ڪتاب جو نالو: جڏهن هُو زلفَ ڇوڙي ٿو
مصنف: احساس ميرل سهتو
ڇپائيندڙ: امرتا پبليڪيشن
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 05 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 1994 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 488 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي شاعريءَ جو ڪتاب ”جڏهن هو زلف ڇوڙي ٿو“ خوبصورت شاعر احساس ميرل سهتي جي شاعريءَ تي مشتمل آهي. هي ڪتاب امرتا پبليڪيشن حيدرآباد پاران 2016ع ۾ ڇپايو ويو آهي.
هُن جي شاعري جتي سماج ۽ سماجي حالتن جي اُپٽار ڪندي نظر اچي ٿي، اُتي هُو پنهنجي داخلي خيالن کي به اظهاري ٿو، جن ۾ اظهارِ محبت به آهي ته اظهارِ غم و رنج به آهي، جدائي به آهي ته وفائي به آهي ۽ بيوفائي به آهي. هُو عاشق مزاج شاعر آهي يا شاعر مزاج عاشق ان بابت پاڻ کي ڪا خبر ڪانهي پر هُن جي شاعري عشق جهڙي مشغلي سان مُشڪبار آهي
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • • سنڌ سلامت پاران
  • • ارپنا
  • • اداري پاران : ميرل جي محبوبه : شاعري
  • • شاعر پاران: دل جي ڳالهه
  • شاعري

  • • حمد ۽ نعت
  • • غزل
  • نظم

  • • فلاڻو
  • • انصاف
  • • ڪير ٿو روڪي..!!
  • • پکي
  • • رات ڪڏهن ٿيندي؟
  • • خوف
  • • اُتي هي گڏ وري هوندا
  • • صحبت
  • • اليڪشن
  • • سپنا
  • • بي رُخي
  • • هڪ ڳالهه چوان..!!
  • • سمنڊ ۽ مان
  • • ڏيئو
  • • محبّت
  • • ڪاغذ جي ٻيڙي
  • • ٻَٻُر جو وڻ
  • • معاف ڪر فقير..!!
  • • حُسن ۽ اجرڪ
  • • سرد خانو
  • • پاڻي
  • • چوڏهينءَ جو چنڊ
  • • بزدل
  • • زندهه آهن
  • • مثال
  • بيت، ترائيل، وائي

  • • ٽي شعر
  • • چئوسٽا
  • • ڏيڍ سٽا
  • • ترائيل
  • • وائي

  • • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (155) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي شاعريءَ جو ڪتاب ”جڏهن هو زلف ڇوڙي ٿو“ خوبصورت شاعر احساس ميرل سهتي جي شاعريءَ تي مشتمل آهي.
    هي ڪتاب امرتا پبليڪيشن حيدرآباد پاران 2016ع ۾ ڇپايو ويو آهي. اسان ٿورائتا آهيون احساس ميرل صاحب جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    • ارپنا

    سنڌ ڌرتيءَ جي سڀني
    شهيدن
    جي نانءِ

    احساس ميرل سهتو


    • اداري پاران : ميرل جي محبوبه : شاعري

    شاعر سڀ هڪجهڙا قطعي ڪونه هوندا آهن. ڀلي ڪير ڇابه چئي ۽ ڪير به کڻي ان راءِ سان اتفاق نه به ڪري... ڇو ته عام راءِ اها ئي آهي ته شاعر حساس دل هوندا آهن. بلاشبه ان ڳالهه کان ڪو انڪار آهي ئي ڪونه... پر سڀ شاعر هڪجيترا حساس دل نه هوندا آهن، هر شاعر جي حساسيت جو مامرو الڳ آهي... بلڪل ائين جيئن هر شاعر جي سوچ، هر شاعر جو تخيل، هر شاعر جو فهم ۽ ادراڪ جدا هوندو آهي يا هر شاعر جا احساس پنهنجا هوندا آهن. هر شاعر وٽ پنهنجي اک ۽ پنهنجي نهار هوندي آهي، جن جي اُڏام پنهنجي پنهنجي پهچ ۽ وت آهر هوندي آهي.
    احساس ميرل نوجوان شاعر آهي ۽ هُن جو تعلق سنڌ جي زرخير پٽي اسٽيشن اُڏيرولال سان آهي. هُن جي تعلمي لياقت ته پنجن درجن جي پاس ٿيڻ تائين آهي، پر علمي، عقلي، ڏاهپ ۽ ڏات جي حوالي سان هُو ڪيترائي درجا پاس آهي ۽ هڪ شاعر طور سندس اُڏام اُوچي آهي، جنهن جو هُن کي الاءِ احساس آهي يا ناهي پر هُن جي سنگت ۾ سلهاڙيل هر دوست کي اهڙو احساس ضرور آهي.
    احساس ميرل جي شاعراڻن احساسن ۽ جذبن جي لاءِ آءٌ ڪجهه به نٿو ڳالهايان ۽ ڪابه راءِ اوهان تي نٿو مڙهيان جو آءٌ هن جي شاعراڻي طاقت کي ڄاڻان ٿو. هُن جي شاعراڻي سگهه ۽ ائپروچ ڪنهن به سگهاري شاعر کان گهٽ ڪانهي. پختي يقين سان اها ڳالهه چئي رهيو آهيان ته هُن جي تخيل جي اُڏام مٿانهين آهي. هُن جي شاعري جتي سماج ۽ سماجي حالتن جي اُپٽار ڪندي نظر اچي ٿي، اُتي هُو پنهنجي داخلي خيالن کي به اظهاري ٿو، جن ۾ اظهارِ محبت به آهي ته اظهارِ غم و رنج به آهي، جدائي به آهي ته وفائي به آهي ۽ بيوفائي به آهي. هُو عاشق مزاج شاعر آهي يا شاعر مزاج عاشق ان بابت پاڻ کي ڪا خبر ڪانهي پر هُن جي شاعري عشق جهڙي مشغلي سان مُشڪبار آهي، جنهن ۾ پيار به آهي ته انتظار به آهي ته شڪوه شڪايتون به ملن ٿيون. عشق جون مڙئي ڪيفيتون سندس شاعريءَ ۾ نمايان آهن.
    توهان جڏهن هُن جي شاعري پڙهندا ته توهان کي هُو هڪ جاڳندڙ شاعر نظر ايندو، جنهن وٽ پنهنجي ڌرتي ۽ ڌرتيءَ جي ماڻهن جي حالتن، ضرورتن ۽ انهن جي تبديلين ۽ نجات جون ڳالهيون به آهن ته محبتن جو ڪمال اظهار به ملي ٿو. محبت ته هُن جي ڪلام ۾ جا بجا نظر اچي ٿي.
    احساس ميرل دراصل هڪ محبت ڏيندڙ ۽ محبت وٺندڙ دوست به آهي ته محبوب به آهي ۽ عاشق به... ۽ مجموعي طور هُن جي سموري شاعري محبت جي شاعري آهي يا ائين چئجي ته هُن جي شاعري اصل ۾ محبت جو مينيفئسٽو آهي. اهڙي محبت جيڪا محبوب سان ته آهي ئي آهي پر سنڌ سان سنڌ جي ماڻهن سان ۽ سموري عالم سان محبت جو مذڪور آهي.
    امرتا پاران سندس شاعريءَ جو پڌرو ٿيندڙ هي پهريون ڳُٽڪو آهي، جڏهن ته هُن جا هِن مجموعهءِ ڪلام کان اڳ به ٻه شاعريءَ جا مجموعا پڌرا ٿي چڪا آهن. نوجوان شاعر جي شاعريءَ جو هي ڳٽڪو اوهان کي اميد ته پسند ايندو. اسان جو ادارو ۽ احساس ميرل اوهان وٽان محبتن جي موٽ جا آسائتا آهيون. دعا آهي ته جتي به هجو جڙيا هجو سلامت هجو.


    نيازمند
    فقير محمد ڍول
    20 مارچ 2016ع - ٽنڊوڄام


    • شاعر پاران: دل جي ڳالهه

    هڪ قول آهي ته، ”انسان علم سان نه پر ادب سان سُڃاتو وڃي ٿو. علم ته ابليس وٽ به هو پر ادب کان محروم هو..!!“ دوستو ادب هڪ اعليٰ مقام ۽ منزلت جو نالو آهي. اسين ته بس ادب جي راھ تي هلڻ جي ڪوشش ۽ جستجُو ئي ڪري سگھون ٿا. ادب هڪ سمنڊ آهي، جنهن ۾ هر ليکڪ ٽُٻي هڻندو آهي ۽ پوءِ تخيل جي تَھه مان ڪو هيرا کڻي ٿو اچي، ڪو پٿر ته ڪو وري بلڪل خالي موٽي ٿو اچي. مون به اُن سمنڊ ۾ ٽُٻي هڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ مونکي ڇا مليو آهي، اُن جو فيصلو اوهان پيارن کانسواءِ ڪو به نٿو ڪري سگھي.
    دوستو ! منهنجو پهريون ڪتاب ’تو زندگي چيو هو..!‘ اوهان پڙهيو ۽ ڀرپوُر موٽ ڏني، جنهن لاءِ آئون توهان سڄڻن جو بي حد شاڪر آهيان.
    اُها منهنجي پهرين ڪاوش هُئي، جنهن ۾ ڪافي اُوڻايون هُيون ۽ هي منهنجو ٻيو ڪتاب ’جڏهن هُو زلف ڇوڙي ٿو‘ اوهان پيارن جي هَٿن ۾ آهي. مون پنهنجي ڀرپُور ڪوشش ڪئي آهي ته اوهان تائين سُٺيون لکڻيون پهچائي سگھان. پر ڇا ڪجي..!! پوءِ به غلطيون رهجي وينديون آهن، ڇو ته انسان خطا جو گھر هوندو آهي.
    دوستو! هڪ ڳالهه قابلِ ذڪر آهي ته ادبي پروگرامن ۽ گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيڻ سان سِکڻ لاءِ گھڻو ڪجھه ملي ٿو. تخيّل، بحر وزن، قافيو رديف، عُيُوبِ شاعري ۽ محاسنِ شاعريءَ جي صحيح نموني ڄاڻ ملي ٿي. اُن کان علاوه اسان وٽ اُڏيرو لال اسٽيشن ۾ سنڌي ادبي سنگت جون دستوري، تنقيدي ۽ اصلاحي گڏجاڻيون باقاعدگي سان ۽ ڀرپُور نموني سان هلنديون آهن، جنهن ۾ مون جهڙا ڪيترائي احساس لاڀ حاصل ڪندا آهن. دعا آهي ته سڄي سنڌ جا سڀئي لکاري ادب جي اُفق کي چُمن ۽ منهنجي لاءِ به دعا ڪن ته آئون به ادب جي راھ جو پڪو مسافر ٿي سگهان. آمين.
    آخر ۾ هڪ گذارش ته مون جيڪي ٽُٽل ڦُٽل لفظ جوڙي شاعريءَ جي صورت ۾ اوهان جي آڏو پيش ڪيا آهن، اُنهن تي پنهنجي قيمتي راءِ ضرور ڏيندا.


    خيرانديش:
    احساس ميرل سهتو

    اُڏيرو لال اسٽيشن،ضلع مٽياري
    2476673-0346
    3516393-0301
    Ahsas.meeral73@gmail.com


    شاعري

    • حمد ۽ نعت

    هٿن ۾ ڀور مانيءَ جو
    قصو آ زندگانيءَ جو

    اول تون آن ۽ آخر تون
    تون مالڪ لامڪانيءَ جو

    مهر سان تو ڪيو مسلم
    شڪر آ مهربانيءَ جو

    ڪَئين سجدن کان بهتر آ
    هڪئي سجدو جوانيءَ جو

    *

    اهڙي لفظن ۾ خدايا ڏات ڏي
    شاعري منهنجي ظلم کي مات ڏي

    هجر تنهنجي کي ڏني مون زندگي
    تون مِلڻ جي مون کي هڪڙي رات ڏي

    ملڪ جي دشمن تي بجلي ٿي ڪِران
    اي خدا! تون همّت ۽ جذبات ڏي

    ويا کسي غم روح جون سڀ رونقون
    مرڪ هڪڙي تون مٺا خيرات ڏي

    اڄ ڪيو هي دل آ ميرل فيصلو
    سُک کڻي وڃ مون کي تون فڪرات ڏي

    *

    منهنجو سرڪار بسم الله
    گل و گلزار بسم الله

    سوا لک انبيائن جو
    ٿيو سردار بسم الله

    سدا ڪوجهن يتيمن جو
    پرين آڌار بسم الله

    اميدن سان ڀريل ٻيڙو
    ڪندو هُن پار بسم الله

    هنئين جو هار آ هر دم
    مٺو منٺار بسم الله

    محمد مصطفيٰ ’ميرل‘
    اکين جو ٺار بسم الله
    *


    • غزل

    1.

    تن من تڙپيو، تات ختم ٿي، رات ختم ٿي
    ساهن جي سڪرات ختم ٿي، رات ختم ٿي

    يادن جي هڙ، کوليم رُئندي، ايئَن لڳو پئي
    مون لئه ڪائنات ختم ٿي، رات ختم ٿي

    پاڳل منڙو، پينارن جان، در در ڀٽڪيو
    خوابن جي خيرات ختم ٿي، رات ختم ٿي

    اوسيئڙو ڀي، نيٺ اڪيلو، ٿي ويو يارو
    اکڙين جي برسات ختم ٿي، رات ختم ٿي

    تو ئي چيو هو، دل تي ميرل، بار آهين تون
    اڄ تنهنجي فڪرات ختم ٿي، رات ختم ٿي

    *

    2.

    مان جهوپن ۾، تون ماڙيءَ ۾
    ڪيئن رهندين گڏ ٻهراڙيءَ ۾

    اڄ گدڙن جا ٿي هانءُ ڇِڳا
    هو خوف وڏو اوناڙيءَ ۾

    مون ڏاڍا ڳوليا، ڪونه لڌا
    ڪجھه خواب رکيل الماڙيءَ ۾

    اڄ پيءُ چيو پُٽ کي رُئندي
    پُٽ! رُئندين تون به پڇاڙيءَ ۾

    مان شهر اُڏيري ٽيشڻ جو
    دل ڦاسي وئي سرهاڙيءَ ۾

    *

    3.


    تنهنجو ناهيان، توکان ٻُڌڻ مان چاهيان ٿو
    تنهنجو هڪ هڪ لفظ لکڻ مان چاهيان ٿو

    پنهنجي ڪُلهي تي ڪنڌ رکي اڄ روئڻ ڏي
    دل جو هلڪو بار ڪرڻ مان چاهيان ٿو

    نيڻن ۾ رک مونکي لڪائي دنيا کان
    تنهنجي اکين ۾ گُم ٿيڻ مان چاهيان ٿو

    چوڏهينءَ رات جو دلبر جڏهين ظاهر ٿيو
    چنڊ چيو بس هاڻ لِڪڻ مان چاهيان ٿو

    جيڪو منهنجي سنڌ امڙ جو دشمن آ
    اُن جو ميرل ڪنڌ ڪَپَڻ مان چاهيان ٿو

    *

    4.

    هڪ پل به حياتيءَ تي اعتبار به ڪونهي ڪو
    ۽ موت کي ٽارڻ جو اختيار به ڪونهي ڪو

    جن ملڪ لُٽيو تِن لئه ايوارڊ نمونن جا
    پر شاعر لئه ڪنهن وٽ هڪ هار به ڪونهي ڪو

    مون سان ته پرينءَ جو آ، ٿيو پيار عجب آهي
    اقرار به ڪونهي ڪو، انڪار به ڪونهي ڪو

    تون سالن جو سوچي، پيو محل اڏين ليڪن
    هي جيون جانِ مَن، ڏينهن چار به ڪونهي ڪو

    جي درد وڇوڙي جو، توکي به نه آ ميرل
    پوءِ وار هي وکريل ڇو، سينگار به ڪونهي ڪو

    *

    5.

    وڌي ويو ريٽ مينديءَ جو، مگر سستو لهُو آهي
    چِٽو قيامت جو اڄ منظر، اسان جي روبرُو آهي

    صنم جي سونهن تي سوچي مان پٿر ٿِي وَيو آهيان
    پرين گل آ گلابن جو يا گل ڪو نازبُو آهي

    ڏسي مهتاب کي اڪثر، سندم ننڊ آ ڦِٽي ويندي
    پرينءَ جو حُسن ۽ چنڊ جو سراسر هوبهُو آهي

    جي دلبرآهي دل منهنجي ته ڌڙڪن مان به هوندس پَڪ
    “نه هُن کان ڌار مان آهيان، نه مونکان ڌار هُو آهي”

    محبت جي ڏهاڙي تي اچي مِل يار ميرل سان
    هَلي آ مان ڏسان توکي، اکين جي آرزُو آهي

    *

    6.

    ڪنهن کي دل جو درد ٻُڌائي، ڇا وَرَندو..!؟
    هاڻي ويهي لڙڪ وَهائي، ڇا وَرَندو..!؟

    مون ته حياتي اُن کي پنهنجي ارپي آ
    هُن جي واتان لفظ اَلائي، ڇا وَرَندو..!؟

    سنڌ گھُري ٿي آزاديءَ لئه ساھ سڄڻ
    لسٽ ۾ خالي نانءُ لِکائي، ڇا وَرَندو..!؟

    جنهن کي ميرل تنهنجي نانءُ کان نفرت آ
    تنهن لئه پنهنجو پاڻ وِڃائي، ڇا وَرَندو..!؟

    *

    7.

    اڃا اکڙيون پئي جاڳيون، ستارن موڪلاڻي ڪئي
    صبح ٿيو ، سج ڪَنا ڪڍيا، انڌارن موڪلاڻي ڪئي

    خزائون منهنجي جيون تي حڪمراني ڪنديون آهن
    جڏهن کان تو ڇڏيو دلبر بهارن موڪلاڻي ڪئي

    تڏهن مونکي وفائن جو صلو مِلِيو خبر پئي هئي
    جڏهن دشمن وڌو گھيري ته يارن موڪلاڻي ڪئي

    لُٽي هِن قوم جو پئسو، ڀريائون پيٽ پنهنجو بس
    وٺي رشوت، کڻي دولت غدارن موڪلاڻي ڪئي

    اميدن سان ڀريل ٻيڙو هليو پئي حوصلي تي پر
    جڏهن منزل هُئي سامهون، ڪنارن موڪلاڻي ڪئي

    *

    8.

    يار جو آ ڏنل غم سلامت رهي
    منهنجي دلدار جو دم سلامت رهي

    ننڊ ۾ جاڳ ۾ سوچ ڌرتيءَ جي آ
    زندگيءَ جو اِهو ڪم سلامت رهي

    اي خدا! دشمنن جي نظر کان بچا
    ملڪ منهنجي جو پرچم سلامت رهي

    تون ڏسين ٿو ڦَٽن تي لڳي ٿو مَلَم
    ڦٽ منهنجا ۽ مرهم سلامت رهي

    تون جي آئين بهاري ٿي ميرل وئي
    بس هميشه هي موسم سلامت رهي

    *

    9.

    سندءِ دل ۾ مون لئه جي گھر ٿي پوي ها
    سهارو اِهو عمر ڀر ٿي پوي ها

    ڪري نيڻ رستا وِڇائي هان ويٺو
    هِتان ڪاش! تنهنجو گُذر ٿي پوي ها

    کڻي دل جا ٽڪرا، رُئان ڪونه ها مان
    “سچو پيار تنهنجو اگر ٿي پوي ها”

    اچين ها اڱڻ جي، ڀَري پير پنهنجا
    رهڻ هِت ڏکن جو زهر ٿي پوي ها

    آ قطري برابر هي ميرل مڃان ٿو
    تون پنهنجو ڪرين ها بحر ٿي پوي ها

    *

    10.

    آ دل جي ڳالھه هِي
    جيئري جُدا نه ٿِي

    چنڊ يار کي چيو
    ٿوري ڏي روشنِي

    هڪ شخص جي ڪري
    سڀني سان دشمنِي

    ڏسندي ويو دل کَسي
    آهي ڪو اٽڪلِي

    احساس کان سواءِ
    ڪهڙي آ زندگِي

    *

    11.

    ڀل غمن جي ٻڌي ڏي ڀَري خير آ
    توسان ليکو نه آ ڪو چَري خير آ

    سڀ خوشيون تنهنجي دَرَ جون سلامي هجن
    جي مِليم ڪانه سُک جي ذَري خير آ

    چنڊ تي هُن جي چٿرون ڪيون، چنڊ چيو
    او پَري! خير آ، مَرمَري! خير آ

    تنهنجي خوشين جا ٻيڙا تَرن خير سان
    ڪانه ٻيڙي جي منهنجي تَري خير آ

    تنهنجي ميرل ڪڏهن ڏک نه ويجھو اچن
    منهنجي هر هڪ خوشي وئي مَري خير آ

    *

    12.

    ڳالھه دل جي نه ظاهر ڪري مان سگھيس
    زندگي وئي هلي بس حجابن پُٺيان

    ووٽ ويجھا ٿيا فاتحائون به ٿيون
    آ لُٽڻ جو بهانو ثوابن پُٺيان

    مون ته جيون ڇڏيو توکي ارپي سڄو
    تون سدائين حسابن ڪتابن پُٺيان

    نيڻ جاڳيا اڪيلائي آجيان ڪئي
    رات گذري وئي تنهنجي خوابن پُٺيان

    ووٽ جنهن کي ڏئي قوم ليڊر ڪيو
    سو سدائين شرابن شبابن پُٺيان

    چئن ماڻهن کنيو لاش مسڪين جو
    شهر سارو هو ميرل، نوابن پُٺيان

    *

    13.

    تنهنجا نيڻ پرين ڪشمير جيان
    ٺڪ دل تي لڳن ٿا تِير جيان

    تنهنجي زُلفن ۾ سڀ قيد ٿيا
    تنهنجا زُلف پرين زنجير جيان

    ٿر ڪاري سون جي کاڻ آهي
    پر منهنجا سنڌي دلگير جيان

    ڪَئين پٿر لڳا پر وسري ويا
    ڪي لفظ لڳا شمشير جيان

    اڄ مونکان رُسي ويو ڏور هليو
    منهنجو يار به آ تقدير جيان

    ٿيو ميرل جذبن تي قبضو
    ڪنهن سرڪاري جاگير جيان


    *

    14.

    ڏينهن ۾ رات ۾
    آهيان فڪرات ۾

    ڀور دل ويو ڪري
    ڪوئي جذبات ۾

    عشق جو ڇا وڃي
    ذات ۾ پات ۾

    ياد طوفان بڻي
    دل جي محلات ۾

    لڙڪ بيهن سَهي
    وڃ نه برسات ۾

    ڏس ته ميرل پُڳو
    ڪهڙي حالات ۾

    *

    15.

    اوهان جي مست نظرن جو اشارو خوب ٿي ويو آ
    پرين پنهنجو بڻايو ٿا، سهارو خوب ٿي ويو آ

    حُسن اڄ سڀ حدون اُڪري اچي ٿيو دنگ دلبر تي
    گلن کان ڀي پرين منهنجو پِيارو خوب ٿي ويو آ

    نه آ محفوظ اڄ ڪوڀي، اچي گھر ۾ ئي ٿا مارِن
    چَوَن ٿا ملڪ ۾ ليڊر، سُڌارو خوب ٿي ويو آ

    چيو اڄ چنڊ دلبر کي، ڪيون ڇا سونهن تي سودو
    مگر محبوب ڪئي نهڪر، نظارو خوب ٿي ويو آ

    تون گڏ ناهين ته ڇا ٿي پيو، ڏنئي جي درد گڏ آهن
    سندءِ يادن سان جيون جو گُذارو خوب ٿي ويو آ

    *

    16.

    ڪنهن جو نه مُور ٿيو
    منهنجو ضُرور ٿيو

    ڪو انتظار ۾
    سپنو آ جُهور ٿيو

    هڪ شخص آهي جو
    اکڙين جو نُور ٿيو

    دل جا ڪَيَئي ذَرا
    ڪهڙو قصور ٿيو

    شيشن جي شهر ۾
    احساس چُور ٿيو

    *

    17.

    توکي رُسڻ جي ٿي وئي آ هير ڇا ڪجي
    دل ۾ نچن ٿا درد ٻڌي ڇير ڇا ڪجي

    دل جي لڳيءَ کان پوءِ نه آ دل تي اختيار
    ٻٻرن کان دل گھُري ٿي پئي ٻير ڇا ڪجي

    تنهنجو وڇوڙو مونکي پرين ايئن ٿو لڳي
    ٽانڊن تي ڄڻ هجن هي سندم پير ڇا ڪجي

    غربت حدون وئي اُڪري افسوس بک وِگهي
    معصوم ٿا ڦَلورِن پيا ڍير ڇا ڪجي

    جنهن کي سدائين ميرل، واري ڍڪيم اکين
    اُن جي به دل ۾ مون لئه آ مير ڇا ڪجي

    *

    18.

    چيم دل کي نه ڀر سُڏڪا، چَيَئين اختيار ڪونهي ڪو
    رُئان ٿي رات ڏينهن جنهن لئه، اُهو گڏ يار ڪونهي ڪو

    چوي ٿو آ امان منهنجي، وري ٿئي سنڌ جو دشمن
    اُنهيءَ جهڙو زماني ۾ ڪوئي بيڪار ڪونهي ڪو

    وٺي ٿو نانءُ ڪو منهنجو اُنهيءَ جو ٿيو پوين دشمن
    اکين ۾ عشق جو درياھ، چَوِين ٿو پيار ڪونهي ڪو

    سڄڻ مونکي گُهري ٿو ايئن، گُهري جيئن ٿَرُ ٿو پاڻي
    سڪون مونکي به هِت ناهي، پرينءَ کي ڌار ڪونهي ڪو

    مليو آهين تون ميرل سان ته هي احساس ٿيو آهي
    منهنجي دل تي ڪڏهن آيو، غمن جو بار ڪونهي ڪو


    *

    19.

    نصيبن وارو جُهومَڪ آ
    چُمي پيو ڳل، وڏو لَڪ آ

    ڏسڻ سان ٿو ڇِڪين دلِيون
    سندءِ نيڻن ۾ چقمَق آ

    ڇڏي ويو سال گذري ويا
    اڃان دل کي نه ٿي پَڪ آ

    چيم ليڊر! هي غربت ڇو
    چَيَئين منهنجو نه هي تَڪ آ

    ٺڪا ٿيو ڪين دل ٽُٽندي
    لڳو اهڙو ڳجھو ڌَڪ آ

    نه ميرل بيوفا چوندس
    اڃان اکڙين ۾ نِيمَڪ آ

    *

    20.

    ڏٺئين هيڪَر زماني کي
    لڳي ويا پَر زماني کي

    فقط هڪ پاڻ سُهڻي آ
    ڪَيَئين ميهَر زماني کي

    اسين ٻئي ڪونه ٽُٽنداسين
    ٻُڌا دلبَر زماني کي

    ختم ناتا ڪري اڄ مون
    هنئي ٺوڪَر زماني کي

    مُئو شاعر ته کيسي مان
    مليا ڪاڳَر زماني کي

    *

    21.

    سک ويا سڀئي، مليا غم، باقي ٻيو ڇا نه ٿيو
    دل جي لڳيءَ کان پهرين اهڙو لقا نه ٿيو

    هي عشق يار اهڙو، خاموش آهي گھاڻو
    دل پِيڙجي وئي پر، ڪوئي ٺَڪا نه ٿيو

    دل چاڪ آ هٿن ۾، آهيان مان دربدر
    غم درد جو ڪٿان ڀي، دارون دوا نه ٿيو

    سڪ سوز کي سَهڻ جي ڪوشش ڪيم مگر
    هي سُور گھٽ ڪڏهن ڀي، توکان سوا نه ٿيو

    عشرت ۽ عيش نالي لاکون رُپيا مگر
    افسوس خرچ سؤ ڀي، راھِ خدا نه ٿيو

    دردن جي مئڪدي ۾، غم ٿي مليا خوشيون
    ساقي به مون لئه ميرل، واعدي وفا نه ٿيو

    *

    22.

    ذهن تي سوچ دلبر جي طاري ۽ مان
    هٿ ۾ ڪاغذ قلم رات ڪاري ۽ مان

    مون به يادن جي دنيا وسائي ڇڏي
    هاڻ گڏ ٿا رهون بيقراري ۽ مان

    ڀل جفائون ڪري مان وفائون ڪندس
    پنهنجي ڪوشش ۾ آ هُو به جاري ۽ مان

    جيڪا تحفي ۾ مونکي ڏئي وئين هليو
    پيا ٿا تڙپون اُها انتظاري ۽ مان

    هُو ته چنڊ ٿو لڳي مان ڏيئو ڀي نه هان
    هُو ته اُستاد آهي بخاري ۽ مان

    هُو به پنهنجن کان ميرل پري هُئي گهڻو
    هڪ جهڙا ٽُٽل وڻ جي ٽاري ۽ مان

    *

    23.

    انسان آ ڪٿي..!؟
    ايمان آ ڪٿي..!؟

    نفرت کي ساڙجي
    شمشان آ ڪٿي..!؟

    توکي وڇوڙي جو
    ارمان آ ڪٿي..!؟

    پٿر ۾ ڳولي پيو
    ڀڳوان آ ڪٿي..!؟

    مَچَ تي ڪچهري، پر
    مهمان آ ڪٿي..!؟

    هِي عشق فلسفو
    آسان آ ڪٿي..!؟

    *

    24.

    جي رکو ٿا نينهن ناتو، پوءِ نڀايو دوستو
    سوچي سمجھي پٿرن سان پيچ پايو دوستو

    هاڻ ايندا در اوهان جي تي هلي، منٿون ڪرڻ
    ملڪ کي جن آ لُٽيو تن کي ڀڄايو دوستو

    زندگي کَٽَ تي پئي هُئي، بس هُيون اکيون کُليل
    مَنُ هُيو جنهن لاءِ ماندو سو نه آيو دوستو

    محبتن جا گُلَ پوکي، محبتن کي عام ڪِيو
    نفرتن جا منهن مٿان پردا هٽايو دوستو

    عشق سُک آ، عشق ڏک آ، عشق آهي زندگي
    عشق آ احساس ٻيو سڀ ڪجھه اجايو دوستو


    *

    25.

    ڪو حسين منظر سُهانو ڳولجي
    گڏ رهڻ جو ڪو بهانو ڳولجي

    درد غم جنهن ۾ ڀري ٽانڪا ڏجن
    اهڙو ڪوئي باڙدانو ڳولجي

    ماءُ جو نعم البدل ٿيندو نه ٻيو
    ڀل وڃي سارو زمانو ڳولجي

    خواب، خوشيون، خواهشون گروي رکي
    بس جيئڻ جو آشيانو ڳولجي

    سوچ جي اڄ سمنڊ ۾ ڏيئي ٽُٻي
    ڪو تخيل جو خزانو ڳولجي

    *

    26.

    گُنگُنائي چَيَئِين..!!
    ڇا اَلائي چَيَئِين..!!

    توسان دل آ لڳي
    مسڪرائي چَيَئِين..!!

    تنهنجي آهيان ڀلي
    آزمائي! چَيَئِين..!!

    حال ڪهڙا اَٿئي
    اَک ملائي چَيَئِين..!!

    ريل گاڏي هَلي
    بائي بائي چَيَئِين..!!

    *

    27.

    مٺا ڏي ڪي مرڪون اُڌاريون کپن
    ادائون به مونکي تو واريون کپن

    کڻي وڃ خوشين جا ڀري جھول تون
    مون کي غم اُداسيون ڏي ساريون کپن

    سنڌو ڀي کپي ٿو پلو ڀي کپي
    مُهاڻا، بتيلا ۽ ڄاريون کپن

    سڄڻ سنڌ ٿيندي سڄي سون پر
    اُنهيءَ لاءِ سوچون سگھاريون کپن

    وٺي ووٽ ويو آ، ڪندو ڇا اِهو
    جنهن کي روز شيشا ۽ ناريون کپن

    *

    28.

    هو اچي گل ٽڙن ٿا، چمن کان پڇو
    ڀؤنرن کان پڇو پوپٽن کان پڇو

    جو لکيل آ نصيبن ۾ ٿيندو اُهو
    مون نه شڪوه ڪئي آ غمن کان پڇو

    مون ته جيون گذاري ڇڏيو جاڳ ۾
    چنڊ کان، رات کان، ڀل گگن کان پڇو

    نينهن جي ڪيئن نشي ذهن ٿيڙي ڇڏيا
    محبتن جي وڃي مئڪدن کان پڇو

    دل لڳي اَڪَ جي ڪائي ماکي نه آ
    دل لڳيءَ جو قدر دل جلن کان پڇو

    مونسان ميرل مقدّر وفا ڪانه ڪئي
    منهنجي ڪشتي ڪٿي آ ڪُنن کان پڇو

    *

    29.

    جڏهن منهن يار موڙي ٿو
    پوءِ مون کي غم وڪوڙي ٿو

    عجب آ عشق جو دريا
    نه تاري ٿو، نه ٻوڙي ٿو

    جُھڙالي ٿيو پوي موسم
    جڏهن هُو زُلف ڇوڙي ٿو

    اسان جو روح اڄ تائين
    وفا لئه روز ڊوڙي ٿو

    پرينءَ جو درد ميرل کي
    اڃا تائين جھنجھوڙي ٿو

    *

    30.

    تو نهاريو ته زخم ويا ڀرجي
    نيڻ تنهنجا دوا مثل آهن

    سوچ تنهنجي صفا وڪوڙي وئي
    يادگيريون سزا مثل آهن

    لفظ تنهنجا سڀئي اُڏامي ويا
    قول تنهنجا هوا مثل آهن

    مونکي شفقت منجهان سڏيندي آ
    ماءُ جا گُفتا دعا مثل آهن

    تنهنجو هر ڪُوڙ سچ، مگر منهنجون
    سڀ وفائون جفا مثل آهن

    *

    31.

    اوهين جيئن ئي رُٺا، ڏسجو!
    ڪندي دل منهنجي ٺا، ڏسجو!

    لکي لڙڪن سان جيڪي مون
    پڙهي دل جي ڪٿا ڏسجو!

    وڙهياسين ديس لئه جڏهين
    اسان جا حوصلا ڏسجو!

    پرينءَ جا نيڻ مَڌ آهن
    وڃي ڀل مئڪدا ڏسجو!

    مرڻ کان پوءِ هٿ هڻندو
    ڪندو منهنجي پُڇا، ڏسجو!

    اَٿَوَ دل ۾ اَلائي ڇا
    بظاهر پيا سُٺا، ڏسجو!

    *

    32.

    اکين سان وار ٿيندو آ
    ايئين ڀي يار ٿيندو آ

    سڃاڻپ ذات ناهي ٿي
    امر ڪردار ٿيندو آ

    خدا کي پيو پُڪاريندو
    جڏهن بيمار ٿيندو آ

    سڪون دل کي آهي ملندو
    جڏهن ديدار ٿيندو آ

    چيم دل کي چري دلبر
    اکين جو ٺار ٿيندو آ

    ڪٿي سهڻي وفا جهڙي
    ڪٿي ميهار ٿيندو آ

    گُلن جو ڇو ڀلا ايڏو
    ڪنڊن تي بار ٿيندو آ

    هميشه سُونهن جو ميرل
    دلين تي وار ٿيندو آ

    *

    33.

    ڳالهه حق جي ڪٿي ڀي اگر ٿو ڪيان
    شهر پٿر هنيا جي گذر ٿو ڪيان

    ناهي سيني ۾ منهنجي هٿن منجھه آ
    دل هي پنهنجي پرينءَ جي نذر ٿو ڪيان

    سچ جو آئون ساٿي ٿيان ٿو پڪو
    مان به دشمن سڄو هاڻ تَر ٿو ڪيان


    هاڻ در ۾ نه آ عڪس ايندو نظر
    پوءِ به هُن جي گھٽيءَ مان چڪر ٿو ڪيان

    تنهنجي تصوير، احساس، ڪمرو ۽ مان
    وقت يادن ۾ روئي بسر ٿو ڪيان

    *

    34.

    جيجل امان جي جنهن کي، شفقت نٿي ملي
    تنهن کي دنيا ۾ يارو، عزت نٿي ملي

    جنهن لاءِ زندگاني، برباد ٿي وئي
    تنهن کي ته منهنجي لاءِ، فرصت نٿي ملي

    دل کي ڪري مان ڪشتو، دلبر ڏي ٿو وڃان
    نفرت ملي ٿي ليڪن، محبت نٿي ملي

    دل ڪيئن الئه ملي وئي، حالانڪه فرق آ
    مون سان ته هُن جي بلڪل، فطرت نٿي ملي

    مزدُور اڄ ڀي ميرل، فاقه ڪَشيءَ ۾ آ
    ڪم جيتري اُنهيءَ کي، اُجرت نٿي ملي

    *

    35.

    نه ڇمڪي ڇير ڇا سمجھان
    ڪئي تو دير ڇا سمجھان

    رڳو اُڻ تُڻ سندءِ اُلڪن
    وڌو آ وير ڇا سمجھان

    اڱڻ آئين نه اڄ تائين
    ڀري تون پير ڇا سمجھان

    پڙهيل ناهيان پَٽِي ڀي مان
    زبر ۽ زير ڇا سمجھان

    وٺي دل پوءِ ڏنئين مونکي
    ڏکن جا ڍير ڇا سمجھان

    کِلڻ، کائڻ ۾ سڀئي گڏ
    آ دشمن ڪير ڇا سمجھان


    *

    36.

    چنڊ مُرڪيو، رات ڇِرڪي اوچتو
    هُن جو گھر جي کولي کڙڪي اوچتو

    باغ ۾ اڄ باز پئي ڦيرا ڏنا
    ٿي وئي غمگين جھرڪي اوچتو

    اوچتو وئي اجنبيءَ سان اک اَڙي
    دل وئي اُن ڏانهن سِرڪي اوچتو

    ٿي ڪبوتر سُونهن جي کُڏ تي لٿي
    عشق جي دل کائي ڀڙڪي اوچتو

    *

    37.

    هانءُ ٻَري، عشق ٽانڊن جي چَر ٿو لڳي
    ڪنهن جي پُرڪيف اک جو اثر ٿو لڳي

    ڪنهن چيو الوداع، ڪنهن چيو ڪربلا
    “زندگيءَ جو اڙانگو سفر ٿو لڳي”

    کوڙ ڳوليم وفا ڪونه آئي نظر
    مون کي هر جاءِ جفائن جو تَر ٿو لڳي

    جنهن جي تعريف محفل ۾ ناهيان ڪندو
    منهنجو لهجو اُنهيءَ کي زهر ٿو لڳي

    دل جي ڌرتيءَ کي کيڙي ڇڏي ٿو صفا
    هِي وڇوڙو ڍڳن جو ته هَر ٿو لڳي

    جلد موٽي آ سانوڻ جي برسات ٿي
    مَنُ اُڃايل صفا يار ٿَر ٿو لڳي

    شهر پٿر هنيا ڪونه پئي ڪا خبر
    تنهنجو لهجو پرين ڄڻ خنجر ٿو لڳي

    *

    38.

    نفرتن جي ڏيھه ۾ اڄ محبتون روپوش ٿيون
    درد ۾ دل قيد آهي ۽ خوشيون روپوش ٿيون

    اڄ عقابن جو حڪم پيو ٿو هلي گلشن مٿي
    گھر اباڻي کي ڇڏي هِن جھرڪِيون روپوش ٿيون

    ساٿ تنهنجو هو جڏهن ڪُل عيش ها عشرت هُئي
    تو ڇڏيو دلبر تڏهن سڀ شهرتون روپوش ٿيون

    حسن تنهنجي سامهُون ڏَس ڪيئن ڀلا بيهنديون اُهي
    جن سڏايو پاڻ کي پئي پدمڻيون روپوش ٿيون

    هُن جھروڪي مان جڏهن هو رُخ مٿان پردو کنيو
    چنڊ ميرل ويو لِڪي هو ۽ ڪَتيون روپوش ٿيون

    *

    39.

    رهي سنڌ موليٰ، سلامت اسان جي
    “محبّت ئي آهي ثقافت اسان جي”

    ڏسو سنڌ آهي دليرن جي ڌرتي
    زماني ڏٺي آهي طاقت اسان جي

    نه ٽوڙي تون سگھندين، مُڙي وڃ مُڙي وڃ
    اڃا تو ڏٺي آ شرافت اسان جي

    منهنجي سنڌ مهمان نوازيءَ ۾ اَڳِيان
    سڃاڻپ سدائين سخاوت اسان جي

    هجي سنڌ ميرل پري دشمنن کان
    ڪري شال پروَر حفاظت اسان جي

    *

    40.

    ڏسو مون پيار پاڳل جو
    وٺان رستو پيو مقتل جو

    ستم جي ڳالهه ٿي جڏهين
    قصو رُئاڙي ٿو ڪربل جو

    تنهنجي زُلفن ڏنو آهي
    هوا کي شوق بادل جو

    اڙي ظالم! تون سوچي وٺ
    اُتي ليکو آ پل پل جو

    ڪيو تو ناهي اڄ تائين
    ڪڏهن احساس ميرل جو

    *

    41.

    دلين کي يار، جوڙڻ سِک
    نه ڪر تون ڌار، جوڙڻ سِک

    تون ٻِن ماڻهن کي ٽوڙڻ جا
    ڇڏي ڪم ڪار، جوڙڻ سِک

    ڇِنڻ کان ٿي ويندئي نفرت
    فقط هڪ وار، جوڙڻ سِک

    ڪنڊا اُڇلڻ جي ڪاريگر
    گُلن جا هار، جوڙڻ سِک

    ڪري هَٿَ جوڙ ننڍڙن سان
    وڏن سان ڌار، جوڙڻ سِک
    *

    42.

    سوچ ڪر بهتر اڃا
    عشق آ ابتر اڃا

    سنڌ ۾ پيا ٿا ڪُسن
    روز ڏسِ ڪونڌر اڃا

    مال، ماڻهو دربدر
    آ اُڃارو ٿر اڃا

    هُو نه آيو آ تڏهن
    اَک ۾ آ ڪينجھر اڃا

    بس امان! تنهنجي ڪري
    راضي آ پَروَر اڃا

    پيو اڃا ميرل جيئي
    ڀل جفائون ڪَر اڃا

    *

    43.

    ڪيئن چوان زندگاني اڪيلي رَهِي
    سوچ تنهنجي سدا ٻانهن ٻيلي رَهِي

    معاملو پيار جو حل ڪٿي ٿي سگھيو؟
    دل لڳي بس پهيلي پهيلي رَهِي

    تنهنجي سُورن ڪئي بادشاهي سدا
    منهنجي دل ٿي اُنهن لئه حويلي رَهِي

    ياد تنهنجيءَ سان اڄ ڀي نڀايو اچان
    ياد ايندي مٺا تنهنجي ڊيلي رَهِي

    هڪڙو ڀيرو هو گلشن ۾ آيو پرين
    اڄ به ساريندي هُن کي چنبيلي رَهِي

    *

    44.

    جنوريءَ ۾ نيڻ نيڻن سان مليا
    ٿيا شروع فيبروريءَ ۾ سلسلا

    گڏ رهڻ جا قول مارچ ۾ ڪَيَئين
    ويا وڌي اپريل ۾ سڀ حوصلا

    مَئي مچايا رنگ اُلفت جا گھڻا
    جُونَ ۾ مون عشق جا جوهر ڏٺا

    پر جُولائي ۾ وڇوڙو ٿي وَيو
    ۽ مُڪا آگسٽ مون ڏي فاصلا

    سيپٽمبر ۾ مليون دردن ڀريون
    آڪٽوبر ۾ ڏکن جا زلزلا

    ۽ نومبر ۾ وَيو ميرل ڇڏي
    ٿي وَيو آ ڄڻ ڊسمبر ڪربلا

    *


    نظم

    • فلاڻو

    وڄن پيا دهل شرنايون
    نچن پيا روڊ تي ڪونڌر
    فلاڻو آيو آهي اڄ
    اليڪشن جو کڻي ڊرامو..!!
    کڻي ڪنهن قرض تي پئسا
    وڏي دعوت ڪئي آهي
    فلاڻي کي ڏسو اڄ ڪيئن
    پيا هِن هار گلڙن جا
    ۽ پارائي اٿن اجرڪ
    فلاڻو پوءِ اُٿيو آخر
    اچي اسٽيج تي بيٺو
    شروع ڊرامي جو ٽيلر ٿيو..!!

    ٻُڌو منهنجا سڀئي ڀائر!
    اوهان سان آ وچن منهنجو
    اوهان جا ڪم سڀئي ٿيندا..!!
    اوهان جا غم سڀئي ويندا..!!
    اوهان کي حق سڀئي ملندا..!!
    ۽ منهنجا دَرَ اوهان جي لئه
    کليل آهن، کليل رهندا..!!
    صبح سانجھي اسر آڌي
    توهانکي سڏ ۾ سڏ ملندو
    مگر هڪ عرض آ ننڍڙو..!!
    فلاڻو آ نشان منهنجو
    اُنهيءَ تي بس ٺپا هڻجو..!!
    رڳو سوڀارو ٿي آئون
    اچان هڪ وار پوءِ ڏسجو..!!
    سموري ملڪ کي جهڙو
    ڪري پئرس ڇڏيندس مان
    رڳو سوڀارو ٿيان آئون..!!

    نچڻ وارا، مچڻ وارا
    اڃان تون ڪيترو نچندين
    نسل تنهنجا نچيا ڪيئي
    نچڻ تي زور آ تنهنجو
    خدا جي واسطي ويهي
    ڪريو ڪجھه غور ٿورو اڄ
    بچايو ملڪ پنهنجي کي
    لُٽيرن کان ڪيو پاسو
    ڀلا هن ملڪ پنهنجي مان
    سُٺو ليڊر نه ملندو ڇا؟
    فلڪ تان ڪين ڪو ايندو
    وچن گڏجي ڪريو سڀئي
    هڻي ٺوڪر ٺڳن کي اڄ
    سچي کي آڻي اڄ سامهون
    وطن پنهنجو بچائبو..!!
    نسل پنهنجو بچائبو..!!

    *


    • انصاف

    مون ڏاڍو ڳوليو ڪونه لڌو
    انصاف الائي ڪاڏي ويو..!!

    ڪٿ محلن ۾ ها رنگ نوان
    ۽ ڍونگين جا ها ڍنگ نوان
    ڇا دسترخوانا دنگ نوان
    ۽ محفل، سُرَندا، چنگ نوان
    پر جھانگيئڙن جي جھوپن ۾
    معصوم جي رڙين رنگ ڪيا
    پئي کير ڦُڙي لئه خوب رُنو
    ڪو بيوس هڪڙي مانيءَ لئه
    ٿي اُٿليو پُٿليو رات سڄي
    پوءِ بُک ڏني اهڙي ننڊ جو
    هُو ڪونه اُٿيو، پوءِ ڪونه اُٿيو
    مون ڏاڍو ڳوليو ڪونه لڌو
    انصاف الائي ڪاڏي ويو..!!

    ڏس ٿر آ ڪارو سون سڄو
    ڇا سونهارا بُک مرندا هِن..!؟
    جنهن گھر ۾ سون جو ڍِڳ هجي
    پر هُن کي هڪڙي ويلي جي
    ماني به ملي ٿي مشڪل سان
    هُو پنهنجي پيٽ جي باھ کڻي
    هِي ديس ڇڏي سڀ ويس ڇڏي

    پيو ٺوڪر کائي دَر دَر جي
    اڄ ملڪ لٽيرن کان ڪو پُڇي
    جنهن گھر ۾ سون جي کاڻ هجي
    سو فاقه ڪشيءَ ۾ ڏينهن ڪَٽي
    مون ٿر جي واري جانچي آ
    تنهن واريءَ ۾ هو درد وڏو
    مون ڏاڍو ڳوليو ڪونه لڌو
    انصاف الائي ڪاڏي ويو..!!

    *


    • ڪير ٿو روڪي..!!

    اوهين چاهيو اگر دلبر..!!
    بڻايو سون مٽيءَ کي
    اوهان جي هٿ ۾ جيڪا
    اچي شيءِ ٿي وڃي پارس
    اوهانجا نيڻ جادوگر
    ڏسڻ سان قيد ڪن دِلِيون
    اکيون جنهن ساڻ ڀي ملِيون
    سو ٿيندو شهر سوچن جو
    اوهانجي سُونهن سرس آ، ڄڻ
    پرين ڪشمير جي وادي
    اوهانجي آجيان گلڙا
    ڪندا آهن پَيا اڪثر
    اوهين چاهيو اگر دلبر..!!
    اوهين چاهيو اگر دلبر..!!

    محبت جي بتيلي کي
    ڪناري تي پُڄايو يا
    ڪُنن جي وچ رسايو ڀل
    مونکي اڄ آزمايو ڀل
    مڃي مون هار او جانان
    سڀئي بازيون اوهان لاءِ
    بهارون ڀي اوهان لاءِ
    منهنجي دل کي اگر ٽوڙي
    اوهانکي چين جي آيو
    منهنجي ڳوڙهن جو خير آهي
    جفائن جي هٿوڙي سان
    وفائن کي رکي ڀِت تي
    مٿان پوءِ درد جا دلبر
    ڀلي ڪوڪا ڇڏيو ٺوڪي..!!
    اوهان کي ڪير ٿو روڪي..!!
    اوهان کي ڪير ٿو روڪي..!!

    *


    • پکي

    ڪڏهن هِن ڀَر، ڪڏهن هُن ڀَر
    هلين ٿو تون سدا جھنگ جھَر
    ڪڏهن ڪاڇو، ڪڏهن ڪينجھر
    ڇڏيو تو ناهي ڪو ڀي تَر
    نوان نِت روپ بدلائين..!!
    الئه ڪهڙو پکي آهين..!!

    ڳجھو ناهي چمن توکان
    ڪبوتر ٿا ڊڄن توکان
    تِتر، طوطا ڀڄن توکان
    ۽ نيرڳ پاسو ڪن توکان
    ڪئي تو گھٽ نه اڄ تائين
    الئه ڪهڙو پکي آهين..!!

    ڪڏهن ڳيرن کي تڙپائين
    ۽ جھرڪين کي به هِيسائين
    ڪڏهن آنا ٻچا کائين
    هميشه تاڙ ۾ آهين
    لڳي ٿو هوش ۾ ناهين..!!
    الئه ڪهڙو پکي آهين..!!

    وڏو آهين ڪو پٿر دل
    اُجاڙي تو ڇڏيو هر گُل
    رُنو گلشن، رُني بُلبُل
    نٿئي احساس ڪو ميرل
    ظلم جا ڳيچ ٿو ڳائين..!!
    الئه ڪهڙو پکي آهين..!!

    *


    • رات ڪڏهن ٿيندي؟

    هُن پڇيو ته
    رات ڪڏهن ٿيندي؟
    چيومانس
    تون ڇڏي وئينءَ ته
    وري ڏينهن نه ٿيندو.

    *


    • خوف

    منهنجا ڳوڙها
    اُگهي چوڻ لڳو
    تون روئندو نه ڪر
    ڇو ته
    تنهنجي لڙڪن ۾
    مون پاڻ کي
    لُڙهندي ڏٺو آ.

    *


    • اُتي هي گڏ وري هوندا

    اُتي هي گڏ وري هوندا
    مٺا اڄ توکي هڪڙي مان
    ٻُڌايان ڳالهه ٿو دل جي
    ڪڏهن هي سوچيو آ تو
    ملون ٿا پاڻ ڇا جي لئه
    ڪٿي جو تون، ڪٿي جو مان
    نه پنهنجي ذات ساڳي آ
    نه ڪِي محلات ساڳي آ
    نه پنهنجو رت جو رشتو
    نه آهي ڀت جو رشتو
    نه تون منهنجو ڏٺل هئين
    نه مان تنهنجو ڏٺل آهيان
    ڀلا پوءِ معاملو ڇاهي
    ڪڏهن تو يارَ سوچيو آ
    مگر هي پڪ سمجهي ڇڏ
    جتي آ روح جو رشتو
    اُتي هر ذات بي معنيٰ
    فڪر فڪرات بي معنيٰ
    عجب هي سلسلو آهي
    هتي جي گڏ ٿيا آهيون
    انهيءَ ۾ تنهنجو ۽ منهنجو
    ڀلا ڪهڙو ڪمال آهي
    اصل ۾ مان هي سمجهان ٿو
    اُتي جيڪي به گڏ هئاسين
    اُهي هِت روح گڏ آهن
    وري وڇڙيا جڏهن پوءِ هي
    اُتي هي گڏ وري هوندا
    اُتي هي گڏ وري هوندا
    *


    • صحبت

    پڇيومانس،
    تون
    عزت ڇو وڪڻندي آهين؟
    چيائين،
    جيڪي ضمير
    کپائين ٿا
    انهن جي
    صحبت جو
    اثر آهي.
    *


    • اليڪشن

    اڄ اليڪشن هئي،
    محبت جي سِيٽ تي،
    وفا ۽ جفا آمهون سامهون
    بيٺل هئا..!!
    منهنجي دل جو ڌڙڪو
    تيز ٿي ويو،
    ۽ مان بي تاب هُئس
    فيصلو ٻُڌڻ لاءِ..!!
    نيٺ نتيجي جو
    اعلان ٿيو ته جفائن
    ڪلين سوئيپ ڪيو آهي..!!

    *


    • سپنا

    سپنن جا سڀ ٺِيڪا
    منهنجي حصي ۾ آيا،
    پر افسوس ..!!
    منهنجي عمر ڀر جي
    خوابن کي ساڀيان
    ملي نه سگھي..!!
    ۽ منهنجو وجود ڪنهن
    ڪلراٺي زمين جيان
    سيلابن جي وَرَ چڙهي ويو..!!
    تڏهن منهنجون اکيون
    لڙڪن جي آجيان
    ڪنديون رهيون..!!
    *


    • بي رُخي

    مون جيڪي اميدن جا
    ڪبوتر اُڏايا
    اُهي تنهنجي اڱڻ تي
    لهڻ کان پهريان ئي
    تنهنجي بي رُخيءَ جي
    بازن جي وَرَ
    چڙهي ويا..!!

    *


    • هڪ ڳالهه چوان..!!

    ڪجھه ڌيان ته ڌر
    ٿورو مون ڏي ڏس
    منهنجي دل ٿي چوي
    ڪاوڙ نه ڪرين
    هڪ ڳالھه چوان..!!
    جيڪو تنهنجي ڳل تي
    تِر آهي..!!
    تنهن
    منهنجو وِڃايو
    سِر آهي..!!
    *


    • سمنڊ ۽ مان

    ها مان اڄ به
    سمنڊ تي ويندو آهيان
    ۽ توکي ياد ڪري
    دل کي چوندو آهيان
    اڄ به ڇولين جو رقص
    ساڳيو آ..!!
    ۽ لهندڙ سج جي اوٽ ۾
    پرينءَ جو عڪس
    ساڳيو آ..!!

    پر جڏهن هِي
    تنهائيءَ جو عالم
    سوچن جي سرحد تي
    اڪيلائيءَ جو علم لڳائي
    جيت جو جشن ملهائيندو آهي
    تڏهن دل
    ائين چوندي آهي
    اڄ سمنڊ ۽ مان
    هڪ ٿي وڃون..!!
    *


    • ڏيئو

    مون کي خزائن جو
    زهر پياري
    پاڻ بهارن جو
    امرت پيتائين
    پر سندس اُڃ نه لٿي
    شايد..!!
    هُن جي نظر
    منهنجي زندگيءَ جي
    ڏيئي تي هئي..!!
    *


    • محبّت

    چيائين..!!
    محبت ڇا آهي..!؟
    چيم..!!
    محبت دلين جي
    سرزمين تي
    اُها محلات آهي
    جيڪا سِرن، سيمينٽ
    ۽ لوهه سان نه پر
    انسان جي اخلاق، عاجزي
    ۽ ڪردار سان ٺهندي آهي..!!

    *


    • ڪاغذ جي ٻيڙي

    تنهنجا به قول جانان
    ڪاغذ جي ٻيڙي وانگي
    آهن هوا سان جُڙِيَل
    هڪ جاءِ نٿا ٽِڪن..!!


    *


    • ٻَٻُر جو وڻ

    اکين جي آرسيءَ ۾
    سندس تصوير ڏسي
    دل ۾ دفن يادن جو
    آتش فشان ڦاٽڻ لڳو
    ۽ ذهن تي سوچن جو
    لشڪرطواف ڪرڻ ۾
    مصروف ٿي ويو..!!
    دل جو ڌڙڪو
    بي لغام گھوڙي جيان
    تيز ٿيڻ لڳو..!!
    ۽ وري
    لڙڪن جون لارُون
    سانوڻ جي مينهن جون
    سِڪون لاهڻ لئه
    گھٽ نه هُيون..!!
    پر مون کي خبر آهي..!!
    مون کي دردن جي ديس ۾
    اڪيلو ڪرڻ وارِي
    منهنجي پنهنجي دل آهي
    شايد انهيءَ ۾ هُن جو
    ڪو قصور نه هو..!!
    ڏوهه ته منهنجو آهي..!!
    مون جنهن کان
    ٻير پئي گھريا سو
    ٻَٻُر جو وڻ هو..!!

    *


    • معاف ڪر فقير..!!

    جنهن جي لاءِ جُهڪڻ لفظ
    توهين مثل هو..!!
    مون اُن جبل کي
    عشق جي اشارن تي
    جُهڪندي بيوس ٿي
    هٿيار ڦِٽا ڪندي
    پنهنجي اَوج تي ٿڌا ساھ ڀري
    پڇتاءُ جي پيڙاءُ ۾
    پاڻ کي اُن قيدي جيان
    سمجھندي محسوس ڪيو آهي..!!
    جنهن کي عمر قيد جي سزا ملي هجي..!!


    مون سمنڊ کي
    ڪُوزي جي شڪل ۾ ڏٺو..!!
    جيڪو پنهنجي مستيءَ جا مثال
    قائم ڪري دنيا تي پنهنجي
    دٻدٻي جو حامي هوندو آهي..!!
    مون ڏٺو عشق جون حدون پار ڪندي
    اُن عاشق کي جنهن جي اکين ۾
    اميدن جا هزارين خواب
    ڪنهن پينُو فقير جيان
    در در وڃي وفا جي خيرات لاءِ
    صدا هڻندا رهيا..!!
    پر موٽ ۾ اُهوئي جواب ته
    معاف ڪر فقير..!!
    *


    • حُسن ۽ اجرڪ

    ها جڏهن سنڌي ٽوپي
    ۽ اجرڪ پائي هلندو آهي
    تڏهن دنيا جو ڪوبه لباس
    سندس مقابلو ڪرڻ کان
    قاصر هوندو آهي..!!
    انتهائي پُر اثرسنڌي ٽوپيءَ تي
    چِٽِيل سنڌ جو نقشو
    ايئن لڳندو آهي ڄڻ،
    آڪاش تي چوڏهينءَ جو چنڊ
    اُڀريو هجي..!!
    جنهن جي سُهائي جي حد لامحدود
    روشنيءَ جو باعث ٿيو وڃي..!!
    ۽ اجرڪ تي ٺهيل ستارن جي
    جھِر مِر روشنين وانگي

    پنهنجي سُڃاڻپ ۽
    خوبصورتيءَ جا هزارين مثال
    قائم ڪريو ڇڏي..!!
    ها..!! اجرڪ جو ڳاڙهو رنگ
    گُلاب جي گُل جيان هر دل کي
    ڇُهڻ جو هنر ڄاڻي ٿو..!!
    ۽ جڏهن اجرڪ اوڍي نروار ٿيو
    تڏهن ايئن لڳو ته سونهن جا
    سڀ خزانا سندس بدن سان
    سلهاڙيل هجن..!!
    ها..!! جتان به گذريو
    هر نظر جو محور هو..!!
    ايئن محسوس پئي ٿيو ڄڻ ته
    حسن جون سڀ حدون اُن اجرڪ تي
    فنا ٿي ويون هجن..!!

    *


    • سرد خانو

    زندگي..!!
    اُن موڙ تي اچي
    هٿ ڪڍيا آهن..!!
    جتان واپسيءَ جي رستي جو
    ڪوبه نشان نظر نٿو اچي..!!
    منهنجي وجود کي
    ڪنهنجي وڇوڙي
    اُن وڻ جيان ڪري ڇڏيو آهي
    جيڪو خزان جي موسم ۾
    پنهنجا پَنَ ڇاڻي
    ڇانءُ ڏيڻ کان
    محروم ٿي ويو هُجي..!!
    ڪاش..!! هُن کي
    منهنجي درد جو احساس ٿئي..!!
    جيڪو مونکي
    اُن پوڙهي پيءُ جيان
    محسوس ٿيندو آهي
    جنهن کي جوان پُٽَ
    هجڻ باوجود به
    روشنين جي شهر ۾
    لاوارث حالت ۾
    ڪنهن اسپتال جو
    سرد خانو نصيب ٿيو هُجي..!!

    *


    • پاڻي

    اڄ تنهنجي ياد جا بادل
    وڇوڙي جي وِڄ سان
    صلاح ڪري..!!
    منهنجي دل جي
    ڪچي گھر مٿان
    ڪڙڪي پيا..!!
    ۽ منهنجي نيڻن جي
    سڀني خوابن کي
    پاڻي ڪري ڇڏيو..!!

    *


    • چوڏهينءَ جو چنڊ

    ها پرينءَ جي هلڻ ۾
    سنڌوءَ جي لهرن جهڙي
    موج ۽ مستي هُئي..!!
    هُن جي هلڻ سان
    موسم کي سُرُور ملي رهيو هو
    ۽ ڄامشوري جون هوائون
    سندس زُلفن سان کيچل
    ڪري رهيون هيون..!!
    هُن جيئن جيئن آڱريون
    پنهنجي زُلفن ۾ ڦيرايون پئي
    ايئن ٿي لڳو ته..!!
    حسن جون سڀ ادائون
    سندس آڱرين ۾ قيد ٿيل هجن
    ۽ سندس نگاهون جنهن تي به
    پَيون ٿي، اُهو اُتي ئي
    پٿر پئي ٿي ويو..!!
    سندس چپن جي مرڪ
    محبت جي لاعلاج فراق جي
    ڦٽن تي مرهم مثل هُئي..!!
    سندس ڳل بهار جي موسم ۾
    تازن گلن جيان سونهن جي
    سربراهي ڪري رهيا هئا..!!
    اڃان ڇا ٻُڌايان..!؟
    سندس ڳل تي ڪارو تِر
    آڪاش جي چوليءَ تي چوڏهينءَ
    جي چنڊ وانگي چمڪي رهيو هو..!!

    *


    • بزدل

    وري رت جي هلي هولي
    وري معصوم ماريا ويا..!!
    اُجاڙي تو ڇڏي دشمن
    وري ڪنهن ماءُ جي جھولي
    ٿيا ڪَئِين ٻار لاوارث
    ڀڳي تو چيلهه جُهوني جي
    امڙ کان نُور ڀي کَسِيَئي

    بهارن کي ڏئي تِيلِي
    خزان آندي تو گلشن ۾
    تون خوش آهين پنهنجي پَرَ ۾
    تون سمجھين ٿو ايئين ظالم
    دليريءَ جو ڪيو ڪم ٿم..!!
    مگر مونکان اڙي سنگدل
    قسم ڀي تون کڻائي پُڇ
    تون بزدل آن..!!
    تون بزدل آن..!!
    *


    • زندهه آهن

    هن دل کي
    اڃا به تنهنجي راھ ۾
    اميدن جا ڏيئا ٻاري
    انتظار ڪرڻ جي
    عادت ناهي وئي..!!
    بس هڪ ڀيرو..!!
    منهنجي مَن جي مانڌاڻ
    ۽ اکين جي ڳاڙهاڻ
    ڏسي وڃ..!!
    ڏس اچي..!!
    اڄ به تنهنجي ياد جا
    پنڇي منهنجي
    اکين جي آکيري ۾
    حسرتن جا
    خواب سجائي
    زندھ آهن..!!
    *


    • مثال

    هُو جڏهن
    گلستان ۾ آيو
    ته گلن ۾ ڦڙڦوٽ پئجي وئي..!!
    پوپٽ..!!
    سندس ڳلن کي چمڻ لاءِ
    تڙپندا رهيا..!!۽ هُن جي نهار ۾
    دلين کي قيد ڪرڻ واريون
    سڀئي ڪَڙيون موجود هيون..!!
    ۽ سندس زُلف
    ڪاريهر نانگ جيان
    هر دل کي
    ڏنگي رهيا هئا..!!
    سندس گُفتار جو ذائقو
    ماکيءَ ۽ مصريءَ لاءِ
    هڪ مثال هو..!!
    *


    بيت، ترائيل، وائي

    • ٽي شعر

    اچي ڪر تون مٺا آجو
    وڇوڙو کُوھ جهڙو آ
    -
    اندر ۾ هڪ ۽ ٻاهر ٻيو
    زمانو ٽُوھ جهڙو آ
    -
    اسان جي پيار جو ناڻو
    اوهان وٽ ٻُوھ جهڙو آ
    *


    • چئوسٽا

    تنهنجي نرمل نگاهن جي پوڄا ڪجي
    عشق سان ئي ادائن جي پوڄا ڪجي
    قيد زُلفن ۾ ميرل ڪري تون مونکي
    پيو ٻُڌاءِ! سزائن جي پوڄا ڪجي

    *

    خوابن جا خُون ٿي ويا
    سپنا زبُون ٿي ويا
    دل جي لڳيءَ جي پويان
    مهنگا سُڪوُن ٿي ويا

    *

    پٿر سان پيچ پيو آ، پٿر نه ٿي پوان
    دل جي چوڻ تي هاڻي، بي گھر نه ٿي پوان
    اهڙيون ڏنيون ٿئي سوچون، پل ڀي سڪون ناهي
    دردن سندو مان دلبر، دفتر نه ٿي پوان

    *

    دل ڪيم تنهنجي حوالي ڇا مليو
    لڙڪ اکڙين منجھه پالي ڇا مليو
    زندگي توکي لِکي ميرل ڏنم
    تو ڪيا ڏک منهنجي نالي ڇا مليو

    *

    شهرتون ۽ شانُ تنهنجي شهر ۾،
    پر نه هو انسانُ تنهنجي شهر ۾،
    منهنجي خدمت پئي اڪيلائيءَ ڪئي،
    مان هئس مهمان تنهنجي شهر ۾.

    *

    سيارو سرد جاڳي ٿو،
    وري نئون درد جاڳي ٿو،
    وڃين چنڊ يارَ کي چنجان،
    اڃا ڪو فرد جاڳي ٿو.

    *

    محبت ڀوڳ ٿي وئي آ
    حياتي سوڳ ٿي وئي آ
    نه ڏک آهي، نه سُک آهي
    جواني ڦوڳ ٿي وئي آ

    *

    هُو سُڃاڻي نٿو غير وانگي صفا
    جيڪو زُلفن جون مون تي هو ڇائُون ڪندو
    اڄ ڀلي هُو تڪبّر جو حامي هُجي
    وقت ايندو پوءِ ڏسجو پُڇائون ڪندو

    *

    تنهنجا گُفتا خنجر ٿي ويا
    منهنجا سپنا بي گھر ٿي ويا
    دل جا ميرل پٿر ماڻهو
    الفت جا اڄ پيڪر ٿي ويا

    *

    جيئن ڏسي مون ڏي هُو مرڪڻ ٿي شروع
    نيڻ ڇِرڪيا، دل به ڌڙڪڻ ٿي شروع
    گج پهري سُونهن جي ديوي لڳي
    چنڊ وانگي پاڻ چمڪڻ ٿي شروع

    *

    صبح مان رات ٿي ويندي
    ختم هر بات ٿي ويندي
    حياتي آ سِڪي جهڙي
    ڪڏهن خيرات ٿي ويندي

    *


    • ڏيڍ سٽا

    پيو سمنڊ هڻي ڇوليون،
    اڄ ياد پَيون ميرل، جيجل جون مٺيون لوليون
    -

    آ شور هوائن ۾..!!
    تو قيد ڪيو ميرل، نوخيز نگاهن ۾..!!
    -

    مشهور به ٿي وڃبو،
    ڏئي سنڌ لئه سِر ميرل، منصور به ٿي وڃبو
    -

    اڄ شام کڻي وڃ تون...!!
    ڏئي سُور مونکي ميرل، آرام کڻي وڃ تون..!!
    -

    الئه ڪيئن هٿ مروڙي وئي..!!
    گھڙي هڪڙيءَ ۾ ميرل سان، صدين جو ساٿ جوڙي وئي..!!
    -

    هر وار کان تيز آهن..!!
    اڄ لفظ تنهنجا ميرل، تلوار کان تيز آهن..!!
    -

    اهڙو ته اثر ٿي ويو،
    توکي ياد ڪندي ميرل، سوچن جو شهر ٿي ويو
    -

    ڪنهن راڳ جي راڻي آ،
    دل کٽ آ ڄڻ ميرل، مون عشق سان واڻي آ
    -

    ڪنهن مِير نه پِير ڪيو،
    هڪ تيرِ نظر ميرل، آ دل کي چير ڪيو
    -

    ڪري دل سان اداڪاري،
    چيئين ميرل خدا حافظ، اکين مان لڙڪ ٿيا جاري
    -

    ڪنهن در کڙڪايو آ،
    مون کي ايئن لڳو ميرل، ڄڻ دلبر آيو آ
    -

    تنهنجي پيار ۾ پروانو،
    شل توکي وڻي ميرل، هي دل وٺ نذرانو،
    -

    جيئن کير ۾ کنڊ آهي،
    منهنجو ته پرين ميرل، چوڏهينءَ جو چنڊ آهي
    -

    يادون ۽ اڪيلائي،
    ٿي شام جڏهن ميرل، هُوءَ سمنڊ ڏسڻ آئي
    -

    هِتي علم و ادب ۽ فَن،
    وسايو مون تڏهن ميرل، اُڏيرو لعل اسٽيشن

    *


    • ترائيل

    رڳو اوهان جي ڪَمي رهي ٿي
    ڪڏهن نه آئي بهار آهي
    تڏهن اکين ۾ نَمي رهي ٿي
    رڳو اوهان جي ڪَمي رهي ٿي
    خوشي نه، دل ۾ غَمي رهي ٿي
    نه آيو دل کي قرار آهي
    رڳو اوهانجي ڪَمي رهي ٿي
    ڪڏهن نه آئي بهار آهي

    *

    ٻُڌو ٿم اڄ به ساري ٿو
    کڻي ٿو ساھ سُڏڪن ۾
    اڃا راهون نهاري ٿو
    ٻُڌو ٿم اڄ به ساري ٿو
    اکين مان لڙڪ هاري ٿو
    اڪيلو آهي اُلڪن ۾
    ٻُڌو ٿم اڄ به ساري ٿو
    کڻي ٿو ساھ سُڏڪن ۾

    *


    • وائي

    گُهمي پيو چور روڊن تي
    ۽ ڀاڳيو جيل ۾ آهي..!!
    عجب دستور دنيا جو..!!

    گُهري ٿو حق جو پنهنجو
    اُهو پوءِ ويل ۾ آهي..!!
    عجب دستور دنيا جو..!!

    آ هڪڙي هَٿ ۾ تِيلِي
    ۽ ٻيو هَٿَ تيل ۾ آهي..!!
    عجب دستور دنيا جو..!!

    هي دل آ گاھ ڄڻ ميرل
    هميشه ڀيل ۾ آهي..!!
    عجب دستور دنيا جو..!!


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 756
    ڪتابن جو مشاهدو: 1267721
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 387995
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ