهو اهڙا به هوندا آهن، جيڪي انهن ٻنهي جي برعڪس شين کي پنهنجي خارجي ۽ داخلي بصيرتن ۽ شعور جي آڌار پروڙيندا ۽ پُرجهندا آهن. انهن وٽ فهم ۽ ادراڪ به هوندو آهي ته وجدان به.... انهيءَ ڪري هو شين کي اندازن ۽ طئي ٿيل روايتي خيالن ۽ تصورن بدران کليل اک سان ڏسندا ۽ سجاڳ من سان ساڃاهيندا آهن... هُنن وٽ زندگيءَ جي حقيقت ڪنهن آبشار، ڪنهن گل جي سُڳنڌ ۽ ڪنهن متحرڪ مظهر جيان هوندي آهي، جنهن جو هر جلوو پنهنجي وجود ۾ محبوبيت ۽ سندرتا جون سوين صداقتون رکي ٿو. حقيقت ۾ سچ ۽ سونهن جون صداقتون ايتريون ته ڳوڙهيون ۽ گهريون آهن، جو انهن کي لفظن ۾ پوري طور بيان ڪرڻ ڏاڍو اوکو آهي. سونهن ڏسندڙ جي اکين ۾ هجي ٿي يا شين ۾؟ جيڪڏهن حسن ڏسندڙ جي اکين ۾ آهي ته پوءِ هن کي هر شيءِ خوبصورت ڇو نه ٿي لڳي؟ جيڪڏهن سونهن شين ۾ آهي ته پوءِ شيون سڀني کي هڪجهڙيون حسين ڇو نه ٿيون ڀاسن؟ ارسطو جي نظر ۾ حُسن، توازن، تناسب ۽ مربوط ڪل ۾ جزن جي فطري ترتيب جو نالو آهي، ته مائيڪل اينجلو وٽ سونهن ڪئنواس تي پکڙيل بي ربط رنگن جو نانءُ هجي ٿي. ساڳيءَ طرح سچ لاءِ به هر ڪنهن جو پنهنجو رايو ۽ پنهنجا دليل ٿين ٿا. بهرحال زندگيءَ جي صداقتن جي پُرجهه ۽ پروڙ لاءِ سوچ، ادراڪ، احساس ۽ آگهي جي پلصراط تان گذرڻو پوي ٿو... زندگي هڪ اهڙي يونيورسٽِي آهي، جيڪا هر ذي شعور ماڻهوءَ کي وقت اچڻ تي گهڻو ڪجهه سيکاري ٿي، تنهنجي عمر کي اڏام جا پَرَ اڃا هاڻي مليا آهن، جڏهن تون جيون-آڪاش ۾ اُڏامين، مون کي يقين آهي ته، تنهنجي ابابيلن جهڙين معصوم اکين ۽ پوپٽن جهڙي رنگين دل ۾ سمورن الجهيل سوالن جا سُلجهيل ۽ سُندر جواب ضرور جاڳي پوندا.

    تنهنجو پنهنجو
    فياض لطيف
    10 ڊسمبر 1996ع


    • سال 1997

    پيارا مبارڪ!

    شال سُکيو ۽ سلامت هجين.
    خبر ناهي، اسان ماڻهن جو وجود ڪهڙي مٽيءَ مان ڳوهيل آهي، جيڪو هزارين بارشن باوجود پنهنجي بدن ۾ بي قرار ۽ پياسو ٿو رهي...! مون ڪيئي ڀيرا پنهنجي وجود جي مٽيءَ کي تڙپ ۽ تشنگيءَ جي درياءَ ۾ ٻوڙي ٻيهر ڳوهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر اها ڀُرڻ ۽ ڀڄڻ بجاءِ پنهنجي وجود ۾ ويتر ڳوڙهي ۽ ڳاڙهي ٿي پئي آهي.
    هِن سود خور سماج ۾ پنهنجون مڙئي برداشتون خرچ ڪرڻ باوجود موٽ ۾ هر موڙ تي هڪ ڀاري پٿر سان پنهنجي شيشي جهڙي من کي مُنهن مقابل ٿيڻو پوي ٿو. آءٌ پنهنجي من جو اهو الميو ڪڏهن به سمجهي ڪونه سگهيو آهيان، ته گلن جي موٽ ۾ سدائين ڪنڊا پلئه پائيندڙ هي روڳي من، هر ڀيري لهو لهان ٿيڻ کان پوءِ به سدائين پنهنجي فطرت ۾ ڦول وادي ئي ڇو رهيو آهي؟ اسان جهڙا دامنِ صحرا ۾ جنم وٺندڙ ماڻهو، جيڪي جيءَ جي جلاوطن موسمن سان جيئڻ کان پوءِ انتظار جون انڌيون راتيون ڀوڳي، خزان رُتِ ۾ پيلي پنن جيان ڇڻي ويندا آهن، پر پوءِ به دنيا دارن جون شڪايتون تعاقب ڪونه ڇڏينديون آهن.
    دوست! جيڪي ماڻهو پنهنجيون معصوم ابابيلن جهڙيون آرزو ۽ امنگون ٻين جي قرض ۾ قربان ڪري ڇڏيندا آهن، اهي جيون ۾ ڪنهن قبر جي قطبي جيان ڏاڍا اداس ۽ تنها رهجي ويندا آهن. ڏک ته اهو آهي، جو عمر ۽ جوانيءَ جو البيليون بهارون، جن جي اوسيئڙي ۾ گذاري ڇڏبيون آهن، اُهي لمحن جو ساٿ به ڏئي نه سگهندا آهن!
    انهن سڀني المين جي آشنائيءَ باوجود اڄ تائين آءٌ اها ڳالهه نه سمجهي سگهيو آهيان، ته منهنجي من-مندر ۾ محبت ۽ موهه جي ديوي اڃا ڪهڙي معجزي تحت سلامت ۽ زنده آهي.
    مون پنهنجي اردگرد موجود اجهاڳ اجنبيت باوجود جيڪو جيون گذاريو آهي، سچ ته اهو ڏاڍو عجيب ۽ انوکو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ائين لڳندو اٿم، آءٌ وُٺيءَ کان پوءِ وارياسي تي ڦٽي پوندڙ ان خودرو کنڀي جيان آهيان، جنهن ۾ نسلي نشيبن بجاءِ مٽيءَ جي مهڪ ۽ فطري حسناڪي وڌيڪ نمايان هوندي آهي.
    اسان جهڙن ماڻهن جو جيون، ڪنڊي تي ماڪ جي قطري جيان هوندو آهي، جيڪو پوري رات ڪنڊي جي نوڪ تي رهڻ کان پوءِ صبح جو قهري ڪرڻن جو کاڄ بڻجي ويندو آهي....!
    تنهنجو پنهنجو
    فياض لطيف
    28 جنوري 1997ع

    •••••

    پيارا منظور!

    شال سَرهو ۽ سُکيو هجين.
    الاهي عرصي کان تو سان رابطي جي تند ٽٽل رهي آهي، پر ان جي باوجود تنهنجي يادگيرين ۽ روح-رهاڻين جا ريشمي ڌاڳا منهنجي من جي اردگرد محبت ۽ آٿت جون سرهائيون ۽ سندرتائون سرجيندا رهيا آهن. مون خيرپور يونيورسٽيءَ مان ڪجهه ڏينهن اڳ توکي، تنهنجِي مون وٽ موجود ائڊريس تي خط لکيو هو، جنهن جي خبر ناهي، ته تو الائي ڇو ڪائي موٽ ڪونه ڏني! خط تو تائين پهتو يا ڪنهن بي حس پوسٽ مين جي هٿ چڙهي ويو، جنهن روايتي ڪاهليءَ سبب ان کي ڪنهن ڪُنڊ ۾ ئي مدفون ڪري ڇڏيو!
    مٺا! اسان ماڻهو خطن جي ڪاغذي رومالن ۾ پنهنجين خواهشن ۽ خوابن جي خوبصورتين سان گڏوگڏ پنهنجن دوستن ۽ نيڻن جا اوجاڳا ۽ اوسيئڙا به پوسٽ ڪندا آهيون، پر جڏهن اهي بي رخ ۽ بي منزل هوائن حوالي ٿي ويندا آهن، تڏهن اسان جي وِماسيل نيڻن ۾ ويتر بي چينيون ۽ بي قراريون جاڳي پونديون آهن. منهنجن دوستن جو انگ الاهي مختصر آهي ۽ انهن اڍائي قلندرن جهڙن دوستن سان منهنجون محبتون ۽ قربتون به جنوني عاشقن جهڙيون آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ انهن اڍائي قلندرن جهڙن دوستن مان به، جڏهن هڪ جي ڪٽوتيءَ جو اوچتو ڀاري پٿر اچي سيني تي ڪِريو هو، تڏهن ائين ڀاسيو هيم ڄڻ هُئڻ جي باوجود آءٌ پنهنجو پاڻ کان وڃائجي ويو آهيان!
    منظور! ماڻهوءَ جو ايترو جذباتي ۽ اٽوٽ رشتو ماڻهوءَ سان ڇو ٿو جُڙي؟ ان جوڙ جي لهرن ۾ شعور ۽ سگهه جون ساريون ثابت قدميون هڪ لمحي ۾ ڪيئن ٿيون لڙهي وڃن؟ هن دنيا جي دوزخ ۾ ديوتائن جهڙو آٿت ۽ احساس ڏيندڙ ماڻهو پل ۾ بروٽس ڇو ٿا بڻجي پون...؟ اُهي ۽ ٻيا اهڙا ڪيترائي سوال آءٌ توسان شيئر ڪرڻ چاهيان ٿو، پر ميرپور خاص ۽ جوهي کان پوءِ تنهنجي پيرن ۾ ٻين الائي ڪهڙن شهرن جي راهن ۽ رستن جون مسافتون پٿاريون پيون آهن، جو ڪيترين ئي پُڇائن کان پوءِ به تنهنجو ڪوئي پتو ڪونه ٿو پوي....!
    آءٌ اڄڪلهه ڳوٺ ۾ ڪمري ۽ ڪتابن حوالي آهيان. ڪتابن ۽ موسيقيءَ جي سنگ ۽ ساٿ، اندر ۾ اهڙين موسمن کي جنميو آهي، جو هينئر ٻاهر جون موسمون ڏاڍا ڏنگ ٿيون ڏين... چؤطرف منافقيون، ڪوڙ ۽ چالاڪيون... محبتون ۽ ماڻهپو ته ڄڻ منهن لِڪائي وڃي ڪنهن ڪُنڊ ۾ لِڪو آهي، جنهن کي ڪنهن ڏينهن شايد ديو جانس جيان ڏينهن ڏٺي جو هٿ ۾ بتي کڻي ڳولهڻو پوندو...!

    تنهنجو پنهنجو
    فياض لطيف
    30 جنوري 1997ع

    •••••

    سجاد!

    ماڻهوءَ جي موهه جو منطق به ڏاڍو عجيب ٿو هجي ۽ ان کي دليل ۽ سبب به پنهنجا ٿين ٿا، جيڪي گهڻو ڪري عاقلن ۽ هوڏي اڪابرن جي مغز ۾ مشڪل سان ايندا آهن. اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا جي هن طوفاني دَور ۾ اُڀ کان وٺي ڌرتيءَ تائين جي ڪئنواس کي جاچنا جي اک سان ته پروڙي ۽ پُرجهي سگهجي ٿو، پر دلين جا معاملا ڀورڙي دانشورن جي عقلي آگهيءَ کان مٿاهان ۽ ممتاز هجن ٿا. اڄ دنيا جي ججهي آبادي پنهنجي ذهني ۽ جسماني مرضن جي مرهم، موهه جي آنند ۾ تلاش ڪري رهي آهي. انڌن اونڌن ويڄن کان وڌيڪ درويشن، ولين ۽ صوفي منشن جي آسڻن تي هي جيڪي ماڻهن جا ميڙا ۽ هجوم ڏسجن ٿا، اهي جسماني دردن کان وڌيڪ ذهني ۽ روحاني روڳن ۾ ورتل هوندا آهن. انهن کي مانـي ۽ معـاشي ڏُڪار کان وڌيڪ محبتن ۽ آٿٿ جي اڻ هوند ماريو هوندو آهي.
    مٺا! خاموشيءَ کي به پنهنجي زبان ٿيندي آهي، پر ان کي طوالت جو عمل گونگو بڻائي ڇڏيندو آهي. ڪافي ڏينهن کان تنهنجن خطن جي خاموشيءَ ۾ مون معنائون ٿي تلاش ڪيون ۽ ڪاغذي ڪفن ۾ مدفون اڻپوري احساس ۽ اڌورين تمنائن تي ٿي ويچاريو، پر پوءِ سوچيم ته واقعي جيءَ کان جلاوطن محبتن جو مقدر خواب ۽ خانه بدوشيون هونديون آهن.
    الائي ڇو ڪڏهن ڪڏهن ائين لڳندو اٿم، ته آءٌ ڪجهه خط پاڻ ڏانهن لکندو آهيان، جن جي لفافي تي لاشعوري طور ائڊريس ڪنهن ٻي جي لکجي ويندي آهي ۽ موٽ ۾ انتظار ۽ اوسيئڙي جون بي مِهر موسمون منهنجن نيڻن ۾ ٽِڪي پونديون آهن. ڪڏهن ڪڏهن وري ان جي برعڪس ائين ڀاسندو اٿم، ته ٻين ڏانهن لکيل خط منهنجي ائڊريس واري لفافي ۾ غلطيءَ وچان پئجي ويندا آهن ۽ پوسٽ ڪرڻ کان پوءِ ٻن ڏينهن جي خانه بدوشي ۽ هڪ ڳاڙهي پين جي ڪراس سان گڏ اهو لفافو ۽ پوسٽ مين اچي منهنجي در تي دستڪ ڏيندا آهن. لفافي جي وصوليءَ کان پوءِ منهنجو من عجيب احساسن جي الجهن ۾ وڃائجي ويندو آهي، جنهن کي سلجهائڻ ۽ سميٽڻ لاءِ ڏاڍا ڏينهن لڳي ويندا آهن.
    ڪافي ڏينهن اڳ تنهنجي نالي لکيل هڪ خط ۾ آءٌ پنهنجي نالي لکيل هڪ نظم شعوري/لاشعوري طور پوسٽ ڪري چڪو آهيان ۽ نتيجي ۾ اوجاڳو ۽ انتظار منهنجن نيڻن ۾ ڏاڍا ڏينهن ٽِڪي پيو آهي ۽ تون آهين، جيڪو هڪ خط ۾ پوسٽ ڪيل ڀنل نيڻن جهڙي معصوم نظم جي پهچ لاءِ ٻن لفظن جي موٽ جو آٿت به ڪونه ٿو اُماڻين...!
    سجاد! ياد اٿئي جنهن شام مون خوبصورت کجين جي آغوش ۾ آباد خيرپور ۽ ان جي کوڙ حسناڪ راهن ۽ راحتن کان جڏهن ڳراٽڙي پائي موڪلايو ٿي، ان سانوري شام جي سُندر ۽ ڪجهه ڪجهه اداس ۽ وياڪل لمحن ۾ تون ۽ نديم به مون سان گڏ مون کي گاڏيءَ تائين ڇڏڻ آيا هُيو. گاڏيءَ ۾ مون پنهنجو سمورو سامان رکڻ کان پوءِ به خيرپور ۾ ڪجهه رهجي وڃڻ واري احساس جو اوهان سان اظهار ڪيو هو. سچ ته اهو احساس اڄ به منهنجي من-اندر ۾ اوجاڳيل ۽ بي آرامي آهي!

    تنهنجو پنهنجو
    فياض لطيف
    14 جولاءِ 1997ع

    •••••

    مبارڪ!

    ماڻهوءَ جي من جون موسمون به ڏاڍيون عجيب ٿيون ٿين، پل ۾ پُررونق، ته گهڙيءَ ۾ گهائجي ويندڙ.... ماڻهوءَ جو عزم ڪڏهن پهاڙن کي پرزا ڪري ڇڏي ٿو، ته ڪڏهن وري اهو ئي پهاڙن کان اڏول انسان هڪڙي ڪنڪر لڳڻ سان ڀڄي ڀُري پُرزا ٿي پوي ٿو...!
    جن ماڻهن جو جيون بي مِهر موسمن ۽ وقت جي خزائن ۾ خرچ ٿي ويندو آهي، انهن جا نيڻ پٿر ٿي ويندا آهن ۽ پٿرن ۾ مدفون خواب گهڻو ڪري ڪنهن قبر جو قطبو ئي بڻجي سگهندا آهن!
    منهنجي وجود جي مٽي ته ڪنهن هاريءَ جي گهر ۾ ڳوهي وئي، پر ان ۾ روح ڪنهن خانه بدوش جوڳيءَ جو اوتيو ويو، انهيءَ ڪري عمر ڀر رولاڪي منهنجو روڳ بڻيل رهي آهي. مون سان بهارن کان وڌيڪ خزائن جو ساٿ رهيو آهي، سُک ۽ سهنجائيون هوا جي جهونڪي جيان مون وٽ مهمان رهيون آهن، پر ڏک ۽ ڏهاڳ سدائين منهنجا هم سفر رهيا آهن.
    ڏيکاريس ڏکن، گوندر گس پرين جو.... (شاهه)
    جيئن جيئن ماڻهوءَ جي عمر وقت جي وهڪري ۾ وهندي وڃي ٿي، تيئن تيئن گهڻو ڪجهه وڃائڻ جي موٽ ۾ جيڪي چند تجربا، مشاهدا ۽ محسوسات پلئه پون ٿا، اُهي ڪن حالتن ۾ اهڙا ته اَملهه ٿا هجن، جو انهن تي پورو جيون قربان ڪري ڇڏڻ تي به ڄڻ ڪائي ججهڪ محسوس ڪو نه ٿي ٿئي. ڪالهه تائين منهنجي مڙني چاهنائن ۽ چين جو محور ۽ مرڪز هڪ بدلجندڙ مزاجن واري ”ماڻهوءَ“ جو شيشي جهڙو تصوراتي وجود هو، جنهن جو هر بي موسمي رويو به بهار جيان ڀاسندو هو، پر اڄ اهو وقت جي سچ جي ڀاري پٿر تي، خيال جي هٿن مان کِسڪي اوچتو ڪِري، ڇيهون ڇيهون ٿي ويو آهي. حقيقت ۾ ”هُن“ جي اها بي وفائي ۽ بي وڙائي ئي هئي، جنهن منهنجي من کي هڪ انوکي معنى جي موسمن سان آشنا ڪيو!
    حُسن فاني آهي، اُنهيءَ ڪري ئي موهيندڙ ۽ محبوب ٿو ٿئي. اهو موهيندڙ ۽ حَسين آهي، انهيءَ ڪري فاني هجي ٿو. فنا کي بقا آهي ۽ بقا کي فنا، اهو ٻن متضاد صداقتن جو امتزاج انهيءَ ڪري به پيارو آهي، جو ان کي پنهنجي هڪ فطري حسناڪي ۽ حقيقت آهي. جيئن هڪ پاڻيءَ جو قطرو، سمنڊ جي ڪُليت ۽ ڪثرت جو هڪڙو جزو آهي، ائين ئي هڪ فرد ۽ ڪنهن منظر جي محبوبيت، حُسن ڪل جو هڪ قطرو هجي ٿي، ان صداقت کي پرجهڻ ۽ پرکڻ کان پوءِ هڪ فرد جي حُسن کي ڪل ڪائنات جي سونهن سمجهڻ وارو منهنجو تصور، سچ ته هاڻي مون کي بنگلي جي بالڪونيءَ ۾ بيٺل، ڪنهن اوباش شخص جو اوڻٽيهين جي ڌنڌلي چنڊ کي پررونق ۽ پُرنور ڀانئڻ واري ڀورڙائي جيان ٿو ڀاسي... من جي آرسي، پُرديد اک ۽ ادراڪي احساس، سونهن جي بي انت جلون ۽ مظهرن کي پُرجهڻ ۽ پسڻ جو بهترين ذريعو هجن ٿا. دل مان دوئي ڪڍي اکين تان ڌنڌ جي عينڪ هٽائڻ سان، حقيقت جا چهرا اُجرا ٿي پون ٿا ۽ ڪائنات جي ڪئنواس تي حقيقي سونهن پنهنجي مڙني حسناڪين سميت نکري نروار ٿئي ٿي....!

    تنهنجو پنهنجو
    فياض لطيف
    19 سيپٽمبر 1997ع


    • سال 1998

    پيارا مبارڪ!

    شال سُکيو ۽ سلامت هجين.

    مٺا! الاهي ڏينهنِ کان دل ويران شهر جيان اڪيلائيءَ جا عذاب ۽ اذيتون ڀوڳي رهي آهي. امر جليل ڪٿي لکيو آهي ته ”مان اذيتن ۽ خزائن جي موسمن ۾ لکي سگهندو آهيان، گُهٽ ۽ ٻوسٽ ۽ ڏکين حالتن ۾ پنهنجي وجود ۾ وڌيڪ سگهه محسوس ڪندو آهيان.“
    ساڳيءَ ريت محبتن جي حاصلاتن پويان پاڻ گنوائي ڇڏيندڙ ڊِچ مصور وان گوگ پنهنجا شاهڪار به عجيب اذيتن ۽ تڪليفن ۾ پچِي ۽ پڄري تخليق ڪيا، پر انهن جي برعڪس آءٌ اهڙن لمحن ۾ هڪ سِٽ به لکي نه سگهندو آهيان. ڏک ۽ پيڙائون مون کي ڀَڃي ڀوري ۽ وکيري ڇڏينديون آهن. آءٌ خزائن ۾ اُجڙيل وڻ جيان پن پن ٿي اُجڙڻ ۽ وکرڻ کان پوءِ پاڻ کي جوڙيندو آهيان. ٽٽي جڙيل وجود ۾ جڏهن ستُ ۽ ساهس موٽي ايندو آهي، تڏهن منهنجن خيالن ۽ خوابن جا پنڇي پنهنجن احساسن جا پَرَ پکيڙي ڪاغذ جي آڪاش تي اُڏامڻ لڳندا آهن. پنن تي پنهنجي آرزوئن ۽ اذيتن کي اظهارڻ کان پوءِ هينئون کوڙ هلڪو، اوجاڳيل ۽ بي آرامي نيڻ کوڙ آرامي ۽ ننڊاکڙا محسوس ٿيندا آهن. جيڪو عرصو تو کان رابطي جي حوالي سان ڪٽيل رهيس، ان ۾ ڪجهه لکي نه سگهڻ وارو نقصان ته پنهنجيءَ جاءِ تي، پر ان وچ ۾ مون پاڻ کان وٺي پاڻ سان لاڳاپيل انيڪ قلمڪارن جي جستجو ۽ جيون ڪٿائن جا ورق ورايا آهن، جن جي فڪري ۽ احساساتي تاثر منهنجي ڇڙوڇڙ ۽ منتشر سگهه ۽ سوچن کي ڪافي يڪجاءِ ڪيو آهي...
    هن دنيا جو پورو نظام هڪ متوازن ڏيتي ليتيءَ جي مضبوط بنياد تي قائم آهي. رشتيداريءَ کان وٺي دوستين ۽ محبتن جي تعلق جو سرشتو، اميدن ۽ ٻيڻي واپسيءَ جي ترت موٽ واري اصول تي مدار رکندڙ آهي، جنهن ۾ ٿورڙي ڪوتاهي سڄي ڪَئي - ڪرتئي جو ستيا ناس ڪري ڇڏي ٿي. پيءُ ۽ ماءُ کان شروع ٿيندڙ اهو توقعات جو سلسلو ڀائرن، ڀيڻن، زال، اولاد ۽ ٻين انيڪ معاشرتي رشتن ناتن کان ٿيندو، دوستين ۽ محبتن تائين پهچڻ کان پوءِ به ڪٿي ڇيهه ڪونه ٿو ڪري.... هڪ فطري جبلت تحت ٻن پياسي وجودن جي جنسياتي تسڪين ۽ ان سنجوڳ مان هڪ وجود جو جنم، جيڪو فطري ۽ اٽل هجي ٿو، پر ان جي جنم سان ئي ان سان غير فطري ۽ غير ضروري توقعات وابستا ڪيون وڃن ٿيون، جيڪي ان کي آزاد جياپي بجاءِ غلاميءَ جو جيون عطا ڪن ٿيون. وڏو ٿي ڪمائي کارائيندو، پوڙهائپ ۾ سهاري جي لٺ بڻجندو، ڏکيءَ سُکيءَ ۾ ڪم ايندو، اُهي آٿت ۽ سهاري جون اُميدون ته پنهنجي جاءِ تي، پر ٻيون اهڙيون انيڪ احساسِ محروميون ۽ خواهشون هڪ معصوم وجود تي جبرن مڙهيون وڃن ٿيون، ۽ هو عمر ڀر چاڪيءَ جي ڏاند جيان چُڙندو ۽ چِڪندو رهي ٿو... نتيجي ۾ جنم وٺندڙ وجود جون پنهنجون خواهشون، خواب ۽ خوبصورتيون پنهنجي وجود اندر پيسجي ۽ پڄري پوريون ٿي وڃن ٿيون. جوڀن واريءَ عمر تائين پهچندي پهچندي هن جي وجود ۾ ٽڙندڙ خوشين، خوبصورتين ۽ خوابن جا گلاب پاڻ سان لاڳاپيل رشتن ۽ ناتن جي گُهرجن ۽ غرضن ۾ خرچ ٿي مُرجهائجي ۽ مري وڃن ٿا. نتيجي ۾، هڪ خالي گهر جهڙي ويران وجود ۾ انڌيرا ۽ اڪيلائيون اچي واسو ڪن ٿيون. ڪچي مٽيءَ مان جوڙيل انسان پنهنجي وجودي بي قرارين ۽ بي چينين ۾ جڏهن پاڻ ئي ڀڄي ۽ ڀُري پوندو آهي، تڏهن ان کي جوڙڻ ۽ جيارڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو آهي. جڏهن احساسِ محرومين جو راڪاس ماڻهوءَ جي مڙني مسرتن ۽ چاهنائن کي ڀيلي ويندو آهي، تڏهن ماڻهو جو جيءُ ائين خالي ٿي ويندو آهي، جيئن پکين کان پوءِ آکيرا خالي ٿي ويندا آهن، جيئن روحن کان پوءِ جسم کوکلا ٿي ويندا آهن...!
    مون کي اهو احساس ان ڏينهن شدت سان محسوس ٿيو هو، جنهن ڏينهن پاڻ سوين ماڻهن جي هجوم ۾ هڪ روح کان خالي ٿي ويل گهنور خان جي خاموش مڙهه جو مُقام تائين واري سفر ۾ ساٿ ڏنو هو. زندگيءَ سان سوين حسرتون ۽ حسناڪيون لاڳاپيل ٿين ٿيون، پر مُئي سان چند نيڻن جا لڙڪ ۽ گلابن جون ڪجھ پنکڙيون لمحن، ڪجهه ڏينهنِ ۽ هفتن لاءِ ئي ساٿ ڏئي سگهنديون آهن.
    پاڻ زنده آهيون ۽ زندگيءَ جي ان وهنوار جو حصو آهيان، جنهن ۾ ٻين لاءِ جيئڻ عبادت ۽ خود لاءِ جيئڻ خود غرضي ۽ عيب مترادف آهي. جيڪو وڻ پاڻ اندران پُورو ۽ خزائن جو اُجڙيل هوندو، اهو ڪنهن ٻي کي ڀلا ڪهڙي پناهه ۽ ڇانورو ڏئي سگهندو....!
    منهنجي من-آکيري ۾ چند ماڻهن جي محبتن ۽ آٿت جو احساس اڃا به معصوم پکيئڙن جيان موجود آهي، جي اهو اڏامي ويو ته پوءِ پتو ناهي پاڻ به الائي ڪهڙي ڪنڌي هجون...!
    پيارا! اسين زندگيءَ ۾ موت جهڙيون اذيتون ڀوڳيندڙ ماڻهو آهيون. اسان جا خواب هڪ رُدالي جي نيڻن ۾ خشڪ ٿي ويل لڙڪن جيان آهن. محبتن جي موٽ ۾ جنم ٽيپ ڪاٽيندڙ اسان جهڙا ماڻهو پنهنجن محرومين ۾ ئي ڪنهن ڪچي گهڙي جيان ڀُري پوندا آهن ۽ پوءِ پوري عمر سهڻي بنا، ميهار بڻجي، سُڃو ۽ ٻُسو جيون جيئڻو پوندو آهي.
    آءٌ بنيادي طور تي ڏاڍو وکريل ۽ بي ربط ماڻهو آهيان، تنهنڪري ڪڏهن ڪڏهن ڪتابن، ميوزڪ ۽ تنهائيءَ جي موسمن جي ساٿ ۾ ڏاڍو طويل سفر ڪري ويندو آهيان، جتي ڪجهه وڃائجي وڃڻ واري احساس کي تلاشڻ کان پوءِ به پنهنجي وجود ۾ سگهه ميڙڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان، جيڪا مون کي منهنجي ڪمري تائين پهچائي، پاڻ الائي ڪيترن ڏينهن تائين خانه بدوش ٿي ويندي آهي.
    محبتن جي حاصلات ماڻهوءَ جي جيون ۾ انيڪ رنگ ۽ رونقون نکاريندي آهي، پر شاعريءَ جا رنگ کوڙ ڏينهن کان منهنجي جيون جي گلشن مان پوپٽن جيان اڏامي ويا آهن، جنهنڪري من جو موسمون ڏاڍيون اُٻاڻڪيون ٿي پيون آهن. جيءُ جذبن، احساسن، خيالن ۽ خوبصورتين سان ڀريو پيو آهي، پر لفظ آهن، جيڪي روح جي ربط سان ريجهن ئي ڪونه ٿا.... نثر ۾ پنهنجين بي چينين کي آنند جو آغوش ارپڻ لاءِ ڪوشش ۾ آهيان، پر دل جيان بي چيا اظهار جا اوجاڳيل نيڻ نثر جي آغوش ۾ آهلڻ لاءِ آماده ئي ڪونه ٿا ٿين.
    هتي اڄڪلهه برسات جي موسم آهي. ڪالهه کان ڀريل سانورن بادلن پياسي ڌرتيءَ کي خوب سيراب ڪيو آهي. موسم جي تبديليءَ ڪري کنگهه ۽ ڳلي ۾ تڪليف ٿي پئي آهي، جنهنڪري ڊيوٽيءَ تي به ڪونه پيو وڃان، سڄو ڏينهن ڪمري، قلم، ڪتابن ۽ موسيقيءَ جي ساٿ ۾ ٿو گذري... ڪڏهن ڪڏهن گهر جي شهر جھڙي گهماگهميءَ ۾ پنهنجو پاڻ ڪنهن وڃايل ۽ وياڪل ٻار جيان ٿو لڳيم، جنهن کي ماڻهن جي هجومن هجڻ باوجود ڪو چيچ کان وٺي ريجهائڻ ۽ آٿت ڏيڻ وارو به ڪونه ٿو هجي، نتيجي ۾ اداس نيڻن مان لڙڪن لڙي پوڻ کان پوءِ پنهنجي ويڳاڻي من کي پاڻ ئي ريجهائڻ لاءِ ”شاهه جو رسالو“ ڏيڻو پوي ٿو.
    مٺا! ڪجهه ڏينهن اڳ تو کان موڪلائي موٽ جي سفر دوران وين جي دريءَ مان ٻاهر نظر ايندڙ منظرن کي نظرون ارپي پوري سفر ۾ پاڻ کي کوڙ مصروف رکڻ جي ڪوشش ڪيم، پر جيءَ جي جلاوطني ڏاڍي اذيتناڪ ٿي هجي، جنهن کي ڪنهن حسين منظر جي محبوبيت به ڏاڍو ڏکيو ٿي موهي!

    تنهنجو پنهنجو
    فياض لطيف
    4 مارچ 1998ع

    •••••

    پيارا منظور ٿهيم!

    شال سُرهو ۽ سلامت هجين.
    ڪافي ڏينهن کان چاهيم پئي ته تو سان ملي، تنهنجي امڙ جي وڇوڙي واري زخم تي ڪائي آٿت جي مرهم رکجي، پر اوهان سان رابطو ڪو نه ٿي ٿيو ۽ نه ئي اها خبر ٿي پئي، ته تون اڄڪلهه ڪٿي آهين. کوڙ عرصي کان ملاقات ۽ رابطي نه رهڻ ڪري ڪڏهن ڪڏهن ڪيترين نه ڏکائين سان مُنهن ڏيڻو ٿو پوي...! صحيح ايڊريس نه هئڻ ڪري خط ذريعي رابطي واري اِڇا به اڻپوري رهي، ٻه ٽي ڀيرا خط لکيا به، پر لفافي کان اڳ ئي هٿن ۾ پرزا پرزا ٿي هوائن جي نظر ٿي ويا. پَٽ تي وکري ويل ڪاغذ جي ٽڪرن کي ميڙي هڪ مُٺ ۾ ڪري، هر ڀيري هڪ احساس جي چهنڊڙي پنهنجي اندر ۾ محسوس ڪئي اٿم. الائي ڇو لفظن ۾ عجيب بي ترتيبي ۽ رسمي هجڻ واري خيال اڪثر مون کي پنهنجن عزيز ۽ آٿت جي احساس جهڙن دوستن سان رابطي کان وقتي طور ٿيڙي، خاموشيءَ جي اداس راهن ۾ ڀِٽڪائي پئي ڇڏيو آهي ۽ نتيجي ۾ ڏينهن تائين ڏهاڳ ڀوڳڻو پيو آهي.
    ڪڏهن ڪڏهن ائين ڀاسندو آهي ته پاڻ زندگيءَ جي مسافت ۾ رولاڪين جا راهي آهيون ۽ پنهنجي منزل ڀٽائيءَ جي هن بيت جهڙي ٿي هجي:

    هــيــڪــلـيــائـــي هـيــــل، پـــوريـنــــدس پـنـهـــــون ڏي،
    آڏا ڏونـگـــر لـڪـيــون، ســوريــــون سُـجهــــن سـيــل،
    ته ڪر ٻيلي آهن ٻيل، جي سور پريان جا ساڻ مون.

    اسان جي تاريڪ راهن ۾ چنڊ ۽ تارن جي روشني اهڙي هم سفر سمان آهي، جن جو ساٿ ۽ سٻنڌ اسان ۾ سدائين جياپي جي روح کي بيدار ڪندو ٿو رهي. خوابن جون حسناڪيون ۽ آدرشن جا احساس ئي اسان جهڙن ماڻهن جي جيون جو وڏو اثاثو هوندا آهن. پاڻ اصولن ۽ آدرشن جي راهه ۾هزارين آزمائشون ۽ پيڙائون پنهنجي جهول ۾ مرڪي کندڙ ماڻهو موٽ ۾ ڇا پلئه پائيندا آهيون؟ اهو سوال جڏهن به منهنجي سامهون ايندو آهي، منهنجو جيءُ ڪنهن زخمي پرندي جيان ڏاڍو بي چين ۽ اداس ٿي پوندو آهي، پر هِن بي حس سماج ۾ ڪري به ڇا ٿو سگهجي، سواءِ ڪنهن کاهوڙي جيان پنهنجو پاند بچائي خاموشيءَ سان خود کي تلاش ڪرڻ ۽ ثابت قدم رهڻ جي...!
    منظور! تون منهنجي اڍائي قلندرن جهڙي دوستن مان اهو دوست آهين، جنهن جي هئڻ جو احساس سدائين مون کي هن مُئل ڍور جهڙي معاشري ۾ بامعنى جياپي جو اتساهه عطا ڪندو رهيو آهي. تون مون کان هڪ پل لاءِ به، ان وقتي راّبطي نه هئڻ باوجود ڪونه وسريو آهين. ڪنهن نه ڪنهن موڙ تي، ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان، تون ۽ تو جهڙا منهنجا چند دوست منهنجي سمرتين ۾ مون سان گڏ رهيا آهن. ماڻهوءَ کي وقت، حالتون ۽ تجربا گهڻو ڪجهه سيکارن ٿا ۽ ان سکيا واري عمل ۾ ماڻهو گهڻو ڪجهه وڃائي به ٿو. مان سمجهان ٿو ته گهڻو ڪجهه وڃائڻ کان پوءِ به مون ايترو ڪجهه حاصل ڪيو آهي، جو انيڪ ڀيرا ٽٽڻ کان پوءِ به ثابت قدم آهيان. تو ڏانهن لکيل ۽ هوا ۾ پرزا پرزا ٿي اڏامي ويندڙ خطن جو الميو به ڪجهه وڃائڻ واري منهنجي ان عمل جو نتيجو آهي، جنهن جي نقصان ۽ لاڀ واري پهلوءَ مون کان ڪافي ڏينهن تائين قلم پَراهون ڪري پئي ڇڏيو آهي. هينئر سچ پڇين ته تنهنجي مليل خط ۽ ان ۾ موجود احساسن مون ۾ نئون روح ۽ اتساهه اوتي ڇڏيو آهي.
    تون زندگيءَ، محبت ۽ اندر جي بي قرارين بابت جنهن انداز ۾ سوچين ٿو، اهو تنهنجي ڪافي تجربن، مشاهدن، احساسن ۽ ڪيفيتن جو عملي نتيجو آهي. هر لمحو جهڙيءَ ريت تنهنجي نظرن اڳيان گذريو آهي، ان جهڙيءَ ريت تنهنجن جذبن ۽ احساسن کي ڪيفيتن جي لهرن ۾ لوڙهيو آهي، تو ڪيفيتن جي احساساتي ۽ داخلي پهلوئن کي لفظن جي رنگن سان ڪاغذ جي ڪئنواس تي جنهن تجريدي انداز ۾ پينٽ ڪيو آهي، اهو پهرين نگاهه ۾ ئي موهيندڙ ۽ متاثر ڪندڙ ٿو لڳي، پر ان جو جيڪو نتيجاتي عنصر آهي. اهو ڏاڍو پيڙائيندڙ ۽ ڪرب ناڪ ٿو هجي.
    ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي، ته موت ۽ زندگي، حياتيءَ جا ٻه اهڙا دروازا آهن، جن مان هڪ ۾ اَجل جي اوندهه ۽ ٻي ۾ جياپي جي روشني ۽ رونق هجي ٿي. اوندهه ۽ روشني هڪٻئي جو تضاد آهن. گلابن سان گڏ ڪنڊن جي موجودگي اڻ ٽر ٿي هجي، پر ڪنڊن باوجود من هميشه چونڊ گلابن جي ئي ڪندو آهي. اهو فطري عمل آهي، جنهن کان ڪنهن به طور تي انڪار ڪري نه ٿو سگهجي.
    آءٌ هميشه ان خيال جو رهيو آهيان، ته زندگي خواهشن جي قيد ۾ ڪنهن جنم قيدي جيان پلن پوري ٿيڻ جي انتظار ۽ اوسيئڙي جو نانءُ نه، پر اڪيلائيءَ ۾ آٿت ۽ اُس ۾ ڇانوَ جي احساس جهڙي ڪنهن آدرش لاءِ پاڻ ارپي ڇڏڻ جو احساس ۽ حقيقت آهي. ڪنهن سان پنهنجي موھ جو من واڳي ڇڏڻ ۾ عجيب آنند آهي، توڙي جو ساحر لڌيانوي جيان، چين کان پوءِ بي چيني ۽ بي چينيءَ کان پوءِ چين جي صداقت زندگيءَ سان عمر ڀر سلهاڙيل رهي ٿي.

    چند کلیاں نشاط کی چن کر، مدتوں محو یاس رہتا ہوں
    تیرا ملنا خوشی کی بات سہی، تجھ سے مل کر اداس رہتا ہوں
    پيارا! جيءَ جي بي قراريءَ جو قرار ڪٿي ٿو هجي؟ ڪيئن چئجي...!

    جهڙيءَ ريت ڀرئي سمنڊ ۾ سِپي اُڃاري ٿي رهي، تهڙيءَ ريت هِن وشال ڪائنات ۾ زندگي به سدائين اُڃايل ۽ پياسي ٿي رهي. ان جي پياس جو وقتي طور پورائو ته ماڻهوءَ جو موهه ۽ محبت ڪري ٿي، پر جيون جو دائمي قرار ڇا ۾ هجي ٿو؟ ان لاءِ حتمي طور ڪجهه به چئي ڪونه ٿو سگهجي...!
    جيڪي ماڻهو زندگيءَ جي بي قراريءَ ۽ پياس جي پورائيءَ لاءِ اَجل جي چونڊ ڪن ٿا، اهي سچ ته زندگيءَ جي سندر ۽ موت جي بي لذت هجڻ واري صداقت کان بنهه اَڄاڻ هجن ٿا. آءٌ موت جي حقيقت کان انڪاري ڪونه آهيان. موت ته هڪ فطري عمل آهي، جيڪو هڪ نه هڪ ڏينهن هر جاندار لاءِ انت جو سامان کڻي اچڻو آهي، پر هزارين پيڙائن ۽ دردن باوجود زندگي ڏاڍي حسين ۽ پياري ٿئي ٿي.
    زندگي فطرت جي باغ جو اهو خوشبودار ۽ سندر گل آهي، جنهن کي پنهنجون موهيندڙ موسمون هجن ٿيون. جيون ۾ اجنبيت جو احساس عارضي ٿئي ٿو. جڏهن زندگيءَ جي موسمن ۽ سندرتائن کان مُنهن موڙجي ٿو، تڏهن اوپرائپ ۽ خالي پڻي جو احساس ماڻهوءَ کي وڻ ويڙهي جيان وڪوڙي بي معنى بڻائي ڇڏي ٿو. نتيجي ۾ پرمتڙيو ۽ خوشين کان خالي ٿي ويل ماڻهوءَ جو من موت جهڙي بي لذت لمحي جي چونڊ ڪري ٿو. وقتي ڪيفيتون ماڻهوءَ جي وجود جو حصو هجن ٿيون، جن کان انڪار ڪري نه ٿو سگهجي، پر انهن کي زندگيءَ تي مسلط ڪري ڇڏڻ، خود زندگيءَ سان زيادتي آهي.
    زندگي مون لاءِ محبت ۽ مسلسل جدوجهد سان خوبصورت ۽ پُروقار جياپي جيئڻ جو نانءُ آهي. ”پيهي پاڻ سڃاڻڻ“ وارو عمل زندگيءَ کي حسناڪين عطا ڪرڻ سان گڏوگڏ بامعنى بڻائي ٿو. زندگيءَ جي سندرتا ۽ سچائي زنده دليءَ ۾ آهي. زندگيءَ کي فقط نظرين جي رنگين عينڪ سان پسي، ڪڏهن به پُرجهي ۽ پروڙي نه ٿو سگهجي. ان جي پرک ۽ پُرجهه لاءِ ته فهم ۽ اٿاهه ادراڪ گهربل آهي. فطرت جي صداقتن سان جيڪڏهن اندر جي موسمن کي جوڙي رکبو ته پوءِ يقينن سڦل ۽ سندرتائن سان پُرجيوَن گذاري سگهجي ٿو.

    تنهنجو پنهنجو
    فياض لطيف
    26 مارچ 1998ع

    •••••

    پيارا مبارڪ!

    شال سُکن ۽ سندرتائن ۾ هجين.
    گذريل ڪيترن ڏينهن کان سوچيم پئي ته توکي هڪڙو طويل خط لکان، جنهن ۾ پنهنجي اندر جون انيڪ ڳالهيون پني تي پرٽي، توکي پوسٽ ڪريان، پر تون آهين اڏامڪ پکي، تنهنجي خبر ئي ڪونه ٿي پوي، ته ڪهڙي ڍنڍ جي ڪناري تي آهين...! ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان، اسان جي دل جي آشيانن ۾ هيءَ بي چينيءَ جي چڻنگ اچانڪ اچي ڪٿان ٿي ڪري...؟
    اسان بي مهِر ۽ بي وفا موسمن پٺيان پنهنجن وفائن جا پير پِٿون ڇو ٿا ڪريون؟ اسان جا چڪور جهڙا خوبصورت خواب سدائين بي منزل مسافت جو بَکُ ڇو ٿا بڻجن؟ اُهي ۽ ٻيا اهڙا اڻ ڳڻيا سوال ۽ انهن جا اڌورا جواب منهنجي احساسن جي جيءَ کي جنجهوڙي وجهندا آهن. نتيجي ۾ پنهنجي ڪوتائن جي آڱر پڪڙي، خيالن ۽ احساسن جي راهن ۾ نڪري پوندو آهيان، جتي ڪڏهن ڪڏهن تنهنجو احساساتي آٿت جهڙو وجود مون کي پنهنجي سنگ سنگ محسوس ٿيندو آهي، پر جڏهن پوئتي مُڙي ڏسندو آهيان، تڏهن تنهنجي پيرن جي احساساتي نشانن کان سواءِ ڪجهه به نظر ڪين ايندو آهي، تنهن پل من الائي ڇو سچل سائين جي هنن سٽن جي سحر ۾ ٻُڏڻ ۽ اُپڙڻ لڳندو آهي:

    ڪـڏهــن مـاڪــوڙي مــن، ڪــڏهــن ڪـيهــر شـيـنهـــن،
    سرتيون! سارو ڏينهن، مون جيءُ مَ هڪڙي جاءِ تي!

    مبارڪ! منهنجي من ۾ دوستيءَ لاءِ تقدس جو عجيب احساس آهي. آءٌ لفظي ۽ رسمي رشتن جو قائل ڪڏهن به ڪونه رهيو آهيان، ڇو ته لفظ روحاني ۽ بي نانءُ رشتن جون رمزون ۽ رفاقتون بيان ڪري ڪونه سگهندا آهن، ان ڪري آءُ لفظي اظهارن کي ڪيترن موقعن تي اڻپورو ۽ اجائي سمجهندو آهيان. فاصلاتي دوريون، اسان جي روحن جي رابطن کي ڪڏهن به متاثر ڪري نه ٿيون سگهن. ڪڏهن ڪڏهن اسان جي حساسيت اسان کي اڻ ڏٺـين راهن ۽ رستن جو رمتو بڻائي ڇڏيندي آهي ۽ اسين اوجاڳن ۽ اوکائين جو جهنگ لتاڙي جڏهن پارِ پُڄندا آهيون، تڏهن اسان جو ٿڪل وجود ڪنهن دلربا آغوش جو آنند تلاشيندو آهي، پر جڏهن در تي دستڪ ڏيڻ کان پوءِ به دلين جا تاڪ ٻيڪڙيل ئي رهن، تڏهن تون ئي چئه، حسرتون بي حسيءَ جو بَکُ ڪيئن نه بڻجن...!
    تنهنجو پنهنجو
    فياض لطيف
    12 آڪٽوبر 1998ع

    •••••

    سجاد!

    ڪڏهن ڪڏهن آءٌ پنهنجن خيالن جي جھنگ ۾ ڪنهن لاوارث ٻار جيان پنهنجو پاڻ کان ئي وڃائجي ويندو آهيان ۽ ڪيترن ڏينهن جي پيڙائيندڙ مسافت کان پوءِ به پنهنجي شناخت جي ايڊريس هٿ نه اچڻ تي، وري هڪ دفعو ٻيهر هاري ويهندو آهيان. مون حالتن هٿان دل جي داءَ تي هميشه هيرن جهڙيون گهڙيون هارائيون آهن. مون جڏهن به حساب ڪيو آهي، بچت ۾ مون کي بي قراري ئي ملي آهي، تنهنڪري هاڻي مون حساب ڪتاب، تور ۽ ماپ جا هڙئي وَٽَ ئي وساري ڇڏيا آهن.
    زندگي مون کي عمر جي هن موڙ تي چيچ ۾ پاتل خوبصورت مُنڊي جيان ٿي ڀاسي، جيڪا روز منهنجي چيچ جي گرفت مان ڍري ٿيندي پئي وڃي...!
    آءٌ مزاجن موهه واد ۽ عملي طور حقيقت پسند آهيان، تنهنڪري ئي زندگيءَ جهڙي چنچل حسينا سان منهنجي سُٻنڌ جي ريشمي ڏورِ اڃا نه ٽُٽي آهي. منهنجي خطائن جا هٿ خالي رهڻ باوجود سزائن جا صليب سدائين منهنجي تعاقب ۾ رهيا آهن. خبر ناهي منهنجو خمير ڪهڙي مٽيءَ مان ٺهيل آهي، جو سوين تڙ تلاشڻ باوجود منهنجي اندر جي اُڃ اُجهڻ جو نانءُ ئي نه ٿي ڳنهي. ڪڏهن ڪڏهن ائين لڳندو اٿم، آءٌ حالتن جي درياهه جي وچ سير ۾ ٽٽي پوندڙ ڪشتيءَ جو ٻڏڻ کان بچي ويل اهو ٽڪرو آهيان، جنهن کي ڪنهن ساحل جي تلاش آهي، پر انتظار جي لمبي سفر کان پوءِ به وجود کي سدائين بي سمت لهرون ئي نصيب ٿيون آهن. منهنجون اکيون اوجاڳن جون ايتريون ته عادي ٿي ويون آهن، جو هاڻي خواب به خانه بدوش ٿي ويا آهن. آءٌ حصن ۾ ورهايل ماڻهو آهيان. منهنجي وجود جا حصا ايترن ٽُڪرن ۾ ورهايل آهن، جو هينئر انهن کي سميٽيندي ۽ سُوجهيندي منهنجي آرزوئن جا هٿ ئي ڦٽجي پيا آهن. ڪروڙين ماڻهن جي هن ڌرتيءَ تي آباد مخلوق ۾، مون جهڙا چند ماڻهو مون کي هر جاءِ تي مليا آهن، جن سان جيءَ جو سُٻنڌ جُڙيو آهي، پر انهن سڀني جي مفاصلن مون کي ڏاڍو خانه بدوش بڻائي پئي ڇڏيو آهي. منهنجي پيرن جيان منهنجي هٿن جون آڱريون به آواره ٿي پيون آهن.
    آءٌ ٻي هر شيءِ افورڊ ڪري ويندو آهيان، پر هڪ خلوص جي موٽ ۾ ماٺ مون کي ڏاڍو تنگ ڪندي آهي. منهنجو اڪثر وقت ”ماڻهن جي ميڙ ۾ اڪيلو آهيان“ جيان گذرندو آهي. ايتري تائين جو گهر جي هجوم ۾ به هيڪلائي منهنجو هٿ نه ڇڏيندي آهي، تڏهن آڱرين تي ڳڻڻ جيترن پنهنجن پيارن سان اندر اورڻ تي دل آرو ڪري ويهندي آهي يا وري ڪمري جي ڀاڪر ۾ ميوزڪ ۽ ڪتابن سان ڪمپني ڪرڻ لاءِ چتِ بي چين ٿي ويندي آهي.
    زندگي هڪ ڳوڙهي ڳُجهارت جيان آهي، جنهن جون ڳنڍيون کولڻ عاشقن ۽ عارفن جو شيوو آهي ۽ دل جون حسناڪيون عشق جون سرمست اکيون ئي پَسي سگهنديون آهن...
    سجاد! تون جنهن جوانيءَ جي مهراڻ-ڪنڌيءَ تي هينئر بيٺو آهين، تنهن تي تو سان ڪنهن سهڻيءَ جو ساٿ ۽ سنجوڳ ٿيڻو آهي، بشرطيڪ تنهنجي موهه ۾ اها مجذوبي هجي، جيڪا دنياداريءَ جون سڀئي ديوارون ٽوڙي دل جي دوار تي مڌم دستڪ ڏيندي آهي. تون ايترو اداس ٿي مون سان خط جي آرسيءَ ۾ مليو آهين، جو منهنجي دل جا هٿ به ڪنبڻ لڳا آهن. دل چوي ٿي توکي پنهنجي ڀاڪرن ۾ ڀري تنهنجون سڀ اداسيون پنهنجي پاند ۾ پائي وٺان، پر ڇا ڪجي هي فاصلن جي ديوار دل جي اِڇائن جون سڀئي راهون روڪيو ويٺي آهي.
    پيارا! خبر ناهي اسان جهڙي ماڻهن جي جيءَ ۾ هيءَ بي قراريءَ جي چڻنگ اچي ڪٿان ٿي ڪري؟ اسين ته ڀُل ۾ ڪنهن ڪوِل تي پير ڏئي پڇتاءَ ۾ راتيون اکين ۾ ڪٽي ڇڏيندڙ ماڻهو آهيون، پر پوءِ به قدرت الائي ڪهڙي اڻ ڪئي ڏوهه جو اسان جي کاتي ۾ انگ وڌائي ڇڏيو آهي، جنهن جو قرض لٿي نه ٿو لهي....!
    پيار ماڻهوءَ کي ڏاڍو بهادر بڻائي ڇڏيندو آهي. تون اڄڪلهه جنهن هيڪلائيءَ جي صحرا مان گذري رهيو آهين، ان لاءِ محبت جي گهاٽي وڻ جي سخت ضرورت آهي، جيڪو تنهنجي دکن جي زخمن تي ڪنهن مرهم جيان ثابت ٿيندو. پر مِٺا! هن سود خور سماج ۾ اهڙي املهه شيءِ جو ملڻ ڏاڍو مشڪل آهي. گهٽ ۾ گهٽ آءٌ ته ان راءِ جو آهيان، ته جن ماڻهن کي زندگيءَ ۾ محبت ڪندڙ ماڻهو ملي ويندا آهن، انهن ۾ پهاڙن کي به پرزا ڪرڻ جي شڪتي اچي ويندي آهي، دک ۽ اداسيون ته هڪ معمولي باغ جي موري آهن.
    تو جيان منهنجي پسند ۽ ناپسند جا معيار به لوڪ کان مختلف ۽ نرالا آهن. ماڻهو عام طور تي جنهن کي حُسن چون ٿا، مون لاءِ ان مان گهڻو ڪجهه نظر جو دوکو ۽ فريب آهي. سچ، عشق، عبادت، وفا، زندگي، موت، ڏوهه ۽ ثواب لاءِ به ساڳيءَ طرح منهنجي سوچ ماڻهن کان ڏاڍي مختلف آهي. ڪڏهن ڪڏهن ماڻهن جا پٿر به ڪوئي اثر نه ڪندا آهن، پر ڪڏهن وري کلندي کلندي منهنجي نيڻن مان سڀ خوشيون الائي ڪيڏانهن اُڏامي وينديون آهن!
    سجاد! مون زندگيءَ جي سفر ۾ انيڪ حسناڪ اکيون ڇهيون آهن، جن جو سرور دنيا جي هن دوزخ ۾ مون کي اڄ به جياپي جو امرت آڇي رهيو آهي. موت مون لاءِ هڪ بي لذت ۽ عشق جي سرمدي کان خالي چپن جي چمي جيان آهي، جنهن جي چونڊ منهنجي محبت جي مذهب ۾ ڪفر جي مترادف آهي. مون جنهن هستيءَ جي وجود تي پريم جو ڪلمو پڙهيو آهي، سا هينئر الائي ڪيترا روپ، رنگ ۽ نالا اختيار ڪري، ڀٽائيءَ جي هن بيت جيان منهنجي روح جي رڳن ۾ محوِ رقصان آهي:
    ايڪ قصر، در لک، ڪوڙيـن ڪـڻـس ڳـرکيـون،
    جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن سڄڻ سامهون.

    ”هُن“ جي ملاقات ۽ وصال هڪ خواب جي خوبصورتيءَ ۽ جاڳ جو جنجهوڙيندڙ امتزاج آهي، جنهن کي اڄ تائين منهنجون سڀئي سلجهنائون پروڙڻ ۾ ناڪام رهيون آهن. آءٌ جڏهن ڪنهن ٽاريءَ مان ٽٽل پتن جيان وکريل هيس، تڏهن هن جي حسين هٿن ۽ نفيس آڱرين پتو پتو ميڙي منهنجي وجود کي مڪملتا جو احساس عطا ڪيو ۽ آءٌ جڏهن پنهنجي وجود ۾ پوريءَ طور پڪو ۽ پختو ٿي ويس، تڏهن بي يقينيءَ جي ڀاري پٿر منهنجي نازڪ نينهن جي ڪاڪ محل کي ٽوڙي ڇڏيو ۽ آءٌ اڄ تائين ان کي جوڙڻ جي جستجوءَ ۾ پنهنجي حقيقتن جا هٿ ڦٽيندو رهيو آهيان.

    تنهنجو پنهنجو
    فياض لطيف
    28 آڪٽوبر 1998ع

    •••••


    مبارڪ!

    مون لاحاصل محبتن جو ڏاڍو طويل سفر ڪيو آهي. نيڻن ۾ اوجاڳن جون نه ڄاڻ ڪيتريون اڀاڳيون راتيون ڪٽيون آهن. لمبي عرصي تائين مون پنهنجن خوابن کي پنهنجن خيالن جي خوبصورت تصورن سان پئي ريجهايو آهي. خبر ناهي اوسيئڙي جي مسافت ۾ ڪهڙي پيچري جي پٿرن منهنجي پيار جي پيرن کي پِٿون ڪيو آهي؟ مون تنهائي ۾ جڏهن به پنهنجي جيون جي ڪٿا جو ڪاٿو ڪيو آهي، منهنجي حاصلاتن جا هٿ ڪنڊن سان ڀرجي ويا آهن. آءٌ پوري عمر تلاش جي صحرا ۾ پياسي هرڻ جيان ڊوڙيو آهيان، پر پوءِ به پياسو رهيو آهيان. پياس منهنجي ساٿ ۾ سدائين رهي آهي...!
    منهنجي پرورش اهڙي ماحول ۾ ٿي آهي، جنهن ۾ علم ۽ دانش بدران بهادريءَ ۽ ڏاڍ مُڙسيءَ کي اوليت حاصل رهي آهي. ڪڏهن ڪڏهن پاڻ تي سوچي مون وٽ فقط حيرانگيون ئي رهجي وينديون آهن. مون کي ڪڏهن ڪڏهن شدت سان محسوس ٿيندو آهي، ته آءٌ پنهنجيءَ عمر جي پختگيءَ کان گهڻو اڳ وقت جي بي حس هٿن ۾ ڀڳو ۽ ڀُريو آهيان. گهرج جي هٿن هميشه منهنجي خودي خريدي آهي. منهنجي انائن جا کيسا گهڻو عرصو اڳ مصلحتن جي ڪينچي خالي ڪري چڪي آهي. آءٌ پنهنجي وجود جي ڪشتيءَ جو اهو بچي ويل حصو آهيان، جيڪو لهرن جي هٿن مان کسڪي ڪنهن ڪناري جي آغوش ۾اچڻ لاءِ آتو آهي، پر هر ڀيري ڪناري جي آس منهنجي آرزو جي هٿن ۾ هيڪلايون ئي ڏنيون آهن!
    مبارڪ! سچ پڇين ته جيڪڏهن منهنجي جياپي جي رڃ ۾ ڪتابن، ميوزڪ، دلڪشن خوابن ۽ چند دوستن جو ساَٿ نه هجي ها، ته منهنجي وجود جو، حالتن جون بُکايل ڳِجهون ڪڏوڪو حساب چُڪتو ڪري چڪيون هجن ها...!
    پيارا! اڄ چوڏهينءَ جي رات آهي. چنڊ پنهنجي پوري جوڀن سان آڪاش جي چُنيءَ تي چمڪي رهيو آهي ۽ آءٌ ٻاهر پڌر ۾ توکي هي خط لکي رهيو آهيان. پاڻ چوڏهينءَ جي چانڊوڪيءَ ۾ چند يادگار راتيون گڏ رهيا آهيون، جن جون سندر سمرتيون اڄ به منهنجي ياد جي سيني ۾ سرهيون ۽ تازيون آهن. تون سجاول جي سفر ۾ هيءَ رات ڪيئن Enjoy ڪندو هوندين؟ منهنجي خيال ۾ تون روشن چنڊ سان پنهنجن مسرتن ۽ اوجاڳن جا نيڻ وندرائيندو هوندين. پر پيارا! اڄوڪي رات جي روشن چنڊ، جنهن حقيقي حُسن ۽ سندرتا کي منهنجي اکين سان آشنا ڪيو آهي، تنهن جو آءٌ لفظن جي زبان ۾ اظهار بنهه ڪري ڪونه ٿو سگهان. اسان هميشه خوابن جا سِڪا کڻي، جيون جي سفر ۾ تلاش جي جستجو ڪئي آهي، پر اڄوڪي رات منهنجي خوابن جي نيڻن ۾ خوبصورت تعبيرون به منهنجن اوجاڳيل نيڻن سان هم سفر آهن ۽ وڏي ڳالهه ته ”هُنَ“ جي وجود جي خوشبو به منهنجي آس پاس ڄڻ ته موجود آهي!
    مبارڪ! مان زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو محبتن کي ايترو ويجهڙائيءَ کان پسيو آهي، جو ان اعتراف ڪرڻ ۾ هاڻي ڪا به هٻڪ محسوس نه ٿو ڪريان ته، بيشڪ! جسم ئي محبتن جو معراج آهي.
    هوءَ ڏاڍي پياري آهي. هُن جون اکيون ۽ چپ، هن جا زلف ۽ ادائون منهنجي شاعراڻي تخيل جي ڄڻ ته حسين حقيقت آهن. ”هُن“ کي پهريون ڀيرو ڏسي، منهنجي چپن ۾ الائي ڇو صدين جي سُتل پياس شدت سان جاڳي پئي هئي ۽ جڏهن ”هُنَ“ پنهنجا هٿ منهنجي هٿن ۾ ڏنا هئا، تڏهن منهنجون سڀئي اداسيون ڄڻ ته پنهنجي وجود جي مٽيءَ ۾ ئي مدفون ٿي ويون هيون.
    مبارڪ! ”هُن“ جي حاصلات مون لاءِ ائين آهي، جيئن ڪنهن ٻُڏندڙ کي ڪنارو ملي ويو هجي. زندگيءَ جي ڪنهن به موڙ تي شايد هاڻي هوائون منهنجي حسرتن کي پنهنجيءَ آڱر تي آسانيءَ سان نچائي ڪو نه سگهنديون!
    رات پنهنجي سفر جو الاهي الجهيل سُٽُ اوجاڳي جي آڱرين سان سُلجهائي چڪي آهي. چنڊ جا چمڪندڙ نيڻ ننڊ جي آغوش ۾ اڃا اوجاڳيل ٿا لڳن. منهنجي آڱرين ۾ پڪڙيل پين اڃا ٿڪي ڪونهي، پر اڄ رات مون کي تو سان گڏ هڪ ٻيو خط ”هُنَ“ کي به لکڻو آهي. ها، ”هوءَ“ جنهن جو مون توسان مٿي ذڪر ڪيو آهي، جنهن منهنجي اندر جي بي آرامين ۾ وڃائجي ويل تخليقي سگهه کي، پنهنجي پيار جي آڱرين سان وري دريافت ڪيو آهي!

    تنهنجو پنهنجو
    فياض لطيف
    2 ڊسمبر 1998ع

    •••••

    جاني!

    دل چوي ٿي اڄ تو لاءِ هڪ نظم لکان. هيءَ چوڏهينءَجي چانڊوڪي رات، هيءَ خوابن جي احساس جهڙي حسين موسم ۽ تنهنجون خوبصورت يادون، نظم جو موهيندڙ موضوع ٿي سگهن ٿيون، پر تون جيڪا خود هڪ مجسم نظم آهين، تنهن لاءِ سچ ته منهنجي ڪوتا جي اظهار جي زبان ڏاڍي اڻپور ٿي لڳي!
    تون منهنجي جيون ۾ جنهن انداز سان آئي آهين، ان جي صداقتن خود منهنجي نيڻن مان ننڊ کي جلاوطن ڪري ڇڏيو آهي. تنهنجا منهنجي هٿن ۾ ڏنل هٿ هر لمحي منهنجي آڱرين کي اوجاڳيندا رهن ٿا ۽ تنهنجي چاهتن منهنجي محبتن کي ڏاڍو بي چين ڪري ڇڏيو آهي.
    آءٌ چاهيان ٿو، ته تون منهنجي جيون ۾ پنهنجن راحتن ۽ يادن جا ايترا حسين رنگ ڀَر، جيئن آءٌ پنهنجي بي رونقن ۽ تنهائين کي هميشه لاءِ وساري سگهان.
    خبر اٿئي! مون توکي تنهنجي جنم ڏينهن تي ساره شگفته جي شاعريءَ جو ڳٽڪو ”آنکين“ ڇو گفٽ ڪيو هو! ها، انهيءَ ڪري، ڇو ته اهي تنهنجون دل فريب اکيون ئي هيون، جن ۾ نهارڻ سان منهنجي دل جگجيت جي غزل جي هنن سٽن جو مفهوم مڪمل طور تي سمجهي ورتو هو:

    تیری آنکھوں میں ہم نے کیا دیکھا
    کبھی قاتل، کبھی خدا دیکھا

    مون کي تنهنجي لاءِ ان ڪتاب جو تحفو ئي مناسب لڳو هو. تون جڏهن به چاهين ساره جي شاعريءَ جي ورقن ۾ منهنجون اوجاڳيل اکيون تلاش ڪري سگهين ٿي. پر، جاني! جتي به، جنهن ورق ۾ به، منهنجا خانه بدوش نيڻ توکي نظر اچن، انهن تي پنهنجي اکين جا چپ ضرور رکجانءِ، ڇو ته تنهنجون چاهتون ئي منهنجي جيون ۾ راحتن جو روح ڀريندڙ آهن. سچ پڇين ته گذريل هفتي کان وٺي دل ۽ دماغ تي تنهنجي يادن جا موهيندڙ رنگ ڇانيل رهيا آهن. اهو تنهنجي محبتن جو معجزو ئي آهي، نه ته پاڻ ته اقبال جي شعر جيان هئاسين:

    بوئے گل خود بہ چمن، راہ تما شد زنخست
    ورنہ بلبل چہ خبر داشت کہ گلزار ہست

    (گل جي خوشبو ئي چمن جو رستو ڏيکاريو، نه ته بلبل کي ڪهڙي خبر، ته ان طرف به ڪو گلزار آهي.)

    تنهنجو ئي
    فِيَا
    2 ڊسمبر 1998ع


    • سال 1999

    سجاد!

    نئين سال جو پهريون اُڀرندڙ صبح مبارڪ.
    98ع جو سال هر ماڻهوءَ لاءِ مختلف طور تي گذريو. ڪنهن ان ۾ ذاتي طور تي سوين مسرتون ماڻيون، ته ڪنهن محرومين سان پنهنجي جيون جو جهول ڀريو، ڪنهن جي خوابن خوبصورت تعبيرن جا ننڊاکڙا نيڻ چميا، ته ڪنهن جون ساڀيائون خيال جي هٿن مان کِسڪي صحرا جي راهن جون مسافر بڻجي ويون.
    آءٌ اڄ جڏهن 98ع جي اک ۾ بي قرار آخري لڙڪ جهڙي لمحي ۾ پنهنجي هڪ سال جي جيون جو حساب ٿو ڪريان، تڏهن منهنجي لاحاصل اڳيان منهنجون سڀئي حاصلاتون هراسيل هرڻيءَ جيان ٿيون لڳن، جنهن جي رُڃ جي اُڃ پويان ڊوڙندي ڊگهي سفر کان پوءِ به طلب جي پياس پوري ڪونه ٿيندي آهي.
    سجاد! دنيا ۾ جنهن چيز کي آسائش ٿا چون، اها ذري گهٽ پوري طور تي منهنجي معاشي جيون کي ميسر آهي. سٺي نوڪري، سٺو گهر (جنهن ۾ منهنجو ننڍڙو ۽ خوبصورت خوابن سان سجايل منهنجو هڪ ڪمرو به آهي) سٺا هم خيال هم سفر ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه، جيڪو دنياداريءَ ۾ ضروري هوندو آهي، پر ان سڀ جي باوجود منهنجي من ۾ هڪ خانه بدوشي بي چين ٿي رهي. منهنجون اکيون ڪنهن اَڄاتي اوسيئڙي ۾ اوجاڳيل ٿيون رهن، منهنجو آڱريون ڪنهن آرزوءَ جي بدن تي ڀٽڪڻ ٿيون چاهن. منهنجون رچنائون ڪنهن اڇوتي اظهار لاءِ آتيون ٿيون رهن ۽ منهنجا نيڻ ڪنهن خواب جي تعبير جا منتظر آهن.
    مون ڳولا جي مسافت ۾ ڏاڍو پاڻ وڃايو آهي. منهنجي پيرن مون سان ايترو ساٿ ڏنو آهي، جو هينئر ڪڏهن ڪڏهن انهن جي پڻي پوڄڻ تي دل بضد ٿي پوندي آهي. آءٌ حالتن جي هٿن ۾ ٽمڪندڙ اهو ڏيئو آهيان، جنهن سان هميشه طوفان ئي منهن مقابل رهيا آهن، پر خبر ناهي منهنجي ڳولا جي ڳُجهه ۾ اها ڪهڙي شڪتي آهي، جنهن منهنجي وجود کي پنهنجي پاند جي پناهه ۾ رکيو آهي. زندگي جيتري به تلخ هجي، پر جنهن جيون جي جهول ۾ خوبصورت خوابن جون مالهائون هونديون آهن، ان جي ڪائنات جي سندرتا مان، پختي ايمان واري عقيدي ۾ ڪٽوتي هڪ تر جيترو به عمل ۾ اچي نه سگهندي آهي.
    پراّڻي سال پاڻ کي ڇا ڏنو؟ يا گذريل سال مان پاڻ ڪيترو حاصل ڪيو؟ اهي سوال پنهنجيءَ جاءِ تي اهميت وارا به آهن، ته معمولي به.... ڇو ته جنهن سماج جي وجود ۾ ويڳاڻپ ۽ وائڙائپ جون چِٻون اچي آکيرا اَڏينديون آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته فردي عملن جي ارپنا ۽ جذباتي وابستگين جي باوجود، حاصلاتون واريءَ جي مُٺ جيان محبتن جي هٿن مان وهي وينديون آهن ۽ متلاشي هٿين خالي هڪ طويل اوسئڙي جي واٽ ۾ پنهنجي نيڻن جون آشيائون اوجاڳي هر لهندڙ شام بعد هڪ اڀرندڙ سورج ۾ سرهائيءَ جي اميد وابسته ڪري ويهندا آهن. ان کي تون اميد پرستي چئين يا تخيل پسندي سمجهين، پر وقتي طور تي اهي آٿت مون لاءِ وڏي وٿ ثابت ٿيا آهن. 98ع جي اڀرندڙ سج کان وٺي ان جي لهندڙ سج تائين، مون جيڪو پنهنجي هڪ سال جي جيون جو حساب ڪيو آهي، تنهن ۾ مون هزارين خوشين جي حاصلات سان گڏ پنهنجي جيون جو هڪ سال به وڃايو آهي. ها، اهو هڪ سال جيڪو منهنجي سڀني حاصلاتن کان پوءِ به اڻ وسرندڙ آهي.
    هونءَ به 98ع اجتماعي طور تي، سياسي توڙي سماجي حوالي سان اذيتن، جدائين، افراتفرين، ويڳاڻپ ۽ محرومين جي سال طور گذريو آهي. تو 98ع ڪيئن گذاريو؟ ان جي آشنائيءَ لاءِ اوسيئڙو رهندو. 99ع تو لاءِ، پوري جڳ لاءِ شال پيار، امن ۽ خوابن جون خوبصورت کڻي اچي.

    تنهنجو پنهنجو
    فياض لطيف
    1 جنوري 1999ع

    •••••


    مبارڪ!

    اسين عجيب دنيا جا متلاشي آهيون. ها! دنيا جنهن جون ديوارون ڪنهن به فريب جي بنياد تي اوچيون اڏيل نه آهن، جنهن ۾ رنگ جون رُتيون ريتن جي بي رونق موسمن تي مدار نه ٿيون رکن. پر پيارا! اها دنيا اسان جي دل جي ڪنهن ڪنڊ ۾ آباد هجڻ کان سواءِ ڪائنات ۾ ڏاڍي ناپيد نظر ٿي اچي.
    يقين ڪر، مبارڪ! آءٌ عمر جي هن حد تائين جن تجربن ۽ مشاهدن مان گذريو آهيان، انهن ۾ جنهن احساس منهنجي جيءَ کي گهڙيءَ گهڙيءَ گهائيو آهي، اهو رشتن، تعلقن ۽ پيار جي سُٻنڌ جي ناپائيداري ئي آهي. سالن جون رفاقتون، محبتون ۽ وفائون هڪ لمحي اندر رقابتن، نفرتن ۽ بي وفائين جي ڀيانڪ روپ ۾ بدلجيو ٿيون وڃن! جنهن ماڻهوءَ جو وجود دنيا جي دوزخ ۾ ڪنهن سُرڳ جيان ٿو هجي، اهو پل ۾ ڪيئن عذاب ۽ اذيت بڻجي ٿو وڃي؟ خدا ڄاڻي، هي بصر جي کَلَ جيان ڳوڙهو ماڻهوءَ جو مانڊاڻ ڪهڙي مٽيءَ مان خلقيو ويو آهي، جيڪو پيار جهڙي ڌرم جي اُجري آرسيءَ کي به پنهنجي انائن جي پٿرن سان پُرزا ڪرڻ ۾ ويرم ئي ڪونه ٿو ڪري!
    مون جيون ۾ هن وقت تائين عملي ۽ علمي طور جيڪو پُرجهيو، پرکيو ۽ پڙهيو آهي، تنهن يقينن منهنجي زندگيءَ ۾ ڪيترين ئي حيرتن کي اجاگر ڪرڻ سان گڏوگڏ هڪ درد جي دريءَ کي به هر ڀيري پئي کوليو آهي ۽ اها دري ئي مون لاءِ محبوب موسمن جو محرڪ رهي آهي.
    هي رشتن ۽ تعلقن جو وجود به ڪوريئڙي جي ڄار جيان ڏاڍو طلسمي ٿو هجي، جيڪو بظاهر پنهنجي جوهر ۾ ته لاجواب آهي، پر ان جي اُڻت ايتري ته ڪچي ۽ ناپائيدار آهي، جو هڪ لمحي جي لهس ئي ان پوري ڪاڪ محل کي پرزا ڪري ٿي ڇڏي. هي دل جون اڇائون به ڏاڍيون اوکيون ٿيون هجن. غالب جيان هر لمحو هڪ جيون جو دام ٿو گهري. گهڙي جيئڻ، گهڙي مرڻ....!

    تنهنجو پنهنجو
    فياض لطيف
    8 فيبروري 1999ع

    •••••

    سجاد!

    ڪيئن آهين؟ تنهنجو ڪمرو، ميوزڪ، ڪتاب، دوست ۽ تنهنجي دل جون موسمون سڀ ڪهڙي حال ۾ آهن؟
    آءٌ ڪافي رونقن ۽ روشنين باوجود تو کي کوڙ مِس پيو ڪريان....!
    سچ پڇين ته تنهنجي خيرپور، ميرواهه جون شامون، تو سان گهاريل خوبصورت نيڻن جهڙا چند لمحا ۽ لطيف يونيورسٽيءَ جون حسين ۽ اداس راتيون منهنجي اکين ۾ اڄ به ڪنهن سندر اوسيئڙي جيان اٽڪيل آهن. مون کان هڪ لمحي لاءِ به تنهنجي شهر، ان جي يادن، محبتن ۽ مٺي مٺي درد جو ڇانورو ڪو نه ڇڳو آهي، ايتري تائين جو ڪڏهن ڪڏهن لاڙڪاڻي شهر جي ميلي جهڙي ماحول ۾ ڪيترن ماڻهن ۾ ”ڪنهن جي“ موجودگيءَ جو گمان مون کي انهن طرف گهلي ويندو آهي ۽ موٽ ۾ هڪ نا آشنائي منهنجي مسرتن ۽ مرڪن کان سڀ سرهايون کسي وٺندي آهي.
    آءٌ محبتن جي معاملي ۾ ڏاڍو موهه واد ۽ حساس آهيان. زماني جي حالتن منهنجي زندگيءَ ۾ هر ڀيري هڪ ڀاري آزمائش جو اضافو پئي ڪيو آهي، پر محبتن هر لمحي مون کي ان آڳ مان اُڪاريو آهي، توڙي جو پيار جو بانورو بادل ٿورو عرصو ئي منهنجي دل جي رڻ تي برسيو آهي، پر ان جي سيرابي منهنجي جيون جي رڳ رڳ ۾ راحتن جو روح ڀري ڇڏيو آهي. اهوئي ڪارڻ آهي ته آءٌ ڪيئي ڀيرا ٽٽڻ جي باوجود اڃا ثابت قدم ۽ پُراميد آهيان.
    سجاد! منهنجو وجود سارا شگفته جي ڪوتا ڪتاب ”آنکهين“ ۽ امرتا پريتم جي جيون ڪٿا ”رسيدي ٽڪٽ“ جيان ڏاڍو وکريل آهي ۽ ان جا ڪجهه پنا خيرپور جي چنچل هوائن هٿ به شايد لڳا آهن. خبر ناهي انهن پنن مان ڪهڙا ورق هوائن جي آوارگي تنهنجي ڪمري تائين کڻي آئي آهي ۽ ڪهڙا ورق وري طويل خانه بدوشيءَ بعد وڃايل ٻار جيان آويلي وقت پپر مان ڇڻيل ڏڪندڙ پتن جيان تنهنجي در تي دستڪ ڏيڻ وارا هوندا. پتو ناهي، ان سمي تنهنجي نيڻن ۾ ڪيتري جاڳ ۽ ڪيتري ننڊ ستل هوندي! پيارا! تنهنجي پيرن جي پنڌ ۾ڪهڙي مسافت جا پيچرا پکڙيل آهن؟ تنهنجي ننڊ ڪهڙن خوابن جا نيڻ ٿي چمي ۽ تنهنجي جاڳ جي جستجوءَ ۾ ڪهڙي حسينا جي حاصلات جي حسرت اوجاڳيل ٿي رهي؟ خدا ڄاڻي. الاهي عرصي کان تون الائي ڇو ڪاغذي رابطي جي حوالي سان مون کان ڪٽيل رهيو آهين؟ مون ان عرصي دوران تو سان جيڪو به رابطو ڪيو آهي، ان جي موٽ مون تائين ڪونه پهتي آهي.
    خير، شال پُرمسرت ۽ پُرعزم هجين. تو لاءِ کوڙ خلوص سان گڏ عيد جون واڌايون.

    تنهنجو پنهنجو
    فياض لطيف
    27 مارچ 1999ع

    •••••

    جاويد!

    الاهي ڏينهن کان تنهنجي نالي جي ائڊريس لکيل لفافو منهنجي اسٽڊي ٽيبل تي پيو آهي. مون جڏهن به ڪو ڪتاب کڻي چيئر تي چين سان اسٽڊي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، تڏهن تنهنجي نالي پوسٽ ڪرڻ کان رهجي ويل منهنجي اسٽڊي ٽيبل تي پيل اداس ۽ اوجاڳيل لفافي مون کي پئي بي چين ڪيو آهي. خبر ناهي، آءٌ چاهيندي به، ائڊريس لڳل ان لفافي ۾ بند وائيٽ پيپر تي تو لاءِ ڇو نه ڪجهه لکي سگهيو آهيان ۽ نه ئي اهو وائيٽ پيپر پوسٽ ڪري سگهيو آهيان، توڙي جو مون کي اها چڱيءَ پَر سُڌِ آهي، ته جاويد منهنجي پوسٽ ڪيل وائيٽ پيپر کي به ساڳي خلوص ۽ پيار سان قبول ۽ وصول ڪندو.
    پيارا! جيون هڪ ڳوڙهي ڳجهارت جيان آهي، جنهن جون ڳنڍيون کوليندي کوليندي حاصلاتن جا هٿ ڏاڍا خالي ٿي وڃن ٿا ۽ حيرتن جون اکيون ويتر به پٿرائجي ٿيون وڃن!
    جاويد! خبر ناهي ته ڪهڙي سمي ڪجهه ڏينهن اڳ منهنجي جيون جي شانت جهول ۾ ڀٽائيءَ جي بيت جي هيٺين چڻنگ اچي اوچتو ڪِري آهي:
    مون کي مون پرين ٻڌي وڌو ٻَارِ ۾،
    اُڀا ائـيـن چـون، مـڇــڻ پـانـد پُسـائـيـن!
    جنهن منهنجي من جي موسمن ۾ الائي ڪهڙين بي چينين کي ڀڙڪائي ڇڏيو آهي! هن دنيا جي ڪاروباري ڪائنات ۾ نوٽن جي نقدي بجاءِ خوابن جا نيڻ کڻي، پنهنجي منزل جي متلاشي ماڻهوءَ جي پيچرن ۾، مشڪلاتن جي ڪيتري پٿريلي رڃ اوجاڳيل ٿي رهي، ان جو عملي تجربو، هر حساس ۽ باشعور ماڻهوءَ جو هينئون رتو رت ڪري ٿو ڇڏي!
    لِکڻ، ٻُڌڻ، سمجهڻ ۽ چوڻ لاءِ ته گهڻو ڪجهه آهي، پر هي جيڪو لوڪ جو فرسوده سماجي نظام پنهنجي مرده جسم ۾ پوري گندگيءَ جي باوجود موجود آهي، اهو پٿر جيان هر لمحي وري به هڪ حساس ماڻهوءَ جي هينئين ۾ ڪنهن نوڪدار ڪَنڊي جيان چُڀڻ جو عمل ادا ڪندو ٿو رهي ۽ بجاءِ ڪنهن بي حس ماڻهوءَ جي بي سُڌ سماعتن تي ڪو اثر ڇڏڻ جي، پنهنجي ئي جاءِ تي بيٺو ٿو رهي!
    جنهن ڏيهه ۾ مذهب ۽ ڌرم ملان، پنڊت، پادريءَ ۽ قاضيءَ جي آڱر جو اشارو ۽ زبان بڻيل هجي، عدالت ۽ انصاف جي ديوي ڏنڊي ۽ طاقت جي سُريت سڏائي، محبتون ۽ پيار غيرت جي نالي ۾ بي غيرت گوليءَ جو نشانو ۽ ڪهاڙيءَ جو کاڄ بڻجن، رشتن ۽ ناتن جون ريشمي ڏوريون، مفادن ۽ ڪاروباري ڪچن ڌاڳن تي جُڙڻ جو معمول بڻجن ۽ جڏهن اهليت پنهنجي جياپي کي جَکَ سمجهي اَجل جي بي حس آغوش جي چونڊ تي مجبور ٿئي، تڏهن جاويد! تون ئي ٻُڌاءِ، هڪ ساڃاهه مند ۽ سُلجهيل ماڻهوءَ لاءِ ڀٽائي جيان، ”الا ڏاهي مَ ٿيان“ واري دردناڪ دانهن ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪهڙو گَسُ ٿو وڃي بچي! ها، پر ان کان پوءِ ”لوڪ وهي لهنوارو، تون وهج اوڀارو“ وارو سيد جو سُخن ئي هڪ پارکو پُرش جو پويون ۽ آخري پيچرو ٿو وڃي رهي، پر ان تي پير ڌريندي به خود احتسابي فطرت ڪارڻ هڪ کاهوڙيءَ جي روح جا پير ئي پِٿون ٿا ٿين...!
    اڄڪلهه منهنجي سفر جي پيرن هيٺان ڳوٺ ۽ لاڙڪاڻي جا روڊ ۽ رستا روز جو معمول بڻيل آهن. ڪاليج جو ماحول، چند دوستن جي پنهنجائپ ۽ ڪتابن جي ڪمپني دل جي ٻار کي ريجهائڻ ۾ ڪنهن خوبصورت رانديڪي جهڙو رول ادا ڪري رهي آهي. شايد دنيا جي هن دوزخ ۾ اهي آٿت جي احساس جهڙيون صداقتون نه هجن، ته هوند ماڻهو پنهنجن عذابن جي آتش ۾ خود ئي ڏاڍو سستو خرچ ٿي وڃي!
    جــي تــو سُــڌ سُڳـنــڌ جــــي، ٽــاري ٽـــاريءَ ٽِـــــڙ،
    ها، تون هنئين نه کِڙ، هيکل پنهنجي هانو ۾!
    (شيخ اياز)

    تنهنجو پنهنجو
    فياض لطيف
    28 مارچ 1999ع

    •••••

    مبارڪ!

    حيرتن جي هن اجگر جهان ۾ پنهنجو جيءُ ڪڏهن ڪڏهن مون کي ڪک پن جيان ٿو لڳي، جنهن کي حالتن جون ننڍيون لهرون به آڱر تي ٿيون نچائن، پر هن دنيا جي جهنگ ۾، مون ڪڏهن پاڻ کي اڏول پهاڙ جيان به محسوس ڪيو آهي، جنهن جو طوفان به ڪجهه بگاڙي ڪين سگهيا آهن.
    ماڻهو بنيادي طور تي ڇاهي؟ ان جو هن جهان جي جهنگ ۾ ڪهڙو ڪارج ٿو هجي؟ ان جي مسرتن جا ڪارڻ ۽ مايوسين جا سبب ڪهڙا ٿا هجن؟ اهي سڀ سوالن جا اهڙا رنگين ڌاڳا آهن، جن کي انساني ساڃاهه جون آڱريون ازل کان اُڻنديون رهيون آهن، پر پوءِ به نتيجن جو بدن اڃا به پوري طور انهن ڌاڳن مان اُڻيل لباس سان پنهنجو ننگو جسم ڍڪي ڪونه سگهيو آهي.
    ڪجهه گهڙيون پهريان آءٌ جيئن ئي ننڊ مان اٿيو هوس، ته منهنجي ڪيفيت ڪنهن طوفان جي زَد ۾ ڦاسي پوندڙ پرندي جيان هئي، جنهن لاءِ ڪنهن ٿوهر جو وجود به وڏي وٿ هوندو آهي. مون کي الائي ڇو شدت سان محسوس ٿيو هو، ته ڪمري ۾ سوين ڪتابن ۽ ميوزڪ جي ساٿ جي باوجود اهڙو ڪوئي وجود به هجي، جنهن جو لمس منهنجي ٿڌي ٿي ويندڙ وجود کي ائين ويڙهي وڃي، جيئن منهنجي وجود جي رڳ رڳ ۾ راحتن جو رت جاڳي پوي ۽ ننڊ جي صحرا ۾ هراسيل نيڻن جو خوف آٿت جي آغوش ۾ جياپي جي جوت سان جِي پوي، پر ماڻهوءَ جي اِڇائن جا رنگ ڪڏهن ڪڏهن ڏاڍا ڪچا ٿا هجن، جي تڪميل جي رُتن ۾ رچڻ بدران حسرتن جي هٿن تي پوپٽن جي پيلي رنگن جيان رهجي ٿا وڃن، جيڪي نه ته ڪنهن خواب جي ڪاغذي ڪشتي ۾ ڪنهن ياد طور رکي ٿا سگهجن ۽ نه وري انهن کي هوائن جي هٿن تي ڪنهن رنگ حنا جيان ارپنا ڪري ٿو سگهجي. بس اهي ڪچا رنگ ڪنهن شاعر جي ڪوتا جي بي رونق مرڪ جو روپ رچڻ جي ڪم ئي اچي سگهن ٿا. پاڻ پٿر جي شهر ۾ شيشي جهڙا خواب کڻي پنهنجي تڪميل جي تلاش ۾ نڪرندا آهيون، تڏهن ئي ڀَڄندا ٽُٽندا آهيون، پر اهو ڀڄڻ ٽٽڻ جو عمل ئي پنهنجي وجود جي پيرن ۾، پهاڙن جهڙي شڪتي پيدا ڪندو آهي، جيڪا ڪيترن ئي المين جي باوجود اسان ۾ ثابت قدمي کي جنم ڏيندي آهي.
    ماڻهو ڇاهي؟ هزارين محرومين جي بيٺل ۽ سينواريل سيڪس جي ڍنڍ جي هڪ ڦڙي جي پيداوار، هڪ ماس ۽ مٽيءَ جو پنوڙو، جنهن کي زندگي جي ڪنول جهڙي فطرت رکندڙ روح ئي رنگين بنائي ٿو. روح وري اها رُتِ ٿو هجي، جنهن ۾ سڀني موسمن جا رنگ ڪنهن مصور جي نظر جيان موهيندڙ ۽ بامعنى ٿا هجن. زندگي ڇا آهي؟ هڪ پورهيت لاءِ پيٽ جو پُورائو، هڪ شاعر لاءِ لفظن جو ڪاڪ محل، هڪ مصور لاءِ رنگن ۽ روپن جو سحر، هڪ واپاريءَ لاءِ خوبصورت ۽ قيمتي نوٽ، هڪ ڪهاڻيڪار لاءِ افسانو ۽ هڪ فلاسافر لاءِ ڳوڙهي ڳجهارت، جنهن جون ڳنڍيون کولڻ ۾ هر دفعي سندس آڱريون ڏاڍيون اُلجهي ٿيون وڃن.
    پر مبارڪ! انهن سڀني روپن جي صداقت باوجود زندگي مون لاءِ هڪ رنگين ريبن جي ٿانَ وانگر آهي، جنهن جو هڪ ڇيڙو محبوبه جي زلفن جي چوٽيءَ ۾ ويڙهيل آهي ۽ ٻيو ڇيڙو انساني آگهيءَ جي آڱرين ۾ ڪنهن ڇلي جيان پاتل، پر انهن آڱرين ۾ اُلجهاءُ ۽ لرزش صرف گمانن ۽ وهمن جي واچوڙن پيدا ڪئي آهي، جنهنڪري پيار جي پيچرن ۾ ڪوهيڙي جو ڌنڌ پري پري تائين پکڙيل ٿو رهي. آءٌ هر لمحي زندگيءَ جي روپن کي انوکي رنگ ۽ ڍنگ ۾ انجواءِ ڪري ۽ ڀوڳي رهيو آهيان. منهنجي احساسن جو هن پهر نچوڙ اهو ئي آهي ته محبتن جو هڪ ڀرپور وجود ئي زندگيءَ جي حسين جياپي جو ضامن آهي. جيڪي ماڻهو محبتن جي ڀرپور وجود کان محروم هوندا آهن، اهي لهرن ۾ ڇڏيل ان ڪاغذي ڪشتيءَ جيان هوندا آهن، جن جي ساحلن جو مقدر هوائن جون آڱريون لکنديون آهن!

    تنهنجو پنهنجو
    فياض لطيف
    30 مارچ 1999ع

    •••••

    مبارڪ!

    خبر ناهي تون سجاول پهچي ماٺ جي الائي ڪهڙي رڃ ۾ ڀٽڪي ٿو وڃين؟ آءٌ ڪاغذ جي دل تي جيڪي پنهنجي خوابن جون صدائون ٿو موڪليان، مور جي رڙ جهڙن منهنجن انهن لفظن جي، ڏينهنِ تائين تون ڪا موٽ به ڪونه پيو ڏين!
    ماڻهوءَ جو جياپو مٽيءَ سان ٿو هجي ۽ الميو ته اهو آهي، جو ان جي آشنائي انسان کي پياس جي صحرا جو سفر ڪرائي ۽ وري عجب ته اهو به آهي، جو دنيا جي هن دلدل ۾ بڙ جي ڇانوَ جهڙن دوستن جي موت جون محبتون جڏهن گونگيون بڻجي وڃن، ته پوءِ ٻڌاءِ ڀلا محبتن جا اوجاڳيل نيڻ ڪهڙي آٿت جي وطن ۾ آنند ڳولين؟
    مِٺا! مون پوري زندگي انسان جي مٽيءَ ۾ محبت جي خوشبو تلاش پئي ڪئي آهي. بندي جي بدن ۾ ڀڳوان ڳوليندي منهنجون ته آڱريون ئي ڦٽجي پيون آهن! دنيا جي جهنگ ۾ ماڻهپو ووڙيندي منهنجا پير رتو رت ٿي ويا آهن، پر رشتن کان وٺي دوستن تائين جي سٻنڌ جو مها-منافعي بخش ڌنڌو بڻجي ويل هِن جهان ۾ ڪال صرف محبتن جي مرهم جو پئجي ويو آهي!
    مبارڪ! ڇا ڪجي، پنهنجو وجود ئي اهڙي مٽيءَ مان ڳوهيل آهي، جنهن جي جوانيءَ جي سرحدن ۾ بهارن جي داخلا تي خزائن جي عقابي اکين جو پهرو لڳل آهي!
    سنڌي سماج ۾ پيدا ٿيندڙ ۽ سياڻن جي ڀرئي بزم ۾ اسين ديواني جي خواب جهڙي دل ۾، هڪ سُندر اڇا کڻي هلندڙ ماڻهو، پتو ناهي پنهنجي وجود ۾ پوريءَ طور ڀڄي ڀري وڃڻ جي باوجود ڪهڙي سرمستيءَ تحت اڃا ثابت قدم آهيون!
    آءٌ بچپن کان وٺي عمر جي هن حصي تائين عجيب مسافتن جو مسافر رهيو آهيان. منهنجن پيرن کي هر ڀيري حالتن جي نوڪدار ڪاون تان گذرڻو پيو آهي. آءٌ پنهنجو پاڻ کي هميشه ڪنهن ميلي ۾ وڃائجي ويل ويڳاڻي ٻار جيان محسوس ڪيو آهي، جنهن کي آٿت جو هٿ به همدرديءَ تحت حاصل ٿيو هجي ۽ ان همدردي جي هرج ۾ آءٌ ته پنهنجي انائن سميت گهڻو ڪجهه هارائي چڪو آهيان، پر پوءِ به همدرد سڏائيندڙن جا هٿ منهنجي وجود جي مندر ۾ موجود محبتن جي مورتي کي پرزا پرزا ڪرڻ لاءِ پريشان آهن. جڏهن اعتبار ئي بي اعتباري جو بَکُ بڻجي وڃي، ته پوءِ مخلصي جي مجذوبي ڪهڙي ليلى جي وفا جي واعدي تي پاڻ ڪُهائي؟
    محبتون ۽ خدا ڪنهن ثابت ڪري سگهڻ جهڙي شيءِ جو نالو هجن ها، ته ڪائنات ڪڏهوڪو مٽيءَ جي مُٺِ بڻجي چڪي هجي ها. خدا ۽ انسان ته الستي آواز جو پڙاڏو ۽ اهو راز آهن، جنهن جي پروڙ لاءِ رندن جي سرمستي ۽ روح پروري گهربل ٿي هجي. خالق سڀني دليلن ۽ وضاحتن جي منطق کان مٿاهين هستيءَ جو نالو آهي، پر ان جي باوجود، جن جي من ۾ انڪار جي موسم پنهنجون ٻوٽيل اکيون کولڻ لڳي، انهن جي ايمان ۽ آٿت لاءِ پارکن ۽ پوڄاگرن جو هي نقطو ئي ڪافي آهي ته ”ماءُ جي ممتا ۽ حقيقت خدائي وجود جو واضح ثبوت آهي. دنيا جي هن ڪاڪ محل ۾ خدا جي جلوي پسڻ جا خواب ڏسندڙ کاهوڙين لاءِ ماءُ جي محبوبن جهڙي هستي ان پوري مانڊاڻ جو واقعي ئي وڏو محرڪ آهي، پر جڏهن ڪجهه عزيز ترين رشتا ئي عذابن جو لباس اُڻڻ لڳن، تڏهن بندگيءَ ۽ اعتقاد جي ڪهڙي پيچري ۾ جياپي جا پيرا ڳولجن؟
    پيارا! ڪڏهن ڪڏهن فريبن جي مُٺ ۾ بند ڪجهه رازن ۽ رمزن جي سندرتائن سهاري روح جي ٻار ريجهائڻ ۾ ڪافي راحت ٿي ملي، پر ڪڏهن ته ڀٽائيءَ جيان ”راحت اها روح جي، ڪڏهن عين عذاب“ بڻجي ٿي وڃي ۽ اها عذاب جي ڪيفيت وجود ۾ احساس جي روح کي نپوڙي نستو ڪري ڇڏي ٿي. ڪمري ۽ ڪتابن منهنجي تنهائين ۾ ڏاڍو share ڪيو آهي، پر پوءِ به الائي ائين ڇو ٿو شدت سان محسوس ٿئي، ته منهنجي اظهار کي هڪ ڀرپور موٽ جي ضرورت آهي ۽ ان موٽ جي تلاش ۾ مون ڪيترائي ڪاغذ سفر حوالي ڪيا آهن، ڇو ته ڪڏهن ڪڏهن اميد به لمحاتي طور ٻڏندڙ لاءِ وڏو سهارو ثابت ٿيندي آهي.

    تنهنجو پنهنجو
    فياض لطيف
    31 آڪٽوبر 1999ع

    •••••

    انو!

    الائي ڇو تنهنجون اکيون منهنجي ننڊ ۽ جاڳ جو موهه بڻجي ويون آهن. زندگيءَ جي ڪيترن ئي موڙن تي ماڻهوءَ جي موهه منهنجي سفر جون سمتون تبديل ڪيون آهن، ڪيترن ئي نيڻن جي سحر منهنجي محبتن کي مجنون بڻائيو آهي، پر اڄ تائين منهنجي پيار جي پاڳل پڻي جي ڪائي دائمي ليلى بڻجي نه سگهي آهي. مختصر ملاقاتن جي ريشمي سلسلن جي سفر کان پوءِ ڪافي عرصي بعد شدت سان تنهنجي ڪميءَ جو احساس اوترو ئي تازو ٿو محسوس ٿئي، جيترو تو سان هر ملاقات بعد رهندو آهي.
    آءٌ ڪافي تجربن پلئه پوڻ کان پوءِ ان راءِ تي پنهنجي بي چين جيءَ کي مطمعن ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهيان، ته ڪجھ ماڻهو رسمي ۽ جسمي حاصلاتن کان پوءِ به اوپرا ۽ اجنبي رهندا آهن ۽ ڪن ماڻهن سان لمحن جون رفاقتون، جنمن جي آشنائيءَ ۽ اشتياق کي جنم ڏينديون آهن.
    منهنجي زندگي هڪ اهڙي ڪتاب جي ڪٿا وانگر آهي، جنهن جي ڪيترن ئي ورقن کي وقت جا المناڪ طوفان پنهنجن چنبن سان چيري ڦاڙي الائي ڪيڏانهن کڻي ويا آهن ۽ جيڪي ورق بچيا آهن، انهن کي به تنهائيءَ جي اڏوهي ڪافي ٽُڪي چڪي آهي، پر سچ پڇين ته، ڪائنات جي ٻين ڪيترين ئي سندرتائن سان گڏ تنهنجو موهه ۽ رفاقت جياپي جي روڳ ۾ هميشه راحتن جا رنگ ڀرڻ جو ڪارڻ رهيا آهن. تنهنجون يادون ۽ راحتون، منهنجي زندگيءَ جون بي رونقون ۽ ڪربناڪ ڪيفيتون اهڙا موضوع آهن، جن تي لکڻ لاءِ جيءَ جي جلاوطني ڪافي بي چين آهي ۽ آءٌ چاهيان ٿو ته تو تي هڪ ڀرپور ناول لکان، جيڪو تنهنجي حسن جي سحر جيان ٻوليءَ ۽ ترتيب جي حوالي سان هڪ حسين يادگار هجي، جيڪو پيار ڪندڙ دليون هڪ ٻي کي تحفن طور اُماڻي سگهن، جيڪو دنيا جي درگاهه ۾ محبت ڪندڙن لاءِ هڪ پُل جهڙو ڪردار ادا ڪري....
    منهنجي شاعريءَ کان وٺـي ڪهاڻين ۽ ٻي هر تحرير ۾ اکين جو ذڪر ائين آهي، جيئن صحرا ۾ ڪنهن مسافر جي چپن تي ڇانوَ ۽ پاڻيءَ جي طلب جي تڙپ هوندي آهي. آءٌ ڪڏهن ڪڏهن خود به ان نيڻن جي اظهار جي ورجاءَ ۾ ڏاڍو اُلجهي پوندو آهيان. ان تفڪر جي اُلجهاءَ ڪيترن ڏينهن تائين منهنجي يادن جي قدمن کي اڻانگي مسافتن جي سنسان راهن حوالي ڪري ڇڏيندو آهي ۽ منهنجا قدم ڪنهن جوڳيءَ جي بي چين آتما جيان هڪ ڌنڌلي آگهيءَ جو زخم حاصل ڪري، ڏينهنِ تائين ان جي مرهم لاءِ ڪنهن حاذق جو پتو پڇائيندا رهندا آهن.
    اکيون، اکيون، اکيون، اکيون... ها اهي اکيون، جن کي پهريون ڀيرو مون تڏهن ڏٺو هو، جڏهن اڃا منهنجي سمجهه کي پتڪڙا پير هئا ۽ ”هُن“ جي اکين منهنجي آرزوءَ جي آڱر پڪڙي مون کي اڻ ڏٺي راهن ۽ راحتن کان آشنا ڪيو. منهنجي پيرن فاصلن جي دوريءَ کي ڏاڍو گهٽائڻ جي ڪوشش ڪئي... پر ”هُنَ“ جون اکيون منهنجي آرزوءَ جي آڱر جي اوڏو هوندي به منهنجي وجود کان ڏاڍو ڏور هليون ويون، پر انهن نيڻن جي ننڊاکڙي حُسن جهڙو احساس منهنجي حسرتن جو حسين خواب بڻجي ويو. ماڻهو جنهن ماحول ۽ معاشري ۾ رهي، پلجي ۽ وڏو ٿئي ٿو، ان جا اثر سندس جيون-آرسي تي ڏاڍا اُجرا ٿا رهن، توڙي جو ڪن کاهوڙين جي خيال موجب ماڻهو بذات خود هڪ وڏي ڳُجهه جي ڳنڍ آهي، پر ان جي کولڻ لاءِ خيال جي مضبوط هٿن سان گڏوگڏ تجربن ۽ مشاهدن جون ماهرانا نظرون به تمام ضروري ٿيون هجن.
    آءٌ توڙي جو حالتن جي اهڙي ڳهر ۾ ڳريو آهيان، جنهن جي وجود ۾ مُردي جيان جذبن جو خون سرد ٿي ويندو آهي، پر مون جن سپنن کي نيڻن ۾ سانڍيو آهي، انهن جي سندرتا منهنجي جيون کي سدائين ثابت قدم پئي رکيو آهي. منهنجا هٿ خطائن کان خالي هوندي به، هر ڀيري عتابن جي اڳيان رهيا آهن. مون پنهنجي جياپي جي جواز لاءِ انيڪ فريبن کي دريافت ڪيو آهي، پر هر دفعي منهنجي روح جي راڻي کي مومل جي ڪاڪ جي موهه ئي جيءَ جي جلاوطني اختيار ڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي، توڙي جو منهنجو تخيلاتي ڪاڪ حقيقتن جي حاصلاتن کان هزارين ڀيرا حسين آهي، پر بدن جي بي چيني ڪنهن بَر ۾ ڀٽڪڻ بدران هر لمحي ڪنهن گلستان جي آغوش ۾ آهلڻ جي آرزومند رهي آهي!
    جسم جي آڳ جو پنهنجو دين آهي. دنيا وارن کي ڪير سمجهائي ته دل جي خدائي ۾ ڪاغذي قانونن بجاءِ پيار جون آيتون ئي عاشقيءَ جو ايمان ۽ آنند هونديون آهن.
    ڪڏهن ڪڏهن دل چوي ٿي زندگي جي ڪرب ناڪين ۽ تلخين ۾ ڪوئي خوبصورت فريب ئي هجي، جنهن جي ايڊريس تي پنهنجي آرزوئن جا لفافا پوسٽ ڪجن، جنهن جي اوسيئڙي ۾ اوجاڳيل اکڙين ۽ ديواني دل کي ڪي انوکا آٿت آڇجن...!
    جيءَ جي جنم-گهر ۾ اظهار جي آڳ دُکي دُکي اجهامڻ تي اچي پهتي آهي. تنهائيءَ جي سرديءَ ۾ منهنجي موهه جا هٿ ايترا ٿڌا ٿي ويا آهن، جو هينئر انهن کي لفظن جي گرمي به سيڪڻ ۾ ڏاڍي ناڪام ٿي لڳي. ڪڏهن ڪڏهن لڳي ٿو دنيا جي هن دامنِ صحرا ۾ پنهنجي وجود جو گل ڪيترو نه تنها اُسريو آهي، جنهن جي خوشبو کان هوائون به نا آشنا ٿيون لڳن، پر ڪڏهن دنيا جي هن جهنگ ۾ پنهنجي جيِءَ جي جلاوطني ڏاڍي پياري به لڳي ٿي...!.

    تنهنجو ئي
    فِيَا
    21 ڊسمبر 1999ع

    •••••

    جانان!

    تنهنجي تلاش جي سفر ۾ مون ته سڀ ڏسائون ڏوريون آهن، پر هر ڀيري تنهنجي پرتوي منهنجي مٽيءَ جي ڪچي وجود کي هڪ آزمائش جي آڙاهه اڳيان ڪيو آهي. تنهنجي هر جلوي منهنجي جيءَ ۾ هزارين حسين خوابن کي پئي جنم ڏنو آهي. مون جيون جي مسافت ۾ صرف سُندر خوابن جي موڙي ئي ته بچائي آهي.
    تنهنجي دوريءَ مون لاءِ ڪيترا درد دريافت ڪيا آهن، جانان! توکي اندازو ڪونهي ته منهنجي آڱرين ۾ ڪيتري بي چيني، بي وفائيءَ جو بَکُ بڻي آهي. آءٌ جيون جي هن صحرائِي سفر ۾ جنهن پياس جو متلاشي آهيـان، ان جو پتو تون پرس ۾ وجهي، ايتري اوپري ۽ نا آشنا ڇو ٿي وئي آهين؟
    مون وٽ ته ايترا سوال ڪَٺي ٿي ويا آهن، جو هاڻي انهن کي سُلجهائڻ به ڏاڍو اوکو ٿي پيو آهي. مون وٽ جن سوالن جا جواب آهن، انهن جي ٻُڌڻ لاءِ تنهنجون سماعتون الائي ڇو ايتريون اوپريون ٿي ويون آهن ۽ جن سوالن جي جهنگ ۾ آءٌ خوابن سميت جلاوطني جِي رهيو آهيان، انهن جا جواب ڏاڍا خانه بدوش ٿي ويا آهن.
    مون کي خواب ڏاڍا پيارا آهن. مون انهن کي بچائيندي پنهنجي حسرتن جا کوڙ هٿ جلائيا آهن. تو جنهن طويل آزمائش جو مون لاءِ انتخاب ڪيو هو، ان جي ته هينئر آڳ ئي اُجهڻ تي آهي. منهنجي وجود جي ڪچي مٽي ڏاڍي ڳوڙهي ۽ ڳاڙهي ٿي وئي آهي. تون جڏهن به چاهين، ڪنهن ڊسمبر جي سرد رات يا ڪنهن جُون جي جهنم جهڙي منجهند ۾، منهنجي دوار تي دستڪ ڏئي سگهين ٿي. توکي سرد هٿن سيڪڻ لاءِ منهنجون گرم جوشيون ۽ پگهر سڪائڻ لاءِ پيار جو بڙ جي گهاٽي ڇانو جهڙو ڇانورو ساڳيو وماسيل ملندو ۽ ها، اِهي خواب ۽ خوبصورتيون به، جيڪي مون ڪسمپرسيءَ وارين حالتن ۾ به خرچ ڪرڻ بجاءِ تنهنجي لاءِ سانڍي رکيون آهن.

    تنهنجو ئي
    فِيا
    26 ڊسمبر 1999ع

    •••••

    مبارڪ!

    اڄ 31 ڊسمبر آهي ۽ آءٌ جڏهن هن ڪاغذي رابطي ذريعي تو سان مخاطب آهيان، تڏهن ڏينهن جا 12 ٿيا آهن ۽ ايندڙ ٻارنهن ڪلاڪن کان پوءِ اسان هن صديءَ جي ساٿ کان وڇڙي ايندڙ صديءَ ۾ داخل ٿي وينداسين يا ايئن چئجي ته هيءَ صدي اسان کي الوداع چئي ايندڙ صدي جي آمد لاءِ وقت جي هڪ حقيقت کي جنم ڏئي ويندي. مون طئي ڪيو هو ته هن صديءَ جي آخري شام مڪليءَ ۾ تو سان گڏ گذاربي. ان لاءِ ٽيون ڏينهن رات تائين نثار واري نمبر تي تو سان رابطي جي تند جوڙڻ جي ڪوشش ڪندو رهيس، پر الائي ڇو ٽيليفون جي رِنگِ دير تائين رڙي، بنا جواب جي ئي پنهنجي وقت جي وجود ۾ مدفون ٿي وئي. هڪ دفعو ٻيهر ڪوشش جي ڪنجي گهمائڻ جي جستجو ڪيم، پر موٽ جي آشا وري به آواز بنا ئي خانه بدوش ٿي وئي.
    ٽيون ڏينهن جيئن ئي ويڪيشن ٿي هئي، مون ڪاليج مان ئي تو سان رابطو ڪرڻ چاهيو هو، پر ڪلارڪن جي نه هئڻ ڪري فون کي ڪوڊ لڳل هو، جيڪو ڪوشش جي باوجود کُلي ڪونه سگهيو. مون چاهيو هو ته تو سان رابطي بنا ئي نڪري پوان، پر الائي ڇو ”متان تنهنجي اتي موجود نه هئڻ“ واري خدشي منهنجي ارادي کي هڪ عجيب الجهن حوالي ڪري ڇڏيو، جنهن مان آءٌ ٻي صبح تائين نڪري ڪونه سگهيس. نتيجي ۾ پورو ڏينهن استاد اياز جي شاعريءَ سان پنهنجي بي چينيءَ کي ريجهائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيس، پر اياز ته اهو مچ آهي، جنهن جي قرابت اُجهاميل چڻنگن ۾ ويتر بي چينيءَ جي باهه ڀڙڪائي ڇڏيندي آهي!
    مبارڪ! مڪليءَ ۾ مون تون سان گڏ ايترو پيئڻ ٿي چاهيو، جيئن منهنجي ياد جو ميرو لباس پوريءَ طور ڌوپجي وڃي. آءٌ پنهنجي ماضيءَ جي مُردي کي مڪليءَ ۾ مدفون ڪري، نئين جنم سان جيئڻ جو طئي ڪيو هو. مون سوچيو هو ته پاڻ ٻئي صديءَ جي ان آخري رات ۾ ٺٽي جي ڳليءَ ڳليءَ ۾ دير تائين ڀٽڪي سرمد کي ڳولي لهنداسين ۽ ان سان گڏجي دارا جو درشن ڪري، ٻي ڏينهن تي ڀٽ ڌڻي ۽ اياز جا چَرن ڇهي ان وچن جي آڱر پڪڙي وڇڙنداسين، ته اڄ کان پوءِ جيون کي مصلحتن ۾ گذارڻ بجاءِ جرئت جو جياپو جيئبو، پر ڪير ڄاڻي ته ڪنهن جي سفر جي لڪيرن ۾ ڪهڙن گسن جي ڪيتري گمنامي لکيل آهي؟
    مون اصغر کان اڄوڪي رات لاءِ هڪ آڌيو آڻائيو آهي، توڙي جو مون کي سُڌ آهي ته هڪ آڌيو منهنجي پياس لاءِ ڏاڍو ٿورو آهي، پر دل جي وضوءَ لاءِ ڪجهه قطرا ئي ڪافي هوندا آهن.
    پيارا! نئين صديءَ جي حوالي سان ڪيترن ئي قلمڪارن اخبارن ۽ پنهنجن ڪالمن ۾ ويچارن جون هُڙون ورهائيون آهن. ڪن جي خيال ۾ هيءَ صدين ۽ سالن جي فڪر جو کٽراڳ يورپ جو ورثو آهي، جنهن سان سنڌ جو ڪوئي سروڪار ڪونهي. سندن مجموعي راءِ موجب سنڌ جي مقدر ۾ مفلسي ۽ مجبوري ڄڻ ته لکئي جو ليک آهي، جنهن کي ڪنهن به چنتا جي چڻنگ مٽائڻ کان قاصر ٿي هجي. خود امر جليل جهڙي پُرش لکيو آهي ته، ”هڪ ڏينهن جي تبديلي صدين جي تاريڪيءَ جو ڪجهه به بگاڙي ڪونه سگهندي آهي، تنهنڪري هو صديءَ جي آخري سورج کي گدوءَ کان الوداع ڪندو...!“
    امر کي پڙهي افسوس سان گڏ مون کي پنهنجي سماجي دانش ۽ موروثي فڪر جي مفلسيءَ تي ڏاڍو رحم ٿو اچي! جنهن جي راهن ۾ ايترين بين الاقوامي تبديلين ۽ ترقيءَ جي باوجود اڄ به روايتن جون ايتريون گهريون تاريڪون آهن، جن مان سندن مسافت جا قدم به نظر ڪونه ٿا اچن.
    هڪ ٻج جو داڻو ئي هزارين درختن کي جنم ڏيندو آهي. قطري قطري ڪَٺي ٿيڻ سان ئي سمنڊ جي سرڪشي ممڪن بڻجندي آهي. اهو هڪ ڏينهن ئي ته هوندو آهي، جنهن ۾ هزارين جنم، هزارين وڇوڙا ۽ سوين انقلاب ايندا آهن. منهنجي خيال ۾ هي صدين جي مڪملتا وارا لمحا، زندگيءَ جي احتساب ۽ حساب ڪتاب لاءِ هڪ موڪل جي ڏينهن وانگر آهن. جنهن نموني سان هر ڪاروهنوار ۾ هڪ حساب ڪتاب جو اصول هوندو آهي، جيڪو نفعي ۽ نقصان جي حاصلات مان پنهنجي آئيندي جي عمل ۾ روشنيءَ ۽ بهتريءَ جي راهه کي هموار ڪندو آهي، تهڙيءَ ريت هي صدين ۽ سالن جو سفر به ماڻهوءَ جي حياتيءَ لاءِ هڪ حساب ڪتاب جو موقعو فراهم ڪري ٿو، جنهن کي بجاءِ اَبهام جي، حقيقت پسنديءَ سان حل ڪرڻ جي ضرورت ٿي هجي. ڀر ڇا ڪجي! هن ايڪويهين صدي جي عَالَم ۾ به سنڌ ان سرحد جو نالو آهي، جنهن جي جنتا، جوت ۽ جاڳرتا جي فهم ۽ ادراڪ کان پوريءَ طور تي نا آشنا آهي، جنهن جي ننڊاکي نيڻن ۾ آزادي هڪ حسرت کان وڌيڪ ڪا حيثيت ڪونه ٿي رکي، جنهن وٽ علم۽ دانش جي ديوي اڄ به پيرن اگهاڙي ۽ رُودالي جي روحاني روئداد جوٻيو روپ ٿي لڳي....!
    آءٌ دنيا جي داغن ۽ عيبن تي پنهنجي اشاري جي آڱر اُڀي ڪرڻ بجاءِ پنهنجن زخمن جو ازالو ڪرڻ ٿو چاهيان، ڇو ته آءٌ اڄ به ان راءِ جو آهيان ته زخمن جو ازالو ئي زندگيءَ جي سڦلتا کي جنم ڏئي سگهندو آهي، باقي دنيا ته اها سينواريل ڍنڍ آهي، جنهن کان ڪنهن ڪاپڙي ڪٽنب-قبيلي ئي پنهنجو پاند بچائيو هجي...! جيئن ته آءٌ ڪنهن ڪاپڙي ڪٽنب مان ڪونه آهيان، تنهنڪري پاند پُسائڻ بجاءِ ان ڍنڍ مان ڪپڙن سوڌو پُسي ۽ غوطا کائي نڪتو آهيان ۽ شايد اهو ئي سبب آهي ته ان سفر ڪري ئي هر ڀيري آءٌ ٽٽو به ثابت قدميءَ سان آهيان. موت بدران زندگي اڄ به مون لاءِ ڪنهن نئين نڪور نظم جيان آهي، جنهن کي جهونگاريندي منهنجي چپن جو چين نه ٿو ڍاپي ۽ موت مون لاءِ هڪ بي لذت لمحي ۽ طويل خاموشيءَ جو نانءُ آهي، جنهن جي سيمائن ۾ ڪنهن به سندرتا جو پري پري تائين ڪو پيرو ئي ڪو نه ٿو هجي ۽ بي نشان رَندن پويان جياپي جا نيڻ رولڻ ڪهڙي مجذوبي جي مذهب ۾ ٿا هجن؟ مون ته عمر جي عاشقي ۾ هر سرمستي پويان هڪ سندرتا جي سحر جو سايو پسيو آهي.
    نفي ئي اثبات جو آجپو آهي. جنهن دنيا جي دشت ۾، دل جي ديوانگي جو پيرو نه پروڙيو آهي، تنهن جي عاشقيءَ جي دعوى احمقپڻي کان سواءِ ٻيو ٿي به ڇا ٿي سگهي؟
    آءٌ جڏهن عمر جي ڪتاب جا ڪاغذ اٿلائڻ جي ڪوشش ٿو ڪريان، تڏهن هرج جو حساب مون کي قرضي بنائڻ کان سواءِ ڪجهه به پلئي ڪو نه ٿو وجهي ۽ ان قرض، منهنجي هوند جي هڙ کي ڏاڍو خالي ڪري ڇڏيو آهي. خطا جي کنڌي جون ڀرڻيون ڀريندي بندي جو بُت ايترو ڪو نه ڀُرندو آهي، جيترو اڻ ڪئي جي ڪرب ۾ آدميءَ جو روح ڪُرندو آهي!
    مون هن دنيا ۾ جڏهن کان آگهيءَ جي اک کولي آهي، تڏهن کان هجومن ۾ منهنجي وجود جي مٽيءَ جي هيڪلائي مون کي شدت سان محسوس ٿي آهي. تون جيڪو مون لاءِ چوندو آهين ته ”ڪلراٺي مٽيءَ ۾ ٽڙندڙ گل آهين“ اهي منهنجي جيون جي سچ جا واقعي ئي مون کي ڪڏهن ڪڏهن حقيقي روپ لڳندا آهن.
    مبارڪ! مون زندگيءَ جي تنها سفر ۾ ڏاڍي خوبصورت خوابن جي مٽيءِ ڳوهي آهي. مون اداس راتين ۾، هڪ چنڊ جي حاصلات پويان جيڪو هر ڀيري سڀ وڃائڻ جو جوکم کنيو آهي، تنهن جي تلخيءَ منهنجي طلب جي آڱرين ۾ ويتر بي چينيءَ جي باهه ڀڙڪائي ڇڏي آهي. مون کي ڪڏهن ڪڏهن خود به خبر ڪونه ٿي پوي، ته منهنجي ثابت قدميءَ جي صُراحيءَ ۾ ڪهڙي امرت جو سرور ۽ سرمدي آهي، جنهن جي سُرڪ منهنجي جياپي جي مرڪ کي سلامت رکيو پئي اچي!
    منهنجي وجود جي مٽيءَ ۾ جڏهن جوانيءَ جو ڦول ڦلاريو هو، تڏهن مون پنهنجي نيڻن ۾ هڪ نازنين جو سپنو سانڍڻ جي سلسلي جي ريشمي ڏوري ڇڙواڳ ڇڏي ڏيڻ جي شروعات ڪئي هئي. ان سونهري سپني جي ريشمي ڏوريءَ جو هڪ ڇيڙو آءٌ ڇلي جيان پنهنجي چاهه جي چيچ ۾ پائي، ٻي ڇيڙي کي آزاد هوائن حوالي ڪري ڇڏيو. منهنجي آرزو انتظار جي موسمن ۾ ڏاڍي موهيندڙ ٿي پئي هئي. ان ڇهاءُ ۾ موجود مانوسيت کي مون اڃا چپن تائين آندو ئي مس هو ته اوچتو هڪ برف جي بدن جهڙي غير مانوس ڇپ اچي منهنجي آزاديءَ جي دروازي جي منهن ۾ پئي هئي. مون سوچيو هو، آءٌ پنهنجي ادراڪ جي آڳ سان ان کي ڳاري رجائي پنهنجي سرير جو وضو ڪري وٺندس، پر ان جي بي حسيءَ ته مون کي پنهنجي بدن مان ئي جلاوطن ڪري ڇڏيو. آءٌ پنهنجي انائن جي آڳ ۾ پنهنجي بچيل قوتن جون ڪاٺيون جلائي پنهنجي خوابن جا سرد ٿي ويندڙ هٿ سيڪڻ جي جستجو ۾، ڪنهن سمي جيون جي گس ۾ تو سان ملاقاتي ٿيو هوس ۽ توسان گڏجي ڪتابن جي ڪاڪ محل ۾ مون به ڪجهه قدم سوريا هئا.... مون نه ٿي ڄاتو ته جيڪا سپنن جي ريشمي ڏوري مون آڱرين جي اوجاڳن مان آزاد ڪئي هئي، تنهن پنهنجي طويل مسافت، جنهن دشت ۾ ڪئي آهي، تنهن جو پورو پتو ۽ پيرو هن ڪاڪ جي پڻيءَ ۾ ئي پوريل ملندو. مون جڏهن ڀٽائيءَ کي پڙهيو ته ان جي پنڌ ۾ مون کي پنهنجي خانه بدوش خوابن جي پيرن جا ڪيترائي نشان مليا. انهن نشانن جي پوئواريءَ ۾ اياز کان وٺي فيض، فراز، گلزار، غالب، خيام، بلا شاهه، باهو، شيلي، شيڪسپيئر، ملٽن، ورڊس ورٿ، دوستو فسڪي، ٽئگور، ٽالسٽاءِ، اوريانا فلاشي، امرتا پريتم، ڪرشن چندر، قرت العين، منٽو، جمال ابڙو، ماڻڪ، آغا سليم، امر جليل، نورالهدى، نسيم کرل ۽ ٻين انيڪ اهڙن پنهنجي خوابن جي ليلائن جي ڳولا ۾ نڪتل مجنوئن سان ميلو ٿيو، جن جي ڪٿا الائي ڇو مون کي پنهنجي جيون جي ڪتاب جي مهاڳ جهڙي لڳي...!
    مان پنهنجي بدن جي ٽٽل ٽڪرن کي ميڙي، هڪ ڪشتيءَ جو روپ ڏئي، ان کي خوابن جي درياءَ حوالي ڪري، حاصلاتن جو حوصلو ڪَٺي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيس. مون سمجهيو هو، ڪتابن جي ڪاڪ مان اطمينان جي مومل جي چيچ پڪڙي، خاموشيءَ سان اتان نڪري، دل جي ڪنڊ ۾ آباد ديول ۾ باقي عمر پيار جي سنگ ۽ سرمستيءَ ۾ گذاربي، پر هر ڪتاب جي ورق گردانيءَ کان پوءِ منهنجي فهم جو جهول سوالن سان ڀرجندو ويو. آءٌ سوالن جا صليب کڻي، جوابن جي جهنگ ۾ ڀٽڪندو هيس. هر قدم جي پير هيٺيان هڪ سوال جو ڪنڊو منهنجي روح کي رتو رت ڪرڻ جي سامان کي جنم ڏيندو رهيو. ڪتابي ڪاڪ جي سفر منهنجي وجود کي سوالن جي روح سان سوين جنم ڏنا، پر منهنجي تلاش جو روح پنهنجي بدن ۾ اڃا به بي قرار ئي رهيو ۽ منهنجي مٽيءَ جي بي قراريءَ پيار پائڻ بدران پياس پِرائي...!
    آءٌ تعلق ۽ رشتن جي رضا ۾ پنهنجي روپ جا رنگ وڃائيندو رهيس. هر تعلق جي قرض ۾ مون پنهنجي هڪ خواب جو خون پنهنجي روح جي بدن تي برداشت ڪيو. مون انسان جي آرزوءَ ۾ هڪ گهر جي تڪميل ڪئي، پر تڪميل کان پوءِ آرزوءَ جو بدن ساڳيو ئي اڌورو رهيو. مون جن سوالن جي ڪنڊن کان پنهنجي پاند کي بچائڻ لاءِ ايتري فرار جو سفر ڪيو، وري به ماڻهن جي ميڙ ۾ هڪ اڪيلائيءَ جو سوال، صليب جيان منهنجي سامهون آهي. ماڻهن جي جهنگ ۾ ملندڙ ڪيترن چهرن منهنجي جياپي کي محبتن جا ڪيترائي نوان جنم ڏنا آهن. جياپي جي سفر ۾ آءٌ گوڏن تائين سوالن جي گرچڻ ۾ گچڻ ۽ روح تائين رتوڇاڻ ٿيڻ کان پوءِ به روح جي پروريءَ جو راز انساني موهه ۾ ٿو سمجهان، ڇو ته محبت ئي اها مرهم آهي، جيڪا زندگيءَ جي سڀني زخمن کي ڀرڻ جي معجزاتي قوت رکي ٿي.
    آءٌ جڏهن پنهنجي جيون جو لکيو ٿو ساريان، تڏهن سچ پڇين ته هزارين سوالن جون اوجاڳيل اکيون، جواب طلبيءَ لاءِ منهنجي اڳيان اچي ٿيون بيهن.
    مبارڪ! تون ئي ٻڌاءِ، آءٌ ڇا ڪريان؟ منهنجي وجود جي مٽيءَ ۾ بي قرار منهنجي روح جو زخمي پَرندو جڏهن پنهنجا پَر ڦڙڪائڻ جي جستجو ٿو ڪري، تڏهن ان جي اڏام جي اڻپورائي مون لاءِ هزارين اهڙن سوالن کي سامهون ٿي ڪري، جن جي جواب لاءِ منهنجي جوت جي ڏيئي ۾ ايتري جٽاءَ جو تيل ئي ڪونهي!
    ماڻهن جي هن سمنڊ ۾، منهنجي زندگيءَ جو قطرو ايترو مضطرب ڇو آهي؟ منهنجي روح جي رباب کي ڪهڙي موهه جي آڱرين اهڙو ڇهيو آهي، جنهن جي تند ۾طلب جو راڳ اڄ به منهنجي لونءَ لونءَ کي لرزائي ٿو ڇڏي؟
    منهنجا نيڻ ڪهڙي ننڊ جا متلاشي آهن، جنهن لاءِ اوجاڳن جو جھنگ جھاڳڻ کان پوءِ به اطمينان جي آغوش ۾ نه ٿا ٻوٽجن؟ آءٌ تلاش جي تندور ۾ پچڻ ۽ پنهنجي جيءَ جي جوڳيءَ جي ايتري جلاوطني کان پوءِ به، ڪهڙي نرواڻ جي نيڻن لاءِ آتو ۽ وماسيل آهيان؟
    اڃا به اهڙا ڪيترائي سوال آهن، جن جي اورڻ ۾ صديءَ جو هي آخري سج اُلهي ويندو، تنهنڪري اڄ جڏهن 31 ڊسمبر جو آخري سج ٽامڻي هڻي ڪنهن مچ جي سچ جي آخري پساهن جيان لڳي رهيو آهي. تڏهن آءٌ پنهنجي جيون جي ڪتاب جي ليکي چوکي جي ان نتيجي تي پهتو آهيان ته، ”مون جيڪو گهڻو ڪجهه وڃائيو آهي، ان جي موٽ ۾ ئي ڪجهه حاصل ڪيو اٿم، پر گهڻي وڃائڻ کان پوءِ به ٿوري حاصلات ۾ اهو ڪجهه ڪونهي، جنهن لاءِ مون گهڻو ڪجهه وڃايو آهي. اهو ئي سبب آهي ته بي قراريءَ جي چڻنگ اڄ به منهنجي جيءَ ۾ بي چين ٿي آهي...!“
    ان بي چينيءَ جو چين ڪهڙي بندگيءَ جي بجا آوريءَ ۾ ملندو؟ ان سوال جو جواب آءٌ تو لاءِ ٿو ڇڏيان.... هينئر تون جنهن به ماڳ تان صديءَ جي آخري سج کي الوداع ڪرڻ لاءِ اداس ۽ آتو ويٺو هوندين، اهي لمحا شال تنهنجي نيڻن لاءِ سدائين سندرتائون آڻين.
    مون کي هاڻي اجازت ڏي ته آءٌ پنهنجي خواب-گهر جي آڳر مان صديءَ جي آخري سج سان ويهي ان جي روپي رنگن سان پنهنجي آئيندي جون خوبصورت تندون رڱيان ۽ ان کي الوداع کان اڳ هڪ ارپنا جي آخري چمي آڇيان.

    تنهنجو پنهنجو
    فياض لطيف
    31 ڊسمبر 1999ع

    •••••


    پيارا مظهر!

    شال سرهو ۽ سلامت هجين.
    تنهنجا ٽئي ڪتاب پڙهي پورا ڪيا اٿم. سچ پچ تنهنجي اظهار جو انداز ۽ لکڻ جو ڏانءُ انتهائي پيارو ۽ موهيندڙ آهي. سنڌ ۾ کوڙ عرصي کان جيڪو ڪهاڻي مري وڃڻ جو پِٽڪو ٿي رهيو آهي، تنهنجون ۽ ٻين ڪجھ نئين ٽهيءَ جي ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون پڙهڻ کان پوءِ اهو روڄ ۽ راڙو اجايو ۽ بي بنياد ڀاسيو اٿم. لڳي ٿو ته سنڌ ۾ ادبي رُودالين جو انگ واقعي ئي وڌي ويو آهي...!
    تنهنجي ڪهاڻين جو ڳٽڪو ”خواب کوٽا سِڪا“ موضوع، ڊڪشن ۽ اظهارِ بيان جي لحاظ کان منفرد ۽ تنهنجي پورهئي کي مڃتا ڏيارڻ جو مستحق آهي. تنهنجو ناول ”جيون اُجاڙ رستا“ ۽ ڪهاڻين جو مجموعو ”سرد خاني ۾ رکيل خواب“ به خوبصورت آهن، پر ذاتي طور تي مون کي تنهنجي ڪهاڻي ڪتاب ”خواب کوٽا سِڪا“ ڪافي وڻيو آهي. تون جنهن سگھ ۽ سُرتِ سان ننڊ جا نيڻ، بي چين لفظن کي ارپي رهيو آهين، اهي هڪ ڏينهن تنهنجي حسرتن جي مومل کي ضرور موڻيندا.
    واعدي موجب پنهنجي ترجمي ڪتاب ” اڻ ڄاول ٻار ڏانهن خط“ جو مسودو پوسٽ ڪري رهيو آهيان، اميد ته ترت ئي ان تي مهاڳ لکي واپس ڪندين.

    تنهنجو پنهنجو
    فياض لطيف
    31 ڊسمبر 1999ع


    • سال 2000ع

    مبارڪ جاني!

    شال جُڙيو هجين!

    عرصي پُڄاڻان پهريون ڀيرو خط لکڻ لاءِ ڪاغذ جي رخسارن تي قلم جون آڱريون ڦيرائڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم. سچ ته ڪو به لمحو يار جي طلب ۽ تنوار کان سواءِ بسر ڪونه ٿيو آهي، پر ڇا ڪجي، دل ۽ درياءَ جي موجن کي پنهنجي مستي ۽ دلڪشي ٿي هجي. ڪڏهن ته ائين ٿيندو هيو، جو هڪ ڏينهن ۾ ڏهه ڏهه خط لکبا هيا، امتياز، انو، منظور، سجاد ۽ توکان وٺي ٻين ڪيترن ئي قربدارن ۽ ادبي رسالن ڏانهن هڪ ئي وقت خط لکي پوسٽ ڪبا هيا. ايترا خط هٿن ۾ ڏسي اڪثر اصغر مشوري ۽ سندس ساٿي پوسٽ مين ڪڏهن ڪڏهن ٽهڪ ڏئي چوندا هئا: ”توهان پوري پگھار ته پوسٽ ۽ ڪتابن خريدڻ تي خرچي ٿا ڇڏيو، باقي گذارو ڇا مان ٿا ڪريو؟“ مون وٽ انهن جي گذاري واري سوال جو ڪالهه به جواب ڪو نه هو ۽ اڄ به انهن جي جواب لاءِ پنهنجي ويچارن کي هجومن ۾ وڃائجي ويندڙ ڪنهن ويڳاڻي ۽ نرالي ٻار جيان ٿو ڀانيان، جنهن کي ماڻهن جي ميلي ۾ به ڪنهن اڪيلي ۽ انوکي چيچ جي چاهنا بي چين ڪندي رهندي آهي. مون جڏهن به ڪن حالتن ۾ هن جيون کي گذاري جيان اپنائيو آهي، تڏهن هر ڀيري پنهنجي آنند ۽ شانتيءَ تان هٿ کڻڻو پيو اٿم، جنهن ۾ هر قدم جي هيٺيان حالتن جي تتل ڌرتي رهي آهي، پر پوءِ به اطمينان ۽ آنند منهنجي هر زخم کي هڪ نئين مرڪ ۽ سرمدي عطا ڪئي آهي، جنهن ۾ گذاري جي ذلت بجاءِ زندگيءَ جي رنگيني ۽ درد جي دلڪشي آهي.
    مٺا! پنهنجا خوبصورت خواب ۽ خيال پنهنجي جاءِ تي، پر حقيقتن جي تلخيءَ کي به پنهنجو حُسن ۽ نزاڪت آهي. ڪالهه کي پنهنجي صداقت هئي ۽ اڄ کي پنهنجي هڪ انوکي اک ۽ سچائي آهي، جنهن کان انڪار وقت جي انڌن جي شيوي ۾ شامل آهي. منهنجي ذوق مان اڄ به زندگيءَ جي حسناڪين جون حسرتون ماٺيون ڪو نه ٿيون آهن. منهنجا نيڻ اڄ به اِڇائن جي آجپي واري ايمان کان آجا ڪونه آهن. منهنجي جيءَ ۾ اڄ به جاڳ جو وڏو جگر آهي. منهنجي پيرن مان پرينءَ جي پنڌ جون پڇائون اڃا به ڪو نه مُئيون آهن. منهنجي آڱرين ۾ اڄ به ايتري تڙپ ۽ تشنگي آهي، جيڪا پٿر جي بدن کي به پگهاري سگهي ٿي. منهنجي من ۾ اڃا به رنگن جون ڪيئي بهارون ڪنهن نازنين جي سندر نيڻن لاءِ هڪ حسين سنديسي جيان سرهيون ۽ سلامت آهن، پر پيارا! خبر ناهي الائي ڇو، ڪڏهن ڪڏهن آدم ذات جي هن اجگر جهنگ ۾، جيءَ جو جوڳي ڏينهن تائين الائي ڪهڙي ڏهاڳ جا ڏونگر ڏورڻ لاءِ نڪري پوندو آهي، هفتن ۽ مهينن تائين آڱريون پنهنجي من جي بي چيني پنن تي اُتارڻ لاءِ اوجاڳيل هونديون آهن، پر لفظن جي اظهار جا نيڻ الائي ڪهڙي ننڊ جي نديءَ ۾ لڙهي ويندا آهن!
    مبارڪ! ماڻهوءَ ۾ وقت ۽ تجربو وڏين تبديلين کي جنم ڏيندو آهي. آدميءَ جو اندر ان جهرڻي جيان آهي، جنهن ۾ تبديلي هر نئين شفاف ڌارا جي راهه هموار ڪري ٿي، پر جيڪي پُرش ان تبديلي کان لاتعلق رهن ٿا، انهن سان غرور جا ڪچا رنگ ڪڏهن به گهڻو وقت ساٿ نڀائي نه ٿا سگهن.

    تنهنجو پنهنجو
    فياض لطيف
    5 جولاءِ 2000ع

    •••••

    ڊيئر جمال!

    شال جُڙيو هجين!
    تو جنهن خلوص، معصوميت ۽ پيار سان خط لکيو آهي، تنهن جي موٽ لاءِ آءٌ شايد پنهنجو پورو موهه لفظن جي اظهار ۾ ادا ڪرڻ کان قاصر آهيان، ڇو ته ڪڏهن ڪڏهن ڪن مامرن ۾ لفظن جي زبان ڏاڍي نحيف ثابت ٿيندي آهي ۽ پيار به هڪ اهڙو حسين مامرو آهي، جنهن کي لفظن جي زبان بدران دل جي ڪنن سان ٻُڌي، احساس جي اکين سان پَسي ۽ من جي خاموشيءَ سان محسوس ڪري سگهجي ٿو. مون کي اميد بجاءِ اهو پختو وشواس آهي، ته تو وٽ يقينن اها دلربا دل آهي، جيڪا منهنجي محبت ۽ تو لاءِ پنهنجائپ کي شدت سان محسوس ڪري سگهي ٿي.
    جمال! ڪي ڪي تعلق سالن جي مسلسل لڳ لاڳاپن کان پوءِ به ڪنهن رشتي ۽ ناتي جي روح کان سواءِ ان ڪاغذ جي خالي ڪشتي جيان هوائن جي دوش تي رڙهندا رهندا آهن، جن کي واءُ جي هڪ لهر ئي وڃائي ڇڏيندي آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن لمحن جون رفاقتون، روحن جي گهرائيءَ تائين لهي اهڙي قرابت کي جنم ڏينديون آهن، جن جو هر پل سالن ۽ صدين جي بي روح رشتن کان ڀاري هوندو آهي. آءٌ پنهنجي مطالعي، مشاهدي، تجربي ۽ محسوسات جي آڌار تي اڄ تائين آدم ذات جو جيڪو اڀياس ڪيو آهي، تنهن ۾ سچ پچ انسان مون کي ازلي اڃايل ۽ اڌورو محسوس ٿيو آهي، ماءُ جي ڪُکِ مان آزاديءَ کان وٺي ڪائنات ۾ اک پٽڻ ۽ پوري عمر جستجوءَ کان پوءِ به ڪنهن مڪملتا جي تعاقب ۾ تڙپڻ انساني فطرت جو اهو پهلو آهي، جنهن کي مڪمل طور تي ڪو به عقل پرور پُرش پروڙي ڪو نه سگهيو آهي، پر پوءِ به آدميءَ جو اسرار آدمي ئي آهي، ڇو ته آدميءَ جي اندر ئي فقط اها رندي ۽ سرمستي هجي ٿي جيڪا ”من خدايم“ ۽ “اناالحق“ جي ڳُجهه جي ڳنڍ کولي سگهي ٿي. توڙي جو آءٌ رندي ۽ سرمستيءَ جي ڪنهن به اهڙي ساڃاهه کان عملي طور سچ پچ ناآشنا آهيان، پر منهنجي وجود جي مٽيءَ مان جا گهٽي ٿي نڪري، تنهن جا سڀئي گس صرف پيار جي پار ڏانهن ئي ٿا وڃن ۽ ان پنڌ ۾ تنهنجي ساٿ ۽ دوستيءَ جو اضافو واقعي ئي اتساهيندڙ ۽ پيارو آهي.
    پيارا! هڪ يوناني مِٿِ مطابق، ”هن ڪائنات ۾ انسان جو جنم اڌ حصي طور ٿئي ٿو ۽ هو دنيا ۾ پنهنجي ٻي اڌ جي تلاش ۾ پوري عمر سرگردان ٿو رهي.“ اسلامي عقيدي موجب آدم جي ڪُکِ مان حَوا جي جنم واري روايت ملي ٿي. انهن حقايتن ۾ ڪيتري حقيقت آهي، تنهن لاءِ هر دليل جي ديوار ڏاڍي ڀُتي ٿي هجي، پر الائي ڇو ڪڏهن ڪڏهن انهن حڪايتن ۾ بنا دليل جي دل کي ڏاڍو آنند ۽ اطمينان به ملندو آهي. ماڻهو، جنهن سان پهرين ڪائي آشنائي ڪونه ٿي هجي، اچانڪ ڪنهن موڙ تي ملاقات وقت ان سان سالن جي شناسائيءَ جو احساس ڇو ٿو ٿئي؟
    انساني آباديءَ جي هيڏي سمنڊ مان ڪنهن فرد سان ملي سفر ۽ مشڪلاتن جون سڀئي مصيبتون هڪ لمحي ۾ ڪهڙي معجزي تحت مٽجي ٿيون وڃن؟ هڪ آدميءَ سان پل ڀر ۾ روح جون ايتريون مضبوط رفاقتون ڪهڙي جذبي تحت جُڙن ٿيون؟ اهي ۽ ٻيا اهڙا الائي ڪيترا سوال آهن، جن جو ڪيترن موقعن تي آءٌ بنا ڪنهن دليل جي قائل آهيان ۽ تو سان ملي هڪ ڀيرو ٻيهر وڌيڪ دل جي حضور سان اقرار ڪرڻو پوي ٿو ته ”دل جي دنيا جي پنهنجي هڪ نرالي ڪائنات ٿي هجي، جنهن ڱي پنهنجا ڪارڻ ۽ انوکا دليل ٿين ٿا، جي آدميءَ جي عقلي آڱرين جي آگهيءَ کان ڏاڍا اتم ۽ ممتاز هوندا آهن.“
    جمال! منهنجي واقفڪارن ۽ آشنا ماڻهن جو تمام گهڻو آنگ آهي، پر دوستن ۾ اڍائي قلندرن جيان محدود دوست اٿم ۽ ان حلقي ۾ تنهنجي شموليت لاءِ آءٌ سرهائيءَ سان اڳتي هٿ وڌائيندي مسرت پيو محسوس ڪريان. يقين ڪر منهنجي هٿ ۾ تنهنجي هٿ جي حاصلات مون لاءِ وڏي آٿت ۽ وٿ برابر هوندي، ڇو ته تو جهڙي دوستن ۽ پرخلوس پيارن سان ملي، انساني عظمت ۾، منهنجو ايمان هميشه اڃا به تازو ۽ پختو ٿيو آهي. تون جنهن مٽيءَ جو ماڻهو آهين، ان مٽيءَ جي خوشبو ئي پنهنجي آهي ۽ ان خوشبو ۾ جيڪي تنهنجي پيار، سچائي، دانشمندي ۽ خلوص جا رنگ آهن، انهن جون پنهنجون بهارون ۽ انفراديتون آهن، جنهن کي دنياداريءَ جي ڌنڌن ۾ ڦاسي ڪڏهن به فراموش نه ڪجانءِ، ڇو ته اها خوشبو ۽ خوبصورتي ئي بندي ۾ خالق جي جلوي جو پرتوو هوندي آهي. جيڪي ان کان محروم هوندا آهن، انهن جو وجود ان اجڙيل وڻ جيان هوندو آهي، جنهن ۾ ڪو به پکي آکيري جوڙڻ جي آس نه رکندو آهي.

    تنهنجو پنهنجو
    فياض لطيف
    28 جولاءِ 2000ع


    • سال 2001ع

    امتياز !

    مون ٻالڪپڻ جي لاشعوري جهنگ مان نڪري، جنهن پل شعور ۽ ساڃاهه جي سيمائن تي پهريون پير ڌريو هو، تڏهن ائين ڀاسيو هيم، ڄڻ زندگيءَ جي اُن ايڏي مسافت ۾ ڪنهن اڻ ڏٺي قوت منهنجي چيچ پڪڙي هيستائين رسايو آهي. والدين جون شفقتون ۽ محبتون ته فطري ۽ اَٽوٽ ٿيون هجن، پر مون سان هر لمحي ڪائي ٻي شڪتي ۽ قوت به هر قدم تي ساٿي ۽ سهڪاري رهي آهي. جيڪڏهن آءٌ ڪٿي ڪِريو آهيان، ته ان اچي اُٿاريو آهي، جي آءٌ ڪٿي ٽُـٽو آهيان ته ان جوڙيو آهي، جي ڪڏهن آءٌ ڪٿي اداس ٿيو آهيان، ته ان ڳراٽڙي پائي اچي ساٿ ڏنو آهي... منهنجي خاموشين کي خوبصورتيون ۽ منهنجي خوبصورتين کي اظهار ۽ ادائون اُن ئي عطا ڪيون آهن...! اُن جو نانءُ ۽ رشتو...؟
    ”هُن“ جا ته انيڪ نانءَ ۽ رشتا آهن مون سان...! ڪڏهن هوءَ ”روحي“ جي روپ ۾، ڳوٺ جي ڌوڙ رستن ۽ راهن تي مون سان سنگ سنگ پوپٽن ۽ ڀنڀورين پويان ڊڪي ۽ ڊوڙي آهي، ته ڪڏهن ”سپنا“ جي صورت ۾، ٽرين جي سفر ۾ ملاقاتي ٿي آهي.
    ڪڏهن پبلڪ اسڪول جي ڪاريڊور ۾ هُن ”آمي“ ٿي پاڻ پَسايو آهي، ته ڪڏهن وري هوءَ ”اَنو“ بڻجي اکين ۽ دل ۾ اچي ويهي رهي آهي... ”هُن“ جي قرابت ۾ عجيب دوري ۽ ”هُن“ جي دوريءَ ۾ عجيب قرابت جو احساس رهيو آهي...!
    هوءَ خوشبو آ، خواب آ، ننڊ آ، جاڳ آ، موهه آ، مايا آ، احساس آ، آجپو آ.. چين آ، بي چيني آ، دَرد آ، ديوانگي آ، حُسن آ، پيار آ، کيپ آ، خمار آ...!
    گھاڙوءَ گھڙيو ڪونه، ڳَھڻو تنهنجي ڳل جئن
    سورٺ! توتي ڇونه، ور ور مان واريو وڃان!
    (شيخ اياز)
    محبتون مريم جيان مقدس هونديون آهن، جيڪي ڪنهن به نانءَ ۽ نسبت جون محتاج ڪونه ٿينديون آهن..!
    خوشيءَ جي ڪُک مان ڏُک ۽ ڏکن جي بطن مان خوشيون جنم وٺنديون آهن. جن ماڻهن جيون ۾ ڏکن جو ذائقو نه چکيو آهي، اُهي زندگيءَ جي سُکن مان ڪڏهن به سڪون ماڻي ڪونه سگهندا آهن!
    مِٺا! زماني جي تيز رفتاريءَ سان گڏ زندگيءَ جا معيار به کوڙ بدلجي ويا آهن. ماڻهو احساسن بدران مڪينيڪل جياپو جيئڻ جا ڄڻ ته عادي ٿيندا پيا وڃن. محبتن کان وٺي رشتن ۽ دوستين جي قدرن تائين جا ماڻ ۽ ماپا انتهائي ڪاروباري ٿي پيا آهن، پر هن ڏيتي ليتي جي مقرر معيارن واري جهان ۾، اڃا به ڪي آهين، جن جون دليون جذبن ۽ احساسن جي جوت سان منور آهن... جن جو من اڃا به محبتن جي مجذوبين ۽ دوستيءَ جي تقدس ۾ ايمان رکندڙ آهي... هن ڪل جڳ جي دنيا ۾ اڃا به ڪي آهن، جي دنيا جي رستي بدران دل جي رستي تي هلڻ کي ترجيح ڏين ٿا، جي دوستيءَ کي ڪاروباري وهنوار بدران دل ۽ دماغ جي باهمي رشتي جو سهڻو ۽ بي مثال سنگم سمجهن ٿا...
    امتياز! دوست ته دل جي ڀُرندڙ ڀتين جي ٽيڪ ۽ من جي گهاون جي مرهم ٿيندا آهن. دوست ته رُڃ ۾ پاڻيءَ جو شفاف چشمو ۽ تنهائيءَ جي تاريڪ راتين ۾ آشا ۽ اُميد جو ڪِرڻو ٿيندا آهن، دوست ته دل جي ڇيهاڙيون چولي تي آٿت جي چِٺي ۽ غم جي درياهه ۾ دل جي ٻُڏندڙ ٻيڙيءَ جا سڙهه ٿيندا آهن. دوست ته دل جي ڌرتيءَ تي خوشبو جو احساس ۽ آجپي لاءِ حسين آٿت ٿيندا آهن، پر تو وٽ ته آٿت جي لفظن جا ٻه پها به ڪونهن، جو ڪنهن دوست جي زخمن تي رکين...!
    ڇا تون اهوئي آهين، جنهن سان گڏجي مون بچپن جا کوڙ محبوب ۽ معصوم ڏينهن گذاريا هئا؟
    امتياز! منصور حلاج کي ماڻهن جي پٿرن نه، پر شبليِءَ جي اُڇلايل گل ايذايو هو، جوليس سيزر کي اينٿوني، پامي ۽ اڪتانيس جي خنجرن جو ايذاءُ محسوس نه ٿيو هو، پر بروٽس جي خنجر جي اولار تي سندس من مان دردناڪ دانهن نڪتي هئي: !“Brotus! You too…”
    دنيا غرض ۽ مفاد جي گند سان ڀري پئي آهي، پر هن سينوارجي ويل ڍنڍ جهڙي سماج ۾، ڪنول جهڙا اُجرا ۽ مقدس ڪي رشتا اڄ به آهن، جن جي تعلق ۽ سُٻنڌ ۾ ڪائي طمع ڪونه آهي، جن جون محبتون لوڀ ۽ لالچن کان مٿاهيون ۽ معصوم آهن.
    پيار ته دل جي ٽاري ۾ ٽڙندڙ اهو گلاب آهي، جنهن جي ڪلي ڪلي پياس ۽ پاڪيزگيءَ جي گواهه هوندي آهي.
    پيار، ماءُ جي معصوم مِٺي به آهي، ته محبوبا جي مسرور ۽ مدهوش ڪري ڇڏيندڙ چمي به... پيار، بارش جي موسم به آهي، ته بهار جي حُسناڪي به... ها! پيار، هِن بي روح سماج ۾ انوکي سُندرتا ۽ هڪ عجيب سچائيءَ جو نانءُ آهي، جنهن کي سمجهڻ ۽ ساڃاهڻ لاءِ دل جي مجذوبي ۽ مجذوبي جي دل جو هجڻ لازمي آهي...!
    مون توکان ڪڏهن به پنهنجي خلوص ۽ محبت جي موٽ ۾ ڪائي تقاضا ڪونه ڪئي آهي، پر هميشه تنهنجي ساٿ ۽ دوستيءَ جي ديوانگي ئي چاهي آهي.
    پيارا! اسان جهڙا من موجي ۽ روح روڳي ماڻهو هوائن جي گهوڙي تي سوار اهڙا مسافر هوندا آهن، جن جي نه واڳ پنهنجي هٿ هوندي آهي ۽ نه وري سندن وس ئي ڪو وس ۾ هوندو آهي...!
    پاڻ رڻ تتي جا اهي ٿڪل پانڌيئـڙا آهيون، جن جي اکين ۾ اوسيئڙي ۽ انتظار جي اداس موسمن ۽ آٿتن کان سواءِ ڪائي بهار ڪونه ٿي هجي. پاڻ حسرتن جي آڪاش ۾ اڏامندڙ اُهي پنڇي آهيون، جن کي تنهائيءَ جي عقاب پنهنجي خوني چنبن ۾ رتو رت ڪري ڇڏيو آهي. پاڻ ان ڪهاڻي ۽ ڪٿا جا ڪردار آهيون، جن جي اندر جو اظهار ڪوبه قلمڪار پنهنجي رائيٽنگ ٽيبل تي رکيل ڪوري ڪاغذ تي اڃا تائين اوتي ڪونه سگهيو آهي. پاڻ ته ڪنهن ڪوي جي من اندر جي اڻپوري گيت جي اها سِٽ آهيون، جيڪا ڪوشش جي باوجود اظهار جي چپن تي اچي نه سگهي آهي. پاڻ محبتن جي ديس جا اهي جلاوطن آهيون، جن جي نيڻن سالن کان دل جي وڇڙيل سرحدن جا وري وڻ ڪونه ڏٺا آهن...!
    امتياز! خبر اٿئي! جڏهن به تنهائي جي پٿريلي ڌرتيءَ ته منهنجي احساسن ۽ آوارگيءَ جا پير پِٿون ٿي پوندا آهن. جڏهن به منهنجن جذبن جا گهرا زخم، اّظهار جي مرهم ڀري ڪونه سگهندي آهي. ان وقت آءٌ پنهنجي زخمي وجود تي ڀٽائي جي بيتن جا پها رکندو آهيان.
    ها! ڀٽائي منهنجي اندر جي اجڙيل اجهي کي هميشه پنهنجي ڪوتا جي ٿوڻين جو سهارو ڏنو آهي. اهو لطيف ئي ته آهي، جنهن منهنجي گونگيءَ دل کي زبان، روڳي من کي اظهار جي ڌرتي ۽ تخيل جو آڪاش عطا ڪيو آهي.
    امتياز! ڪالهه مون اکيون ٻوٽي ڀٽائيءَ جو رسالو کوليو ۽ کليل ورق تي پنهنجي آڱر رکي، اکيون کولي ڏٺم ته منهنجي آڱر ڀٽائي جي هيٺئين بيت مٿان هئي:

    پـيــهــي جــان پـــاڻ ۾، ڪـيـــم روح رهــــاڻ،
    نه ڪو ڏونگر ڏيهه ۾، نه ڪا ڪيچن ڪاڻ،
    پـنـهـون ٿـيــس پـاڻ، سسئـي تان سـور هئـا!

    دوست! اهو ڪهڙو جذبو آهي، جيڪو ڄاڻ جون سڀئي ديوارون ڌوڏي ڇڏي ٿو، جنهن جي ٻوڏ اڳيان ڪو به بند، پائيداريءَ جا پير کوڙي نه ٿو سگهي...!
    آءٌ ڄاڻان ٿو ته هِن نفسانفسي ۽ مشيني دَور ۾، وقت ۽ فرصت جو وڏو بحران آهي. هر ماڻهو پنهنجي ئي دنيا جي دوزخ ۾ پورو آهي. هن ڪاروباري ۽ مادي دنيا ۾، رشتا، تعلق ۽ دوستيون نڀائڻ واقعي به وڏو مامرو آهن. هن انٽرنيٽ ۽ موبائل ميسيجنگ واري دَور ۾ خط ۽ خطن ۾ خوابن ۽ احساسن جون اُپٽارون گهڻن لاءِ عجيب ٿيون هجن. هر دَور ۽ وقت جون پنهنجون تقاضائون آهن، پر دل جي ته پنهنجي دنيا آهي، جيڪا ڪنهن به دنياوي دليل جي پرواهه بنا، پنهنجا پنڌ ۽ پيچرا ٿي رکي... آءٌ ڄاڻان ٿو، تون مصروف ماڻهو آهين، تو وٽ ايتري فرصت ۽ واندڪائي به شايد هجي، جو تون هيڏو طويل ۽ جذباتي اظهارن سان ٽمٽار خط پڙهين ۽ آءٌ اهو به ڄاڻان ٿو ته زماني داريءَ جي پٽ کوهه ۾ منهنجي ائڊريس به شايد توکان تنهنجي حافظي جي ڪنهن ڪُنڊ ۾ گم ٿي وئي هوندي (جڏهن دل جي ڦرهيءَ تان اُڪير جا اکر ڌنڌلائجي ويندا آهن، تڏهن حافظي جي هٿ تريءَ تي ڪائي يادگيري ۽ سار جي لڪير شايد بچندي آهي؟ ) پر پوءِ به آءٌ توکي هي طويل ۽ احساساتي خط لکي رهيو آهيان. خبر ناهي اهو ڪهڙو جذبو هجي ٿو، جنهن جي اُٿل انا جي ڪوٽن کي به ڪيرائي وجهي ٿي...!
    منهنجا محبوب دوست! منهنجو هي طويل خط جڏهن به تو وٽ پهچي، ان کي پڙهي ڪنهن ويسر جي ڪنڊ ۾ ڦٽو ڪري ڇڏڻ کان پهريان هڪ لمحي لاءِ اهو ويچارجانءِ ضرور، ته ٻيو هر رشتو مُردي کي ملندڙ ڪفن جيان ٺهيو ٺڪيو ملي ويندو آهي، پر محبت ۽ دوستي ئي اهو واحد رشتو آهي، جيڪو انتهائي ذاتي، انفرادي محبتن ۽ احساسن جي بنياد تي جُڙندو آهي!
    خطن کي ڪنهن خوبصورت فائل ۾محفوظ ڪري ڇڏڻ سان دوستيءَ ۽ محبتن جا رشتا محفوظ ۽ قائم ٿوروئي ٿي سگهندا آهن. انهن جي دائميت ۽ پائيداريءَ لاءِ ته دليون درڪار هونديون آهن. فقط ڪاغذي فائل دلين جي رمزن ۽ رازن کي ڪٿي سانڍي سگهندا آهن!

    تنهنجو پنهنجو
    فياض لطيف
    4 جنوري 2001ع

    •••••

    اَنو!

    ڪالهه تنهنجا ٻه خط مليا آهن. تنهنجا خط سچ ته منهنجي احساسن جي وڃايل ويساهن ۾ نئين ۽ تازي روح جيان هوندا آهن. اُهي منهنجي اڪيلائيءَ ۾ ساٿ جو سهارو به بڻجندا آهن، ته جيون جي ڌرتيءَ ۾ ٿڌي ڇانو جو احساس به...
    تنهنجا هي خط مون کي انهن ڪيفيتن ۾ مليا آهن، جڏهن منهنجو ويساهه رشتن ۽ تعلقن جي چادر ۾ لڪل خنجر سان زخمي ٿي پيو آهي، پر تنهنجي هنن خطن مون کي نه صرف عجيب آٿت ۽ ڏڍ ڏنو آهي، پر لفظ لفظ ۾ موجود تنهنجي اڻ مئي محبتن مون ۾ انوکي سگهه ۽ سُرت کي به جنم ڏنو آهي. مون جڏهن تنهنجن خطن کي پنهنجي احساسن جي اکين تي رکيو آهي، تڏهن ائين ڀاسيو اٿم ڄڻ منهنجي هر زخم کي زندگي ملي وئي هجي... جنهن وقت تنهنجا خط مليا هئا، ان وقت منهنجي حالت ان شخص جيان هئي، جنهن جي طلب جي ڪشڪول ۾ محبت جا انمول سِڪا پيا هجن ۽ ان جي هٿن ۾ جهليل ڪشڪول حاصلات جي ڪنبڻيءَ سان ڏڪي رهيو هجي...!
    ڪالهه جيئن ئي تنهنجا خط مليا، ته مون چاهيو ته توکي ان پل ئي انهن جي موٽ ڏيان، پر آءٌ چاهيندي به ڪوري ڪاغذ ته پنهنجن احساسن کي اوتي نه سگهيس. ڪڏهن ڪڏهن اندر کي اوتڻ لاءِ لفظ ڪيڏا نه ناڪافي ٿي پوندا آهن ۽ نتيجي ۾ خاموشين سان دل جون ديوانگيون اورڻيون پونديون آهن...!
    رات دير تائين ننڊ جو پنڇي نيڻن جي آکيري مٿان پنهنجا پَرَ ڦڙڪائيندو رهيو، پر نَم ٿيل نيڻن ۾ ننڊ جو پنڇي آهلي ڪونه سگهيو. خبر ناهي ڪهڙي پل لڙڪ ڀنل نيڻن ۾، ننڊ جو پنڇي پنهنجا ساڻا پَر ساهي سمهي پيو. رات جڏهن ڀنل نيڻن جي آکيري ۾ ننڊ جو پنڇي آهلي پيو هو، تڏهن مون کي لڳو هو، ڄڻ ته تون سپنن جي پَرن تي اڏامي آئي آهين ۽ مون کي ٻانهن ۾ ٻکي منهنجي نيڻن مان لڙندڙ لڙڪن کي پنهنجي اجرڪ جي پاند سان اَگهي منهنجن زخمن تي پنهنجي پيار جا پها رکي رهي هجين... پر جيئن ئي اک کُليم ته ڇرڪي پيس... تون منهنجي جسماني نگاهن کان ڪيڏي نه پَرانهين ۽ احساساتي طور ڪيتري نه قريب ۽ ويجهڙي آهين...!
    مون لاءِ جسماني دوري ايڏي ڪائي وقعت ڪونه ٿي رکي، ڇو ته جسم اهو ڪچو گهڙو آهي، جيڪو روحن جي مهراڻ ۾ مٽي ٿي ويندو آهي... اها روحن جي تشنگي ئي هجي ٿي، جيڪا مٽيءَ جي بدن کي بامعنى ۽ حَسناڪ بڻائي ٿي، ورنه پيار ۽ پيار بنا پياس، صحرا جي مسافت جيان ئي ته هوندي آهي...!
    آءٌ ننڊاکڙيون اکيون مَهٽي اُٿان ٿو. تنهنجا ويهاڻي هيٺان رکيل خط کڻي ٻيهر پڙهان ٿو. نيڻن مان ٻه لڙڪ لڙي پون ٿا. سوچيان ٿو، لڙڪ ئي محبتن جي سچي ۽ حقيقي ميراث ٿيندا آهن...!
    ڪجهه ڏينهن اڳ مون توکي انتهائي ڏک ۽ قرب واري ڪيفيتن ۾ هڪ خط لکيو هو. ان پل منهنجا احساس ئي ڪجهه اهڙي قسم جا هئا، جيڪي صرف تو سان ئي شيئر پئي ڪري سگهيس، ڇو ته اها تون ئي ته آهين، جنهن سان آءٌ پنهنجن محبتن کان وٺي جيءَ جي جلاوطنيءَ ۽ ويڳاڻپ تائين جون سڀئي ڪيفيتون بنا ڪنهن هٻڪ جي پوري سچائيءَ سان اوري سگهندو آهيان.
    جڏهن دوکن ۽ فريبن جي جهنگ ۾ ڪنڊائن پيچرن تي پير رتو رت ٿي پون، جڏهن محرومين ۽ مايوسين جي ديوارن سان محبتن جا سِر ٽڪرائجي زخمي ٿي پون، جڏهن رشتن جا تقدس موقعي پرستيءَ ۽ خود غرضيءَ جي غلاظت سان داغدار ٿين، جڏهن دل جون صدائون پنهنجن پيارن تائين پُڄڻ کان سواءِ بي مِهر موسمن جو بَکُ بڻجي وڃن ۽ تون، جيڪا منهنجي معصوم محبتن جو محور ۽ مرڪز آهين، سا به ڏينهن تائين رابطن کان ڪٽيل رهي، ته پو مون لاءِ ويڳاڻپ کان سواءِ ٻيو ڪهڙو گس وڃي رهندو...!
    آءٌ جڏهن به توسان ملندو آهيان، منهنجن ڏکن جا زخم مسرتن جي مرهم سان ڀرجي ويندا آهن. منهنجون اداسيون ۽ اڪيلائيون پَر ڪري اُڏامي وينديون آهن ۽ آءٌ تنهنجي ساٿ جي گهاٽي ڇانو جي احساس ۾ سارا دک ۽ درد وساري ويهندو آهيان. هِن دنيا جي دوزخ ۾ تون ئي ته آهين، جنهن سان آءٌ انيڪ رُسامن ۽ رنجشن باوجود کوڙ محبت ڪندو آهيان...
    مان اصل ۾ ڀڳل ٽٽل ماڻهو آهيان، پر محبتون سدائين منهنجو اَٽوٽ ايمان ۽ آٿٿ رهيون آهن. آءٌ تنهنجي حاصلات کان پوءِ تنهنجي دوريءَ جو درد پنهنجي دل جي شيشي تي برداشت ڪري نه سگهندو آهيان. تنهنجي ملي وڃڻ کان پوءِ ڪيترن ئي ڏينهن تائين آءٌ عجيب ڪيفيتن ۾ هوندو آهيان، توکي الوداعي مِٺي ڏئي ڀاڪرن ۾ ڀري موڪلائڻ مهل هر ڀيري الائي ڇو توکي نه ڇڏڻ لاءِ دل بضد ٿي پوندي آهي، نتيجي ۾ ڏينهنِ تائين من کي درد جو دشت جهاڳڻو پوندو آهي...!

    آءٌ جڏهن به توکي خط لکندو آهيان، ته ادب جي اميري مان لفظن جي چونڊ لاءِ ووڙ ۽ ويچار کان پوءِ به منهنجي آرزوءَ جي ڪشڪول ۾ لفظن جي حاصلات جا ڪي اهڙا سِڪا حاصل ٿي ڪو نه سگھندا آهن، جن سان منهنجي طلب جي تات پوري ٿي سگھي...! منهنجي جيون ۾ اهڙا کوڙ موڙ آيا آهن، جن مون کي ڀَڳو ڀُوريو آهي، پر هر دفعي منهنجي محبتن ۾ اعتقاد ئي مون کي جُوڙيو ۽ جِياريو آهي. مون لاءِ پيار سدائين پوترتا جي احساس جيان رهيو آهي. آءٌ محبتن ۾ رواجي ۽ رسمي رهڻ بدران هميشه شدتن جو طرفدار ۽ پوڄاري رهيو آهيان ۽ مون لاءِ پيار جو احساس عبادت جي آنند جهڙو آهي.

    تنهنجو ئي
    فِيَا
    14 جنوري 2001

    •••••

    مظهر!

    توڙي جو پورو ڏينهن گذري هينئر اچي پوياڙي ٿي آهي، پر اڃا تائين مون کان ڪجهه لکيو نه ٿيو پُڄي. من عجيب الجهن جو شڪار آهي. الائي ڇو هر لفظ اظهار بنا ئي اُجهامي ٿو وڃي. صبح جيئن ئي ڪاليج لائبريري ۾ ڪاوش اخبار کڻي ڪجهه خبرن جون سرخيون پڙهڻ کان پوءِ آخري پنو اٿلايو هيم، تيئن ئي هاسپيٽل جي بيڊ تي بي سُڌ پيل تنهنجي فوٽوءَ تي نظر پئي هئي، جنهن تي ڪهاڻيڪار مظهر ابڙو جي ٻيو ڀيرو خودڪشيءَ جي ڪوشش وارو ڪيپشن پڙهي منهنجون وايون ئي بتال ٿي ويون هيون.
    مظهر! آءٌ مڃان ٿو ته هن سينواريل تلاءَ جهڙي سماج ۾ هڪ حساس فرد جو جياپو ڪنهن طويل امتحان ۽ آزمائش کان ڪنهن به طور گهٽ ڪونهي، پر ڇا هڪ سڄاڻ فرد ۽ آدرشي انسان جو جياپي ڏانهن رويو ۽ عمل ائين هئڻ گهرجي، جيئن.......؟
    پيارا! ڪنڊن لاءِ ته مڙئي موسمون ساڳيون هونديون آهن، پر هڪ آدرشي انسان ئي ڪنول جيان هوندو آهي. تون، جنهن عمر ڀر لفظن جي بي جان بُتن ۾ هميشه جياپي، جان، امنگ، اُنس ۽ اُتساهه جو روح پئي اوتيو آهي، سو پنهنجي ئي جيون جي لاٽ کي خودڪشيءَ جي ٻاٽ جو بَکَ بنائڻ جو عمل ادا ڪندو، تنهن جي عملي مظاهري منهنجي احساساتي وجود کي سچ پچ وکيري ڇڏيو آهي.
    تو وٽ ان اُگري راهه جي چونڊ لاءِ ڪيئي سبب، صداقتون ۽سُراب جهڙيون مسافتون سامهون هونديون، پر ڇا هڪ روشنيءَ جي متلاشيءَ جو انتخاب اوجر هئڻ گهرجي يا اونداهي؟ ڇا هڪ عاشق جو پنڌ اوجاڳو ۽ آجپو، هئڻ گهرجي يا اجل؟ محبت، موت ۽ اجل جو نه، پر زندگيءَ جو دروازو آهي.
    محبت ته مُردن ۾ زندگي ۽ جان وجھڻ جي ڪرشماتي قوت رکندڙ هوندي آهي ۽ تو کان وڌيڪ محبت جي مجذوبي ۽ معنائن جي ٻي ڪنهن کي سُڌِ ۽ ساڃاهه هوندي؟ ها! تون جنهن جون ڪهاڻيون محبت جي ڪٿائن جو انوکو اتهاس آهن. آءٌ نه ٿو ڄاڻان ته تون ان عمل جي ادائگيءَ کان پوءِ ڪهڙن احساسن ۽ ڪيفيتن مان گذري رهيو آهين، پر تو سان پيار ڪندڙ مون سميت دوست ۽ رشتيدار جنهن درد جي دشت ۽ پيڙا ۾ پيڙهجي رهيا آهن، شال انهن جي بي چيني ۽ پنهنجائپ جو احساس تنهنجي جيون جي تنهائيءَ جي در تي دستڪ جو ڪارڻ بڻجي ۽ تون پنهنجي نئين جيون کي محبوبا جيئن اپنائين.

    تنهنجو پنهنجو
    فياض لطيف
    28 فيبروري 2001ع

    •••••

    پيارا حبيب ساجد!

    عرصي پڄاڻان، تنهنجي طويل خانه بدوشيءَ کان پوءِ تنهنجو پهريون پيار ڀريو پتر پهتو آهي. سچ پڇين ته هي ڪاغذ جو ٽڪرو مون لاءِ ڪنهن اهڙي ڪشتيءَ جيان آهي، جنهن منهنجي مدتن جي اوجاڳيل اظهارن جي نيڻن ۾ نين امنگن جي آشائن کي مُرڪائي ۽ مهڪائي ڇڏيو آهي.
    آءٌ خيرپور ۽ لطيف يونيورسٽيءَ جڏهن به آيو آهيان، تڏهن تنهنجي پَتي ۽ پار جا ڏاڍا پيرا ووڙيا اٿم، پر هر ڀيري خبر ناهي تنهنجي پيرن ۾ الائي ڪهڙين ڳلين، ڳوٺن ۽ شهرن جون مسافتون هونديون آهن، جي تنهنجي درشن جي ديد کان دور رکڻ جو سبب پئي بڻيون آهن. توڙي جو سالن کان توسان رابطي جي تند ڪٽيل رهي آهي، پر توسان پيار ۽ اُڪير جا اڄ به ساڳيا سُٻنڌ سلامت ۽ تازا آهن.
    سندر دوست ۽ سٺا ڪتاب ٻئي منهنجي محبوب ڪمزوري رهيا آهن ۽ اڄ آءٌ جو ڪجهه به آهيان، اهو فقط ئي فقط پُرخلوص دوستن جي ساٿ ۽ ڪتابن جي قرابت سبب ئي آهيان، ورنه منهنجو وجود ته ان مٽيءَ مان ڳوهيل آهي، جنهن مان ڪک ڇُتي رَتُ نڪريو پوي...!
    زندگيءَ جي دشت ۾ جن پُرشن کي پيار جي ڇانو، دوستيءَ جي دلبري ۽ علم جي آگھي حاصل ٿي ويندي آهي، انهن جي ننڊ عبادت ۽ جاڳ جياپو بڻجي ويندي آهي.
    پيارا!ٰ تنهنجا، منهجي ترجمي ڪتاب ”خدا، زندگي، محبت ۽ موت“ لاءِ ڪمينٽس مون لاءِ وڏي وٿ جيان آهن. تون جيڪڏهن تحريري طور ڪتاب تي ڪو اڀياسي مضمون لکندين ته مون کي سرهائي ٿيندي، ڇو ته تنهنجي اظهار جو انداز به تنهنجي شخصيت جيان نرالو ۽ موهيندڙ آهي. اوريانا فلاشي وارو ناول جلد ئي پڌرو ٿي ويندو ۽ چند ڏينهن ۾ يقينن تنهنجي مشتاق ۽ محبتي هٿن ۾ هوندو.

    تنهنجو پنهنجو
    فياض لطيف
    14 مارچ 2001ع

    •••••

    پيارا مبارڪ !

    شال جُڙيو هجين.
    خبر ناهي آزمائش جي اڻانگي سفر جا هر ڀيري مون لاءِ ايترا سلسلا ڇو ٿا سَرجن، جو ڪڏهن ڪڏهن آءٌ خود به ڪنهن قدم جي ڪٿ ۾ ڏاڍو اُلجهي ٿو پوان؟ توڙي جو چؤگرد ماڻهن جا هشام موجود آهن، پر الائي ڇو پنهنجي دل جوڳيءَ جي جاڳ جيان ڏاڍي بي چين ۽ بي قراري ٿي رهي. ان جي چين ۽ قرار لاءِ ڪڏهن ڪڏهن ته من بضد ٿي پوندو آهي، ته هي تعلقدارين جا تنگ ڇنائي، ڪنهن اهڙي منزل جي مسافت تي نڪري پئجي، جنهن ۾ پورو ڏينهن پيرن جي پياس صرف راهن جي پيشاني چمندي رهي ۽ رات جا سُرمئي نيڻ جڏهن ننڊ جي نينڍ کڻي اچن، تڏهن بنا ڪنهن اُلڪي ۽ اوني جي شانتي جي ڀاڪر ۾ ڀرجي وڃجي. پر ڇا ڪجي....؟ بندي جي جيون جي جوڙ ئي ڪجهه اهڙي ٿي هجي، جنهن ۾ سندس حسين خوابن جي هر پيچري ۾ غير متوقع تعبيرون پنهنجي پوري تلخيءَ سان منتظر ٿيون هجن. خير، آدمي ۽ ان جو آجپو ته ازل کان ان جو عادي بڻيل آهي، پر پوءِ به ڪڏهن ڪڏهن هينئين جي ڪنهن ڪنڊ ۾ جڏهن ڪا حسرت جي ٻوٽيل اک کُلي ٿي پوي، تڏهن مون ته شدت سان محسوس ڪيو آهي، ته ان اک کي ٻيهر اُپٽڻ لاءِ ڏينهن جا ڏهاڳ ڏسڻا ٿا پون. پر ڪجهه عرصي کان منهنجي اندر ۾ سالن کان سمهاريل هڪ اِڇا جي اک اوچتو ئي اوچتو جاڳي پئي هئي ۽ ان کي ٻيهر آٿت جي آغوش ۾ سمهارڻ لاءِ کوڙ سارن پيارن سان گڏوگڏ آءٌ خود کان به ڪافي پرڀور ٿي ويو هوس. مون سمجهيو هو، ان سفر ۾ ڪوئي پنهنجو اوچتو منهنجي ڪلهي تي هٿ رکي، مون کي تنهائيءَ جي ان دشت مان ڪڍي ايندو، پر شايد آءٌ اهو وساري ويٺو هوس ته هر بندي جي ڪنڌي تي هڪ ڀاري صليب سوار آهي، جنهن جو ٻوجهه اڪثر پنهنجن کان به ڪافي موقعن تي ناآشنا بڻائي ٿو ڇڏي.
    پرين! پکي آکيرن بنا آخر ڪيترو وقت اڏام جي آوارگي افورڊ ڪري سگهندا؟ توڙي جو پرندن جي فطرت ۾ پرواز شامل ٿي هجي، پر ٿڪل پرندن جي پناهه ۽ آجپو وري به آکيرن جي وجود سان ئي منسلڪ هوندو آهي.
    منهنجو ترجمو ڪتاب ”اڻ ڄاول ٻار ڏانهن خط“ پڌرو ٿي ويو آهي، اڄڪلهه موڪلن جا ڏينهن آهن. اڪثر ڪمري تائين محدود آهيان.... ۽ دل جي هوڏي ۽ ارڏي ٻار کي ميوزڪ، قلم ۽ ڪتابن سان ريجهائڻ جي ڪوشش پيو ڪريان...!

    تنهنجو پنهنجو
    فياض لطيف
    17 جون 2001ع

    •••••


    اَنو!

    شال پُرمسرت ۽ پُرعزم هجين.
    تنهنجو خط ۽ شاعري ملي. ان خلوص ڀري موٽ ۽ پنهنجائپ لاءِ وڏا وَڙ.....
    تو منهنجن ٻنهي ڪتابن کي خلوص ۽ پيار سان پڙهيو ۽ ان حوالي سان پنهنجي مختصر پر منفرد راءِ جو اظهار به ڪيو، جيڪا مون لاءِ يقينن سرهائي ۽ سڦلتا جو باعث آهي.
    مون توڙي جو شعوري طور هميشه عملي زندگي جيئڻ کي ترجيح پئي ڏني آهي ۽ جياپي جي تلخ ۽ اوکن رَندن مان روح پروريءَ جا درس پئي پِرايا آهن، پر پوءِ به تخيلي جيون جو رومانس مون لاءِ ڏاڍو اُتساهيندڙ ۽ عزيز رهيو آهي. محبت ۽ فطرت جي حسناڪين سان قرابت جي حوالي سان شاعري مون لاءِ سدائين محبوب ذريعو رهي آهي.
    مون کي دنيا جي جنجهٽ مان جڏهن به ٻه پل فرصت جا نصيب ٿيا آهن، اهي ڪوتا ۽ ساهت جي ساٿ ۾ ڏاڍي حسناڪيءَ سان انجواءِ ڪيا اٿم ۽ ان حسناڪيءَ ۽ حيرتن جي مسافت ۾ تنهنجون ڪوتائون، سچ پچين ته مون لاءِ ڪنهن ڏڍ ۽ آٿت جيان رهيون آهن.
    تنهنجي شاعري جن وارتائن جو آواز ۽ پڙاڏو آهي، تنهن کي واقعي ئي پنهنجي دلڪشي ۽ صداقت آهي. شال تنهنجي ان ديد ۽ شاعرانه دلڪشي جو سحر سدائين سلامت ۽ قائم رهي!

    تنهنجو ئي
    فِيَا
    24 سيپٽمبر 2001ع

    •••••

    مبارڪ!

    شال جُڙيو هجين.....
    تنهنجي خط جي اوسيئڙي ۾ طويل عرصي تائين منتظر رهڻ کان پوءِ ٻيهر آءٌ ئي رابطي جي تند جوڙي رهيو آهيان. خير، ”مان“ ۽ ”تون“ بس تند جيتري تار ئي ته حائل هوندي آهي، جيڪا به ڪڏهن ته نه هئڻ جي مترادف ٿي هجي. حقيقت اها آهي ته ڪجهه ماڻهن سان مواصلاتي رابطن جي ڪٽيل هجڻ باوجود پنهنجائپ جا سلسلا پوري سندرتا سميت سلامت ۽ قائم هوندا آهن، پر ڪن فردن سان مسلسل رابطن ۽ ملاقاتن جي باوجود اوپرائپ جي ديوار جيئن جو تيئن پنهنجيءَ جاءِ تي قائم رهندي آهي!
    آءٌ هميشه ان صداقت جو قائل رهيو آهيان، ته هن دنيا جي زندان جي اسيري پنهنجيءَ جاءِ تي، پر پنهنجن پيارن ۽ محبوب ماڻهن جون سمرتيون ۽ سارون جن جي من-وجود مان اڏامي وينديون آهن، اهي خالي آکيرن جيان بي معنويت جو بَکُ بڻجي ويندا آهن.
    آءٌ توڙي جو دوستين ۽ محبتن جي معاملي ۾ انتهائن جو قائل آهيان، پر پوءِ به وقت ۽ حالتن جي ادراڪ جو هميشه احساس رهيو اٿم. انسان جي خواهشن ۽ خوابن جي خدائيءَ کي پنهنجو سحر ۽ سچ آهي، پر ان جي سلامتيءَ لاءِ جا آئيني جي ديد درڪار هجي ٿي، تنهن جو حصول آدميءَ لاءِ طويل امتحان ۽ آزمائش جي برابر آهي ۽ تون ته ڄاڻين ٿو، ته ازل کان وٺي ان پنڌ ۾ ڪچي مٽيءَ مان جُڙيل آدميءَ جو هي بوتو ڪيترو نه ڀَڳو ۽ ڀُريو آهي!
    خير، تون ٻڌاءِ، اڄڪلهه تنهنجي من جي موسمن ۾ ڪهڙين هوائن جو هڳاءُ آهي! پاڻ ته لاڙڪاڻي جي حسناڪين جي لهرن ۾ لڙهندا پيا وڃون. ڇا محبتن جو مَنڊُ مجذوبي هوندو آهي يا محبوبي؟ پتوئي ڪو نه پوي.... بس ايتري سا سُڌِ آهي ته انتظار ۽ اوسيئڙا واقعي ئي آدميءَ کي پَچائي قلندر بڻائي ڇڏيندا آهن....!

    تنهنجو پنهنجو
    فياض لطيف
    4 نومبر 2001ع

    •••••

    اَنو جاني!

    شال پُرمسرت هجين.
    خبر ناهي آدميءَ جي مٽيءَ ۾ ڪهڙي محبوبيت جي مهڪ سمايل آهي، جو خود خالقِ ڪائنات به ان سُڳنڌ جي معرفت سڃاپجڻ کي ترجيح پئي ڏني آهي؟ واقعي ئي هي سارو سنسار ڏاڍو سُندر آهي. چنڊ ۽ ستارن سان ڀريل هيءُ آڪاش، هي بادلن جا سُرمئي سلسلا، هي پهاڙن جي آغوش ۾ آهلجندڙ ننڊاکڙو سج، هي پرهه ڦٽيءَ جو پرندن جون پياريون ٻوليون، هي رنگ برنگي گلن سان ٽنڊڙيل ڌرتيءَ جون رونقون، هي سمنڊ جون ساحرانه موجون، هي بهارن جون معطر هوائون ۽ هي خزائن جي پُرآشوب موسم.... پر جا حُسناڪي حوا ۽ آدم جي اولاد، انسان جي وجود جي ميراث آهي، سا ٻي مخلوق جي مقدر ۾، گهٽ ۾ گهٽ مون کي ته نظر ڪونه آئي آهي!
    ڪائنات جون جيڪي به حسين حقيقتون آهن، انهن سڀني مان اُتم ۽ عظيم هستي انساني وجود آهي، ڇو ته هيءَ واحد مخلوق آهي، جيڪا خود به خالق جي خوبيءَ سال مالا مال آهي. انهيءَ ڪارڻ ئي آئيني جي علامتي حيثيت به کيس ئي حاصل آهي.
    ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي، ته گل کان وٺي سنسار جي ٻين مڙني نظارن ۽ سندرتائن تائين، سڀئي حسين شيون چاهه ۽ ڪشش جي قابل آهن. يقينن خدائي جمال ۽ ڪمال به عبادت ۽ عاشقيءَ جو مستحق آهي، پر آدميءَ جي مٽي پنهنجي سيرت ۽ صورت ۾ اهڙي آهي، جنهن جي موهه جي ساگر ۾ ئي رازِ ڪائنات سمايل آهي. اهو ئي سبب آهي جو گوتم، عيسىؑ، محمدﷺ، زرتشت ۽ منصور حلاج کان وٺي سرمد، سچل، لطيف، دارا ۽ اوشو رجنيش جهڙن خودشناس فردن تائين سڀني ويرانين جا وڻ ووڙڻ کان پوءِ پنهنجي جاچنا ۽ تلاش جو معراج انساني من جي مسجد ۾ ئي ماڻيو آهي!
    جيئن خوشبو جي ڪائي سيما ڪانهي، تيئن انساني محبتن جو سمنڊ پنهنجي سيني ۾ بحر بي ڪران ٿو هجي. چون ٿا ته آدميءَ جي مٽي بي قراريءَ جي اُنهي پنوڙي مان ڳوهي وئي هئي، جنهن جي پياس ۾ سمونڊ جي طلب ۽ تشنگي سمايل آهي.
    تخليق جي ان ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين، آدمي پنهنجي ان پياس جي پورائيءَ لاءِ پنهنجي جيءَ ۾ سراپا بي چين آهي...... ان چين جو قرار ڪٿي آهي؟
    اهو هڪ اهڙو سوال آهي، جنهن جي سُٽ کي هر ماڻهو پنهنجي فهم ۽ ادراڪ، احساس ۽ آگهيءَ جي آڌار تي سُلجهائڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي. ڪنهن گوتم جيان انساني دنيا تياڳي، جهنگن ۽ صحرائن ۾ پنهنجو سڪون تلاش ڪيو آهي، ته ڪن وري گوشانشيني اختيار ڪري، مُنهن مونن ۾ وجهي ان اُلجهيل سُٽَ کي من-آڱرين سان سُلجهائڻ ۾ عمريون صرف ڪيون آهن، پر ان جي باوجود نتيجو....؟
    پوري عمر جي مسافت کان پوءِ به گوتم ڏاڍي دردناڪ انداز ۾ چيو هو ”سروم دکم دکم....“ ۽ هُن گيڙو پوش گودڙيي لطيف به ته اهڙوئي اعتراف ڪيو هو ته ”جي سمنڊ مُنهن ڪريان، ته سُرڪيائي نه ٿئي....“
    انساني روين جي ڪيترن ئي اَروپن باوجود، اڄ به منهنجو اهو ايمان آهي، ته انسان جو آنند انسان ۾ ئي آهي. آءٌ انسان جي فرشتي هجڻ/بڻجڻ واري خيال کان وڌيڪ هميشه انسان جي انساني حقيقت ۽ حيثيت کي تسليم ڪرڻ جو حامي رهيو آهيان، تنهنڪري خوشي فهمي ۽ خود فهمي جو شڪار به گهٽ ئي رهيو آهيان. آءٌ انساني محبتن جو معترف آهيان. مٽيءَ جي خوشبو منهنجي ڪمزوري ۽ ماڻهوءَ جو موهه منهنجو محبوب ترين احساس آهي.... آءٌ محبتن ۾ شدتن جو قائل آهيان. زندگيءَ مون کان منهنجون سوين حسرتون ۽ حيرتون ڳنهڻ کان پوءِ مون کي جيڪا اَملهه وٿ عطا ڪئي آهي، اهو صرف انتظار ۽ آجپي جو سليقو ۽ سندرتا ئي آهي.
    توسان پهريون ڀيرو رابطو ڪري، ائين محسوس ڪيو هيم، ڄڻ پنهنجي آشنائي پراڻي هجي، جنهن ۾ فون صرف سهڻيءَ جي ڪچي گهڙي جيان پُل جي سهڪار جو ڪردار ادا ڪيو هجي. تنهنجي خلوص ۽ پنهنجائپ اڳيان مون کي الائي ڇو بار بار ”شڪريي ادائي“ جا لفظ ڇَسا ۽ اوپرائپ جو احساس ڏياريندڙ ڀاسندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن خاموشي مون کي ڏاڍي خوبصورت ۽ محبوب لڳندي آهي، جنهن جي چپن تي اظهار بدران فقط مرڪ ئي سونهندڙ لڳندي اٿم.
    آءٌ جڏهن عمر جي هن عرصي تائين پنهنجي جيون جي مسافت جو حساب ٿو ساريان، ته ان جو جهول ڪنهن ڀڪشوءَ جي گودڙي جيان صرف چتين سان چچريل ٿو لڳي. رنگ برنگي چتيون، جن جي هر جوڙ ۽ ڳنڍ ۾ اڻ ڳڻين المين، اذيتن، احساسن ۽ يادگيرين جا ڌاڳا هڪ سلسلي جي سنگم کي جنم ڏين ٿا.
    اڪثر ماڻهو پنهنجي بچپن جي حُسناڪيءَ بابت عجيب رومانس جو شڪار هوندا آهن، ان جي ٻيهر واپسي سندن جيون جي اڻپوري حسرت بڻيل هوندي آهي..... پر خبر ناهي منهنجو ننڍپڻ الائي ڪهڙي پکيءَ جي پڪار هو، جنهن کي پنهنجي اڏام جي ڪنهن رند ۽ پنڌ جو ڪو پيرو ۽ پرواز ئي ياد ڪونهي! منهنجي توسان پهرين آشنائي تنهنجي ڪوتائن معرفت ٿي هئي، تنهنجو اهو حوالو اڄ به مون لاءِ محبوب ۽ موهيندڙ آهي، پر توسان رابطي کان پوءِ جيڪا قرابت ۽ پنهنجائپ پيدا ٿي آهي، تنهن جي سرمدي ۽ سرمستي لفظي اظهار کان ممتاز ۽ مٿاهين آهي.
    عجب نشو آ، اوهان جي انتظار ۾،
    بنا پيتـي، پاڻ ڄـڻ آهيـون خمـار ۾.
    سچ ته ڪڏهن ڪڏهن هڪ اظهار جي ادائگيءَ لاءِ سوين لفظن جا سهارا به اڻپورا ڀاسندا آهن. مون چاهيو هو ته آءٌ پني جي رومال ۾ توکي پنهنجي پيار ۽ پنهنجائپ جون سڀئي صداقتون ارپنا ڪندس، پر ڇا ڪجي، هينئر قلم هٿ ۾ کڻي ويٺو آهيان، تڏهن لفظن جا پنڇي ڀڙڪو ڏئي الائي ڪيڏانهن اڏامي ويا آهن! خير، لفظن بدران آءٌ پنهنجي وجود جون سڀئي خوبصورتيون ۽ خاموشيون تنهنجي نانءِ ٿو ڪريان. مون کي يقين آهي ته تنهنجي ڇهين حس انهيءَ پيار جي پوترتا ۽ خوبصورتيءَ کي ڀلي ڀت پروڙي وٺندي.
    جيءَ ۾ احساسن ۽ جذبن جون هڙون ڀريون پيون آهن، پر اڻ چئي اظهارن جون جمال ئي پنهنجو آهي، جنهن کي في الحال ته اظهار لاءِ لفظي سهائتا جي لوڙ محسوس ڪونه پئي ٿي... ها باقي ڀٽائيءَ کي اکيون پوري اڄ جڏهن کوليو اٿم، ته آڱر وڃي هيٺين بيت جون اکيون چميون آهن:
    ڳـالـهــيــون پـيـــٽ ورن ۾، وڌي وڻ ٿـــيــــون،
    مون سي ڪين ڪيون، گوشي پرين نه گڏياَ!

    تنهنجو ئي
    فِيَا
    18 نومبر 2001ع

    •••••

    پيارا احسان دانش!

    تون واقعي ئي سچ ٿو چوين ته منهنجا خط، خطن بجاءِ ڪنهن مهاپُرش جي ڀاشن جو پرتوو لڳندا آهن. ها، آءٌ پنهنجو پاڻ کي ڪڏهن ڪڏهن ان ڀڪشوءَ جي بي آواز صدا جيان لڳندو آهيان، جنهن جي طويل تپسيا کان پوءِ به پياس پوري ڪونه ٿيندي آهي. اڃايل آدميءَ جون اِڇائون هميشه هوائن جا خواب ئي ته هونديون آهن!
    آءٌ ڳولا جي پنڌ ۾ ڏاڍو ٽُٽُو آهيان، تنهنڪري يقينن توکي منهنجي اظهار ۾ تسلسل بدران جاءِ بجاءِ بي ترتيبي نظر ايندي. اها ڪن موقعن تي پنهنجي ڀرپوريت سان به ظاهر ٿي هوندي آهي، پر رولاڪ بادل جيان اڪثر منهنجا لفظ ۽ احساس خانه بدوش رهيا آهن. زندگيءَ جي مسافت ۾ پهريون ڀيرو ”هوءَ“ منهنجي خانه بدوش جيون جي راهه ۾ ڪنهن کنوڻ جيان کمي هئي ۽ آءٌ ڏينهنِ تائين ان گنگهورگهٽا موسم ۾ پنهنجن نظمن جون وکريل پتيون ميڙيندو رهيو هوس. هوءَ چري ڇوڪري الائي ڪهڙي هوائن جو هڳاءُ هئي، جنهن کي ڪوتائن بدران وجودي ڪاڪ جو موهه وڌيڪ هو. هن جي اکين ۾ الائي ڪهڙيون آيتون هيون، جن جي گيان ۾ موجي من عرصي تائين گم رهيو. مون ان دوران مسلسل سَرجيو ۽ خود کي سموهيو. انهن ڏينهن ۾ مون لاءِ ننڊ به عبادت جي لمحن سمان هئي ۽ جاڳ ڪنهن جوڳيءَ جي جوڳ جيان منهنجي جيءَ کي جوڙندي رهي. ان پوري پورهئي ۽ پورتڻا جي پونجي منهنجا انيڪ نظم، ٻئي ڇپيل ترجمو ڪتاب ۽ ٻيا اڻ ڳڻيا مضمون ۽ ڊائريون آهن، جن ۾ پتو ناهي منهنجن ڪهڙن خوابن جون ساڀيائون ۽ منهنجن ڪهڙين ساڀيائن جا سپنا سُتل آهن. هوءَ اُڀرندڙ سج جو سپنو ۽ سندرتا هئي ۽ آءٌ راتين جي هيڪلي چنڊ جي حُسناڪيءَ جو تمنائي ... هوءَ ڏينهن ڏٺي جو خواب ۽ آءٌ.....خبر ناهي ڪهڙي مٽيءَ جو خمير.....؟
    آءٌ جڏهن ڪک جيان وکريل هيس، تڏهن ”هُن“ اچي ڪنهن پنڇي جيان منهنجي خانه بدوشين جي پتي پتي کي ميڙي، مون لاءِ آنند جو آکيرو جوڙيو هو ۽ اهو آکيرو منهنجي شاعري آهي. ڪڏهن ڪڏهن مون کي لڳندو آهي ته منهنجي شاعري منهنجي سيڻ به آهي، ته مون لاءِ وڏي سزا به.... منهنجي شاعري جي ابتدا جا محرڪ ته ڪيئي آهي، پر وڏو محرڪ خود منهنجو وجود ۽ منهنجو تاسارو روح آهن، جن جي جاچنا ۽ پياس ۾ جُڳن جو سوز سمايل آهي.
    هوءَ ماڪ جي مهڪ هئي، جنهن کي هوائن جو حسرتون اڏائي کڻي ويون، هن جو اچڻ ۽ وڃڻ ٻئي اڄ به مون لاءِ وڏين حيرتن سمان آهن. اهي حيرتون جيڪي سمجهئي بنا به سرور ۽ سرمستي عطا ڪندڙ هونديون آهن. مون جڏهن ڪيئي ڀيرا ”هُن“ جي صحبتن تي سوچيو آهي، ته هوءَ مون کي پنهنجي شاعريءَ جو خوبصورت خواب ۽ حقيقت ڀاسي آهي. شاعري منهنجي جاڳ ۽ ننڊ جو اهو جولان آهي، جنهن جو پنهنجون حقيقتون ۽ حُسناڪيون آهن....
    منهنجي شاعري، توڙي جو منهنجي وجودي احساسن ۾ امنگن جو ڪٿائي اظهار ۽ آئينو آهي، تڏهن به آءٌ ڪڏهن ڪڏهن ان جي الاهي عڪسن کي خود به پروڙي ۽ پُرجهي ڪونه سگهندو آهيان، تنهنڪري ”هوءَ“ جيڪا منهنجي شاعريءَ جي ڀرپور استعاري جو روپ ۽ سروپ آهي، تنهن جو وجود مون لاءِ ڪاڪ جي مانڊاڻ جيان آهي، جنهن جون وضاحتون خود منهنجي فهم ۽ فڪر کان ڏاڍو ڏور آهن!
    ”هوءَ“ منهنجي ماضيءَ جو موهه، مرڪ ۽ جياپو آهي، جنهن کي وقت ڪيترو به چاهي، پر ان جي سمرتين ۽ سندرتائن جا نقش منهنجي دل جي تختيءَ تان مٽائي ڪو نه ٿو سگهي... ها!باقي ايترو سو آهي، جو منهنجو ڪالهه وارو جنون، جيڪو بي ڪناري ۽ بي سمت هو، تنهن کي هينئر ڪافي قدر سمت ۽ ساحل حاصل آهي.
    منهنجو جيون اڪثر عجيب واقعن ۽ حالتن سان معمور رهيو آهي ۽ منهنجي دل جون ڪيفيتون هنن سٽن جو عملي روپ.... ”ڪڏهن ماڪوڙي من، ڪڏهن ڪيهر شينهن!
    ”هوءَ” منهنجي اداس راتين جو اهو چنڊ آهي، جنهن جي ڪوتا-رنگن سان اڪثر آءٌ پنهنجي دل جي ٻار کي پرچائيندو ۽ ريجهائيندو رهيو آهيان. مون ڪڏهن سوچيو به ڪونه هو، ته اها سرجڻهار، جنهن جون ڪوتائون، منهنجي اداسين لاءِ آٿت ۽ ڏڍ جيان آهن، ڪڏهن فون جي اتفاقي رابطي ذريعي منهنجي سرير جي ڌڙڪن بڻجي ويندي!

    تنهنجو پنهنجو
    فياض لطيف
    5 ڊسمبر 2001ع

    •••••

    اَنو!

    ڪــــي ويـجهــا ئــــي ڏور، ڪـــــي ڏور بـه اوڏا سـپــريــــن،
    ڪـــي چــڙهـــن نـه چــت تــــي، ڪــــي وســــرن نــه مـــــــور،
    جيئن مينهن ڪُنڊي پُور، تئين دل وارڪو دوست سين.

    گذريل الاهي ڏينهن کان آءٌ عجيب ڪيفيتن ۽ احساسن جي لهرن ۾ ٻڏندو ۽ اُپڙندو رهيو آهيان ۽ انهن ئي حالتن ۾ مون ڪڏهن پنهنجن ويچار-ڌارائن کي رد ڪيو آهي، ته ڪڏهن ڪن احساسن کي ڏڍ ۽ آٿت جيان محسوس پئي ڪيو اٿم. ڇا صداقت ۽ سپني ۾ ايتري ئي باريڪ تند حائل هوندي آهي، جيتري منهنجي جاڳ ۽ خواب جا نيڻ محسوس ڪري رهيا آهن؟
    آءٌ ان رات دير تائين تنهنجي ڪوتائن جي ڪاڪ ۾، پنهنجي جاچنا جو جيءُ ووڙيندو رهيس. پتو ناهي ڪهڙي پل اک ٻوٽي هئي ته سرمد جي نالي سرجيل تنهنجو نظم بار بار منهنجي دل-چپن تي ٻُرڻ لڳو هو ۽ سرمد جي اُلجهيل وارن ۾ تنهنجون بي چين آڱريون، مون پنهنجن وکريل وارن ۾ ڦرندي محسوس ڪيون هيون. ان سمي ائين ڀاسيو هيم، ڄڻ منهنجي بي ترتيبيءَ کي تنهنجون آڱريون ڏاڍي خلوص ۽ پيار سان ترتيب ڏئي رهيون هجن ۽ آءٌ ڪک ڪک جيان ميڙجي ڪنهن آکيري جو روپ اختيار ڪري رهيو هجان. ها! آکيرو، جنهن ۾ چين جو اڏامي ويل پنڇي عرصي کان واپسيءَ لاءِ آتو ۽ آسروند هو!
    اک کلڻ تي حيرت سان گڏ ڪيترن ئي ويچارن جون تندون ويڙهي ويون هيم. سوچيو هيم، تازو امرتا جي سوانح جي خوابن واري حصي تي مشتمل ڪتاب ”سرخ ڌاگي ڪا رشته“ جي اڀياس جو اثر ٿي سگهي ٿو؟ پر اهو ته آءٌ هڪ ڀيرو اڳ به پڙهي چڪو آهيان...! هڪ سوال.... ۽ ان سوال جو طويل ٿي ويندڙ سلسلو... شايد ڪو نفسياتي مامرو هجي.... هڪ جواب.... جنهن جا ڪيئي جُزا خود سوالن جا محرڪ.... هڪ لمحو آنند.... ٻيو پل بي قراري.... هڪ گهڙي قربت.... ٻي ساعت سوالن جي نوڪدار ڪنڊن سان جنجهيل.... هڪ سپنو سُندر ۽ پرمسرت.... هڪ جاڳ جنجهوڙيندڙ......! هڪ آٿت، هڪ ڏڍ، هڪ احساس، هڪ سپنو، هڪ ساڀيان....! ها! تون، بس هڪ تون ئي.... ان سوالن جي صحرا ۾ مون لاءِ منهنجو سڏ به آهين ته وراڻي به....
    ان ڏينهن فون تي تنهنجي طلب جي موٽ ۾ (اها طلب، جنهن جي تقاضا اڄ به مون وٽ تنهنجي اظهار لاءِ اوسيئڙي ۾ آهي) مون جيڪو اظهار ڪيو هو، ان بعد ۾، مون لاءِ جنهن بوجهه جي صليب کي جنم ڏنو، تنهن جو بار هن پل به من تي ڇانيل ٿو محسوس ٿئي، ڇو ته آءٌ هينئر شدتن سان محسوس ڪرڻ لڳو آهيان ته ”تون“ مون لاءِ منهنجي اداس راتين جي ان پُرنور چنڊ سمان آهين، جنهن لاءِ صرف ”محبتن“ جي اظهار جو لفظ ڏاڍو ننڍڙو ۽ محدود ٿو ڀاسي.
    تو رگ رگ میں میری اس طرح سمانے لگی
    جیسے کہ مجھ کو، مجھ سے چرانے لگی
    تنهنجو خانه بدوش ٿي ويل خط اڃا تائين ڪونه مليو آهي، پر دل ۾ ان جو انتظار بار بار، نه چاهيندي به ان جي حاصلات لاءِ ان جا رستا ۽ راهون نهاريندو ٿو رهي. ائين به ڪونهي ته مون کي فقط ان خط جو انتظار آهي، جنهن جي نه ملڻ جي تو بي دليءَ سان دعا ٿي ڪئي، پر آءٌ ان لاءِ منتظر آهيان، ته تنهنجو خط ته ڇا، پر شال ڪو هڪ لفظ به خانه بدوش نه ٿئي، ڇو ته خانه بدوشي ان بي ظرف دشت جو نانءُ آهي، جنهن جي دل ۾ ڪنهن مسرت جي گلاب ٽڙڻ کان اڳ ئي هڪ درد جو اُسريل ٿوهر ان جي تعاقب ۾ هوندو آهي. تنهنجا لفظ ۽ جذبا ته ان صدا جو پڙاڏو آهن، جنهن لاءِ شاعري جو آغوش سدا منتظر آهي....
    مون تنهنجي معاملي ۾ پاڻ کي ڏاڍو محتاط رکڻ چاهيو آهي، ان جي ٻين انيڪ سببن سان گڏوگڏ تنهنجون مجبوريون، تنهنجي خوشي ۽ تنهنجو ماحول ۽ حالتون آهن. مون لاءِ تنهنجي حاصلات جيتري عزيز آهي، ان کان به وڌيڪ مون لاءِ عزيز تنهنجو آنند ۽ اطمينان آهي. تون جن حالتن جي اذيتناڪ جهنگ مان گذري آهين، تنهن جي پيڙا ۽ درد کان آءٌ شايد تو جيترو ئي آشنا آهيان (يا گهٽ ۾ ان جو ادراڪ اٿم....) تنهنڪري آءٌ پنهنجون سڀئي محبتون ۽ صداقتون تنهنجي وجود جي سڪون لاءِ صرف ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس. آءٌ وچن سان ٿو چوان، ته جيڪڏهن ان لاءِ منهنجي ذات جي ڪائي خواهش ۽ خواب به حائل ٿيو، ته ان جي قرباني مون لاءِ قطعي طور ڪنهن پڇتاءَ جو ڪارڻ ڪونه بڻبي.... ڇو ته تنهنجي حاصلات مون لاءِ شام-پهرن ۾ ڪنهن جلاوطن پنڇيءَ لاءِ حاصل ٿيندڙ حسين آکيري جيان آهي.
    ياد اٿئي! تو هڪ ڀيري چيو هو، ”مان هڪ خواب آهيان....!“
    جيڪڏهن تون واقعي ئي هڪ خواب آهين، ته پوءِ منهنجو ڏٺل خواب به يقينن ماورا ڪونهي، جنهن ۾ مون توکي ڏاڍي قرابت کان محسوس ڪيو آهي ۽ قرابت کان محسوس ڪيل اها خواب جي حُسناڪي مون لاءِ ڪنهن حسين ساڀيان کان ڪنهن به طور گهٽ ڪونهي...!
    کليل نيڻن تي ڪنهن حد تائين فريب جو گمان ڪري سگهجي ٿو، پر اُپٽيل اکين ۾ اوجاڳيل احساس ته خدائي پرتوي جيان هوندا آهن، جن کي فقط سرمست نگاهون ئي پروڙي ۽ پُرجهي سگهنديون آهن.
    نئون سال ته عمومي طور 31 ڊسمبر جي آڌي رات کان پوءِ پنهنجا ننڊاکڙا نيڻ کولي پنهنجي آمد جو اعلان ڪندو، پر تون ڄاڻين ٿي ته مون لاءِ ان جي حقيقي آمد ان پل هوندي، جنهن لمحي تون ايندينءَ....!

    تنهنجوئي
    فِيَا
    25 ڊسمبر 2001ع

    •••••

    اَنو!

    شال پُرمسرت ۽ پرعزم هجين.
    داغستاني شاعر رسول حمزه توف پنهنجي ڪتاب ”منهنجو داغستان“ ۾ لکيو آهي:
    ”انسان کي فقط ٻن صورتن ۾ جُهڪڻ گهرجي، هڪ ڪنهن وهندڙ چشمي مان پياس اُجهائڻ لاءِ، ٻيو ڪنهن ٽاريءَ تي ٽڙيل گل کي ڇُهڻ لاءِ....!“
    انيلا! تون منهنجي لازوال پياس جو اهو شفاف چشمو آهين، جنهن جي سحر، سندرتا ۽ پيار جي پوتر ڌارائن اڳيان جُهڪندي، اڄ واقعي ئي اها سرهائي ۽ مسرت محسوس پئي ٿئيم، جنهن جي سرمستي جي بيان ۽ اظهار لاءِ، منهنجي لفظن جي پوري اميري سچ ته ڏاڍي مفلس ٿي ڀاسي. تون جيڪا منهنجي محبتن جي ٽاريءَ تي ٽڙندڙ گل جيان آهين ۽ گل کي ڇهڻ لاءِ جهڪي، سچ ته اهڙي سرهائي پئي ٿئي، جهڙي هڪ عابد کي عبادت وقت محسوس ٿيندي آهي. ائين جيڪڏهن عمر ڀر ان عبادت گذاري ۾ بسر ٿي وڃي، تڏهن به آءٌ شايد تنهنجي انهن محبتن ۽ معصوميتن جو مقروض رهان، جيڪي تو پنهنجي هڪ ننڍڙي نثري نظم جي سٽن ۾، منهنجي حوالي سان لکيون آهن.
    تون جنهن محبت جي روح سان، منهنجي پيار کي پڪاريو ۽ منهنجي جيون کي مان ۽ مريادا عطا ڪئي آهي، جيڪڏهن منهنجو وجود واقعي بي جان به هجي ها، تڏهن به مون کي وشواس آهي، ته اهو تنهنجي سڏ جي وراڻيءَ لاءِ هڪ لمحوئي صحيح، پر ضرور زندهه ٿي پوي ها....!
    محبتون پٿر مان به الستي مورتيون تراشڻ جي طاقت رکندڙ هونديون آهن، پر مان ته مٽيءَ جي بدن ۾ مضطرب اهو رباب آهيان، جنهن کي تنهنجي محبتن جي هڪ آڱر جي لرزش ئي عرصي تائين ”مي رقصم“ بڻائي ڇڏيو آهي.
    امرتا.... ساحر.... ۽ امروز، واقعي هر امرتا لاءِ هڪ امروز جو وجود پناهه جيان هوندو آهي، پر هڪ امروز کي امرتا به ته هڪ امرتا ئي عطا ڪري سگهندي آهي ۽ تون منهنجي جيون جي اها امرتا آهين، جنهن لاءِ منهنجي جيءَ ۾، هڪ ئي وقت ساحر ۽ امروز جون صداقتون منتظر ۽ بي قرار آهن....!

    تنهنجو ئي
    فِيَا
    28 ڊسمبر 2001ع


    • سال 2002ع

    انو!

    ڪير ڄاڻي ڪاڪ نينهن جي،
    ننگي پيرين آرزو ٿي،
    ڪهڙي پنڌ جا پير ڳولي....؟

    سمجهه ۾ نه ٿو اچيم ته ڪٿان ابتدا ڪريان؟ هڪ لمحي ويچارن جا هجوم ساٿ ۾ آهن، ٻي لمحي جڏهن انهن کي ڪاغذ جي ڪشتيءَ ۾ ٿمائي تو ڏانهن موڪلڻ جي ٿو ڪريان، تڏهن پل ڀر ۾ حاصلاتن جي هڙ، ڪنهن ڀڪشوءَ جي ڪشڪول جيان خالي ٿي ڀاسيم!
    اڳي ائين لڳندو هيم، ته ڄڻ ڪو جپسي هجان، جنهن کان مسافت جي مجذوبي ۾ ابتدا ۽ انتها جي آگهي به وسري وئي هجي. ڀلا ڪنهن خانه بدوش ۽ جپسي جو ابتدا ۽ انتها جي آشنائيءَ جهڙي آسودگيءَ ۽ افسردگيءَ سان سروڪار به ڪهڙو....؟ پر پوءِ جياپي جي طويل دشت جي بي سمت مسافت ۾ تو جڏهن ڪنهن سايي دار درخت جيان، هن پرار جي پانڌيءَ کي ارپنا جو آغوش آڇيو هو، تنهن پل ئي پنهنجي تڪميل جي وشواس سان گڏوگڏ ابتدا ۽ انتها جي حسناڪين جي حقيقي ادراڪ جو احساس ٿيو هيم....!

    هـزاريــن حـيـرتـون آهـن، دنيا ئي ديـد خـانـو آ،
    مگر هي جو حُسن جانان، خدائي جو خزانو آ.

    پر راحتن جي رُتِ ۾ رنجشن جو روڳ ڪيڏو نه ڀاڙي ٿيندو آهي، ان جو پهريون ڀيرو اندازو شدت سان ڪالهه تڏهن ٿيو هيم، جڏهن تو نينهن جي شانت نديءَ ۾ ڏوراپي جو ننڍڙو ڪنڪر اڇلايو هو. سچ ته آءٌ گهڙي پل لاءِ روح جي گهرائيءَ تائين لرزي ويو هوس. هونءَ ته روڳ ۽ راحتن سان ڏاڍي پراڻي آشنائي اٿم، جيڪي پوري جيون جي مسافت ۾ ڪنهن جوڳي جي گيڙو رتي لباس جيان هميشه مون سان ساٿ ۾ رهيا آهن، پر نه ڄاڻ ڪڏهن ڪڏهن هڪ ماڪ جو قطرو ئي الائي ڇو جيءَ جي ڪارونجهر کي اندرئي اندر ڪنهن ڪچي ڀتر جيان ڀُوري وجهندو آهي!
    تون مون لاءِ ڇا آهين؟ ڪيئن چوان... ڪڏهن سمنڊ، ڪڏهن قطرو، ڪڏهن ساحل ته ڪڏهن موج ۽ ان بحر بي ڪران درميان، آءٌ هڪ ازلي پياس، هڪ ازلي اوجاڳو، هڪ بي آواز ۽ بي چين صدا، هڪ سوز، هڪ ساز، جنهن جا سڀئي سُرَ ۽ آواز بس ”تون“.... ۽ ”تون“ ۾ ئي ته ”مان“ جي تشنگي مضطرب آهي، پوءِ ڪيئن ٿي چوين ته ”تون“ ۽ ”مان“ جو ڪوئي الڳ تشخص به آهي؟ قطرو، سمنڊ ۽ سمنڊ، قطرو ئي ته هوندو آهي. آواز کان پڙاڏا الڳ ته ڪونه ٿيندا آهن! چڪور جي بي چيني ۽ چنڊ جو، منڊ جي هڪ ئي محور جي موهه ۾ مسرور ۽ مضطرب هجڻ، هڪ ئي صداقت جي سحر جو مظهر ئي ته هوندا آهن. آءٌ ڪُلَ جي ڪُنَ جو اهو اٽوٽ حصو آهيان، جيڪو لمحي جي لهر بڻجي ڪل کان ساعت لاءِ ڪٽجڻ واري تصور کي به ڪفر ٿو سمجهي، ته پوءِ تو وٽ اهڙي ميارن جي گنجائش ڇا معنى!
    مڃان ٿو ته عقل ۽ ساڃاهه سان منهنجو گهرو سُٻند آهي. کوڙ موقعن تي عقل مون لاءِ اها عصا ثابت ٿي آهي، جنهن جي ڏڍ تي مون ڏاڍا اڻانگا لڪ لتاڙيا آهن، پر آءٌ ان صداقت کان به آشنا آهيان، ته عشق مجذوبيءَ جو اهو معراج آهي، جتي عاقلن جي آگهيءَ بجاءِ عشاقن جي رسائي ئي رنگ لائيندي آهي ۽ تون منهنجي آجپي ۽ آرزوءَ جي اها مجذوبي ۽ سندر صداقت آهين، جنهن جي حُسناڪين تان عقل ۽ سرت جون ساريون حقيقتون ۽ حيرتون بنا ڪنهن ججهڪ جي قربان ڪري ٿيون سگهجن. عقل ۽ آگهيءَ سان ڀل ته منهنجو ڪيترو به سٻند آهي، پر تنهنجو سُٻند ته هر سپني جي حقيقت کان به حسين ٿو هجي.
    مِٺي! يقين ڪر جڏهن تون هوندي آهين، تڏهن منهنجو پورو وجود تنهنجي محبتن جي طواف ۾ محو هوندو آهي، ايتري تائين جو تنهنجي وجود جي غيرموجودگي به عرصي تائين تنهنجي موجودگي جي احساس جيان شاملِ آغوش هوندي آهي. اڪثر مئڪش پيئڻ کان پوءِ سرورن جي سحر ۾ لهر لهر ٿي ويندا آهن ۽ اهو لمحاتي سحر بنا ڪنهن ديرپا اثر جي لمحن ۾ لهي به ويندو آهي، پر مون جڏهن به تنهنجي آبشار جهڙي وجود مان آرزوءَ جو مڌ اوتيو آهي، تڏهن اڻ مئيو پيئڻ پڄاڻا به منهنجي پياس جا چپ هميشه پياسا ئي رهيا آهن. جي بادل جي هر بوند ڌرتيءَ لاءِ ۽ ڌرتيءَ جي هر تڙپ ۽ تشنگي بادل جي حسناڪيءَ ۽ حاصلات لاءِ آهن، ته پوءِ هي بي رخيون نينهن جي نيڻن لاءِ ڏاڍيون بوجهل ٿي ٿيون پون. منهنجو چين، بي چيني، پياس ۽ پارسائي ته تون ئي آهين. ها! تون ئي ته اها دامنِ درماندگي آهين، جنهن جي ديد دنيا جي هن دشت ۾ مون تي اڇوتي آرزو ۽ آجپي جو انوکو راز عيان ڪيو آهي.
    کوڙ سارين محبتن سان.

    تنهنجو ئي
    فِيَا
    27 مارچ 2002ع

    •••••

    اَنو جاني!

    ڪڏهن ڪڏهن دل عجيب انگل ڪندي آهي. ننڍڙي ٻار جيان ضد تي اٽڪي بيهي رهندي آهي. ٻار جو آٽو ته پوپٽ جي پرن جيان پڪڙ ۾ اچڻ جهڙو هوندو آهي، پر دل جي هوڏ، نه صرف هٿ وس کان چڙهيل هوندي آهي، ليڪن بي چين ڪري ڇڏيندڙ به هوندي آهي... ها، بي چيني، جنهن جو چين چنڊ جا نيڻ چورائي ويل هوندا آهن.
    اڄ پهرين اپريل آهي. اهو ڏينهن جنهن کي دنيا عجيب انداز سان انجواءِ ڪندي آهي: مذاقون، مسخريون ۽ عجيب عجيب افواهه... هي ڏينهن دنيا لاءِ ڄڻ ته جوڪ هجي... ۽ ان جوڪ وارو ڏينهن مون لاءِ... خبر ناهي ڪيترو اهم، ڪيترو اجايو...؟ منهنجو جنم لمحو، ان ئي ڏينهن جي ڪنهن پل ۾....! جڏهن مسرتن جا لمحا ميسر هوندا اٿم، تڏهن لڳندو اٿم، اهو ڏينهن ڏاڍو سندر، ڏاڍو پُرمعنى... پر جڏهن درد جو دشت دُور تائين دل لاءِ دلدل بڻيل هوندو آهي، تڏهن اهو پل، اهو لمحو بي معنى، بي سبب ۽ نه ڄاڻ الائي ڇا ڇا ڀاسندو آهي... اڪثر هيءُ ڏينهن چند دوست گڏجي مون سان سيليبريٽ ڪندا آهن، پر هن سال طئي ڪيو هيم، ته هن ڏينهن جا سڀئي رنگ ۽ راحتون پنهنجي ”پرين“ سان شيئر ڪندس. ڪي ڏينهن توڙي جو پنهنجي وجود ۾ اهميت وارا ۽ وضعدار هوندا آهن، پر ڪن فردن جو حوالو ۽ حيثيت انهن کي اڃا به مانائتو ۽ ملهائتو بڻائي ڇڏيندو آهي. هن ڏينهن جو مون اڳ ڪڏهن ائين اوسيئڙو ڪونه ڪيو هو يا شايد ڪيو به هجي، پر ايتري شدت جو احساس گهٽ ۾ گهٽ مون اڳ ڪڏهن محسوس ڪونه ڪيو هو. ڪئلينڊر تي نقش ٿيل 1 اپريل کي هفتن تائين ڪهڙيءَ ريت مون اکين ۾ ڪٽيو هو، ان جي گواهي ته منهنجي ڪمري جون اوجاڳيل ديوارون ۽ منهنجا منتظر نيڻ ئي ڏئي سگهن ٿا، پر جيڪڏهن ان پوري انتظار جي اضطراب جي آگهي چاهين، ته پوءِ ڪڏهن منهنجي اڃايل چپن جي انهيءَ بي قراريءَ کان پڇجانءِ، جيڪا تنهنجي آمد جي اوسيئڙي ۾ پنهنجون الائي ڪيتريون آرزون اوجاڳي ويٺي هئي!

    تنهنجو ئي
    فِيَا
    1 اپريل 2002ع

    •••••

    جانان!

    خبر ناهي سڪون لمحاتي آهي، الائي جي اسان جون ڪيفيتون عارضي ۽ ماڪ جي قطرن جيان وقت جي سج سان الوپ ٿي ويندڙ ٿيون هجن! درد ايڏو بي دين ۽ مرڪون ايتريون مهانگيون ڇو ٿينديون آهن؟
    سڪون لاءِ هي ڌرتيءَ ڪيتري نه محدود ۽ مسافت لاءِ ڪيتري نه اڻ کُٽ آهي. لڳي ٿو زندگيءَ جي ڳولا ۾ موت سان ملاقاتي ٿي هاڻي ته جياپي جو ساهس به ڄڻ ته سُڪڙجندو پيو وڃي!
    ماڻهوءَ جي مٽيءَ ۾ خدائي مظهر جي خوشبو واري صداقت، اڄ به منهنجي من ۾ ڪنهن ڪنول جي گل جيان اُجري ۽ مهڪندڙ آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن آدمي جي اندر ۾ موجود آدم خوريءَ جو ڀيانڪ روپ پسي، سچ ته بُتَ مان سيسراٽيون نڪرڻ سان گڏو گڏ ننڊ جا نيڻ به ڏينهن تائين اوجاڳيل ۽ بي قرارين جو بَکُ بڻجي ٿا وڃن!
    آءٌ بنيادي طور تي اميد پرست آهيان، پر اها هن جنوني جڳ ۾ ڪنهن ڪونج جيان ايترا ڀيرا ته ڪُـٺي وئي آهي، جو هينئر ان جي ڪوڪ جو قافلو به تنها ۽ بي آواز ٿو ڀاسي. ڀلا انائن جي آنڌيءَ ۾ آرزوءَ جي هڪ معصوم صدا آخر ڪيستائين قائم رهي سگهندي...!
    هڪ موم جي مقدر ۾ پگهرجي پاڻي ٿي وڃڻ ئي لکيل هوندو آهي. خبر ناهي آءٌ الائي ڪهڙي پل پگهرجي فنا جي سمنڊ جو قطرو بڻجي ويندس، الائي جي حالتن جي آڙاهه جي اُلن جو بَکُ بڻجي خاڪ جيان هوائن ۾تحليل ٿي ويندس، پر ايترو سو يقين اٿم ته ڀوڳنائن جي ڀاڪر ۾ ننڊ جا نيڻ جڏهن به ٻوٽبا آهن، تڏهن خوابن جي مٽي خوشبو جو بدن بڻجي ويندي آهي.
    ڇا زندگي، ان ئي اذيت ۽ اضطراب جو نانءُ آهي، جيڪا صليب جيان ساري حياتي ڀوڳڻي ٿي پوي؟ عيسى کان سقراط، وان گوگ کان ماياڪوفسڪي ۽ ساره شگفته تائين جي سڀني حساس دل فردن اهڙي جيون کان ته موت کي ترجيج ڏني هئي. شايد انهن زندگيءَ جي اها سندرتا چوڙي ورتي هجي، جنهن لاءِ ڪيترن ئي نيڻن جون حسرتون منتظر ۽ متلاشي هونديون آهن! ڪڏهن ڪڏهن دل چاهيندي آهي ته هن بي حس ۽ بي دل سماج جي سڀني رشتن ۽ تعلقن جي سنگهرن کي ٽوڙي ڏاڍو ڏور نڪري وڃجي، جتي ڪنهن به غرض ۽ مفاد جو ڇتو ڪُتو تعاقب ۾ نه هجي، جتي ڪنهن به ڊپ جي دستڪ جو احساس اُلڪو نه بڻجي!
    پر هن مفادن جي بنياد تي آڌاريل رشتن جي پُرفريب ڪاڪ کي ڇڏڻ جي شديد خواهش جي باوجود اڃا تائين ان کي تياگي ڇڏڻ جي قدم جو ساهس، پاڻ م الائي ڇو نه ٿو ساري سگهان!
    خبر ناهي اندر ۾ الائي ڪهڙي چاهنا جي چڻنگ دکندي ٿي رهي، جيڪا چين جون چار گهڙيون به آنند جي آغوش ۾ آهلڻ ڪو نه ٿي ڏي. ڪتابن جي خاموش وجود کي جنجهوڙڻ جي باوجود آواز کان خالي احساس جو درد ڪنهن خنجر جيان منهنجي نس نس ۾ ايترو ته اونهو لهي چڪو آهي، جو هينئر مون لاءِ درد جي شدت ۽ ماٺار جي احساس واريون معنائون ئي معمولي بڻجي چڪيون آهن. سوچيان ٿو هي فهم ۽ ادراڪ جي آرسي جيڪر بي حسيءَ جي پٿر تي اڇلائي ٽڪريون ٽڪريون ڪري ڇڏجي، پر اهو عمل به ته هڪ انتها جو گهرجائو ٿو هجي، جيڪا مون ۾ اڃا الائي ڇو نه پيدا ٿي سگهي آهي! هونءَ ته هميشه مون انتهائن جون ڪجليون اکيون پئي چميون آهن، پر ڪڏهن ڪڏهن الائي ڇو جيءُ انهن کان لرزڻ ۽ لهرائڻ لڳندو آهي... مون پنهنجي پيڙائن جو ٻوجهه تو ڏانهن قطعن پوسٽ ڪرڻ ڪونه ٿي چاهيو، پر ڇا ڪجي، تو کان سواءِ هي مجذوبي ڪنهن ٻي سان شيئر ڪري به ته ڪونه ٿي سهگجي نه!
    ڄاڻان ٿو ته تو وٽ به ڏکن جون الائي ڪيتريون هڙون ڀريون پيون آهن، پر عورت جي دل جو دامن ته درياءَ جيان ڏاڍو وسيع هوندو آهي. آءٌ ان وسيع دامن جي دلڪشي پويان الائي ڪيتري مسافت جي رڃ جهـاڳـي آهــي، ان جــي تــڙپ ۽ تشـنگــي جـي احسـاس کان تـون ئـي ته آشـنا آهين!
    تو بن آءٌ پنهنجي بي قراريءَ ۽ اضطراب جي هڙ ڪمري جي ڪهڙي ڪُنڊ ۾ رکان؟ منهنجي ڪمري جو هنج ته ڪتابن ۽ درد جي بي آواز صدائن سان ڀريو پيو آهي، جتي هاڻي منهنجي هيڪلائين جو هينئون به ڪنهن زخمي پنڇي جيان پنهنجي پرواز جا پر وڃائڻ لڳو آهي. خاموشي، مسلسل پنهنجي ئي پڪار جا پڙاڏا سُڻي هاڻي ته بي سڌ بڻجي پئي آهي!
    هجومن ۾ هيکلو ۽ هيکلائين ۾ ابابيلن جيان مضطرب ٿي ويندڙ من، پتو ناهي مون کان هر ڀيري الائي ڪهڙي تقاضا ٿو ڪري؟ ڪيئن چئجي منهنجي پياس ۾ ڪهڙي سمنڊ جي تشنگي آهي، جنهن جي سحر جي پڪار منهنجي هينئين کي مسلسل مضطرب ڪندي ٿي رهي! عمر جي بهارن تي خزائن جو ايترو ته واسو رهيو آهي، جو هينئر مندن جي محسوسات ئي ڇسي ٿي لڳي، پڙاڏن پويان ڊوڙي ڊوڙي سماعتون ئي بي سُڌ بڻجي ويون آهن..! خاموش ڪتابن جي وجود ۾ اظهارن جو تاثر تلاشيندي، هينئر ته اکيون ئي پٿرائجي ويون آهن ۽ پٿرايل اکين جي حيرتن جيڪي جيءَ کي جهير ڏنا آهن، انهن جي مرهم ڪهڙي طبيب وٽ تلاشجي؟ هتي ته هر ڪوئي پنهنجي ئي پيڙائن ۾ پڄري رهيو آهي!
    غم جا پهاڙ ڪيتري تائين صبر جي سيني ۾ سانڍي رکجن! آڳ ته آخر پنهنجو پيچرو خود ئي ووڙي وٺندي آهي. هڪ لمحي هن خود غرض معاشري جو سڀ ڪجهه اجايو ٿو لڳي ۽ ٻي لمحي ان سڀ ڪجهه اجائي ۾ به ڪجهه نه ڪجهه سجايو ٿو محسوس ٿئي، شايد اهو منهنجي اميد پرستيءَ واري اُجري پاسي جو اولڙو هجي! بهرحال هن دقيانوسي سماج ۾ يا ته بي حس ٿي وڃجي يا وري حس جي حصار ۾ ايترو ته وڃائجي وڃجي، جو ان کان علاوه ٻي ڪنهن شيءِ جو احساس ۽ ادراڪ ئي نه رهي!
    گهر هڪ پناهه، هڪ آٿت، هڪ آکيرو، هڪ خواب، هڪ حقيقت.... پر مون لاءِ ديوارن جو اهڙو ڪوٽ، جنهن جي هر سِر ۾ پنهنجي پگهر سان گڏ منهنجي بي زبان خواهشن جا لاش مدفون.... هي ڪمري جون چار ديوارون جيڪي ڪيترن ئي حوالن سان منهنجي پناهه گاهه ته آهن، پر ان پناهه ۾ متحرڪ ٻانهن ۽ آجپي واري آغوش جي عدم موجودگيءَ جو احساس جلاوطني جي زخم کان به گهرو ۽ پيڙائيندڙ آهي. پکيءَ جهڙي نحيف ۽ ننڍڙي مخلوق کي به پنهنجي اڏام ۽ آکيري جي آزادي ٿي هجي، پر انسان جهڙي اتم ۽ ممتاز مخلوق جي جياپي ۽ آرزوءَ جي پيرن ۾ هزارين روايتن، لاڳاپن، رشتن جي خود غرضين ۽ مصلحتن جهڙي غلاميءَ جي طويل زنجير آهي، جنهن مان نجات جي جستجوءَ ۾ ئي جيون جون ڪيئي بهارون خرچ ٿي وڃن ٿيون ۽ باقي بچيل لمحا زخمن تي پها رکڻ جي پنڌ ۾ صرف ٿيو وڃن.... جيئڻ لاءِ ته وڃي ڪا ساعت ئي ٿي رهي.....!
    جيئن ماڻهن جي اڪثريت جيئي ٿي، خبر ناهي ان کي جياپو چئجي يا ڪجهه ٻيو، پر جيئن پاڻ جيئڻ چاهيو آهي، اهو ٿورو ئي سهي، جيڪڏهن ڀرپوريت سان جيئجي ته پوءِ موت جو آغوش ڪنهن به طور تي اوکو ڪونه رهندو. مون حياتيءَ ۾ جيڪي چند سندر ساعتون گذاريون آهن، انهن جو سحر ئي هر مشڪل ۾ منهنجي جان ۾ جياپي جو روح ڦوڪيندو رهيو آهي ۽ هينئر توڙي جو الاهي ٽٽل خوابن جون ٽڪريون مسافت جي پيرن ۾ پکڙيون پيون آهن، پر پوءِ به مون لاءِ تنهنجي هئڻ وارو آٿت اهڙي آسيس ۽ آنند مترادف آهي، جنهن جي سُٻنڌ جو هر لمحو سوين سڳنڌون ۽ جنهن جي سمرتين جو ساٿ جياپي لاءِ ساهس ۽ سگهه سمان آهي...!
    پتو ناهي، اڄڪلهه منهنجي اندر ۾ الائي ڪهڙي خوف جو کاٽ لڳي رهيو آهي! الائي ڪهڙو ڊپ مسلسل منهنجي مَنَ ڪنارن کي ڪنهن تيز ڇولي جيان پائي رهيو آهي. لمحي ٽٽڻ، لمحي جڙڻ واريون ڪيفيتون مون سان اڳ به لاڳو رهيون آهن. آءٌ اڳ به ڪيئي ڀيرا سڙهه بنا ناو جو اهو سفر رهيو آهيان، جنهن جي هر سمت ۾ اجل جي اندوهاڪ اک اوجاڳيل ۽ منتظر محسوس ٿي آهي، پر وهمن جو غوراب جهڙي ريـت اڄڪـلهه مـنهـنجـي پلـن ۽ پـهـرن تي غالب آهي، شايد اڳ ڪڏهن به نه هو!
    تون گڏ آهين، ته به خواب ٿي لڳين، تون جدا، تڏهن به تنهنجا سپنا منهنجي ننڊ-نيڻن سان هم آغوش... تون ايتري ڏور، پوءِ به تنهنجي قرابت جو پاڇي جيان هم قدم احساس... تون ايتري قريب، پوءِ به منهنجي اڻ کٽ پياس... تون هوائن جيان ڇُهي مضطرب ڪري ويندڙ، تنهنجي مي جيان مدهوش ڪندڙ هر حاصلات، تنهنجو وجود خوشبو جو پُرلطف جهونڪو.... پر آءٌ ته تنهنجي تلاش ۾ خود کان ئي وڃائجندو پيو وڃان... تون ايتري قرابت کي ڏوريءَ جو ڏس ڇو ٿي ڏين، جو آءٌ تلاش جي پيچرن ۾ پياسي هرڻ جيان تنهنجي حصول پويان تڙپندو ٿو رهان....!

    تنهنجو ئي
    فِيَا
    5 اپريل 2002ع

    •••••

    انو!

    صديـن جـي پياس آ سانئڻ!
    پـلـن ۾ ڪـيئـن ٿئي پوري.
    قرابت تنهنجي قطري جان،
    سـراپـا دشـت ســنــدءِ دوري.

    عجيب بي قراري آ. دل چوي ٿي پاڻ کي راهن جي ٻانهن ۾ ائين وڃائي ڇڏجي، جو هئڻ ۽ نه هئڻ جي احساس کان ئي آجو ٿي وڃجي. هوائن جيان هُٻڪار تي ڪنهن جي حق ۽ هوڏ بنائي ان جي ڪومل ڇهاءَ ۾ ڪا ماندگي محسوس نه ڪجي، سُڌ بنا چاهه جي ساهن ۾ائين سمائجي وڃجي، جو قرابت ۽ دوريءَ جون سڀئي ديوارون مٽيءَ جي هڪ مُٺ بڻجي وڃن.... پر ڇا ڪجي، احساس ۽ آجپي جون حقيقتون ئي نراليون ٿيون هجن...!
    جڏهن اڪيلو هوس، تڏهن اڪيلائيءَ جو احساس ڪنهن پراڻي ۽ ڪمزور ڪَنڊي جيان هو، جنهن جي چُڀڻ ۾ درد چهنڊڙي برابر ٿي ڀاسيو، پر هينئر تنهنجي ايتري قرابت کان پوءِ دوريءَ جو احساس اهڙي گهري زخم وانگر ٿو محسوس ٿئي، جنهن جي اذيت جي احساس سان آگهيءَ جون اکيون بي آرامي بڻجي ٿيو وڃن!
    ڪالهه مقرر وقت جي باوجود تنهنجي فون تي غيرموجودگي ۽ وري ٻي ڏينهن تي منهنجي ننڊڙي حجت ۽ ضد جي موٽ ۾ ايڏي بي رخي، ڪهڙي آزمائش جو اهڃاڻ هئي؟
    پتو ناهي، ڪيفيتن ۽ لمحن جي نيڻن ۾ ڪهڙا اسرار ٿا هجن، جو ڪڏهن ڪڏهن سنگ باريءَ جي باوجود دل پنهنجيءَ ۾ مگن ۽ مست هوندي آهي، پر ڪڏهن هڪڙو ڀِتر ئي ان کي ڀور ڀور ڪري ڇڏيندو آهي!
    آءٌ مصيبتن جا پهاڙ ته پالي ويندو آهيان، پر آزمائش جو هڪڙو پٿر به پنهنجي وجود ۾ پٿرائي ڇڏيندو اٿم (ڇو ته آزمائشون بي اعتماديءَ ڪارڻ ئي جنم وٺنديون آهن). تون ڄاڻين ٿي ته پٿرايل اکين جي پيڙائن ۽ حيرتن ته گوتم جهڙي گيانيءَ جي تپسيائن کي به تڙپائي ۽ پاڻي پاڻي ڪري وڌو هو!
    الائي ڇو الاهي ڏينهن کان هينئين ۾ اها هُور جي ڇيت چڀندي رهي اٿم، ته منهنجي مسلسل قرابت واري تقاضا شايد توکي ناگوار ٿي گذري، ان ڪري ئي دوري ۽ فاصلي کي ترجيح پئي ڏين... پر مٺي! سِڪ ته اهو ساز آهي، جنهن کي جڏهن قرابت جون آڱريون ڇهنديون آهن، تڏهن ئي ان ۾ سوز جو آواز زندگيءَ جو گيت بڻجندو آهي. تون جنهن اندازي جي اک سان تعلق جي تند ۽ تشنگي کي پرکين ۽ پسين ٿي، ان کي يقينن پنهنجي محبوبيت ۽ مجذوبي هوندي، پر ڪيئن ڪجي، منهنجي من جي مٽي ئي ڪجهه اهڙي عجيب آهي، جنهن جي بارشن جي بي انت پالوٽ به پياس اُجهائي نه سگهي آهي ۽ نه وري دوري جي دشت، ان جي تشنگي لاءِ ڪا تاس ۽ تڙپ خريد ڪري ٿي سگهي! آءٌ ته خود ئي پنهنجي من ۾ مهراڻ ته، ڪڏهن پنهنجي ئي اندر ۾ سراپا ٿر جي تتل ۽ پياسي صحرا آهيان ۽ صحرائن جون صدائون ورنائڻ واقعي ئي ڏاڍيون اوکيون ۽ اذيتناڪ ٿينديون آهن!
    تون ڪالهه ئي ته ملي وئي آهين، پر پوءِ به تنهنجو انتظار هميشه دل تي ڪنهن دستڪ جيان منتظر ٿو محسوس ٿئي. تنهنجي آمد به انتظار جهڙي ڇو آهي؟
    مون کي هي پياس ۽ انتظار جي ڪهڙي موسم ڏئي وئي آهين، جو منهنجي نيڻن تان تنهنجن يادن جا کيپ ۽ خمار ئي ڪونه ٿا لهن! هي بي قراريءَ ۾ قرار ۽ قرار ۾ بي قراري، خوابن سمان صداقتون ۽ هي صداقتن تي سپنن جهڙا گمان، ڪيئن چئجي، تون ڪهڙي موهه جي مي آهين، جنهن مان اڻ مئيو پيتي به پياس اُجهي ئي ڪونه ٿي!
    ہم عمر باتو قدح کشیم و نہ رفت رنج خمارما
    چہ قیامتی کہ نہ می رسی زکفارما بہ کنارما
    (بيدل)
    (عمر ڀر توسان پيالو پيتو، پر اسان مان رنج جو خمار ۽ کيپ نه ويو. ڪهڙي قيامت آهين، جو اسان جي ڀاڪرن مان اسان جي ڀاڪرن تائين نه ٿي پهچين.)

    تنهنجو ئي
    فِيَا
    30 مئي 2002ع

    •••••

    پيارا منظور!

    شال سُکن ۽ سندرتائن ۾ هجين.
    هن پوري ڪائنات ۾، انسان اها واحد مخلوق آهي، جنهن جي جيءَ ۾ چين ۽ بي چينيءَ جي اڻ کٽ مسافت ازل کان اوجاڳيل آهي. اسان مان هر فرد ان چين ۽ بي چيني جي چت جو ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان، ڪٿي نه ڪٿي شڪار بڻجي ٿو، توڙي جو بي چينيءَ جي نسبت اسان مان اڪثريت جي چاهنا، چين ۽ آرام جي متلاش آهي، پر هيءَ بي چيني جيڪا ڪنهن وجود جي پاڇي جيان زندگيءَ جو اٽوٽ حصو ٿي هجي، ان کان فرار به ته ممڪن ڪونهي!
    مڃان ٿو، هيءُ مٽيءَ جو پتلو آدمي جنمن تائين جنهن محبوب جياپي جو متلاشي رهيو آهي، اهو اڄ به حقيقت کان وڌيڪ هڪ خواب جي سندرتا جي احساس تي آڌاريل آهي، پر ان خواب جي احساس کي جيڪا حُسناڪي آهي، اها ئي ته هن يزيد جڳ ۾ هڪ حساس فرد کي جياريو پئي اچي!
    مٺا! حقيقت ۾ اسين پنهنجي خوابن جي راهه ۾ قتل ٿي ويندڙ اهي مسافر آهيون، جن جي وجود ۾ جياپي ۽ زندگيءَ جو پنڇي جيون بجاءَ زخمن جو جهنم جِي رهيو آهي. اسان جن جي مِرگهه-من ۾محبتن جي پوري سمنڊ جي پياس ٿي هجي. جڏهن قطري لاءِ به انتظارن جو جهنم ڀوڳڻ تي مجبور ٿي ٿا پئون، تڏهن بي چيني ۽ ويراني اسان جي وجودن کي وڻ ويڙهيءَ جيان ويڙهي ٿي وڃي ۽ نتيجي ۾ اسان جي نيڻن کي اجهاڳ-اوجاڳا ۽ پيرن کي انيڪ پيچرن جون پٿريليون مسافتون ڏورڻيون ٿيون پون!
    اسان جهڙا ماڻهو الائي ڇو ماڪ جيان ڦڙو ڦڙو ٿي وکرندا آهن؟ مون ڪيئي ڀيرا پنهنجي اچانڪ بي چينيءَ جي بانوري بادل تي سوچيو آهي. مون ڪيئي ڀيرا پنهنجن انهن مسرتن تي به ويچاريو آهي، جيڪي خوشبوئن جيان اينديون آهن ۽ پوپٽ جي پرن جيان، ياد جي آڱرين تي ڪجهه ڪچا رنگ وساري هليون وينديون آهن. لڙڪ ۽ مرڪون ٻئي حالتن جي ديا آهن، جيڪي بي موسمي برساتين جيان برسي وينديون آهن، پر دل جو ويران رڻ ته پوءِ به پياسو ۽ وماسيل رهجي ويندو آهي....!
    منظور! اسان جي مٽيءَ ۾ الائي ڪهڙي ٿر جي پياس مضطرب آهي، جنهن کي ڀري برساتين جي پالوٽ به چئن لمحن جو چين آڇڻ کان قاصر ٿي هجي!
    هي ڀوڳنائن جو سفر ئي ته آهي، جيڪو اسان جي وجود جي ڪچي مٽيءَ کي ڪُندن بڻائي ٿو ڇڏي. ها! هڪ ڳالهه سا آهي، ته جڏهن انهن ڀوڳنائن ۾ به ويرانين ۽ اجائي پڻي جو اوٿر جهڙو احساس داخل ٿي ويندو آهي ۽ سٻنڌ ۽ ساٿ جا سڀئي آٿت بي ناميءَ جو بَکُ بڻجي ويندا آهن، تڏهن ماڻهوءَ لاءِ وڃي هڪ گس ئي بچندو آهي ۽ اهو گس مون لاءِ سدائين بي سبب اڪيلي ۽ اداس راهن جي طويل مسافت رهيو آهي. پيارا! اڪثر ڪري ماڻهوءَ جو ساٿ ڏاڍو موسمي ٿو ٿئي. بادل، هوائن ۽ سڳنڌن جيان آدميءَ جو آنند به لمحاتي آهي، پر انهن لمحن کي جيڪا سندرتا ٿي ٿئي، ان کي پنهنجي ساحري ۽ سرمستي ٿي هجي!
    هن بي مروت ۽ بي ظرف زماني ۾ چار گهڙيون آنند ۽ آجپي جون ميسر ٿيڻ، محبوبن جهڙي اڍائي دوستن جو هجڻ ۽ دل جي معصوم ابابيلن جهڙي ننگريءَ جي سلامتي، ڪنهن غنيمت کان گهٽ ڪونهي...! باقي اسين جنهن معاشري ۾ رهون ٿا، جن حالتن سان روزانو پاڻ کي مُنهن مقابل ٿيڻو ٿو پوي، جن بيحسي جي پٿرن سان پنهنجي ديواني دل جو پالو پوي ٿو، اهي واقعي ئي اهڙيون آهن، جيڪي وجود کي من جي آرسيءَ تائين تهس نهس ڪري ٿيون وجهن، پر مٺا! اسين ته انهن ماڻهن مان آهيون، جيڪي پنهنجي زخمن کي به سُهائي بڻائي زندگيءَ جي گس تي گامزن رهڻ کي ترجيح ڏيندا آهن.
    ٽُٽي جڙڻ ۽ جڙي ٽٽڻ ته جياپي جي حسين حقيقت آهي، پٿرن جي شهر ۾ رهجي ۽ زخمن جي حقيقت کي وساري ڇڏجي، اها ڪيڏي نه ڀورڙائي چئبي...!
    منظور! پاڻ مواصلاتي طور ڪيترو به ڏور هجون، پر حقيقت ۾ اسان جا روحاني ۽ فڪري سُٻنڌ هڪٻئي سان ڏاڍا قريبي ۽ ويجهڙا آهن. تو احساساتي طور جنهن ويرانيءَ جو ذڪر ڪيو آهي، اها اصل ۾ هن معاشري جي سنڍ حالتن جي گرڀ جي پيداوار آهي. مان ڄاڻان ٿو ته تنهنجي من-آکيري ۾ محبت جا معصوم پرندا اڄ به چهچائين ٿا، پر وقت جي ڪٺورتا، جا ويراني جي واءُ کنيو ٿي گهمي، ان جي لهس تنهنجي دل جي پنکڙين کي به لهسائي وڌو آهي، پر يقين اٿم، ته تون پنهنجي بصيرت سان ترت ئي زندگيءَ جي حسناڪين جا چپ چمندين ۽ ويرانيون پنهنجي ازلي ۽ ابدي آشياني يعني مساڻن ۽ مقامن طرف راهي ٿي وينديون...!

    تنهنجو پنهنجو
    فياض لطيف
    15 آڪٽوبر 2002ع

    •••••


    مبارڪ!

    شال سرهو ۽ سلامت هجين.

    ڪجهه ڏينهن کان عجيب ڪيفيتن جا ڪڪر من-آڪاش تي ڇانيل آهن، هڪ لمحي جهڙالو آهي، ته ٻي پل ڏور ڏور تائين ڦهليل نٽهڻ اُس ۽ انهن ٻنهي موسمن ۽ ڪيفيتن جي وچ ۾ هينئين جو هراسيل پنڇي، جيڪو پَرن هئڻ جي باوجود پرواز کان قاصر ۽ محروم آهي!
    يار! ڪيئن چئجي ته پاڻ فقط 30 ورهين جي عمر چوڙي آهي؟ هڪ طرف اندر ۾ 17 ورهين جو ضدي ٻار پنهنجي هوڏ تي قائم آهي، ته ٻي طرف 30 ورهين ۾ ئي 30 صدين جيڏي مسافت جهاڳي چُور چُور ٿي پوندڙ پيرسن جهڙو هي جياپو، آجهاپي لاءِ متلاشي ۽ مجبور ٿو ڀاسي...!
    پنهنجي عمر جون بهارون ته الائي ڪهڙي پل پاڻ وٽ آيون ۽ ويون، پر انتظار جو عذاب ته ڀاري صليب جيان اميد جي ڪلهن تي اڙيل رهيو آهي. بهارن جي آس ۾ پاڻ جيڪي خزائون ڀوڳيون آهن، انهن جو جيڪڏهن ڪاٿو ڪجي، ته پوءِ شايد ڪٿا جا ڪيئي المياتي ڪتاب جُڙي پون.... پر يار! ڪهڙا ويهي حساب ساريون؟ پاڻ ته الائي ڪهڙن ڪهڙن حرجاڻن ۾ حياتي هارائي آهي...! هونءَ به جهان جي هن جوا خاني ۾ جيڪي ماڻهو، پنهنجون حياتيون هارائي، پنهنجي حصي ۾ پل به ڏاڍي اوکائيءَ سان جيئندا آهن، انهن جي حساب - ڪتاب جي حاصلات ڪارا ڪاڳر ئي ته هوندي آهي...!
    ڪافي ڏينهن کان دل چاهيو پئي، توسان رابطو ڪجي، کوڙ ساريون ڳالهيون ڪجن، کوڙ سارا ٽهڪ ڏجن، دل جا نيڻ نپوڙي احساسن جا پاند آلا ڪجن، اوجاڳيل اکين لاءِ ڪو آنند جو لمحو تلاش ڪجي، خوابن جي راهن ۾ ڀٽڪي ويل حسرتن جون ڪي سمرتيون سارجن، ڏک جي ڏينهن ۾ سُک جون ڪي سندرساعتون ياد ڪجن، وڃايل ويساهن کي محبتن جي مرڪن سان موٽائجي، زندگيءَ جي زخمن تي آٿت جا پها رکي، دل جي ديوانگيءَ کي وري خواب - راهن سان ريجھائجي. اڪيلائين ۾ لڙيل لڙڪن مان سرجيل نظمن جا ٿانَ کولجن ۽ پوءِ لڙي رات تائين اوجاڳيل چنڊ ۽ بي سمت راهن سان رولاڪيون share ڪجن، پر مِٺا! الائي ڇو اها اڪيلي افورڊ ڪرڻ جهڙي ننڍڙي عياشي به پاڻ لاءِ اڄ ڪلهه ڄڻ ته محال ۽ مشڪل ٿيندي پئي وڃي....!
    ڪالهه تائين ذميوارين جا زنجير صرف مون پنهنجي پيرن ۾ محسوس پئي ڪيا، پر هينئر تنهنجا پير ساڳي زنجيرن جا اسير بڻجي ويا آهن. منهنجو مطلب اهو قطعي ڪونهي، ته پاڻ سماجي ذميوارين کان فراريت ٿا چاهيون. نه، ڪڏهن به نه.... مڃان ٿو ته پنهنجو مزاج الاهي اڪيلائي پسند ۽ کُليل هوائن جو هيراڪ آهي، پر پوءِ به مون سدائين پنهنجو آنند ۽ آجپو وري آدم ذات ۾ ئي پسيو ۽ پاتو آهي، تنهنڪري دل جون موسمون گيڙوءَ رتي رنگن ۾ رڱيل هئڻ جي باوجود، تارڪ الدنيا جي تسبيح جون طالبو ۽ مڱتيون ڪونه رهيون آهن. ها! باقي هڪ ڳالهه سا آهي، ته حافظ جيان پنهنجي من جي هر ڪُنڊ به هڪ ڪائنات جيان ٿي هجي ۽ ان ڪائنات ۾ڪجهه گهڙيون گهارڻ، روح رچنديون ۽ روح رهاڻيون ڪرڻ لاءِ من سچ پچ ته ڏاڍو بي چين ٿي ٿو پوي ۽ اها بي چيني ويتر وڌي وڻ ٿي وڃي ٿي، جڏهن هي ڌوتي دنياداري پاڻ لاءِ هڪ سزا جو صليب بڻجي ٿي وڃي!
    ڪڏهن ڪڏهن لڳندو اٿم، پاڻ هن بي ربط راهن ۽ راويتن جي گس ۾ گهلجي گهلجي جهڙوڪر ٿورا ٿورا ان جا عادي ٿي ويا آهيون، پر ٻي لمحي ڀاسندو اٿم، پنهنجي مٽيءَ ۾ جا ازل جي بي چيني ۽ تشنگي سمايل آهي، اها پنهنجي جسي ۽ جيءَ کي ڪڏهن به بي جان ۽ بي روح جياپي جو عادي بڻجڻ ڪونه ڏيندي ۽ منهنجو اهو معصوم ويچار گهڻي قدر الاهي موقعن تي مون لاءِ وشواس ۽ ڏڍ جو احساس ثابت ٿيو آهي.

    تنهنجو پنهنجو
    فياض لطيف
    18 آڪٽوبر 2002ع


    • سال 2003ع

    اَنو!

    دل عجيب درد سان ڀريل آهي. نيڻن جون سڀئي شامون اداسيءَ ۾ ويڙهيل آهن، هر لمحو انتظار جي اذيت ۽ بي قراريءَ ۾ گذرڻ جي باوجود هڪ اميد ۽ وشواس جو احساس آٿت بڻيل آهي.
    گذريل پنجن ڏينهن کان فون تي مسلسل تنهنجي اوسيئڙي جي ڀوڳنا ڀوڳي آهي. منجهند کان شام تائين سماعتون تنهنجي آواز جون منتظر رهيون آهن. دل انيڪ وهمن ۽ وسوسن جي ويرانين ۾ ڀٽڪڻ جي باوجود تنهنجي محبتن جي منڪر ڪونه ٿي آهي. مڃان ٿو، تنهنجي رابطي نه ڪري سگهڻ ۾ ڪانه ڪا مجبوري هوندي، پر هيءَ پاڳل دل ته دنياداريون ڪو نه ٿي مڃي...!
    اڳ جيڪي به منهنجي ”جنم ڏينهن“ جا سال گذريا آهن، انهن ۾ مون کي 1-اپريل اچڻ جو ايڏو اونو ڪونه رهيو آهي. آءٌ بي ڌيانو ۽ بي ترتيب ماڻهو آهيان. جنم ڏينهن جي حوالي سان ڪيترائي ڀيرا جڏهن رات جو 12 بجي ڪوئي دوست فون ڪري ”جنم واڌايون“ ارپيندو آهي، تڏهن وڃي سُڌ پوندي اٿم، پر هن ڀيري هي ڏينهن مون لاءِ انتظار جي اوجاڳيل اک جيان رهيو آهي!
    اڄ ڪاليج ۾ منهنجي دوستن احسان دانش، رضوان گل، اخلاق انصاري ۽ ٻين کوڙ سارن پرين پيارن گڏجي منهنجو ”جنم ڏينهن“ سيليبريٽ ڪيو، سچ ته کوڙ سرهائي به ٿي، پر تنهنجي لاءِ اوجاڳيل ۽ منتظر آڱرين جي بي قراري ويتر بي چين ئي رهي!
    آءٌ جڳهه تي به ويو هوس. کوڙ وقت کُليل دروازي ۽ منهنجي دل جي ڌڙڪنن تنهنجي آمد جو اوسيئڙو ڪيو. هر لمحي ائين ڀاسيو هو ڄڻ ٻيڪڙيل در مان گذري تون اِجهو اچي مٿان بيٺي آهين ۽ مُرڪي چوين پئي ”دير ٿي وئي نه.... تو کي ته خبر آ....“ ۽ آءٌ تنهنجي ڳالهه پوري ٻڌڻ کان پهريان ئي ناراض هئڻ جي باوجود اُڪير مان اٿي، تو کي کُليل ڀاڪرن جي آغوش ۾ ڀري ٿو ڇڏيان...!
    موهه ۾ وهمن ۽ ويچارن جو وطن به ڪيڏو نه مجذوب ٿو ٿئي....!

    تنهنجو ئي
    فِيَا
    01 اپريل 2003ع

    •••••

    مبارڪ!

    اڄڪلهه هينئون الائي ڇو سچل سائين جي سِٽَ ”چرخي چت نهين لگدا، آتڻ ڪيئن آوان“ جو عڪس ٿي پيو آهي. دل کي کوڙ بهانن سان ريجهائڻ جا روز جتن ڪيا اٿم، پر ضدي ٻار جيان، اها پنهنجي عجيب آٽي تي اٽل ئي رهي آهي. سوچيو هيم تو وٽ اچي حيدرآباد جي هوائن ۾ من جي بي چينين کي وساري واپس ورندس ۽ واقعي ئي انهن چئن ڏينهن ۾ دل اداسيءَ جي خزائن کان کوڙ دور رهي هئي. شايد ڏک کي جڏهن دلبريءَ جو آٿت ميسر هوندو آهي، تڏهن صليبن جو بوجهه به ڪک پن ڀاسندو آهي...!
    دل ته ڀرئي بادل جيان بي چين آهي ۽ وسڻ لاءِ به وس ٿي ڪري، پر هي ندورا نيڻ روئڻ جي راحتن کان به محروم ٿيندا ٿا وڃن. عجيب بي قراري آهي! سوچن جا انيڪ ڌاڳا آرزوئن جي آڱرين ۾ روز اُلجهي ٿا پون ۽ روز نون سمجهوتن جو صليب سِر تي کڻڻو ٿو پوي. دل - خوابن جا بي ڪفن لاش دفنائي هاڻي ته خود ئي زندهه لاش ٿي پئي آهي...!
    الاهي ڏينهن کان ڪجهه لکيو نه ٿو ٿئي. اندر جا احساس اظهار لاءِ آتا آهن، پر لفظن جو آغوش اوپرو ٿو لڳي ۽ هي چوڏس پکڙيل اوپرائپ جو الائي ڪيتريون وستيون اُجاڙيندو...!

    تنهنجو پنهنجو
    فياض لطيف
    20 اپريل 2003ع

    •••••

    اَنو جاني!

    لفظ بي رنگ پَتن جيان هوندا آهن، جن کي رنگن جون رونقون ۽ رونقن جا رنگَ موهه جون موسمون ئي بخشينديون آهن ۽ رشتا، ها اهي ڪچي ڌاڳي جيان ڏاڍا نفيس ۽ نازڪ ٿيندا آهن، جن جي تند تند کي روح جو رَتُ ڏيڻو ٿو پوي. آءٌ سُرتِ جي ٿورڙي ساڃاهه کان اڄ تائين لفظن کي لهوءَ جا رنگ ڏئي رشتن جي رُڃ ۾ ڀِٽڪندو رهيو آهيان، پر سچ پڇين ته تعلقن جون اهي سڀئي ڏوريون، جن جي مسرت لاءِ مون پنهنجي معصوم جوڀن جون خودڪشيون ڪيون آهن، مون لاءِ ڳچيءَ جو ڳَٽُ بڻجي ٿيون وڃن. خبر ناهي منهنجي مٽيءَ جو خمير الائي ڪهڙي جَر جي ڳوڙهن مان ڳوهيل آهي! آءٌ عمر ڀر ٻين جي خواهشن جي هرجاڻي ۾ خرچ ٿي، هينئر ڏاڍو هٿين خالي ٿي ويو آهيان (ايڏي هار کان پوءِ تنهنجي حاصلات حسين جيون جو احساس ئي ته آهي). ڪڏهن ته پٿر به آسانيءَ سان اَفورڊ ٿي ويندا هئا، پر هينئر ته ننڍڙو ڪنڪر به ڀڃي ڀوري ٿو وجهي....! ڏک اهو ڪونهي ته آءٌ پنهنجي وڃايل وٿن تي پشيمان آهيان، پر الميو اهو آهي ته جن لاءِ سڀ ڪجهه وڃائي ڇڏجي، انت ۾ انهن جون اکيون ئي اوپرائپ جو عذاب آڇڻ لڳن، تڏهن تون ئي ٻڌاءِ ته هڪ حساس فرد جو هينئون ٻاٻيهي پنڇي جيان درد جي تتل ريت تي ڪيئن نه تڙپي...!
    جڏهن خاموشين کي احساس، احساسن کي لفظ، لفظن کي ڏات ۽ ڏانءَ جون خوبصورتيون ملي وينديون آهن، تڏهن خبر ناهي بي چينيون شاعريءَ جو بدن بڻجي وينديون آهن يا شاعري بي چينين جو روح.... پر ايتري سا سُڌِ آهيم، ته جڏهن بي قراريءَ جو روح، لفظن جي بدن ۾ ڌڙڪڻ لڳندو آهي، تڏهن شاعري محبت جي عبادت بڻجي ويندي آهي.
    ”محبت“ مون لاءِ محض لفظ نه، پر هڪ جذبو، هڪ ڪيفيت، هڪ مجذوبي ۽ هڪ انوکو اڻ- بيانو احساس آهي. جڏهن به مون وٽ احساسن جي شدت عروج اختيار ڪري ويندي آهي، آءٌ اظهار بدران خاموشين جي خانه بدوش لهرن ۾ لُڙهي ويندو آهيان. اڳ شاعري منهنجي لاءِ آٿت جو احساس ۽ ڏڍ هئي. آءٌ پنهنجون هيکلايون ۽ اداسيون هميشه ان سان ئي اوريندو هوس، پر يقين ڪر، جڏهن کان تنهنجي چاهتن جو چنڊ من-اڱڻ تي مُرڪيو آهي، تڏهن کان ڪوتا جي مومل، ساڙولي محبوبه جيان رُسامي جو روڳ ڏئي الائي ڪهڙي پار اڏامي وئي آهي!
    مڃان ٿو، شاعري منهنجي اندر جي احساسن جي صدا ۽ سُڏڪو هئي، منهنجي خوابن جي رنگن ۽ احساسن جي آوارگين ان جي ساٿ ۾ ڪيئي سرهاڻيون، سوز ۽ سندرتائون ماڻيون... پر تون ته منهنجي اها ”ساحري“ آهين، جنهن تان ”شاعريءَ “ جهڙيون سوين ڪامڻيون بنا ڪنهن ججهڪ جي قربان ڪري سگهجن ٿيون!
    توسان ملي پهريون ڀيرو احساس ٿيو هو، ته محبت نه صرف جسم ۽ جذبي جي مجذوبي جو نانءُ آهي، پر عبادت ۽ آجپي جو حسين احساس به آهي.

    تنهنجو ئي
    فِيَا
    29 آڪٽوبر 2003ع


    • سال 2004ع

    جاني!

    لکڻ ۽ چوڻ لاءِ ته هينئين ۾ جذبن ۽ احساسن جو سمنڊ مؤجزن آهي، پر الائي ڇو ڪاغذ جو بدن اڄڪلهه آڱرين لاءِ اوپرو ٿي پيو آهي! ڪڏهن ڪڏهن دل چوندي آهي، توسان ننڍڙي کان ننڍڙيون خوشيون ۽ ننڍڙي کان ننڍڙا سڀئي غم شيئر ڪجن. توسان اندر اوريندي ڏاڍو سُندر به ته لڳندو آهي نه...!
    تنهنجي ملڻ جي آس ۾ سوين ڳالهيون ساهه ۾ سانڍيل هونديون آهن، پر ڪلاڪن جو عرصو به لمحن ۾ گذري ويندو آهي. تنهنجي چاهتن مان جيءُ ڍاپندو ئي ڪونهي. اکيون پوريءَ طور تنهنجي پياس مان پلبيون ئي ڪونهن. چپ تنهنجي چاهتن مان اڻ مئيو پيئڻ کان پوءِ به پياسا ئي رهجي ويندا آهن. بدن تنهنجي ڀاڪرن جي بارشن ۾ پوريءَ ريت پُسڻ کان پوءِ به اُڃايل ئي رهندو آهي. خبر ناهي وقت پويان ڪهڙي هلاڪوءَ جو لشڪر لڳل هوندو آهي، جڏهن جڏهن به پاڻ ملندا آهيون...!
    لڳندو آهي، توکي موهه جون موسمون هوائن جي هٿ-تري تي مون وٽ کڻي اينديون آهن ۽ تون منهنجي وجود جي پن پن ۾ سڳنڌن جو ساءُ پکيڙي، خوشبوءَ جو خواب بڻجي ويندي آهين ۽ آءٌ ڏينهن تائين پنهنجي بدن جي بي قرارين ۾ تنهنجي قرار ۽ قرب جون سُرهاڻيون ووڙيندو رهندو آهيان. تنهنجي وئي کان پوءِ انيڪ ڳالهين جون ڳنڍيون حافظي جي هينئين ۾ کُلڻ لڳنديون آهن، الاهي اڻ اظهاريل لفظ، چپن تي بي چينيءَ جو عذاب ڀوڳڻ لڳندا آهن ۽ ڪاغذ تي اهي بي قراريون اتارڻ لاءِ دل بضد ٿي پوندي آهي، پر ان مامري ۾ تنهنجي عدم دلچسپي ڪڏهن ڪڏهن هينئين ۾ ڪنهن درد جي طوفان جيان هُرڻ لڳندي آهي ۽ احساسن جون ساريون اڏامون ۽ امنگون تشنگي جي طوفاني واءُ ۾ ئي وکري وينديون آهن.
    مِٺي! يقين ڪر منهنجي اڏامن جو اڪيلو آڪاش تون ئي ته آهين. مڃان ٿو، اڪثر مرد ذات ۾ پوپٽن جي آوارگيءَ جهڙو جياپو ججهو هوندو آهي ۽ ائين عورت ذات به پنهنجي پياس جي تسڪين لاءِ انيڪ آبشار-ڌارائن جي منتظر ۽ متلاشي هوندي آهي. اها ٻي ڳالهه آهي، ته مرد جي بنسبت عورت کي معاشري ۾ کوڙ پابندين سبب اهي سڀئي رياعتون حاصل نه ٿيون هجن، جڏهن ته مرد اڪثر حالتن ۾ انهن حاصلاتن ۾ سوڀارو ٿي ٿو وڃي. هر مرد کي ڪنهن نه ڪنهن ڪميءَ ۽ احساس محروميءَ جو زخم تلاش جي راهن ۾ تڙپائيندو ۽ ڀٽڪائيندو آهي. آءٌ دل جي حضور سان اقراري آهيان، ته تلاش جا انيڪ رڻ رليا آهن. (هر اڻپورو ماڻهو ان صحرا ۾ يقينن ڀٽڪندو آهي، پر ان کي قبول ڪي چند ئي ڪندا آهن). مون احساساتي طور ان سفر ۾ ڪجهه عرصي لاءِ آٿت ۽ آنند جو احساس به ماڻيو آهي، پر تنهنجي حسين چاهتن جو قسم منهنجي جسم ۽ جيءَ جو آنند صرف تنهنجو وجود ئي بڻيو آهي. حُسن پرستي ته ازل کان منهنجي دل جو دين رهي آهي، پر بُت پرستي تنهنجي بدن جي عبادت کان اڳ ڪڏهن ڪونه ڪئي اٿم ۽ يقين ڪر تنهنجي جسم جي لذتن ۾ جيڪي روح راحتون ۽ رنگينيون حاصل ڪيون آهن، ان کان پوءِ ئي آءٌ گناھ جي ثواب جي سندرتا کي سمجھي سگھيو آهيان!
    ائين به ڪونهي ته مون مان موسمن ۽ مجذوبين جو احساس موڪلائي ويو آهي ۽ آءٌ چانڊوڪيءَ کان رُسي خوابن ۽ ننڊ جي سرمئي سانجهه سان سرچي ويو آهيان. مون ۾ اڄ به بي چيني ۽ پياس جو سمنڊ مضطرب آهي. اڄ به چڪور جيان چنڊ-راتيون منهنجي موهه ۾ مجذوبي جو روح بيدار ڪري ٿيون وجهن. اڄ به منهنجي آڱرين ۾ بي چينيءَ جو اٿاهه سمنڊ اوجاڳيل آهي. اڄ به منهنجا نيڻ انيڪ سندر سپنن سان سلهاڙيل آهن، پر جڏهن به ڪا مجذوب موسم ۽ مدهوش نظر مون لاءِ ڪٿي نينڍ جو نوتو کڻي آئي آهي، تنهنجي سڳنڌ ۽ ساٿ جو احساس مون پنهنجي وجود سان ويڙهي ڇڏيو آهي ۽ تون جسماني طور مون وٽ موجود نه هئڻ جي باوجود ساهن جي ڌڙڪن جيان منهنجي جيءَ ۽ جان ۾ موجود رهي آهين. تون نه هجين ها، ته موجود ۾ عدم ۽ عدم ۾ موجودگيءَ جي رمز پروڙڻ مون لاءِ ڪيڏي نه ڪَٺن ٿي پوي ها...!
    آءٌ سمجهان ٿو، پاڻ ٻئي ازل جا اڃايل آهيون. تلاش جي تڙپ ۽ تشنگي ٻنهي کي بي سمت لهرن ۾ لوڙهي ڇڏيو هو ۽ طويل مدت جي مسافت ۽ تڙپ کان پوءِ اسان کي محبت جو آغوش نصيب ٿيو آهي. اسان جا وجود سماجي طور تي بي روح رسمن جي سنگهرن جو بَکُ بڻيل آهن، پر پنهنجو روح ۽ جسم هڪ ٻي جي راحت ۽ زندگي آهي.
    مون تو ۾ اهي سڀئي رنگ، سڳنڌون ۽ سندرتائون پَسيون آهن، جن لاءِ منهنجي من جو پوپٽ متلاشي ۽ منتظر هو. جانم! پوري سچائيءَ سان ويچارجانءِ... جيڪڏهن تو مون ۾ اهي حسناڪيون محسوس ڪيون ۽ پاتيون آهن، جن لاءِ هڪ عورت جو جيءُ ۽ جان بي قرار هوندو آهي... ته پوءِ اچ ته مڪلمتا جي محبوبيت جي ڀاڪرن ۾ هڪٻئي کي ڀري، پوري اعتماد سان پنهنجي ٻن وجودن جي هڪڙي تڪميل ڪريون... ڪائي محرومي پنهنجي من-وجود ۽ ويچارن ۾ حائل نه رهي... مڃان ٿو، ماڻهن محبتون ڪيون هونديون، هڪٻئي لاءِ جيءَ ۽ جان جا نذرانا ڏنا هوندا. اَنو! اچ ته پاڻ پنهنجي محبتن کي هن بي حس سماج جي پرواھ ڪرڻ بدران پوڄيون ۽ امر بڻايون. اچ ته هن بي اعتماد جڳ ۾ هڪٻِئي جو آٿت ۽ اعتماد بڻجي جيئون. هڪٻئي کان وڇوڙي به پنهنجي چاهتن ۽ احساسن کي پنن تي اُتاري هڪٻئي کي پوسٽ ڪريون، جيئن اسان وٽ هڪ لمحو به ڌار ٿيڻ وارو احساس نه رهي.

    کبھی یوں بھی آ میری آنکھ میں کہ میری نظر کو خبر نہ ہو
    مجھے ایک رات نواز دے مگر اس کے بعد سحر نہ ہو
    وہ بڑا رحیم و کریم ہے، مجھے یہ صفت بھی عطا کرے
    تجھے بھولنے کی دعا کروں تو میری دعا میں اثر نہ ہو
    (بشير بدر)

    جڏهن اکين کي خواب ۽ خوابن کي حقيقتون حاصل ٿينديون آهن، تڏهن زندگي هزارين ڏکن ۽ پيڙائن باوجود ڏاڍي پياري ۽ حُسناڪ ڀاسندي آهي. مون زندگي ڀر خوابن جو پورهيو ڪمايو آهي، نتيجي ۾ نيڻن کي کوڙ اوجاڳا ۽ بي آراميون پلئه پيون آهن، پر ان جي باوجود خوابن جون خوبصورتيون اڄ به مون لئه محبوب ۽ موهيندڙ آهن. خوابن مون کي انيڪ تنهائيون ارپيون آهن، پر پوءِ به منهنجي جياپي جو جواز آهن... ڇو ته مان به ته هڪ خواب ئي آهيان نه...!
    منهنجي وجود جي مٽيءَ ۾ ازلي پياس آهي. (خبر ناهي خدا منهنجي تقدير ۾ اڻپورائي جو انگ ڇو لکيو آهي؟)
    مون مدت کان پنهنجي تڙپ ۽ تشنگي کي لڙڪ - قطرن سان ماٺو پئي ڪيو آهي، پر دل ساڳي ئي دشت جو مسافر رهي آهي. مون اڪثر بي سمت مسافت ۽ ديوارن سان من جو آوارگيون اوريون آهن. تنهنجي ڳولا ڪڏهن کان هئي... نه ٿو ڄاڻان... مون کي بس ايتري سُڌ آهي، ته مون دوريءَ ۾ قرابت جو احساس تنهنجي بدولت ئي پِرايو ۽ پاتو آهي ۽ شاهه جي سِٽَ ”ڪي ويجهائي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين...“ جو پورو راز ۽ روح تنهنجي ساٿ ۽ سنگ ۾ ئي ساڃاهيو ۽ سوجهيو آهي...!

    تنهنجو ئي
    فِيَا
    31 مئي 2004ع

    •••••

    ڀائو!

    ڪيئن آهين؟ شال خوشين ۽ خوبصورتين ۾هجين.
    ڪڏهن ڪڏهن ڪي حقيقتون بنا ڪنهن نانءَ جي ايتريون ته حسين ۽ حُسانڪ ڀاسنديون آهن، جو انهن کي ڪنهن نانءَ جي معنى محدو بڻائي ڇڏيندي آهي ۽ تنهنجي معاملي ۾ مون اڪثر ائين ئي محسوس ڪيو آهي. آءٌ رشتن ۽ تعلقن جو تقدس ڄاڻان ٿو. سچ پڇو ته مون پوري عمر، جيون سَفر ۾ گهڻو ڪجهه وڃائي رڳو رشتن جي پروڙ ۽ محبتن جي پوترتا ئي ته پاتي آهي. خبر ناهي تو ان ڏينهن الائي ڪهڙي ڊپ ۽ لاشعوري عمل تحت ”ڀائو“ چئي مخاطب ٿيڻ جو احساس اظهاريو. ان لمحي تنهنجي معصوميت تي سچ ته ڏاڍو پيار آيو هو ۽ دل چيو هو، ڪاش! هي فاصلا حائل نه هجن ها، ته ان لمحي سندءِ سينڌ تي مِٺي ڏئي ”ڀائو“ هجڻ جو آشيرواد آڇي وٺان ها، پر جيڪڏهن تون ان تعلق جو تقدس نه به آڇين ها، تڏهن به تو سان منهنجي عجيب احساس جي رشتي جو روح وابسته رهي ها، ڇو ته تون منهنجي ”جاني“ جو رَتُ ۽ رشتو آهين...!
    ”هوءَ“ جن رستن ۽ پيچرن تان گذري آهي، مون وٽ ته انهن لاءِ به عجيب اُنس ۽ احساس آهي، پر تون ته هُن جي خانداني خون ۽ خوشبوءِ جو حصو آهين. مان ان احساس جي پاڪيزگي کي ڪيئن ٿو فراموش ڪري سگهان...!
    مون وٽ ڪائي دعوى ڪونهي، مان ڪائي هام به نه ٿو هڻي سگهان، ڇو ته مان ڄاڻان ٿو ته هن بي روح سماجي سرشتي ۾ سواءِ آٿت جي مان اوهان لاءِ ڪجهه ڪري به ته نه ٿو سگهان! مون جهڙي ماڻهوءَ لاءِ ان کان وڌيڪ اذيت ڪهڙي ٿي سگهي ٿي، جو وس هوندي به بي وسيءَ جو شڪار آهيان...! جيڪڏهن جيئڻ چاهين ٿي، ته پوءِ ثابت قدم رهج، ڇو ته وکريل پتن کي پنهنجا پير ئي ساٿ ڪونه ڏئي سگهندا آهن! منهنجون کوڙ ساريون دعائون ۽ آٿت تنهنجي خوشين ڀرئي ۽ خوبصورت جيون لئه. جڏهن به دل چوئي مون کي پاڻ جيان محسوس ڪري، پنهنجون اداسيون ۽ مسرتون ڪاغذ جي ڪشتي ۾ موڪلجانءِ ۽ آءٌ آٿت ۽ آنند جي موٽ هر حال ۾ پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس. منهنجي ”اَنوءَ“ لاءِ منهنجون سڀئي محبتون. کيس چئجانءِ، مون کان ناراض نه ٿيندي ڪري، زندگي جيئڻ لاءِ ڏاڍي ٿورڙي ۽ ڀوڳنا لاءِ ڏاڍي طويل ٿي هجي...!

    تنهنجو پنهنجو
    فياض لطيف
    03 جون 2004ع

    •••••

    ڀائو!

    شال سُکن ۽ سُندرتائن ۾ هجين!
    تنهنجو خط ڪالهه شام مليو آهي ۽ ان جي موٽ هينئر پرهه ڦٽيءَ جو ڏئي رهيو آهيان. دل ته ان لمحي ئي گُهريو هو ته مَن جون سڀئي ڪيفيتون ڪاغذ جي ڪئنواس تي پَرٽي توکي پوسٽ ڪري ڇڏيان، پر ان پل الائي ڇو لفظن ساٿ ئي ڪو نه ٿي ڏنو. شام جا پويان پهر اڪثر مون لاءِ الائي ڇو خاموشيون ۽ اداسيون کڻي ايندا آهن... مون لاءِ پرهه جا پهر ڏاڍا پيارا ۽ عبادتن جي احساس جيان هوندا آهن ۽ اڄوڪي صبح جي سندرتائن جون ساريون ساعتون پنهنجي پياريءَ خوبصورت ”ڀائو“ جي نانءِ...
    کوڙ ڏينهن کان چڱي نموني لکڻ پڙهڻ ڪونه ٿيو آهي، انهيءَ ڪري ڄڻ ته پاڻ اڌورو اڌورو پيو لڳيم. ٽي شيون منهنجي جيون جو اثاثو رهيون آهن: لکڻ، پڙهڻ ۽ محبتون نڀائڻ. آءٌ جڏهن به ڪو سٺو ڪتاب پڙهندو آهيان، دل پوپٽ جيان هوائن ۾ اڏامڻ لڳندي آهي. ڪائي من پسند تحرير سَرجڻ کان پوءِ هينئون بادل جيان هلڪو ٿي پوندو آهي ۽ پيار.... اهو ته منهنجي جيون ۽ جياپي جو جواز آهي ۽ ان کان سواءِ ته جيون ئي اجايو آهي...!
    ڀائو! آءٌ محبتن جي معاملي ۾ ڏاڍو حساس آهيان. ”هوءَ“ منهنجي روح جو عجيب محور ۽ مرڪز آهي. هُن جون رنجشون مون کي پاڻ لاءِ اوپرو بڻائي ڇڏينديون آهن ۽ هُن جي لمحن جي اوپرائپ مون لاءِ دنيا ۾ دوزخ جو احساس بڻجي ويندي آهي ۽ هُن جي ناراضگي وارا ڏينهن مون لاءِ ائين گذرندا آهن، جو لڳندو اٿم، پنهنجون راهون ۽ راحتون وڃائي ويٺو هجان ۽ پيرن ۾ بي سمت پنڌ جا پيچرا پکڙجي ويا هجن... آءٌ دنياوي مسئلن جون مصيبتون ڏاڍي جيءَ ۽ جگر سان ڀوڳي وٺـندو آهيان، پر دل وارن جي ٿورڙي کُهرائپ به خنجر ٿي لڳندي آهي... تنهنجو خط پڙهي سچ ته ڏاڍي خوشي ۽ تازگي محسوس ڪئي آهي. ساڳيو انداز، ساڳيو لهجو، ساڳي تحرير جي سُندرتا ۽ پنهنجائپ منهنجي ”جانيءَ“ جو نعم البدل ته آهي ئي ڪونه، پر الائي ڇو احساساتي طور مون کي تون ”هُن“ جي آٿت جيان محسوس ٿيندي آهين.
    دل ضدي ٻار جيان ڪڏهن ڪڏهن انگل ڪندي آهي ته ڪوئي هجي، جنهن سان پنهنجي ”جانيءَ“ جون کوڙ ويهي ڳالهيون ڪجن. هن لاءِ پنهنجي اندر ۾ موجود محبتن ۽ خوبصورتين جو ذڪر ڪجي.... پر اڄ تائين اهو صرف هڪ احساس ئي رهيو هو، جنهن کي پنهنجائپ آڇي، تو ڏاڍو پيارو ۽ پُرمعنى بڻائي ڇڏيو آهي... ڀائو! پهريون ڀيرو توسان پنهنجي ”جاني“ جا احساس اوري ڏاڍو روح کي راحت پئي محسوس ٿئي... تو پڇيو هيو نه، ته پيار ڇا آهي؟
    ها! پيار دوريءَ ۾ قرابت جو احساس ۽ قرابت ۾ عبادت جو آنند آهي. بي چينيءَ ۾ قرار ۽ قرار ۾ عجيب بي قراري. اهو ئي آهي محبت جو معجزو... پيار... وجودي ارپنائن جي اها واحد ۽ محبوب صداقت آهي، جنهن جي هر لمحي کي هزارين حيرتون ۽ اڻ ڳڻيون سندرتائون آهن...!
    ڀائو! تنهنجي قسمت ۾ ڇا آهي؟ ان ڳُجهه جي هينئر پروڙ ته ڪونه ٿي پوي، جيڪو به هوندو، من کي وشواس آهي ته تون ان کي ثابت قدميءَ سان نڀائي ويندينءَ، پر خدا ڪري توکي پنهنجي پيار جي حاصلات نصيب ٿئي... ڇو ته جن ماڻهن کي محبتون ملنديون آهن، اهي دنيا جي هر مصيبت سان مُنهن ڏئي ويندا آهن، پر پيار جن جو فقط وڃي سپنو رهندو آهي، انهن جا نيڻ ننڊ کان ائين خالي ٿي ويندا آهن، جيئن آکيرا پکين جي اڏامي وڃڻ کان پوءِ خالي ۽ وياڪل ٿي ويندا آهن...!
    تنهنجا احساس خوبصورت آهن، يقينن تنهنجو آدرش ۽ آئيڊيل به حسين هوندو... خدا در منهنجي التجائن جي ساري معصوميت، تنهنجي خوبصورت ۽ سُکي جيون لاءِ دعاگو آهي... تون مايوس نه ٿي... آءٌ دل جي حضور سان تنهنجي لاءِ ”ڪجھ ڪرڻ“ جي جستجو ۾ آهيان. تون مون کي ۽ ”هُن“ کي پنهنجي لاءِ ڏڍ بڻاءِ... پاڻ ۾ اعتماد بحال ڪر، ڏکن ۽ ڏاکڙن جا ڏينهن ٿورڙا هوندا آهن... ماضيءَ کي وساري حال ۽ مستقبل لاءِ پاڻ ۾ سگهه ۽ ساهس کي سموهه، ڇو ته بااعتماد ماڻهوءَ جو خود خدا به حامي ۽ سهڪاري هوندو آهي، پر بي همت ماڻهوءَ سان پنهنجو سايو به ساٿ نڀائي ڪونه سگهندو آهي.
    اڪيلائيءَ ۽ اداسيءَ ۾ ڪاغذ ۽ قلم کي پنهنجو دوست بڻاءِ.... آءٌ تنهنجي احساسن ۽ جذبن جي موصولي لاءِ هميشه منتظر رهندس. وڌيڪ پنهنجي جيون-سفر جي حوالي سان جيترو دلي طور چاهين، لکي موڪلج، مون کي ان لاءِ کوڙ خوشي ٿيندي.

    تنهنجو پنهنجو
    فياض لطيف
    14 جون 2004ع

    •••••

    ڀائو!

    شال وقت تنهنجي لاءِ خوشين جا جهول کڻي اچي.
    خطن جي حوالي سان هُونءَ ته منهنجو کوڙ ماڻهن سان رابطو رهندو آهي. آءٌ لکڻ جي معاملي ۾ مزاجن ڏاڍو موڊي ۽ من-موجي آهيان. مود هوندو اٿم، ته مهينن کان پهتل خطن جا جواب ڏئي وٺندو آهيان، جي نه ته مهينن تائين انهن پهتل خطن جا لفافا ٽيبل جي خاني ۾ موٽ لاءِ اوجاڳيل رهندا آهن. ائين به ڪونهي، ته ڄاڻي ٻجهي انهن جي موٽ ڏيڻ نه چاهيندو آهيان، پر مزاجاً ڪڏهن ڪڏهن هڪ لفظ به لکيو نه ٿيندو اٿم ۽ انهن لمحن ۾ جڏهن ڪنهن پرين پياري جو خط ايندو آهي ته اندر ۾ احساسن جا عجيب اڌما جاڳي پوندا آهن.
    مون انتظار جون مسلسل ايتريون طويل مسافتون ڪڀون آهن، جو هاڻي مون لاءِ حاصلات به اوسيئڙي جي مند بڻجي وئي آهي. پياس ۽ انتظار منهنجي وجود جا عجيب استعارا رهيا آهن. منهنجي محبت ڀٽائي جي هن بيت جي سِٽَ ”پيان نه ڍاپان، جي سمنڊ مُنهن ڪريان ته سُرڪيائي نه ٿئي...“ جي مصداق رهي آهي ۽ منهنجو اوسيئڙو ”جي قِيامَ مِڙن ته به اوڏا ڀانيان سپرين...!“
    يقين ڪر، آءٌ ”هُن“ کان پوءِ تنهنجي خطن جو فقط شدت سان انتظار ڪندو آهيان، پر انهن جي موٽ به ٿڏي تي ڏيڻ لاءِ پاڻ کي پابند ۽ ذميوار محسوس ڪندو آهيان. اها ذميواري ڪا جبري ڪونه هوندي آهي، پر ان ۾ کوڙ خلوص ۽ مسرت جا احساس، مون کي تنهنجي محبتن ۽ پنهنجائپ ڏانهن متوجهه ڪندا آهن. دل ته چوي ٿي تو سان کوڙ ڳالهيون ڪجن، ننڍڙيون ننڍڙيون خوشيون... ٻارڙن جهڙا ٻه ٽي بي پرواهه ٽهڪ... اکين ۾ تري آيل ٻن ننڍڙن لڙڪن جون درد ڪٿائون ۽ دل جون ٻيون انيڪ ڪيفيتون شيئر ڪجن، پر هن ڪاغذي ڪشتيءَ ۾ تو ڏي ايتريون امانتون ڪيئن موڪلجن؟ خبر ناهي ڪاغذ جي هيءَ ڪمزور ٻيڙي ايترو بوجهه برداشت ڪري سگهي، الائي نه....! آءٌ ڄاڻان ٿو اڪيلائي اهو عذاب آهي، جنهن جي اذيت ماڻهوءَ جي وجود کي ڪک پن جيان وکيري ڇڏيندي آهي. پر ان اڪيلائيءَ کي ڪڏهن به احساس جي ويڳاڻپ نه بڻاءِ... آءٌ تو سان احساساتي طور گڏ آهيان. منهنجو پيار پنهنجي لاءِ آٿت ڇو نه ٿي بڻائين... منهنجون محبتون ۽ اَڪير تو سان آهن. تون پنهنجو پاڻ کي اڪيلائيءَ ۽ تنهائيءَ جي احساس جي ٻن پُڙن ۾ ڇو ٿي پيڙين...!
    ڀائو! تون ڀلي مون سان کوڙ شڪوه-شڪايتون ڪندي ڪر، ناراضگيون ۽ رنجشون اظهاريندي ڪر، درد ۽ تنهائيون Share ڪندي ڪر، من جون بي چينيون ۽ دنيا جون بي رخيون بيان ڪندي ڪر، آءٌ هر لمحي تو سان احساس جي ڳراٽڙي پائي ساٿ ۾ شامل هجڻ جو آٿت آڇيندو رهندس، پر اڄ کان پوءِ خوڪشيءَ جهڙي بزدليءَ جو خيال به سوچيو اٿئي، ته پوءِ نه صرف تو کان ناراض ٿي ويندس، پر پنهنجي پوري پيار کي پنهنجي وجود ۾ ئي بي معنى ڀائڻ لڳندس، ڇو ته منهنجو وجود ۽ اهي محبتون ئي ڪهڙي ڪم جون، جيڪي توکي آٿت ۽ آجپو آڇي نه ٿيون سگهن. خودڪشي جهڙي بزدلي ته اهي ماڻهو ڪندا آهن، جيڪي رشتن جي بي رحميءَ، محبتن جي محروميءَ ۽ زندگيءَ جي بي رحم معنويت جو بَکُ بڻجي ويندا آهن، جن سان دنيا ۾ محبت ڪرڻ وارو ڪو به نه رهندو آهي ۽ جن لاءِ ڪا به هير نينهن جو نوتو (پيغام) کڻي ڪونه ايندي آهي، جن جا وجود اجائي پڻي جا عادي ۽ جن جا نيڻ خوابن جي خوبصورتين ۽ احساسن جي حُسناڪين کان خالي ٿي ويندا آهن....! تو لاءِ ته مون سميت ٻين کوڙ محبت ڪندڙ دلين جا دروازا کليل ۽ منتظر آهن.
    تون منهنجين محبتن کي ڪيئن ٿي محسوس ڪرين... آجپو يا آٿت! اهو تو تي ڇڏيل آهي... تنهنجو آجپو سچ ته مون لاءِ محبوب ۽ عزيز آهي، آئنده ائين سوچئي، ته مار کائيندينءَ...!
    ڀائو! تون پڙهيل لکيل ڇوڪري آهين. تون پنهنجو پاڻ کي خاموشين جو ايترو اسير ڇو بڻايو آهي؟ تون پنهنجي خاموشيءَ کي طاقت بڻاءِ... هروڀرو پنهنجو پاڻ کي بيوس بڻائي اذيت ۽ اپاهجپڻو ڇو ٿي ڀوڳين!
    آءٌ تنهنجي لاءِ ڪجهه به ڪرڻ لاءِ سوچيان ٿو، ته مون اڳيان هن بيمار سماج جو روايت پڻو سامهون ڪَرُ کڻي ٿو بيهي. تو سان تعلق جي تقدس کي ته آءٌ ٿو ڄاڻان نه، پر انهن بي روح ماڻهن جي بي ضميريءَ کان ڊپ ٿو ٿئي، ته ڪٿي تو ۽ ”هُنَ“ لاءِ ڪائي آڱر نه کڄي پوي. آءٌ هر آزمائش افورڊ ڪري سگهان ٿو، پر اوهان ٻنهي جي نانءُ ۽ ناموس خلاف هڪ لفظ به برداشت ڪرڻ مون لاءِ ڏاڍو مشڪل ۽ ناممڪن هوندو.
    تو محبتن جي دوري ۾ قرابت ۽ قرابت ۾ دوريءَ جي احساس جي ڳالهه ڪئي آهي.... خبر ناهي ماڻهن لاءِ محبتن جا مفهوم ڪهڙا ٿا هجن؟ انهن لاءِ دوري ۽ قرابت جا ماڻ ۽ ماپا ڪهڙا هوندا آهن، پر مون لاءِ ته محبت هڪ معجزو آهي، جنهن ۾ قرابت، عبادت جي قرار جيان هوندي آهي، ته دوري، بي قراريءَ ۾ سُڪون جي سرور جهڙي... محبتون جڏهن هيڪڙائيءَ جي مالها ۾ پوئجي وينديون آهن، تڏهن وجودي دوريون پنهنجون سڀئي سيمائون وڃائي سراپا سجدو بڻجي پونديون آهن ۽ سجدو، سندرتا.... سندرتا، عبادت ۽ عبادت.... محبت ۽ محبت، زندگي...
    ڀائو! محبتن ۾ ايمان رکندي ڪر. يقين ڪر ان سان هميشه ثابت قدم رهندينءَ.

    تنهنجو پنهنجو
    فياض لطيف
    24 جولاءِ 2004ع

    •••••

    ڀائو جاني!

    سدا سلامت هجين!

    ڪاليج کان ٻه ٽي ڏينهن موڪل تي هيس. جاءِ جي ڪم ڏاڍو ٿَڪائي ۽ بور ڪري وڌو آهي. پورو ڏينهن مختلف ڪمن ۾ مصروف ٿو رهي ۽ رات جو به ان ئي سلسلي جو اجائي تسلسل بي سڪون ڪري ٿو وجهي. ڪڏهن ڪڏهن ته ايتري بوريت ٿي ٿئي، جو دل ٿي چوي، ته ان ڪم کي اتي ئي ڇڏي ڏجي، پر پنهنجي مرضيءَ جي جاءِ منهنجو هڪ ننڍڙو خواب رهي آهي، جڏهن اهو احساس ڀَرجهلو بڻجندو آهي، تڏهن جيءَ ۾ عجيب قوت ۽ ڏڍ جاڳي پوندو اٿم... اصل ۾ پورو ڪم ۽ سنڀال پاڻ اڪيلي سِر ڪرڻي ٿي پوي نه، انهيءَ ڪري ئي اها ساري ڀاڳنا ڀوڳڻي پوي ٿي.
    خير ڇڏيون ٿا ان بور موضوع کي... ها، ته مون چيو پئي، ته آءٌ صبح جيئن ئي ڪاليج پهتس، ته پٽيوالي اچي ٻه خط ڏنا ۽ اهي ٻئي خط تنهنجا ئي هئا... خبر ٿئي خط ۽ خواب مون کي ڏاڍا پيارا آهن... ۽ وري جڏهن اهي اوهان جهڙي پرين - پيارن جا هوندا آهن، تڏهن ويتر انهن جو تقدس ۽ مَريادا محبوب بڻجي ويندي آهي. کوڙ بور ڏينهن کان پوءِ تنهنجي خطن سان ملاقات، سچ ته ڏاڍي پُر سڪون ۽ پياري لڳي.
    ڀائو! آءٌ خط ۽ ڪتاب ڏاڍي نويڪلائيءَ ۾ پڙهندو آهيان. ائين جيئن محبتون ۽ عبادتون اڪيلائيءَ ۽ ايڪانيت ۾ ڪبيون آهن. اڄ جڏهن گاڏي ۾، سفر دوران تنهنجي خطن کي کولي پڙهيم، تڏهن ان بي صبريءَ تي ڪار جو ڊرائيور به مسڪرائي ٽيڏي اک سان پيو ڏسي. هو ڪجهه چئي ته ڪونه سگهيو، پر مون محسوس ڪيو، ته جرئت نه هئڻ سبب لفظن هن جي چپن تي اچڻ کان اڳ ئي خودڪشي ڪري ٿي ڇڏي!
    اهو بي جرئت جياپو ڪيڏو نه پيڙائيندڙ ۽ عذابناڪ ٿو هجي...! مون کي هن جي خاموشيءَ تي نه صرف ڪَهل آئي هئي، پرکيس پاڻ هُرتو ٻڌايو به هيم، ته اهي خط منهنجي ”ڀائو“ جا آهن. منهنجا لفظ ٻُڌي ويتر مسڪينيءَ ۽ معصومانه انداز سان چيو هيائين: ”ڇڏيو سائين ڇڏيو! مان به گهاٽ گهاٽ جو پاڻي پيتو آهي. توهان جيترو علم ته خير ڪونهي، پر ايترو بي سمجهه ۽ مت جو موڙهو به ڪو نه آهيان...! اوهان جي بي صبريءَ ۽ اطمينان ئي سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو آهي، اوهان وضاحتون ڇو ٿا ڪريو...!“
    هونءَ اڪثر مشڪل ۽ محبوب مرحلن ۾ به مون ڪڏهن صبر جو دامن هٿان ڪونه ڇڏيو آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن ڪي لمحا مون کي ٻارڙن جيان بي صبر بڻائي ڇڏيندا آهن... ۽ اها بي صبري مون کي پنهنجي صبر جيان عزيز رهي آهي، ڇو ته ان ۾ منهنجو ٻارپڻو به شامل هوندو آهي. مون ڊرائيور کي وڌيڪ ڪجهه به نه چيو، ڇو ته هو ويچارو به پنهنجي حساب ۽ اندازي موجب درست هو... چؤطرف ماحول ۽ حالتون ئي اهڙيون آهن، جو ايندڙ چِٺي ۽ خط تي ڪنهن نه ڪنهن سرتيءَ جو گمان غالب ٿو رهي....!
    آءٌ کيس ڪيئن ٻڌايان ۽ يقين ڏياريان ها، ته خط منهنجي انهيءَ سَرتي جا آهن، جنهن سان سرير جو نه، پر ساهه جو سٻُنڌ آهي... ۽ هو ويچارو سرير کان سواءِ ساهه جي سٻُنڌ وارو احساس سمجهي به ڪيئن سگهي ها...!
    عجيب دنيا آهي...! ۽ ويتر عجيب آهن هن دنيا جا ماڻهو...! وائرليس، ٽيليويزن، ريڊيو، ڪمپيوٽر ۽ موبائل فون جي تار بنا رابطي واري حقيقت کي ته آسانيءَ سان سڀئي تسليم ڪن ٿا، پر دلين جي معجزاتي مواصلات ۽ محبوبيت کان اڪثر منڪر ۽ نا آشنا آهن!
    توسان کوڙ ڳالهيون ڪرڻيون آهن. جيستائين فراغت ۽ فرصت ملي، تيستائين تو لاءِ اڻ مئيون محبتون ۽ پيار...

    تنهنجو پنهنجو
    فياض لطيف
    27 نومبر 2004ع


    • سال 2005ع

    ڀائو!

    شال خوشين ۽ خوبصورتين ۾ هجين.

    کوڙ ڏينهن کان دل لاوارث ۽ يتيم ٻار جيان اٻاڻڪي ۽ اداس آهي. من ڪنهن شيءِ ۾ نه ٿو لڳي. ڪتاب، جيڪي منهنجي آخري پناهه گاهه آهن، انهن سان به هينئون نه ٿو ريجهي. خبر ناهي دنيا ۽ رشتيداريءَ جي روڳن سان گڏ هي روح جا روڳ به اسان جهڙن ماڻهن جي حصي ۾ الائي ڇو ايندا آهن!
    مون وجودي طور خدا ڏٺو ته ڪونهي ۽ شايد اهو ڏسڻ به ڪنهن لاءِ ممڪن ناهي، پر ان جا جلوا ۽ مظهر منهنجي دل جو دين رهيا آهن. مون ساري عمر رشتن، تعلقن ۽ محبتن جي عبادت جهڙي احساس ۾ گذاري آهي يا گهٽ ۾ گهٽ ان خوش فهميءَ ۾ بسر ڪئي آهي، ته هن دنيا جي دوزخ ۾ فقط محبتون ئي دل جو معراج هجن ٿيون!

    عجب پورهيت اکيون پنهنجون،
    عمـر پــوري ڪـمـايــاسـيــن،
    اسـان سـپـنــا رڳــو جــانـــان!

    مون هجومن ۾ اڪثر پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪيو آهي ۽ ڪڏهن اڪيلائيءَ ۾ مون پنهنجي آسپاس ميلا متل پَسيا آهن. منهنجي دل جون موسمون ٻار جي مزاج ۽ معصوميت جيان رهيون آهن. ڪڏهن ننڍڙي شيءِ جي ڦرجي/وڃائجي وڃڻ تي لڙڪن سان ويهاڻا پُسائي ڇڏيندو آهيان، ته ڪڏهن وري وڏي کان وڏي نقصان تي به نيڻن مان بوند نه بَرسندي اٿم! منهنجي جيون ۾ حاصلاتون محدود ۽ لاحاصلاتون ججهيون رهيون آهن. مون پائڻ کان وڃايو وڌيڪ آهي يا ائين چوان ته مون اَڻ ڳڻيو وڃائڻ کان پوءِ به صرف اڻ مئي پياس پاتي آهي... ها! پياس دريائن ۽ سمنڊن جي ساحلن جهڙي پياس، جيڪي آب جي آغوش ۽ ڀاڪرن ۾ هوندي به پياسا ۽ اڃايل ئي رهندا آهن...!
    امرتا ڪٿي چيو آهي، ”محبت به ان مانيءَ جيان آهي، جيڪا روز تازي پچائڻي پوي ٿي“ ۽ مون اها محبت جي ماني دل جي تنور تي روز تازي پئي پچائي آهي، پر پوءِ به منهنجي مجذوبيءَ جو ساهه سِڪايل ئي رهيو آهي!
    ڪيتريون برساتون آيون، پر اڄ به اوسيئڙي جي ساگر ۾ منهنجي دل جي سِپي منتظر ۽ مضطرب آهي. آءٌ عمر ڀر ٻين جي خواهشن جي ٻارڻ ۾ جليو آهيان. نتيجي ۾ منهنجا خواب يتيميءَ جي جهنم ۾ پل جيئندا ۽ پل مرندا رهيا آهن. آءٌ پنهنجي مرده خوابن جا لاش کڻي ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان. هيءَ ڌرتي ايتري پائجي چڪي آهي، جو ڪٿي مئل سپنن کي دفنائڻ لاءِ ٻه گز زمين به ميسر ڪونه پئي ٿئي!
    آءٌ ڏاڍو روئڻو به آهيان، ته مضبوط به، منهنجي اندر ۾ عورت جي دل ۽ مرد جي ديوانگي آهي... منهنجا نيڻ بادلن جو خواب ۽ منهنجو هينئون ميران جي ويراڳي آهي. مان گوتم جيان دنيا جي اميري تياڳڻ ٿو چاهيان، پر تو جيان اڍائي قلندرن جهڙن دوستن جي دلبريءَ کان مُنهن موڙي ڪافر ٿيڻ قطعن قبول ڪونه اٿم.
    تون مون کان رُسندي نه ڪر.... تنهنجي ناراضگي مون کي کوڙ ويڳاڻو ڪري ڇڏيندي آهي. توسان منهنجو ڪوئي رشتو ڪونهي. دنيا جا سڀئي رشتا غرض ۽ توقع جي ڪچي ديوار تي بيٺل آهن، جنهن کي سيلاب جي هڪڙي سَٽَ، مٽيءَ جو بي معنى ڍير بڻائي ڇڏيندي آهي!
    منهنجي نيڻن جي خوابن مون کي ڏاڍي بي سڪوني ۽ آوارگي ارپي آهي.... تون منهنجي دل جو خواب ۽ روح جي رعنائي جو احساساتي آجپو ۽ آنند آهين. رت جي رشتن مان روح ۽ راحت جا رنگ الائي ڇو غائب ٿي ويا آهن! تنهنڪري توسان آءٌ ڪوبه رشتو نڀائڻ بدراڻ روحِ وفا نڀائڻ ٿو چاهيان...
    ڀائو جاني! اڄڪلهه مون کان کوڙ خوبصورتيون رُٺل آهن: منهنجي شاعري، منهنجو قلم، منهنجا ڪَتاب، منهنجون ننڊون، منهنجو جيءُ.... انهيءَ ڪري تون پنهنجي مثبت ۽ اُڪير جي احساس کي اوپرائپ جون اکيون ۽ ڏوري جو ڏس ڏئي، منهنجي دل جي لاءِ جلاوطنيءَ جو زخم نه جنمجانءِ!
    وجود محبتن جو محتاج هوندو آهي. ڇا محبتون به وجود جون محتاج هونديون آهن؟

    تنهنجو پنهنجو
    فياض لطيف
    17 جنوري 2005ع

    •••••

    ڀائو جاني!

    شال وقت جو هر پل تو لاءِ خوشين ۽ خوبصورتين جون اڻ مئيون حُسناڪيون کڻي اچي.
    دل جي ٻار کي ڏينهنِ کان ڏاڍو سمجهائيندو رهيو آهيان، پر”هي بي سمجهه سمجهو ۽ اڻ ڄاڻ ڄاڻو، ڀرئي بزم ۾ جنهن اڪيلو گذاريو....“ ڪنهن سمجهه ۽ سرت جي دليل سان سَرچي ئي نه ٿو...!

    دل دریا سمندروں گہرے، کوں دلیاں دیاں جائے
    اپنا آپ پچھاٹے جھیڑا، ساڈا درد پچھاٹے

    اڄ پهريون ڀيرو تنهنجو خط پڙهندي، ائين لڳو ڄڻ تون منهنجي سَڏَ جو پڙاڏو ۽ پڙاڏي جو سَڏُ هجين. لمحي لاءِ دل سَڌَ ڪئي هئي، تنهنجي انهن آڱرين کي چمڻ جي، جن ۾ ماءُ جهڙي ممتا ۽ ڀاءُ جهڙي ڀيڻ جو تاثير ۽ احساس موجود آهي.
    ڀائو! ڪي ڏک پٿر جيان هوندا آهن، جن کي ڪنهن دل گُهرئي دوست ۽ دلبر سان Share ڪرڻ کان پوءِ ائين ڀاسندو آهي، ڄڻ اهو درد جو پهاڙ پرزا پرزا ٿي پنهنجي حيثيت ئي وڃائي ويٺو هجي ۽ دل ڪنهن ابهم ٻالڪ جيان درد جي ٻوجهه کان آجي ٿي، پرهه جو ماڪ سان مرڪندڙ گلاب جو مثال بڻجي پئي هجي... پر ڪي درد نازڪ شيشي جيان هوندا آهن، جن کي جڏهن ڪنهن به لفظ سان اظهارڻ جي ڪوشش ڪبي آهي، ته اهي لفظ پٿر جيان ان شيشي کي ڇيهون ڇيهون ڪري ڇڏيندا آهن ۽ دل جو پورو ديس رت جي ريج ۾ وهنجي ويندو آهي...!
    ڏک سان منهنجي آشنائي ڪا نئين ڪونهي. ڀٽائي جيان سور سان منهنجو ازلي نينهن ۽ ناتو آهي... ڏک ئي منهنجي سگهه به رهيو آهي، ته سُرتِ به... اها ڏک جي سندرتا ئي هئي، جنهن ڀٽائيءَ جي سِٽن ”سرجيس تان سور، ساماڻي تان سک ويا“ ۽ ”ڏيکاريس ڏکن، گوندر گس پرين جو“ جا محبوب مفهوم مون تي واضح ڪيا هئا ۽ اهو به ڏک ئي آهي، جنهن مون لاءِ جيون ۾ سُکَ جون کوڙ سوغات آنديون آهن... پر هي ڏک تو سان ڪيئن Share ڪجي، جيڪو ڪنهن لفظ سان ادا ڪري ئي نه ٿو سگهجي! ائين ناهي ته مان تو کان ڪجهه لِڪائڻ ٿو چاهيان... لڪائبو ته انهيءَ کان آهي، جنهن سان ڪي حدون ۽ حساب هجن... توسان ته منهنجي ڪائي حد، ڪوئي حساب، ڪائي اوپرائپ، ڪائي دوري ۽ ڪوئي لِڪاءُ ڪونهي.
    تو ۾ ته مون ممتا جهڙو موهه ۽ محبوبن جهڙي محبوبيت محسوس ڪئي آهي. بس لفظن کي زبان ۽ زبان کي لفظن نه ٿا ملن. مندر ۾ هڪ ڏيئو روشن هو. نيڻ-دريچن ۾ هڪ سندرتا مَحوِ خواب هئي، جنهن جي احساس جي موجودگي وجود جي چؤڏسائن کي چانڊوڪي ٿي ڏني ۽ ان کي هڪ ڦوڪ سان ان ئي وِسائي ڇڏيو، جنهن جي جوت ۽ اعتماد جي جلا سان ٻاٽ ۾ اها لاٽ منور هئي...!
    دل-ديول ۾ هڪ شيشو ڀَڄي ڀور ڀور ٿي پيو ۽ من جو بدن رتو رت ... سالن جي ثابت قدمي بي ثبات ڀاسي ۽ پن پن جيان ساري سگهه وکري وئي!
    يقين اٿم ته منهنجي اڻ اظهارئي درد ۽ گونگي دل جي سُڏڪي کي تو پنهنجي من-بدن ۾ ضرور محسوس ڪري ورتو هوندو.
    تو سان انيڪ ڳالهيون ڪرڻيون اٿم... بس پنهنجي ڀائو لاءِ دعائن جا در کُليل رک، ته جيئن هن روڳي روح جي چپن تي مرڪن جون مندون موٽي اچن!

    تنهنجو پنهنجو
    فياض لطيف
    3 فيبروري 2005ع

    •••••

    ڀائو جاني!

    شال سُکي ۽ سلامت هجين.

    ٽن، چئن ڏينهن کان مسلسل برسات سبب ڪاليج وڃڻ ڪونه ٿيو هو. اڄ جيئن ڪاليج پهتس، ته تنهنجو خط مليو. بهار جو پهريون ڏينهن ۽ پهرين پهر ۾ تنهنجي خط جي خوبصورت حاصلات، سچ ته موسم کي وڌيڪ محبوب ۽ موهيندڙ بڻائي ڇڏيو. ان پل ئي کولي پڙهيم. سچ ته ڏاڍو سڪون مليو. واقعي محبتن ۾ ڪرشماتي قوت هوندي آهي ۽ تنهنجي سار ۾ عجيب سُڳنڌ ۽ ساءُ... تنهنجا خط ايندا آهن، ته وجود ۾ ڄڻ تازگي اچي ويندي آهي، پورو ڏينهن هڪ عجيب طلسماتي ۽ محبوب احساس ۾ گذرندو آهي... تون واقعي به خط ڏاڍا خوبصورت لکندي آهين. تنهنجن خطن مان سدائين مون کي پنهنجن خوابن جي خوبصورتين ۽ خوبصورتين جي خوابن جي خوشبو ايندي آهي... مان تنهنجي خطن کي کوڙ ڪيفيتن ۽ نرالي احساس جي سندرتائن سان پڙهندو آهيان. ڪڏهن آفيس ۾، ڪڏهن لان ۾، ڪڏهن گاڏي ۾ سفر دوران، ڪڏهن پنهنجي ڪمري ۾ (جيڪو تو جيان مون کي پناهون ۽ پيار ڏيندو رهيو آهي)، ته ڪڏهن وري ننڊ ۾.... پر مون جنهن ڪيفيت ۾ به انهن کي پڙهيو آهي، انهن ۾ تون نظر آئي آهين.... ها! تون جيڪا منهنجي راحتن جو روح به آهين، ته روح جي راحت به... ڪڏهن ماءُ جهڙي شفيق، ته ڪڏهن محبوبن جهڙي پياري، انهيءَ ڪري ئي مون تنهنجي ممتا جهڙي محبت ۽ محبت جهڙي ممتا سان هر لمحي پيار ڪيو آهي، ماڪ سان پنکڙي ۽ پنکڙي سان ماڪ جهڙو پيار...!

    تنهنجو پنهنجو
    فياض لطيف
    13فيبروري 2005ع

    •••••

    ڀائو جاني!

    شال جُڙي هجين.
    هڪ ڏينهن تنهنجو خط مليو ۽ ٻي ڏينهن تنهنجي ڊائري هڪ ويهڪ ۾ تنهنجو خط پڙهيو ۽ ٻي ويهڪ ۾ تنهنجي پوري ڊائري پڙهي پوري ڪيم. تنهنجي خط پڙهڻ کان پوءِ کوڙ کِليس به، ته کوڙ اداس به ٿيس... کِل گنجي واري ڳالهه تي آئي ۽ اداسي تنهنجي جيون جي بي بهار لمحن تي... ڪاش! مان تو لاءِ ڪجهه ڪري سگهان ها!
    مان تو لاءِ هر وس ۽ وت هئڻ جي باوجود ڪجهه به نه ٿو ڪري سگهان... ان کان وڏو ڏک ۽ الميو مون لاءِ ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو...! تنهنجي ڊائري کوڙ حوالن سان منفرد ۽ پياري لڳي. پڙهڻ کان پوءِ ائين لڳو ڄڻ ”ذاتي ڊائري“ نه، پر ”جڳ ڊائري“ هجي. کوڙ پنن تي تنهنجا عڪس پسيم. تنهنجي پسند، تنهنجا خواب، تنهنجا جذبا، تنهنجون اداسيون، تنهنجي بيوَسي، تنهنجون ننڍڙيون ننڍڙيون خوشيون ۽ احساساتي خوبصورتيون.... ۽ ها جڳ جهان به ته آهي تنهنجي هن ڊائريءَ ۾.... تنهنجي احساس جون کوڙ خوبصورتيون مون پنهنجي نوٽ بڪ تي اُتاري ورتيون آهن....
    • ”محبت ٽين اک هوندي آهي. ٻن اکين سان اسان دنيا کي ڏسندا آهيون ۽ ٽين اک صرف محبت لاءِ مخصوص هوندي آ.“
    • ”حاصلات کان پهريان محبت بند مکڙيءَ وانگر هوندي آهي ۽ حاصلات کان پوءِ ٽِڙي گلاب ٿي پوندي آهي.“
    انهن کان سواءِ مون تنهنجون کوڙ ٻيون سِٽون به پنهنجي ڊائري ۾ سانڍي رکيون آهن ۽ تنهنجي احساس جا رنگ منهنجي ڊائريءَ تي ائين ٿا لڳن، ڄڻ پوپٽ پنهنجي رنگن جون حُسناڪيون وساري ويو هجي. تنهنجي ڊائريءَ سان هڪ رات جو سفر ڏاڍو سُندر ۽ لاڀائتو گذريو، جيڪو جيون ڀر ياد رهندو.

    تنهنجو پنهنجو
    فياض لطيف
    7 مارچ 2005ع


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1259787
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386717
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ