ڪتاب جو نالو: ساهت ڏيهه جا سرجڻهار
مصنف: رضوان گل
ڇپائيندڙ: ڏاهپ پبليـڪيـشن
ڪيٽيگري: شخصيتون ۽ خاڪا
شايع ٿيڻ جو سال: 2012
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 01 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 1762 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 529 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
بظاهر ننڍو نظر ايندڙ هي ڪتاب، پنهنجي اندر منجھ سمايل 33 شخصيتن جي زندگين جي اتساهيندڙ ڳالهين، واقعن ۽ سندن ڪارگذارين جي ڪري ڏاڍو وڏو آهي. هِن ڪتاب جي مطالعي سان اسان ڄاڻي سگھنداسون ته فطرت جي گلدان ۾ سنڌُ خوشبودار گلن سان ڀري پئي آهي ۽ دنيا جو ماحول جڏهن دهشت ۽ اڻ سهپ جي اثر ۾ آيل آهي، تڏهن سنڌ جي سهپ ڀري سماج ۾ اهڙيون مهانُ شخصيتون موجود رهيون آهن، جن جي دنيا کي ڏاڍي گھڻي گھرج آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • • سنڌ سلامت پاران
  • • ارپنا
  • • ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جو ويچار
  • • پبلشر پاران محبتن ۽ مڃتا ڀَرِي ادبي ڀيٽا
  • • مـهـاڳ : منهنجي ناتمام خواهش جو پورائو
  • • سنڌي ماڻهن جا گڏيل آئيڊيل
  • • ڪري نه سگھان ڳالهڙي
  • • ليکڪ پاران ٻه اکر
  • 1. ڏاهو فلسفي، دانشور ۽ تعليمدان ¬ علامه آءِ آءِ قاضي
  • 2. محقق، صحافي ۽ تاريخدان پير حسام الدين راشدي
  • 3. سنڌي ٻولي ۽ ادب جو گھڻ گھرو محمد ابراهيم جويو
  • 4. شاعر، آرٽسٽ، سماج سڌارڪ ۽ صحافي قاضي عبدالحئي قائل سرشاري
  • 5. لوڪ ادب ۽ لسانيات جو پارکو ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو
  • 6. مهين جي دڙي جو ماڻهو آدرشي انسان ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي
  • 7. ڌرتيءَ جو مهان شاعر شيخ اياز
  • 8. برک ڪهاڻيڪار ۽ شاعر انيس انصاري
  • 9. بيباڪ ۽ انقلابي ليکڪ ڊاڪٽر نجم عباسي
  • 10. آدرشي انسان ۽ بيباڪ ڪهاڻيڪار جمال ابڙو
  • 11. عوامي ۽ مزاحمتي شاعر استاد بخاري
  • 12. محقق، نقاد ۽ تعليمدان ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو
  • 13. جديد سنڌي شاعريءَ جو اهم حوالو ڊاڪٽر تنوير عباسي
  • 14. سنڌي ڪهاڻيءَ جو امر نانءُ امر جليل
  • 15. ناميارو شاعر، نثر نگار ۽ نقاد ذوالفقار راشدي
  • 16. ڪهاڻيڪار ، شاعر ۽ ڪالم نگار قمر شهباز
  • 17. ٻوليءَ جي جھولي ڀريندڙ شاعر تاجل بيوس
  • 18. ڪهاڻيڪار ، نقاد ۽ ايڊيٽر طارق اشرف
  • 19. شاعر، محقق ۽ لطيف شناس ڊاڪٽر بشير احمد شاد
  • 20. غزل جو بادشاهه شاعر وفا ناٿن شاهي
  • 21. جديد سنڌي افساني جي سرموڙ ليکڪا ثميره زرين
  • 22. شاعر ، محقق، صحافي ۽ لطيف شناس انور پيرزادو
  • 23. شاعر، مرتب ۽ محقق ڊاڪٽر ملڪ نديم
  • 24. ڪهاڻيڪاره ۽ سفر نامه نگار خيرالنساءِ جعفري
  • 25. شاعر، ڪهاڻيڪار، مترجم ۽ ڪالم نگار قاضي مقصود گل
  • 26. ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامه نگار ڪيهر شوڪت
  • 27. محقق، نقاد، ڪهاڻيڪار ۽ ماهرِ لسانيات ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
  • 28. ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار ۽ شاعر رزاق مهر
  • 29. اميدن ۽ خوشبوئن جو شاعر ادل سومرو
  • 30. ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار، ۽ شاعر زيب سنڌي
  • 31. لفظن جو مصور ۽ رنگن جو شاعر طارق عالم ابڙو
  • 32. ڪومل احساسن ۽ سهڻن جذبن جو شاعر اياز گل

  • • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام پنهنجي وجود جي پهرين ڏينهن کان جيڪي ڪوششون شروع ڪيون هيون انهن جو مقصد ڪمپيوٽر ۽ خاص ڪري انٽرنيٽ تي سنڌي ٻوليء جي واڌاري ۽ ترقيء جو هيو. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو سسلو شروع ڪيو آهي ۽ ان سلسلي جو هي پهريون ڪتاب محترم رضوان گل جو “ساهت ڏيهه جا سرجڻهار” پيش آهي. اسين ٿورائتا آهيون پياري دوست محترم رضوان گل جا، جنهن سنڌ جي ڏات ڌڻين جي سوانحي خاڪن ۽ مضمونن جو هي ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي. هي ڪتاب ڏاهپ پبليڪيشن، لاڙڪاڻو پاران ڇپايو ويو آهي.

    اوهان سڀني دوستن، بزرگن ۽ ساڃاه وندن جي قيمتي مشورن، راين ، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    salamatsindh@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    • ارپنا

    ارپنا

    پنهنجي ڏاهي، تخليقڪار ڀاءُ

    احسان دانش جي نالي.


    ــــ رضوان گل


    • ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جو ويچار

    رضوان گل هي ڪتاب لکي، سنڌي ادب جي تمام وڏي خدمت جو ڪم سرانجام ڏنو آهي. ادبي دنيا جي هلچل ۾ متحرڪ رهندي، مون ادبي شخصيتن لاءِ حقيقي احترام ۽ پيار ٿورن ماڻهن ۾ ڏٺو آهي. رضوان گل هي ڪتاب لکي ۽ مختلف شخصيتن کي ڀيٽا ڏئي، اسان سنڌي اديبن تي نه رڳو احسان ڪيو آهي پر هڪ واٽ به ڏيکاري آهي ته ڪهڙي طرح چپ چاپ بنا لالچ جي سنڌي اديب ادب لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن. رضوان انٽرنيٽ تي به سنڌي اديبن بابت ڄاڻ ڏني آهي جيڪا سٺي ڳالهه آهي. جيڪي اديب هن ڪتاب ۾ شامل آهن، انهن جي زندگي ۽ ڪم بابت پڙهي مون کي خوشي ٿي، پر رهجي ويل اديبن بابت به گل کي لکڻ جو مشورو ڏيندس. في الحال رضوان گل کي مبارڪون جو هن هي ڪم سرانجام ڏنو آهي.

    ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي
    لاڙڪاڻو


    • پبلشر پاران محبتن ۽ مڃتا ڀَرِي ادبي ڀيٽا

    سهڻي سنڌُ ڏاهپ، علم، ادب، صحافت، سماجيات، تاريخ، تحقيق، تنقيد ۽ مصوريءَ سميت انيڪ شعبن ۾ ڪيئي اڻ مُلهه، اَڻ توريا، ماڻڪ موتي، محبتي ۽ اُتم انسان پيدا ڪيا آهن، جن پنهنجي فڪر ۽ فن، ڏات ۽ ڏانوَ سان نه صرف سڄيءَ سنڌ ۾، پر دنيا ۾ به پنهنجو ۽ پنهنجي ڏيهه جو نانءُ نِروار ۽ پُر نُور ڪيو آهي. اهڙن سڄاڻ انسانن مان بِنهه ڪجھ شخصيتن جي زندگين بابت بنيادي ڄاڻ ۽ سندن ڪيل خدمتن جو ضروري تفصيل ڏئي، سنڌ جي ئي نوجوان اديب رضوان گل پنهنجي بامقصد قلم سان، محبتن ۽ مڃتا جي ادبي ڀيٽا، هن ڪتاب ”ساهت ڏيهه جا سرجڻهار“ جي روپ ۾، انهن شخصيتن کي ارپِي آهي.
    رضوان گل جو نانءُ سنڌ واسين جي لاءِ نئون نه آهي. هُو گذريل وِيهن ورهيَن کان سنڌ جي رسالن ۽ اخبارن ۾ سرگرميءَ سان ۽ مسلسل لکي رهيو آهي، پوءِ اهي مضمون ۽ مقالا هجن، ڪالم ۽ تاثر هجن يا سوانحي ليک، ڪهاڻيون ۽ شعرَ هجن يا چونڊ ترجما. رضوان گل جو قلم جنهن علم ۽ ادب جي ماڳ جو تمنائي بڻيو آهي، مسلسل ان جي مارڳ تي اتساهه ۽ چاهه سان وڌندو رهيو آهي. ان کان سواءِ هُو انٽرنيٽ تي پڻ سنڌ جي شخصيتن ۽ علم، ادب ۽ ادبي سرگرمين جي حوالي سان بيحد سرگرم آهي ۽ دنيا کي سنڌ جو اهو تعارف ڪرائي رهيو آهي، جنهن جي حقيقي معنى ۾ اڄ وڏي ضرورت آهي. سنڌ جو هڪ مثبت روپ آهي جيڪو هُن جي ڪاوشن ۽ ڪوششن سبب دنيا اڳيان آيل آهي. جڏهن ته اردو ادب جي مشهور ڪهاڻيڪار سعادت حسن منٽو جي ڪهاڻين جو رضوان پاران ترجمو ڪيل ڪتاب ”پنج ڏينهن“ (2005ع) پڻ ڇپجي مقبوليت ماڻي چڪو آهي.
    بظاهر ننڍو نظر ايندڙ هي ڪتاب، پنهنجي اندر منجھ سمايل 33 شخصيتن جي زندگين جي اتساهيندڙ ڳالهين، واقعن ۽ سندن ڪارگذارين جي ڪري ڏاڍو وڏو آهي. هِن ڪتاب جي مطالعي سان اسان ڄاڻي سگھنداسون ته فطرت جي گلدان ۾ سنڌُ خوشبودار گلن سان ڀري پئي آهي ۽ دنيا جو ماحول جڏهن دهشت ۽ اڻ سهپ جي اثر ۾ آيل آهي، تڏهن سنڌ جي سهپ ڀري سماج ۾ اهڙيون مهانُ شخصيتون موجود رهيون آهن، جن جي دنيا کي ڏاڍي گھڻي گھرج آهي. يقيناً هنن شخصيتن جي سڦل زندگين جي مطالعي سان، اسان پنهنجين زندگين جي سنوار ڪري سگھون ٿا.
    اميد اٿئون ته اوهان کي رضوان گل جو هِي ڪتاب بيحد پسند ايندو.

    رياضت ٻرڙو
    25 فيبروري 2011، لاڙڪاڻو


    • مـهـاڳ : منهنجي ناتمام خواهش جو پورائو

    جڏهن به مان سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل ڪو اهڙو ڪتاب پڙهندو آهيان جيڪو منهنجي جيءَ کي جڪڙي ويندو آهي ته منهنجو ان ڳالهه ۾ ايمان تازو ٿي ويندو آهي ته سنڌ اڃا جاڳي ٿي، سنڌ جو شعور اڃا ستو نه آهي. سنڌي ادب اڄ جنهن مقام تي بيٺو آهي ان پٺيان صدين جو پنڌ آهي. شاهه لطيف کان شيخ اياز ۽ کانئس پوءِ واري ٽهيءَ تائين سنڌ جو ليکڪ پنهنجي پوري ذميداريءَ سان لکي رهيو آهي. تازو سنڌ جي نوجوان شاعر، ڪهاڻيڪار، مترجم ۽ ڪالم نگار رضوان گل جڏهن پنهنجو ڪتاب ”ساهت ڏيهه جا سرجڻهار“ مون ڏي مهاڳ لکڻ لاءِ موڪليو ته مون اها ساڳي ئي خوشي محسوس ڪئي، جيڪا ڪنهن به سٺي ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ محسوس ڪندو آهيان. جڏهن مون ڪتاب جي فهرست ڏٺي ته مون سوچيو ته اهڙي ڪتاب کي ته ڪنهن به تعارف ۽ مهاڳ جي ضرورت ئي نه آهي، ڇو ته هي ڪتاب پنهنجو تعارف پاڻ آهي.
    رضوان گل جي هن ڪتاب لکڻ تي مون کي خوشي به ٿي آهي ته حيرت به. حيرت ان ڳالهه جي آهي ته رضوان جن شخصيتن جي چونڊ ڪئي آهي اهي منهنجون دلپسند شخصيتون آهن، جن جي ادب ۽ شعر و شاعري توڙي زندگين کان مان گھڻو متاثر آهيان، پر خوشي ان ڳالهه جي اٿم ته هُن نه رڳو سنڌي ادب ۾ هڪ سٺي ڪتاب جو اضافو ڪيو آهي پر هن ڪتاب ۾ موجود اڪثر اُهي ماڻهو آهن جن تي وقت بوقت آءٌ به لکڻ جو سوچيندو رهيو آهيان، پر عملي طرح ڪامياب نه ٿيو آهيان. اهو ڪم رضوان گل ڪري هڪ طرف حق ادائي ڪئي آهي، ٻئي طرف ڄڻ ته منهنجي ناتمام خواهش به پوري ڪئي آهي. ان کان علاوه هن ڪتاب جو ٻيو اهم ڪارج اهو به آهي ته رضوان اڄ جي نوجوانن کي اهڙين اهم شخصيتن سان متعارف ڪرايو آهي. اهي ماڻهو جن سنڌي ادب کي خوبصورت تخليقون ارپيون آهن تن کي ياد ڪرڻ ۽ مانُ ڏيڻ اسان سڀني جو فرض آهي پر رضوان گھڻن ليکڪن کان اڳ ۾ ان فرض کي محسوس ڪيو آهي، جنهن جو ثبوت سندس هي ڪتاب آهي.
    هن ڪتاب ۾ رضوان گل سنڌ جي ٻٽيهه اهم شخصيتن جو احوال لکيو آهي، جن ۾ اديب، شاعر، ڪهاڻيڪار، نقاد، تعليمدان، صحافي، ڊرامه نگار، مترجم، مصور، لطيف شناس، تاريخ دان، سماج سڌارڪ ۽ ماهرِ لسانيات اچي وڃن ٿا. انهن مان اڄ ڪيترائي اسان کان جدا ٿي ويا آهن. آئون پاڻ کي خوش نصيب ٿو سمجھان جو انهن مان ڪيترن سان منهنجي تمام گھڻي ويجھڙائي رهي. هو مون کان عمر ۾ کڻي وڏا هئا پر منهنجي هنن لاءِ چاهت ائين رهي جيئن هڪ فلمن جي شوقين جي فلمي دنيا جي اداڪارن سان هوندي آهي. اهڙين شخصيتن ۾ پير حسام الدين راشدي، شيخ اياز، نجم عباسي، جمال ابڙو، استاد بخاري، تنوير عباسي، قمر شهباز، انور پيرزادو، تاجل بيوس ۽ خيرالنساء جعفري شامل آهن، جن جا خط ۽ تصويرون ڏسي سچ پچ آئون پاڻ کي ڀاڳن وارو سمجھندو آهيان. مون کي خوشي ٿيندي آهي ته منهنجو ان دؤر ۾ جيئڻ ٿيو، جڏهن سنڌ جا اهي عظيم انسان موجود هئا.
    افسوس اهو اٿم ته هن ڪتاب ۾ موجود ٻين شخصيتن مان ڪن سان منهنجي ملاقات ٿي نه سگھي ۽ هو اسان کان وڇڙي ويا. ڪو ليکڪ بظاهر ڀَل جان وڇڙي ويندو هجي پر ان جا ٻول صديون گونجندا رهن ٿا. هن ڪتاب ۾ موجود حال حيات شخصيتن مان به ڪيترين سان منهنجون روح رچنديون رهيون آهن پر سالن کان ڪامريڊ سوڀوگيانچنداڻي، طارق عالم ابڙو ۽ زيب سنڌيءَ سان ملڻ جي سڪ اٿم. خوشنصيب آهن اهي ماڻهو جيڪي اهڙين هستين جي ويجھو آهن. ماڻهو ته ڪيترائي پيدا ٿين ٿا پر ههڙا ليکڪ، شاعر، اديب، دانشور ۽ عالم ڪڏهن ڪڏهن جنم وٺن ٿا. مان پنهنجي نوجوان دوست رضوان کي وري به جس ڏيندس جنهن انهن سڀني ناليوارن تخليقڪارن ۽ قلمڪارن جي زندگين ۽ ادبي پورهيي تي هن ڪتاب ۾ ڀرپور روشني وڌي آهي.
    رضوان گل جيڪو لاڙڪاڻي جي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج جي جيوگرافي شعبي ۾ پڙهائڻ جو ڪم ڪري ٿو تنهن کي مون ڪڏهن روبرو ڏٺو ناهي پر ڪافي عرصي کان انٽرنيٽ تي هن جي شاعري ۽ تخليقون ڏسي واکاڻ ڪندو رهيو آهيان. اها خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو هو پنهنجي فرصت جون گھڙيون ضايع ڪرڻ بدران ڪنهن تخليقي ڪم ۾ صرف ڪري ٿو. مان سمجھان ٿو زندگيءَ جا اهي پل جيڪي تخليقي ۽ تعميري ڪم ۾ گذرن ٿا سي جيوَن جا سڦل پل آهن.
    تازو ئي ناليج سينٽر لاڙڪاڻي واري مختيار سمون سان منهنجي جڏهن فون تي ڳالهه ٻول ٿي ته مان ساڻس رضوان گل جي لکيل هن نئين ڪتاب ”ساهت ڏيهه جا سرجڻهار“ جي واکاڻ ڪندي وٽائنس رضوان بابت اها به اضافي ڄاڻ حاصل ڪري ڏاڍي خوشي محسوس ڪئي ته رضوان گل هڪ اهلِ علم ۽ ادبي گھراڻي جو فرد ۽ ڊاڪٽر بشير احمد ’شاد‘ جو فرزند آهي. ڊاڪٽر شاد صاحب هڪ بهترين استاد هجڻ سان گڏوگڏ ناميارو محقق، اديب ۽ شاعر آهي. رضوان جو ڀاءُ احسان دانش پڻ ڀلوڙ ڪهاڻيڪار ۽ شاعر آهي جنهن جي نالي سان، سندس لکڻين جي ڪري، منهنجي اڳ ۾ ئي شناسائي آهي. سندس ننڍو ڀاءُ آغا عمران پڻ ڪهاڻيڪار آهي. لاڙڪاڻي ۾ قائم سچل ادبي مرڪز به سندس والد جي ادبي ۽ علمي ڪاوش جو نتيجو آهي، جتان رضوان گل ۽ ٻيا ڪيترائي نوجوان ادبي اتساهه حاصل ڪري تخليقي ۽ تخيّلي صلاحيتن سان مالا مال ٿي ادبي دنيا ۾ داخل ٿيا آهن ۽ پنهنجي سوچ فڪر، عمل، علم ۽ قلم ذريعي سنڌي ادب جي بي لوث خدمت ڪري رهيا آهن.
    رضوان گل سان انهيءَ ڪري به منهنجي اُنسيت جو ناتو اڃا به وڌيڪ پختو ٿيڻ لڳو آهي جو هو جاگرافيءَ واري مضمون جو استاد آهي ۽ دنيا جي جاگرافيءَ بابت ڪافي ڄاڻ رکي ٿو ۽ منهنجو به جهاز ران هجڻ جي ناتي جاگرافي دلچسپ سبجيڪٽ رهيو آهي. اڄ جي سنڌي نوجوانن جو اهو الميو آهي ته هو هن اهم سبجيڪٽ کان عاري آهن ۽ نتيجي طور دنيا جي طبعي رازن ۽ رمزن جي ڄاڻ کان به محروم رهجي وڃن ٿا. اهڙي صورتحال ۾ لاڙڪاڻي جي هن نوجوان اديب جو ادب، تاريخ، تحقيق ۽ شاعريءَ سان گڏو گڏ جاگرافيائي علم سان سلهاڙجڻ ڪو گھٽ ڪارنامو نه آهي.
    رضوان گل هڪ استاد آهي ۽ هڪ استاد کي لکڻ پڙهڻ لاءِ ڪافي وقت مليو وڃي. لکڻ پڙهڻ جي شوق جي پورائي لاءِ مون به جهاز هلائڻ ڇڏي ماستريءَ جي ڪم کي ترجيح ڏني، ۽ جڏهن ملائيشيا جي شهر ملاڪا ۾ موجود نيول اڪيڊمي ۾ پهتس، ته اتي مون جهڙا ٻيا به ڪيترائي جهاز جا چيف انجنيئر ۽ ڪئپٽن مليا، جيڪي سامونڊي زندگيءَ کي گڊ باءِ چئي ڪناري جي نوڪريءَ ۾ داخل ٿيا هئا. ڪئپٽن تاجپال سنگهه نالي هڪ انڊين ليڪچرار آڌرڀاءُ ڪندي چيو: ”آئون سمجھان ٿو ته تو لکڻ پڙهڻ جي شوق ڪري جهاز ڇڏيو آهي، لکڻ پڙهڻ آهي ئي اهڙو نشو.“
    خوش ٿي چيومانس: ”سردارجِي، اوهان جهڙن اديبن سان ملي خوشي ٿي.“
    ”معاف ڪجو.“ هن ٺهه پهه وراڻيو، ”آئون تو وانگر ليکڪ نه آهيان ۽ نه لکڻ پڙهڻ جي عادت اٿم.“
    ”ته پوءِ توهان جهاز کي ڇڏي هيءَ گھٽ پگھار واري نوڪري ڇو اختيار ڪئي آهي؟“ مون پڇيو.
    ”جهاز اٺ ڪلاڪ هلائڻو هجي ته سڄي عمر جهاز نه ڇڏيان ها“، ڪئپٽن تاجپال چيو، ”چوويهه ئي ڪلاڪ هلائڻ ۽ هفتي جا ست ئي ڏينهن ته پوءِ ٻين ڪمن لاءِ ڪهڙو وقت مليو؟ نه سڪون سان پِي سگھيس، نه جُوا کيڏي سگھيس ٿي. مون شراب ۽ جُوا خاطر جهاز ڇڏيو.“ ۽ پوءِ منهنجي ويجھو ٿي آهستي چيائين، ”شراب ۽ جُوا جهڙو نشو ئي ناهي.“
    خوشي جي ڳالهه آهي ته اسان جي نوجوان ليکڪ رضوان گل کي لکڻ پڙهڻ جو نشو آهي. گذريل پندرهن سالن کان سندس ڪالم ۽ ٻيون لکڻيون مختلف سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ پڙهندو رهيو آهيان. هن برجستي نوجوان اديب مان اميد آهي هو آئنده به هن قسم جا ڪتاب لکندو رهندو.

    الطاف شيخ
    اوساڪا، جپان


    • سنڌي ماڻهن جا گڏيل آئيڊيل

    سنڌي عظيم شخصيتن جي سوانحي خاڪن تي ڪافي ليکڪن ڪوشش ورتي آهي، انهن ۾ اسان جو هڪڙو سجاڳ همعصر مانوارو رضوان گل به آهي، جنهن جي انهن خاڪن کي پڙهڻ سان سنڌ جي انهن عظيم اڪابرن بابت عزت ۽ مانُ محسوس ٿئي ٿو.
    رضوان گل هڪ اهو ادب دوست آهي، جيڪو سنڌي زبان لاءِ هر خالي ٿيل پاسي کي جاچيندو رهندو آهي، ان ڏس ۾ هو فيس بوڪ ذريعي رابطي واري عمل ۾ نمايان طور ساراهڻ جهڙو ڪم ڪندو رهيو آهي، ڌڻي کيس اڃا به وڌيڪ توفيق ڏئي.
    هي خاڪا جيئن ته انهن ناليوارين شخصيتن تي لکيل آهن، جيڪي اسان سنڌي ماڻهن جا گڏيل آئيڊيل رهيا آهن، جن ٻوليءَ، علم ۽ ادب لاءِ اهڙا نمايان ڪارناما سرانجام ڏنا آهن جن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي. پر جيئن ته انهن بابت اڳ ۾ به ڪافي مواد شايع ٿيل آهي، ان ڪري رضوان گل جهڙي تخليقي ذهن رکندڙ همعصر کي اهو عرض ضرور ڪندس ته سنڌي زبان ۾ اهڙا سوانحي خاڪا ضرور لکڻ گهرجن، پر خاص طور اهڙين شخصيتن بابت به تحقيق ڪرڻ گهرجي جيڪي گهڻو ڪري گمنام رهيون آهن.
    رضوان جي ٻولي سادي ۽ وڻندڙ آهي، پنهنجي تحرير کي اثرائتو بنائڻ لاءِ پاڻ نهايت ٺهڪندڙ شعر به شامل ڪيا آهن، هو شاعر ته ڀلوڙ آهي ئي پر سندس هي نثر به ڪافي وڻندڙ آهي.
    رضوان گل جي هن ڪوشش مان، مان اميد ڪري سگهان ٿو ته هاڻي هو سنڌ جي انهن گمنام شخصيتن جي سوانح کي به محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش وٺندو.

    بيدل مسرور بدوي
    ڪراچي، جنوري 2011


    • ڪري نه سگھان ڳالهڙي

    نامياري اديب ۽ شاعر ڀاءُ رضوان گل پاران، سنڌ جي علمي، ادبي ۽ صحافتي کيتر سان سلهاڙيل 32 شخصيتن جي زندگي ۽ انهن جي سندن شعبن ۾ ڪيل اعلى ڪارڪردگيءَ تي لکيل ڪتاب ”ساهت ڏيهه جا سرجڻهار“ جو مسودو پڙهي پورو ڪيم ته هڪدم شاعرن جي سرتاج شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو هي بيت منهنجي ذهن تي تري آيو:
    مون سي ڏٺا ماءِ، جنين ڏٺو پرين کي،
    تنين سندي ڪاءِ، ڪري نه سگهان ڳالهڙي.
    مان اهو بيت هن ڪتاب ۾ شامل شخصيتن سميت ڪتاب جي سرجڻهار رضوان گل کي به هن ساراهه جوڳي ڪم ڪرڻ تي ڀيٽا طور پيش ڪيان ٿو.
    منهنجي خيال مطابق ڪنهن به سماج اندر هر دَور پنهنجي مخصوص سياسي، ثقافتي، علمي، ادبي، سماجي ۽ معاشي رجحانن جي حوالي سان سڃاتو ويندو آهي. اهي مخصوص رجحان ۽ لاڙا ان دَور جي نيڪ ناميءَ يا بدناميءَ جا اهڃاڻ هوندا آهن. مثال طور عالمي سطح تي نشاة ثانيه (Renaissance) جو دَور، بيٺڪيت (Colonisation) جو دَور، انقلابن ۽ آزادين (Revolution and Freedom Movements) جو دَور يا ادب ۾ وري ڪلاسيڪيت(classicism) ، رومانويت (Romanism)۽ جديديت (Modernism) جا ڏينهن وغيره. اهڙيءَ طرح ڏيهي ۽ علائقائي سطح تي پڻ مختلف دَورن ۾ تعليم، تربيت، رهڻي ڪهڻي، علم، ادب، صحافت ۽ ٻين سماجي سرشتن ۾ مختلف رجحان لاڙا متعارف ٿيندا رهندا آهن جيڪي بعد ۾ ان ملڪ ۽ علائقي جي ان دَور جي سڃاڻپ بڻجي ويندا آهن. اهي رجحان (Trends) ڪو پنهنجو پاڻ جنم نه وٺندا آهن پر انهن جي پٺيان ڪن دانشمند شخصيتن جو فهم ۽ فڪر، شعوري ڪوششون يا لاشعوري وارداتون ڪارفرما هونديون آهن.
    سنڌ اندر پڻ ٻين شعبن سان گڏ علم ادب ۽ صحافت جي کيتر ۾ به اهڙيون ڪيئي شخصيتون ٿي گذريون آهن جن پنهنجي زماني تي پنهنجي علم، عقل، فهم ۽ فراست وسيلي گھرا اثر ڇڏيا آهن. هم اثر دَور ۾ به ساهت ڏيهه جا ڪيئي کاهوڙي سرجڻهار پنهنجي هر ڏينهن ۽ هر پل کي انساني سماج جي امرتا جي بحاليءَ لاءِ استعمال ڪندا رهن ٿا.
    اهڙين شخصيتن جي خدمتن جي اعتراف ۾ سندن زندگيءَ ۽ ڪارنامن جي احوال کي قلمبند ڪري ڪتاب ٺاهڻ سان ٽي بنيادي مقصد حاصل ٿين ٿا: هڪ ته اهو عمل انهن عظيم شخصيتن کي خراج پيش ڪرڻ جو اعلى نمونو آهي ۽ ٻيو ٻوليءَ ۽ ادب جي بي مثال خدمت پڻ ۽ ٽيون جيڪو گھڻو اهم به آهي ته وري ڪنهن معياري ادبي ڪتاب جو خاص ڪارج به هجي ٿو. اهو آهي نئين نسل ڏانهن Wisdom (ڏاهپ) جي منتقلي، انهن جي جاڳرتا، شعوري ترقي ۽ شخصيتي مڪملتا وارو عظيم مقصد.
    اسان جي نوجوان دوست ۽ جاکوڙي اديب رضوان گل سنڌي ساهتي ڏيههَ جي چند ناميارين شخصيتن تي ليک لکي، انهن کي ڪتابي صورت ڏئي، مٿي بيان ڪيل اهي ٽئي مقصد حاصل ڪرڻ ۾ سوڀارو ٿيو آهي جنهن لاءِ مان کيس مبارڪباد پيش ڪريان ٿو.

    مختيار سمون
    ناليج سينٽر لاڙڪاڻو


    • ليکڪ پاران ٻه اکر

    مون جڏهن ادب پڙهڻ شروع ڪيو ته خليل جبران، جمال ابڙو، امر جليل، شيخ اياز، استاد بخاري، الطاف شيخ، ڪرشن چندر، سعادت حسن منٽو ۽ ٻين ڪيترن ئي ليکڪن جا ڪتابَ، گھر جي لائبريري ۾ ئي موجود مليا. انهن ڪتابن کي پڙهندي پڙهندي منَ ۾ اهڙن مهَان تخليقڪارن ۽ قلمڪارن جي زندگين بابت ڄاڻڻ جي خواهش پيدا ٿي ۽ انهيءَ خواهش جي پورائيءَ لاءِ مون مختلف شخصيتن تي نڪتل رسالن جا خاص نمبر ۽ اخباري ايڊيشن گڏ ڪرڻ شروع ڪيا. ائين سنڌي ادب جي ڪيترين ئي ادبي شخصيتن جي ذاتي، فني ۽ فڪري زندگيءَ بابت پڙهندي مون کي انهن تي لکڻ جو خيال آيو. تن ڏينهن ۾ آءٌ روزاني ”عوامي آواز“ ۾ ”دل جون ڳالهيون“ جي مستقل عنوان تحت هفتيوار ڪالم به لکندو هوس، جنهن سان گڏوگڏ مون ادبي شخصيتن جي ورسين ۽ جنم ڏينهن جي حوالي سان مضمون به لکڻ شروع ڪيا. انهن مضمونن کي جنهن شانائتي انداز ۾ پياري دوست زرار پيرزادي ’عوامي آواز‘ ۾ سجائي شايع ڪيو سو به مون لاءِ اُتساهه جو سبب بڻيو. اهڙيءَ طرح شخصيتن تي ڪم ڪرڻ جي شوق ۾ مون لاڙڪاڻي جي مصورن، آرٽسٽن ۽ مختلف شعبن جي شخصيتن تي پڻ ڪم ڪيو، جيڪو سلسليوار جاري آهي. انهن جا ڪجهه حصا لاڙڪاڻي تي آيل ڪتابن ۾ ڇپيل پڻ آهن، تنهنڪري مون وٽ هن وقت به رڳو لاڙڪاڻي جي شخصيتن تي ئي ٻئي ڪتاب جيترو مواد تيار آهي.
    شخصيتن جي ئي حوالي سان مون انٽرنيٽ تي موجود هڪ سوشل ويب سائيٽ ”فيس بڪ“ تي به ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. انهيءَ البم جو نالو مون ”سنڌي ليکڪ“ رکيو. هيل تائين اهڙا پنج البم تيار ٿي چڪا آهن، جن ۾ لڳ ڀڳ 900 شخصيتن جا فوٽو ۽ سندن پروفائيل ڏنل آهن.
    هن ڪتاب سهيڙڻ جو خيال تڏهن آيو، جڏهن آءٌ پنهنجي شاعريءَ کي ترتيب ڏيڻ ۽ شعري مجموعي آڻڻ لاءِ ڊائرين جي ڳولا پئي ڪئي. مون فائيلن جي اُٿل پٿل ڪندي، جڏهن شخصيتن تي لکيل مضمون هڪ هنڌ گڏ رکيل ڏٺا ته اهي فائيل کولي انهن مان ادبي شخصيتون جدا ڪري جڏهن صرف ڪمپوز ٿيل مضمون گڏ ڪيا ته هيءُ ڪتاب مڪمل ٿي ويو. هن ڪتاب ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون شخصيتون به شامل آهن، جن تي مون ڏهه ٻارنهن سال اڳ لکيو هو. ان وقت اهي حال حيات هئا پر هاڻي انهن مان ڪي اسان کان وڇڙي به ويا آهن. اُهي شخصيتون جيڪي مون وٽ پنن تي لکيل مضمونن جي صورت ۾ موجود آهن، انهن جو انگ به 30 کان مٿي آهي، جن کي هن ئي سلسلي جي ڪڙيءَ طور ٻئي ڪتاب ۾ شامل ڪرڻ جو ارادو آهي. ڪتاب ”ساهت ڏيهه جا سرجڻهار“ ۾ شامل شخصيتن جي ترتيب سندن جنم تاريخ ۽ سال جي حوالي سان رکي اٿم، نه ته انهن مان ڪيترين شخصيتن جو ادبي قد ڪاٺ ۽ پورهيو سندن عمر جي ڪٿ کان گھڻو گھڻو مٿاهون آهي.
    اها ڳالهه مون لاءِ انتهائي خوشيءَ جو باعث آهي جو هن ڪتاب جو مهاڳ جڳ مشهور سفرنامه نگار سائين الطاف شيخ صاحب لکيو آهي جنهن جي ڏنل پيار ۽ پنهنجائپ کي لفظن ۾ بيان ڪري ئي نه ٿو سگھان، جنهن دُور هوندي به هميشه مون کي پنهنجي دل جي قريب رکيو آهي. اهڙي ئي مانَ محبتن سان منهنجي مهربان سائين ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، بيدل مسرور ۽ سائين مختيار سمون هن ڪتاب تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو آهي، جنهن لاءِ آءٌ سندن بيحد مشڪور آهيان.
    هن ڪتاب جي تياريءَ جي سلسلي ۾ مان احسان دانش، رياضت ٻرڙي، عبدالخالق شيخ ۽ وقار تنيو جو به ٿورائتو آهيان، جن مختلف مرحلن تي مون سان سهڪار ڪيو. اميد ته منهنجو هي پيار سان ڪيل پورهيو اوهان کي قبول پوندو.

    رضوان گل
    ليڪچرار، شعبو جاگرافي
    گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو

    Cell # 03337553823 , Email: rizwangul46@yahoo.com


    1. ڏاهو فلسفي، دانشور ۽ تعليمدان ¬ علامه آءِ آءِ قاضي

    سنڌ ۾ جن شخصيتن پنهنجي عِلمي قابليت ۽ ڏاهپ ذريعي عملي طور يادگار ۽ تاريخ ساز خدمتون سرانجام ڏنيون، انهن ۾ علامه آءِ آءِ قاضي جو نالو وڏي اهميت جو حامل آهي. علامه آءِ آءِ قـاضـي جـو اصـل نـالـو امـداد عـلـي امـام علي قاضي هو. سندس جنم 9 اپريل 1889 تي حيدرآباد ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ بعد ديني تعليم پڻ ورتائين، جنهن بعد انگريزي تعليم پرائي بئريسٽري جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ لنڊن روانو ٿي ويو، جتي سندس مطالعي جو ڪينواس تمام گھڻو وسيع ٿي ويو. ڪيترن ئي استادن کان علم جي خزاني مان قيمتي جوهر حاصل ڪيائين. ڪتابن سان سندس گِهري وابستگي رهي. مشرقي ۽ مغربي تاريخ، فلسفي، جاگرافي، ادب ۽ ٻين انيڪ موضوعن وارا ڪتاب سندس مطالعي هيٺ آيا، جنهنڪري پاڻ فقط قانون جي تعليم تائين ئي محدود نه رهيو، پر دنيا جهانَ جي مختلف علمن بابت جامع ڄاڻ پڻ حاصل ڪيائين. لنڊن کان جرمنيءَ به ويو، جتان ڪيترن ئي ڪتب خانن مان ناياب ڪتابن جو مطالعو ڪري، انهن مان ڀرپور فائدو ورتائين ۽ اتان ئي شادي پڻ ڪيائين، جنهن بعد سن 1911ع ۾ وطن واپس آيو.
    حيدرآباد، جيڪا علامه آءِ آءِ قاضي جي جنم ڀومي آهي، اُتي ئي ضلعي حيدرآباد جي مئجسٽريٽ طور مقرر ٿيو. بعد ۾ رياست خيرپور ۾ سيشن جج ۽ هوم منسٽر طور پڻ ڪم ڪيائين. دنيا جي ڪيترن ئي ڪتب خانن سان سندس خط و ڪتابت رهندي هئي، جنهن ڪري مختلف علمي ادبي ڪتاب وٽس ايندا رهندا هئا. لنڊن جي ڪيترن ئي علمي ادبي تنظيمن ۽ لائبريريُن کيس اعزازي ميمبر بڻايو هو. ٻي ٽئين سال يورپ وڃي ڪتاب وٺي اچڻ سندس محبوب مشغلو هو. جيتوڻيڪ نوڪريءَ جي حوالي سان پاڻ تمام گھڻو مصروف رهندو هو، پر مطالعي جو شوق کيس وقت ڪڍڻ لاءِ مجبور ڪندو هو ۽ اهو ئي شوق کيس حياتي جي آخري ڏينهن تائين به رهيو.
    فلسفي، اسلام ۽ ادب تي ڪيترائي ليڪچر ۽ تقريرون ڪيائين، جنهنڪري سندس مڃتا عام ماڻهن ۾ پڻ ٿي. علامه هڪ خوددار ۽ بااصول انسان هو جنهنڪري سرڪاري ملازمت کي مستقل طور اختيار ڪري نه سگھيو، ڇا لاءِ ته سندس مزاج ۽ نوڪري هڪ ٻئي کان بلڪل مختلف هئا. پاڻ سڀئي سرڪاري آسائشون ۽ آرام ٿُـڏي پنهنجي مرضيءَ واري زندگي گذارڻ کي اوَليت ڏنائين. نوڪري ڇڏي مڪمل طور پنهنجي فڪري آدرشن مطابق ڪم ڪرڻ شروع ڪيائين. اسلامي فڪر ۽ تعليمات جي حوالي سان به خاصو ڪم ڪيائين.
    پاڪستان ٺهڻ بعد علامه آءِ آءِ قاضي مستقل طور لنڊن ۾ رهائش پذير ٿيو، پر بعد ۾ سندس تمام ويجھن دوستن کيس پاڪستان اچڻ لاءِ گھڻو زور ڀريو، جنهن جي نتيجي ۾ هو چئن سالن بعد وطن واپس وريو ۽ هتي اچي سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر طور خدمتون سرانجام ڏنائين. پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ جو نئون ڪيمپس ٺاهي پنهنجي زندگيءَ جا پورا ڏھ سال هن عظيم درسگاھ جي هر هڪ شعبي کي ٺاهڻ ۽ سنوارڻ ۾ صرف ڪيائين. ائين سندس اهو خواب جيڪو هن ڪافي ورھ اڳ ڏٺو هو تنهن جي سنڌ يونيورسٽي جي ڄامشورو واري ڪئمپس جي صورت ۾ تڪميل ٿي جتي نه فقط سنڌ، پاڪستان پر پوري دنيا جا شاگرد اچي پنهنجي علم جي اُڃ اُجھائين ٿا. علامه جي اهڙي علم دوستيءَ واري جذبي تي برک شاعر شيخ عبدالحليم جوش پنهنجون هي سٽون ڏانهس منسوب ڪيون:
    علم جو آفتاب هو ، حلم جو ماهتاب هـو،
    فرد نه پر هو انجمن، باب نه پـر ڪتاب هـو،
    وڃڻو هو نيٺ ويو ، دلين تي نَقش ويو ڇڏي،
    ڪيڏي نه حُب ساڻ هو جامعه سنڌ ويو اڏي.

    سن 1959 ۾ سنڌ يونيورسٽي جي وائس چانسلر واري عهدي تان مستعفي ٿي، وري به ساڳيو ئي علم و ادب جي خدمت وارو ڪم شروع ڪيائين، تحقيقي مقالا ۽ مضمون لکڻ کان علاوه شاھ صاحب جي ڪلام کي شايع ڪرايائين ۽ پنهنجي اهليه ايلسه قاضيءَ سان گڏجي شاھ سائين جي ڪلام جو انگريزي ۾ ترجمو پڻ ڪيو، جيڪو پڻ تمام گھڻي اهميت وارو ۽ محنت طلب ڪم هو. علامه قاضي جي وڌ کان وڌ ڪوشش هئي ته سنڌ ۾ اهڙا ماڻهو پيدا ڪجن يا انهن کي اڳتي آڻجي جيڪي اڳتي هلي قوم جون واڳون سنڀالن. اهڙين خوبين رکندڙ هڪ شخص علامه جي صحبت ۾ رهيو، سکيو ۽ پڙهيو جنهن جي علم ۽ قابليت مان پڻ سنڌ جي ماڻهن کي گھڻو سکڻ ۽ سمجھڻ جو موقعو فراهم ٿيو. اهو ڏاهو اي. ڪي. بروهي هو جنهن جي علمي لياقت ۽ خدمتن جو به هر ماڻهو معترف آهي.
    علامه آءِ آءِ قاضي جڏهن انگلينڊ ۾ هو تڏهن جارج برناڊشا جي ناول ”ڀوري ڇوڪري خدا جي ڳولا ۾“ جي جواب ۾ ”ڪاري ڇوڪري خدا جي ڳولا ۾“ لکيو هو. علامه صاحب سنڌ جي شاعرن جي سرتاج حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو رسالو پڻ ترتيب ڏنو ۽ ڀٽائي صاحب جي ڪلام جي فڪر ۽ فلسفي بابت ڪيترائي مقالا پڻ تحرير ڪيائين. جڏهن ته متفرقه موضوعن تي پڻ پُرمغز قسم جا مضمون لکي ڪتاب ”ڪَئيوئل پيپس اَيٽ سوفيه“ (Causal Peeps at Sophia) ڇپرايو جنهن ۾، شخصيتن، ادب، ٻولي، تاريخ، تعليم، مذهب ۽ شاعريءَ کان علاوه ٻيا به ڪيترائي موضوع شامل آهن. علامه صاحب جو انتقال، جنهن کي ڪن خودڪُشي ته ڪن حادثاتي موت سڏيو آهي، نه رڳو سنڌي ٻوليءَ، ادب ۽ سماج لاءِ ڪاپاري ڌڪ هيو پر سندس موت سان سڄيءَ دنيا جي ساڃاهوندن جا اندر اداس ٿي پيا. قَطعي جي خوبصورت شاعر اميد خيرپوريءَ علامه آءِ آءِ قاضي جي وڇوڙي تي پنهنجن لفظن کي لڙڪ بڻائي هن طرح لکيو:

    جڏهن هڪ موت عالِمَ جو عالَمَ جي لئه آهي،
    تڏهن آ درد هـر همـدرد جـي دل ۾ جڳھ جوڙي،
    مرڻ جن کي کپي سي موت کان لڪندا رهيا آهن
    جيئڻ وارا الائي ڇو وڃن ٿا موت ڏي ڊوڙي.

    علامه آءِ آءِ قاضي جو جيءُ پنهنجي شريڪِ حيات جي وڇوڙي بعد جُھري پيو، جو ٻنهي زال مڙسن جي محبت مثالي هئي. گھر واريءَ جي وصال بعد پاڻ بلڪل تنها ٿي ويو هو، سنڌ جي برک عالم، اديب ۽ علامه جي ويجھي شاگرد اي.ڪي بروهي علامه جي آخري وقت بابت پنهنجي راءِ ڏيندي چيو ته: ”13 اپريل جي ٽيپهريءَ جو پنهنجي دُنيوي زندگيءَ جو انت آڻڻ لاءِ گھران نڪتو پر مان سمجھان ٿو ته هو انهيءَ ارادي تي عمل ڪرڻ بجاءِ ان کان اڳ جو ڪامياب ٿي، اچانڪ پير کِسڪي وڃڻ سبب ڪري پيو هو جنهنڪري پاڻيءَ ۾ ڪرڻ کان اڳ سندس مٿي ۾ ڌڪ ۽ پاسيري ڀڳي هئي، جيڪا ڳالھ ڊاڪٽري علامتن مان صاف ظاهر آهي.“ انهيءَ حوالي سان اي.ڪي بروهيءَ جو اهو خيال آهي ته علامه خودڪشي نه ڪئي هئي پر اهو حادثاتي موت هو. علامه آءِ آءِ قاضي 13 اپريل 1968ع تي هي جهَان ڇڏيو.


    2. محقق، صحافي ۽ تاريخدان پير حسام الدين راشدي

    سنڌ جي زرخير مٽيءَ مان اهڙا آدرشي انسان پيدا ٿيا آهن، جن جي قابليت کي نه فقط ملڪي پر بين الاقوامي سطح جي عالمن، اديبن ۽ دانشورن ۾ مڃتا ملي آهي، اهڙن مهان انسانن ۾ تاريخ ۽ تحقيق جي شعبي جي تمام اهم ۽ قد آور شخصيت پير حسام الدين راشديءَ جو نالو وڏي اهميت وارو آهي. سندس جنم لاڙڪاڻي ضلعي جي تعلقي رتي ديري جي ڳوٺ ”بهمڻ“ ۾ تاريخ 20 سيپٽمبر 1911ع تي ٿيو. حسام الدين راشدي جي تربيت ڳوٺاڻي ماحول ۾ ٿي جتي علم جو حصول ڪافي مشڪل هو. سندس وڏي ڀاءُ ۽ سنڌ جي ناليواري عالم علي محمد شاهه راشدي ۽ هن جي پرورش سندن ڏاڏي ڪئي. حسام الدين کي گھر ۾ پيار مان ”ڏنل شاهه“ سڏيندا هئا.
    حسام الدين راشديءَ شروعاتي تعليم مولوي محمد سومار ڊکڻ، مولوي محمد الياس پنهور ۽ مولوي سيد علي شاهه لڪياريءَ کان ورتي، انهن بزرگن وٽ چار درجا سنڌيءَ جا ۽ سڪندر نامي تائين پڙهيو. کيس پڙهڻ جو شوق پير علي محمد راشديءَ کي مطالعو ڪندي ڏسڻ کان پوءِ ٿيو. پير علي محمد جي گُھرايل ڪتابن جو گھرائيءَ سان مطالعو ڪيائين، فارسي ڪتابن پڙهڻ لاءِ هن فارسي جي تعليم حاجي خادم لاڙڪاڻويءَ کان حاصل ڪئي.
    لکڻ جي شروعات 1926ع ۾ ”جاڳو“ اخبار سان ڪيائين. ٻنهي ڀائرن گڏجي 1928ع ۾ پنهنجي ڳوٺ بهمڻ مان ”الراشد“ نالي رسالو جاري ڪيو. ان وقت حسام الدين راشدي سنڌي ۽ فارسيءَ ۾ شاعري ڪندو هو. 1929ع ۾ سکر مان جاري ٿيل رسالي”المنار“ جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. ”سنڌ زميندار“ ۾ ايڊيٽوريل لکيائين ۽ ايئن صحافتي دنيا سان مسلسل واڳيل رهيو.
    اڳتي هلي ٻنهي ڀائرن سکر مان 1934ع ڌاري پنهنجي اخبار ”ستاره سنڌ“ جاري ڪئي، ”ستاره سنڌ“ ۾ ان دور جي سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي ڀرپور لکڻيون ڇپجڻ لڳيون ۽ ايئن ان دؤر ۾ ان اخبار راتو رات تمام گهڻي مقبوليت ماڻي ورتي. پاڻ ان وقت جي ٻين اخبارن ۾ پڻ ڪم ڪيائين جهڙوڪ، ”الوحيد“، ”توحيد“ ۽ ”قرباني“ وغيره. سائين جي ايم سيد، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ ذوالفقار علي ڀُٽي سان سندس گهڻي ويجھڙائي رهي.
    حسام الدين شاهه راشدي سنڌ جو ارڏو، اٽل ارادن وارو، نيڪ نيت ۽ بيباڪ صحافي هئڻ سان گڏ وطن دوست دانشور هو. هن ٻه شاديون ڪيون، پهرين گهر واريءَ مان کيس هڪ نياڻي ٿيس، جيڪا به گذاري وئي، ان بعد کيس ٻي ڪا اولاد نه ٿي سگهي. هن پنهنجي وڏي ڀاءُ علي محمد راشديءَ جي پٽ حسين شاهه راشدي ۽ نياڻي حسنا بيبيءَ کي پنهنجي ٻارن وانگر پاليو ۽ انهن کي ئي سموري ملڪيت جو وارث به بڻايو.
    پير حسام الدين راشديءَ جي فارسي ٻوليءَ تي دسترس هئي. هن ڪيترائي ڪتاب فارسيءَ ۾ پڻ تحرير ڪيا. بنيادي طور سندس سبجيڪٽ تاريخ، تحقيق ۽ ٻولي هيو، انهيءَ ڪري سندس اڪثر لکڻيون تاريخي واقعن ۽ انهن واقعن جي نون رخن ۽ حقيقتن سان ڀريل آهن. اهڙا رخ جن کي اڳ ڪنهن محقق ان انداز سان بيان نه ڪيو آهي. هن پنهنجي زندگي تحقيقي ۽ ادبي ڪم لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي. سندس ڪتاب ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“، ”مڪلي نامو“، ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“، ”تذڪره مير خاني“ ۽ ”معصوم بکري“ سنڌي ادب جو تمام وڏو خزانو آهن. پاڻ سنڌ جي علمي، ادبي ۽ ثقافتي ورثي تي چڙهيل دَزَ کي هٽائي صاف، شفاف ۽ اجرو ڪري ايندڙ وقت جي محققن لاءِ راهون هموار ڪري ڏنائين. اڻ ٿڪ محنت ۽ راتين جي اوجاڳن جي نتيجي ۾ هن سنڌ جي تاريخ جا زبون ورق نئين سر جوڙي انهن جي تشريح ڪئي ۽ ائين سنڌي ادب، ٻولي، تاريخ ۽ ثقافت کي صدين تائين محفوظ ڪري ڇڏيو. رات جي تاريڪي ۽ ڏينهن جي روشنيءَ کان بي خبر ٿي هو علمي، ادبي، تاريخي ۽ تحقيقي ڪم ڪندو رهيو. تهران يونيورسٽي پاران سن 1974 ۾ فارسي ٻوليءَ جي خدمت عيوض کيس ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري ڏني وئي.
    پير حسام الدين جي ذاتي لائبريري مان نه فقط پاڪستان پر ايران، افغانستان ۽ روس جا عالم، اديب ۽ محقق پڻ فيض وٺندا هئا. سنڌي ۽ فارسي کان علاوه اردو زبان تي پڻ عبور هئس. دوستن جو دوست هو، ڪوڙ کان سخت نفرت هئس، سچ منهن سامهون چوڻ ۽ ٻڌڻ کيس پسند هو. سندس اڪثر وقت پنهنجي ڪتب خاني ۾ گذرندو هو. فوٽو گرافي ۽ راڳ ٻڌڻ ۾ تمام گهڻي دلچسپي هيس. پاڻ سنڌ جو نالو پوري دنيا جي تاريخدانن ۾ روشن ڪري پنهنجي تحقيقي پورهئي ذريعي اهو پيغام ڏنائين ته هن ڀونءَ جا واسي اَيامَن کان غير معمولي ڪم سرانجام ڏيندڙ رهيا آهن، جنهن جي شاهدي هن خطي جي تاريخ آهي، جيڪا هزارين سال قديم آهي. 43 ڪتابن جي مصنف پير حسام الدين راشدي سنڌ جي تاريخ جو ارغونن ۽ ترخانن جي دور کان ويندي گذريل صديءَ تائين جو تقابلي جائزو وٺي اهو ثابت ڪيو آهي ته سنڌي بهادر قوم آهي جنهن جي تهذيب ۽ ثقافت ۾ ئي پيار ۽ پنهنجائپ آهي ۽ هن ڌرتيءَ جا وارث صدين کان امن پسند رهيا آهن.
    نامياري ليکڪ ۽ سياسي ڪارڪن ستار ڀٽيءَ پير حسام الدين راشدي جي تاريخ نويسيءَ واري حوالي تي، پنهنجي هڪ مقالي ۾ لکيو آهي ته: ”پير حسام الدين راشديءَ جو شمار تاريخ، تحقيق، علم ۽ ادب جي دنيا جي اهڙن هستين ۾ ٿئي ٿو، جن دنيا جي تمام مشڪل موضوع يعني قديم تاريخ جون الجهيل ڳنڍيون سلجهايون، تحقيق وسيلي سنڌ جي قديم تاريخ ۾ اهڙن ڪيترن ئي ناياب ورقن جو واڌارو ڪيو جيڪي گمناميءَ جي پردي ۾ ڍڪجي يا حادثن جو شڪار بڻجي قومن جي تاريخ مان وسارجي ويا هئا. سندس خدمتن جو دائرو ۽ شهرت ايران، افغانستان، عربستان ۽ روس تائين وسيع هيو ۽ سندس ڄاڻ جي کاڻ مان پوري دنيا جا اديب عالم اسڪالر تحقيق جو فيض حاصل ڪرڻ لاءِ وٽس ايندا رهندا هيا. سندس ذاتي ڪتب خانو رهبريءَ لاءِ پوري دنيا ۾ مشهور هيو. جيڪو سندس وصيت مطابق سنڌالاجي کي ڏنو ويو ۽ اڄ پڻ سنڌالاجي ۾ پير حسام الدين راشدي لائبريري ڪارنر موجود آهي. کيس مختلف زبانن تي ايترو ته عبور هيو، جو اردو ادب جا ڪيترائي ادارا سندس مشورن سان هلندا هيا. پير صاحب جي تاريخ نويسي ڏانهن لاڙي ۽ تاريخ تي ڏنل ڪتابن مان اسان کي اڀياس حاصل ڪرڻ لاءِ دنيا جي وڏي مورخ ”ڊيورنٽ“ جي ڪتاب ”دي ليسن آف هسٽري“ جي هنن جملن کي سمجهڻو پوندو ته ”تاريخ ڇا آهي؟ تاريخ جي مطالعي مان ڇا فائدو؟ تاريخ کي اوهان صرف ان لاءِ پڙهيو ته قومن جي عروج ۽ زوال جون داستانن يا بادشاهن جي دردناڪ آخري انجام جا واقعا بيان ڪيل آهن. ڇا اوهان روشن سجاڳ حال خاطر ماضي جي خاردار ڪنڊن يا قابل فخر ورقن مان رهنمائي حاصل ڪئي آهي ته جيئن ڪنهن به تبديلي يا انقلاب مهل ڪو وري ڌوڪو نه کائي وڃو؟“
    راشدي صاحب جو شمار دنيا جي انهن ڏاهن محققن ۾ ٿئي ٿو، جن جي نگاهه عام انسان کان وڌيڪ گهري، حالات ۽ واقعن جي ڳوڙهي ڄاڻ ۽ تاريخي وهڪري مطابق هوندي آهي. علم جي اها منزل تاريخ نويسيءَ کي هڪ مڪمل عملي فن جي معراج ڏئي ٿي، جنهن ذريعي مورخ قومن جي عروج ۽ زوال جي رنگين داستانن کان پرڀرو ٿي اصل حقيقتن ڀريل سچ ۽ صداقتن، سببن کي ڇنڊ ڇاڻ ڪري قومن جي حال ۽ مستقبل لاءِ هڪ خوبصورت خاڪو تراشي ٿو ڏئي. راشدي صاحب تاريخ لاءِ اصل حقيقتن ۽ معاشري جي لاڙن ۽ روين جي تهه تائين پهچندڙ تاريخدان آهي. هن تاريخ جي دنيا ۾ اهڙيون تمام خالي جڳهيون ڀريون آهن، باب مڪمل ڪيا آهن، جيڪي اڄ تائين سنڌ جي تاريخ لکڻ وقت ڪنهن نه ڪنهن سبب ڪري رهجي ويا هيا. پير صاحب جو اهو ڪمال هيو جو هو اهو به ڄاڻيندو هيو ته تاريخ جو وهڪرو جاگرافي جي تابع هوندو آهي، اها جاگرافي معاشري ۾ اقتدار، اقتصادي معيار ۽ ثقافتي ورثن کي جنم ڏيندي آهي.“
    پير حسام الدين راشدي جهڙا تاريخ ساز شخص سچ ته صدين ۾ ئي پيدا ٿيندا آهن، ڇا لاءِ ته هو هڪ گهڻ رخو عالم، اديب ۽ محقق هو، جنهن علم، ادب، صحافت، ثقافت، جاگرافي، تاريخ، سماجيات، اقتصاديات ۽ ٻوليءَ ۾ هڪ ئي وقت خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ هر هڪ موضوع سان انصاف ڪيو. اهي لکڻيون تاريخ جا اهم دستاويز پڻ آهن، جن ۾ ڪيتريون ئي ڇرڪائيندڙ حقيقتون لڪل آهن. سنڌ ۽ سنڌي قوم جي اها خوش بختي آهي، جو هن قسم جا آدرشي انسان هن خطي جي سڃاڻپ بڻيا. خاص طور تي راشدي خاندان جو علمي، ادبي، تاريخي ۽ تحقيقي ڪم ناقابلِ فراموش آهي. جيڪو ڪيترين ئي صدين تي حاوي رهندو. پهرئين اپريل 1982ع تي ڪينسر وگهي سندس لاڏاڻو ٿيو. کيس پنهنجي ڪيل قلمي پورهئي معرفت هميشه ياد رکيو ويندو.


    3. سنڌي ٻولي ۽ ادب جو گھڻ گھرو محمد ابراهيم جويو

    ڪجهه ماڻهو قومن جي علم، ادب، ثقافت ۽ ذهني اوسر جي حوالي سان پيڙهه جي پٿر واري حيثيت جا حامل هوندا آهن ۽ پنهنجي علمي بصيرت ذريعي قومي شعور ۽ جاڳرتا پيدا ڪرڻ جي حوالي سان سڃاتا ويندا آهن. اهڙا ماڻهو ڪنهن به ٻولي ۽ علم و ادب لاءِ سرمايو هجن ٿا. سنڌي قوم جي ذهني تربيت ۾ جن ماڻهن تمام ڀرپور ۽ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي انهن ۾ محمد ابراهيم جويي جو نالو وڏي اهميت وارو آهي. ابراهيم جويو نظرياتي حوالي سان اڄ به اُتي ئي موجود آهي ۽ ان ئي فڪر سان سلهاڙيل آهي جتان هن پنهنجو سفر شروع ڪيو هو. هن جي خيالن ۽ نظرين سنڌ جي ماڻهن جي ذهني لاڙن ۾ انقلابي تبديليون آنديون. جويو صاحب جتي به ليڪچر ڏنا، اتي ماڻهو سندس مداح ٿي پيا. سائين جي ايم سيّد ۽ شيخ اياز جهڙين قدآور ۽ مَهان شخصيتن کان پوءِ ابراهيم جويو ۽ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ۽ اهڙا چند ئي ٻيا ماڻهو وڃي بچيا آهن، جن سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ پاڻ پتوڙيو ۽ وڙيو آهي.
    ڪنهن وڏي شخصيت بابت لکڻ ان ڪري به ڪافي ڏکيو هوندو آهي جو ان جي ڪيل پورهئي جا ڪيترائي رخ هوندا آهن، جن کي هڪ ئي وقت پوري ذميواريءَ سان بيان ڪرڻو هوندو آهي ۽ ٻيو ته پنهنجو قد ان وقت هماليه جي چوٽيءَ جي هيٺان بيٺل ننڍري ڪِوِل جيترو ڏسي به اهو گمان ٿيندو آهي ته شايد سندس محبت ۽ محنت سان ڪيل پورهئي جو ڪاٿو ڪري نه سگهجي ۽ سندس ذڪر ڀرپور انداز سان ٿيڻ کان رهجي وڃي. جويي صاحب جو نالو يقيناً اهڙين ئي شخيتن ۾ شامل آهي.
    محمد ابراهيم جويو تعلقي سيوهڻ جي لڪي تيرٿ ڀرسان ڳوٺ آباد ۾ 13 آگسٽ 1915ع تي جنم ورتو، بنيادي تعليم آباد ۽ سنَ ۽ بعد ۾ مئٽرڪ 1934 ۾ سنڌ مدرسي ڪراچي، انٽر 1936 ۾ ڊِي جي (ڏيارام ڄيٺمل) ڪاليج، گريجوئيشن 1938 ۾ ڊي جي ڪاليج ڪراچي ۽ بِي ٽِي 1942 ۾ بمبئي مان ڪيائين. 1938 ۾ سنڌ مدرسي ۾ انگريزي استاد جي حيثيت سان ملازمت جو آغاز ڪيائين، 1942 ۾ ميونسپل هاءِ اسڪول ٺٽي جو هيڊ ماستر ٿيو، جنهن بعد گورنمينٽ ڪاليج فار مين ۾ استاد ٿيو. 1951 ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري ۽ 1955 ۾ ٽه ماهي ”مهراڻ“ جو ايڊيٽر پڻ رهيو. اهڙي طرح 1973 ۾ نوڪريءَ تان رٽائرمينٽ ورتائين. 1997 کان 2002 تائين کيس سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمئن طور خدمت ڪرڻ جو موقعو مليو. ڪراچي ۾ ملازمت دؤران اڪثر سنڌي ادبي سنگت جون گڏجاڻيون به منعقد ڪرائيندو رهيو. سائين جي ايم سيد سان گڏجي سنڌ جو ڪيس به وڙهيو، بي ڊپو ٿي لکندو ۽ پروگرامن ۾ بيباڪيءَ ڳالهائيندو رهيو. وقت جي حڪمرانن سان اصولي ڳالهين تي مهاڏو اٽڪائڻ ۾ هن ڪا به جِجَهڪ محسوس نه ڪئي. پاڻ هميشه هڪ اديب ۽ دانشور طور ڀرپور مزاحمتي ڪردار نڀائيندو رهيو آهي.
    ابراهيم جويو هڪ ئي وقت بهترين نقاد ۽ دانشور به آهي ته مترجم ۽ سچو سياسي ڪارڪن به. هن هميشه هڪ ڪارڪن جيان ئي ڪم ڪيو آهي، پر سندس سوچ، فڪر ۽ ڏاهپ کيس ماڻهن جي دلين ۾ هڪ اڳواڻ واري حيثيت ڏياري آهي. پنهنجي ارادن تي اٽل رهڻ وارو هي کاهوڙي هر دؤر ۾ سنڌيت جو نعرو بلند ڪندو رهيو آهي. شيخ اياز سان سندس تمام گهڻي ويجهڙائي ۽ دوستيءَ جو سٻنڌ رهيو ۽ سائين جي ايم سيد ۽ رسول بخش پليجي جي سنڌي ماڻهن کي آزادي ۽ سندن حق ڏيارڻ واري جدوجهد ۾ پڻ سندس اهم ڪردار رهيو. هن ترقي پسند نظريي جي پرچار ۾ پنهنجا ڪيترائي هم خيال دوست پيدا ڪيا.
    محمد ابراهيم جويي جن ڪتابن جا ترجما ڪيا سي انتهائي ڪارائتا آهن. هن ادبي بورڊ ۾ ڪجهه معياري ڪتابن جا ترجما ٻين ناليوارن ليکڪن ۽ مترجمن کان به ڪرايا. سائين جي ايم سيّد جي ڪتابن جي شايع ڪرائڻ لاءِ پاڻ پروف ريڊنگ کان ويندي آخري مرحلن تائين جُڙيل رهيو. ساڳئي ريت هن سنڌ جي بيحد وڏي شاعر شيخ اياز جي ڪتابن جا بهترين مهاڳ پڻ لکيائين جن مان اياز کي وڏو اتساهه مليو. شيخ اياز، ابراهيم جويي بابت لکيو آهي ته: ”ابراهيم جويي ۾ ڪوئي تذبذَب نه آهي، هن جا سياسي نظريا ۽ زندگيءَ جا اصول طَي شده آهن، جن ۾ ڦير گھير جي ڪائي گنجائش نه آهي. ترتيب ۽ تسلسل هن جي زندگيءَ جون نمايان خوبيون آهن، پسِ پردا رهي هن نئين سنڌ جي ذهني تربيت ڪئي آهي.“
    ابراهيم جويي بابت ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي لکيو آهي: ”محمد ابراهيم جويو هڪ اهڙو عالم، اديب، محقق، دانشور ۽ سياسي گُرو آهي، جنهن تي تمام گهڻو لکجڻ کپندو هو، پر هن يار نه ڪجهه پاڻ تي لکيو ۽ نه ڪنهن ٻئي کيس خاص ڪريڊٽ ڏنو. جِي ايم سيد، شيخ اياز، رسول بخش پليجو، مان پاڻ ۽ سنڌ جو سمورو ادبي لڏو محمد ابراهيم جويي جا مقروض آهيون. هن اسان کي صرف ڏنو آهي، ورتو ڪجهه به نه آهي.“
    ابراهيم جويو بحيثيت اديب ۽ دانشور گهڻو مشهور آهي، پر هي هڪ باشعور سياسي ڄاڻ رکندڙ خاموش ۽ گم نام ڪارڪن رهيو آهي. هن تاريخي نوعيت وارا ۽ انتهائي ذميواريءَ وارا ڪم پڻ سرانجام ڏنا آهن. جويو صاحب وڏي سياسي بصيرت رکندڙ ماڻهو آهي. اهو ئي سبب آهي جو سياسي ڄاڻ ڏيندڙ سندس انتهائي لاڀائتا ليک دستاويز جي حيثيت رکندڙ آهن. محمد ابراهيم جويي ڪيترائي ڪتاب ترتيب ڏنا ۽ ڪيترائي ترجمو به ڪيا. هڪ ڪتاب انگريزي ٻوليءَ ۾ ”سيوِ سنڌ سيوِ ڪانٽينينٽ فرام فيوڊل لارڊس ڪيپيٽلس“ 1947 ۾ هن شايع ڪرايو، جنهن سبب کيس ملازمت تان به هٿ ڌوئڻا پيا. بعد ۾ مدرسي جي شاگردن هن جي حمايت ۾ جلسا جلوس ڪڍيا. ٽه ماهي رسالو ”مهراڻ“ 1955 ۾ شايع ڪرائڻ شروع ڪيائين، جنهن ۾ ناليوارن ليکڪن جي ليکن شايع ڪرڻ کان علاوه نون لکندڙن جي تمام گهڻي همت افزائي ۽ اصلاح پڻ ڪيائين. جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي نوان لکندڙ اڀري آيا.
    ”ادب ٻولي تعليم“، ”شاهه سچل سامي“، ”هوءَ جا ٽمڪي باهڙي“، ”سيڪيولرزم ۽ اقليت پسندي“، ”علم تدريس مظلومن لاءِ“ (ترجمو)، ”ٻارن جو مسيح“ (ترجمو)، ”وحشي جيوت جا نشان“، ”ماڻهو جو ڀاڳ“، ”فلسفي جو ابتدائي ڪورس“ (ترجمو)، ”شدان جو باندي“، ”مهڪريءَ جا مضمون“ (ترجمو)، ”سنڌ منهنجي خوابن جي“، ”ادب ۽ سياست عوام لاءِ“ ۽ ان کان علاوه ٻيا ڪيترائي ڪتاب پاڻ ترتيب ڏنائين ۽ ترجمو ڪيائين. محمد ابراهيم جويو اڄ سوڌو ڌرتيءَ لاءِ پاڻ ارپڻ واري جذبي تحت ڪم ڪري رهيو آهي.


    4. شاعر، آرٽسٽ، سماج سڌارڪ ۽ صحافي قاضي عبدالحئي قائل سرشاري

    ڌرتيءَ تي ڪروڙين انسان آيا ۽ هليا ويا پر جن ماڻهن پنهنجي رت سان ڏيئا روشن ڪيا، امن ۽ ڀائيچاري جي پرچار ڪئي ۽ هاڪاري روّين سان محبتن جا ٻج پوکيا انهن جو نالو اڄ به زنده آهي. اهڙا املهه انسان جن هڪ ئي وقت مختلف شعبن ۾ قابلِ قدر خدمتون سرانجام ڏنيون، انهن ۾ قاضي عبدالحئي قائل جو نالو پڻ وڏي اهميت جو حامل آهي.
    قاضي قائل هڪ ئي وقت مثالي استاد، آرٽسٽ، خوبصورت شاعر، نثرنويس، بيباڪ صحافي، سياسي ڪارڪن، سماج سڌارڪ ۽ بهترين منتظم هو. سندس جنم 17 ڊسمبر 1917 تي ٺُل ضلعي جيڪب آباد ۾ ٿيو. سندس والد عبدالحق عبد قاضي قائل جي جنم کان ڪجهه عرصو پوءِ وفات ڪري ويو.
    قاضي عبدالحئي قائل 1922ع ۾ اي وي پرائمري اسڪول ۾ داخلا ورتي، جنهن کان پوءِ مدرسه اسڪول لاڙڪاڻي مان ڇهين ۽ ستين جو امتحان پاس ڪيو، ان بعد 1933 ۾ ورنيڪيولر فائنل جو امتحان پاس ڪري مئٽرڪ ۽ انٽر ڊرائينگ جي سند به حاصل ڪيائين. 1935 ۾ کيس پي ڊبليو ڊي کاتي ۾ داروغي طور نوڪري ملي. 1940 ڌاري سندس پرائمري استاد طور تعليم کاتي ۾ مقرري ٿي. ان نوڪريءَ سبب هن ڪيترن ئي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ قيام ڪيو ۽ ماڻهن کي محبتون ڏنيون. بعد ۾ 1946 ۾ اي وِي سيڪنڊري اسڪول ۾ ڊرائينگ جي استاد طور مقرر ٿيو جتي شاگردن کي نه فقط رنگن ۽ لڪيرن جي علم کان آگاهي ڏنائين پر پاڻ ٻيا مضمون پڻ پڙهائيندو رهيو انهيءَ دوران ڊرائينگ ٽيچرز ٽريننگ ڪورس ۽ ماسٽر آف ڊرائينگ جي سند به حاصل ڪيائين. ائين پڙهڻ ۽ پڙهائڻ واري عمل سان آخر تائين جُڙيل رهيو ۽ 16 ڊسمبر 1975 تي سرڪاري نوڪريءَ تان رٽائرمينٽ ورتائين.
    قاضي عبدالحئي قائل جي علمي ادبي خدمتن جو دائرو پڻ وسيع آهي. هن نوجوانن ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ جو اتساهه پيدا ڪري ادبي تنظيمن جو بنياد وڌو. خاص طور تي سندس قائم ڪيل ”لطيف ادبي سنگت رتوديرو“ انهيءَ حوالي سان قابلِ ذڪر ڪم ڪيو. جنهن جي پلئٽفارم تان ڪيترائي ننڍا وڏا مشاعرا، تنقيدي گڏجاڻيون، ادبي رهاڻيون ۽ ڪانفرنسون پڻ ڪوٺايون ويون جن ۾ سنڌ جي ناليوارن اديبن شرڪت ڪئي. ان کان سواءِ 1981 ڌاري قاضي قائل هڪ اشاعتي اداري ”سنڌڙي ڪتابي سلسلو“ جو بنياد پڻ وڌو، جنهن پاران ڪيترائي معياري سنڌي ڪتاب ڇپرائي پڌرا ڪيا ويا، جن ۾ ڊاڪٽر عطا محمد حامي جي مقالن جو ڪتاب ”وکريل موتي“، مشهور ڪهاڻيڪار ڪرشن چندر جي ڪهاڻين جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل ڪتاب ”زندگيءَ ڏي موٽ“ جنهن کي مختار گهمري ۽ قاضي مقصود گل ترجمو ڪيو، قاضي مقصود گل جي ٻارن لاءِ ڪيل شاعريءَ جو مجموعو ”ڪرڻا ڪرڻا“، ”سرڪش سنڌيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو ”امن آبِ حيات“، استاد بخاريءَ جي چئوسٽن جو مجموعو ”لهر لهر درياء“، قاضي مقصود گل جي شاعريءَ جو مجموعو ”رت ڀنا رابيل“، قاضي منظر حيات جو لکيل مونو گراف ”هڪڙو پيارو ماڻهو ـــــ قاضي عبدالحئي قائل“، عبدالغفار تبسم جي شاعريءَ جو مجموعو ”مٽيءَ جا سُر“ ۽ ٻيا شامل آهن.
    سماجي ڪارڪن جي حيثيت ۾ قائل صاحب غربت سبب پيڙهيل ماڻهن جي پرگهور ذاتي طور به لڌي، ته مختلف سماجي تنظيمن سان گڏجي پڻ ڪم ڪيائين. پاڻ عشر زڪوات جي چيئرمئن طور به سماجي ڀلائين وارن ڪم ڪارن ۾ تمام اڳڀرو رهيو. سياسي حوالي سان پاڻ اڳ ئي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو حامي هو پر بعد ۾ عملي طور به پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪيائين ۽ 1977 واري اليڪشن ۾ پارٽيءَ جي حمايت ۾ شعر به لکيائين.
    صحافتي خدمتن جي حوالي سان سندس ڪيل يادگار ڪم 1982 ۾ رتيديري ۾ پريس ڪلب جو بنياد وجهڻ هو، جنهن جو پاڻ صدر پڻ رهيو. جن اخبارن سان سندس وابستگي رهي انهن ۾”سارنگ“ جيڪب آباد، ”برسات“ڪراچي، ”سنڌ سجاڳ“ جيڪب آباد، ”هفتيوار هلال پاڪستان“ لاڙڪاڻو، ”هفتيوار آوازِ سنڌ“ دادو، ”هفتيوار آزاد“ ڪراچي، ۽ ”روزانه هلال پاڪستان“ ڪراچي شامل آهن.
    عبدالحئي قائل جي شاعري پنهنجي دور جي منظوم تاريخ آهي سندس شاعري ۾ مختلف انڊلٺي رنگ آهن هو ڪنهن به حوالي سان انتهاپسند نه آهي سندس شاعريءَ ۾ امن، ايڪي، ڀائيچاري ۽ انسانيت جي ڳالهه ٿيل آهي، انهيءَ حوالي سان سندس شاعريءَ مان چند مثال ڏجن ٿا:
    ٿي مري انسانيت وحشت وڌو آ ٿرٿلو
    خون جي برسات سان آهي زمين تي زلزلو
    ظلم جو ظالم شروع ڪيو بزدلاڻو سلسلو
    هت وري ڏس مرد غازين جو وفا ۽ ولولو
    جي ڪُسي قربان ٿيا تن جانثارن تي سلام
    قائل سرشاري جي گهڻ پاسائين شخصيت تي تمام گهڻو لکڻ جي ضرورت آهي. هتي سندس مختلف شعبن ۾ ڪيل ڪم جو فقط تعارف بيان ڪيل آهي، جنهن مان بخوبي سندس ڪيل پورهئي جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. پاڻ پنهنجون سموريون محبتون ڌرتيءَ ڌڻين کي ارپي 23 جولاءِ 1989 تي سعودي عرب ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. پر اڄ به قاضي عبدالحئي قائل جي ٻاريل لاٽ مان روشني پکڙجندي رهي ٿي. سندس پٽ قاضي خضر حيات، قاضي مقصود گل، قاضي اختر حيات ۽ قاضي منظر حيات جن جا نالا ئي سندن تعارف آهن ۽ انهن مان قاضي مقصود گل جي اولاد ياسر قاضي، سپنا گل ۽ ناصر قاضي اڄ به سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي جهولي ڀري رهيا آهن جيڪي قائل صاحب جوئي تسلسل آهن.
    هر شخص هينئر آهه ڀرڻ جهڙو آ،
    جيئرو آ اگر گل ته مرڻ جهڙو آ.
    اميد ڏکيو آهه وساري ويهڻ،
    قائل ته سدا ياد رهڻ جهڙو آ. (اميد خيرپوري)


    5. لوڪ ادب ۽ لسانيات جو پارکو ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو

    سنڌي ادب ۾ ڪيترائي عالم، اديب، دانشور ۽ محقق پنهنجي قلمي پورهئي سبب انتهائي مانائتي مقام تي پهتا، جن پنهنجي سموري زندگي علم و ادب جي ترقي ۽ ترويج لاءِ وقف ڪري ڇڏي. اهڙن ئي مانائتن ۽ آدرشي انسانن ۾ سنڌي لوڪ ادب ۽ ٻوليءَ جي حوالي سان اڻ وسرندڙ خدمتون سرانجام ڏيندڙ معتبر نالو ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جو پڻ آهي. 6 اپريل 1919ع تي ڏوڪري تعلقي جي ڳوٺ محراب خان سنديلو ۾ سندس جنم ٿيو. بنيادي تعليم کان پوءِ بي اي (آنرز) ۽ سنڌي ادب ۾ ايم اي فرسٽ ڪلاس 1957 ۾ پاس ڪيائين. روزگار جي شروعات 1947 ۾ تعليم کاتي ۾ استاد طور ڪيائين. 1954 ۾ سنڌي ادب جي ليڪچرار طور سندس تقرري گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ٿي. 74-1973 دؤران گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سيوهڻ ۾ پرنسپال طور مقرر ٿيو. تحقيقي ڪم ڪرڻ جي عادت هئڻ سبب هن سنڌي لوڪ ادب جي موضوع تي علامه غلام مصطفى قاسمي جي رهبريءَ ۾ پي ايڇ ڊي لاءِ ”لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو“ جي عنوان تحت تمام ڀرپور ۽ پُر مغز مقالو لکي، 1986 ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. بعد ۾، انسٽيٽيوٽ آف سنڌيالاجي پاران اها ٿيسز ڪتابي صورت ۾ پڻ شايع ڪئي وئي.
    سن 1951 ۾ هڪ ناياب ڪتاب ”وينجھار“ لکيائين، جيڪو سنڌي ٻوليءَ ۾ لوڪ ادب جي حوالي سان هڪ شاهڪار جي حيثيت رکندڙ آهي. ان دؤر ۾ حڪومت پاران ان ڪتاب تي کيس انعام پڻ مليو. ان ڪتاب جا ڪيترائي ڇاپا پڌرا ٿيا آهن ۽ اڄ تائين ”وينجھار“ لوڪ ادب تي هڪ اهم دستاويز آهي. سنڌي ادبي بورڊ پاران سندس ڪتابن مان 1956ع ۾ ”سامي ڌاتو ڪوش“، ”سنڌ جو سينگار“ ۽ 1955 ۾ ”لغات“ جو پنجون ڇاپو شايع ڪرايو ويو. ڊاڪٽر سنديلو ٻاهرين اديبن سان خط و ڪتابت ڪرڻ ۾ اڳڀرو هو جنهنڪري وٽس ٻين ٻولين جي ادبي ڪتابن جو پڻ ذخيرو موجود هوندو هو. سندس ذاتي لائبريري نه فقط لاڙڪاڻي پر سنڌ جي نهايت اهم ۽ ڪارائتين لائبريرين ۾ شامل هئي، جنهن ۾ قلمي نسخن کان سواءِ ڪيترين ئي ٻين ٻولين جا ڪتاب پڻ موجود هئا. اها لائبريري اڄ تائين قائم آهي سنديلي صاحب جي فرزند ڊاڪٽر اسلم سنديلي ان کي بهتر انداز سان محفوظ پڻ رکيو آهي.
    ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي لوڪ شاعرن جي ڪلام کي ترتيب ڏئي مختلف ڪتاب پڻ سهيڙيا. جن ۾ ”ساميءَ جون سپون“، ”ڪليات حسين ديدڙ“ ۽ ”ڪليات شاھ محمد ديدڙ“ وغيره شامل آهن. اهڙيءَ ريت لوڪ ادب جي حوالي سان سندس لکيل ڪتاب وينجھار، سنڌ جو سينگار، ڏهس نامو، رهبر ديوان گل، انگي اصول، ابتدائي اصول ۽ ابتدائي سائنس پڻ تمام گھڻي اهميت جا حامل آهن ۽ سنڌي ادب ۾ ريفرنس بڪ جي حيثيت رکندڙ آهن.
    لغات جي شعبي ۾ ڊاڪٽر صاحب جون ڪيل خدمتون ڪنهن به ريت فراموش ڪرڻ جهڙيون نه آهن. کيس سنڌي ٻوليءَ کان سواءِ فارسي، سنسڪرت، هندي، گجراتي، اردو ۽ انگريزي جي پڻ ڪافي ڄاڻ هئي. جامع سنڌي لغات جي تحقيقي ڪم ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سان هڪ سال تائين ريسرچ اسسٽنٽ طور پڻ ڪم ڪيائين. سچل يادگار ڪاميٽي خيرپور پاران ڇپايل ”سچل لغات“ تي کيس گولڊ ميڊل پيش ڪيو ويو. ادبي خدمتن عيوض حڪومت پاڪستان پاران کيس ”ستاره امتياز“ سان پڻ نوازيو ويو. پاڻ ادب جي ٻين مختلف موضوعن تي ڪيترائي تحقيقي مقالا ۽ مضمون تحرير ڪيائين، سندس ڇپيل ڪتاب ”ڏهس نامي“ کي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي پاران پهريون نمبر انعام ڏنو ويو.
    تحقيقي ڪم فقط ڪتب خاني ۾ ويهي ڪتابن جي ورق گردانيءَ تائين محدود ناهي هوندو، ان لاءِ جھر جھنگ به جھاڳڻا پون ٿا ۽ انهيءَ حوالي سان لوڪ ادب بابت مواد جي ميڙي چونڊي لاءِ ڊاڪٽر سنديلو سنڌ جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ سگھڙن سان وڃي مليو ۽ نج پج سنڌي لوڪ ادب جي صنفن سينگار، ڏهس، مداحون، پرولي، هنر، ڏور، مولود، لوڪ آکاڻي ۽ لوڪ گيت بابت تمام گھڻو بنيادي مواد حاصل ڪيو، جن تي بعد ۾ تفصيلي طور تحقيقي ڪتاب ۽ مقالا لکيا.
    ڊاڪٽر سنديلي جي شخصيت جو لوڪ ادب ۽ ٻوليءَ کان علاوه هڪ تمام اهم حوالو قابل استاد، تعليمي ماهر ۽ بهترين منتظم وارو پڻ آهي. سندس نوڪريءَ جو تمام گھڻو عرصو ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ گذريو، جنهنڪري 1964 کان وٺي 1989 تائين مسلسل تعلق درس و تدريس سان رهيو ۽ هزارين شاگردن سنديلي صاحب جي قابليت مان فيض حاصل ڪيو. نه فقط لاڙڪاڻي، پر سموري سنڌ ۾ سندس سڃاڻپ هڪ اديب ۽ محقق کان علاوه قابل استاد طور پڻ هئي، جنهنڪري سڄي سنڌ ۾ کيس هڪ برک استاد واري عزت ۽ احترام پڻ ملندو رهيو. ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي تقريباً 25 ناياب ڪتاب ۽ مختلف ادبي موضوعات تي ڪيترائي بي بها مقالا ۽ مضمون پڻ لکيا، جن جي سنڌي ادب ۾ تمام گھڻي اهميت آهي.
    5 اپريل 1979 تي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان بحيثيت پرنسپال رٽائرمينٽ وٺي پنهنجي ادبي پورهئي سان لاڳاپيل رهيو. پاڻ 2 جنوري 1990 تي وفات ڪري ويو، جنهنڪري سنڌي ادب کي ڪاپاري ڌڪ رسيو ۽ لوڪ ادب ۽ ٻوليءَ جي حوالي سان ڪنهن اداري کان به مٿاهون ۽ وڌيڪ ڪم ڪري ادب کي مالامال ڪندڙ هي شخص اسان کان وڇڙي ويو، پر سندس ڪم کي هميشه ياد رکيو ويندو.


    6. مهين جي دڙي جو ماڻهو آدرشي انسان ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي

    ڪي انسان پنهنجي سوچ، فڪر ۽ عمل سان تاريخ جا رخ تبديل ڪري ڇڏيندا آهن، اهڙا ماڻهو پنهنجي اندر اهڙا ادار هجن ٿا جتان ڪيترائي طالبِ علم پنهنجي شعور جون شمعون جلائي سموري جڳ کي علم ۽ آگهيءَ جي روشي ارپين ٿا. تمام وڏا فلسفي، دانشور ۽ سياسي ليڊر پنهنجي مفادن خاطر سماجي ڀلائي وارين سرگرمين تان هٿ کڻي پنهنجيون وفاداريون مَٽائي آرامده زندگيءَ جي نئين دنيا ۾ پهچي ويندا آهن، جتان کين وڏي کان وڏو ظلم ۽ زيادتي به ڪو تماشو ڀاسندي آهي ۽ هونئن به اهڙن مفاد پرستن لاءِ ٻين ماڻهن جو ڏک تماشو ئي هوندو آهي!
    زندگيءَ جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ ڪيترائي نظرياتي ماڻهو به هٿيار ڦٽا ڪري پنهنجا دڳ بدلائي وٺندا آهن، پر هڪ اهڙو شخص جيڪو خود گھمندڙ ڦرندڙ تاريخ آهي، اڄ به پنهنجي فڪر ۽ نظريي سان ڪميٽيڊ آهي ۽ اڄ به ماڻهن جي دلين ۾ قابلِ عزت ۽ سنڌ لاءِ باعثِ فخر آهي. هن جو جسم ته جُھور ٿي چڪو آهي پر هو اڄ به پنهنجي ڪردار ۾ ارڏو ۽ ارادن ۾ پختو آهي. اهو شخص ننڍي کنڊ جو مهَان ڏاهو سوڀو گيانچنداڻي آهي، جنهن پنهنجي جوانيءَ جا خوبصورت ڏينهن ۽ راتيون بي لوث ٿي خدمت ڪندي، جدوجهد ۾ گذاري نئين تاريخ رقم ڪئي، هن حق جو نعرو سرِ بازار بلند ڪرڻ کان نه ڪيٻايو، وقت جي آقائن سان اکيون اکين ۾ ملائي سچ چئي ڏيڻ جي سزا طور جيل جون اذيتون برداشت ڪيون، ڪنهن جي به پرواهه ڪئي بغير هن روشن خيال ۽ ترقي پسند فڪر جي ڦهلاءَ لاءِ جاکوڙيو، سياسي تحريڪن جي سرواڻي ڪري ڪيترائي شاگرد پيدا ڪيا.
    سوڀوگيانچنداڻي ولد ٽنورمل گيانچنداڻي 3 مئي 1920 تي تعلقي ڏوڪري جي ڳوٺ ٻنڊي ۾ ڄائو. هن پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ جي ڀر واري ڳوٺ بگي مان حاصل ڪئي، سن 1937 ۾ بمبئي يونيورسٽي مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ ڊِي جي ڪاليج ڪراچي مان انٽر آرٽس ۽ شانتي نڪيتن ڪلڪتي يونيورسٽي مان بي اي ڪيائين. شانتي نڪيتن، رابندر ناٿ ٽئگور جي والد ديويندر ناٿ جي قائم ڪيل هئي، جتي ڪامريڊ راڳ ۽ ساز جي سکيا وٺڻ ويو، پر هي جڏهن اتان واپس وريو ته انقلابي ٿي آيو. ان بعد ڪامريڊ ايل. ايل. بي جو امتحان پاس ڪري وڪالت جو شعبو اختيار ڪيو. ڪامريڊ هندوستان جي آزاديءَ واري تحريڪ ۾ به حصو ورتو ۽ انهيءَ حوالي سان ئي سندس پهرئين گرفتاري سن 1942 ۾ ٿي، جنهن کان پوءِ هو نظر بند به رهيو ۽ گرفتاريون به ڏيندو رهيو. اهي گرفتاريون هن قومي مفادن خاطر ڏنيون، نه ڪي ڪنهن ذاتي مفاد لاءِ.
    ڪامريڊ پهرين ڪهاڻي ”اڍائي رپيا“ 1938 ۾ لکي، جيڪا ماهوار ”سنسار سماچار“ ۾ شايع ٿي. جڏهن ته زندگيءَ جو پهريون مضمون 1936 ۾ ٽئگور ۽ سوامي تيرٿ جي حوالي سان لکيائين. جيڪو اين جي وي هاءِ اسڪول جي مئگزين ۾ ڇپيو. سندس پهريون ڊرامو ”نيپولين انسينٽ هيلين“ آهي، جيڪو پڻ 1938 ۾ سنسار سماچار ۾ ڇپيو. ڪامريڊ جي شايع ٿيل ڪتابن ۾، 1. ڪڏهن بهار ايندو (ڪهاڻيون) 2. تاريخ جا وساريل ورق (ڪالم) 3. تاريخ ڳالهائي ٿي، 4. وڏي وٿ هئام (ڪالم)، 5. تاريخ بولتي هي (اردو ۾)، 6. انقلابي کي موت (اردو ۾) 7. سنڌ ڪي انقلابي رهنما (اردو ۾) شامل آهن. جڏهن ته اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ 1. ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا، 2. سنڌ ايڪويهين صديءَ جي ڏاڪي تي 3. انٽرويوز 4. تقريرون 5. خاڪا ۽ مضمون شامل آهن.
    ڪامريڊ جي شخصيت جو تمام وڏو حوالو هڪ انقلابي اڳواڻ وارو آهي. انهيءَ حوالي سان سندس سياسي وابستگيون جن پارٽين سان رهيون انهن ۾، ڪانگريس، سوشلسٽ ۽ ڪميونسٽ پارٽي، شاگرد، مزدور ۽ هاري تحريڪ به شامل آهي. سندس وابستگين جو اهم ڪارج مظلوم انسانيت کي ظلم ۽ ظالمن کان آجپو ڏيارڻ هو ۽ انهيءَ لاءِ ڪامريڊ کي ڪيترائي ڀيرا جيل به وڃڻو پيو. پهريون ڀيرو 25 جنوريءَ 1942 کان جولاءِ 1944 تائين ڪراچي، حيدر آباد ۽ سکر جيل ۾ رهيو. ٻيو ڀيرو 21 فيبروري 1946 ۾ گرفتار ٿي هفتي کان پوءِ ضمانت تي آزاد ٿيو. بعد ۾ حڪومت مٿس مڙهيل سڀ ڪيس واپس ورتا. انهن ڪيسن ۾ بغاوت کان علاوه ٻيا به ڪيترائي ڪارڻ ڄاڻايل هئا. ٽيون ڀيرو 1948 ۾ پاڪستان جي قائم ٿيڻ کان پوءِ 17 اپريل 1948 کان 1952 تائين ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ رهيو. چوٿون ڀيرو 1954 ۾ ڪميونسٽ پارٽي تي پاڪستان ۾ پابندي پوڻ سبب 12 جولاءِ کان مارچ 1956 تائين حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ رهيو، ۽ ٽي مهينا ڳوٺ ٻنڊي ۾ نظر بند رهيو. پنجون ڀيرو آڪٽوبر 1959 کان جُون 1960 تائين حيدرآباد چار مهينا، شاهي قلعو لاهور ٻه مهينا ۽ ٻه مهينا لاهور سينٽرل جيل ۾ رهيو، جتان لاهور هاءِ ڪورٽ کيس سوڀو گيانچنداڻي ورسز گورنمينٽ آف پاڪستان ڪيس مان آزاد ڪيو. اتان جڏهن واپس ڳوٺ پهتو ته ٻيهر کيس پنهنجي ئي ڳوٺ ۾ نظر بند ڪيو ويو. ڇهون ڀيرو سيپٽمبر 1965 کان جنوري 1966 تائين سکر سينٽرل جيل ۾ ٽي مهينا انڊيا ۽ پاڪستان جي جنگ دوران قيد رهيو. جتي ٻين کان علاوه شيخ اياز به سندس ساٿ ۾ هو. ڪامريڊ جيترا ڀيرا به جيل ويو، مٿس ڪوبه ڏوهه ثابت ٿي نه سگهيو.
    ڪامريڊ سوڀو ادبي حوالي سان 1957 کان هيل تائين سنڌي ادبي سنگت سان لاڳاپيل رهيو آهي. اڄ هو جڏهن جھور ٿي چڪو آهي تڏهن به ادبي پروگرامن ۾ شرڪت ڪرڻ سندس محبوب مشغلو آهي. ادبي ۽ سياسي حوالي سان سندس دوستن جو تمام وڏو حلقو سنڌ ۽ هند کان علاوه پوري دنيا ۾ ڦهليل رهيو آهي جن ۾ رابندر ناٿ ٽئگور، جي ايم سيد، حيدر بخش جتوئي، حسن ناصر، فيض احمد فيض، حشو ڪيولراماڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي، شيخ اياز، ڪرشن کٽواڻي، ابراهيم جويو، غلام رباني، انور پيرزادو، هدايت منگي، تاج بلوچ، رزاق مهر، يوسف سنڌي، محمد علي پٺاڻ، انور ابڙو، جمال ابڙو، اياز قادري، علي احمد بروهي، رشيد ڀٽي، حميد سنڌي، منٺارسولنگي، ڊاڪٽر گل، عنايت ميمڻ ۽ ٻيا ڪيترائي شاعر، اديب، سياسي ۽ سماجي اڳواڻ، عالم، بزرگ ۽ انقلابي شامل آهن. جڏهن ته اهڙا سياسي اڳواڻ جن مان ڪامريڊ پنهنجي زندگيءَ ۾ بي حد متاثر ٿيو، انهن ۾ مارڪس، اينگلس، لينن، گانڌي، جواهر لعل نهرو، سڀاش ڀوس، سوميندر ناٿ ٺاڪر، پنا لعل داس گپتا، يوسف مهر علي، مولانا ڀاشاني، مولانا عبيدالله سنڌي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، جي ايم سيد، حيدر بخش جتوئي، ڪاسترو ۽ ٻين ڪيترن جا نالا شامل آهن.
    ڪامريڊ ڪيترن ئي موضوعن تي مضمون لکيا آهن جيڪي اخبارن ۽ رسالن ۾ وقت بوقت شايع ٿيندا رهيا آهن. هن سياسي، سماجي ۽ ادبي موضوعن تي ملڪ جي مختلف حصن ۾ وڃي ليڪچر پڻ ڏنا آهن، جيڪي سندس سموري سياسي ۽ ادبي سفر جي تجربن جو نچوڙ آهن. پاڻ سنڌيءَ کان علاوه اردو ۽ انگريزيءَ ۾ پڻ لکندو رهيو آهي. شانتي نڪيتن مان تعليم پرائيندڙ ۽ ٽئگور جي هن مداح جديد سنڌي ادب ۾ ترقي پسندي ۽ روشن خيالي وارو فڪر پنهنجي هم عصر اديبن ۽ شاعرن سان گڏجي ايترو ته اثرائتي انداز ۾ ڦهلايو، جو ماڻهن جي ذهنن جون کڙڪيون کلي ويون. ڪنهن ڏاهي چيو هو ته: ”ڪنهن خطيب جي ڳالهه جو اثر ملڪ جي بادشاهه جي حڪم کان وڌيڪ اثرائتو هوندو آهي“ ۽ اهڙو ئي اثرائتو انداز ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جو پڻ رهيو آهي، جنهن ماڻهن جي دلين ۾ پنهنجي جاءِ جوڙي. رابندر ناٿ ٽئگور کيس ”مئن فرام مهين جو دڙو“ جو خطاب ڏنو هو ۽ ان ڏينهن کان اڄ سوڌو سڄي دنيا کيس ان خطاب سان ئي سڏي ۽ سڃاڻي ٿي. انهيءَ عنوان تحت انور ڏنگڙائي ڪامريڊ تي ڪتاب پڻ لکيو جنهن جو نالو ”مهين جو ماڻهو“ رکيو. ان کان علاوه ٻيا ڪتاب پڻ ڪامريڊ جي فن ۽ شخصيت تي پڌرا ٿيل آهن. انهيءَ سلسلي ۾ ”پاڪستاني ادب ڪي معمار“ جي ڪڙيءَ تحت اڪيڊمي ادبيات پاڪستان پاران اردو اديب مظهر جميل ڪامريڊ جي شخصيت بابت ڪتاب ”سوڀو گيانچنداڻي ــــــــ شخصيت اور فن“ لکيو آهي. ڪامريڊ جي سيني ۾ تاريخ جا ڪيترائي ورق محفوظ آهن جن کي ناليواري ڏاهي انور پيرزادي ”عوامي آواز“ ۾ ”تاريخ جا وساريل ورق“ ۽ ”تاريخ ڳالهائي ٿي“ جي سري هيٺ نامياري شاعر ۽ ڪهاڻيڪار محمد علي پٺاڻ جي توَسط سان ڪامريڊ کان بيان ڪرايا، جن کي لکت جي صورت ۾ ڪالم طور شايع ڪيو ويو ۽ بعد ۾ ڪتابي صورت ڏني وئي.
    اڄ به پنهنجي اکين ۾ جاگرتا جا خواب کڻي هلندڙ ارڏي ۽ اٽل اردان واري سچي ڪامريڊ وٽ ڪيترائي تاريخي داستان آهن، جن کي لکڻ گھرجي، ته جيئن گذريل صديءَ جي اصل تاريخي حقيقتن کان آگاهي ملي سگھي. ڪامريڊ مون کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته ”مون لاءِ اها فخر جي ڳالهه آهي ته مون ڪڏهن سگريٽ يا شراب نه پيتو ۽ ڪنهن عورت جو پيڇو نه ڪيو.“ ڪامريڊ سوڀو اڄ به انسانيت ۾ ويساهه رکندڙ پنهنجي اجرن احساسن سان ۽ نظرياتي حوالي سان اٽل ارادن سان بيٺل آهي.


    7. ڌرتيءَ جو مهان شاعر شيخ اياز

    ڌرتيءَ جي سونهن نظارن ۽ آسمان تي اڏامندڙ پکين کان ويندي ڪائنات جي وسعتن تائين هر روز ڪيترائي سوال ذهن ۾ اڀرن ٿا. سوال جيڪي سوچڻ تي مجبور ڪن ٿا ۽ سوچون جيڪي ئي انسان کي شعور بخشن ٿيون، انهن سوچن جي سفر تي ڪي ڏاها ڏات ڌڻي ايترو ته اڳاهان نڪري ويندا آهن، جن لاءِ زندگيءَ جي هر موڙ تي سوال ئي سوال هجن ٿا. اهڙا سوال جن جي جوابن لاءِ هو رات ڏينهن سوچن جي گِهري سمنڊ ۾ گم رهن ٿا ۽ پوءِ انهن سوچن جي سمنڊ مان جڏهن ڪي موتي کين ملن ٿا ته اهي خوبصورت لفظن جي صورت ۾ شاعريءَ جو روپ ڌاري اچن ٿا. جيڪي شاعر اهڙا شعر سرجن ٿا جن سان قومون بيدار ٿين ٿيون منجهن جرئت، همت ۽ حوصلي سان گڏ نئون ولولو پيدا ٿئي ٿو، اهي ئي دراصل حقيقي طور عام ماڻهوءَ جي دلين جي ترجماني ڪندڙ هجن ٿا، اهڙا شاعر ئي تاريخ ۾ امر ٿي وڃن ٿا ۽ اهڙن ئي امر انسانن ۾ مهان ڪوي شيخ اياز جو نالو تمام گھڻي اهميت وارو آهي. اياز تي لکڻ جي جرئت ڪرڻ به ڪنهن امتحان کان گھٽ نه آهي جو درياهه کي ڪوزي ۾ سمائڻ ڪو چرچو ناهي. ڇا لاءِ ته جيڪي ماڻهو دنيا کي بدلائڻ جا حوصلا رکن ٿا سي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا ۽ اهڙن ماڻهن لاءِ اياز خود به چيو:
    ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا
    گھايل ڌرتيءَ جي سيني جي
    اهڙي گِهري چيخ ٿين ٿا
    جا هر ڪنهن کي جاڳائي ٿي
    جا دنيا کي بدلائي ٿي
    ڪير آهي جيڪو اياز جي عظمت جو انڪاري هجي، سندس مهانتا ۽ مانَ جو گواهه ته هر شخص آهي. پر شيخ اياز فقط هڪ شخص نه هو، پنهنجي وجود ۾ هو هڪ تحريڪ هو، سندس شاعريءَ جي فڪري لاٽ مان نڪرندڙ روشنيءَ جي ڪرڻن کيس جيون ۾ ئي اها مڃتا ڏياري جنهن لاءِ خاص طور اسان جهڙن سماجن ۾ صديون پراڻو ٿيڻ شرط هوندو آهي. برصغير جي عظيم ترقي پسند شاعر فيض احمد فيض هڪ تقريب ۾ روسي سفارتڪار کي چيو هو ”شيخ اياز مون کان به وڏو شاعر آهي.“ تنهن تي هن وراڻيو: ”فيض صاحب اها ڳالهه ته اوهان رات به ڪئي هئي.“ فيض چيو ” ها! اها ڳالهه مون رات به ڪئي هئي پر وري ان ڪري ورجايان ٿو جو متان تون سمجھين ته فيض رات نشي ۾ هو، هن وقت آءٌ هوش ۾ آهيان ۽ چوان ٿو ته اياز مون کان وڏو شاعر آهي.“
    سنڌي شاعريءَ ۾ شيخ اياز جيڪا جدت ۽ نواڻ آندي سا تازي هوا جي جھوٽي مثل هئي، ڪابه نئين تخليق جڏهن ڪو تخليقڪار سرجي ٿو ته سندس اها خواهش هجي ٿي ته اها لکڻي مڃتا ماڻي، پر اصل مڃتا ۽ دائميت ان ئي تخليق کي ملي ٿي جا پنهنجي اندر معيار ۽ ڪشش رکندڙ آهي. ان جي معياري هئڻ جو دليل اهو ئي هوندو ته اها پڙهندڙن وٽ موجود رهندي. جيئن اياز جي هڪ هڪ سٽ اڄ به اسان پنهنجي هينئين سان هنڊايون ٿا، محفلن، ڪانفرنسن، سيمينار، عوامي جلسن جلوسن کان ويندي ادبي ميڙاڪن تائين اياز جي شعرن جي گونج اڄ به هر هنڌ موجود آهي ۽ جھر جھنگ ۾ شيخ اياز جي گيتن کي ڳاتو وڃي ٿو ۽ اها ئي تخليق جي دائميت آهي، جنهن سان خود تخليقڪار به زنده رهي ٿو. جيڪا لکڻي وقت جي دز جي ور چڙهي وڃي سا تخليقڪار جي موت سان گڏ ئي دفن ٿي وڃي ٿي.
    سنڌ جي ناليواري برک دانشور ۽ اياز جي ساٿي محمد ابراهيم جويي لکيو ته: ”اياز جي شاعري سنڌي ٻوليءَ جو ڪرشمو آهي، ٻولين جا اهڙا ڪرشما جڳن کان پوءِ ظاهر ٿيندا آهن ۽ جڏهن ٿيندا آهن، تڏهن اهي ٻولين سان گڏ پنهنجي پنهنجي دؤر جي ڪايا پلٽ جا دائي ۽ اٽل سبب بنبا آهن.“
    شيخ اياز انساني جذبن، امنگن ۽ احساسن جي ڳالهه ڪندي انساني ويساهن جي ڳالهه به ڪيڏي نه خوبصورت انداز ۾ ڪئي آهي، جو چيائين:
    جي تون وڙهندي ماريو ويندين،
    هن وستيءَ تان واريو ويندين،
    دودا ! تنهنجو ساهه ته ويندو،
    پر ماڻهوءَ جو ويساهه نه ويندو.
    سن 1965ع ۾ سنڌ جي حقن جي جاکوڙ واري ڏوهه ۾ کيس گرفتار ڪري سکر جيل ۾ قيد ڪيو ويو، ان بعد 1968ع ۾ هن کي ساهيوال جيل موڪليو ويو. جيستائين ايوب جي حڪومت هئي تيستائين اياز قيد ۾ رهيو. 1970ع ڌاري پاڻ شيخ مجيب الرحمان جي عوامي ليگ ۾ شامل ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ شيخ مجيب جي گرفتاري ۽ بنگلاديش ٺهڻ تائين اياز کي مسلسل جيل اندر قيد رکيو ويو.
    شيخ اياز جي پهرين شادي بيگم زرينا سان ٿي، جنهن مان کيس ٻه پٽ انيس ۽ سليم ۽ ٽي ڌيئرون ياسمين، نگهت ۽ روحي پيدا ٿيون. ٻي شادي بيگم اقبال سان ڪيائين، جنهن مان به کيس ٽي ٻار مونس، سرمد ۽ وينگس ڄايا.
    سن 1976 ڌاري شيخ اياز کي ذوالفقار علي ڀُٽي جي حڪومت دوران سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو ۽ جتي هن چئن سالن تائين ڪم ڪيو. ۽ انهن ئي چئن سالن ۾ اياز کي زندگيءَ جا ڪيترائي اهڙا تجربا به ٿيا جي هو ٻين هنڌن تي شايد ائين حاصل ڪري نه سگهي ها، يا وڪالت واري شعبي ۾ ڪم ڪندي کيس اهڙا مشاهدا ٿي نه سگھن ها. ان دؤران کانئس ڪيترائي ويجھا دوست يار به ناراض ٿيا، ڪي نوڪريون نه ملڻ تي، ته ڪي خود وائيس چانسلر واري آڇ قبولڻ تي. سن 1962 ۾ اياز جا شعري ڪتاب ڀونر ڀري آڪاس ۽ ڪلهي پاتم ڪينرو، 1963 ۾ خطن جو ڪتاب ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي، 1963، 1964ع ۽ 1968 ۾ وقت جي آقائن پاران ضبط ڪيا ويا، پر انهن اڻ ڄاڻن کي اها ڄاڻ ئي نه هئي ته خوشبو تي پابنديون مڙهڻ بيوقوفي کان وڌيڪ ڪجهه به نه هوندو آهي. ڪنهن به وڏي شاعر جي لکڻين جو گهرائيءَ سان مطالعو ڪرڻ بعد ئي سندس تخليق ڪيل شعر جي روح تائين پهچي سگھبو آهي ۽ پوءِ ئي ان تي ڪا به حتمي راءِ قائم ڪري سگھبي آهي. آفاقي شاعريءَ جو مفهوم هر شخص وٽ پنهنجو پنهنجو هجي ٿو، پر مجموعي طور تي آفاقيت جي معنى کي مختصر طور سمجهجي ته اها لکڻي جيڪا ڪنهن خاص سماج يا ملڪي حدن جي محتاج نه هجي ۽ ان ۾ هر خطي جي ماڻهن جي جذبن جي نمائندگي نظر اچي، ۽ اهڙي ئي لکڻي امرتا ماڻي ٿي. اياز چيو:
    اسان جون وفائون نه ساحل نه ڪشتي،
    اوهان جون ادائون نه ٻوڙيو نه تاريو.
    زمين جا ستارا هئا لڙڪ پنهنجا،
    اسان رات روئي پرهه کي پڪاريو.
    ڪٿي آهين تون اي نظامِ محبت،
    صديون ساهه منهنجي سڪي توکي ساريو.
    تو ڳوڙهن ۾ ڳوڙهو وڃي ڏس ته توکي،
    پتو پئي اسان کي آ ڪنهن مُرڪ ماريو.

    اردو ادب جي ناليواري ليکڪا فهميده رياض لکيو ته: ”اياز جي شاعريءَ کي اوهان جيڪڏهن پورو پڙهي وٺو ته توهان چئي سگھو ٿا ته بر صغير ۾، رڳو پاڪستان ئي نه بلڪه پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ پوري بر صغير ۾ ان جي مختلف زبانن ۾ جيڪي شاعر پيدا ٿيا آهن، غالباً اياز جي مقابلي جو، هن جي جوڙ جو ٻيو ڪوبه شاعر پيدا نه ٿيو آهي.“
    شيخ اياز، جنهن جو اصل نالو مبارڪ علي هو، غلام حسين شيخ جي گھر ۾ 2 مارچ 1923 تي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. هن پرائمري تعليم هندو سنڌي اسڪول شڪارپور ۽ سيڪنڊري تعليم شڪارپور نيو ايريا هاءِ اسڪول مان حاصل ڪئي، بعد ۾ سي اينڊ ايس ڪاليج ۾ داخلا ورتائين جتي ان وقت ڪاليج مان نڪرندڙ مئگزين جي سنڌي شعبي جو شاگردن مان چونڊيل ايڊيٽر هو. اتان فارغ ٿي قانون جي ڊگري ايل ايل بي ورتائين، جنهن جي بنياد تي وڪالت اختيار ڪيائين. کيس لکڻ واري ڪرت ننڍي هوندي کان ئي هئي جو هن ابتدائي ڪلاسن ۾ پڙهندي به پنهنجي استادن کان شاعريءَ ۾ رهنمائي پئي ورتي. سندس پهريون غزل ”مردِ خدا“ جي عنوان سان شڪارپور مان شايع ٿيندڙ رسالي ماهوار ”سدرشن“ ۾ شايع ٿيو. شيخ اياز اهو شاعر هو جنهن روايتن کي ٽوڙي نوان بنياد وڌا. اياز صرف گذريل صديءَ جو شاعر ئي نه هيو پر سندس فڪر ۽ تخيل جو پڙاڏو ايندڙ صدين تائين به زماني ۾ ٻُرندو رهندو، ڇا لاءِ ته سندس تخليق ۾ ساهه آهي، سندس لفظ جيئرا آهن، سندس احساسن جي ڪوملتا ۽ لفظن جي خوشبوءِ کي هر ماڻهو محسوس ڪري ٿو ۽ اهو ئي سندس فن ۽ تخيل جو ڪمال آهي.
    شيخ اياز جي ڇپيل ڪتابن ۾: ”ڀؤنر ڀري آڪاس“، ”ڪلهي پاتم ڪينرو“، ”ڪي جو ٻيجل ٻوليو“، ”وڄون وسڻ آيون“، ”ڪپر ٿو ڪُن ڪري“، ”لڙيون سج لڪن ۾“، ”پتڻ ٿو پور ڪري“، ”ٽڪرا ٽٽل صليب جا“، ”پن ڇڻ پڄاڻان“، ”واٽون ڦلن ڇائنيون“، ”چنڊ چنبيلي ول“، ”رڻ تي رم جھم“، راڄ گھاٽ تي چنڊ“، ”جھڙ نيڻان نه لهي“، ”سُر نارائڻ شيام“، ”الوداعي گيت“، ” ڪاري رات ڪهنگ“، ”مينهن ڪڻيون“، گيڙو ويس غزل“، ”ڪونجون ڪُرڪن روهه تي“، ”گھاٽ مٿان گھنگھور گھٽا ۾“، ”چنڊ ڳليون“، ”هرڻ اکي ڪيڏانهن“، ”سورج مکي سانجھ“، ”سر لوهيئڙا ڳڀيا“، ”ننڊ-وليون“، ”ڪتين ڪر موڙيا جڏهن“، ”هينئڙو ڏاڙهون گل جيئن“، ”اڀر چنڊ پس پرين“، ”اٿي اور الله سان“، ”اڪ جون ڦلڙيون ڀيڄ ڀني“، ”بڙ جي ڇانوَ اڳي کان گھاٽي“، ”اڪن نيرا ڦليا“، ”جر ڏيئا جھمڪن“، ”تون ڇپر تون ڇانوَ“ ۽ ٻيا ڪيترائي مجموعا شامل آهن. ساڳي طرح سندس ڪهاڻين، آتم ڪهاڻين، ڊائري جي ورقن ۽ اردو شاعريءَ جا به ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن. جن ۾ ”سفيد وحشي“ (ڪهاڻيون)، ”پنهل کان پوءِ“ (ڪهاڻيون ۽ خط)، ”بوءِ گل نالائي دل“ (اردو شاعري)، ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ خط، ”جڳ مڙيوئي سپنو“ (آتم ڪهاڻي)، ”ساهيوال جي جيل جي ڊائري“ (ڊائري)، ”ڀڳت سنگهه کي ڦاسي“ (منظوم ڊرامو)، ”انٽرويو ۽ تقريرون“ (ٻه ڀاڱا)، ”ڪراچيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون“ (ڊائري)، ”حلقه ميري زنجير ڪا“ (اردو شاعري)، ”رساله شاهه عبداللطيف“ (ترجمو)، ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر“ آتم ڪهاڻي (پنج ڀاڱا) ۽ ٻيا شامل آهن.
    شيخ اياز تي گھڻو ڪجهه لکيو ۽ ڳالهايو ويو آهي پر مستقبل ۾ هن تي اڃا به گھڻو لکيو ۽ ڳالهايو ويندو جو ايندڙ دؤر اياز جو دؤر آهي. نامياري محقق ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي اياز تي راءِ ڏيندي لکيو: ”شيخ اياز جي شاعريءَ تي موجوده دؤر جي سڀني شاعرن کان گھڻو لکيو ويو آهي، هو هن دؤر تي گھڻو اثر به ڪري رهيو آهي. اياز سنڌي شاعريءَ جي روايت سان، پنهنجي جدت سميت جَڙيل آهي. ڪلاسيڪي ۽ جديد شاعريءَ جا سڀ رنگ فقط اياز ۾ نظر اچن ٿا. اياز هڪ پختو شاعر آهي. هن جو جيڪو ڪائنات جو اڀياس آهي، سو کيس انهيءَ قابل بنائي چڪو آهي، جو هو پوپٽ جو پيرو کڻي اهو ٻڌائي سگھي ٿو ته ان جي زندگيءَ ۾ ڪهڙا ڪهڙا گل آيا.“
    نامياري ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ ڪالم نگار قمر شهباز لکيو آهي ته: ”جيڪڏهن مون تي جذباتيت جو الزام نه هنيو وڃي، ته جيڪر مان حقدار کي حق ڏيڻ خاطر اهو چوڻ جي جسارت ڪريان ته ڀٽائيءَ کان پوءِ اياز تائين سنڌ ڪوبه اهڙو راڳي پيدا نه ڪيو، جو سنڌ واسين جي دلين جي تارن کي اهڙي شدت سان جھنجھوڙي جو تَن تن تڙپي اٿي، مَن من ماندو ٿي وڃي، ماڻهو ماڻهو مچلي پوي. شاهه جي وسايل چڻنگ کي ڀنڀٽ ۾ بدلائڻ صرف ئي صرف اياز جو ئي ڪمال آهي.“
    اياز سنڌ جي جديد شاعريءَ واري آسمان تي چنڊ مثل آهي. هن جا بيت، نظم، آزاد نظم، دوها، ڏيڊ سٽا، وايون، گيت، هائيڪا ۽ نثر ۾ ڪهاڻيون، خط وغيره اڄ به سندس آواز بڻجي اسان سان مخاطب آهن. جنهن لاءِ سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ماڻهو اياز جا ڳڻ ڳائيندا رهندا، جو هن سڄي عمر سنڌيت لاءِ پاڻ ارپڻ واري جذبي تحت جاکوڙيو ۽ هر ميدان تي کلي مزاحمت ڪئي. راتين جون ننڊون ڦٽائي قومي سجاڳيءَ لاءِ سڏ ڪيا.
    جديد سنڌي شاعريءَ ۾ شيخ اياز جو نالو انتهائي معتبر، مٿاهون ۽ مانائتو آهي جنهن کي تاريخ ثابت ڪري چڪي آهي، پر اياز کي سٺيءَ ريت سمجھڻ ۽ پرکڻ لاءِ اڃا وقت کپي. مستقبل ۾ اياز تي اڃا به گھڻو ڪم ٿيڻو آهي، جو هيل تائين اسان اڃا شيخ اياز جي عظمت جو ڪاٿو ئي ناهيون ڪري سگھيا. هن جي شاعريءَ تي ايندڙ دؤر جا محقق ريسرچ ڪري سندس لڪل خوبين تي روشني وجهندا ته هو ڪيترو عظيم تخليقڪار هو ۽ ان جي عظمت کي اسان ڪيتري حد تائين ڄاتو آهي. هن پنهنجي حياتيءَ جو گھڻو وقت سکر ۾ گذاريو. آخري ڪجهه سال ڪراچي پرنس ڪامپليڪس ۾ وڃي ترسيو جتي دل جي بيماري سان به جنگ جوٽيندو رهيو. اياز 28 ڊسمبر 1997ع تي لاڏاڻو ڪيو. کيس 29 ڊسمبر تي ڀٽ شاهه ۾ ڪراڙ جي ڪناري مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.


    8. برک ڪهاڻيڪار ۽ شاعر انيس انصاري

    اديب سماج جو انتهائي ذميوار فرد هوندو آهي، هو پنهنجي فڪر جي آڌار پنهنجي اظهار جي ذريعي جو تعيّن به پاڻ ئي ڪري ٿو ته وري مقصد ۽ نتيجا به پاڻ ئي ڳولي لهي ٿو. هو پنهنجي لکڻين ۽ سوچن ۾ مڪمل طرح خود مختيار آهي..... ادب جي هر صنف جو پنهنجو رس، چس ۽ رچاءُ آهي پر ڪهاڻيءَ ۾ جنهن طرح سماجي سور ۽ ناسور جي ڳالهه ٿئي ٿي سا شاعريءَ ۾ به ڪرڻ محال آهي. ڪهاڻي ادب جي انتهائي ڪهني صنف آهي، حقيقت ۾ ڪهاڻي خود انساني تاريخ جيتري ئي پراڻي آهي.
    اديب جو فرض صحتمند سوچ خوبصورت لفظن جي مالهائن ۾ پوئي پيش ڪرڻ آهي. هر قلمڪار جي لکڻي پُر اثر ۽ معنى خيز ثابت ٿيڻ ضروري نه آهي، جيستائين ان ۾ داخليت يعنى مَن اندر جي ولوڙ شامل نه آهي. علم ۽ قلم جو سفر ته روان آهي پر انهيءَ سفر ۾ ڪي پانڌيئڙا اهڙا به هوندا آهن جيڪي سماج تي پنهنجي پورهئي ۽ انسان دوست رويّن جي ڇاپ صدين تائين ڇڏي وڃن ٿا، اهڙن ئي انتهائي شفيق، سٻاجهڙن ۽ مهان انسانن مان انيس انصاري به هڪ هو.
    الله بخش انيس انصاري 26 جولاءِ 1923 تي لاڙڪاڻي شهر ۾ جنم ورتو. 1956 ۾ قلم ڌڻين جي قافلي ۾ شامل ٿي لکڻ جي ڪرت سان سلهاڙجي ويو. سندس لکيل پهرئين ڪهاڻي ”رنڊي“ هئي. نوڪري جي تمام گهڻين مصروفيتن باوجود لکڻ پڙهڻ سان به ناتو نڀائيندو رهيو. ڪڏهن ڪهاڻي، ڪڏهن شاعري، ڪڏهن ڊائري ته ڪڏهن مضمون يا تحقيقي مقالي جي صورت ۾. سندس مطابق: ”جنهن عمر ۾ ماڻهو قلم رکندا آهن (ادبي تخليق جي حوالي سان) مان ان عمر ۾ قلم کنيو، اها عمر هئي جڏهن سرڪار ڪم ڪندڙ کي جسماني ۽ ذهني طرح بيڪار سمجهي پينشن تي اماڻيندي آهي.“
    سائين انيس انصاري صاحب ڪيتريون ئي يادگار ڪهاڻيون سرجيون جن جا اڪثر موضوع روزاني زندگيءَ جي ننڍن وڏن مسئلن جي عڪاسي کان علاوه انساني نفسيات ۽ ٻين دل ڇهندڙ مختلف موضوعن تي مشتمل آهن. سندس شاهڪار ڪهاڻين ۾ ”ٽپڪو“، ”اڃا نه اڃا نه“، ”پينشنر“، ”مٽي“ ۽ ”ويراني“ شامل آهن، جن مان ڪهاڻي ”پينشنر“ تي 1988 ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران کيس ايوارڊ ارپيو ويو. ڪهاڻي ”اڃا نه اڃا نه“ کي 1989 ۾ سنڌ سياحت ۽ ثقافت کاتي پاران سال جي بهترين ڪهاڻي طور جمال ابڙو ايوراڊ ڏنو ويو. هن وٽ ڪهاڻي لکڻ جو خاص ڏانءُ آهي، لفظن جي جوڙجڪ ماحول مطابق هئڻ کان علاوه ڪردارن جي چونڊ ۽ علاقائي لهجي واري ٻوليءَ جو استعمال ۽ باريڪ بينيءَ سان ٿيل مشاهدو، شهري توڙي ٻهراڙيءَ واري ماحول ۾ لکيل ڪهاڻين جي خاص خوبين منجهان آهي جنهنڪري سندس ڪهاڻين کي ڀرپور موٽ ملي.
    انيس انصاري جون ڪهاڻيون يڪسانيت جو شڪار هرگز نه آهن، بلڪه انهن ۾ پلاٽ جي ويرائٽي کان علاوه ڪردارن جي نواڻ پڻ موجود آهي. هن مصنوعي ماحول ۽ جملن جي ڀرمار بجاءِ مقصديت تي فوڪس ڪيو آهي. منٽو جيان انيس انصاري پنهنجي ڪهاڻي ڪتاب ”انيس جا افسانا“ ۾ اعتراف ڪيو آهي ته ”منهنجي ڪهاڻيءَ ۾ نه زوردار ڊائلاگ آهن، نه ڀرپور فلاسافي، هڪ عام ذهني سوچ جي پيداوار آهن منهنجون ڪهاڻيون!“ هن جي ڪهاڻين جو تعداد لڳ ڀڳ سٺ جي قريب آهي، سندس ڪهاڻين جو هڪ مجموعو ”انيس جا افسانا“ پڻ ڇپيل آهي.
    انيس انصاري جي شخصيت گهڻ پاسائين هئي، هو فقط ڪهاڻيڪار ئي نه، پر خوبصورت شاعر، مضمون نويس، منتظم ۽ جاگرافي، جيالاجي ۽ آرڪيالاجي جي علمن کان علاوه دنيا جي تاريخ جو ڄاڻو پڻ هو، ۽ اهڙي جهلڪ سندس ڪهاڻين ۾ پڻ موجود آهي. ”چانڊوڪيءَ جو زهر“ ۾ راڪس، منرلس ۽ فاسلس وغيره جو تفصيلي ۽ سائنسي انداز ۾ بيان، ”وڏي حويلي“ ۾ سير و تفريح ۽ شڪار جو ذڪر وغيره. سندس اهم لکڻين ۾ ”آتم ڪٿا ۽ روزاني ڊائري“ پڻ شامل آهن، جيڪي هڪ دور جي تاريخ جي حوالي سان به اهميت رکندڙ آهن پر اڃا تائين ڪتابي صورت ۾ ڇپجي پڌريون ٿي ناهن سگهيون.
    انيس انصاري کي سير و تفريح کان علاوه شڪار ۽ فوٽوگرافيءَ سان پڻ تمام گهڻي دلچسپي هئي، پاڻ مختلف ٻوليون پڻ ڳالهائي ۽ سمجهي سگهندو هو جن ۾ انگريزي، اردو، فارسي، گرمکي ۽ هندي وغيره شامل آهن. انيس انصاري مختلف وقتن تي مختلف سماجي ۽ ادبي تنظيمن جو عهديدار پڻ رهيو، جن ۾ جميعت الشعراء، ڪاليج يونين، لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي وغيره شامل آهن. پاڻ جن به مختلف شعبن ۾ ڪم ڪيائين سو سندس اولاد مان هر هڪ پنهنجي لاءِ پڻ منتخب ڪيو. اشتياق انصاريءَ جي سڃاڻپ جو اهم حوالو محقق ۽ آرڪيالاجسٽ وارو آهي. اخلاق انصاري سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار آهي ۽ ڊاڪٽر اسحاق انصاري ڀلوڙ ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار طور ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. انصاري خاندان سنڌ جي انهن چند خاندانن منجهان هڪ آهي جن جا تمام گهڻا فرد ليکڪ آهن، جنهن جو بنيادي سبب انيس انصاري جي تربيت ئي آهي. هو شخص انا جي خول کان آجو هيو. سموري حياتي سادگيءَ ۾ گذاريائين پر پنهنجي طَي شده اصولن تي ڪمپرومائيز نه ڪيائين. کل مُک ۽ جيءَ ۾ جايون ڏيندڙ اهڙا شخص سچ ته صدين ۾ ئي پيدا ٿيندا آهن.


    9. بيباڪ ۽ انقلابي ليکڪ ڊاڪٽر نجم عباسي

    ڪهاڻي ادب جي اهڙي وسيع صنف آهي جنهن ۾ ليکڪ پنهنجي داخلي ۽ خارجي احساسن کي دل کولي اظهاري سگهي ٿو. سنڌيءَ ۾ ڪيترن ئي ڪهاڻيڪارن تيز ۽ ترش انداز ۾ لکي پڙهندڙن تي پنهنجي لکڻين جو اثر ڇڏيو آهي پر انهن ڪهاڻيڪارن ۽ ناول نگارن جن پنهنجي ڌرتيءَ واسين کي انقلابي انداز ۾ پنهنجي لکڻين ذريعي سجاڳ ڪيو، تن ۾ نجم عباسيءَ جو نالو انتهائي معتبر ۽ محترم آهي.
    ڊاڪٽر نجم عباسي ولد الهندو خان عباسي سنڌ جي تاريخي شهر خان واهڻ ضلعي نوشهروفيروز ۾ 18 آڪٽوبر 1927 تي جنم ورتو. سندس والد درس و تدريس جي شعبي سان واڳيل هو. شروعاتي تعليم هن پنهنجي والد کان به حاصل ڪئي، جنهن بعد انگريزي تعليم خان واهڻ جي ڀرسان واري ڳوٺ تنيا بقا شاهه ۽ پوءِ نواب شاهه جي لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول مان ورتي. 1946 ۾ مئٽرڪ جو امتحان امتيازي حيثيت سان پاس ڪرڻ بعد سنڌ مسلم سائنس ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتائين ۽ سن 1948 ۾انٽر جو امتحان ڪاميابي سان پاس ڪري ميڊيڪل ۾ چونڊجي ويو. 1953 ۾ ايم بي بي ايس جي ڊگري وٺڻ بعد ترت ئي کيس سرڪاري ملازمت ملي وئي. 1958 تائين سنڌ جي مختلف سرڪاري اسپتالن ۾ نوڪري ڪيائين، پر اها نوڪري سندس طبعيت ۽ مزاج کي گهڻو وقت نه آئڙي جو هن ان نوڪريءَ کي بارُ محسوس ڪندي آخرڪار ان کي خيرباد چيو ۽ گاڏي کاتي ۾ پنهنجي ذاتي ڪلينڪ هلائڻ شروع ڪئي، جيڪا آخري وقت تائين خدمتِ خلق واري جذبي تحت هلائيندو رهيو.
    نجم عباسي جي اندر ۾ ٻين لاءِ هڪ درد رکندڙ دل هئي جيڪا هر وقت ڪجهه نه ڪجهه چڱو ڪرڻ جي جستجو ۾ رڌل رهي، جڏهن هو اسڪول ۽ ڪاليج ۾ پڙهندو هو ته اهو دَور آزاديءَ واري تحريڪ جو اهم ترين دور هو جنهنڪري ان وقت ڪيترين ئي تحريڪن به جنم ورتو. آل انڊيا مسلم ليگ جي هڪ ذيلي شاخ مسلم نيشنل گارڊ جنهن ان وقت آزاديءَ جي جدوجهد ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو، انهيءَ جي شاخ جو بنياد ڳوٺ خان واهڻ ۾ 1946 ڌارا پهريون ڀيرو نجم عباسيءَ ئي وڌو، جڏهن آزاديءَ جا جشن ملهايا ويا ته ان وقت نجم عباسيءَ هڪ يادگار ترانو به لکيو هو.
    نجم عباسي کي ادب دوست استادن جي صحبت اسڪول واري زماني کان ملي. سندس استاد مخدوم امير احمد پنهنجي دور جو عالم ۽ اديب هو، جنهن بزمِ ادب نالي تنظيم قائم ڪري علم ادب ۽ شاعري جي حوالي سان ننڍا وڏا پروگرام منعقد ڪرايا، جن ۾ نجم عباسي ان وقت ڀرپور حصو ورتو. هن پنهنجي ادبي سفر جي شروعات به انهن ادبي ميڙاڪن کان ئي ڪئي ۽ شروعات ۾ شاعريءَ کي اظهار جو ذريعو بڻائي لکندو رهيو. پهريون ڀيرو ان ئي بزمِ ادب ۾ 1941 ڌاري پهريون شعر پڙهيائين. سندس شاعري شروعات کان ئي غير روايتي رهي. هن گل و بلبل جا قصا ڪُٽڻ بجاءِ قومي ۽ اصلاحي نوعيت واري شاعريءَ کي ترجيح ڏني. پاڻ 1944 کان 1946 تائين بزمِ ادب جو سيڪريٽري پڻ رهيو.
    نجم عباسي کي گهر ۾ ئي علمي ادبي ماحول مليو. سندس والد جا گڏ ڪيل ڪتاب جڏهن هن پڙهڻ شروع ڪيا ته سڀ کان پهريون کيس مشهور عالم اديب محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي لکڻين ڏاڍو متاثر ڪيو. خاص طور تي انقلابي حوالي سان لکيل سندس مضمونن کيس نثر لکڻ ڏانهن راغب ڪيو. هن زندگيءَ جي پهرئين ڪهاڻي ”همت ۽ ڪوشش“ 1944 ۾ لکي جيڪا 1947 ۾ ”مهراڻ“ ۾ شايع ٿي. ان وقت رسالي جو ايڊيٽر لالچند امر ڏنو هو جنهن سندس همت افزائي ڪندي سندس ٻي ڪهاڻي ”کنڊ جي چوري“ (آڪٽوبر ڊسمبر) 1947 واري پرچي ۾ شايع ڪئي ۽ ائين سنڌي ساهت دنيا ۾ نجم عباسي پنهنجي خاص اسلوب سبب مشهور ٿيڻ لڳو.
    نجم عباسيءَ پنهنجي ڪهاڻين جا موضوع سنڌي سماج کان ٻاهر نه کنيا. هن اڪثر انهن حقيقتن کي ڪهاڻين جو روپ ڏنو جيڪي سندس ئي ارد گرد ٿيندڙ واقعا ۽ حادثا ٿيا. سندس ڪهاڻين ۾ پيڙا جو پڙلاءُ به آهي، لڱ ڪانڊاريندڙ سانحا به، جن کي پڙهندي روح تڙپي پوي ٿو، اکين ۾ ڳوڙها تري اچن ٿا. حقيقت ۾ اهو ڪنهن به ليکڪ جي قلم جو وڏو ڪمال هجي ٿو ته سندس لکيل لفظ پڙهندڙ جي دل تي ان حد تائين اثر انداز ٿين جو نيڻ ڀِڄي پون! نجم عباسي ڪهاڻين، ناول ۽ آتم ڪٿائن جي حوالي سان ٽيهارو کن ڪتاب سنڌي ادب کي ارپيا آهن، جن مان هڪ به ڪتاب هن پاڻ ناهي ڇپرايو. سندس هڙئي ڪتاب پبلشرس کانئس وٺي ڇپرايا جن مان ڪجهه ڪتابن جا چئن کان پنج ڇاپا به آيا. ان مان نجم عباسي کي پڙهندڙن ۽ ساڻس پيار ڪندڙن جو اندازو بخوبي ڪري سگهجي ٿو.
    نجم عباسيءَ ڳالهين کي ڍَڪي ۽ لِڪائي پيش ڪرڻ بجاءِ انهن کي سڌيءَ ريت بيان ڪيو. اها هن جي کرائپ ۽ بهادري هئي جو هن ڪنهن جي به پرواهه نه ڪئي. خاڪي جوئي سندس ڪتاب ”سوچون هڪ سچار جون“ جي مهاڳ ۾ لکيو آهي، ”ڊاڪٽر نجم عباسي سنڌ جي آجپي ۽ آزاديءَ لاءِ اهو ئي ڪردار ادا ڪيو آهي جيڪو روس جي سوشلسٽ انقلاب لاءِ ٽالسٽاءِ، مئڪسم گورڪي، دوستو فسڪيءَ، گوگول ۽ چيخوف جو آهي. جهڙي طرح مٿين اديبن جي ڪهاڻين ۽ ناولن روسي انقلاب لاءِ عوام جي ذهني تربيت ڪئي هئي، تهڙيءَ طرح نجم عباسيءَ جي لکڻين سنڌ جي آزادي ۽ انقلاب لاءِ سنڌي عوام جي ذهني ۽ روحاني سکيا ڪئي آهي. سندس لکڻين ماڻهن کي انقلابي ۽ عوامي ادب پڙهڻ تي هيرايو. ڪيترن ئي اديبن ۽ ليکڪن کي سندس ڪهاڻين تي اعتراض آهي ته انهن ۾ فڪر ۽ فن جي گهرائي ڪانه آهي، پر آءٌ ان ڳالهه جي ترديد ٿو ڪريان، ڇاڪاڻ جو هو پنهنجي ڪهاڻين ۾ جنهن فڪر کي عوام تائين پهچائڻ چاهي ٿو ۽ پنهنجن پڙهندڙن کي جيڪو مقصد ڏيڻ چاهي ٿو، هو انهيءَ ۾ ڪامياب ويو آهي، اهو هن جو پنهنجو هڪ مخصوص ۽ نرالو انداز آهي جيڪو روايتي ڪهاڻيءَ جي فني انداز کان مختلف آهي“.
    نظرياتي حوالي سان نجم عباسي حياتيءَ جي آخري ڏينهن تائين سوشلسٽ رهيو. هو سرمائيدارن، سردارن ۽ وڏيرن جي ظلم خلاف لکندو رهيو ۽ اها ئي سندس ڪهاڻين ۽ ناولن اندر هڪ مستقل مزاجي هئي جو هن هر لکڻيءَ ۾ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي مسئلن تي لکيو. سندس هر لکڻي انياءَ، ظلم ۽ درد جو هڪ داستان آهي، ان حوالي سان نجم عباسيءَ جي ڪهاڻين جي موضوعن تي پڻ هڪ الڳ مضمون لکي سگهجي ٿو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ”طوفان جي تمنا“ ڪهاڻيون، ”پٿر تي ليڪو“ ڪهاڻيون، ”ڳاڙهو لالٽين“ ترجمو، ”جيڪي منهنجي من ۾ آهي“ ڪهاڻيون، ” ناچڻي“ ڪهاڻيون، ايڏو سور سهي“ آتم ڪهاڻي،مضمون، ”رشتا ناتا“ ڪهاڻيون، ”اڪيلا نه آهيون“ ترجمو، ”سورج هوندي مرجهايل“ ڪهاڻيون، ”للڪار“ ڪهاڻيون، ”پهاڙن ۾پڪار“ ترجمو، ”پيار ڪهاڻي“ ناول، ”بلنديون“ ناول، ”پروفيسر“ ڪهاڻيون، ”دارون هن ديواني جو“ ڪهاڻيون، ”ڪهاڻيءَ جو قافلو“ ڪهاڻيون ۽ تنقيد، ”گانڌي“ ترجمو، ”تصوف جي چير ڦاڙ“مضمون، ”تلاش“ ناول،”زلزلو“ ترجمو، ”ماسترياڻي“ ترجمو، ”دوکو“ ڪهاڻيون، ”مٿي سنڌ سڪار“ ڪهاڻيون، ”لينن جي انقلابي ڪهاڻي“ ترجمو، ”منهنجون بهترين ڪهاڻيون“ ڪهاڻيون، ”پاڻ ۾ويٺا آهيون“ ڪهاڻيون ۽ ڪالم، ”اوچا ڳاٽ پهاڙن جا“ ڪهاڻيون ۽ انٽرويو ۽”جبل مٿي باهڙي“ خط شامل آهن.
    سن 1989 ۾ مٿانئس فالج جو حملو ٿيو ته اسپتال بند ڪري گهرُ وسايائين. ڇهن سالن تائين مرض سان جنگ جوٽيائين ۽ آخرڪار 68 سالن جي عمر ۾ 25 آڪٽوبر 1995 تي لاڏاڻو ڪيائين. سنڌ ڌرتيءَ جي هن انقلابي اديب پنهنجي سموري حياتي ناحق جي پٽڪا ڊاهه ڪئي، بلڪل استاد بخاريءَ جي هنن سٽن مصداق:
    اسان آهيون سادا ، چئو ٿا، مڃون ٿا،
    مگر حق ۽ ناحق سڃاڻي وٺون ٿا.
    حقيقت جي قدمن کي نوڙي چُمون ٿا،
    ۽ ناحق جي پڳڙي لتاڙي وجهون ٿا.


    10. آدرشي انسان ۽ بيباڪ ڪهاڻيڪار جمال ابڙو

    ڪهاڻي جو تعلق انساني زندگيءَ سان ايترو ئي پراڻو آهي جيتري انساني تاريخ، ڇا لاءِ ته انسان جي پيدا ٿيڻ سان ئي هڪ ڪهاڻي جنم وٺي ٿي ۽ پوءِ ان سان لاڳاپيل مسئلن ۽ انهن جي حل لاءِ جدوجهد دؤران به ڪيتريون ئي ڪهاڻيون وجود ۾ اچن ٿيون. هونئن هر انسان به ته هڪ الڳ ڪهاڻي آهي يا وري ڪنهن ڪهاڻيءَ جو ڪردار، جيڪو سڄي ڄمار مختلف اسٽيجن تي پرفارم ڪندو رهي ٿو ۽ آخرڪار سندس ڪردار جي پڄاڻي ٿئي ٿي. ڪهاڻي زندگيءَ جو عڪس آهي يعني ڪهاڻيڪار ڪهاڻيءَ ذريعي سماج جو عڪس چٽي ٿو ته جيئن سماج اندر مثبت تبديليون اچي سگھن. سنڌي سماج ۾ جيڪا بدديانتي ۽ انياءُ آهي، انهيءَ حوالي سان ڪيترن ئي ڪهاڻيڪارن ڀرپور نموني لکيوآهي، جن مان بيباڪ ڪهاڻيڪار جمال ابڙي جو نالو نهايت اهم آهي. هو جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جي حوالي سان پيڙهه جي پٿر واري حيثيت رکندڙ آهي.
    جمال ابڙو 2 مئي 1924 تي ميهڙ جي ڳوٺ سانگين ۾ نامياري اديب ۽ تعليمدان علي خان ابڙي جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس ننڍپڻ وارا ڏينهن ڳوٺ ۾ ئي گذريا، جتي هن ابتدائي تعليم به حاصل ڪئي، جنهن کان پوءِ سندس والد نوڪريءَ سانگي لاڙڪاڻي ۾ رهائش اختيار ڪئي، جنهنڪري جمال ابڙي وڌيڪ تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ ورتي. سندس والد جي مختلف هنڌن تي تقررين جي نتيجي ۾ نورمحمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ ڇهين درجي ۾ داخل ٿيو. جڏهن ته مئٽرڪ ميرپورخاص جي هاءِ اسڪول مان ڪيائين. فرسٽ ايئر ۽ انٽر ڊِي جي ڪاليج مان ڪرڻ بعد اين اِي ڊي انجنيئرنگ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتائين پر پوءِ جلد ئي انجنيئرنگ واري شعبي کي خدا حافظ چئي قانون جي تعليم وٺڻ لڳو. سندس چوڻ موجب ”مون انگريزن جي نوڪري نه ٿي ڪرڻ چاهي، انهيءَ ڪري مون انجنيئرنگ ڪاليج ڇڏي لا ڪاليج ۾ داخلا ورتي“.
    جمال ابڙو انهن خوشنصيب ليکڪن مان هڪ هو، جن جي قلم جي نوڪ مان نڪتل هر اکر جي تاريخي حيثيت ۽ اهميت هوندي آهي. هن پهرئين ڪهاڻي ”هو حُر هو“ 1945 ۾ لکي، جڏهن سندس عمر 24 سال هئي. پاڻ بهترين ڪهاڻيڪار هئڻ کان علاوه گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ هو. هو مسلسل ڪم ڪرڻ جو عادي هو، کيس خاموش ٿي ويهي رهڻ کان چڙَ هئي. هن پنهنجي قلمي پورهئي سان سنڌي قوم ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، جيتوڻيڪ پاڻ ڪيترن ئي اعلى انتظامي عهدن تي فائز رهيو پر هن سچ لکڻ کان ڪڏهن به نه ڪيٻايو.
    جمال ابڙي پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات لاڙڪاڻي مان وڪالت سان ڪئي، جنهن بعد 1949 ۾ شهدادڪوٽ ۾ پبلڪ پراسيڪيوٽر طور مقرر ٿيو. 1952 ۾ کپري (سانگهڙ) ۾ سب جج ۽ ساڳئي حيثيت ۾ سکر، لاڙڪاڻو، خيرپورميرس، سجاول، ٽنڊو الهيار ۽ حيدرآباد ۾ نوڪري ڪندو رهيو. بعد ۾ کيس سيشن جج جي عهدي تي ترقي ملي. 1972 کان 1978 تائين سنڌ اسيمبليءَ جو سيڪريٽري، 1978 کان 1980 تائين ليبر ڪورٽ جو جج، 1981 کان 1982 تائين فيڊرل سروس ٽربيونل اسلام آباد جو ميمبر، 1984 کان 1985 تائي سنڌ اسيمبليءَ جو سيڪريٽري ۽ 1985 کان 1986 تائين اينٽي ڪرپشن جو چيئرمئن رهيو. اهڙيءَ ريت 10 اپريل 1986 تي ملازمت تان رٽائرمينٽ ورتائين.
    جمال ابڙي پنهنجي ڪهاڻين ۾ معاشري جي اهڙن ڪردارن جي پت وائکي ڪئي جيڪي اسان جي سماج ۾ بظاهر عزت دار ۽ پوتر آهن، جڏهن ته سندن اصل چهرا ڀيانڪ ۽ مڪروهه آهن. اهي مير، وڏيرا، پير هجن يا جاگيرداراڻي نظام جا چڱا مڙس. جمال ابڙو، اياز قادري ۽ غلام رباني آگرو سنڌي ڪهاڻيءَ جي ٽه مورتيءَ طور سڃاتا وڃن ٿا، جن ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ڪهاڻيءَ کي نئين زندگي ڏني،. اهو ئي سبب آهي جو سندن ڪهاڻيون اڄ به پڙهيون وڃن ٿيون. جمال ابڙي جيتوڻيڪ سڄي عمر ۾ رڳو سترهن ڪهاڻيون لکيون، پر اهي سترهن ئي ڪهاڻيون جديد سنڌي ڪهاڻي کيتر ۾ پنهنجي الڳ سڃاڻپ ۽ اهميت رکندڙ آهن.
    ”خميسي جو ڪوٽ“، ”پيراڻي“، ”منهن ڪارو“، ”بدتميز“، ”شاهه جو ڦر“، ”ماءُ جي جھولي“ ۽ ”پشو پاشا“ جھڙيون شاهڪار ڪهاڻيون جمال ابڙي پاران سنڌي ادب کي ڏنل اهڙا تحفا آهن جيڪي ايندڙ صدين تائين سنڌي ادب جو سرمايو رهندا. سندس ڪهاڻين جا اڪثر موضوع ظلم، جبر، ڏاڍ، سماجي ناانصافي، حقن جي لتاڙ ۽ اهڙا ڪُڌا ڪردار رهيا آهن جن غريب ۽ بي پهچ ماڻهن کي چيچلائي ماريو آهي. اهي ڪردار من گهڙت نه، پر جيئرا جاڳندا اسان جي سماج ۾ موجود آهن. سندس ڪهاڻيون سنڌي سماج جو آئينو آهن. جمال ابڙي جون سنڌي ادب ۾ ڪيل خدمتون وسارڻ جهڙيون نه آهن. وسارڻ جهڙي ڳالهه ته اها به ناهي جو هن پنهنجي اولاد مان بدر ابڙي جهڙو جاکوڙي محقق، تاريخ دان ۽ صحافي سنڌ کي ڏنو آهي، جنهن ڪيترن ئي شعبن ۾ اورچائي سان پنهنجي منهن ڪم ڪيو آهي. جمال ابڙي پهرين جولاءِ 2004 تي وفات ڪئي.


    11. عوامي ۽ مزاحمتي شاعر استاد بخاري

    شاعري من-اندر جو اڌمو به آهي ته روح جي رڙ پڻ. شاعر، تاريخ جا اهي فرد هجن ٿا، جي پنهنجي سوچ ۽ فڪر سان قومن جون تقديرون بدلائڻ جو ساهس رکن ٿا. اُهي شاعر جيڪي درٻاري ۽ سرڪاري داٻن ۽ دهمانن کان گھٻرائجي، سچ چوڻ واري ڪرت کان پٺتي ناهن هٽندا، اهي ئي حقيقي معنى ۾ ڌرتيءَ جا سچا سپوت ثابت ٿيندا آهن. اهڙن گھڻ ڳُڻن شاعرن ۽ پيارن انسانن مان استاد بخاري به هڪ آهي، جنهن پنهنجي شاعريءَ جي آڌار تي جھر جهنگ تائين پنهنجو آواز پهچايو ۽ ان آواز جا پڙاڏا هر طرف گونجڻ لڳا. استاد وٽ لفظ ٻڌا ٻانها ٿي بيٺل آهن. هن جي شاعريءَ ۾ انقلابي ۽ مزاحمتي انداز به آهي ته پيار جي پيچرن تي هلندڙ پريمين جا نازن وارا نخرا پڻ. هو پنهنجن شعرن ۾ ستايلن جي ڳلن تان ڪِرندڙ ڳوڙهن جي ڳالهه به ڪري ٿو ته غريب ۽ مظلوم ماڻهن جي دکن ۽ دردن جون ڪهاڻيون به بيان ڪري ٿو:
    وڌا وات ۾ ڇو اٿئي مُڱ زمانا،
    ستايو غريبن کي ڪنهن آ سچي ڪر!
    ڇڏي ڏي اجايا سجايا بهانا،
    حقيقت کڻي اڄ ته ، کيرئون اڇي ڪر!
    استاد جو انداز ئي نرالو آهي. هو عوامي شاعر آهي ان ڪري سندس ٻوليءَ جو انداز سڌو سادو ۽ کرو آهي، جيڪو هر ماڻهوءَ لاءِ سمجھڻ سولو آهي. سنڌ جي ناليواري شاعر مقصود گل لکيو آهي ته ”بخاري، ڀٽائيءَ جي ڀونءِ جو شاعر آهي. هو ڌرتيءَ ڌڻين جا جُھڳا سڙندي، گھر کان بي گھر ٿيندي ڏسي ٿو ته تڙپي ٿو پوي. حيدرآباد ۽ ڪراچي ته ڇا، پر جڏهن سڄي سنڌ کي بد امني جي باهه ۾ وڪوڙيل پسي ٿو، تڏهن غير انساني سوچ رکندڙ، جنوني جذبي واري، احساسن کان خالي، هر ڪٺور ماڻهوءَ سان مخاطب ٿيندي چوي ٿو:
    تنهنجي اک ۾ پُتـلي ناهي، پٿـري آهي،
    سنڌ سڙي پئي تنهنجي دل روئي به نه ٿي.
    تنهنجي بت ۾ رت جي بدلي ريتي آهي،
    خلق لڇي پئي تنهنجي دل ڇرڪي به نه ٿي.

    استاد بخاريءَ پاڻ ئي هڪ هنڌ لکيو هو ته ”آئون طبعي طور، مالهي مزاج ماڻهو آهيان، حسين رنگن، لذيذ هڳساڻ، شيرين نغمن جو پياسي، پر باغ کي جو باهه لڳائي ويو آهي، ته مان به ڀڙڪي پيو آهيان. حسن پرست پيار پوڄاري، امن جو علمبردار هوندي، جيون جياپي، امن آجپي لاءِ جھونجار بڻجي پيو آهيان. سُر ڪلياڻ، سورٺ، ڪوهياري ڳائڻ وارو ڪلاڪار ڪيڏاري ۾ ڪاهجي پيو آهيان. خوشيءَ کان نه، پر دل جليءَ کان، مَن مستيءَ کان نه، پر قومي غيرت ۽ تاريخي ضرورت کان، گھوگھي اچڻ تي اکيون ڦوٽارڻ، ڌاڙي لڳڻ تي ڌاڙ ڌاڙ ڪرڻ واري مجبوريءَ کان.“
    استاد قوم پرست شاعر هو جنهن وٽ ڌرتيءَ جي ماڻهن لاءِ درد هو، سنڌي ماڻهن جي لاءِ هن وڏا جتن ڪيا ته ڪنهن هڪ پلئـٽفارم تي گڏ ٿين ۽ ڪا انقلابي تبديلي اچي. هن جي سوچن جو ڪاٿو سندس ان وقت جي روزاني اخبارن ۾ ڇپجندڙ چؤسٽن مان بخوبي ڪري سگهجي ٿو، جن ۾ بار بار سنڌين جي ٻڌي ۽ ايڪي جي ڳالهه ڪئي اٿائين. سنڌي سماج ۾ ٿيندڙ ناانصافين جي ذڪر کان ويندي استادَ عالمي امن ۽ عالمي دهشتگردن تي به قلم کنيو. هن پنهنجي لکڻين ۾ مصلحت پسنديءَ کان ڪم ناهي ورتو ۽ هر لفظ سچ جو دامن جھلي لکيو آهي. استاد ڌرتيءَ سان پنهنجي محبت جو اظهار هن ريت ڪيو:
    ڪنول گل مان ڪوڪو نه ٿيندو نه ٿينــدو،
    بخاريءَ کان ڌوڪو نه ٿيندو نه ٿيندو.
    ملهائي نه جو ٿــڃ جيجــل جي لوڪو،
    اهڙو ڪو به ٿوڪو نه ٿيندو نه ٿيندو.

    استاد بخاري جو اصل نالو احمد شاهه هو. سندس جنم 16 جنوري 1930ع تي ٿيو. پاڻ سموري حياتي سنڌ ڌرتيءَ جا گيت لکندو ۽ مختلف ڪاليجن ۾ نوجوانن کي علم جو درس ڏيندو رهيو، جو پاڻ سنڌيءَ جو پروفيسر به هو. استاد 1950 کان وٺي ادبي محفلن ۾ اچي شعر پڙهڻ لڳو ۽ سندس شاعري پڻ مختلف ادبي رسالن ۾ ڇپجڻ لڳي ۽ ائين استاد جي شاعريءَ جھر جھنگ پهچي ماڻهن جي دلين ۾ جايون جوڙي ورتيون ۽ کيس پوري سنڌ ۾ عوامي شاعر طور سڃاڻپ ملي. سندس شاعريءَ جي ڇپيل ڪتابن ۾: ”ڪوڪڻ ۽ ڪلياڻ“، ”ڪاري ڪڪر هيٺ“، ڌرتي سرتي“، ”نه ڪم نبريو نه غم نبريو“، ”زندگي زندگي“، ”پير نه هٽن پوئتي“، ”اوتون جوتون“، ”ماندي ٿي نه مارئي“، ”وِلوِلو ۽ ووڪ“، ”وطن ۽ ويساهه“، ”هڙئي هيڄ وطن جا“، ”تڙ تڙ تيڏيان ڳالهيان“، ”گھڙيا سي چڙهيا“، ”گيت اسان جا جيت اسان جي“، ”لهر لهر دريا“، ”سوچون ڀڻڪا واڪا“، ”گيت گلابي ٻارن جا“، ”ميلا ملهالا“، ”لهري لهري ۾ لالاڻ“، ”ڳائي پيو جاڳائي پيو“، ”گلدستي ۾ گيت“ ۽ ٻيا مجموعا شامل آهن.
    استادُ، شاعر سان گڏ بهترين موسيقار به هو جو اڪثر پنهنجي شعرن جون ڌنون پاڻ ڪمپوز به ڪندو هو، ته ڳائيندو به هو. استاد تي لکيل مضمون ”استاد سان منهنجي واقفيت“ ۾ ننڍي کنڊ جي ڏاهي ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي راءِ ڏيندي لکيو هو ”استاد جي شاعري جاندار ۽ بامقصد آهي، سندس ڪتاب ”ڪوڪڻ يا ڪلياڻ“، ”لهر لهر دريا“، ”سوچون ڀڻڪا واڪا“ پڙهڻ جو موقعو مليو هو. اها هام نه هڻندس ته مون جيڪي ڪجهه پڙهيو آهي تنهن کي پوريءَ ريت سمجھيو به آهي، ڇو ته استاد اڄوڪي وقت ظلم ۽ ڏاڍ خلاف اتساهيندڙ انقلابي قسم جو شاعر ۽ نقاد آهي. سندس شاعري ۾ جيڪا اسان جي سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعريءَ واري شڪل آهي، تنهن مان هو روزمره جي مسئلن کي تاريخ جي واقعن سان ڳنڍي هڪ ابدي حيثيت ڏيو ڇڏي.“
    استاد هر وقت ماڻهن کي همتون، حوصلا ۽ روشنين ڏانهن ويندڙ دڳ ڏسيا، هو اُداسين ۽ مايوسين جو قائل نه آهي، پنهنجي پڙهندڙ کي هر شعر ۾ اهو ئي پيغام ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي اٿائين ته جيڪڏهن گڏجي جستجو ۽ جاکوڙ ڪبي ته منزلون اسان جي قدمن کي اچي چمنديون، پر شرط آهي ته اسان ۾ اهي منزلون حاصل ڪرڻ جون جرئتون هجن.
    کڻي ڪنڍيون گلابي موسمون پهتيون،
    ڪري سينگار سهڻيون منزلون پهتيون.
    مڃينديون مات جھڪنديون مشڪليون پهتيون،
    جتي تنهنجون ۽ منهنجون جرئتون پهتيون.
    استاد جي شاعري قومي ۽ سياسي جلسن کان وٺي ادبي محفلن تائين هر پروگرام ۾ پڙهي وڃي ٿي. سچ ته ڪوبه ميڙ استاد جي شاعريءَ کان سواءِ اڌورو ۽ اڻ پورو محسوس ٿيندو آهي. جيئن جيئن وقت جا ڪانٽا تيزيءَ سان استاد جي وڇڙي کي پراڻو ڪري رهيا آهن، تيئن تيئن هن جي شاعري مان نيون نيون معنائون دريافت ٿي رهيون آهن. تخليق جي زندگي اها ئي هجي ٿي جو پاڻ سان گڏ پنهنجي تخليقڪار کي به زنده رکندي اچي ٿي، اهو ئي سبب آهي جو استاد بخاري پنهنجي امر تخليقن سبب اسان جي دلين ۾ زنده آهي.
    نامياري دانشور، محقق ۽ شاعر تاج جويي استاد جي وفات تي تعزيتي نوٽ بڪ ۾ لکيو هو ”ڪشنچند بيوس ۽ نارائڻ شيام کان پوءِ استاد بخاري اهو عظيم نالو هو جنهن جي وفات سان سنڌ جي شاعريءَ جو هڪ اهم باب پورو ٿيو. استاد خوددار ۽ حوصلي وارو انسان هو، اهڙا انسان ئي موت کي شڪست ڏيندا آهن.“ استاد پاڻ ئي موت سان سان مخاطب ٿيندي چيو:

    مٿي ۾ اٿئون زندگيءَ جي هوا،
    اسين تيز رفتار آهيون سو آهيون.
    اڙي! موت ساهت جي رستي مٿان،
    اسين توتي هسوار آهيون سو آهيون.

    استاد بخاري نه رڳو هڪ عوامي شاعر پر وطن دوست دانشور ۽ بهادر اڳواڻ به هو، اهڙو اڳواڻ جنهن ذهن تيار ڪيا، جنهن ماڻهن کي هر مشڪلات جي وقت ۾ ثابت قدم رهڻ جو سنيهو ڏنو، هن پنهنجن شعرن ۾ سنڌي قوم کي جو گس ڏسيو، ان گس جو ڏس اڄ تائين پنهنجي اهميت رکي ٿو. هو قومي جذبي سان سرشار هيو، ان ڪري اول ۽ آخر گھڻو تڻو سنڌ ئي هن جي شاعريءَ جو موضوع رهي. هن قوم جي جيالن ۽ جھونجھارن کي سدائين سلام پيش ڪيو ۽ ڌرتيءَ جو مانُ مٿاهون ڪندڙن کي مانُ ڏنو.
    جو قوم جياري جيئندو رهندو،
    جو عام اجاري اهو جيئندو رهندو.
    مون کي تاريخ ۽ تقدير ڏنـي پـڪ آهي،
    جو سنڌ سنواري اهو جيئندو رهنـدو.
    استاد قوم کي جيئارڻ جي ڳالهه ڪئي، عام کي اجارڻ جي ڳالهه ڪئي، اهو ئي سبب آهي جو استاد پاڻ به اسان ۾ موجود آهي ۽ ايامن تائين رهندو. جيسين سنڌي قوم ۽ سنڌ جو نعرو هڻڻ وارو هڪ به جوڌو ۽ جوان هوندو تيستائين استاد به زنده رهندو، جو هُن هر وقت سجاڳيءَ جا سڏ ڪيا، پنهنجي قوم کي هر لمحي عملي طرح جدوجهد لاءِ بيدار ڪيو ۽ قومي ايڪتا جي ڳالهه ڪئي.
    استاد بخاري ٻه ڀيرا، پهريون مارچ 1990 ۾ ۽ ٻيو ڀيرو فيبروري 1992 ۾ لنڊن ويو، جو کيس ڪينسر جو عارضو هو. انهيءَ ناسور آخرڪار 9 آڪٽوبر 1992 تي اسان کان استاد کسي ورتو.


    12. محقق، نقاد ۽ تعليمدان ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو

    تحقيق ۽ تنقيد ادب جا ٻه انتهائي اهم شعبا آهن، جن کان سواءِ ڪنهن به ٻوليءَ جو ادب اڌورو هوندو آهي. انهيءَ حوالي سان جڏهن سنڌي ادب جو ذڪر ڪبو ته انهن ٻنهي اهم شعبن ۾ خاطر خواه ۽ ذاتيات کان مٿاهون ٿي ڪم ڪرڻ جي اڃا به تمام گهڻي ضرورت محسوس ٿئي ٿي. تحقيق ۽ تنقيد وارن شعبن ۾ سنڌي ادب ۾ جن اديبن قابلِ ذڪر ڪم ڪيو آهي، تن ۾ گهڻ پڙهيي ۽ گهڻ رُخي ليکڪ ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي جو نالو نهايت اهميت وارو آهي.
    ڊاڪٽر الهداد ولد محمد علي ٻوهيو 8 آگسٽ 1934 تي ڳوٺ گهوگهاري، تعلقي قنبر ۾ جنم ورتو. سنڌي تعليم ڳوٺ، ابتدائي انگريزي تعليم وڳڻ ۽ مئٽرڪ پائليٽ اسڪول لاڙڪاڻي مان 1953 ۾ ڪيائين. 1957 ۾ گورنمينٽ ڪاليج لاڙڪاڻي مان بي اي ۽ ايم اي (انگريزي ادب) ۾ 1966 ۾ پاس ڪيائين، جنهن کان پوءِ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي سربراهيءَ هيٺ پي ايڇ ڊي ڊگري لاءِ مقالو ”سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج“ لکي 1977 ۾ مڪمل ڪيائين. جيتوڻيڪ ٻوهيي صاحب کي هڪ سٺي ليکڪ طور اڳ به سڃاڻپ هئي پر سندس پي ايڇ ڊي واري مقالي کيس سنڌي ادب ۾ هڪ دانشور ۽ محقق واري نئين سڃاڻپ ڏني. سندس پي ايڇ ڊي جي ٿيسز 1978 ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي پاران ڪتابي صورت ۾ ڇپائي وئي. جيتوڻيڪ ڊاڪٽر ٻوهيي ادب ۾ پهريون پير بحيثيت شاعر رکيو هو ۽ سندس تخلص ”عاصم“ هو، پر اڳتي هلي سندس سڃاڻپ جو حوالو ٻولي، تحقيق ۽ تنقيد بڻيو. ڊاڪٽر صاحب سائنسي بنيادن ۽ نوَن اصولن کي متعارف ڪرائي تحقيق جي علم کي جديد انداز ۾ پيش ڪيو. سندس مزاج پاڻ پڏائڻ بجاءِ خاموشيءَ سان پنهنجي مُنهن ڪم ڪرڻ وارو هو. هن ڪڏهن به ڪي وڏيون دعوائون نه ڪيون پر سندس ڪيل تحقيقي پورهيو ڪيترن ئي نام نهاد اديبن جي ڪم کان اڄ به مٿاهون آهي.
    ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو پهرين آگسٽ 1958 ۾ انگريزي استاد طور گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ مقرر ٿيو. 1967 ۾ ڪمپريهينسوِ هاءِ اسڪول جو پرنسيپل ۽ پوءِ گريڊ سترهين ۾ ريجنل ايڊيوڪيشن سينٽر خيرپور ۾ چيف انسٽريڪٽر مقرر ٿيو. جنهن بعد 1979 ۾ ڊائريڪٽر اسڪولس لاڙڪاڻو ڊويزن ۽ ڊائريڪٽر اسڪولس ميرپور خاص ڊويزن مقرر ٿيو، جتي آخري عمر تائين فرائض انجام ڏنائين. ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي ڪيترائي ڪارائتا ڪتاب لکيا جن ۾ ”سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج“، ”تنقيدون“، ”ڇند وِديا“، ”آئين“ (تاريخ ۽ پبلڪ پاليسي)، ”علم تحقيق“ ،”ادب جا فڪري محرڪ“، ”دي ٽيلس ري ٽولڊ“ (انگريزي)، ”ڪتب خانو“ ، ”سماجي تبديليءَ جي رٿابندي“، ”سنئون سڌو رستو“(ناول)، ”ٻولي ۽ ٻوليءَ جي تعليم“، ”چونڊي ڪڻو ڪڻو“ (شاعري)، ”تحريرون“ (مضمون)، ”ارسطوءَ کان روسو تائين“، ”تعليم اور معاشرتي تقاضي“ (اردو) شامل آهن.
    ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي سماجي مسئلن تي سنجيدگيءَ سان ويچاري انهن جي حل لاءِ پُر مغز مقالا لکيا. سياست، تاريخ ۽ تعليمي مسئلا سندس مَن پسند موضوع هئا، جن تي پاڻ ڪيترائي مضمون، مقالا لکيائين ۽ ليڪچر ڏنائين. هن جي گفتگو مدلل ۽ معلومات سان ڀرپور هجڻ کان علاوه انهيءَ حوالي سان به دلچسپ هوندي هئي جو سندس ڳالهائڻ جو انداز وڻندڙ هو. لسانيات جهڙي ڳوڙهي موضوع تي هن تمام گھڻي محنت ۽ دلچسپيءَ سان ڪم ڪيو. کيس سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جو تمام گھڻو اونو هو، جنهن سبب مختلف شهرن ۾ ”تعليمي تباهيءَ جا ڪارڻ“ جي عنوان تحت سيمينار ۽ گڏجاڻيون به منعقد ڪرايائين. هن تعليمي ڪامورن جيان روايتي انداز اپنائڻ بجاءِ عملي طرح اهڙا ڪم ڪيا جن سان تعليمي ادارن ۾ بهتر تبديلين جي شروعات ٿي.
    ڊاڪٽر ٻوهيي ادب جي مختلف صنفن تي جديد ۽ سائنسي انداز ۾ ڪيترائي اهڙا تحقيقي مقالا لکيا جن سمورن کي جيڪڏهن گڏ ڪري ڪتابي صورت ۾ آندو وڃي ته سنڌي ادب جي شاگردن لاءِ اهو ڪتاب پڻ انتهائي ڪارائتو ۽ لاڀائتو ثابت ٿيندو. ڪتاب ”علم تحقيق“ پڻ سنڌي ادب جي شاگردن لاءِ هڪ بنيادي ۽ اهم ڄاڻ جي کاڻ آهي، جيڪو ٻوهيي صاحب جي قلم جي ئي ڪاوش آهي. هن شخص پنهنجي منهن جيڪو علمي، ادبي ۽ تحقيقي ڪم ڪيو سو يقيناً ڪنهن اداري جهڙي ڪم کان گهٽ نه هو. پاڻ صحت متاثر ٿيڻ باوجود به مسلسل علم و ادب جي واڌاري ۽ سنڌي سماج ۾ جاڳرتا آڻڻ لاءِ لکندو رهيو ۽ آخر تائين ان مورچي تان جدوجهد ڪندو رهيو.
    سنڌي ٻولي ۽ ادب جو هي گهڻ گُهرو اديب، محقق، نقاد، شاعر، ڪهاڻيڪار، مقرر ۽ استاد 16 جولاءِ 1994 تي ٽنڊو آدم ۾ هڪ سيمينار کي خطاب ڪندي دل جو دورو پوڻ سبب وفات ڪري ويو.


    13. جديد سنڌي شاعريءَ جو اهم حوالو ڊاڪٽر تنوير عباسي

    سنڌ جي تاريخ جو مطالعو ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته مختلف شعبن ۾ هن ڌرتيءَ ڪيئي ڏاها ۽ ڏات ڌڻي ڄڻيا آهن. هن ڀونءِ جو چپو چپو سونهن، سينگار، سرت ۽ ساڃاھ سان مالا مال آهي. ادبي شعبي جو جائزو وٺبو ته سنڌي ادب ۽ خصوصاً جديد سنڌي ادب جي اوسر ۾ جن شخصيتن نهايت اهم ۽ فعال ڪردار ادا ڪيو آهي، انهن ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي جو نالو نهايت ئي نمايان حيثيت جو حامل آهي.
    سنڌي ادب کي دؤرن ۾ ورهائبو ته هوند ڪيئي دؤر جُڙي پوندا، پر فڪري حوالي سان بنيادي طور سنڌي ادب جا ٻه نمايان دؤر آهن. پهريون ڪلاسيڪي دؤر ۽ ٻيوجديد دؤر. ڪلاسيڪي دؤر ۾ اسان جي شاعرن ۽ بزرگن سنڌي ادب کي اهڙو بنياد فراهم ڪيو جنهن جي ٻَلَ تي جديد ادب جي بهتر ارتقا ۽ اوسر ٿي سگھي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڊاڪٽر تنوير عباسي جديد سنڌي ادب جي گھڻگھرن ليکڪن مان هڪ هيو.
    ڊاڪٽر تنوير عباسي جو نالو سنڌ جي انهن ڳاڻ ڳڻين اديبن، شاعرن ۽ دانشورن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو، جن سنڌي ادب جي عمارت سازيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. تنوير عباسي ادبي ميدان ۾ گھڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ هو، جو هو هڪ ئي وقت سهڻو شاعر ۽ بهترين نثر نگار هو. سندس فڪري ارتقا جو جائزو وٺڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته هو سڀ کان پهريان هڪ شاعر جي روپ ۾ ادبي ميدان ۾ آيو ۽ شاعريءَ واري ڪاڪ محل ۾ پنهنجو وجود وڃايو. هن نثر کان وڌيڪ نظم کي چاھ جي نگاھ سان ڏٺو. اهڙو ئي اظهار هن پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ به ڪيو هو ته ”ننڍي هوندي ئي مون کي نثر کان وڌيڪ نظم سان لڳاءُ هو، جيڪي درسي ڪتاب هوندا هئا انهن ۾ مون کي نظم وڌيڪ وڻندا هئا پوءِ چاهي انگريزيءِ ۾ هجن چاهي سنڌيءَ ۾.“
    تنوير عباسيءَ جي ڇٺيءَ جو نالو نور نبي ولد گل حسن آهي. سندس جنم 7 ڊسمبر 1934 ۾ ڳوٺ سوڀي ديري، ضلعي خيرپور ميرس ۾ ٿيو، ميٽرڪ اين.جي.وي هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان، انٽر گورنمينٽ سائنس ڪاليج ڊي.جي سنڌ ڪراچيءَ مان ڪيائين، جنهن کان پوءِ ايم بي.بي ايس لياقت ميڊيڪل ڪاليج حيدرآباد مان 1960ع ۾ پاس ڪيائين.
    ڊاڪٽر تنوير عباسي جو پهريون شعر 1950 ۾ رسالي ”فنڪار“ حيدرآباد ۾ شايع ٿيو. سندس شاعريءَ جي مجموعن ۾: ”رڳون ٿيون رباب“ 1958، ”شعر“ 1970، ”سج تريءَ هيٺيان“ 1977، ”هيءَ ڌرتي“ 1985، ”تنوير چئي“ 1989، ”ساجن سونهن سرت“ 1996 شامل آهن. سندس ڇپيل ٻين ڪتابن ۾، ’ٻاراڻا ٻول‘ 1973، ’جديد سنڌي شاعري‘ 1981، ’شاهه لطيف جي شاعري‘ جلد پهريون 1976، ’شاهه لطيف جي شاعري‘ جلد ٻيو 1985،’ شاهه لطيف جي شاعري‘ جلد ٽيون (جلد پهرئين ۽ ٻئي سان گڏ ڇپيل) 1989، ’نانڪ يوسف جو ڪلام‘ 1982، ’خير محمد هيسباڻي جو ڪلام‘ 1983، ’ڏوري ڏوري ڏيهه‘ 1984، ويٽنامي ناول جو ترجمو ’جي ماريا نه موت‘ 1973، سچل سرمست يادگار ڪميٽي خيرپور جي ڪتابي سلسلي’سرمست‘ جا 9 جُلد سهيڙيل 1980 کان 1989 ۽ مضمونن، خاڪن، يادگيرين، انٽرويو ۽ دبئي جي سفر نامي جو مجموعو’ترورا‘ 1988، شامل آهن. ان کان علاوه ادب ۽ سماج جي حوالي سان لکيل سندس سئو کان وڌيڪ مقالا مختلف تحقيقي جرنلس ۽ رسالن ۾ ڇپيل آهن.
    تنوير عباسي جي شاعريءَ جو جائزو وٺڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته آغاز ۾ هن روايتي شاعريءَ کي اپنايو. اهو جميعت الشعراءَ جي عروج جو زمانو هو. سڄيءَ سنڌ تي شاعريءَ جي موسم لٿل هئي. سنڌ جي ڪنڊ ڪُڙڇ ۾ مشاعرا ۽ ادبي ڪانفرنسون منعقد ٿينديون هيون، پر ان دؤر جي گھڻن شاعرن تي فارسي شاعريءَ جو رنگ چڙهيل هيو، جنهن ۾ فڪر کان وڌيڪ فن تي ڌيان ڏنو ويندو هو. تنوير عباسي انهيءَ سموري ماحول کان متاثر ٿيو ۽ جميعت الشعراء جي ان وقت جي صدر ڊاڪٽر ابراهيم خليل کان باقاعده علم عروض جي سکيا پڻ ورتي. سندس اهڙي شاعري جيڪا وزن، بحر جي سخت پابند ۽ شعري صنعتن سان جھنجھ ۽ فارسي لفظن ۽ ترڪيبن سان ڀرپور نظر اچي ٿي، تنهن مان مثال طور چند شعر پيش آهن:
    داغهائي دلِ ويران کي ڏسي رهنداسيـن،
    ٿيندي گلزار بيابان کي ڏسي رهنداسين.
    ڊاڪٽر تنوير عباسي جي مٿين قسم جي شاعري سندس شعري مجموعي ”رڳون ٿيون رباب“ ۾ ملي ٿي. سندس اهڙي شاعريءَ جو دؤر 1950 کان 1958 تائين يعني فقط اٺن سالن تي محيط آهي، پر ساڳئي ئي دؤر ۾ ساڳئي مجموعي ۾ ”نئين مارئي“ جهڙا سندس شاهڪار نظم به شامل آهن. ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ مطابق ”سندس نظم ’نئين مارئي‘ بلڪل هڪ نئين انداز ۽ موجوده دؤر جي ڪردار کي پيش ڪري ٿو، جنهن ۾ اُمنگ آهي، جوش جذبو آهي، وٽس لڙڪ نه پر چڻنگون آهن، هو سڏڪا نه ٿي ڀري پر باھ ٿي لڳائي. هو محلن ۾ مجبور نه ٿي رهي پر زنجير ٽوڙي ٿي، هو مارن ڏي مدد لاءِ واجھائي نه ٿي پر پنهنجي مدد پاڻ ڪري ٿي، هو جُھڪي نه ٿي پر جھڪائي ٿي. اهوئي آدرشي ڪردار آهي تنوير وٽ ۽ اهڙن سورمن ۽ سورمين جي ضرورت آهي. جڏهن سنڌ ۾ مزاحمتي تحريڪ ۾ عورتن حصو ورتو، هنن جيلن جون سختيون سهي روشن خيال فڪر جو سربلند ڪيو، ’نئين مارئي‘ بلڪل اهڙي امنگ ۽ اميد کي جاڳائڻ وارو نظم آهي.“
    ڊاڪٽر تنوير عباسي ۽ سندس ساٿي يورپ جي مشهور ادبي تحريڪ ”ترقي پسند تحريڪ“ کان متاثر ٿيا ۽ سندن فڪر ۾ واضح تبديلي آئي. هاڻي ادب ۾ حقيقت نگاري، جي ڳالھ ٿيڻ لڳي. هاڻي سندس شاعري گل و بلبل، ساغر و مينا، ساقي و ميڪده کان گھڻو ٻاهر نڪري آئي هئي. هن پنهنجي همعصر شاعر دوستن شيخ اياز، نارايڻ شيام، هري دلگير، عبدالڪريم گدائي ۽ نياز همايوني وغيره سان گڏجي شعوري طور سنڌي شاعريءَ ۾ اهي فڪري تبديليون آنديون جنهن ۾ جديد دؤر جي مدِ نظر سنڌي شاعريءَ ۾ ڌرتي، قوم ۽ عوام جي ڏکن کان وٺي ظلم ۽ ڏاڍ خلاف آواز بلند ڪرڻ جهڙا موضوع سمايل هئا. انهيءَ حوالي سان تنوير جون هي سٽون ڏسو:
    سنڌڙي منهنجا سارا ڳوڙها تنهنجا آهن،
    منهنجي جرئت منهنجي همت تولاءِ آهي.
    منهنجي قوت منهنجي طاقت تو لاءِ آهي،
    ٻانهن ۾ جيڪو آ ٻَلُ سو تو لاءِ آهي.

    هن سموري عرصي ۾ تنوير جي شاعريءَ ۾ بغاوت جي بلند نعرن جي گونج سان گڏ سندس لفظن ۾ همت ۽ حوصلي جا هٿيار به نظر اچن ٿا. هُو انهيءَ همت ۽ بهادريءَ جي ٻل تي انڌيري کي اجالي ۾ دٻجندي ڏسي ٿو ۽ سندس مايوسي اميد ۾ مٽجي وڃي ٿي:
    هي ظلمتون ۽ هي اونڌاهين جا واچوڙا،
    سدائين ڪين ڏيئن جون دليون ڏڪائيندا.
    هي ذرا نور جا يعني هي چمڪندڙ تارا،
    ملي جي هڪ ٿيا ته سج ڪو نئون اڀاريندا.

    ڊاڪٽر تنوير عباسي جي مٿئين قِسم جي شاعري سندس شعري مجموعن ”شعر“، ”هيءَ ڌرتي“ ۽ ”سجُ تِريءَ هيٺان“ ۾ شامل آهي. غلام محمد گرامي تنوير جي شاعريءَ تي ڏاڍي ڪارائتي راءِ ڏني هئي ته: ”تنوير عباسي پنهنجي فن ۽ شاعريءَ جي هرهڪ صنف کي حسين کان حسين بنائڻ جي لاءِ فني تجربا ڪيا آهن. انهيءَ کيس ادب ۾ وڏو مقام ڏنو آهي، ان لحاظ سان سنڌي ادب ۾ چوٽيءَ جي وڏن شاعرن ۾ کيس جڳھ ملي چُڪي آهي. محبت، باهمي اُخوت، انسانيتِ عامه جو شعور ۽ حُب الوطني سندس فن جا مکيه عناصر آهن.“
    ڪتاب ”سج تريءَ هيٺان“ جي مهاڳ ۾ نامياري شاعر امداد حسيني لکيو آهي ته: ”تنوير پنهنجي لفظ لفظ سان کرو ۽ سچو آهي.“ تنوير عباسيءَ جي شاعري مقصديت واري شاعري آهي. هن پنهنجي سوچن کي خواھ مخواھ گُهٽيو نه آهي بلڪه هن کي جيڪا ڳالھ صحيح لڳي، کُلي عام چئي ڏنائين.“ امداد حسينيءَ جي انهيءَ راءِ جي شاهديءَ طور تنوير جا ڪيترائي نظم پيش ڪري سگھجن ٿا، جن ۾ فقط سچ جو پڙاڏو ٻُڌڻ ۾ ايندو. اهي نظم سندس روح جو آواز آهن. اهڙو آواز جنهن ۾ درد به آهي، صدا به آهي، تلخي به آهي ته بيباڪي به.
    تنوير عباسي شاعريءَ جي مڙني صنفن ۾ طبع آزمائي ڪئي، جن ۾ غزل، نظم، آزاد نظم، نثري نظم، گيت، بيت ۽ وائي وغيره شامل آهن. ان سان گڏ و گڏ سنڌي شاعريءَ ۾ جاپان جي مقبول صنف ”هائڪو“ کي سنڌي جو روپ ڏئي سنڌي ادب ۾ هڪ نئين صنف متعارف ڪرائي. مجموعي طور ڊاڪٽر تنوير جي شاعري اسان جي سماج جي ڏکن سُکن ۽ ڌرتيءَ جي ڀرپور نمائندگي ڪري ٿي. سندس شاعريءَ جي مطالعي بعد معاشري جو هر فرد ان ۾ پنهنجي پنهنجي احساسن جو اولڙو پسي ٿو جيڪا ڊاڪٽر جي شاعريءَ جي تمام وڏي خصوصيت آهي.
    تنوير عباسي جي 25 نومبر 1999 تي اسلام آباد ۾ وفات ٿي، سنڌ ڌرتيءَ جو هي سپوت ڪوهين ڏور اسلام آباد ۾ مدفون آهي، پر جڏهن به جديد سنڌي ادب جو ذڪر ايندو ته ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو نالو جديد سنڌي شاعرن جي صف ۾ نهايت ئي مانائتو ۽ معتبر ليکيو ويندو.


    14. سنڌي ڪهاڻيءَ جو امر نانءُ امر جليل

    سچ امر آهي جيڪو ڪڏهن به فنا ٿي نه ٿو سگهي. دنيا جي تاريخ ان ڳالهه جي شاهد آهي ته سچ جي ٻيڙي لڏندي ضرور آهي پر ڪڏهن به ٻڏندي ناهي. سچ جو ساٿ ڏيندڙ مهان انسانن جو نالو اڄ به ”امر“ آهي. اسان جي معاشري ۾ جتي ظلم، ڏاڍ ۽ ناانصافي جو راڄ آهي اتي اهڙا ماڻهو به آهن جيڪي ظلم جي ان ڪاري رات کي چٽو ڏينهن چوندا رهن ٿا! انهن پنهنجي ضميرن جو سودو ڪري پنهنجي چپن تي منافقيءَ جا تالا هڻي ڇڏيا آهن! اهڙي بي حسي واري ماحول ۾ ڪيترائي اهڙا بيباڪ ليکڪ آهن جن قلم کي تلوار جي ڌار بڻائي هر دور ۾ بهادري ۽ برجستگيءَ سان مزاحمت ڪئي آهي. پنهنجي لکڻين ذريعي سجاڳيءَ جا سڏ ڪري ماڻهن کي متوجه ڪيو آهي.
    هي وقت هٿن مان ڪين وڃي،
    هي وقت آ وک وڌائڻ جو.
    ها موٽڻ مهڻو ٿا سمجهون،
    هي وقت آ قسمت ٺاهڻ جو.

    جن اديبن قلم ذريعي پنهنجو هاڪاري ڪردار نڀائيندي ماڻهن ۾ جوش ولولو جاڳرتا ۽ جذبو پيدا ڪري کين اهو احساس ڏياريو ته ظلم ۽ ڏاڍ جي ڪوٽن کي ڊاهي پٽ ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌڻ گهرجي ۽ سنڌ جي حقن جي لتاڙ ڪندڙن کي لتاڙي وڃجي. اهڙن باضمير، جرئتمند ۽ بيباڪ ليکڪن ۾ سرِ دار سچ جو جهنڊو ڦڙڪائيندڙ اديب امر جليل جو نالو انتهائي مٿاهون ۽ معتبر آهي، جنهن هن ڌرتيءَ واسين کي پنهنجي لکڻين ذريعي روشنيءَ جون راهون ڏسيون ۽ هر ڏاڍ خلاف مزاحمت ڪئي.
    8 نومبر 1936 تي روهڙيءَ ۾ جنم وٺندڙ قاضي عبدالجليل اڳتي هلي ادبي دنيا ۾ امر جليل جي نالي سان هڪ بلند پائي جي ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار، ناول نويس ۽ ڪالم نگار طور ڄاتو ويو، ماڻهو جنهن جي لکڻين جا ديوانه بڻجي ويا. اهي سندس لکيل ڪهاڻيون هجن، ڪالم هجن، ڊرامه هجن يا ناول. امر جليل جي لکڻين ۾ پنهنجو الڳ نَشو آهي جيڪو روح کي راحت ڏئي ٿو. جيتوڻيڪ امرجليل کي بنيادي طور هڪ ڪرڪيٽ جي ڀلوڙ رانديگر طور سڃاتو ويندو هو پر ادب ۾ سندس خاص دلچسپي هئڻ سبب هن شروعات ۾ ڪجهه ادبي پروگرامن ۾ شرڪت ڪئي جن مان کيس لکڻ جو اتساهه مليو ۽ ائين هن لکڻ شروع ڪيو. امر جون ڪهاڻيون جڏهن مختلف رسالن ۾ ڇپجڻ لڳيون ته کيس ڀرپور موٽ ملي، ڇا لاءِ ته هن جي لکڻين جو انداز ڪجهه مختلف ۽ غير روايتي هو يا کڻي ائين چئجي ته هن پنهنجو هڪ الڳ انداز متعارف ڪرايو جنهن انداز سبب ئي هو پڙهندڙن جو محبوب ليکڪ بڻجي ويو.
    امرجليل جي مشاهدي واري اک تمام گهري آهي جو هو هر چُرندڙ پُرندڙ شيءِ تي نظر رکي ٿو منظرنگاري کان ويندي جملن جي جوڙجڪ تائين سندس ڪهاڻي پڙهندڙ کي مڪمل طورگرفت ۾ آڻيو ڇڏي، هن پنهنجي ڪهاڻين ۾ اڪثر سماج جي پيڙهيل طبقي کي موضوع بڻايو آهي ۽ روزاني زندگيءَ جي ننڍڙن ننڍڙن واقعن کي اهڙي مهارت سان پيش ڪيو آهي جن تي اسان جو توجه گهٽ يا نه هئڻ برابر هوندو آهي. اهي ننڍڙا واقعا اسان جي زندگيءَ تي ڪيترا اثرانداز ٿين ٿا سو اندازو اهڙين ڪهاڻين کي پڙهي ئي ڪري سگهجي ٿو. هونئن به ڪنهن ليکڪ جو مشاهدو عام ماڻهن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هجي ٿو، جو هو هر شيءِ کي پرکڻ بعد ئي ان تي راءِ ڏئي ٿو، يا ان جو ڪو نئون پهلو نروار ڪري ٿو. امرجليل پنهنجي لفظن ۽ جملن کان تير ۽ خنجر جو ڪم ورتو آهي. انهن تيرن جو رُخ همشه اهو ڪلاس ئي رهيو آهي، جنهن مسڪين ۽ اٻوجهه ماڻهن جو رت چوسيو آهي. امر جي لکڻين جو انداز سڌو دل تي اثر ڪندڙ آهي. جيڪي ماڻهو دل ۽ دماغ کان خالي شيشن جي محلن ۾ ويهي سڀ ٺيڪ آهي وارو راڳ ٻڌڻ جا شوقين آهن انهن تي اهي لفظن جا بم ۽ بارود بار ضرور ڪندا آهن ڇا لاءِ ته اهي جملا دونهون ضرور دکائن ٿا جيڪو انهن واڳ ڌڻين جي اکين تائين به پهچي ٿو.
    امرجليل جي ڪهاڻين جا ڪردار من گهڙت يا فرضي نه آهن بلڪه اهي اسان جي ئي ارد گرد گهمندڙ ڦرندڙ آهن، جن جو ڳانڍاپو هڪ ئي وقت ماضي حال ۽ مستقبل سان آهي. امر جو انوکو انداز قاريءَ کي عجيب سحر ۾ وٺي ٿو ڇڏي، جو ماڻهو سندس مارڪيٽ ۾ ايندڙ نئون ڪتاب پهرئين ساعت ۾ ڏسندي ئي خريد ڪري ٿا وٺن. نامياري اديب غلام محمد گرامي امر جليل بابت راءِ ڏيندي لکيو آهي ته: ”امر جليل جو فن هر دور جي معاصر فنڪارن ۾ انفرادي اسلوب ۽ تاثر جو هڪ عجيب انداز پيدا ڪري چڪو آهي جنهن کي محسوس ڪري سگهجي ٿو، پر بيان نه ٿو ڪري سگهجي. تاهم مختصر نموني ۾ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪرايان ٿو، امر جليل جو ڪجهه به لکيو آهي سو فنَ جو اعلى مثال آهي غير پختا ذهنن کي ڪن هنڌن تي امر جليل جي فن مان اجنبيت ضرور محسوس ٿيندي پر ان ۾ نه فن جو ڏوهه آهي، نه فنڪار جو گناهه آهي، پنهنجو ذوق ئي خام هوندو، ورنه فن پنهنجي جزالتجي حيثيت سان اعلى مقام تي آهي.“
    امرجليل پنهنجي اندر هڪ تحريڪ آهي هو اڄ تائين به ٿَڪيو ناهي. هن ساهه ناهي پٽيو. هو لکندو رهيو آهي مسلسل. تمام وڏيون وڏيون ۽ تلخ ڳالهيون طنز ۽ مزاح واري انداز ۾ ڪرڻ جو فن جيڪو امر وٽ آهي سو ٿورن ليکڪن ۾ ملندو. سندس پهرئين ڪهاڻي ”اندرا“ رسالي ”ادا“ نواب شاهه جي آگسٽ 1955 واري شماري ۾ شايع ٿي، هن ڪيترائي ڊرامه لکيا جن ۾ ”انسان“، ”درياهه توتي دانهن“، ”سڄڻ سفر هليا“، ”زخم زندگيءَ جا“، ”اونڌهه ۽ روشني“، ”مٽيءَ جا ماڻهو“، ”هوندا سي حيات“، ”عيد ٿي وئي“، ”دوزخ“، ”ماءُ“، ”فرمانبردار“ ۽ ٻيا شامل آهن. هندستان مان نڪرندڙ رسالي ”ڪونج“ پاران ڪرايل ”هند سنڌ ڪهاڻي چٽاڀيٽيءَ“ ۾ امر جي ڪهاڻي پهريون انعام ماڻيو، ”روح رهاڻ“ رسالي طرفان 1965 ۾ کيس ادبي انعام ڏنو ويو، ڪتاب ”دل جي دنيا“ تي پاڪستان رائيٽرس گلڊ ۽ سنڌالاجي سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان 70-1969 جو ادبي ايوارڊ مليو، ڪتاب ”جڏهن مان نه هوندس“ کي سال 1971 جو پاڪستان رائيٽرس گلڊ طرفان ادبي ايوارڊ مليو، مهراڻ آرٽ اڪيڊمي پاران 1972 جو بهترين مڪالمه نويس ايوارڊ فلم ”گهونگهٽ لاهه ڪنوار“ تي مليو، اهڙي ريت امر جليل کي مليل ايوارڊس جي هڪ تمام وڏي فهرست آهي جنهن تي هڪ الڳ مضمون لکي سگهجي ٿو.
    امرجليل جي ڇپيل ڪتابن ۾: ”دل جي دنيا“، ”جڏهن مان نه هوندس“، ”تاريخ جو ڪفن“، ”منهنجو ڏس آسمان کان پڇو“، ”ٽيون وُجود“، ”سنڌو منهنجي ساهه ۾“، ”رڃ“، ”آدم جي ماءُ“، ”رني ڪوٽ جو خزانو“، ”نيٺ گونگي ڳالهايو“، ”جيجل ماءُ“، ”لهندڙ سج جي لام“ وغيره شامل آهن. ان کان علاوه پاڻ سنڌي، اردو ۽ انگريزي اخبارن ۾ سالن کان ڪالم لکندو رهيو آهي، جن کي سيهڙجي ته هوند ڪيترائي ڪتاب ٺهي پوندا.
    اسان جهڙن سماجن ۾ اها روايت آهي ته جيڪو سچ چوندو ۽ لکندو آهي ته ان تي وقت جا آقا ڏمرجندا آهن اهڙي ڏمر جو شڪار امرجليل به رهيو، جو هن سچ لکيو. هن رات کي ڏينهن نه لکيو جنهن ڪري سندس ڪهاڻين ”هڪ لاش ۽ راتين جو رولاڪ“ ۽ ”سرد لاش جو سفر“ تي نه فقط بندش وڌي وئي پر هن خلاف گرفتاريءَ جا وارنٽ پڻ نڪتا. امر جليل ون يونٽ خلاف شاگرد تحريڪ ۾ به تمام گهڻو سرگرم هو. سندس ڪتاب ”جڏهن مان نه هوندس“ تي انڪوائري به هلي پر پوءِ انهيءَ دوران يحى خان جي حڪومت جو خاتمو اچي ويو. امر جي ڪهاڻين جا مڪالما دلچسپ ۽ طنز مزاح سان ڀرپور آهن هو کل مذاق ۾ اهڙين تلخ حقيقتن تان پردو کڻي ٿو جيڪي سماج جي لاءِ ناسور بڻيل آهن.
    سنڌي ٻوليءَ جو ناليوارو ڪهاڻيڪار طارق اشرف ماهوار ”سهڻي“ جي ”امر جليل نمبر“ ۾ ”جليل جيئن ڏٺو اٿم“ ۾ لکيو آهي ته: ”اڄ جليل سنڌي ادب جو سڀ کان مشهور ڪهاڻيڪار آهي، سنڌيءَ ۾ جليل کان وڌيڪ ڪوبه ڪهاڻيڪار ايڏو مشهور نه ٿيو ۽ نه ئي ڪنهن ڪهاڻيڪار جا ايڏا چاهيندڙ پيدا ٿيا آهن جيتوڻيڪ سندس هم عمر ڪهاڻيڪارن ۾ آغا سليم، نسيم احمد کرل،غلام نبي مغل، قمر شهباز ۽ عبدالقادر جوڻيجو پڻ بهترين ڪهاڻيڪار آهن، حقيقت اها آهي ته جليل اهو ئي ڪجهه لکي ٿوجيڪو پڙهندڙ جي ذهن ۾ آهي، هو جيڪو ڪجهه لکي ٿو انهيءَ سان پڙهندڙن جي جذبات جي ترجماني ٿئي ٿي، جليل سندن دل جي ڳالهه ڪري ٿو، جليل ذهن ۾ متل باهه تي تيل وجهي ٿو، پوءِ ڇونه اهي ڪهاڻيون مشهور ٿين.“
    امر جي ٻولي هروڀرو ڪا گهڻي ڳوڙهي يا ڌارين لفظن سان جھنجھ نه آهي، وٽس هر ڳالهه کي سمجهائڻ جو ڪمال فن آهي. پاڻ سنڌ سان عقيدت ۽ عشق جو اظهار ڪندي لکي ٿو: ”ٻولي اظهار جو ذريعو آهي، مان سنڌي ۾ لکان، اردو ۾ لکان، انگريزيءَ ۾ لکان، منهنجو موضوع سنڌ هوندو آهي. منهنجي سڃاڻپ سنڌ آهي، سنڌ کان سواءِ مان ويڳاڻو، بيڪار ۽ گم نام آهيان.“ هڪ ٻئي هنڌ ادب ۽ اديبن جي حوالي سان پنهنجي راءِ ڏيندي لکي ٿو: ”ادب ۾ مان مڪمل اظهار جي آزاديءَ جو ڪٽر حامي آهيان، اديبن کي ننڍن وڏن خانن ۾ ورهائڻ واري ڳالهه مون کي مضحڪه خيز لڳندي آهي، هر ليکڪ جي پنهنجي فريڪوئنسي ٿيندي آهي، هر ليکڪ جي لفظ کي ڪو پڙهڻ وارو ملي ويندو آهي، هر اُچاريل لفظ کي ڪو ٻڌڻ وارو ملي ويندو آهي، هر منظر کي ڏسڻ واري ڪا نگاهه ملي ويندي آهي.“ سندس سياسي تجزين ۽ سماج ۾ ناسور بڻجي ويل براين بابت لکيل ڪالمن ۾ جيڪا گهرائي ۽ گيرائي آهي سا مقصديت سان ڀرپور ۽ تجويزن سبب ڌيان ڇڪائيندڙ آهي.
    امر جليل هر دور جو ڪهاڻيڪار آهي جو هن جي ڪهاڻين ۾ موجود ڪردار اڄ به انهن ساڳين مسئلن ۾ ورتل ۽ مونجهارن جو شڪار آهن جهڙو ڪالهه هئا، بلڪه هاڻي انهن جو تعداد وڌي ويو آهي، جن جي ڳالهه امرجليل پنهنجي لکڻين ۾ اڄ کان چاليهه سال اڳ ڪئي آهي، زيادتيون، بد ديانتون، ناانصافيون، قتل، ڌاڙا ۽ ڦرين کان علاوه ڪارو ڪاري ۽ ٻيا هڙئي سماجي ناسور اڄ به چوٽ چڙهيل آهن ۽ اهي ئي امر جي لکڻين جا مُک موضوع آهن.


    15. ناميارو شاعر، نثر نگار ۽ نقاد ذوالفقار راشدي

    سنڌي ٻوليءَ جو خوبصورت شاعر ۽ محقق ذوالفقار راشدي 10 مارچ 1938ع تي نئين ديري ڀرسان پير ڳوٺ ۾ ڄايو. هن 1948 کان شاعري جي ابتدا ڪئي. سندس صحافتي خدمتون پڻ قابلِ ذڪر آهن. پاڻ 1953 ڌاري لاڙڪاڻي مان نڪرندڙ ”هاري“ رسالي جو ايڊيٽر رهيو، جنهن بعد 1960 ۾ لاڙڪاڻي مان ئي پنهنجو هفتيوار رسالو ”مذهبِ انسانيت“ جاري ڪيائين ۽ ڪاميابيءَ سان هلايائين.
    ذوالفقار راشدي ملنسار ۽ کل مک انسان هو. سندس مَنُ چشمي جي شفاف پاڻيءَ جيان اُجرو هو. کيس ادبي بحث مباحثا ڪرڻ ۾ خاصي دلچسپي هئي. پنهنجي مؤقف لاءِ وٽس پختا دليل هوندا هئا، پر هو ڪنهن به ريت ڪنهن خول ۾ بند نه هو، جو ٻين جا دليل مڃڻ لاءِ به هو کليل دل جو مظاهرو ڪندو هو. راشدي خط و ڪتابت ذريعي ڪيترن ئي ليکڪن سان رابطي ۾ رهندو هو. سندس لِکَپڙهه پاڪستان کان ٻاهر هندوستان جي اديبن سان پڻ رهندي هئي. پاڻ نه رڳو ادبي خط و ڪتابت جي حوالي سان متحرڪ هيو، پر ادبي پروگرامن ۾ شرڪت کان علاوه ادبي پروگرام منعقد ڪرائڻ ۾ به هميشه اڳ ڀرو رهيو. ڪجهه پروگرام پنهنجي ڳوٺ ۾ به ڪرايائين جن ۾ مشاعرا، رهاڻيون ۽ ادبي ڪچهريون وغيره شامل آهن.
    ذوالفقار راشدي جو مطالعو سنڌي ادب تائين محدود نه هيو پر هو فارسي، عربي ۽ انگريزي ادب جو مطالعو پڻ ڪندو رهيو، جنهن جا حوالا هُو پنهنجي گفتگوءَ ۾ اڪثر ڏيندو رهندو هو. اردو ۽ فارسي شاعريءَ جا شعر کيس ڏاڍا ياد هوندا هئا. سندس شخصيت سادي سودي، لباس اڪثر اڇي رنگ جو، سنڌي ٽوپي، هٿ ۾ رومال، ۽ آواز ماٺيڻو. پاڻ ڪچهرين جو پڻ وڏو شوقين هو. سندس ڪتاب ”سوچ کي لوچ“ 1982 ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. ان کان علاوه تنقيدي ڪتاب ”ڪسوٽي“ پڻ ڇپيو، جنهن جي باري ۾ سندس چوڻ هو ته هن ڪتاب ۾ مون تنقيد کي نئون ڍنگ ڏنو آهي.
    هر شاعر وٽ پنهنجي الڳ سڃاڻپ جو ڪو نه ڪو انداز ضرور هوندو آهي ۽ راشدي جي شاعريءَ جو خاص گُڻ ٺيٺ ٻهراڙڪي ٻولي ۽ تشبيهن جو ڀرپور استعمال آهي. هن عام ڳالهائجندڙ ٻوليءَ ۾ شعر لکي پنهنجي هڪ خاص سڃاڻپ ٺاهي. اهو ئي سبب آهي جو سندس ڪافي شاعري سندس هم عصر دوستن کي ياد رهندي هئي. سندس هڪ شعر نموني طور ڏسو:
    مون کي ڪنهن جي مُرڪ سودائي ڪيو
    چنڊ جي چانڊاڻ تي بهتان هو

    شاعري ڪرڻ ڪو ايڏو سولو ڪم به نه آهي. اها ڏات به ڪنهن ڪنهن کي نصيب ٿئي ٿي. هر شاعر جي مَن ۾ احساسن جو ڇوليون هڻندڙ سمنڊ هوندو آهي، جنهن کي سانتيڪو ڪرڻ لاءِ هو انهن احساسن جي اپٽار لفظن جي صورت ۾ ڪندو آهي. جيئن راشدي صاحب سماجي ناسورن کي ڏسي پنهنجي اڌمن جو اظهار هنن سٽن ۾ ڪيو آهي:
    ٽِه پَهريءَ جي محل چون ٿا،
    ڀرئي ترئي ڪنهن گهر کي گھيري.
    ڏاڍو ماڻهو هڻندو آهي،
    آسودن ماڻهن کي ڌاڙو.

    شاعر وٽ داخليت ۽ خارجيت جا مليل جليل احساس جنم وٺن ٿا، جن کي هو خوبصورت لفظن جون مالهائون پارائي سهڻو شعر تخليق ڪري ٿو. اهڙا موهيندڙ عڪس ذوالفقار راشدي جي شاعري ۾ پڻ موجود آهن. سندس شاعري ۾ مختلف رنگ آهن انهيءَ حوالي سان هي سٽون ڏسو:

    ڪائي وانگر ٽُٽي ڇڻي پيا، رنگ به رنگي سارا سپنا،
    ڪير اسان کي موٽائي ڏي، اهڙا نازڪ پيارا سپنا.
    رات نه ڳايم راڻو،ڀانيان بينَ ڀڄي پئي، هنيانءُ ڇڏي پيو،
    هاءِ لُٽي ويو ڪوئي ارڏو، منهنجا راتين وارا سپنا.

    نامياري شاعر ڊاڪٽر ذوالفقار سيالَ ذوالفقار راشدي تي لکيل مضمون ”ذوالفقار علي شاهه راشدي لِبرل شخص مٺو ماڻهو“ (ماهوار نئين زندگي جنوري 1987) ۾ راشدي صاحب تي راءِ ڏيندي لکيو آهي ته: ”ذوالفقار راشدي ظاهري طور صوفي ازم کان گهڻو متاثر هيو ۽ هن پنهنجي شاعري ۾ عشق جي حوالي سان ان جو ٿورو عڪس ڏنو آهي سندس چواڻي ته (جيڪو عشق جو انڪاري آهي، سو يا ته ڪوڙو آهي يا شاعر ئي ڪونهي مون کي هر عاشق سان عشق آهي ڇو ته عاشق قربانيون ڏيندا ۽ مخلص ٿيندا آهن “.
    ذوالفقار راشدي وٽ مايوسين بدران اميدن جا روشن ڏيئا آهن. هن وٽ مستقبل لاءِ خوبصورت خواب آهن. انهيءَ حوالي سان سندس هي سٽون ڏسو:

    نيٺ ته ڦٽنديون باکون، راتيون ڄاڻ ويون،
    ٿي نه ڪڏهن پرڀات، ڀلا ائين ممڪن آ.
    ڪو يزدان او رام، بتن جي پردي ۾،
    تنهنجي آ خود ذات، ڀلا ائين ممڪن آ.

    ذوالفقار راشدي 27 آگسٽ 1986 تي بيماريءَ سان جنگ جوٽيندي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ وفات ڪري ويو، پر سنڌي ادب ۾ سندس لکڻيون سندس موجودگيءَ جو اڄ به احساس ڏيارينديون رهن ٿيون.


    16. ڪهاڻيڪار ، شاعر ۽ ڪالم نگار قمر شهباز

    سنڌي ادب جون ڪجهه شخصيتون اهڙيون به آهن جن هڪ ئي وقت شاعري، ڪهاڻي، ڊرامي، ڪالم نگاري ۽ فنون لطيفا جي مختلف شعبن ۾ خدمات سرانجام ڏنيون آهن. عام طور اهو تاثر هوندو آهي ته گھڻن شعبن ۾ ڪم ڪرڻ کان بهتر آهي ته ڪنهن به هڪ شعبي ۾ ڪم ڪجي، ان طرح تخليقي سطح تي بهتر نتيجا حاصل ڪري سگھجن ٿا، پر ادب جي مختلف شعبن ۾ جن ماڻهن تمام ڀرپور نموني لکي پاڻ ملهايو، اهڙن تخليقڪارن ۾ قمر شهباز جو نالو تمام وڏي اهميت جو حامل آهي. هن نه فقط ڪهاڻي پر شاعري، ڪالم نگاري ۽ هدايتڪاري کان علاوه ڪيترائي ڊراما، فيچر، خاڪا، فلمي ڪهاڻيون ۽ اسڪرپٽس پڻ لکيا. قمر شهباز جو نالو سنڌ جي انهن اديبن ۾ شمار ٿئي ٿو جن تمام گهڻو لکيو آهي.
    قمر شهباز ولد محمد مقبول ٻگهيو 13 اپريل 1938ع تي نواب شاهه ۾ جنم ورتو. بنيادي ۽ ثانوي تعليم بعد ڪراچي يونيورسٽيءَ مان انگلش ۾ ايم. اي ڪيائين ۽ مختلف ڪاليجن ۾ بحيثيت ليڪچرار ۽ اسسٽنٽ پروفيسر پڙهائيندو رهيو. ايس ايم ڪاليج ڪراچي مان سندس تقرري ڪنڌڪوٽ ڊگري ڪاليج ۾ پرنسپال طور ٿي، جنهن بعد ملازمت جي حوالي سان سندس مصروفيتون هن ريت رهيون: ڊائريڪٽر پاپوليشن ڊويزن اسلام آباد، ڊائريڪٽر ايڪسپورٽ ائنڊ انٽرنيشنل افيئرس، ڊائريڪٽر آءِ ٽي سي، جنرل مئنيجر ايڪسپورٽ ائنڊ ٽريڊ فيبرڪس، اٺن سالن تائين ريزيڊنٽ ڊائريڪٽر گهي ڪارپوريشن آف پاڪستان، ڊائريڪٽر ٽريڊ ڪارپوريشن، چيئرمئن ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون ۽ سن 1998 ۾ انهيءَ عهدي تان رٽائرمينٽ. جئين مٿي ڏنل تفصيل مان ظاهر آهي ته ملازمت جي حوالي سان قمر شهباز انتهائي اهم عهدن تي فائز رهيو ۽ پنهنجي ڀرپور صلاحيتن سان ترقيون پڻ ماڻيائين. انهيءَ دؤران هن مختلف ملڪن جا دؤرا پڻ ڪيا، جن ۾ برطانيا، جرمني، آمريڪا، فرانس، سئٽزرلئنڊ، عرب امارات، بيلجيم، يوگوسلاويا، سعودي عرب، ملائيشيا، سريلنڪا، سنگاپور، ڪويت، رومانيا، ٿائيلئنڊ، مصر، هالينڊ، چين ۽ هانگ ڪانگ وغيره شامل آهن.
    قمر شهباز لکڻ جي شروعات 1954 ۾ ڪئي. هن پنهنجي ڪالمن ۽ ڪهاڻين ذريعي سنڌ جي مسئلن ۽ پيڙهيل طبقي جي هيسيل ماڻهن جي نمائندگي ڪئي. هن جابر ڪردارن جي پت وائکي ڪري عام ماڻهن ۾ شعور بيدار ڪرڻ لاءِ بيباڪي سان مسلسل قلم ذريعي جنگ جوٽي. قمر شهباز سنڌ جي نوجوان صحافين ڏانهن پنهنجي ڪتاب ”ضمير جو موت“ جي ارپنا ۾ لکيو آهي: ”سنڌ جي نوجوان، بي خوف ۽ سورهيه صحافين جي نانءِ، جن روايتي خوشامندي، لوڀي ۽ وڪاميل صحافت جا جُهونا ڪوٽ ڪيرائي، نئين صاف سٿري، وطن دوست ۽ سڄاڻ صحافت جو پايو وڌو آهي. شل سندن محنت، محبت ۽ سچائي سنڌڙيءَ جي سيني تي جلندڙ نفرت جي آڳ اُجهائي سگهي!“ اها سنڌ جي صحافين جي نانءِ ڪيل ارپنا قمر شهباز جي سنڌي نوجوان صحافين ۽ سنڌ لاءِ اٿاهه محبت ۽ عقيدت جو ثبوت به آهي ته سندس پيغام پڻ.
    قمر ۽ امر اهي ٻئي نالا سنڌي ادب ۾ پنهنجي انفرادي انداز وارين لکڻين سبب الڳ مقام ۽ حيثيت رکندڙ آهن. هميشه قمر ۽ امر جو ذڪر گڏيل طور نڪرڻ جو اهم سبب قمر شهباز ۽ امر جليل جي تمام قريبي دوستيءَ آهي. امر جليل جيڪو سنڌي ڪهاڻي ۽ ڪالم نگاريءَ ۾ پنهنجو هڪ جدا مقام ۽ سڃاڻپ جو منفرد حوالو رکندڙ آهي، تنهن قمر شهباز کان ئي متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو ۽ پنهنجو نالو قاضي عبدالجليل مان قمر جي نالي سان ٺهڪندڙ نالو ”امر“ رکيو. امر جليل جهڙي ٺهه پهه سچ لکندڙ ڪهاڻيڪار جيڪو نوجوانن لاءِ آدرشي ڪردار بڻجي چڪو آهي، کي ادب جي ميدان ۾ وٺي اچڻ جو ڪريڊٽ پڻ قمر شهباز ڏي ئي وڃي ٿو.
    قمر شهباز مختلف سماجي ۽ تعليمي سرگرمين ۽ ادارن سان پڻ واڳيل رهيو آهي، جن ۾ ايڊيوڪيشن سوسائٽي، ميمبر ائڊوائيزري ڪاميٽي براڊڪاسٽنگ، ميمبر سينٽرل بورڊ آف فلم سينسر، ميمبر بورڊ آف گورنرس پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس، ميمبر سچل چيئر ۽ ميمبر شيخ اياز چيئر شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور، وائيس پريزيڊنٽ پيس ڪاميٽي ڪراچي، سرپرست آل سنڌ وومين ايسوسيئيشن ۽ مارئي فورم وغيره شامل آهن.
    قمر شهباز پنهنجي لکڻين ۾ ڪڏهن به ڪا مصلحت واري ٻولي يا انداز اختيار نه ڪيو. سندس نثر توڙي نظم جو محوّر ۽ مرڪز سنڌي ٻولي، ڪلچر ۽ سنڌو سڀيتا جي سونهن کان ويندي انهن مڙني مسئلن ۽ مونجهارن تي مشتمل آهي، جيڪي اڄ به ساڳئي ريت موجود آهن. سنڌ سان سندس عشق جي اظهار واريون چند سٽون ڏسو:
    * رات انڌيري ڪيسين، نيٺ اُجالو ٿيندو،
    سک جو سورج ڏياڻ ته اڀريو، منزل جو ڏس ڏيندو.
    * ڪين رُڪياسين، ڪينَ جهڪياسين،
    توڙي اوکو پنڌ، سنڌڙيءَ جو سوڳنڌ.
    * سنڌڙي تنهنجي سينڌ نه اُجڙي،
    تو تان جندڙي گهوري ڙي!

    شاعريءَ کان علاوه قمر شهباز جون ڪهاڻيون پڻ سنڌي سماج جي دردن جي چٽي تصوير پيش ڪندڙ آهن. نوجوان صحافي ۽ ڪالم نگار زرار پيرزادي کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ قمر شهباز هڪ سوال، ”توهان شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نگار آهيو توهان ڪهڙي صنف ۾ پنهنجو اظهار بهتر طور ڪري سگهيا آهيو؟“ جي جواب ۾ چيو هو ته: ”مون ادب جي هر صنف تي قلم آزمايو آهي، افسانا، شعر، مضمون، ڪالم، اسٽيج ڊراما، ٽي وي ڊراما، ريڊيو ڊراما ۽ فلمون وغيره هر صنف ۾ پنهنجي وسعت ۽ اهميت آهي ڪوبه هڪ ٻئي کان گهٽ نه آهي مون ضرورت آهر ۽ موضوع جي لحاظ کان مختلف موقعن تي مختلف صنفن ۾ لکيو آهي ان ڪري چئي نه ٿو سگهان ته ڪهڙو پاسو سگهارو اٿم، وري به پڙهندڙ بهتر منصف ٿي سگهن ٿا.“
    قمر شهباز جي ڇپيل ڪتابن ۾: ”اٺون گهر“، ”ضمير جو موت“ (ڪالم ڪهاڻين جو مجموعو)، ”چنڊ رهين ٿو ڏور“ (شعري مجموعو)، ”قمر شهباز جون چونڊ ڪهاڻيون“ ۽ ”واچوڙن ۾ لاٽ“ (ڊراما) شامل آهن، جڏهن ته سوين ڪهاڻيون، ڊراما، شاعري ۽ اسڪرپٽس وغيره لکڻ کان علاوه هن ڪيترن ئي سالن کان سنڌ جي مختلف اخبارن ۾ ٻرندڙ مسئلن تي مسلسل ڪالم پڻ لکيا.


    17. ٻوليءَ جي جھولي ڀريندڙ شاعر تاجل بيوس

    جيئن هر گل جي الڳ خوشبو ٿئي ٿي، تيئن هر انسان ۾ به پنهنجي پنهنجي سڳنڌ هوندي آهي. سنڌ جي زرخيز مٽيءَ ڪيترائي اهڙا مهَا پُرش جنميا جن پيار، امن، ڀائيچاري ۽ محبت واري روَيي سان ماڻهن جي دلين ۾ جايون جوڙيون آهن. اهڙن پيارن، مانوارن ڏاهن ۽ ڏات ڌڻين ۾ تاجل بيوس جو شمار پڻ ٿئي ٿو، جنهن سموري ڄمار محبت، پيار، امن ۽ ايڪتا جا گيت لکيا.
    تاجل بيوس جو اصل نالو تاج محمد سمون هو جيڪو خيرپور جي ڳوٺ پير حيات شاهه ۾ 22 آڪٽوبر 1938ع تي محمد جعفر جي گھر پيدا ٿيو. سندس تعلق غريب گھراڻي سان هو پر سندس والد کيس سٺي تعليم ڏياري. تاجل بيوس ايم اي معاشيات ۾ ڪئي، پر سندس شوق ۽ ذوق شروع کان ئي ادب سان هو. کيس ادبي ڪتابن پڙهڻ سان ڪافي دلچسپي هئي، خاص طور شاعريءَ جا ڪتاب سندس ڪمزوري هئا. هو هڪ سنڌ پرست شاعر هو، جنهن جي هر سٽَ ڌرتيءَ سان محبت ۽ عقيدت سان ٽمٽار هئي. سنڌ جي مختلف علائقن جي ٻولي ۽ استعارا سندس شاعريءَ ۾ تمام خوبصورتيءَ سان استعمال ٿيل آهن. سنڌ جي ڪيترن ئي گلوڪارن سندس شاعري ڳائي آهي. جڏهن عابده پروين سندس سٽون آلاپي ٿي ته منَ ۾ جل ترنگ وڄڻ لڳن ٿا. پنهنجي ڌرتيءَ سان محبت جي حوالي سان لکيل سندس هي سٽون ڏسو:
    سنڌ منهنجي امان سونهن تنهنجـي مٿــان
    ڇا لکي ڇا لکان
    هڪ قلم هڪڙو مان ، ڪيئن پورو پوان
    ڇا لکي ڇا لکان
    تاجل بيوس ٻهراڙي جي ماحول ۾ به رهيو، ته سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچيءَ جي شهري ماحول ۾ پڻ. 70 واري ڏهاڪي ۾ هو مستقل طور ڪراچي لڏي آيو، جتي کيس ڪراچيءَ جي صورتحال ڏسي پريشاني به ٿي، جو اهو دؤر ڪراچيءَ جي امن امان واريون حالتون خراب ٿيڻ وارو ابتدائي دؤر هيو. هن ڪراچيءَ جي اهڙين حالتن جي حوالي سان به ڪيتريون ئي سٽون لکيون. سندس اهڙا شعر حقيقت ۾ ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ ظلمن، زيادتن ۽ ناانصافين جي منظوم تاريخ آهن.
    شاعر وٽ مختلف ڪيفيتون ٿين ٿيون، جن جو اظهار هو مختلف وقتن تي ڪندو رهي ٿو. جڏهن تاجل بيوس پنهنجي ڌرتيءَ واسين کي ڌڪا کائيندي ۽ ڌارين جي داداگيرين کي پنهنجي اکين سان ڏسي ٿو ته سندس منَ اندر ۾ هن قسم جا جذبا جنم وٺن ٿا:
    ڪراچي کي ڪير؟ واڳن جيئن ويڙهي ويا!
    وجهي وات وڻن ۾، چمڙن جيئن چوڦير،
    گهاتو، پڄو گهير، ٿيا سڏ ساڻيهه جا.
    شاعر جھڙيءَ ريت پنهنجي دؤر جي تاريخ لکن ٿا، سا ايندڙ نسلن لاءِ سچ جي سج وانگر هجي ٿي. سچو قلمڪار هميشه پنهنجي ضمير جو آواز ئي ٻڌندو آهي ۽ ان تي ئي آخر تائين اٽل رهندو آهي. دنيا جي تاريخ ان ڳالهه جي شاهد آهي ته دنيا ۾ جيڪي به انقلاب آيا آهن، انهن ۾ شاعرن ۽ اديبن جو تمام وڏو ۽ اهم ڪردار رهيو آهي. تاجل بيوس به اهڙو ئي ڪردار نڀايو جنهن سان کيس سڃاڻپ جوحوالو مليو. اهڙو حوالو جنهن سان هو صدين تائين جيئندو رهندو.
    تاجل بيوس جي شاعريءَ جي اها خوبي هئي جو هن ڌرتيءَ جي من موهيندڙ منظرن کان وٺي آسمان تي اڏامندڙ رنگ به رنگي پکين تائين هر نظاري تي قلم کنيو آهي. هن جي شاعريءَ ۾ لاين، لڻين، پپر، ٻاٻيهن، ٿوهرن، ڪنڊن، گلن، گؤنچن ۽ ڏُڌَ مکڻن جي ڳالهه به آهي ته ساڳي وقت سنڌ جي ٻجن، فصلن ۽ گاهن جي گلزاري به نظر اچي ٿي. هن جي شاعريءَ ۾ ٿر جي ريگستان کان ويندي جابلو سلسلن تائين سنڌ جي جاگرافي به پسي سگھجي ٿي. حقيقت ۾ تاجل سنڌ جي چپي چپي سان پيار ڪندڙ ڪوي آهي، سندس شاعريءَ جي خاص خوبين ۾ ٺيٺ سنڌيءَ ٻولي ۽ تشبيهن جو خوبصورت استعمال پڻ اهم آهي. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ اهڙيون تشبيهون به استعمال ڪيون آهن، جيڪي اسانجي ٻهراڙين مان به هاڻي ختم ٿي چڪيون آهن يا موجوده ٽهيءَ جي نوجوانن کي انهن بابت ڪا سُڌ ناهي رهي. تنهن ڪري ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هن پنهنجي ڪويتائن وسيلي سنڌي ٻوليءَ جي جھولي پئي ڀري آهي.
    شاعريءَ ۾ تاجل جي پسند جون صنفون وائي، ڪافي ۽ بيت رهيون آهن، پر مجموعي طور هن هر صنف ۾ پاڻ ملهايو آهي. جيتوڻيڪ تاجل ڪافي وقت ڪراچيءَ ۾ رهيو پر سندس ڳالهائڻ جو لهجو نج سنڌي ڳوٺاڻي ٻوليءَ جون سڪون لاهيندڙ هو. هن جي دوستيءَ جو حلقو نه فقط سنڌي پر اردو اديبن سان پڻ رهيو. ڪراچي ۾ رهندي هن ڪيترائي اردو ڳالهائيندڙ سٺا دوست ٺاهي ورتا، جن سان هو اڪثر ڪچهريون به ڪندو هو. اردو ادب ۾ به ڪم ڪيائين. هندوستان جي سنڌي اديبن سان سندس گھري وابستگي رهي. هو جڏهن به هندوستان ويو ته کيس بي انتها محبتون نصيب ٿيون. اتي کيس ڪيترائي پنهنجا پرڻا دوست يار به مليا جيڪي ورهاڱي بعد هتان لڏي ويا هئا. هندوستان جي اديبن سان سندس خط و ڪتابت آخري وقت تائين مسلسل جاري رهي. تاجل بيوس کي هندوستان مان ڪيترائي ادبي ايوارڊ پڻ مليا. جن ۾: 1996ع ۾ نارائڻ شيام گولڊ ميڊل (ٻه ڀيرا)، سنڌي ادبي سڀا پاران فرسٽ ڪلاس ايوارڊ، پروفيسر رام پنجواڻي گولڊ ميڊل ۽ 2001 ۾ مارئي ايوارڊ شامل آهن. ان کان علاوه ٻيا به ڪيترائي انعام ۽ ايوارڊ کيس مختلف سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن ۽ تنظيمن پاران ڏنا ويا. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ”جڏهن ڀون ڀڻي“، ”انبن جھليو ٻور“، ”ڪاڇي مٿان ڪونج“، ”ڪنڌي ڪئنور ترن“، ”ڪنڌي اڪ ڦلاريا“، ”صحرا سترجن“، ”تنهنجا نيڻ غزل“، ”ڏوريان مَ لهان“، ”وڏا وڻ وڻڪار جا“ (شيخ اياز سان گڏ)، ”پکي ساڳي پار جا“ (شيخ اياز سان گڏ 2004)، ”چپ انجير جي حاشين جھڙا“، ”تاجل بيوس جو رسالو“ وغيره شامل آهن.
    تاجل بيوس، ڀٽائي جو پوئلڳ هو، هن جي حضرت شاهه عبداللطيف سان بيحد عقيدت هئي، شاهه جو رسالو سندس پسنديده ڪتابن مان هڪ هو، جنهن کي هو سيني ۾ سانڍيندو رهيو. جڏهن هن پنهنجي ڪلام جي ڪليات جو نالو ”تاجل بيوس جو رسالو“ رکيو ۽ ان کي ڇپرائي مارڪيٽ ۾ آندو ته کيس ادبي حلقن مان تنقيدي رايا به ٻڌڻ لاءِ مليا، پر هو ڪڏهن به مايوس نه ٿيو، جو هُن سڄي حياتي اهو ئي ڪيو هو جيڪو سندس مَن چيو هو. دل جي ڳالهه کي هن هر راءِ کان وڌيڪ اهميت ڏني. تاجل هندوستان کان واپس ٿي سفرنامو به لکيو، جنهن ۾ هن پنهنجي زندگيءَ جون ڪيتريون ئي يادگيريون سهيڙيون. پاڻ سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي تيز ۽ ترش ڪالم به لکندو رهيو. سهڻي شاعر شمشيرالحيدري سندس وڇوري بعد سندس ياد ۾ منعقد ٿيل هڪ تقريب ۾ کيس ياد ڪندي چيو هو ته: ”تاجل جو وڇوڙو هونئن ته سڄي سنڌ جو نقصان ۽ سڀني سنڌ واين جو گڏيل ڏک آهي پر مون کي سندس وڇوڙي جو احساس ان ڪري به اڃا وڌيڪ ٿئي ٿو جو هو منهنجو نه فقط دوست ۽ ساٿي هو پر ذاتي طور مٽي مائٽي جو حوالي سان به اسان پاڻ ۾ تمام ويجها هئاسين، ڏک ان ڳالهه جو به آهي ته هن جو وڃڻ ڪُمَهلو هو جو هن هٿ ۾ ڪجهه اهڙا ڪم کنيا هئا جيڪي اڃا اڌ ۾ هئا. سندس چاليهارو کن ڪتاب رِٿيل هئا جن مان ڪجهه ته ڇپيا پر ٻيا اڃا رهيل آهن اهو ڪم جيڪر مڪمل ٿي پوي ها ته سنڌي ٻوليءَ جو ڀلو ٿي پوي ها“.
    تاجل بيوس سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعريءَ جو تسلسل به هو جو سندس شاعريءَ جي ٻولي ۽ لفظن جي خوبصورتي جيڪڏهن جديد شاعرن ۾ ڳولجي ٿي ته ورلي ئي ملندي. سندس ڊڪشن پنهنجي الڳ سڃاڻپ رکندڙ هو. سنڌيت سندس لفظ لفظ ۾ تسبيح جي داڻن جيان پويل هئي. 4 ڊسمبر تي مٿس فالج جو حملو ٿيو جنهن کان پوءِ هو ڪوما ۾ هليو ويو ۽ آخرڪار انهيءَ حملي 13 ڊسمبر 2008 تي هي پيارو ماڻهو اسان کان هميشه لاءِ کسي ورتو، جنهن جون اڄ به سنڌ جي جھر جھنگ ۾ ڪيتريون ئي سٽون گونجي رهيون آهن. هو پنهنجي وصيت مطابق چوڪنڊي جي مقام ۾ آرامي آهي.
    نه ٿو نبري نينهن،
    جوڳي منهنجا جوءِ مٽي ويا
    ويا اهڙي ملڪ،
    جتي رات نه ڏينهن.
    جوڳي منهنجا جوءِ مٽي ويا.


    18. ڪهاڻيڪار ، نقاد ۽ ايڊيٽر طارق اشرف

    ايمرسن پنهنجي هڪ تقرير ۾ چيو هو ته: ”اسان کي ٺهيل ٺڪيل نقلي ماڻهو ڪونه ٿا کپن جيڪي چاٻي ڦيرائڻ سان ادبي لفاظي يا ڪا ٻي ڪرت ڪري سگھندا هجن، پر پاڻ کي ته ڪجهه اهڙن شخصن جي گھرج آهي جيڪي پنهنجي ارادي جي سگھ ڪتب آڻيندي سمجھداريءَ سان ڪنهن به نئين ڪم ۾ هٿ وجھي سگھندا هجن.“ هي لفظ سنڌي ادب کي نئون موڙ ڏيندڙ بيباڪ ڪهاڻيڪار طارق اشرف جي ڪيل ڪارنامن سان بلڪل ٺهڪندڙ آهن. ڇا لاٰءِ ته طارق اهو قلمڪار هيو جنهن روايتن جي قيد و بند کان آزاد ٿي پنهنجي مرضيءَ مطابق ڪم ڪيو. هن پنهنجا دڳ پاڻ ٺاهيا ٻين جي گسن تي هلڻ سندس طبعيت ۾ نه هو.
    سن 1940 ۾ حيدرآباد ۾ جنم وٺندڙ طارق اشرف جهڙي ريت ڪهاڻي سان پنهنجو ناتو نڀايو، ساڳي طرح پبلشنگ وارو ڪم به منفرد انداز ۾ ڪيو. سندس انداز مان متاثر ٿيندي بعد ۾ ٻين ماڻهن پڻ جهڙيس ڪوششون ڪيون. جڏهن سنڌي ادب ذريعي مختلف مزاحمتي لاڙا اڀريا ۽ خاص طور ون يونٽ واري زماني ۾ اديبن کي جيلن ۾ وڌو ويو، ته طارق اشرف عملي طور به ميدان ۾ لٿو. هن دل کولي لکيو ۽ وقت جي حڪمرانن سان به سڌي سنئين ريت مخاطب ٿيڻ کان نه ڪيٻايو. سنڌ ۽ سنڌين جي حقن جي ڳالهه ڪندي هن ڪنهن به پلئـٽفارم تي مصلحت کان ڪم نه ورتو.
    جتي به طارق اشرف جو ذڪر ٿيندو ته اتي ماهوار ”سهڻي“ جو ذڪر به ائين ئي ٿيندو جيئن سهڻيءَ سان گڏ ميهار جو. ”سهڻي“ رسالو طارق کان پوءِ وري ڪنهن نه ڪڍيو. ”سهڻي“ طارق اشرف جي سڃاڻپ جو اهم حوالو آهي، جيڪو ان وقت نيون سوچون، فڪر ۽ سنڌي ادب ۾ جديد روايتون کڻي آيو. سنڌي ادب ۾ طارق اها به نئين روايت وڌي ته هن اديبن کي مڃتا ڏيڻ لاءِ انهن جي جيئري ”سهڻيءَ“ جا يادگار نمبر ڪڍيا. ان کان اڳ رسالن ۽ اخبارن جا خاص نمبر فقط وڇڙي ويل اديبن تي ئي نڪرندا هئا. اهڙي ريت طارق انهيءَ پراڻي روايت ۾ هڪ نئين تبديلي پڻ آندي.
    ڪنهن به رسالي کي مستقل جاري رکڻ انتهائي مشڪل ڪم هوندو آهي پر اهو مشڪل ڪم هن تمام محنت ۽ خوشيءَ سان سرانجام ڏنو. ”سهڻيءَ“ جا ايڊيٽوريل ان دؤر جي حالتن جي تاريخ سان گڏوگڏ طارق اشرف جي سنڌ سان جذباتي لڳاءُ جو داستان آهن. طارق جي بيباڪيءَ سان سچ چئي ڏيڻ واري عادت ان وقت جي اقتدار ڌڻين کي نه وڻي، جنهن ڪري کيس تمام گھڻين تڪليفن ۽ مشڪلن سان منهن ڏيڻو پيو. سهڻي رسالي تي پابندي مڙهي، هن جي گھر مٿان چڙهائي ڪرائي وئي، جنهنڪري کيس مجبوراً روپوش به ٿيڻو پيو.
    سهڻيءَ جا نسيم کرل، امر جليل ۽ شيخ اياز نمبر سنڌي ادب ۾ انقلابي تبديلي هئا، جن تي ان دور ۾ وڏا بحث مباحثا به ٿيا. طارق اشرف بحيثيت ايڊيٽر پنهنجون سموريون صلاحيتون ”سهڻيءَ“ لاءِ صرف ڪيون. نوَن ليکڪن کي سينيئر ليکڪن سان گڏ جاءِ ڏئي انهن جي همت افزائي به ڪيائين، ته ساڳي وقت وري ڪيترن ئي سيکڙاٽ ليکڪن جون لکڻيون واپس به ڪري اماڻيائين، جن ۾ اصلاح جي تمام گھڻي گنجائش هوندي هئي. اهو ان ڪري به ته هن سهڻيءَ کي هڪ ڀرپور ۽ معياري رسالو بڻائڻ ٿي چاهيو، جنهن ۾ هو سڦل به ٿيو. سهڻيءَ ۾ مواد شايع ٿيڻ ڪنهن به اديب لاءِ سند جي حيثيت رکندو هو. اڄ ڪلهه ڪمشرل ازم جو دؤر آهي، هرڪو ڪمائي خاطر پيو ڪم ڪري. ڪي ٿورا ماڻهو آهن جيڪي ادب جي خدمت جي جذبي تحت ادبي مخزن ڪڍي رهيا آهن، پر طارق اشرف جو اهو سهڻيءَ سان عشق هو جو مالي طور نقصان ۾ وڃڻ باوجود به هن مسلسل ان عشق سان نڀاءُ ڪيو.
    طارق اشرف بنيادي طور هڪ بيباڪ ڪهاڻيڪار هو، ”بک“ ۽ ”چهڪ“ سندس يادگار ڪهاڻيون آهن. ان کان علاوه ”روپ ٻهروپ“، ”اُڻ تڻ“، ”ملنگ جو نعرو“ ۽ ”منهن ڪارو“ پڻ سندس تخليق ڪيل بهترن ڪهاڻين منجهان آهن. انهن ڪهاڻين جا ڊائلاگ ۽ منظر ڪشي دل ۾ پيهجي وڃن ٿا. اهي ڪهاڻيون اجتماعي سماجي دردن، ناانصافين، محرومين، زيادتين، ڇرڪائيندڙ حادثن ۽ واقعن جو داستان آهن.
    طارق اشرف جي ڇپيل ڪتابن ۾: ”جيل ۾ ٻاويهه مهينا“ (ڀاڱو پهريون)، ”اڌ ملاقات“ خط، ”جيل گھاريم جن سان“، ”جيل ۾ ٻاويهه مهينا“ (ڀاڱو ٻيو)، ”زندگي تنها مسافر“ ڪهاڻيون، ”هٿين هٿ ڪڙول“ جيل جي ڊائري، ”سونهن پٿر ۽ پيار“ ڪهاڻيون، ”ميرو ڌاڙيل“ ناول، ”انٽرويو“، ”درد جا ڏينهن درد جون راتيون“ ۽ ”بند اکين ۾ ڪجهه يادون ڪجهه سپنا“ شامل آهن.
    موت اهڙي اٽل حقيقت آهي جنهن کان دنيا جي عظيم ڏاهن، فلسفين، دانشورن ۽ مفڪرن به انڪار ناهي ڪيو. ان ئي بي مهلي موت طارق اشرف کي 14 اپريل 1992ع تي اسان کان جدا ڪيو. پر هو اڄ به ساهت جي رستي تي موت مٿان به حاوي آهي بقول استا بخاري:

    مٿي ۾ اٿئون زندگيءَ جي هوا،
    اسين تيز رفتار آهيون سو آهيون.
    اڙي! موت ساهت جي رستي مٿان،
    اسين توتي هسوار آهيون سو آهيون.


    19. شاعر، محقق ۽ لطيف شناس ڊاڪٽر بشير احمد شاد

    ڪائنات جي وسعتن ۽ ڌرتيءَ جي ڪشادگيءَ جو ڪاٿو ڪرڻ ته شايد ممڪن هجي پر ڪنهن جي پيار جي ڪٿ ڪرڻ انتهائي مشڪل مرحلو ٿئي ٿو، ڇو ته پيار جون معنائون هر ماڻهوءَ وٽ الڳ الڳ آهن، پر پيار هر معنى ۾ پنهنجي ڪشش ۽ خوبصورتي رکندڙ آهي. سدائين اڻ مَيو پيار ڏيندڙ اهڙن ئي پيارن انسانن مان ڊاڪٽر بشير احمد ’شاد‘ به هڪ آهي، جنهن سنڌي ادب ۾ شاعريءَ کان علاوه تحقيق ۽ لطيفيات جي حوالي سان قدر قابل ڪم ڪيو آهي.
    ڊاڪٽر بشير احمد شاد پهرين اپريل 1942ع ۾ آغا درمحمد پٺاڻ جي گهر ۾ جنم ورتو. پاڻ بنيادي تعليم وارا ڪجهه درجا پنهنجي جنم ڀومي شڪارپور ۾ حاصل ڪرڻ بعد وڏڙن جي مستقل طور لاڙڪاڻي لڏي اچڻ سبب، بعد وارو تعليمي سفر لاڙڪاڻي ۾ جاري رکيو. مئٽرڪ گورنمينٽ ميونسپل هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۽ انٽر ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڪرڻ بعد بي اي ۽ ايم اي سنڌي ادب ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. نوڪريءَ جو آغاز پرائمري استاد طور ڪيائين، جنهن بعد 1973 ۾ سنڌي جي ليڪچرار طور سندس تقرري سانگھڙ جي گورنمينٽ ڪاليج ۾ ٿي، جتي ٻه سال رهڻ بعد لاڙڪاڻي بدلي ٿي آيو. گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان پاڻ 1 اپريل 2002 تي سنڌي شعبي جي چيئرمئن ۽ ايسوسيئيٽ پروفيسر طور رٽائرمينٽ ورتائين. ٻه سالن جي قليل عرصي بعد زيبسٽ انٽرميڊيئيٽ ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادب جي استاد طور ڪم ڪرڻ جي کيس خصوصي طور آڇ ٿي، جتي هن وقت سنڌي شعبي جي سربراهه طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.
    ڊاڪٽر شاد پنهنجي ادبي سفر جو آغاز شاعريءَ سان ڪيو. پڙهڻ لکڻ وارو ماحول کيس اسڪول واري زماني کان ئي مليو جنهن سبب هن ڪيترن ئي موضوعن تي لکيل ڪتاب ڪاليج واري دؤر ۾ ئي پڙهيا. نه صرف پڙهيا پر انهن تي بحث مباحثا پڻ ٿيندا هئا، جو ان وقت ادب پڙهندڙن جي هڪ لٽرري سرڪل سنڌ اسٽڊي سرڪل ٺهيل هئي جنهن ۾ ڪتابن جي ڏي وٺ به ٿيندي هئي ته ليڪچر ۽ ننڍڙيون ادبي گڏجاڻيون پڻ. انهن گڏجاڻين ۽ ادب جو ذوق پيدا ڪرائڻ وارن استادن ۾ پروفيسر غلام الله شيخ جو نالو اهميت وارو آهي، جنهن انهن سڀني شاگردن کي گڏ ڪري لٽرري سرڪل جو بنياد وجهي، نوجوانن ۾ ادب پڙهڻ جو شوق پيدا ڪيو. ڊاڪٽر شاد جو ادبي شوق ۽ ڪتابن سان لاڳاپو ان دؤر کان وٺي اڄ تائين ساڳئي ريت برقرار آهي. هن جي ذاتي لائبريريءِ ۾ مختلف موضوعن تي 4000 کان مٿي ڪتاب موجود هئڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي.
    ڊاڪٽر شاد جي بنيادي حيثيت هڪ پختي شاعر واري آهي. هن سنڌي شاعريءَ کي ڪيئي امر سٽون ارپيون آهن. هڪ شاعر واري حيثيت ۾ ساڻس مختلف شهرن ۾ شامون ۽ رهاڻيون به رچايون ويون آهن. جتوڻيڪ ”اوجاڳو اکڙين“ سندس شاعريءَ جو پهريون مجموعو آهي پر ان کان پوءِ به ڊاڪٽر صاحب جي ڳچ شاعري منظرِ عام تي آئي آهي، جيڪا ڪتابي صورت ۾ شايع ٿي سگھي ٿي.
    ادب جا سبق پڙهائيندي پڙهائيندي، پاڻ تحقيق جي شعبي ۾ به ڪم شروع ڪيائين ۽ ڪيترن ئي علمي، ادبي موضوعن تي پُرمغز مقالا لکيائين. اڳتي هلي ڊاڪٽر شاد، نامياري محقق ۽ دانشور ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي نگرانيءَ هيٺ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي لاءِ تحقيقي ڪم جي شروعات ڪئي. سندس پي ايڇ ڊي جو موضوع ”مولانا ثناءُالله ثنائي جي شاعريءَ جو تنقيدي جائزو“ هو. اهڙي طرح هن 1989 ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. ملڪي توڙي صوبائي سطح جي ادبي سيمينارن ۽ ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪرڻ سبب ڊاڪٽر شاد جي ادبي دوستيءَ جو حلقو پڻ ڪافي وسيع ٿي ويو.
    سنڌ ۾ صوفياءِ ڪرام جي درگاهن تي ٿيندڙ ادبي ڪانفرنسن ۾ پڻ سندس تحقيقي مقالا پيش ڪرڻ جو سلسلو جاري ۽ ساري رهيو آهي. خاص طور تي حضرت شاهه عبداللطيف ۽ حضرت سچل سرمست جي عرس جي موقعي تي ٿيندڙ ادبي ميڙاڪن ۾ پابنديءَ سان شرڪت ڪرڻ سالن کان سندس معمول رهيو آهي. ڀٽائيءَ سان انتهائي عقيدت هئڻ سبب ڪيتري ئي وقت کان پاڻ لطيفيات جي موضوع تي ڪم ڪندو رهيو آهي. سندس ڇپيل 13 ڪتابن مان 6 ڪتابن جو لطيفيات جي موضوع تي هئڻ ڀٽائيءَ سان سندس بي انتها عقيدت ۽ محبت جو ثبوت آهي. ڀٽائي تي لکيل سندس ڪتاب ”عرفانِ لطيف“ جا هيل تائين پنج ايڊيشن ڇپجي چڪا آهن. انهيءَ ڪتاب جو بار بار ڇپجڻ پڙهندڙن ۾ ان ڪتاب جي مقبوليت ۽ اهميت ظاهر ڪري ٿو. ڊاڪٽر صاحب هن وقت شاهه جي رسالي مان ”موضوعاتِ لطيف“ ترتيب ڏيڻ واري ڪم ۾ مصروف آهي.
    ڊاڪٽر شاد جي ڇپيل ڪتابن ۾”امام شامل“ ترجمو، ”عرفانِ لطيف“ لطيفيات، ”فڪرِ لطيف“ لطيفيات، ”اوجاڳو اکڙين“ شاعري، ”الله سائينءَ جي ڏاچي“ ترجمو، ”پيهي منج پاتال _ ڀلارو ڀٽ ڌڻي“ لطيفيات، ”اسلامي تاريخ جون نامياريون عورتون“ ترجمو، ”لاڙڪاڻو صدين کان“ تحقيق ۽ ترتيب، ”شاهه عبداللطيف ڀٽائي“ (ڊاڪٽر بلوچ جي مقالن جي سهيڙ)، ”ڀٽ جو گھوٽ“ لطيفيات، ”جيون پيڙا پيار“ (لاڙڪاڻي جي چونڊ ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون)، ”حياتِ اقبال“ ترجمو، ”شاهه لطيف هر دؤر جو شاعر“ لطيفيات شامل آهن.
    سنڌي ادبي سنگت کان علاوه بزمِ سچل، لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي ۽ سچل ادبي مرڪز سان سندس ادبي وابستگي رهي آهي. سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻي جو بنياد 1982 ۾ پاڻ ئي رکيائين، جنهن پلئـٽفارم تان سنڌ سطح جون ڪيتريون ئي ڪانفرنسون، ۽ مشاعرا ڪوٺايا ويا آهن ۽ انهن پروگرامن ۾ سنڌ جي ناليوارن ليکڪن شرڪت ڪئي آهي. سچل ادبي مرڪز لاءِ 1985 ۾ پنهنجي ادبي دوست ۽ شاگرد انيس گل عباسي سان گڏجي الڳ پلاٽ حاصل ڪري، ٻين ذاتي دوستن کان مدد وٺي ان تي تعمير ڪرائي گرائونڊ فلور تيار ڪرايو، جنهن ۾ هن وقت ادبي مرڪز جي آفيس موجود آهي.
    ڊاڪٽر بشير احمد شاد ادب جي جن شعبن ۾ پاڻ ملهايو آهي انهن ۾ شاعريءَ کان علاوه تحقيق، تنقيد، ترجمو، ڪهاڻي ۽ ڪالم نگاري شامل آهن. هن ڪيترين ئي شخصيتن تي مضمون ۽ روزاني اخبارن ۾ ڪالم لکيا آهن. ”شاهه لطيف جي هڪ بيت جي شرح“ جي عنوان تحت روزاني ”عوامي آواز“ جي ادبي صفحي ۾ ڪيتري ئي وقت تائين مختصر ڪالم لکندو رهيو، جنهن کي ادبي حلقي ۾ ڀرپور ساراهيو ويو، 60ع واري ڏهاڪي کان مستقل طور سنڌ جي مڙني رسالن ۾ سندس مواد شايع ٿيندو رهيو آهي.
    نامياري ڪهاڻيڪار حميد سنڌي ڊاڪٽر شاد بابت پنهنجي راءِ ڏيندي لکيو آهي ته: ”بشير احمد هڪ خاموش طبع ۽ پنهنجي منهن ڪم ڪرڻ وارو ماڻهو آهي. هن خاموش ليکڪ جون سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ ڪيل ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن. سندس لکڻين ۾ جيڪا گھرائي ۽ گيرائي آهي، اها اڄ ڪلهه جي ليکڪن، محققن ۽ نقادن جي حوالي سان گھٽ اديبن جي حصي ۾ آيل آهي.“ نامياري شاعر احمد خان مدهوش ڊاڪٽر شاد کي منظوم خراج پيش ڪندي لکيو:
    سچل جو شيدائي وطن جو ثناگر،
    سندس خاندان آهي آغا نشانبر.
    مگر سنڌ جو آهي خادم سراسر،
    تڏهن کيس سمجهو مون سنڌي اڪابر.

    ڊاڪٽر بشير احمد شاد هڪ گهڻ ڳڻو انسان آهي، جنهن وٽ مهمانن جو مانُ ۽ دوستن جو قدر به آهي ته ادبي لڏي سان هٿ جوڙ واري واٽ پڻ. غزل جي خوبصورت شاعر وفا ناٿن شاهي ادبي مرڪز جي تاثراتي نوٽ بڪ تي ڊاڪٽر شاد بابت راءِ ۾ لکيو هو ته: ”ڊاڪٽر بشير احمد شاد جي محبتي روّيي مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو. شاد صاحب تمام سٺو شاعر، تمام سٺو دوست ۽ تمام سٺو انسان آهي. ٽئي خوبيون هڪ شاد صاحب ۾ موجود آهن. سندس طبعيت، سڀاءُ، زبان، ڪردار ۽ معيار سڀ خوبيون ساراهڻ جوڳيون آهن. شاد صاحب ادب جون محفلون سجايون ويٺو آهي ۽ رات ڏينهن علم ۽ ادب لاءِ پاڻ پتوڙي رهيو آهي.“
    ڊاڪٽر شاد جيڪي مختلف ادبي ايوارڊ ماڻيا آهن انهن ۾، شاهه لطيف ايوارڊ 1980، فڪر و نظر ايوارڊ 1984، شاهه عباللطيف ايوارڊ 1989 سنڌ مدرسته السلام ڪراچي، شاهه لطيف ايوارڊ 1994 ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو، بهترين مقرر جو ايوارڊ 1996 ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو، ميان شاهل محمد ايوارڊ 1998 ڪلهوڙا عباسي تنظيم سنڌ، فيض بخشاپوري ادبي ايوارڊ 1999 فيض بخشاپوري اڪيڊمي جيڪب آباد، عبدالواحد سنڌي ادبي ايوارڊ 1999 ماهوار نئين زندگي حيدرآباد، قلندر شهباز ادبي ايوارڊ 2000 لعل شهباز ادبي ڪاميٽي سيوهڻ، سچل سرمست ادبي ايوارڊ 2000 سچل يادگار ڪاميٽي خيرپور، لاڙڪاڻو هسٽري ايوارڊ 2002 لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي، لاڙڪاڻو هسٽري يادگار شيلڊ 2005 لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي، لاڙڪاڻو هسٽري يادگار شيلڊ 2007 لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي، قاضي عبد الحئي قائل ايوارڊ 2010 قاضي عبدالحئي اڪيڊمي ۽ سنگت ايوارڊ 2010 سنڌي ادبي سنگت سنڌ شامل آهن.
    ڊاڪٽر شاد پنهنجي اولاد کي به ادبي تربيت ڏني آهي، جنهن جي نتيجي ۾ سندس ٽي فرزند، احسان دانش (ڪهاڻيڪار، شاعر، ڪالم نگار، محقق)، رضوان گل (شاعر، ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار، مترجم) ۽ آغا عمران (ڪهاڻيڪار) پڻ ادبي کيتر ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. ڊاڪٽر شاد ادب جي جوت جلائيندو رهي ٿو، ان علم ۽ شعور جي روشنيءَ مان اڄ به ڪيترائي نوجوان لکاري پنهنجا اندر روشن ڪري رهيا آهن.


    20. غزل جو بادشاهه شاعر وفا ناٿن شاهي

    شاعر پنهنجي حساسيت سبب پنهنجي آس پاس ٿيندڙ وارتائن جو وڌيڪ گهرائيءَ سان مشاهدو ڪري منَ اندر جي ڪيفيتن کي لفظن جي رنگن سان پينٽ ڪري ٿو، اهي رنگ دردن جي علامت به هجن ٿا ته خوشيءَ جا نغما به، شاعر وٽ مختلف ڪيفيتن ۾ مختلف احساس جنم وٺن ٿا پر هو بنيادي طور پيار جو پوڄاري ٿئي ٿو جو هن جو محّور ئي عشق آهي:

    منهنجو مذهب پيار محبت،
    ڏسجو مان گمراهه ته ناهيان.
    نيٺ خطا ٿي ويندي مون کان،
    آدم هان، الله ته ناهيان.

    مٿيون سٽون ان شاعر جون آهن جنهن کي ”غزل جو بادشاهه“ جو خطاب مليو ۽ جنهن چار هزار کان مٿي سنڌي غزل لکيا. هن جو اصل نالو ته مشتاق علي هو پر سنڌي ادب ۾ سندس سڃاڻپ وفا ناٿن شاهي طور آهي. وفا 15 مئي 1934 تي خيرات علي قريشي جي گهر، انڊيا جي شهر امرت سَر جي ننڍڙي ڳوٺ ڪڪڙان والا بنڊيالا ۾ جنم ورتو. ورهاڱي بعد 1947 ۾ خيرات علي قريشي پنهنجي ڪٽنب سان گڏجي پاڪستان آيو ۽ سڌو اچي سيتا ڳوٺ ۾ هڪ خاص ٽرين ذريعي پهتو، جنهن ۾ کوڙ سارا ٻيا پناهگير پڻ شامل هئا. سيتا ڳوٺ کان خيرپور ناٿن شاهه جي ڳوٺ گوزي ۾ اچي مستقل طور رهيو ۽ چئن سالن جو مشتاق علي قريشي (وفا ناٿن شاهي) ان ڏينهن کان وٺي سنڌ جو بڻجي ويو ۽ سنڌي ٻوليءَ سان آشنا ٿيڻ شروع ٿيو. ٿوري ئي عرصي ۾ مشتاق قريشي، وفا ناٿن شاهي بڻجي سنڌي شاعريءَ ۽ خاص طور غزل جي صنف ۾ مقبوليت ماڻي ۽ پاڻ مڃرايو. هو محبت ۽ محنت سان مسلسل لکندو رهيو، ته سرڪاري طور ماڻهن پاران ”غزل جو بادشاهه شاعر“ جو خطاب به ملندو. وفا جا هيل تائين ٽي شعري مجموعا ڇپجي چڪا آهن جن ۾: ”اکين ۾ الماس“، ”وفا“ ۽ ”اوجاڳن جو انت“ شامل آهن.
    وفا جو ڪٽنب جهڙو ڪڪڙان والا بنڊيالا ۾ هو تهڙو ئي گوزي ۾ مفلسيءَ جي ور چڙهيل! انهيءَ مفلسيءَ واري ماحول مان وفا ٻال وهيءَ کان ئي محرومين ۽ مشڪلاتن سان منهن ڏيڻ لڳو، سندس سڳي ۽ ماٽيلي ماءُ ننڍي هوندي ئي هڪ ٻئي پويان فقط هڪ ڏينهن جي وٿيءَ سان گذاري ويون ۽ ائين مٿانئس ماءُ جو ڇانورو هميشه لاءِ کسجي ويو، جنهنڪري هن سنڌ جي ڌرتيءَ کي ئي پنهنجي ماءُ جيان ٿي ڀانيون، جنهنڪري هن پنهنجي شاعريءَ ۾ به سنڌ لاءِ تمام گھڻي عقيدت ۽ محبت جو اظهار ڪيو. جيتوڻيڪ وفا جي مادري ٻولي پنجابي هئي پر هن پنهنجي شاعري جي زبان سنڌي ئي اختيار ڪئي. کيس سڃاڻپ جو اهو ئي حوالو گهربل هو ته: ”مان سنڌي آهيان ۽ سنڌ منهنجي آهي“ کيس سنڌي سڏرائڻ لاءِ هي به چوڻو پيو ته:
    بدن مهراڻ آهي ، دل ڦليلـي،
    اڃا سنڌي نه آهيان! سوچ ٻيلي!
    هي سٽون هڪ سوال آهن، ته هڪ دعوى به. جڏهن وفا کي غير سنڌي هئڻ واري حوالي سان نظر انداز ڪيو ويو ته سندس دل مان بيساخته دانهن نڪتي جنهن ۾ هن مٿيون سٽون سرجي سنڌ سان محبت ۽ پنهنجائپ جو اظهار ڪيو. لفظ ڪنهن به تخليقڪار جي لهوءَ مان جڙندار آهن، جن جو تاثير صدين پڄاڻا به تازو ئي رهي ٿو، سنڌ سان وفا جي عشق جو هي اظهار ڏسو:
    ڪو نه ڇڏيندو سنڌ وفـا،
    ڪاڙهيو ڀلي ڪڙاهي ڙي!
    وفا ناٿن شاهي سنڌ جي ٺيٺ ٻهراڙي واري ماحول ۾ نپنيو ۽ سندس دوستن جو حلقو به سنڌي ڳالهائيندڙ ۽ پڙهندڙ هو. هن سنڌي ٻوليءَ کي ايترو ته هينئين سان هنڊايو جو اڄ ڪيترن ئي سنڌي شاعرن جي وچ ۾ بيٺل وفا جو قد کانئن گھڻو مٿاهون نظر اچي رهيو آهي. ننڍي لاءِ کيس راڳ سان تمام گھڻي دلچسپي هئي جيڪا سندس والد کان کيس ورثي ۾ ملي. هو سُريلو به هو جنهنڪري هن کي نشتر ناٿن شاهي هڪ مشاعري ۾ وٺي آيو ۽ انهيءَ ڏينهن هن پهريون غزل به لکيو هو جيڪو هن خيرپور ناٿن شاهه ۾ ان وقت جي هڪ مختيارڪار جي صدارت ۾ ٿيل مشاعري ۾ پڙهيو. ائين هن شاعري جي شروعات ڪئي. اتي ئي سندس ملاقات محسن ڪڪڙائي سان پڻ ٿي جنهن کان ابتدائي ڏينهن ۾ اصلاح پڻ ورتائين. محسن ڪڪڙائي جيڪو خود سنڌي شاعري جو اهم نالو آهي پنهنجي شاگرد وفا ناٿن شاهيءَ لاءِ لکيو: ”وفا پنهنجي ڏات ۽ ڏانءَ جي ڏاڪڻ تي چڙهي، ان بلنديءَ تي پهتو آهي، جتي هر ڪنهن جي جاءِ نه آهي. فني توڙي فڪري لحاظ کان وفا جو ڪلام پنهنجو مٽ پاڻ آهي عام طور تي ادبي حلقا وفا کي (غزل جو بادشاهه) سڏيندا آهن. مان ڀانيان ٿو ته ان کان وڌيڪ، غير سرڪاري سطح تي ٻيو ڪهڙو اعزاز، انعام ٿي سگهي ٿو“.
    وفا جي شاعريءَ جا ٻه اهم ۽ مختلف دؤر آهن هڪڙو ابتدائي خيرپور ناٿن شاهه وارو ۽ ٻيو جڏهن هن ساحر لڌيانوي، فيض ۽ جوش کان علاوه شيخ اياز کي پڙهڻ کان پوءِ پنهنجي فڪر، سوچ ۽ انداز ۾ تبديلي آندي. هاڻي کيس جديد ۽ روشن خيال سنڌي شاعريءَ کي اصل معنى ۾ سمجهڻ جو موقعو فراهم ٿيو، جنهن کان پوءِ هن ”روح رهاڻ“ جي پروگرامن ۾ شرڪت ڪرڻ شروع ڪئي جتي ترقي پسند ادبي لڏي سان پڻ سندس شناسائي ٿي ۽ ائين هو هڪ مخصوص گروهه کان ٻاهر اچي ٻين ليکڪن سان به مليو. وفا هاڻي سنڌي شاعرن جي شاعريءَ جو مطالعو به ڪرڻ لڳو جنهن سبب سندس شاعريءَ جي موضوعن ۾ ڪافي تبديلي به آئي. ائين هن ڪيترن ئي ماڳن تي وڃي زندگيءَ جو ويجهڙائيءَ سان مشاهدو به ڪيو جيئن هن پنهنجي ئي شعر ۾ چيو:
    هر طرح جو مشاهدو ٿي ويـو،
    منهنجي آوارگي فضول نه وئي.
    وفا ناٿن شاهي سڄا حياتي غربت ۾ گذاري پر بيماريءَ جي بستري تائين به شاعريءَ سان ناتو نڀائيندو رهيو. سنڌ جو هي خوبصورت غزل گو شاعر 5 جنوري 2005ع تي سنڌي ادب ۾ هزارين خوبصورت غزلن جو اضافو ڪري اسان کان وڇڙي ويو.


    21. جديد سنڌي افساني جي سرموڙ ليکڪا ثميره زرين

    ثميره زرين ان وقت ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون جڏهن سنڌي ادب ۾ عورت ليکڪائن جو آڱرين تي ڳڻن جيترو تعداد هو. هن شروعات ۾ رابندرناٿ ٽئگور ۽ خليل جبران جي ترجمو ڪيل افسانن سان ادب ۾ پير پاتو ۽ پوءِ جلد ئي ”وطن“، ”شمع ٻاريندي شب“، ”پلئه پاسو سچ“ ۽ ”غيرت“ جهڙا طبع زاد افسانا تخليق ڪري سنڌي افسانوي ادب ۾ پنهنجو هڪ الڳ مقام جوڙي ورتو. سندس شمار سنڌي افسانوي ادب جي بانيڪار عورت ليکڪائن ۾ ڪيو وڃي ٿو. انهيءَ حوالي سان کيس سنڌي ادب جي ”خاتونِ اول“ جو خطاب پڻ مليو.
    ثميره زرين شڪارپور جي اعواڻ گهراڻي ۾ محمد اعظم اعواڻ جي گھر 22 فيبروري 1944ع تي جنم ورتو. کيس ننڍپڻ ۾ ئي گھر ۾ ادبي ماحول مليو. هن جو پڙ ڏاڏو محمد عارف اعواڻ سنڌي ۽ فارسي ۾ شاعري ڪندو هو، جنهن جو شاعريءَ جو مجموعو ”ديوانِ صنعت“ پڻ ڇپيل آهي. جيئن ثميره جون ڪهاڻيون جاذب ۽ پرڪشش آهن، تيئن ئي هن جي شخصيت مان به هڪ رومانوي مزاج رکندڙ حساس فنڪاره جهلڪندي محسوس ٿيندي هئي. هوءَ ڪيتري ئي وقت تائين اديبن لاءِ معمو بڻيل رهي ۽ کين اهو مغالطو رهيو ته ثميره زرين جي نالي سان ڪو مرد قلمڪار ڪهاڻيون لکي رهيو آهي، پر پوءِ جڏهن 1966ع ۾ سندري ۽ اتم، وطن ياترا تي هندستان مان پاڪستان آيا ته هنن مختلف شاعرن ۽ اديبن سان ملاقاتون ڪيون ۽ شڪارپور پهچي ثميره زرين جي گهر ۾ ساڻس ملاقات ڪيائون، تڏهن صحيح معنى ۾ ثميره زرين جي ذاتي زندگيءَ بابت ڪجهه حقيقتون منظر عام تي آيون. ثميره جي ڇپيل ڪهاڻين جي مجوموعن ۾: ”گيت اڃايل مورن جا“، ”مهراڻ جون ڇوليون“، ”دل ۾ درد هزار“، ”روشن ڇانورو“ ۽ ”آءٌ اها ئي مارئي“ شامل آهن.
    ثميره زرين سماجي براين، ڏاڍاين، غريبن جي حقن جو استحصال ڪندڙ نام نهاد عزت دار ڪردارن جي پنهنجي ڪهاڻين ذريعي پت وائکي ڪئي آهي. هن پيار جي پيچرن تي هلندڙ پريمين کي خوابن جا محل به ڏيکاريا آهن ته سندن زخمن تي لفظن جا پها به رکيا آهن. هن جي ڪهاڻين ۾ سنڌوءَ جيڏي گهرائي به آهي ته هماليه جيڏي بلندي به. هن جي هر ڪهاڻي عورت جي ڏکن ۽ دردن جو داستان به آهي ته فرسوده ريتن ۽ رواجن جي زنجيرن ۾ ٻڌل ماڻهن جي پيڙا جو پڙلاءُ به! جن جاهلاڻين رسمن جو ذڪر ثميره زرين پنهنجي ڪهاڻين ۾ اڄ کان ٽيهه چاليهه سال اڳ ڪيو، سي اڄ به موجود آهن. فقط وقت گذرڻ سان ڪئلينڊر جون تاريخون تبديل ٿيون آهن، باقي سڀ ڪجهه ساڳيو آهي. اڄ به ماڻهن جا ساڳيا ئي رويا آهن ۽ عورت اڄ به ظلم جي چڪيءَ ۾ پيسجي رهي آهي! ستم جي رات کي اڄ به ڏينهن ٿو سڏيو وڃي. اڄ به ضميرن تي مهرون لڳل آهن. اهڙي ماحول ۾ جڏهن به ڪنهن سچ جو نعرو بلند ڪيو آهي، سو سرِ دار ٽنگيو ويو آهي، وقت جي اهڙي ئي ستم ظريفيءَ جو ذڪر بشير احمد شاد پنهنجي هنن سٽن ۾ ڪيو آهي:
    ستم جي رات کي جت ڏينهن سڏيو ويندو آ،
    جتي ضمير کي مهرن تي مٽيو ويندو آ،
    اتي جڏهن به صداقت جو ڪنهن هنيو نعرو،
    سرِ دار اهو شخص ٽنگيو ويندو آ.

    ثميره زرين پنهنجي تخليقي عمل جي حوالي سان چيو هو ته ”ڪوئي لکي ٻين تي احسان ڪندو هوندو. ادب تي، عوام تي، سماج تي، (داد طلبڻ لاء) (مون کي اعتراف آهي پنهنجي دل جي سمورين سچاين سان) ته مان صرف ان ڪري لکان ٿي جو مان لکڻ چاهيان ٿي. سماج جي بهبودي، عوام تي احسان، يا ادب جي عظمتن ۾ اضافو مان نه ڪيو آهي (۽ اهو سڀ چوڻ منهنجي انڪساري نه آهي، دنيا ۾ اونداهه آهي، زندگيءَ جا قدر ڀڄي ٽُٽي چڪا آهن. منهنجي قلم ۾ روشني ڪونهي. مون ڪجهه به نه جوڙيو آهي، پر منهنجي ذهن ۾ اونداهه ڪونهي، سوجهرو آهي. اها روشني ٻين تائين پهچائي نه سگهڻ منهنجي ڪوتاهي سهي، پنهنجي نظرين جي سهائيءَ ۾ اختيار ڪيل راهه البته منهنجي هستي جو فخر ضرور، ايئن ته ”ڪهاڻي“ تي اظهار خيال لاءِ گهڻيون ئي ”وڏيون“ ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون ۽ مان وڏيون ڳالهيون ”وڏن“ لاءِ ڇڏي اڄ ننڍي ڳالهه ئي ڪنديس. مان منهنجو زوايه نگاهه، منهنجا تاثرات ۽ ڪهاڻي ان اظهار جي صورت“. ثميره زرين جڏهن ريسرچ فيلو جي حيثيت سان يونيورسٽيءَ ۾ پير پاتو ته ڄامشوري جي هوائن سندس ڀرپور آجيان ڪئي، پر اهي آزاد فضائون کيس گهڻو وقت راس نه آيون، ها! هن کي بي رحم موت آگسٽ جي 13 هين تاريخ 1977ع تي اسان کان جدا ڪري ڇڏيو، پر هوءَ پنهنجي تخليقن ۾ اڄ اسان وٽ موجود آهي


    22. شاعر ، محقق، صحافي ۽ لطيف شناس انور پيرزادو

    نوان سال اميدن ۽ خوشين جا پيغام کڻي ايندا آهن، پر سال 2007 سنڌ لاءِ شروعات ۾ ئي ڳوڙهن، سڏڪن ۽ غمن جون ڀريون ٻڌي آيو هو. انهن سڏڪن جون صدائون سنڌ جي جهر جهنگ مان پڙاڏو ٿي ان ويل گونجڻ لڳيون جڏهن سنڌ جي عاشق، شاعر، آرڪيالاجسٽ، صحافي ۽ محبتي انسان انور پيرزادي جي لاڏاڻي جي خبر ريڊيو ۽ ٽي وي تان نشر ٿي هئي.
    لِٽل ماسڪو سڏجندڙ ڏوڪري تعلقي جي ننڍڙي ڳوٺ حاجي لعل بخش شيخ (ٻلهڙيجي) ۾ 25 جنوري 1945ع تي جنم وٺندڙ محمد انور ولد شفيع محمد پيرزادو پنهنجي تخليقن ۾ اڄ به اسان وٽ موجود آهي، ڇوته موت ڪڏهن به ڪنهن تخليقڪار ۽ جاکوڙي عاشق کي ماري مات ڏئي ناهي سگهيو. انور پيرزادي پرائمري تعليم ڳوٺ ۾ مڪمل ڪري سن 1962 ۾ مئٽرڪ ۽ بي اي 1967 ۾ ڪرڻ بعد 1969 ۾انگلش ايم اي ڪئي.
    اهڙا ماڻهو جيڪي پاڻ ارپي جاکوڙيندا آهن سي خود تاريخ بڻجي ويندا آهن ۽ تاريخ ڪڏهن به ناهي مرندي. انور پيرزادو پڻ اهڙن فردن مان هو جن پنهنجي سموري حياتي سنڌ جي تاريخ، آرڪيالاجي، جاگرافي، ٻولي، صحافت ۽ ڀٽائي جي پيغام کي عام ڪرڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي. هن ڀٽائيءَ جي ڪلام ۽ پيغام کي جديد فڪري بنيادن آڌار نئين سر متعارف ڪرايو. ڀٽائيءَ جي رسالي ۾ شامل بيتن جي درست پڙهڻي، ذڪر ٿيل حالتن، واقعن ۽ مقامن بابت کيس کوجنا ڪرڻ جو پڻ جنون هو. ڪچهريءَ ۾ سندس گفتگوءَ جو انداز انتهائي وڻندڙ ۽ پنهنجائپ وارو هو، جنهن ۾ سندس مشاهدي جي روشنيءَ مان ڪيتريون ئي نيون ڳالهيون ۽ حقيقتون رونما ٿينديون هيون. ٿر، ڪاڇي، وچولي ۽ اٽڪ جي پهاڙن کان ويندي انڊس ڊيلٽا جي وسيع ميدانن تائين هن سموري خطي جو مشاهداتي سفر ڪيو.
    انور پيرزادي کي ڀلي ته بنيادي طور شاعر ۽ صحافي چيو وڃي پر سندس سڃاڻپ جو هڪ ٻيو حوالو هڪ جاکوڙي آرڪيالاجسٽ وارو پڻ آهي. انهيءَ ڳالهه جو اندازو مون کي تڏهن ٿيو جڏهن سندس وفات کان ٻه سال اڳ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ پروفيسر محمد علي پٺاڻ جي آفيس ۾ انور پيرزادي سان هڪ ڀرپور ڪچهري ٿي. منهنجو سبجيڪٽ جاگرافي هئڻ سبب اسان جي ڪچهريءَ جو گھڻو موضوع پڻ جاگرافي، جيالاجي ۽ آرڪيالاجي رهيو. انور پيرزادي جي ڳالهين ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون صداقتون هيون جن کي اڄ تائين ڪنهن به لکت ۾ ناهي آندو. هو جتي به ويو نه فقط اتان جي زميني حالات جو مشاهدو ڪيائين، پر ان علائقي جي ٻولي، لهجي، محاورن ۽ موسمي حالتن بابت پڻ ڄاڻ حاصل ڪئي. هو ڪنهن به علائقي جي مٽي ڏسي ٻڌائي وٺندو هو ته ان ۾ ڪيتري زرخيزي آهي ۽ ان علائقي ۾ برساتون ڪيتري مقدار ۾ پوندڙ آهن. پاڻ ٿاڻي احمد خان مان پنڊ پهڻ (fossils) پڻ گڏ ڪيا هئائين. جهڙيءَ ريت پاڻ اتان جي زميني حالتن بابت تفصيل پئي ٻڌايائين ان مان اهو اندازو ٿي رهيو هو ته هن اتان جو چپو چپو سٺيءَ ريت ووڙيو آهي.
    جاگرافي ۽ آرڪيالاجي بابت جيڪا ڄاڻ جي کاڻ انور پيرزادي وٽ هئي سا سطحي نه، پر گهرائيءَ سان مشاهدو ڪيل ۽ ذاتي طور ورتل جائزي جو نچوڙ هئي. هن جهر جهنگ لتاڙي سنڌوءَ جي پراڻن وهڪرن جو سير ڪيو. کيرٿر، هالار ۽ ڪارونجهر جي معدني زخيرن کي استعمال ڪرڻ جي حوالي سان به هن ڪيترن ئي ڪالمن ۽ مضمونن ۾ اهڙيون تجويزون ڏنيون، جن تي جيڪڏهن عمل ٿي ته هوند اسان جا اهي معدني ذخيرا ملڪ لاءِ تمام گهڻو فاديمند ٿي پون.
    ذڪر ڪيل ملاقات ۾ انور پيرزادي مون کي صلاح ڏني ته جاگرافي توهان جو سبجيڪٽ آهي ۽ ادب ۾ به ڪم ڪيو ٿا. سائين ظفر حسن کان پوءِ سنڌ ۾ اوهان ئي واحد فرد آهيو، جيڪي هڪ ئي وقت جاگرافي ۽ ادب جي شعبن سان سلهاڙيل آهيو. اوهان ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ جاگرافيائي اهڃاڻ“ عنوان تحت ڪم شروع ڪيو، جنهن سان توهان کي شاهه سائين کي نئين انداز ۾ پيش ڪرڻ جو ڪريڊٽ به ملندو ۽ هڪ نئين رخ سان شاهه صاحب تي ڪم به ٿي سگهندو. مون کي اها صلاح ايتري وڻي جو مون ان تي عمل ڪندي هڪ تحقيقي مقالو لکڻ شروع ڪيو، جيڪو آهستي آهستي طويل مقالو بڻجي رهيو آهي، ڇو ته اڄ تائين اها اسائنمينٽ مڪمل نه ٿي آهي. ان جو سبب اهو آهي ته جڏهن به شاهه سائين کي پڙهندو آهيان ته ان ۾ جاگرافيائي اهڃاڻن جي حوالي سان ٿيل ذڪر کي مقالي ۾ شامل ڪري ان ۾ اضافو ڪندو رهندو آهيان.
    انور پيرزادي جي ڇپيل ڪتابن ۾ ”متان وساريو“، ”اي چنڊ ڀٽائيءَ کي چئجان“، ”سنڌ“، ”ڀٽائي“، ”بمبئي ياترا“ ۽ ”انٽرويو ۽ تقريرون“ شامل آهن. انور پيرزادي وٽ انيڪ موضوع هئا جن تي هن ڪم پئي ڪرڻ چاهيو، سندس خوبين مان هڪ وڏي خوبي اها به هئي ته هو عام ماڻهن ۽ خاص طور نوجوانن کي تحقيقي نوعيت وارا ڪم ڪرڻ لاءِ اتساهيندو هو، جنهن جو ننڍڙو مثال آءٌ مٿي پيش ڪري آيو آهيان. سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان سندس بي انتها عشق هيو. هو چوندو هو ”منهنجو وس هجي ته جيڪر سموري دنيا سنڌ بڻائي ڇڏيان.“ انور پيرزادي جو ڪيل پورهيو سنڌ جي حوالي سان مختلف موضوعن تي ڪم ڪندڙ محققن لاءِ کين بنيادي مواد (Source Material) طور ڪم ايندو. انور پيرزادو گهڻ پاسائون شخص هو جنهن جي ڪم ڪرڻ جو انداز به غير روايتي هو. اهڙو جو ٻين لاءِ روشنين جا نوان در کوليندڙ. سندس ادب، صحافت، تحقيق ۽ آرڪيالاجي ۾ ڪيل پيار ڀرئي پورهئي مان اسان کي ڀرپور لاڀ حاصل ڪرڻ گهرجي.
    جان جان هئي جيئري، ورچي نه ويٺي،
    وڃي ڀونءِ پيٺي، ساريندي کي سڄڻين.


    23. شاعر، مرتب ۽ محقق ڊاڪٽر ملڪ نديم

    دنيا ۾ علمي ۽ عملي ڪم سرانجام ڏيندڙ شخصيتون تاريخ جو حصو بڻجي وينديون آهن. جن شخصيتن پنهنجي پوري زندگي علم، ادب ۽ شاعريءَ کان ويندي تحقيق جهڙن ڳُوڙهن شعبن کي ڏئي سنڌي ادب ۾ پنهنجي حيثيت جوڙي، انهن ۾ ڊاڪٽر ملڪ نديم جو نالو پڻ اهم حيثيت جو حامل آهي.
    ملڪ نديم جو اصل نالو عبدالرزاق آهي. سندس جنم 8 اپريل 1946 تي ڪنڌڪوٽ ۾ ٿيو. ڊاڪٽر صاحب جي دلچسپي جو شعبو شاعري رهيو، پر هن تحقيقي حوالي سان پڻ تمام اهم ڪم سرانجام ڏنو. ان حوالي سان سندس سڀ کان وڌيڪ اهميت جوڳو ڪم سچل سرمست جي شاعريءَ تي لکيل پي ايڇ ڊي جو مقالو آهي. ان کان علاوه پاڻ شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شعبي ۾ استاد واري حيثيت ۾ واڳيل هئڻ ناتي ڪيترائي شاگرد پڻ پيدا ڪيائين، جيڪي سنڌي ادب ۾ تمام ڀرپور ڪم ڪري رهيا آهن.
    ڊاڪٽر ملڪ نديم ”ڀٽائي“ (تحقيقي جرنل) جيڪو شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ پاران شايع ٿيندڙ نج تحقيقي نوعيت جو مخزن آهي، جو ڪيترن ئي سالن تائين چيف ايڊيٽر رهيو. سندس نگرانيءَ ۾ ان جا اٺ پرچا شايع ٿيا جن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، شيخ اياز ۽ تنوير عباسي خاص نمبرن طور پڌرا ٿيا. انهن پرچن ۾ موجود تحقيقي مواد جي نگراني کان علاوه ڊاڪٽر ملڪ سنڌي شعبي جي سربراهه طور ڪيترن ئي ايم اي جي شاگردن کان سنڌي ادب جي ناميارن ليکڪن بابت ۽ مختلف ادبي صنفن تي مونوگراف پڻ لکرايا ۽ کين گائيڊ ڪيو. پاڻ لطيف يونيورسٽيءَ ۾ قائم ٿيل ”شيخ اياز چيئر“ جو سربراهه پڻ رهيو. سندس لکيل مضمونن جو ڪتاب ”شيخ اياز ڏوهي آهي“ جيڪو ”ڊاڪٽر ملڪ نديم اڪيڊمي“ پاران شايع ڪرايو ويو، پڻ شيخ اياز بابت هڪ اهم ڪتاب آهي. سندس دور ۾ شيخ اياز جي حوالي سان چيئر پاران پنج ڪتاب جن مان هڪ اياز جي شاعريءَ جو انگريزي ترجمو آهي پڌرا ٿيا.
    ملڪ نديم مختلف ادبي پروگرامن، ڪانفرنسن ۽ ميڙاڪن ۾ ڀرپور شرڪت ڪندو رهيو. هن سنڌ جي صوفياءِ ڪرام ۽ مختلف ادبي شخصيتن تي مقالا ۽ مضمون تحرير ڪيا. سندس نثر ۾ پڻ شاعراڻي خوبصورتي موجود آهي. پاڻ بنيادي طور هڪ تجريدي شاعر طور سڃاتو وڃي ٿو. سندس تجريدي شاعريءَ جا موضوع مظلوم عورتون، سماج جي بي حسي، راشي ڪامورا، ظلم ۽ انياءَ، عدل ۽ انصاف جو اڻ لڀ هجڻ ۽ سمورن سماجي قدرن جي ڀيل ڪندڙ ڪردارن جي تصوير ڪشي آهي. سندس تجريدي نظم جا ڪجهه حصا هن ريت آهن:
    * تنهنجو اخلاق ٽشو پيپر،
    تنهنجي عزت سبزي مارڪيٽ ۾ ٽماٽن جو اگهه،
    تنهنجا اصول،
    ڍڳي جي اوجهري جو مُلهه،
    تون گدڙن جو ايم پي اي آهين،
    يا ويهين گريڊ ۾ قانون جو آفيسر،
    يا واڱڻن جي اپوزيشن پارٽيءَ جو سياستدان.
    ـــــــــــــــ
    * اسان جا هاري
    هزارين سالن کان
    هالار جبل جي چوٽيءَ تي ويٺا آهن
    ته لهڻ جو نانءُ به نه ٿا وٺن
    لاوارث وڏيرو
    ٿر جي ريگستان ۾
    اڃا تائين هٿ ۾ ڏنڊو جهليو
    موڙي تي ويٺو آهي.
    جيئن اڳ ۾ ذڪر ٿيو ته ڊاڪٽر ملڪ نديم جي نظمن ۾ اجتماعي پيڙا، سنڌ جي مظلوميت جا داستان ۽ قومي ڏک سور ۽ انساني بي حسي جا عڪس پڻ چٽا نظر اچن ٿا، اهڙن ئي احساسن واريون سندس هي سٽون ڏسو:
    پاڻ ڌرتي چمون ٿا
    ڇو جو سائين
    تنهنجي منهنجي ڪرنگهن تان
    دنيا جون ريلون هلن ٿيون.
    ملڪ نديم تجريدي نظم لکي نوان تجربا ڪيا جنهنڪري ادبي حلقن ۾ اهي بحث جو موضوع پڻ رهيا. هر نئين صنف پنهنجي جاءِ جوڙڻ ۾ وقت وٺندي آهي. جيئن تجريدي آرٽ هر ماڻهوءَ جي سمجهه کان ٻاهر هجي ٿو، ايئن تجريدي شاعري پڻ هر قسم جي قاريءَ کي تڪڙي سمجهه ۾ اچي نه ٿي سگهي. دنيا ۾ هر شعبي ۾ تبديلي ۽ جدت آئي آهي. اهڙيءَ ريت تجريدي ادب خصوصن شاعري به انهيءَ جدت جو هڪ حصو آهي جيڪا هن وقت به بحث جو موضوع بڻيل آهي.
    ڊاڪٽر ملڪ نديم ادب جو هڪ جاکوڙي ڪردار هو، جنهن پنهنجي جوانيءَ کان وٺي آخري عمر تائين مسلسل ادب جي آبياري ڪئي. سنڌي ادب جي هن کاهوڙيءَ ليکڪ، تجريدي شاعريءَ تي مشتمل شعري مجموعو ”تجريدي نظم“، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي حوالي سان ڪتاب ”ڀٽائي بک هڙتال تي“ ۽ سچل سرمست جي ڪلام ۽ شخصيت تي ”سچل جي سيني ۾ سنگرام“ جهڙن انوکن عنوانن وارا ڪتاب پنهنجي حياتيءَ جي آخري دؤر ۾ ڇپرائي پڌرا ڪيا.
    ڊاڪٽر ملڪ نديم 9 مارچ 2010ع تي وفات ڪئي. سندس فرزند سڪندر مهراڻ پڻ ادب جي شعبي سان سلهاڙيل آهي، جنهن تازو ئي سندس شاعريءَ جو ڪتاب ”منهنجي جواني ڪنهن به موسم نه چورائي“ ترتيب ڏئي ڇپرايو آهي.


    24. ڪهاڻيڪاره ۽ سفر نامه نگار خيرالنساءِ جعفري

    سنڌي ڪهاڻيءَ جي عورت ليکڪائن جو جڏهن به ۽ جتي به ذڪر نڪرندو، اُتي خيرالنساءِ جعفري جو نالو نهايت اهميت وارو هوندو، ڇا لاءِ ته خيرالنساءِ هڪ اهڙي حقيقت پسند ڪهاڻيڪاره هئي جنهن پنهنجي ڪهاڻين ذريعي سوچ ۽ فڪر جا نوان دڳ ڏنا. جيئن سندس ڪهاڻين جا موضوع منفرد آهن تيئن اسلوب ۽ فن به ٻين ڪهاڻيڪارن کان کيس الڳ ڪري بيهاري ٿو. سندس شمار سنڌي جي بهترين ڪهاڻي نويسن ۾ ٿئي ٿو.
    خيرالنساءِ جعفري، جنهن کي پيار مان ”خيرو“ ۽ ”گُڏي“ جي نالن سان به پُڪاريو ويندو هو، 7 اگسٽ 1947ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. بنيادي تعليم اتي ئي حاصل ڪرڻ بعد نفسيات ۾ پوسٽ گريجوئيشن ڪيائين ۽ سن 1970 ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي نفسيات واري شعبي ۾ ليڪچرار طور مقرر ٿي. باضابطا لکڻ جي شروعات 1974 ۾ ڪهاڻيون لکڻ سان ڪيائين. سندس پهرين ڪهاڻي 1974 ۾ ئي ”سوجھرو“ رسالي ۾ شايع ٿي. خيرالنساء جي لکڻين ۾ اڪثر علامتي اهڃاڻ موجود آهن، جن ذريعي هن سماجي اڻ برابرين ۽ بُراين جو ذڪر جاندار انداز ۾ خوبصورت اسلوب سان ڪيو آهي. انهن ڪهاڻين کي پڙهڻ کان پوءِ ماڻهو سوچڻ تي مجبور ضرور ٿئي ٿو. هن هندوستان ياترا کان واپس ٿي هڪ سفرنامو به لکيو جنهن ۾ پنهنجي وطن جي سِڪ ۽ محبت جو ڏاڍن نفيس احساسن ۾ اظهار ڪيو اٿائين. ان کان سواءِ پاڻ مختلف موضوعن تي مضمون به تحرير ڪيائين، جن ۾ ٻارڙن جي نفسيات بابت لکيل سندس مضمون تمام ڪارائتا آهن، ڇاڪاڻ ته سندس سبجيڪٽ ئي نفسيات هو. انهيءَ ڪري هن جي ڪهاڻين ۽ ٻين لکڻين ۾ به داخلي احساسن ۽ جذبن جي اپٽار ججھي انداز ۾ ٿيل آهي. انهيءَ حوالي سان هن ادب جي نفسياتي لاڙن وارين تحريرن جو اضافو ڪيو.
    خيرالنساءِ 1974 کان مسلسل ڪهاڻيون لکندي رهي. سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ”تخليق جو موت“ جنوري 1978 ۾ شايع ٿيو، جنهن تي کيس تمام مانائتي موٽ ملي. هن پنهنجي ڪهاڻين جا ڪردار عام سنڌي معاشري مان چونڊيا آهن، جن کان ٺيٺ سنڌيءَ جا تُز محاورا به چوَرايا اٿائين، جيڪا سندس ڪهاڻين جي خاص خوبي آهي. خيرو جي ڪهاڻين جو ڪوبه ڪردار تصوراتي يا غير ضروري محسوس نه ٿيندو. جملا جيءُ جھنجھوڙيندڙ، ٻولي دلڪش ۽ منظر ڪشي لاجواب. هن جي تحرير ۾ گرفت ايتري جو پهرين سِٽَ پڙهڻ کان پوءِ سڄي ڪهاڻي پڙهڻ بعد ئي اُٿجي.
    خيرالنساء جون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون تمام گھڻيون مقبول ٿيون. عبدالقادر جوڻيجو سندس ڪهاڻين بابت راءِ ڏيندي چوي ٿو ته ”خيرالنساء ڪهاڻي لکڻ وقت پنهنجي ماحول ۽ ان طبقي جي بي پاڙن ڪردارن کي پاڻ سان ڳنڍيل رکيو آهي. هن اهڙا ئي ڪردار کنيا آهن جيڪي سندس آسپاس موجود آهن ۽ سندس ماحول سان گھاٽو تعلق رکن ٿا.“
    خيرالنساءِ پنهنجي مشهور ڪهاڻي ”حويليءَ کان هاسٽل تائين“ ۾ اهڙي مسئلي طرف ڌيان ڇڪايو آهي جيڪو صدين کان اسان جي سماج ۾ پيوست ٿي ويو آهي. عورت جي مظلوميت، ڪمتري ۽ مجبوريءَ جو عڪس جنهن خوبصورت اندز ۾ هن ڪهاڻيءَ اندر ملي ٿو سو هڪ حساس ماڻهو درد مند دل رکندڙ ئي سمجھي سگھي ٿو. مثال ان ڪهاڻيءَ جون هي سِٽون پڙهي ڏسو:
    ”مڃان ٿي مقدس آهي هيءَ حويلي، جنهن جي اوچين ديوارين تان سج صدين کان لنگھڻ ڇڏي ڏنو آهي. ڏينهن ته هن حويليءَ تان ڪڏهن گذرڻو ئي ناهي. هروقت رات ئي رات سان رُسڻ پرچڻ ٿيندو رهندو آهي. پوءِ جتي ڏينهن اچڻ ڇڏي ڏي، صرف رات ئي رات جو ديرو دُکندو رهي، اُتي ناجائز مال ڪيڏو نه اُپائي ۽ نپائي سگھجي ٿو.“
    ڪهاڻي ”تخليق جو موت“ هڪ احساساتي ڪهاڻي آهي، جنهن جي جملن جي جوڙجڪ ۽ اڻت پڙهندڙ کي پنهنجي سحر ۾ وڪوڙي ڇڏي ٿي. ڪهاڻيءَ جو ڪردار عزيز هڪ آزاد خيال من موجي ماڻهو آهي، جيڪو رهندو ته هاسٽل ۾ آهي پر اڪثر و بيشتر پنهنجي ڀيڻ جي گھر حيدرآباد ۾ به رهي پوي ٿو، جتي سندس هم عمر ڀاڻيجيءَ سان جملن جي ڏي وٺ ٿيندي رهي ٿي.
    ڪهاڻي ”پيڙا جو پڙلاءُ“ ۾ جذبن جا عڪس ايڏا ته دل کي ڇُهندڙ آهن جو پڙهندي پڙهندي انهن لفظن جو مٺاج مَن کي سڪون بخشي ٿو. درد جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل ماڻهوءَ جا احساس علامتي انداز ۾ پيش ڪرڻ جو وٽس خاص ڏانءُ آهي، جيڪو هن ڪهاڻيءَ ۾ نمايان نظر اچي ٿو.
    ”تون ۽ مان هڪ ڪناري جون ٻه ڪُنڊون هئاسين، جن جا رُخ ازل کان جُدا، تون درياءَ جي مست وهڪري جيان جتان چاهيئي اتان لنگھندو وئين. زندگيءَ جي هر تجربي کي پاڻ ۾ پائي بي فڪر ٿي روم هليو وئين، جيئن ڀانيئه تيئن ڪيئه، سوچڻ ۽ لوچڻ تنهنجي اڳيان اجايا هئا، تو آڏو زندگيءَ جو ساز رُڳو موج ۽ مستيءَ جي آواز لاءِ هو. پنهنجي هر ڪرڻي کي بهادري ۽ ويساھ ڀانيئه، شايد اعتماد جي اها گھڻائي هئي تو ۾، جو مون هميشه توکي پُرسڪون ۽ سانتيڪو ڏٺو.“
    خيرالنساءِ جعفري جي ڪهاڻين جو مجموعو ”منهنجو تخليقي سفر“ 1992 ۾ سنڌيڪا پاران ڇاپيو ويو، جنهن ۾ اڳ شايع ٿيل ڪتاب ”تخليق جو موت“ کان علاوه ٻيون ڪهاڻيون، تقريرون، انٽرويو ۽ انڊيا جو سفرنامو پڻ شامل ڪيا ويا. هن ڪتاب جو مهاڳ مشهور ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامه نويس عبدالقادر جوڻيجي لکيو.


    25. شاعر، ڪهاڻيڪار، مترجم ۽ ڪالم نگار قاضي مقصود گل

    سياست، صحافت ۽ ادب جي شعبن ۾ لاڙڪاڻو هميشه اڳرو رهيو آهي. هتان جي ماڻهن پنهنجي پنهنجي شعبن ۾ غير معمولي ڪارڪردگيءَ سبب نه رڳو ملڪي پر بين الاقوامي شهرت ۽ مڃتا ماڻي آهي. ادب جي شعبي ۾ اهڙا ڪيترائي خاندان آهن جن ڪيترين ئي پيڙهين کان وٺي ساهت جي آبياري ڪئي آهي. اهڙن ئي خاندانن مان رتي ديري جو قاضي خاندان پڻ هڪ آهي، جنهن جا فرد ادب کان علاوه ٻين شعبن ۾ پڻ خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. انهن فردن مان هڪ گھڻ پاسائين شخصيت قاضي مقصود حيات ولد قاضي عبدالحئي ”قائل“ آهي، جيڪو 15 اپريل 1950ع تي رتي ديري ۾ پيدا ٿيو. کيس سنڌي ادب ۾ مقصود گل جي نالي سان ڄاتو وڃي ٿو.
    قاضي مقصود گل ابتدائي تعليم پنهنجي والد کان ورتي. گورنمينٽ هاءِ اسڪول رتي ديري مان مئٽرڪ پاس ڪرڻ بعد لاڙڪاڻي ۽ پوءِ حيدرآباد مان تعليم جون سنَدون حاصل ڪيون. بِي اي ڪرڻ بعد پنهنجي خانداني پيشي استاديءَ سان 1969 ۾ وابسته ٿيو. پهرين پوسٽنگ هاءِ اسڪول سيتا روڊ ضلعي دادو ۾ بحيثيت ڊرائنگ ٽيچر ٿي. ان دؤران اقتصاديات ۽ سنڌي ادب ۾ ايم اي جون ڊگريون حاصل ڪيائين. 1973 ۾ شگرمل نئون ديرو ۾ تربيتي آفيسر طور چونڊيو ويو، جنهن کان پوءِ سندس ترقي ٿي ۽ ڊپٽي مئنيجر بڻجي ويو. گل، هن وقت قاضي عبدالحئي قائل ماڊل اسڪول رتوديرو جو پرنسپال آهي.
    مقصود گل جي شخصيت جا هونئن ته ڪافي پهلو آهن پر سندس بنيادي سڃاڻپ جو اهم حوالو شاعري آهي، جنهن ۾ شروعاتي دؤر ۾ اصلاح پنهنجي والد کان ورتائين ۽ پوءِ سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعر ڊاڪٽر عطا محمد حامي کان رهنمائي حاصل ڪندو رهيو. هن جي شاعريءَ جو اڪثر موضوع ڌرتي ۽ ڌرتيءَ واسين جا ڏک ۽ تڪليفون رهيو آهي. جڏهن به ڪنهن ظالم، قومي حقن تي راتاهو هنيو ته هن جو قلم تلوار جي تيز ڌار جيان وهيو. ڪيترن ئي سالن کان اخبارن ۾ سندس چؤسٽا شايع ٿيندا رهيا آهن جيڪو سلسلو روزاني عوامي آواز ۾ ڪافي وقت تائين جاري رهيو. سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن جي حوالي سان ٺهڪندڙ انهن چؤسٽن ۾ پڻ هڪ دؤر جي منظوم تاريخ سمايل آهي.
    مقصود گل کِلڻو، مِلڻو، محبتي ۽ زنده دل ماڻهو آهي. ساڻس گڏ ويهي ڪچهريون ڪبيون آهن ته وقت جو احساس ئي ناهي رهندو. هن جي گفتگو ۾ اهڙو ته سحر آهي جو هر ماڻهو ساڻس ملاقات ڪرڻ بعد سندس محبت جو قائل ٿيڻ کان سواءِ رهي ئي نه ٿو سگھي. چوندا آهن جيڪي ماڻهو ظاهر ۾ تمام گھڻو خوش لڳندا آهن انهن جي اندر ۾ دردن جون ڪهاڻيون سمايل هونديون آهن. گل پنهنجي والد جي وڇوڙي جي درد جي ڪٿا هن سٽن ۾ به بيان ڪئي ته:
    تن کان پُڇجي درد ڪهاڻي،
    جن کان پنهنجا ڌار ٿيـن ٿـا.
    سڄاڻ قلمڪار علي دوست عاجز مقصود گل جي شاعري جي مجموعي ”رت ڀنا رابيل“ ۾ ”شاعر گل ۽ خوشبو گيت“ جي سِري هيٺ لکيو آهي: ”سائين قاضي صاحب فطري طور معصوم جذبن جو ڌڻي آهي، سندس شاعريءَ ۾ گلن جهڙي ڪوملتا، خوشبو ۽ نفاست آهي، جن جي اقرار توڙي انڪار جي موسيقي روح جي تارن کي ڇُهندي ٿي وڃي اهڙي معصوميت مون ٿورن ماڻهن ۾ ڏٺي آهي.“
    روئي ٿا کِلون ۽ نير هاريون،
    اسان جي به ڄڻ آهي ٻارن جي دنيا.

    مقصود گل مصور به آهي ته بيباڪ ڪالم نگار پڻ. مختلف سياسي سماجي مسئلن تي هن مستقل مزاجيءَ سان ڪالم به لکيا آهن، جن ۾ سندس انداز بيباڪ ۽ جُرئت منديءَ وارو رهيوآهي. شاعري ۽ ڪالم نگاري جيتوڻيڪ هڪ ٻئي کان ڪافي مختلف شعبا آهن، پر هن ٻنهي سان تمام ڀرپور نڀاءُ ڪيو آهي. هن سنڌ جي سينڌ جو قسم کڻي چيو ته سچ تي قلم کڻڻ کان ڪڏهن به نه مُڙبو پوءِ ڀل ته ڪيترا به ايذاءَ ڇونه اچن:

    سنڌ جي سينڌ جو مون اڄ کنيو آهي قسم،
    ڀل ته ڏي ايذاءَ تون پر سـچ تي کڻبو قلم.

    قاضي مقصود گل شاھ لطيف ادبي سنگت رتي ديري جو سيڪريٽري، سنڌي ادبي سنگت رتي ديري جو سيڪريٽري، سنڌڙي ڪتابي سلسلي جو سرواڻ، ٻاراڻي ادبي رسالي ”گلدستو“ جو روح روان ۽ لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي جو ميمبر هئڻ کان سواءِ ٻين ڪيترن ئي ادبي ۽ سماجي ادارن سان مختلف حيثيتن ۾ سلهاڙيل رهيو آهي. انهيءَ حوالي سان سندس حيثيت هڪ منتظم واري به آهي، ته پبلشر واري پڻ. سنڌڙي ڪتابي سلسلي پاران هن ڪيترائي اهم ڪتاب ڇپرايا، جن کي پڙهندڙن پاران مانائتي موٽ ملي.
    قاضي مقصود گل بحيثيت شاعر، ڪالم نگار، منتظم ۽ پبلشر ته پنهنجون خدمتون اڄ سوڌو سرانجام ڏيندو رهي ٿو، پر هُو هڪ ڀلو ڪهاڻيڪار به آهي، ته سيبتو مترجم پڻ. هن خاص طور تي ٻهراڙي جي پسمنظر ۾ تمام خوبصورت منظر ڪشي ۽ ماحول مطابق ٺيٺ ٻوليءَ واريون ڪهاڻيون سرجيون آهن. سندس ڪهاڻيون جديد ڪهاڻيءَ جي گھرجن مطابق آهن. ”ڪرامت“ سندس بهترين ڪهاڻين مان هڪ آهي.
    قاضي مقصود گل نه فقط گھڻو، کرو ۽ وقتائتو لکيو آهي، پر انهيءَ مواد کي وقت سِر شايع به ڪرايو آهي. سندس لکيل تحقيقي مقالا ۽ مضمون موقعي جي مناسبت سان مختلف رسالن ۽ اخبارن جي خصوصي ترتيب ڏنل صفحن ۾ اڪثر شايع ٿيندا رهيا آهن. مٿين سڀني صنفن کان علاوه هن ترجمي واري شعبي ۾ پڻ پاڻ ملهايو آهي. سندس ترجمو ڪيل ڪتاب ”زندگيءَ ڏي موٽ“، سچل سرمست جي فارسي ڪلام جو اردو ترجمو ”عشق سمندر“، شيخ اياز جي شاعري جو اردو ۾ ڪيل ترجمو ”اي آهو چشم ڪِڌر“ ان ڳالھ جو دليل آهن. ان کان علاوه سندس ڪتابن ۾ ”رت ڀنا رابيل“ شاعري، ”وِکريل موتي“ ترتيب، ”ڪِرڻا ڪِرڻا“ ٻاراڻي شاعري، ”هٺيلي هرڻي“ ٻارن لاءِ ڪهاڻيون ۽ ”رتوديرو“ (تاريخ) شامل آهن. مقصود گل ڌرتيءَ ڌڻين کي هميشه محبت، امن ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏيندي چيو ته:
    گل ورهايو محبت مان جھوليون ڀري،
    ڪيــن نفرت جا اڇليو پٿر دوسـتو.


    26. ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامه نگار ڪيهر شوڪت

    سنڌي ڪهاڻي جي اوسر ۾ جن ڪهاڻيڪارن جو اهم ڪردار رهيو آهي انهن ۾ جمال ابڙي ۽ اياز قادري کان ويندي رزاق مهر تائين ڪيترن ئي ڪهاڻيڪارن جا نالا ڳڻائي سگھجن ٿا. اهڙن ئي برجستن ڪهاڻيڪارن ۽ پختن ڊرامي نگارن ۾ ڪيهر شوڪت جو نالو پڻ وڏي اهميت جو حامل آهي. هن وٽ لکڻ جو نرالو ڏانءُ هو جيڪو پڙهندڙ کي پنهنجي گرفت ۾ آڻي ڇڏيندو هو. هن زندگيءَ جي ننڍڙن مسئلن ۽ مونجهارن کان ويندي وڏن وڏن سماجي ناسورن تي جهڙي ڀرپور انداز ۽ جزيات ۾ وڃي لکيو سو انداز ئي سندس خاص سڃاڻپ بڻيو. هن کي مشاهدي واري اک پيش ڪيل منظر ۾ موجود چرندڙ پرندڙ ننڍين شين تي به هوندي هئي. سندس ڪهاڻين ۾ موجود منظرڪشي پڙهندڙ کي ان ماحول ۾ پهچائي ڇڏيندي هئي جيڪو هو لفظن ذريعي چٽيندو هو ۽ اها سندس لکڻيءَ جي ڪمال ڪاريگري هئي.
    ڪيهر شوڪت ولد غلام عباس ڪيهر 2 فيبروري 1951 تي جنم ورتو. سندس اباڻو ڳوٺ آگاڻي باغن واري خاص سڃاڻپ رکندڙ آهي. سندس ننڍپڻ جا ڏينهن سرسبز ۽ شاداب ڌرتيءَ تي رانديون ڪندي گذريا. شروعاتي دَرجا آگاڻي جي پرائمري اسڪول ۾ تعليم ورتائين، جنهن کان پوءِ مڊل ڪلاسن تائين گورنمينٽ اسڪول ڪيهر ۾ پڙهيو، پوءِ گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان 1970 ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. ڪجهه وقت دادو ۾ به قيام ڪيائين، پوءِ گورنمينٽ ڪاليج دادو مان بي اي جو امتحان ڏيڻ بعد ڪراچي يونيورسٽي ۾ ايم اي بين القوامي تعلقات ۾ داخلا وٺي اتي هاسٽل ۾ رهڻ لڳو، پر کيس مزو نه آيو، جنهنڪري هن ايس ايم لا ڪاليج ۾ قانون جي تعليم وٺڻ شروع ڪئي. 1980 ۾ ايل ايل بي جو امتحان پاس ڪيائين ۽ 1985 ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌي ادب ۾ ايم اي پڻ ڪيائين.
    ڪراچيءَ ۾ سندس نوڪريءَ جي شروعات سنڌي استاد طور ٿي، پر پوءِ تُرت ئي وڪالت شروع ڪيائين. 1990 ۾ کيس صوبائي قانون کاتي ۾ سرڪاري وڪيل جي نوڪري ملي، جتان 1998 ۾ ڊپٽي اٽارني جي عهدي تي ترقي پڻ ماڻيائين. سندس مزاج حساس ليکڪ هئڻ سبب ٻين وڪيلن کان گهڻو مختلف هو. هن جتي به نوڪري ڪئي سندس هٿ صاف رهيا، جيڪو به حاصل ڪيائين سو سندس ذاتي محنتن جو نتيجو هو.
    ڪيهر شوڪت جو شمار سنڌ جي معروف ڊرامي نگارن ۾ به ٿئي ٿو. هن ستر واري ڏهاڪي ۾ لکڻ جي شروعات شاعري سان ڪئي، جنهن بعد سندس لاڙو ڪهاڻين ڏانهن ٿيو ۽ هن پنهنجي احساسن جي اظهار لاءِ ڪهاڻيءَ کي ئي مستقل اظهار جو ذريعو بڻايو. پاڻ هڪ متحرڪ انسان هو جنهن سڄي حياتي جدوجهد ڪندي قلم ۽ ڪاغذ سان ناتو نڀائيندي گذاري. هن جي لکڻين ۾ بهتريءَ جو پيغام آهي، جيڪو پڙهندڙ جي ذهن تي هاڪاري اثر ضرور ڇڏي ٿو. ڪهاڻي جي ڪئنواس تي خوبصورت ڪهاڻيون چٽيندي هن جڏهن ڊرامن ڏانهن لاڙو ڪيو ته نه فقط سنڌي پر اردو ڊرامن ۾ به پاڻ مڃرايو. هن پي ٽي وي تي پهريون ڊرامو تڏهن لکيو جڏهن اڃا سندس عمر 26 سال هئي. اڳتي هلي سندس شمار ملڪ جي تمام سٺن ناٽڪ نويسن ۾ ٿيڻ لڳو. سندس يادگار ڊرامن ۾ ”انتها“، ”درد مندون ڪا ديس“، ”سج گرهڻ“، ”اڪيلو ماڻهو“ وغيره شامل آهن. ڪيهر شوڪت جي ڪهاڻين جو مجموعو ”پل تي ويٺل هڪ نوجوان“ پڻ ڇپيل آهي.
    انسان پنهنجي جيون ۾ ڪيئي سپنا ڏسي ٿو ۽ پوءِ سڄي حياتي انهن کي ساڀيان ڪرڻ جي جستجو ۾ گذاري ٿو ڇڏي. اڻ کٽ خواهشون انسان کي جهوري ٿيون وجهن. ”سڪون ڪٿي آهي“ رزاق مهر جي فقط ڪتاب جو ئي نالو نه آهي، پر اهو هڪ اهڙو سوال آهي جنهن جي جواب ڳولڻ ۾ زندگي جو ڏيئو به آخرڪار اُجهامي وڃي ٿو! پر زندگيءَ ۾ سڪون ميّسر ڪونه ٿو ٿئي. ڪيهر شوڪت به سموري زندگي انهيءَ سڪون جي تلاش ۾ گذاري.
    ڪيهر شوڪت سدائين پنهنجي آدرشن کي سامهون رکندي ڪم ڪيو. کيس ڪنهن جي ڊڪٽيشن وٺڻ کان ڪَٽَ هئي، هو هڪ ارڏو، سنجيده، گهڻ پڙهيو ۽ خوش گفتار انسان هو. هن جي سنگت جو حلقو به وسيع هو. آگاڻين کان ويندي ڪراچيءَ تائين سڄي سنڌ جي ادبي لڏي سان سندس هٿ جوڙ هئي. هڪ ڳالهه جيڪا اندر کي ڏک سان تار ڪندڙ آهي ته ڪيهر شوڪت، فقير محمد لاشاري، روشن تنيو، واجد، رزاق مهر، ملڪ آگاڻي ۽ انور پيرزادو اهي سڀئي هڪ ٻئي پٺيان ڪيئن هليا ويا! ۽ ايترو جلدي! جڏهن ته انهن مڙني ماڻهن جي سنڌ کي اڃا شديد ضرورت هئي.
    هونءَ ته هر ماڻهوءَ اندر پنهنجو موهه هجي ٿو پر ڪجهه ماڻهن جو وڇوڙو دل ۾ گهاءُ ڪري وجهندو آهي. سندن موت جي خبر ٻڌي پڪَ ئي نه ٿيندي آهي ته ڪو ايترو جلدي هو اسان کان وڇڙي ويندا! اهڙن ئي ڇرڪائيندڙ خبرن ۾ ڪيهر شوڪت جي وفات جي خبر به هئي، جيڪو 24 اپريل 1999 تي سوِل اسپتال ڪراچي ۾ اسان کان وڇڙي ويو هو.


    27. محقق، نقاد، ڪهاڻيڪار ۽ ماهرِ لسانيات ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

    ڪنهن به انسان تي نالي جو مٿس ڪيترو اثر رهي ٿو، انهيءَ حوالي سان جيڪڏهن مختلف، اديبن، شاعرن، عالمن، مفڪرن، فلسفين ۽ دانشورن جي نالن کي سامهون رکي ٿورو غور ڪبو ته اها ڳالهه ڪافي حد تائين درست نظر ايندي، ته نالي جو انسان جي شخصيت مٿان اڪثر گهرو اثر رهي ٿو. انهيءَ حوالي سان ئي جڏهن مون سنڌ جي نامياري دانشور، محقق، صحافي، سماج سڌارڪ، ٻولي ماهر، سڄاڻ سياسي ۽ سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي شخصيت جو مطالعو ڪيو ته هو مون کي بلڪل پنهنجي نالي جيان هڪ محبتي ڪردار نظر آيو، جنهن پنهنجي مختصر ڄمار ۾ مختلف شعبن ۾ تمام وڏو ۽ تاريخي نوعيت جو ڪم ڪيو.
    ڊاڪٽر محبت علي ولد شوڪت علي ’شوق‘ ٻرڙو 25 مارچ 1952 تي قمبر شهر ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم گورنمينٽ مين پرائمري اسڪول قمبر، انٽر سائنس (پري ميڊيڪل) 1971 ۾ گورنيمنٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۽ ايم بي بي ايس لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشوري مان 1979 ۾ پاس ڪئي. ڊاڪٽر جڏهن ڊگري ڪاليج ۾ پڙهندو هو ته هُو هر روز اتان مختلف موضوعن وارا ڪتاب پڙهڻ لاءِ جاري ڪرائي قمبر کڻي ويندو هو. ائين هن ڪيترن ئي علمي، ادبي، سائنسي ۽ سماجي موضوعن تي لکيل ڪتاب ڪاليج جي پڙهائي دؤران ئي پڙهي ورتا. ڊاڪٽر محبت ايم بي بي ايس ڪري ڪئپٽن ڊاڪٽر جي حيثيت سان ڪمپلسري ملٽري سروس ڪئي، جنهن ۾ سندس تقرري گلگت، اسڪردو ۽ ڪوئٽا ۾ رهي. ڊاڪٽر جي مزاج ۽ ملٽري جي نوڪري ۾ گھڻو تزاد هو، جنهنڪري پاڻ ان عهدي تان استعفى ڏئي ڪراچيءَ ۾ اچي خانگي نوڪري ڪيائين. پر پوءِ جلد ئي پنهنجي ڳوٺ قمبر اچي پنهنجي ”لطيف ڪيلنڪ“ کولي. جتي هن غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي خدمت واري جذبي تحت ڪم ڪيو.
    محبت ٻرڙو هڪ ذهين ۽ پڙهاڪو انسان هو. هن وٽ پڙهائي ڪرڻ جو پنهنجو مخصوص انداز هو، هو جيڪو به ڪتاب پڙهندو هو ان ۾ ڪم جون نوٽ ڪرڻ واريون ڳالهيون انڊر لائين ڪندو ۽ انهن کي ذهن ۾ محفوظ ڪري دوستن سان ليڪچرس ۾ شيئر ڪندو هو. ڊاڪٽر ڄامشوري ۾ پڙهائي دؤران ڪيترن ئي اديبن سان ڪچهريون ڪيون. اتي ئي کيس لکڻ جو شوق به پيدا ٿيو. 1974 ڌاري هن باضابطا لکڻ جي شروعات ڪئي. سندس ڪهاڻيون ۽ مضمون ”شاگرد“، ”انجيڪشن“ ۽ لياقت ميڊيڪل ڪاليج جي مخزن ۾ شايع ٿيا. ڊاڪٽر محبت جي پهرئين ڪهاڻي ”ڊاڪٽر“ هئي جيڪا به ميڊيڪل ڪاليج جي ”لياقت“ مئگزين ۾ 1974 ۾ شايع ٿي. اتان سندس ادبي زندگيءَ جو آغاز ٿيو ۽ هن ڪهاڻيون، مضمون، ترجما ۽ ٻيون مختلف لکڻيون رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپرائڻ شروع ڪيون.
    ڊاڪٽر محبت ”سنڌي شاگرد پبليڪيشن“ جو ايڊيٽر رهيو ۽ 1978 ۾ ”ڏاهپ ڪتاب گھر قمبر“ جي نالي سان پبلشنگ ادارو شروع ڪيائين. ”گلن جھڙا ٻارڙا سنگت قمبر“ جو 1976 ۾ سرپرست رهيو. ڊاڪٽر جي سياسي وابستگي سنڌي شاگرد تحريڪ سان رهي. 1978 ۾ ڊاڪٽر، سنڌي شاگرد تحريڪ سنڌ جو پهريون ۽ چونڊيل مرڪزي صدر رهيو. ان عرصي دؤران هن سڄي سنڌ ۾ ڪيترائي ليڪچر ڏنا. اهو مارشل لا جو زمانو هو جنهن ۾ سياسي سرگرمين سان گڏ لينن ۽ مارڪس جي ڪتابن تي پڻ بندش هئي. ان وقت ڊاڪٽر سياسي حوالي سان ماڻهن کي اتساهيندو رهيو ۽ انهن کي دنيا جو انقلابي ادب پڻ پڙهائڻ لاءِ ڪوششون ورتائين. انهيءَ سلسلي تحت هن 50 کن مضمون به لکيا ته مختلف يونٽن ۾ 500 کان مٿي ليڪچر پڻ ڏنا، جن ليڪچرن جي نتيجي ۾ سنڌي ماڻهن ۾ سياسي سجاڳي اچڻ لڳي.
    ڊاڪٽر محبت قلمي نالن لطيف، ساجد، سجاد، مهراڻ مگسي ۽ سڄڻ سان به لکندو رهيو. سندس ڇپيل سياسي ڪتابن ۾ ”...جيڪو سچ چوي“، ”هٿ وڌايو سنڌ بچايو“، ”شهيد فاضل راهو ۽ سندس پارٽي“، ”ڄاڻي سڃاڻي ويهان ڪيئن ماٺ ڪري“، ”سنڌي عوام جو قومي اتحاد ۽ ڪي سازشي“، ”پ پ حڪومت جا پهريان ٽيهه ڏينهن“ وغيره شامل آهن. جڏهن ته سندس طبعزاد ۽ ترجمو ڪيل ڪتابن ۾، ”انقلاب“، ”جدلي ماديت جا اصول“، ”شعور“، ”ٻوليءَ جو بڻ“، ”ٻول جو بُڻ“، ”ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ“، ”سورس مٽيريل آن سنڌ“، ”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا“، ”ماڻهو ۽ ماڻهپو“، ”اچو ته پنهنجي سنڌي لکت سنواريون“، ”يادون ۽ سُڪون“، ”سنڌي ٻولي: لفظ، لغت ۽ لکيت“، ”موسى کان مارڪس تائين“، ”سنڌ: حڪران، ايم ڪيو ايم ۽ سنڌي عوام“، ”آڳاٽي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي“ ۽ ”ڌرتي منهنجو گھر“ شامل آهن. ڊاڪٽر محبت جي ننڍي ڀاءُ نامياري ڪهاڻيڪار، شاعر، ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي جي روح روان ۽ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي اڳوڻي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري رياضت ٻرڙي موجب اڃا سندس اڻ ڇپيل ڪتابن جو انگ ڏهاڪو کن ٿيندو جيڪي آهستي آهستي ڇپائي پڌرا ڪيا ويندا.
    ڊاڪٽر محبت روزاني ”جاڳو“ جو قمبر ۾ نمائندو به رهيو، جتي هن صحافتي خدمتون ديانتداري سان ادا ڪيون. پاڻ ”موهن جو دڙو سائنس ڪلب“، ”کيرٿر سائنس اڪيڊمي قمبر“ ۽ سلسليوار ”سائنسي سوچ“ سان مختلف حيثيتن ۾ لاڳاپيل رهيو. سنڌ جي ڪيترين ئي اخبارن ۾ ڀرپور ڪالم لکندو رهيو، جن کي ترتيب ڏجي ته اهي ڪالم سنڌ جي حقيقي تاريخ سمجھڻ ۾ انتهائي ڪارائتا ثابت ٿيندا. ڊاڪٽر محبت جي وفات بعد سندس نالي پٺيان ”ڊاڪٽر محبت اڪيڊميءَ“ جو بنياد وڌو ويو. هن اڪيڊمي طرفان علمي، ادبي ۽ سماجي پروگرام باقادگيءَ سان منعقد ٿيندا رهن ٿا. انهيءَ اڪيڊميءَ پاران سندس ڀاءُ رياضت ٻرڙي ڪيترن ئي شاعرن ۽ اديبن جا طبعزاد ۽ ترجمو ڪيل ڪتاب پڻ ڇپرايا آهن. اڪيڊمي پاران هر سال ڊاڪٽر محبت جي ورسي جي موقعي تي سندس ڪو نئون ڪتاب ڇپرائي پڌرو ڪيو وڃي ٿو، جيڪو سلسلو جاري آهي. رياضت ”سائنسي سوچ“ رسالي واري ڪڙي ۽ ڏاهپ پبليڪيشن جو حوالو به ڪنهن نه ڪنهن ريت اڄ تائين دهرائيندو ۽ ان تي ڪم ڪندو رهي ٿو جيڪو سندس وڏي ڀاءُ سان سڪ ۽ محبت جو ئي دليل آهي.
    ڊاڪٽر محبت جي ٻولي ۽ ادب لاءِ ڪيل خدمتن کي ڪنهن به ريت فراموش نه ٿو ڪري سگھجي. حياتي کيس مهلت ڏي ها ته هو سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ اڃا گھڻو ڪجهه ڪري ها، پر بي رحم موت کيس 9 اپريل 1997 تي دل جي دوري سبب هن کي اسان کان ڌار ڪري ڇڏيو.
    اڙي موت ميار، ايڏو ساڙ سڳنڌ سان!


    28. ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار ۽ شاعر رزاق مهر

    موت، ڪڏهن ڪڏهن ڪي اهڙا پيارا ماڻهو کسي ويندو آهي، جن جي جدائي جيءُ جهوري وجهندي آهي. محبت، دوستي، خلوص، پنهنجائپ ۽ ڪَسُ کائڻ وارا ماڻهو ڏاڍا گھٽ هوندا آهن. دوستن تي سِرُ ڏيڻ وارن ۽ رشتن جي نزاڪتن کي ڄاڻڻ وارن اهڙن ئي محبتي انسانن مان رزاق مهر به هڪ هو.
    رزاق مهر 20 جولاءِ 1954 تي لاڙڪاڻي جي مراد واهڻ محلي ۾ رانجهو خان مهر جي گھر جنم ورتو. پرائمري تعليم مراد واهڻ جي پرائمري اسڪول ۽ مئٽرڪ گورنمينٽ ڊي سي هاءِ اسڪول مان ڪيائيـن. بي اي آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي مان 1974 ۾ ۽ ايم اي سنڌي ادب 1979 ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين.
    ملازمت جي شروعات بلڊنگ ڊپارٽمينٽ لاڙڪاڻي مان ڊرافٽس مين جي حيثيت سان ڪيائين، جنهن کان پوءِ پبلڪ اسڪول ميرپور خاص ۾ سنڌي جو ليڪچرار ٿيو ۽ 1989 ۾ ليڪچررشپ لاءِ ڪميشن جو امتحان پاس ڪيائين، جنهن بعد سندس پوسٽنگ جوهي، قمبر ۽ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور رهي. هو آخر تائين پڙهڻ پڙهائڻ جي شعبي سان وابسته رهيو. کيس لکڻ جو شوق 1974 ڌاري پيدا ٿيو. هن پهرين ڪهاڻي ”ڪرشن هاٿيءَ جي اڳيان“ لکي، جنهن بعد هن باضابطا طور ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون، جن تي کيس ڀرپور موٽ ملي ۽ انهيءَ همت افزائي جي نتيجي ۾ هن ڊرامن ڏانهن پڻ لاڙو ڪيو.
    رزاق مهر پهريون ٽي وي ڊرامو ”زندگيءَ ڏانهن“ آهي. جڏهن پي ٽي وي تي رزاق جا ڊراما هلڻ شروع ٿيا ته کيس تمام گهڻو ساراهيو ويو. سندس ڊرامو ”جياپو“ هن جي خاص سڃاڻپ بڻيو. جڏهن ”جياپو“ پي ٽي وي تان نشر ٿيندو هو ته ماڻهو دڪانن ۽ هوٽلن جي ٻاهران به ڊرامو ڏسڻ لاءِ بيهجي ويندا هئا ۽ سنڌ جي وڏيرڪي ڏاڍ ۽ ظلم خلاف روڊن تي نعرا هڻڻ لڳندا هئا. رزاق مهر ان ڊرامي ۾ پهريون ڀيرو خانگي جيلن تي قلم کڻي هڪ سماجي ناسور تان پردو کنيو جنهن تي بعد ۾ ٻين به ڪيترن ئي ليکڪن ڪهاڻيون ۽ ڊراما لکيا. ان کان علاوه ”وڇوٽيون، ”پاتال“، ”زخم زندگيءَ جا“، ”اعتراف“، ”ڦيرو“، ”ڇوٽڪارو“، ”راهه جو پٿر“ ۽ سندس ٻيا ڊراما به تمام گهڻو مقبول ٿيا، جنهنڪري رزاق مهر جي هڪ تمام برجستي ڊرامي نگار طور به سڃاڻپ ٿيڻ لڳي. هن جا اسٽيج ڊراما ”بدحواس ڪلارڪ“ ، ”ٽي خانداني بي روزگار“، ”مولوءَ مت وڃائي“ ۽ ”ايف آءِ آر“ پڻ ڪافي مقبول ٿيا.
    1982 ۾ رزاق مهر جي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ”سڪون ڪٿي آهي“ پڌرو ٿيو، جنهن ۾ موجود اڪثر ڪهاڻين جو موضوع سماجي حقيقت نگاري تي مشتمل آهي. هن فرد جي انفرادي احساسن تي به ڀرپور ڪهاڻيون سرجيون آهن. سندس اڪثر ڪردار جيئرا جاڳندا اسان جي ارد گرد گهمندڙ ڦرندڙ آهن. هن هروڀرو خيالي ڪردارن کي جنم ناهي ڏنو. سندس ڪهاڻين جو هيرو غريب آهي. ڪهاڻين ۽ ڊرامن کان علاوه پاڻ هڪ ناول ”ٽارچر ڪئمپ مان نڪتل دانهن“ به لکيائين، جيڪو اڃا تائين شايع ٿي ناهي سگهيو.
    رزاق مهر فقط ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار ۽ ناول نويس ئي نه، پر شاعر ۽ ڪالم نگار پڻ هيو. شاعريءَ ۾ اصلاح امير علي چانڊيو کان ورتائين. غزل، نظم ۽ آزاد نظم جي صنفن ۾ طبع آزمائي ڪيائين ۽ خاص طور تمام خوبصورت نظم ۽ آزاد نظم پڻ لکيائين. پاڻ 1976 ۾ لاڙڪاڻي مان نڪرندڙ رسالي ماهوار ”نئين دنيا“ ۽ ماهوار ”ڪونج“ لاڙڪاڻو جي ايڊيٽر طور به ڪم ڪيائين، جنهن ۾ ڏاڍو ڪارائتو مواد ڏئي ۽ ڀرپور ايڊيٽوريل لکي، پاڻ کي هڪ سيبتي ايڊيٽر طور به مڃرايائين. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ”سڪون ڪٿي آهي“ ڪهاڻيون ۽ ”ڊهندڙ ليڪا“ ڪهاڻيون شامل آهن.
    رزاق مهر جي ڪهاڻي ”آڙاهه “ کي 1987 ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران بهترين ڪهاڻي جو ايوارڊ ڏنو ويو ۽ سندس ڊرامي ”جياپو“ کي سنڌ ڪلچرل ائسوسيئيشن پاران ايوارڊ ۽ ڊرامي جي مڪمل ٽيم کي آجياڻو پڻ ڏنو ويو. ڪيترين ئي ادبي، سماجي ۽ ڪلچرل تنظيمن پاران رزاق مهر سان رهاڻيون رچائي کيس مانُ ڏنو ويو. رزاق مهر جي ڪهاڻين، ڊرامن، ڪالمن ۽ ٻين لکڻين ۾ سماج جي نظر انداز ڪيل طبقي جي نمائندگي ٿيل آهي. هن غريب کي ڪنهن سِرَ ڦِري سردار يا مير کان وڌيڪ مانائتو ڏيکاريو آهي. هن جا لکيل لفظ ظالم ۽ جابر لاءِ باهه جا شعلا به آهن، ته ڪنهن مسڪين ۽ محتاج لاءِ آٿت به آهن. سندس سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي لکيل ڪالم هڪ دؤر جي تاريخ ۽ سچائي پيش ڪن ٿا. سندس قلم ڌمڪي ۽ دڙڪي کان ڊڄڻ وارو نه، پر سماج لاءِ ناسور بڻجي ويل رشوت خورن ۽ بدمست وڏيرن لاءِ تلوار بڻيل رهيو.
    مون کي خوشي آهي ته مان رزاق مهر سان سندس حياتيءَ جي آخري ٻن سالن ۾ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ساڻس گڏ استاد رهيس. سندس ڀاڪر وجهي ملڻ جي انداز ۽ ڪچهرين مان ڪڏهن به ائين محسوس نه ٿيو ته آءٌ ڪو کانئس ادبي عمر ۾ ننڍو آهيان. هو دوستن جي وچ ۾ اختلافن کي اُڀرڻ نه ڏيندو هو، دوستن جي درميان سندس ڪردار پُل جهڙو هو. هو هڪ بهترين ليکڪ سان گڏ تمام وڏو ماڻهو هو، جنهن وٽ پيار ۽ پنهنجائپ هئي. کيس اوچتو دل جي تڪليف ٿي ۽ 15 آگسٽ 2002 تي بي رحم موت هن کي ڇني اسان کان ڌار ڪري ڇڏيو، پر اسان جي دلين ۾ سندس يادون ۽ محبتون هميشه تازيون آهن.


    29. اميدن ۽ خوشبوئن جو شاعر ادل سومرو

    شاعر سماج جو باشعور فرد ٿئي ٿو. هُو جيڪو ڪجهه به پنهنجي مشاهداتي ۽ احساساتي اک سان پنهنجي ارد گرد ٿيندي ڏسي ٿو سو سچائيءَ سان بيان ڪري ٿو. ادب جي مختلف شعبن ۾ جن ليکڪن انتهائي ذميواريءَ سان خوبصورت تخليقون سرجي ماڻهن جي دلين ۾ جايون جوڙيون آهن، انهن مان نرالي انداز وارو شاعر ادل سومرو پڻ هڪ آهي، جنهن جون سوچون مايوسين ۾ آٿت ڏيندڙ آهن. سندس شعر دلداري ڏياريندڙ ۽ روشني ڦهلائيندڙ آهن:
    شاعر ڄڻ دلداري آهن،
    انسانن جا لڙڪ اگهن ٿا،
    رابيلن جي مُرڪ ڏين ٿا،
    مايوسيءَ جي اونڌاهين ۾،
    روشن روشن گيت چون ٿا.
    ادل سومرو روايتي انداز جو شاعر نه آهي. هن جي شاعريءَ ۾ نواڻ آهي. اهڙي نواڻ جنهن ۾ تازگي آهي، جنهن جي پنهنجي الڳ خوشبو آهي. ادل سومري وٽ لفظ ٻانهون ٻڌي بيٺل ٻانَهن جيان محسوس ٿين ٿا:
    * شـعـــر بـــرابــــر سِـــڪـــا نــاهــــن، پـــوءِ بـه آهــيـــون ڌنـــوانَ،
    ڪوئل ڪنهن ڪنهن لئه ڳائي ٿي، سو ڇا سمجهن نادان.

    * پنهنجا خواب فقيرن جهڙا، چتيون چتيـون ويـس،
    دردن جي ڪوهيڙي ۾ آ ڌنڌلو سارو ديس.
    ادل سومرو، جنهن جو اصل نالو عبدالڪريم آهي، 15 آگسٽ 1955 تي سکر ۾ پيدا ٿيو. ايم اي اقتصاديات ۽ ايم اي سنڌيءَ ۾ ڪيائين. 1981 ۾ ليڪچرار ٿيو. لکڻ جي شروعات 1968 کان ڪيائين. سندس پهريون شعر ”ماءُ بنا ٻار جو نظم“ 1969 ۾ هلال پاڪستان ۾ شايع ٿيو. شاعريءَ ۾ ادل سومري جي پسند جون صنفون، وائي، بيت، غزل آهن، جڏهن ته نثري ادب ۾ آتم ڪهاڻيون کيس پڙهڻ ۾ وڌيڪ سٺيون لڳن ٿيون. ادل سومري جي ڇپيل ڪتابن ۾ ”وليون وڻ ڦلارئا“ (شاعري)، ”اسين مسافر پيار جا“ (مضمون ۽ خاڪا)، ”سنڌالاجي ۽ ساميءَ مٽ“ (شاعري، ڪهاڻيون ۽ مضمون) ترتيب، ”سمنڊ جاڳي ٿو“ (شاعري)، روز ٽڙن رابيل“ (ٻاراڻي شاعري)، ”چنڊ پشم گولو“ (ٻاراڻي شاعري)، ”آچر جا احوال“ (ڪهاڻيون)، ”پتلن جو تماشو“ (شاعري)، ”جيتن جي ڪانفرنس“ (ڪهاڻيون)، ”پوپٽ جهڙا گيت“ (شاعري)، ”نئين دؤر جا نوان سبق“ (طنزيه سبق)، ”واٽون ڦلن“ (شاعري) ۽ ”وساري نه ڇڏجو“ (شاعري) شامل آهن.
    ڊاڪٽر ادل سومري جي شخصيت ۾ مون کي ڪڏهن به ڪو هَٺ يا وڏائي محسوس ناهي ٿي. هو طبعيت ۽ مزاج ۾ سادو ۽ سڌو ماڻهو آهي. انهيءَ ڪري سندس دوستن جو حلقو به سڄي سنڌ کان علاوه هند تائين ڦهليل آهي. هو پنهنجي منهن ڪم ڪرڻ وارو محنتي ماڻهو آهي. سندس شاعريءَ جي مقبوليت جو دائرو به سرحد پار تائين آهي. ادل سومري هڪ محقق جي حوالي سان به نهايت اهميت وارو ڪم ڪيو آهي. پاڻ سنڌي ادبي سنگت جي حوالي سان پي ايڇ ڊي جي ٿيسز لکي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي اٿائين. هن وقت ادل سومرو شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جو چيئرمئن آهي جتي شاگردن کي ادب جا سبق پڻ پڙهائيندو رهي ٿو.
    ڊاڪٽر ادل سومري کي هيل تائين مختلف ادارن پاران جيڪي ايوارڊ مليا آهن، انهن ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جو ادبي انعام، هري دلگير ايوارڊ سنڌي ادبي سنگت سنڌ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جو ادبي انعام، سنڌ ثقافت کاتي جو ادبي ايوارڊ ، سنڌي لينگويج اٿارٽي حيدرآباد جو ادبي ايوارڊ، گولڊن جوبلي ايوارڊ ماهوار نئين زندگي، سچل سرمست يادگار ايوارڊ 1999 بطور بهترين شاعر، سنگت مڃتا ايوارڊ (ڊاڪٽريٽ ڪرڻ تي) سنڌي ادبي سنگت، وائس چانسلر ميڊل سنڌ يونيورسٽيءَ پاران ايم اي (سنڌي ادب) فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن تي، نشان اعزاز و تحسين، اعزازي شيلڊ بين الاقوامي سچل ڪانگريس سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن سنڌ، سنڌي ادبي سنگت گولڊن جوبلي ايوارڊ، شيخ اياز شيلڊ، سائوٿ ايشيا پبليڪيشن گولڊ ميڊل، گوبند مالهي ايوارڊ سنڌي ادبي سنگت نوشهروفيروز، سائوٿ ايشيا پبليڪيشن ملينيم ايوارڊ، ڊاڪٽر محبت ٻرڙو ايوارڊ، بيسٽ سيڪريٽري جنرل ايوارڊ 2003 ۽ ٻيا شامل آهن. ان کان علاوه ڊاڪٽر ادل سومري جون علمي ۽ ادبي ذميواريون به مختلف حوالن سان ۽ مختلف ادارن سان رهيون آهن جن ۾: سيڪريٽري، سنڌي ادبي سنگت سکر، نائب صدر سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن سکر سنڌ، سيڪريٽري جنرل سنڌي ادبي سنگت سنڌ (ٻه ڀيرا) 1992 کان 1994، ميمبر، انٽرنيشنل بايوگرافيڪل سوسائٽي لنڊن، سرپرست، گلن جهڙا ٻارڙا تنظيم سکر 1975، ميمبر سکر هسٽاريڪل سوسائٽي، ريسرچ گائيڊ، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور سنڌ، سيڪريٽري سچل يادگار ڪميٽي خيرپور سنڌ شامل آهن.
    ادل سومري جي شاعريءَ کي سنڌ جي سرموڙ فنڪارن ڳايو آهي، سندس سڃاڻپ جو هڪ پاسو ريڊيو تي نشر ٿيندڙ سندس شاعري آهي جيڪا مختلف فنڪارن مختلف اندازن ۾ ڳائي آهي. ڪيترائي عام ماڻهو ادل سومري کي انهيءَ حوالي سان سڃاڻن. ائين ادبي پروگرامن ۾ بنا ناغي شامل ٿيڻ جي حوالي سان به سنڌي ادب سرجيندڙ ۽ ادب سان دلچسپي رکندڙ ماڻهن لاءِ ادل سومري جي شخصيت احترام لائق آهي. سندس علمي ادبي سفر جاري آهي ۽ پاڻ ٻولي ۽ ادب جي خدمت ڪرڻ ۾ مصروف آهي.


    30. ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار، ۽ شاعر زيب سنڌي

    سنڌي ڪهاڻي جي تاريخ جو مطالعو ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته ورهاڱي کان پوءِ وارن ڪهاڻيڪارن ڪهاڻيءَ کي نئون جنم ڏئي ان کي جوان جماڻ بڻايو. جن هم عصر ڪهاڻيڪارن جديد انداز ۾ ڪهاڻي قافلي کي اڳتي وڌايو، انهن کي سنڌي ڪهاڻيءَ جي ٽه مورتي جو ٽائيٽل مليو، جن ۾ ڊاڪٽر اياز قادري، غلام رباني آگرو ۽ جمال ابڙو شامل آهن. ڊاڪٽر اياز قادري ۽ جمال ابڙي جو تعلق وري لاڙڪاڻي سان هئڻ به اتفاق جي ڳالهه آهي پر اهو اتفاق هو يا لاڙڪاڻي جي مٽيءَ جي زرخيزي جو سنڌي ڪهاڻي جي ٽه مورتيءَ جا ٻه فرد هن تَر جا هئا. ان ڳالهه جو سنجيدگيءَ سان جائزو وٺبو ته لاڙڪاڻو جيڪو سياست کان علاوه ٻين به ڪيترن ئي شعبن ۾ اڳرو رهيو آهي، ڪهاڻي واري شعبي ۾ به سموري سرهاڻ واسيل سنڌ ڌرتيءَ جي ٻين ضلعن کان مٿاهون نظر اچي ٿو، جو هتي اياز قادري ۽ جمال ابڙي واري ٽهيءَ ۽ ان کان پوءِ ڪيترن ئي اهڙن ڪهاڻيڪارن جنم ورتو، جن ڪهاڻي کيتر ۾ پنهنجو نالو مڃرايو.
    نه صرف سنڌ پر سنڌ جي سرحدن کان ٻاهر به لاڙڪاڻي جي ڪهاڻيڪارن کي مڃتا ۽ مانُ مليو. اهڙن لاڙڪاڻي واسي ڪهاڻيڪارن ۾ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، انيس انصاري، ملڪ آگاڻي، روشن تنيو، سليم ڪورائي، مهتاب راشدي، طارق عالم ابڙو، ڪيهر شوڪت، رزاق مهر، اختر جانوري، منظور ڪوهيار، بدر ابڙو، ڪليم لاشاري، انور پيرزادو، درمحمد پٺاڻ، اسحاق انصاري، مقصود گل، محمد علي پٺاڻ، اخلاق انصاري، عنايت ميمڻ، احسان دانش، رياضت ٻرڙو، ايوب گاد، غلام نبي گل، محمد هاشم حامي، سڪندر عباسي، ادا قاضي، جهانگير عباسي، جهان آرا سومرو، ممتاز ابڙو، نسيم پارس، ممتاز عباسي، ۽ ڪهاڻيڪار، ڊراما نگار، شاعر، مترجم، ايڊيٽر، براڊڪاسٽر، پبلشر، استاد ۽ ڪمپيئر زيب سنڌي شامل آهن. انهن کان علاوه ٻيا به ڪيترائي ڪهاڻيڪار آهن جن سڀني جا نالا هتي شامل ڪرڻ ممڪن نه آهي. اها ڳالهه ڪري اهو تاثر قائم ڪرڻ مقصود نه آهي ته ڪو فقط لاڙڪاڻي ئي ڪهاڻيڪار پيدا ڪيا آهن، پر اسان جي سڄي سنڌ اهڙن ڪيترن ئي تخليقڪارن سان مالا مال آهي، جن سڀني تي اسان کي فخر آهي. هتي ادبي دنيا ۾ شهرتون ۽ محبتون ماڻيندڙ اهڙي ئي پياري ماڻهوءَ زيب سنڌيءَ جي لاڙڪاڻي واسي هئڻ جو حوالو آيو ته اها ڳالهه ٿي، جنهن سان اهو اندازو ڪري سگهجي ٿو ته ڪهاڻي کيتر ۾ لاڙڪاڻي به پاڻ ملهايو آهي. هونئن ليکڪ ڪنهن به خطي جي ميراث نه ٿا هجن. هنن جي سڃاڻپ رڳو علائقائي سطح تي نه، پر سرحدن پار به هجي ٿي.
    زيب سنڌيءَ جو اصل نالو محمد خان ولد عبدالستار شيخ آهي. هو سيپٽمبر جي 7 تاريخ سن 1957 تي ميرن واري خيرپور ۾ ڄائو، جو ان وقت سندس والد جي پوسٽنگ اتي هئي. ٻال وهيءَ کان ويندي جوڀن ڏينهن تائين زيب سنڌي لاڙڪاڻي جي گهٽين ۽ روڊن رستن تي دوستن سان گهمندو رهاڻيون ڪندو ۽ تعليمي سفر اڳتي وڌائيندو رهيو. ديني مدرسي ۽ پائليٽ اسڪول مان پڙهائي بعد بي اي سچل ڪاليج ۽ سنڌي ادب ۾ ايم. اي سنڌ يونيورسٽيءَ مان پاس ڪيائين.
    زيب سنڌي شروع کان وٺي ئي متحرڪ ماڻهو رهيو آهي، سندس طبعيت ۾ واندو ويهڻ شامل ئي نه آهي. هن لڳاتار ڪم ڪيو آهي. سندس قائم ڪيل سڳنڌ پبليڪيشن طرفان شيخ اياز، امر جليل، اياز گل، ادل سومري، شبنم گل، گوبند مالهي، ذوالفقار راشدي ۽ ٻين ڪيترن ئي اديبن جا معياري ڪتاب ڇپيا جنهن جو ڪريڊٽ زيب سنڌي ڏي وڃي ٿو. هن سڳنڌ پبليڪيشن طرفان شاعري، ڪهاڻيون، ترجما، ڪالم، مضمون، آتم ڪهاڻيون مجموعي طور ادب جي مڙني شعبن جا ڪتاب شايع ڪرايا. هن نه صرف سينيئر ليکڪن بلڪه ان وقت جي نوَن اديبن جا به ڪتاب ڇپرايا. سڳنڌ پبليڪشن پاران ڇپايل ڪتابن کي ان دَور ۾ ڪمال جي موٽ ملي. جهڙي ريت 1982 کان ويندي 1986 تائين لاڙڪاڻي مان زيب سنڌيءَ تقريبن 30 کان مٿي ڪتاب ڇپرايا، اها کوٽ اڄ تائين زيب سنڌيءَ جي حيدرآباد لڏي وڃڻ بعد ڪو به پوري ناهي ڪري سگهيو.
    زيب سنڌي جي شخصيت جا ڪيترائي پهلو آهن ۽ سندس هر پهلو شاندار آهي. هن هر شعبي ۾ پاڻ ارپي ڪم ڪيو آهي. هر شعبي ۾ هن پنهنجي الڳ سڃاڻپ ڪرائي آهي. پنهنجي ٽهيءَ جي ڪيترن ئي لکارين جي ڀيٽ ۾ کيس گھڻو مانُ ۽ مڃتا ملي آهي. انهيءَ مانائتي موٽ جي نتيجي ۾ هو پڙهندڙن ۽ ڏسندڙن جي درميان ئي رهيو آهي. ڪڏهن ڪهاڻين ته ڪڏهن سنڌي ۽ اردو ڊرامن جي ذريعي، هن ماڻهن سان پنهنجو سٻنڌ قائم رکيو آهي. ڪهاڻيڪار کان ويندي هڪ ڀلوڙ ڊرامي نويس تائين پاڻ مسلسل تخليقي سفر جو پانڌي رهيو آهي. سندس اهڙي اورچائي جي نتيجي ۾ کيس اڄ نه صرف سنڌ پر ملڪ ۽ ملڪي سرحدن کان ٻاهر به هڪ برجستي ڊرامي نگار طور ڄاتو وڃي ٿو. پي ٽي وي کان ويندي پاڪستان جي نجي سنڌي ۽ اردو ليڊنگ چينلز تي زيب سنڌي جي ڊرامن کي شهرتون مليون آهن. جن ۾ پي ٽي وي تان نشر ٿيل اردو ڊرامي ”جانشين“ تي کيس تمام گهڻي موٽ ملي. سندس پهريون ٽي وي ڊرامو ”وڃايل ٻار“ ۽ پهريون ريڊيو ڊرامو ”سمجهوته“ آهي. ٽي وي تي نشر ٿيل سندس ٻين ڊرامن ۾ ”ماءُ“، ”خالي گهر“، ”خالي ڪاغذ“، ”ڇوڏو“ ،” سمنڊ جون سرحدون“، گهر ڀاتي“ ، ”چال“ ۽ ٻيا ڪيترائي شامل آهن. اڄ ڪلهه سندس اڪثر ڊراما پرائيويٽ اردو چينلز تان نشر ٿي رهيا آهن.
    زيب سنڌي 1988 ۾ ريڊيو پاڪستان ۾ بحيثيت پروڊيوسر مقرر ٿيو، جتي هن ريڊيو ڊراما لکيا ۽ ڪمپيئرنگ سان گڏ صداڪاري به ڪئي. بعد ۾ 1989 ۾ تعليم کاتي ۾ ليڪچرار طور چونڊجي ويو ۽ هن وقت حيدرآباد ۾ سنڌي ادب جو استاد آهي. ڪجهه وقت تائين هو پاڪستان براڊڪاسٽنگ اڪيڊمي اسلام آباد پاران شايع شايع ٿيندڙ ”اڪيڊمي نامه“ جو ايڊيٽر پڻ رهيو. هفتيوار ”سنڌو“ جي ايڊيٽوريل بورڊ جي ميمبر جي حيثيت ۾ هن يادگار ڪم ڪيو. ان دؤر وارو هفتيوار ”سنڌو“ پنهنجي دلچسپ سلسلن ڪري اڄ به ليکڪن کي ياد آهي. جيتوڻيڪ زيب سنڌي بنيادي طور هڪ ڀلوڙ ڪهاڻيڪار آهي پر هن ڪيترائي بهترين ترجما به ڪيا. هونئن به ترجمو ڪنهن تخليقڪار کي ئي ڪرڻ ٿو سونهين، جو لکڻيءَ جو اصل روح به ڪو اصلوڪو ليکڪ ئي پرکي، پرجهي ۽ سمجهي سگهي ٿو. پاڻ ڪيترائي ڪتاب ترتيب پڻ ڏنائين جيڪي سڳنڌ پبليڪيشن پاران شايع ٿيا.
    1974 ۾ زيب سنڌي جي پهرئين ڪهاڻي ”زخمي دل“، رهبر ڊائجسٽ ۾ شايع ٿي. سندس ڪهاڻين جا چار مجموعا ”گهٽيل خواهشون“ 1977 ، ”زندگي درد جي ٻانهن ۾“ 1981، ”ڌنڌ ۾ گم ٿيل منظر“ ۽ ”حيدرآباد 47 ڪلوميٽر“ 2010 ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا آهن. ان کان علاوه مترجم ۽ مرتب جي حيثيت ۾ سندس ڏهه کن ڪتاب پڌرا ٿيل آهن. 1995 ۾ ريڊيو پاڪستان پاران کيس بهترين ريڊيو ڪمپيئر جو ايوارڊ مليو. جڏهن ته سنڌي ادبي سنگت پاران 1999 ۾ کيس ڪارڪردگي ايوارڊ پڻ حاصل ٿيو. بحيثيت شاعر زيب سنڌي جي نظم ۽ هائيڪن کي ڪافي پذيرائي ملي آهي.
    سندس ڪهاڻين جا پلاٽ اسان جي ئي سماجي مسئلن ۽ مونجهارن تي مشتمل آهن. هن اهڙن ڪردارن تي به لکيو آهي جن کي اڪثر نظر انداز ڪيو وڃي ٿو، جنهن سبب هو معاشري ۾ احساسِ ڪمتري جو شڪار رهن ٿا. پيار کان ويندي پرماريت تائين هن ڪيترن ئي انوکن موضوعن تي لکيو آهي، انهن لکڻين جي موٽ ۾ زيب سنڌيءَ کي سندس پڙهندڙن پاران مانَ ۽ عزتون مليون آهن. کيس جيڪي شهرتون پنهنجي پڙهندڙن پاران مليون آهن، اهي سندس مسلسل محنتن جو ئي سِلو آهن ۽ ڪنهن به ليکڪ لاءِ ان کان وڏي ڪاميابي ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي ته هن پنهنجي لکڻين ذريعي پنهنجي پڙهندڙن جي دلين ۾ جايون جوڙي ورتيون هجن.


    31. لفظن جو مصور ۽ رنگن جو شاعر طارق عالم ابڙو

    ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ مصور خوبصورت ۽ من موهيندڙ احساسن کي جنم ڏئي هيڻن وجودن کي کن پل لاءِ اهڙين حسين وادين ڏانهن وٺي ويندا آهن، جتي سندن روح کي سڪون ۽ فرحت محسوس ٿيندي آهي. دنيا ۾ ڪيترائي ماڻهو هر روز جنم وٺن ٿا پر انهن مان چند ئي فرد اهڙا ٿين ٿا، جيڪي تاريخ ۾ پنهنجو نانءُ اڻ مٽ لڪير جيان ڇڏن ٿا. اهي فرد جيڪي ذهني پيڙائن جا پهاڙ لتاڙي، ڀوڳنائن جا بَحر جهاڳي تخليقي سفر جي پنڌ تي روان آهن سي يقينن تاريخ جو اهم ترين حصو آهن. سنڌ جي ويجهي ماضيءَ ۾ جيڪڏهن اسان ادب ۽ آرٽ جي شعبن ۾ غير معمولي ڪم سرانجام ڏيندڙ شخصيتن جا نالا ڳڻائينداسين ته انهن ۾ هڪ نالو پنهنجي طرز جي منفرد ناول نگار، ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ مصور طارق عالم ابڙي جو به نظر ايندو، جنهن پنهنجي جوڀن وارن ڏينهن ۾ ئي پنهنجي تخليقي پورهئي جي موٽ ۾ ايتريون شهرتون ماڻيون، جيڪا خواهش هر تخليقڪار جي اندر ڪنهن نه ڪنهن ڪنڊ ۾ ضرور پلجندي آهي.
    طارق عالم کي جيڪا شهرت ناول ”رهجي ويل منظر“ لکڻ تي ملي، سا سنڌ جي تمام گهٽ ناول نگارن جي حصي ۾ آئي آهي. پاڻ هڪ ورسٽائيل ڪهاڻيڪار ۽ خاص طور تي هائيڪي جي بهترين شاعر هجڻ کان علاوه رنگن ۽ لڪيرن سان راند ڪندڙ خوبصورت مصور پڻ آهي. سندس مصور هجڻ وارو حوالو ٿي سگھي ٿو گهڻن ماڻهن لاءِ نئون به هجي. هتي اها ڳالهه غور لائق آهي ته طارق هڪ ئي وقت هيڏن سارن مختلف شعبن ۾ ڪم ڪيو آهي، جنهن سبب سندس شخصيت جا به ڪيترائي رخ آهن. ان حوالي سان ڪو شڪ ناهي ته هو هڪ گهڻ پاسائين شخصيت آهي ۽ ڪنهن به گهڻ پاسائين شخصيت تي ڪو هڪ پيپر لکي ساڻس انصاف ڪري نه ٿو سگهجي.
    طارق عالم ولد محمد عالم ابڙي جو جنم 10 اپريل 1958 تي تعلقي قمبر ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. 1960 ڌاري سندس خاندان حيدرآباد ڏانهن مستقل لڏي ويو. پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم حيدرآباد ۽ ايم اي سنڌي ادب ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ڪرڻ بعد 1989 ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ۾ ملازمت جو آغاز ڪيائين، جتي ڪيترن ئي سالن تائين مختلف ادبي ذميواريون نڀائيندو رهيو ۽ اڄ ڪلهه ٽه ماهي ”مهراڻ“ جو ايڊيٽر آهي.
    طارق عالم، سنڌيءَ جو منفرد اسٽائيل رکندڙ ڪهاڻيڪار آهي. هن جون ڪهاڻيون پڙهندڙن ۾ تمام گھڻيون مقبول آهن. سندس لکڻ جو ڊڪشن منفرد ۽ متاثر ڪندڙ آهي. هن جون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون پڙهندي جسم مان سيسراٽيون نڪري وڃن ٿيون. پڙهندڙ کي هو پاڻ سان گڏ کڻي هلڻ جو فن چڱيءَ ريت ڄاڻي ٿو، جو قاري سندس اڪثر ڪهاڻيون پڄاڻيءَ تائين پڙهڻ لاءِ مجبور ٿي پوي ٿو. هن جي لکڻيءَ جي اها ئي ڪشش کيس ٻين ڪهاڻيڪارن کان اهم ۽ مختلف بڻائي ٿي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾، ”رات سانت ۽ سوچون“ ڪهاڻيون 1979، ”سڃاڻپ جي ڳولا ۾“ ڪهاڻيون 1998، ”رهجي ويل منظر“ ناول 1984، ”مورن اوچا ڳاٽ“ سنڌي ۾ هائڪن جو پهريون مجموعو 1992، ۽ ”لنڊن تنهنجا ڪيڏا روپ“ سفرنامو 1998، شامل آهن. سندس معروف ٽي وي ڊرامن ۾ ”پيوند“، ”طوفان کان پوءِ“، ”چنڊ رهين ٿو ڏور“ ۽ ”ڇانورو“ وغيره شامل آهن. ”ايس او ايس“، ”سڃاڻپ جي ڳولا“، ڪوئل“، ”فريم“، ”رات سانت ۽ سوچون“ سندس مشهور ڪهاڻيون آهن.
    طارق عالم جي ڪهاڻين ۾ جيڪا رومانويت آهي سا پڙهندڙن جي لاءِ ڪشش جو باعث بڻجي ٿي. انهيءَ حوالي سان ئي طارق کي ”سنڌي ادب جو روميو“ پڻ سڏيو ويندو آهي. سندس ڪردار نڊر، بيباڪ، جذباتي ۽ حساس آهن، جن جي ٻولي ۽ انداز بيحد وڻندڙ هوندو آهي.
    طارق عالم پاڻ هڪ خوبصورت تخليقڪار آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو هن تخليقي ادب کي وڌيڪ اهميت ڏني آهي. ٽه ماهي ”مهراڻ“ جي ايڊيٽر جي حيثيت ۾ ذميواري سنڀالڻ کان پوءِ هن سڀ کان پهريون ڪم به تخليقي ادب کي اهم سمجھندي ان کي مناسب جڳهه ڏئي ڪيو آهي، هونئن به ادب جي ٻين شعبن جو محّور به تخليق ئي هجي ٿو، انهيءَ ڪري هن جي اهڙي آندل تبديليءَ کي پڻ اهميت جي نگاهه سان ڏٺو ويو ۽ کيس مانائتي موٽ پڻ ملي.
    طارق عالم جي خاندان جا اڪثر فرد آرٽ جي مختلف شعبن سان واڳيل رهيا آهن، جن ۾ سندن والد کان وٺي مڙني ڀائرن تائين خاص طور تي فنِ مصوري ۾ پنهنجي الڳ حيثيت ۽ سڃاڻپ جو اهم حوالو رکندڙ آهن. طارق نه فقط لفظن کي معنائون ڏئي مهانتا ماڻي آهي، پر هن رنگن جي ميلاپ سان به ڪيترائي شاهڪار تخليق ڪيا آهن، جن کي ڏسڻ کان پوءِ سندس ڪيل پيار ڀرئي پورهئي جو ڪاٿو آسانيءَ سان لڳائي سگهجي ٿو. سندس مَن اندر جا اُڌما (inner feelings) جڏهن ڪوري ڪئنواس تي پين ورڪ يا آئل پينٽ جي صورت ۾ پڌرا ٿين ٿا ته انهن ۾ ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ليئا پائيندي محسوس ڪري سگهجن ٿيون ۽ اها هڪ آرٽسٽ جي وڏي خوبي هجي ٿي ته سندس رنگن مان ڪيتريون ئي معنائون جنم وٺن ۽ اها پينٽنگ ڏسندڙن کي انهن معنائن تي سوچڻ لاءِ مجبور ڪري.
    طارق عالم آرٽ جي دنيا ۾ وان گوگ کان متاثر آهي، جيڪو دنيا ۾ امپريشن ازم (impressionism) جو وڏي ۾ وڏو حامي هو. جيتوڻيڪ طارق عالم جو ڪم بحيثيت مصور ايڏو گهڻو منظرِعام تي آيل نه آهي پر اهو تاريخ جو اهم ۽ سانڍڻ جهڙو حصو ضرور آهي. سندس فن پارن جي نمائش 2003 ۾ سنڌالاجي ۾ منعقد ٿي چڪي آهي. هن پنهنجي جيون سفر ۾ مذڪوره مڙني شعبن ۾ جيڪو به ڪم ڪيو آهي سو هر طرح سان ساراهه جوڳو آهي. جيتوڻيڪ طارق داد وٺڻ يا طلبڻ جو قائل نه آهي پر معياري ڪم کي ساراهه جا هار ضرور پوندا آهن. اسان جون نيڪ تمنائون ۽ محبتون ساڻس گڏ آهن ۽ منجھس اها اميد پڻ آهي ته هو انهن مختلف شعبن ۾ ايئن ئي پاڻ ملهائيندو رهي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي جهولي ڀريندو رهي.
    کرڪڻا لاهي، سک نه ستا ڪڏهين،
    اوسيئڙو آهي، کاهوڙين کي پنڌ جو.


    32. ڪومل احساسن ۽ سهڻن جذبن جو شاعر اياز گل

    زندگيءَ جي تتل رڻ ۾ ڪي شخصيتون اهڙيون به ملنديون آهن، جن سان گھاريل لمحا گھاٽي بڙ جي ڇانوري جيان محسوس ٿيندا آهن. اهڙا انسان جھٽ پل ۾ ئي پنهنجا محسوس ٿيڻ لڳندا آهن جو سندن پيار ۽ خلوص ڀريو انداز منَ کي موهي وجھندو آهي. اهڙن محبتي، ملنسار ۽ پر خلوص ماڻهن مان اياز گل به هڪ آهي. هن دوستن کي هميشه محبتون آڇيون آهن ۽ سندن مرڪي آڌرڀاءُ ڪيو آهي.
    اياز گل ولد رجب علي دل 16 مارچ 1959 تي سکر ۾ جنم ورتو. ايم اي سنڌي ادب فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ماڻي گولڊ ميڊل حاصل ڪيائين. بين القوامي تعلقات ۾ به سندس ايم اي ٿيل آهي. هن وقت پاڻ شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ استاد آهي.
    اياز گل جي شاعريءَ ۾ اهڙو رس ۽ رچاءُ آهي جيڪو پڙهندڙ کي پنهنجي سحر ۾ آڻيو ڇڏي. هو هڪ اهڙو ڪوي آهي جنهن جي هر سٽ ۾ هڳاءُ ۽ تازگي بخشيندڙ ڪومل احساس آهن، جيڪي دل جي تهه خاني ۾ هڪ دم لهي روح جي تارن کي ڇُهي وٺن ٿا. سادي ۽ عام فهم ٻوليءَ جي استعمال سبب سندس شاعريءَ کي سمجھندڙن جو خاصو تعداد آهي. سنڌي ٻوليءَ جي خوبصورت شاعر عبدالغفار پنهنجي مضمون ”منهنجي Inspiration جو مرڪزي ڪردار“ ۾ اياز گل بابت راءِ ڏيندي لکيو آهي ته ”هو خوشنصيب شاعر آهي، پنهنجي ڌرتيءَ جي ٻن ٽن ٽهين کي متاثر ڪندڙ ڪوي آهي. هن وقت سنڌ ۾ نوجوان اديبن جي وڏي کيپ سندس ڏانءَ ۽ ڏات جي پوئلڳ ۽ سندس Diction جي پوئواري ڪري رهي آهي“.
    اياز گل کي خوبصورت شاعريءَ جي موٽ ۾ جوڀن وارن ڏينهن ۾ ئي مڃتا ملي. سندس وائي جڏهن ريڊيو تان آن ايئر ٿئي ٿي:
    توکان ٿيندي ڌار
    کلندي کلندي يار
    لڙڪ لڙي پيا لار ڪري

    ته ڳوٺن ۽ شهرن ۾ پنهنجي پنهنجي ڪم ۾ رڌل ماڻهن جو ڌيان سندس انهن مقناطيسي سٽن ڏانهن بي ساخته ڇڪجي وڃي ٿو ۽ اها ئي ڪنهن به شاعر جي شعر جي خوبي هوندي آهي ته سندس سٽون ماڻهن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائين ۽ منجھن سمايل احساس کين پنهنجي دلين جي ترجماني ڪندڙ محسوس ٿين.
    نامياري ليکڪا ماهتاب محبوب ”پنجين موسم جو شاعر“ جي سري هيٺ اياز گل بابت لکيو آهي ”اياز گل جي شاعري پڙهندي احساس ٿو ٿئي ته هن هر جذبي کي شدت سان محسوس ڪيو آهي تڏهن ئي ته سندس شاعري انساني ڏکن، ڏوجھرن، احساسن ۽ سچي موتين جهڙي تاريخ لڳڻ سان گڏ ڪٿي ڪٿي ائين به ٿي لڳي ڄڻ اياز گل اها نفيس احساسن واري شاعري درد جي تارن سان ويهي اُڻي آهي. هن جي شاعري پڙهندي اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته خوابن جي دنيا ۾ رهندڙ اياز گل هڪ اهڙي دنيا ۾ جيئڻ ٿو چاهي، جتي سڪ، چين ۽ ڀرپور پيار هجي. هن وٽ انساني نفسيات جو مشاهدو اُڇاترو نه بلڪه اونهو آهي، جنهن کي پڻ نظر ۾ رکندي هن ڪيترائي خوبصورت شعر چيا آهن“.
    اياز گل جي شاعريءَ جا جيڪي هيل تائين ڇپيل مجموعا آهن انهن ۾، ”سوچون سُرها گل“ (تاج جويي سان گڏ شعري مجموعو) 1978، ”پيلا گل پلاند ۾“ (غزلن جو مجموعو) 1980، ”ڏينهن ڏٺي جا سپنا“ (شعري مجموعو) 1984، ”تو بن ڪهڙا ڇانورا“ (شعري مجموعو) 1992، ”دک جي نه پڄاڻي آ“ (1983 کان 1996 تائين جي شاعري) 1998 شامل آهن.
    اياز گل جو پهريون شعر ماهوار ”اديون“ ڪراچي ۾ شايع ٿيو. هن کي ادبي خدمتن جي مڃتا ۾ ڪيترائي ادبي ايوارڊ مليا آهن، جن ۾ ”سنڌالاجي ادبي انعام“ 1978، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو پاران ڪتاب ”سوچون سُرها گل“ تي سال جي بهترين شعري ادب جو انعام، ”عبدالواحد جماڻي سگا گولڊ ميڊل“ 1984، سگا پاران ڪتاب ”ڏينهن ڏٺي جا سپنا“ تي سال جي بهترين شعري ادب جو انعام، استاد بخاري ايوارڊ 1992 سنڌي ادبي سنگت پاران ڪتاب ”تو بن ڪهڙا ڇانورا“ کي سال جي بهترين شعري ادب جو انعام، ”هجره ايوارڊ“ 1997 پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس اسلام آباد پاران ڪتاب ”دک جي نه پڄاڻي آ“ تي سال جي بهترين ڪتاب جو انعام، ”ڊاڪٽر محبت ٻرڙو ايوارڊ ۽ ٻيا ڪيترائي ايوراڊ شامل آهن. پاڻ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو ٻه ڀيرا مرڪزي سيڪريٽري جنرل 1996 ۽ 1998، ميمبر آرگنائزنگ ڪاميٽي سچل سرمست يادگار ڪاميٽي، انچارج تنوير عباسي ڪارنر شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ۽ ٻين ڪيترن ئي علمي ۽ ادبي ادارن ۽ عهدن تي منتظم طور خدمتون سرانجام ڏنيون آهن.
    اياز گل جي غزل جو گھاڙيٽو پنهنجي الڳ سڃاڻپ رکندڙ آهي، سندس لهجو ۽ انداز نهايت نفيس ۽ ڪومل آهي، جيڪو بلڪل تخليقي آهي ۽ هن ڪنهن کان به اڌارو ناهي ورتو. سندس غزل جون هي سٽون ڏسو:
    ڪيڏا ناڪام ٿي ويا آهيون،
    صبح مان شام ٿي ويا آهيون.
    هرڪو ماڻهو ائين ٿو دُور رهي،
    ڄڻ ته الزام ٿي ويا آهيون.
    اهي لفظ جيڪي اياز گل جي غزل جي سونهن جو سبب بڻجن ٿا اهي پاڻ ئي پنهنجو هڳاءُ محسوس ڪرائن ٿا جيڪي ڪنهن به تعريف يا تعارف کان گھڻو مٿي آهن. اهو ئي سبب آهي جو اياز گل عام ماڻهن توڙي دانشور طبقي کان ويندي وچولي سوچ وارن نوَن توڙي سينيئر ليکڪن ۾ هڪ جيترو ئي مقبول آهي. هن جي ڪتاب جي اهميت ايتري آهي جو مارڪيٽ ۾ اچڻ شرط هٿئون هٿ وڪامجي وڃي ٿو ۽ اها ڳالهه ڪنهن به ليکڪ لاءِ وڏي خوشي ۽ اطمينان جو پيغام آهي ته سندس پڙهندڙ ۽ ساڻس پيار ڪندڙن جو خاصو تعداد آهي.
    اياز گل مثبت روين وارو پيارو شاعر آهي، جيڪو مسلسل سنڌي شاعريءَ جي حسن ۾ اضافو ڪندو رهي ٿو. شال هو سنڌي شاعري کيتر ۾ پنهنجي تازي فڪر جي خوشبو ڦهلائيندو رهي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1259631
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386666
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ