ڪتاب جو نالو: سپنن جو انت
مصنف: رضوان گل
ڇپائيندڙ: ڏاهپ پبليـڪيـشن
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2014
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 29 مئي 2016 ع
پڙهيو ويو: 734 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 437 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
رضوان گل جي ڪتاب ”سپنن جو انت“ ۾ موجود ڪهاڻيون نه ته ديو مالائي ڪردارن تي مشتمل آهن ۽ نه ئي وري ڪي خيالي ڪهاڻيون آهن، پر اسان جي چؤگرد گهمندڙ ڦرندڙ ۽ رهندڙ ماڻهن جي ڪردارن تي مشتمل آهن. اسان جي ئي معاشري جي عڪاسي ڪندڙ ڪهاڻيون آهن. اهڙيون ڪهاڻيون جن کي پڙهندي ماڻهو پاڻ کي به ان ئي ڪهاڻي جو ڪو ڪردار محسوس ڪري ٿو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • • سنڌ سلامت پاران
  • • ارپنا
  • • پبلشر نوٽ
  • • مــهـاڳ : وهندڙ پاڻيءَ جو آواز
  • • رَضوان گُل ــ ڪهاڻي کيتر جو کٽڻهار
  • • زندگي خود به ته هڪ ڪهاڻي آهي
  • • رضوان گل ــ هڪ مستقل مزاج ليکڪ
  • • دلنواز اسلوب جو مالڪ ــ رضوان گل
  • • خيالن جي کوري مان پچي راس ٿيل ڪهاڻيون
  • • احساسن جي نفاست سان اڻيل ڪهاڻيون
  • • منَ جي شانتيءَ خاطر لکيل ڪهاڻيون
  • • شاعريء جهڙيون ڪهاڻيون
  • ڪهاڻيون

  • 1. ڇولين جو ماتم
  • 2. بت بڻجي ويل شخص
  • 3. مايوسيءَ جي خاڪ
  • 4. دُک جا ٿوهر
  • 5. نِڪمو
  • 6. اُڻ تڻ
  • 7. پهرين تاريخ
  • 8. وِڄُ
  • 9. سپنن جو انت
  • 10. لڙڪن جو سيلاب
  • 11. اُجھاڻيل ڏيئو
  • 12. اسسٽنٽ پروفيسر
  • 13. روشنيءَ جو سفر
  • 14. ڏنگيل خوشيون
  • 15. منهنجو ارسلان
  • 16. الهي ويل وهيءَ جو سج
  • 17. لڙڪ ۽ مرڪ
  • 18. منحوس
  • 19. مونيڪا
  • 20. ســاروڻيون ۽ ســورَ
  • 21. بي شرم
  • 22. هوءَ ۽ مان

  • • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (154) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”سپنن جو انت“ نامياري شاعر، ليکڪ، ڪهاڻيڪار، سنڌ سلامت جي محسن ۽ مونکي ادب جي دنيا ڏانهن وٺي ايندڙ ۽ منهنجي استاد رضوان گُل جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي.
    رضوان گل جي ڪتاب ”سپنن جو انت“ ۾ موجود ڪهاڻيون نه ته ديو مالائي ڪردارن تي مشتمل آهن ۽ نه ئي وري ڪي خيالي ڪهاڻيون آهن، پر اسان جي چؤگرد گهمندڙ ڦرندڙ ۽ رهندڙ ماڻهن جي ڪردارن تي مشتمل آهن. اسان جي ئي معاشري جي عڪاسي ڪندڙ ڪهاڻيون آهن. اهڙيون ڪهاڻيون جن کي پڙهندي ماڻهو پاڻ کي به ان ئي ڪهاڻي جو ڪو ڪردار محسوس ڪري ٿو.
    هي ڪتاب ڏاهپ پبليڪيشن، لاڙڪاڻو پاران 2014ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون رضوان گُل جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلڻ سان گڏ هي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    • ارپنا

    پنهنجي پيارن ليکڪ دوستن
    محمد هاشم حامي
    فياض لطيف
    رياضت ٻرڙي
    ياسر قاضي
    ساجد سنڌي
    وفا اسلم

    ۽

    پياري ڀاءُ
    آغا عمران

    جي نانءُ

    رضوان گُل


    • پبلشر نوٽ

    دک جي نه پڄـاڻي آ،
    هر شخص ڪهاڻي آ. (اياز گل)

    جيسين ڏک رهندو، ماڻهوءَ جي ڪهاڻي به رهندي. ڏک ختم، ته ڪهاڻي به ختم، ڇاڪاڻ ته ڪهاڻيءَ توڙي زندگيءَ جو اساس ڏک آهي جيڪو مستقل آهي. سُک ته عارضي آ، پل کن جو چٽڪو ۽ چهچٽو آ. زندگيءَ جو مکيه حصو ڏک آهن ۽ ڏکن کي اثرائتي طرح ٻڌائڻ لاءِ ڪهاڻيءَ کان وڌ ٻي ڪهڙي صنف آهي!
    اهي ڪهاڻيون ـــــ ڏکن جون گھڻيون ۽ خوشين جو ٿوريون ــــ سڄيءَ دنيا ۾، جتي به حضرت انسان آباد آهي، ٽـڙيون پکـڙيون پيون آهن. ڪي ڪهاڻيون لکجي چڪيون آهن، ته ڪي لکجن پيون، ۽ ڪي اڃا لکبيون (ٻڌائبيون ۽ پڙهبيون) پيون.
    اسان جي سڄاڻ دوست ۽ اديب رضوان گل جي ڪهاڻي- ڪتاب ”سپنن جو انت“ جو ٽائيٽل پڻ، پنهنجي نانوءَ موجب، ڏک جي ڪيفيت جي عڪاسي ڪري ٿو ۽ درد کي اکڙين ۾ اُڀاري ٿو ۽ چپن کي ٽَهڪن بدران سُڏڪن جو لباس اوڍائي ٿو.
    رضوان گل نه صرف سٺو مضمون نگار، شاعر ۽ مترجم آهي، پر سٺو ڪهاڻيڪار به آهي. سندس ڪهاڻين جي هن مجموعي ”سپنن جو انت“ ۾ شامل ڪهاڻيون مختلف موضوعن، مسئلن ۽ ڪردارن کي پيش ڪن ٿيون. هن جي ڪهاڻين جي پيشڪش وڻندڙ آهي جيڪا پڙهندڙ کي ڪشش ڪري ٿي. منهنجي خيال ۾ اها به ليکڪ جي ڪاميابي آهي ته پڙهندڙُ هن کي دلچسپيءَ سان پڙهي، ۽ رضوان کي پڙهندڙ چاهه سان پڙهندا آهن. جنهن ريت، رضوان گل جي اڳين چئني ڪتابن ـــــــ پنج ڏينهن (ترجمو)، ساهت ڏيهه جا سرجڻهار (سوانحي ۽ اڀياسي مضمون)، پيار جي پهرين بارش (شاعري) ۽ جاگرافيءَ جي لغت (انگريزي-سنڌي پهرين لغت) ــــــــ کي پسند ڪيو ويو، ان طرح سندس هنن ڪهاڻين کي به پسند ڪيو ويندو، اهڙي مون کي پڪ آهي.
    جيئن انڊلٺ جي سونهن جو سبب ’ست رنگ‘ آهن تيئن رضوان گل جا به ڪيئي رنگ آهن. هي ڪتاب ”سپنن جو انت“ سندس پنجون رنگ آهي. هُو گھڻ-رُخو ليکڪ آهي، ۽ گھڻ-رُخي ليکڪ کي سڃاڻپ ٺاهڻ لاءِ گھڻي محنت ڪرڻي پوندي آهي. رضوان گل مسلسل محنت ۽ تخليقي قوت سان اها سڃاڻپ ٺاهي ورتي آهي. هُو پنهنجن رنگن جي انڊلٺ جرڪائي رهيو آهي.

    رياضت ٻرڙو
    29 نومبر 2013
    لاڙڪاڻو


    • مــهـاڳ : وهندڙ پاڻيءَ جو آواز

    رضوان الحق جنهن کي ادبي دنيا رضوان گل جي نالي سان سڃاڻيندي آهي، سان منهنجي واقفيت 18 سال پراڻي آهي جڏهن مان به ادبي دنيا ۾ وارد ٿيڻ لاءِ ’سچل ادبي مرڪز‘ جي مڪتب ۾ داخل ٿيو هيس جيڪو اڄ به بڙ جھڙي ڇانوَ رکندڙ ادبي شخصيت ڊاڪٽر بشير احمد شاد جي سرپرستيءَ ۾ هلي رهيو آهي. احسان دانش جيان رضوان گل به سائين بشير احمد شاد جھڙي ادبي قد ڪاٺ رکندڙ وڻ جي ٻي مضبوط ٽاري آهي.
    اڄ جڏهن مان رضوان گل جي ڪهاڻين جي مجموعي ”سپنن جو انت“ جو مهاڳ لکڻ ويٺو آهيان ۽ يادگيرين جا پنا 18 سال پوئتي ورڻ لڳن ٿا ته بنا هٻڪ ۽ وڌاءَ جي اهو اعتراف ڪرڻ تي دل ٿي چئي ته رضوان گل انهيءَ عرصي دوران نثر توڙي نظم ۾ جيڪا مڃتا ماڻي آهي اها سندس مسلسل محنت ۽ جاکوڙ جو ثمر آهي. هڪ اهڙو ادبي سفر جنهن ۾ رضوان ڪڏهن به ڪٿي به هڪ لمحي لاءِ به ٿڪيو ناهي. هن جي ڏات وهندڙ پاڻيءَ جو اهڃاڻ آهي جيڪا پنهنجي روانيءَ سان رستا ٺاهيندي اڳتي وڌندي رهندي آهي. مونکي سندس ادبي سفر ۾ ڪٿي به ڪا ننڍڙي ڪاما به نظر ڪونه ٿي اچي... هن پئي لکيو آهي ۽ بهتر کان بهتر لکيو آهي.
    ڪهاڻيءَ جو وجود هڪ پوپٽ جھڙو هجي ٿو جنهن جا رنگين پرَ ڪنهن ياد جيان نازڪ ٿيندا آهن ۽ رضوان گل ان پوپٽ کي اهڙي ته پيار سان پنهنجي تخليق جي تريءَ تي ويهاريو آهي جو ان پوپٽ جا پر اڃا به وشالتا سان وکري دلفريب بڻجي ويا آهن.
    دراصل اهو آرٽ صرف هڪ اديب کي ايندو آهي ته هو ڪنهن به ڪردار جي اکين رستي سندس روح ۾ لهي وڃي ۽ اهو اظهار ڪري جيڪو اظهار انهيءَ ڪردار جي وس ۾ نه هوندو آهي. رضوان گل جي ڏات کي به اها اک عطا ٿيل آهي جنهن وسيلي هو پنهنجي ڪهاڻي جي ڪردارن جي روح ۾ لهي سندن احساسن، اڌمن، ڀوڳنائن ۽ پيڙائن کي لفظن جي لڙيءَ ۾ پوئي دنيا آڏو آڻي ٿو.
    ادب اندر جي سائنس آهي (Science of Soul). جيڪڏهن ادب نه هجي ته اهو پتو ڪيئن پوي ته ڪو تبسم مجلسي به ٿيندو آهي... چمڪندڙ چهرن پٺيان بي انتها اونداهيون به هونديون آهن... ڪا اُس ٿڌڪار جو احساس به ارپيندي آهي... ته ڪو ڇانورو لڱ ساڙيندڙ به هوندو آهي... ڪي لفظ گونگا به هوندا آهن ته ڪي خاموشيون رڙ به بڻجي پونديون آهن.
    جھڙي ريت سائنس ٻاهرين ڪائنات ۾Discoveries ڪندي رهي ٿي اهڙي طرح ادب انسان جي اندرئين ڪائنات ۾ مسلسل Discoveries ڪري ٿو. ٻاهرين ڪائنات جو توازن مادي قانونن تي بيٺل آهي ۽ اندريئن ڪائنات جو توازن انهن جذبن ۽ احساسن تي بنياد رکي ٿو جنهن جي پرک صرف ادب آهي.
    رضوان گل پنهنجي ڪهاڻين جي ڪردارن جي خيالن، احساسن ۽ سوچن جو غيرمعمولي سفير آهي. هو يونانين ديوتا ’ميڊاس‘ وانگر جنهن لفظ، خيال، ڪردار ۽ سوچ کي پنهنجي فني پارس سان ڇُهي ٿو اهو سون بڻجي وڃي ٿو.
    رضوان گل جون ڪهاڻيون زندگيءَ جون ڪهاڻيون آهن سندس ڪهاڻين ۾ اسان کي زندگي هر روپ ۾ ملي ٿي. زندگيءَ جا جيڪي به رنگ آهن، زندگيءَ جا جيڪي به عڪس آهن اهي سندس ڪهاڻين ۾ موجود آهن... جدائي جو رنگ هجي... پيار جو رنگ هجي... ميلاپ جو رنگ هجي... درد جو رنگ هجي... پيڙا جو رنگ هجي... مجبوريءَ جو رنگ هجي... ضرورت جو رنگ هجي... اَنا جو رنگ هجي... خوديءَ جو رنگ هجي... پڇتاءَ جو رنگ هجي... نيڪيءَ جو رنگ هجي... بديءَ جو رنگ هجي... مرڪ جو رنگ هجي... اکين جي آلاڻ جو رنگ هجي... وفا جو رنگ هجي... دوکي جو رنگ هجي... مطلب ته سندس ڪهاڻيون زندگيءَ جي دلفريب رنگن سان ٽمٽار آهن.
    مثال طور سندس ڪهاڻي ”ڇولين جو ماتم“ پڇتاءُ بڻجي ويل هڪ اهڙي پيار جي ڪهاڻي آهي جيڪا اسٽيٽس جي آڱر نه ٿي ڇڏي جنهن ۾ وفا دولت هي حشمت آڏو هيڻي ٿي پوي ٿي.
    ڪهاڻي “بت بڻجي ويل شخص“ هڪ اهڙي نوجوان جي ڪهاڻي آهي جنهن لاءِ ڀٽائي صاحب چيو ”سي چلولا چئجن، جيڪي در در لائن دوستي“.
    ڪهاڻي ”مايوسيءَ جي خاڪ“ هڪ ناپائدار نيڪيءَ جي ڪهاڻي آهي جنهن ۾ هڪ شخص هڪ يتيم بي سهارا نياڻيءَ تي رحم کائي ٿو پر سندس گھر ڀاتي ئي سندس رستا روڪ ڪن ٿا.
    ڪهاڻي ”دک جا ٿوهر“ هڪ وڃائجي ويل پيار جي ڪهاڻي آهي جيڪو جڏهن سالن کانپوءِ اکين آڏو اچي ٿو تڏهن هو وڪامجي ڪنهن ٻي جو ٿي چڪو آهي.
    ائين ڪهاڻي ”نڪمو“ هڪ بيروزگار نوجوان جي اڌمن جي عڪاسي ڪري ٿي. ڪهاڻي ”اڻ تڻ“ ’جھڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي‘ جي پهاڪي کي سچ ثابت ڪري ٿي. هڪ ايماندار ڪلارڪ جي اهنجن ۽ پريشانين کي عام اک آڏو خوبصورت ڪوشش ڪندي رضوان گل ڪهاڻي ”پهرين تاريخ“ سرجي آهي.
    ائين ڪهاڻيون ”اجھاڻيل ڏيئو“، ”اسسٽنٽ پروفيسر“، ”مونيڪا“، ”بي شرم“، ”ساروڻيون ۽ سورَ“ ۽ ڪتاب جي ٽائيٽل ڪهاڻي ”سپنن جو انت“ موضوع جي اعتبار سان ته معتبر ۽ من کي مهٽو ڏيندڙ آهن ئي، پر انهن ۾ جيڪا ٻولي استعمال ٿيل آهي ان تي رضوان کي مڪمل دسترس حاصل آهي ۽ لفظن جي جوڙ جڪ به رضوان بهترين انداز ۾ ڪئي آهي. سندس انداز ۾ اها رواني آهي جو ڪير به جڏهن ڪتاب جو پهروين پنو پڙهندو ته تيسين ڪتاب کي ٺپي رکي نه سگھندو جيسين ڪتاب جو آخري پنو نه پڙهي وٺي، ڇو ته ڪهاڻين جي موضوعن ۾ اها مقناطيست آهي جيڪا اوهانکي ڪتاب اڌ ۾ ڇڏي اٿڻ نه ڏيندي.
    رضوان جي هر ڪهاڻيءَ جو ڪردار، هر هڪ لفظ هڪ رڙ آهي جيڪا اسان جي نظام، اسان جي سماج کان هڪ سوال ڪري ٿي ته ”ائين ڇو آهي!!؟؟“
    سعادت حسن منٽو پنهنجي لاءِ لکيو هو ته ”مان تهذيب، تمدن ۽ سوسائٽي جو چولو ڇا لاهيندس جيڪا اڳ ئي اگھاڙي آهي ۽ نه ئي مان کيس ڪپڙا پارائڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان ڇو ته اهو منهنجو نه پر درزين جو ڪم آهي“ سو رضوان به هن سماج جي سوچ، هن معاشري جي طرزِ حيات تي، سندس اوڻائين تي ڪک ڪونه رکيا آهن پر انهن کي اڃا به وائکو ڪيو آهي جيئن هي معاشرو انهن جي آئيني ۾ پنهنجي اصل صورت ڏسي وٺي ۽ جيڪڏهن دل تي ڪا دستڪ ٿئي ٿي، ضمير ۾ ڪا جھنجھوڙ پيدا ٿئي ٿي، اکيون کلن ٿيون ته هو پاڻ کي تبديل ڪري سگھي ٿو.
    دوستو وسڪي جڏهن پنهنجو مشهور ڪتاب “Poor Folk” لکي ورتو هو تڏهن سندس دور جي هڪ بهترين نقاد ’بيلنسڪي‘ ان ڪتاب تي رايو ڏيندي لکيو هو ته ”اوهان شين جي اصليت کي کوٽي ڪڍيو آهي ۽ هڪ ئي ڌڪ سان ڪيترين ئي سچائين کي بيان ڪيو آهي. انهيءَ شاهڪار کي مناسب مانُ ڏيو. آئون اوهانکي گذارش ٿو ڪريان ته انهيءَ سان هميشه سچا رهجو، اهو ئي رستو اهي جيڪو توهانکي عظيم ليکڪ بڻجڻ ۾ مدد ڪندو.“
    مان ڪو نقاد ته ناهيان پر رضوان گل کي ايترو عرض ضرور ڪندس ته سندس ڪهاڻين ۾ جيڪا زندگيءَ سچائي آهي، دل جي دروازي تي جيڪا دستڪ ٿئي ٿي، موضوع جھڙيءَ طرح منَ کي مهٽو ڏين ٿا، ڪردار جھڙي طرح ڪک ۾ ڪان ٿي لڳن ٿا اهو سڀ سندس حسنِ بيان آهي هو ان انداز جي آڱر ڪڏهن به نه ڇڏي ته مونکي يقين آهي ته اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن رضوان گل ادب جي گلستان جو اهو گل ثابت ٿيندو جيڪو پنهنجي خيالن جي خوشبو سان، پنهنجي سوچن جي سرهاڻ سان ۽ پنهنجي موضوعن جي مهڪار سان سموري گلستان کي واسي ڇڏيندو.


    سڪندر عباسي

    sikandar-03003426504@yahoo.com


    • رَضوان گُل ــ ڪهاڻي کيتر جو کٽڻهار

    رضوان گُل سان ڏيٺ ويٺ لاءِ ڇا چوان؟؟ ڏيٺ فيس بوڪ تي ٿي آهي ۽ ويٺ ڪڏهن ٿي ناهي. آمهون سامهون نه مليا آهيون نه ڪچهري ٿي آهي البت سندس سڃاڻپ يا تعارف سندس ڪهاڻين ذريعي ٿيل آهي. ادبي ڪُٽنب جا ڀاتي آهيُون ۽ ڀاتيءَ جو رشتو مون لاءِ هميشه اُتم رهيو آهي. سندس ڪهاڻيون پڙهيون اٿم. موضوع جي چونڊ ۾ انتهائي نرالو ۽ منفرد ڪهاڻيڪار آهي. نوان ۽ اَڇُهيا موضوع ڳولي ويهي پنهنجي ڏات ۽ ڏانءَ وسيلي ڪهاڻي جي ڪئنواس تي لفظن جي رنگن سان واقعن جا احساساتي عڪس اُڪيري ٿو. ڪهاڻي ۾ ٻوليءَ جي لحاظ کان پختو نظر اچي ٿو. ٻوليءَ جو تخليقي جوهر به وکيري ٿو. سندس ڪهاڻين ۾ جذبات نگاري ۽ حقيقت نگاري جو پهلو ڏاڍو مضبُوط آهي. پنهنجي ماحول، موجوده وقت ۾ معاشري جي سياسي، سماجي، اخلاقي قدرن سان ٺهڪِي قلم کي جُنبش ۾ آڻي ٿو. اُن ڳالهه جون گواهه سندس ئي ڪهاڻيُون آهن. سندس ڪهاڻين ۾ جدت جي خوشبوءِ به آهي ته خيالن جي نُدرت به آهي. ڪهاڻي جي فن تي کيس مزيد قُدرت حاصل ڪرڻ جي اڃا به گهرج آهي. اُن سلسلي ۾ هرگز مايوس ناهيان ڇو ته رضوان گل وٽ ذهانت، محنت ۽ جُستجُو لاتقنطُو وارو گُڻ سندس ڪهاڻين مان ئي جهلڪندي نظر اچي ٿو ۽ اِهو ئي گُڻ کيس ڪهاڻي جي فني ڪمال يا دسترس ڏانهن آساني سان وٺي ويندو.
    سندس ڪهاڻين تي تفصيل سان لکڻ کپندو هو پر مصروفيت ۽ وقت جي قلت سبب اختصار جو سهارو وٺڻو پيو آهي. سندس ڪهاڻيُون ”بُت بڻجي ويل شخص“، ”سپنن جو انت“، ”اجهاڻيل ڏيئو“، ”اسسٽنٽ پروفيسر“، ”روشنيءَ جو سفر“، ”ڏنگيل خوشيون“، ”لڙڪ ۽ مُرڪ“ ۽ ٻيون ڪهاڻيون کيس بهترين ڪهاڻيڪارن جي قطار ۾ شامل ڪن ٿيون. اُن حوالي سان رضوان گُل کي ڪهاڻي کيتر جو کٽڻهار چوان ته وڌاءُ نه ٿيندو. سندس ڪهاڻين ۾ بهترين ڪهاڻيڪار جي خوشبُوءِ موجود آهي. سندس ڪهاڻيون پڙهي ويساهه پُختو ٿيو ته، نه ڪهاڻي کي گولي لڳي آهي ۽ نه ئي ڪهاڻي مُئي آهي. ڪهاڻي اڄ به زندهه آهي. اميد اٿم ته رضوان گل پنهنجو سڦل سفر جاري رکندو ۽ سنڌي ادب جي جهول ۾ انمول ڪهاڻين جو اضافو ڪندي ڪهاڻي کيتر ۾ پنهنجي اڃا به اهم جڳهه جوڙي وٺندو.

    عزيز ڪنگراڻي
    گورنمينٽ ڊگري ڪاليج
    واهي پانڌي، جوهي.


    • زندگي خود به ته هڪ ڪهاڻي آهي

    • زندگي خود به ته هڪ ڪهاڻي آهي، تو چئي، مون ٻڌي ۽ پوءِ ڄڻ هئي ئي نه (شيخ اياز)
    • زندگيءَ جي هر هڪ لمحي ۾ بيشمار ڏک، سک، محبتون ۽ نفرتون جنم وٺن ٿيون. هر ڪنهن وٽ محبت، نفرت ۽ ڏک جي ڪيفيت کي محسوس ڪرڻ جي اينگل مختلف هوندي آهي. انهن ڪيفيتن کي ايتري ئي سگھ سان پيش ڪرڻ وڏو فن آهي. اهڙو فن رضوان گل کي ڀرپوريت سان اچي ٿو.
    • هن جا ڪردار جذباتي هوندي به ٺهراءَ ۾ آهن. ائب نارمل هوندي به نارمل آهن سندس ڪردارن جي سوچ جو منطقي نتيجو Positive ئي ملي ٿو. اهڙو مثال هن جي ڪهاڻي ”نڪمو“ مان ڏئي سگھجي ٿو. ’نڪمو‘ جو هيرو هن سوسائٽي جو ٽيلينٽيڊ ڪردار آهي پر ڌڪاريل. ان جو گھر اڄ به سهولتن کان وانجھيل ٻن کٽن جي پڌر ۾ ـ هينڊ پمپ لڳل ـ سندس پيءُ جو جارهاڻو رويو، اهڙو ئي جھڙو سماج جو! پر هن کي سفارش نه هئڻ ڪري بيروزگاري ذلتون ڏئي ٿي، پوءِ به هو پنهنجي پيءُ کي ردِ عمل ۾ ڪجهه به نه ٿو چوي، هو حدن ۾ ٿو رهي، هو ڏک کي جدوجهد ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ صبح جو همت جو عَلم کڻي نڪري ٿو.
    • رضوان گل جي ڪردارن ۾ ماڻهپو آهي. رضوان جي ڪهاڻين جو اثر ائين آهي جيئن سمنڊ جي وڏي ويرَ ڊوڙندي ساحل تائين پهچي آهستي آهستي نهٺائي سان واپس وڃي ۽ موٽ ۾ ڪوڏ سپيون ڏئي وڃي. رضوان جون ڪهاڻيون شدت سان اڀري ذهن جي ساحل تي پنهنجي ڪيفيتن جون سپيون ۽ قيمتي ڪوڏ ڇڏي وڃن ٿيون.

    اخلاق انصاري


    • رضوان گل ــ هڪ مستقل مزاج ليکڪ

    رضوان گل سنڌ جو هڪ سجاڳ ليکڪ آهي، سڀ کان وڏي ڳالهه اها آهي ته هو مستقل لکندڙن مان آهي سندس قلم ڪڏهن به سستي منجھان سُتو ناهي. مونکي ته ائين لڳي ٿو ته اسان جا ڪجھ ئي تخليقڪار شايد اهڙا آهن جيڪي ايتري مستقل مزاجيءَ سان لکندا رهندا هجن. رضوان گل نه رڳو ليکڪ آهي پر ان کان علاوه هن انٽرنيٽ تي سنڌي ٻوليءَ جي ليکڪن ۽ آرٽسٽن جا البم ۽ مختلف ڪتابن جا خوبصورت ٽائيٽل پڻ ٺاهيا آهن.
    سندس هي ڪهاڻين جو ڪتاب جڏهن مون کي پڙهڻ لاءِ مليو ته مونکي خوشي ٿي ته اسان جا سنڌي ڪهاڻيڪار ڪهاڻيءَ کي اڇوتا رنگ ارپي رهيا آهن ۽ سندن موضوعن جي چونڊ پڻ ڌيان ڇڪائيندڙ آهي.
    مونکي چِڙ لڳندي آهي انهن ليکڪن تي جيڪي هڪ ٻه ڪتاب لکي اهو سوچيندا آهن ته هو ڪي وڏا ليکڪ ٿي ويا آهن ۽ پوءِ سندن پهريون بيان اهو هوندو آهي ته ’اڄڪلهه سٺي ڪهاڻي نه پئي لکي وڃي.‘ ٻيو ته ڇڏيو شاعر حضرات به ڪهاڻي جي اڻ هوند ۽ ان جي معيار جي باري ۾ راءِ ڏيندي نظر ايندا. جڏهن ته سچ اهو آهي ته هنن ڪهاڻيون پڙهيون ئي نه هونديون آهن. رڳو پيا راءِ ڏيندا آهن.
    اهڙن ئي لٻاڙن تي انيس انصاري اڪيڊمي ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي پاران ڪرايل ”ڪهاڻي ڪانفرنس“ جي موقعي تي امر جليل ڏاڍا سٺا لفظ چيا هيا:
    ” آئن اسٽائن جي مرڻ کان پوءِ سائنسي ايجادن کي ٻنجو نه آيو آهي.
    سقراط جي مرڻ کان پوءِ به فلسفو نه مئو آهي. مائيڪل اينجلو جي مرڻ کان پوءِ حقيقي آرٽ ۽ مجسمه سازيءَ جو فن فنا نه ٿيو آهي. پڪاسو جي مرڻ کان پوءِ تجريدي آرٽ ختم نه ٿيو آهي. هيمنگوي جي مرڻ سان آمريڪي ڪهاڻيءَ جو خاتمو نه ٿيو آهي. ڪرشن چندر جي مرڻ کان پوءِ اردو ڪهاڻيءَ جو انت نه آيو آهي. خليل جبران جي مرڻ کان پوءِ صوفياڻي پيرائي ۾ ڳالهه ٻڌائڻ جو هنر موڪلائي نه ويو آهي. اڄ تائين ڪو اهڙو انسان دنيا ۾ نه آيو آهي جنهن جي اسهڻ سان هن وايو منڊل جو، ڪائنات جو ڪاروبار هڪ گھڙيءَ لاءِ بيهي رهيو هجي.اسين مري وينداسين، سنڌي ڪهاڻي نه مرندي.“
    مان هتي اهو واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسان جي ادب جو بنياد وجھڻ ۾ اسان جي سينئر ليکڪن جو ڀرپور حصو رهيو آهي پر اهو سفر هڪ تسلسل سان جاري آهي. سٺ جي ڏهاڪي ۾ اڀري آيل اديبن کان پوءِ سڃ واڪا نه ٿي ڪري پر هر فيلڊ ۾ پوءِ اها ڪهاڻي هجي، شاعري هجي، تحقيق هجي يا ترجمو، اسان جا نوجوان ڀرپور نموني حصو وٺي رهيا آهن.
    گذريل ڪجھه سالن کان وٺي مان ور ور ڪري اها ڳالهه ڪندو آهيان ته سنڌي ادب ۾ ڪهاڻي جي جيتوڻيڪ عمر گھڻي وڏي ڪونهي. ڇو جو اسان وٽ اڳ ۾ داستان ته رهيا پر نئون نثر اسان وٽ 19 صديءَ ۾ الفا بيٽ ٺهڻ کان پوءِ انگريزن جي زماني ۾ آيو. ان کان پوءِ اسان وٽ ناول، ڪهاڻيون ترجما ٿيا ۽ ڪجھه اصلي ڪهاڻيون ۽ ناول به لکيا ويا. پوءِ ورهاڱو ٿيو ته وري هڪ کوٽ پيدا ٿي وئي. اسان جا گھڻا ليکڪ هتان لڏي ويا. اسان جي سينيئر ليکڪن ان خال کي ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي. اصل ۾ منهنجي چوڻ جو مقصد اهو آهي ته اسان جي ڪهاڻي جي روايت گهڻي پراڻي ناهي پر ان هوندي به اسان جا ليکڪ ان ميدان ۾ ڪنهن کان به گھٽ ناهن. سنڌي ليکڪن ڪهاڻيءَ ۾ تجربا به ڪيا آهن. هاڻي ته ليکڪ مختصر ترين ڪهاڻيون به لکي رهيا آهن. گذريل ڀيري جڏهن سائين لڇمڻ ڪومل آيو هو ته هن هڪ تقريب ۾ گھڻو ڪري تامل ٻولي جي هڪ مختصر ڪهاڻي ٻڌائي هئي جيڪا ٻڌي اتي ويٺلن تي ڏک جي لهر ڇانئنجي وئي هئي. ڪهاڻي ڪجھ هن ريت هئي ”هڪ گھر ۾ ٻن ڀائرن جي فيملي رهندي هئي ۽ هنن سان گڏ سندن پوڙهي ماءُ به رهندي هئي. ٻنهي ڀائرن اهو فيصلو ڪيو هو ته هڪ ڏينهن هڪ ڀاءُ ماءُ کي کاڌو موڪليندو ۽ ٻي ڏينهن ٻيو ڀاءُ. پر جنهن مهيني ۾ ايڪٽيهين تاريخ هوندي هئي ان ڏينهن ماڻهَن بکي سمهندي هئي.“
    ان سڄي ڳالهه ڪرڻ جو مقصد اهو هو ته اسان جي ڪهاڻي سگھاري آهي. ان جو تازو ثبوت رضوان گل جو هي تازو مجموعو ”سپنن جو انت“ آهي. جڏهن اهي ڪهاڻيون پڙهي رهيو هيس ته پهريون منهنجي ذهن ۾ جنهن خيال جنم ورتو ته اهي ڪهاڻيون اهڙي عاشق جون آهن جيڪو ريشنل به آهي، هن جي عشق ۾ جنونيت ناهي پر جنونيت جي حدن کي ڇهندي ڇهندي وري ڪنهن موڙ تي زمان ۽ مڪان جي سچاين ۾ واپس اچي ٿو. ڪهاڻين جو ٻيو روپ اهو آهي جنهن ۾ معاشري جي مسئلن جي اپٽار ڪئي وئي آهي. پر گھڻو ڪري انهن ۾ به رشتن جي بي حِسي ۽ مطلب پرستي شامل آهي جيئن سندس هڪ ڪهاڻي ”اسٽنٽ پروفيسر“ ۾ ڀاءُ پنهنجي اسسٽنٽ پروفيسر ڀيڻ جي شادي ان ڪري نه ٿو ڪرائي جو سندس گھر جو خرچ هلائيندڙ پگھاردار ڀيڻ پرڻجي ويندي ته سندس گھر ڪير هلائيندو. يا وري پٽ ۽ نُنهن جي ڏنگيل پيءُ جي ڪهاڻي، ”اجھاڻيل ڏيئو“ ۾ بيان ڪئي وئي آهي.
    رضوان گل جي هڪ سٺي ڳالهه اها آهي ته هن ڪردار يا ڪهاڻين جا پلاٽ ديومالائي نه کنيا آهن پر اهي سڀ سندس ارد گرد ڦرندڙ ماڻهن ۽ مسئلن تي ٻڌل آهن. جيئن سندس هڪ ڪهاڻي اهڙي پروفيسر جي آهي جيڪا بهتر کان بهتر جي تلاش ڪندي پنهنجي جواني گذاري ٿي ڇڏي. اهو الميو اسان وٽ نوڪري ڪندڙ ۽ پڙهيل لکيل ڪافي عورتن جو آهي. جڏهن سندن عمر اهڙي حد تي پهچي ٿي جتي رشتا اچڻ بند ٿيڻ لڳن ٿا ته ڪي ته قناعت ڪندي جيڪو رشتو ملي ٿو اهو قبول ڪري ڇڏين ٿيون ته ڪي وري سڄي عمر اڪيلائي کي پنهنجو ساٿي بڻائيندي، زندگي ڪافيءَ جي ڪوپ جي اٿندڙ ٻاڦ تي پراڻين يادن کي ورجائيندي گذاري ڇڏين ٿيون.
    ان کان علاوه رضوان جي جنهن ڳالهه مونکي متاثر ڪيو اها سندس ٻولي آهي. سندس ٻولي نج سنڌي آهي، گھڻن وانگر انگريزي لفظن جي استعمال کان پاڻ بچايو اٿائين. اها ٻي ڳالهه آهي ته سندس هڪ لفظ جيڪو ٻن ٽن ڪهاڻين ۾ مونکي آئڙي ٿو اهو آهي ”سماعتون“، حالانڪ اهو لفظ اسان وٽ مروج آهي پر اڃان تائين عام جي ٻولي جو حصو نه بڻجي سگھيو آهي صرف ڪجھه ريڊيو ڪمپيئر دوستن جي ٻوليءَ ۾ استعمال ٿيندو آهي.
    رضوان گل جي ٻي شعوري يا لاشعوري ڪوشش ڪهاڻي جي پڄاڻي آهي. هو گھڻو ڪري پنهنجين ڪهاڻين جي پڄاڻي مثبت جملن ۽ روين سان ڪري ٿو. هتي ڪجھه مثال رکان ٿو:
    نڪمو: ... پکين آکيرن مان اڏرڻ شروع ڪيو هو. سڀئي اٿيا هئا! وسيم ڀونڊن واري زندگيءَ کان بيزار هو، هن اٿڻ نه پئي چاهيو، پر هن کي اٿڻو هيو، جيئڻو هيو، تڙپڻو هيو ۽ زندگيءَ لاءِ جاکوڙڻو هيو.
    روشنيءَ جو سفر: ڪجهه ڏينهن کان پوءِ.... صحتياب ٿي شام جي وقت به پرائيويٽ اداري ۾ نوڪري ڪرڻ لڳو. سندس آمدنيءَ ۾ خوشگوار اضافو ٿي ويو هو. محسوس ڪري ٿو زندگيءَ ۾ ڏکن، پريشانين ۽ سوچن جي تپيل سيخن لڳڻ سان ئي کيس جستجو ڪرڻ ۽ جيئڻ جو حوصلو ملي ويو هو ۽ هن پاڻ کي اونداهي کاهيءَ ۾ ڪرندي ڪرندي سنڀالي ورتو هو... کيس محسوس ٿيو ته هاڻي هو روشنين جي سفر ڏانهن روان دوان ٿي چڪو هو.
    ڏنگيل خوشيون: مان آپريشن ٿيٽر جي ٻاهران فرش تي ويٺل آهيان... آپريشن ختم ٿي چڪي آهي... مون کي هڪ دوست سهارو ڏيندي اٿاريو. رياض جي جان بچي وئي... هاڻي هو خطري کان ٻاهر آهي... سندس خوشين کي لڳل ڏنگ جي زهر کي ٻُهاري ڪڍيو ويو... منهنجون اکيون ڪاريڊور جي ڇت ۾ اٽڪي پيون... تانيئڙي جي ٺاهيل ڄار مان هڪ ننڍڙو وجود پنهنجو پورو زور لڳائي نڪري ويو...
    منحوس: .... ۽ اڄ زرينه ماءُ بڻجي وئي هئي پر نه ڄاڻ ڇو سندس ٻارڙيءَ لاءِ به ساڳيون ئي ڳالهيون ٿي رهيون هيون ته ’هوءَ منحوس آهي، اچڻ سان ئي ڪٿي ماءُ جو سرُ کنيون هئائين.‘ زرينه جون ٻوٽيل اکيون کُلي ويون، ڌيءُ کي هنج ۾ کڻي انهن عورتن ڏانهن غصي مان ڏٺائين ۽ پوءِ کين مخاطب ٿيندي وڏي واڪي چيائين: ”منهنجي ڌيءَ منحوس ناهي! ناهي منهنجي ڌيءَ منحوس! هن سماج جون هٿ ٺوڪيون روايتون آهن منحوس.“ روئڻهارڪي لهجي ۾ ”منحوس آهي توهان جي سوچ جيڪا توهان جي ذهنن ۾ موجود جهالت جو نتيجو آهي!“
    مونکي يقين آهي ته رضوان گل جو هي ڪهاڻي ڪتاب سنڌي ادب جي ڪهاڻي کيتر ۾ هڪ اهم جاءِ والاريندو.

    اسحاق انصاري
    ڪراچي


    • دلنواز اسلوب جو مالڪ ــ رضوان گل

    ادب جي وصف بيان ڪرڻ ائين ڏکي آهي جيئن ڪنهن ٻئي فن جي وصف بيان ڪرڻ مشڪل ٿيندي آهي. ڪجهه ماڻهو هر ان علم کي جيڪو اسان وٽ ڪنهن ڪتابي صورت ۾ پهچي ٿو، ادب قرار ڏنو آهي. جڏهن ته جڳ مشهور برطانوي اديب والٽر پيٽر (Walter Patter) جو خيال آهي ته ادب واقعن ۽ حقيقتن کي فقط پيش ڪرڻ جو نالو ڪونهي. ڪنهن تحرير کي ادب چوائڻ لاءِ اسلوب جي به ضرورت هجي ٿي.
    والٽر پيٽر اهو پڻ چوي ٿو ته، ڪنهن ادبي يا فني تخليق کي پرکيندي هي ڏسڻ گهرجي ته پڙهندڙ تي ان تخليق ڪهڙو اثر وڌو آهي ۽ ان اثر جو ڪيترو احساس کيس رهيو آهي. هو اهڙن سوالن جا جواب ڪٺا ڪري ٿو ته هڪ تصوير يا گيت ڪيئن آهي؟ ۽ ان جي ليکڪ مٿس ڪهڙو اثر ڇڏيو آهي. ان مان کيس ڪو لطف اچي ٿو يا نه. اها ڪهڙي چاش ۽ چوس آهي، سا به ڪهڙي نوعيت جي ۽ سندس فطرت تي اهي ڳالهيون ڪهڙو اثر ٿيون وجهن؟
    ادب انساني اظهار جو هڪ ذريعو آهي، پر هر اها شيءِ جنهن جو اظهار لفظن ۾ ڪجي ۽ لِکي به وڃي، ضروري ناهي ته اها ادب جي زمري ۾ شامل ٿي سگهي. اهي سموريون تحريرون جيڪي معلوماتي هجن، مثال طور سائنسي علم، علمي ۽ صحافتي تحريرون، سي سڀ ان وقت تائين ادب جي زمري ۾ شامل ٿي نٿيون سگهن جيستائين اهي فنِ لطيف جي حدن کي ڇُهي نٿيون وٺن. ڪڏهن ڪڏهن ڪيترا ئي نظم ذهني ۽ جذباتي گهرائين کي ڇهي نه سگهڻ سبب ادب جي زمري ۾ اچي نه سگهندا آهن جڏهن ته ڪجهه سائنسي تجربا وري اهڙي ته ڍنگ سان پيش ڪيا ويندا آهن جو اهي ادبي فن پارا لڳندا آهن.
    ڪهاڻي پڻ ادب جي هڪ شاخ آهي. هن نثري صنف ذريعي زندگيءَ جي ڪنهن هڪ جُز (واقعي يا پهلوءَ) کي اهڙي ته فن ۽ سليقي سان پيش ڪيو ويندو آهي جو ڪهاڻيءَ جي اختتام تي پڙهندڙ حيرت ۾ وڪوڙجي ويندو آهي. ڪهاڻيءَ جو ميدان ايترو ته وسيع آهي جو ڪهاڻيڪار کي ان ۾ تجربي جي پوري آزادي حاصل هجي ٿي. ۽ منهنجي خيال ۾ اهائي آزادي هن صنف جي جان هجي ٿي.
    سنڌي ڪهاڻيڪارن جي ڊگهي قطار تي جڏهن نظر ڦيرائجي ٿي ته ان ۾ اسان جو يار رضوان گل پڻ نمايان نظر اچي ٿو. رضوان گل سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ نون نون تجربن ۽ هيئت کي پنهنجو ڪندڙ هڪ منفرد ڪهاڻيڪار آهي. رضوان گل سنڌي ادب ۾ تمام وڏو نانءُ رکندڙ محترم سائين بشير احمد شاد صاحب جو فرزند آهي. گهر ۾ علمي ماحول هجڻ سبب ننڍپڻ کان ئي رضوان ۽ سندس ڀاءُ اسانجي پياري دوست احسان دانش کي ادب سان فطري لڳاءُ رهيو آهي. رضوان گل ابتدا ۾ شاعريءَ طرف توجهه ڏنو هو، پر هاڻ ڪهاڻيءَ طرف اچي چڪو آهي. تمام ٿوري عرصي ۾ هن ڪهاڻيءَ جي حوالي سان پڻ پنهنجي پختي سڃاڻ ٺاهي ورتي آهي. رضوان گل جي ڪهاڻين جي هڪ هڪ سٽ، هڪ هڪ منظر، هڪ هڪ ڪردار ۽ هڪ هڪ موڙ حقيقت جي بلڪل قريب ٿو لڳي. هن جون ڪهاڻيون پنهنجي مٽيءَ جون ڪهاڻيون ٿيون لڳن. جنهن مان اهو ثابت ٿو ٿئي ته هي يار پنهنجي مٽيءَ سان ڪيتري نه محبت ڪري ٿو. منهنجي سامهون رضوان جون جيڪي ڪهاڻيون هن ڪتاب جي صورت ۾ کُليون پيون آهن، اهي ٻڌائن ٿيون ته رضوان گل جي نظر پنهنجي سماج تي اهڙي طرح آهي جو هو ان جي فردن جي تمام چڱاين، مداين، خوبين، خامين، خوشين، غمين ۽ الجهنن ۾ پاڻ کي هر وقت شامل سمجهي ٿو. هن جون ڪهاڻيون پڙهندي دل تي جبر نٿو ڪرڻو پوي، اهي ڪهاڻيون پاڻ کي پڙهندڙ کان پڙهائي وٺن ٿيون.
    ”سپنن جو انت“ ۾ شامل سموريون ڪهاڻيون درياءَ جي وهندڙ پاڻيءَ جيان رواني ۽ خوبصورتيءَ جو بهترين مثال آهن. رضوان جون ڪهاڻيون چنڊ جيان روشن ۽ رات وانگر پُراسرار پڻ آهن.
    رضوان گل جون ڪهاڻيون هڪ طعي شده منزل طرف ڌيمي چال سان هلن ٿيون تنهن ڪري اهي زندگيءَ کي تمام ويجهو ڏسجن ٿيون. مونکي هن جون سموريون ڪهاڻيون هڪ صالح ۽ ايماندار پيغام ڀاسن ٿيون. رضوان جون ڪهاڻيون پڙهي محسوس ڪري سگهجي ٿو ته اڄ به سماجي حقيقت نگاريءَ تي مبني ڪهاڻيون لکيون وڃن ٿيون. رضوان افسانا ته لکي ٿو، پر انهن ۾ افسانوي ڳالهيون نٿو ڪري. معاشري جي سنگين حقيقتن، تاريڪين، قباحتن ۽ محرومين کي موتين جهڙن لفظن ذريعي اسان جي سامهون آڻي ٿو. هن جون ڪهاڻيون سادن سودن لفظن ۾ لکيل ڪهاڻيون آهن جيڪي يقينن دل کي ڇهن به ٿيون ته پڙهندڙ کي حيرت ۾ پڻ وڪوڙي ڇڏين ٿيون. هن جي هر ڪهاڻي پڙهندڙ کي پنهنجو هجڻ جو احساس ڏياري ٿي. جيئن رضوان جو مزاج سادو آهي تيئن سندس ڪهاڻيون پڻ ڪنهن به بناوٽ کان پاڪ آهن. هو پنهنجي ڪهاڻين ۾ ڪو خطيب يا مقرر نظر نٿو اچي.
    رضوان نهايت سادي زبان لکڻ جو عادي آهي. ننڍن ننڍن جملن ۾ وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪرڻ جو هنر ڄاڻي ٿو. ۽ جيستائين ٿي سگهي مسئلن جو حل پڻ پيش ڪري ٿو. هن جي ڪهاڻين جا ڪردار اجنبي ڪونهن، بلڪه اسان جي چوگرد رهندڙ اهي فرد آهن جيڪي زندگيءَ جو فرض ادا ڪندا ٿا رهن. رضوان گل جون ڪهاڻيون زندگي، فن ۽ شخصيت جي متوازن امتزاج جو عڪس آهن. رضوان فرد جي ذهني ۽ جذباتي ڪيفيتن کان پڻ غافل ڪونهي. هن جو پوري خلوص سان زندگيءَ سان رشتو جڙيل آهي.
    ڪنهن به تخليقڪار جي انفراديت جا ڪي خاص سبب ٿيندا آهن. جن جي بدولت تخليقڪار جو اسلوب، نظريو ۽ ذهني نچوڙ سندس تخليقن ۾ شامل ٿيندو آهي. هر لکندڙ جو پنهنجو مزاج، طريقو ۽ رويو ٿيندو آهي. ۽ هر ڪهاڻيءَ جا پنهنجا تقاضا ٿيندا آهن. رضوان گل به تقريبن هر طرح جون ڪهاڻيون لکيون آهن. طويل، مختصر، ڪيترن ئي رنگن ۾ رڱيل ڪيترن احساسن تي مبني مختلف ۽ پُر اثر ڪهاڻيون! جن ۾ ڪجهه اهڙا شاهڪار پڻ شامل آهن جن کي ڪنهن به حوالي سان پرکجي ته به سندن تاثر ۾ ڪا ڪمي نظر نٿي اچي. جيڪڏهن رضوان گل رڳو اهي چند ڪهاڻيون ئي لکي ها ته به سندس نالو سنڌيءَ جي سٺن ڪهاڻيڪارن ۾ شامل هجي ها. اهڙين ڪهاڻين ۾”نڪمو“ ، ”اڻ تڻ“ ، ”سپنن جو انت“، ”لڙڪن جو سيلاب “ ۽ ”پهرين تاريخ“ کي ڳڻائي سگهجي ٿو. رضوان جي ڪهاڻي ”لڙڪن جو سيلاب“ پڙهي ته آئون خود ڪيتري دير لڙڪن جي سيلاب ۾ لڙهي ويو هئس. ان ڪهاڻيءَ جي انت مونکي روئاري روئاري حال کان بيحال ڪري ڇڏيو هو.
    رضوان گل پنهنجي ڪهاڻين ۾ زبان جي شيري ۽ چاشنيءَ جو احساس اجاگر ڪرڻ ۾ پڻ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. هن جي ڪهاڻين ۾ حالتن ۽ واقعن جو ذڪر اهڙي ته انداز ۾ ملي ٿو جو پڙهندڙ پنهنجو پاڻ کي ڪهاڻيءَ جو هڪ جيئرو جاڳندو ڪردار تصور ڪرڻ لڳي ٿو. رضوان گل ڪهاڻيءَ ۾ جيڪو اسلوب استعمال ڪيو آهي اڄ جو هر ڪهاڻيڪار تقريبن اهو ساڳيو جديد اسلوب استعمال ڪري ٿو. پر رضوان جي اسلوب ۾ هڪ خاص اثر آهي، جيڪو پڙهندڙ کي پنهنجي سحر ۾ ويڙهي ڇڏي ٿو.
    رضوان کي اڳتي هڪ طويل سفر طعي ڪرڻو آهي، جيڪو ڏکيو به آهي ته انتهائي رياضت طلب به. مونکي يقين آهي ته جيڪڏهن اسانجي هن دوست وٽ ڪهاڻيءَ لاءِ ساڳي تشنگي برقرار رهي ته مستقبل ۾ ڪاميابي سندس قدم ضرور چمندي. ڇوته تشنگي تخليق کي ”تڪميل“ سان هم ڪنار ڪندي آهي. تشنگي تخليقڪار جي ان اضطراب کي زنده رکندي آهي جيڪو تخليقي ڪينواس لاءِ ضروري هوندو آهي. بهرحال، سنڌي ٻوليءَ جو هي ترقي پسند ۽ دلنواز اسلوب جو مالڪ ڪهاڻيڪار بلاشڪ خراج تحسين جو حقدار آهي.

    مظهر ابڙو
    ”احمر جو گهر“ گلشنِ نظير،
    نيو شهباز ڪالوني، خيرپور ميرن واري، سنڌ
    18 آڪٽوبر 2013ع


    • خيالن جي کوري مان پچي راس ٿيل ڪهاڻيون

    هونئن ته ڪهاڻي ناول جي ارتقائي صورت اهي جنهن سترهين صدي جي آخري اڌ ۾ پنهنجي الڳ سڃاڻپ واري حيثيت قائم ڪري ورتي. پر سچ اهو آهي ته ڪهاڻيءَ جو وجود ان کان گھڻو اڳ جو آهي. جڏهن انسان، اشارن وارن آواز ن مان لفظ گھڙي ورتا هئا ته پڪ سان هن پنهنجن مختلف ڪيفيتن کي به محسوس ڪرڻ شروع ڪيو هوندو ۽ پوءِ چاهيو هوندائين ته پنهنجون وارتائون ٻين کي ٻڌائي. ائين هڪ انسان ٻي انسان کي پنهنجون ڳالهيون ۽ واقعا ٻڌايا به هوندا ۽ ٻڌا به هوندا. اهي قصا انسان پنهنجي حافظي ۾ محفوظ ڪندو ويو. جڏهن لکت واري صورت قائم ٿي ته ان قسم جي واقعن کي نه رڳو لکت ۾ آندو ويو پر اهي قصا ۽ واقعا وري ناول جو بنياد بڻيا. ناول لکجڻ شروع ٿيو ۽ خوش قسمتيءَ سان ناول کي پڙهندڙن جو وڏو انگ ملي ويو. نتيجي ۾ ناول مقبول ٿيندو ويو. اڳتي هلي جڏهن صنعتي ترقيءَ وارو دور شروع ٿيو ته انسان وڌيڪ مصروف ٿيڻ لڳو ان مصروفيت جو اثر زندگيءَ جي ٻين شعبن سان گڏ ادب تي به پيو، اهڙي صورتحال ۾ ضرورت محسوس ڪئي وئي ته ناول بدران ان قسم جي ڪا ٻي صنف متعارف ڪجي جنهن کي گھٽ وقت ۾ پڙهي پورو ڪجي. ائين ناول مان ڪهاڻي جنم ورتو جنهن کي ناول جي ڀيٽ ۾ گھٽ وقت ۾ پڙهڻ ممڪن بڻجي ويو. ڪهاڻيءَ جي ان سفر ۾ ڪهاڻي اڳتي هلي مختصر بڻجي وئي ۽ هن وقت ڪهاڻي مختصر کان مختصر ترين بڻجي چڪي آهي.
    جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جو سفر سائين اياز قادري، غلام رباني آگري ۽ جمال ابڙي کان شروع ٿيو ۽ پوءِ ان تسلسل ۾ ڪيئي نالا ڪهاڻي کيتر ۾ پنهنجو پاڻ مڃرائي چڪا. انهن نالن جو هتي ذڪر نه ڪرڻ زيادتي ته هوندي پر انهن نالن سان سنڌي ڪهاڻيءَ سان چاهه رکندڙ بي پناهه محبت ڪن ٿا ۽ کانئن اهي نالا ڪڏهن به نه وسرندا.
    سنڌي ڪهاڻيءَ جي ان تسلسل ۾ هڪڙو نالو 1992 ۾ اڀري ٿو جنهن پنهنجي لکڻ جي شروعات ترجمن سان ڪئي پر سنڌي ڪهاڻي ۽ سنڌي شاعري ۾ به پنهنجو نالو ڪمايو. رضوان الحق پٺاڻ سنڌي ادب ۾ رضوان گل جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. رضوان گل جو هڪ ٻيو ادبي حوالو اهو به آهي جو هو سنڌي ادب جي وڏي نانءَ ڊاڪٽر بشير احمد شاد جو فرزند ۽ هڪ ٻئي برجستي ادبي نانءَ احسان دانش جو ڀاءُ آهي.
    ڪهاڻي خيالن جي کوري مان پچي راس ٿي پوءِ پڙهندڙن تائين پهچي ٿي. ڪهاڻيءَ جي سمورن عنصرن جو ڪهاڻيڪار پنهنجي خيالن جي دنيا ۾ سير ڪري ٿو. سماج جو ننڍي کان ننڍو موضوع مڪمل ڪهاڻي ٿيڻ کان اڳ ڪهاڻيڪار وٽ مشاهدي جي مرحلي مان گذري ٿو ائين هڪ ڪهاڻي جنم وٺي ٿي. ڪهاڻيءَ جا سمورا مرحلا تصوراتي ئي هوندا آهن پر جڏهن ڪهاڻي مڪمل ٿي پڙهندڙ تائين پهچي ٿي ته اها ڪنهن حقيقت جو روپ محسوس ٿيندي آهي، پڙهندڙ کي ائين ڀاسندو آهي ڄڻ جيڪا ڪهاڻي هو پڙهي رهيو آهي اها حقيقي وارتا هجي ان سموري عمل يعنى خيالن جي دنيا مان سرجيل ڪهاڻي حقيقت جو چٽو عڪس بڻجڻ تائين جو سمورو ڪمال ڪهاڻيڪار جو آهي جنهن کي هو آرٽ ۽ ڪرافٽ سان پڙهندڙ جي حوالي ڪري ٿو. رضوان به ڪوشش ڪئي آهي ته جيڪي به ڪهاڻيون هو پڙهندڙ جي حوالي ڪري پڙهندڙ جيئن ان کي پنهنجي ڪهاڻي محسوس ڪري.
    رضوان گل جي ڪهاڻي ”ڏنگيل خوشيون“ جڏهن پڙهي مڪمل ڪبي ته محسوس ٿيندو ته ڪهاڻيڪار انهن سمورن لمحن کي جيئن جو تيئن پڙهندڙ جي حوالي ڪري ٿو ۽ اهو ئي ڪارڻ آهي جو ڪهاڻي حقيقت نگاريءَ جي بلڪل ويجھو آهي هن ڪهاڻيءَ جو موضوع شاديءَ جي خوشين وارن لمحن ۾ فائرنگ وارا اهي پل آهن جيڪي خوشين جي ٽهڪن کي سڏڪن ۾ بدلائي ڇڏين ٿا. ڪهاڻيءَ جو ڪردار رياض جڏهن گھوٽ جي ويس ۾ انهن خوشين جي مدهوشيءَ وارن لمحن ۾ ٿيندڙ فائرنگ جو شڪار ٿئي ٿو ته ڄڻ سموريون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي وڃن ٿيون، ڪهاڻيڪار ان غلط عمل جو احساس شدت سان ڏيارڻ کانپوءِ اميد جي ڪرڻن کي سنڀالي رکي ٿو ۽ زخمي ٿيل گھوٽ رياض کي آپريشن ذريعي سندس حياتي بچائي وٺي ٿو جنهن جو اظهار ڪهاڻي جي آخري حصي ۾ هن طرح ڪري ٿو ”خوشين کي لڳل ڏنگ جي زهر کي ٻهاري ڪڍيو ويو“ هن ڪهاڻيءَ کي پڙهندڙ اداس لمحن مان گذرڻ کانپوءِ ڪردار جي بچي وڃڻ تي خوشي محسوس ڪري ٿو.
    جڏهن ڪهاڻيڪار ڪنهن موضوع تي لکڻ شروع ڪندو آهي ته ڪڏهن ڪڏهن ائين ٿيندو آهي جو ڪهاڻي فلمي انداز ۾ لکجي ويندي آهي جيتوڻيڪ ان ڪهاڻيءَ ۾ ڀرپور پيغام ته موجود هوندو آهي پر ان جي فلمي انداز جي ڪري ڪهاڻيءَ جي موضوع جي سچائيءَ کي دل قبول ناهي ڪندي. رضوان جي ڪهاڻي ”لڙڪ ۽ مرڪ“ ۾ به شايد ائين ئي ٿيو هجي پر هن ڪهاڻيءَ جي اعلى خوبي اها آهي جو هن جا ڊائلاگ هڪ ڀيرو پڙهڻ کانپوءِ ٻيهر پڙهڻ کانسواءِ رهي نه سگھبو. چاهيندس ته اهي سٽون هتي به شامل ڪيان. ” پيار! جنهن جون هزارين معنائون آهن، هر معنى خوبصورت. پر جڏهن اهو پيار عشق جي ماٿريءَ تي پير ڌريندو آهي ته عقل وارن جي لغت ۾ ان کي ديوانگي ۽ چريائپ جھڙن خطابن سان نوازيو ويندو آهي... ها ڀل ته عشق چريائپ جو ٻيو نالو هجي پر اها عشق واري ديوانگي دنيا جي سڀني سياڻن ماڻهن کان تمام گھڻي اعلى ۽ اتم آهي.“
    ڪهاڻي ”اُلهي ويل وهيءَ جو سج“ عورت جي اهڙي مسئلي تي لکيل آهي جنهن جي ذميوار خود عورت ئي هوندي آهي آئيڊيل جي تلاش وارو عرصو ايترو ته طويل ٿي ويندو آهي جو ان عورت کي احساس ئي ناهي رهندو جو سندس عمر جوڀن جون سرحدون اورانگي پوڙهائپ ۾ داخل ٿي ويندي آهي ۽ پوءِ آئيڊيل ته پنهنجي جاءِ تي پر اها عورت توجهه واري مرڪز مان به نڪري ويندي آهي هن ڪهاڻيءَ جي ڪردار ندا سان به ائين ئي ٿئي ٿو جو سندس وارن ۾ چانديءَ جي اڇاڻ مڪمل طرح سان ڦهلجي وڃي ٿي. ڪهاڻيڪار موضوع جي مناسبت سان ڪهاڻيءَ کي ڪاليج جي ماحول ۾ پيش ڪيو آهي ۽ انهيءَ ماحول جي ڪري ئي موِضوع سان سٺو نڀائي سگھيو آهي ورنه اڪثر سٺا موضوع ماحول جي غلط چونڊ جي ڪري پنهنجي اهيمت وڃائي ويهندا آهن. ڪهاڻيءَ جو ڪردار ندا ڪاليج ۾ ليڪچرر طور مقرر ٿي ساڳي ڪاليج ۾ پرنسپال جي عهدي تائين پهچي ٿي پر ايتري ڊگهي عرصي کانپوءِ به هوءَ پنهنجي آئيڊيل کي تلاش ڪري ناهي سگھي نتيجي ۾ هوءَ اڪيلي رهجي وڃي ٿي.
    رضوان گل ”سپنن جي انت“ ۾ جيڪي به ڪهاڻيون شامل ڪيون آهن انهن جو واسطو اسانجي سماج سان ضرور آهي انهن ڪهاڻين جي پنهنجي پنهنجي سچائي آهي جنهن کان انڪار ڪري نه ٿو سگھجي. ڪهاڻيءَ سان چاهه رکندڙ دوست رضوان جي ڪهاڻين پڙهڻ کانپوءِ انهن ڪهاڻين جي تلخين ۽ ڪڙي سچ کي به پڪ سان محسوس ڪندا ڇاڪاڻ ته رضوان جيئن جيئن محسوس ڪيو آهي تيئن ئي پڙهندڙن سان شيئر ڪيو آهي. مان سمجھان ٿو ته هن ان معاملي ۾ ڪنهن به مصلحت يا رعايت کام ڪم ناهي ورتو. اميد ٿي ڪجي ته رضوان جي ڪهاڻين جي مجموعي ”سپنن جو انت“ کي ڪهاڻيءَ سان چاهه رکندڙ دوستن جو سٺو حلقو ملي ويندو


    محمد هاشم حامي
    لاڙڪاڻو


    • احساسن جي نفاست سان اڻيل ڪهاڻيون

    ادب جي سڀ کان وڌيڪ پڙهي ۽ ٻڌي ويندڙ صنف ڪهاڻي آهي ڇاڪاڻ ته ڪهاڻي سڌي سنئين ماڻهوءَ جي زندگيءَ سان جڙيل آهي. هڪ قابل ڪهاڻيڪار پنهنجي فني سگھ جي ذريعي ڪنهن به ماجرا کي لفظن جي مالها ۾ پوئي عام آڏو عيان ڪري ٿو.
    هن وقت سنڌيءَ ۾ تمام ڀرپور ڪهاڻي لکجي رهي آهي. هن هڻ هڻان واري دور ۾ سنڌي ليکڪ پنهنجي ٻولي ۽ ادب سان ڪميٽيڊ هئڻ جو ثبوت ڏيندي ڪهاڻي ۾ نوان رنگ، نوان لاڙا، نوان خيال سموئي جديد ڪهاڻيءَ جي تقاضائن کي مدِنظر رکي ڪهاڻي سرجي رهيو آهي. رضوان گل جو شمار به اهڙن ئي جاکوڙي لکارين ۾ ٿئي ٿو. ان حوالي سان آنءُ چوندو آهيان رضوان آل رائونڊر لکاري آهي. هو هڪ ئي وقت ڪهاڻي، شاعري، ڪالم، پروفائيل، مضمون، تحقيقي لکڻيون ۽ مختلف ٻولين مان چونڊ تحريرن جا ترجما ڪري پاڻ ملهائيندو رهيو آهي. سندس اندر جي دنيا تمام گھڻي سهڻي آهي. سندس شاعري ۽ ڪهاڻيون پڙهندي ان ڳالهه ۾ ايمان پختو ٿي وڃي ٿو ته هو هڪ خوبصورت تخليقڪار آهي. پاڻ ادب ۾ مقصديت جو قائل آهي ڪٿي به لفظن جو فضول استعمال نه ٿو ڪري. سندس ڪهاڻيون پڙهي مون کي ان ڳالهه جو احساس ٿيو ته ڪيئن لفاظي کان پاسو ڪري اثر ڇڏيندڙ تخليق سرجي سگھجي ٿي.
    رضوان گل جي ڪهاڻين جي هڪ خوبي اها به آهي ته هو مڪالمن ۾ فلمي انداز وارا ڊائلاگ نه ٿو ٽنبي ۽ نه ئي وري گلن ۽ بلبلن وارو پراڻو شاعراڻو انداز ٿو اپنائي بلڪه هو موضوع جي گھرج مطابق نج ۽ تُز مڪالما لکي ٿو جن کي سمجھڻ ۾ ڪا به ڏکيائي نه ٿي ٿئي. سندس ڪهاڻين جا ڪردار اسان جي ئي ارد گرد گھمندڙ ڦرندڙ آهن.
    ”سپنن جو انت“ ۾ شامل سندس سموريون ڪهاڻيون موضوعاتي اعتبار کان هڪ ٻي کان منفرد ۽ احساسن جي نفاست سان اڻيل آهن. سندس ڪهاڻي ”نڪمو“ هڪ اهڙي نفيس نوجوان وسيم جي المياتي زندگيءَ جي تصوير آهي جنهن لاءِ هر ڏينهن جو سج اميد جي ڪرڻن بجاءِ نفرت ڀريل روين جي اس بڻجي اڀري ٿو. ڪهاڻيءَ کي رضوان ڪو به ڊرامائي موڙ ڏئي اميد ڀرئي دڳ تي رسائي سگھيو پئي پر هن زندگي جيئن هلي پئي ان کي جيئن جو تيئن ئي پيش ڪيو آهي. اسان جو معاشرو وسيم جھڙن بيروزگار نوجوانن سان ڀريو پيو آهي. ڪهاڻي ”اُڻ تڻ“ ۾ رضوان انهن نوجوانن کي آئينو ڏيکاري ٿو جيڪي عشق جي جنون ۾ اچي ڪنهنجي ڄائي کي ڀڄائڻ ۾ دير نه ٿا ڪن. ڪهاڻيءَ جو هڪ پيغام اهو پڻ آهي ته محبتون دليون جوڙينديون آهن ٽورينديون ناهن. هن ڪتاب ۾ رضوان گل پنهنجي ڪهاڻين جي ذريعي دوکي، مڪر، ڪوڙ ۽ منافقيءَ وارن چهرن تان شرافت جو ماسڪ هٽائي سندن حقيقي چهرا نروار ڪيا آهن.
    رضوان جھڙو پيارو دوست آهي تهڙو ئي سنجيده ليکڪ به. اسان وٽ ادب ۾ شخصيتن جي کوٽ ڪونهي پر انهن جي عملي ڪردار ۾ جھاتي پائي ڏسبو ته اڪثر هو انهيءَ جي ابتڙ نظر ايندا. منهنجو جيستائين رضوان گل سان ذاتي تعلق رهيو آهي ته هو پنهنجي ذات ۾ تمام وڏو ماڻهو آهي جو سندس قول ۽ فعل ۾ مونکي تضاد نظر نه آيو آهي دعا آهي ته سندس اهڙي ڪردار کي مصنوعيت جي گرهڻ نه لڳي.

    عبدالسلام ٿهيم
    جاتــي ــ ٺــٽـــو


    • منَ جي شانتيءَ خاطر لکيل ڪهاڻيون

    ڪهاڻيءَ جو ڪينواس ڏاڍو وشال آهي جنهن ۾ احساسن جي ڇوليون هڻندڙ سمنڊ کي اظهارڻ لاءِ تمام وسيع ميدان هوندو آهي. ڪهاڻيءَ جا ڪيترائي روپ ۽ رنگ آهن، جن کي مون ڪتابن جي ورقن ۾ به ڏٺو آهي ته سچل ادبي مرڪز جي ادبي ڇانوري ۾ به محسوس ڪندو رهيو آهيان. 90 واري ڏهاڪي کان اُتي ادبي ڪلاسن ۾ اعلى درجي جون ڪهاڻيون پيش ٿينديون رهيون آهن. انهن گڏجاڻين ۾ پيش ٿيندڙ ڪيترين ئي ڪهاڻين مونکي بيحد متاثر ڪيو ۽ مان به ڪهاڻيون لکڻ لڳس.
    مان جڏهن به سماج جي ڪنهن غير معمولي واقعي تي سوچيندو آهيان ته ذهن ۾ خيالن جي جنگ ڇِڙي پوندي آهي، دل چوندي آ ته ان واقعي کي ڪهاڻيءَ جو روپ ڏئي سماج سان شيئر ڪريان، مونکي اهو ڪم پنهنجو فرض محسوس ٿيندو آهي. جيستائين سماجي بي حسي، ٽٽندڙ رشتن ۽ اهڙن سامهون ايندڙ ٻين انيڪ مسئلن تي ڪا ڪهاڻي لکي نه سگھندو آهيان تيستائين اندر ۾ بيچيني ۽ تڙپ جو احساس ٿيندو آهي، جڏهن انهن پلاٽن کي ڪهاڻيءَ جو ويس اوڍائي آجو ٿيندو آهيان ته ان پل ذهن سڪون جي ماٿريءَ ۾ پهچي ويندو آهي. مان هي ڪهاڻيون لکندي جن احساسن جي ساگر ۾ ٻُڏندو ۽ ترندو رهيو آهيان ۽ جذبن جي جا تند منهنجي اندر ۾ ڇڙندي رهي آهي بلڪل ائين ئي مان پنهنجي پڙهندڙن کي به ان احساس جي تند سان جوڙي رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هر اها آههَ جنهن منهنجي دل تي اثر ڪيو آهي ان مونکي ڪهاڻيءَ لکڻ لاءِ اتساهيو آهي. هر اهو سڏڪو جيڪو منهنجي ڪنن ۾ گونجيو آهي مان ان جي گونج جي درد کي ڪهاڻين ۾ اوتيو آهي.
    اها حقيقت آهي ته ڪهاڻيءَ لکڻ سان ڪنهن غريب جي چلهه ته ڪونه ٿي ٻري، ڪنهن بيروزگار کي روزگار ته ڪونه ٿو ملي، ڪنهن ننگي جو انگ ته ڪونه ٿو ڍڪجي... پر هڪ ڪهاڻيڪار جي اندر جو طوفان ماٺو ضرور ٿئي ٿو. هڪ ڪهاڻيڪار سماج جي زخمن جي نشاندهي ڪرڻ کان سواءِ ڀلا ٻيو ڪري به ڇا ٿو سگھي، بس مان به رڳو اهو ئي ڪيو آهي. مون نه ته ڪو انقلاب آڻڻ لاءِ اهي ڪهاڻيون لکيون آهن نه ئي وري ڪو ناصح چوائڻ لاءِ. مون صرف پنهنجي منَ جي شانتيءَ خاطر اهي ڪهاڻيون سرجيون آهن ڇوته اُهي ڪهاڻيون منهنجي اندر جو آواز آهن، اهو ئي سبب آهي جو هن ڪتاب ۾ موجود اڪثر ڪهاڻيون مون ڪنهن گھاڙوءَ جيان گھڙيون نه آهن بلڪه اهي خود ساخته ڪاغذ تي لهي آيون آهن، ان ڪري انهن کي پڙهندي اوهان کي به ڪنهن بناوٽ ۽ اوپرائپ جو احساس نه ٿيندو. منهنجون ڪهاڻيون اوهان کي ڪيئن ٿيون لڳن ان لاءِ اوهان جي قيمتي راين جو اوسيئڙو رهندو.
    هتي مان ناليواري ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامه نگار سڪندر عباسيءَ جو ٿورو مڃڻ پنهنجي فرض ٿو سمجھان جنهن هن ڪتاب لاءِ مهاڳ لکيو. اهڙي طرح ناليواري ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار ۽ شاعر عزيز ڪنگراڻي، برجستي ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ ناول نگار مظهر ابڙي، نامياري ناول نگار ۽ سفرنامه نگار اسحاق انصاري، بيباڪ ڪالم نگار ۽ ڪهاڻيڪار محمد هاشم حامي ۽ نوجوان ڪهاڻيڪار دوست عبدالسلام ٿهيم جا پڻ وڏا قربَ جن هن ڪتاب لاءِ پيار جا ٻه اکر لکيا. آخر ۾ ٿورا پياري دوست رياضت ٻرڙي جا جنهن ڏاهپ پبليڪيشن طرفان هي ڪتاب ڇپائي اوهان جي هٿن تائين پهچايو.

    رضوان گل
    چيئرمين ــ شعبو جاگرافي
    گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو


    • شاعريء جهڙيون ڪهاڻيون

    مون وٽ سندس سڃاڻ ته هڪ شاعر جي ئي هئي پر سندس مضمون، ڪالم ۽ خاڪا پڙهي حيرت ٿيندي هئي ته نثر به ڪيڏي نه سليقي سان ٿو لکي. پر پوء نيٽ تي ۽ مختلف رسالن ۾ سندس ڪهاڻيون به پڙهڻ لاء مليون. رضوان گُل اسان جي ٽهيء جو اهو اديب آهي جنهن شاعري، ڪهاڻي سميت مضمون ۽ مقالا لکي پنهنجو پاڻ مڃايو آهي. سندس تعلق ته هڪ ادبي گهراڻي سان آهي ئي پر هي فن ۽ هي ٽيلنٽ سندس ئي آهي جو پاڻ نوجوان ٽهي ۾ گهڻو پسند ڪيو وڃي ٿو. سندس شاعري، مضمون، لغت جي ڪتابن کانپوء سندس ڪهاڻين جو ڪتاب سپنن جو انت مونکي الائي ڇو سپنن جي شروعات وانگر لڳو. ڪهاڻي جيڪا ادب جو هڪ نه کٽندڙ سلسلو آهي ان کي پيش ڪرڻ جا هر ليکڪ وٽ پنهنجا انداز هوندا آهن. اسان وٽ ڪهاڻيڪار ته اڻ ڳڻيا آهن پر انهن مان عوامي مقبوليت تمام گهٽ ڪهاڻيڪارن کي ملي آهي يا اهڙي چند نالا ئي آهن جيڪي اسان کي ياد رهن ٿا. رضوان به مونکي لڳي ٿو ته ڪهاڻي صف جي انهن ليکڪن مان هڪ هوندو جيڪو سڀني کي ياد رهندو. هو پنهنجي ڪتاب لاء لکي ٿو ته هي ڪهاڻيون من جي شانتيء خاطر لکيل آهن پر يقين ڄاڻو ته رضوان هڪ انقلابي ماڻهو آهي، جنهن ادبي ۽ تعليمي ميدان ۾ گهڻن کي همٿايو آهي ۽ گهڻن کي صحيح رستي تي آندو آهي. مان به انهن مان هڪ آهيان جنهن کي هن ادب دوستي طرف آندو.
    رضوان گل جي ڪتاب سپنن جو انت ۾ موجود ڪهاڻيون نه ته ديو مالائي ڪردارن تي مشتمل آهن ۽ نه ئي وري ڪي خيالي ڪهاڻيون آهن، پر اسان جي چوگرد گهمندڙ ڦرندڙ ۽ رهندڙ ماڻهن جي ڪردارن تي مشتمل آهن. اسان جي ئي معاشري جي عڪاسي ڪندڙ ڪهاڻيون آهن. اهڙيون ڪهاڻيون جن کي پڙهندي ماڻهو پاڻ کي به ان ئي ڪهاڻي جو ڪو ڪردار محسوس ڪري ٿو. ڪهاڻي لاء ضروري آهي ته اها پڙهندڙ کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ۽ ان کي ڪهاڻي ۾ گم ڪري ڇڏي، اهوئي سبب آهي جو سندس ڪتاب هڪ ئي ساهيء ۾ پڙهي پورو ڪيم. هن ڪردارن جا مڪالما اهڙي ته انداز ۾ لکيا آهن جو انهن مان شاعري پئي جهلڪي ۽ لڳي ٿو ته هي ڪهاڻيون نه پر شاعري آهي. ڇو ته هو حساس شاعر به آهي تڏهن ئي ته هن لفظن جي چونڊ به توري تڪي ڪئي آهي. سندس ڪتاب ۾ استعمال ڪيل ٻولي به سادي ۽ سهڻي آهي، اها ٻولي جيڪا اسان جي عام ماڻهوء جي ٻولي آهي. هن ڪهاڻي کي فلاسافي بجاء سڌو سنئون پيش ڪيو آهي، جيڪا هڪ سٺي ڪوشش آهي. ٻيو ته هن ڪوشش ڪئي آهي ته ڪهاڻي ۾ يڪسانيت نه هجي، تنهنڪري مختلف ڪردار مختف ڪهاڻين ۾ مختلف روپن ۾ نظر اچن ٿا.
    سندس ڪهاڻي بت بڻجي ويل شخص سوشل ميڊيا جي اصلي تصوير پيش ڪري ٿي، جتي ڪو بيوقوف بڻجي ٿو، ڪو احساس تي وار ڪري ٿو ته وري ڪو پاڻ کي مصروف رکڻ لاء ٻئي کي الجهايو ويٺو آهي. سندس ڪهاڻي ڇولين جو ماتم پڙهندي مونکي اڄوڪي دور جا مطلب پرست انسان ياد اچي ويا جيڪي لالچ جي انڌ ۾ اچي ڪنهن جي به اعتماد کي سولائيء سان ٺيس پهچائي سگهن ٿا. سندس ڪهاڻي سپنن جو انت ڪراچي جي موجوده حالتن جي صحيح عڪاسي ڪري ٿي، جتي روزانو ڪيترن ئي نوجوانن جي سپنن جو انت سندن زندگيء جي انت سان گڏ دفن ٿي وڃي ٿو. سندس ڪهاڻي پروفيسر اهڙي مطلب پرست ڀاء جي آهي جيڪو پنهنجي خوشين ۽ مجبورين عيوض رشتن جي تقدس کي به وساري ويهي ٿو. سندس ڪهاڻي منهنجو ارسلان پڙهندي لڳو ته ڄڻ مان ڪجهه وڃائي رهيو آهيان ۽ ڪهاڻي جي ڪردار ۾ گم ٿي ويس.
    سچ ته اهو آهي ته رضوان جي ڪهاڻين جو هن ڪتاب اسان جي معاشري جي هر ڪردار کي سمايئي ڇڏيو آهي، جيڪو ٻوڏ کان غريبي، اميري ۽ فقيري سان گڏ استاد، ڪلرڪ، ڊرائيور، عشق، ڪوڙ، ٺڳي ۽ سچائيء ۽ عورت جري مختلف روپن جي داستانن تي مشتمل آهي. سندس ڪهاڻين جو هي ڪتاب رشتنن جي مختلف روپن کي اهڙي ته انداز ۾ ڏيکاري ٿو جو لڳي ٿو ته هي منهنجي ئي حياتيء جا لکيل مختلف داستان آهن.
    مونکي پڪ آهي ته رضوان گل ادب جي آبياري ۾ اڳ کان به اڳرو رهندو ۽ سندس قلم بنا ڪنهن بريڪ جي لکندو رهندو ۽ اسان جي رهنمائي ڪندي معاشري کي سنوارڻ ۾ ڪردار ادا ڪندو رهندو.

    محمد سليمان وساڻ
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام


    ڪهاڻيون

    1. ڇولين جو ماتم

    ”شهزاد! هڪڙي ڳالهه ڪَنَ کولي ٻڌي ڇڏ جيڪڏهن تون ان ڇوڪريءَ سان پنهنجي شاديءَ جو تصور به ڪيو ته اهو ڏينهن هِن گھر ۾ تنهنجو آخري ڏينهن هوندو. تون ڄاڻين ٿو ته تنهنجي مڱڻي منهنجي ڀاڻيجي تانيا سان ٿيل آهي ۽ توکي شادي به ان سان ئي ڪرڻي پوندي. اهو منهنجو آخري فيصلو آهي، بس مان ٻي ڪابه ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ناهيان. آيئي ڳالهه سمجھ ۾!“ بابا جو ڳورو آواز منهنجي ڪنن ۾ گونجي رهيو هو. سندس چيل جملا بار بار سماعتن سان ٽڪرائجي منهنجون لوندڙيون ڦاڙي رهيا هئا.
    اِرم جو عشق منهنجي لاءِ زندگيءَ جو ٻيو نالو بڻجي چڪو هو. هن سان ڪيل واعدا مون کي ڏينڀوءَ جيان ڏنگي رهيا هئا. هن منهنجي لاءِ پنهنجي والدين کي آماده ڪري ورتو هو، ڇو ته نه صرف مون پر اِرم به مون سان شديد محبت ڪئي هئي. هوءَ مون کان سواءِ مري ويندي ۽ مان به ڪنهن ٻيءَ سان زندگي گھاري نه سگھندس... پر اها ڳالهه بابا کي ڪير سمجھائي؟! سوچي سوچي ٿڪجي پيو هوس. دماغ جون رڳون ڌنوِين رهيون هيون. دريءَ مان ٻاهر نِهاريم ته يادن جي دريءَ جا تاڪ به کُلي پيا. اهو ڏينهن ياد اچڻ لڳو جڏهن مون کي اِرم پهريون ڀيرو ملي هئي...
    ..........
    مان جڏهن اُداس ٿيندو هوس ته سمنڊ ڪناري هليو ويندو هوس. ان ڏينهن به منهنجي دل جي دنيا ۾ اداسيءَ جا ڪارا ڪڪر ڇائنجي ويا هئا جن مان دک جا لڙڪ وسڻ وارا ئي هيا ته مان مرسڊيز جون چاٻيون کڻي اڪيلو سمنڊ ڪناري ڏانهن نڪري پيو هوس. ان ڏينهن سمنڊ تي تمام گھڻي رش هئي. مان دير تائين بيٺو ڇولين کي ڏسندو ۽ ڪناري تي گھمندڙ مختلف ماڻهن جا چهرا چتائي رهيو هوس. ٽهڪ ڏيندڙ دوستن جا ٽولا، واريءَ جا گھر ٺاهيندڙ ۽ ڪُڏندڙ ٻار، هٿ ۾ هٿ ڏئي گھمندڙ جوڙا، جُوسن، بوتلن، ڇولن وارا منهنجي نظرن آڏو ڦرندا رهيا. خبر ئي نه پئي ته ڪيترائي سگريٽ پي انهن کي خاڪ ۾ تبديل ڪري ويو هوس. دل چيو، گاڏيءَ ۾ پيل وِسِڪيءَ مان ٻه ڍُڪَ هڻي اچان. اهو ارادو ڪري گاڏيءَ جي قريب پهتو هوس ته بانيٽ تي هڪ انتهائي حسين ڇوڪريءَ کي ويٺل ڏسي ڄمي بيهي رهيو هوس. اڇو کير جھڙو رنگ، ڊگھا وار، خوبصورت اکيون ۽ موهي وجھندڙ قد بت. منهنجا قدم آهستي آهستي وڌڻ لڳا. جيئن جيئن سندس ويجھو ٿيندو ويس تيئن تيئن دل جو ڌڙڪو وڌندي محسوس ڪيو هوم. نه ڄاڻ ڇو! ڪجهه به سمجهه ۾ نه پئي آيو. دل ئي دل ۾ سوچڻ لڳو هوس ته هي مون کي ڇا ٿي رهيو آهي! مان گاڏيءَ جي ڀرسان پهچي ويس ته ڇوڪري ڇرڪي پئي. هڪدم گاڏيءَ جي بانيٽ تان اٿي پاسي کان ٿي بيهي رهي. ڪار جو دروازو کولي ڊرائيور سيٽ تي ويهي رهيو هوس. منهنجون نظرون وِنڊ اسڪرين مان پار ٿينديون ان من موهيندڙ حسينه تي ئي ڄميل رهيون. هوءَ ڀرپاسي جي ماحول کان بي نياز هڪ هنڌ بيٺي رهي. سندس ريشمي وار هوا تي اڏامي رهيا هئا جن کي هر هر ورائي رهي هئي. مان ڪيترين ئي ڇوڪرين سان مليو هوس. يونيورسٽيءَ ۾ منهنجو اڪثر وقت پنهنجي گرلز ڪلاس فيلوز سان ڪچهريون ڪندي گذرندو هو، پر اهڙي ڇڪَ مون ڪنهن ٻي ڇوڪريءَ لاءِ ڪڏهن به محسوس نه ڪئي هئي. ان ڇوڪريءَ ۾ ڪا جادوئي ڪشش هئي جيڪا بي ساخته مون کي پاڻ ڏانهن ڇڪي رهي هئي.
    گاڏيءَ مان لهي وڃي سندس ڀر ۾ بيهي رهيس. کيس ڇا چوان؟! ’هيلو چوندومانس، پوءِ هوءَ به هيلو چوندي. نه نه هوءَ ڪا گھڻي ماڊرن ڇوڪري ڪونه ٿي لڳي.‘ پاڻ سان ئي ڳالهيون ڪري رهيو هوس. سڀ ڪجهه عجيب لڳي رهيو هو، ڇالاءِ ته اڳ مون سان ائين ڪڏهن به نه ٿيو هو! ’ڇا ڪريان؟ ٺيڪ آهي، سلام ٿو ڪيانس.‘ دل ئي دل ۾ سوچيندو ڏانهنس وڌي ويو هوس. مون ڏانهن ڏٺو هئائين کيس ان پل ئي نظرون ملائيندي ”السلام عليڪم“ چئي ڇڏيو هو.
    مرڪندي جواب ڏنو هئائين، ”وعليڪم السلام.“
    ”اوهان اڪيلا آهيو؟“ مان همت ڪري کانئس پڇيو هو.
    مون ڏانهن نهاري نظرون هيٺ جھڪائيندي وراڻيو هئائين: ”نه مون سان گڏ منهنجي فيملي آهي.“
    ”فيملي!“ مون حيران ٿيندي کيس چيو هو.
    ”ها منهنجا امي ابو، ادا ۽ ڀاڀي.“
    ”اڇا، پوءِ توهان هتي!“
    ”ها! مون کي سمنڊ کان ڊپ لڳندو آ، تنهنڪري ٻاهر بيٺي آهيان.“ منهنجي سوال کي اڌ ۾ ڪٽيندي پاڻ ئي جواب ڏئي ڇڏيائين.
    مون کي جسم ۾ ڏڪڻي محسوس ٿيڻ لڳي. جيتوڻيڪ سردي به نه هئي. ڪجهه به سمجهه ۾ نه ٿي آيو، ڇالاءِ ته منهنجي اهڙي ڪيفيت اڳ ڪڏهن به نه ٿي هئي. پاڻ تي ضابطو آڻيندي کانئس سوال ڪيو: ”اوهان پڙهندا آهيو؟“
    اچانڪ ٻي پاسي منهن ڦيرائي ڇڏيائين ۽ ڪجهه قدم پرڀرو ٿي بيٺي. سندس وار هوا تي مسلسل اڏامي وکري رهيا هئا.
    ”مون ڪو غلط سوال ڪيو ڇا؟! معاف ڪجو جيڪڏهن مون ڪجهه غلط پڇيو هجي ته.“
    تيز هوا سبب پاڻيءَ جون بوندون جسم کي مسلسل ڇُهي رهي هيون. ڪجهه گھڙين جي خاموشيءَ بعد هن ڪنڌ ورائي جواب ڏنو: ”امي وارا هيڏانهن پي آيا تنهنڪري مون اوهان کي جواب نه ڏنو. اهڙي ڪابه ڳالهه نه آهي. ها مون هن سال ڪراچي يونيورسٽي مان سنڌي ادب ۾ ماسٽرس ڪئي آهي.“
    منهنجي همت وڌي وئي هئي. ”مون اين ئي ڊي مان سِوِل ۾ بِي اِي ڪئي آهي، منهنجو نالو شهزاد آهي. مان هتي ڀرسان ڊفينس ۾ ئي رهندو آهيان.“ مان چهري تي هلڪي مرڪ آڻيندي کيس پنهنجو تعارف ڪرايو هو.
    ”اها مرسڊيز اوهان جي آهي؟“ اوچتو سوال ڪيو هئائين.
    ”ها! بلڪل اها مرسڊيز منهنجي آهي، پر اوهان پنهنجو نالو نه ٻڌايو؟!“
    ”منهنجو نالو اِرم آهي. اسان گلستانِ جوهر ۾ رهندا آهيون. منهنجو ابو پرائيويٽ ڪمپنيءَ ۾ جاب ڪندو آهي ۽ ادا واٽر بورڊ ۾ آهي.“
    اِرم جون اکيون چَوگرد گھمي رهيون هيون.
    ”اوهان پريشان ڇو آهيو؟“ مون کانئس پڇيو هو.
    ”شايد امي وارا هيڏانهن پيا اچن، اوهان پليز ٿورو پرتي ٿي بيهو.“ هن گھٻرائجندي چيو هو.
    ”اوهان ناراض نه ٿيو ته هڪ ڳالهه چوان؟“
    ”جي، جلدي چئو!“
    ”اوهان پنهنجو سيل نمبر...“ منهنجو جملو اڃا اڌ ۾ ئي هو ته اِرم چيو هو: ”نوٽ ڪيو .....0300 “ ۽ مون هڪدم نمبر نوٽ ڪري ورتو هو.
    ”Thank u so much“ مون سندس اکين ۾ گھوريندي چيو هو.
    هن ٿورو مسڪرائيندي نظرون ڦيري، هلڪي آواز ۾ ”welcome“ چئي ڇڏيو هو.
    اِرم جا والدين سامهون اچي رهيا هئا. هوءَ آهستي آهستي هلندي وڃي انهن سان ملي. مان واپس اچي ڪار ۾ ويٺو هوس. وِسڪيءَ کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ نشا چڙهي ويا هئا. مان کيس مسلسل ڪار جي وِنڊ اسڪرين مان نهاري رهيو هوس. هوءَ به بار بار ڪنڌ ورائي مون ڏانهن ڏسي رهي هئي.
    ساڻس گھاريل اهي چند لمحا ڪو خواب لڳي رهيا هئا. ان پل احساس ٿيو هو ته فقط خواب ئي نه، پر ڪجهه حقيقتون به خوبصورت هونديون آهن. ڪار اسٽارٽ ڪري، اِرم جي پويان وڃڻ جو خيال آيو. موبائيل ۾ سِيو ڪيل سندس نمبر تي ميسيج ڪيو هو.
    ”This is my number. Shahzad“
    ”Ok Thanks. Irum“ جواب ترت ئي اچي ويو.
    ان پل سمنڊ جي ڇولين ڏانهن نهاريو هوم. ايئن ٿي لڳو منهنجي خوش ٿيڻ تي اهي به نچي، ڪُڏي خوش ٿي رهيون هيون. ڪار اسٽارٽ ڪري آهستي آهستي هلڻ لڳو هوس. ان ساعت ائين لڳي رهيو هو جيئن سڄو زمانو مون سان گڏ هلڻ لڳو هجي. دل تي ڇانيل ادسيءَ جا ڪارا ڪڪر ميگھ ملهار بڻجي منهنجي من جي صحرا تي وڏ ڦڙي جيان وسي پيا هئا. کن پل لاءِ ته اعتبار ئي نه پئي آيو. جيتوڻيڪ منهنجي موبائيل ۾ ڇوڪرين جي نمبرن جي ڪا کوٽ ڪونه هئي، پر پنهنجي موبائيل ۾ اِرم جو محفوظ ڪيل نمبر ڏسي عجيب خوشي محسوس ٿي رهي هئي. ڊفينس جي موڪرن روڊن تان گاڏي ڊوڙائيندو اچي بنگلي تي پهتو هوس.
    .........
    يادن جو سلسلو ٽُٽي پيو. دريءَ واري منظر مان ديدون ڦيرائي ٻَئي تاڪ ٻيڪڙي ڪمري جي ڇت ۾ هڪ هنڌ تي اکيون ڄمائي ڇڏيم. بابا جا جُملا وري منهنجي ذهن تي هٿوڙا بڻجي وسڻ لڳا...
    سمنڊ ڪناري اِرم سان منهنجي اها پهرين ملاقات هئي. ان کان پوءِ پورا ڇهه مهينا اسان هڪ ٻئي سان راتين جون راتيون ڪچهريون ڪندا رهياسين. خبر ئي نه پئي ته ڪڏهن اهو تعلق پيار، محبت، عشق ۽ جنون ۾ تبديل ٿي ويو.
    اسان ٻنهي جي رشتي لاءِ اڄ جڏهن اِرم جا گھر وارا مڪمل طور راضي آهن ته بابا ان رشتي آڏو ديوار بڻجي بيهي رهيو آهي. ڪاش! اڄ امان زنده هجي ها ته کيس مڃائي وجھان ها. پر بابا کي ڪيئن مڃايان! مٿو ڦاٽي رهيو آهي. آخر ڇا ڪريان مان! ٻئي هٿ مٿي تي رکي سوچي سوچي ٿڪجي پيو هوس. ڪجهه به سمجهه ۾ نه ٿي آيو. موبائيل تي رِنگ وڳي. اِرم جي ڪال هئي.
    ”هيلو اِرم! يار مان ڏاڍو پريشان آهيان. منهنجو مٿو ڦاٽي رهيو آهي. بابا بلڪل به نه ٿو مڃي. کيس ڏاڍو احساس ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر...“
    ”شهزاد! ڪجهه به ڪر! پر مان توکان سواءِ هڪ پل به گذاري نه ٿي سگھان. بس مون کي تون گھرجين. صرف تون. مان ٻيو ڪجهه به نه ٿي سمجھڻ چاهيان! جي تون مون سان شادي نه ڪئي ته مان خودڪشي ڪري ڇڏينديس. مان زهر کائي ڇڏيندي مانءِ...“
    منهنجي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا هئا. جذباتي ٿي ويو هوس. مون پنهنجي نرڙ تي هٿ رکي ڏڪندڙ آواز ۾ چيو: ”بس ٺيڪ آهي ارم! مان هڪ فيصلو ڪري توڏانهن اچي رهيو آهيان. هميشه لاءِ تنهنجو ٿيڻ جي خاطر، مان هاڻي ئي تو ڏانهن اچان پيو!“
    بابا جي ڪمري جو دروازو کولي کيس چيو: ”ٺيڪ آهي بابا مان هاڻي توهان جي ضِد سبب توهان کي، توهان جي ملڪيت سميت اڪيلو ڇڏي وڃي رهيو آهيان. مان اوهان جو سڀ ڪجهه ڇڏي هن گھر مان وڃي رهيو آهيان...“
    بابا ڏمرجي پيو هو. دنيا جهان جون گاريون ڏيندي مون کي ڪمري کان ٻاهر ڌڪو ڏئي زور سان دروازو بند ڪري ڇڏيو هئائين.
    ڊرائنگ روم مان گذرندي، لان ۽ ڪار پورچ کان پوءِ آخري ڀيرو گيٽ تي بيٺل گارڊ ڏانهن نهاري اڳتي وڌي ويو هوس. ٽيڪسي ۾ ويهندي اِرم ڏانهن رنگ ڪئي.
    ”اِرم! مان سڀ ڪجهه ڇڏي صرف تنهنجو ٿيڻ لاءِ توڏانهن اچي رهيو آهيان.“ منهنجو آواز گنڀير ٿي ويو هو.
    ”مطلب تون پنهنجو گھر ڇڏي آيو آهين!؟ پنهنجي بابا کان ڌار ٿي ويو آهين؟“
    ”ها اِرم! مان هاڻي صرف تنهنجو آهيان. ٻيو ڪنهن جو به حق ناهي هاڻي مون تي.“
    ”پر شهزاد! تو اهو فيصلو ڪيئن ڪيو آهي؟“
    ”پاڻ کي شادي ڪرڻ کان هاڻي ڪوبه روڪي نه سگھندو. مون اهو فيصلو ان ڪري ئي ڪيو آهي اِرم!“
    ”پر شهزاد! شاديءَ کان پوءِ اسان ڪٿي رهنداسين! تون ڪٿي وٺي هلندين مون کي!؟“
    ”بس! مون ٻيو ڪجهه به ناهي سوچيو!“
    اِرم جي لهجي ۾ اچانڪ اوپرائپ اچي وئي. چيائين: ”پر شهزاد! مان اهڙي صورتحال ۾ توسان شادي ڪيئن ڪنديس! جڏهن توکي پنهنجو گھر به ناهي رهيو!“
    ”اِرم جا اهي جملا، اهو انداز ۽ اهو لهجو منهنجي لاءِ بلڪل نئون هو. سندس چيل جملا منهنجي ذهن ۾ رڪارڊ ٿي ويا. فون بند ڪري ڇڏيم. ان پل منهنجو روح زخمي ٿي پيو هو. دل زور سان ڌڙڪڻ لڳي هئي، اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا هئا، ڪيتريون ئي ڪالز آيون، اٽينڊ نه ڪيم...
    ..........
    اڄ سمنڊ جون ڇوليون مون کي ماتم ڪندي محسوس ٿي رهيون آهن، مان سمنڊ ڪناري اتي ئي اچي بيٺو آهيان جتي اِرم پهريون ڀيرو ملي هئي ۽ مون کان پڇيو هئائين: ”هــيءَ مــرســـڊيــز تـنـهنــجي آهــي!؟“


    2. بت بڻجي ويل شخص

    منهنجي موبائيل تي ميسيج بيل وڳي، ڪنهن نئين نمبر تان آيل ميسيج کولي ڏٺم. خالي هو...
    مان ان وقت پنهنجي آفيس جي شيشي مان ٻاهران جو من موهيندڙ منظر ڏسي رهيو هوس. سرمئي بادل آڪاش تي اڏامي هڪ ٻئي سان ڀاڪر پائي رهيا هئا، هوائن جو رخ تبديل ٿي رهيو هو، مِينهَن جون بوندون شروع ٿي چڪيون هيون، پکي آکيرن ۾ پناهه وٺڻ لاءِ هوا جو سينو چيريندي اڏامڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. مان پنهنجي رِوالونگ چيئر کي ڦيرائي ٽيبل تي رکيل ليپ ٽاپ آن ڪيو.
    دل چيو اهڙي مست موسم ۾ ڪوئي خوبصورت گانو ٻڌجي. هڪ دفعو ٻيهر موبائيل تي ميسيج بيل وڳي. ميسيج پڙهڻ لاءِ کوليو. ساڳي اڻ ڄاتل نمبر تان خالي ميسيج!
    مان اڪثر اهڙن ميسيجز کي اهميت نه ڏيندو آهيان، پر نه ڄاڻ ڇو ان نمبر تي ”who r u“ لکي send ڪري ڇڏيو.
    ترت ئي جواب آيو ”I m anam & u r my jaan“ مون اهو پڙهي، پڇتايو. سوچيو ته مون کي Reply ڏيڻ نه گھربو هو.
    مان آفيس جي ڪم ڪار سان لڳي ويس. ٽيبل تي رکيل موبائيل تي اُن اڻ ڄاتل نمبر تان ڪيترائي ميسيج ايندا رهيا. جڏهن آفيس کان واپس گھر آيس ته اهي سمورا ميسيج پڙهي اندازو ٿيو ته جيڪو به آهي بهرحال سندس ٽيسٽ لاجواب آهي.
    صبح، منجھند، شام ان نمبر تان ميسيج ايندا رهندا هئا. ڪوبه Reply نه ڪندو هوس. مون کي پَڪ هئي ته اهو يا ته منهنجو ڪو دوست آهي يا وري ڪو واقفڪار، جيڪو ڇوڪري بڻجي تنگ ڪرڻ ٿو چاهي...
    ڪافي ڏينهن ۽ مهينا گذري ويا. ان دوران ساڻس چيٽنگ به ڪرڻ شروع ڪئي. مان ڪيترائي ڀيرا ساڻس ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هر ڀيري ڪونه ڪو بهانو ڪري وٺندي هئي. آخرڪار هڪ ڏينهن مون پنهنجي هورا کورا لاهڻ لاءِ کيس ميسيج ڪيو:
    ”جيڪڏهن تون واقعي به ڪا ڇوڪري آهين ته پوءِ بلڪل هن وقت مون سان ڳالهاءِ... نه ته اڄ کان پوءِ رابطا ختم.“
    واپسي ۾ ميسيج بجاءِ ڪال اچڻ لڳي، اٽينڊ ڪئي...
    پريان ڇوڪريءَ جو ڌيمو آواز آيو: ”ڇا اوهان هن وقت تائين مون کي ڪو مرد يا ڪو پنهنجو دوست سمجھندا رهيا آهيو؟!“
    مان ڪجهه به ڳالهائي نه سگھيس. نِڙيءَ مان لفظ نڪري نه سگھيا. مون فون Disconnect ڪري ڇڏي.
    محسوس ٿيو جيئن ڪوئي پنهنجو آواز بدلائي ڳالهائيندو هجي. هاڻي مان سنجيده ٿي سوچڻ تي مجبور ٿيس ته آخرڪار هوءَ ڪير ٿي سگھي ٿي جنهن کي مون سان ايڏي دلچسپي آهي؟! مون کيس ميسيج ڪيو: ”اوهان مون کي ڪيترو ٿا سڃاڻو ۽ مون کي آخر ايترا سارا ميسيجز ڇو ٿا ڪريو؟“
    جواب آيو: ”مان اوهان کي ايترو سڃاڻان ٿي ته اوهان سرڪاري آفيسر آهيو، ڊفينس فيز II جي 3 نمبر اسٽريٽ ۾ پهرئين ڪارنر تي اوهان جو بنگلو آهي، بليڪ ڪلر جي سِٽي ڪار اٿوَ، اوهان شادي شده آهيو، ٻه ٻار اٿوَ، فري ٽائيم ۾ ڳائيندا به آهيو، اوهان جا گانا مون يُوٽيوب تي به ڏٺا آهن جيڪي مون کي ڏاڍا پسند آهن. مان ته هر وقت اهي گانا ڳائيندي رهندي آهيان. نالو شاهد اٿوَ پر مون لاءِ منهنجي جان آهيو توهان... مان توهان جي آواز جي ديواني آهيان. توهان جي شخصيت مون کي تمام گھڻو متاثر ڪيو آهي. منهنجو وس هجي ته اڄ ئي توهان سان شادي ڪريان.“
    سندس جواب پڙهي هڪ هنڌ ڄمي ويس: ’هيڏي ساري ڄاڻ ڪنهن کي ٿي سگھي ٿي؟‘ سوچي سوچي ٿڪجي پيس، ڳالهه سمجھه ۾ نه آئي. ذهن ۾ آيل ڪيترائي سوال کانئس ميسيج ذريعي معلوم ڪيا، ته جيئن اندازو ڪري سگھان ته هوءَ ڪير ٿي سگھي ٿي، پر هر سوال جي جواب ٻڌڻ کان پوءِ منهنجي پريشاني ويتر وڌنڌي ٿي وئي، نه صرف پريشاني، پر تجسس پڻ وڌڻ لڳو. ان ڳالهه جي تَهه تائين پهچڻ جي لاءِ، نه چاهيندي به مون ساڻس ميسيجز ذريعي رابطو جاري رکيو.
    ان اڻ ڄاتل نمبر تان مختلف وقتن تي شاعري ۽ مختلف ڪوٽيشنس وارا ميسيجز ايندا رهندا هئا. اهو سلسلو مهينن تائين هلندو رهيو. هاڻي مان به سندس ڪيل ويهن ميسيجز جي موٽ ۾ پنج ميسيج موڪلڻ لڳو هوس. مون اهو سوچيو ته صرف ميسيج ڪرڻ ۾ ڀلا ڇا ٿو ٿئي!
    ان وقت آسمان ۾ گجگوڙ سان گڏ کنوڻ جا تجلا به ٿي رهيا هئا جڏهن مان پنهنجي دوست اعجاز جي خوبصورت پينٽنگس سان سجايل اوطاق تي ويٺو هوس. ڪجهه گھڙين بعد تيز مينهُن لهي پيو. مون کليل دروازي تي لڙڪيل پردا هٽائي ڇڏيا. ڇتين جا نيسارا وهي ڇُڙيا. روڊ تي پاڻي گڏ ٿيڻ شروع ٿي ويو. مان نرم آرامده سنگل صوفي تي ويٺل هوس. اعجاز بينڪ ۾ آفيسر آهي اسان ننڍي لاءِ جا سنگتي آهيون. مان اعجاز سان ڪچهري دوران موبائيل تي ايندڙ ميسيجز به پڙهندو رهيس. پنهنجي کاڏيءَ تي هٿ رکي منهن ۾ گھنج وجھندي اعجاز اوچتو سوال ڪيو: ”يار! تون ڪجهه وقت کان موبائيل ۾ ڪجهه گھڻو ئي مصروف نه ٿي ويو آن؟! ڪير ٿو ڪَرئِي ايڏا ميسيج ڀلا؟“
    مان مُنهن پَڪو ڪندي چيو: ”بس يار موبائيل ڪمپنين به ميسيج ڪري ڇڏيا آهن سستا! سو واندن ماڻهن به اچي ميسيجز تي زور ڀريو آهي. ڏينهن جو ته ٽائيم ئي نه ٿو ملي، ڀلا موبائيل جا ميسيج پڙهجن يا ٻيا ڪم ڪار ڪجن! هاڻي هتي ڪجهه وقت مليو ته سوچيم اِن باڪس تي سرسري نظر ڦيرائي وٺان.“
    ”پر الاءِ جي ڇو مون کي ائين نه ٿو لڳي!“ اعجاز انڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيندي شَڪ واري انداز ۾ چيو.
    ”اڇا! ته پوءِ توکي ڇا ٿو لڳي ڀلا؟“ مون چيو.
    اعجاز سگريٽ دکائي تيليءَ کي وسائڻ لاءِ هوا ۾ لوڏيندي مُنهن ۾ سُونڊ وجھي وراڻيو: ”مون کي لڳي ٿو ته ڪنهن ڇوڪريءَ جو چڪر آهي.“
    ”هاهاها...“ مون هلڪو ٽهڪ ڏيندي کيس وراڻيو: ”ڇوڪرِي ۽ مان! ڇڏ يار! اهڙي ڪابه ڳالهه ناهي، هجي ها ته توکان لڪايان ها ڇا ڀلا؟“
    ٻاهر مينهَن ۽ هوا جي پاڻ ۾ جنگ ڇڙي پئي هئي جنهنڪري مينهن جي ڪڻين جي ڇانٽ اوطاق جي دروازي وٽان پيل ڪارپيٽ کي آلو ڪري ڇڏيو. سائن بورڊن جي رنگين روشنين ۽ گاڏين جي بتين جا عڪس روڊ تي جمع ٿيل پاڻيءَ ۾ جِھرمر ڪري رهيا هئا. گاڏيون تيزيءَ سان گذرڻ سبب پاڻيءَ اڏري فوٽ پاٿ تي به چڙهي ٿي آيو.
    مان پاڻ تي ضبط ڪندي به پنهنجي ڪوڙ کي لڪائڻ لاءِ چپن تي تري آيل مُرڪ لڪائي نه سگھيس. اهو شايد ان ڪري به، ته مان اعجاز کان اڄ ڏينهن تائين ڪابه ڳالهه لڪائي نه سگھيو آهيان. سندس پڇيل سوال واري انداز مون کي وڌيڪ ڪوڙ ڳالهائڻ کان روڪي ورتو.
    سگريٽ جو ڪش هڻي دونهين کي هوا ۾ اڏاريندي چهري تي هلڪي مسڪراهٽ آڻي چيائين: ”الاءِ پيارا! اسان به گھاٽ گھاٽ جو پاڻي پيتو آهي. سڄو ڏينهن مختلف قسمن جي ماڻهن سان واسطو آ ۽ توکي ته مان هونئن به چڱيءَ ريت ٿو سڃاڻان، سو مون سان چالاڪي ڪيئن ڪري سگھندين!؟“
    مان هلڪو مُسڪرائي پوءِ سنجيده ٿيندي اعجاز سان سموري ڳالهه شيئر ڪرڻ لڳس ۽ کيس اهو به ٻڌايو ته لڳ ڀڳ هڪ سال ٿيڻ تي آهي، هيءَ ڇوڪريءَ جنهن جو نالو انعم آهي، مون سان ميسيجز ذريعي رابطي ۾ آهي. هن مون سان پنهنجي بلڪل ذاتي نوعيت جون ڳالهيون به شيئر ڪيون آهن ۽ مون به کيس پنهنجي متعلق ڪافي ڪجھ ٻڌائي ڇڏيو آهي. کوڙ ساريون ڳالهيون ٿيون آهن. هاڻي ته يار منهنجي به عادت بڻجي وئي آهي هوءَ. جيستائين ساڻس ميسيج تي رابطو نه ٿو ٿئي ته اُٻاڻڪو ٿو ٿي پوان.
    منهنجي مُنهن ۾ گھوريندي اعجاز خاموشيءَ سان منهنجون ڳالهيون ٻڌي رهيو هو. ملازم ٽيبل تي ٻاڦ نڪرندڙ گرم گرم ڪافي جا ڪوپ اچي رکيا. مون سربستو احوال اعجاز کي ٻڌائي ڇڏيو.
    چيائين: ”تو نمبر ڇو نه تبديل ڪيو؟“
    چيومانس: ”پهريون سوچيو هو، پر پوءِ دل چيو پڙهيل لکيل ڇوڪري آهي، شاعريءَ جي ٽيسٽ به ڏاڍي غضب جي اٿس، بس فارغ وقت ۾ ساڻس ڳالهيون ڪندس، ته وقت سٺو گذرندو.“
    ”پوءِ هاڻي ڳالهه ڪٿي پهتي آهي؟“ ڀروون ڇڪيندي چيائين.
    ”پيارا! مان هن وقت تائين ساڻس مليو به نه آهيان. ڳالهايو به صرف هڪ ڀيرو ئي اٿم، سوبه آواز ٺيڪ طرح سان ٻڌڻ ۾ نه پئي آيو. بس ٻيو ڪجهه به نه!“
    ”ته پوءِ هاڻي اهو قصو آخر ڪٿي پورو ٿيندو؟“
    چيم: ”بس ائين ئي جيستائين ان جي شادي نه ٿيندي هلندو رهندو. پوءِ هوءَ نمبر مَٽائي ڇڏيندي... يــار! ائين منهنجو فري ٽائيم به ڏاڍو سٺو ٿو گذري. ڀلا صفا ڳالهه حد کان وڌي وئي ته پوءِ کڻي نمبر مَٽائي ڇڏبو!“ مون پنهنجي چهري تي اطمينان آڻيندي چيو.
    ”نمبر مٽائڻ سان ڇا ٿيندو؟ تو ٻڌايو ته تنهنجي بابت سڄي ڄاڻ اٿس! ويندي گھر جي نمبر تائين... ۽ توسان شاديءَ جي خواهشمند به آ!“ منهنجي ڳالهه کي اڌ ۾ ڪٽيندي اعجاز ڪراس ڪوئيسچن ڪيو.
    ”ها! پر مان سمجھان ٿو ان معاملي ۾ هوءَ به ڪا هرو ڀرو ايڏي سنجيده ناهي.“
    هجت واري انداز ۾ مون ڏانهن آڱر سڌي ڪندي چيائين: ”هاڻي منهنجي ڳالهه غور سان ٻڌ! اڄوڪي ڏينهن ۾ وڃي شرافت سان پنهنجو نمبر مَٽاءِ! ۽ ان ڇوڪريءَ سان جيڪو ۽ جيترو به تعلق جُڙيو اٿئي سو ختم ڪري ڇڏ... پاڻ عزت وارا ماڻهو آهيون خواه مخواه ڪنهن ڏچي ۾ نه اچي وڃين!“
    ”هاهاهاهاها...“ مون وڏو ٽهڪ ڏيندي صوفي جي ٻانهن تي هٿ هڻندي چيو: ”يار! اهڙو ڪجهه نه ٿيندو! تنهنجي دعا کپي.“ ڳالهه مٽائيندي چيم: ”موسم ته ڏاڍي زبردست ٿي وئي آ. اُٿ ته اڄ سِي وِيو تي هلئون.“
    هاڻي برسات ڪجهه جَھڪي ٿي چڪي هئي. موسم لاجواب ٿي وئي هئي ۽ هوا ۾ ٿورڙو سيئاندو به محسوس ٿي رهيو هو. اعجاز هلڻ کان لاچاري ڏيکاريندي چيو:
    ”يار اڄ مان ڏاڍو ٿڪل آهيانءِ ڪنهن ٻئي دفعي!“
    ”پوءِ ڀلا مون کي اجازت ڏي.“ مون اعجاز کان موڪلايو، پر هو اوطاق جي دروازي تي بيٺو رهيو. مون اچي گاڏي اسٽارٽ ڪئي پهرين گيئر ۾ آڻي اعجاز کي هٿ جي اشاري سان سلام ڪري اڳتي نڪري آيس ۽ سڌو اچي هڪ ريسٽورنٽ ۾ ويٺس. اهڙي رومانٽڪ موسم ۾ ڪنهن اڻ ڏٺل ۽ تصور ۾ سوچيل حسينه سان رومانٽڪ گفتگو ڪرڻ ۾ به پنهنجو سرُور آهي، اهڙي حسينه جنهن جي سليڪشن ۽ ٽيسٽ به لاجواب هجي ۽ وري اها اوهان کي چاهيندي به هجي. ماڻهو عارضي طور ئي سهي پر ڪجهه لمحن لاءِ بلڪل رليڪس ٿي ويندو آهي. اها ڳالهه ذهن ۾ رکي مان انعم سان ميسيج ذريعي ڪچهريون ڪرڻ لڳس، ڇالاءِ ته انعم فون تي نه ڳالهائيندي هئي. ميسيجز ذريعي ٿيندڙ اهي ڪچهريون وڌنديون رهيون، موضوع مَٽجندا رهيا پهريون تڪلف ۽ پوءِ بي تڪلفيءَ واريون سڀ ڳالهيون!
    هاڻي جنهن ڏينهن ساڻس رابطو نه ٿيندو هو، مزو نه ايندو هو. مجبور ٿي کيس ڪال ڪندو هوس ته اٽينڊ نه ڪندي هئي، ان وچ ۾ مون کيس آزمائڻ لاءِ ٻين به ڪيترن ئي نمبرن تان ڪالز ڪيون پر هن ڪڏهن به اهي ڪالز اٽينڊ نه ڪيون. ٻين نمبرن تان کيس رومانٽڪ ميسيجز به ڪيا پر ڪابه موٽ نه ملي.
    ان ڳالهه مان مون کي اها دلجاءِ ٿي ته هن جو تعلق صرف مون سان ئي آهي. هوءَ صرف منهنجي ذاتي نمبر تي ئي ميسيج ڪندي هئي. کيس مون هر طرح سان آزمائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن جو ڪردار مون کي ڪٿي به ڪِريل ۽ ٿِـڙيل نظر نه آيو.
    ڳالهين ڳالهين ۾ هوءَ مون کي پنهنجو محبوب ڪري پيش ڪندي هئي. گڏ رهڻ جون ڳالهيون، لانگ ڊرائيو ۽ ڪينڊل لائيٽ ڊنر جون ڳالهيون، سمنڊ تي هٿُ هٿ ۾ ڏئي ڇولين جي ڇُهاءَ جا مزا ۽ جيڪو هڪ شادي شده زندگي کان پوءِ ٿيندو آهي اهو سڀ ڪجهه هن پنهنجي ڳالهين ۾ بار بار ٿي ورجايو. هاڻي مان صرف ٽائيم پاس ڪرڻ لاءِ نه، پر اڪثر پنهنجي آفيس ۾ ڪم سيڙائي به کيس وقت ڏيندو هوس. مون کي جن ۾ به شڪ هئا، هوءَ انهن مان هڪ به نه هئي!
    مان جڏهن به کانئس سندس باري ۾ اهو پڇندو هوس ته آخر تون پنهنجو مڪمل تعارف ڇو نه ٿي ڪرائين؟ ڪٿي رهندي آهين؟ مون کي ايترو ڪيئن ٿي سڃاڻين؟ يا پنهنجي ڪا تصوير ايم ايم ايس يا اِي ميل ذريعي ڇو نه ٿي اماڻين! ته هوءِ موٽ ۾ هميشه ڳالهه کي تبديل ڪري وٺندي هئي. بار بار ساڳيو سوال ڪرڻ تي چِڙي به پوندي هئي.
    هڪ سال، ٻه مهينا ۽ چار ڏينهن اسان جون ڪچهريون ٿينديون رهيون. مون ڪيترائي ڀيرا ملڻ لاءِ کيس مجبور ڪيو پر ملڻ واري ڳالهه تي کيس ڳالهائڻ ئي پسند نه هو. چوندي هئي ملنداسين ته پوءِ ڪڏهن به الڳ نه ٿينداسين، پر اڄ اوچتو هن ميسج ڪيو: ”مان توسان ملڻ ٿي گھران!“
    مون کانئس فوراً پڇيو: ”ڪڏهن ۽ ڪٿي؟“
    لکيائين: ”تنهنجي آفيس جي سامهون واري ريسٽورنٽ ۾.“
    مون لکيو: ”مان ڪيئن سڃاڻيندس توکي؟“
    لکيائين: ”مان ته توکي سڃاڻان ٿي نه! بس توکي هٿ سان اشارو ڪنديس، پر ملڻ کان اڳ منهنجو اهو ئي ساڳيو شرط آهي ته پاڻ ملڻ کان پوءِ ڪڏهن به نه وڇڙنداسين. مان ٺيڪ 4 بجي اُتي توسان ملنديس ۽ پوءِ پاڻ شادي ڪنداسين.“
    مان خوشيءَ ۾ نه ٿي ماپيس. ”ها بلڪل ٺيڪ آهي.“ مون لکيو.
    سندس ميسيج آيو: ”مان توکي ڪنهن ٻئي سان شيئر ڪرڻ نه ٿي گھران جانُو. تون صرف منهنجو آهين.“
    مون موبائيل ٽيبل تي رکي اکين تي هٿ رکي ڇڏيا. سمجھ ۾ ڪجهه به نه ٿي آيو. هوش خطا ٿي ويا هئا. اها حسينه جنهن سمورو سال خوبصورت ۽ من موهيندڙ ڳالهيون ڪيون هيون، اها اڄ مون سان ملي رهي هئي. جنهن سان ميسيجز جي ذريعي ڪيترائي سپنن جا محل اڏيا هئا سا اڄ پاڻ ملي رهي آهي سو به هميشه لاءِ... هڪ طرف مان خوشيءَ ۾ نه ٿي ماپيس، ٻئي طرف سندس لڳايل شرط مون کي ڏينڀوءَ وانگر ڏنگ هڻي بي چين ڪري رهيو هو. گھڻي دير کان پوءِ اهو سوچي پاڻ کي اطمينان ڏنو ته ’ڪهڙو اڄ شاديءَ جو چوندي، زور ڪيائين ته بس ها ۾ ها ملائيندومانس!‘ اندر ۾ نه بيان ٿيندڙ اُڻ تُڻ هئي انعم کي ڏسڻ جي. سندس ڳالهين ۾ نه ڄاڻ ڪهڙو جادو هو جنهنڪري مون کي ڪنهن به قسم جي نتيجي جي پرواهه نه هئي. جيئن چار وڳا ته مان روڊ ڪراس ڪري شاندار ريسٽورنٽ ۾ داخل ٿيس. عجيب محسوس ٿي رهيو هو سڀ ڪجهه. دل جي دهڪو تيز ٿي ويو هو. ريسٽورنٽ اندر هلڪي روشني هئي. سامهون ڪنڊ تي نقاب ۾ ويٺل پنڪ ڪلر جا ڪپڙا پهريل حسينه مون کي اشارو ڪيو. تڪڙا قدم کڻندو سندس آڏو اچي بيٺس. مان سندس اکين ۾ گھوري رهيو هوس. هُن پنهنجو نقاب لاهي ڇڏيو ۽ منهنجي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي. سندس چهري کي ڏسندي وهندڙ پاڻيءَ مان برف جو پهاڙ بڻجي هڪ هنڌ ڄمي ويس... ها! مان اُن وقت بت بڻجي ويس، ڇو ته اها بي نقاب حسينه منهنجي زال هئي...!


    3. مايوسيءَ جي خاڪ

    هوءَ شهر جي هڪ مصروف روڊ جي فُٽ پاٿ تي بيٺل هئي. سندس اکيون نقاب جي پويان پريشانيءَ مان هيڏانهن هوڏانهن گُھوري رهيون هيون. ٺهندڙ قد بت ۽ گوري چٽي رنگ واري نوجوان ڇوڪريءَ کي اڪيلو بيٺل ڏسي ڪيترائي ماڻهو سندس اردگرد لامارا ڏئي رهيا هئا. مان فٽ پاٿ جي سامهون هڪ سپر اسٽور جي شيشن واري دروازي مان اهو منظر ڏسي رهيو هوس. ٻه نوجوان موٽر سائيڪل جي ايڪسيليٽر جا زوردار آواز ڪندي سندس آڏو اچي بيهي رهيا. مون خريد ڪيل سامان پيڪ ڪرائي جلدي جلدي ان ڇوڪريءَ طرف وڃڻ ٿي چاهيو. دل ۾ خيال آيو، کانئس وڃي پڇان ته تون هتي اڪيلي ڇو بيٺي آهين ۽ ايڏي پريشان ۽ هراسان ڇالاءِ آهين!؟
    ٻن شاپنگ بيگس ۾ سامان پيڪ ڪرائي مون جلدي جلديءَ ۾ اچي گاڏيءَ جو پويون دروازو کولي، سامان پوئين سيٽ تي رکيو. سامهون بيٺل ڇوڪري اکين مان وهي آيل ڳوڙها اگھي رهي هئي. منهنجي دل سَٽ کاڌي. مون کي هن ڏانهن وڃڻ گھرجي، سندس مدد ڪرڻ گھرجي... وري خيال آيو، الاءِ جي ڪير آهي، ڪنهن مسئلي ۾ نه اچي وڃان! پر هوءَ معصوم ٿي لڳي مون کي سندس مدد ڪرڻ گھرجي. ذهن ۾ مختلف خيال اچي رهيا هئا. سندس مدد لاءِ وڃان يا نه وڃان... مون آخرڪار سندس مدد ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو. اهو ارادو ڪري روڊ ٽَپي سندس سامهون اچي بيٺس.
    ”پٽ! پريشان ٿا لڳو. بابا! ڪير آهيو توهان؟“ مون هن ڏانهن نهاريو. سندس اکين مان ڳوڙها ٽمي رهيا هئا. ڪجهه به نه ڪُڇيائين. صرف نظرون کڻي هڪ ڀيرو ڏسي، ڪنڌ جھڪائي ڇڏيائين.
    ”پٽ! مان تنهنجي مدد لاءِ آيو آهيان. هي وحشين جي وستي آهي، مون کان ڊپ نه ڪر. مان پاڻ نياڻين وارو آهيان، توکي پريشان بيٺل ڏٺم ته...“
    هن هڪ سڏڪو ڀريندي ٿڌو ساهه ڀريو. شايد هن منهنجن جملن کي ٻڏندڙ لاءِ سهاري وانگر محسوس ڪيو. هن ڪنڌ مٿي کڻي مون ڏانهن نهاريندي وراڻيو: ”چاچا! منهنجو هتي ڪوبه نه آهي. مان نوابشاهه مان آئي آهيان.“
    منهنجي دل ۾ هڪدم خيال آيو هيءَ شايد ڀڄي نڪتل ڇوڪري آهي. مون کانئس پڇيو: ”پٽ! گھران ڇو نڪتا آهيو؟!“
    ”چاچا! مان پنهنجن کان جان بچائي گھران نڪتي آهيان!“
    ”پنهنجن کان! پر پٽ تون هتي ڇو بيٺي آن؟ ۽ هاڻي ڪاڏي ويندينءَ؟ جتي چوين توکي ڊراپ ڪيان، بابا!“
    هوءَ خاموش ٿي وئي. ڪجهه دير جي خاموشيءَ کان پوءِ ڳالهايائين: ”چاچا! مان پاڻ مارڻ ٿي چاهيان. هاڻي دنيا ۾ ڪوبه ناهي منهنجو.“
    هڪ ويل خيال آيو ته ويچاري ڏاڍي پريشان آهي، کيس پاڻ سان گڏ وٺي وڃان، پر پل اڌ پل ۾ پنهنجي ئي خيال کي رد ڪيم. ذهن ۾ سوچن جي جنگ ڇڙي پئي. ڇا ڪريان... ڪجهه به سمجھ ۾ نه ٿي آيو. هاڻي هوءَ مون ڏانهن اميد ڀريل نظر سان نهاري رهي هئي. مان سندس ان اميد ۽ التجا کي ٽاري نه سگھيس.
    ”هلي آ بابا! مون سان گڏ هل منهنجي گھر.“
    ”توهان جي گھر!؟“ هن حيرانيءَ مان چيو.
    آس پاس بيٺل ماڻهو مون کي مسلسل شڪي نگاهن سان گھوري رهيا هئا. مصروف روڊ تي اڪيلي بيٺل ڇوڪريءَ سان ڏسي ڪجهه سڃاڻڻ وارا ماڻهو به سواليه نظرن جا تير هڻندا گذري رهيا هئا.
    ”پر، توهان جي گھر!“
    ”پٽ منهنجي گھر ۾ منهنجون تو جيترون ڌيئرون آهن... تون ڊپ نه ڪر، منهنجي ڌيءَ. نه ته هتي آس پاس بيٺل درندا توکي...“ ڄاڻي واڻي جملو اڌ ۾ ڪٽي ڇڏيم.
    هن پنهنجي ٿيلهي ۾ هٿ وڌو. مون روڊ ڪراس ڪري اچي کيس پنهنجي گاڏيءَ ۾ ويهاريو. گاڏي اسٽارٽ ڪري ڪجهه گھڙين بعد مون کانئس پڇيو: ”پٽ! تنهنجو نالو ڇا آهي؟“
    ”ڪنول!“ روئڻهارڪي آواز ۾ جواب ڏنائين.
    ”پٽ ڪنول! زمانو ڏاڍو خراب آهي. تون هُتي گھڻي دير بيهي نه سگھين ها. ماڻهو ڏاڍا ظالمَ آهن...“ هوءَ خاموشيءَ سان ٻڌندي رهي. ”ڀلا هڪ ڳالهه پڇانءِ پٽ؟“ مون کانئس سوال ڪيو.
    ”ها!“
    ”ڀلا اهڙي ڪهڙي ڳالهه هئي جو توکي گھر ڇڏڻو پيو؟“
    ”چاچا! منهنجي ماءُ پنج سال اڳ گذاري وئي. منهنجي پيءُ ٻي شادي ڪئي ته ماٽيلي ماءُ منهنجي زندگي جهنم بڻائي ڇڏي. سال اڳ منهنجو پيءُ به ڪراچيءَ ۾ هڪ بم ڌماڪي ۾ گذاري، مون کي يتيم ڪري ويو... جنهن کان پوءِ منهنجي ماٽيلي ماءُ منهنجو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو. هن پنهنجي ڀاءُ جي ذريعي مون کي هڪ سٺ سالن جي پوڙهي وٽ وڪڻي ڇڏيو... اهو پوڙهو جيڪو اصل ۾ عورتن جو دلال آهي. لوڪ کي ڏيکارڻ لاءِ هاڻي ان ڪميني شخص سان منهنجو زوريءَ نڪاح ڪرائڻ پئي گھري.“ بيوسي سندس اکين جي نيسارن مان وهي ڇڙي. اوڇنگارون ڏيندي چيائين: ”مان اهڙي زندگيءَ کان نجات لاءِ گھران ڀڄي نڪتي آهيان، چاچا!“
    ”بابا! الله خير ڪندو، بس تون روءُ نه...“ مون دلجاءِ ڏيندي کيس چيو.
    گاڏي شهر جي مختلف رستن تان موڙيندو، ٽريفڪ جي ڄار مان نڪري اچي پنهنجي بنگلي جي دروازي تي پهتس. هارن لڳايو ته ملازم دروازو کوليو، گاڏي اندر اچي ڪار پورچ ۾ بيهاري.
    مون ڪنول کي ڊرائينگ روم ۾ ويهاريو.
    پنهنجي گھر واريءَ کي اعتماد ۾ وٺڻ لاءِ تڪڙو تڪڙو پنهنجي بيڊ روم ڏانهن وڌي ويس. منهنجي گھر واري ڊريسنگ ٽيبل تي ويٺي ڪنهن فنڪشن ۾ وڃڻ لاءِ تيار ٿي رهي هئي.
    مون وڏي اطمينان سان کيس ٻڌايو: ”بلقيس! اڄ مان هڪ نيڪيءَ جو ڪم ڪري آيو آهيان! هڪ بي سهاره انسان کي سهارو ڏنو آهي... پاڻ سان هڪ اهڙي ڇوڪريءَ کي وٺي آيو آهيان، جيڪا گھران ڀڄي نڪتي آهي.... ۽ هن وقت ڊرائينگ روم ۾ ويٺي آهي.“
    بلقيس منهنجي ڳالهه ٻُڌي ڀڙڪي پئي: ”هان هان، ڇو ڀلا! هوش ۾ ته آهين؟! اهو ڪهڙو قهر ڪيو اٿئي؟! الاءِ ڪير نه ڪير ڇوري. الاءِ ڪهڙي ڪردار جي آ. بس تون کيس گھر گِهلي هليو آيو آن... مائٽياڻي اٿئي ڇا تنهنجي؟ يا ايڌي ٿيو آن؟ پنهنجي جوان ڌيئرن جو به خيال نه آيئي، جو ڏنڊي ڇوريءَ کي پنهنجي گھر کڻي اچي پهتو آن...!“
    بلقيس شروع ٿي وئي ۽ ٿوريءَ دير ۾ گھڻو ڪجهه ڳالهائي وئي. سندس گفتگو ۾ ڪيئي خدشا، امڪان ۽ الزام موجود هيا. مان گھڻي دير بعد ڳالهايو.
    ”بلقيس! افسوس ٿو ٿئي مون کي تنهنجي اهڙي سوچ تي. پنجٽيهه سالن ۾ به تون مون کي سمجھي نه سگھين آن. مان مثبت هوندو آهيان ۽ تون الاءِ جي ڇو هميشه مون کي منفي سمجھيو آ! هوءَ منهنجي ڌيئرن جيتري آ ۽ مون لاءِ ڌيئرن جھڙي آهي. افسوس جو تو ۾ انساني همدرديءَ نالي ڪابه شيءِ ناهي! ڪنهن جي مدد ڪرڻ گناهه آ ڇا؟“
    ”ها! پرائي جوان ڇوري ائين گھر ۾ ڪاهي اچڻ گناهه آ.“ بلقيس جو آواز ڊرائنگ روم تائين چٽو ٻڌڻ ۾ اچي رهيو هو.
    ”بلقيس! اسان به ڌيئرن وارا آهيون، هوءَ به ڪنهن جي ڌيءَ آ. پاڻ ڪجهه ڏينهن کيس پناهه ڏينداسين ته....“
    منهنجو جملو اڌ ۾ ڪٽيندي بلقيس ڪروڌ واري انداز ۾ اڃا زور سان ڳالهائيندي وراڻيو: ”ها!ٰ تون هتي ويهي جوان ڇورين کي پناهون ڏي. باقي مان پنهنجون ڌيئرون وٺي بابا جي گھر ٿي وڃانءِ... پوءِ جئين وڻئي تيئن وڃي ڪر!“
    منهنجي گھر ۾ مهاڀارت شروع ٿي وئي. ڊرائنگ روم ۾ آيس ته هوءَ غائب هئي. چوڪيدار ٻڌايو ته پنج منٽ اڳ هتان روئندي رڙندي روڊ طرف ڊوڙندي وئي آهي!
    مان پريشانيءَ ۾ روڊ طرف هلڻ لڳس. منهنجي دل ڳوري ٿي پئي هئي ۽ اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا هئا. آلين اکين سان ڪيئي پَل آس پاس جي روڊن رستن تي ڀٽڪندو رهيس. سورج آخري هڏڪي ڏئي زمين کي الوداعي گيت ارپيو ته مان مايوسيءَ جي خاڪ هٿن ۾ کڻي واپس موٽيس.


    4. دُک جا ٿوهر

    ڪراچي وڃڻ لاءِ ڪوچ تيار بيٺي هئي. جيئن ئي ڪوچ ۾ چڙهيس ته سامهون ويٺل ڇوڪريءَ کي ڏسي ڇرڪ ڀرجي ويو. ساهه پيرن ۾ وڃي پيو. مئل قدم کڻندي وڃي سيٽ تي ويٺس. مٿو چڪرائجڻ لڳو. ڪجهه به سمجهه ۾ نه ٿي آيو. مان خوش ٿيو هوس يا پريشان ٿي ويو هوس! بس عجيب ڪيفيت ٿي وئي هئي ان پل. هوءَ به شايد ڇرڪي پئي هئي. من ئي من ۾ سوچڻ لڳس زندگي به ڪيڏي نه عجيب شيءِ آهي، هر روز ڪيڏا نه عجيب موڙ اچي وڃن ٿا، هر روز انسان کي ڪيترن نه ڪٺن امتحانن مان ٿو گذرڻو پوي، هر روز ڪيڏا نه حادثا ٿين ٿا! اهڙا حادثا جن ۾ بظاهر ته ڪو به زخمي نه ٿو ٿئي، ڪابه شيءِ نه ٿي ٽُٽي ۽ نه ئي وري ڪنهن شيءِ جي ٽُٽڻ جو آواز ئي ٿئي ٿو، پر اهڙن حادثن ۾ اندر ئي اندر ۾ انسان زخمي به ٿئي ٿو، ته ٽٽي ڀُري ۽ ڀڄي به پوي ٿو. ها! اهڙا حادثا بس صرف پنهنجي ذات ۾ ئي محسوس ڪري سگھبا آهن. ڀلا ڪنهن کي دل ڪڍي ڪيئن ڏيکاربي!
    ڪوچ ۾ ويٺل اها ڇوڪري سنڌو هئي. اها سنڌو جيڪا صرف منهنجي هئي. مان جسم ته هوءَ منهنجو روح هئي. مان بانسري ته هوءَ هوا هئي. مان ڪڪر ته هوءَ برسات هئي. مان خالي ڪئنواس ته هوءَ حسين رنگ هئي. مان ڏيئو ته هوءَ روشني هئي. مان دل ته هوءَ ڌڙڪن هئي. هوءَ هئي ته مان ٻهڪندو هيس، هوءَ هلي وئي ته منهنجي وجود مان خوشين جو پکي ڀڙڪو کائي اڏامي ويو، جيڪو اڄ تائين واپس ناهي وريو. اُهي پَل جن ۾ مون هن جي ٽهڪن سان گڏجي ٽهڪ ڏنا ها سي ڪڏهن به ٻيهر ناهن وريا. اُهي ڏينهن جڏهن سنڌو ۽ مان يونيورسٽي ۾ هوائن سان گڏجي هلندا هئاسين منهنجي ذهن جي اسڪرين تي هلڻ لڳا....
    ..............
    سنڌوءَ کي پهريون ڀيرو مون آرٽس فيڪلٽيءَ جي مُک دروازي مان ٻاهر ايندي ڏٺو هو. هڪ هنڌ تي ڄمي ويو هوس. هوءَ پنهنجا ڀنڀا وار هڪ پاسي ورائي، سهيلين سان ٽهڪ ڏيندي منهنجي ڀر مان گذري وئي هئي. سندس بدن جي سڳنڌ منهنجي وجود ۾ هلچل مچائي ڇڏي هئي. اها سندس شخصيت جي ڪشش هئي جو مان ديوانن جيان مارئي هاسٽل تائين هن جي پويان لڳي پيو هوس. جئن رسيلي گل تي ڀؤنر ڦيرا ڏيندو آهي تيئن ئي مان به سندس آس پاس گھمندو رهيو هوس. جڏهن سنڌو هاسٽل جي گيٽ کان اندر هلي وئي هئي تڏهن مان سندس گلاب چهري جو عڪس پنهنجي من جي ڪئنواس تي چٽو ٿيندي ڏٺو هو، سندس ٻهڪندڙ مُک منهنجي ذهن ۾ نقش ٿي ويو هو. ڪي پل مارئي هاسٽل جي سامهون واري لان ۾ ٺهيل بينچ تي ويٺو رهيس پوءِ سست قدمن سان واپس پنهنجي هاسٽل طرف موٽيو هيس.
    هڪ ڀيري زيرو پوائنٽ واري لان ۾ ٺهيل پٿر جي بينچ تي ويهندي مون سنڌوءَ جي گھرين ڪارين اکين ۾ گھوريندي چيو هو: ”سنڌو! مون ته ڪڏهن ائين سوچيو ئي نه هو ته تون هڪ ئي بينچ تي هيئن مون سان گڏجي ويهي ڳالهيون به ڪندينءَ. ڪڏهن ڪڏهن ڪي حقيقتون خوابن کان به سهڻيون لڳنديون آهن، جيئن اڄ تون مون سان گڏ آهين.“ مون سنڌوءَ ڏانهن ڏسندي ٿڌو ساهه کڻي چيو هو.
    ”هاهاهاها...“ سنڌوءَ شرارتي انداز ۾ ٽهڪ ڏيندي چيو هو: ”ها واقعي به مان ان ڳالهه تي سوچيندي آهيان ته آخرڪار ڪي حقيقتون سپنن کان به ڀيانڪ ڇو هونديون آهن؟ جيئن هاڻي تون منهنجي ڀر ۾ ويٺو آهين.“
    مون چپن ۾ مرڪ لڪائيندي سنجينده ٿيندي چيو: ”سنڌو! معنى مان ڀيانڪ سپنو آهيان تولاءِ؟!“
    ”هاهاهاها...“ ٽهڪ ڏئي پوءِ سنڌوءَ ٿورو سنجيده ٿيندي وراڻيو هو: ”نه نه جانو! مان ته مذاق پئي ڪريان. تون ته منهنجي زندگيءَ جي فلم جو هيرو آهين راڻا.“
    ڄامشوري جون هوائون سنڌوءَ جي گھاٽن وارن سان اڪثر مستيون ڪنديون رهنديون هيون. زلفن کي ڀورن ڳلن تان هٽائيندي هوءَ جڏهن مون ڏانهن نهاري مرڪي پوندي هئي ته اندر ٺري پوندو هو، من مهڪي پوندو هو ۽ دل جي ڌرتيءَ تي بوندا باندي ٿيڻ لڳندي هئي. سنڌوءَ کي ڏسي محسوس ٿيندو هو ته سونهن ئي ڪائنات جو سڀ کان وڏو سچ آهي. قدرت کيس جھڙي ظاهري سندرتا عطا ڪئي هئي تهڙو ئي سندس اخلاق ۽ اندر به اجرو هو.
    سنڌوءَ سان چاهتن جو سلسلو ايترو جلدي جُڙي ويو هو جو مون کي ڪڏهن ڪڏهن اهو سڀ ڪجهه خواب لڳندو هو. ڪوئي حسين خواب! ڪئمپس ۾ هر روز وقت ڪڍي اسان ڪيئي پل ڪچهريون ڪندا هئاسين. اسان جو گڏجي ويهڻ، ڳالهائڻ، گھمڻ ۽ ٽهڪ ڏئي کلڻ گھڻن جي اک ۾ ڪنڊو ٿي چڀندو هو.
    يونيورسٽيءَ جي ڏينهن جا اهي حسين منظر منهنجي ذهن جي اسڪرين تان ان وقت هڪ دم گم ٿي ويا جڏهن ڪوچ جي ٽڪيٽ ڪليڪٽر منهنجي ڪلهي تي هٿ رکي مون کي ڌوڻو ڏيندي ٽڪيٽ ڏيکارڻ جو چيو. کيس ٽڪيٽ ڏئي، سنڌوءَ ڏانهن گھوري ڏٺم. ستارن ٽاڪيل سنهڙي ڪاري رَئي مان سندس ڀورا ڳل واضح طور نظر اچي رهيا هئا. اهي ڳل جن کي مون ڪيترائي ڀيرا ڇُهيو هو.
    هاڻي ڪوچ شهر جي حدن کي ڇڏي چڪي هئي. مان سنڌوءَ ڏانهن نهاريندي هڪ ڀيرو ٻيهر ماضيءَ جي حسين يادن جي واديءَ ۾ گم ٿي ويس.
    سنڌ يونيورسٽيءَ جا ويڪرا رستا، رابيل ۽ گلاب جي گلن سان سجيل لان، آرٽس فيڪلٽيءَ جا ڪاريڊورَ... سڀ منهنجي اکين جي آڏو گھمندا رهيا. اهي لمحا ڪنهن فلم جيان منهنجي ذهن جي پردي تي هلڻ لڳا جن ۾ سنڌوءَ سان اوريون اوريندي وقت گذاريو هو. ڪيڏا نه رنگين ها اهي صبح ۽ شامون جڏهن اسان ٻئي گڏ هئاسين!
    پر هاڻي مان هُن کي ڪوچ ۾ هڪ اجنبيءَ سان ويٺل ڏسي پل پل جلي رهيو هوس. منهنجو وجود خاڪ ٿي هوائن ۾ اڏامي رهيو هو. نڙي خشڪ ٿي وئي هئي. ڪجهه به سمجھ ۾ نه ٿي آيو ۽ يادون ڪنهن تيز طوفان جيان منهنجي ذهن جي ڳڙکين تي دستڪ ڏئي رهيون هيون. يادون جن کي روڪڻ پنهنجي وس ئي ناهي هوندو، پر مان وس ڪري انهن کان لنوائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هوس. پنهنجو ڌيان مٽائڻ لاءِ موبائيل تي ڪنهن دوست جو آيل ميسيج پڙهڻ لڳس.
    سنڌوءَ مون ڏانهن ڪنڌ ورائي ڏٺو. کن پل لاءِ ائين محسوس ڪيم جيئن ڪنهن پياسي صحرا تي وڏ ڦڙو وسي پيو هجي، پر ان لمحي ئي طوفان ساڻ ڪري ايندڙ ڪارا ڪڪر به منهنجي من جي آسمان تي ڇانئجي ويا. اهي ڪڪر جيڪي اڪثر رحمت بجاءِ زحمت بڻجي ويندا آهن. مان سنڌوءَ جون ڳوڙهن سان ڀريل اکيون ڏسي پريشان ٿي ويس. ان لمحي مان عجيب ڪيفيت مان گذري رهيو هوس.
    ساڻس گڏ ويٺل شخص ٺيٺ ٻهراڙيءَ جو اڻ پڙهيل ماڻهو ٿي لڳو. وڏا شهپر، سانورو رنگ، هيڊا ڏند. واڱڻائي رنگ ۽ گلابي گلن وارو رومال سندس ڪلهي تي رکيل هو ۽ کيس تيز نيري رنگ جا ڪپڙا پهريل هئا. هو سنڌوءَ جي چنڊ جھڙي وجود تي ڪنهن داغ وانگر لڳي رهيو هو. اهو شخص سفر دوران جڏهن پنهنجي جهالت جو ڀرپور مظاهرو ڪندي موبائيل تي زور زور سان ڳالهائي رهيو هو ته ان پل سنڌوءَ مون ڏانهن پنهنجون مياري نگاهون کڻي اکين ۾ بيوسيءَ جا ڀرجي آيل ڳوڙها اگهندي پنهنجا ٻئي هٿ منهن تي رکي ڇڏيا هئا.
    سنڌو، جيڪا فلاسافي ۾ ماسٽرس هئي، سا ان اڻ پڙهيل سان! اهي نفيس ٻانهون جن کي ڇهندي منهنجي جسم مان سيسراٽيون نڪرنديون هيون، هاڻي ان شخص سان چهٽيل ڏسي مان پڄري رهيو هوس، اندر اڌو اڌ ٿي رهيو هو! پر ان وقت منهنجي وس ۾ ڪجهه به نه هو. ڪاش! ان پل مون کي ڪا اهڙي سگهه ملي پوي ها جنهن سان مان سنڌوءَ کي اڏاري ڏور ڏسائن طرف کڻي وڃان ها، پر حقيقي زندگيءَ ۾ ائين ٿيڻ ڪٿي ممڪن آهي!
    ڪوچ منجھند جي مانيءَ لاءِ اسٽاپ ڪيو ته اهو همراهه کيس ماني وٺي اچڻ جو چئي ڏهن منٽن لاءِ هيٺ لهي ويو. سنڌوءَ هيڏانهن هوڏانهن گھٻرايل نظرن سان نهاريندي تڪڙ ۾ هڪ اخبار جي ڪنڊ تي پنهنجو موبائيل نمبر لکي وچ واري سيٽ تي رکيو. مون هڪ دم اها اخبار کنئي ۽ سنڌوءَ جو نمبر موبائيل ۾ محفوظ ڪيو.
    ڪوچ اڌ ڪلاڪ جي اسٽاپ بعد ٻيهر هلي. مان سنڌوءَ سان ميسيجز ذريعي ڳنڍيل رهيس. ايئن ٿي لڳو منهنجي ساهه جي ٽٽل رڳ جُڙي وئي هجي. مون کانئس پڇيو: ”سنڌو! تون فائينل جي امتحانن بعد منهنجي دل جي دنيا ۾ ماتم مچائي، مون کي اڌو اڌ ڪري آخر ڪاڏي گم ٿي وئي هئينءَ؟ آخر ڪهڙي قيامت برپا ٿي هئي؟ اسان جا خواب ڇو ائين ريزه ريزه ٿي ويا؟ ڪيئن ٿيو هي سڀ ڪجهه؟ سنڌو! تنهنجي اکين جا ڳوڙها ته مون سان تنهنجي دل جو درد بيان ڪري چڪا آهن پر هي سڀ ڪجهه ڪيئن ٿي ويو آخر!؟ مان ته چئن سالن تائين توکي مسلسل ڳوليندو رهيس. تنهنجي سهيلين ۽ اوڙي پاڙي وارن کي به تو بابت ڪائي سڌ ئي نه هئي ته تون ڪٿي آن! تنهنجو ڏَسُ پتو مون کي ڪنهن به نه ڏنو. سنڌو! اسان جون خوشيون ڪيئن ماتم ۾ تبديل ٿي ويون آخر!؟“
    مون هڪ ئي ميسيج ۾ پنهنجي ذهن ۾ مِڙيل هڙئي سوال کانئس پڇي ڇڏيا.
    سنڌوءَ جو جواب آيو: ”مان جيئن ئي امتحان ڏئي واپس آيس ته منهنجي امي ۽ ابو جو ايڪسيڊنٽ ٿي پيو ۽ هو ٻئي هن دنيا ۾ مون کي هميشه هميشه لاءِ اڪيلو ڪري هليا ويا. مون توسان رابطي جا لک جتن ڪيا پر... پر منهنجي راهن ۾ ڪوڪا ۽ ڪنڊا وڇايا ويا. منهنجا پنهنجا رت جا رشتا ئي مون لاءِ نانگ بڻجي ويا هئا، جن منهنجي وکريل وجود کي هنڌان هنڌان ڏنگڻ شروع ڪيو هو. چند هفتن بعد ئي منهنجي نشئي ماما اسان جو گھر کپائي ڇڏيو ۽ مون کي تمام گھڻي احتجاج ڪرڻ جي باوجود به آخرڪار ڪنهن بي زبان عام ڇوڪريءَ جيان هن شخصَ جيڪو هاڻي منهنجو مڙس آهي وٽ وڪرو ڪري ڇڏيو. مان هاڻي اهڙي قيد ۾ آهيان جتان موت سان ئي منهنجي آزادي ٿيندي. تون منهنجي آزاديءَ لاءِ ڪجهه به ڪرڻ جو نه سوچجانءِ. جيڪڏهن توکي اڄ به مون سان پيار آهي ته توکي منهنجو قسم، ڪجهه به نه ڪجانءِ! ڇالاءِ ته تون مون کي عزيز آهين پنهنجي جان کان به عزيز! ياد اٿئي نه! مون هڪ ڀيري توکي چيو هو ته ڪي حقيقتون سپنن کان به ڀيانڪ هونديون آهن. فرق ايترو آهي ته ان وقت منهنجي چپن تي مُرڪ هئي ۽ هاڻي منهنجي دامن ۾ ڳوڙهن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي... هاڻي منهنجي من ۾ دُک جا ٿوهر ڦُٽي پيا آهن.“


    5. نِڪمو

    ”ٺَڪ ٺَڪ ٺَڪ... ٺَڪ ٺَڪ ٺَڪ...“
    ”ڪير آ؟“ ننڊاکڙو آواز.
    ”مان آهيان امان، دروازو کوليو.“ دروازي ٻاهران وسيم جو ڊنل آواز. دروازو کُليو.
    ”ڪير آ؟“ کٽ تي ليٽيل وسيم جي پيءُ پاسو ورائيندي پڇيو.
    ”وسيم آ.“ جوڻس جواب ڏنو.
    ”ڪاٿي هئين هن وقت تائين، نواب جا پُٽَ!؟“
    ”بابا! ٻاهر هوٽل تي دوستن سان ويٺو هيس.“
    ”ڌوڙ پئي آ توکي به ته تنهنجي آواره دوستن کي به.“
    وسـيـم خـامـوش! ڪنڌ هيٺ ڪري ماءُ جي پيرانديءَ کان ويهي رهيو.
    ”اڙي تون ڀلا اڃا ڪڏهن سڌرندين؟! هي ٽائيم آ گھر اچڻ جو!؟ نڀاڳا... نِڪَما...“
    خاموشي...
    ”ڪنَ ڪونه اٿئي، نه ٿو ٻڌين! جواب ڇو نه ٿو ڏين؟“
    ”ڇا ڪريان، سڄو ڏينهن گھر ۾ ته آهيان. سڀ دوست رات جو واندا ٿا ٿين... مان ڀلا ساجھر اچي ڇت ۾ اکيون وجھي سمهي پوان ڇا؟ مون کي ننڊ نه ٿي اچي سوير!“
    ”ٿُڪَ ٿئي!“ پڻس بجو ٺاهي ڏنس. ”جواب ڏيڻ شروع ڪيا اٿئي ڙي...! سڄو ڏينهن نڀاڳن واري ننڊ ٿو ڪرين ۽ رات جو...!“
    ”پوءِ ڪا نوڪري وٺي ڏيو ته صبح جو سوير به اٿان نه! باقي ائين اٿي ڇا ڪريان؟“
    پڻهس جو بلڊ پريشر يڪدم هاءِ ٿي ويو. کٽ جي هيٺان پيل پادر ۾ هٿ وڌائين. پادر هوا ۾ لمندو وسيم جي نرڙ ۾ زپ ٿي ويو.
    ”ذليل... شرم نه ٿو اچئي؟! وات ٿو هڻين! مان ناهي ڪئي تنهنجي نوڪريءَ لاءِ ڪوشش! اڙي ماڻهن کي پيرين به پيس تو لاءِ... پوءِ به مڃوتي ڪونهئي...!“ ٻيهر پنجئي آڱريون کولي بجو ٺاهي ڏنائينس. ”سگريٽ پي آيو آن! هيستائين ڌپ کنيون ٿي وڃي... چنڊا!“
    ”بس ڀلا هاڻي ڇڏيو... اوڙو پاڙو کلندو! رات جو هرڪو سمهيو پيو آ رڳو اسان جي گھر ۾....“ جوڻس ڳالهايو.
    ”هن جو پاسو نه کڻ! تو ئي مٿو ڦيرايو اٿس.“
    خاموشي...
    ”ٽيبل تي ماني ڍڪي پئي اٿئي! اٿُ، روءُ نه هاڻي... نلڪي تان وڃي منهن ڌوءُ! وڏن سان ڏند اگھاڙو ڪري ناهي ڳالهائبو ابا! ڏاهو ٿي!“
    قميص جي ڪف سان ڳوڙها اگھندي ڪمري ۾ گھري ويو. روئندو رهيو. سُڏڪا ڀريندو رهيو. پوري رات گذري وئي ڇت ۾ اکيون وجھي سوچيندو رهيو. ڪٿي ڪٿي نه ويو هو انٽرويو ڏيڻ. سرڪاري ادارن ۾ پئسو ۽ سفارش! خانگي ادارن ۾ تجربي هئڻ جو شرط! ڪٿان آڻي تجربو! ڏينهن رات صبح شام پڻهس جا طعنا مهڻا ۽ بُجا. محسوس ڪيائين پيءُ جا ڏنل بُجا سندس چهري تي ڇپجي ويا آهن. اکيون بند ڪرڻ سان بُجا، کولڻ سان بُجا. ٻاهر دوستن سان چانهه جو بلُ نه ڀرڻ تي به محسوس ڪندو هو کيس ڪو بُجا ڏئي رهيو آهي. هاڻي هر ڏينهن هر موڙ تي کيس بُجا ملندي محسوس ٿيندا هئا.
    سانوڻ هوندي به ڪمري ۾ ستل. پگھر ۾ ڪپڙا آلا. گرميءَ کان بي نياز ٿي سوچي ٿو: ”اسان جي سماج ۾ حساس ماڻهوءَ لاءِ ڪابه جاءِ ناهي سندس ڪابه عزت ناهي... بس عزت صرف نوڪريءَ واري جي آهي... ها! جيڪو ماڻهو نوڪري وٺي نه ٿو سگھي اهو بيڪار آهي... ان جي هن سماج ۾ ڪابه ضرورت ناهي... ان لاءِ صرف بُجا آهن. ڪوئي هٿ سان، ڪوئي نظر سان، ته ڪوئي پنهنجن روَين سان صرف بُجا ئي ڏيندو ٿو رهي!“
    صبح ٿيو ته ماڻس ڪمري ۾ آئي... پڻس اڃا ننڊ مان نه اٿيو هو... پکين آکيرن مان اڏرڻ شروع ڪيو هو. سڀئي اٿيا هئا! وسيم ڀونڊن واري زندگيءَ کان بيزار هو، هن اٿڻ نه پئي چاهيو، پر هن کي اٿڻو هيو، جيئڻو هيو، تڙپڻو هيو ۽ زندگيءَ لاءِ جاکوڙڻو هيو.


    6. اُڻ تڻ

    اسان جو پيار انتها تائين پهچي چڪو هو. هڪ پل به هڪ ٻئي کان پري گذارڻ ناممڪن هو. والدين اسان جي شاديءَ لاءِ راضي نه هئا. بس آخري رستو وڃي بچيو هو... ڀڄي شادي ڪرڻ جو.
    سياري جي شام. ڪافي هائوس جي اڇي فارميڪا لڳل ٽيبل تي ٻه گرم ڪافيون رکيل. مان به چُپ منهنجي سامهون واري ڪرسيءَ تي ويٺل پرهَه به چُپ. منهنجون اکيون ڇت ۾. پرهه جون ٻئي ٺوٺيون ٽيبل تي ۽ نظرون جُهڪيل.... پر هن جي من ۾ عجيب اڻ تڻ هئي.
    ”ياد اٿئي، تو چيو هو پاڻ ائين ئي گڏ هونداسين جيئن گل سان خوشبو، جيئن چنڊ سان چانڊوڪي، جيئن....“
    منهنجي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي چيائين: ”پليز جبران، پليز! بس ڪر. منهنجو ساهه ٿو گُهٽجي!“
    ”ڇو! هاڻي تنهنجي اها سِڪَ، اها ڇِڪَ، اها محبت، اهو پيار ڪاڏي ويا، پرههَ مون کي جواب ڏي! هاڻي اهي ڳالهيون ٻڌي تنهنجو ساهه ٿو گھٽجي!؟“
    پرهه ٽشو پيپر سان پنهنجا وهي آيل ڳوڙها اگھندي چيو: ”نه جبران ائين ناهي... پر مان ڇا ڪريان، مان تون سان ڀڄي شادي ڪري نه ٿي سگھان. مان مجبور آهيان، والدين جي عزت کي ڪيئن مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيان!“
    ”عورت وٽ ڳوڙها سندس سڀ کان وڏو هٿيار آهن جنهن کي هوءَ آسانيءَ سان پنهنجي فائدي لاءِ استعمال ڪري ٻين جون همدرديون حاصل ڪري وٺندي آ... پر الائي جي ڇو، پرهه اڄ تنهنجا اهي ڳوڙها مون کي مڪاريءَ کان سواءِ ڪجهه به نه ٿا لڳن.“
    ”اکين مان نڪرندڙ ڳوڙها صرف گرم پاڻي ناهن هوندا پر اهي لڙڪ دل جو درد هوندا آهن. مان توکي اڄ به شدت سان چاهيان ٿي جبران! مون ڪٿي پڙهيو هو ته ’پيار مرد جي جيون ۾ صرف هڪ واقعو هوندو آ، پر عورت لاءِ پهريون پيار ئي سندس زندگيءَ جو سمورو داستان هوندو آهي.‘ مان توکي ڪيئن يقين ڏياريان ته مان هن وقت به توکي ئي، صرف توکي چاهيان ٿي.“
    ”هاڻي تون پنهنجي پيار جو يقين ڏياري ڇا ٿي ثابت ڪرڻ چاهين؟! تون مون سان جيڪي وچن ڪيا هئا اهي ڪاڏي ويا پرهه؟! مان به ته سڀ ڪجهه ڇڏڻ لاءِ تيار آهيان! مان به ته بغاوت ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، پاڻ سماج جي ٺاهيل هنن ديوارن کي ڊاهي سگھون ٿا... بس تنهنجو ساٿ گھرجي. ٻڌاءِ، مون سان ڀڄي شادي ڪندينءَ يا نه؟“
    خــامـــوشـــــي... روڊ تي هلندڙ ٽريفڪ جا آواز...
    ”مان ڇوڪري آهيان جبران! هن سماج ۾ عورت لاءِ ڪابه رعايت نه آهي. مون کي جيڪڏهن پنهنجي مالڪن پڪڙيو ته ڪاري ڪري ماري ڇڏيندا... مان اهڙي موت مرڻ کان تنهنجي هٿان مرڻ کي ترجيح ڏينديس. مون کي تون ڀل ته ماري ڇڏ جبران. مون کي سمنڊ ۾ هلي ٻوڙي ڇڏ. نه ڪڇنديس، پر مان توسان ڀڄي شادي ڪري ڪاڏي وينديس!؟ ڪيترو ڀڄنديس!؟ مان ڪيترو سمجھايو آ پنهنجي والدين کي، توکي ان ڳالهه جو اندازو نه هوندو... مان ڇا ڪريان؟ مون کي ٻڌاءِ مان ماءُ ۽ پيءَ جھڙي مقدس رشتي جي عزت کي مٽيءَ ۾ ڪيئن ملايان!“
    ”پرهَه! ڏس منهنجا سپنا ائين چور چور نه ڪر! وري به پنهنجي والدين کي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪر، نه ته زهر کائي ڇڏيندومانءِ، مان آپ گھات ڪندومانءِ!“
    ”جبران! پليز تون سمجھڻ جي ڪوشش ڪر. پليز اهڙيون ڳالهيون نه ڪر. تون ڄاڻين ٿو ته هن سماج ۾ اسان عورتن لاءِ قدم قدم تي ڪيڏيون رڪاوٽون آهن... مان ايڏي بهادر ناهيان جو پنهنجا سڀ رشتا ٽوڙي توسان نڪري پوان!“
    خــامــوشــي... اکين ۾ ڳوڙها... اندر ۾ اڻ تڻ.
    ”اڄ تون منهنجي ڀروسي ۽ منهنجي پيار کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو آهي. منهنجي دل کي تيلي ڏئي خاڪ بڻائي ڇڏيو آ تو! اڄ مون کي اهو احساس شدت سان ٿيو آهي ته عورت ۾ اصل ۾ وفا نالي جِي ڪابه شيءِ ناهي هوندي. بس اها مردن جي دلين کي رانديڪو سمجھي کيڏندي رهندي آهي ۽ جڏهن ان رانديڪي جي قيمت ڏيڻي پوندي اٿس ته اهو ڦٽو ڪري ڇڏيندي آ.“
    منهنجي موبائيل جي بيل وڳي، منهنجي ننڍي ڀاءُ نديم جي ڪال هئي.
    ”هيلو! ادا ڪٿي آهيو؟“ هن جي آواز ۾ گھٻراهٽ هُئي.
    ”مان هتي ئي آهيان شهر ۾، خير ته آهي؟“
    فون Disconnect ٿي وئي، منهنجي اندر جي اڻ تڻ وڌي وئي ۽ فوراً ڪال بئڪ ڪئي.
    ”ها نديم! ڇا ڳالهه آهي، ايڏو پريشان ڇو آهين؟“
    ”ادا جلدي گھر پهچو، غضب ٿي ويو.“ هن روئڻهارڪي آواز ۾ چيو.
    ”آخر ٿيو ڇاهي! ٻُڌائين ڇونه ٿو؟“
    ”ادا! ادي فائزه....“
    ”ها، ڇا ٿيو آ فائزه کي؟؟“
    ”ادي فائزه شبيرَ سان ڀڄي وئي آ....!“
    موبائيل هٿن مان ڇڏائجي وئي، دل زور زور سان ڌڙڪڻ لڳي.... ڄڻ جسم تي تيزاب هارجي پيو... اکين ۾ باهه جا اُلا لهي آيا.... ائين ٿي لڳو ته منهنجي عزت مٽيءَ ۾ ملي وئي هئي!


    7. پهرين تاريخ

    ٽيبل تي سٿيل فائيلن جي پويان ڪرسيءَ تي ويٺل ڪلارڪ اڄ ڏاڍو خوش آهي. کيس گھر واريءَ فرمائش ڪئي هئي ته مون کي هن پهرين تاريخ تي وڳو وٺي ڏجانءِ، ٻارن سان انجام ڪيو هئائين ته کين نوان يونيفارم وٺي ڏيندو، ننڍي پٽ لاڏ ڪيو هيس ته چاٻيءَ واري ڪار وٺي ڏي، ڌيءَ کي مٿي تي چمي ڏيندي چيو هئائين هن پهرين تي توکي نئين چپل ضرور وٺي ڏيندس...
    ڪلارڪ مهيني ۾ صرف هڪ ڏينهن لاءِ خوش ٿيندو آ. باقي ڏينهن پريشان رهندو آ. اڄ پهرين تاريخ آهي سندس کيسي ۾ پگھار جا ڪڙڪ نوٽ پيل آهن. آفيس جو ڪم پورو ڪري چوٿائي پني تي گھر جي خرچ جو حساب ڪرڻ لاءِ ويٺو آهي: اٽو، چانور، گيهه، لوڻ، مرچ، کنڊ..... کير واري جو بل، ڪرياني واري جو بل، ميڊيڪل اسٽور واري جو بل، بجلي ۽ گئس جو بل، ٻارن جي اسڪول جي فيس.... سمورين ادائگين جو وچور لکي انهن جي سامهون رقم به لکندو ٿو وڃي. سندس پگھار ويهَه هزار آهي ۽ ادائگيون پنجويهه هزارن جون ڪرڻيون اٿس...
    فائيلن پويان ويٺل انهن ڪلارڪن جي خوشيءَ جا لمحا ڏاڍا مختصر هوندا آهن جيڪي اڄ ڪلهه جي دور ۾ به رشوت ناهن وٺندا. هي ڪلارڪ به ايماندار آهي! سندس خوشيءَ جون گھڙيون ان ڪرسيءَ تان شروع ٿي، اتي ويٺي ئي ختم ٿي ويون... پگھار ته ضروري ادائگين ۾ به پوري نه ٿي ٿئي... ٻارن ۽ گھر واريءَ جي گُھرجن کي ڪيئن پورو ڪيان...!
    پريشاني... سوچ... لڇ پڇ... آنڌ مانڌ.
    سوچي ٿو: ”هاڻي ڇا ڪريان! اوڌر وٺان ڀلا... ڪنهن کان وٺان... پوءِ وري قرض ڪيئن لهندو؟! اڳ ئي کنڌي وارن جو قرض چڙهيل آهي...“ اوچتو خيال آيس: ”ڀلا سائيڪل کپايان! ها ائين ٺيڪ آ... پوءِ ٻي سائيڪل قسطن تي وٺندس...“
    ”سائيڪل جي مليل ٽن هزارن مان ڇا ڇا وٺان...!“ حساب ڪرڻ ويهي ٿو...
    ساڻس گڏ ڪم ڪندڙ ڪلارڪ چمڪندڙ موٽر سائيڪل تي پنهنجي پٽ سان سڌو سائيڪلن جي دڪان تي اچي بيهي ٿو... پٽ کيس لاڏ مان چوي ٿو: ”ابو! مون کي هيءَ سائيڪل کپي!“ سندس لاڏ پورو ڪندي کيس اها سائيڪل وٺي ڏي ٿو جنهن جي قيمت ست هزار رپيا هئي... بوسڪيءَ جو وڳو پهريل اهو ڪلارڪ رشوت کي ’ڪميشن‘ جي نالي سان حلال ڪري کائيندو آهي، سندس ٻه دڪان ۽ گھر جو مٿيون حصو مسواڙ تي ڏنل اٿس. موٽر سائيڪل کي ڪِڪِ هڻي زرڙاٽ ڪندو نڪري ويو، سندس پٽ خوشيءَ ۾ نه ٿي ماپيو...
    گھر واريءَ لاءِ وڳو، ٻارن جا يونيفارم، ڌيءَ لاءِ چپل، ننڍڙي پٽ لاءِ چاٻيءَ واري گاڏي... پهريون يونيفارم خريد ڪيائين. ڪائونٽر تي بل جي ادائگي ڪيائين. ٽوٽل ٽي هزار اٺ سئو رپيا. ادائگي ڪري شاپنگ بيگ کڻي گھر پهتو.
    ننڍي پٽ جو ڪروڌ... ڌيءَ جي اکين ۾ پاڻي... زال جو مُنهن خراب... رڳو آسرا، دلاسا ۽ چُور چُور ٿيل خواب.
    ڪلارڪ جو اداس لهجو ”ٻي مهيني جي پهرين تاريخ واري پگھار تي سڀ ڪجھ وٺي ڏيندس.....“


    8. وِڄُ

    شبانه جي سوشيالوجي ۾ ايم اي ٿيل آهي. مان ۽ شبانه ڪافي عرصي کان هڪ ئي اين جي او ۾ ڪم ڪري رهيا آهيون. ڪالهه کان ڪراچي ۾ سيمينار اٽينڊ ڪرڻ لاءِ هڪ هوٽل ۾ ترسيل آهيون. شبانه جو اين جي او ۾ ڪم ڪرڻ سندس شوق آهي. سندس ڀائر هن جي ان نوڪريءَ تي رنج آهن پر سندس پيءُ، جيڪو پنهنجي ترَ جو چڱو مڙس به آهي، کيس ان جاب ڪرڻ جي دل سان اجازت ڏني آهي.
    شبانه ۽ مان ريسٽورنٽ ۾ ويٺا هئاسين. شيشن مان نظر ايندڙ ٻاهر جو ڌنڌلو منظر ـــــ برسات جا ڪڙڪا. روڊ تي ڊوڙندڙ گاڏين جا تيزيءَ سان هلندڙ وائيپر، فوٽ پاٿ تي بيٺل ماڻهو... رڪشه، بسون ۽ ڪارون.
    ”ملهار! اسان جي سماج ۾ عورت سان ايڏي زيادتي، ايڏي ناانصافي ڇو! عورت کي مرد پنهنجي ملڪيت ڇو ٿا سمجھن ڀلا؟“ شبانه اوچتو سوال ڪيو.
    ”اسان جو سڄو سماج پوئتي پيل آهي پسماندگي صرف پئسي نه هئڻ سبب ئي ناهي ايندي پر ذهني پسماندگي جو اصل سبب جهالت آهي، شبانه! جهالت سبب ئي اهي هٿ ٺوڪيا اصول ٺاهيان ويا آهن.“ مون چيو.
    ”پر مَردن پنهنجي لاءِ ته اصول ڪونه ٺاهيا آهن... اهڙا اصول جن سان سندن خواهشن کي ڦاسي اچي سندن جذبا ۽ احساس پل پل چڪنا چور ٿيندا رهن! بلڪه پنهنجي لاءِ ته اهڙا اصول ٺاهي ڇڏيا اٿن جن سان سندن اَنا کي تسڪين ملي...“
    ”شبانه! سڀئي مرد هڪ جھڙا ته نه آهن نه.“
    ”ها پر مون کي اڪثر مردن جي سوچ مان وحشي پڻي ۽ وڏيرائپ جي ڌپ ايندي آهي.“
    ”پر شبانه سڀ وڏيرا وحشي ۽ ظالم به ته ناهن نه!“
    بيري ٽيبل تي چانهه جا ٻه گرم گرم ڪوپ رکيا. شبانه پرس مان ڪيچر ڪڍي پنهنجي کليل وارن کي ورائي ٻڌي ڇڏيو. ٻاهر برسات سان گڏ کنوڻ جا به چمڪا ٿي رهيا هئا. برسات جيڪا اميرن لاءِ تفريح ۽ جھريل جھوپڙين ۾ رهندڙن لاءِ عذاب بڻجي ايندي آهي.
    چانهه مان سرڪ ڀريندي چيائين: ”ملهار! مان سوسائٽي جي مجموعي قدرن جي ڳالهه ٿي ڪريان! گھرن ۾ عورتن سان ڇا ٿي رهيو آهي. تيزاب هاري، کين باهيون ڏئي ۽ زهر پيئاري ماريو ٿو وڃي. اخبار هر روز اهڙن واقعن سان ڀري پئي آ... عورتن تي ڪارنهن جا الزام هڻي کانئن حياتيون کسيون ٿيون وڃن! سڱ چٽيءَ طور به عورت کي ئي قربانيءَ جي جانور وانگر ڪَن کان پڪڙي گھر کان ٻاهر اڇلايو ويندو آهي! اهو گھر جنهن ۾ سندس جنم ٿيو هوندو آهي جنهن ۾ هوءَ نوڙي ڪڏندي، گڏين ۽ ٺپي راند ڪندي وڏي ٿي هوندي آهي...!“
    ”شبانه! پر انهن سڀن شين جو خاتمو ٿيڻ تڏهن ئي ممڪن آهن جڏهن اسان انهن سطحي سوچ رکندڙ ماڻهن کي ايڊيوڪيٽ ڪريون. کين ان ڳالهه جو احساس ڏياريون. جيڪو اسان جھڙين اين جي اوز جو ئي ڪم آهي، پر....“
    ”ڪيترائي ايڊيوڪيٽيڊ به ذهني طور پسمانده اٿئي ملهار! هتي ته عورت کي انسان ئي نه ٿو سمجھيو وڃي! اسان جي پڙهيل لکيل عورت به ساڳين مسئلن سان جنگ جوٽي رهي آهي. اسڪول ۽ ڪاليج ويندڙ ڇوڪريون اڄ به هيسيل آهن. آفيس ۾ ڪم ڪندڙ عورت کي به غير محفوظ هئڻ جو احساس آهي. اسان جي اڻ پڙهيل، گھٽ پڙهيل، گھريلو زندگي گذارڻ وارين عورتن سان ته حيوانن جھڙو سلوڪ ٿو ڪيو وڃي. ماني پچائڻ، ٻهاري ڏيڻ، ڪپڙا ڌوئڻ، ٻار جي پرورش ڪرڻ ته ٺيڪ پر عورتن کان ٻنيءَ تي پڻ ڪم ڪرايو ويندو آهي. هر اهو ڪم جيڪو مرد نه ڪرڻ چاهي سو عورت کان ٿو ڪرايو وڃي! مون کي حيرت آهي ته عورتون بي زبان جانورن وانگر ڏينهن رات اهڙي مشقت ڪندي به ان ڳالهه ۾ خوش آهن ته کين مڙس ماري ته نه ٿو!“
    چهري تي هلڪي مسڪراهٽ...
    ”تون کلين ٿو ملهار! ها! تنهنجي اندر ۾ به ته هڪڙو مرد آهي نه! شيطان مرد... تون ڪيئن سمجھندين عورت جي احساسن کي... توکي مذاق ٿيون لڳن نه منهنجون ڳالهيون؟!“
    سنجيده ٿيندي ”نه نه شبانه! مون کي ته انهن عورتن جي سادگيءَ تي کل پئي آئي جيڪي ويچاريون پنهنجن حقن کان به آگاهه ناهن. انهن ويچارين ته ڪڏهن ان ڳالهه تي هڪ لمحي لاءِ به نه سوچيو آ ته سندن ڪي حق به آهن. کين ڇا ڪرڻو آهي، ڇا نه ڪرڻو آهي، اهو کين وڏڙيون ٻڌائينديون آهن ته اسان عورتون سالن کان ائين ئي ڪنديون آيون آهيون تنهنڪري....“
    شيشي کان هن پار ويل نظرن کي مون ڏانهن ڦيريندي ٿڌو ساهه ڀريندي چيائين: ”بي انصافيءَ جي انتها آهي ملهار! ايڏي بي حسي، ايڏي بدديانتي! ۽ مرد حڪمران! ڪمزور عورت مٿان حڪمراني! اهو سڀ ڪجهه ڏسي منهنجو ته رت ٽهڪندو آ. عورت شاديءَ کان پوءِ مرد جي غلام! گھر ۾ هڪ نئين نوڪرياڻي!“
    ”پر شبانه! ڪوڪنگ ڪرڻ، ٻارن جي پرورش ۽ گھر جي صفائي سٿرائي ڪرڻ ته عورتن کي ئي سونهين ٿو نه!“
    ”ملهار! جڏهن عورت کي انسان ئي نه ٿو سمجھيو وڃي، ته سوچ! کيس ڪيئن هر روز مرڻو پوندو هوندو. مان ته پڙهيل لکيل گھرن جي عورتن سان به جُٺيون ٿيندي ڏٺيون آهن. اهي نام نهاد عورتن جي حقن جا علمبردار جيڪي اسٽيجن تي بيهي وڏيون تقريرون ڪندا آهن مون پاڻ انهن کي به عورتن جي تذليل ڪندي ڏٺو آهي...“
    ڪجهه گھڙين جي خاموشي...
    ”شبانه ڪمري تي هلڻ گھرجي؟ سڀاڻي جي سيمينار لاءِ تياري به ڪرڻي آهي.“
    پرس ڪلهي ۾ وجھندي چيائين ”ها بلڪل هاڻي ڪمري تي هلڻ گھرجي“
    ........
    رات جا يارنهن... ٻاهر برسات جاري... هوٽل ۾ سانت... رکي رکي گجگوڙ جا آواز.
    ”ٺڪ ٺڪ ٺڪ...“ در جو کڙڪو. دروازو کليو.
    ”ملهار! تون اڃا ستو ناهين!؟“ حيرت مان.
    ”ننڊ نه پئي آئي!“
    ڪرسيءَ تي ويهندي: ”تون به ته ناهين ستي اڃا؟“
    ”ملهار! ادا وڏو به هتي ٽريننگ تي آيل آهي، ساجھر فون ڪري چيائين ته ڏينهن جو ملي نه سگھندس. مان هاڻي توڏانهن اچان پيو. ٻارن لاءِ ڪجهه شاپنگ ڪئي آهي، اها تون سڀاڻي واپسي تي کنيون وڃ. بس ان جو انتظار ڪري رهي هيس.“
    ”شبانه! سڀاڻي واري سمينار لاءِ مون جيڪو پيپر لکيو آ، دل چيو ته توکي ٻڌايان.“
    ”ها ٻڌاءِ.“ بيڊ تي پيل ’بِرا‘ کي صوفي تي اڇلائيندي چيائين: ”مان ڀلا چينج ڪري وٺان؟ بلڪل رف ويٺي آهيان.“
    چيم: ”نه شبانه بس منهنجو پيپر ٻڌي وٺ ۽ تڪڙ ۾ پنهنجي راءِ به ڏي.“
    ”ٺيڪ آ“
    ”پر جيڪڏهن ڪا ڳالهه نه وڻئي ته رک رکاءُ نه ڪجانءِ.“
    ڀروون ڇڪيندي: ”توکي خبر آهي ملهار، مان رک رکاءُ ڪرڻ وارين مان آهيان ئي نه.“
    ”هاهاهاهاها.....“ ملهار جا ٽهڪ.
    دروازو کڙڪيو: ”ڪير؟“
    ”مان آهيان، جاويد.“
    ”ادا! اچو اچو...“
    روم ۾ گھڙندي ئي مُنهن خراب ڪندي ڀاڻس رعبدار آواز ۽ تلخ لهجي ۾ پڇيس: ”هي ڪير آ؟“
    ”ادا هي ملهار آهي، مون سان گڏ ڪم ڪندو آ.“
    تارا ڦوٽاريندي چيائين: ”هي تنهنجي ڪمري ۾! هان ڇو؟ ٻڌاءِ؟ هي ڇا ٿو ڪري هتي؟“
    ”ادا! ملهار جو ڪمرو الڳ آهي اسان سيمينار لاءِ تياري ڪري رهيا هئاسين.“ ٿورو هيسجي وئي، ڀاءُ جو گرم لهجو ڏسي تڪڙي وضاحت ڪيائين.
    ”هي سيمينار جي تياري آ! تون رف ڊريس ۾ ڇو؟؟!“ ڀاڻس جي لهجي مان باهه جا اُلا اڀري پيا... سندس اندر جو شڪي مرد جاڳي پيو. ڪمري ۾ نظر ڦيرايائين گُھنجيل چادر، صوفي تي پيل بِرا... ٽيبل تي پيل ٽشو پيپر تي لڳل لپ اسٽڪ جا نشان... کيس لڳو رت جا نشان...
    آتش فشان جيان ڦاٽي پيو... چنبو هوا کي چيريندو شبانه جي ڳل تي وڃي لڳو... شبانه بيڊ تي ڪري پئي...
    شبانه جو ڪجهه دير اڳ چيل جملو منهنجي ذهن ۾ گونجي ويو ”ڪيترائي ايڊيوڪيٽيڊ به ذهني طور پسمانده اٿئي ملهار!“
    آسمان ۾ گجگوڙ ۽ هڪ وڏو چمڪاٽ ٿيو.... زمين تي وِڄُ ڪِري پئي.


    9. سپنن جو انت

    عامر فليٽ جي گئلريءَ مان ڪراچيءَ جي تيز رفتار زندگي وڏيون وڏيون بسون، چمڪندڙ خوبصورت ڪارون ۽ شاندار اوچيون عمارتون ڏسندي سپنن جي حسين وادين ۾ گم ٿي ويو هو...
    ”ٻن ڪمرن جو فليٽ، سٺي نوڪري ۽ ننڍڙي گاڏيءَ کان علاوه سندس سپنن جي راڻي فائزه جو ساٿ، ڪراچيءَ جون مڌ مست هوائون، سمنڊ ڪناري جون مَن موهيندڙ شامون، لانگ ڊرائيو، هوٽل تي ڊنر، زندگيءَ جي انيڪ مسئلن تي بحث، بچپن جون يادون، وڏا وڏا ٽهڪ ۽ فائزه جي حاصلات جو دل کي اطمينان ڏياريندڙ احساس...“
    اوچتو روڊ تي گاڏين جي بريڪن جا تيز چرڙاٽ ۽ ڪلاشنڪوف مان نڪرندڙ گولين جا دل ڏاريندڙ آواز سندس سماعتن سان ٽڪرائجڻ لڳا! عامر سپنن جي ماٿرين مان ڇرڪ ڀري حقيقت جي دنيا ۾ واپس اچي ويو.هٿياربندن جي انڌا ڌنڌ فائرنگ ماڻهن ۾ ڀاڄ، گاڏين جو ٽڪرائجڻ ۽ ان ئي پل ماڻهن جا زخمي ٿيل جسم ۽ رت ۾ وهنتل لاش! لاش انهن ماڻهن جا جيڪي صبح جو گهران روزي ۽ روزگار جي تلاش ۾ نڪتل هئا پر رستي تي خون خوار بگهڙن جي ور چڙهي ويا، لکين رپين جون گاڏيون چڪنا چور ٿي ويون، دڪانن جا شٽر هيٺ ٿيڻ لڳا، سڄو روڊ ويرانيءَ جي وَر چڙهي ويو جيئن ڪو راڪاس گهمي ويو هجي ۽ هٿياربند وچ شهر مان سگنل ٽوڙيندا فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا.
    اهي سڀ هانءُ ڏاريندڙ منظر عامر فليٽ جي گئلري مان پئي ڏٺا.
    ٿوري دير ۾ ايمبولينسون سائرن وڄائينديون پهچي ويون. ڪجهه دير بعد پوليس آفيسر ۽ عوامي نمائندا به ساڳي هنڌ پهچي ويا. مختلف اخبارن ۽ ٽي وي چينلس جا رپوٽر کانئن واقعي بابت سوال پڇڻ لڳا. چند ڪلاڪن تائين روڊ بلاڪ رهيو، پوءِ آهستي آهستي ٽريفڪ معمول موجب هلڻ شروع ٿي وئي.
    فليٽ جي ڊرائنگ روم ۾ لڳل بيل جي آواز تي عامر گئلري مان اٿي تڪڙو تڪرو اچي دروازو کوليو.
    ”جنيد! يار ڏاڍي دير ڪري ڇڏيئي! خير ته هو!؟“ عامر فليٽ جو در بند ڪندي جنيد کي چيو.
    جنيد هڪ خانگي ادري ۾ ننڍڙو ملازم آهي. ساڻس گڏ ٽي پارٽنرس به رهن ٿا. عامر نوڪريءَ جي ڳولا ۾ ڳوٺان اچي جنيد جي فليٽ تي ترسيو آهي، سندس تعليم ايم ايس سي آهي ۽ جنيد سندس ٻال وهيءَ جو دوست آهي.
    ”ڀائو! ڪراچيءَ ۾ ايتري دير ٿيڻ معمول جي ڳالهه آ.“ جنيد عامر جي پڇيل سوال جو ٽاءِ جي ناٽ کوليندي جواب ڏنو.
    ”پريشان پيو لڳين خير ته آهي؟“ جنيد ڪرسيءَ تي ويهي بوٽ جون ڪَهيون کوليندي چيو.
    ”يار! ڪجهه دير اڳ سامهون واري روڊ تي....!“
    ”پوءِ اها ڪا وڏي ڳالهه آ ڇا! ان قسم جا واقعا ته هاڻي ڪراچيءَ جي زندگيءَ جو معمول بڻجي ويا آهن جيڪي هر آئي ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن روڊ رستي تي ٿيندا ئي رهن ٿا.“
    ”پر يار...!“
    جُنيد عامر جي ڳالهه کي اڌ ۾ ڪَٽيندي پڇيو: ”چڱو اهو ٻڌاءِ ته ماني کاڌي اٿئي؟“
    ”نه يار مون کي هاڻي ماني نه وڻندي. تون ڀلي کائي اچ.“ عامر چيو.
    ”ماني پاڻ ئي وڻي ويندئي، تون اٿي چينج ڪر ته هلئون ٿا“. جنيد هجائتي انداز ۾ زور ڀريندي چيس.
    پوءِ عامر ڪيترن ئي ڏينهن تائين جنيد جي فليٽ تي رهي نوڪري جي ڳولا ۾ ڀٽڪندو رهيو ۽ پنهنجي سپنن جي راڻي فائزه سان لانئون لهڻ جا سپنا به مَن ئي مَن ۾ سجائيندو رهيو.
    فائزه عامر جي نالي ٿيل هئي پر سندس والدين جو شرط هو ته عامر ڪا سٺي نوڪري وٺي ته پوءِ کيس سڱ ڏنو ويندو ۽ انهيءَ سٺي نوڪريءَ جي تلاش ۾ هي هر روز ڪيترين ئي آفيسن جا در کڙڪائيندو رهيو پر پئسي جي گرم بازار ۾ سندس قابليت نااهل ماڻهن جي بوٽن هيٺان لتاڙبي رهي. هر هنڌ تان کيس ناڪامي ۽ مايوسيءَ جي موٽ کان سواءِ ڪجهه به پلئه نه پيو. پنهنجي سبجيڪٽ ۾ فرسٽ ڪلاس سيڪنڊ پوزيشن هولڊر ته هو پر سندس سرٽيفڪيٽس ۾ ڪنهن جو به سفارش وارو سرٽيفڪيٽ موجود نه هو!
    مختلف آفيسن جا مسلسل چڪر لڳائڻ کان پوءِ به کيس ڪٿان نوڪريءَ جي ڪا اميد يا آسرو نه مليو. ننڊون ڦِٽي ويَس. سخت مايوس ٿي ويو! ذهن تي بار محسوس ڪيائين ته فليٽ تان هيٺ لهي آيو. شام جا پاڇا لَڙي چُڪا هئا. هي روڊ جي تيز رفتار ٽريفڪ کي ڪراس ڪري هڪ پٺاڻ جي فٽ پاٿ تي ٺهيل هوٽل تي اچي ويٺو. سندس ڀر واري ڪرسيءَ تي صبح واري اخبار پيل هئي. اخبار پڙهڻ شروع ڪيائين. پهريون صفحو قتل و غارت ۽ ڪارو ڪاريءَ کان وٺي جرڳائي فيصلن، دهشتگرديءَ جي واقعن ۽ وزيرن جي بيانن سان ڀريل، ٻيون ٽيون ۽ جڏهن آخري صفحو پڙهڻ لڳو ته سندس نظر هڪ ٻِه ڪالمي خبر تي ڄمي وئي: ”پبلڪ سروس ڪميشن پاران ليڪچراريءَ لاءِ ورتل زباني امتحان جو نتيجو پڌرو ٿي ويو.“ سندس نظرون کُپي وڃن ٿيون انهيءَ خبر تي، ڇالاءِ ته ڪجهه مهينا اڳ ٿيل انهيءَ امتحان ۾ هو پڻ اپيئر ٿيو هو. هڪدم پڙهڻ شروع ڪري ٿو. ”پبلڪ سروس ڪميشن جي هڪ پڌرائيءَ موجب هيٺيان اميدوار زباني امتحان ۾ ڪامياب قرار ڏنا ويا آهن....“ جن ۾ ٽئين نمبر تي هن جو نالو به لکيل هو. خبر پڙهندي ئي ڪرسيءَ تان اٿي بيهي رهيو. خوشيءَ مان سندس دل جي ڌڙڪن تيز ٿي وئي، من جي اُڃايل ڌرتيءَ تي وڏ ڦڙو وسندي محسوس ڪيائين. اندر ۾ دُهل ۽ شرنايون وڄڻ لڳس، بي ساخته اخبار مُنهن تي رکي اندر ئي اندر ۾ مالڪ جا کوڙ سارا ٿورا مڃيائين. هاڻي روڊ سان هلندڙ تيز رفتار ٽريفڪ جا زوردار هارن به کيس خوشيءَ جي گيتن جي مڌر سازن جيان لڳي رهيا هئا.
    بيري سندس آڏو ٽيبل تي گرم گرم چانهه آڻي رکي. ڪرسيءَ تي ويهندي جڳ مان پاڻيءَ جو گلاس ڀري هڪ ئي ساهيءَ ۾ پي، گرم گرم چانهه جو ڪوپ کڻي پهرين سپَ ڀري وري هٿ ۾ جهليل اخبار کولي ٻين ڪامياب اميدوارن جا نالا پڙهڻ لڳو. سڄي ڏينهن جي ٽوڙيل مروڙيل اها اخبار هن لاءِ زندگيءَ سان ڀرپور اهڙو پيغام کڻي آئي هئي جنهن سان هن پنهنجين حسرتن ۽ اميدن جا سڀئي رستا روشن ٿيندي محسوس ڪيا هئا.
    چانهه مان ٻيو ڍُڪ ڀري ڪوپ اڃا ٽيبل تي به نه رکيائين ته اوچتو انڌا ڌنڌ فائرنگ شروع ٿي وئي ۽ هڪ درندي جي پسٽل مان نڪتل گولي عامر جي سيني مان پَار ٿي وئي.
    فوٽ پاٿ تي ڳاڙهي ٿي ويل اخبار، چانهه جي هاريل ڪوپ ۽ عامر جي رت ۾ رڱيل لاش تي ماڻهو مکين وانگر مڙي آيا!


    10. لڙڪن جو سيلاب

    غوثو پنهنجي ڪکائين گهر آڏو کليل پڌر ۾ پنهنجي ننڍڙي پٽ مُنور سان گڏ گِهري ننڊ ۾ ستل خوشحاليءَ جا خواب ڏسي رهيو هو. خواب جيڪي غريبن لاءِ وڏي آٿت ۽ آسرو هوندا آهن، جيڪي هٿين خالي به ڏسي سگهبا آهن. خواب مسڪين ماڻهن جي لاءِ اميد جو ڪرڻو هوندا آهن جن جي سهاري ئي هو مستقبل جي لاءِ مشقتون ڪندا آهن ته شايد خواب هڪ ڏينهن حقيقت جو روپ به ڌاريندا ۽ پوءِ خوشحالي به ايندي...
    ٻهراڙي جي راتين جي خوبصورتي ستارن جي جهرمر، هر طرف ڪارو آسمان، ڪڏهن ڪڏهن ٽانڊاڻن جو ٽمڪڻ، مينهن جي رنڀ، ٻڪرين جا ٻيڪاٽ ۽ ڪڏهن وري گهِري رات واري سانت. اهي سڀ شيون مزيدار هونديون آهن پر جڏهن چوڏهين جي چنڊ واري رات هجي ته ان جي وري ڳالهه ئي اور آهي. پاڻيءَ تي پوندڙ چنڊ جو شعاع ۽ هوا تي پيدا ٿيندڙ لهرون، ٻڪرين جي ڳچين ۾ ٻڌل گهنڊڻين جو مڌر آواز ۽ ڳوٺاڻن جا هڪ ٻئي کي وڏي واڪين سڏ. اهي سڀ شيون ٻهراڙي جي ماحول جون خوبصورتيون آهن.
    غوثو به پنهنجي مستقبل جا خوبصورت خواب لهي رهيو هو، جنهن ۾ هن پنهنجي ڪکائين گهر بدران پنهنجو پڪو گهر، ٽريڪٽر، موٽر سائيڪل ۽ گهر واريءَ لاءِ سونا زيور ۽ ٻيون ڪيتريون ئي اهڙيون شيون ٿي ڏٺيون ٿي جن جي تمنا سندس مَنَ کي سدائين گهايل ڪندي رهندي آهي...
    اچانڪ رڙيون، ڪوڪون ۽ ڀاڄ شروع ٿي وئي. غوثو آوازن تي بيدار ٿيو. رات اونداهي هئي جنهنڪري هن کٽ تان لهي لال ٽين ٻارڻ جي ڪوشش ڪئي پر لال ٽين تائين پهچڻ کان اڳ ئي سندس هوش خطا ٿي ويا. جيئن ئي کٽ تان پير هيٺ لاٿئين ته پِنيءَ کان به مٿي پاڻي بيٺل هو. سندس گهر واري، ٻار، جھور ماءُ ۽ ڪراڙو پيءُ سڀ اٿي پيا، سمورو ڳوٺ ڀڄ ڀڄان ۾ پئجي ويو. هر ڪو پريشان! ڪجهه به سمجهه ۾ نه ٿي آيس. پاڻيءَ جي سطح ۽ رفتار منٽ منٽ ۾ تيز پئي ٿيندي رهي. بس جنهن کي جيڪو هٿ آيو سو کڻي ڀڳو. ٻار ڪڇ تي کڻي، پوڙهن کي ڪلهن تي کڻي، مال جا رسا ڪٽيندا، پاڻي جهاڳيندي هلندا ۽ ڊڪندا رهيا. انهن سڀني جو رخ بند طرف هو. غوثوءَ ٻن سالن جي ڌيءَ ڪڇ تي ۽ چئن سالن جو پٽ ڪُلهي تي کنيو هو. سندس زال کي جيڪو سامان هٿ لڳو ان جي هڪ وڏي ڳنڍ ٻڌي کنيائين. غوثو پوڙهن پيءُ ماءٌ کي به تڪڙو هلڻ لاءِ چوندو رهيو ته زال کي به. عجيب افاتفريءَ جو ماحول ٿي ويو. ڪي ماڻهو اونده سبب پاڻيءَ ۾ ٿاٻڙجي ڪِري به رهيا هئا. غوثوءَ جو سڄو ڌيان پيءُ ماءُ ڏانهن هو. سندس ماءٌ جيڪا انتهائي ظعيف هئي هڪ هنڌ تي اچي صفا همت هاري ويٺي، اڳتي پنڌ ڪرڻ جي باقي وصيت وٽس نه رهي. غوثو ڊُڪَ وِڌي پر پاڻي گوڏي جيڏو وهي اچڻ سبب هن جو ڊُڪڻ فضول هو. سوچيائين ته ٻارن کي بند تي ڇڏي پوءِ اچي امڙ کي کڻي وڃان. پاڻيءَ جي تيزي، اونداهي رات، ٻارن جي روئڻ جا آواز، وڏن جون رڙيون، پڪارون. غوثو کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه ٿي آيو، ڪوبه مدد لاءِ نه ٿي آيس. هر ڪو پنهنجي وٺ وٺان ۽ ڀڄ ڀڄان ۾ پورو هو. غوثوءَ فيصلو ڪيو ته هو پهريان ٻارن کي بند تي ڇڏي اچي پوءِ ماءُ کي اچي کڻي.
    اهو فيصلو ڪري تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻندو سهڪندو سهڪندو ڏهه منٽن جو پنڌ هڻي اچي بند تي ٻارن کي اتي اڳ پهتل عورتن جي حوالي ڪري واءُ مينهن ڪندو واپس وريو. هاڻي پاڻي اچي چيلهه تائين پُڳو هو. غوثوءَ ماءُ کي ڪلهي تي کنيو، پڻس به لٺ جي سهاري بند ڏانهن هلڻ لڳو. اوندهه گهگهه ۾ ڪجهه به نظر نه ٿي آيو. جڏهن ماءُ کي بند تي پهچائي غوثوءَ پنهنجي گهر واري کي به بند چڙهندي ڏٺو ته کيس پيءُ ڏانهن وڃڻ جو خيال آيو، ڊُڪندي رڙ ڪندي زال کان پڇيائين: ”اَنو ڪاٿي آ !؟“
    ”تو سان جو هو! تنهنجي چولي ۾ هٿ هُيس! مان سان ته ناهي!“ زال وراڻيس.
    غوثوءَ زال جا اهي جملا ٻڌندي ئي پنهنجي پيرن هيٺان زمين کسڪندي محسوس ڪئي. سندس دماغ چڪرائجي ويو. چرين جيان رڙيون ڪندو ڊڪندو ڳوٺ ڏانهن ڀَڳو. دڳ تي جيڪو به مليس کائنس رڙيون ڪندي اَنوءَ لاءِ ٿي پڇيائين پاڻيءَ ۾ ڊوڙندو ٿاٻِڙجندو ڀڄندو زور زور سان سَڏَ ڪندو رهيو: ”انو...او انو..انو...“
    پيءُ جو خيال آيس: ”بابو ڪاڏي ويو؟“
    پاڻي هاڻي ڪافي مٿي چڙهي آيو هو، درياءَ جو کنڊ هو جيڪو هر گهڙيءَ وڌندو ئي ٿي ويو...
    غوثو ڀڄندو رهيو. گهر تائين آيو، گهر ٻڏي رهيا هئا. سَڏَ ڪري ڪري نِسَتو ٿي پيو هو. ”او پٽ اَنــــو. او اَنـــو. اَنــــــــو.“ رڙيون ڪري ڪري نڙي ويهجڻ لڳس. واپس بند طرف موٽيو. رڙيون ڪيائين: ”اڙي منهنجو بابو ۽ منهنجو انو ڏٺوَ ڪاٿي؟ ابا، او ابا. او انو.“
    غوثو بند مٿان چرين جيان هيڏانهن کان هوڏي ڀڄندو رهيو. سندس زال ڊوڙندي آئي: ”غوثو! اَنو مليو؟ هان ٻڌاءِ، ڪاٿي آ منهنجو اَنو؟“
    غوثو زمين تي ويهي رهيو. زبان سُڪي ٺوٺ ٿي ويس. گهر واريءَ کي ڏٺائين جيڪا رڙيون ڪندي کانئس انوءَ لاءِ پڇي رهي هئي ۽ ماڻس سندس پيءُ لاءِ ٿي پڇيس. پر، غوثو جهڙو پنڊ پهڻ ٿي ويو هو. وٽس کين ڏيڻ لاءِ ڪوبه جواب نه هو. ڪافي دير تائين هن جي اکين مان ڪوبه ڳوڙهو نه وهيو. سندس زال ۽ ماءُ پار ڪڍي روئڻ لڳيون. پار جيڪي اڀ ڏار هئا. پار جيڪي هانءَ ڦاڙ هئا. پار جيڪي سندن سينو چيري رهيا هئا.
    غوثو فجر تائين اٻاڻڪو، اداس ۽ غمگين بڻيو بند تي بت بڻجي ويٺو رهيو. انوءَ لاءِ پيءُ جي پڪڙيل قميص مان ڇڏايل هٿ ڄڻ ته زندگيءَ جو آخري سهارو به کسجڻ هو. هو اڃا ڇهن سالن جو هو. پيءُ جو پيارو، ڏاڏي ۽ ڏاڏيءَ جي اکين جو تارو، پر هاڻي انوءَ جو ڏاڏو به ته بي رحم ڇولين جي نظر ٿي چڪو هو!
    غوثو اچانڪ اوڇنگارون ڏئي روئي پيو. لڙڪ سندس اکين جا سڀئي بند ٽوڙي وهڻ لڳا. خواب، حسرتون، اميدون ۽ رت جا رشتا سڀ ڪجهه لڙهي ويو. سڀئي بند ٽُٽي پيا جنهن کان پوءِ لڙڪن جو هڪ نه کٽندڙ سيلاب آهي جيڪو مسلسل وهندو ئي رهي ٿو. غوثو جي اکين ۾ هاڻي ڪوبه خواب ناهي. انهن اکين ۾ هاڻي سيلاب آهي. نه کٽندڙ سيلاب.


    11. اُجھاڻيل ڏيئو

    رات جي سانت ۾ ڪشادي بنگلي جي هڪ ميرانجهڙي روشنيءَ واري ڪمري مان پوڙهي شخص جي مسلسل کنگهڻ جو آواز.
    سندس پٽ پيءُ جي خراب طبعيت جي ڄاڻ هوندي به، ايئر ڪنڊيشن واري ايئر ٽائيٽ روم ۾ پنهنجي گهر واريءَ جي ڀاڪر ۾ ستل آهي!
    پوڙهو شخص مسلسل کنگهي رهيو آهي.
    اسٽور روم مان نوڪرياڻي اٿي اچي ڪمري جي بتي ٻاري کيس پاڻيءَ جو گلاس ڀري پيئاريو.
    ”بابا! دوا جو وزن کاڌو اٿئي؟“
    پوڙهي پنهنجو ڏڪندڙ ڪنڌ هاڪار ۾ ڌوڻيو. سندس اکين ۾ پاڻي تري آيو هو ۽ جسم ڪنبي رهيو هوس.
    ڏڪندڙ آواز سان پڇيائين: ”ڌيءَ اسد آيو آهي؟“
    ”ها! بابا، اسد صاحب ۽ بيگم صاحبه ڪمري ۾ آهن.“
    پوڙهو وري کنگهڻ لڳو. هاڻي سندس اها کنگهه پاڻيءَ جا ڍڪ پيئڻ سان جَهڪي ٿيڻ واري نه هئي. انهيءَ دائمي کنگهه سندس جسم کي کوکلي پڃري جيان بڻائي ڇڏيو هو جنهن ۾ سندس ساهه ڪنهن ڪمزور ۽ مجبور پکيءَ جيان قيد هو.
    مسجد مان ’الصلوات خيرمننّئوم‘ جو آواز بلند ٿيو. گهر جي لان وارن وڻن ۾ جهرڪين جي چُون چُون، ڪانوَن جي ڪان ڪان سان گڏ ٻين پکين پنهنجون ٻوليون ٻولڻ شروع ڪيون. ائين هر رات جيان هڪ ٻي رات به گذري وئي.
    اسد صبح ٿيڻ سان ئي آفيس جي تياري ۾ لڳي ويو، پينٽ، شرٽ، ٽاءِ ۽ پوءِ ڪوٽ پائي ناشتي لاءِ ڊائننگ ٽيبل تي ويهندي وڏي پيار مان گهر واريءَ کي سڏيائين.
    ”بيگم! پليز جلدي اچو، مون کي دير پئي ٿي.“ ۽ بيگم پنهنجا آلا وار ڇنڊيندي ٻنهي ڪلهن تي رکي جلدي اچي اسد جي ڀر واري ڪرسيءَ تي ويٺي. پهريون گرهه بيگم صاحبه کي پنهنجي هٿ سان کارائي ناشتو شروع ڪيائين.
    ”اسد! پٽ اسد!“ والد جو جهيڻو آواز اسد جي سماعتن سان ٽڪرائجي ٿو، پر ٻُڌو اڻ ٻڌو ڪري گهر واريءَ سان گفتگوءَ ۾ مصروف ٿي وڃي ٿو.
    نوڪر بريف ڪيس گاڏيءَ ۾ رکيو. اسد گهر مان نڪرندي آخري دفعو آئيني تي ٽاءِ سيٽ ڪندي اچي ٿڌيءَ گاڏيءَ ۾ ويٺو. ڊرائيور گاڏي اسٽارٽ ڪئي، پهريون فرسٽ گيئر پوءِ سيڪنڊ ۽ ٿرڊ کان پوءِ فورٿ گيئر ۾ گاڏي ڪشادي روڊ تي ڊوڙڻ لڳي.
    ڪوٽ جي اندرئين کيسي ۾ رکيل موبائيل ۾ پهريون وائبريشن ٿي ۽ پوءِ بيل وڄڻ لڳي.
    ”هيلو.“
    ”سائين اسد صاحب؟“
    ”جي ڳالهايان پيو.“
    ”عرفان صاحب جو والد رات وفات ڪري ويو آهي، اڄ 12 بجي سندس تدفين ٿيندي.“
    ”ٺيڪ آ.“ اسد موبائيل کي ڀرسان سيٽ تي رکي ڇڏيو.
    اسد اها خبر ٻڌي پنهنجي والد بابت سوچڻ لڳو... کيس سندس پيءُ جو هر هڪ ڳالهه ۾ دخل ڏيڻ، بغير پڇڻ جي مشورا ڏيڻ، ڳالهه ڳالهه جو ورجائي پڇڻ ۽ سندس گهر واريءَ جي آزاديءَ سان گهمڻ تي ٽوڪڻ ۽ روڪڻ وارو انداز چِڙَ ڏياريندو آهي. ان قسم جي ڳالهين سبب هن پيءُ کي گهر ۾ پيل ڪنهن پراڻي، ڀڳل، ٽٽل ۽ بي جان شيءِ جيان وساري ڇڏيو آهي!
    اسد آفيسريءَ جي نشي ۽ زال جي خوشامد ۾ پنهنجي پيءُ کي پَل پَل اذيتون ڏيندو ۽ سندس حسرتن جو خون ڪندو رهيو آهي.
    ڪيترين ئي بيمارين جي وَر چڙهيل سندس پوڙهو پيءُ زندگيءَ جي تتل صحرا ۾ وارث هوندي به لاوارثن جيان ڀٽڪي رهيو هو. کيس دوائن کان وڌيڪ پٽ جي پيار ۽ توجه جي شديد ضرورت هئي.
    شام جا پاڇا لَڙڻ وارا هئا ته اسد گهر پهتو. پيءُ جي کنگهڻ جا آواز ۽ ’اسد! اسد!‘ جي پُڪار ٻڌي کيس هڪ لمحي لاءِ خيال آيو ته انهيءَ اونداهي ڪمري ڏانهن وڃان ۽ پيءُ کي ڏسان. ڪمري ۾ داخل ٿيو ته سندس پيءُ ٻئي ٻانهون ڏانهس وڌائي کيس ڀاڪر ۾ ڀرڻ ٿي چاهيو. اسد بيڊ تي ويهندي پيءُ جا هٿ پنهنجي هٿ ۾ وٺي ساڻس مخاطب ٿيندي چيو: ”ڀلا ڪنهن ٻئي ڊاڪٽر کي ڏيکاريون؟“
    سندس مٿي تي هٿ ڦيريندي جھيڻي آواز ۾ چيائين: ”نه پٽ! دوا ڇا ڪندي بابا! بس تون اچي ٻه گھڙيون ويهندو ڪر ته مان....“ جملو پورو ڪري نه سگھيو. کنگھ اُڀري پيَس. نوڪر هڪ هٿ جي سهاري سان ٿورو مٿي اٿاري کيس پاڻيءَ جا ٻه ٽي ڍڪ پيئاريا...
    ”صاحب! بيگم صاحبه توهان کي جلدي سڏي پئي.“ نوڪرياڻي سهڪندي نياپو کڻي آئي.
    اسد تڪڙو تڪڙو پنهنجي ٿڌي بيڊ روم ڏانهن وڌي ويو، جتي سندس گهر واري ڊريسنگ ٽيبل تي سينگار ۾ مصروف هئي. بيگم صاحبه هن کي ڏسندي ئي پنهنجون ٻئي ٻانهون سندس ڪلهن تي رکندي لاڏ مان چيو: ”وسري ويئي؟ اڄ اسان کي ٻاهر ڊنر تي هلڻو آ.“
    ”مون کي ياد آهي راڻي. مان بس فريش ٿي وٺان ته هلئون ٿا.“ ڊرائيور گاڏي ڪار پورچ ۾ لڳائي ڪجهه گھڙين ۾ ئي زال مڙس ٻاهر ڊنر ڪرڻ لاءِ نڪري ويــا.
    اسد جو والد ماضيءَ جي يادن جا ورق اٿلائي اندر ئي اندر ۾ جُهري پيو هو. لڙڪن جو سيلاب سندس اکين جا بند ڀڃي نڪتو هو. کيس ياد اچي رهيون هيون ماضيءَ جون اهي سڀئي ڳالهيون....
    .........
    جڏهن اسد جي ڄمڻ جي باس باسي هئائون، پوءِ آهستي آهستي وڏو ٿيندي ڏسي دل ئي دل ۾ سپنا سانڍيا هئائون، کيس سٺي تعليم ۽ تربيت ڏيڻ جا ۽ وڏو آفيسر ٿيڻ جا. هي پاڻ ته سرڪاري آفيس ۾ ننڍڙو ملازم هو پر هڪڙي سڪيلڌي پٽ جي آسائش لاءِ ڏاڍو پاڻ پتوڙيو هئائين. پرائيويٽ انگلش ميڊيم اسڪول کان پوءِ سائنس ڪاليج ۽ انجنيئرنگ يونيورسٽيءَ تائين سندس تعليم جو خرچ آفيس ۾ اووَر ٽائيم ڪري به پورو ڪندو هو. پاڻ پراڻا ڪپڙا پائي پُٽَ کي نوان وڳا پارائي خوش ٿيندو هو. اسد جي ماءُ جي گذاري وڃڻ بعد هن ئي کيس ماءُ ۽ پيءُ واري شفقت ۽ محبت ڏني.
    ننڍي هوندي جڏهن اسد کانئس هڪ ئي سوال ڏهه ڀيرا پڇندو هو ته هو کيس ڏهه ئي ڀيرا جواب ڏيندو هو، پر اڄ ....!
    هو کيس ڪلهي تي ويهاري گهر جي پڌر ۾ گهمائيندو ۽ ڳلن، ٻانهن ۽ هٿن تي مٺيون ڏيندو هو. بيمار ٿيندو هو ته هو ٻه ٻه ويلا ماني به نه کائيندو هو. ٻانهن ۽ مٿي تي زور ڏيندي سندس صحتيابي جون دعائون گهرندو هو.
    اسد جڏهن انجنيئرنگ جي ڊگري وٺي گهر موٽيو هو ته سندس لاءِ يونيورسٽيءَ ۾ گڏ پڙهندڙ هڪ اميرزاديءَ جو رشتو آيو هو. هن ته انڪار ڪيو پر اسد جي ضدَ ۽ خوشيءَ خاطر اهو رشتو ڪرڻ تي مجبور ٿيو. کيس ڪهڙي خبر هئي ته انهيءَ نئين رشتي جي ڪري اسد پنهنجا رت جا رشتا به وساري ڇڏيندو! انهيءَ اميرزاديءَ جي ڪري ئي هو تمام وڏي ڪمپنيءَ ۾ انجنيئر ته ٿي ويو پر کانئس اهو سمورو ماضي ڪنهن پراڻي پڙهيل سبق جيان وسري ويو جنهن کي منزل ملڻ کان پوءِ ٻيهر پڙهڻ جي هن ڪڏهن ضرورت ئي محسوس نه ڪئي.
    ............
    ڪاري رات پنهنجا پر هر طرف پکيڙي ڇڏيا هئا. پوڙهو ماضيءَ جي يادن مان واپس موٽي آيو هو. هن کي پنهنجو وجود اجھاڻيل ڏيئي وانگر محسوس ٿيڻ لڳو.
    اچانڪ سندس سهڪو وڌڻ لڳو. کيس هڏڪين مٿان هڏڪيون اچڻ لڳيون. نوڪرياڻي ۽ نوڪر هڏڪين جي آواز تي پوڙهي جي ڪمري ۾ ڊوڙندا آيا. هن جي چپن تي رڳو ”اسد.... اسد...“ جا لفظ هئا. سندس بگڙيل حالت ڏسي نوڪر، صاحب جي ڪمري واري در کي زور زور سان کڙڪائڻ لڳو.
    ڪمري جي اندران بيگم صاحبه جو آواز آيو: ”اسد باٿ روم ۾ آهي، شور نه مچاءِ، مان فون تي پئي ڳالهايان.“
    پوڙهي آخري هڏڪي ڏني ته سندس زبان مان ”اَسد...“ جو لفظ نڪرندي رهجي ويو، بس رڳو ”اس....“ چئي سگھيو ۽ جسم جي زندان مان سندس روح ڪنهن پکيءَ جيان ڀڙڪو ڏئي اڏري ويو...


    12. اسسٽنٽ پروفيسر

    نورين پريشان ٿي وئي هئي جڏهن سندس نظر پنهنجي مٿي ۾ تيزيءَ سان وڌندڙ اڇن وارن تي پئي. سوچن جي وڻ ويڙهي کيس وڪوڙي ڇڏيو. سندس اکين جي آڏو انڌيرو ڇانئجي ويو. صوفا سيٽ جي ڪنڊ تي ويهندي ئي هڪ هنڌ ڄمي وئي. سامهون رکيل ڊريسنگ ٽيبل واري آئيني ۾ هڪ دفعو ٻيهر پاڻ کي غور سان ڏٺائين ۽ پنهنجي اکين تي ٻئي هٿ ڏئي ڪنڌ جھڪائي روئڻهارڪي ٿي وئي.
    نورين ڪاليج ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آهي. سندس پيءُ ماءُ ڏهه سال اڳ روڊ حادثي ۾ گذاري ويا هئا، جنهنڪري نورين پنهنجي وڏي ڀاءُ ۽ ڀاڄائيءَ سان رهندي هئي. نورين لاءِ مختلف رشتا ايندا رهيا پر سندس ڀاءُ انهن کي اهو چئي رَد ڪندو رهيو ته اهي رشتا نورين لاءِ مناسب نه آهن. سندس عمر هر گذرندڙ ڏينهن، مهيني ۽ سال سان وڌنڌي ٿي رهي...
    ٻه سال اڳ ئي سندس پروموشن ليڪچرار مان اسسٽنٽ پروفيسر طور ٿيو. کيس سندس ڀاءُ جڏهن ٽريزري آفيس مان پگھار جي سلپ آڻي ڏني هئي ته مبارڪ ڏيندي چيو هئائينس: ”ادي! تون ته مون کان چؤڻ تي پگھار ٿي کڻين! بس اسان ڪلارڪيءَ ۾ ڦاسي وياسين، تو وانگر ليڪچرار ٿي وڃان ها ته اڄ گھر جو سمورو خرچ مان پاڻ هلايان ها! بس ادي توکان خرچ وٺندي شرم ته ڏاڍو ٿو اچي پر...“
    ”نه نه ادا! مان ڀلا ڇا ڪنديس هيڏي ساري پگھار، اها ڳالهه چئي مون کي اوپرو ڇو ٿا بڻايو! مان به ته ڀلا هتي ئي ٿي رهان. ڇا هي منهنجو گھر ناهي!“ نورين چيو.
    ”ها! ادي پر...“
    پنهنجي ڀاءُ جي جملي کي اڌ ۾ ڪٽيندي نورين چيو: ”نه ادا بس ’پر‘ کان پوءِ ڪجهه به نه چئجو. مون سان اهڙي اوپرائپ واري ڳالهه ٻيهر نه ڪجو. منهنجو توهان کان سواءِ ٻيو آهي ڪير؟ مان ڪاڏي ڪنديس اهي پئسا!“
    سندس ڀاءُ جي اکين جون پنبڻيون پُسي پيون. ٻانهن جي ڪف سان اکين ۾ آيل پاڻيءَ کي اگھندي نورين جي مٿي تي هٿ رکيائين.
    نورين جي پنجهٺ هزار پگھار مان پنجاهه هزار گھر ۾ استعمال ٿيندا هئا. سندس ڀاءُ جي ٻارن جي اسڪول فيس کان ويندي اَن اَٽي تائين ٻيون به گھر جون شيون سندس ئي پگھار مان اينديون هيون.
    نورين صوفا سيٽ تي ويٺي هئي. سندس اکين مان ڳوڙها ٽمي رهيا هئا. کيس ماءُ ۽ پيءُ شدت سان ياد اچي رهيا هئا. سامهون واري آئيني ڏانهن ڏسندي ڪيتري ئي دير تائين پنهنجن وارن ۽ چهري ۾ گھُوريندي رهي. دل ئي دل ۾ سوچڻ لڳي: ”مان ڪيسيتائين ڀاءُ جي گھر ۾ ترسيل هوندس. ڀاڄائي جي طنز جا تير آخر ڪيسيتائين برداشت ڪنديس. مان پڙهيل لکيل عورت آهيان. ڀلا پنهنجي رشتي لاءِ پاڻ به ته ڪوشش ڪري سگھان ٿي. ان ۾ ڪهڙي غلط ڳالهه آهي.“ نورين پنهنجو پاڻ کي همت ڏيندي، دل ئي دل ۾ طئي ڪري ورتو ته هاڻي مان پاڻ پنهنجي لاءِ ڪو رشتو ڏسنديس. ٻين پروفيسرس کي چونديس جيڪي اڳ کيس اهڙي آفر ڪنديون رهيون آهن ته اهي سندس رشتو ڪرائن، پر هيءَ کين منع ڪندي رهي هئي ته سندس رشتو صرف پنهنجو ڀاءُ ئي پنهنجي منشا مطابق ڪرائيندو.
    زندگيءَ جي صبح ۽ شام ۾ به ايترو ئي فرق هوندو آهي جيترو حقيقي صبح ۽ شام ۾ هجي ٿو. صبح صاف سٿرو چٽو ۽ وڻندڙ هوندو آهي جنهن ۾ پکي پنهنجي آکيرن مان نڪري آزاد هوائن ۾ اڏامڻ لڳندا آهن، گلَ شبنم جي قطرن سان وهنجي نکري پوندا آهن ۽ وڻن جا پتا صبح جي هير واري مڌر سُر تي رقص ڪندا آهن. جڏهن ته شام ڌنڌلي، ميرانجھڙي ۽ تاريڪيءَ طرف تيزيءَ سان سفر ڪندڙ هوندي آهي. سج موڪلائيندو آهي ته دل گھٻرائجڻ لڳندي آهي ڇوته ان وقت انڌيرن جو سفر اسان جي آجيان ڪرڻ شروع ڪندو آهي. اها سُڌ نورين کي تڏهن پئي جڏهن هن لاءِ هاڻي يا ته انهن جا رشتا ٿي آيا جن ٻِي شادي ڪرڻ ٿي چاهي يا جن جون زالون گذاري ويون هيون ۽ کين پنهنجن ٻارن لاءِ ڪنهن ماٽيلي ماءُ جي گھرج هئي، جيڪا انهن جي پرورش ڪري. اڪثر رشتا اهڙا به هئا جن کانئس نوڪري ڇڏرائڻ جو شرط رکيو، پر اها نوڪري ئي ته هئي جيڪا نورين جو واحد سهارو بڻيل هئي، سا ته ڪهڙي به ريت هن قربان ڪرڻ نه ٿي گھُري.
    نورين لاءِ سندس وڏي ڀاءُ وٽ ڊاڪٽر جو رشتو آيو سندس عمر لڳ ڀڳ چاليهه سال هئي نورين کان سال وڏو هو. ڀاڻس کي خيال آيو ته رشتو تمام مناسب آهي نورين سان صلاح ڪرڻ گھرجي. اهو خيال هن کي پهريون دفعو آيو هو. نورين جي ڪمري جي دروازي وٽان کيس زال هٿ کان ڇڪي ٻئي ڪمري ۾ وٺي آئي. آهستگيءَ ۽ رازداريءَ واري انداز ۾ مڙس کي چيائين:
    ”ڇا ٿي ويو اٿئي؟ مان اوطاق جي در وٽ بيهي ٻڌو ته تون رشتي لاءِ راضي ٿي ويو آن! جي اهو رشتو ٿي ويو ته پاڻ بُک مرنداسين ڇا!؟ پنهنجا حال وسري ويئي ڇا؟ تنهنجي پگھار مان ته ٻارن جو خرچ به پورو ڪونه ٿيندو! لڳي ٿو تنهنجو حافظو ڪمزور ٿي ويو آ. سڄو گھر هِن مائيءَ جي پگھار تي ئي ته هلي پيو. پرڻائيندينس ته ڪم ڪيئن هلندو؟!“ نورين جي ڀاڄائي هڪ ساهيءَ ۾ اهو سڀ ڪجهه چئي مڙس کي سوچن جي گِھري ڪُن ۾ اڇلي ڇڏيو. زال جا سوال سندس آڏو ديوار جيان رڪاوٽ بڻجي ويا. کيس اهي سڀئي سوال مٿي ۾ لوهي سيخ جيان ٽُنبجي رهيا هئا. ڪجهه به سمجھ ۾ نه آيس، کٽ تي ويهي رهيو. ڪيتريون ئي ڳالهيون سندس ذهن کي جنجھوڙي رهيون هيون. کٽ تان اٿي صوفي تي ويٺو. پنهنجن ٻنهي هٿن جون آڱريون ملائي ڪياڙيءَ تي رکي ڪنڌ مٿي ڪري ڇت ۾ نهارڻ لڳو. ذهن ۾ جنگ ڇڙي پئي هيس. سوچيندي سوچيندي اٿي بيهي رهيو. سندس چهري ٿي اطمينان واري مرڪ تري آئي. هو نورين جي ڪمري جي دروازي وٽان گذري سڌو اوطاق ۾ ويهاريل مهمانن ڏانهن هليو ويو ۽ کين رشتي ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو.


    13. روشنيءَ جو سفر

    چوڪيدار جي سيٽي گھٽين ۾ ڇانيل خاموشيءَ کي وقفي وقفي سان ٽوڙي رهي هئي. سياري جي ڊگھي سرد رات جا ٻه وڳا هئا. خالد جون اکيون ڪمري جي ڇت ۾ کتل هيون. ٻن ڪلاڪن کان مختلف سوچون سندس مٿي ۾ ڪوڪن جيان ٺوڪجي رهيون هيون. ننڊ ڪرڻ لاءِ بستري تي پاسا ورائي ورائي ٿَڪي پيو هو. بستري تي سُيون چڀي رهيون هيس. ننڊ جا آثار کيس پري پري تائين نظر نه ٿي آيا. عام حالتن ۾ کيس جڏهن ننڊ نه ايندي هئي ته ماضيءَ جا ڪي خوبصورت پل ياد ڪرڻ لڳندو هو ۽ اهي پل ياد ڪندي کيس ننڊ اچي ويندي هئي، پر اڄ ڪلهه ننڊ سندس نيڻن مان اڏامي ويئي هئي.
    خالد ويهاڻي جي هيٺان رکيل پنهنجي موبائيل سيٽ کي هر هر کڻي ان ۾ ٽائيم ڏسي رهيو هو. ڪمري ۾ زيرو بلب جي ميرانجھڙي روشني ڦهليل هئي. ڪيترائي بي ترتيب خيال سندس ذهن ۾ اچي رهيا هئا. اهي خيال جن تي هن سوچڻ نه ٿي چاهيو، پر پوءِ به اهي هن جي ذهن ۾ ائين ڌوڪجي رهيا هئا جيئن ڪوئي طوفان گھر جي در درين کي زور سان کولي اندر گھڙي ايندو آهي ۽ ڪمري ۾ رکيل شين کي بي ترتيب ڪري گذري ويندو آهي.
    خيال پاڻي ناهن هوندا جن کي بند ٻڌي بيهاري ڇڏجي. خيال باهه به ناهن هوندا جن تي پاڻي وجھي کين ٺاري ڇڏجي. خيال ڪا ٽرين به ناهن جنهن جو زنجير ڇڪي انهن جي تيز رفتاريءَ کي هڪ هنڌ بريڪ هڻائي بيهاري ڇڏجي. پر خيال ته سيلاب جي تيز وهڪري جيان هجن ٿا جيڪي هڪ کان پوءِ ٻيو بند ڀڃندا ذهن جي ديوارن سان ٽڪرائبا رهن ٿا. ها اهي ڪنهن طوفان جيان ئي هجن ٿا جن کي ڪوبه ٻنو يا بند ڏيڻ ممڪن ئي نه ٿو هجي...
    خالد چاليهن سالن جو، وچولي قد بت وارو هڪ حساس شاعر آهي جيڪو خانگي آفيس ۾ ڪلارڪ آهي. سندس مٿي ۽ شهپرن جا وار اڌ اڇا ۽ اڌ ڪارا آهن. ايم اي فرسٽ ڪلاس ۾ ڪيل اٿس، پر نااهل ماڻهو سدائين سفارش جي گھوڙي تي چڙهي هن جي اهليت کي مات ڏئي سرڪاري نوڪريون وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا آهن ۽ هي سدائين انهن سفارشي گھوڙن جي اڏامندڙ مٽيءَ ۾ ڌڌڙ ٿي واپس ورندو آهي ۽ قدم قدم تي ڊهندو گھر تائين پهچندو آهي.
    هر پاسي سانت آهي. ڪمري ۾ ساڳي ئي بيڊ تي سندس زال ۽ ٻه ٻارڙا به ستل آهن. وچ ۾ ٻارڙا، پريان زال، جيڪي سڀ ننڊ جي آغوش ۾ آهن. هي مسلسل ڪوشش ڪرڻ ۾ رڌل آهي ته کيس انهن خيالن کان نِجات ملي جن کيس ننڊ جي خوبصورت ماٿريءَ مان گھڻو پري اچي سوچ جي صحرا ۾ اڇلي ڇڏيو هو. خيال مٽائڻ خاطر ڪوشش ڪيائين ته ڪو غزل لکي پر اهڙي ڪيفيت ۾ شاعريءَ جي ديوي به اڪثر رٺل ئي هوندي آهي. شاعري به پنهنجي مرضيءَ تي اوچتو ئي ذهن جي پڌر تي اچي قدم ڌريندي آهي.
    ننڍپڻ لاءِ جا ڏينهن ياد ٿا اچنس، جڏهن سندس امڙ کيس آکاڻيون ٻڌائيندي مٿي تي هٿ ڦيريندي هئي، پوءِ جھٽ ۾ ئي ڪيئن بغير ڪنهن فڪر جي ننڊ جي گھري واديءَ ۾ گم ٿي ويندو هو. ڪا به جيءُ جنجھوڙيندڙ سوچ ۽ ڪو به فڪر نه هوندو هوس. ڪيڏا نه سڪون وارا ڏينهن هوندا آهن ٻال وهيءَ جا! ننڍي لاءِ جون ڳالهيون ياد ڪندي کيس ننڊ جا خمار چڙهڻ لڳن ٿا، پر جيئن ئي سندس اکيون ٻوٽجڻ لڳن ٿيون ته وري ساڳيا خيال سندس ذهن ۾ سُين جيان ٽنبجڻ لڳنس ٿا ۽ هي وري بيچين ٿي وڃي ٿو.
    خيال ڪهڙا هئس؟! سڄي ڏينهن جا واقعا، صبح جو اٿڻ سان ئي ڪرياني واري جو ڪروڌ.
    ”بس جيستائين پئسا نه ڏيندين، سودو نه ڏيندومانءِ هاڻي. پنج هزار ٿي ويا آهن توڏي. ڪجهه اسان جو به ته خيال ڪر ڀائو.“
    ”حاضر ادا حاضر! بس هن پگھار تي اڌ رقم ڏئي ڇڏيندوسانءِ. پر هاڻي اها مهرباني ڪر. منهنجو کَنڌو بند نه ڪر يار.“
    ڀاڄيءَ واري جي دڪان تي ويندي سندس پيرن جو آهستگيءَ سان رستي تي ئي رڪجي وڃڻ کيس ياد اچي ٿو. ڀاڄيءَ واري کيس پريان سڏ ڪيو هو: ”خالد!“
    ڇرڪي پيو هو. مئل مئل قدمن سان ڀاڄيءَ واري دڪان تائين نه چاهيندي به وڌي ويو هو.
    ڀاڄي واري چيو هوس: ”ڀائو! اڄ پئسا ضرورت ۾ آهن ڪجهه حساب ڇڏائي وڃو.“ کيسي ۾ هٿ وڌائين ته صرف ستر رپيا نڪتا هئس. ان وقت شرم جي شدت کان پاڻ کي کوهه ۾ ڪرندي محسوس ڪيو هئائين. ڀاڄي واري جو ڏانهس منهن ۾ سونڊ وجھي ڏسڻ به هر هر ياد ٿي آيو.
    اڄ ميڊيڪل اسٽو واري کيس ٻارن جي بخار جي دوا ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. سمورو ڏينهن آفيس ۾ باس جا دڙڪا به کيس ياد ٿي آيا. سوچيندي سوچيندي ٻارن جيان روئي پيو هو. سياري جي سرد رات ۾ سندس اکين مان ڪجهه گرم ڳوڙها ڳڙي سندس ڳلن تان ڪري ويهاڻي ۾ جذب ٿيڻ لڳا.
    ٻارن جي اسڪول جي فيس، گھر واريءَ جو گھر جي خرچ تي ڪروڌ، ٻارڙن جو ڪپڙن لاءِ روئڻ. سڀ ڳالهيون کيس بار بار تڙپائي رهيون هيون. ائين ٿي لڳس جيئن جبل جي چوٽيءَ تان هر هر هيٺ ڪرندو هجي. اندر ۾ عجيب آنڌ مانڌ هيس.
    بيڊ تان اٿي پڌر ۾ هليو آيو. آسمان ڏانهن چتائي ڏٺائين، ستارا ٽمڪي رهيا هئا. چنڊ پنهنجي کير جھڙي روشني زمين ڏانهن موڪلي مرڪي رهيو هيو. پوري ڪائنات جو چرخو معمول مطابق ڦري رهيو هو! سرديءَ جي ڪري گھڻو وقت ٻاهر بيهي نه سگھيو. وري ڪمري ۾ موٽي اچي ويهاڻي جي هيٺان رکيل موبائيل کڻي ڏٺائين. رات جا ٽي ٿيا هئا. سوَڙ پنهنجي سيني تائين ورائي هڪ پاسي تي سمهي ننڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، پر ننڊ وري به نه ٿي اچيس.
    خيال اچيس ٿو ڪو ڪتاب کڻي پڙهي ته جيئن ڌيان مٽجيس. ڪهاڻين جو ڪتاب سندس ٽيبل تي رکيل هو جيڪو ڪجهه ڏينهن اڳ ئي سندس ڪهاڻيڪار دوست کيس تحفي طور ڏنو هو. موبائيل جي ٽارچ لائيٽ آن ڪري ڪتاب جي پهرين صفحي تي ان ڪهاڻيڪار دوست جا لکيل لفظ پڙهي ٿو: ”سنڌي ٻوليءَ جي انتهائي سهڻي ۽ برجستي تخليقڪار، پياري دوست خالد لاءِ دل جي خلوص وچان.“ ڪجهه پنا اٿلائي هڪڙي ڪهاڻي پڙهڻ شروع ڪري ٿو. پهريان جملا پڙهي ٿو پر کيس مزو نه ٿو اچي. ڪتاب ورائي ٽيبل تي رکي ٿو ۽ وري بيڊ تي وڃي سمهي پوي ٿو. اندر ۾ عجيب تڙپ ۽ من ۾ مونجهه محسوس ٿئيس ٿي. اهڙي مونجهه جنهن سان هاڻي سندس ساهه گھٽجڻ لڳي ٿو.
    وڏي ڌيءُ جيڪا هن جي ڀر ۾ ستل هئي، بخار ۾ سندس مٿو تپي باهه ٿي ويو هو. ٽيوب لائيٽ ٻاري بخار جي دوا مان آخري وزن کيس پيئاريائين. زال کي نه ٿو اٿاري جو کيس اهو احساس آهي ته اها سڄو ڏينهن گھر جو ڪم ڪار ڪري ٻارن سان مٿي ماري ڪري ٿڪي ٽٽي صرف رات جون چند گھڙيون ئي آرام ڪندي آهي....
    لائيٽ وِسائي وري سمهي پوي ٿو. سوچون جيڪي کيس ننڊ ڪرڻ نه ٿيون ڏين. گھڙيال جي ڪانٽي جي ٽڪ ٽڪ جاري آهي، وقت گذرندو ٿو رهي. صبح جو مسجدن مان آذانيون اچڻ شروع ٿين ٿيون.
    دل ئي دل ۾ اهو ارادو ڪري ٿو ته سڀاڻي کان، آفيس کان پوءِ ڪنهن خانگي اداري ۾ به نوڪريءَ جي ڳولا ڪريان، نه ته مفلسيءَ سبب ماڻهن جا ملندڙ مهڻا مون کان خود ڪشي ڪرائيندا ۽ پوءِ منهنجي ٻچن جو ڇا ٿيندو! آلين اکين کي رومال سان اگھندي دل ئي دل ۾ سوچي ٿو: جيڪڏهن ڪا ٻي نوڪري نه ملي ته ڇولا کپائيندس.
    غربت ماڻهوءَ جي احساسن کي ڪيئن نه سوليءَ تي ٽنگيندي ٿي رهي. ڪيئن نه پَل پَل مرڻو ۽ جيئڻو ٿو پوي. سوچون سندس ذهن ۾ تپيل لوهي سيخ جيان ٽُنگ ڪنديون ٿيون رهن.
    صبح جو اٿڻ سان ئي سڀني کنڌي وارن کي اڄ نئين سر ايلاز ڪرڻ جي لاءِ سوچي ٿو. کين پهرين تاريخ پگھار تي قرض جو ڪجهه حصو لاهڻ جو چوندي هر روز پاڻ تي قرض چاڙهيندو ئي رهي ٿو....
    آفيس لاءِ تيار ٿي گھران نڪري روڊ سان هلندو رهي ٿو، پر سوچون وقفي وقفي سان سندس ذهن ۾ ڏينڀوءَ جيان ڏنگ هڻنديون ئي رهن ٿيون. سوچون... سوچون... ۽ سوچون.
    گاڏيءَ جي بريڪ جو زوردار چرڙاٽ، روڊ تي ٽائرن جا گھرا ڪارا ليڪا! خالد رت ۾ لت پت! ماڻهن جي پيههَ! ايمبولينس جي سائرن جا خوفائتا آواز!
    اسپتال ۾ سندس اکيون کليون ته هن جي مٿان گھر واري روئي رئي هئي...
    ڪجهه ڏينهن کان پوءِ.... صحتياب ٿي شام جي وقت به پرائيويٽ اداري ۾ نوڪري ڪرڻ لڳو. سندس آمدنيءَ ۾ خوشگوار اضافو ٿي ويو هو. محسوس ڪري ٿو زندگيءَ ۾ ڏکن، پريشانين ۽ سوچن جي تپيل سيخن لڳڻ سان ئي کيس جستجو ڪرڻ ۽ جيئڻ جو حوصلو ملي ويو هو ۽ هن پاڻ کي اونداهي کاهيءَ ۾ ڪرندي ڪرندي سنڀالي ورتو هو... کيس محسوس ٿيو ته هاڻي هو روشنين جي سفر ڏانهن روان دوان ٿي چڪو هو.


    14. ڏنگيل خوشيون

    رياض آپريشن ٿيٽر ۾ بيهوش پيل آهي. منهنجا ۽ ڪجهه ٻين دوستن جا ڪپڙا رت ۾ ڳاڙها ٿي ويل... جيستائين اسپتال پهچون تيستائين سندس تمام گھڻو رت وهي چڪو. کيس رت جون ٿيلهيون چاڙهيون ويون... هاڻي آپريشن شروع ٿي چڪي آهي. سڀ آپريشن ٿيٽر جي ٻاهران ڳوڙهن سان تر ٿي ويل اکين کي بار بار اگھندي هڪ ٻي کي آٿت ڏئي رهيا آهن. رياض جا سڀئي مائٽ سندس والد کي سنڀالڻ ۾ مصروف. مان او ٽِي جي ٻاهران ڪاريڊور جي فرش تي ويهي اکين تي هٿ رکي اوڇنگارون ڏئي روئي رهيو آهيان... روئندي روئندي اهي لمحا... اهي ڏينهن... اهي راتيون... سڀئي پل، پهر ياد اچڻ لڳا... ۽ ماضيءَ جي يادن جا تاڪ کلي پيا...
    ...........
    اهي سخت سرديءَ وارا ڏينهن هئا. صبح جو ڇهين بجي سنڌ يونيورسٽيءَ جي اسٽيشن تي مان ۽ منهنجو دوست رياض ٿيلهن ۽ بسترن سميت لٿا هئاسين. هوائون تيزيءَ سان گھلڻ سبب سرديءَ جي اضافو ٿي رهيو هو. ٽرين پنج منٽن کان پوءِ وِسل هڻي اڳتي وڌي وئي. اسان پليٽ فارم تي موجود هڪ ننڍڙي ڪيبن تي اچي بيٺا هئاسين جتي گرم گرم چانهه تيار ٿي رهي هئي.
    اسان وٽ سامان تمام گھڻو هو تنهنڪري رڪشه تي چڙهي ڦاٽڪ جي هڪ هوٽل تي اچي ويٺا هئاسين، سرديءَ سبب وات مان دونهان نڪري رهيا هئا، جسم ۾ ڏڪڻي وٺي وئي هئي، اسان ٻنهين کي جيڪٽ مٿان لويون ويڙهيل هيون. هَوا سبب هٿ پير ٺري يَخ ٿي ويا هئا. ناشتي ۾ انڊي پراٺي ۽ چانهه جو آرڊر ڏنو.
    منهنجي فزڪس ۽ رياض جي اسٽيٽسٽڪس ڊپارٽمينٽ ۾ ايڊميشن ٿي هئي. هاڻي 9 وڄڻ جو انتظار هو ته جيئن اسان هاسٽل جو ڪمرو حاصل ڪرڻ لاءِ پرووسٽ آفيس مان معلومات وٺي هاسٽل جي ڪمري جي چاٻي حاصل ڪري وڃي ٿانيڪا ٿيون.
    ڪجهه گھڙيون اخبار پڙهي ته ڪجهه گھڙيون سياسي اٿل پٿل بابت تبصرا ڪياسين. مختلف موضوعن تي بحث ڪري ڪري آخر صبح جا اٺ وڄاياسين، يونيورسٽيءَ جون پوائنٽ بسون ڦاٽڪ تان گذرڻ شروع ٿيون. اسان به رڪشه ۾ چڙهي يونيورسٽي جي حدن ۾ داخل ٿياسين ته سڀ ڪجهه خواب جيان لڳي رهيو هو. ڪشاده صاف سٿرا روڊ، وڏا وڏا گھاٽا وڻ، باغ باغيچا، رنگ برنگي ويس پهريل شاگرد ۽ شاگردياڻيون ڏسي دل ئي دل ۾ خوش ٿي رهيا هئاسين ته هاڻ اسان به هن ماحول جو حصو بنجڻ وارا آهيون.
    رڪشه اچي پرووسٽ آفيس جي سامهون ڇڏيو. ٻن ڪلاڪن جي انتظار بعد اسان کي علامه اقبال هاسٽل جي ڪمري نمبر 40 ۽ 32 تي الاٽمينٽ ٿيڻ جي خبر ملي. وارڊن سان ملي ڪمرن جون چاٻيون ورتيون ۽ ٻنهي ڪمرن تي پنهنجا پنهنجا سامان رکياسين.
    اسان ٻنهي جا ڪمرا فرسٽ فلور تي هئا. منهنجو ڪوبه پارٽنر نه اچڻ سبب رياض پنهنجو ڪمرو ڇڏي آيو هو. هاڻي پاڻ هڪ ئي ڪمري ۾ رهڻ لڳا هئاسين. ڄامشوري جا اهي اجرا صبح ۽ ميرانجھڙيون شامون... تيز گھلندڙ هوائون ۽ هاسٽل ۾ لڳل انبن جي وڻن مان طوطن جي ٻولڻ جا مڌر سُر... ڪجهه ئي ڏينهن ۾ يونيورسٽيءَ جون رنگينيون، ڪلاس، ڪاريڊورس، سينٽرل لائبريري، آرٽس فيڪلٽي، سائنس فيڪلٽي، سينٽرل ڪينٽين، زيرو پوائنٽ کان ويندي علامه آءِ آءِ قاضي جي مزار ۽ مارئي هاسٽل تائين ڪئمپس جو سمورو ماحول ڏسي ۽ پرکي ورتو هيوسين. هاسٽل جي ڪامن باٿ رومس ۾ جلدي جلدي وهنجڻ، ٽاول ٻڌي تڪڙا قدم کڻندي ڪمري تائين پهچڻ ۽ پوءِ ڪلف لڳل ڪپڙا پائي ڪئمپس طرف ڪلاسن ڏانهن ڊوڙڻ اهو سڀ ڪجهه ڪنهن به يونيورسٽي جي شاگرد کان ڀلا ڪيئن ٿو وسري سگھي!
    رياض ۽ مان جاگرافي ڊپارٽمينٽ واري ڪنڊ کان موڪلائي پنهنجي پنهنجي ڊپارٽمينٽس ڏانهن روانا ٿي ويندا هئاسين. منجھند جي مانيءَ تي اڪثر سينٽرل ڪينٽين تي گڏجي پوءِ هاسٽل جي ڪمري تي اچي هڪ ٻئي کي ڪئمپس جا حال احوال ڏيندا هئاسين.
    رياض جي شخصيت ڏاڍي جاذب هئي. قدآور، ڀورو چٽو رنگ، ٺهندڙ شهپر ۽ سنهي فريم وارو نظر جو چشمو. پاڻ شاعراڻو مزاج ته اڳ ئي رکندڙ هو، مٿان وري سندس اک پنهنجي ڪلاس فيلو حِنا سان به اڙجي وئي. جتي به ويهندا هئاسين حنا جون تعريفون ڪندي نه ڍاپندو هو. چوندو هو: ”يار! مان دنيا جو خوش نصيب انسان آهيان جنهن کي حِنا جهڙي خوبصورت ۽ خوب سيرت ڇوڪري ملي وئي آهي، بس هاڻي مون کي ٻيو ڪجهه به نه گھرجي.“
    ٿڌا ساهه کڻي چوندو هو: ”مون کي ان کان وڌيڪ ٻيو ڇا کپي ته حنا به مون سان ايترو ئي پيار ٿي ڪري جيترو ساڻس مان ٿو ڪريان، اسان هڪ ٻي جي مزاجن کان واقف ٿي ويا آهيون، هڪ ٻي جي جذبن جو قدر ڪريون ٿا. ماڻهو ته دعائون گھرندا آهن اهڙي ساٿيءَ لاءِ. پر مون کي ته دعائن کان بغير ئي هوءَ ملي وئي آهي.“
    هاسٽل جي ڇت تي مون کي رياض جون حنا سان ٿيندڙ هر روز واريون ڪچهريون ۽ تعريفون ٻڌڻيون پونديون هيون. مان کيس چوندو هوس: ”پيارا! ڇڏي ڏي اهو عشق ڪرڻ، هتي پڙهڻ آيو آن، يا عشق ڪرڻ؟!“
    رياض ٿڌا ساهه ڀري وراڻيندو هو: ”جڏهن عشق لڳئي ته خبر پوندئي پيارا! باقي مان پڙهائي ڇڏي ته ڪونه ڏني آهي! ها ائين ضرور آهي ته ڪتابن جي ورقن ۾ به مون کي صرف حِنا جو گلاب چهرو ئي ٿو نظر اچي.“
    هڪ دفعي مون کي سينٽرل لائبريري جي ڀرسان چانهه واري جي رکيل ڀڳل بينچن تي ويهاري چيو هئائين: ”اِجھو آيس“ ۽ پوءِ هو چند گھڙين بعد حنا کي ساڻ وٺي آيو هو. ڏيڍ ڪلاڪ تائين اتي ويٺا رهيا هئاسين. حنا واقعي به ڏاڍي خوبصورت هئي. خوبصورت وڏن ڇپرن واريون وڏيون اکيون، ڪارا گھاٽا وار، ڀورو چٽو رنگ، ٺهندڙ بت ۽ سڀ کان اهم ته رياض جيان قدآور پڻ. رياض جو مٿانهس موهت ٿيڻ کيس ڏسڻ کان پوءِ مون کي چڱيءَ ريت سمجھ ۾ اچي ويو هو. سندس بابت ٻڌل سڀئي تعريفون مان ان وقت حقيقت جي روپ ۾ ڏسي رهيو هوس.
    .... ڏينهن مهينا سال گذرندا رهيا. وقت پنهنجي ظالم رفتار سان ڀڄندو ئي رهيو. پيار عشق ۾ ڪڏهن تبديل ٿي ويو کين ڪا سُڌ ئي نه پئي هئي. آخرڪار چار سال گذري ويا. گذري ويل سالن ڏانهن ڪنڌ ورائي ڏٺو ايئن ٿي لڳو جيئن ڪي چند ڏينهن ئي گذريا هجن. يونيورسٽي ڇڏڻ وقت جڏهن سڀئي دوست وڏا وڏا ڀاڪر وجھي هڪ ٻئي کان موڪلائي رهيا هئاسين ته حيرت مان هڪ ٻئي کان پڇي رهيا هئاسين: ”ڪيئن گذري ويا چار سال!“
    هر ڪو ڄامشوري جي هوائن کي الوداع چئي موڪلائي ويو. حنا ۽ رياض جي ملاقاتن جو سلسلو ختم ٿي چڪو هو، پر موبائيل تي سندن رابطا بحال هئا. سمورو ڏينهن ميسيج ۽ رات جو ڊگھيون ڊگھيون ڳالهيون. اهي رابطا هلندا رهيا ۽ آخرڪار رياض حِنا جي گھر رشتو موڪليو هو. سندن رشتو طئي ٿي ويو ته هن يارن سان گڏجي جھومريون پاتيون، مٺايون ورهايون، فونيون ڪري سڀني دوستن کي ٻڌايو هئائين. ڏاڍو خوش ٿيو هو ۽ خوش به ڇونه ٿي ها جو کيس پنهنجي پسند جي ڪنوار ٿي ملي. دوستن ۽ مائٽن پاران کيس ڪيترن ئي ڏينهن تائين مبارڪون پئي مليون.
    رياض نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيو هو. ڪميشن جي امتحان ۾ ويٺو، جڏهن اخبار ۾ رزلٽ آئي ته کيس پنهنجي اکين تي اعتبار ئي نه ٿي آيو. مالڪ جا ٿورا مڃيائين جو سندس نالو ڪامياب اميدوارن جي لسٽ ۾ شامل هو. جڏهن هن نوڪري جوائن ڪئي ته ڪجهه ئي مهينن بعد سندس شاديءَ جي تاريخ پڻ مقرر ٿي وئي هئي.
    رياض پنهنجي سمورن يونيورسٽي جي دوستن کي شاديءَ ۾ گھرايو هو. دوستن کيس فرمائش ڪئي هئي ته ”اسان جي پيئڻ جو جوڳو بندوبست ڪجانءِ!“ هن سندن فرمائش پوري ڪئي هئي. سيور ۽ سرچ لائيٽن سان ٻرندڙ شاندار شادي هال جي ديوارن تي خوبصورت ننڍڙين ٽمڪندڙ رنگين ڊيڪوريشن بلبڙين جي وچ ۾ ويٺل سڀئي ماڻهو ڪچهرين ۽ ٽهڪن ۾ مصروف هئا. نوان پراڻا دوست هڪ ٻئي کي ٻک وجھي ملي رهيا هئا.
    ڪجهه دوستن کي ته اهڙا نشا چڙهي ويا هئا جو دُهل کان بغير ئي نچڻ ۾ شروع ٿي ويا هئا. اهڙن مدهوش دوستن کي ڏسي ڪي ماڻهو حيران ۽ پريشان ٿي رهيا هئا ته ڪي وري سندن حرڪتن کي انجواءِ ڪري رهيا هئا. هر طرف گلن جي هٻڪار هئي... مانيءَ جي سموري ذميواري منهنجي حوالي هئي. ايندڙ ماڻهن کي ڀليڪار ڪرڻ لاءِ مٽ مائٽ بيٺل هئا.
    رياض گھوٽ جي ويس ۾ شهزادو لڳي رهيو هو. ”مالڪ کيس بد نظرن کان پناهه ۾ رکجانءِ“ منهنجي چپن تي بي ساخته لفظ اچي ويا.
    خوبصورت پنڊال جي عورتن واري حصي ۾ ڳاڙهي وڳي ۾ ملبوس ڪنوار کي پڻ اسٽيج تي اچي ويهاريو ويو هو. ماني تيار هئي مولانا صاحب نڪاح پڙهائڻ شروع ڪيو جيئن دعا پوري ٿي ته دهلن ۽ شرنائين سان گڏ سمورو پنڊال فائرنگ سان به گونجڻ لڳو هو. گھوٽ کي ڪنڊيون پونديون رهيون. سندس دوست مست ٿي نچڻ لڳا. انهن ئي مدهوش ٿيڙ کائيندڙ دوستن مان هڪڙي دوست مستيءَ ۾ اچي ٿيڙ کائيندي ورَ ۾ رکيل پسٽل ڪڍيو هو... ٽي فائر ٿيا. ڊز... ڊز... ڊز... پهرئين گولي مٿي شامياني ۾ لڳي ٻي اسٽيج تي بيٺل مهمانن مان هڪ جي ٻانهن ۾ ۽ ٽين گولي سان سڀني ۾ ڀاڄ پئجي وئي. اسٽيج تي ماڻهن جي پيهه وڌي وئي. بوسڪيءَ جو وڳو رت ۾ ڳاڙهو ٿي ويو. رياض جي پيٽ ۾ گولي لڳي...
    ..........
    مان آپريشن ٿيٽر جي ٻاهران فرش تي ويٺل آهيان... آپريشن ختم ٿي چڪي آهي... مون کي هڪ دوست سهارو ڏيندي اٿاريو. رياض جي جان بچي وئي... هاڻي هو خطري کان ٻاهر آهي... سندس خوشين کي لڳل ڏنگ واري زهر کي ٻُهاري ڪڍيو ويو... منهنجون اکيون ڪاريڊور جي ڇت ۾ اٽڪي پيون... تانيئڙي جي ٺاهيل ڄار مان هڪ ننڍڙو وجود پنهنجو پورو زور لڳائي نڪري ويو...


    15. منهنجو ارسلان

    ريل آخري وسل هڻي پليٽ فارم تان آهسته آهسته هلڻ لڳي. مان ڪراچي وڃي رهيو هوس. مون سان گڏ منهنجو يارنهن سالن جو پٽ ارسلان به هو. مون سامهون ۽ ڀرسان ويٺل مسافرن جي چهرن تي ان خيال سان نظرون ڦيرايون ته متان ڪو ڏٺل وائٺل ويٺو هجي. ڪجهه ڏٺل وائٺل ماڻهو پرَ ڀَرو ويٺل هئا پر ڀرسان ويٺل سڀ چهرا اوپرا لڳا. ريل لاڙڪاڻي جو پليٽ فارم ڇڏي، آباديءَ وارن علائقن مان وسل وڄائيندي گذري رهي هئي. ريل ۾ ڪافي رش هئي جو قلندر جو ميلو ويجھو هو. غريب ماڻهو ميلي تي وڃڻ لاءِ ريل کي ئي ترجيح ڏيندا آهن جو ڪوچ جي ڀيٽ ۾ سفر سستو ۽ آسان هوندو آهي. رش ايتري هئي جو ماڻهو برٿ تي پڻ ويٺل هئا.
    ارسلان دريءَ واري پاسي کان ويٺو تيزيءَ سان پوئتي ويندڙ منظرن کي حيرانيءَ مان ڏسي رهيو هو. مون کي آڱر جي اشاري سان رڍن جا ڌڻ، ڪکاوان گھر ۽ انهن گھرن ۾ موجود ماڻهو ۽ پالتو جانور ڏيکاري خوش ٿي رهيو هو.
    ارسلان منهنجو سڪيلڌو پٽ آهي، جيڪو شاديءَ جي ڏهن سالن کان پوءِ پيدا ٿيو هو. مان ڪراچيءَ آفيس جي ڪم سان وڃي رهيو هوس. سوچيم ته پٽ کي به ڪراچي گھمائي اچان. هو ريل ۾ پهريون ڀيرو چڙهيو هو تنهنڪري سندس لاءِ سڀ ڪجهه نئون هو. مُڱن جي دال ۽ نمڪو وارو آيو ته معصوميت مان منهنجي منهن ڏانهن ڏسندي چيائين: ”ابُو! ڪاڪي کان دال وٺي ڏيندؤ!؟“
    مان کيس نمڪو ۽ دال جون ٻه ننڍڙيون ٿيلهيون وٺي ڏنيون. ريل جا لوڏا ۽ ماڻهن جا گڏيل سڏيل آواز، ڪي سنها آواز؛ ڪي ڳورا آواز، ته ڪي وري ڪنن جا پردا ڦاڙيندڙ آواز! ماڻهن جون ڪچهريون جاري هيون. منهنجي ڀرسان ويٺل چاپئين ڏاڙهيءَ سان اڌڙوٽ عمر واري همراهه مون کان اوچتو سوال ڪيو: ”سائين! گاڏي دادوءَ ڪهڙي وقت پڄندي؟“
    مون واچ ۾ ٽائيم ڏٺو. ”ساڍا ست پيا ٿين. مان سمجھان ٿو ته ساڍي ڏهين تائين پهچڻ گھرجي.“
    ارسلان! دال جا ٻه ٽي ٻه ٽي ڪڻا کائيندي ريل جي اندرئين ماحول کان بي نياز ٿي ريل کان ٻاهريان منظر ڏسڻ ۾ مصروف هو. ريل ننڍين ننڍين اسٽيشنن تي اسٽاپ ڪندي ۽ هلندي رهي. پاسي واري کيسي ۾ پيل موبائيل جي گھنٽي وڳي. اسڪرين تي ڏٺم. ارسلان جي ماءُ جي فون هئي.
    ”هيلو!“
    ”ڪٿي پهتا آهيو؟“
    ”بس هاڻي ڪجهه دير اڳ راڌڻ اسٽيشن ڪراس ڪئي آهي.“ مون چيو.
    ”ارسلان تنگ ته نه ٿو ڪريوَ نه؟“
    ”نه نه! ويٺو انجواءِ ٿو ڪري. اچي وٺ، ڳالهائينس.“
    ”هيلو! ارسلان ڇا حال آ، پٽ؟ مزو اچئي ٿو؟“
    ”ها امي ڏاڍو مزو آ. مان دريءَ واري پاسي کان ويٺو آهيان، کوڙ شيون ڏٺيون آهن. گھر اچي ٻڌائيندومانءِ. ابو مون کي شيءِ به وٺي ڏني آ. هاڻي ابوءَ سان ڳالهايو.“
    ارسلان مون کي فون ڏئي نمڪو کائڻ ۾ مصروف ٿي ويو.
    ”ٺيڪ آهي! پوءِ بعد ۾ وري ڪنهن اسٽيشن تي لهي ڳالهايان ٿو.“ مون چيو.
    ”ها ٺيڪ آهي.“ ارسلان جي ماءُ وراڻيو.
    ”ابو! ابو! هُو ڏسو ڪيڏا اُٺ ٿا وڃن سامهون.“
    ”ها ۽ هو ڏسو انهن سان گڏ ننڍڙو ٻچڙو به آهي.“ مون چيو.
    سفر گذرندو رهيو. ڳنڍيرن، بوائل ٿيل انڊن، مڪئي سنگن، ڀڳڙن ۽ جوسن وارا مختلف اسٽيشنن تان چڙهندا هوڪا ڏيندا رهيا. ارسلان به مختلف شين جي فرمائش ڪندو رهيو ۽ مان سندس فرمائشون پوريون ڪندو رهيس.
    ارسلان کي منهنجي ڪلهي تي ننڊ اچي وئي. ٻيا ويٺل ۽ بيٺل ماڻهو به هاڻي ڳالهائي ڳالهائي ٿڪجي پيا هئا. مان رکي رکي سيٽ جي هيٺان رکيل پنهنجي بريف ڪيس کي پير سان ڇُهي پڪ ڪري رهيو هوس ته پيو آهي يا نه، ڇالاءِ ته ميلي جي موقعي تي اڪثر سامان چوري ٿي ويندو آهي.
    اکين تي ننڊ جا کيپ چڙهڻ لڳا ته مون به اکيون پوري ڇڏيون. نه ڄاڻ ڪهڙي مهل ننڊ اچي وئي. گاڏي سيوهڻ اسٽيشن تي پهتي ته نعرن ۽ وڏن لائوڊ اسپيڪرس تي هلندڙ ڌمال جي آواز تي مان ننڊ مان ڇرڪ ڀري اٿي پيس.
    ڀر ۾ ڏٺم ارسلان غائب هو! ساهه وڃي پيرن ۾ پيو. اکين آڏو اوندهه اچي وئي. سامهون ويٺل همراهه کان پڇيم: ”ڀائو! منهنجو پٽ ڪاڏي ويو!؟“
    ”ڀائو! هاڻي هاڻي هيٺ پاڻي پيئڻ لاءِ لهي ويو! توکي اٿارڻ جي ڪيائين، پر تو ورندي نه ڏنس!“
    جسم ۾ سُيون چڀي ويون. مٿو چڪرائجڻ لڳو. هڪدم پليٽ فارم تي لهي آيس. ماڻهن جي رش ايڏي هئي جو ڪلهو ڪلهي سان ٽڪرائجي رهيو هو. پاڻيءَ جي سبيل تي به ماڻهن جي پيههَ هئي. ماڻهن جي رش کي چيريندو ڪيتري ئي دير تائين چرين وانگر ارسلان کي ڳوليندو رهيس. سبيل واري اسٽال تي نظر نه آيو، ته وري ڊُڪندو پنهنجي بوگيءَ طرف آيس. سامهون ويٺل همراهه کان ٻاهران دريءَ کان بيهي سهڪندي سهڪندي پڇيو: ”ڀائو! مون وارو ننڍڙو هيڏي واپس ته ناهي آيو؟“
    همراهه منهنجي پريشاني ڏسي اٿي بيهي رهيو. چيائين: ”نه ڀائو! هيڏي ته ناهي آيو. اچي ته ويهاريانس ٿو. تون ٻاهر ڏسيس.“
    مان پليٽ فارم جي ٻي ڪنڊ تي موجود پاڻيءَ جي سبيل ڏانهن ڀَڳس. ماڻهن کي ڌڪا ڏئي کانئن پڇندو رهيس: ’ڀائو منهنجو ننڍڙو گم ٿي ويو آهي. توهان ڏٺو؟ بِلُو ڪلر جي ڊريس پاتل اٿس.‘
    ڪجهه ماڻهو ڪاوڙ، ته ڪجهه ماڻهو وري همدرديءَ واري نظر سان چتائي رهيا هئا. دل زور زور سان ڌڙڪي رهي هئي، اندر ۾ وڍ پئجي رهيا هئا.
    پليٽ فارم تي موجود اڪثر ماڻهو ميلو گھمڻ آيا هئا. سندن چهرا ٻهڪي رهيا هئا، پر منهنجو هانءُ پيو ڦاٽي. زور زور سان رڙيون ڪري ”ارســلان... ارســلان... ارســـلان...“ ڪندو پليٽ فارم تي ڀڄندو رهيس. ڊوڙندو اسٽيشن ماسٽر جي آفيس ۾ آيس. کيس ٻڌايم ته منهنجو پٽ پليٽفارم تان گم ٿي ويو آهي. ريل کي نه هلائجو، متان ڪنهن ٻي بوگيءَ ۾ چڙهيو هجي يا پليٽفارم تي ئي ڀلجي پيو هجي. مهرباني ڪيو. الله جو واسطو اٿوَ. منهنجي مدد ڪيو. منهنجي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا هئا. اسٽيشن ماسٽر مُنهن ۾ سُونڊ وجھندي چيو:
    ”ٻار سنڀالي نه ٿا سگھو ته پوءِ ساڻ ڇو ٿا کڻو؟“
    ”بس سائين غلطي ٿي وئي، بس مهرباني ڪيو، الله جو واسطو اٿوَ.“ مون روئڻهارڪي لهجي ۾ کيس منٿ ڪئي.
    ”ٻارُ گھڻن سالن جو آهي؟“ اسٽيشن ماسٽر ڪاوڙ مان پڇيو.
    ”سائين! يارنهن سالن جو آهي. بلو رنگ جا ڪپڙا پهريل اٿس.“ مون ڏڪندڙ آواز ۾ کيس وراڻيو.
    مان بار بار ٻاهر به نهاري رهيو هوس. مٿو ڦاٽي رهيو هو. سڀئي ماڻهو زهر لڳي رهيا هئا. دل ۾ آيو سبيل واري کي وڃي گُھٽا ڏيان، چانهن واري اسٽال کي باهه ڏئي ڇڏيان، اسٽيشن ماسٽر کي گريبان کان جھلي چماٽ وهائي ڪڍان ۽ کيس رڙيون ڪري چوان ته جلدي ڪر، مون کي منهنجو ٻچو ڳولراءِ. ٻارن جا مرڪندڙ چهرا ڏسي مون کي ارسلان جو مرڪندڙ معصوم چهرو آڏو اچي ويو. اکين مان گرم ڳوڙها ٽمڻ شروع ٿي ويا.
    ريل وِسل هنيو ته سموري وجود کي باهه لڳي وئي. ان بوگيءَ طرف وڌي ويس جتي ڪجهه گھڙيون اڳ ارسلان مون سان گڏ ويٺو هو، منهنجي ڪلهي تي ستل هو، مون سان ڳالهيون ڪري رهيو هو.
    سامهون واري سيٽ تي ويٺل همراهه منهنجي پڇڻ کان اڳ ئي ٻڌايو ته ”ڀائو تنهنجو ڇوڪرو هتي ناهي آيو!“
    ڄڻ جبل جي چوٽيءَ تان ڪري ڀورا ڀورا ٿي پيس. دل ۾ آيو ريل جي آڏو بند ٻڌي تيستائين بيهاري ڇڏيانس جيستائين منهنجو ارسلان نه ٿو ملي. ڪجهه به سمجھ ۾ نه ٿي آيو ته ريل ۾ چڙهان يا ريل کي وڃڻ ڏيان. ارسلان ڪٿي هوندو! کيس ڪٿان ڳوليان!
    واپس اسٽيشن ماسٽر ڏانهن هليو ويس. کيس پيرن تي هٿ رکي منٿون ڪيون ته ريل نه هلائجو. منهنجو پٽ مون کي ڳولي ڏيو.
    اسٽيشن ماسٽر مُنهن خراب ڪندي چيو: ”ٿاڻي تي وڃي رپورٽ لکراءِ. پليٽفارم تي تنهنجو ڇوڪرو ڪونهي. ريل ۾ چڙهيو هوندو ته مان توکي اطلاع ڏيندس. منهنجو موبائيل نمبر لِکُ. مان عملي کي پارت ڪئي آهي.“
    گاڏي ٻيهر وسل هڻي آهسته آهسته هلڻ لڳي. مان پليٽفارم تي بيٺو رهيس. منهنجي اکين آڏو بوگيون گذرنديون رهيون. ائين ٿي لڳو جيئن اها ريل منهنجي سموري وجود کي چيڀاٽيندي اڳتي وڌي رهي هجي. ڳڀا ڳڀا ٿي پيو هوس.
    نه ڄاڻ ڪاڏي ويو منهنجو ارسلان. ريل ۾ ته نه چڙهيو! کيس ڪوئي کڻي ته نه ويو! اسٽيشن ٻاهران بيٺل ٽانگن تي نظر پئي. مُئل قدمن سان اسٽيشن جي ڏاڪڻين تائين اچي ڪجهه ماڻهن تي نظرون ڦيرائي واپس پليٽفارم تي آيس. دماغ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو. لوندڻيون ڌنوي رهيون هيون.
    پوليس وٽ رپورٽ لکرائڻ جو سوچي هلڻ لڳس. جسم مان روح نڪرندي محسوس ٿي رهيو هو، ڄڻ لاش بڻجي ويس جنهن کي قبر تائين پهچائڻ لاءِ چئن ڪانڌين جي ضرورت هوندي آهي. رستي تي جيڪي به شيون نظر اچي رهيون هيون، دل ۾ آيو ته انهن کي خاڪ جو ڍير بڻائي ڇڏيان. ائين ٿي لڳو سڀئي ماڻهو مون ڏانهن ڏسي کلي رهيا آهن. مان پنهنجو سڀ ڪجهه وڃائي قدم قدم ڊهندو ٿاڻي طرف وڌي رهيو هيس. ٿاڻي تي ويٺل وڏي پيٽ وارو وڏو جمعدار مُڇون وَٽي رهيو هو. جمعدار کي رپورٽ لکرائي ته چيائين:
    ”ٺيڪ آهي هاڻي تون وڃ. اسان ڳولا شروع ٿا ڪيون.“
    ”مان ڪاڏي وڃان؟!“ پاڻ کان ئي سوال ڪيو.
    ”نه، مان هتي ئي ويهندس. جمعدار! الله کي مڃو مون کي منهنجو پٽ ڳولي ڏيو، جيڪي پئسا چوندؤ، مان ڏيندس. پاڻ کَپائي به توهان کي راضي ڪندس. هاڻي ئي جاچ ڪرايو.“
    ”صاحب گشت تي ويل آهي. اجھو واپس آيو. تون ڀلي سامهون هُن بينچ تي وڃي ويههُ!“
    دل ئي دل ۾ مالڪ کي ٻاڏائي رهيو هوس. دعائون گهري رهيو هوس. ڪجهه گھڙيون گذريون ته پوليس موبائيل ٿاڻي جي گيٽ کان اندر داخل ٿي. اڳيان ايس ايڇ او ويٺل هو. موبائيل وين جيئن ئي رُڪي ته مان وڃي ايس ايڇ او کي ٻانهون ٻڌيون. کيس منٿون ڪندي چيم: ”سائين منهنجو ٻچڙو وڃائجي ويو آهي. مهرباني ڪيو مون کي ڳولهي ڏيو. خدا جو واسطو اٿوَ. مون کي منهنجو ٻچڙو...“
    ”ٺيڪ آهي بابا. الله تي رک! مان سپاهين کي موڪليان ٿو.“
    ”سائين! بلو رنگ جا ڪپڙا پهريل اٿس. يارنهن سالن جو آ. ارسلان نالو اٿس.“ مان هڪ ئي ساهيءَ ۾ چئي ويس.
    ”توهان وڃو! اسٽيشن واري سڄي علائقي جو چڪر هڻي اچو.“ ٻن سپاهين کي ايس ايڇ او حڪم ڏنو، جيڪي ان ئي وقت موٽر سائيڪل تي سوار ٿي نڪتا.
    اتي ئي بيٺل هئاسين ته ٻه سپاهي تڪڙا تڪڙا قدم کڻندا آيا ۽ ايس ايڇ او ڏانهن مخاطب ٿيندي چيائون: ”سائين! هڪ لاوارث ٻارڙي جو لاش مليو آهي!“
    مان پاڻ کي اونهي کوهه ۾ ڪرندي محسوس ڪيو. دل جي ڌڙڪن تيز ٿي وئي. ساهه پيرن ۾ وڃي پيو. هيٺ مٽيءَ تي ويهي رهيس. ٻئي هٿ مُنهن تي رکي دعا گھرڻ لڳس: ”يا الله، منهنجو ارسلان خير سان هجي. منهنجي ارسلان کي پناهه ۾ رکجانءِ منهنجا مالڪَ!“
    ”سائين! لاش ايمبولينس ۾ پيل آهي.“ سپاهيءَ ايس ايڇ او کي ٻاهر بيٺل ايمبولينس ڏانهن اشارو ڪندي ٻڌايو.
    ايس ايڇ او منهنجي ڪلهي تي هٿ رکي مون کي حوصلو ڏيندي چيو: ”اوهان به هلو، لاش ڏسو. متان...“
    ”نه نه. ائين نه چئو سائين! منهنجو ارسلان ته....“ مون سُڏڪندي وراڻيو.
    مئل قدمن سان ايمبولينس تائين ويو هوس. لاش جي مُنهن تي پيل ڪپڙو هٽائڻ تائين مان اڌ مُئو ٿي پيو هوس... هُو ارسلان نه هو.
    وهندڙ ڳوڙهن ۽ سڏڪن سان مان رب جا احسان مڃيا. اکين تي زور سان هٿ رکي مالڪ کي ٻاڏائڻ شروع ڪيو. ساڳي بينچ تي وڃي ويٺس. انتظار ڪري رهيو هوس. دعائون گھري رهيو هوس ۽ سڏڪا ڀري رهيو هوس.
    اڌ ڪلاڪ گذريو ته سپاهي موٽر سائيڪل تي ٿاڻي ۾ داخل ٿيا. مان موٽر سائيڪل جي بيهڻ کان اڳ ئي ڊوڙندو، ٿاٻڙندو وڃي ان کي چنبڙيس. آڏو منهنجو ارسلان ويٺل هو. مان ارسلان کي ڀاڪر ۾ ڀري چميون ڏيڻ لڳس. مالڪ جا ٿورا مڃڻ لڳس. ان وقت سپاهي مون کي مسيحا لڳي رهيا هئا، جن منهنجي مئل جسم ۾ ساهه ڦوڪي ڇڏيو هو. هر طرف روشنيون ئي روشنيون ٿي نظر آيون. دل جي ٺوٺ ٿي ويل ڌرتيءَ مٿان ميگهه ملهار ڇائنجي ويا هئا، يڪدم وڏ ڦڙو وسي پيو هو. من ۾ خوبصورت رنگن ۽ خوشبوئن وارا گل ٽڙي پيا هئا... ارسلان منهنجي ڇاتيءَ سان چهٽي پيو هو. خوف وچان سندس سمورو جسم ڏڪي رهيو هو.


    16. الهي ويل وهيءَ جو سج

    گرلس ڪاليج جي پرنسپل روالونگ چيئر تي ويٺي پنهنجي آفيس جي شيشي واري دريءَ مان بريڪ دوران ڪاريڊورس ۾ گهمندڙ ڇوڪرين تي نظر ڦيرائي رهي هئي.
    مون کيس ڪاليج جي ڪيترن ئي مسئلن بابت صلاحون مشورا پڻ ڏنا. ان دوران پرنسپل کي پنهنجي ڌيءُ جي شاديءَ جو ڪارڊ ڏيندي چيو:
    ”اچڻو ضرور پوندئي متان ڪو بهانو ڪرين!“
    پرنسپل ڪارڊ کوليندي مرڪي پئي، حيران ٿيندي چيائين: ”ماشاءَالله پرهه جي شادي آهي! ها مان ضرور اينديس.“
    دروازو کُليو. سامهون ڊائريڪٽر تي نظر پوندي ئي پرنسپل ۽ مان اٿي بيهي کيس ويلڪم چيو. ڪجهه گھڙيون ڪاليج جي تعليمي سرگرمين بابت ڳالهيون ٻوليون ٿيون. ان دوران چانهه بسڪٽس جو دور به هليو.
    ”ميڊم! توهان جي ڪاليج وزٽ ڪرڻ لاءِ نڪتو آهيان.“ ڊائريڪٽر هجائتي انداز ۾ چيو.
    ”بلڪل سر! اچو پليز!“
    پرنسپل ڊائريڪٽر کي ڪاليج گھمائڻ لاءِ وٺي وئي. مان ساڳي ڪرسيءَ تي ويهي رهيس! بريڪ ختم ٿي وئي. ڇوڪريون ڪلاسن ڏانهن ڊوڙڻ لڳيون. پرنسپل جي نظر واري عينڪ جا ٿلها شيشا ڏسي يادون سانوڻ جي وڄن وانگر وري پيون... منهنجي ذهن تي ماضيءَ جا عڪس چٽا ٿيڻ لڳا.
    ..........
    جڏهن مان ۽ نِدا هن ئي ڪاليج ۾ نيون ليڪچرر ٿي آيون هيونسين ته ان دَور جي پرنسپل جي اهڙي ئي عينڪ اسان کان مذاق ڪندي هٿ مان ڇڏائجي فرش تي ڪِري ذرا ذرا ٿي وئي هئي ۽ ان ئي وقت رائونڊ کان واپس آيل پرنسپل پنهنجي آفيس ۾ داخل ٿي هئي. بس پوءِ ته جيڪا اسان سان جُٺ ٿي هئي! مان ۽ ندا جڏهن پرنسپل جي آفيس مان ٻاهر نڪتيون هيون سين ته کلي کلي کيريون ٿي پيون هيونسين. ندا سموري ڪاليج ۾ منهنجي هڪ ئي رازدار ۽ ويجھي سهيلي، جنهن سان مان هميشه پنهنجا ڏک سور ونڊيندي هئس ۽ ندا به مون سان پنهنجا سڀئي مسئلا ونڊيندي هئي. اڄ کان ٽيويهه سال اڳ وارا ماضيءَ جا اهي سمورا لمحا منهنجي ذهن جي اسڪرين تي چٽا ٿيڻ لڳا...
    ڪاليج ۾ ڪيتريون ئي ليڪچررز ۽ پروفيسرس هيون پر نِدا نه صرف سڀاءَ ۾ سهڻي ۽ موهيندڙ هئي پر سندس شخصيت به پرڪشش ۽ جاذب هئي. چانڊوڪيءَ جڙو اجرو رنگ، ٺهندڙ قد، وڏا سلڪي وار، خوبصورت اکيون، ۽ سندس چهري تي هميشه موجود رهندڙ مُرڪ کيس سڀني کان منفرد بڻائيندي هئي. ڪاليج ۾ جڏهن ڪو فنڪشن ٿيندو ته نِدا اسٽيج ڊيڪوريشن کان ويندي ٻارن کي ٽيبلوز، تقريرن ۽ اسٽيج سيڪريٽريءَ جي لاءِ تيار ڪرڻ ۾ جنبجي ويندي هئي. ٻين پروفيسرس کان اڳ اڳ ڪندي هر ڪم جي ذميواري پاڻ تي کڻندي کيس خوشي محسوس ٿيندي هئي. ندا ۾ هڪ ئي وقت ايتريون ساريون خوبيون ڏسي ڪڏهن ڪڏهن ائين لڳندو هو ته هن تي مالڪ پنهنجي خاص مهرباني ڪئي آهي جو هوءَ بهترين استاد هئڻ ناتي شاگردياڻين ۾ به مقبول آهي.
    ان ڏينهن سانوڻ جي پهرين برسات ٿي هئي. موسم ڏاڍي خوشگوار ٿي وئي هئي. وڻ ٽڻ ڌوپجي چهچ ساوا ٿي ويا هئا. برسات بند ٿي ته پکي پنهنجا پر ڇنڊيندي وڻن جي هڪ ٽاريءَ تان ٻي ٽاريءَ تي ٽپا ڏيڻ لڳا. اسٽاف روم ۾ موجود سڀئي پروفيسرس مختلف ڳالهين ۾ مصروف هيون. ڪٿي گِلا جو دور هلي رهيو هو ته ڪٿي مڙسن جي شڪايتن ۽ سَسُن جي روين جا قصا. ڪجهه نوجوان ليڪچررز ڪپڙن ۽ ڪاسميٽڪس بابت بحث ۾ مشغول هيون، ته ڪجهه وري پرنسپل جي ڪارڪردگيءَ تي ڳالهائي رهيون هيون. ڪجهه سندس حمايت ڪري رهيون هيون ته ڪجهه مخالفت. پرنسپل جن تي مهربان هئي سي مخالفت ڪندڙ ليڪچررز کي سمجھائڻ جي ڪوشش ۾ رڌل هيون.
    هڪ چيو: ”ڇو ادي! مان ڪالهه ساڍي نائين بجي ڪاليج پهتس ته مَسٽرول ۾ منهنجي خاني تي سواليه نشان لڳل هو ۽ باقي ميڊم فائزه مٿان لهي آئي آهي جو هوءَ ڏهين بجي به اچي ٿي ته کانئس ڪو پڇڻ وارو ئي ناهي؟! اها ٻِٽي پاليسي ڪٿان جو انصاف آ!“
    ٻيءَ وراڻيو: ”نه نه ادي، آپا اهڙي ناهي! پڪ توهان کي غلط فهمي ٿي آهي. مان وري به کيس چونديس، جي ائين ٿيو آهي ته آئينده نه ٿيندو.“
    ”هاهاها. هاهاها...“ ڪجهه پرڀرو ويٺل نوجوان ليڪچررز جي هڪ ٽول مان ٽهڪن جو آواز اسٽاف ڪامن روم ۾ گونجڻ لڳو...
    ”ڇاهي ڀلا؟ ڪهڙي ڳالهه تي ٿيون کِلو ڇوڪريون؟“ هڪ سينيئر پروفيسر چهري تي هلڪي مرڪ آڻيندي، خوشگوار موڊ ۾ کانئن پڇيو.
    موسم خوشگوار ٿيڻ سبب سڀني جا موڊ به ڏاڍا خوشگوار ٿي ويا هئا، پر اڄ غيرمعمولي طور نِدا صبح کان وٺي چُپ چَاپ ۽ گم سم ويٺي هئي. مان سندس ڀر ۾ ويهندي ندا کي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو. کيس لائيٽ گرين ڪلر جي لان جي ڊريس پهريل هئي پر سندس چهري تي هيڊو رنگ هاريل هو. اسٽاف روم جي سموري ماحول کان بي نياز هوءَ خاموشيءَ سان هڪ هنڌ اکيون ڄمائي ويٺل هئي.
    ”نِدا! ڇا ٿيو اٿئي ڀلا؟ پريشان پئي ڏسجين!“ مون سندس هٿ پنهنجي هٿن ۾ وٺندي کانئس پڇيو.
    ”نه نه، ڪجهه به ناهي ليلا! مان پريشان ڇو هونديس ڀلا! بس ائين ئي اڄ صبح کان ئي بابا جي ياد پئي آئي، تنهنڪري. ٻيو ڪجهه به ناهي.“
    ”ندا! ٻاهر لان ۾ ڪرسيون لڳرائجن؟ پوءِ پاڻ اتي هلي ڪچهري ڪيون؟“ مون سندس موڊ تبديل ڪرڻ لاءِ چيو.
    ”ڀلي تنهنجي مرضي.“ ندا وراڻيو.
    پٽيوالي ٻه ڪرسيون لان ۾ رکيون. اسٽاف روم جي شور مان نڪري اسان ٻئي اچي لان ۾ ويٺيونسين. لان ۾ بيٺل پپل جي پنن مان مينهن جو پاڻي اڃا به ٽِمي رهيو هو. مان پرس کي ڪرسيءَ جي ٽيڪ ۾ لڙڪائيندي ندا جي اکين ۾ گھوري ڏٺو. هڪدم ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيائين.
    ”نِدا! هاڻي ٻڌاءِ به کڻي، تون ائين اچانڪ چپ چاپ! مون کي ڪا ڳڙٻڙ ٿي لڳي. تون هيڏن سالن ۾ مون کي اڳ ڪڏهن به ائين پريشان نظر نه آئي آهين. تنهنجي خاموشيءَ ۽ چهري تي موجود اداسيءَ مون کي منجهائي وڌو آهي. پليز مون سان شيئر ڪَر، نِدا. مون کان نه لڪاءِ. مان اڪيلي ئي ته توکي سمجھڻ واري آهيان هتي. مون کي ائين مزو نه ٿو اچي، يا ته پنهنجي چهري تي اُها ساڳي مُرڪ واپس آڻ جيڪا ڪٿي وساري آئي آهين يا مون کي ان اداسيءَ جو سبب ٻڌاءِ! ڪجهه شيئر ڪرڻ سان بار هلڪو ٿي پوندئي. ٻڌائي ڇڏ جيڪڏهن ڪجهه ٿيو آهي ته؟“
    ندا جو ڪنڌ جھڪيل ئي رهيو. اچانڪ سندس جھوليءَ ۾ ڳوڙها ڪرڻ لڳا. ٽشو پيپر سان اکين کي اگھندي. ڦڪي مرڪ مرڪڻ جي ڪوشش ڪيائين، پر اها مرڪ سندس اندر جي ڪيفيت تي پردو وجھي نه سگھي.
    ”نِدا! تون روئين ٿي! هان....“ منهنجو آواز روئڻهارڪو ٿي ويو هو. ”منهنجو قسم اٿئي. پليز ٻڌاءِ ٿيو ڇا آهي آخر؟!“
    ”ليلا! مان رات جڏهن پنهنجي ڪمري ۾ ليڪچر جي تياري ڪري رهي هيس ته امان اچي منهنجي بيڊ تي ويهندي هميشه وانگر منهنجي شاديءَ جي ڳالهه کولي... چيائين: ”ڇوڪرو بينڪ ۾ ڪيشيئر آهي، عمر ۾ به تنهنجي ئي سن ٿيندو. ڏاڍي سٺي فيملي جو آهي. امڙ! منهنجي حياتيءَ الائي ڪيتري، الائي اڄ، الائي سڀاڻي. تنهنجي عمر به ڇٽيهه ورهه اچي ٿي آهي. هاڻي هن رشتي کان انڪار ڪيئي ته پوءِ مون کي پنهنجي ماءُ نه سمجھجانءِ، پوءِ تون ڄاڻ تنهنجا نصيب. مان ته هڪ کان هڪ سٺو رشتو کڻي اچي تنهنجي پيرن ۾ رکيو آهي، پر خبر ناهي تنهنجي پسند جو شهزادو الاءِ ڪهڙي آسمان تان لهندو! جي هاڻي جواب ڏنئي ته پوءِ... بس مان به مري وينديسانءِ. ليلا! امان ائين چوندي پنهنجي رئي سان ڳوڙها اگھندي ڪمري مان ٻاهر نڪري وئي.“
    ”پوءِ! تو ڪوبه جواب نه ڏنس؟!“
    ”نه ليلا! منهنجي نڙيءَ مان هڪ به لفظ نه پئي نڪتو. هونئن ته سدائين اهڙي موقعي تي مان ٺُپ جواب ڏئي ڇڏيندي آهيان پر رات امان جي ڳالهين جھڙوڪ منهنجي چپن تي مُهر هڻي ڇڏي. ليلا! مان سڄي رات جاڳي گذاري آهي. سوچن جي سمنڊ ۾ ٻڏندي ۽ غوطا کائيندي رهي آهيان. ڪجهه به سمجهه ۾ نه ٿو اچي، ته امان کي ڪيئن سمجھايان ته مان پنهنجو جيون اهڙي ماڻهوءَ جي نالي ڪيئن ڪري ڇڏيان جنهن کي مون ڪڏهن ڏٺو به ناهي؟!“
    ”پر نِدا! ڏس تنهنجي عمر...“
    نِدا منهنجي ڳالهه کي اڌ ۾ڪٽيندي چيو: ”ها ليلا، مون کي خبر آهي تون مون کي ليڪچر ڏيندينءَ ته مان غلط آهيان، پر مان ڇا ڪيان، دل نه ٿي مڃي نه منهنجي! دل گھٻرائجڻ ٿي لڳي جڏهن به ڪنهن اڻ ڏٺي شخص جو نالو مون سان ڳنڍجڻ جي ڳالهه ٿي نڪري. ليلا! منهنجو ايمان آهي ته هن دنيا ۾ منهنجي لاءِ ڪوئي ضرور موجود آهي، جيڪو منهنجي احساسن کي سمجھندو، جيڪو مون کي مانُ ڏيندو، جيڪو روشن خيال هوندو، جيڪو منهنجن خوابن جي ساڀيان هوندو... جيڪو مان چاهيان ٿي، اهو هڪ نه هڪ ڏينهن ضرور اچي منهنجي دل جو دروازو کڙڪائيندو. مان ان جو شدت سان انتظار ڪري رهي آهيان.“
    ”نِدا! هڪ ڳالهه چوانءِ؟“
    ”ها بلڪل چئه...“
    ”پر واعدو ڪر ته تون ناراض نه ٿيندينءَ...“
    مون ڏانهن اشهد آڱر جو اشارو ڪندي ندا مُنهن ۾ گُھنج وجھندي چيو: ”ها واعدو! پر ڪا نصيحت نه ڪجانءِ...“
    ”ندا! جيون به ڪنهن خوبصورت پوپٽ وانگر آهي جيڪو پنهنجي سهڻن رنگن سان سڀني کي پاڻ ڏانهن متوجه ڪرائيندو آهي پر انهن رنگن جي ڦِٽڻ سان ئي ان پوپٽ تان ڌيان هٽي ويندو آهي... توکي اهو اندازو آهي ته تنهنجي عمر جو سج تيزيءَ سان مغرب طرف وڃي رهيو آهي ۽ تنهنجي عمر جا پاڇا هر ڏينهن وڌندا ٿا رهن!“
    ڪجهه گھڙيون خاموش رهڻ بعد ٿڌو ساهه کڻي، ندا پنهنجا ٻئي هٿ اکين تي رکندي پنهنجو چهرو ڍڪي ڇڏيو. چيائين: ”مان خوبصورت ناهيان؟ ليلا ؟!“
    چيم: ”خدا جو قسم تون ڏاڍي خوبصورت، ڏاڍي پياري آهين! پر ڏس عورت جي عمر آهي ئي ڪيتري! اها خوبصورتي به ته جوانيءَ جي سرحدن تائين ئي ساٿ نڀائيندي نه! پوءِ اڳتي؟!“
    نِدا لاجواب ٿي وئي. سندس چپن تي تالا لڳي ويا. ڪجهه به نه ڪُڇي. ماٺ ڪري ڪرسيءَ جي ٽيڪ تي مٿو رکي اکيون مٿان بيٺل پپل ۾ ڄمائي ڇڏيائين. ڪجهه گھڙيون خاموش رهڻ بعد سوال ڪيائين: ”ليلا! تون به ائين ئي ٿي چاهين ته مان پاڻ کي ڪنهن اهڙي اڻ ڏٺي انسان جي حوالي ڪري ڇڏيان جيڪو مون کي پنهنجي مرضيءَ ۽ منشا مطابق هلائي ۽ مان ڪجهه به ڪُڇي نه سگھان؟!“
    ”تون ان انسان جي مزاج کان واقف به ته ٿي سگھين ٿي نه! ڀلا شاديءَ کان اڳ ملي مخاطب ٿيڻ ۾ ڪهڙو گناهه آهي. متان توکي ان ۾ ئي پنهنجو آئيڊيل نظر اچي وڃي...!“ مون چيو.
    ندا وٽ ڪوبه جواب يا جواز نه هو. منهنجي ڳالهه کي رد ڪرڻ لاءِ وٽس ڪو به دليل نه هو. وري خاموش ٿي وئي.
    ڪيترائي ڀيرا ڪلاڪن جا ڪلاڪ ان موضوع تي ڳالهائيندي گذريا، پر نِدا جو جواب نه بدليو. هوءَ پنهنجي ڳالهه تي اٽل رهي، پر سندس ماءُ رشتا ڏسندي رهي.
    ..........
    پرنسپل آفيس ۾ رکيل ٽيليفون تي رنگ وڳي ته منهنجن خيالن جو سلسلو هڪدم ٽُٽي پيو. ماضيءَ جي يادن مان ڇرڪ ڀري حال جي دنيا ۾ موٽي آيس. ٽيبل تي پيل نظر جي عينڪ منهنجي انهيءَ سهيلي نِدا جي آهي جيڪا اڄ ان ئي ڪاليج جي پرنسپل آهي. وقت جي گذرڻ سان سندس وهيءَ جو سج به الهي ويو سندس وارن ۾ چاندي اچي وئي آهي، پر کيس اڃا تائين ڪوبه آئيڊيل ملي ناهي سگھيو...


    17. لڙڪ ۽ مرڪ

    اکيون کُليون ته مان ايمرجنسي وارڊ ۾ ستل هوس. امي روئي رهي هئي، ابو سخت پريشانيءَ واري حالت ۾ منهنجي مٿان بيٺل هو. ٻيا رشتيدار ٿورو پرڀرو رکيل بينچ تي ويٺا هئا جيڪي منهنجي هوش ۾ اچڻ تي تڪڙا قدم کڻندا اچي منهنجي مٿان بيٺا. اڄ صبح منهنجو ايڪسيڊنٽ ٿيو هيو. اکيون کُليون ته اَمڙ پنهنجي اکين جا نير اگھندي منهنجي نرڙ تي مٺي ڏني.
    ”منهنجا ٻچا، هي ڇا ٿي ويو؟“ امڙ جي آواز ۾ پيڙا هئي.
    نظر ڦيرايم ته منهنجي پيرانديءَ واري پاسي کان صنوبر به ويٺي هئي. گھڻي روئڻ ڪري سندس اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون هيون. صنوبر کي پنهنجي ڀر ۾ ڏسي کن پل لاءِ سڀئي سورَ وسري ويا. ابوءَ چيو: ”پٽ الله جو شڪر آهي جو تنهنجي حياتي بچي پئي، ماڻهو ٻڌائين پيا ته ايڪسيڊنٽ ڏاڍو خراب ٿيو هو.“
    مان ڪجھ چوان، ان کان اڳ ڊاڪٽر چيو: ”پليز مريض کي آرام ڪرڻ ڏيو... الله ڪندو سب ٺيڪ ٿي ويندو.“
    مون اکيون بند ڪري ڇڏيون ته ذهن جي پردي تي ڄڻ ڪا فلم هلڻ لڳي... ۽ ماضيءَ جا ڌنڌلا عڪس چٽا ٿيڻ لڳا.
    ..........
    اسڪول ۾ جڏهن صنوبر جو هوم ورڪ نه ٿيل هوندو هو ته مان کيس بريڪ ٽائيم ۾ هوم ورڪ ڪري ڏيندو هوس. ٽيچر جڏهن ڪنهن به ڳالهه تي صنو کي دڙڪا ڏيندي هئي ته دل چوندي هئي ٽيچر جي وات تي هٿ رکي ڇڏيان يا کيس چوان ته صنو جي حصي جا دڙڪا به مون کي ڏئي ڇڏ. صنو جڏهن پنهنجي ابُوءَ جي انتظار ۾ اسڪول جي گيٽ تي اچي بيهندي هئي ته مان تيستائين پنهنجي گاڏيءَ ۾ نه ويهندو هوس جيستائين سندس ابُو نه اچي... پوءِ صنو پنهنجا هٿ لوڏيندي مون کي الوداع چوندي هئي ۽ مان پنهنجي گاڏيءَ ۾ اچي ويهندو هوس. گاڏيءَ جي شيشي مان جيستائين صنو نظر ايندي هئي تيستائين کيس ڪنڌ ورائي ڏسندو رهندو هوس. ڪيڏي نه پياري هئي صنو! مون کي ڏاڍي وڻندي هئي، پوءِ جڏهن پاڻ مئٽرڪ ۾ پهتاسين ته مان محسوس ڪيو ته صنو ٻين سڀني شاگردياڻين کان تمام گھڻي منفرد هئي. اکيون، چپ، نڪ، گول مٽول ڳل، خوبصورت مرڪ ۽ هن جي هر ادا... بس اها صنوبر جي خوبصورتي ئي هئي جيڪا اسڪول کان ڪاليج تائين مون کان سندس هوم ورڪ به ڪرائيندي هئي ته نوٽس به ٺهرائيندي هئي... اها خوبصورتي جيڪا ٻال وهيءَ کان مون کي وڻندي هئي. تڏهن کان جڏهن اڃا اها سڌ ئي نه هئي ته احساسن ۽ جذبن جا رنگ جڏهن پيار جي مينهن ۾ پسي پوندا آهن ته دل جي ڪئنواس تي الاءِ جي ڪيتريون سهڻيون ۽ من موهيندڙ تصويرون جُڙي پونديون آهن. جوانيءَ جي سرحدن ۾ پير پائڻ کان پوءِ جڏهن ڪاليج ۾ پهتاسين ته اهي پيار جا رنگ اسان جي وجود تي چٽا ٿي اڀري آيا. پيار! جنهن جون هزارين معنائون آهن، هر معنى خوبصورت. پر جڏهن اهو پيار عشق جي ماٿريءَ تي پير ڌريندو آهي ته عقل وارن جي لغت ۾ ان کي ديوانگي ۽ چريائپ جھڙن خطابن سان نوازيو ويندو آهي... ها ڀل ته عشق چريائپ جو ٻيو نالو هجي پر اها عشق واري ديوانگي دنيا جي سڀني سياڻن ماڻهن کان تمام گھڻي اعلى ۽ اتم آهي.
    معصوم محبت کان ويندي شعور جي دنيا ۾ قدم رکڻ تائين، جڏهن به ڪنهن صنو ڏانهن نهاريو ته مون کي اهو زهر لڳو. جنهن به صنو سان ڳالهايو ته منهنجو رت ٽهڪي پيو. جڏهن صنوبر کي بخار ٿيندو هو ته منهنجون راتين جون ننڊون حرام ٿي وينديون هيون. جيستائين بلڪل ٺيڪ ٿي سامهون نه ايندي هئي تيستائين مان تڙپندو رهندو هوس. صنوبر به ته مون لاءِ ائين ئي تڙپندي هئي. سندس منُ به مون لاءِ ائين ئي آتو هوندو هو. هڪ ڀيري ڪاليج جي ڪاريڊور ۾ هلندي مون کي چيو هئائين: ”واجد! پاڻ ڪڏهن به جدا نه ٿينداسين نه؟“
    ”مون سندس گھرين ڪارين اکين ۾ گھوريندي چيو هو: ”صنو! تون ئي منهنجي روح جي راڻي آهين. تون ئي منهنجي ڪُل ڪائنات آهين. مان توکان سواءِ ڪنهن ٻي جو سوچي به نه ٿو سگھان! تون منهنجي آهين. ها صنو صرف منهنجي!“
    منهنجو آواز ڳنڀير ٿي ويو هو. صنو منهنجي هٿ کي پنهنجي هٿ ۾ وٺي زور ڏيندي چيو هو: ”ها! واجد مان صرف تنهنجي آهيان ۽ رهندس.“
    انٽر جا امتحان ٿيا ته ٻئي اي ون گريڊ ۾ آيا هئاسين. صنوبر چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ ايم بي بي ايس جي انٽري ٽيسٽ ۾ پاس ٿي وئي ۽ مان مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ سوِل شعبي ۾ داخلا ورتي. صنو ۽ مان پهريون ڀيرو مختلف ادارن ۾ داخل ٿياسين. دليون گڏ هوندي به ائين محسوس ٿيو هو ڄڻ جسم کان روح جدا ٿي رهيو آهي. دل اُٻاڻڪي ٿي پئي هئي. داخلا ملڻ جي خوشي غم ۽ ماتم ۾ تبديل ٿي وئي. هڪ ويل دل ۾ آيو ’ڪاش! مان ميڊيڪل ۾ پڙهان ها...‘ صنو جون اکيون به آليون ٿي ويون هيون. گھڻو وقت هڪ ٻئي سان گڏ گھارڻ بعد هڪ ٻي کي همت ڏنيسين ته ’پاڻ هي پڙهائي وارا سال موبائيل تي رابطي ۾ رهنداسين، پابنديءَ سان ملندا رهنداسين ۽ پڙهائي پوري ڪري پوءِ ترت ئي شادي ڪنداسين.‘
    مان ڄامشوري ۾ ۽ صنو لاڙڪاڻي ۾. ڏينهن، مهينا، سال گذرندا رهيا. اسان جي پيار اسان جي روح کي ول جيان وڪوڙي ڇڏيو هو. راتين جون راتيون ايس ايم ايس تي ڪچهريون ۽ ڪئمپس مان فون تي احوال. وقت جا ڪانٽا ڦرندا رهيا. صنو ڊاڪٽر بڻجي وئي ۽ مان انجنيئر.
    صنوبر هڪ ڏينهن فون ڪئي، صرف سندس روئڻ جو آواز هو، سڏڪن جو آواز هو... ڪجهه به نه پئي ڳالهايائين...
    مان کانئس سوال ڪري ڪري ٿڪجي پيس: ”آخر ٿيو ڇا آهي صنو. الله جو واسطو اٿئي، مون کي ٻڌاءِ، ڇا ٿيو آ؟ تون ڇو ٿي روئين؟ ڪنهن ڪجهه چيو اٿئي؟ امي ٺيڪ آ؟ ابوءَ دڙڪا ڏنا اٿئي؟ طبعيت ته ٺيڪ اٿئي نه صنو... پلــــيز صنو خدا جو واسطو اٿئي ڪجهه ٻڌاءِ... صنو، نه ته مان به روئڻ شروع ڪندومانءِ... پلــــيز مون کي ڪجهه ته ٻڌاءِ؟ صــنــو! او صـنـــــو!“ مان ساڻو ٿي پيو هوس.
    صنوبر ڏڪندڙ آواز ۾صرف هڪ جملو چيو هو: ”جانو! ابوءَ آمريڪا واري سؤٽ سان منهنجي شادي طئي ڪري ڇڏي آ!“
    صنوبر انهيءَ حوالي سان کوڙ ڀيرا پنهنجي ان سؤٽ جو ذڪر ڪيو هو ۽ پنهنجي پيءُ جي ضديري هئڻ جون ڳالهيون به ٻڌايون هئائين ته سندس فيصلو پٿر تي لڪير جيان هوندو آهي جنهن کي ڪوبه مَٽي ناهي سگھندو. مان پنهنجي اميءَ کي صنو جي گھر سندس رشتي جي گھُر ڪرڻ لاءِ اڃا ٻه ڏينهن اڳ ئي موڪلڻ لاءِ صنوبر سان طئي ڪيو هو، ته نه ڄاڻ ڪيئن اچانڪ هي طوفان اچي ويو...!
    منهنجي اکين اڳيان اوندهه اچي وئي، مٿو چڪرائجڻ لڳو. ائين محسوس ٿيو جيئن ڪنهن جبل جي چوٽيءَ تان هيٺ ڪرندو هجان. هٿ پير ڏڪڻ لڳا. دل جي ڌڙڪن تيز ٿي وئي. مٿي جون رڳون ڌنوڻ لڳيون... ڪجهه به سمجھ ۾ نه ٿي آيو! سوچن جون تپيل سيخون منهنجي ذهن ۾ ٽنبجي رهيون هيون...
    صنوبر جي گھر رشتي لاءِ امي ۽ ابوءَ کي هاڻي بلڪل هن وقت موڪلڻ گهرجي! ڀلا اميءَ سان صلاح ڪريان ته ڇا ڪرڻ گھرجي! مان ڪهڙي به صورت ۾ صنو کي ٻي ڪنهن جو ٿيڻ نه ڏيندس... ڪيترائي خيال ذهن ۾ گردش ڪرڻ لڳا. ڇا ڪيان! ڇا ڪرڻ گھرجي. من ۾ آنڌ مانڌ شروع ٿي ويئي.
    آفيس مان نڪري ڏاڪڻين جا ٻه ٻه ڏاڪا لهندو، تڪڙو تڪڙو پارڪنگ ۾ بيٺل گاڏيءَ وٽ پهتس... گاڏيءَ کي شهر جي روڊن تان ٽريفڪ جي پيهه مان ڊوڙائيندو جيئن ئي اسپتال واري لاڙي وٽ پهتس ته سامهون ايندڙ ڊاٽسن سان زوردار ٽڪر ٿي ويو...
    هاڻي مان جڏهن اکيون کوليون ته ايمرجنسي وارڊ ۾ ستل هوس. سڀئي منهنجي مٿان بيٺل هئا. منهنجين ٻنهي ٽنگن ۾ فريڪچر ٿي پيا هئا... مٿي، نرڙ ۽ نڪ تي زخم آيا هئا.
    صنوبر جو ڪنڌ جُھڪيل هيو. مون ڏانهنس نهاريو... ڪجهه چوان ان کان اڳ منهنجو هٿ پنهنجي هٿ ۾ وٺي چيائين: ”تنهنجي هن حالت جي ذميوار مان آهيان، واجد!“
    سندس اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳا. ”پليز مون کي معاف ڪر واجد، پـلـــيــز مون کي ائين نه ڪرڻ کپندو هو... مان تمام گھڻي شرمنده آهيان.“
    مون کي ڪجهه به سمجھ ۾ نه ٿي آيو ته صنوبر ڇا پئي چوڻ چاهي. اميءَ مون ڏانهن نهاريو، آهستگيءَ سان منهنجي نرڙ تي هٿ ڦيريندي چيائين: ”واجد! پٽ، صنو کي معاف ڪر! هيءَ مسلسل رُني آهي، تمام گھڻي شرمنده آهي ڏاڍو تڙپي آ تولاءِ.“
    ”پر!“ مان ڪوئي سوال ڪريان ان کان اڳ صنوبر منهنجي هٿ تي پنهنجو هٿ رکندي روئڻهارڪي لهجي ۾ چيو: ”واجد! اڄ پهرين اپريل آهي. مون اپريل فول ڪيو توسان. منهنجي شادي طئي نه ٿي آهي...“


    18. منحوس

    آپريشن ٿيٽر ۾ ننڍڙي ٻارڙي جي روئڻ جو آواز گونجڻ لڳو. عرفان ڪرسيءَ تان اٿي بيهي رهيو. خوشيءَ ۾ ڊڪندو آپريشن ٿيٽر جي در تي اچي بيٺو. چند گھڙين بعد نرس هڪ ٻارڙِيءَ کي ٽوال ۾ ويڙهي کڻي آئي. عرفان کي چيائين: ”مبارڪ هجي، توهان جي گھر نئين پَرِي آئي آ.“
    عرفان ٻارڙيءَ کي هنج ۾ وٺندي نرس کان زرينه جي خيريت معلوم ڪئي. نرس ٿورو پريشانيءَ مان چيو: ”آپريشن ڏاڍي ڏکي ٿي آهي. زرينه اڃا بيهوش آ، کيس هوش ۾ اچڻ ۾ ڪلاڪ ڏيڍ لڳندو.“
    ٻه ڪلاڪ گذري ويا، زرينه کي هوش نه آيو. سڀئي پريشان ٿي ويا. ڊاڪٽرياڻيءَ ٻڌايو: ”اچانڪ سندس بلڊ پريشر گھٽجي ويو آهي. ڪوشش ڪريون پيا، اوهان پريشان نه ٿيو“
    ڊاڪٽرياڻي آٿت ڏئي واپس آپريشن ٿيٽر ۾ هلي وئي پر سندس چهري تي پريشاني پڌري هئي جنهن سڀني کي فڪر ۾ وجھي ڇڏيو. ڪافي وقت گذري ويو. زرينه جو بلڊ پريشر نارمل ٿيڻ لڳو، هوش ۾ اچڻ تي کيس پرائيويٽ ميٽرنٽي هوم جي هڪ روم ۾ شفٽ ڪيو ويو. عرفان جي مائٽن مان آيل هڪ عورت ننڍڙي ٻارڙيءَ لاءِ چيو: ”هن منحوس بَلا ته اچڻ سان ئي ماءُ جو سِرُ کنيو هو!“
    زرينه جون اکيون بند ٿي ويون ۽ سندس ٻارڙيءَ جي روئڻ جو آواز پوري ڪمري ۾ گونجڻ لڳو.
    ..........
    گھڻا ورهَه اڳ جڏهن زرينه ڄائي هئي ته ويم ۾ سندس ماءُ مري وئي هئي. ماڻهن چيو هو :’ڇوري نڀاڳي آ! اچڻ سان ماءُ جو سِرُ کنيو اٿائين، اڳتي الاءِ ڪهڙا نقصان ڪندي.‘
    ننڍڙي زرينه اوئائون اوئائون ڪندي روئندي رڙندي رهي... پڻس علي بخش جنهن کي سڀ ڳوٺ وارا علي بشڪ چوندا هئا، ڇهن مهينن تائين زرينه جي پرورش ڪڏهن ماءُ کي ايلاز ڪري ڪڏهن ڀيڻ کي منٿ ڪري ڪندو رهيو پر پوءِ سڀني زور ڀريس ته ٻي شادي ڪري. چيائونس: ”علي بشڪ ابا! جبل جيڏي زندگي آهي. اڪيلو ڪيئن گذران ڪندين؟ ڀلا زالون مرنديون ناهن ڇا؟ هونئن به مڙسن لاءِ زالون کوڙ هڪ ويندي ته ٻي...“
    علي بخش مٽن مائٽن جي گھڻي اسرار تي ٻي شاديءَ لاءِ هائوڪار ڪئي. ڪنوار کي پِڙي ۾ زرينه به گڏ ملي. ڪجهه مهينا دل جانِ سان علي بخش جي نئين زال ننڍڙي زرينه جو خيال رکيو پر جڏهن پاڻ اميد سان ٿي ته زرينه ڏانهن توجه گھٽائي ڇڏيائين. جوان ۽ اڌ وَهيءَ وارا علي بخش کي ’سائين‘ ڪري سڏيندا هئا جو هي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ استاد به هو.
    زرينه ڪچي گھر جي مٽيءَ واري پڌر تي بانبڙا پائيندي ڪڏهن بک تي ڪڏهن ڏک تي رهندي وڏي ٿيڻ لڳي. سائين علي بخش کي ٻي زال مان ٻن ڌيئرُن ۽ هڪ پٽ جو اولاد ٿيو. پرائمري اسڪول ۾ پڙهائيءَ دوران زرينه کي سڀ ٻار چوندا ها تون منهنجي ڀرسان نه ويههُ، تون ڪِني آن. زرينه کي تڏهن خبر نه هئي ته ڪني ۽ سٺي ۾ ڪهڙو فرق هوندو آ. پوءِ جڏهن هوءَ وڏي ٿيندي وئي ته کيس خبر پئي ته هوءَ پنهنجي ڀينرن، ڀاءُ ۽ ٻين ٻارن کان رنگ ۾ گھڻي سانوري ۽ مهانڊن ۾ موچاري هئي. زرينه جنهن کي ننڍي لاءِ کان ئي ماٽيلي ماءُ اهڙي ريت پاليو جو هوءَ پنهنجي گھر ۾ به پاڻ کي نوڪرن وانگر ڀائيندي هئي. علي بخش گھر ۾ هوندو ته کيس چڱو مانيءَ ٽڪر ملندو، نه ته بچيل سچيل جيڪو مليس تنهن تي پاڻ کي راضي رهڻ سيکاري ڇڏيو هئائين. سڀ ڪجهه ماٺ ڪري پئي سهندي هئي... دانهن به ڪنهن کي ڏي! پيءُ کي هڪ ڀيري دانهن ڏني هئائين ته ماٽيلي ماءُ اهڙو ذليل ڪيو هوس جو اصل ڪُتن سان گڏ کارايو هئائينس. ان کان پوءِ توبهه ڪري ڇڏيائين...
    وقت واريءَ جيان مُٺ مان وهندو رهيو. زرينه جوان ٿي وئي. پيءُ کيس بي.اي تائين پڙهايو، پوءِ سندس شادي لاءِ رشتو ڳولڻ لڳو. رشتو ته مليو ٿي پر زرينه لاءِ نه. سندس ٻين ڀينرن لاءِ! زرينه جي سانوري رنگ ۽ موچاري صورت سبب ڪو به سندس رشتو وٺڻ لاءِ تيار نه هو.
    زرينه رنگ جي ڀل ته سانوري هئي پر ڇا ته سندس اخلاق، ادب ۽ سڀاءُ هيس. پڙهائي ۾ به ڏاڍي هوشيار هئي، بس قسمت ۾ کيس چمڙي اڇي نه ملي هئي باقي اندر جي کير جهڙي اڇي هئي. پر اندر جي اجرائپ کي ڪير ٿو ڏسي! هرڪو چهري جي چمڪ تي ئي موهت ٿي پوي ٿو، پوءِ ڀل ته اڇي چمڙيءَ وارا دل جا ڪارا ئي ڇو نه هجن! زرينه مَن ئي من ۾ جُھرندي، ڳَرندي ۽ پَچندي رهي. سندس ٻين ڀينرن جا رشتا ٿيندا ويا، اهي وڃي پنهنجي گھر خوش ٿيون. پنهنجي قسمت تي روئندي روئندي هاڻي ته زرينه جا ڳوڙها به سُڪي ويا هئا، سندس اکين ۾ ويراني واسو ڪري ويهي رهي هئي. مايوسيءَ جون چڻگون سندس وجود کي ساڙي رهيو هيون.
    هڪ ڏينهن سندس پيءُ ڊوڙندو گھر جي ڪُشادي اڱڻ ۾ اچي زرينه کي سڏڻ لڳو: ”زرينه، او زرينه! هيڏانهن جلدي اچ جـــلــدي.“
    زرينه رنڌڻي مان ڊوڙندي رئي جي پلوَ سان هٿ اگھندي اچي پيءُ جي سامهون بيٺي. ”جي بابا!“
    علي بخش خوشيءَ مان زرينه جي مٿي تي هٿ رکي نرڙ تي چمندي کيس هٿ ۾ خاڪي لفافو ڏيندي چيو: ”هي وٺ زرينه تنهنجو ماستريءَ جو آرڊر آيو آ پٽ!“
    زرينه جا هٿ پير ٺري ويا. خوشيءَ مان سندس اکين ۾ پاڻي تري آيو. پيءُ کي ڀاڪر پائي روئي پئي. محرومين جي ماريل زرينه جي جيون ۾ نوڪريءَ جو آرڊر ڪنهن ڀٽڪيل مسافر کي اونداهي رات ۾ ڏيئو ملي وڃڻ مثل هو جيڪو کيس منزل تائين رسائڻ ۾ آساني ڪندو آهي.
    ”اڙي! زري ڪاڏي مري وئينءَ. پٽاٽا ٿا سڙن.“ سندس ماٽيلي ماءُ ورانڊي مان رڙ ڪئي.
    ڇرڪ ڀري رنڌڻي ڏانهن ڊوڙندي وئي، پوءِ هڪ صبح ٿيو جڏهن زرينه اسڪول ۾ ماسترياڻي طور جوائن ڪيو. اهو صبح زرينه لاءِ خوشين جا ڪِرڻا ساڻ ڪري آيو هو. سڄي ڳوٺ ۾ هُل ٿي ويو. سائين علي بشڪ جي ڌيءُ ماسترياڻي ٿي آ. پوءِ ته واندن واندن جي رشتن جي لانڍ لڳي وئي، پر هاڻي زرينه انڪار ٿي ڪيو. پيءُ کي چيائين: ”بابا! مون کي ايم.اي ڪرڻي آ.“
    ”حاضر بابا.“ پيءُ کيس پيار ۽ شفقت سان وراڻيو هو.
    ماستريءَ واري آرڊر زرينه کي نئون اتساهه ڏنو هو. ايم.اي جو امتحان ڏاڍي محنت ڪري امتيازي نمبرن سان پاس ڪيائين.
    وقت جا ڪانٽا ڦرندا رهيا. زرينه ليڪچرارشپ جو امتحان پاس ڪري ورتو. شهر جي ڪاليج ۾ سندس پوسٽنگ ٿي. سندس پيءُ خوشيءَ ۾ نه ٿي ماپيو. زرينه جي ماٽيلي ماءُ جو روَيو هاڻي تبديل ٿي چڪو هو. ڳوٺ ۾ ماڻهو زرينه جي هوشيارپ ۽ ڀاڳن جا مثال ڏئي رهيا هئا، پر زرينه اڃا به اڌوري هئي. سندس شادي وارو مسئلو اڃا تائين حل ٿي نه سگھيو هو، پوءِ هڪ ڀيري کانئس هڪ ليڪچرارِ بُشرا پڇيو هو: ”زرينه! تون ڀلا شادي ڪڏهن ڪندينءَ راڻي؟!“
    زرينه اداسيءَ مان راڻيو هوس: ”مان جڏهن ڪنهن کي قبول پونديس تڏهن ٿيندي منهنجي شادي!“
    ”ڇو زرينه! تو ۾ قدرت هيڏيون ساريون خوبيون رکيون آهن ڪير نه ڪندو توسان شادي!؟“ بشرا چيو هيس.
    ”بس بشرا! لوڪ کي صرف اڇي چمڙي گھرجي، اڇي دل نه. اڇي چمڙيءَ واريون ڀل ته دل جون ڪاريون هجن پوءِ به انهن جو مانُ مٿانهون آ. اسان جي سماج ۾ سانورو ماڻهو ٻي درجي جو شهري آهي. ماڻهو کيس حقارت جي نظرن سان ٿا ڏسن! جيئن ڪنهن جو ڏوهه ڪيو هجي. ڪيتريون ئي چڀندڙ نظرون طنزن جا تير هڻندي ائين گھورينديون آهن جيئن اسان ڌرتيءَ تي اچي غلطي ڪئي هجي.“ زرينه پنهنجي اندر جي سڀني محرومين جو اوٻر ڪڍندي آخر ۾ روئي پئي هئي. رئي جي پلوَ سان ڳوڙها اگھندي چيائين: ”اسان سانورن جي نصيب ۾ شادي ناهي لکيل هوندي.“ بشرا جي اکين ۾ به پاڻي ڀرجي آيو، زرينه کي ڀاڪر ۾ ڀري آٿت ڏيڻ لڳي هئي.
    ڪجهه مهينن کان پوءِ بشرا، زرينه کي اسٽاف روم مان ٻاهر ڪڍي اچي ڪاريڊور جي ڪنڊ تي بيهاري کيس چيو هو: ”زرينه منهنجي ڀاءُ عرفان کي سئي گيس ۾ 16 گريڊ جي نوڪري آ. مان چاهيان ٿي تون منهنجي ڀاڄائي ٿي.“
    ”بشرا! مان بابا سان صلاح ڪري توکي جواب ڏيندس.“ زرينه وراڻيو هو.
    پوءِ هڪ ڏينهن زرينه جي گھر ڄڃ آئي. ڌوم ڌام سان سندس شادي بشرا جي ڀاءُ سان ٿي. زرينه مايوسين واري دنيا مان نڪري آئي هئي. هوءَ ڪاميابين جا سفر ڪندي منزلون ماڻيندي ٿي وئي.
    .... ۽ اڄ زرينه ماءُ بڻجي وئي هئي پر نه ڄاڻ ڇو سندس ٻارڙيءَ لاءِ به ساڳيون ئي ڳالهيون ٿي رهيون هيون ته ’هوءَ منحوس آهي، اچڻ سان ئي ڪٿي ماءُ جو سرُ کنيون هئائين.‘ زرينه جون ٻوٽيل اکيون کُلي ويون، ڌيءُ کي هنج ۾ کڻي انهن عورتن ڏانهن غصي مان ڏٺائين ۽ پوءِ کين مخاطب ٿيندي وڏي واڪي چيائين: ”منهنجي ڌيءَ منحوس ناهي! ناهي منهنجي ڌيءَ منحوس! هن سماج جون هٿ ٺوڪيون روايتون آهن منحوس.“ روئڻهارڪي لهجي ۾ چيائين ”منحوس آهي توهان جي سوچ جيڪا توهان جي ذهنن ۾ موجود جهالت جو نتيجو آهي!“


    19. مونيڪا

    هيءَ تن ڏينهن جي ڳالهه آهي جڏهن انٽرنيٽ ڪيفيز جو اوج هو. اڪثر پڙهيل لکيل نوجوان ڪيفي جو رُخ ڪندا هئا، گھرن ۾ ڊي ايس ايل ذريعي انٽرنيٽ جو استعمال اڃا عام نه ٿيو هو.
    انعام جون آڱريون ڪِي بورڊ تي ڊوڙي رهيون هيون ۽ اکيون مانيٽر ۾ کُتل هئس. هو انٽرنيٽ تي چيٽنگ ۾ مصروف هو. رکي رکي ڀرسان پيل چانهه جي ڪپ مان تڪڙ ۾ سُرڪ ڀري ۽ وري مانيٽر تي پڇيل ڪنهن دلچسپ سوال جو جواب ڏيڻ لاءِ پنهنجيون آڱريون انٽر، اسپيس ۽ ٻين الفابيٽ ڪِيز تي ڦيرائي رهيو هو.
    اوچتو لائيٽ بند ٿي وئي، يڪدم پوري انٽرنيٽ ڪيفي ۾ انڌيرو ڇانئجي ويو.
    ”Oh Shit“ انعام ٽيبل تي مُڪ هڻندي ڪاوڙ مان چيو. هن پنهنجي شرٽ جي کيسي مان سگريٽ جو پاڪيٽ ڪڍي سگريٽ دکائي پاڪيٽ ۽ لائيٽر ٽيبل تي رکي ڇڏيا.
    هاڻي هن کي وڌيڪ اُڻ تڻ پيدا ٿي پئي هئي ان آمريڪن ڇوڪريءَ مونيڪا جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ، جيڪا ساڻس انٽرنيٽ تي چيٽنگ ڪري رهي هئي. انعام سگريٽ جو آخري ڪش هڻي ايش ٽري ۾ زور ڏئي وسائي ڇڏيو.
    انٽرنيٽ ڪيفي ۾ ويٺل ٻيا ماڻهو آهسته آهسته پنهنجي ڪيبنس مان نڪرڻ لڳن ٿا، پر هي نه اٿيو، ميڻ بتيءَ جي ميرانجھڙي روشنيءَ ۾بجلي اچڻ جو شدت سان انتظار ڪري رهيو هو.
    چند گھڙين بعد لائيٽ اچي وئي ۽ هو yahoo.com جي چيٽ روم ۾ ٻيهر آن لائين ٿي مونيڪا سان رابطي ۾ اچي ويو.
    انعام اڪثر نوجوانن جيان عام رواجي سوال لکيو:
    ”Monika r u married?“
    ”No I am unmarried“ مونيڪا جواب ۾ لکيو.
    ”n u?“ مونيڪا پڇيو.
    ”Ya Im also“
    ”O Cool“ مونيڪا جواب ۾ لکيو.
    پوءِ مختلف موضوعن تي هنن جي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي رهي. انعام جو هاڻي اهو معمول بڻجي چڪو هو ته روزانو ڪلاڪن جا ڪلاڪ انٽرنيٽ ڪيفي تي مونيڪا سان چيٽنگ ڪندي گذاريندو هو. نه فقط هي پر ڪيفي ۾ ويٺل ٻيا به ڪيترائي نوجوان اهڙي قسم جي مختلف ڪمن ۾ رُڌل هوندا هئا.
    انعام مونيڪا سان هر روز ٿيل ڳالهين ٻولين جو تفصيلي ذڪر مون سان ضرور ڪندو هو، ڇا لاءِ ته مان ۽ انعام ڪا سرڪاري نوڪري نه ملڻ ڪري هڪ ئي خانگي اداري ۾ ڪم ڪندا هئاسين. اسان ٻئي اسڪول واري زماني کان هڪ ٻئي جا دوست ۽ همراز آهيون ۽ هڪ ٻئي جي حالات کان چڱيءَ ريت واقف پڻ.
    آءٌ انعام کي هميشه وقت وڃائڻ واري چيٽنگ جي ڪم کان مُڙي وڃڻ لاءِ چوندو هوس پر سندس مٿي تي ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جو جنون سوار هو. هو منهنجي ان ڳالهه کي اڪثر کِلي ٽاري ڇڏيندو هو. ڪچهريءَ ۾ به گھڻي قدر مونيڪا جون ئي ڳالهيون ڪرڻ لڳو هو. مان کيس ڪيترائي ڀيرا حجت ۾ ڇنڊ به پٽي ته:
    ”توکي ٿيو ڇا آهي ڀلا! ٻي به ڪا ڳالهه اٿئي يا رڳو مونيڪا مونيڪا! يار ڪا حد ٿيندي آ، مهرباني ڪري پنهنجي نوڪريءَ تي ڌيان ڏي. اجايو خوابن پويان ڇو ٿو ڊوڙين؟! مونيڪا مان ڪجهه ڪونه ورندئي، هيءَ عملي دنيا آهي، خوابن جي دنيا مان نڪري اچ ۽ هاڻي ڪجهه سنجيده به ٿي!“ منهنجي اهڙي ڇنڊ ۽ ليڪچرن سبب هن مون سان ان قسم جي ڳالهين جو ذڪر ڪرڻ به ڇڏي ڏنو.
    ڪافي ڏينهن کان پوءِ لج لٿي ڌارا ڪئنال جي ڪپَ تي ٺهيل چانهه واري هوٽل تي وڃي ويٺا هئاسين. آفيس ۾ هر روز گڏ هئڻ باوجود به کُلي ڪچهري ٿي نه سگھندي هئي. ڪيترن ئي ڏينهن جا رهيل حال احوال اورياسين. دل گھرئي دوست سان اندر جا احوال اوريندي ذهن تي پيل ٻوجَھ چند گھڙين لاءِ ئي سهي پر جھڪا ضرور ٿي ويندا آهن.
    ڪجهه لمحن جي خاموشيءَ کان پوءِ مون انعام کان مونيڪا بابت پڇيو ته سندس چهري تي مرڪن جي ريکائن رقص ڪرڻ شروع ڪيو. هڪدم ڳالهائڻ شروع ڪيائين... محسوس ٿيو ته کيس اُها ئي ڳالهه کولڻ جي تمام گھڻي اُڻ تُڻ هئي.
    ”يار! گھڻا ڏينهن ٿيا جو توسان انهيءَ باري ۾ ڪا ڳالهه ٻول ناهي ڪئي، ڪافي ڀيرا سوچيم ته توسان ذڪر ڪيان، پر مون کي پڪ هئي ته تون مخالفت ڪندين، بس سڀ ڳالهيون طئي ٿي چڪيون آهن هاڻي فقط منهنجي آمريڪا پهچڻ جي دير آهي.“
    ”ڇا مقصد! مان تنهنجي ڳالهه نه سمجھي!؟“ مون حيران ٿيندي چيو.
    ”پيارا! مان مونيڪا سان شادي پيو ڪريان. مان پنهنجي باري ۾ کيس سڀ ڪجهه ٻڌائي چڪو آهيان. هوءَ مون سان شديد پيار ٿي ڪري ۽ ترت ئي شادي ڪرڻ ٿي چاهي!“ انعام فاتحانه انداز ۾ ٻڌائي رهيو هو ۽ مان حيرت مان سندس مُنهن ۾ چتائي رهيو هوس.
    ”ٻڌ! هاڻي تون ڪا صلاح ڏي يار! جنهن سان مان جلد کان جلد آمريڪا پهچي سگھان.“ انعام چيو
    ”پر يار! پر هوءَ تنهنجي ڳوٺ واري مڱيندي! ٻه ڀينرون ۽ امڙ! اُهي سڀ ڪنهن جي آسري پيو ڇڏيون وڃين!؟ انهن جو توکان سواءِ ٻيو آهي ڪيرُ؟“ مون کيس تنبيهه ڪندي چيو.
    ”بس يـــار! مان اَٽل فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، آمريڪا وڃي مونيڪا سان شادي ڪندس ۽ پوءِ اُتان گھر وارن ڏانهن خرچ پيو اماڻيندس. مونيڪا تمام گھڻي شاهوڪار آهي. هوءَ سموري ملڪيت جي اڪيلي وارث آهي!“
    انعام ڪهڙيءَ به ريت پنهنجي ضد تان لهڻ لاءِ تيار نه هو، بس سندس نظرن اڳيان آمريڪا ۽ مونيڪا ڦِري رهيون هيون. هو مونيڪا سان ملڻ لاءِ آتو هو جنهن کانئس رت جا رشتا به وساري ڇڏيا هئا.
    انعام مون کي ان وقت مَها ٻوڏ جي زد ۾ آيل ڪنهن اهڙي اٻوجھ شخص جيان لڳي رهيو هو جيڪو پنهنجا هوش وڃائي ويٺو هجي... پئسي جي لالچ ۽ مونيڪا کيس انڌو ڪري ڇڏيو هو.
    هڪ لمحي لاءِ مون کي خيال آيو ”ٿي سگھي ٿو آمريڪا وڃي انعام جي تقدير واقعي به بدلجي وڃي“ پر الاءِ جي ڇو سندس ڳالهين تي مون کي اعتبار نه ٿي آيو.
    مان کيس روڪڻ جي تمام گھڻي ڪوشش ان ڪري به ڪري رهيو هوس ته هي پنهنجي گھر جو اڪيلو ڪمائيندڙ هو. جيڪڏهن ساڻس ڪو ڌوڪو ٿيو ته پويان سندس سمورو خاندان اُجڙي ويندو.
    انعام آخرڪار ٻين دوستن ۽ واقفڪارن کان پَٽَ سَٽَ ڪري ڪجهه پنهنجون قيمتي شيون وڪڻي مڙني مرحلن کي پار ڪري آمريڪا لاءِ روانو ٿي ويو. پويان سندس گھر وارا انعام جي اهڙي هٺ ڌرمي تي احتجاج ڪندا رهيا پر... ان کان سواءِ سندس گھر ڀاتي ٻيو ڪري به ڇا ٿي سگھيا! هو مون کان موڪلائڻ آيو هو پر مان ساڻس ڪاوڙ جو اظهار ڪندي نه مليو هوس.
    انعام کي آمريڪا وئي پنج مهينا گذري ويا پر سندس ڪابه فون، اِي ميل يا خط نه آيو. ان وچ ۾ مان انعام کي ڪيتريون ئي اي ميل ڪيون پر جواب نه آيو. وقت جي گذرڻ سان دوستن ۽ گھر وارن جي پريشانيءَ ۾ اضافو ٿيندو رهيو. مان اڄ جڏهن انعام کي هڪ مزيد ميل ڪرڻ جي ارادي سان سائن ان ٿيس ته اِن باڪس ۾ انعام جي ڪيل اي ميل نظر آئي. هڪدم ڪِلڪ ڪري پڙهڻ شروع ڪيم، لکيل هو:
    ”پيارا! آءٌ جڏهن آمريڪا پهتس ته مونيڪا منهنجو ڏاڍو آڌرڀاءُ ڪيو، جڏهن هوءَ پنهنجي گهر وٺي آئي ته اهو شاندار بنگلي بجاءِ ننڍڙو ٻن ڪمرن جو ڪواٽر هو جنهن ۾ مونيڪا اڪيلي ترسيل هئي. مون کي هن ٻڌايو ته اهو ڪوارٽر سندس هڪ ملازم جو آهي في الحال هتي ترسڻو آهي جيئن سندس ويجھن مائٽن کي شاديءَ بابت ڪابه خبر نه پوي. پوءِ شادي ڪري پنهنجي عاليشان بنگلي ۾ هلي رهنداسين. مون ساڻس ٻئي ڏينهن تي ئي شادي ڪئي پر بنگلي ۾ شفٽ ٿيڻ بجاءِ اسان ان ڪوارٽر ۾ ئي ترسيل رهياسين. پوءِ وقت گذرڻ سان حقيقتن تان پردو کڄندو ويو. مونيڪا تمام شاهوڪار نه پر ڪِرائي جي ڪواrٽر ۾ رهندڙ هڪ خسيس ڇوڪري هئي. هن مون کي جيڪي خواب ڏيکاريا هئا سي چڪنا چور ٿي ويا... هوءَ پاڻ ۽ سندس ڳالهيون ته تمام خوبصورت ۽ من موهيندڙ هيون پر اخلاقي ۽ عملي طور انهن جي بلڪل ابتڙ هئي. مونيڪا بيمار به رهندي هئي، هاڻي ڪافي ڏينهن ٿيا آهن جو هوءَ مون کي ڇڏي گم ٿي وئي آهي. يار! منهنجي امڙ ۽ ڀينرن جي پارت هجئي... سندن خيال رکجانءِ... مان مونيڪا سان شادي ڪرڻ ۽ لالچ ۾ اچي پنهنجي جذباتي فيصلي ڪرڻ جي سزا به ڀوڳي رهيو آهيان ڇا لاءِ ته مان هاڻي ايڊز ۾ مبتلا ٿي چڪو آهيان... تنهنجو دوست ــــ انعام“


    20. ســاروڻيون ۽ ســورَ

    ماڻهو پنهنجي گھرن جي ڪشادن اڱڻن تي مڇرن کان بچڻ لاءِ رليون تاڻي ستل هئا. ٿڪل ٽٽل هاري کونگھرا هڻي رهيا هئا. ڪي ماڻهو آسمان ۾ تارا اٽڪائي کٽ تي پاسا ورائي رهيا هئا. ڪجهه عورتون ننڊاکن اکين سان نون ڄاول ٻارن کي ڪڇ ۾ سمهاري ٿڃ پيئاري رهيون هيون... اڌ رات جو ڳوٺ ۾ اچانڪ رڙيون پئجي ويون. ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي، جانورن ۾ ٽاهه پئجي ويو... وٺ وٺ وارو ڙي وارو... اڙي ٻوڏ ڙي ٻوڏ... ڀڄو نڪرو!
    ننڍا ٻار، عورتون، جوان، پوڙها، پوڙهيون ۽ معذور پنهنجي گهرن مان نڪري پيا. سڀ هراسان... پريشان...! آسمان ۾ صرف تارن جي ٽم ٽم... چنڊ جون پويون تاريخون... گھگھ ڪاري رات...
    پاڻي تيزيءَ سان وڌي رهيو هو. گڏهه گاڏن، ڏاند گاڏين، ٽريڪٽرن، سائيڪلن ۽ موٽر سائيڪلن کان علاوه ماڻهو پيدل به پڪي سڙڪ ڏانهن ڊوڙڻ لڳا. افراتفري ۾ ماڻهو هڪ ٻئي مٿان ڪرندا، ٿاٻڙندا، پاڻي جهاڳيندا هڪ ئي طرف ڊوڙندا رهيا. جهونا لٺ جي سهاري آهسته آهسته روڊ ڏانهن هلڻ لڳا. تيزيءَ سان ايندڙ پاڻيءَ نه صرف ان هڪ ڳوٺ پر آس پاس جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ قيامت برپا ڪري ڇڏي هئي.
    روڄ راڙو... آهون دانهون... سڏ، سڏڪا ۽ هر طرف انساني آبادين طرف تيزيءَ سان وڌندڙ ٻوڏ جي پاڻيءَ جون تباهيون. پترن سان ٺهيل منههَ ۽ جھوپڙيون ڊهي پاڻيءَ ۾ لڙهڻ لڳيون. بي سهارا ۽ ضعيف ماڻهن کان علاوه معصوم ٻارڙن جي ٻڏڻ ۽ لڙهڻ جا ڪيترائي منظر انور پنهنجي اکين سان ڏٺا...
    پنهنجي ڳوٺ جا ڪچا گهر جُهرندي، ڀُرندي ۽ ڊهندي ڏسي هن ان لمحي ڇا محسوس ڪيو هو سو سندس اوجاڳيل اکين ۾ ڀرجي آيل لڙڪ بيان ڪري رهيا هئا، جن ۾ دردن جا ڪيترائي داستان هئا...
    ڪيترائي ماڻهو ڳوٺ مان بروقت نڪري نه سگهيا. اهي سڀ ٻوڏ ۾ لڙهي ويا. کين ياد ڪندي انور جون اکيون آليون ٿي ويون. سندن ڪيتريون ئي ڳالهيون ٻڌائيندو رهيو. ٻن ڏينهن تائين روڊ تي لُٽيل قافلي کان به بدتر حالت ۾ بي گهر ۽ بي سهاره بڻجي ويل انسانن جا ڪٽڪ بکَ ۽ اُڃَ ۾ پاهه ٿي ويا هئا!
    جڏهن هڪ گاڏي کاڌي جو ڪجهه سامان کڻي اتي پهتي ته هڙني ماڻهن ڊوڙ وڌي... ان پيهه سبب پلاسٽڪ جي ٿيلهين ۾ آندل چانورن جو ڪڻو ڪڻو ٿي روڊ تي ڇٽبو رهيو. بک ۾ پاهه ٿي ويل ماڻهن ڌڪا ڏئي هڪ ٻئي جا ڪپڙا ليڙون ليڙون ڪري ڇڏيا... ڪيترن ئي ٻارڙن کي روڊ تي ڪريل چانور ٻنهي هٿن سان کائيندي ڏسي انور به اتان ئي ٻه ٽي گرهه کڻي پيٽ جو دوزخ ڀريو هو. کيس هزارين بکايل ماڻهن لاءِ آندل اهي چند چانورن جون ٿيلهيون. ان پل سندن زخمن تي پهن بدران لوڻ ٻرڪڻ برابر محسوس ٿيون هيون...
    کُليل آسمان هيٺان، ڪاري رات ۾ هر طرف پاڻي، مڇر، ڪُتِ، ننڍڙن ۽ بيمار ٻارن جي روئڻ جا آواز. اچانڪ انهن آوازن ۾ عورتن ۽ مردن جي آوازن جو اضافو اُڀ ڏار رڙيون... ”اڙي منهنجا ابا... مون کي اڪيلو ڪري وئين... مون کي ڇورو ڇنو ڪري وئين... او منهنجا ابا....“ روڄ راڙو ۽ پَارَ! ٻن ڏينهن کان بکايل ڀر واري ڳوٺ جو هڪ پوڙهو گذاري ويو!
    ڪيترائي ٻار، وڏا ۽ ننڍا چؤطرف پاڻيءَ ۽ گندگيءَ سبب اچانڪ پيدا ٿي ويل وبائي بيمارين سان جنگ جوٽي رهيا هئا... موت ڪيترن کي ئي مات ڏيندو رهيو. ڪجهه ماڻهن کي نانگن ڏنگي وڌو هو، ڪيتريون ئي دانهون، پَارَ ۽ سُڏڪا ڪنن ۾ رجيل شيهي جيان اوتجندا رهيا. ڪَنَ بند ڪري ڇڏڻ سان به اهي آواز اڄ به انور جي وجود ۾ گونجندا ٿا رهن...
    انور مون کي ان رات جون ساروڻيون ۽ سور ائين پئي ٻڌايا جو مان پاڻ کي به ان ئي ڪربناڪ ماحول ۾ بيٺل محسوس ڪري رهيو هيس. ڪجھ دير اڳ مان هن سان هڪ سرڪاري ڪاليج ۾ قائم رليف ڪئمپ ۾ ملڻ آيو هيس. انور اڃا پنهنجي درد ڪٿا ٻڌائي ئي رهيو هو ته هڪ ٽرڪ ڪاليج جي گيٽ مان داخل ٿي.
    اچانڪ ماڻهو ان ٽرڪ طرف ڊُڪڻ لڳا... چانورن جون ٿيلهيون، ٽرڪ تان هيٺ اڇلائجي رهيون هيون تن کي ڪيترائي هٿ... پوڙهن جا، جوانن جا، ٻارڙن جا ۽ عورتن جا جھپڻ لاءِ تيار هيا، پر انهن مان اڪثر ٿيلهيون ان ڇڪتاڻ ۾ ڇڄي رهيون هيون ۽ چانور روڊ تي ئي هارجي رهيا هئا...
    انور به ٿيلهي جھپڻ جي انتظار ۾ بيٺل هو... هو اکين مان وهي آيل ڳوڙها پنهنجي قميص جي ميري ڪف سان اگھي رهيو هو.


    21. بي شرم

    سانوڻ جو مينهن ڪڙڪا ڪري لهي پيو هو. ڇتين تان نيسارا وهي ڇُڙيا هئا، روڊ جي ٻنهي پاسن کان پاڻي گڏ ٿيڻ شروع ٿي ويو. مان شهر جي هڪ روڊ جي فوٽ پاٿ تي دڪان جي آڏو ٺهيل ڇپري جي هيٺان اچي بيٺو هيس. ڪجهه لمحن کان پوءِ هيڏي هوڏي نهاريم ته منهنجي سامهون روڊ جي هُن پار هڪ ڇوڪري بيٺل هئي. سندس هٿن ۾ ڪتاب هئا جيڪي سيني سان لاتل هيس. سندس هٿ ۾ پڪڙيل موبائيل مينهن ۾ پُسي وئي هئي. دڪاندار کيس شڪارين وارين نظرن سان چتائي رهيا هئا. گاڏيون، رڪشه، چنگچيون روڊ جي پاسي کان بيهڻ شروع ٿي ويا. مينهن به چوي اڄ نه پوان ته ٻيو ڪڏهن پوان...
    شديد گرميءَ کان پوءِ وسڪاري سان گڏ ٿڌيون هوائون ميداني علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن لاءِ غنيمت کان گھٽ ناهن هونديون. مان ان ڇوڪريءَ ڏانهن مسلسل ڏسي رهيو هوس، ڏاڍي پريشان هئي. ’شايد ڪنهن ٽيوشن سينٽر تان واپس ٿيندي رستي ۾ رڪجي وئي آهي!‘ دل سَٽون ٿي کاڌيون ته روڊ جي هُن پار وڃي سندس ڀرَ ۾ بيهان، ساڻس مخاطب ٿيان ۽ سندس مدد ڪريان...’مينهن ٿورو جَھڪو ٿي ته وڃان ٿو.‘ دل ۾ اهو سوچي ساڳي جاءِ تي بيٺو رهيس. ان دوران هڪ جيپ منهنجي ۽ هن جي وچ ۾ حائل ٿي وئي. مان هيڏي هوڏي نهارڻ لڳس، هوءَ نظر نه آئي. مينهن ۾ جوتا ۽ ڪپڙا ڀِڄائيندي روڊ ڪراس ڪري ڏٺم، اطمينان جو ساهه کنيو. هوءَ اڃا تائين اتي ئي بيٺل هئي. آس پاس بيٺل ماڻهن جون چڀندڙ نظرون سندس جسم جو ايڪسري ڪڍي رهيون هيون. هوءَ هيسيل هرڻيءَ جيان شڪاري جانورن جي وچ ۾ اڪيلي بيٺل هئي....
    ’مان ڀلا ڇو ٿو وڃان سندس مدد لاءِ؟‘ پاڻ کان سوال ڪيو. ’شايد هوءَ ڏاڍي خوبصورت آ ان لاءِ مون کي سندس سونهن ئي ڇڪي آئي آ... نه نه مان انساني همدرديءَ خاطر سندس مدد ڪرڻ ٿو چاهيان... پوءِ سامهون بيٺل پوڙهي جي مدد به ته ڪري سگھجي ٿي.‘ دل ئي دل ۾ پاڻ سان سوال جواب ڪندو رهيس. منهنجا پير هن ڏانهن وڌندا ويا. سندس ڪپڙا مينهن ۾ پُسيل هئا. شلوار ٽنگن سان چهٽيل هئس، قميس جو اڳيون پلئه آلو هيس، رئو ويڙهي ڪتاب سيني سان لائي، نظرون جھڪائي بيٺل هئي.
    دل ٻَڌي کيس چيم: ”توهان ڪٿي رهندا آهيو؟“
    اکيون مٿي کڻي مون ڏانهن ڪاوڙ مان نهاري وري جھڪائي ڇڏيائين، ڪجهه به نه ڪُڇائين.
    ”مون کي غلط نه سمجھو، مان اوهان جي مدد لاءِ آيو آهيان.“ مون کيس يقين ڏيارڻ چاهيو.
    ”مِينهُن بند ٿي ويندو ته هلي وينديس. توهان جي مهرباني.“ وري به ڪاوڙ مان ئي چيائين.
    ”مان سمجھان ٿو اوهان جي موبائيل ۾ پاڻي پئجي ويو آ. ڀلا منهنجي موبائيل استعمال ڪرڻ چاهيو ته هي وٺو.“ مان پنهنجي موبائيل ڏانهنس وڌائي.
    ”نه مهرباني!“ ساڳيءَ بي رخيءَ سان جواب ڏنائين.
    مان سندس ڀَر ۾ بيهي رهيس. مون کي ترڇي نظر سان ڏسي ٿورو پَر ڀرو ٿي بيٺي. الائي ڇو منَ ۾ آنڌ مانڌ مچي وئي... سوچيم ماڻهن هڪ ٻئي تان ڪيڏو نه اعتبار کڻائي ڇڏيو آهي. مان سندس مدد ڪرڻ ٿو چاهيان ۽ هوءَ مون کي به ٻين ٻه نمبري ماڻهن وانگر ٿي سمجهي! کيس ڪيئن يقين ڏياريان ته دل سان سندس مدد ڪرڻ ٿو چاهيان. ڪافي وقت گذري ويو. مينهن سان گڏ تيز هوا به زوڪاٽ ڪندي گُھلي رهي هئي جنهنڪري مينهن جي پاڻيءَ جا ڇنڊا اسان جي جسم کي ڇُهي پُسائي رهيا هئا. اسان اتي ئي بيٺا رهياسين. مان رکي رکي ڏانهنس ڏسي رهيو هوس ان خيال سان ته متان مون کي سڏ ڪري وٺي. جيتوڻيڪ منهنجو ڪوبه منفي ارادو يا نيّت ۾ کوٽ نه هئي. بس دل چاهيو پئي ته هوءَ مون کان ئي مدد وٺي، مان ئي کيس گھر تائين رسائڻ ۾ مدد ڪريان... مغرب جي آذان اچڻ لڳي، سج موڪلائڻ لڳو. هن کي ڏٺم، خوف سندس چهري مان نمايان طور جھلڪي رهيو هو. مان سندس ويجھو وڃي هڪ ڀيرو ٻيهر ساڻس مخاطب ٿيس: ”مان يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندو آهيان، سوشيالوجي ۾، اوهان مون تي يقين ڪريو مان اوهان جي مدد لاءِ ئي هتي بيٺو آهيان، مون کي غلط نه سمجھو!“
    ”سوشيالوجي ۾؟ ڪهڙي سال ۾؟“ اچانڪ سوال ڪيائين.
    ”ٿرڊ ايئر ۾.“ مون وراڻيو.
    ”امبر توهان جي ڪلاس فيلو آهي؟“ پهريون ڀيرو سڌي مُنهن مخاطب ٿي.
    ”ها، امبر منهنجي ڪلاس فيلو آ! توهان کيس سڃاڻو؟“
    ”ها! امبر جو نمبر آهي توهان وٽ؟“
    ”نه امبر جو نمبر ته مون وٽ ڪونهي. ها سندس سوٽ جو نمبر آهي مون وٽ.“
    ”توهان پنهنجي موبائيل ڏيو پليز.“
    مون کيس پنهنجي موبائيل ڏئي ڇڏي. ٻه ٽي نمبر ڊائل ڪرڻ کان پوءِ مايوس ٿي واپس ڪندي چيائين: ”ادا ۽ بابا جا نمبر بند آهن.“
    ”سج لهي چڪو آهي، مينهُن به گھٽجڻ جو نالو ئي نه ٿو وٺي، پوري شهر جي بجلي به بند ٿي وئي آهي، اوهان چاهيو ته مان توهان کي توهان جي گھر تائين پهچائي اچان؟“ چيم.
    مون ڏانهن گھوريندي چيائين: ”مان سوسائٽي جي ڀرسان واري ڪالوني ۾ رهندي آهيان. بس پليز مون کي ڪا به سواري ڪرائي ڏيو.“ سندس اکين ۾ ڳوڙها تري آيا.
    مان رڪشه ۽ چنگچي وارن کي ايلاز ڪرڻ لڳس پر ڪوبه سواري سان وڃڻ لاءِ تيار نه هو، ڇا لاءِ ته روڊن تي پاڻي بيهجي ويو هو ۽ سوارين جو هلڻ محال ٿي ويو هو. هاڻي هوءَ مون ڏانهن اميد ڀرين نظرن سان نهاري رهي هئي. مان مختلف رڪشه ڊرائيورن سان ڳالهائي رهيو هوس پر ڪوبه هلڻ لاءِ تيار نه هو. مايوس ٿي سندس آڏو اچي بيٺس.
    ”ڪوبه هلڻ لاءِ تيار ناهي! ڪجهه دير انتظار ڪريون ٿا، متان برسات گھٽ ٿئي.“
    ”هن جيپ واري کي چئي ڏسو.“
    انتهائي مجبوريءَ واري حالت ۾ لفظ سندس نڙيءَ مان نڪتا. مون هڪ ڀيرو جيپ ۾ ويٺل ٿلهي متاري شخص ڏانهن نهاريو، پوءِ ڏانهس وڌي ويس. شيشي کي آڱرين جي ڏوڏن سان کڙڪائيندي کيس شيشو هيٺ لاهڻ جو اشارو ڪيم.
    ”ڀاءُ! هيءَ ڇوڪري منهنجي پاڙي جي آهي، شديد برسات سبب هتي ڦاسي پئي آهي. ڪوبه سواريءَ وارو هلڻ لاءِ تيار ناهي، نياڻيءَ جي مدد ڪريو پليز. کيس سندس گھر تائين پهچايو.“
    جيپ ۾ ويٺل همراهه چيو: ”ڀائو مان نه ٿو هلي سگهان! مان ڊرائيور ماڻهو آهيان. صاحب اڳ ئي انتظار ۾ ويٺو آ. مان هتي صرف مينهن گھٽجڻ جو انتظار پيو ڪريان.“
    ”يار انساني همدرديءَ طور ٿوري مهرباني ڪر. ويچاري نياڻي ٻار اڪيلي بيٺي آ. هي ڏس مان ٻانهون ٿو ٻڌانءِ. قربُ ڪر!“ مون کيس منٿون ڪيون.
    ڊرائيور کي رحم اچي ويو. چيائين: ”ٺيڪ آ، وٺي اچيس.“
    مان هن ڏانهن ويس ته سندس منهن جو پنو لهي چڪو هو. پريشاني، شرمندگي ۽ خوف واري عجيب ڪيفيت ۾ مبتلا ٿي لڳي. پنهنجي جسم کي رئي سان چڱيءَ ريت ڍڪڻ جي ڪوشش ڪيائين. ٿڪل قدمن سان جيپ ۾ اچي ويٺي. مان کانئس موڪلائڻ جي ڪئي ته ڊرائيور هڪدم چيو: ”ڀائو اڪيلي ڇوڪري مون سان ڪيئن ٿو اماڻين؟ تون وري ڪاڏي ٿو وڃين! تو چيو ته منهنجي پاڙي جي آ!“
    ”توهان پليز منهنجي گھر تائين مون سان هلو.“ التجا واري انداز ۾ چيائين. مون ڏٺو هوءَ صفا لُڙهي پئي هئي.
    هاڻي برسات جي وسڪاري ۾ ڪجهه قدر جَھڪائي ٿيڻ لڳي هئي. مان جيپ ۾ چڙهي ويٺس. گوڏي جيڏي پاڻيءَ ۾ جيپ هلڻ لڳي. هوءَ بلڪل ڊنل هئي. جڏهن هن جي گھر تائين پهتاسين ته برسات بلڪل بند ٿي چڪي هئي. جيپ جي اڳئين دروازي کان لهي مون پوئين سائيڊ کان وڃي دروازو کوليو. هوءَ لهڻ وقت تمام گھڻي گھٻرائجي وئي هئي. جيپ مان هيٺ لٿي، اسٽريٽ لائيٽ جي پوندڙ روشنيءَ ۾ هُن جي شلوار تي رتُ جا چُٽا نمايان نظر اچي رهيا هئا. کن پل لاءِ ڇرڪي پيس. ’رَتُ!‘ ...... جوان ۽ بالغ ڇوڪريءَ جي شلوار تي لڳل رتُ جي فطري حقيقت سمجھڻ ۾ مون کي ڏکيائي نه ٿي ۽ مٿس وڌيڪ رحم آيو.
    سندس چهرو ڪومائجي ويو هو. پنهنجي جسم تي رئو ويڙهيندي آهسته آهسته جيپ مان ٻاهر نڪتي. مون ڊرائيور جي هٿ تي سئو جو نوٽ رکندي مهرباني چئي کيس اجازت ڏني.
    سامهون چوڪ تي بيٺل هڪ ٿلهو متارو نوجوان اهو سمورو منظر ڏسندي ئي واءُ مينهن ڪندو اسان ڏانهن ڊوڙندو آيو. سندس اکين ۾ رت لهي آيو هو. سخت ڪاوڙ مان مونکي گريبان کان پڪڙي گار ڏيندي چيائين ڪير آن........... ٻڌاءِ هن سان ڪهڙو تعلق اٿئي؟؟ مان ڪجهه ڳالهايان ان کان اڳ ئي سندس ڳري هٿ جون پنج ئي آڱريون هوا کي چيرينديون زور سان منهنجي ڳل تي اچي لڳيون. اکين آڏو اوندهه ڇانئجي وئي... ڇوڪري وضاحت ڪرڻ لاءِ جيئن ئي چپ چوريا ته کيس وارن کان جھلي تارا ڦوٽاريندي چيائين شرم نه آيئي بي حياءِ بي شرم.... هي ڪير آ ....؟؟ ڪير آ هي...؟؟؟ ٻڌاءِ...؟؟
    سڏڪندي چيائين ”ادا! هن ته منهنجي مدد ڪئي آهي اوهان غلط نه سمجھيو... هي ....“
    ڀيڻ جي شلوار تي لڳل رت ڏانهن گھوريندي... ڀاڻس جي زبان مان لفظ باهه جي اُلن وانگر نڪرڻ لڳا ڏند ڪرٽيندي چيائين ”بي شرم! توکي اسان جي عزت جو خيال به نه ٿيو...!!“ هڪ زوردار چماٽ وهائي ڪڍيائينس... ڇوڪري روڊ تي ڪري پئي..
    مان سندس غلط فهمي دور ڪرڻ خاطر کيس منٿون ڪندي ٻانهون ٻڌندي چيو ”هينئن لوڪ جي سامهون پنهنجي عزت جو تماشو نه ڪريو ادا! مان ته انساني همدرديءَ....“ منهنجا لفظ نڙيءَ م ئي اٽڪي پيا. منهنجي گريبان کي ٻنهي هٿن سان پڪڙي بيٺو.... سمورو پاڙو گڏ ٿي ويو.... حياءُ روڊ تي ڪريل هو ۽ بي حيائي همدرديءَ جو گريبان پڪڙي بيٺل هئي.


    22. هوءَ ۽ مان

    مان هن کي مرگلا ڪار جي پوئين سيٽ تي ويهندي تن ڏينهن ۾ پهريون ڀيرو ڏٺو هو جڏهن اڪثر انٽرنيٽ ڪيفي تي ويهي اڻ ڏٺل حسينائن سان چيٽنگ ڪندو هوس. ان وقت لائيٽ بليو ڪلر جي جِينس، ٽي شرٽ ۽ اسپورٽس بُوٽ ڏاڍي شوق سان پائيندو هيس.
    هُن کي ڏسي منهنجي عجيب ڪيفيت ٿي ويندي هئي. من تي سندس حسن جو سحر طاري ٿي ويندو هو. ان ڪار جي پويان چرين جيان ڊوڙي پوڻ جو خيال ايندو هو. دل چوندي هئي کيس سامهون ويهاري ڪيئي پل ۽ پهر ڏسندو رهان پر دل جي هر خواهش جي تڪميل ڪٿي ٿي ممڪن ٿئي!
    هڪ ڏينهن جڏهن مان پنهنجن دوستن سان انٽرنيٽ ڪيفي ۾ ويٺو هوس ته سامهون اچانڪ هُن تي نظر پئجي وئي هئي. سندس هڪ ئي جھلڪ ڏسڻ سان هوش خطا ٿي ويا هئا. ان پل منهنجو وجود ته ڪيفي جي ان ئي ڪرسيءَ تي موجود هو پر سڀئي خيال ان ڪار جي پويان ڊوڙون پائيندا هليا ويا هئا. سمجھ ۾ نه ٿي آيو ته مون کي ڇا ٿي ويو هو ان هڪ ئي لمحي ۾، جڏهن منهنجين ديدن هُن جي هڪ جھلڪ پسي هئي.
    شيشي جي دروازي کي ڌڪو ڏئي ٻاهر نڪري آيس، روڊ تي هلندڙ ٽريفڪ جا زوردار هارن ۽ ماڻهن جي پيههَ ويتر پريشان ڪري ڇڏيو. پنهنجي ان ڪيفيت کي پاڻ به سمجھي نه سگھيس، بس اندر ۾ آنڌ مانڌ هئي.
    پوءِ هر روز هُن جو ڪيفي جي شيشي واري در مان درشن ڪندو هوس. ڪار ۾ ويهندي هئي ۽ چند سيڪنڊن ۾ ئي منهنجي اکين کان اوجھل ٿي ويندي هئي. هوءَ مون کي خوبصورتيءَ جي ديوي لڳندي هئي. مان ڀائيندو هيس ته هُن جي جوڀن ۽ سونهن جو موهه منهنجي اکين ۾ ئي سمايل آهي جنهن کي فقط مان ئي محسوس ڪري سگھان ٿو. ها! بس فقط مان...
    ڪيترائي ڀيرا سوچيم ته ڊڪ پائي وڃي ان گاڏيءَ جي ڀرسان بيهان، کيس ويجھو کان ڏسان، پر چاهيندي به الائي جي ڇو ائين ڪري نه سگھندو هوس. بس شيشن جي اندرئين پاسي کان ئي هر روز انهيءَ ٽائيم تي کيس ڪار ۾ ويهندي ڏسندو هوس ۽ ڪار زوزاٽ ڪندي نڪري ويندي هئي. مون کي هڪ ڳالهه تمام پريشان ڪندي هئي ته آخرڪار هوءَ رات جو يارهين، ساڍي يارهين وڳي ائين ٺهي ٺُڪي آخر ڪيڏانهن ويندي هئي! جيتوڻيڪ وڏن شهرن ۾ رات جو اهو ٽائيم ڪو وڏو ناهي، پر هرروز! شايد رات واري شفٽ ۾ ڊيوٽي هوندس يا وري ڊاڪٽرياڻي هوندي ۽ ڪنهن ميڊيڪل سينٽر تي وڃڻو هوندس... ذهن ۾ مختلف سوچون اچڻ لڳنديون هيون. هڪ خيال اوچتو ذهن جو در کڙڪايو ته ’جنهن اپارٽمينٽ مان هوءَ نڪرندي آهي اتان جي ڪنهن ماڻهوءَ کان جاچ ڪيان.‘ ڪيفي مان نڪري روڊ ڪراس ڪري انهيءَ اپارٽمينٽ طرف هلڻ لڳو هيس پر هڪ هنڌ منهنجا قدم جھڪا ٿيندي ٿيندي رڪجي بيهي رهيا. خيال آيو ته مان هن جو نالو يا فليٽ نمبر به ته نه ٿو ڄاڻان! پوءِ ائين ڪنهن کان معلوم ڪندس! اتان ئي منهنجا قدم واپسي واري رستي تي هلڻ لڳا. واپس اچي انٽرنيٽ ڪيفي تي ويٺس.
    هڪ ٻيو خيال آيو. ’اڄ سندس واپسيءَ جو انتظار ٿو ڪريان.‘ آخر ڊيوٽي ختم ڪري گهر ئي ته واپس ورندي. بس ان وقت مان سندس ويجھو وڃي کيس ايڪسڪيوزمي چئي پنهنجي اندر جو اڌمو بيان ڪري ڇڏيندس. ائين الائي جي ڪيترا خيال ذهن ۾ گردش ڪندا رهيا. هن ۾ الائي ته ڪهڙي ڪشش هئي جو منهنجي ننڊ ئي حرام ٿي وئي هئي. ڪجهه به نه ٿي وڻيو ڪابه ڳالهه سمجھ ۾ نه ٿي آئي ته مون کي هن ڪيئن پنهنجو ديوانو ڪري ڇڏيو هو! ’پر هن کي ته ڪا خبر ئي نه آهي ته مان....... هن ته مون کي ڪڏهن ڏٺو ئي ڪونهي! پوءِ هن جو ڪهڙو قصور!‘ پاڻ سان ئي ڳالهائڻ لڳو هيس. پريشاني... مونجهه... بيچيني... نڙي خشڪ ٿي وئي هئي. ٿڌي پاڻيءَ جو گلاس پي روالونگ چيئر تي ويهي رهيو هيس. منهنجا سڀئي دوست پنهنجن گهرن ڏانهن روانا ٿي چڪا هئا. ’هاڻي مون کي به گھر وڃڻ گھرجي. پر نه اڄ ئي ته هن سان ملڻ جو بهترين موقعو آهي ڇو ته امي ۽ ابو حيدرآباد ويل آهن.‘ سوچيو هيم.
    روالونگ چيئر تان اٿي اچي انهيءَ جاءِ تي ويٺس جتان هر روز هن کي ڏسندو هيس. ٽائيم گذارڻ لاءِ انٽرنيٽ تي مختلف ٻاهرين دوستن سان چيٽنگ ڪرڻ لڳس. ائين ٽائيم گذرندو رهيو. ٻارنهن، هڪ، ٻه، ٽي، منهنجي اکين تي ننڊ جا کيپ چڙهڻ لڳا. ٽي لڳي چاليهه منٽ ٿيا ته ساڳئي مرگلا انهيءَ هنڌ تي اچي بيٺي ۽ اها دلڪش حسينه جنهن مون کي پنهنجو ديوانو بڻائي ڇڏيو هو، پوئين دروازي کان ٻاهر نڪتي. مان يڪدم اُٿي بيٺس. ڪار هلي وئي. مان ٻاهر نڪري آيس. هوءَ ٿڪل ٿڪل قدم کڻندي پنهنجي اپارٽمينٽ واري رستي تي هلڻ لڳي. رات جي سانت، سنسان روڊ ۽ مان سندس پويان پويان. آهستي آهستي سندس پيڇو ڪندي همت نه ٿي ته ڊڪ پائي کيس ڪجهه چوان... اپارٽيمينٽ جي وڏي گيٽ جي ننڍي دروازي مان به ٽپي اندر آيس. لفٽ بند هئڻ ڪري ڏاڪڻيون چڙهڻ لڳي. فرسٽ فلور جي آخري ڏاڪي تي پير رکيائن ته مان کيس هٻڪندي ”ايڪ... ايڪسڪيوزمي“ چيو.
    ڪنڌ ورائي ڏٺائين، هر پاسي چانڊوڪي ڦهلجي وئي. هڪ پاسي ڪنڌ جُھڪائي خماريل اکين سان مون کي نَنهن کان چوٽيءَ تائين چتائي ڏٺائين ۽ پوءِ ڌيمي لهجي ۾ چيائين: ”هُون، چئو؟“
    ”مون کي توهان سان ڪجهه ڳالهائڻو آهي.“ مون همت ڪري چئي ڏنو هو.
    ”ڇا ڳالهائڻو آ؟“
    ”ڪجهه ٻڌائڻو آ توهان کي!“ مون معصوميت واري انداز ۾ چيو هو.
    مرڪي پئي هئي شايد منهنجي معصوميت تي. چيو هئائين: ”منهنجي پويان اچ.“
    منهنجون نظرون بيساخته سندس ڀوري جسم تي پهريل سنهڙي لباس ڏانهن ڇڪجي ويون، جنهن مان سندس جوڀن جو ڇلندڙ سمنڊ ۽ جوانيءَ جي ڀرپوريت ليئا پائي رهي هئي. هڪدم نظرون ٻي طرف هٽائي ڇڏيم. لڱن مان سيسراٽيون نڪري ويون، چاهيندي به نه ڏسي سگھيو هيس.
    ٽين فلور تي فليٽ نمبر اي 232 جو دروازو کولي اندر اچڻ لاءِ چيائين. مون کي ڊرائنگ روم ۾ ويهاري پاڻ بيڊ روم ۾ هلي وئي.
    مان چند گھڙين لاءِ پريشان ٿي ويس. ذهن ۾ مختلف خيال اچڻ لڳا. جسم ٺري برف ٿي ويو. پيشانيءَ تان پگھر ڳڙڻ لڳو. ڪجهه منٽن بعد نائٽي پهري سامهون واري سوفا سيٽ تي اچي ويٺي. چيائين: ”جلدي چئه! مون وٽ ٽائيم تمام گھٽ آهي.“
    هڪ ئي ساهي ۾ چئي ويس: ”تون مون کي ڏاڍي وڻندي آهين، مان توسان بي انتها پيار ٿو ڪريان، مان توسان شادي....“
    منهنجيون ڳالهيون ٻڌي مسڪرائڻ لڳي هئي...
    چيو هئائين: ”ڪير آهين؟“
    هٻڪندي چيو هيم: ”تنهنجو عاشق.“
    وارن ۾ هٿ ڦيريندي وراڻيو هئائين: ”تون منهنجو عاشق ٿي نه ٿو سگھين! تون اڃا ننڍڙو آهين، ان ڪري منهنجو عاشق ٿيڻ لاءِ اَن فِٽ آهين.“ چپن تي هلڪي مسڪراهٽ هيس.
    ”ڇو؟ ڇا لاءِ ان فٽ آهيان مان!؟ مان جوان يا سمارٽ ناهيان؟!“ مان پنهنجو دفاع ڪيو هو.
    سنجيده ٿيندي چيو هئائين: ”منهنجو عاشق ٿيڻ لاءِ جوان ۽ سمارٽ هئڻ لازمي ناهي.“
    چيم: ”باقي تنهنجي عاشق ٿيڻ لاءِ مون کي ڇا ٿيڻو پوندو؟ مان سڀ ڪجهه ٿيڻ لاءِ تيار آهيان.“
    ”هاهاهاهاها....“ هن جا ٽهڪ هوا ۾ وکري ويا هئا. ”تون ڪنهن وڏيري، وزير، پوليس واري يا ڪنهن راشي آفيسر جو پٽ آهين؟“ سندس سواليه نظر مون کي جنجھوڙي ڇڏيو هو.
    ”نه منهنجو پيءُ ماستر آهي.“ چيو هئم.
    جھٽڪو ڏئي سوفا سيٽ تان اٿي بيڊ روم ڏانهن هلي وئي هئي ۽ ان ئي ساعت واپس اچي منهنجي هٿ ۾ پنج سئو جو نوٽ ڏيندي ڳل تي ٿڦڪي هڻندي چيو هئائين: ”مجنونءَ جو ڀاءُ ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪر! پيار ٻيار ڪجهه به ناهي. تون اڃا ٻار آن. جڏهن تون وڏيرو، وزير يا ڪو راشي اعلى عملدار ٿئين تڏهن مان پاڻ تو وٽ هلي اينديس تنهنجي عاليشان بنگلي ۾، تنهنجي ئي چمڪندڙ شاندار ڪار جي پوئين سيٽ تي ويهي.“


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1259812
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386718
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ