ڪتاب جو نالو: نئون نئون مڌ آ
مصنف: گڏيل شاعري
ڇپائيندڙ: مرڪ پبليڪيشن شهدادڪوٽ
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2014
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 06 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 4996 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 333 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي گڏيل شاعريءَ جو ڪتاب ”نئون نئون مڌ آ“ سنڌ جي 16 شاعرن ۽ شاعرائن جي شاعريءَ تي مشتمل آهي، جن ۾ ڊاڪٽر غلام نبي ”صابر“ سڌايو، ڊاڪٽر ”حاذق“ جوڻيجو، ناشاد رشيد ”سنڌي“، اڪبر کرل، بشير آچو، شيخ ”فرازي“، وفا ٻرڙو، اشفاق چانڊيو، انجم قاضي ، ضمير ”حيدر“ چانڊيو، علي رضا، خيرل سيلرو، ماريه ڪنول، ايم يونس جمالي، نادر دايو ۽ ڪريم ”گل“ دايو شامل آهن.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

فهرست

  • ارپـنــا
  • سنڌ سلامت پاران
  • پبلشر نوٽ: اندر جا احساس
  • مهاڳ: پراڻي مڌ جا نوان پياڪَ
  • ڊاڪٽر غلام نبي ”صابر“ سڌايو

  • تعارف ::
  • پاڪ ڌرتيءَ مٿان باک ڦٽندي رهي،
  • جِت نينهن نِپي جت پيار پلي،
  • اُٿ ٽوڙ وري زنجيرن کي،
  • وساري ڇڏيئي جي ته ارمان ڪونهي،
  • سينگار خود رکي ٿو دلدار جي ضرورت،
  • سُندر ماڻهو سوڀيا وارا،
  • انب جي وڻ تي سائو طوطو،
  • زندگي بي ڪيف ۽ بيڪار ڪو آهي سفر،
  • ڪافيون :: ڊاڪٽر غلام نبي ”صابر“ سڌايو

  • توسان منهنجو پيار،
  • آزاد نظم
  • نظم
  • نظم :: 2
  • آزاد نظم
  • ڊاڪٽر ”حاذق“ جوڻيجو

  • تعارف
  • *** نعت ***
  • منقبت
  • ڀٽائي
  • ميوي ڪڙي جو وڻ ڪو، ڦردار ٿيو ته ڇا ٿيو،
  • عشق اول ٿو اچي ڪنهن خيال ۽ خمار سان،
  • لعل لَب ڳاڙها گلابي يار ٿا موهي وجهن،
  • باغ ۾ گلڙا ٽِڙن توساڻ هٿ هٿ ۾ هجي،
  • اڄ زماني جي عجائب چال نياري ٿو ڏسان،
  • اوهان تي جا آئي بهار-شباب،
  • ڪيم دانهون مان اُڀ ڦاڙي نه ٻڌو دلدار منهنجو سڏ،
  • ضرورت
  • گيت
  • غزل
  • ”ناشاد“ رشيد سنڌي

  • تعارف
  • غزل
  • آ برابر پرينءَ جي چمڪ چنڊ ۾،
  • حال نه ڄاڻي هينئڙي جو ڪو،
  • ڇڏ پکي پڃرو پرَنَ جو خير گُهر،
  • نه شڪوه ڪوئي قدرت کان،
  • سوچ سُرهو سفر لوچ لهجو ته ٿيو،
  • چاهه چمان ٿو چانڊوڪيءَ ۾،
  • نظم
  • تو جي پڪ آ ڏني پيار ۾ او سکي،
  • وائي
  • تاريخ گواهه رهندي، هر ڪنهن کي خبر آهي.
  • ٽيڙو
  • بيت
  • اڪبر کرل

  • تعارف
  • غزل
  • ٿڌيون هيءُ ڪيڏيون گُهلن ٿيون هوائون،
  • درد سان ڀرپور آهي زندگي،
  • پاڻ کي مان ڀلائي سگهان ٿو مگر،
  • تنهنجي تصوير کي مان ڏسي ٿو روئان،
  • دل اندر درد محسوس ٿئي ٿو پيو،
  • اجنبي پنهنجو نالو ٻڌائي وڃو،
  • روح کي راحت ملي توکي ڏٺو،
  • هن قدم جو رکيو صحن ۾ آ،
  • سخت سردي ۾ باهه ٻاري ٿو،
  • سنڌ تان جان به آ قربان،
  • اڄ آيو آ يار اچانڪ،
  • وائي
  • بشير آچو

  • تعارف
  • غزل

  • ارمانن کي چيري ڦاڙي،
  • گيت
  • مان ئي ناهيان المين جي شهر ۾،
  • اڱڻ ۾ اميدن جو ٻاري ڏيئو،
  • مان صحرا جي ڪا واري هان،
  • خماريل اکين کي کڻي جو ڏٺائين،
  • مور نه موٽيا ماڳن تي آ رات انڌيري ڇائنجي وئي،
  • چوسٽا
  • نثري نظم

  • هي دنيا گھڻي وڏي آ
  • اي بهار جي ٺريل رات!
  • اي بي درد وقت!
  • جدائي جا درد!
  • شيخ فرازي

  • تعارف
  • غزل

  • اوهان جي پار جا سپنا،
  • ڪا رات گلابن جهڙي آ،
  • وڃي رت پئي روئندي اُٺن جي پٺيان،
  • روز وڌن ٿا پار ڏکن جا،
  • پاڻ پنهنجي خوشيءَ لئه ٽانڊا،
  • مون کي ڀي آسمان آ پنهنجو،
  • زندگي جو بچاءُ آ پيارا،
  • شام جي احساس جهڙي شاعري،
  • ادائن جو اظهار سمجهي نه ٿو،
  • سونهن ڏسي دل ٺاريان ويٺو،
  • اک جا اُلڪا، فرازي!
  • ڪيترو ڪمزور آهيان دوستو!
  • تو پٺيائون راهه ۾ گم ٿي وئي،
  • وفا ٻرڙو

  • تعارف
  • غزل

  • تو پڄاڻان عذاب ڀوڳيان ٿو،
  • نيڻن جو پنڌ پرينءَ ڏي،
  • دل جو درد ٻڌايان توکي،
  • رات جڏهن هوءَ آئي،
  • دل ۾ تنهنجي سار او سائين!
  • دين ڌرم ڌرتي آ،
  • تنهنجا سپنا تنهنجون سارون،
  • جيئن جو گيت چپن ڪو ڳايو،
  • ڏينهن اوهان، جو رات اوهان جي،
  • هي حسرتن جا لاشا، کڻون ڪيستائين،
  • نيڻن کي اوجاڳا ٿي پيا،
  • مرڪن جا موتي تون ميڙي هلي آ،
  • تو بن جيون منهنجا سائين!
  • اشفاق چانڊيو

  • تعارف
  • غزل

  • پِپِر جي پنن جيئن ڇڻي زندگي ٿي،
  • ڪو ته ڪڪرن کي چئي وسو يارو،
  • لُڙڪن سان تَر بڻيل ها، منهنجا هي نيڻ ها،
  • خدايا! حسن وارن لئه هميشه روئڻو پوندو،
  • وساريم گھڻو ئي مگر ياد آيو،
  • قلم ڪيئن ڪيا تو سر، پڇين ٿو ڇا ڪيو آهي،
  • ڪتابن کي هاڻي پڙهي ڪير ٿو،
  • زندگي توکان گهريو مون ايترو،
  • پاري ۾ ڀي پگهر نڪتو،
  • ٻار کي مان ٻارُ ٿو ڪڇ ۾ ڏسان،
  • پهريان توکان پڇي ٿي،
  • نظم

  • هزارن جي هجومن ۾،
  • انجم قاضي

  • پورو نالو : دين محمد قاضي
  • غزل

  • پنهنجا هوندي ڀي ڪٿي پنهنجا رهيا،
  • ڪيئن الائي هَئي ڪٿا منهنجي هُئي،
  • جنهن سمي هوءَ سانوري وڇڙي وئي،
  • گهڙي لاءِ اهڙو نهاريو هيئه،
  • ڪڏهن پنهنجي ضد تان هٽيو ڪو نه هو،
  • نه ٿو درد جيسين جي پائي اُهو،
  • اکين ۾ اچي عشق داخل ٿيو هو،
  • وائي
  • وائي2
  • ضمير ”حيدر“ چانڊيو

  • تعارف
  • غزل

  • توسان جو اڄ ڀاڪر پاتم،
  • وک وک تي ڪانڊيرا آهن،
  • تنهنجون ڳليون ۽ هي چاهتن جا سفر،
  • جھانجھريون پيرن ۾ پائي مان پرين نچندو رهيم،
  • جيڪي لار ڪري لبڙن تي لڙيا، لڙڪن جو قدر توکان نه پڳو،
  • اکيون! تڪيو نه راهه، هاڻي ڪير ايندا،
  • قرب منهنجي کي ڏني تو موٽ آ تڪرار جي،
  • حَسين ماڻهو حَسين شامون، ڪڏهن گذاريو اسان سان گڏجي،
  • نانگ نظرن جا بڇي ڪيئي ڇڏيئه،
  • سهڻا سونهن تنهنجي ڏسڻ جي ڪيان ٿو،
  • زندگي توکي ڏنم، تو ڇا ڏنو؟
  • عشق اوٿر جيان پيو ٿو اڏندو اچي،
  • درد جاڳي پيا رات ساري رنم،
  • علي رضا

  • تعارف
  • پنهنجيءَ دل تي
  • تنهنجي لاءِ هر شيءِ
  • ڪچهري ڪنداسين
  • موت
  • خيرل سيلرو

  • تعارف
  • غزل

  • گذري ويل صدي جا، تازا زخم رکيا هن،
  • ڀونءِ ڏاڍي تتي تيز تڪڙا هلو،
  • روز راهون تڪي جُهري پئي آ،
  • ڪنهن جو جلوو ٿي زلزلو آيو،
  • توسوا آ ڏکي زندگي،
  • رات روئندي ڪٽي ياد توکي ڪندي،
  • خاموش زندگي آ، خاموش هر خوشي آ،
  • ٿڪا نيڻ ناهن اڃا روئي روئي،
  • هيءَ ڏکن ۾ زندگي ساري ٿي گذري، ڇا ڪجي،
  • سونهن سان سِرڙو لڳي هر هر مٺا،
  • شهدادڪوٽ پيارن ماڻهن جو آستانو،
  • گيت

  • جو وفادار ٿئي يار اهڙو ڪبو،
  • نه سهڻن ۾ اهڙو ڪو سهڻو سُجهي جو،
  • ماريه ڪنول

  • تعارف
  • غزل

  • وءَ جا ڪامڻي آهي.
  • جو پيار بنا هوندو،
  • پيار کان تون ڌار ناهين او پرين!
  • پيار ۾ اُڻي پئي،
  • تنهنجي راهه ۾، نيڻ اٽڪيا رهيا،
  • شهرتن جي ڊوڙ ۾ زندگي رهجي وئي،
  • تو ته چيو هو مٺڙا سائين،
  • نظم

  • فقيري رنگ ۾ رڱجي.
  • آزاد نظم
  • نظم 2
  • اڄ ڪنهن پيار جو اظهار ڪيو ته،
  • ايم يونس جمالي

  • تعارف
  • غزل

  • يار جو ديدار مون لئه ڪافي آ،
  • ٺاهه اڳتي لاءِ ڪجهه آهين هتي مهمان تون،
  • واهه رنگي جا رنگ ڏٺاسين،
  • انتظاريءَ جون گهڙيون ڪٽجن نه ٿيون،
  • حياتيءَ کي ڪو ئي سهارو کپي ٿو،
  • سرنهن ڦولاري آهي دلبر مون سان اچي تون هاڻي مل،
  • مان مسجد ۽ مندر وڃان ڪو نه ٿو،
  • پري پردو هٽائي ڇڏ لڪين ڇو ٿو حجابن ۾،
  • جنگ جهيڙي وارا ماڻهو دربدر،
  • گيت

  • ڪو تنهنجي حسن جو جواب نه آ،
  • چوسٽا
  • نادر دايو

  • تعارف
  • غزل

  • زندگي هي عذاب ساري آ،
  • ڪنهن به پل ڪين موت ٽاري ٿو،
  • تو خدائي اڃان ڏٺي ناهي،
  • اکين کي اوسيئڙو ڏيئي،
  • تنهنجي در تي ٿيندا سجدا مگر آهستي آهستي،
  • وفائن جي بدلي جفا ٿي ملي،
  • دل ۾ ڪهڙي اڃا خوشي آهي.
  • سهڻن جو سردار مٺا تون،
  • چئوسٽا

  • پيار جي بدلي پٿر نه گهرجي،
  • ڪريم ”گل“ دايو

  • تعارف
  • غزل

  • توسان دلڙي ڦاٿل آهي،
  • دل جا رشتا ٽوڙي وئي آ،
  • ديد تنهنجي ئي عيد منهنجي آ،
  • مون کي توسان پيار جانان،
  • دور ٿي وئين پرين، ڪا خوشي ڪو نه آ،
  • سونهن تنهنجي ثواب جهڙي آ،
  • تنهنجي يادن ۾ عمر گذري وئي،
  • تنهنجي راهه نهاريان ويٺو،
  • آزاد نظم

  • واهڻ واهڻ وستي وستي،
  • نثري نظم
  • ٽيڙو

  • فهرست

    ارپـنــا

    نئين ٽهي جي
    انهن شاعرن ۽ شاعرائن جي نانءَ
    جيڪي
    مسسلسل لکندا رهن ٿا
    ۽ سندن
    مستقبل جو شاعراڻو جهان
    روشن روشن نظر اچي ٿو.




    مرتضيٰ لغاري


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (135) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي گڏيل شاعريءَ جو ڪتاب ”نئون نئون مڌ آ“ سنڌ جي 16 شاعرن ۽ شاعرائن جي شاعريءَ تي مشتمل آهي، جن ۾ ڊاڪٽر غلام نبي ”صابر“ سڌايو، ڊاڪٽر ”حاذق“ جوڻيجو، ناشاد رشيد ”سنڌي“، اڪبر کرل، بشير آچو، شيخ ”فرازي“، وفا ٻرڙو، اشفاق چانڊيو، انجم قاضي ، ضمير ”حيدر“ چانڊيو، علي رضا، خيرل سيلرو، ماريه ڪنول، ايم يونس جمالي، نادر دايو ۽ ڪريم ”گل“ دايو شامل آهن.
    هي ڪتاب مُرڪ پبليڪيشن شهداد ڪوٽ پاران 2014ع ۾ ڇپايو ويو، جنهن جو مرتب مرتضيٰ لغاري آهي. اسان ٿورائتا آهيون پياري مرتضيٰ لغاريءَ جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com


    پبلشر نوٽ: اندر جا احساس

    اندر جا احساس
    ”مرڪ پبليڪيشن“ پاران گڏيل شاعري جي پهرين شاندار ڪتاب
    ”برکا بوند بهار جي“ ڪاميابي، ۽ پذيرائي کان پوءِ هي ٻيو سورهن شاعرن جو ڪتاب ”نئون نئون مڌ آ“ اوهان پڙهندڙ دوستن جي هٿن تائين پهچائيندي خوشي ٿي رهي آهي. خوشي ان ڳالهه جي نه ٿي رهي آهي ته اسان ڪو ايڏو وڏو ڪارنامو انجام ڏنو آهي جيڪو ڪارنامو ٻيو ڪو به ماڻهو سرانجام نه ڏئي سگهندو، پر خوشي ان ڳالهه جي ٿي رهي آهي ته موجوده دور ۾ سنڌي شاعري جي ڪتابن ڇپجڻ جو سلسلو تمام تيزيءَ سان جاري آهي ۽ ان ۾ گڏيل شاعري واري ٽرينڊ تي به لا تعداد ڪتاب ايندا رهيا آهن، انهن سڀني گڏيل شاعري جي ڪتابن ۾ مرڪ پبليڪيشن پاران شايع ٿيل گڏيل شاعري جي ڪتاب” برکا بوند بهار جي “ الڳ ٿلڳ سڃاڻپ ماڻي ورتي آهي. جنهن جي نتيجي ۾ هڪڙو ٻيو گڏيل شاعري جو شاندار ڪتاب ”نئون نئون مڌ آ“ مڪمل ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ سينيئر توڙي جونيئر سورهن شاعرن جو ڪلام ترتيب ڏئي شامل ڪيو ويو آهي.
    هن ڪتاب کان پوءِ به ڪم جاري آهي جنهن ۾ سڀ کان اول گڏيل ڏهن ڪهاڻيڪارن جو ڪتاب هوندو جنهن ۾ سنڌ جي ناميارن ڏهن ڪهاڻيڪارن جون شاندار ڪهاڻيون سهيڙي شامل ڪيون ويون آهن هي ڪتاب به آخري مرحلي ۾ آهي تمام جلد شايع ٿي ويندو ،ان کان پوءِ گڏيل شاعرائن جو ڪتاب پڻ ترتيب هيٺ آهي، جنهن ۾ صرف عورت شاعرائن کي شامل ڪيو ويندو. اهڙي طرح سنڌي ٻوليءَ جي سڀني سينيئر توڙي جونيئر شاعرن ۽ شاعرائن کي شامل ٿيڻ جي دل سن دعوت پڻ ڏجي ٿي اوهان سڀني دوستن جو اهڙو ئي سهڪار جاري رهيو ته انشاءَالله ڪم اڃان به بهتر ٿي سگهي ٿو.
    سنڌ سلامت ساٿ سلامت

    مرتضى لغاري
    شهدادڪوٽ
    Cell: 0300-5182494
    0300-3429326


    مهاڳ: پراڻي مڌ جا نوان پياڪَ

    پراڻي مڌ جا نوان پياڪَ
    * مرتضيٰ لغاري ـــــ اُتر سنڌ جي شهر شهدادڪوٽ مان، سموري سنڌ سُون جي، وسيع ادبي منزل گاهه جو ”نئين آس“ جي ايڊيٽر طور، نـــيُـــنِ آسُـــن سان نئون منتظمين ٿي اُڀري رهيو آهي.
    هڪ ايڊيٽر، سموري ٽڙيل پکڙيل ۽ اُلجھيل شين (تخليقن) کي سنواري صاف ڪري، سَونتَ سان، اهڙي ڊزائين ۽ آرٽيفيشل انداز سان سجائيندو آهي جو نظرانداز ڪري ويندڙ نگاههَ به ڪي پل اچرج منجھان وات تي آڱريون ڏيئي، نهاري، اهڙي املهه خوبصورتيءَ تي دلي دادُ ڏيندي آهي. پر سنڌ جي ادبي ماحول ۾ چند ڪراڙن هَٻچي، نام نهاد ايڊيٽرن جي ڄامِــڙي ڪِــرت، نه رڳو ادب جو پر اديب جو به باطني ڪردار ايترو ته لوئي ڪمتر ۽ ڄُنڊاپَٽ جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي، جو نئون پڙهندڙ، نئون لکندڙ پيدا ٿيڻ ته پري جي ڳالهه مورئون پراڻي پاٺڪ/ليکڪ جو به ادبي ارواح ڪَسارو ڪري، اهڙي طرح ختم ڪري ڇڏيو آهي، جو ڪيرُ سرمائي جي پويان ڊوڙندڙ هِن سماج ۾ اديب ۽ شاعر طور، پنهنجي سڃاڻپ ڪرائيندي شرمنده پيو ٿيئي!
    اهڙي ابتــڙ ماحول ۾ ”نئين آس“ ميگزين ۽ ”مرڪ پبليڪيشن“ جو باني، هي يارڙو مرتضيٰ لغاري؛ هن ڪتاب ”نئون نئون مڌ آ“ جو مرتب، ۽ ان کان اڳ اهڙي ئي سلسلي جي پهرين شهڪار ڪڙي ”برکا بوند بهار“ سهيڙيندڙ، خوبرو جوان ۽ ڀلو ڪويسر، جنهن هِن بي ترتيب مواد ۽ ٽڙيل پکڙيل شخصيتن کي نئين ترتيب ڏيڻ جو جيڪو محاذ سنڀاليو آهي، اهڙو پيچيده ۽ صبرآزما مورچو محفوظ رکڻ، ڪنهن هلڪڙي/پاڻ هُرتڙي طبعيت رکندڙ سپهه سالار جو وسُ/وڙُ ناهي. ڇو جو سڀني طرفن ڌيانَ/گيانَ سان، راتو ڏينهن اوجاڳا کڻي، هڪ هڪ شاعرَ دوست جي مزاج پٽاندڙ ماحول جوڙڻ، هڪ ڏاهي ۽ بهادر دل رکندڙ قدر شناس انسانَ جو شيوو آهي. مرتضيٰ لغاريءَ ۾ به اهڙيون خوبيون نظر اچن پيون، جيڪو پنهنجي هڙان وڙان ڏيئي به ، جنهن اهڙي تخليقي ڪاروان کي سنڀارڻ جو ساهس ڌاريو آهي، شل ان روحاني رنگ کي، ڪنهنجي ڪوڙاڻ ڀري ڪاراڻِ نه لڳي!
    تڪڙي نظرَ ڌرجي ته شاعر دوستن جو گڏيل شاعراڻو پورهيو گڏ شايع ٿيڻ جو اشاعتي اتهاس بيحد مختصر ۽ سهيڙڻ لائق آهي. ان سڳنڌي سلسلي ۾ به انوکو ساءُ ۽ روشني آهي. هر شامل ٿيل ڪلاڪار جي تخيل جو الڳ رنگ، جدارو فن / فڪر ۽ هڪ ٻئي کان هِٽي ڪري، پنهنجي پنهنجي دائري ۾، پنهنجي لب و لهجي/ ٻوليءَ سان، پنهنجن اڇن/نيرن ۽ واڱڻائي/ڦڪن ڪلرن جھڙن خيالن سان، هر پڙهندڙ جي روح کي ڄڻ رنگي ڇڏين ٿا. اهڙا هوليءَ - رنگ ۽ انڊلٺ پيدا ڪرڻ، اهڙن گڏيل شاعريءَ جي ڪتابن جو اولين مقصد آهي.
    هي ڪتاب ”نئون نئون مڌ آ“ به گھڻو تڻو اهڙن رنگن جي آبشارن ۾ وهنجي رهيو آهي. هن ۾ سينيئر شاعرن سان ڪجهه جونيئر به شامل آهن. اُهي ائين آهن، جئين نديءَ ۾ بارش جو تازو پاڪ پاڻي ـــ اُها حسناڪي نئين ٽهيءَ جي نروار ٿيڻ ۾ به آهي، ته هڪ نئين ڪتاب جي جنم وٺڻ ۾ به آهي. هلندڙ قافلي ۾ نئون روح ڦوڪڻ جو عمل به آهي ته نئين محاذ تي نئين ڪمڪَ پهچڻ جو اتساهه ڏيندڙ پيغام به ــــ
    خبر ناهي ته هن باغيچي ”نئون نئون مڌ آ“ منجھان، ڪيرُ اڳتي هلي اڃان وڌيڪ سُرور ۽ سواد ڀريو سمان بخشيندو ۽ ڪيرُ ٿڪجي هارجي، اڌ تخليقي جنگ ۾ ئي ساٿ ڇڏي ويندو! پر پاڻ کي، هيءُ دوستَ، جنهن سراءِ تي مليا آهن، اُتي سڀني جي هڪ جيتري آجيان آهي الڳ الڳ ــــــــــــ ان ڪري، انهن تي پنهنجي گڏيل راءِ بدران فني ۽ فڪري نظر به الڳ الڳ ۽ اُنهن جي فن/فڪر جي اُڻت آڌار رهندي.
    هن مجموعي جو پهريون شاعرُ، سينيئر ليکاري دوستُ، ڊاڪٽر غلام نبي ”صابر“ سڌايو آهي. سائين ”صابر“ سڌايو جي بنيادي سڃاڻپ محققَ ۽ نقادَ واري رهي آهي. سموري سنڌ جي ادبي حلقن ۾ سندن تخليقي ڪتابن بدولت، کين ڀرپور دادُ ۽ قدرواري نگاهه سان ڏٺو/پڙهيو ٿو وڃي. پاڻ ايوارڊيافته ليکاري ۽ گھڻ پاسائي ادبي شهرتن جي حامل شخصيت آهن. ”صابر“ سڌايو جي سندس ٻين ادبي خدمتن جي وسعت سبب، شاعراڻي سڃاڻپ محدود هئي، جيڪا ”نئون نئون مڌ آ“ ذريعي، ٻيهر گفتگو هيٺ اچي، آسپاس جي وڏن وڻن ۾ واڪا وجھڻ لاءِ ڪافي آهي. ”صابر“ سڌايو نه صرف خوبصورت غزل سرجيا آهن پر ان کان به ٻه رتيون سرس سندس آزاد نظم آهن. جن ۾ بنهه الڳ ۽ گھٽ ڪتب آيل موضوع، پنهنجي اسٽائيل ۾ لکيا آهن، جن ۾ خاص ڪري سندس نظم ؛ ”سونهن هي ساڳي نه رهندي“ مون وانگر عام پڙهندڙ وقت جي عاشق کي به بيحد پسند ايندو.

    دل ۾ جيڪو پور آ،
    اچ ته ان کي مانُ ڏيون،
    تون سکي کي ساڻ کڻ،
    ميڙي سڀ ارمان کڻ،
    هي جوڀن ۽ جواني،
    ٿي ويندي ماضي ڪهاڻي،
    او سانورا او بانورا!
    هيءَ گهڙي موٽي نه ايندي،
    سونهن هي ساڳي نه رهندي.

    وقت جي وهڪري جو وڻندڙ قدرُ، زندگيءَ سان ڀريل پيغام ته”جوڀن ماڻِ“. سونهن جي فنائيت جو مرڪزُ، پيار سان ٽٻيل پيڙاتمڪ خوشي. لمحن جي قدرشناسيءَ ڏانهن ڌيان ڇڪائيندڙ اهڙا خوبرو تصور ٻين شاعرن به جام لکيا آهن پر صابر سڌايو ان ۾ کبڙن جي ٿڌڙي ڇانوَ ۾ پڪل پيرن ميڙڻ جھڙو پنهنجو الڳ آهنگ اوتيو آهي.
    سندس وائي ”او سنڌو! توسان منهنجو پيار“ پڻ پنهنجي ڌرتيءَ جي ازلي انس جو اظهار آهي ته ”ڪنهن کي ڪيان پرنام، هر صورت ۾ آهي رام“ جھڙا نظم ۾ سمايل خيال سنڌ جي صوفياڻي خمير جي نمائندگي ڪندي نظر اچن ٿا. ”ڌيري ڌيري آءُ“ نظم جيڪو، ڪافي نما رنگ ۾ رنگيل موسيقيت ۽ نظمي سٽاءُ ۾ آهي، تنهن ۾ پڻ پيار پالوٽ جو بهترين روايتي روح مسڪرائي پيو.
    ڪي مرده ٿي ويا رند هتي،
    ڪي رند نوان پياري وڃ.
    (صابر سڌايو)
    نوان ماڻهو، نوان جوش جذبا پيدا ڪرڻ واري پيغام جو اظهار آهي. ڌرتيءَ جي پاڪ دامن تي، ٻورين مان بي ڏوهه لاش ملن، ته گلشن شمشان ئي ته ڀاسبو. صابر سڌايو نه صرف اهڙين سچائين کي غزل جھڙي نازڪ صنف ۾ سموئي پيو پر ”سينگار کي ڪهڙي آهي سينگار جي ضرورت“ واري نظرئي تحت پڻ غزل جي عاشقاڻي سرزمين کي آباد ڪري پيو. اهڙي خوبي ئي کيس غزليه رنگ ۾ ممتاز رکي سگھي ٿي. وٽس بهترين استعارا آهن: ”چنڊُ ڪوماڻو“، ڳاڙها ڳل ٿيا اڄ ڪارا“، رُڃ ۾ راڙو“ ، وغيره.
    هڪ شام- اُداس،
    جڏهن تون ڏيئي جي لاٽ کي،
    پنهنجي زلفن جي پاڇولي ۾،
    اوجهل ڪري،
    هوا جي تيز جهوٽن کان بچائيندي،
    منهنجي من مندر کي اجالو ڪرڻ لئه،
    پنهنجي نرم نازڪ هٿن ۾،
    کڻي ايندين ...
    ¬¬
    هن آزاد نظم ۾ ٻوليءَ جي شيرين بياني انداز شاعراڻي عروج طرف روان دوان آهي. ان آزاد نظم جو هيٺيون ڪلائمڪس ٽڪرو ته ڪنهن شهڪار صوفياڻي ڪهاڻي جو خوبصورت پلاٽ آهي.

    ته اها ڏيئي جي لاٽ نه آ،
    پر اهو آئون آهيان،
    جو تنهنجي جدائي ۾ تڙپان ٿو.
    ڊاڪٽر ’’حاذق‘‘ جوڻيجو ـــ عربي/فارسيءَ جو پارکو، سنڌي فائنل جو استاد آهي. ڊاڪٽر ”حاذق“ جو هِن نئين ٽهيءَ جي سٿ ۾ سموئجڻ سڀاويڪ عمل آهي. ماضيءَ ۾ شايع ٿيل سندس چئن ڪتابن کان، ٿي سگھي ٿو ته گھڻي نئين ٽهي مڪمل واقفيت نه رکندي هجي، پر هن محدود صفحن تي پکڙيل سندس ڪلاسيڪل ڪلام جو رنگ/آهنگ هن ڪتاب جي پڙهندڙ جي حواسن وٽ ممڪن آهي ته تادير موجود رهي.

    اوهان تي جا آئي بهار- شباب،
    کُلي پيا توهان جي ڳلن جا گلاب.

    ڊاڪٽر ”حاذق“ ڪلاسيڪل غزل گو شاعرن جي پُربهار موضوعن ۽ روايتن جي پاسدارَ ماضيءَ جي مهڪيل محبتن جا مُکيه معاملا پنهنجي استاد شاعرن جي انداز بيانيه رنگ ۾ ڪندي، پنهنجي املهه دور جي ترجماني ڪندي ملي ٿو:

    • لعل لَب ڳاڙها گلابي يار ٿا موهي وجهن،
    • سيرت سٺي جي ناهي، سينگار ٿيو ته ڇا ٿيو.
    • اڄ زماني جي عجائب چال نياري ٿو ڏسان
    • ڪيم دانهون مان اُڀ ڦاڙي نه ٻڌو دلدار منهنجو سڏ
    • اڄ يار آ اسان کي هڪ هار جي ضرورت

    جھڙا غزل ان ڳالهه جي گواهي ڏين پيا ته حڪيم لقمان کوکر، نواز علي ”نياز، جعفريءَ جھڙن ڪهنه مشق شاعرن جو تسلسل ڊاڪٽر ”حاذق“ جوڻيجو جي شاعري سماج جي ابتڙ حالتن جي عڪاس، محبوب جي خند خيالن جي پورٽريٽ لفظن ۾ پينٽ ڪرڻ جو زمانو، روشن خيال اسلامي طرز ايمان ۾ يقين وڌائيندڙ جذبن جي چٽسالي آهي.
    ڊاڪٽر ”حاذق“ جوڻيجو وٽ نئين دور جي درد ۽ طرز عمل جو بيان به ايترو دل نشين ۽ دل سان لکيل آهي، جيترو اڳين تاريخ جي مامرن جو تذڪرو. اها ئي هڪ سچيت ڪوي جي ذميواري آهي ته هُو پنهنجي وقت جو اتهاس رقم ڪرڻ سان گڏ، اتهاس ۾ موجود املهه گڻن کي به ڳڻي ڳڻي سنڀاريندو اچي، جن گڻن جي ڪري عالم انسانيت جي نجات ٿيندي اچي ٿي.
    ڳلن تي زلف چميون ڏيندا رهيا،
    ويا مونکان وسري گناهه ۽ ثواب.

    هوا ۾ وکري ويا تنهنجا وارَ،
    اوهان جو ته مرڪڻ هو سهڻو سراب.

    • شيشي جي پالڪيءَ ۾ گلفام نام گهرجي
    • بس تجلو تاب تنهنجو، انت کان بي انت آ
    • سيرت سٺي جي ناهي، سينگار ٿيو ته ڇا ٿيو.

    ڊاڪٽر حاذق جوڻيجي جي شاعري ۾ اهڙيون ڪيتريون ئي معصوم سٽون ، پنهنجي اندر ۾ سادگيءَ سان بهترين پيغام رکن ٿيون.
    مسلسل غزلن جي پيرائي ۾ ڊاڪٽر حاذق جوڻيجو جا ڪيترائي خيال پنهنجي وقت کان جدا ۽ دلچسپ انداز ۾ لکيل آهن. جئين هيءُ خيال:

    عشق اول ٿو اچي ڪنهن خيال ۽ خمار سان،
    جاءِ دل ۾ ٿو ڄمائي ڪنهن وڏي ويچار سان.

    روايتي شاعريءَ ۾ عشق ته بنا ويچار/بنا پُڇي، روحَ/دل ۾ مَحل اڏيون وڃي، پر هي الڳ خيال آهي ته خيالَ ۽ خمارَ سان عشق اول دل ۾ جاءِ والاري پيو، سا به وڏي سوجهه ٻوجهه سان.
    اهڙن مختلف پاسن ڏانهن نهاري، مخالف خيالن جي پيشڪش ڪرڻ ڊاڪٽر حاذق جوڻيجو جي ٽهيءَ جو بهترين گڻ رهيو آهي. مذهبي شاعري ۽ قصيده گوئي پڻ جديد/قديم شاعريءَ جو اٽوٽ حصو رهي آهي ۽ رهندي. حاذق جوڻيجي به ان روايت کي پاڙيو آهي ته گڏوگڏ سماجي زندگيءَ کي طنز ذريعي سڌارڻ واري شاعراڻي گُر کي به ڪتب آندو آهي؛
    سڏ ۾ جو سڏ ”حاذق“ ٿو دل ساڻ ٻڌي، سو يار آ،
    بي فيض ’جوڻيجا‘ ڪو سردار ٿيو ته ڇا ٿيو.

    اهو سمورو مسلسل غزل طنزيه ۽ لاجواب دانهن آهي پر مقطع ۾ سنڌ جي چپي چپي تي نام نهاد گروپ بندي پيدا ڪري سنڌ جي وحدت کي ڇڙوڇڙ ڪندڙ بي فيض سرداري جي دعويٰ تي خوبصورت ٽوڪائتا جملا حاذق جوڻيجي جھڙو ڪو اعليٰ شاعر ئي لکي سگھي ٿو.
    ناشاد رشيد سنڌي ـــ نڪور شاعراڻي کيپ مان، پنهنجي جديد اسلوب ۽ نئين انداز جي تجربن ڪرڻ جي جستجو ۾ اهڙا غزل ۽ خيال سرجي رهيو آهي، جيڪي ضرور کيس اڳتي هلي نئين ٽهيءَ جي سرواڻي ڪرڻ جو خطاب ڏيئي سگھن ٿا. هن وٽ بهترين رديف ۽ گھٽ استعمال ڪيل قافين ۾ تخيل جي انوکي پڻي جي سموئڻ جي ڪوشش آهي، جيڪا ڪامياب به نظر اچي ٿي.
    ڏکڻ واءَ ٿي، چنڊُ ڪڪر مان ڪڍو،
    سمونڊن جيان سڪ لهر مان ڪڍو.
    واري غزل ۾ رديف ”مان ڪڍو“ جي سبب ازخود هڪ خوبصورتي پاڻ مرادو پلٽي آئي آهي. اهڙو ئي مڌ سندس ٻين اهڙن غزلن ۾ آهي.
    • حال نه ڄاڻي هيئنڙي جو ڪو
    • ڇڏ پکي پڃرو پَرن جو خير گھر
    • نه شڪوه ڪوئي قدرت کان
    • سوچ سرهو سفر، لوچ لهجو ته ٿيو

    قافيي جي آزادگيءَ سان، حرف جَر ۾ رديف کڻي، خيال جي وسعت/اڏام جي انتها ماڻجي ٿي. جيڪڏهن شاعر ۾ اونهي عميق ۾ دير تائين ساهي روڪي، هيرا موتي ميڙڻ جي مُشق ٿيل آهي ته هُو اهڙا ناياب گوهر پلئه ۾ ٻَڌي اچي سگھي ٿو، جيڪي ٻئي ڪنهن جي خواب ۾ به ڀُلجي نٿا اچي سگھن. هونءَ ته ساحل تي پيل ڪُوڏ/سڪا سهيڙي، خوش ٿيندڙ سَڌڙيا شاعر ته عام جام آهن! ليڪن ناشاد رشيد سنڌي وٽ چست رديف ۾ هلڪي سلڪي قافيي ۾ سمويل تخيل جديد سنڌي شاعريءَ جي جاري سفر جي نشاندهي ڪري رهيو آهي.
    مسلسل موت جي ويجهو،
    ڊُڪيو آهيان قيامت کان،

    سوچ سُرهو سفر لوچ لهجو ته ٿيو،
    عشق ارڏو سهي فِڪر ڦٿڪو ته ٿيو.

    تنهنجي گهر جي ڀِت کان بيهي،
    توکي ڏسان ٿو چانڊوڪيءَ ۾.

    خيال جي معصوميت ۽ ٻوليءَ جي سادگيءَ سان لکيل ناشاد جا غزل پڪي قافيي ۽ روي قافين ٻنهي ۾ ڪامياب آهن. سندس وايون ۽ گيت سان گڏ نظمَ به اهڙي ئي جديد رنگ ڍنگ سان سينگاريل آهن.
    هُــو ٿي مَن ۾ رهي،
    جي نه نڪري ته پو.!
    ڇا ڪجي ڇا ڪجي ؟
    ڇـــا ڪجي دوستو؟
    وائيءَ ۾ ٻٽي وراڻي جو ورجاءُ ان کي گيت طرف ٿڪي ڇڏي ٿو. هن گيت نما وائيءَ جي ان پد ۾ ’’هُــــو“ لفظ ۾ ڪيتري نه وسعت آهي! جيڪو لافاني لفظيات جي ڦهلاءَ ۾ ائين ڦهجلي وڃي ٿو ، جو سمورن دائرن جي قيد ۾ هوندي به آزاد نظر اچي ٿو، پر اها ڳالهه اڌ اکري چشمي پاتل نقادن کي ان ڪري نظر نٿي اچي جو اُهو رڳو زير زبر جي فرق ۾ غرق آهن!
    نه محشر جي سُڌ آ نه محشر ٿو آڻي،
    الله پيو ٿو ڄاڻي.
    هِـــي اُهي وڏا موضوع آهن، ناشاد جي شاعريءَ ۾، جن جي تفصيلي اوک ڊوک ايندڙ دور جا اُهي نقاد ڪندا، جيڪي شاعر جي هڪ سِٽَ ۾ سمايل ڊگھين ڪٿائن نما ديوانَ ۽ ناول ڦٿوڙي ڪڍندا.
    آ لقا عبرت ناڪ،
    آئيندي کي امن جي،
    پهرايو پوشاڪ.
    جھڙا سريلا سڏ/صدائون سنڌ جي صوفي مزاج شاعرن جو ئي وڙ آهي، جن ۾ ناشاد رشيد سنڌي به شامل آهي.

    اڪبر کرل (جنم : وفات: 29 نومبر 2013ع) اُنهن ڏاتارن منجھان هيو، جيڪي سِلي مان ڦُٽي وڻُ ٿيڻ ڏانهن سفر ڪندا آهن. شهدادڪوٽ شهر جي ادبي لَڏي ۾ سندس سڃاڻپ نوجوان شاعر طور اُسري ئي رهي هئي ته بي ميار موت کيس نوجوانيءَ ۾ ئي کنڀي ويو. هاڻ هُن جي تصوير تي ڪڏهن به ”ڪراڙپ“ نه ايندي. سنڌ جي سوين ڳڀروئن وانگر غربت سان ويڙهه وڙهندڙ اڪبر کرل جي گھڻي تڻي ڪويتا اُتساهه ۽ آئيندي جو اجرائپ جو آهينو آهي. سندس شاعري فڪري ۽ فني پختگي جي نشانبر رتبي تي آهي. هُو نئين ٽهيءَ کي پڙهندڙ/سمجھندڙ ۽ اُن تي ڳالهائيندڙ ذهن هيو. سندس ان دلچسپيءَ ئي سندس شاعريءَ ۾ پڻ صبح جو وهنتل نئين ڪنوار جي بدن جي سڳنڌ جھڙا نکار آندا. هُو ڪٿي اداسيءَ جي شام ۾ ويڙهجي، ميري قميص ۾ جذب ٿيندڙ ڳوڙهن جي ڪوساڻ بابت ڳالهائي ٿو ته ڪٿي صبح سمي شهدادڪوٽ جي ويڪرن رستن تي اسڪول ويندڙ معصوم ٻارن جي چهرن تي ٽڙيل مرڪ جو گواهه بڻجي ٿو.
    اڪبر کرل جي شاعري سندس شخصي سڀاءَ وانگي سادي ۽ نئين دور جي شاعراڻن تقاضائن تحت جاري پنڌ ۾ هم قدم هئي. ان شاعريءَ ۾ ايترو دم آهي ته اُها پڙهي/ڪڙهي ۽ ڀوڳنائن ۾ ڀُري ڀُري نيٺ پچي راس ٿيئي، نوان رُخ رواج ۽ ميار متعين ڪري.
    هي به جيون عجيب تر آهي،
    جو نه ڪٽجي اهو سفر آهي.

    هن کي ڪنهن آدميءَ جو سهارو نه آ،
    پوءِ ڀي پوڙهو لٺ تي گهمي ٿو پيو.

    خط ويجهڙ ۾ تنهنجو جڏهن آ مليو،
    سِٽ تنهنجي پڙهي آخري ٿو روئان.

    توکي چاهيوسي ڳايو آ شبير،
    هي غزل هر پهر روئاري ٿو.

    جھڙا کوڙ نوان خيال/حوالا اڪبر کرل جي شاعريءَ ۾ نفاست سان محسوس ڪرڻ جھڙا آهن.
    سندس غزل ۾ رديف جو رچاءُ ۽ نڀاءُ به ڌيان جون دريون کوليندڙ آهي: خاص ڪري ”هاڻ ممڪن نه آ“، ”توکي ڏسي“ يا ”ٿيون هوائون“/”اچانڪ“ ٻن الڳ الڳ فني حرفتن جا مثال آهن. ”ڪوئلي جھڙي آ منهنجي زندگي“ جو احوال لکندي لکندي، دردن جي درياءَ ۾ لڙهندي پار ٿيڻ بدران اچانڪ لڙهي ويندڙ اڪبر کرل جي شاعريءَ تي فوتگيءَ جو ڪو ڪتبو نٿو لڳائي سگھجي. وقت هُن جي خوشبوءِ کي تڪڙ ۾ فنا نٿو ڪري سگھي.

    بشير آچو (جنم 10 جون 1968ع) جو تعلق قنبر جي سگھاري ادبي حلقي سان آهي. وٽس ڏات جي ڏياٽيءَ جي رهنما روشنائي رڳو داخلي ئي ناهي بلڪه خارجي به آهي. هُو محبوبن جي ماڻن ۾ الجھي، مٽيءَ ۾ ڀڀوت ماروئڙن جي روح کي پهتل گھاون کان مُنهن ڦيرڻ جي ناداني نٿو ڪري ـــ جتي پوري ديس جي دل کي درد وڪوڙيل هجن، اُتي هڪ حساس شاعرَ جو قلمُ رڳو آڪاشي ستارن جي حُسن تائين محدود هجي ته اها ڪلاڪار جي هڪ اک سان نهاريل اڌوري نهار تصور ڪئي ويندي. بشير آچو، بنيادي طور هڪ سگھارو ڪهاڻيڪارُ آهي. سندس ڪيئي ڪهاڻيون مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ پيئي شايع ٿيون آهن. ”قنبر جا ڪهاڻيڪار“ سلسلي هيٺ شايع ٿيل ڪتاب ”کيرٿر تان اڏار“ (2005ع) ۾ پڻ سندس بهترين ڪهاڻيون شامل آهن. ان سان گڏ بشير آچو هڪ پختو نقاد پڻ آهي. ادبي پروگرامن ۾ سندس پيش ڪيل مقالن/مضمونن ۽ تاثرن سندس تيز ڏاهپ ۽ ڌيمي ٻوليءَ جي عڪسن کي نشانبر ڪيو آهي. بشير جون اِهي خاص خوبيون سندس شعري ڀاڱي تي حاوي آهن. بشير جي شاعريءَ جي اهم خصوصيت استعاراتي تشبيهن سان عام ڳالهه کي خاص بنائڻ آهي. هو تجنيس حرفي سان ٻوليءَ ۾ ائين حُسناڪي ڀرڻ جو ماهر آهي، جئين ڀرتُ ڀريندڙ ڇوڪريءَ وٽ رنگن ۽ آئينن جي ٽڪرن جي چونڊ ڪري، وڳي کي انوکي سٽاءُ ۾ سجائڻ جو گُر هوندو آهي. وٽس ڪيئي خوبصورت سٽون آهن، جيڪي سندس ٽهيءَ جي ڪنهن ڏاتوند وٽ هوند هجن!
    ستارن جان سهڻا، مهڪ موتئي جي،
    اکر فيئر بڪ تي نه ڪهڙا لکيائين.

    جت جنمن کان ڏيئو نه جليو،
    سا اجڙيل گھرَ جي جاري هان.

    ڪانبي ۾ هوءَ ڪئين نه وجھي ٿي پئي سرنهن ۽ ڄانڀي جا پنَ،
    سندس گذارو ساڳن تي، آ رات انڌيري ڇانئجي وئي.

    بشير آچو ٻوليءَ جي معجزاتي ڪرشمن جو گواهه به آهي ته پاڻ ئي ثبوت به آهي. وٽس تشبيهن ۽ استعارن جو اهو شاعراڻو خزانو آهي، جيڪو توڻي جو ٿورو ئي آهي پر آهي بشير آچي جي ملڪيت. کينچل جا ڪرڻا، لبڙن تي شبنم جا سجدا، ڌنڌ جي تهن مان جرڪيل نقش، حالتن جا وحشي حاڪم، آزار جي فهرست، بي چئي ننڊ جي آغوش، وغيره جھڙا لاجواب ۽ نوان شاعراڻا جز، خدا جي طرفان هڪ ڏاهي ڏاتوند لاءِ خدائي تحفو هوندا آهن.
    جُون جي گرمي ۽ نٽهڻ اُس ۾،
    ڪو ته ٻچڙن لئه پُسيو پيو پگھر ۾!

    جو قرضن مرضن ۾ ڦاٿل،
    سو جيل نجيءَ جو هاري هان.

    جا پيسن تي آ پيءُ ڏني،
    سا نياڻي قسمت ماري هان.

    جھڙا تصور سندس خارجي ڪرب کي نمايان ڪن ٿا. ماڳن تي ڇانيل رات انڌيري ۾ هُن اميدن جا ڏيئا ٻارڻ به نه وساريا آهن، ته المين جي شهر ۾ ڏکن کي گھوٽي دوا وانگي پيئڻ جو سڏ به ڏنو آهي. ڪنهن جي مُک تي مرڪ جا موتي رکڻ واري ارادي اٽل ۽ بلند حوصلي واري شاعريءَ جو مالڪ بشير آچو مست ويرن جي ور چڙهڻ کان بچي ويل ٻيڙيءَ تي مسڪرائيندڙ نائکو آهي، وٽس ڏات به آهي ته ڏات کي جلا بخشيندڙ زندگيءَ به آهي.

    شيخ فرازي ـــ نئين شاعراڻي کيپ ۾ پنهنجي دلي لگن ۽ جستجوءَ سان اڳتي وڌي ايندڙ نوجوانن ۾ مثاليه نانءُ آهي. سندس هڪ شعري مجموعي ”سمنڊُ تري آيا“ (2008ع) کي ساهت کيتر ۾ پنهنجي ادبي مڃتا ۽ حيثيت ماڻيل آهي. سندس غزل جي بهترين فني خوبي جديد رديف ۽ ان جو فڪري رچاءُ آهي. جيڪو هُو پنهنجي ٽهيءَ جي ڪيترن شاعرن کان وڌيڪ سگھاري ريت ڪتب آڻي پيو.
    • اوهان جي پار جا سپنا.
    • ڪا رات گلابن جهڙي آ.
    • وڃي رت پئي روئندي اُٺن جي پٺيان.
    • روز وڌن ٿا پار ڏکن جا.
    • پاڻ پنهنجي خوشي لئه ٽانڊا.
    • ادائن جو اظهار سمجهي نه ٿو.
    • تو پٺيائون راهه ۾ گم ٿي وئي.

    شيخ فرازيءَ جا نشانبر رديف وارا غزل ۽ بغير رديف وارا قافيي تي ئي آڌاريل غزل سندس فني عظمت جي گواهي آهن. جيڪا هُو پاڻ به پنهنجي شعر ۾ خودڪلامي تحت پيش ڪري ٿو:

    مون کي ڀي آسمان آ پنهنجو،
    شاعراڻو جھان آ پنهنجو.

    شيخ فرازيءَ جي دعويٰ ۾ ان ڪري به دم آهي جو ”ڪا رات گلابن جھڙي آ“ جھڙا ٻه طرفا اولاڻن وارا فني غزل به ٻين وانگر وٽس آهن.

    ”فرازي“ حسن جي اکين جو قسم،
    سڙي وئي خوشي فاصلن جي پٺيان.

    تون ئي ڪافي آهين ”فرازي“ هتي،
    ٿيو ڇا جي سنسار سمجهي نه ٿو.

    جھڙا ڪيترا ئي ڪوٽ ڪري رکڻ جھڙا شعر شيخ فرازيءَ جي شاعراڻي جھان ۾ موجود آهن. هڪ شاعراڻيءَ روح جو ته سونهن آڏو ڪجهه هجڻ به نه هجڻ برابر آهي، بقول شيخ فرازيءَ جي: ”سونهن آڏو ڪجهه به ناهيان، دوستو!“ پوءِ به شاعريءَ جي روپ ۾ پيار جا محل ٺاهي دوستن کي نويدَ موڪلي پيو:

    سونهن جي پاسي وٺي جيڪا نه وئي،
    سا ”فرازي“ آهي ڪهڙي شاعري.!
    شيخ فرازيءَ وٽ شام جي احساس جھڙي شاعري آهي، هو جيڪا رياضت ڪري رهيو آهي، تهڙي ئي شاعري سرجي رهي اٿس.
    جنهن نموني جي رياضت آ ڪندو،
    سو ڪوي لکندو آ تهڙي شاعري.

    ’’وفا‘‘ ٻرڙو ــ ’وفا‘ نالي/تخلص وارا سنڌي شاعريءَ ۾ آڱرين کان به وڌيڪ آهن، پر جيڪي ”وفا“ ڪن، اِهي آڱرين کان به گھٽ. وفا ٻرڙو به ادب جي آبياري سان مسلسل وفا ڪندڙُ، زندگيءَ جي ٻين وهنوارن ۾ هٿيڪي هئڻ باوجود به ننڍي بحر ۾ پنهنجا سهڻا خيالات غزل جي رنگ ۾ پنهنجي ناسي/اڇي ڊائريءَ ۾ اتارڻ واري ڪِرت کي وساري نٿو. هُو لکي ٿو ۽ پنهنجي شاعراڻي مشق کي معتبري جي مٿانهين مستند تي وٺي وڃي ٿو.
    تهمتن جو کلي پيو اتهاس،
    درد جو انتساب ڀوڳيان ٿو.

    سدا هٿ زخمي ڪري هن جهان ۾،
    ”وفا“ دل جا شيشا، کڻون ڪيستائين.

    نيڻن کي اوجاڳا ٿي پيا،
    لُڙڪ اکين جا واڪا ٿي پيا.

    جھڙا رنگ برنگي رومال وفا جي شاعريءَ جي ڪلهي تي پيل ملندا.
    ڪا به من موهيندڙ موسيقي محبوبيت جي گم ٿيل/ڌنڌلايل عڪسن کي ورائي ذهن ۽ دل جي مڪان ۾ رقصان ڪري ويندي آهي. جو يادگيرين ۾ ساهه پئجي وڃي ۽ وفا ٻرڙو وانگر اچانڪ اعتراف ڪري ويهجي ته:
    جيئن جو گيت چپن ڪو ڳايو،
    تنهنجو چهرو اڳيان آيو.

    وفا وٽ به ننڍي بحر ۾ وڏي ڳالهه سموئڻ جو هنر آهي. ”نيڻن جو پنڌ پرينءَ ڏي“ جهڙا ڊگھا رديف سو به مختصر وزن جي ميدان ۾ فڪري خشڪ ساليءَ جو سبب بڻجن ٿا پر وفا جھڙو ڪهنه مشق سينيئر شاعرُ ”رات جڏهن هوءَ آئي، چانڊوڪي شرمائي“ جھڙا خوبصورت غزل لکي، لاجواب ڪري ڇڏي ٿو.
    سنڌو لهرون ٿي ويو،
    گونجي شاهه جي وائي.

    لطيف ۽ سنڌوءَ جوسٻنڌي موضوع به سنڌي جديد شاعريءَ لاءِ سڳنڌي رهيو آهي. ٻين ڪيترن ئي ڪويسرن پڻ ان کي ڇهيو آهي پر وفا جو انداز سادو ۽ بيان جي گھرائيءَ واري گڻ ان شعر کي ان غزل جو شاهه بند ڪري ڇڏيو آهي.
    اشفاق چانڊيو ــــ (جنم؛ 1 آگسٽ 1988ع) به راشد بروهي، علي صفدر، ايس سرمد، شاهنواز کوسو، عبدالرزاق ڪلهوڙي واري قنبر جي ادبي شاعراڻي ٽهيءَ مان پنهنجي نمايان ادبي جاکوڙ؛ ٻن شعري مجموعن ”نمائش اسان جي“ (2013ع) ، ”شفق رنگن جي مينهوڳي“ (2014) ذريعي اُڀري ۽ اُسري آيو آهي. سندس شعري مجموعن ۾ سندس مخلتف شعري صنفن تي طبع آزمائي ٿيل پرکجي پئي، جيڪا سندس شعر ڏانهن وسيع اُنسيت کي پڌاري پئي. سرمد چانڊئي جھڙي پارکو نقاد، اشفاق لاءِ لکيو آهي ته:

    (ص: 16 نمائش اسان جي)

    اُتي عوامي مقبوليت جي نڪور پدن کي ڇُهندڙ ”ع.غ. تبسم“ به کيس هنن لفظن ذريعي اُتساهيو آهي.

    (ص: 16 نمائش اسان جي)
    اِهي سڀُ لقاءَ اشفاق جي ادبي اُڇل/اڏام کي وائکو وائرين ٿا. هُو نه صرف نواڻ جي ڀنڀوري طرف نگاهه رکندڙ، بلڪ ڊوڙي کيس حاصل ڪندڙ ٻارَ مثل آهي، جنهن وٽ پنهنجي خوشبو ۽ پنهنجا رنگين احساسَ آهن.

    - پِپِر جي پنن جيئن ڇڻي زندگي ٿي،
    - سرنهن جي ڪڻن جان ڳڻي زندگي ٿي.

    ساڀيان جي پچر پو ڀليجان ڪيو،
    خواب کي پهريان پسو يارو.

    اڙي عيسى، اڙي گوتم، خبر ڏي ڪا خدا ڪارڻ،
    عمر ساري حياتيءَ جو زهر ڇا پيئڻو پوندو.

    ڏس بڻي خوراڪ آ دونهون، مٽي،
    روڊُ رستو آهي پنهنجو بسترو،

    اشفاق جي موضوعن ۾ وسعت آهي. سندس بيان چٽو ۽ موقف صاف شفاف آهي. هُو نج عوامي ۽ ادبي حوالن کي داخلي ۽ خارجي رنگن جي ميلاپ سان، عام فهم ٻوليءَ ۾ اهڙي ريت اُتاري پيو جو سادي کان سادو ماڻهو به سمجھي سگھي ته ادب ۽ عالمَ کان آشنا انسانُ به لطفُ ۽ سُرور سان گڏ اصلاح پرائي.
    ٻار کي مان ٻارُ ٿو ڪڇ ۾ ڏسان،
    سئو مڻن جو بارُ ٿو ڪڇ ۾ ڏسان.

    وارو اشفاق چانڊيو جو مسلسل غزل، ننڍي لاڪون جي شادي ڪرڻ واري غير انساني فعل تي طنز جو شهڪار تخيل آهي. گڏين سان کيڏڻ جي وهيءَ ۾ ٻارَ ڄڻائڻ، انسان تي قهري وارَ مثل عمل جي بهترين نندا ڪيل آهي.
    ٻه ٽي لُڙڪ اکڙين مان برسي پيا ها،
    توسان وين وارو سفر ياد آيو.

    ”ياد آيو“ جھڙي بار بار استعمال ٿيل رديف ۾ نئين خيال پروئڻ جي اشفاق جي اها ڪوشش به پراڻي اڌ ڀڳل پيالي ۾ نت نئون مڌ اوتي ڏوگھڻ برابر عمل آهي.
    ڪتابن کي هاڻي پڙهي ڪير ٿو،
    دريا جي ڪُنن ۾ گھڙي ڪير ٿو.

    اشفاق مٿئين هڪ شعر ۾ لاجواب تشبيهه سان پنهنجي نئين دور جي جھالت جو سبب بيان ڪيو آهي. ڪتابن پڙهڻ کان پري ٽهندڙ نسل کي دريا جي ڪُنن ۾ گھڙڻ جو سڀاويڪ سڏ به ڏنو آهي ته ڪتابن ۾ موجود علمَ جي گھرائيءَ جو اعتراف به دريائي ڪُنن سان ڀيٽي ڪيوآهي.
    اشفاق چانڊيو جي نظمن ۾ به سهڻي سگھڙائپ سان گڏ، موضوع جي چونڊَ ۽ نڀاءُ دادُ لائق آهي.

    ضمير ”حيدر“ چانڊيو، قنبر جي ادبي سنگت جي سکيا ــ گھرَ جو حصو رهيو آهي. هُو به ٻين ڳڀرو ڪويسرن وانگر پنهنجي ڪچي پڪي شعر جي نوڪ پلڪ سنواريندي سينگاريندي، وقت جي وهڪ ۾ وهي اڳتي وڌي آيو آهي. دريا خان چانڊيو ڳوٺ جي فطرتي سٽاءَ ۾ سرها ساهه کڻندڙ ضمير حيدر فني ۽ فڪري لحاظ کان پاڻ وڻائتو ۽ رس ڀري ٻوليءَ جي چٽائيءَ سبب، پورو ڌيان ڇڪائيندڙ شاعرُ آهي.
    توسان جو اڄ ڀاڪر پاتم،
    سنڌوءَ مان ڄڻ وهنجي نڪتم.

    جيون اُس جي وَر چڙهي ويو،
    پاڇا ڪُل پاسيرا آهـــن.

    ڀورو بخمل بدن ۽ ٻيو ليڙون لٽا،
    پيو ڪفن کان سوا لاش لڙهندو اچي.

    ضمير حيدر جي شاعري ننڍي وڏي بحر ۾ رچيل هڪ جيترو ترنم رکندڙ آهي. هُن توڻي جو ٻين صنفن تي به طبع آزمائي ڪئي آهي پر هُو به ٻين گھڻن شاعر ساٿين وانگر غزل کي ئي پسند ڪندي، غزل ۾ ئي پنهنجن احساسن جي ڀرپور پالوٽ ڪرڻ ڄاڻي ٿو.
    سڀ ڪچا ۽ پڪا ويا مٽي ٿي مٽي،
    وقت ويري ٿو جوڙن کي ڇنندو اچي.

    ضمير حيدر، توڻي جو اندر جي آههَ سان گڏ، ديس ۽ قوم جي تذڪري ڪرڻ کي به وساري نٿو پر سندس موضوعن تي پيار جي عوامي جذبات نگاريءَ جي حقيقت وڌيڪ حاوي آهي. هو پيار کي اولين ترجيع ڏئي پيو.
    نينهن اوهان جي ناچو بڻايو،
    ڳليءَ ڳليءَ ۾ تولئه ڳاتم.

    چاههُ تنهنجي ست رنگي چوليءَ جيان،
    چاهَه اهڙي ۾ رنگي ڪيئي ڇڏيئه.

    ضمير حيدر اڳيان جديد شاعريءَ جو گھڻ پاسائون جھانُ ڦهليل پيو آهي. هُو ان سان سفر ڪندڙ هڪ ڏاهو ڏاتوند آهي، زندگيءَ جي شام کان پهريان، خالي گودڙي کڻي واپس ورڻ بدران ضمير حيدر، ضرور ان شاعريءَ جي جھول ۾ نوان ڪوهه نورَ ميڙي انوکي مالوند جوهري جو خطاب ماڻيندو.

    علي رضا ـــ به لاڙڪاڻي جي اتهاسي مٽيءَ مان نسريل نئين ادبي لڏي ۾ خوبصورت اضافو آهي. هُن وٽ زندگيءَ جي پراڻي ڪمپيوٽر تي نئين پروگرامنگ انسٽال ڪرڻ جو گُر ۽ هنر آهي، جيڪو سندس الهڙ وهيءَ جي بي ڪنار جذبن جي ڀرپور عڪاسي ڪري پيو.
    تنهنجيون اکيون منهنجي مٿان
    ڀؤنرن وانگر ڀيرا ٿيون ڏين
    ڇا انهن کي خبر نه آهي
    ته مان مرجهائجي ويو آهيان.

    هن گڏيل مجموعي ۾ بشير آچي جي ڪجهه نثري نظمن کان پوءِ، علي رضا جا سمورا خيال شاعراڻي نثر/نثري نظم جي فارميٽ ۾ پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪائين پيا. شاعراڻو نثر يا نثري نظم ۾ مختصر ترين لفظن ۾ دل جي وسيع خيالي دريا/سمنڊ سموئڻ ڪمال ڪاريگري جي انتها آهي. اُهو پدُ ڪيترا نام نهاد وڏا ادبي نالا به ڇهي نه سگھيا ۽ ”ٿي نه سگھيس شاعرُ“ چئي، ”هوا جي سامهون“ ڏات ڏيئا وسائي ويٺا پر علي رضا جي مسلسل محنت ۽ نثري نظم جي شارٽ فارميٽ جي ڄاڻَ، کيس گھڻو اڳتي وٺي وڃي، اهڙن شاهڪار نثري نظمن جو وڏو تخليقڪار مڃائي سگھي ٿي، جن نثري ٽڪرن/نظمن کي وقت جي ڪا به اڏوهي نه لڳندي آهي ۽ اُهي خليل جبران جي خوابن وانگر سدا ريشمي اکين جي تَڪينِ هيٺان ملندا رهندا آهن.
    تو چيو هو
    ’موٽي ايندس‘.
    مان رستن سان
    ٽاريون رکائي ڇڏيون
    هاڻي انهن کي ماڻهو
    ’’سمبارا ‘‘ ٿا سمجهن
    ڪنهن چيو هو
    مان موهن جي دڙي جي مٽي آهيان.
    -
    پنهنجي زندگيءَ جو بوڪ،
    پڙهي، پڙهي
    ٿڪجي پيو آهيان.
    ڪو نئون نظم
    ٻڌاءِ ته
    مٺڙي ننڊ ڪري وٺان.

    بنا هيڊنگ جي ٽڙيل پکڙيل خوشبوءَ جھڙن خيالن سان رچيل انهن ننڍڙن نثري نظمن ۾، دل جي چئي جي آڱر پڪڙي، جن رنگين لفظن جي بارش ڪئي وئي آهي، انهن ۾ معصوميت ۽ پيارُ ئي پنهان آهي. جيڪو علي رضا جي وهيءَ ۾ هلندڙ پيرن جو خواب به هوندو آهي ته ساڀيان ڀي ـــ
    دنيا جي تاريخ جا
    اربين صفحا
    توتي لکيل آهن
    ڇو ته تون
    دنيا
    تاريخ
    انسان
    ۽ محبت جو
    مخالف رهيو آهين.\
    **
    ۽ علي رضا به خوبي ڄاڻي ٿو ته جيترو حق جو هوڪو تيز هوندو آهي، اوترو ناحق به اُلري اُلري اُڀو ٿيندو آهي ۽ تاريخ جي حرامي عورتَ، ٻنهي کي هڪ ڪَري پناهه ڏيندي قطعي شرمنده ناهي ٿيندي.
    علي رضا کي تاريخ جي صفحن تي، پنهنجو ذڪر اربين لفظن ۾ آڻائڻو آهي. روايتي ۽ ڌاريي ڪَسي خيال کان بچي، هُن وٽ به گھڻ طرفن موضوعن ۾ ٻوليءَ جي بهارَ سان، نوان جھانَ تخليق ڪرڻ جي سگھه آهي.

    استاد پيرل قنبر جي شعري پوک مان اُسريل عبدالله شاهه ”اطهر“ جي سريلن شاگردن مان هڪ خيرل سيلرو به پنهنجي فن ۽ فڪر ۾ پنهنجي استادن جي رنگن ۾ ٽٻٽار آهي. وٽس نهايت سرل ٻوليءَ ۾ مقصد جو بيان ڪرڻ جو ڏانءُ پڌري پٽ آهي، جيڪو دل ۾ بنا ڪنهن رنڊَ راهه جي لهي، پنهنجا رسيلا رستا ڳولي وٺي ٿو.
    گذري ويل صدي جا، تازا زخم رکيا هن،
    هن نئين صدي اچي اُت، پنهنجا قدم رکيا هن.

    گذريل صديون پنهنجا سمورا زخم ۽ حادثا ميڙي، نئين ايندڙ صديءَ جي آجيان ۾ رکڻ جي روايت پاڙينديون اچن ٿيون. هيءَ صدي به پنهنجي پورين چڱائين/براين سان ايندڙ صديءَ حوالي ٿيندي. ضرورت ان ۾ پنهنجي حصي جي ڪيل چڱاين جي اڪيرڻ جي آهي. خيرل سيلري جي غزل جا مطلع نهايت سگھارا ۽ پنهنجي روح ۾ مڪمل ڪائنات پسائين پيا.
    روز راهون تڪي جهري پئي آ،
    تنهنجي يادن سان دل ڀري پئي آ.

    ڪنهن جو جلوو ٿي زلزلو آيو،
    منهنجي جذبن ۾ ولولو آيو.

    خاموش زندگي آ خاموش هر خوشي آ،
    تنهنجي وئي کان پو ٿي بي نور هر گهڙي آ.

    ان جو مثال آهن. سندس غزل ”ڪنهنجو جلوو ٿي زلزلو آيو“ ته سمورو شهڪار ۽ ڪوٽ ڪرڻ جھڙو آهي. سندس گيتن جي ٻولي توڻي جو شاعراڻي گھٽ آهي پر مونجھاري کان هٽيل پنهنجي پيغام ۽ آسان موسيقيت سبب زبان تي ترڪندڙ لفاظي جو نمونو آهن.
    ڏينهن ۾ ڏهه دفعا هئين ڏسندو،
    بند هاڻي اها دري پئي آ.

    اَن دريءَ جي بند ٿيڻ جو منظرُ ته خيرل سيلري پنهنجي لفظن ۾ پينٽ ڪيو آهي پر ان دريءَ جي بند ٿيڻ جا سبب ڳوليندي، نيڻن ۾ ڪوسن آبشارن کي ميڙڻ جو ساهسُ ناهي ڌاريو. هر ماڻهوءَ کي پنهنجي شهر/ڳوٺ جي قصيده گوئيءَ جو حق آهي. ”شهدادڪوٽ پيارن ماڻهن جو آستانو“ وارو خيرل سيلرو جو گيتُ به اهڙي ئي سلسلي جي ڪڙي آهي، پر شاعرُ جيڪڏهن واقعي شاعرُ آهي ته اهو لطيفي پڙاڏي جو ئي سڏ آهي، جنهن ۾ ”عالمَ سڀُ آبادَ“ ڪرڻ جو عالمي وڙُ آهي. محدوديت ڪنهن به وڏي شاعرُ جو ادراڪ ناهي.
    جو وفادار ٿئي يار اهڙو ڪبو،
    هن صدي ۾ وري پيار اهڙو ڪبو.

    سندس خوبصورت ۽ معصوميت سان ڀريل پيارو گيتُ آهي. يا سندس ٻئي گيت ۾ ”تتي عشق تي سونهن وڄَ جيان وسائي“ واري تشبيهه به مانُ لهڻي. هن وٽ موضوعن جي ڳولا وارو هنر آهي، جيڪڏهن هُن پنهنجي ذهن جي ڪپاٽن کي اڃان کولي مطالعي ۽ مشاهدي آڌار وک سوري ته ضرور گھڻن شاعرن کان اڳتي سفر ڪرڻ جو مادو رکي ٿو.

    ماريه ڪنول ــ سنڌي عورتزاد شاعراڻي حصو جو نئون آواز، جيڪو ”فيس بڪ“ بدولت ئي سنڌي ادب ۾ نمايان ٿيڻ بعد، هِن ساهتي سلسلي سان جُڙي پنهنجا معصوم جذبا ۽ مينهن ۾ ڌوپجي پيل گُلن جھڙا احساس پڙهندڙن سان شايد پهريون ڀيرو شيئر ڪري رهي آهي. ”نئون نئون مڌ آ“ ۾ ماريه ڪنول واحد عورت شاعره آهي، جنهن وٽ موضوعن ۽ بيان جو انداز پنهنجو ۽ جديد ادب ٽهيءَ جي هم پلئه ٿيڻ جوڳو آهي.
    جو پيار بنا هوندو،
    سو وقت قضا هوندو.

    تو خريدي ڇڏيو مون کي پيار ۾،
    واپار کان تون ڌار ناهين او پرين.

    غزل جھڙي عروضي صنف ۾ ماريه ڪنول جون فني ڪوتاهيون توڻي جو نمايان آهن پر سندس خيال جي خوشبوءَ ۽ ٻوليءَ جي جلترنگ جو جلوو کيسُ دادُ بخشڻ تي اتساهي پيو. ان جي بنست سندس آزاد نظم ۽ نظم پنهنجي فني سانچي ۾ ايترا ڀرپور آهن جو بنا شڪ جي جديد آزادشاعريءَ ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهين ٿا. ”پيارُ آ، ڄارُ آ“ ماريه ڪنول جو سگھارو آزاد نظم آهي، ڪچي ذهن جي عورتزاد جي دکدائڪ ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ پيار جي انڌ کي وائکو ڪندي، ڪجهه هوش ڀري نگاهه وجھڻ جو دعوت نامو آهي.
    پيار ۾ سا ڳهيلي هئي،
    نيٺ وئي آ کُلي،
    هن جي نڪ ڦلي،
    آهي جهٽجي وئي،
    راهه ويندي اها نٿ لٽجي وئي،
    راه مٽجي وئي،
    پيار آ ڄار آ.

    سندس ٻيو آزاد نظم ”پيارُ“ به اهڙي ئي الميي جو تسلسل آهي، جنهن ۾ خوبصورت لفظن جي پالوٽ نهايت وڻندڙ ۽ شعري ذوق کي پڻ تسڪين ڏيندڙ آهي.
    منهنجي دل جي صحرا ۾،
    تنهنجي پيار جو ڪو مذهب ته ڪو نه هيو..
    پر تنهنجي اچڻ کان پوءِ،
    مون تنهنجي پيار جو ذڪر،
    هڪ عبادت وانگر..!
    بناوضو جي ڪڏهن به ناهي ڪيو.

    ان نظم جو ڪلائمڪس شاندار آهي، ڄڻ ڪنهن رنگين فلم جي بليڪ اينڊ وائيٽ پڄاڻي، ڪنهن ڏکاري گيت سان ٿيئي هجي.
    هاڻ تنهنجو پيار منهنجي زندگيءَ ۾،
    سري گهاٽ جي انهن درين جيان،
    بي رنگ آهي،
    جتي روح پرواز ڪري ويندو آهي.
    ۽ جسم جلندو آهي.

    ”سري گهاٽ جي درين جيان بي رنگ“ واري تشبيهه ته جديد سنڌي شاعريءَ جي پلئه ۾ ٻَڌي جھومڻ جھڙي آهي.
    فقيري رنگ ۾ رڱجي.
    اميري نيٺ وسري وئي.

    وڏي هئي هوڏ مايا تي،
    لڏي سين لوڏ مايا تي.
    مئي جا ڪوڏ مايا تي،
    اسيري نيٺ وسري وئي.

    ماريه ڪنول جو مٿيون نظم صوفي سنڌ جي فقيري رنگ ۾ رنڱجي حقيقي رنگ/سنگ جو دنگُ ڳولي لهڻ برابر آهي. ساميءَ کان شيخ اياز تائين ”مايا“ کي ڳائيندڙ ڪيترا ئي آيا ويا آهن پر ماريه ڪنول جو لهجو به پنهنجي معصوميت سبب وڻندڙ آهي. ماريه ڪنول وٽ اندر مان اُڀري ايندڙ احساسن ۽ گھڻ طرفي موضوعن کي ڪاغذن تي سموئڻ جو ساهس آهي. کيس انهن ئي تخليقي صنفن جو انتخاب جاري رکڻ گھرجي، جن ۾ سندس آواز چٽو ۽ فني فريم ۾ پڻ جائتو محسوس ٿيئي ٿو.

    ايم يونس جمالي؛ شهدادڪوٽ جي نئين ادبي لڏي جو حصو، پنهنجي شاعراڻي اڏام جي اڃان وڌيڪ پختگيءَ ڏانهن سفر ۾ روان دوان آهي. لڳي ٿو ته سندس پالنا بنهه سادن ۽ معصوم روحن هٿان ٿيئي آهي، تڏهن ته هن جي تصوراتي دنيا شاعريءَ ۾ به اِهي گڻ اتم انداز ۾ اظهاريل آهن.
    ٻي دنيا مون کان کسي ڇڏجو ڀلي،
    بس پرين جو پار مون لئه ڪافي آ.

    سمنڊ جيڏي سورن ڪيو ساهه ساڻو،
    ٻڏان ۽ تران ٿو ڪنارو کپي ٿو.

    پنهنجا راز ته پاڻ ٿو ڄاڻي،
    ماڻهن ۾ وڏا ڍنگ ڏٺاسين.

    رنگيءَ جا رنگَ ايم يونس جماليءَ نه صرف ڏٺا آهن پر لفظن جي صورتگريءَ سان پنهنجي پڙهندڙ کي ڏيکارڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿو.

    مان مسجد ۽ مندر وڃان ڪو نه ٿو،
    قلب جي ڪعبي مان نڪران ڪو نه ٿو.

    پائي جيءَ ۾ جهاتيون ٿو سجدا ڪيان،
    تڏهن ڪاٿي سجدا ڪيان ڪونه ٿو.

    ڏسي ۽ پسي ٿو جوڙيو جنهن جهان،
    اکيون بند ڪري مان ڏسان ڪونه ٿو.

    ڀٽائيءَ جي ڀونءِ تي “سچل“ جي هاڪ/ساک ڏيڻ ڪنهن ڪم عقل لاهوتيءَ جي رڳو خالي رڙين ۾ ناهي پر جنهن جھانَ کي، جنهن ڏسي، پرکي ۽ پروڙي پوءِ ٺاهيو آهي، ان کي بند اکين سان ڏسڻ بدران اندر جي پليتائي پري ڪري عملي سُکَ جو سلامي ٿيڻ ئي اصل ڪاميابي آهي

    نادر دايو ــ به شهدادڪوٽيءَ مٽيءَ سان لاڳاپيل ادبي کيتر جو تازو گُل آهي. نادر دايو جي آسپاس جھڙو فطرتي ماحول آهي، اهڙو ئي رنگُ سندس شعر ۾ آهي. هُو ٻوليءَ جي مونجھاري کان پاڪ، ٻار جي معصوميت رکندڙ لهجي ۾، اندر جي آسمان تي کڙيل سوچ جي ستارن ڏانهن آڱرُ کڻي جيڪو ڪجهه ڳالهائي ٿو، اُها شاعري بڻجي پئي ٿي.
    هونئن ته جيون سڄو تَٰتي ڌرتي،
    تنهنجي سامهون هي پل بهاري آ.

    ڪو نه اونچو مَقام آ ڪنهن جو،
    هر بشر کي مُقام ساري ٿو.

    وفائن جي بدلي جفا ٿي ملي،
    عجب عشق ۾ هي سزا ٿي ملي

    ”مَقام“ ۽ ”مُقام“ ۾ رڳو زير ۽ پيش جو فرق آهي. بشر کي خدا ڪيتري نه ڏاهپ جي مڻيا عطا ڪئي آهي، مگر اُهو ان فرق کي سمجھڻ ۾ اڌ صدي جيتري عمر لڳائي ڇڏي ٿو، اهڙي انسان جي سمجهه جا سنسار سُلجھائڻ لاءِ ئي خدا شاعرن ذريعي به پنهنجو پيغام پهچائي ٿو، جئين نادر دايي جي قلم مان اهو الهامي سنديسُ اُڀري آيو آهي.
    نادر دايو جي تخليق رڳو ”وفا“ ۽ جفا“ جي ناٽڪن ۾ الجھيل ناهي پر هن وٽ ٻيا به موضوع آهن، جيڪي بقول هن جي:
    جي کولي وار هي ڪارا، وري محفل ۾ تون ايندين،
    نوان ٻيهر غزل لکبا، مگر آهستي آهستي.

    نادر دايو ٻيهر نوان غزل لکڻ جو ساهس رکي ٿو مگر آهستي آهستي.
    ڪريم ”گل“ دايو ـــ به شهدادڪوٽ جي پنهنجي همعصر شاعرن جي اثر هيٺ جديد شاعريءَ ڏانهن تيزيءَ سان سفر ڪندڙ شاعرُ آهي. هن جي غزل ۾ پڪن قافين جو سٽاءُ ڌيان ڇڪائيندڙ آهي. اڄوڪي گھڻي شاعريءَ ۾ چڱا چوکا وڏا نامور شاعر به قافيي جي معاملي ۾ زير زبر پيش جو فرق ڪري قافيي جي روح کي بري نموني مجروح ڪندي شرمندگي نٿا محسوس ڪن، انهن جي پيروي ڪندي ڪيترا نوجوان شاعر به ’’کريل قافيي‘‘ کي اپنائي فخر سان پنهنجي شاعريءَ پيش ڪن ٿا، اهڙي قسم جي تنقيد کي تنقيد ئي نٿا سمجھن. جڏهن ته سنڌي ٻوليءَ جو سمورو مزاجُ زير زبر پيش جي فني قالب ۾ پرويل آهي، جنهن جي درست استعمال سان ئي اسان ٻوليءَ جو فني حق ادا ڪري سگھون ٿا، جيڪو ڪريم ”گل“ دايو ادا ڪيو.
    منهنجو هر هڪ سوال ناڪاره،
    مرڪ تنهنجي جواب جهڙي آ.

    ڪريم ”گل“ دايي ٻين گھڻن شاعرن وانگر پاڻ کي رڳو غزل تائين محدود ناهي رکيو پر هن شاعريءَ جي ٻين صنفن ڏانهن به توجهه ڏنو آهي، جيڪا ڳالهه پڻ سندس ڏاهپ جي نشاندهي ڪري ٿي.
    ويهي بور ٿجي ،
    ان کان بهتر آهي ڪو،
    افسانو لکجي.
    ٽيڙو صنف ۾ سمايل سندس مٿيون خيالُ/پيغام ليکڪ دوست جو پنهنجو پاڻ سان ئي رڳو هم ڪلامي ناهي بلڪه وقت کي بوريت جي کوهه مان ڪڍڻ سان گڏ، افساني يا ٻئي ڪنهن لکت ذريعي قومي خدمت سان گڏ ٻوليءَ جي بچاءُ ڪرڻ جو به سڏ ڏنو اٿس.

    ”نئون نئون مڌ آ“ جا سمورا شاعرَ، سنڌي ٻوليءَ جي وسعت ۽ بچاءَ جا وڏا بندَ آهن، جن کي وقت جي ڪا به مها ٻوڏ لوڙهي نٿي سگھي. هيءَ جيڪا سڳنڌي مڌ شهدادڪوٽ جي گھٽين مان ڦهلجي اُٿي آهي، اُها پنهنجي گھڻ رخي سواد ۽ مواد سان سموري سنڌ تي پرينءَ جي پاڇي جيان ڇانئجي. اها اسان جي دعا آهي.
    سعيد سومرو
    قنبر 16-10-2104
    Cell: 0333-7523132


    ڊاڪٽر غلام نبي ”صابر“ سڌايو

    تعارف ::

    پورو نالو : ڊاڪٽر غلام نبي
    پيءُ جو نالو: محمد بخش سڌايو
    ادبي نالو: ڊاڪٽر غلام نبي ”صابر“ سڌايو
    ادبي سڃاڻپ: شاعر، نثر نويس، محقق ۽ نقاد.
    جنم تاريخ: 12 مئي 1946ع
    تعليم: ايم اي سنڌي، ايم اي صحافت، ايل ايل بي، پي ايچ ڊي، (شاهه لطيف جي شاعري جو علامتي جائزو 1989ع)
    ڇپيل ڪتاب: (1) شاهه لطيف جي شاعري ۾ علامت نگاري(2) شاهه لطيف جو علامتي شعور(3) نئين روشني (گدائي جي شاعري تي تنقيد)
    (4) سفر زندگي جو (گدائي جي شخصيت، فن ۽ شاعري) (5) نعراءِ حق (ٻڍل فقير جي شاعري جو اردو ۾ نثري ترجمو به مئه شرح) (6) جيڪب آباد ۽ جان جيڪب (تاريخ) (7) جيڪپس ٽائون جيڪب آباد انگريزي (تاريخ) (8) سنڌي ڪهاڻي ( گڏيل ڪهاڻيڪارن جو مجموعو ترتيب) (9) ٿا چنگ چرن جت چاهت جا (ترتيب) (10)غريبن جو ورثو (ناول تي تنقيدي جائزو) (11) چونڊ سنڌي افسانا (ڪتاب جو تنقيدي جائزو) (12)جديد مضمون نگاري)(8) سچ سونهن وريام ورونهه (لوڪ شاعري ٻن ڀاڱن سميت ٽوٽل 20 ڪتاب.
    اڻڇيل ڪتاب: عشق ناهي آسان (سچل سرمست جي شاعري ۽ فن)
    مليل ايوارڊ: سچل ايوارڊ، شاهه عبدالطيف ايوارڊ، ڊاڪٽر محبت ٻرڙو ايوارڊ ۽ سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي ايوارڊ.
    پوسٽل ائڊريس: غريب آباد محلا جيڪب آباد سنڌ
    gsasadhayo@yahoo.comEmail:
    cell: 03337335624


    پاڪ ڌرتيءَ مٿان باک ڦٽندي رهي،

    پاڪ ڌرتيءَ مٿان باک ڦٽندي رهي،
    داغ ڌرتيءَ سندا ماڪ ڌوئندي رهي.

    گهر ڌياڻيءَ مٿان رات گوليون وسيون،
    سوچ خاموش آ جانِ جلندي رهي.

    لاش ٻورين مان بيڏوهه ملندا رهيا،
    سُرت سورن ۽ دردن ۾ دکندي رهي.

    سچ سوريءَ تي هر جاءِ چڙهندو ڏٺم،
    ڪوڙ ڪلفت جي بازار مچندي رهي.

    خون جا لُڙڪ لاڙي ڪو ساري پيو،
    سار جي تار هينئڙي ۾ هُرندي رهي.

    ڪنهن ته گلشن آ شمشان ٻيهر ٿيو،
    من ۾ ”صابر“ جي سُرهاڻ سڙندي رهي.
    **


    جِت نينهن نِپي جت پيار پلي،

    جِت نينهن نِپي جت پيار پلي،
    اُت ڏينهن مسافر گهاري وڃ.

    آتو من تو مکڙي ڪارڻ،
    ڪنهن ڏينهن اچي ڏيکاري وڃ.

    آ ڌرتيءَ اڃايل پنهنجي پرين،
    ڪجهه رت ڦڙا هت هاري وڃ.

    جت رات انڌاري ڪاري آ،
    اُت ديپ اچي ڪو ٻاري وڃ.

    ڪجهه مرده ٿي ويا رند هتي،
    ڪي رند نوان پياري وڃ.

    ”صابر“ ٻيهر ڪنڌ ڪپائي،
    سچ جي سينڌ سنواري وڃ.
    **


    اُٿ ٽوڙ وري زنجيرن کي،

    اُٿ ٽوڙ وري زنجيرن کي،
    ڪجهه ڏڍ ڏي دلگيرن کي.

    سڀ خالي خالي مئخانه،
    ڪو جام کپي مهميرن کي.

    واٽ تي واڳون وات وڏا ها،
    ته به سهڻيءَ سوريو سيرن کي.

    سچ چيو جن سوريءَ تي ڀي،
    جس آهي تن ئي ويرن کي.
    **


    وساري ڇڏيئي جي ته ارمان ڪونهي،

    وساري ڇڏيئي جي ته ارمان ڪونهي،
    گهڻا ڏينهن رهندو ڪو مهمان ڪونهي.

    ملي درد دل جي دوا ڪين ڪنهن کان،
    رهيو هِـــن زماني ۾ لقمان ڪونهي.

    فقط هڪ حسين ٿو رهي منهنجي من ۾،
    پسند حور مونکي ۽ غلمان ڪونهي.

    سهڻا سونهن تنهنجي جي تعريف سڀ ڪن،
    سڄڻ تنهنجو ان ۾ ڪو نقصان ڪونهي.

    پيو پيچ توسان جڏهن کان آ جاني،
    نظر ۾ ڪو سهڻو ٻيو انسان ڪونهي.
    **


    سينگار خود رکي ٿو دلدار جي ضرورت،

    سينگار خود رکي ٿو دلدار جي ضرورت،
    سهڻي کي ڪهڙي آهي سينگار جي ضرورت.

    اسرار ڪيڏو آهي، انڪار ڇو ڪرين ٿو؟
    دل کي وري آ تنهنجي اقرار جي ضرورت.

    فرقت ۾ رات گذري، تانگهيندي تولئه جاني،
    تنهنجي مريض کي بس، ديدار جي ضرورت.

    فصلِ بهار ۾ ڇو پي پي رَهي اڪيلو،
    روئي چوي پپيهو آ پيار جي ضرورت.

    پل پل جدائي جو هي ڏاڍو ڏکيو آ ”صابر“
    دم دم پوي ٿي دل کي دلدار جي ضرورت.
    **


    سُندر ماڻهو سوڀيا وارا،

    سُندر ماڻهو سوڀيا وارا،
    مک نه ٿا سي وسرن پيارا.

    واٽن تي واسينگ ونگن ٿا،
    نينهن جا ناتا نيارا نيارا.

    چنڊ ڪوماڻو ڇو اڄ رات،
    ٽمڪن ڪين ٿا اُڀ تي تارا.

    باغ مان بوءِ اچي ٿي رَتَ جي،
    ڳاڙها ڳلَ ٿيا اڄ ڪارا.

    ٻيجل بڻجي سين هڻي ڏس،
    ڪرندا تو در ڳڀرو سارا.

    رُڃ ۾ راڙو ٿئي ٿو روز،
    مور مرن ٿا روز متارا.

    ”صابر“ بڻجي رهبو ڪيسين،
    ٻيهر کڻ تون ڪرٽ ڪٽارا.
    **


    انب جي وڻ تي سائو طوطو،

    انب جي وڻ تي سائو طوطو،
    چُپ آ ويٺو جهڙو بوتو.

    مُکڙي مُکڙي گل گل ٽاري،
    چونڊي چونڊي هار مون پوتو.

    گدڙ سڏائي ڀل پيو شير،
    گڏهه رهندو پوءِ به کوتو.

    مندر مڙهيون ڀيٽڻ سوليون،
    ڏکيو پائڻ سامين چوتو.

    ساگر کي ٿا سُرڪ ڪرن ڪي،
    ڍُڪ ڀري ڪي کائن گوتو.

    سُندر نرمل ڪومل مکڙو،
    ”صابر“ صبح جي ماڪ آ ڌوتو.
    **


    زندگي بي ڪيف ۽ بيڪار ڪو آهي سفر،

    زندگي بي ڪيف ۽ بيڪار ڪو آهي سفر،
    درد جو دارون نه هت، ڪا پيار جي ناهي خبر.

    تنهن پرينءَ دوکو ڏنو، جنهن تي ڪيو هو ناز مون،
    بس پيو ماتم ڪجي، هر رات سنجهي ۽ سحر.

    پيار جون پينگهون اڏيندي ڪين مون ڄاتو هيو،
    ترت هُو ويندو ڇڏي ائين پيار جي پهرين پهر.

    عشق منزل آهي جنهن جي، سور ان کي ڇا ڪندو،
    سُک سمهي سو ڪيئن سگهي، جنهن کي مليو آهي هجر.

    سُک سوين ماڻين پرين تون، شاد شل هردم رهين،
    تنهنجي هر هڪ قول کي ساري، ڪيو ”صابر“ صبر.
    **


    ڪافيون :: ڊاڪٽر غلام نبي ”صابر“ سڌايو

    توسان منهنجو پيار،

    توسان منهنجو پيار،
    او سنڌو! توسان منهنجو پيار.

    ڪيٽي کان ڪشمور تائين،
    تنهنجو آ وستار،
    او سنڌو! توسان منهنجو پيار.

    آهن ساڳيا سهڻيءَ سنڌوءَ،
    ناهي اڄ ميهار.
    او سنڌو! توسان منهنجو پيار.

    وسري ڪين ٿي اڄ ڀي ڪنهن کان،
    هوشوءَ جي للڪار،
    او سنڌو! توسان منهنجو پيار.

    سچل، شاهه ڀٽائي جي ڏس،
    جڳ ۾ آ هٻڪار،
    او سنڌو! توسان منهنجو پيار.

    سسئي، مومل، نوريءَ، سورٺ،
    ڌرتيءَ جا ڪردار،
    او سنڌو! توسان منهنجو پيار.

    هوشو، هيمو، دولهه، دودو،
    سنڌين جا سردار،
    او سنڌو، توسان منهنجو پيار.
    **


    آزاد نظم

    منهنجي سکي مونکي چيو،
    او سانورا او بانورا!
    هيءَ گهڙي موٽي نه ايندي،
    سونهن هي ساڳي نه رهندي،
    اچ ته گڏجي پاڻ ۾،
    کبڙن جي ٿڌڙي ڇانوَ ۾،
    پڪل پيرون ميڙي وٺون،
    پو ڪا گهڙي ساهي پٽيون،
    نينهن جو دستور آ،
    پنڌ ڏاڍو ڏور آ،
    دل ۾ جيڪو پور آ،
    اچ ته ان کي مانُ ڏيون،
    تون سکي کي ساڻ کڻ،
    ميڙي سڀ ارمان کڻ،
    هي جوڀن ۽ جواني،
    ٿي ويندي ماضي ڪهاڻي،
    او سانورا او بانورا
    هيءَ گهڙي موٽي نه ايندي،
    سونهن هي ساڳي نه رهندي.
    **


    نظم

    مندر ۾ جا رهي ٿي راڻي،
    سُمهي رهي ٿي سانجهي ٽاڻي،
    منهنجي ساهه کي آ سيباڻي،
    پنهنجو هن کي ميت چوان ٿو،
    ان لاءِ پيارو گيت لکان ٿو،

    بات ان جي آهي نرالي،
    صبح سويري اٿندي آهي،
    نام رام جو ڳهنندي آهي،
    پنهنجو پاڻ کان پڇندي آهي،
    ڪنهن کي ڪنهن کي ڪيان پرنام،
    هر صورت ۾ آهي رام.

    ڇم ڇم ڇيرون پائي ٿي،
    شبد شيوَ جا ڳائي ٿي،
    من من کي ريجهائي ٿي،
    سندر سُر سُڻائي ٿي،
    اهڙي سندر آهي سيتا،
    لوڪ سڄو آ ان جي نيتا.

    هڪ ڏينهن راجا آيو رهندو،
    بن بن کي واچيندو ڏسندو،
    مندر مندر پوڄا پنندو،
    پير سيتا جو پڇندو پڇندو،
    پيهي آيو ان در ۾،
    سيتا واري مندر ۾،
    راجا جو سنجوڳ ٿيو،
    گهر گهر ۾ آ ڀوڳ پيو.


    نظم :: 2

    ڌيري ڌيري آءُ، ڌيري ڌيري آءُ،
    تڪڙ تڪڙ جو ڪهڙو فائدو،
    وڻي نه ٿو مون کي هي قائدو،
    ڌيري ڌيري آءُ...
    ماڻهو مون لئهِ ڏاڍا سڪن ٿا،
    جانِ به پنهنجي مون لئه ڏين ٿا،
    مان توکي ڏيان ٿي ساءُ.
    ڌيري ڌيري آءُ...
    تنهنجي من جي آهيان راڻي،
    پيچ وڌو مون ڄاڻي واڻي،
    ڪو نه ڪو هلندءِ راءُ.
    ڌيري ڌيري آءُ...
    رُس نه مون سان منهنجا راڻا،
    پري نه ڪر تون مون کي پاڻا،
    سهڻا ڪر پرچاءُ.
    ڌيري ڌيري آءُ...
    ”صابر“ توکي روز سنڀاري،
    ڳلن مٿان ٿو ڳوڙها ڳاڙي،
    هيڪر موٽي آءُ.
    ڌيري ڌيري آءُ...
    **


    آزاد نظم

    هڪ شام- اُداس،
    جڏهن تون ڏيئي جي لاٽ کي،
    پنهنجي زلفن جي پاڇولي ۾،
    اوجهل ڪري،
    هوا جي تيز جهوٽن کان بچائيندي،
    منهنجي من مندر کي اجالو ڪرڻ لئه،
    پنهنجي نرم نازڪ هٿن ۾،
    کڻي ايندين،
    تڏهن ان ڏيئي لاٽ ۾،
    تنهنجو مکڙو ٻهڪڻ لڳندو،
    ڏيئي جي لاٽ،
    تنهنجي ٻهڪندڙ مُک کي،
    ڇهڻ جي ناڪام ڪوشش ۾،
    رڌل رهندي،
    تنهنجي دل جي ڌڪ ڌڪ،
    توکي اتاولو ڪري ٿي،
    ۽ ٻڌائي ٿي
    ته اها ڏيئي جي لاٽ نه آ،
    پر اهو آئون آهيان،
    جو تنهنجي جدائي ۾ تڙپان ٿو،
    ۽ چاهيان ٿو ته هڪ دفعو،
    تنهنجي چمڪندڙ ڦلڙين واري مُک کي،
    پنهنجين هٿن ۾ وٺان،
    ۽ خوبصورت ۽ گلابي ڳلن کي،
    سدائين ڏسندو رهان.


    ڊاڪٽر ”حاذق“ جوڻيجو

    تعارف

    پورو نالو : غلام سرور
    پيءُ جو نالو: حڪيم الحاج نصرالله ”ناصر“ جوڻيجو
    ادبي نالو: ڊاڪٽر ”حاذق“ جوڻيجو
    ادبي سڃاڻپ: شاعر ۽ نثر نويس
    جنم تاريخ: 1 ڊسمبر 1939ع
    تعليم: سنڌي فائينل 1955ع ۾
    جنهن کان پوءِ اردو، فارسي، عربي، ديني تعليم منهنجي والد صاحب کان.
    ڇپيل ڪتاب: 1979ع ۾
    (1) محفل عشق
    (2) گل دسته محمدي
    (3)جوش جگر
    (4) مناجات سرهندي نقشبندي
    اڻڇپيل ڪتاب: (1) نم جا ماڻڪ
    (2) گلدسته ناصر
    (3) ڪليات سائل
    پوسٽل ائڊريس: پوسٽ آفيس نم شريف تعلقو ڳڙهي ياسين
    ضلعو شڪارپور سنڌ.


    *** نعت ***

    بيشڪ آهي برتر شاهي شان تنهنجو،
    خدا پاڪ خود آ ثنا خوان تنهنجو.

    مولا پاڪ توکي سڏيو نُور آهي،
    سندءِ اسم هر جاءِ ٿيو مشهور آهي.
    خدا پاڪ کي ايئن ئي منظور آهي،
    ثنا خوان سارو آ قرآن تنهنجو.

    نبين سڀن کان تنهنجو شان اعلى،
    ڄمڻ کان اڳي ئي تنهنجو مان اعلى،
    آ انجيل کان تنهنجو قرآن اعلى،
    مٿي آههِ شاهن کان دربان تنهنجو.

    ڏٺم عشق، سج ۾ ۽ تارن قمر ۾،
    رهي عرش ڀي سڪ واري سفر ۾،
    رکيو توکي رحمان نوري نظر ۾،
    وري حشر تائين آ احسان تنهنجو.

    آ ”حاذق“ نمائي جو محبوب احمدصه،
    اهو خود خدا جو آ مرغوب احمدصه،
    ملي حوض ڪوثر تي مطلوب احمدصه،
    ’’جوڻيجو‘‘ ٿئي ڪاش مهمان تنهنجو.
    **


    منقبت

    دل تي رهي ٿي طاري حڪايت حسين جي،
    ذبح_عظيم آهه شهادت حسين جي.

    ماتم ۽ غم امام جو مسلم تي فرض آ،
    مومن تي آههِ لازم اطاعت حسين جي
    ذبح_عظيم آهي شهادت حسين جي.

    بعيت امام ڪئي نه ظالم يزيد جي،
    ظاهر انهيءَ مان ٿئي ٿي غيرت حسين جي.
    ذبح_عظيم آهي شهادت حسين جي.

    قربان پاڪَ ٿيا سڀئي هن پاڪ دين تي،
    اسلام پاڪ سان ڏسو محبت حسين جي.
    ذبح_عظيم آهي شهادت حسين جي.

    نواسو رسول جو فرزند علي جو آ،
    قرآن ڏسو ڪري ٿو حمايت حسين جي.
    ذبح_عظيم آهي شهادت حسين جي.

    خنجر جي هيٺان جنهن ڪئي آهي ادا نماز،
    دنيا ۾ بي مثال اها عبادت حسين جي.
    ذبح_عظيم آهي شهادت حسين جي.

    جوڻيجو آههِ ”حاذق“ حبدار آل جو،
    مولا ڪراءِ جلد ذيارت حسين جي.
    ذبح_عظيم آهي شهادت حسين جي.
    **


    ڀٽائي

    ڀلارا ڀٽائي ڀلارا ڀٽائي،
    پسائي اسان کي نظارا ڀٽائي.

    ملي ان کي مفهوم قرآن اڄ ڀي،
    اگر ڪوئي سمجهي اشارا ڀٽائي.

    ٿيو فيض تنهنجو جبل جهنگ جهر ۾،
    نه اهڙو ڪو ٿيندو ڀلارا ڀٽائي.

    فضيلت ۽ آداب سيکاريا تو،
    اسان سنڌ واسين کي سارا ڀٽائي.

    ڪرم جا ڪڪر سنڌ تي پيا وسن اڄ،
    ڀلا ڀاڳ ٿيا اڄ ڀلارا ڀٽائي.

    نگاهون ته ”حاذق“ جون بيتاب آهن،
    ڏسن شال تنهنجا منارا ڀٽائي.
    **


    ميوي ڪڙي جو وڻ ڪو، ڦردار ٿيو ته ڇا ٿيو،

    ميوي ڪڙي جو وڻ ڪو، ڦردار ٿيو ته ڇا ٿيو،
    سيرت سٺي جي ناهي، سينگار ٿيو ته ڇا ٿيو.

    ڪهڙو ڀلا انسان جي، آهي اچڻ مان فائدو،
    همدرد ناهي هو جي هوشيار ٿيو ته ڇا ٿيو.

    جنهن کي نه آهي دل ۾ هي درد ٻين جي لئه،
    سجدا ڏئي هو ڀلجان سالار ٿيو ته ڇا ٿيو.

    عادت جنهين جي آهي جهيڙو فساد عام سان،
    سڀ تي رکي ٿو رعب پڳدار ٿيو ته ڇا ٿيو.

    احساس ناهي ڪنهن کي مسڪين غريب تي سدا،
    خالي زبان جيءُ اظهار ٿيو ته ڇا ٿيو.

    راههِ خدا هو گنج مان ڪنهن کي نٿو جي خير ڏئي،
    قارون چئبو سو ئي زردار ٿيو ته ڇا ٿيو.

    آڪڙ وڏائي سان جي گهاري ٿو پنهنجي زندگي،
    سو شينهن تي جي آهي هسوار ٿيو ته ڇا ٿيو.

    سڏ ۾ جو سڏ ”حاذق“ ٿو دل ساڻ ٻڌي سو يار آ،
    بي فيض جوڻيجا ڪو سردار ٿيو ته ڇا ٿيو.
    **


    عشق اول ٿو اچي ڪنهن خيال ۽ خمار سان،

    عشق اول ٿو اچي ڪنهن خيال ۽ خمار سان،
    جاءِ دل ۾ ٿو ڄمائي ڪنهن وڏي ويچار سان.

    ديد ديدن سان ملي ۽ ٿو پوي دل تي اثر،
    پو کلي خوشبوءَ ڪري کيڪار سان گفتار سان.

    ٿي ويو دل جو ٽَڪر جي دل ڪنهن سان اوچتو،
    يار جو پيشو ڪري هر گام تي رفتار سان.

    پيو نهاري راهه رستا روز شب بس يار جا،
    دوست ري دم دم کڻڻ ڀي ٿيو وڏي آزار سان.

    آهَه زاريءَ ۾ گذاري ڏينهن سڄو سڏڪا ڀري،
    رات ساري سو گذاري خالي ذڪر_يار سان.

    پو ذرو ڀي دل نه سهندي غير سان ان جو ملڻ،
    پيو ڪندو هر وقت سو تڪرار بس اغيار سان.

    عشق وارو ٿو گذاري ڪيئن پنهنجي زندگي،
    ٿي لڳي ان جي طبيعت هو بهو بيمار سان.

    ڪو سودائي ٿو سڏي ڪو مست ديوانو سڏي،
    هي لقب سڀئي مليا بس عشق جي اقرار سان.

    عشق وارن جي اتي”حاذق“ ٿي بس منزل جتي،
    عشق وارن جي هميشه عيد آ ديدار سان.
    **


    لعل لَب ڳاڙها گلابي يار ٿا موهي وجهن،

    لعل لَب ڳاڙها گلابي يار ٿا موهي وجهن،
    جي پوين مُرڪي مٺا ڄڻ ڪات سان ٿا سي ڪُهن.

    بس تجلو تاب تنهنجو انت کان بي انت آ،
    مٽُ نه تنهنجي ڪو چوان شيرين شَڪَر تنهنجو دَهَنَ،

    مثل موتي ڏند تنهنجا لعل هيرا ڇا چوان،
    چنڊ جي چانڊاڻ جان چمڪارُ آهي ڄڻ سندن.

    ڇا پَدَمَ هي پيرُ تنهنجا ڇا چوان پتلي ڪَمر،
    لک لهي ٿي لوڏ تنهنجي ناز ٿا توکي ٺَهن.

    نينهن ناتو تون نڀاهج يار ”حاذق“ سان اچي،
    بس گذارج يار گڏ جي درد غم دل جا لهن.
    **


    باغ ۾ گلڙا ٽِڙن توساڻ هٿ هٿ ۾ هجي،

    باغ ۾ گلڙا ٽِڙن توساڻ هٿ هٿ ۾ هجي،
    گل هجن گلزار ۾ گڏ پاڻ هٿ هٿ ۾ هجي.

    شوق سان ميون پٽڻ ۾ سج ويو تنهنجو لهي،
    مل اچي مونسان مٺا بس هاڻ هٿ هٿ ۾ هجي.

    منهن لڪاءِ ڪين هل منهن تان پردو لاهه تون،
    ڪر نه مونسان ڪابه تون ڇڪتاڻ هٿ هٿ ۾ هجي.

    تابُ تجلو حسن جو انڊلٺ جيان تنهنجو چوان،
    پاءِ سرمو چنڊ جي چانڊاڻ هٿ هٿ ۾ هجي.

    ديد ديدن سان ملائي داد ڪرِ مل دلرُبا،
    پلڪ نا ٿي تون پري واکاڻ هٿ هٿ ۾ هجي.

    ٻاجهه ٻهڳڻ ڪر اچي تون آءُ ”حاذق“ سان ملڻ،
    ڇو پري توکان رهان تو ساڻ هٿ هٿ ۾ هجي.
    **


    اڄ زماني جي عجائب چال نياري ٿو ڏسان،

    اڄ زماني جي عجائب چال نياري ٿو ڏسان،
    ختم جٿ ڪٿ ٿي وئي تعليم ساري ٿو ڏسان.

    سنڌ سان هي ٿي ويو اَڄ آههِ پڻ ظلم وَ ستم،
    ڪو به ڪنهن جو ناهه ڪوئي ظلم جاري ٿو ڏسان.

    ڪو خدا جو خوف ڪنهن کي ناهه ڪوئي ڇا چوان،
    ٿي وئي بي داد نگري خوف تاري ٿو ڏسان.

    هاءِ هي افسوس آهي ناهه ڪا تعليم ڪٿ،
    جو پڙهائن ڪين ٿا استاد ماري ٿو ڏسان.

    علم ري اڄ ٿي ويو اونداهه ساري سنڌ ۾،
    روشنائي ناهه ڪائي رات ڪاري ٿو ڏسان.

    حق جو ڪلمو هي ”حاذق“ آهه تو بيشڪ چيو،
    ڪو به ڪنهن جو ناهه ساٿي باهه باري ٿو ڏسان.
    **


    اوهان تي جا آئي بهار-شباب،

    اوهان تي جا آئي بهار-شباب،
    کُلي پيا توهان جي ڳلن جا گلاب.

    ڳلن تي زلف چميون ڏيندا رهيا،
    ويا مونکان وسري گناهه ۽ ثواب.

    نظر ڳاڙهن لبن تي چمي ڏئي وئي،
    هٽايو کڻي مون لئه منهن تان نقاب.

    گهمين ٿو غير سان جبل ۽ جهنگ،
    ملڻ لئه مون سان ڪيو نه حجاب.

    هوا ۾ ته وکري ويا تنهنجا وارَ،
    اوهان جو ته مرڪڻ هو سهڻو سراب.

    بدن تي پيل هئي گلابي پوشاڪ،
    اچي ياد پئين تون ته ڏاڍو بي حساب.

    ٿئي ”حاذق“ جو صنم سان ملڻ روز،
    ملڻ کان ئي نٽايو پيا ڇو جناب.


    ڪيم دانهون مان اُڀ ڦاڙي نه ٻڌو دلدار منهنجو سڏ،

    ڪيم دانهون مان اُڀ ڦاڙي نه ٻڌو دلدار منهنجو سڏ،
    لنوائي هو ويو جائي ايئن منٺار منهنجو سڏ.

    صبا منهنجو نه نياپو نيو نه ٿيو قاصد ڪبوتر ڪو،
    ڀلا ڏس تون ته ڪهڙي ريت وڃي ٻي پار منهنجو سڏ.

    پکي خود فڪر ۾ ايندا ۽ درندا دهلجي ويندا،
    جبل ٿيندا ڀڄي پرزا جي ٿيو ٻيهار منهنجو سڏ.

    نه ڪو همدرد دنيا ۾ نه آ ڪو يار ياور هت،
    سُڻي شل مهر سان سهڻو اچي هڪ وار منهنجو سڏ.

    اڱڻ آيو ڀري پيرا ڪيائين عيد ”حاذق“ سان،
    رهي قسمت بحمدُ الله نه ٿيو بيڪار منهنجو سڏ.
    **


    ضرورت

    اڄ يار آ اسان کي هڪ هار جي ضرورت،
    ان هار ۾ آ دُر_شهوار جي ضرورت.
    محبوب ماهِ لقا تنهن منٺار جي ضرورت،
    دم دم پوي ٿي دل کي دلدار جي ضرورت.
    رندن جي آهه محفل ساقي ۽ جام گهرجي،
    شيشي جي پالڪيءَ ۾ گلفام نام گهرجي
    اهڙي خوشيءَ کان پوءِ آ خُمار جي ضرورت.

    تصور ته آهه دل ۾ ظاهر ڏسڻ ٿو چاهيان،
    صورت نماڻي ان جي پل پل پسڻ ٿو چاهيان،
    هڪ وار آهي دل کي ديدار جي ضرورت.
    جاڪون ويو آ وڇڙي ابتر آ حال منهنجو،
    سڀ ڪو سڏي سودائي خاصو نه خيال منهنجو،
    دلدار جي آ دل کي آڌار جي ضرورت.

    گلشن به آههِ ساڳيو نظري نه ٿي بهاري،
    ڪوماڻي ٿو ڏسان گلشن جي ٽاري ٽاري،
    گلشن ۾ بلبل کي آ اڄ گفتار جي ضرورت.

    خالق خزان کُٽائي موٽي اچي بهاري،
    حاصل قرار ٿئي شل ٿئي دور بيقراري،
    ان راهه ۾ فقط آ اقرار جي ضرورت.
    راضي رضا تي آهيون دانهن مان ڪجهه نه ٿيندو،
    جيڪي لکيل قضا ۾ اهو ئي پيش ايندو،
    تقدير ۾ نه ”حاذق“ آ تڪرار جي ضرورت.
    **


    گيت

    اکيون ڪجليون ڪجل ڪاريون هڻن ڪهري پيون ڪانَ،
    نهارڻ سان نِهوڙي تون ڪرين ناحق پيو خانَ.

    کسي دل تون وئين مونکان ڪرين ڇو ٿو قهر يار،
    وئي ٿي زندگي ساري خدا ڄاڻي زهر يار،
    ڪري تو قيد زلفن ۾ ڇڏي منهنجي ته آ جان.

    نه کائڻ نه ڪي پيئڻ اٿم توريءَ پرين ڇو جو،
    دلاسن تي ڏني دل مون ڪري توکي پرين پنهنجو،
    مگر تون بيوفا بڻجي ڪرين ڇو ٿو ايئن زيان.

    ڇڏي هي سنگدل شوخي وفا وارا وفا ڪر تون،
    جياري جيءُ جڏو منهنجو شفا وارا شفا ڪر تون،
    ايئن هٿ توکي ڇا ايندو سڃاڻج پنهنجو تون شان.

    ملي هڪ وار ”حاذق“ سان ڪري آغوش پنهنجي ۾،
    پيارج جام الفت جو رهي جيئن گود تنهنجي ۾،
    نشانبر نانءُ ٿئي تنهنجو سخا جو ڪر اهو تون دان.
    **


    غزل

    ڏٺم پنهنجو سڄڻ سامهون مٺو منٺار محفل ۾،
    ڪيم دلبر سان جهٽ ويهي مٺي گفتار محفل ۾.

    صبا منهنجو کڻي پيغام وئي دلبر کي پهچائڻ،
    ٻڌي يڪدم هليو آيو دلي دلدار محفل ۾.

    ڏسي جانب جي جلوي کي لڪي پيو چنڊ ڪڪرن ۾،
    ڪري آيو سڄڻ منهنجو عجب سينگار محفل ۾.

    اچي دلبر مليو مونسان ويا ارمان پورا ٿي،
    محبت جو ڪيو محبوب اڄ اظهار محفل ۾.

    خدا جي مهرباني ٿي ملي محبوب ويو مونسان،
    ڀلي آيو ڀلي آيو مٺو منٺار محفل ۾.

    ڀلا ٿيا ڀاڳ ”حاذق“ جا ٿو ڳايان شعر لک هاڻي،
    ڏسو اکيون پٽي پنهنجون آهي نروار محفل ۾.
    **


    ”ناشاد“ رشيد سنڌي

    تعارف

    پورو نالو : عبدالرشيد
    پيءُ جو نالو: شاهه رکيو مستوئي
    ادبي نالو: ناشاد رشيد سنڌي
    جنم تاريخ: 1 جنوري 1971 ع
    تعليم: سنڌي
    ادبي سڃاڻپ: شاعر
    شاعري ۾ استاد: استاد پيرل قمبر
    لکڻ جي شروعات: 1988ع کان
    ڇپيل ڪتاب: مرڪ پبليڪيشن شهدادڪوٽ پاران ڇپيل ڪتاب ”برکا بوند بهار جي“ ۾ ڇپيل
    هاڻوڪي رهائش: باقر آباد محلا شهدادڪوٽ
    پوسٽل ائڊريس: آفيس نئين آس مئگزين شهدادڪوٽ
    Email : nashadrasheedsindhi@gmail.com
    03316065911


    غزل

    ڏکڻ واءُ ٿي چنڊ ڪڪر مان ڪڍو،
    سمونڊن جيان سڪ لهر مان ڪڍو.

    سچائي مٺي کنڊ کان دوستو،
    رڳو لوڻ ڇو ٿا ڪلر مان ڪڍو.

    ڏسي عيد جي چنڊ کي پو ڀلي،
    اوهان ديد دلبر جي در مان ڪڍو.

    اهو گلَ ۾ خار سمجهو نه ٿا،
    هلي هاڻ ٿر کي ڏڪر مان ڪڍو.

    سدا زندگي ۾ کِلو ۽ مِلو،
    اداسين کي دل جي مندر مان ڪڍو.

    غزل گيت ”ناشاد“ تڙپي لکيا،
    اوهان ئي ته شاعر نظر مان ڪڍو.
    **


    آ برابر پرينءَ جي چمڪ چنڊ ۾،

    آ برابر پرينءَ جي چمڪ چنڊ ۾،
    منهنجي محبوب جهڙي جهلڪ چنڊ ۾.

    هي جي سانوڻ ۾ اُڀ تي ڪڪر ٿي کِڙن،
    پو پهر جي به ڪاٿي آ پڪ چنڊ ۾.

    سانوريءَ جي گلابي اکين ۾ ڏٺم،
    جيئن پيمانا ڇُلڪن ڇَلڪ چنڊ ۾.

    رات سپني ۾ هُس صبح سوچن ۾ مان،
    هٿ ڪڪرن مٿان منهنجو چڪ چنڊ ۾.

    سونهن سُرهاڻ ساري گواهه آ پرين،
    چانڊوڪيءَ جي به سمجهو ڌنڪ چنڊ ۾.

    چنڊ منهنجي کان چوڏهين چورائي چمڪ،
    اڄ ته سارو تڪي ٿو فلڪ چنڊ ۾.

    معجزو آ مٺا مرڪ تنهنجيءَ جو،
    دلنشين دل ڪشي آ مهڪ چنڊ ۾.

    مان چڪور ئي ته ناهيان جو اڏري سگهان،
    جيءَ جذبن جي پو به اٽڪ چنڊ ۾.

    سوچ ۾ سنڌ آ ديد ۾ دلربا،
    ديس منهنجو ”رشيد“ آ بيشڪ چنڊ ۾.


    حال نه ڄاڻي هينئڙي جو ڪو،

    حال نه ڄاڻي هينئڙي جو ڪو،
    تڙپيو ڪو مدهوش ستو ڪو.

    ڏينهن مهينا سال صديون ٿيون،
    ونگ وڇوڙن اهڙو وڌو ڪو.

    قول هئا سي ڪوڙا سپنا،
    پيار هيو ڄڻ ڌوڪو ڌوڪو.

    موت کي مرڪي مات ڏنائين،
    سوليءَ تي منصور چڙهيو ڪو.

    قوم تي سوچان سونهن لئه سڏڪان،
    دل جو ٻنهي سان آ رشتو ڪو.

    هونءَ ته هرڪو هام هڻي ٿو،
    نينهن نڀائڻ آ سولو ڪو؟

    جيئن ”رشيد“مون سور سَٺا هن،
    ايئن نه آ ڪنهن سور سَٺو ڪو.
    **


    ڇڏ پکي پڃرو پرَنَ جو خير گُهر،

    ڇڏ پکي پڃرو پرَنَ جو خير گُهر،
    درد دل جي پيچرن جو خير گُهر.

    تون هتي صياد وٽ زندان آن،
    رو نه پنهنجي دلبرن جو خير گُهر.

    رات ٿيندي آ ڊگهي هر سال جي،
    صبح سج جي سوجهرن جو خير گُهر.

    باهه ساڙيندي سُڪا ساوا مگر،
    منهن اٿس ڪاڏي برَنَ جو خير گُهر.

    سِر سلامت آ ته پو ٿينديون ونيون،
    ڪر نه الڪو هي وَرَن جو خير گُهر.

    دور اڄوڪي ۾ تحفظ آ ڪٿي،
    مسجدن ۽ مندرن جو خير گُهر.

    ويا ڇڏي پيرل، بخاري ۽ اياز،
    سنڌ جي تون شاعرن جو خير گُهر.

    مارو منهنجي ملڪ جا ڏتڙيل هتي،
    هٿ کڻي ڪو بي گهرن جو خير گُهر.

    جي گهُرين ”ناشاد“ تون سنڌ لئه دعا،
    دنيا ساريءَ جي تَرَنَ جو خير گُهر.
    **


    نه شڪوه ڪوئي قدرت کان،

    نه شڪوه ڪوئي قدرت کان،
    نه مان مايوس قسمت کان.

    پهاڙن کان به پختو آ،
    پُڇو انسان جي عظمت کان.

    هي دل آهي چري منهنجي،
    جو تنگ ٿي آهي غُربت کان،

    مسلسل موت جي ويجهو،
    ڊُڪيو آهيان قيامت کان،

    ڪريان ڪيئن الوداع يارو،
    کڻان ڪيئن ساهه سنگت کان،

    جي سنڌ ڪعبو ڪفر آهي،
    مٽيان منهن ڇو نه جنت کان.

    قيامت ٿا گهرن ماڻهو،
    اهڙي جيوت جي ذلت کان.

    ملي آ ڏات ورثي ۾،
    نصيبن واري نعمت کان.

    لکان سنڌ سونهن جي صدقي،
    چڱي آ لوچ عظمت کان.

    ”رشيد“ الفت جي اوٿر ۾،
    حماقت ڇا حقيقت کان.


    سوچ سُرهو سفر لوچ لهجو ته ٿيو،

    سوچ سُرهو سفر لوچ لهجو ته ٿيو،
    عشق ارڏو سهي فِڪر ڦــٿــڪو ته ٿيو.

    من به ماندو رهي، اک به آلي رهي،
    ڳل تي ڳوڙها ڪِريا ساهه سُڏڪو ته ٿيو.

    باهه شعلا مچن جهومي جذبا نچن،
    ڇا هيو سلسلو برهه ڀڙڪو ته ٿيو.

    پيار جو پاسبان مهربان ٿئي نه ٿئي،
    چاهه چسڪو مگر عشق الڪو ته ٿيو.

    سِر ٿيو ڪارگر رائگان ڪين ويو،
    سونهن ۽ سنڌ تان کيس صدقو ته ٿيو.

    منهنجي سڏڪن سان پرچن نه پرچن پرين،
    ها روئڻ سان رڳو هانءُ هلڪو ته ٿيو.


    چاهه چمان ٿو چانڊوڪيءَ ۾،

    چاهه چمان ٿو چانڊوڪيءَ ۾،
    توسان ملان ٿو چانڊوڪيءَ ۾.

    لال لبن جا جام ڀري مان،
    روز پيان ٿو چانڊوڪيءَ ۾،

    تون نه اچين بي چين صفا مان،
    گهٽيون گهمان ٿو چانڊوڪيءَ ۾.

    چنڊ ستارن ڪرڻن کان پوءِ،
    تنهنجو پڇان ٿو چانڊوڪيءَ ۾.

    توتي ٺاهيان گيت غزل مان،
    شعر لکان ٿو چانڊوڪيءَ ۾.

    تنهنجي گهر جي ڀِت کان بيهي،
    توکي ڏسان ٿو چانڊوڪيءَ ۾.

    ڏيئو ناهيان لاٽ ڪري جو،
    پاڻ ٻران ٿو چانڊوڪيءَ ۾.

    روئي روئي ”رشيد“ اوهان سان،
    پرچي پوان ٿو چانڊوڪيءَ ۾.
    **


    نظم

    نه محشر جي سُڌ آ نه محشر ٿو آڻي،
    الله پيو ٿو ڄاڻي.
    هي قدرت به قادر جي هٿ آ مڃون ٿا،
    اميري غريبي ڪٿي ٿو سڃاڻي.
    الله پيو ٿو ڄاڻي.
    ڪو پيري فقيري مان رب ٿو ريجهائي،
    هزارن ۾ منزل اها پو ٿو ماڻي.
    الله پيو ٿو ڄاڻي.
    اها ڪاڪ ڪاري ڪئين ٿي پتو ڇا،
    الائي ته مومل الئه ڪئي آ راڻي.
    الله پيو ٿو ڄاڻي.
    اڃا ڏينهن قيامت ۾ آهن الئه ڇا،
    يا سالن مهينن يا ڏينهن ۾ آڻي.
    الله پيو ٿو ڄاڻي.
    الئه رب کي ريچڪ وڻي ويو جهان جو،
    تڏهن آقا مهدي نه ٿو جي اماڻي.
    الله پيو ٿو ڄاڻي.
    هو منصور سچ چئي ته سولي ٽنگيو ويو،
    بلاول به ڇا لئه پيو نيٺ گهاڻي.
    الله پيو ٿو ڄاڻي.
    هو مسجد ۾ ويهي ڪري واعظ ڪيڏا،
    الئه ڇا ٿئي هاڻي ٿئي ڇا سڀاڻي.
    الله پيو ٿو ڄاڻي.
    ”رشيد“ آس ۾ اڄ به روئي ڏنوسين،
    ڏنا ٽهڪ هوندا الاڻي فلاڻي.
    الله پيو ٿو ڄاڻي.


    تو جي پڪ آ ڏني پيار ۾ او سکي،

    تو جي پڪ آ ڏني پيار ۾ او سکي،
    زندگيءَ سان وري دوستي ٿو ڪيان. تنهنجي خاطر مٺي شاعري ٿو ڪيان.
    مون کي جيئڻ جو نئون ڪو بهانو مليو،
    فڪر تنهنجو ۽ تنهنجو فسانو مليو،
    تون ملينءَ ساري جڳ جو خزانو مليو،
    حال دل جو مان توسان اچي ٿو ڪيان. تنهنجي خاطر مٺي شاعري ٿو ڪيان.
    هي غزل گيت ۽ نظم وايون لکي،
    توکي ارپيان ٿو ٽيڙو ۽ ڪافيون لکي،
    هي اجايون نه چئو مون سجايون لکي،
    تنهنجي نالي سموريون سچي ٿو ڪيان. تنهنجي خاطر مٺي شاعري ٿو ڪيان.
    تون مڃين ٿي ته تنهنجو مان شاعر هجان،
    عمر ساري مڌر گيت توتي لکان،
    تنهنجي ڀر ۾ ويهي توکي ڏسندو رهان،
    ذڪر تنهنجو پرين هر گهڙي ٿو ڪيان.
    تنهنجي خاطر مٺي شاعري ٿو ڪيان....
    تون اٿين ٿي اٿي مان بيهان ڪي پهر،
    ٿو ادب تنهنجو اهڙو ڪيان ڪي پهر،
    جي وڃي راهه تنهنجي چمان ڪي پهر،
    آجيان تنهنجي ايندي اٿي ٿو ڪيان. تنهنجي خاطر مٺي شاعري ٿو ڪيان.
    سنڌ جي سونهن تو ۾ سمايل هجي،
    تنهنجي نيڻن جو ”ناشاد“ گهايل هجي،
    تنهنجي پيرن ۾ پازيب پايل هجي،
    سونهن تنهنجي کي سجدا جهُڪي ٿو ڪيان. تنهنجي خاطر مٺا شاعري ٿو ڪيان.


    وائي

    درد اُڀري ته پو ...!
    نينهن نبري ته پو.!
    ڇا ڪجي ڇا ڪجي ؟
    ڇا ڪجي دوستو؟
    هُــــو ٿي مَــــن ۾ رهــــي،
    جي نه نڪري ته پو.!
    ڇا ڪجي ڇا ڪجي ؟
    ڇا ڪجي دوستو؟
    مـــون وســاريـــو گهڻو،
    ڪين وسري ته پو.!
    ڇا ڪجي ڇا ڪجي ؟
    ڇا ڪجي دوستو؟
    پــــيـــار پـــلــــجـــي نه ٿــــــو،
    سڪ به سنجري ته پو.!
    ڇا ڪجي ڇا ڪجي ؟
    ڇا ڪجي دوستو؟
    ساهه سڪ جو پکي،
    جي نه اڏري ته پو.!
    ڇا ڪجي ڇا ڪجي ؟
    ڇا ڪجي دوستو؟
    **


    تاريخ گواهه رهندي، هر ڪنهن کي خبر آهي.

    تاريخ گواهه رهندي، هر ڪنهن کي خبر آهي.
    ها سنڌ امر آهي.
    هن سنڌ کي لٽڻ ڌاريا، ارغون سوين آيا،
    ڪي نسل ويا مٽجي، هڪ نسل مگر آهي.
    ها سنڌ امر آهي.
    دنيا کي ٻڌائڻ جا، ڪي ٻيا به طريقا هن،
    پر وقت ٻڌائيندو، ٿيو ڪنهن جو حشر آهي.
    ها سنڌ امر آهي.
    ڌرتي جي سڀن دودن شاعرن ۽ اديبن کي،
    ڀٽ شاهه، سچل، سامي، جي ايم تي فخر آهي.
    ها سنڌ امر آهي.
    اي وقت جي مجبوري، تون راهه نه جهل منهنجي،
    آواز پڙاڏن ۾، مظلوم جو گهر آهي.
    ها سنڌ امر آهي.
    سنڌ ڄائين سان ڪيسين، پيو ڪيس ڪندو ظالم،
    حق سچ جي ڏٺم سيني، قاتل جو خنجر آهي.
    ها سنڌ امر آهي.
    ”ناشاد“ جي شعرن کي، ڏئي باهه ڇڏيو ساڙي،
    پر ڀونءِ سڄي منهنجي، شاعرن جو شهر آهي. ها سنڌ امر آهي.
    **


    ٽيڙو

    مرڪين ته گل مرڪيا،
    هي ٿيو تنهنجو معجزو.
    مُردن کان ڪيئي زنده.
    ....
    آڻيندئي الله،
    تنهنجي منهنجي نينهن جو،
    ٿيندو نيٺ نباهه.
    ....
    شاعر سوچ ويچار،
    اهڙي ڪر ڪا شاعري،
    مظلومن لئه پڪار.
    ....
    موٽي آ مون ڏي،
    جيون جيڪو تيل آ،
    تيلي تنهن کي نه ڏي.
    ....
    ڪوڙ سمجهم ڪو نه،
    جلوه تنهنجا جوهري،
    جرڪيا سڀئي سون.
    ....
    القا عبرت ناڪ،
    آئيندي کي امن جي،
    پهرايو پوشاڪ.
    **


    بيت

    سيد تنهنجي سوچ جا، سپنا ٿين ساڀيان،
    جوڌا جهد جوان، جوڙيندا هن جوءِ ۾.
    *
    جوڙيندا هن جوءِ ۾ جوڌا جهد جوان،
    گهر گهر تي ڳاڙها جهنڊا، نعرا نينهن نوان،
    پنهنجي پو هن ڀونءِ کي، سنڌو ديش چوان،
    ”سنڌي“ سچ لکان، سمجهي ڪو هن سوچ کي.
    *
    جلسا جهد جهان ۾، جيون جهد جهان،
    دلدل ۾ دل هيکلي، ڪشتي سمنڊ طوفان،
    سنڌڙي آ ارمان، آزاديءَ جو آخري.
    *
    آزاديءَ جو آخري، اهڙو آ ارمان،
    سنڌو ديش مهان، سيد تنهنجي سوچ جو.
    **


    اڪبر کرل

    تعارف

    نالو: اڪبر حسين
    پيءُ جو نالو: غلام محمد کرل
    ادبي نالو: اڪبر کرل
    جنم:
    شاعري جي شروعات: 1997ع کان
    وفات: 24 محرم الحرام 1435هه بمطابق 29 نومبر 2013ع
    آخري آرام گاهه: ڪڙڪ مقام شهدادڪوٽ
    ادبي سڃاڻپ: شاعر ۽ نغر نويس
    شاعري ۾ استاد: عبدالله شاهه ”اطهر“
    چپيل ڪتاب: ڪو به نه
    اڻڇپيل: عشقيه شاعري سان گڏو گڏ مذهبي طور تي نوحن ۽ قصيدن سميت ٻن ڪتابن جو مواد


    غزل

    هي به جيون عجيب تر آهي،
    جو نه ڪٽجي اهو سفر آهي.

    جنهن ۾ ڀونرا نه گُل آ خوشبوءَ،
    هيءُ جيون خزان نگر آهي.

    غم ته ورثي ۾ هن مليا مون کي،
    پر خوشين جي نه ڪا خبر آهي.

    جنهن ۾ انسان ٿي وڃي پاڳل،
    عشق ۾ ايترو اثر آهي

    ڇو ٿو صحرا ۾ جهوپڙي ٺاهي،
    هيءُ محبوب جو نه تر آهي.

    ڪاڏي بر منهن ڏئي ويو ”اڪبر“
    ان جي گهر جو کليل جو در آهي.
    **


    ٿڌيون هيءُ ڪيڏيون گُهلن ٿيون هوائون،

    ٿڌيون هيءُ ڪيڏيون گُهلن ٿيون هوائون،
    منهنجي من اندر کي ڇُهن ٿيون هوائون.

    سڄڻ جنهن به رستي تان گذري وڃين ٿو،
    انهن ئي دڳن کي چُمن ٿيون هوائون.

    وٺي پاڻ سان گڏ پرين تنهنجي خوشبوءَ،
    سمونڊي کڻي هي اچن ٿيون هوائون.

    مٿان تنهنجي گهر جي اچي هي اڏامي،
    ادب ساڻ گذري وڃن ٿيون هوائون.

    الائي هي جاني مون وانگي محبت،
    لڳي ٿو ته توسان به ڪن ٿيون هوائون.

    مقرر نه ”اڪبر“ هنن جو آ ٽائيم،
    جڏهن چاهين توکي ڏسن ٿيون هوائون.
    **


    درد سان ڀرپور آهي زندگي،

    درد سان ڀرپور آهي زندگي،
    ٿي پئي ناسور آهي زندگي.

    تو بنا هيءَ روز ڇڻندي ٿي وڃي،
    انب جو ڄڻ ٻور آهي زندگي.

    درد جا هي بار ٿي کڻندي وتي،
    ڄڻ ته هي مزدور آهي زندگي.

    هڪ چڪر مون کان هڻي وڃ دلربا،
    پو ڪني منظور آهي زندگي.

    ڪوئلي جهڙي آ منهنجي زندگي،
    تنهنجي ڪوههِ نور آهي زندگي.

    دل ٽٽڻ کان پوءِ ”اڪبر“ هيءُ ڏس،
    يار چڪنا چور آهي زندگي.
    **


    پاڻ کي مان ڀلائي سگهان ٿو مگر،

    پاڻ کي مان ڀلائي سگهان ٿو مگر،
    توکي ڀلجي وڃڻ هاڻ ممڪن نه آ.

    ديد ۾ تون سمايل رهين ٿي سدا،
    ٻئي ڪنهين کي ڏسڻ هاڻ ممڪن نه آ.

    نانءُ تنهنجو چپن ساڻ چنبڙي پيو،
    ٻئي جو نالو کڻڻ هاڻ ممڪن نه آ.

    ياد تنهنجي بنا اي مٺي سچ پڇين،
    هڪ پهر ڀي ڪٽڻ هاڻ ممڪن نه آ.

    تون مٽيءَ جي اندر پورجي آن وئي،
    منهنجو ٻاهر جيئڻ هاڻ ممڪن نه آ.

    روح پنهنجا مرڻ کان پو ”اڪبر“ مليا،
    ڌار تن کي ڪرڻ هاڻ ممڪن نه آ.
    **


    تنهنجي تصوير کي مان ڏسي ٿو روئان،

    تنهنجي تصوير کي مان ڏسي ٿو روئان،
    ننڊ مان آءُ تو لئه اٿي ٿو روئان.

    تون ڪبوتر جيان يار اڏري وئين،
    توکي ساري اڃا اجنبي ٿو روئان.

    منهنجا سنگتي جي نالو ٿا تنهنجو وٺن،
    نانءُ تنهنجو مٺا مان ٻڌي ٿو روئان.

    خط ويجهڙ ۾ تنهنجو جڏهن آ مليو،
    سِٽ تنهنجي پڙهي آخري ٿو روئان.

    تون ضروري پرين مونڏي ايندين وري،
    هام مان دوستن سان هڻي ٿو روئان.

    عيد جو چنڊ ٻيا ٿا ڏسي خوش ٿين،
    چنڊ کي آءُ ”اڪبر“ ڏسي ٿو روئان.
    **


    دل اندر درد محسوس ٿئي ٿو پيو،

    دل اندر درد محسوس ٿئي ٿو پيو،
    هو جڏهن ياد مون کي اچي ٿو پيو.

    خود به خود پير منهنجا ٿا اڳتي وڌن،
    ڄڻ ته محبوب جو در ڇڪي ٿو پيو.

    ڪوئي هن کي بچائي وٺي جلد ۾،
    عشق جي سمنڊ ۾ هو ٻڏي ٿو پيو.

    هن کي ڪنهن آدميءَ جو سهارو نه آ،
    پوءِ ڀي پوڙهو لٺ تي گهمي ٿو پيو.

    هو جڏهن کان ملڻ مون سان ويو آ ڇڏي،
    رنگ زندگي جو ڦٽندو وڃي ٿو پيو.

    مون کي ”اڪبر“ جهان ۾ اڪيلو ڏسي،
    موت ڀي روز سڏڙا ڪري ٿو پيو.
    **


    اجنبي پنهنجو نالو ٻڌائي وڃو،

    اجنبي پنهنجو نالو ٻڌائي وڃو،
    پنهنجي رُخ تان ته پردو هٽائي وڃو.

    ڇو ڏسي! پنهنجو چهرو پري ٿا ڪيو،
    ديد سان ديد دلبر ملائي وڃو.

    ڪجهه نه ٿو مان توهان کان گهران بس رڳو
    هڪ دفعو نانءُ منهنجي سڏائي وڃو.

    مان حياتي توهان جي ته نالي ڪيان،
    موت جي ساز تي ڀل نچائي وڃو.

    ڪوئي محفل ۾ آيو نه آهي اڃا،
    هي ٻريل ڏيئو ڀلجان وسائي وڃو.

    جي خوشي ڪو نه ”اڪبر“ ڏئي ٿا سگهو،
    درد جو مينهن ئي ڀل وَسائي وڃو.
    **


    روح کي راحت ملي توکي ڏٺو،

    روح کي راحت ملي توکي ڏٺو،
    اڄ ته آ قسمت کلي توکي ڏٺو.

    توکي ڏسندي ڏينهن ڪافي ٿي ويا،
    آ اداسي وئي هلي توکي ڏٺو.

    راتيون روئڻ ۾ اڳ گذريون پئي،
    اڄ ڏنو آ مون کلي توکي ڏٺو،

    هونئن ته جهولي يار ساڙي هو ڇڏيو،
    هير ٿڌڙي آ گهلي توکي ڏٺو.

    جنهن گهٽيءَ سان اڄ گذر تنهنجو ٿيو،
    چنڊ جان چمڪي ڳلي توکي ڏٺو.

    سور مظبوطيءَ سان جڪڙي هو جهليو،
    اڄ رسي ٿي وئي ڍلي توکي ڏٺو.

    ڳل گلابي ڀي لڳن بي رنگ پيا،
    تن کي آ رنگت ملي توکي ڏٺو.

    تون نه هئين ”اڪبر“ ستائن درد پيا،
    خاڪ ٿي ويا غم جلي توکي ڌٺو.
    **


    هن قدم جو رکيو صحن ۾ آ،

    هن قدم جو رکيو صحن ۾ آ،
    ٿي اضافو ويو خوشين ۾ آ.

    هن جو ٻاهن جو هار پارايو،
    ساهه پئجي ويو لڱن ۾ آ.

    ڪيئن هن کي ڀلا وساريندس؟
    هو ته رهندو سدا اکين ۾ آ.

    جيڪا خوشبوءِ هن ۾ هوندي هئي،
    ساڳي خوشبوءِ سندس خطن ۾ آ.

    ڪهڙو تڪرار ۾ مزو آهي،
    جيڏو هن پيار ۽ امن ۾ آ.

    پيار جيڏو آ سنڌ پنهنجي ۾،
    ايڏو ”اڪبر“ نه ڪنهن وطن ۾ آ.
    **


    سخت سردي ۾ باهه ٻاري ٿو،

    سخت سردي ۾ باهه ٻاري ٿو،
    ڪنهن کي روئي چريو سنڀاري ٿو.

    مان هتي ڀٽڪندو وتان ٿو پيو،
    ڪير مون کي هُتي پڪاري ٿو،

    رات جو ٿئي جئين انڌيرو ٿو،
    ياد جو بلب ڪير ٻاري ٿو،

    چنڊ ماڻي سگهان توکي جيڪر،
    تارو حسرت منجهان نهاري ٿو.

    ’توکي چاهيوسي‘ ڳايو آ ’شبير‘،
    هي غزل هر پهر روئاري ٿو.

    جنهن جا پَر پاڻ هُن پٽيا هٿ سان،
    سو پکي ڪيئن چريو اڏاري ٿو.

    ڪاري ٿيل رت سان آ رڱيل ناري،
    ٻار تنهن ماءُ کي اٿاري ٿو.
    **
    ’’توکي چاهيوسي ‘‘ ـــ شبير سمون جو ڳايل گيت


    سنڌ تان جان به آ قربان،

    سنڌ تان جان به آ قربان،
    تَنَ من دولت ملڪيت مان.

    لوڏو اچي نه سگهي ٿو سنڌ کي،
    جنهن جو قلندر آ نگران.

    سنڌ جي شاهه جو تنبورو ۽،
    ٽوپي اجرڪ آ پهچان.

    رب جو مان ٿو شڪر ادا ڪيان،
    مون ملي ويو ديس مهان.

    رت ۾ ريٽيل ڳاڙهو جهنڊو،
    سنڌ جو هي آ خاص نشان.

    سنڌ کي خوشحال ڏسان ”اڪبر“
    هي بس منهنجو آ ارمان.
    **


    اڄ آيو آ يار اچانڪ،

    اڄ آيو آ يار اچانڪ،
    دل ٿي پئي آ بهار اچانڪ.

    دردن جي درياءَ ۾ لڙهندي،
    نيٺ ته ٿيندس پار اچانڪ.

    نيڻ کڻي جو مون ڏي ڏٺائين،
    نظرون ٿي ويون چار اچانڪ.

    مون ڏي ساڻ کڻي آ آيو،
    خوشين جا انبار اچانڪ.

    چنڊ جيان ڪڪرن ۾ لڪي ويو،
    اڄ ٿي پيو نروار اچانڪ.

    رنگا رنگي ”اڪبر“ سارو،
    روشن ٿيو سنسار اچانڪ.
    **


    وائي

    هُن جي چادر ويا کسي،
    جا هئي پرديدار،
    وقت اچي ڪهڙو ويو!
    ماڻهو ماڻهو لئه ڪري،
    رت سان ٿو سينگار،
    وقت اچي ڪهڙو ويو!
    پئسن عيوض ڌيءَ جو،
    پيءُ ڪيو واپار،
    وقت اچي ڪهڙو ويو!
    هاڻي ظاهر ٿي پيا،
    قيامت جا آثار،
    وقت اچي ڪهڙو ويو!
    **


    بشير آچو

    تعارف

    اباڻو نانءُ: بشير احمد آچو
    ادبي نانءُ: بشير آچو
    ولديت: حاجي پير محمد آچو
    جنم: 10 جون 1968ع
    ادبي سڃاڻپ: ڪهاڻيڪار/نقاد
    تعليم : بي اي
    جنم جاءِ: ڳوٺ آچا، تعلقه قنبر
    ڪرت: سرڪاري نوڪري
    ايڊريس: ڊي سي هائوس قنبر
    فون نمبر: 03133702898


    غزل

    ارمانن کي چيري ڦاڙي،

    ارمانن کي چيري ڦاڙي،
    ڪنهن ته ڇڏيو جذبن کي ساڙي!

    تون ڇو باک جي آس تي آن،
    سج سستيءَ ۾ ڇڏيئه لاڙي!

    ڪنهنجي مُک تي مرڪ جا موتي،
    نير اکين مان ڪو پيو ڳاڙي.

    هونئنءَ ته آ ويران هي ويڙهو،
    تون نه هجين جي پنهنجي پاڙي.

    هيڻي تي آ هرڪو شينهن،
    بازُ به پيو جھرڪيءَ کي تاڙي.

    نصيب اسان جو ”بشير“ اهڙو،
    وئي چمن کي خزان اجاڙي!


    گيت

    جَنِمنِ جي ڪيڏي دوري، صدين جو فاصلو آ،
    پو به ته هن جي آيو يادن جو قافلو آ.

    هڪ موڙ تي تو مرڪي هٿڙن جو ڪيو اشارو،
    ڌنڌ جي تهن مان جرڪي، سو نقش پيو آ سارو.
    اکين ۾ اٿل آئي، ڌڙڪن ۾ زلزلو آ.

    هر بسنت جا بهاري، توريءَ مون ڪئين گذاري،
    پل پل اداسيءَ ۾ اکڙن مان آب جاري،
    بوندون نه بس ڪنديون هي سانوڻ جو سلسلو آ.

    مايوسيءَ جي کنڊرات ۾، مان ناهيان اڪيلو،
    ڀانيان ٿو تصورات جي دنيا ۾ ڪو ميلو،
    وک وک تي ڄڻ وڌايو مرڪي تو حوصلو آ.

    هن امّيد جي سهاري، پيو ٿو ”بشير“ گھاري،
    ڪنهن موڙ تي وري من منهڙو پرين ڏيکاري،
    هيڏي ته بس جيئڻ لئه هڪ آسرو ٺلهو آ.
    **


    مان ئي ناهيان المين جي شهر ۾،

    مان ئي ناهيان المين جي شهر ۾،
    آ لڳو پيو لوڪ سارو قهر ۾!

    رات ڀي نيڻن مان برسي ماڪ پئي،
    ياد جي ڇولي اٿي دل ـــ نهر ۾!

    تو سوا ڏسُ وقت ڪيڏي دير ڪئي،
    ڪنهن سمايون هن صديون هڪ پهر ۾!

    مست ويرن جي ويون سڀ ور چڙهي،
    ڪا ڏسين ٿو دور ٻيڙي بحر ۾!

    جُون جي گرمي ۽ نٽهڻ اُس ۾،
    ڪو ته ٻچڙن لئه پُسيو پيو پگھر ۾!

    شوخ لفظن جا اهي لهجا ”بشير!“
    ڄڻ هنيائين تير ٻوڙي زهر ۾.
    **


    اڱڻ ۾ اميدن جو ٻاري ڏيئو،

    اڱڻ ۾ اميدن جو ٻاري ڏيئو،
    غمن سان وڙهي مرڪي مرڪي جيئو.

    ارادي اٽل ۽ بلند حوصلي سان،
    پهاڙن جيان ويري آڏو بيهو!

    ڀلي دور منزل هجي ڪيتري پر،
    رکو حوصلي جي ته گولن ۾ سيهو!

    جھڪي بار ڪنهن کان نه هستي سا، تون-
    پائي ڏس اندر جي اکين ساڻ ليئو.

    سُتيون سور سمجھي پيا ڪتب آڻيو،
    دوا جيئن گھوٽي ڏکن کي پيئو!

    قدم سمجهه سان کڻ تون هر هڪ ’بشير!‘
    ته دشمن به سگھندو رسائي نه ڇيهو.

    **


    مان صحرا جي ڪا واري هان،

    مان صحرا جي ڪا واري هان،
    يا وسندڙ ڪڪري ڪاري هان.

    جت پنڇي جو هو آکيرو،
    سا وڻ جي ٽٽل ٽاري هان.

    ڪنهن ظالم جي تهه خانن ۾،
    مان گھايل جيوت ساري هان.

    جا بيدريءَ سان بسمل آ،
    معصوم سنڌياڻي ناري هان.

    جت جنمن کان ڏيئو نه جليو،
    سا اجڙيل گھرَ جي جاري هان.

    جو قرضن مرضن ۾ ڦاٿل،
    سو جيل نجيءَ جو هاري هان.

    جا پيسن تي آ پيءُ ڏني،
    سا نياڻي قسمت ماري هان.

    ناهي ساوڪ جو ڪو تيلو،
    ڪهڙي ”بشير“ مان ٻاري هان!
    **


    خماريل اکين کي کڻي جو ڏٺائين،

    خماريل اکين کي کڻي جو ڏٺائين،
    ڀري مڌ جا پيالا ٿي مون کي ڏنائين.

    نظر منجهه کينچل جا ڪرڻا ٿي مرڪيا،
    ۽ لبڙن تي شبنم جا سجدا سدائين.

    ڏني رات کي مات زلفن جي نانگن،
    سنوارڻ لئه رُخ تي جو ڇوڙي ڇڏيائين.

    ستارن جان سهڻا، مهڪ موتئي جي،
    اکر فيئر بڪ تي نه ڪهڙا لکيائين.

    وٺڻ درس ٻوليءَ جو ڪويل ٿي آئي،
    هلڻ هنجڙن کي خوشيءَ سان ڏَسيائين.

    اهو وقت ڪيئن مان وساريان ”بشير“
    جڏهن پيار جو هٿّ دل تي رکيائين.
    **


    مور نه موٽيا ماڳن تي آ رات انڌيري ڇائنجي وئي،

    مور نه موٽيا ماڳن تي آ رات انڌيري ڇائنجي وئي،
    ملڻو هاڻي ڀاڳن تي آ رات انڌيري ڇانئجي وئي.

    آس جا ڏيئا ٻاري اکين ۾، ويٺي آ هوءَ ويچاري،
    ٻيڙو آهي جھاڳن تي، آ رات انڌيري ڇانئجي وئي.

    وڳر ڪري هُو وريا هن، جي صبح سويلي نڪتا ها،
    ويٺا ٽارن ساڳن تي، آ رات انڌيري ڇانئجي وئي.

    ڪانبي ۾ هوءَ ڪئين نه وجھي ٿي پئي سرنهن ۽ ڄانڀي جا پنَ،
    سندس گذارو ساڳن تي، آ رات انڌيري ڇانئجي وئي.

    ميلي تي مانڌاڻ مچائڻ، تبلي، چپڙي، يڪتاري سان،
    بي سُريا هليا راڳن تي، آ رات انڌيري ڇانئجي وئي.

    ها فائر جا آواز چوڌاري، ٿي رُت سان ڌرتي ڳاڙهي وئي،
    وڙهيا خسيس مهاڳن تي، آ رات انڌيري ڇانئجي وئي.
    **


    چوسٽا

    آسن جي اکڙين ۾ ڪا غم جي شام لٿل،
    پيڙا جي پرهه ڦٽي ۽ دل جي آس ٽٽل.
    دردن جي دنيا سان بشير اهڙو رشتو،
    سڏڪا ساريون راتيون ۽ ڳلڙا روز ڀنل.

    *******

    من کي موهيندڙ جي منظر اکين منجهه سمايا ها،
    طبقاتن جي ظلمي ريتن انا ساڻ سي ڊاهيا ها!
    حالتن جا وحشي حاڪم ڪجهه نه ڪري ٿي سگھيا پر،
    تنهنجي خوشين خاطر ئي بشير لڙڪ وهايا ها!

    *******
    جدائي جو اهو منظر ڏکائي ڪيڏو ٿو دل کي،
    لوڏي هٿڙو چوڻ ”ٽا ٽا“ ، جلائي ڪيڏو ٿو دل کي!
    چاڙهي سر ساههُ سوليءَ تي، لُٽي ارمان وڇوڙو ٿو،
    سڄڻ! احساسُ دوريءَ جو، ستائي ڪيڏو ٿو دل کي!

    *******

    نه سمجھو وقت ٿو گذري، حياتي هي اجاڙي ٿو،
    لڳي سانوڻ جي آتش جان، سُڪا ۽ ساوا ساڙي ٿو.
    نه هي ارمان يا ڳوڙها نه ڪنهن جي بيوسي سمجھي،
    پائي پاهڻ هي پيرن ۾، ٿيئي وحشي لتاڙي ٿو!
    *******


    نثري نظم

    هي دنيا گھڻي وڏي آ

    هي دنيا گھڻي وڏي آ
    پر
    مون کي
    سڀ ڪجهه
    تنهنجي پيرن ۾ ئي
    ڏسڻ ۾ ٿو اچي
    ته
    مان ڪاڏي وڃان!؟


    تنهنجي محبت جي سجدي کي
    مون عبادت سمجھي
    ڪڏهن به قضا نه ڪيو.


    اي بهار جي ٺريل رات!

    اي بهار جي ٺريل رات!
    تنهنجون روحاني رمزون
    مون تي عيان ٿي ويون آهن.
    هاڻي بي چئي ننڊ جي
    آغوش ۾ اچڻ کان ڊڄان ٿو!


    اي بي درد وقت!

    اي بي درد وقت!
    زندانن ۾ اجڙيل زندگين جا
    مرثيا پڙهڻ چاهيان ته ڪٿي پڙهان!؟


    جدائي جا درد!

    جدائي جا درد!
    آزار جي فهرست ۾ توکي ڪائون نمبر ڏيان!؟

    *

    خزان جي ڇڻيل پنن واري وڻ تان
    پکي
    پنهنجو آکيرو
    ڪٿي آ هٽائيندو؟!


    شيخ فرازي

    تعارف

    پورو نالو : سڪندر علي
    پيءُ جو نالو: غلام نبي شيخ
    ادبي نالو: شيخ فرازي
    جنم تاريخ: 2 آگسٽ 1973ع
    تعليم: مئٽرڪ
    ڪرت: پرائيويٽ ملازم
    ادبي سڃاڻپ: شاعر
    لکڻ جي شروعات: 1989ع کان
    ڇپيل ڪتاب: (1) سمنڊ تري آيا
    اڻڇپيل: شاعري جي ٻن ڪتابن جو مواد سهيڙيل
    هاڻوڪي رهائش: لاڙڪاڻو
    پوسٽل ائڊريس: رابيل ڪتاب گهر لاڙڪاڻو
    03463382299


    غزل

    اوهان جي پار جا سپنا،

    اوهان جي پار جا سپنا،
    اسان جي پيار جا سپنا.

    اسان جي نام سائل کي،
    نه ڏي آزار جا سپنا.

    اوهان جو ساٿ آ مون سان،
    مليا سينگار جا سپنا.

    جدا توکان تنهنجي سهڻي،
    مئا ميهار جا سپنا.

    ٿيس ٿر مان سوا تنهنجي،
    ڏيو ملهار جا سپنا.

    ڀلي ڀيليو ”فرازي“ دل،
    اٿم هاڪار جا سپنا.
    **


    ڪا رات گلابن جهڙي آ،

    ڪا رات گلابن جهڙي آ،
    ڪا رات عذابن جهڙي آ.

    ڪا رات گناهن سان ڀريل،
    ڪا رات ثوابن جهڙي آ.

    ڪا رات کليل چهري جهڙي،
    ڪا رات نقابن جهڙي آ.

    ڪا رات بکايل ٻار جيان،
    ڪا رات ڪبابن جهڙي آ.

    ڪا رات ”فرازي“ پيار ڀري،
    ڪا رات حجابن جهڙي آ.
    **


    وڃي رت پئي روئندي اُٺن جي پٺيان،

    وڃي رت پئي روئندي اُٺن جي پٺيان،
    خوشي هوءَ ڏسي پئي ڏکن جي پٺيان.

    گهريو جنهن به توکي گهڻي کان گهڻو،
    ڏسان ٿي نه سي مان سُکن جي پٺيان.

    بنا سبب جنهن به پنهنجو گهر ڇڏيو آ،
    اها پئجي وئي آ غمن جي پٺيان.

    پيو نانءَ سسئي آ جنهن جي مٿان،
    اها پئي رلي ٿي دڳن جي پٺيان.

    اهي نانگ رَڙڪي ويندئي سونهن کي،
    نه هل سمجهه ڪر وسوسن جي پٺيان.

    ”فرازي“ حسن جي اکين جو قسم،
    سڙي وئي خوشي فاصلن جي پٺيان.


    روز وڌن ٿا پار ڏکن جا،

    روز وڌن ٿا پار ڏکن جا،
    ڪير گهٽائي بار ڏکن جا.

    سُک جا ڪافي هوندا آهن،
    باقي ٿورا يار ڏکن جا.

    جيڪي هن شاديءَ تي پاتا،
    سي بڻيا سينگار ڏکن جا.

    وڌندي تنهنجي ڪاوڙ آهي،
    وڌندا آهن وار ڏکن جا.

    جنهن لئه خوشيون گهرندو هئس مان،
    شام وجهي وئي هار ڏکن جا.

    تون جو ناهين ”شيخ فرازي“
    ڪير ڇڏائي ڄار ڏکن جا.
    **


    پاڻ پنهنجي خوشيءَ لئه ٽانڊا،

    پاڻ پنهنجي خوشيءَ لئه ٽانڊا،
    ايئن نه ٿيو دوستيءَ لئه ٽانڊا.

    ڀروسي جي اکين چيو بڻيا،
    آدمي، آدميءَ لئه ٽانڊا.

    تون نه آن شاعري جي موسم ۾،
    ٿو ڏسان شاعريءَ لئه ٽانڊا.

    ڪجهه نه ٿيڻ جي ميار ها چلهه ۾،
    هن رکيا جي ڪُنيءَ لئه ٽانڊا.

    تو وئي دڳ وتو ”فرازي“ جو،
    سو ٿيو زندگيءَ لئه ٽانڊا.


    مون کي ڀي آسمان آ پنهنجو،

    مون کي ڀي آسمان آ پنهنجو،
    شاعراڻو جهان آ پنهنجو.

    سونهن اهڙيءَ سان اک اڙي آهي،
    ٿي ويو لامڪان آ پنهنجو.

    سنڌ تي مان جڏهن به لکندو هان،
    تازو ٿيندو ايمان آ پنهنجو.

    ڪو اڱڻ تان بُکيو وڃي موٽي،
    هي”فرازي“ نه شان آ پنهنجو.
    **


    زندگي جو بچاءُ آ پيارا،

    زندگي جو بچاءُ آ پيارا،
    ساٿ تنهنجو سجاءُ آ پيارا!

    بي وفائي ڪيان اوهان سان مان،
    هي غمن جو دٻاءُ آ پيارا!

    جان منهنجي جو تون حصو آهين،
    هي نه سمجهو وڌاءُ آ پيارا!

    ڏي ته اونداهه مان وڃان گذري،
    ساٿ تنهنجو شعاءُ آ پيارا!

    اچ ”فرازي“ کي هي وڃائي ٿو،
    جو وڇوڙي جو واءُ آ پيارا!
    **


    شام جي احساس جهڙي شاعري،

    شام جي احساس جهڙي شاعري،
    توسوا مان آهيان اهڙي شاعري.

    جنهن نموني جي رياضت آ ڪندو،
    سو ڪوي لکندو آ تهڙي شاعري.

    سوچ هن جي ايئن لڳي ايمان سون،
    ديس لئه هوشو جان وِهڙي شاعري.

    سونهن جي پاسي وٺي جيڪا نه وئي،
    سا ”فرازي“ آهي ڪهڙي شاعري.
    **


    ادائن جو اظهار سمجهي نه ٿو،

    ادائن جو اظهار سمجهي نه ٿو،
    چريو آ منهنجو پيار سمجهي نه ٿو.

    چوي ٿو اسان کي ڀلايو ڀلي،
    ٿيان ڪيئن گنهگار سمجهي نه ٿو.

    نه تو لئه مان سنوران ڪڏهن ڀي هتي،
    اهو منهنجو سينگار سمجهي نه ٿو.

    تون ئي ڪافي آهين ”فرازي“ هتي،
    ٿيو ڇا جي سنسار سمجهي نه ٿو.
    **


    سونهن ڏسي دل ٺاريان ويٺو،

    سونهن ڏسي دل ٺاريان ويٺو،
    پاڻ ايئن ٿو جياريان ويٺو.

    اچڻ وڃڻ تون بند ڪري وئين،
    اوندهه منجهه گذاريان ويٺو.

    ياد تنهنجي کي پائي ڀاڪر،
    دل جا درد وساريان ويٺو.

    ڪنهن کان مولا پيار نه وڇڙي،
    تو در هيءَ پڪاريان ويٺو.

    ايندين ڪڏهن تون”شيخ فرازي“
    راهه اوهان جي نهاريان ويٺو.
    **


    اک جا اُلڪا، فرازي!

    اک جا اُلڪا، فرازي!
    زهر ٿيا رشتا، فرازي!

    تو وئي سڀ زندگيءَ جا،
    کيلَ ٿيا اُلٽا، فرازي!

    پيار ظاهر ٿيو اوهان جو،
    جيئن وڳا سُرندا، فرازي!

    انقلابي آدمين جا،
    نيڻ ٿئي ڳاڙها، فرازي!

    غور سان ڏس بيوڙن جا،
    پار ٿئي پڌرا، فرازي!

    آهي لابارو اچڻ تي،
    هٿِ ڪر ڏاٽا، فرازي!

    پيار سسئي جو کڻي ويا،
    ڏير ۽ ڏاگها، فرازي!

    ذائقو ٿئي کير اڪ جو،
    با حوس بوسا، فرازي!
    **


    ڪيترو ڪمزور آهيان دوستو!

    ڪيترو ڪمزور آهيان دوستو!
    سونهن آڏو ڪجهه به ناهيان دوستو!

    مفلسي آ پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀريو،
    قرض ڪنهن جو ڪيئن لاهيان دوستو!

    غور سان منهنجي اکين ۾ ڪو ڏسي،
    آهي ظاهر ڇا ٿو چاهيان دوستو!

    جو اڏيو آ محبتن لئه ظالمن،
    ڪوٽ رسمن جو ٿو ڊاهيان دوستو!

    شوق آهي جلد منزل ماڻيان،
    ان ڪري ٿو ڪوهه ڪاهيان دوستو!

    شاعري جي روپ ۾ مان سونهن لئه،
    پيار جو ٿو محل ٺاهيان دوستو! **


    تو پٺيائون راهه ۾ گم ٿي وئي،

    تو پٺيائون راهه ۾ گم ٿي وئي،
    زندگي ويساهه ۾ گم ٿي وئي.

    جا سمنڊ کان ٽپي آئي هئي،
    سا ته وهندڙ واهه ۾ گم ٿي وئي.

    محبتن جي پيچرن تي چاندني،
    موت واري چاهه ۾ گم ٿي وئي.

    ڪا نه لاهي پير ٿي کٽ تان ڪڏهن،
    ڪا ويچاري گاهه ۾ گم ٿي وئي.

    جو نه سمجهي وقت کي هليو ته ان جي،
    شاعري وهه واهه ۾ گم ٿي وئي.

    اڄ ”فرازي“ هو پڇيو آڪاش کان،
    ڳالهه ڇو هو ڳاهه ۾ گم ٿي وئي.
    **


    وفا ٻرڙو

    تعارف

    پورو نالو : محمد بخش
    پيءُ جو نالو: حاجي عبداللطيف ٻرڙو
    ادبي نالو: وفا ٻرڙو
    جنم تاريخ: 1 اپريل 1975ع
    جنم ڀومي: ڳوٺ حاجي ماڻڪ ٻرڙو تعلقو ٺل ضلعو جيڪب آباد
    تعليم: انٽر
    ڪرت: سنڌ پوليس ۾ وائرليس آپريٽر
    ادبي سڃاڻپ: شاعر ۽ نثر نويس
    لکڻ جي شروعات: 1990ع کان
    شاعري ۾ استاد: وسيم سومرو
    هاڻوڪي رهائش: ٺل ضلعو جيڪب آباد سنڌ
    پوسٽل ائڊريس: عيني فيشن ٽيلرنگ هائوس لڳ ٽائون ڪاميٽي ٺل ضلعو جيڪب آباد سنڌ.
    Email :m.buxburiro@yahoo.com
    03029738036-03423949972


    غزل

    تو پڄاڻان عذاب ڀوڳيان ٿو،

    تو پڄاڻان عذاب ڀوڳيان ٿو،
    ڳڻپ کان بي حساب ڀوڳيان ٿو.

    زندگي ڄڻ ته ڪو تماشو آ،
    هي سزا لاجواب ڀوڳيان ٿو.

    توکي هڪڙو سوال مون هو ڪيو،
    هاڻ ان جو جواب ڀوڳيان ٿو.

    تهمتن جو کلي پيو اتهاس،
    درد جو انتساب ڀوڳيان ٿو.

    تنهنجو ڀاڪر ڪڏهن نصيب ٿئي،
    آرزو جا گلاب ڀوڳيان ٿو.

    توکي پوڄي ”وفا“ مشهور ٿيو،
    هاڻ ان جو ثواب ڀوڳيان ٿو.


    نيڻن جو پنڌ پرينءَ ڏي،

    نيڻن جو پنڌ پرينءَ ڏي،
    پيرن جو پنڌ پرينءَ ڏي.

    ذهن ۾ ڪي سوچون آهن،
    سوچن جو پنڌ پرينءَ ڏي.

    ساڀيان ته ٿيندو آخر،
    ڌڙڪن جو پنڌ پرينءَ ڏي.

    لفظ ٿو جوڙيان ويٺو،
    لفظن جو پنڌ پرينءَ ڏي.

    وفا جي ذهن ۾ سپنا ڊوڙن،
    سپنن جو پنڌ پرينءَ ڏي.
    **


    دل جو درد ٻڌايان توکي،

    دل جو درد ٻڌايان توکي،
    پنهنجو ميت بڻايان توکي.

    روئندي روئندي رات ٿي ڪٽجي،
    پنهنجو حال پسايان توکي.

    پنهنجي ڏک ۾ پاڻ جلان مان،
    ڪڏهن به ڪين جلايان توکي.

    دل جي آس ”وفا“ آ ڪيڏي،
    ساهن منجهه سمايان توکي.
    **


    رات جڏهن هوءَ آئي،

    رات جڏهن هوءَ آئي،
    چانڊوڪي ڏاڍو شرمائي.

    مٺڙي مٺڙي ڪن ۾،
    هن ڪا ڳالهه سڻائي.

    هن کي جيون ارپيم،
    ڪنهن کي ڄاڻ نه ڪائي.

    سنڌو لهرون ٿي ويو،
    گونجي شاهه جي وائي.

    پنهنجا مارو ڳائن،
    نيٺ ته ٿيندي سڻائي.

    ”وفا“ جي دل ۾ سچ آ،
    ڪانهي ڪا به ٻيائي.
    **


    دل ۾ تنهنجي سار او سائين!

    دل ۾ تنهنجي سار او سائين!
    تو بن من مونجهار او سائين!

    اجڙيل اجڙيل دل جو گلشن،
    تون آئين ٿي بهار او سائين!

    تنهنجي ياد عبادت مون لئه،
    تون ئي ساهه سينگار او سائين!

    جيون ”وفا“ جو توسان جڙيل،
    تون ئي منهنجو يار او سائين!
    **


    دين ڌرم ڌرتي آ،

    دين ڌرم ڌرتي آ،
    پياري سندر سرتي آ.

    هن جا رکوالا آهيون،
    جا پنهنجي بستي آ.

    جيون سارو هن لئه منهنجو،
    هيءَ ئي منهنجي سرتي آ.

    ڀل قيد ڏين مان ڪاٽيندس،
    ”وفا“ واٽ اها ورتي آ.
    **


    تنهنجا سپنا تنهنجون سارون،

    تنهنجا سپنا تنهنجون سارون،
    تـــــو بــــــن هينئـــڙو ڦارون ڦارون.

    ڪير ڪندو دردن جي رُت ۾،
    تو بن منهنجي دل جو دارون.

    ڪيڏو ٿيون واجهائن پيارا،
    منهنجون تولئه نيڻ نهارون.

    ڪاٿي آهين آءُ هلي آ،
    منهنجون ٻڌي تون پرين پڪارون.

    لُڙڪ ”وفا“ جا ايئن ٿا برسن،
    جيئن ڪي برسن مينهن جون لارون.


    جيئن جو گيت چپن ڪو ڳايو،

    جيئن جو گيت چپن ڪو ڳايو،
    تنهنجو چهرو اڳيان آيو.

    ڪوئل گيت گلن جا ڳايا،
    جوڀن رُت جو موٽي آيو.

    سدا سکن ۾ رهين او سنڌڙي!
    تون ئي مارن جو سرمايو.

    تنهنجي اچڻ کان پوءِ او پياري!
    موت هي جيون آ جرڪايو.

    دل جا سارا سور هليا ويا،
    ”وفا“ ٿيو آ سکن جو سايو.
    **


    ڏينهن اوهان، جو رات اوهان جي،

    ڏينهن اوهان، جو رات اوهان جي،
    مون کي آهي، تات اوهان جي.

    لُڙڪ اکين مان، وهن ٿا لارون،
    آهي ڏنل برسات اوهان جي.

    وسرين ڪين مٺا ٿو مون کان،
    روز لبن تي بات اوهان جي.

    هي ته ”وفا“ آ سادو سادو،
    اوچي آهي ذات اوهان جي.
    **


    هي حسرتن جا لاشا، کڻون ڪيستائين،

    هي حسرتن جا لاشا، کڻون ڪيستائين،
    جيئڻ جي ڪا آشا، کڻون ڪيستائين.

    نه تون ٻار آن، جو نه سمجهي سگهين،
    نئين ڪا ٻي ڀاشا، کڻون ڪيستائين.

    اوهان جي شهر جون اسان تي ٺٺوليون،
    اوهان لئه تماشا، کڻون ڪيستائين.

    سدا هٿ زخمي ڪري هن جهان ۾،
    ”وفا“ دل جا شيشا، کڻون ڪيستائين.
    **


    نيڻن کي اوجاڳا ٿي پيا،

    نيڻن کي اوجاڳا ٿي پيا،
    لُڙڪ اکين جا واڪا ٿي پيا.

    تون هٿ لوڏيا مون سمجهو ڪو نه،
    ڇا ته چيئي پئي الڪا ٿي پيا.

    نيڻ کڻي تو ڦيري ڇڏيا،
    دل جا الڪا سڏڪا ٿي پيا.

    تو بن اندر اڍڙي پيو آ،
    من جا ڪيئي ذرڙا ٿي پيا.

    تنهنجي سڪ اڪير ۾ سائين،
    باهه بدن جا ڀڙڪا ٿي پيا.
    **


    مرڪن جا موتي تون ميڙي هلي آ،

    مرڪن جا موتي تون ميڙي هلي آ،
    ڪل پيار مون لئه سهيڙي هلي آ.

    سوا تنهنجي جانان ٻيو ڪير آهي،
    ڪڪر جهڙا گيسو پکيڙي هلي آ.

    آهي عيد آئي اچ ملڻ لاءِ جاني،
    مکڙي مرڪن جي ٽيڙي هلي آ.

    ڌرتيءَ آهن رنگين ويس اوڍيا،
    سونهن تون مون لاءِ سهيڙي هلي آ.

    ”وفا“ جو آهي تو ۾ ساهه سرتي،
    زماني کان پاڻ نکيڙي هلي آ.
    **


    تو بن جيون منهنجا سائين!

    تو بن جيون منهنجا سائين!
    ڳوڙها ڏک ۽ سڏڪا سائين!

    ڇالئه منهنجي قسمت آهي،
    دڙڪا، ڌِڪا ڌوڻا سائين!

    پل پل مون ته ڪئي آ ويهي،
    دل سان تنهنجي پوڄا سائين!

    دل جو گلشن اجڙي ويو آ،
    وکري ويا سڀ سپنا سائين!

    توکي مون جي سڏ ڪيا سي،
    موٽي آيا روئندا سائين!

    يار ”وفا“ وٽ ڪڏهن اچين ٿو،
    هيل ته ڪر ڪي واعدا سائين!


    اشفاق چانڊيو

    تعارف

    پورو نالو : اشفاق احمد
    پيءُ جو نالو: اظهر حسين چانڊيو
    ادبي نالو: اشفاق چانڊيو
    جنم تاريخ: 1 آگسٽ 1988ع
    جنم ڀومي: ڳوٺ حاجي ڄان خان چانڊيو دوست علي روڊ قمبر
    تعليم: ايم اي سنڌي، ڊپلومه انِ اليڪٽريڪل سيڪنڊ پوزيشن
    ڪرت: پرائمري استاد
    ادبي سڃاڻپ: شاعر
    شاعري ۾ استاد: استاد نذير حسين نورياڻي
    لکڻ جي شروعات: 2005ع کان
    ڇپيل ڪتاب: (1) نمائش اسان جي
    (2) شفق رنگن جي مينهوڳي
    هاڻوڪي رهائش: چانڊيا ڪالوني قمبر
    پوسٽل ائڊريس: ڀائو در محمد لائبريري قمبر
    Email :ashfaqchandio307@yahoo.com
    03312016307


    غزل

    پِپِر جي پنن جيئن ڇڻي زندگي ٿي،

    پِپِر جي پنن جيئن ڇڻي زندگي ٿي،
    اوهان_بن هي ڪاٿي وڻي زندگي ٿي.

    اوهان کي جڏهن ڀي ڏسن ٿيون هي اکڙيون،
    نوان ساهه ڄڻ هي کڻي زندگي ٿي.

    ڪيان ياد توکي انهيءَ جي بدلي،
    هٿوڙن جا ڌڪڙا هڻي زندگي ٿي.

    سُکن کي جنم ڪو نه ڏيئي سگهي، پر،
    ڏکن کي ڏهاڙي ڄڻي زندگي ٿي.

    اڙي يار ”اشفاق“ اها موت_وينا،
    سرنهن جي ڪڻن جئان ڳڻي زندگي ٿي.
    **


    ڪو ته ڪڪرن کي چئي وسو يارو،

    ڪو ته ڪڪرن کي چئي وسو يارو،
    منهن ٿرين جا لٿل ڏسو يارو.

    ساڀيان جي پچر پو ڀليجان ڪيو،
    خواب کي پهريان پسو يارو.

    ڪوئي ته ڪنهن لئه روئي اٿيو آهي،
    آسمان ٿو لڳي ٻسو يارو.

    مان اڌورو اڃا پيو آهيان،
    ڪاٿي آ منهنجو ٻيو حصو يارو.

    عشق آهي خدا جي سرمستي،
    عشق کي ٿا چئو ڪسو يارو.

    هو اڃا ڏور ڏور آ ”اشفاق“
    ٿو وڌي روز وسوسو يارو.
    **


    لُڙڪن سان تَر بڻيل ها، منهنجا هي نيڻ ها،

    لُڙڪن سان تَر بڻيل ها، منهنجا هي نيڻ ها،
    تنهنجي اڳيان جهڪيل ها، منهنجا هي نيڻ ها.

    افسوس تو ته هڪڙو، ناهي ڪڏهن پڙهيو،
    هي جي منهنجا غزل ها، منهنجا هي نيڻ ها.

    توتي رکي ميار ڪهڙي، دلربا ڇڏيان،
    مون لئه ازل، اجل ها، منهنجا هي نيڻ ها.

    هڪڙي به منٽ لاءِ ڪئي ننڊ ڪين ٿنِ،
    بي چين چارئي پل ها، منهنجا هي نيڻ ها.
    **


    خدايا! حسن وارن لئه هميشه روئڻو پوندو،

    خدايا! حسن وارن لئه هميشه روئڻو پوندو،
    سدائين سوچ ۾ گم سم ائين ئي جيئڻو پوندو.

    اڙي عيسى، اڙي گوتم، خبر ڏي ڪا خدا ڪارڻ،
    عمر ساري حياتيءَ جو زهر ڇا پيئڻو پوندو.

    نه ڪڏهين آب رڪيو آ سُتل توڙي هجن جاڳيل،
    اکين جي روز لُڙڪن سان ڳلن کي ڌوئڻو پوندو.

    صرف دل کي نه هي دلبر،وڇوِڙي تنهنجي جو هر هر،
    اکين ۽ ماس، هڏ، چم کي ستم هي ڀوڳڻو پوندو.

    حوالي هاڻ بستر جي ٿيو ”اشفاق“ آهيان مان،
    ڇڏي توکي، خدا کي ياد ڪيان، اڄ سوچڻو پوندو.
    **


    وساريم گھڻو ئي مگر ياد آيو،

    وساريم گھڻو ئي مگر ياد آيو،
    اوهان جو چيل هر اکر ياد آيو.

    هُري مشڪ عنبر جي خوشبو هوا ۾،
    مٺي مون کي تنهنجو پگھر ياد آيو.

    ڇُهي تو سڄي سونُ دنيا ڪئي آ،
    مگر هي نه توکي بشر ياد آيو.

    ٻه ٽي لڙڪ اکڙين مان برسي پيا ها،
    توسان وينِ وارو سفر ياد آيو.

    جڏهن کان ٿُڏيو تو، انهيءَ وقت کان پو،
    نه گھر ياد آيو نه در ياد آيو.

    ڏٺا نيڻ تنهنجا ڀريل آب کان ها،
    وسڻ وارو مون کي ڪڪر ياد آيو.

    جتي ڀي ويس مان اتي يار ”اشفاق!“
    اوهان جي ئي دل جو شهر ياد آيو.
    **


    قلم ڪيئن ڪيا تو سر، پڇين ٿو ڇا ڪيو آهي،

    قلم ڪيئن ڪيا تو سر، پڇين ٿو ڇا ڪيو آهي،
    شهر ڪيئي بڻايئه بَرَ، پُڇين ٿو ڇا ڪيو آهي.

    محل ڪيئي ڪروڙن جا ٿيا کنڊرات جا منظر،
    ڏنا ڪنڊا ڦٽا ٿن سرَ، پُڇين ٿو ڇا ڪيو آهي.

    پگهر پنهنجو به پيئڻ لئه نه ڏئين ٿو ڇو وڏيرا تون،
    سڪايا تو سوين هن جَرَ، پُڇين ٿو ڇا ڪيو آهي.

    ظلم ڇا وڌم به ٿيندو آ،زماني ۾ ٻڌايو هي،
    نچايا تو ننَهن تي نَرَ، پُڇين ٿو ڇا ڪيو آهي.

    سُري کاڌل هڏا منهنجا لڳن ايئن اڄ مونکي،
    رڳن کي تو ڏنا هن وَرَ، پُڇين ٿو ڇا ڪيو آهي.

    لتون ٺونشا هڻي ڪُک ۾ ڪيا تو بند سڀ نڪ ۾،
    ڪيرايئي پيٽ وارا ڦَرَ، پُڇين ٿو ڇا ڪيو آهي.

    ڏسي ويران سارا گهر لڳي تن کي ويا هن چر،
    دلين جا سڀ ڀڳا تو دَرَ، پُڇين ٿو ڇا ڪيو آهي.

    لهو سارو وئين پيئي غريبن جو غلامي سان،
    کسي ڏوڪڙ ڀريا تو ڀرَ، پُڇين ٿو ڇا ڪيو آهي.

    ٽڪر ڍوَ تي گهرون ٿا جي، ننڍن ٻارن جي لئه توکان،
    کڻين ٿو نانگ وانگر ڪَرَ، پُڇين ٿو ڇا ڪيو آهي.

    وجهين ٿو وات ۾ واڳون ڳپل ٿيو چار منهن ٿاڪون،
    ڏني تو ڪين آهي ڍرَ، پُڇين ٿو ڇا ڪيو آهي.

    ڀڄي هوڙون پيون آهن ٺهي اوڙون پيون آهن،
    هلايان هانءُ تي ٿو هرَ، پُڇين ٿو ڇا ڪيو آهي.

    شڪر آهي اهو ”اشفاق“ اونڌا تنهنجا ڪيا هن طاق،
    خبر ڏي مونکي اڄ سوئَرَ، پُڇين ٿو ڇا ڪيو آهي.
    **


    ڪتابن کي هاڻي پڙهي ڪير ٿو،

    ڪتابن کي هاڻي پڙهي ڪير ٿو،
    دريا جي ڪُنن ۾ گھڙي ڪير ٿو.

    لڙائي هي ايڏي وڌي آ وئي،
    خبر ناهي ڪنهن سان وڙهي ڪير ٿو!

    بلاول ۽ منصور ناهن رهيا،
    ڏسان اڄ سوليءَ چڙهي ڪير ٿو

    تباهي جنهين ۾ ٿئي ديش جي،
    ڪهاڻيون قتل جون گھڙي ڪير ٿو!

    مفادن پنهنجن لاءِ ٿين گڏ پيا،
    غريبن جي لئه هت وڙهي ڪير ٿو!

    ٻين لاءِ ’’اشفاق‘‘ ٿو مان چوان،
    ٻريل مچَ ۾ هت گھِڙي ڪير ٿو!
    **


    زندگي توکان گهريو مون ايترو،

    زندگي توکان گهريو مون ايترو،
    وقت تنهنجو منٽ هڪڙي جيترو،

    وقت ڇا مونکي ٻڌائي ٿو سگهين،
    وقت ڏس مون وٽ بچو آ ڪيترو،

    هڪ حياتيءَ جي سڄي ٻوليءَ مان،
    تو نڀايو لفظ ”ڀي“ نه جيترو..

    جو کٽي ڀي در تنهنجي تي پيچرو،
    سو نه آهي مون وساريو پيچرو،

    ڏس بڻي خوراڪ آ دونهون، مٽي،
    روڊُ رستو آهي پنهنجو بسترو،
    **


    پاري ۾ ڀي پگهر نڪتو،

    پاري ۾ ڀي پگهر نڪتو،
    تنهنجو جڏهين ذڪر نڪتو.

    منهنجي اڳيان تون نڪتينءَ،
    سورج اڳيان ڪڪر نڪتو.

    مون جنهن کي هو خدا مڃيو،
    سو انسان مان پٿر نڪتو.

    ڀڙڪي کوڙ ڪبوتر اُڏريا،
    شيوالي مان شاعر نڪتو.

    خالي کوکي دماغ مان من!
    ڪين اوهان جو فڪر نڪتو!

    ڪيڏي ڪوشش ڪئي مگر،
    ڪين زبان مان اکر نڪتو.
    **


    ٻار کي مان ٻارُ ٿو ڪڇ ۾ ڏسان،

    ٻار کي مان ٻارُ ٿو ڪڇ ۾ ڏسان،
    سئو مڻن جو بارُ ٿو ڪڇ ۾ ڏسان.

    هوءَ سڄي ئي ڳار ٿي ويندي ڳري،
    ڄڻ اهو ئي ڳار ٿو ڪڇ ۾ ڏسان.

    اي خدا مونکي پيو ائين لڳي،
    تخت کي ڪو دارُ ٿو ڪڇ ۾ ڏسان.

    ٻار کي هڪ ٻاُر پرچائي پيو،
    ٻيو نه ڪم ڪو ڪار ٿوڪڇ ۾ ڏسان.

    ڇا چئي مان ڇا چوان انسان کي،
    هي نئون ڄڻ وار ٿو ڪڇ ۾ ڏسان.

    هاءِ ڦٿڪي ڄاڻ هوءَ ويندي مري،
    ويڙهيل هي ڄار ٿو ڪڇ ۾ ڏسان.

    پرورش آهي ڏکي ”اشفاق“ هي،
    هڪ نه ٻه پر چار ٿو ڪڇ ۾ ڏسان.
    **


    پهريان توکان پڇي ٿي،

    پهريان توکان پڇي ٿي،
    پو هوا توکي ڇهي ٿي.

    جنهن طرف ٿي هوءَ نهاري،
    روشني تنهن طرف ٿئي ٿي.

    سونهن هن جي آهه اهڙي،
    جئين پوک گلن جي پچي ٿي.

    سار سهڻي جي لڳي ائين،
    آڳ جئين من ۾ مچي ٿي.

    مور جھڙي ٽور هن جي،
    ناچڻي جئين ڪا نچي ٿي.
    **


    نظم

    هزارن جي هجومن ۾،

    هزارن جي هجومن ۾،
    تنهين جي ڌنڌ پاڇن ۾.
    اوهان کي مون پئي ڳوليو،
    اوهان کي مون پئي ڳوليو،
    ڪندا ڇا جون جاجهولا،
    شروع تنهنجي ڪيم ڳولا،
    نه نٽهڻ اُس نظر آئي،
    پٽي ڪاٿي نه مون ساهي،
    اگهاڙا پير ها منهنجا،
    سوين رستا هئا تنهنجا،
    ڪنڊن شيشن مٿان گهمندو،
    وتان ٿو توکي ڳوليندو،
    ڪٿي توکي ڪٿي ڳوليان،
    پيو ٿو پاڻ کي روليان،
    سمنڊ ڳوليو سحر ڳوليو،
    گهٽي ڳولي مون گهر ڳوليو،
    نظر ڪاٿي نه آئين تون،
    گهڻو ٿو ڏور ڀائين تون
    هزارن جي هجومن ۾،
    اُهو ئي ڌنڌ پاڇو مان ...
    اُهو ئي ڌنڌ پاڇو مان ...
    **


    انجم قاضي

    پورو نالو : دين محمد قاضي

    پورو نالو : دين محمد قاضي
    پيءُ جو نالو: گل حسن قاضي
    ادبي نالو: انجم قاضي
    جنم تاريخ: 15 فيبروري 1974ع
    تعليم: مئٽرڪ
    ڪرت: پنهنجو ڪاروبار
    ادبي سڃاڻپ: شاعر
    شاعري ۾ استاد: قاضي مقصود گل،
    علي دوست عاجز ۽ غلام نبي گل
    لکڻ جي شروعات: 1992ع کان
    هاڻوڪي رهائش: نئون ديرو سنڌ
    پوسٽل ائڊريس: قاضي محلو
    نئون ديرو ضلعو لاڙڪاڻو سنڌ
    موبائل:03342778935


    غزل

    پنهنجا هوندي ڀي ڪٿي پنهنجا رهيا،

    پنهنجا هوندي ڀي ڪٿي پنهنجا رهيا،
    نانءُ ۾ ويڙهيل رڳو رشتا رهيا.

    زندگي ٿي درد جي ڏاڪڻ لڳي،
    ڏاڪي اڳيان ڄڻ ته ڏاڪا ٻيا رهيا.

    تون نه منهنجو ٿي سگهين ٻي ڳالهه آ،
    منهنجا ڳوڙها ڀي نه اڄ منهنجا رهيا.

    جيئن تتل واري کي هوندي پياس آ،
    نيڻ تاسا تو سوا ساڳيا رهيا.

    ڪين ماڻيندي ڪڏهن ترقي اها،
    قوم جنهن ۾ هن سدا درجا رهيا.

    اي خدا، تنهنجي ته جوڙيل ڏيهه ۾،
    بس غريبن جي ئي گهر سڏڪا رهيا.

    يادگريون لُڙڪ ۽ ايذاءُ ڪجهه،
    دوست تنهنجي پيار جا تحفا رهيا.

    ٿي ضميرن جي لڳي بازار هت،
    مون ڏٺا پئي آدمي سستا رهيا.

    ڇا وڃي ”انجم“ جو دنيا سان پرين!
    سارا ناتا توسان سڀ رشتا رهيا.


    ڪيئن الائي هَئي ڪٿا منهنجي هُئي،

    ڪيئن الائي هَئي ڪٿا منهنجي هُئي،
    روز ڪائي نئين سزا منهنجي هُئي.

    سي اڳي منهنجا پڪا هونئن يار ها،
    جن ڪئي توسان گلا منهنجي هُئي.

    جام خالي ٿي ويا سڀ اوچتو،
    پياس توڙي جو اڃا منهنجي هُئي.

    لهجو هن جو تير ٿي دل تي لڳو،
    عمر ڀر جنهن کي دعا منهنجي هُئي.

    تنهنجي وڇڙڻ بعد ڄڻ بڻجي وئي،
    شاعري سٽ سٽ قصا منهنجي هُئي.

    شل اچين، منهنجو ٿئين،تنهنجو ٿيان،
    بس دعا هڪ ئي اها منهنجي هُئي.

    تو کلي”انجم“ کيڪاريو غير کي،
    اوچتو ٿي دل ڳڀا منهنجي هُئي.


    جنهن سمي هوءَ سانوري وڇڙي وئي،

    جنهن سمي هوءَ سانوري وڇڙي وئي،
    ايئن لڳو ڄڻ هر خوشي وڇڙي وئي.

    اڄ کڻي اکڙيون ڏسي ئي ڪو نه ٿي،
    ٿي ڪڏهن مون لئه چري وڇڙي هئي.

    ڄڻ ڏٺو هڪ خواب هو هڪ رات جو،
    اک ته کلندي ڪا پري وڇڙي وئي.

    اوچتو شاعر گذاري رات ويو،
    ۽ قلم کان شاعري وڇڙي وئي.

    آسرن جي راهه تي رلندي مون سان،
    پو اچانڪ زندگي وڇڙي وئي.

    ڪيترائي رنگ جيون ۾ ڀري،
    خوبصورت ڇوڪري وڇڙي وئي.

    نفرتون انجم“ ڊگهيريون ٿي ويون،
    محبتن کان دوستي وڇڙي وئي.
    **


    گهڙي لاءِ اهڙو نهاريو هيئه،

    گهڙي لاءِ اهڙو نهاريو هيئه،
    حياتي سڄي ئي جياريو هيئه.

    نه آيو مون کي هوش آهي اڃا،
    ڪهڙو جام جاني پياريو هيئه.

    سڄو ساهه سرهاڻ منهنجو ٿيو،
    جڏهن سڪ منجهان پئي نهاريو هئي.

    هي تنهنجي هنر جو ئي آهي ڪمال،
    مئي من کي جرڪي جياريو هيئه.

    اکيون پير توڏي ڪري مان وڌيس،
    ڏئي ڪوٺ جڏهين ته ساريو هيئه.

    پکي ڪو نه واپس وريو شام ٿي،
    بلنديءَ تي جنهن کي اڏاريو هيئه.

    رهي ڇانوَ ”انجم“ نه آهي اُتي،
    رهيا وڻ نه جاتي گذاريو هيئه.
    **


    ڪڏهن پنهنجي ضد تان هٽيو ڪو نه هو،

    ڪڏهن پنهنجي ضد تان هٽيو ڪو نه هو،
    گهڙي هڪڙي ضد تان لٿو ڪو نه هو.

    هيءَ هيڏي حياتي به ٿوري لڳي،
    ٿيو تو مان منهنجو ڍو ڪو نه هو.

    رڳو پيار پنهنجي ضرورت رهيو،
    زماني کان ٻيو مون گهريو ڪو نه هو.

    رکيو پاڻ بس دوستيءَ جو ڀرم،
    تڏهن ئي اسان ڪجهه ڪڇيو ڪو نه هو.

    خوشي هئي ته سڀ دوست پنهنجا هئا،
    ۽ ڏک ۾ ڪو پنهنجو رهيو ڪو نه هو.

    نئين روپ ۾ روز نئون هو ستم،
    هي هڪڙو، يا پهريون دفعو ڪو نه هو.

    مڃائي ويو ڳالهه ”انجم“ اها،
    مري ويو مگر ڪٿ جُهڪيو ڪو نه هو.
    **


    نه ٿو درد جيسين جي پائي اُهو،

    نه ٿو درد جيسين جي پائي اُهو،
    ڇا محبت جر معنى ٻڌائي اُهو.

    هُجي دل جنهين جي ڪشادي ته پو،
    ڀلي عشق ڏي وک وڌائي اُهو.

    جو ڄاڻي سمورو ته ئي ڳوٺ ٿو،
    پيو ڳالهه سائي لڪائي اهُو.

    اکيون منتظر هن حڪم جون رهيون،
    ڏئي ڪوٺ جڏهين گهرائي اهُو.

    چئي سامهون جيڪو نه ٿو مان سگهان،
    ورائي پُڇي ٿو ورائي اُهو.

    سڄي زندگي جنهن جي پوڄا ڪئي،
    ويو شخص مون کي رُلائي اُهو.

    رڳن ۾ جو رلجي وڃي ساهه جان،
    ڪجي ڇا جي ”انجم“ ڏکائي اُهو.
    **


    اکين ۾ اچي عشق داخل ٿيو هو،

    اکين ۾ اچي عشق داخل ٿيو هو،
    سڄي پنهنجي هستي کي پائي ويو هو.

    اجهاميل سڄو ئي لڳو چهري مان پئي،
    ڪٿي پاڻ پنهنجو وڃائي وريو هو.

    نوان روپ وک وک تي جيون ها ماڻيا،
    اُهو آيو سامهون نه جو سوچيو هو.

    اُڏامي هوائن ۾ ويا هٿ ڇڏائي،
    ڪٿي ڪين سايو ڪو تن جو مليو هو.

    ڏئي ڪا نه ترتيب خود کي سگهياسين،
    سدا عشق پنهنجو جنوني رهيو هو.

    بَرن ۾ بلائون ۽ شهرن ۾ دهشت،
    نه ڪاٿي ڪو آرام پل بي مليو هو.

    مڙياسين نه ”انجم“ ڪنهين جي چوڻ تي،
    حياتي سڄي ئي پئي ڀوڳيو هو.
    **


    وائي

    اڳتي گاڏي ٿي وڌي،
    پُٺتي ڄڻ رستو..
    ساٿ ڇڏيندو ٿو وڃي.
    تون جو آهين روبرو،
    مون کان هر جملو..
    ساٿ ڇڏيندو ٿو وڃي.
    ڪوئي ترسي ئي نه ٿو،
    هڪ هڪ تي لمحو...
    ساٿ ڇڏيندو ٿو وڃي.
    تنهنجو نڪتو جيئن ذڪر،
    اکڙين جو ڳوڙهو...
    ساٿ ڇڏيندو ٿو وڃي.
    گهري کا گهرو هجي،
    ڪيڏو ڀل رشتو...
    ساٿ ڇڏيندو ٿو وڃي.
    **


    وائي2

    ڪوئي ڪونهين ڪو،
    پنهنجو پاڇو ساڻ آ.
    ساٿي سڀ وڇڙي ويا،
    باقي رهجي ويو...
    پنهنجو پاڇو ساڻ آ.
    جيون جي هر گام تي،
    رهندو هر ويلو،
    پنهنجو پاڇو ساڻ آ.
    گڏجي ٿو مون سان هلي،
    وک وک تي ويجهو..
    پنهنجو پاڇو ساڻ آ.
    تنهنجو ٿو ڳالهيو ڪري،
    اڪثر هو ويٺو...
    پنهنجو پاڇو ساڻ آ.
    **


    ضمير ”حيدر“ چانڊيو

    تعارف

    پورو نالو: ضمير حسين چانڊيو
    ادبي نالو: ضمير حيدر
    والديت: حاجي نياز علي چانڊيو
    تعليم: انٽر
    ادبي سڃاڻپ: شاعر
    جنم ڏينهن: 1981-04-02
    لکڻ جي شروعات: 2005ع کان
    ادبي صنفون: غزل، گيت، وايون، چوسٽا، نثر، نظم
    اڻ ڇپيل ڪتاب: ٻن ڪتابن جو مواد
    پسنديده صنف: غزل/نظم
    پسنديده شاعر: شاهه لطيف، استاد بخاري
    مستقل رهائش: ڳوٺ دريا خان چانڊيو
    ضلع قنبر شهدادڪوٽ
    فون نمبر: 03003432767


    غزل

    توسان جو اڄ ڀاڪر پاتم،

    توسان جو اڄ ڀاڪر پاتم،
    سنڌوءَ مان ڄڻ وهنجي نڪتم.

    آءٌ پکي آزاد هيس پر،
    پيار جي ڦنڌ ۾ تو وٽ ڦاٿم.

    ننڍڙي خطا جي معافي ڏيندم،
    نيٺ ته آهيان ابنِ آدم.

    نينهن اوهان جي ناچو بڻايو،
    ڳليءَ ڳليءَ ۾ تولئه ڳاتم.

    دنيا سان ڀل ڪيئن به هلان پر،
    تنهنجي سر جو آهيان خادم.

    خبر نه پئي هُو پير ڪڍي ويا،
    دوکو ڏيندا دوست، نه ڄاتم.

    تحفا منهنجا ڪونه قبوليئه،
    پنڌ ڪري جي تولئه آندم.


    وک وک تي ڪانڊيرا آهن،

    وک وک تي ڪانڊيرا آهن،
    دردن جا رڳي ديرا آهـــن.

    جيون اُس جي وَر چڙهي ويو،
    پاڇا ڪُل پاسيرا آهـــن.

    اَمن جا پنڇي ڪاڏي اُڏي ويا،
    خالي اڄ آکيرا آهـــن.

    ڌارين تي ڪهڙو ڏوهه ڏيان مان،
    پنهنجن جا ئي پيرا آهـــن.

    ڪين اچان تنهنجي محفل ۾ مان،
    ڪپڙا ڦاٽل ميرا آهـــن.

    قسمت جو به قصور آ ڪهڙو،
    ڀاڳن جا ڀي ويرا آهـــن.

    ڪنهنجي ڪنهنجي پويان ڊوڙون،
    سُــڀّ ’’ضــمّــيــر‘‘ لـــٽــيــرا آهـــن.
    **


    تنهنجون ڳليون ۽ هي چاهتن جا سفر،

    تنهنجون ڳليون ۽ هي چاهتن جا سفر،
    مون لئه آهين سدا راحتن جا سفر.

    مان نه آهيان ٿڪو پنڌ توڏي ڪري،
    تنهنجا درشن ۽ ٻيو زيارتن جا سفر.

    سي ته ڪيڏا نه پيارا هيا پل پرين!
    جيڪي بچپن ۾ ڪيا محبتن جا سفر.

    ڄامشوري جون ڪيڏيون هوائون ٿڌيون،
    ساٿ ۾ تون ۽ مان حُــجّــتن جا سفر.

    سنهڙا توکي لٽا وار وکريل مٺي،
    ٻانهون تنهنجون ڳلي بارشن جا سفر.

    تو سوا ٻاٽ ساري حياتي ”ضمير“
    تون وئين ته ويا روشنين جا سفر.
    **


    جھانجھريون پيرن ۾ پائي مان پرين نچندو رهيم،

    جھانجھريون پيرن ۾ پائي مان پرين نچندو رهيم،
    تنهنجي آمد جو ٻُڌي مان کنوڻ جيان کلندو رهيم.

    موج مستيءَ دل جي وستي آهي جرڪائي ڇڏي،
    مست ٿي مان رقص ۾ ئي خواب ڪي ڏسندو رهيم.

    دل جي ڌرتيءَ تي خوشيءَ جي ناچڻي نچندي رهي،
    جيئن ڇمڪو ڇير جو ٿيو، تيئن خوش ٿيندو رهيم.

    مهڪ وکري واءُ ۾ جئن، ساهه سرها ٿي کڄيم،
    پيار جا گلڙا ٽڙي پيا ڀؤنر جيان ڀُرندو رهيم.

    اڄ خوشي اهڙي خوشي ٿي پيار ورڇيوسي ’’ضمير‘‘،
    مرڪ جا تحفا ڏنئه امرت ڪري پيئندو رهيم.

    **


    جيڪي لار ڪري لبڙن تي لڙيا، لڙڪن جو قدر توکان نه پڳو،

    جيڪي لار ڪري لبڙن تي لڙيا، لڙڪن جو قدر توکان نه پڳو،
    جُھري جيءُ پيو او ڇنگارون ڏنم، سڏڪن جو قدر توکان نه پڳو.

    هر آهٽ تي پئي ڇرڪ ڀريم، هِـــــن مــــنَ ۾ اچي مانڌاڻ متو،
    ڏيئي درد ڪري زخمي وئين، زخمن جو قدر توکان نه پڳو.

    تو مزا ماڻيا پئي ڪرسيءَ مان هِت خون سان سنڌو لال ٿيو،
    هئا رت سان رڱيل روڊن تي پيل لاشن جو قدر توکان نه پڳو.

    تو ڀر ۾ ويهاريو ڌارين کي، تنهنجي سدائين تاڙ ۾ ها،
    سمجھين نه سگھين بي سمجهه اڃا، پنهنجن جو قدر توکان نه پڳو.

    مشهور ٿيم سڄي ڏيهه اندر هڪ تنهنجي خاطر ساجن مان،
    جيڪي راتيون جاڳي تولئه لکيم، گيتن جو قدر توکان نه پڳو.
    **


    اکيون! تڪيو نه راهه، هاڻي ڪير ايندا،

    اکيون! تڪيو نه راهه، هاڻي ڪير ايندا،
    ڇو ٿو سَٽون کائين ساهَه! هاڻي ڪير ايندا!

    نه مالهي نه بلبل، نه ئي يار گلشن،
    گُل سُڪي ٿيا پاهه، هاڻي ڪيرُ ايندا!

    اڙي چنڊ! ڪهڙي ڪٿا تون پڇين ٿو،
    ويا لنگھي ڪيئي ماهه، هاڻي ڪيرُ ايندا!

    آڌي ويلي روئين پيو ڇو تون شاعر!
    ڪنهن لئه ڀرين پيو آهه، هاڻي ڪيرُ ايندا!

    رڳو غم جي محفل ”ضمير“ آ جيون ۾،
    پوءِ ڀي ڇڏيو ناهي چاهه، هاڻي ڪيرُ ايندا!
    **


    قرب منهنجي کي ڏني تو موٽ آ تڪرار جي،

    قرب منهنجي کي ڏني تو موٽ آ تڪرار جي،
    پر اسان وٽ آ سدائين ڳالهه پياري پيار جي.

    نفرتن سان ڪين جُڙندو، محل آهي پيار جو،
    آڇ ڪر، ڊڪندو اچان مان پيار ۽ اقرار جي.

    جام ڏي مرڪي محبت ساڻ، تون شوخي ڇڏي،
    ٿي وڃي وَهَواهه اگر دل ڀل جلي سنسار جي.

    ڌرتي سرتيءَ جو قسم ٿئه سونهن پنهنجي ميڙ ٿئه،
    ڪر هڳاءُ خوشبو جيئان، اڄ مهڪ ٿي هٻڪار جي.

    چنڊ چوڏهن چاهه جا چمڪي پون ”ضمير“ اڄ،
    ٿي اڱڻ اُجرو پوي جي تون اچين سينگارجي.

    **


    حَسين ماڻهو حَسين شامون، ڪڏهن گذاريو اسان سان گڏجي،

    حَسين ماڻهو حَسين شامون، ڪڏهن گذاريو اسان سان گڏجي،
    اوهان سان آهي اسان جي محبت، گھڙي ڪا گھاريو اسان سان رلجي.

    اسان جي من ۾ آڙاه باهيون، اوهان جو پاڇو اسان تي ڇائون،
    متان ڪو روڪي اوهان کي ٽوڪي، اوهان وڃو پو اسان کان رُڪجي.

    اوهان جون ڳالهيون گلن جون ٽاريون، اوهان جون مرڪون اوهان جان پياريون،
    اوهان جي ناهيو مچي ٿو ماتم، ملڻ اوهان جي سان غم ٿو گھٽجي.

    هجي گناهه ڪو، ڏيو سزا ڀل، ثبوت ظاهر مٺا ڪيو سڀ،
    اوهان به دوکا ڪرڻ سکيا هو، خبر نه آهي ته ڪنهن سان رلجي.

    سُکن جو لمحو وَري پوي جي ’’ضمير‘‘ گُــلڙو ٽڙي پوي جي،
    ڏيان مان سجدا شڪر پڙهان ڪي وڌيڪ ڏسيو ڇا ڇا ٻيو چئجي.

    **


    نانگ نظرن جا بڇي ڪيئي ڇڏيئه،

    نانگ نظرن جا بڇي ڪيئي ڇڏيئه،
    مان نه هڪڙو پر ڏنگي ڪيئي ڇڏيئه.

    دانهن ڏيان ڪنهن کي تنهنجي اي موت مُئا!
    گھوٽ مائَن کان کسي ڪيئي ڇڏيئه.

    تون ڪري سينگار نڪتي منَ جڏهن،
    واٽ ويندڙ ڀي ونگي ڪيئي ڇڏيئه.

    چاههُ تنهنجي ست رنگي چوليءَ جيان،
    چاهَه اهڙي ۾ رنگي ڪيئي ڇڏيئه.

    تو نهارڻ لئه کڻي اک جو ڏٺو،
    تير نظرن سان انگي ڪيئي ڇڏيئه.

    **


    سهڻا سونهن تنهنجي ڏسڻ جي ڪيان ٿو،

    سهڻا سونهن تنهنجي ڏسڻ جي ڪيان ٿو،
    ڇو پردو ڪرين ٿو ملڻ جي ڪيان ٿو.

    مٿان رُخ جي ويٺا اٿئه نانگ ڪارا،
    ڏنگن ڏور کان ٿا، ڇهڻ جي ڪيان ٿو.

    گھڻو دل کي روڪيم، گھڻو دل کي ٽوڪيم،
    مگر بي پلي آ پلڻ جي ڪيان ٿو.

    ڪا اهڙي امر ٿي مون تاريخ بڻجي،
    اوهان جي ته دل ۾ رهڻ جي ڪيان ٿو.

    غمي روز شب ۾ اکڙيون رهن ٿيون،
    اوهان کان جي منهڙو مٽڻ جي ڪيان ٿو.

    چون ٿا ته سجدو ڪفر سونهن کي آ،
    مگر پوءِ ڀي سجدي ڪرڻ جي ڪيان ٿو.

    آئي ياد مئڪش ”ضمير“ آ اوهان جي،
    ڀري پيالو هر پل پيئڻ جي ڪيان ٿو.
    **


    زندگي توکي ڏنم، تو ڇا ڏنو؟

    زندگي توکي ڏنم، تو ڇا ڏنو؟
    هر خوشي توکي ڏنم، تو ڇا ڏنو!؟

    زندگيءَ جي هر پرين مان موڙ تي،
    بندگي توکي ڏنم، تو ڇا ڏنو!؟

    هر مزو مون لئه زهر آ ٿي پيو،
    دل لڳي توکي ڏنم، تو ڇا ڏنو!؟

    مون اکيون ٻوٽي قبولي دوستي،
    جيءُ ڀي هي توکي ڏنم، تو ڇا ڏنو!؟

    مقتلِ الفت سندي ميدان ۾،
    سرُ رکي توکي ڏنم، تو ڇا ڏنو!؟

    خونِ دل توکي پيئياريندو رهيم،
    مئڪشي توکي ڏنم، تو ڇا ڏنو!؟

    مرض دل جي کي نه ٿو ڄاڻين ”ضمير“
    دل دکي توکي ڏنم، تو ڇا ڏنو!؟

    **


    عشق اوٿر جيان پيو ٿو اڏندو اچي،

    عشق اوٿر جيان پيو ٿو اڏندو اچي،
    نينهن ناسور بڻجي ٿو وڌندو اچي.

    ڀورو بخمل بدن ۽ ٻيو ليڙون لٽا،
    پيو ڪفن کان سوا لاش لڙهندو اچي.

    سڀ ڪچا ۽ پڪا ويا مٽي ٿي مٽي،
    وقت ويري ٿو جوڙن کي ڇنندو اچي.

    ويو وسامي آ ڪنهنجي ته گھر جو ڏيئو،
    ڪنهنجو گهر روز روشن ٿو ٿيندو اچي.

    ساٿ جو سڏ ستايل کي جي ڪنهن ڏنو،
    ان ئي جذبي تحت عشق اٿندو اچي.

    باب بيداري وارا پيا ورجايون،
    سنڌ جو سور دل ۾ ٿو چڀندو اچي.

    ظلمتن جي گھڙين سان ڏئي مُنهن ”ضمير“
    قوم جو هر الم غم ٿو سهندو اچي.
    **


    درد جاڳي پيا رات ساري رنم،

    درد جاڳي پيا رات ساري رنم،
    ننڊ وئي آ ڦٽي، ڏاڍو پيارا لڇيم.

    ياد ايندي رهي درد دُکندا رهيا،
    نير برسات جيان ئي ته وسندا رهيا.
    روئي اکڙين جو تو لاءِ پاڻي وهيم.

    توکي ڏاڍو سڏيم، ڪونه سڏ ڪو مليو،
    چنڊ تارا ڪَتي ۽ هي ٽيڙو کِليو،
    پئه سمهي او چريا! رات ڏاڍو چيم.

    تون ڏکن ۾ ڏسي ڇو ڇڏي آن ويو،
    پور بڻجي ويم، غم گڏي آن ويو.
    ڇو ڪرين ٿو پيو تون اڃان ڀي ستم.

    ساهه سڏڪي پيو، توکي ويندي ڏسي،
    تو ڏٺو ڪونه مون کي ڪيئه بي رخي،
    چوٽ گھِري ”ضمير“ پوءِ ڏاڍي لڳيم.
    **


    علي رضا

    تعارف

    پورو نالو : علي رضا
    پيءُ جو نالو: علي گل ميمڻ
    ادبي نالو: علي رضا
    جنم تاريخ: 9 جنوري 1991ع
    تعليم: ايم اي ايڪانامڪس
    ادبي سڃاڻپ: شاعر نثر نويس
    لکڻ جي شروعات: 2000ع
    ڪرت: ڪمپيوٽر آپريٽر ڪاتب پرنٽنگ پريس لاڙڪاڻو
    هاڻوڪي رهائش: ڳوٺ عاقل نزد شاهه يارو لاڙڪاڻو
    پوسٽل ائڊريس: ڪاتب پرنٽنگ پريس ڀرڳڙي پلازا
    جي-پي- او روڊ لاڙڪاڻو.
    Email :aliraza.arm@gmail.com
    03313908629


    پنهنجيءَ دل تي

    پنهنجيءَ دل تي
    حيراني ٿيندي آ.
    رهي سيني منهنجي ۾
    ۽ ڌڙڪي هُن جي لاءِ.
    **


    مان هر شيءِ سنڀالي رکندو آهيان
    تو جيڪو ڪجهه ڏنو آهي
    او جانان!
    ايتري تائين
    جو
    مان تنهنجا غم به سانڍي رکيا آهن.
    **


    تنهنجي لاءِ هر شيءِ

    تنهنجي لاءِ هر شيءِ
    لُٽائي سگهان ٿو.
    متان چوين ته جان...؟
    توسان سڄي عمر گڏ رهڻ ٿو چاهيان.
    **


    خوشيءَ تي
    ايترو خوش نه ٿي
    خوشيءَ کي زندگي نه آهي
    ۽ زندگيءَ ۾ توکي
    غم ڪڏهن به
    اڪيلو نه ڇڏيندا.
    **


    مونکي ان ڏينهن
    ڏاڍو ڏک ٿيو
    جڏهن تو مونکي
    ستارو چيو.
    او چري!
    تون ته منهنجو چنڊ آهين،
    ڇا چنڊ ۽ ستارا،
    ڪڏهن....
    هڪ سيج تي ويٺي ڏٺا اٿئي!!؟
    **


    ڪچهري ڪنداسين

    ڪچهري ڪنداسين
    چانهه پيئنداسين
    کلنداسين
    روئينداسين
    هُن مون سان
    سڀاڻي ملڻ جو واعدو ڪيو آهي
    ان کي خبر ناهي
    سڀاڻو ڪنهن ڏٺو ئي ناهي.
    **






    جيئن ننڍڙو ٻار
    پيٽ ۾ سور پوڻ ڪري
    روئيندو آهي
    پر ٻڌائين نه سگهندو آ
    ڇو ٿو روئي.
    مان تنهنجي
    وڇوڙي کان پوءِ
    بلڪل ائين روئندو آهيان.
    **


    مون سنڀالي رکي آهي.
    تون ياد ڪر..!
    تنهنجي پايل
    ڪِٿي ڪري پئي هُئي؟
    **



    ڪڏهن ڪڏهن
    سوچيندو آهيان!؟
    مونکي اهو خوف
    وڪوڙي ويو آهي
    ته تو ڇو؟
    ڪنڊي جيان ڪڍي
    ڦٽي ڪري
    گل کان ڌار ڪيو ٿي.
    **

    روز رات جو ايندو آ
    ننڊ ۾ ڏسي موٽي ويندو آ.
    منهنجو ڪيڏو خيال ٿو ڪري
    اٿاريندو به ناهي.
    ڏک منهنجي هٿن
    ۽ خوشي هُن جي
    پيرن کي چُمي ڏيندي آهي.
    تون زندگيءَ جي
    سوال نامي جو
    لازمي سوال آهين
    جنهن جو جواب
    هن وقت تائين
    ڪنهن وٽ به ڪونهي ڪو.
    **







    رات ڏاڍو پريشان ٿيس،
    ائين لڳو
    هُن جي اکين جي آڳر تي
    پاڻ وساري آيو آهيان
    ۽ هاڻي مان پريشان ٿيڻ
    ڇڏي ڏنو آهي.
    **


    پنهنجي زندگيءَ جو بوڪ،
    پڙهي، پڙهي
    ٿڪجي پيو آهيان.
    ڪو نئون نظم
    ٻڌاءِ ته
    مٺڙي ننڊ ڪري وٺان.
    **








    زندگيءَ کان وڌيڪ
    توسان پيار ڪندو آهيان
    اهو هُن کي
    سمجهائيندي، سمجهائيندي
    منهنجو،
    پنهنجو ئي زندگيءَ سان
    اختلاف ٿي ويو آهي.
    **


    توکي
    منهنجي تحرير
    سمجهه ۾ نه ٿي اچي
    يا
    توکي سمجهه ئي ڪونهي؟
    **


    موت

    موت
    ايترو خراب ته نه آهي.
    زندگي ايتري سٺي هجي ها ته
    ٻار ڄمڻ سان
    روئيندو نه اچي ها.
    **







    هُن جي چهري تي
    تر جو نشان آهي
    جيئن رات جي چهري تي چنڊ.
    **

















    تنهنجيون اکيون منهنجي مٿان
    ڀؤنرن وانگر ڀيرا ٿيون ڏين
    ڇا انهن کي خبر نه آهي
    ته مان مرجهائجي ويو آهيان.
    **


    تو چيو هو
    ’موٽي ايندس‘
    مان رستن سان
    ٽاريون رکائي ڇڏيون
    هاڻي انهن کي ماڻهو
    ’سمبارا‘ ٿا سمجهن
    ڪنهن چيو هو
    مان موهن جي دڙي جي مٽي آهيان.
    **




    توکي ڇا ڇا وڻندو آهي؟
    ڪيئن چوان
    ته
    هيٺان زمين
    مٿان آسمان ڪونهي
    اگر چوين ها
    ۽ تون پڇين مونکان
    توکي ڇا وڻندو آ؟
    منهنجو آسمان به تون آن
    منهنجي زمين به تون آن.
    **


    محبت جي سائنس
    اهو ثابت ڪري چڪي آهي
    اک انڌي ٿيندي آهي
    تنهنجي ڳولها
    نڪتل منهنجي اک
    جي روشني تون ئي ته آهين
    تون ئي منهنجو سج آهين
    تون ئي منهنجو چنڊ آهين.
    **


    گهڻو سوچيو اٿم
    ۽ گهڻو ڀوڳيو اٿم
    هُن جي لاءِ
    دل اندر نفرت رکان
    نفرت رکڻ جي باوجود به
    هُن سان محبت ٿي ويندي آهي.
    **


    دنيا جي تاريخ جا
    اربين صفحا
    توتي لکيل آهن
    ڇو ته تون
    دنيا
    تاريخ
    انسان
    ۽ محبت جو
    مخالف رهيو آهين.\
    **



    دل جي ڌرتيءَ تي
    زلزلو محسوس ٿيو
    مان سمجھي ويم
    توئي ياد ڪيو آهي.
    **


    سانوري شام.
    درياءَ ڪناري تي.
    پڇيومانس؛
    ڪيتري محبت ٿو ڪرين؟
    پاڻيءَ ۾ پٿر اڇلائيندي
    هِن جي گهرائيءَ جيتري.!
    **






    9 جنوري
    جنم جو ڏينهن
    جڏهن ياد ايندو آ.
    اُهو احساس
    ڏياريندڙ آهي.
    ته
    زندگيءَ جا
    سڀئي سال.
    مون گذاريا آهن
    تنهنجي عبادت ۾.
    **


    خواب ۽ خوشبو
    ٻئي آزاد روح آهن.
    ٻئي قيد نه ٿي سگهندا
    منهنجا خواب
    تنهنجي خوشبو...!
    **


    خيرل سيلرو

    تعارف

    پورو نالو : خير محمد
    پيءُ جو نالو: احمد علي سيلرو
    ادبي نالو: خيرل سيلرو
    جنم تاريخ: 14 آگسٽ 1972ع
    تعليم: ايم اي پولٽيڪل سائنس
    ادبي سڃاڻپ: شاعر
    شاعري ۾ استاد: عبدالله شاهه ”اطهر“
    لکڻ جي شروعات: 1990ع کان
    هاڻوڪي رهائش: سيلرا ڳوٺ شهدادڪوٽ
    پوسٽل ائڊريس: ناظم، سرتاج ڪريانه اسٽور رتوديرو روڊ شهدادڪوٽ
    Khairmuhammad447@gmail.com
    03337505187-00966598014186


    غزل

    گذري ويل صدي جا، تازا زخم رکيا هن،

    گذري ويل صدي جا، تازا زخم رکيا هن،
    هن نئين صدي اچي اُت، پنهنجا قدم رکيا هن.

    مونکي ته ياد آهن جنهن جنهن ڪيون چڱايون،
    دل تي پرين اُڪيري سارا ستم رکيا هن.

    آڻيندا نيندا جي ها خطڙا اسان جا قاصد،
    اڄ تائين سي ئي مون وٽ ڪاغذ قلم رکيا هن.

    پوڄا ڪندي اوهان جي مونکان خدا به وسريو،
    منهنجي وفا تي پو ڀي تو ئي وهم رکيا هن.

    مجبور ٿي اچان پيو جهڻڪون جهلي وران پيو،
    تحفا اهي اندر ۾ سانڍي صنم رکيا هن.

    ڪوئي نه ڀروسو آ ڪنهن جي وفا سخا تي،
    منهنجي اڳيان فريبي ڪوڙا قسم رکيا هن.


    ڀونءِ ڏاڍي تتي تيز تڪڙا هلو،

    ڀونءِ ڏاڍي تتي تيز تڪڙا هلو،
    آڳ من ۾ متي تيز تڪڙا هلو.

    ربط ۽ ضبط سان وک وڌايو تِکي،
    آ سفر فطرتي تيز تڪڙا هلو.

    لاٽ ٻرندي رهي گام وڌندي رهي،
    ٻاٽ ۾ ٿي بَتي تيز تڪڙا هلو.

    هوش ۽ ولولي سان اَڪابر هلو،
    جيئن لهي نا ڪَتي تيز تڪڙا هلو.

    ڏور منزل نه آ هانءُ هاريو متان،
    پنڌ باقي پَتي تيز تڪڙا هلو.

    هٿ ۾ هٿڙا ڏيو جيئن ڪڙي ۾ ڪڙي،
    مون نه رت جي رتي تيز تڪڙا هلو.
    **


    روز راهون تڪي جُهري پئي آ،

    روز راهون تڪي جُهري پئي آ،
    تنهنجي يادن سان دل ڀُري پئي آ.

    ڏينهن ۾ ڏهه دفعا هئين ڏسندو،
    بند هاڻي اها دري پئي آ.

    عمر ڀر لئه جدا ڪري ويٺين،
    ڪا نه تنهنجي خبر وري پئي آ.

    رات چانڊوڪي ۽ مٿان مرڪون،
    دل تي تصوير سا تري پئي آ.

    واعدن جو ڀرم رکيم ڏاڍو،
    پوءِ به تو وٽ وفا مري پئي آ.

    غير من ۾ رکي سگهيو ناهيان،
    پوءِ به دنيا سڄي ٻري پئي آ.

    ڳالهه ”خيرل“ پرين چٽي ٿو ڪري،
    دل ٿي تو بن صفا چري پئي آ.
    **


    ڪنهن جو جلوو ٿي زلزلو آيو،

    ڪنهن جو جلوو ٿي زلزلو آيو،
    منهنجي جذبن ۾ ولولو آيو.

    اهڙو گم ٿي ويم نگاهن ۾،
    بند در ٿيو ته هوش پو آيو.

    عشق جو ڪوهه ڪاف ڏي رستو،
    جو به آيو ته هيڪلو آيو.

    ڪو هٽائي نقاب چهري تان،
    اڄ ڏسڻ پنهنجو حوصلو آيو.

    شان ان جي ۾ ٿئي نه گستاخي،
    لفظ واتان نه چلولو آيو.

    اوچتو ئي هجوم ڪيڏو ٿيو،
    ڪير محفل ۾ من چلو آيو.

    هو جو مرڪيو ڏسي ته چنڊ کڙيو،
    واهه پيارو ڪو سلسلو آيو.
    **


    توسوا آ ڏکي زندگي،

    توسوا آ ڏکي زندگي،
    آهي ڄڻ خود ڪشي زندگي.

    تون نه ايندين ٻڌم اوچتو،
    پو لڳي بي وسي زندگي.

    موج مستيون ڦٽي هن ويون،
    هاڻي ٿي بي چَسي زندگي.

    چوطرف آهي ويران شهر،
    ٿي پئي بي ڪَسي زندگي.

    مان اڪيلو نه ٿو جي سگهان،
    هيءَ هيڏي ڊگهي زندگي.

    سيلرا سور ”خيرل“ ڏنئي،
    باهه تي وئين رکي زندگي.
    **


    رات روئندي ڪٽي ياد توکي ڪندي،

    رات روئندي ڪٽي ياد توکي ڪندي،
    ننڊ ڀي وئي ڦٽي ياد توکي ڪندي.

    تون نه آئين اڃا انتظاري ۾ هي،
    زندگي وئي کٽي ياد توکي ڪندي.

    اُڀ جا تارا تَڪي آهه سان ايئن چيم،
    آ ته قسمت ٽٽي ياد توکي ڪندي.

    جيسين رهندي حياتي توکي چاهبو،
    منهن تي ايندي مٽي ياد توکي ڪندي.

    ڏوهه ”خيرل“ ٿيو نانءُ تنهنجو وتم،
    سيلرا پئي چٽي ياد توکي ڪندي.
    **


    خاموش زندگي آ، خاموش هر خوشي آ،

    خاموش زندگي آ، خاموش هر خوشي آ،
    تنهنجي وئي کان پو ٿي بي نور هر گهڙي آ.

    اونداهي آهي پکڙيل منهنجي ته هر طرف کان،
    تنهنجي جدائي کان پو مون وٽ نه روشني آ.

    ميندي جي بدران منهنجو هٿڙن تي خون لاتئي،
    پو ڀي ڪئي مون تنهنجي اڄ تائين بندگي آ.

    تنهائي سيلري کي يادون ۽ بند ڪمرو،
    سڪ جو مليو انعام آ ”خيرل“ نه ڪا ڪمي آ.
    **


    ٿڪا نيڻ ناهن اڃا روئي روئي،

    ٿڪا نيڻ ناهن اڃا روئي روئي،
    نه مان ئي ٿيو هان خفا روئي روئي.

    رنو آسمان ڀي آ منهنجي ڏکن تي،
    هي رستا به ٿي ويا سڃا روئي روئي.

    جٿي ڀي رُنس مان ڦٽي گاهه پيا اُت،
    هي درياءَ ۽ بادل کُٽا روئي روئي.

    رڳون روح روئن وٺي نانءُ هن جو،
    اندر ۾ ئي سڏڪا ڏنا روئي روئي.

    هيا ناز ڪيڏا محبت تي ”خيرل“
    اهي سيلرا سڀ رُٺا روئي روئي. **


    هيءَ ڏکن ۾ زندگي ساري ٿي گذري، ڇا ڪجي،

    هيءَ ڏکن ۾ زندگي ساري ٿي گذري، ڇا ڪجي،
    يار تنهنجي ياد دل تان ڪين وسري، ڇا ڪجي.

    مان عذابن ۾ ٿو ڀوڳيان هر گهڙي تنهنجي ڪري،
    هاءِ منهنجو ساهه سيني مان ٿو نڪري، ڇا ڪجي.

    روز شب آليون اکيون بوندن جيان برسي پون.
    ڪئن ٻڌايان سج به سورن جو ٿو اڀري، ڇا ڪجي.

    مان نصيبن جو ستايل هر ڪو هٿ مون ڏي کڻي،
    هن دنيا جي آ ڇڏيو ماڻهن به نظري، ڇا ڪجي.

    ڇا وفائن جا ته منظر عشق پنهنجي ۾ هئا،
    هاڻ تو بن ڪا خوشي هت ٻي نه نسري، ڇا ڪجي.

    تِر گُٿي سوَ چوٽ کائي هاءِ ڙي هي ڇا ٿيو،
    ڪو جدائي ۾ نئون ٿو سور سنجري، ڇا ڪجي.

    هن حياتي ۾ ازل کان عشق آ تحفو ڏنو،
    سو نبيرڻ سان نه ٿو جو نينهن نبري، ڇا ڪجي.
    **


    سونهن سان سِرڙو لڳي هر هر مٺا،

    سونهن سان سِرڙو لڳي هر هر مٺا،
    سونهن تان قربان آ سر گهر مٺا.

    خوبصورت سڀ شيءَ پياري لڳي،
    هر ڪوئي آ سونهن جو نوڪر مٺا.

    عشق سڪندر ۽ ڪيئي ڪونڌر ڪُٺا،
    سونهن ڀي گهايا آهن قلندر مٺا.

    هن بهارن ۾ بي منظر سونهن جا،
    سونهن جي حد ناهي ڪا مقرر مٺا.

    سونهن جي دلبر اکين ۾ منڌ ڀريل،
    ساقي وٽ اهڙو نه آ ساغر مٺا.

    سونهن تي مان ڇا لکان تخيل نه آ،
    قلم جو اهڙو نه آ مقدر مٺا.

    سونهن تان ”خيرل“ فدا مان ٿي وڃان،
    سيلرا منصور ٿيان جيڪر مٺا.
    **


    شهدادڪوٽ پيارن ماڻهن جو آستانو،

    شهدادڪوٽ پيارن ماڻهن جو آستانو،
    جنهن جي وفا سخا تي حيران آ زمانو.

    هڪ ڀيرو ئي هلي آ هر ڪنهن سان تون ملي ڏس،
    شهدادڪوٽ ڏي اچ هڪ وار بس گهُمي ڏس،
    هر ماڻهو جي زبان تي آ پيار جو ترانو.

    هت گل چمن جا بُلبل هر چهرو خوبصورت،
    حسن و َجمال هلچل ناياب هر ڪا صورت،
    ۽ سونهن جي اکين ۾ رکيل شراب خانو.

    هت مصري شاهه آهي ميان صديق پيارو،
    سوالي نه موٽي خالي سڀ جو ٿئي ڀلارو،
    رحمت جو در اهو آ هر ڪو اچي ديوانو.

    آ ماهتاب اهڙو فردوس ۾ به ناهي،
    هي شهر سيلري جو شهدادڪوٽ آهي،
    ڪوٽو موٽو جي رونق ”خيرل“ گهمي روزانو.
    **


    گيت

    جو وفادار ٿئي يار اهڙو ڪبو،

    جو وفادار ٿئي يار اهڙو ڪبو،
    هن صدي ۾ وري پيار اهڙو ڪبو.

    يار ننڍڙو ۽ نازڪ سچو ڀي هجي،
    جيڪو واعدي وفا جو پڪو ڀي هجي،
    ٿئي نه مونکان ڪڏهن ڌار اهڙو ڪبو.

    ايندي محبت ۾ مشڪل مٺا جي ڪٿي،
    جنگ جاري ڪبي عشق جي بس اتي،
    هر ڏکي مهل کي پار اهڙو ڪبو.

    ريس دنيا هي جنهن تي ڪري ۽ مري،
    ڀنورَ جان ڀيرا هن تي هر ڪو ڪري،
    زندگيءَ ۾ ته دلدار اهڙو ڪبو.

    هي حياتي به ”خيرل“ مان ڏيندم کڻي،
    سر جو سودو ڪبو بازي کٽندم کڻي،
    سيلري سان ته اقرار اهڙو ڪبو.
    **


    نه سهڻن ۾ اهڙو ڪو سهڻو سُجهي جو،

    نه سهڻن ۾ اهڙو ڪو سهڻو سُجهي جو،
    ڏئي ديد ديدن ۾ ماري وجهي جو.

    اشارن جي جيڪو اثر سان ڪهي بس،
    دنيا مان ڪري گم نظر سان ڏسي بس،
    کسي دل نه واپس ورائي وٺي جو.

    وڏي ڏيل سان ڏاهه جنهن جي ڏسائي،
    تتي عشق تي سونهن وڄ جان وسائي،
    مڃان ميڻ وانگر مڃائي مڃي جو.

    وڏو ڪاٺ قد ۽ ڳچي مور وانگر،
    ڀنڀا وار واسينگ شهزور وانگر،
    گهمي جيئن ٿي هرڻي قدم ايئن کڄي جو.

    هجوم آ حسينن جو سيلرا نه هڪڙو،
    نظر آيو ”خيرل“ نه دلدار جهڙو،
    سڄڻ جي نه پيرن جي مٽ ڪيان هجي جو.


    ماريه ڪنول

    تعارف

    پورو نالو: سلمه ڪنول
    پيءُ جو نالو: محمد اسلام
    ادبي نالو: ماريه ڪنول
    جنم تاريخ: 11.11.1975
    تعليم : ماسٽر
    ادبي سڃاڻپ: شاعره
    شاعري ۾ استاد : وقت وڏو استاد آهي.
    لکڻ جي شروعات : 1995 ع
    پوسٽل ائڊريس:گلشن اقبال ڪراچي.
    هاڻوڪي رهائش: دبئي.
    Email: Salmakanwal1975@hotmail.com


    غزل

    وءَ جا ڪامڻي آهي.

    وءَ جا ڪامڻي آهي.
    سا ئي ته وڻي آهي.

    آ شهر سڄو پاڳل
    خوشبوءَ جو ڇڻي آهي.

    مان ٻانهي صاحب جي،
    هو پاڻ ڌڻي آهي.

    سوَ ڪوڙ زماني جا
    سچ هڪ ڪڻي آهي.

    در طاق ۾ اٽڪي پيا،
    هوءَ ڇا ته بڻي آهي.

    هو ڪا ڪاري ماري،
    پر سنڌ ڄڻي آهي.

    ”ڪنول“ لئه مقدس هي
    سنڌوءَ جي پڻي آهي.
    **


    جو پيار بنا هوندو،

    جو پيار بنا هوندو،
    سو وقت قضا هوندو.

    تنهنجي راهه ۾ جو ايندو،
    سجدو سو ادا هوندو.

    منهنجو جو ڪو نه ٿيو،
    ڪنهن جي ته صدا هوندو.

    تنهنجو چهرو مون لاءِ ڄڻ،
    دردن جي دوا هوندو.

    هر در تي وڪامي ٿو،
    نالي ۾ وفا هوندو.
    **


    پيار کان تون ڌار ناهين او پرين!

    پيار کان تون ڌار ناهين او پرين!
    سار کان تون ڌار ناهين او پرين!

    پل ۾ رسين ٿو، پل ۾ ٿو پرچين،
    ٻار کان تون ڌار ناهين او پرين.

    وقت آ بي رحم ڌوڻي ٿو پيو،
    ڏار کان تون ڌار ناهين او پرين.

    ماڪ ۾ مرڪي ٽڙيا گل هئا،
    خوشبو کان تون ڌار ناهين او پرين.

    درشني الجهي پئي، مون کي ڏسي،
    سينگار کان تون ڌار ناهين او پرين.

    تو خريدي ڇڏيو مون کي پيار ۾،
    واپار کان تون ڌار ناهين او پرين.

    فاصله ئي فاصله ڀل هجن پر،
    نهار کان تون ڌار ناهين او پرين.

    ساز ڪوئي تنهائي ڇيڙي پئي،
    سِتارَ کان تون ڌار ناهين او پرين.

    ڪا انا مان روح ۾ ناهي رکي،
    دل يار تون ڌار ناهين او پرين.

    اکيون ”ڪنول“ ميگهه ٿي برسن پيون،
    ملهار کان تون ڌار ناهين او پرين.


    پيار ۾ اُڻي پئي،

    پيار ۾ اُڻي پئي،
    سار ۾ اُڻي پئي.

    هُيو خزان ۾ ڀيلو،
    بهار ۾ اُڻي پئي.

    آئيندي جا خواب ڏِس،
    ٻار ۾ اُڻي پئي.

    ڪيئي سنيها ڇيڳري،
    نار ۾ اُڻي پئي.

    کنڀ ڪنهن جي پيار جو،
    اُڏار ۾ اُڻي پئي.

    هي وڇوڙو ۽ دردِ دل،
    تڪرار ۾ اُڻي پئي.

    ڏِس ”ڪنول“ جي ڪائنات،
    ڄار ۾ اُڻي پئي.
    **


    تنهنجي راهه ۾، نيڻ اٽڪيا رهيا،

    تنهنجي راهه ۾، نيڻ اٽڪيا رهيا،
    ڄڻ ته ساهه ۾، نيڻ اٽڪيا رهيا.

    موڪلاڻي ڪئي سين، کلي هئي مگر،
    پر نگاهه ۾، نيڻ اٽڪيا رهيا.

    تنهنجي ٻانهن ۾ جا، گذري زندگي،
    ان پناهه ۾، نيڻ اٽڪيا رهيا.

    اڄ هن جي ٻُڪي پئي آهي مگر،
    ها ونواهه ۾، نيڻ اٽڪيا رهيا.

    سمنڊ سان نيٺ هي به ملندو وڃي،
    تار درياهه ۾، نيڻ اٽڪيا رهيا.
    **


    شهرتن جي ڊوڙ ۾ زندگي رهجي وئي،

    شهرتن جي ڊوڙ ۾ زندگي رهجي وئي،
    ڪٽ ۽ جوڙ ۾ زندگي رهجي وئي.

    ڪير ٿو ڪنهن سان نڀائي ساهه تائين،
    واعدن جي توڙ ۾ زندگي رهجي وئي.

    درد جي دل هئي مان هيم صرف مان،
    روح جي وڪوڙ ۾ زندگي رهجي وئي.

    واءُ خوشبوءَ چانڊوڪي توکي چنبڙيون ٿيون وتن،
    آ چڳن جي ڇوڙ ۾ زندگي رهجي وئي.

    هو ته وڇڙي ويو آهي توکان ”ڪنول“
    بس انهي موڙ ۾ زندگي رهجي وئي.
    **


    تو ته چيو هو مٺڙا سائين،

    تو ته چيو هو مٺڙا سائين،
    منهنجو پهريون پيار تون آهين.

    جيون منهنجو ڪچو گهڙو،
    ڇو ٿو تون تنهن کي ڊاهين.

    هر ڪو تنهنجو نانءُ کڻين پيو،
    ڇا تون منهنجو ناهين ناهين.

    گل ڀي آخر تو ۾ ٽڙندو،
    ڇو ٿو ماڪ کان شرمائين.

    ڪنول ته توکي جان ٿي سمجهي،
    تون ڇو ان کي دور ٿو ڀائين.
    **


    نظم

    فقيري رنگ ۾ رڱجي.

    فقيري رنگ ۾ رڱجي.
    اميري نيٺ وسري وئي.

    وڏي هئي هوڏ مايا تي،
    لڏي سين لوڏ مايا تي.
    مئي جا ڪوڏ مايا تي،
    اسيري نيٺ وسري وئي.

    جواني ٻور هو ڇاڻيو،
    اسان توکي نه هو ماڻيو.
    زماني تير هو ماڻيو،
    پيري نيٺ وسري وئي.

    دل جو دنگ ڪهڙو هو،
    حقيقي رنگ ڪهڙو هو.
    ”ڪنول“ هي سنگ ڪهڙو هو،
    اڪبري نيٺ وسري وئي.
    **


    آزاد نظم

    پيار ۾ جا پري ٿي پئي،
    سا ڇوڪري چري ٿي پئي،
    سونهن جنهن جي سهيلي هئي،
    پيار ۾ سا ڳهيلي هئي،
    نيٺ وئي آ کُلي،
    هن جي نڪ ڦلي،
    آهي جهٽجي وئي،
    راهه ويندي اها نٿ لٽجي وئي،
    راه مٽجي وئي،
    پيار آ ڄار آ،
    پيار پيارو چوان،
    رات ڏاڍي ڏکي،
    ماءُ سورن ڄڻي،
    پيءُ سرجيا هئا،
    سنگ ڪيئي سڌا،
    پنڌ ڏاڍو پري،
    هن جو جوڀن ٻري،
    پيار آ ڄار آ،
    هن جي ڪيئن پئي سري،
    ڇير ڇمڪا ڪيا،
    ماءُ جي مات تي،
    پيءُ ڏاڍو پري،
    سنگ ساري پيو،
    پاڻ ڏاري پيو،
    ڀاءُ ڀاڳن ڀري کي به وسري ويو،
    ساهه ڄڻ ڪو شريرن مان نڪري ويو،
    پيار۾ جا پري،
    هوءَ جا ڇوڪري،
    گهر کان نڪري وئي،
    واءُ هئي واءُ ٿي گذري وئي،
    آءُ زمانه ڀلا،
    پيار پرڻو ڪيو
    پويان ڇاهي رهيو،
    ڀيڻ ماري وئي،
    ٿي جا ڪاري وئي
    ساهه صدقي ڪيانءِ،
    ماءُ واري وئي،
    مند ڪهڙي ”ڪنول“
    گل جي مڙهجي ويا،
    ويل بهارن به ڪئي،
    ڪير روڪي به ڇا..
    پيار جي انڌ کي
    هيءُ گهوڙا ڀلا،
    مهارون به ڪئي،
    ڳالهه نيٺ اها،
    ٽاري وئي
    پيار ۾ هوءَ ٿي،
    ڪاري وئي..!


    نظم 2

    دنيا چوي ٿي مان بيقدر
    بي رحم بي حس ۽ پٿر دل آهيان..!
    مگر دنيا کي ڪيئن سمجهايان،
    ته سچو پيار ماڻهن،
    ازل کان بيوفا شين سان ڪيو آهي.
    ۽ شايد تون مون سان پيار ڪيو،
    منهنجو قصور..؟؟
    نه نه بلڪل نه تنهنجي زندگي جي محبوب،
    منهنجي ڪجهه جذباتي ٻولن جي ڪري،
    توسان بيوفائي ڪري وئي.
    منهنجو جرم ته فقط ايترو هيو،
    جو مون ان احساس کي تڏهن سمجهو،
    جڏهن تنهنجون اکيون مٽيءَ ۾ سانت ٿي ويون.
    ۽ تنهن مرڪن جا جلترنگ هاڻ،
    ڪو به آواز ۽ آلاپ نه ڏئي سگهندا.
    سو اها احساس محرومي،
    مون کي نه ڪنهن جو ٿيڻ ٿي ڏئي..!!
    ۽ نه زندگي ۾ ڪنهن کي اچڻ ٿي ڏئي.
    اها سزا آهي منهنجي،
    جيڪا شايد مون پنهنجي لاءِ پاڻ تجويز ڪئي آهي.
    **


    اڄ ڪنهن پيار جو اظهار ڪيو ته،

    اڄ ڪنهن پيار جو اظهار ڪيو ته،
    من ۾ سڏڪن جو سمنڊ اٿلي پيو.
    چوڏهن سال گذرڻ کان پوءِ سوچيم،
    ته منهنجي ارپيل پيار کي،
    مان به ڪنهن ارپنا ۾ ڏئي ڏسان..!
    زندگيءَ کي اٿلائي ڏٺم،
    ته احساس جي صحرا ۾
    ڪجهه نظر نه آيم.!
    ڪجهه اڪ هيا اڇا ۽ وانڱڻائي،
    جنهن جون مکڙيون اڃان ڦٽيون ناهن،
    يا ته انتظار ڪيان چيٽ جي موسم جو،
    جيئن برسات وسي،
    ڪجهه موسمي گل ٽڙن،
    پر موسمي گل ته جلدي مرجهائجي ويندا آهن.
    ڇو نه اڪ جا ئي گل ڏيان..!
    جيڪي ٻارنهن ئي مهينا ٽڙيا رهندا آهن.
    منهنجي دل جي صحرا ۾،
    تنهنجي پيار جو
    ڪو مذهب ته ڪو نه هيو..
    پر تنهنجي اچڻ کان پوءِ،
    مون تنهنجي پيار جو ذڪر،
    هڪ عبادت وانگر..!
    بناوضو جي ڪڏهن به ناهي ڪيو.
    هاڻ ته تنهنجي پيار ۾
    آنءُ پانڌيئڙي وانگر آهيان.
    جنهن وٽ نه صبح جو احساس آهي
    نه رات جو ڊپ..!
    هاڻ تنهنجو پيار منهنجي زندگيءَ ۾،
    سري گهاٽ جي انهن درين جيان،
    بي رنگ آهي،
    جتي روح پرواز ڪري ويندو آهي.
    ۽ جسم جلندو آهي.
    **


    ايم يونس جمالي

    تعارف

    پورو نالو : محمد يونس
    پيءُ جو نالو: محمد اسحاق جمالي
    ادبي نالو: ايم يونس جمالي
    جنم تاريخ: 3 جنوري 1985ع
    جنم ڀومي: ڳوٺ مير پنهل خان جمالي، نزد امام بخش جمالي شهدادڪوٽ
    تعليم: انٽر
    ڪرت: پنهنجو ڪاروبار
    ادبي سڃاڻپ: شاعر
    لکڻ جي شروعات: 1998ع کان
    تنظيمي وابستگي: پريزيڊنٽ ”سنڌ نيشنل پارٽي“
    ڪيا ماڙي ٽائون ڪراچي
    مستقل ميمبر ”پيرل قمبر ادبي سماجي سنگت“ شهدادڪوٽ
    پوسٽل ائڊريس: جمالي هوٽل جيئي سنڌ چوڪ يو سي 7
    عبدالرحيم ڳوٺ نيو ڪراچي سنڌ
    03012150611-03333754319


    غزل

    يار جو ديدار مون لئه ڪافي آ،

    يار جو ديدار مون لئه ڪافي آ،
    عشق جو اظهار مون لئه ڪافي آ.

    جام نيڻن جو پياري تو ڇڏيو،
    قرب ۾ هي قرار مون لئه ڪافي آ.

    ٻي دنيا مون کان کسي ڇڏجو ڀلي،
    بس پرين جو پار مون لئه ڪافي آ.

    دل جي دنيا بس رهي آباد شل،
    ۽ سڄڻ جو پيار مون لئه ڪافي آ.

    مان ته ان جو هو به پنهنجو ٿو چوين،
    تنهن جو هي آڌار مون لئه ڪافي آ.

    حسن کي سجدا ڪيان دل ٿي چوي،
    سونهن جو سنسار مون لئه ڪافي آ.

    سڪ به هن جي سيني ۾ سانڍي رکيم،
    ۽ سڄڻ جي سار مون لئه ڪافي آ.

    سنڌ تي سر مان ”جمالي“ گهوريان،
    ماءُ جو هي پيار مون لئه ڪافي آ.
    **


    ٺاهه اڳتي لاءِ ڪجهه آهين هتي مهمان تون،

    ٺاهه اڳتي لاءِ ڪجهه آهين هتي مهمان تون،
    خالي هٿ ويندين کڻي پوءِ ڪندين ارمان تون.

    ڪر وڏائي ايتري جا ڳالهه رب کي ڀي وڻي،
    پل گهڙي کن کيل دنيا پو ٿيندين پشيمان تون.

    جي نبي جي آهين امت پيروي ان جي تي هل،
    ايئن نه توکي ٿو جڳائي وياج وٺ مسلمان تون.

    ڳولي لهه ”يونس“ ادا تون هاڻ پنهنجو پاڻ کي،
    ڇا آهيان مان ڇا آهيان جي آهين پڪ انسان تون.
    **


    واهه رنگي جا رنگ ڏٺاسين،

    واهه رنگي جا رنگ ڏٺاسين،
    مستو مست ملنگ ڏٺاسين.

    ڪن کي سون ۽ گاڏيون بنگلا،
    ڪيئي ڏاڍا تنگ ڏٺاسين.

    ڪن کي بخمل پهريل آهن،
    ڪي ته اگهاڙا انگ ڏٺاسين.

    پنهنجا راز ته پاڻ ٿو ڄاڻي،
    ماڻهن ۾ وڏا ڍنگ ڏٺاسين.

    ويرانين کي وسنديون ٺاهيائين،
    شهر جتي اتي جهنگ ڏٺاسين.

    نينهن جا نانگ ڏٺاسين ڪيئي،
    ڪن کي هڻندي ڏنگ ڏٺاسين.

    باهه برهه جي اندر ”يونس“
    پچندي ڪيئي پتنگ ڏٺاسين.
    **


    انتظاريءَ جون گهڙيون ڪٽجن نه ٿيون،

    انتظاريءَ جون گهڙيون ڪٽجن نه ٿيون،
    بيقراريءَ جون گهڙيون ڪٽجن نه ٿيون.

    هي ته پل سڪرات وانگي ٿا لڳن،
    آهه زاريءَ جون گهڙيون ڪٽجن نه ٿيون.

    ڄڻ زبان تي تالا آهن بس لڳل،
    ڪنهن ويچاريءَ جون گهڙيون ڪٽجن نه ٿيون.

    کلندي کلندي هو رسي آهي ويٺو،
    دل آزاريءَ جون گهڙيون ڪٽجن نه ٿيون.

    خون جي عيوض ڏنائون نياڻيون،
    ڪنهن ته ڌاريءَ جون گهڙيون ڪٽجن نه ٿيون.

    آهي نٽهڻ اُس ”جمالي“ جو سفر،
    پنڌ واريءَ جون گهڙيون ڪٽجن نه ٿيون.
    **


    حياتيءَ کي ڪو ئي سهارو کپي ٿو،

    حياتيءَ کي ڪو ئي سهارو کپي ٿو،
    لڳي دل آ جنهن سان سو پيارو کپي ٿو.

    سمنڊ جيڏي سورن ڪيو ساهه ساڻو،
    ٻڏان ۽ تران ٿو، ڪنارو کپي ٿو.

    قدم جي کڻان ٿو ته روڪي ٿي دنيا،
    هلڻ لاءِ مون کي ڪو چارو کپي ٿو.

    آهين چنڊ تون ۽ چڪور آهي ”يونس“
    تنهنجي سونهن جو بس نظارو کپي ٿو.
    **


    سرنهن ڦولاري آهي دلبر مون سان اچي تون هاڻي مل،

    سرنهن ڦولاري آهي دلبر مون سان اچي تون هاڻي مل،
    مند بهار جي موٽي آئي، درشن لئه ديواني دل.

    جهر جهنگ سارو هي ساوڪ آ ساهه کي تو لاءِ سڪ آ،
    جهومي ڪڪرن جهمريون لاتيون کنوڻين آهي ڪئي کيچل.

    ٿڌڙي اُتر جي هير گهلي آ، مستيءَ ۾ ٿو مور ٽلي،
    هيڪل من هي ماندو آهي، آءُ هلي تون سور ڪي سل.

    سال پروڪي وانگر جاني، هيل به مند هلي نه وڃي،
    پنهنجي سر جو قسم اٿئي ۽ ميڙ ڀٽائي، سامي، سچل.
    **


    مان مسجد ۽ مندر وڃان ڪو نه ٿو،

    مان مسجد ۽ مندر وڃان ڪو نه ٿو،
    قلب جي ڪعبي مان نڪران ڪو نه ٿو.

    پائي جيءَ ۾ جهاتيون ٿو سجدا ڪيان،
    تڏهن ڪاٿي سجدا ڪيان ڪونه ٿو.

    ڏسي ۽ پسي ٿو جوڙيو جنهن جهان،
    اکيون بند ڪري مان ڏسان ڪونه ٿو.

    پڙهي تسبيون ظاهر زمانو سڄو،
    ذڪر ڪيان مان باطن ڏسيان ڪو نه ٿو.

    ٿا نيت جا بهرا ”جمالي“ ملن،
    ڪڏهن ڪنهن اڳيان هٿ ٽنگيان ڪو نه ٿو.
    **


    پري پردو هٽائي ڇڏ لڪين ڇو ٿو حجابن ۾،

    پري پردو هٽائي ڇڏ لڪين ڇو ٿو حجابن ۾،
    ملي وڃ روبرو مٺڙا نه ملندو ڪر خوابن ۾.

    نه موتيو مٽ آهي تنهنجي نه مکڙي آ مثل تنهنجي،
    نه رابيل آهي تو جهڙو لڳين ٿو گل گلابن ۾.

    نه سيرت جي ڪمي آهي نه صورت جي ڪمي آهي،
    ڏٺي صورت نه اهڙي مون پڙهيو ناهي ڪتابن ۾.

    اچين سامهون جڏهن ”يونس“ ته دل ٿي زور سان ڌڙڪي
    پڇين ٿو سوال جڏهين تون ته لرزان مان جوابن ۾.
    **


    جنگ جهيڙي وارا ماڻهو دربدر،

    جنگ جهيڙي وارا ماڻهو دربدر،
    ڏاڍو برو ٿئي ٿو انهن جو حشر.

    پيار جا پنڇي رهو ٿي ديس ۾،
    خير جي هر هنڌ پُڄايو بس خبر.

    ٻوٽو دهشتگردي جو پاڙان پٽيو،
    چمن پوکيو پيار جو دل جي اندر.

    ڪنهن جو قتل ڪائنات جو آهي قتل،
    خوف ڪو دل ۾ خدا جو دوست ڌَر.

    امن جو هٿ ۾ کڻو ”جمالي“ جهنڊو،
    سنڌ جنت وارو ٿئي جيئن منظر.
    **


    گيت

    ڪو تنهنجي حسن جو جواب نه آ،

    ڪو تنهنجي حسن جو جواب نه آ،
    هڪ ڪجليون اکيون ٻيو نقاب نه آ.

    هت پير امير ويا مير ڪُسي،
    ويا واٽ ويندا مهمير ڪُسي،
    ويا ايڏا ڪُسي جو حساب نه آ.

    هت حور پَرَيون شرمائن ڏسي،
    آ حسن تنهنجي جي حاڪ هلي،
    جوڀن جو جمال حجاب نه آ.

    اکين جو شرابي جام مليو،
    جلوو جي ڏٺم ويو هوش هليو،
    هي سچ آ ”جمالي“ خواب نه آ.
    **


    چوسٽا

    سنڌ وطن تان ٿيان قربان مون کي سنڌ اندر دفنائجو،
    منهنجي آخري وصيعت ياد ڪجو اجرڪ جو ڪفن پارائجو،
    ان موت تي مون کي فخر ٿيندو جي سنڌ جي لاءِ سِر ڏيندس،
    وقت اچي جي سنڌ مٿان سوَ ڀيرا سسي ڪٽرائجو.
    *
    ظلمن جي زنجيرن کي ٽوڙي هلبو ٽوڙي هلبو،
    دشمن جي دل ۾ خنجر کوڙي هلبو کوڙي هلبو.
    بيغيرت سان کائڻ پيئڻ جمالي حرام آهي،
    اهڙن ماڻهو کان منهڙو موڙي هلبو موڙي هلبو.
    *
    ماءُ ۽ ڀاءُ جا رشتا سنڌ سان،
    پنهنجي ساهه جا رشتا سنڌ سان.
    ڪنڌ تي توڙي ڪات جمالي،
    پر ويساهه جا رشتا سنڌ سان.
    *
    ايمان به منهنجو سنڌ آهي،
    ارمان به منهنجو سنڌ آهي.
    سچ پڇو جي مون کان جمالي،
    داستان به منهنجو سنڌ آهي.


    نادر دايو

    تعارف

    پورو نالو : نادر علي
    پيءُ جو نالو: شفيع محمد دايو
    ادبي نالو: نادر دايو
    جنم تاريخ: 26 جون 1990ع
    تعليم: مئٽرڪ
    ڪرت: پرائيويٽ ملازم
    ادبي سڃاڻپ: شاعر
    شاعري ۾ استاد: اڪبر کرل
    ادبي سرگرميون: بيورو چيف ”نئين آس“ مئگزين
    قمبر شهدادڪوٽ
    لکڻ جي شروعات: 2005ع کان
    هاڻوڪي رهائش: ڊرٻ محلا شهدادڪوٽ
    پوسٽل ائڊريس: آفيس نئين آس مئگزين شهدادڪوٽ
    Email :wafanadirdayo@yahoo.com
    03113631819


    غزل

    زندگي هي عذاب ساري آ،

    زندگي هي عذاب ساري آ،
    مون کان پُڇ ڪيئن مون گذاري آ.

    ڄڻ ته ٽانڊن مٿان قدم آهن،
    ڪيئن مقدر هي باهه ٻاري آ.

    ڪنهن جو روشن سفر حياتيءَ جو،
    ڪنهن جو هر هڪ قدم انڌاري آ.

    منهنجو جيون سڳو ٽُٽي بيشڪ،
    ڪين مون کي حيات پياري آ.

    مون کي ڇڏ مان مزو وٺان ماڻي،
    مرڪ هڪڙي ملي اڌاري آ.

    هونئن ته جيون سڄو تَٰتي ڌرتي،
    تنهنجي سامهون هي پل بهاري آ.
    **


    ڪنهن به پل ڪين موت ٽاري ٿو،

    ڪنهن به پل ڪين موت ٽاري ٿو،
    ڄڻ ته ازرائيل پيو پُڪاري ٿو.

    حادثو هي نه پر حقيقت آ،
    هر ڪو مهمان ٿي گذاري ٿو.

    ڪو نه اونچو مَقام آ ڪنهن جو،
    هر بشر کي مُقام ساري ٿو.

    پير پنهنجا به هن قبر ڌاران،
    موت امڪان پيو ڏيکاري ٿو.

    پاڻ مالڪ ئي راز ڄاڻي ٿو،
    ڪيئن ”نادر“ جياري ماري ٿو.
    **


    تو خدائي اڃان ڏٺي ناهي،

    تو خدائي اڃان ڏٺي ناهي،
    ڪير قدرت مان آسرو لاهي.

    رنگ چهرن جو زرد ٿي ويو آ،
    پو به اڳتي ٿو هر ڪوئي ڪاهي.

    دل جي دنيا ڊٿي پئي آهي،
    ڪو نه محبت مڪان پيو ٺاهي.

    من ۾ نفرت ۽ منهن مٺو ماڻهو،
    ڪير ڪنهن کي نه دل سان ٿو چاهي.

    ڀاءُ، ڀاءُ جو ٿو ٿئي دشمن،
    ڌوڙ ”نادر“ نه منهن ۾ ٿو پائي.
    **


    اکين کي اوسيئڙو ڏيئي،

    اکين کي اوسيئڙو ڏيئي،
    هاڻ الائي ڪاڏي ويئي.

    مرڪ چپن تي خوب سجايل،
    چهرو وسريو ناهي سوئي.

    منهنجي من جو مالڪ تون آن،
    پاڻ چيائين مون کي اچي هي.

    رنگ رسيليون ڳالهيون ان جون،
    ياد پون ٿيون هاڻ سڀيئي.
    **


    تنهنجي در تي ٿيندا سجدا مگر آهستي آهستي،

    تنهنجي در تي ٿيندا سجدا مگر آهستي آهستي،
    ڪندو مولا پنهنجا ميلا، مگر آهستي آهستي.

    جي کولي وار هي ڪارا، وري محفل ۾ تون ايندين،
    نوان ٻيهر غزل لکبا، مگر آهستي آهستي.

    سجائي مرڪ چپڙن تي، ڏٺو جنهن پل تو جنهن جنهن ڏي،
    چريا سڀ چاهه ۾ ٿيندا، مگر آهستي آهستي.

    رڳو ”نادر“ نه ديوانو اڳيان تنهنجي سڄڻ سائين،
    سوين ڪن سونهن کي سجدا، مگر آهستي آهستي. **


    وفائن جي بدلي جفا ٿي ملي،

    وفائن جي بدلي جفا ٿي ملي،
    عجب عشق ۾ هي سزا ٿي ملي.

    خدا ڄاڻي ڪهڙي هوا وئي گهلي،
    نه ڪنهن مان به ڪائي وفا ٿي ملي.

    نه ڪنهن ۾ محبت ۽ ماڻهپو آ،
    رڳو نفرتون ۽ دغا ٿي ملي.

    رڳو غم ئي “نادر” اسان کي مليا،
    خوشي پر نه ڪنهن کي ”وفا“ ٿي ملي.
    **


    دل ۾ ڪهڙي اڃا خوشي آهي.

    دل ۾ ڪهڙي اڃا خوشي آهي.
    ٿي زهر هي زندگي آهي.

    دل جو گلشن ويو سڄو اجڙي،
    ۽ نه گلڙن ۾، تازگي آهي.

    چند لمحن کي زندگي سمجهم،
    مون ۾ ڪيڏي نه سادگي آهي.

    هر قدم هر گهڙي وڃي دل سان،
    مون ڪئي هن جي بندگي آهي.

    هن کي ڏسندي جا مون ڪئي ”نادر“
    دل جو آواز شاعري آهي.
    **


    سهڻن جو سردار مٺا تون،

    سهڻن جو سردار مٺا تون،
    منهنجو آن منٺار مٺا تون.

    تنهنجي ڇا تعريف ڪيان مان،
    گلڙن ۾ گلزار مٺا تون.

    منهنجي سِر جو آهين سهارو،
    دل جو آن دلدار مٺا تون.

    “نادر“ تو ۾ ساهه آ منهنجو،
    اکڙين جو آن ٺار مٺا تون.
    **


    چئوسٽا

    پيار جي بدلي پٿر نه گهرجي،

    پيار جي بدلي پٿر نه گهرجي،
    اهڙو مون کي شهر نه گهرجي.
    جنهن ۾ هار مان کائي ويهان،
    هرگز اهڙو سفر نه گهرجي.
    *
    ڪارا ڪارا وار سکي جا،
    روز ٿين ديدار سکي جا.
    مونکي پل پل موهن ”نادر“
    سورنهن ئي سينگار سکي جا.
    *
    غمِ فِراق جو سفر ڪٽجي نه ٿو،
    ٽانڊا کڻي هٿن ۾ ڪو مرڪي نه ٿو.
    مونکي وساريو جنهن آ پل ۾ ”نادر“
    سو همسفر مون کان ته وسري نه ٿو.
    **


    تنهنجي نالي جو احترام آهي،
    ذڪر تنهنجو لبن تي صبح شام آهي.
    منهنجي جيءُ سان ويو جڙجي جو،
    سو مٺي تنهنجو ئي ڪلام آهي.
    *
    پير قبر ڏي سري رهيا آهن،
    خواب سارا وکري رهيا آهن،
    اڃا منزل پري آهي ”نادر“
    ڳوڙها اکين مان ڪري رهيا آهن.
    **


    ڪريم ”گل“ دايو

    تعارف

    پورو نالو : محمد ڪريم
    پيءُ جو نالو: محمد يعقوب دايو
    ادبي نالو: ڪريم ”گل“
    جنم تاريخ: 22 مارچ 1991ع
    تعليم: بي- ايس- سي
    ڪرت: پنهنجو ڪاروبار
    ادبي سڃاڻپ: شاعر
    لکڻ جي شروعات: 2003ع کان
    هاڻوڪي رهائش: فيض الاهي مسجد شهدادڪوٽ
    پوسٽل ائڊريس: فيض الاهي اسڪول
    ڊرٻ محلا شهدادڪوٽ
    Email : kareem.guldayo1@yahoo.com
    03342009628


    غزل

    توسان دلڙي ڦاٿل آهي،

    توسان دلڙي ڦاٿل آهي،
    سينو سارو گهايل آهي.

    تنهنجي يادن من تڙپايو،
    دل هي تولئه پاڳل آهي.

    هر شيءَ ۾ تون نظر اچين ٿو،
    عڪس اکين ۾ سمايل آهي.

    ايڏو ڇو انياءُ ڪرين ٿو،
    روح اڳي ئي ستايل آهي.
    **


    دل جا رشتا ٽوڙي وئي آ،

    دل جا رشتا ٽوڙي وئي آ،
    مون کان منهڙو موڙي وئي آ.

    غير جي هٿ ۾ هٿ ڏئي هو،
    خنجر دل ۾ کوڙي وئي آ.

    پاڻ خوشين سان لائون لڌائين،
    مونکي غمن سان جوڙي وئي آ.

    هيءَ حياتي صحرا ٿي وئي،
    سڀئي خوشيون ميڙي وئي آ.
    **


    ديد تنهنجي ئي عيد منهنجي آ،

    ديد تنهنجي ئي عيد منهنجي آ،
    اڄ ٿي پوري اميد منهنجي آ.

    زندگي تو سوا زهر آهي،
    هر خوشي ٿي شهيد منهنجي آ.

    مان نه هڪ پل وٺي سگهيس تنهنجو،
    تو ڪئي زندگي خريد منهنجي آ.

    هن جي نيڻن جي پُر ڪشش موسم،
    بي اثر ”گل“ هي ديد منهنجي آ.
    **


    مون کي توسان پيار جانان،

    مون کي توسان پيار جانان،
    اڄ ڪيو مون اقرار آ جانان.

    مون کان دور جو ٿيندي آهين.
    پو ته ستائيندي سار آ جانان.

    هونئن حياتي خزان خزان آ،
    تنهنجو ساٿ بهار آ جانان.

    ”گل“ کي پنهنجو پيار ڏئي وڃ،
    تولئه ئي بيقرار آ جانان.
    **


    دور ٿي وئين پرين، ڪا خوشي ڪو نه آ،

    دور ٿي وئين پرين، ڪا خوشي ڪو نه آ،
    غم کان واندي منهنجي، ڪا گهڙي ڪو نه آ.

    مون کي اونداه جو وئين سفر تون ڏئي،
    تو سوا منهنجي لئه روشني ڪو نه آ.

    ڪوئي آٿت ڏيڻ ڪو نه آيو هلي،
    توڙي پنهنجا اٿم اجنبي ڪو نه آ.

    مان ته ڳوڙهن سان بستر پسايو آ ”گل“
    يار برسات ڪائي پئي ڪو نه آ.
    **


    سونهن تنهنجي ثواب جهڙي آ،

    سونهن تنهنجي ثواب جهڙي آ،
    تنهنجي خوشبوءَ گلاب جهڙي آ.

    منهنجو هر هڪ سوال ناڪاره،
    مرڪ تنهنجي جواب جهڙي آ.

    تنهنجي ٻولي ۽ گفتگو سانئڻ،
    شاعري جي ڪتاب جهڙي آ.

    منهنجي نيڻن ۾ عشق ڇولي ”گل“
    اک تنهنجي عقاب جهڙي آ.
    **


    تنهنجي يادن ۾ عمر گذري وئي،

    تنهنجي يادن ۾ عمر گذري وئي،
    ڳالهه هڪڙي آ دل ۾ رهجي وئي.

    دل جي ڌڙڪن ۾ تون آهين جانان،
    توسوا منهنجي دنيا اجڙي وئي.

    تنهنجي پيرن جي خاڪ آهيان مان،
    زندگي منهنجي آهي وکري وئي.

    ڏينهن سارو سفر ۾ ڪاٽيو ”گل“
    تنهنجي در تي آ رات پئجي وئي.
    **


    تنهنجي راهه نهاريان ويٺو،

    تنهنجي راهه نهاريان ويٺو،
    لُڙڪ اکين مان هاريان ويٺو.

    ايندين ساجن مون ڏي ڪڏهين،
    ان لئه پاڻ جئاريان ويٺو.

    نيڻ هي تنهنجي راهن ۾،
    ديپ ڪري مان ٻاريان ويٺو.

    تنهنجي اچڻ جي آس رکي ”گل“
    ايئن اندر ٿو ٺاريان ويٺو.
    **


    آزاد نظم

    واهڻ واهڻ وستي وستي،

    واهڻ واهڻ وستي وستي،
    خوب ڏٺو آ مون واجهائي،
    ڪو نه خوشي ڪو ڪنهن کي ڏئي ٿو،
    هر ڪو پيو ٿو درد ورهائي،
    ڪنهن کي مرڪ چپن تي ناهي،
    سڀ ڪو ويٺو نير وهائي،
    ماڻهن کان ٿي ڪڪ هليا ويا،
    ڪاڏي الائي ٽهڪ هليا ويا،
    ابتڙ ٿو انسان هلي پيو،
    ڪيئن الاءِ جهان هلي پيو،
    بدليل سب ڪردار ڏسون ٿا،
    قيامت جا آثار ڏسون ٿا،
    ڪهڙو الاءِ سبب ٿو ڄاڻي،
    ڳالهه سڄي هي رب ٿو ڄاڻي.
    **


    نثري نظم

    خوشي !
    خوشي هڪ اهڙي شيءَ آهي،
    جنهن سان انسان پنهنجا سمورا غم،
    ڀلائي ڇڏيندو آ.
    خوشي اها خوراڪ آهي،
    جيڪا ڪمزور کي به صحت ڏئي ڇڏيندي آهي.
    هن سماج ۾ خوشي هڪ خواب جيان آهي !
    **


    ٽيڙو

    سامهون ايندي آن،
    پائي ڪارو ويس تون،
    ڏاڍي ٺهندي آن.
    *

    دلڙي جي چئي تي،
    گاڏي روڪي مون ڇڏي،
    تنهنجي رستي تي.
    *

    ويهي بور ٿجي ،
    ان کان بهتر آهي ڪو،
    افسانو لکجي.
    *

    دل ٿو وندرايان،
    گيت ئي پنهنجو لکيو ٿم،
    سوئي ٿو ڳايان.
    **


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1259633
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386666
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ