ڪتاب جو نالو: سنڌي ٻوليءَ جون حسناڪيون
مصنف: ڊاڪٽر بشير احمد شاد
ڇپائيندڙ: ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر
ڪيٽيگري: تاريخ، فلسفو ۽ سياست
شايع ٿيڻ جو سال: 2013
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 31 مئي 2016 ع
پڙهيو ويو: 787 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 534 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڊاڪٽر بشير احمد ”شاد“ جي هن ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جون حسناڪيون“ ۾ 11 مضمون/مقالا شامل آهن، جيڪي موضوعي سٽاءَ موجب ٽن ڀاڱن ۾ ونڊيل آهن. هي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جو مطالعو ڪندڙ، اديبن، محققن، استادن، شاگردن ۽ عام ماڻهن لاءِ پڻ هر طرح لاڀائتو ثابت ٿيندو، شرط فقط اهو آهي ته اهي پنهنجي سنڌي ٻوليءَ سان محبت کي من ۾ سمائي هي ڪتاب پڙهن.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • • سنڌ سلامت پاران
  • • انتساب
  • • پبلشر نوٽ
  • • ليکڪ پاران : ٻه اکر
  • سنڌي ٻولي

  • • ٻولين جا باهمي رابطا (سنڌي ٻوليءَ جو جائزو)
  • • سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻيلهي لفظن جي اهميت
  • • ادبي ٻوليءَ جا ٻه معيار : هڪ لفظ جون گھڻيون معنائون هڪ معنى لاءِ گھڻا لفظ
  • سنڌي ٻوليءَ جا پهاڪا

  • • سنڌي ٻوليءَ جا ڪجھ منفرد ۽ غير معمولي پهاڪا
  • • سنڌي ٻوليءَ جا پس منظر تي مشتمل پهاڪا ـ چوڻيون ـ محاورا ـ ورجيسون
  • • سنڌي ٻوليءَ ۾ جانورن، پکين ۽ جيتن سان منسوب پهاڪا
  • سنڌي ٻوليءَ جا اصطلاح

  • • سنڌي ٻوليءَ ۾ انساني عضون سان منسوب اصطلاح
  • • سنڌي سماج ۾ مروج شادي غمي ۽ ٻين رسمن متعلق اصطلاحن جو جائزو
  • • سنڌي ٻوليءَ ۾ اسمن ۽ فعلن جي با معنى بيهڪ ۽ تجنيسِ حرفي توڙي معنوي تضاد وارا اصطلاح
  • • مددي ڪتابن جو وچور:

  • • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (156) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي اهم ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جون حسناڪيون“ ليکڪ ۽ محقق ڊاڪٽر بشير احمد شاد صاحب جو لکيل آهي.
    هي ڪتاب ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر پاران 2013ع ۾ ڇپايو ويو. اسان ٿورائتا آهيون پياري دوست رضوان گُل جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ۽ سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    • انتساب

    لسانيات ۽ لوڪ ادب جي پارکو

    ڊاڪٽر عبد الڪريم سنديلي

    ۽

    ناليواري محقق

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

    جي نانءُ


    • پبلشر نوٽ

    پنهنجي ٻوليءَ ۾ ميان، جي تون چوندين ماءُ،
    تـوکـي اهـڙو ســاءُ، ڏيـنــدي ٻِــي ٻـولـي ڪـٿــي. (اياز)
    اسان کي اهو ساءُ، اسان جي سنڌي مادري ٻولي ڀرپوريت سان ڏي ٿي. ’ماءُ‘، ’امڙ‘، ’امان‘، ’آئِي‘، ’آيَـلِ‘، ’جِيجل‘، ’جِيجي‘، ’جِيجان‘... ڪهڙا نه مٺڙا ۽ موهڻا لفظ آهن جيڪي اسان جي هانوَ ۾ پيهي ٿا وڃن!
    مـون سـي ڏٺــا مــاءِ، جـنـيـن ڏٺو پـريـن کي،
    تنين سندي ڪاءِ، ڪري نه سگهان ڳالهڙي. (شاهه)
    اها اسان جي سنڌي ٻوليءَ جي خوبي آهي جو اها هڪ ئي لفظ جي معنى جا انيڪ ۽ وڻندڙ لفظ اسان کي آڇي ٿي، پر ٻيون پڻ ڪيئي خوبيون ۽ خاصيتون سهڻي سنڌي ٻوليءَ ۾ هر طرح سمايل آهن، جن مان ڪِن خوبين بابت اسان ڄاڻي سگهيا آهيون، ته ڪجهه بابت کوجنا اسان جا عالم، محقق، اديب ۽ لسانيات جا ماهر ڪري رهيا آهن. انهن سڄاڻ ۽ ڏاهن محققن ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي ڌرتيءَ سان تعلق رکندڙ ڪيترن ئي محققن ڪم ڪيو آهي، جن ۾ خاص طور ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، واحد بخش شيخ، ڊاڪٽر محبت ٻرڙو، ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگھيو ۽ آفتاب ابڙو شامل آهن. خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته ان تسلسل کي سنڌي ٻوليءَ جي نامور اديب، محقق ۽ شاعر ڊاڪٽر بشير احمد ”شاد“ پنهنجي نئين ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جون حسناڪيون“ ذريعي اڳتي وڌايو آهي.1950 جي ڏهاڪي ۾ شڪارپور مان لاڙڪاڻي لڏي آيل ڊاڪٽر ”شادَ“ لاڙڪاڻي ۽ ڄامشوري مان تعليم پِرائڻ بعد، تعليم کاتي ۾ 1975ع ۾ ليڪچرر طور اچڻ کان وٺي 2002ع ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر طور رٽائرمينٽ ٿيڻ تائين ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ سنڌي مضمون جي لائق ۽ هوشيار استاد طور پڙهايو، ان دوران 1989ع ۾ هن ڊاڪٽريٽ (پِي ايڇ.ڊِي) جي ڊگري ”مولانا ثناء اللھ ثنائيءَ جي شاعريءَ جو تنقيدي جائزو“ عنوان تحت نامور محقق ۽ ”گل حيات انسٽيٽيوٽ“ جي باني ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي نگرانيءَ ۾ حاصل ڪئي. رٽائرمينٽ بعد زيبسٽ لاڙڪاڻي ۾ پڻ ڪجھ سال تدريسي خدمتون سرانجام ڏنيون.
    لکڻ، پڙهڻ ۽ پڙهائڻ ۾ سڄي ڄمار گذاريندڙ ڊاڪٽر بشير احمد ”شاد“ انيڪ اڀياسي مضمون ۽ تحقيقي مقالا لکيا آهن، جيتوڻيڪ هن ڪوِتا-ڪاڪ جا سير پڻ ڪيا آهن ۽ ڪهاڻيءَ جي ديويءَ کي پڻ ريجهايو آهي. سندس تخليقون ۽ ترجما 14 مختلف ڪتابن جي روپ ۾ پڌرا ٿيل آهن. گڏوگڏ هُو لاڙڪاڻي جي مشهور ادبي اداري ”سچل ادبي مرڪز“ جو روح روان، باني ۽ صدر آهي ۽ لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ ۾ پڻ سرگرم رهيو آهي، جڏهن ته پاڻ سڄيءَ سنڌ ۾ ٿيندڙ لاتعداد ادبي ۽ علمي پروگرامن ۾ مختلف حيثيتن ۾ شرڪت ڪئي اٿائون.
    ڊاڪٽر ”شاد“ جي هن ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جون حسناڪيون“ ۾ 11 مضمون/مقالا شامل آهن، جيڪي موضوعي سٽاءَ موجب ٽن ڀاڱن ۾ ونڊيل آهن. پهرين ڀاڱي ”سنڌي ٻولي“ ۾ 3 مضمون شامل آهن. انهن مان پهرئين مضمون ”ٻولين جا باهمي رابطا (سنڌي ٻوليءَ جو جائزو)“ ۾ مختلف ٻولين جي هڪٻئي تي پوندڙ اثرن ۽ انهن جي ڪارڻن جي مطالعي ڪرڻ کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ عربيءَ، فارسيءَ، انگريزيءَ، هنديءَ ۽ ترڪي ٻولين مان شامل ٿيل لفظن جي مختصر لَڙهي ڏني وئي آهي. ٻئي مضمونَ ”سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻيلهي لفظن جي اهميت“ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي هڪ اهم خوبيءَ جو اڀياس ڪيو ويو آهي جنهن ۾ هڪ لفظ پٺيان ٻيو لفظ ڳنڍجي پهرئين لفظ جي معنى ۽ مفهوم کي وسعت ڏيندو آهي. انهن لفظن مان ”نياڻي سياڻي“، ”ڏُڌ پُٽ“، ”کير کنڊ“، ”هڙئون وڙئون“، ”داڻو پاڻي“، ”مڇي ماني“، ”خون کٿوري“، ”کاٽُو پُٽ“، ”اٽو، لٽو ۽ اجھو“، ”مرڻو پرڻو“ ۽ ”هڻ کڻ“ جي سمجھاڻي ۽ تشريح ڏني وئي آهي. ٽئين مضمون ”هڪ لفظ جون گھڻيون معنائون ۽ هڪ معنى لاءِ گھڻا لفظ“ ۾ ادبي ٻوليءَ جي ٻن معيارن جو مطالعو پيش ڪيل آهي، جنهن موجب سنڌي ٻولي پڻ انهن ٻن معيارن تي، ڄاڻايل مختلف مثالن موجب، پوري لهي ٿي، تنهنڪري سنڌي به معياري ادبي ٻولي آهي.
    ٻئي ڀاڱي ”سنڌي ٻوليءَ جا پهاڪا“ ۾ پڻ 3 مقالا شامل آهن. پهرئين مقالي ”سنڌي ٻوليءَ جا ڪجهه منفرد ۽ غير معمولي پهاڪا“ ۾ 38 پهاڪن کي مطالعي هيٺ آندو ويو آهي. ٻئي مقالي ”سنڌي ٻوليءَ ۾ پس منظر تي مشتمل پهاڪا، چوڻيون، محاورا، ورجيسون“ ۾ 23 پهاڪن وغيره جي پس منظر تي روشني وڌي وئي آهي، ته جيئن اسان کي انهن جي جُڙڻ بابت بنيادي ڄاڻ حاصل هجي. ٽئين مقالي ”سنڌي ٻوليءَ ۾ جانورن، پکين ۽ جِيتن سان منسوب پهاڪا“ ۾ 65 پهاڪن کي سهيڙيو ۽ سمجھايو ويو آهي. ڪتاب جو هيءُ ڀاڱو بيحد دلچسپ مطالعي تي مشتمل آهي.
    ڪتاب جي ٽئين ۽ آخري ڀاڱي ”سنڌي ٻوليءَ جا اصطلاح“ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي هڪ وڌيڪ خوبيءَ ’اصطلاح‘ بابت 5 مضمون/مقالا پيش ڪيل آهن، جيڪي انساني عضوَن، شادي غميءَ سميت ٻين رسمن، انگن وغيره بابت آهن. انهن مضمونن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي اِن اهم ذخيري جون انيڪ لسٽون ڏئي، انهن جي معنى لکي وئي آهي. انهن مضمونن ۾ اصطلاحن جي هيءَ سهيڙ پڻ ڏاڍي وڻندڙ آهي.
    پڌرو آهي ته ڊاڪٽر بشير احمد ”شاد“ جو هي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جون حسناڪيون“ سنڌي ٻوليءَ جو مطالعو ڪندڙ، اديبن، محققن، استادن، شاگردن ۽ عام ماڻهن لاءِ پڻ هر طرح لاڀائتو ثابت ٿيندو، شرط فقط اهو آهي ته اهي پنهنجي سنڌي ٻوليءَ سان محبت کي من ۾ سمائي هي ڪتاب پڙهن.
    علم ۽ تحقيق جي واڌاري لاءِ ”ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر“ ڪم ڪندي رهي آهي. ڊاڪٽر ”شاد“ جو هي ڪتاب پڻ ان سلسلي جي اهم ڪَڙي آهي.

    رياضت ٻرڙو
    19 آڪٽوبر 2013
    لاڙڪاڻو


    • ليکڪ پاران : ٻه اکر

    ٻولين بابت معلومات حاصل ڪرڻ واري جستجو ۽ جاکوڙ به هڪ نهايت دلچسپ ۽ محنت طلب ڪم آهي. ٻولين جي بُڻ بنياد ۽ باهمي رابطن بابت علم حاصل ڪرڻ سان ٻولين جي تاريخ جي خبر پوي ٿي ۽ پتو پوي ٿو ته ڪهڙي ٻولي ڪيتري قديم آهي. هڪڙيون ٻوليون دنيا جي تختي تان ان ڪري ميٽجي ويون جو انهن ۾ پنهنجي وجود قائم رکڻ جي سگھ ئي ڪانه هئي. جيڪي ٻوليون هن وقت تائين قائم آهن انهن جون پاڙون پاتال ۾ آهن ڇو ته انهن ۾ اهي سموريون خاصيتون موجود آهن جيڪي ٻوليءَ کي دائمي زندگي بخشينديون آهن.
    اسڪول واري زماني کان اسان چند هم ڪلاس دوست ٻولين سان هٿ چراند کي تفريح طبع طور استعمال ڪندا رهندا هئا سين. مختلف ٻولين جي لفظن اچارن ۽ آوازن کي پنهنجي مخصوص انداز سان چيري ڦاڙي پنهنجي پاران معنائون ۽ مطلب ڪڍي محظوظ ٿيندا هئا سين. جنهن ۾ اسانجو پيارو دوست ايس. ايم يوسف خاص طور تي پيش پيش هوندو هو. اسڪول وارو دور پورو ڪري جڏهن ڪاليج ۾ داخل ٿيا سين ته طبعيت ۾ به سنجيدگي آئي ۽ ادب ڏانهن به سنجيدگيءَ وارو لاڙو وڌيو. پوءِ مون سنڌي ادب ۾ ايم. اي ڪئي جنهن ۾ هڪڙو مڪمل پيپر ٻوليءَ بابت ڏيڻو هوندو آهي. بعد ۾ مون سنڌي ادب ۾ ئي پي. ايڇ ڊي جي ڊگري ورتي. پوءِ پنهنجو توجهه سنڌي ٻوليءَ تي ئي ڏنو ۽ ٻوليءَ جي حسناڪين متعلق سوچڻ شروع ڪيو.
    هي ڪتاب لکڻ کان اڳ مون سنڌي ٻوليءَ جي مختلف ماهرن ۽ عالمن جا ڪتاب اٿلايا. سنڌي اردو ۽ انگريزي ٻولين جا انسائيڪلوپيڊيا آڏو رکيا. ڪجهه نيون پراڻيون لغتون جمع ڪيون. سنڌي پهاڪن، محاورن ۽ اصطلاحن بابت عالمن جي لکيل مواد جي ورق گرداني ڪئي. ائين کوٽي کوٽي مواد جمع ڪندو رهيس. ان وچ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي اصطلاحن ۽ پهاڪن متعلق ڪجهه مقالا لکيا جيڪي ماهوار ”نئين زندگي“ ۾ شايع ٿيا.
    هن ڪتاب ۾ سنڌي ٻوليءَ سان لاڳاپيل مختلف موضوعن تي مقالا شامل آهن، جن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي حسناڪين کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هونءَ ته هي ڪتاب علم، ادب ۽ ٻوليءَ سان چاهه رکندڙ سڀني پڙهندڙن لاءِ آهي پر منهنجي خواهش آهي ته هن ڪتاب کي خاص طور اسانجو نوجوان نسل ضرور پڙهي، جيئن کيس پنهنجي مٺڙي ٻوليءَ جي اهميت، قدر ۽ قيمت جي ڄاڻ ملي سگھي. آخر ۾ پنهنجي نوجوان ادبي ساٿي ۽ پبلشر پياري رياضت ٻرڙي جي مهرباني، جنهن هن ڪتاب کي سهڻي نموني ڇپائيءَ اوهان جي هٿن تائين پهچايو.


    ڊاڪٽر بشير احمد شاد
    موبائيل # 03013470052
    15 آڪٽوبر2013


    سنڌي ٻولي

    • ٻولين جا باهمي رابطا (سنڌي ٻوليءَ جو جائزو)

    ٻوليءَ جي ماهرن ۽ فلالاجي (Philology) جي عالمن ڪن لفظن جي هڪ جهڙائيءَ سبب دنيا جي زبانن جا ٽي قسم مقرر ڪيا آهن. اهي ئي ٽي قسم دنيا جون بنيادي زبانون آهن. ٻيون هزارين زبانون انهن مان ئي ڦٽيون آهن.
    پهرين آريائي (Aryan) ٻي توراني (Toranian) ٽين سامي (semetic). پهرين قسم جي زبانن مان سنسڪرت، فارسي، انگريزي، فرينچ ۽ ليٽن. ٻئي قسم مان چيني تاتاري ۽ تُرڪي ۽ ٽين قسم مان عربي، عبراني، قلداني ۽ سرياني وغيره ڦٽي نڪتيون آهن.
    دنيا ۾ جيئن سڀ انسان انسانيت جي دائري ۾ اچڻ سبب اچڻ سبب ڀائر سڏيا وڃن ٿا، فقط جدا جدا ملڪن ۾ رهڻ ڪري ئي جدا جدا نمونو ۽ ڌار ڌار رهت سهت رکن ٿا، تيئن سڀني انسانن جون ٻوليون به قريب قريب هڪ ئي ’ڪُل‘ مان آهن. جيتوڻيڪ جدا جدا ملڪن ۾ وڃي هنن جدا جدا روپ ورتو آهي. ٻولين جي هڪ ئي برادري هجڻ جو هڪڙو وڏو دليل هي آهي ته دنيا جي سڀني سڌريل ٻولين هڪ ٻئي سان لفظن جي ڏي وٺ ڪئي آهي ۽ انهيءَ ڏي وٺ ۾ ڪو عار يا عيب نه سمجھيو اٿن. ٻوليون قدرت طرفان ئي ڪا صورت وٺن ٿيون ۽ وڌن ويجھن ٿيون. ٻين لفظن ۾ کڻي ائين چئجي ته ٻوليون ٺاهيون ڪين وينديون آهن بلڪه ٺهي وينديون آهن.
    ٻوليون هڪ ٻئي جي مٿان اثرانداز ڪيئن ٿيون ٿين، تنهن لاءِ ٻوليءَ جي ماهرن هيٺيان مکيه ذريعا ٻُڌايا آهن.

    • هڪڙي ملڪ جي ماڻهن جو ٻئي مُلڪ ڏانهن سير سفر ڪرڻ.
    • ٻن ملڪن جي وچ ۾ واپاراي ناتا قائم ڪرڻ / ٿيڻ.
    • هڪ قوم جي مٿان ٻي قوم کي فتح حاصل ٿيڻ.
    • هڪ ئي ملڪ ۾ جدا جدا مذهبن جي ماڻهن جو هڪ ٻئي سان گڏجي گذارڻ.

    اهڙو اثر قدرتي طور ٿيندو آهي. ٻين ٻولين جي خزاني مان ڪجھ مال هٿ ڪري پنهنجي ٻوليءَ جي جھولي ڀرڻ ۽ ٻين ٻولين جي ادبي گلشن مان رنگ برنگي ۽ سهڻا گُل چونڊي پنهنجي ادبي گلدستي ۾ سنوارڻ سڌريل ۽ ساهتيه ٻولين جي خاص خوبي آهي. سڌريل ٻوليءَ جو درياءُ بي انت بحر وانگر هوندو آهي، جيڪو پنهنجي سيلاب سان هميشه اوڙي پاڙي کي سيراب ڪندو رهندو آهي.
    ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو پنهنجي ڪتاب ’سنڌي شاعريءَ تي فارسي شاعريءَ جو اثر‘ ۾ لکي ٿو ”زنده زبانون اهي آهن، جيڪي حالتن جي پيش نظر ٻين زبانن جون اثي قبول ڪن ٿيون. اهو قدرتي امر پڻ آهي.“
    انهيءَ معيار کي پرکڻ خاطر اسان کي هن دور جي انهن سڌريل ۽ زنده ٻولين جو جائزو وٺڻو پوندو، جن جي ساهت ۽ ادب دنيا ۾ تسليم ٿيل آهي ۽ جن جو لٽريچر دنيا جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ پهتل آهي. ايران جي هاڻوڪي فارسي زبان تي نظر وجھڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته فارسي ٻوليءَ جي ماهرن جڏهن اهو محسوس ڪيو ته سندن زبان ۾ نون اصطلاحن ۽ جديد ايجادن لاءِ لفظن جو ذخيرو ناڪافي آهي ته هنن بنا هٻڪ جي عربي زبان کان دل کولي مدد حاصل ڪئي.
    اهڙيءَ طرح دنيا جي ٻين برک ۽ عالمگير زبانن جهڙوڪه انگريزي، فرينچ ۽ جرمني جو جائزو وٺون ٿا ته ائين ٿو ڏسڻ ۾ اچي ته انهن ۾ وڏو حصو ڌارين ٻولين جو آهي. انهن ٽنهي زبانن جي ماهرن اندازو لڳايو آهي ته انهن ٻولين جو وڏو حصو ليٽن (Latin) ۽ يوناني (Greek) زبانن مان ئي آيل آهي ۽ باقي حصو فرينچ، انگريزي ۽ جرمن جو آهي. تنهن کان سواءِ منجھن عبراني، عربي، تُرڪي ۽ فارسي زبانن جو به گھڻو دخل ڏسجي ٿو.
    هتي چند اهڙا مثال پيش ڪجن ٿا جن مان ٻولين جا هڪ ٻئي تي اثرَ چٽا نظر ايندا. جيتوڻيڪ يورپ هن ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي واري دور ۾ گھڻو اڳتي نڪري چُڪو آهي ۽ وٽس ٻوليءَ جو به بي بها خزانو موجود آهي پر تنهن جي باوجود هن طبي توڙي ڪن ٻين سائنسي اصطلاحن لاءِ ٻين ٻولين جي لفظن ۽ اصطلاحن مان ڀرپور فائدو حاصل ڪيو آهي. هتي مُٺ مان خرار پرکڻ جي مصداق فقط انگريزي ٻوليءَ ۾ عربي، فارسي ۽ هندي لفظن جي استعمال جا چند مثال پيش ڪجن ٿا.
    عربي جي ذيابيطس کي انگريزي ۾ ڊائبٽيز (Diabetes)، ماليخوليا کي ميلنڪوليا (Melancholia)، قوما کي بلڪل ساڳي اُچار ۽ آواز ۾ ڪوما (Coma)، طاطانس کي ٽيٽنس (Tetanus)، زنجبيل کي زنجبيريس (Zigeberis)، افيون (آفيم) کي اپيوم (Opium)، صندل کي سينٽل (Santal)، قنديل کي ڪئنڊل (Candle)، الف، بي، ت کي الفابيٽ (Alphabet) چيو وڃي ٿو. اهڙي طرح فارسيءَ جي شڪر کي شگر (Sugar)، هندي جي سنت کي سينٽ (Saint) ڪري سڏيو وڃي ٿو. اهڙا ٻيا به ڪيترائي لفظ ۽ اصطلاح مثال ۾ پيش ڪري سگھجن ٿا. هاڻي اسان ڏسندا سين ته سنڌي ٻوليءَ ٻين ٻولين جو اثر ڪهڙي دور ۾ ۽ ڪيئن وٺڻ شروع ڪيو.
    ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ ۾ ڇهه سو سال ق.م سنڌ جي اوائلي ٻوليءَ تي ٻين ٻولين جي اثر جو ذڪر ڪندي لکي ٿو:
    ”آثارِ قديمه مان مليل مواد ۽ معلومات جي بنياد تي چئي سگھجي ٿو ته سنڌ جي قديم ٻولي غالباً ڪا سامي زبانن جي سٿ مان هئي، جنهن تي پوءِ آريائي ٻولين جو اثر پيو. انهن آريائي ٻولين مان هن قديم زماني ۾ سنڌ جي ٻوليءَ تي گھڻي ۾ گھڻو اثر ايراني ۽ داردي ٻولين جو پيو.“
    ”آفتابِ ادب“ جو حڪيم فتح محمد سيوهاڻي لکي ٿو: ”تاريخ جي ورق گرداني ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ ديس جي اوائلي رهاڪن جا عربن جي سنڌ ۾ آمد کان به اڳ پنهنجي پاڙيسري ملڪن ايران، افغانستان ۽ عربستان سان تجارتي تعلقات قائم هئا. اهڙيءَ ريت ايران ۽ عربستان جا واپاري به عراق، بندر عباس ۽ بصري کان سنڌ جي سامونڊي ۽ دريائي بندرن ۽ وسندڙ شهرن ۽ واپاري منڊين تائين ايندا ويندا رهندا هئا. انهن تجارتي تعلقات سبب ملڪن جي ٻولين توڙي تهذيب ۽ تمدن جا اثرات هڪ ٻي تي پوڻ فطري عمل هو.“
    اٺين صدي عيسوي جي شروع ۾ جڏهن سنڌ تي مسلمان عربن جو راڄ ٿيو تڏهن مسلمانن جو لشڪر عراق ۽ ايران مان ٿيندو لس ٻيلي جي رستي سنڌ ۾ پهتو جنهن پاڻ سان ڪيترائي عربي ۽ فارسيءَ جا لفظ پڻ آندا. ان کان علاوه ان وقت ڪيترائي عربي ۽ ايراني سوداگر سنڌ ۾ گھر ڪري اچي ويٺا. ساڳي صديءَ ۾ عباسي خليفن جي حڪومت وقت سنڌ جون ڪيتريون ئي قومون بغداد ۾ اينديون وينديون رهنديون هيون. ”تاريخِ بغداد“ ۾ لکيل آهي ته ”سنڌ جي هڪڙي وڏي قوم خليفي هارون رشيد وٽ جنگي کاتي ۾ ملازم هئي. جنهن کي ”زط“ سڏيندا هئا. اها ”زط“ قوم اها ساڳي آهي جنهن کي سنڌ ۾ ”جت“ سڏيو وڃي ٿو.“
    ڊاڪٽر اياز حسين قادري پنهنجي ڪتاب ”سنڌي غزل جي اوسر“ ۾ سنڌ ۽ ايران جي قديم دور وارن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي لکي ٿو: ”ٻنهي ملڪن جي تاريخ جي ڄاڻن جو خيال آهي ته ايران ۽ سنڌ جا سياسي، تجارتي ۽ معاشرتي تعلقات ان دور کان گھڻو قديم آهن جڏهن آرين اچي هن ڌرتيءَ کي پنهنجو وطن بڻايو. اهڙن تعلقات جون ڪي شاهديون ٻنهي ملڪن جي قديم آثان جي کوٽاهيءَ مان مليون آهن.“
    هتي هڪ ڳالهه جي وضاحت ڪرڻ ضروري آهي ته هڪڙي مڪتبه فڪر جي خيال مطابق عربي زبان سنڌي قوم جي مٿان مڙهي وئي هئي ۽ ان کي زبردستي سنڌي ٻولي توڙي ثقافت تي اثر انداز ڪرايو ويو. جڏهن ته ائين هرگز نه آهي. دليل طور تاريخي حوالن سان هيٺيان چند مثال پيش ڪجن ٿا، جن مان اهو ثابت ٿي وڃي ٿو ته سنڌي زبان توڙي ثقافت تي عربي زبان مڙهي هرگز نه وئي هئي بلڪه هتان جي غير مسلم رهواسين پڻ دل جان سان اها اختيار ڪئي هئي.
    بغداد جو مشهور سيلاني اصطخري ڏهين صدي عيسوي ۾ سير ڪندو سنڌ جي معروف شهر بکر ۾ آيو هو. هو پنهنجي سفرنامي ۾ لکي ٿو: ”بکر، ملتان ۽ ان جي آس پاس عربي ۽ سنڌي ٻئي ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون.“
    ساڳي صديءَ يعني 985 عيسوي ۾ بشاري مقدسي نالي هڪ سياح جڏهن سنڌ ۾ آيو تڏهن ديبل ۾ به آيو. هو پنهنجي سفر نامي ۾ لکي ٿو: ”ديبل بندر سمنڊ جي ڪناري تي آهي اتي جا رهاڪو گھڻو ڪري هندو آهن، جيڪي سڀ سوداگر آهن ۽ انهن جي ٻولي سنڌي ۽ عربي آهي.“ جنهن مان ظاهر ٿيو ته سنڌ جي ڪيترن ئي حصن ۾ خود هندو به عام طرح عربي ٻولي، ٻوليءَ طور ڳالهائي سگھندا هئا ۽ انهن کي عربي يا ٻين ٻولين کان ڪا به نفرت يا ڇوت ڇات ڪانه هئي.
    هاڻي هيٺ سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻين مختلف ٻولين جي مستعمل اهڙين لفظن جو مختصر وچور ڏجي ٿو جيڪي سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙيءَ ريت رلي ملي ويا هڪ ٿي آهن جو ڳالهائيندڙ، ٻڌندڙ، پڙهندڙ توڙي لکندڙ کي اهو احسان بنهه ڪونه ٿو ٿي ته هو ڪنهن ٻي ٻوليءَ جا الفاظ ڳالهائي، ٻڌي، پڙهي توڙي لکي رهيو آهي، بلڪه ائين ٿو ڀائنجي گويا اهي لفظ اصل کان سندن ٻوليءَ جي ملڪيت آهن.

    عربي زبان مان آيل لفظ:

    قلم، ڪاغذ، حساب، ڪتاب، صفحو، ورق، جلد، حرف، لفظ، مضمون، تحرير، تقرير، علم، عمل، تعليم، مدرسو، استاد، سبق، امتحان، سوال، جواب، صحيح، غلط، عالم، جاهل، عدل، انصاف، منصف، مصنف، امانت، فيصلو، فتوى، دولت، مال، امير، وزير، وزارت، وڪالت، اظهار، بيان، باب، فصل، عقل، اڪابر، حڪيم، حاڪم، طبيب، حبيب، عشق، عاشق، مجنون، مفتون، محفل، مجلس، طمع، مريض، دعا، شفا، علاج، صحت، مخالف، موافق، فنا، بقا، مرشد، مريد، غريب، غني، دين، دنيا، عاقبت، آخرت وغيره وغيره.

    فارسي زبان مان آيل لفظ:

    آواز، آزار، آزاد، گرفتار، آبرو، آئينو، آبادي، بربادي، آرام، بي آرامي، آهه، آگاهه، باري، شبنم، ريشم، پردو، خدا، خودي، مُردار، بندو، زنده باد، بندگي، زندگي، گندگي، دوست، دشمن، هر روز، هر سال، آمدني، روانگي، ويراني، پريشاني، صدي، هزار، گل، بلبل، باغ، بستان، چمن، گلستان، گلشن، بارش، بهار، ناز، انداز، راز، نياز، ڪاريگر، هنر، دل، جان، درد، مردانو، زنانو، آسمان، آستانو، درگاهه، سست، چست، بيشمار، داناءُ، نادان وغيره.

    انگريزي زبان مان آيل لفظ:

    ريل، لائين، اسٽيشن، ٽڪيٽ، ٽائيم، مارڪيٽ، اسڪول، ڪاليج، پروفيسر، ڊاڪٽر، ڪورٽ، ڪيس، سمن، وارنٽ، پوسٽ آفيس، ايڊيٽر، مئنيجر، جج، ڪليڪٽر، فيس، ڊگري، بينڪ، سوسائٽي، گلاس، جڳ، پليٽ، ڪوپ، ساسر، ٽاول، واچ، پيپر، بل، سوٽ، بوٽ، گئلري، لائبريري وغيره.

    هندي زبان مان آيل لفظ:

    سپنو، ساڀيان، سندر، ساهت، سنسار، سماچار، درشن، وشواس، ڀاڀي، آگم، اٻاڻڪو، اجھاڳ، ادس، شنان، اڪيچار، الک، الوٽ، امر، امرت، اوجاڳو، اوسيئڙو، گيان، وگيان، اوير، برهه، ٻائيتال، ٻَهڳڻ، ڀوتار، ڀٽارو، تلڪ، پاند، پاهت، پرڀات، پرت، پرديس، پريمي، پڄاري، پورب، چکيا، پتر، ڏهاڳ، ڏهيسر، ٻوهر، اياڻو، اهڃاڻ، آسروند، آڙاهه، آتڻ، اڻاسي، ٻيائي، سڳن، ڀينگ، پاٺ، جنجال، جوڳي وغيره.

    ترڪي زبان مان آيل لفظ:

    چقمق، چاقو، قينچي، چاق، چلمچي، چغل، چمچو، چغو، قلي، اوطاق، بورچي، سوغات، بيگ، بيگم وغيره.

    هندي زبان مان آيل لفظ:

    ان کان علاوه جن ٻين ٻولين جا لفظ سنڌي زبان ۾ ملن ٿا انهن ۾ آمليٽ (فرينچ)، ڪمرو (اٽالين)، نيلام (پورچوگال) پادري (ليٽن) کان علاوه ٻيا به ڪيترائي لفظ نظر ايندا. مطلب ته سنڌي ٻولي جو شمار انهن زنده ۽ سڌريل ٻولين ۾ ٿئي ٿو جن ٻولين ٻين ٻولين مان ڀرڀور استفادو حاصل ڪيو آهي ۽ انهن جا لفظ پاڻ ضم ڪري پنهنجي اندر وسعت آندي آهي.


    • سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻيلهي لفظن جي اهميت

    ٻولين جي تاريخ تي نظر وجھڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته جڏهن کان انسان عالمِ وجود ۾ آيو آهي، تڏهن کان ٻوليون پڻ ڳالهائڻ ۾ اچن ٿيون. هونءَ ته ٻولي اظهار جو ذريعو ئي آهي، جنهن سان هڪڙو انسان پنهنجي مخاطب کي پنهنجي مطلب ۽ مقصد جي ڳالهه ٻڌائي ٿو. ٻولين جي ارتقا، عروج توڙي زوال جا مختلف تاريخي سبب رهيا آهن. ڪي ٻوليون قديم دورن کان قائم آهن ڇوته انهن ٻولين ۾ پنهنجي وجود کي برقرار رکڻ جي سگھ ۽ اهي خوبيون اُتم موجود هيون، جنهن ڪري اُهي وقت جي وهڪري ۾ وهي ڪونه سگھيون پر ڪي قديم ٻوليون وقت گذرڻ سان پنهنجو وجود وڃائي ويٺيون، ڇالاءِ ته منجھن اهي گڻ موجود ڪونه هئا جيڪي کين وڏي وقت تائين زنده رکي سگھن. اهڙي ريت مختلف سببن جي نتيجي ۾ هڪ ملڪ يا ڪنهن علائقي ۾ مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ قومن جي گڏ ٿيڻ سبب نيون ٻوليون جنم وٺنديون آهن.
    سنڌي زبان جا اهڃاڻ اسان کي موهن جي دڙي واري تهذيب مان ملن ٿا، جنهن ڪري سندس عمر ڪٿڻ وقت اسين پوري اعتماد سان چئي سگھون ٿا ته اها پنج هزار سالن کان به ڪافي اڳُ جي آهي. سنڌي زبان ۾ هڪ مهذب ٻوليءَ جون اُهي سموريون خوبيون موجود آهن، جيڪي ڪنهن زبان جي وجود کي صدين تائين قائم رکڻ لاءِ ضروري ليکيون وينديون آهن.
    هر ڪنهن ٻوليءَ جو پنهنجو پنهنجو مزاج هوندو آهي، جيڪو ان خطي جي ماڻهن جي، تهذيب، تمدن، مذهب، رسم و رواج ۽ اٿڻي ويهڻيءَ منجھان جڙندو آهي. ٻوليءَ جي مٺاس ۽ ڪرختگيءَ جو دارو مدار به ان قوم جي مزاج ۽ عادات و اطوار تي هوندو آهي. ان کان علاوه هر مهذب ٻوليءَ ۾ اتان جي ماحول مطابق محاورا، اصطلاح، ڪنايا، مثال، پهاڪا، تشبيهون ۽ استعارا جُڙندا آهن جن مان ڪن جو نعم البدل اڻ لڀ هوندو آهي.
    سنڌي ٻوليءَ جي اڻ ڳڻين خوبين منجھان هڪ اهم خوبي اها به آهي جيڪا ٻين ٻولين ۾ ورلي نظر ايندي. اها خوبي هن ريت آهي ته ٻوليءَ جي ڪنهن لفظ جي پويان هڪ ٻيو اهڙو بامعنى لفظ ايندو آهي، جيڪو اصل لفظ جو ڀرجھلو ٿي ان جي معنى ۽ مفهوم ۾ چار چنڊ لڳائي ڇڏيندو آهي ۽ اهي ٻه لفظ ملي وڏي مفهوم وارا بڻجي ويندا آهن. اهڙن لفظن جو استعمال نه رڳو سنڌي ٻوليءَ جي آسودگيءَ جو دليل آهي، بلڪه اهڙن لفظن جي استعمال مان سنڌي سماج جي مزاج، ماحول ۽ قدرن جي پڻ عڪاسي ٿئي ٿي. هيٺ اهڙن لفظن جا فقط چند مثال پيش ڪجن ٿا، جيڪي ڀرجھلن لفظن سان گڏجي معنى ۽ مفهوم جي لحاظ کان منفرد حيثيت جا حامل بڻجي وڃن ٿا ۽ ڪن صورتن ۾ اهڙن لفظن جي ٻِٽي معنى (ذو معنى) نڪري ٿي، جيڪا پڻ ٻوليءَ جي وسعت جو دليل بڻجي پوي ٿي.

     نياڻي سياڻي: سنڌي زبان ۾ ’نياڻي‘ جي لفظ پٺيان ٻيلهي لفظ طور عام طور سياڻي ڪم ايندو آهي. يعني چيو ويندو آهي: ’نياڻي سياڻي‘. نياڻي ڪنواري هجي توڙي پرڻيل حتاڪه ٻارن جي ماءُ لاءِ به نياڻيءَ جو لفظ استعمال ٿيندو آهي ۽ هر نياڻيءَ کي سمجھو ۽ سياڻي سمجھيو ويندو آهي، جنهن مان سنڌي سماج ۾ نياڻيءَ جي عزت ۽ احترام جو پتو پوي ٿو.

     ڏُڌُ پُٽُ: سنڌي ٻوليءَ ۾ ’ڏڌ‘ ۽ ’پُٽ‘ جا لفظ به گڏ گڏ استعمال ٿيندا آهن. ڏٺو وڃي ته سنڌي سماج ۾ اهي ٻئي لفظ بخت جا اهڃاڻ طور استعمال ٿيندا آهن. ’ڏُڌَ‘ مان مراد حلال مال يا ڍور ڍڳا آهن. مالوندو ماڻهو سکين ستابن ۾ شمار ٿيندو آهن. اسان جي سنڌي معاشري ۾ مال کي به اولاد جهڙي اهميت حاصل هوندي آهي ۽ مالوندا ماڻهو مال جي سنڀال به اولاد وانگر ئي ڪندا آهن ۽ ساڻن ’پُٽ‘ ۽ ’امان‘ جي لفظن سان مخاطب ٿيندا آهن. جيئن مينهن کي ’امان‘ ۽ ڏاند کي ’پُٽُ‘ ڪري سڏيو ويندو آهي. وري جڏهن اهڙي ماڻهوءَ کي پُٽ جو اولاد به هجي ته ان کي وڏو بختاور سمجھيو ويندو آهي. عام طور اسانجي ٻهراڙين ۾ حال احوال ڏيڻ وٺڻ وقت ڏُڌَ ۽ پُٽَ جي خير بابت پڻ پڇيو ويندو آهي. ڪنهن لاءِ دعا طور به اُهي ٻئي لفظ ٻڌڻ ۾ ايندا آهن. جيئن چيو ويندو آهي ”شال! ڏڌين پُٽين جُڙيو رهين.“ يا ”ڏُڌن پُٽَن جو خير“ وغيره. اهڙيءَ ريت ٻنهي لفظن جي گڏ گڏ استعمال مان ڪيتري قدر نه ڏاهپ ٿي بَکي.

     کيرُ کنڊُ: کير سان ٻيلهي لفظ طور کَنڊُ استعمال ٿيندو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ انهن ٻنهي لفظن کي ملائي انهن مان نهايت بامعنى ۽ سهڻي مفهوم طور ڪتب آندو ويندو آهي. جڏهن ٻه ٽڪرايل ڌريون ڳالهين ٻولهين بعد پاڻ ۾ صلح ڪنديون آهن ته سندن انهيءَ صلح جي تمثيل ’کير ۽ کنڊُ‘ سان ڏني ويندي آهي. چيو ويندو آهي ته ”ٻيلي ڏاڍو چڱو ٿيو جو فلاڻا پاڻ ۾ کير کنڊُ ٿي ويا.“ يعني پنهنجون دشمنيون ۽ اختلاف وساري هِڪُ ٿي وڃڻ جو فيصلو ڪيو. کير ۾ کنڊُ ملڻ سان نه فقط کنڊُ پنهنجو وجود وڃائي کير سان ملي هڪ ٿي ويندي آهي، بلڪه کير جي لذت ۽ قوت ۾ به اضافو اچي ويندو آهي. مٿين تمثيل مان ٻوليءَ جي وسعت ۽ با محاوره هجڻ جو ثبوت ملي ٿو.

     هَڙئون وَڙئون: اها ٻوليءَ جي وڏي خوبي شمار ٿئي ٿي جو ڪنهن به لفظ جو اهڙو ٻيلهي لفظ چونڊيو وڃي جيڪو معنى توڙي مفهوم جي لحاط کان پنهنجي اندر وڏي اهميت جو حامل هجي ۽ ڀرپور تاثر ڇڏيندو هجي. هتي هڙئون سان وڙئون جو لفظ ملي ڀرپور معنى ۽ مفهوم وارو بڻجي پوي ٿو. عام طور هَڙئون جي ٻيلهي لفظ طور وَڙئون ڪم ايندو آهي. هڙئون مان مراد مالي طور ڪم اچڻ آهي، جڏهن ته وَڙئون جو مطلب آهي: خلوص، اخلاق يا ڪردار جو مظاهرو ڪرڻ يا دلي همدردري ڪرڻ. وَڙَ جي معنى اخلاق آهي. عام طور چيو ويندو آهي ”انسان هڙئون وڃي ته به وڙئون نه وڃي.“ يعني جيڪڏهن ڪو پنهنجي عزيز يا دوست کي مصيبت يا منجھيل وقت ۾ مالي طور ڪا مدد نه ٿو ڪري سگھي ته ڪم از ڪم دلي طور ساڻس همدردري ڪرڻ ته مٿس واجب ٿو ٿئي. هو پنهنجي خلوص ۽ اخلاق جو اظهار ڪري ان دوست يا عزيز جو درد وَنڊي سگھي ٿو، پر جيڪڏهن ڪو اهڙي اوکي وقت ۾ هڙئون توڙي وڙئون ڪم اچي ٿو ته ڄڻ هو دوستيءَ يا مائٽيءَ جو حق ٿو ادا ڪري.

     داڻو پاڻي: عام طور تي داڻي پاڻيءَ مان مراد نصيب ورتو ويندو آهي. چيو ويندو آهي: ”سڀ داڻي پاڻيءَ جي اختيار آهي“ يا ”هوندو داڻو پاڻي ته ضرور ايندا سين.“ يا وري ”داڻي پاڻيءَ جي ڇڪ ٿي سو اچي نڪتا سين.“ وغيره، پر ٻين لفظن ۾ داڻي پاڻيءَ مان مراد کاڌو پيتو آهي. يعنى جتي کاڌو پيتو قسمت ۾ لکيل هوندو اتي ضرور ملندو. کائڻ سان گڏ پيئڻ لازم ملزوم آهي. کائڻ دوران يا پوءِ پيئڻ جي ضرورت فطري عمل آهي، تنهن ڪري داڻي سان ٻيلهي لفظ پاڻي آندو ويو. جنهن مان ٻوليءَ جي وسعت ۽ جامعيت جي خبر پوي ٿي.

     مڇي ماني: ’مڇيءَ‘ سان گڏ ڀرجھلو ’ماني‘ جو لفظ ايندو آهي. ٻنهي لفظن جو گڏ استعمال خوشحالي جي معنى ڏيندو آهي. جيڪو ماڻهو پنهنجي پيرن تي بيٺل هوندو آهي ۽ معاشي طور تي سندس گذرسفر سکيو ٿيندو آهي ان لاءِ چيو ويندو آهي ”ٻيلي فلاڻو مڇي مانيءَ لائق آهي“. سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته مانيءَ کان اڳ هروڀرو مڇيءَ جو لفظ هروڀرو ڇو ڪم آندو ويو!؟ گوشت يا ڪنهن ڀاڄيءَ جو لفظ استعمال ڇونه ڪيو ويو. منهنجي خيال ۾ ان جو پس منظر ڪجهه هن ريت آهي. انساني آباديءَ جي تاريخ جو مطالعو ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته پراڻي دور جي انسان کي جڏهن سماجي ۽ معاشرتي شعور آيو ته هن پنهنجون وستيون ۽ واهڻ پاڻيءَ جي سيهي تي سمنڊن، درياهن ۽ ڍنڍن ڍورن جي ڪنارن تي اڏيا ۽ خوراڪ طور اپايل اناج سان گڏ مڇيءَ جو شڪار ڪري پنهنجو پيٽ پاليندو هو. جيئن ته مڇيءَ جو شڪار انهن لاءِ ٻين شڪارن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سولو ۽ ويجھو هو تنهن ڪري هُن ٻين شڪارن تي مڇيءَ جي شڪار کي ئي ترجيح ڏني. ٻي طرف ڏٺو وڃي ته پاڻيءَ جي ڪنارن تي رهڻ وارن ماڻهن جي مَن پسند غذا مڇي ئي رهي آهي. ان حوالي سان دريائن جي ديس بنگلاديش جو مثال وٺي سگھجي ٿو. سنڌي ٻوليءَ جي مٿين اصطلاح ۾ پنهنجي سهنجي سولي ۽ سستي غذا طور ان حوالي سان مڇيءَ جو مثال موزون نظر اچي ٿو جنهن مان سنڌي ماڻهن جي ڪنايت پسندي جو ثبوت پڻ ملي ٿو.

     خون کٿوري: سنڌي ٻوليءَ جو مشهور محاورو آهي ”خون کٿوري لڪڻ جا نه آهن.“ خون مان مراد قتل ۽ کٿوري جو مطلب خستوري، مشڪ يا خوشبو آهي. ڏاهن جي هن قول جو مفهوم آهي ته ڪنهن جي خون کي گھڻي وقت تائين لڪائي نه ٿو سگھجي يا خون ڪڏهن به رائگان نه ٿو وڃي. اهڙيءَ ريت خوشبو کي لڪائي يا قيد ڪري نه ٿو سگھجي بلڪه اها هر طرف ڦهلجي وڃي ٿي.
    هتي خون سان ٻيلهي لفظ طور کٿوري ڪم آڻي وڏي دانائي جي نقطي کي بيان ڪيو ويو آهي جنهن مان پڙهندڙ خواه ٻڌندڙ وڏو سبق حاصل ڪري سگھي ٿو، يعنى قاتل کي اهڙي وڏي ڏوهه جي مرتڪب ٿيڻ کان اڳ نه رڳو سوچڻ گھرجي بلڪه اها پڪ ڏيارڻ گھرجي ته هو ڪيترو به رازداريءَ سان اهڙو ڪُڌو عمل ڪندو ته به هڪ نه هڪ ڏينهن سندس اهو گناهه ضرور پڌرو ٿي پوندو ڇو ته اهو قدرتي قانون آهي. خون به کٿوريءَ وانگر پنهنجي پڌرائي ضرور ڪندو.

     کاٽو پُٽ: هتي لفظ کاٽو سان پٽ آندو ويو آهي، جنهن جي مثبت معنى ٿيندي ته پٽ کي هميشه هڏ ڀڳو، محنتي ۽ جفاڪش هجڻ گهرجي. هو پنهنجو رزقِ حلال لوچڻ سان لهي. پاڻ به پالي ۽ مائٽن لاءِ به سُکَ جو سبب بڻجي. جيئن ڪنهن سڌريل ۽ برسرِ روزگار پٽ لاءِ چيو ويندو آهي ”ٻيلي فلاڻي جو واهه جو کاٽو پٽ ساماڻو آهي.“
    ساڳي وقت کاٽو پٽ جي منفي انداز ۾ به معنى ورتي ويندي آهي جيئن مائٽ پنهنجن نڪمن ۽ هڏ حرام قسم جي نوجوان کي طعنى طور چوندا آهن ”آيو آ وڏو کاٽو پٽ، ڪمائڻ کان ٻرو باقي رڳو مانيءَ تي مارو وارو ڙي وارو.“

     اَٽو، لَٽو ۽ اَجھو: لفظ اٽو سان ٻيلهي لفظ ’لٽو ۽ اَجھو‘ ايندا آهن. ٽنهي لفظن جي اهيمت تي غور ڪبو ته ائين نظر ايندو ته اهي ٽئي شيون انسان جي جياپي جون بنيادي ضرورتون آهن. اٽي مان مراد خوراڪ، لٽي مان پوشاڪ ۽ اجھي مان مطلب ’مٿي ڇانون‘ يا گھر آهي. ڏٺو وڃي ته انسان دنيا ۾ سکيو گذارڻ لاءِ انهن ٽنهي شين جي پٺيان سرگردان آهي. هرهڪ جي دل ۾ اها تمنا هوندي آهي ته هو خوش خورڪ ۽ خوش پوشاڪ هجي. وٽس زندگي جي سهوليتن سان مزّين گهر هجي.
    انساني زندگيءَ جي بنيادي ضرورتن جو فقط ٽن لفظن ۾ اظهار ٻوليءَ جي آسودگيءَ جو دليل آهي. ٻي طرف فني نقطهءِ نگاهه کان وري انهن ٽنهي لفظن جو وزن ۽ قافيو به هڪ جھڙو رکيو ويو آهي، جنهن مان پڻ ٻوليءَ جي فني پختگيءَ جو پتو پوي ٿو.

     مرڻو پرڻو: مرڻو ۽ پرڻو جا لفظ ڏک ۽ سک جي معنى ڏين ٿا. سنڌي زبان ۾ لطيف سائين جي هيءَ سٽ عام چوڻي طور مشهور آهي ته ”ڏک سکن جي سونهن، گھوريا سک ڏکن ري.“ ڏک ۽ سک انسان جو پاڇي وانگر پيڇو ڪن ٿا. ٻئي ڪيفيتون انسان سان ائين لاڳاپيل آهن جيئن جسم سان روح. لاکيڻي لطيف پنهنجي آفاقي ڪلام ۾ مرڻي ۽ پرڻي جي ڪيفيت جو اظهار ڪهڙي نه سهڻي نموني ڪيو آهي:
    ڪڏهن ڳاڙهو گھوٽ، ڪڏهن مڙهه مقام ۾
    واريءَ سندو ڪوٽ، اڏي اڏيندين ڪيترو.
    مرڻو سان ٻيلهي لفظ پرڻو نه فقط معنى ۽ مفهوم جي لحاظ کان ڀرپور خوشيءَ جي ڪيفيت جي عڪاسي ڪري ٿو بلڪه فني لحاظ کان به مرڻو سان هم وزن ۽ هم قافيه آهي. ٻنهي لفظن جي سٽاءَ مان ٻوليءَ جي حرفت ظاهر ٿئي ٿي.

     هڻ کڻ: ’هڻ‘ ۽ ’کڻ‘ سنڌي زبان جا ٻه عام فهم لفظ آهن. هڻ مان مراد ڪنهن کي ڌڪ هڻي ڪڍڻ آهي ۽ کڻ جي معنى کڻڻ يا مارڻ آهي. ٻنهي لفظن جو گڏيل مفهوم آهي اهڙي ضرب هڻڻ جنهن سان موت واقع ٿي پوي يا جيڪا انت جو ڪارڻ بڻجي. دراصل انهن ٻنهي لفظن جو استعمال انهيءَ خون خوار بلا يا نانگ جي قسم لاءِ چيو ويندو آهي جنهن جي متعلق مشهور آهي ته انهيءَ بلا جي ڏنگيل کي پاڻي به نصيب نه ٿيندو آهي. يعنى ان بلا ’هڻ کڻ‘ جو ڏنگيل انسان انهيءَ جاءِ تي ئي ڦتڪي دم ڏيندو آهي. ٻين زبانن ۾ اهڙي بلا لاءِ ڪي نه ڪي نالا ضرور رکيل آهن پر سنڌي ٻوليءَ ۾ ان جو نالو معنى خواه مفهوم جي لحاظ کان ڪيترو نه تُز نظر اچي ٿو. جيڪو ان بَلا جي زهر جي زود اثر هجڻ واري عمل ۽ نتيجي جي پيشِ نظر رکيو ويو آهي. يعنى هڻ ۽ کڻ. ٻي طرف هڻ سان کڻ لفظ جو ساٿ ٻوليءَ جي برجستگي ۽ بامفهوم هجڻ جي دلالت ڪري ٿو.


    • ادبي ٻوليءَ جا ٻه معيار : هڪ لفظ جون گھڻيون معنائون هڪ معنى لاءِ گھڻا لفظ

    انسان جو ٻوليءَ سان ازلي انگ رهيو آهي ان ڪري ئي انسان کي حيوانِ ناطق سڏيو ويو. جيتوڻيڪ ٻوليءَ کي اظهار جو ذريعو تصور ڪيو وڃي ٿو پر منهنجي نظر ۾ فقط اظهار ئي ڪافي نه آهي. پنهنجي مّدعا سمجھائڻ لاءِ ته جانور، پکي پکڻ توڙي جيت جڻيا به پنهنجي آوازن ذريعي هڪ ٻي سان مخاطب ٿيندا آهن. قوتِ گويائي کان محروم انسان به اشارن ذريعي هڪ ٻي کي پنهنجو مفهوم سمجھائي سگھندا آهن. ٽريفڪ جو سپاهي به پنهنجي خاص اشارن سان سوارين کي گائيڊ ڪندو آهي پر اصل ۾ اظهار جو مؤثر ۽ عام فهم هجڻ بيحد ضروري آهي. سڌريل ٻوليءَ ۾ هڪ طرف جتي ٻوليءَ جي حرفن توڙي لفظن کي بنيادي اهميت حاصل هوندي آهي ته ٻي طرف اتي ٻوليءَ ۾ الفاظ جي مقدار سان گڏ معيار کي به نظر ۾ رکيو ويندو آهي.
    ٻوليءَ جي پارکن سڌريل ٻوليءَ بابت ڪجهه معيار مقرر ڪيا آهن جن جي آڌار تي ڪنهن به ٻوليءَ کي پرکي ۽ پروڙي نتيجو اخذ ڪري سگھجي ٿو ته آيا اها ٻولي ادبي ٻولين جي زمري ۾ شمار ٿئي ٿي يا نه؟ اهڙن معيارن مان هتي فقط ٻن معيارن جو ذڪر ڪجي ٿو، جيڪي جيڪڏهن ڪنهن به ٻوليءَ ۾ نظر اچن ته پڪ ڄاڻجي ته اها ٻولي ادبي آهي ۽ باقي ادبي خوبين سان پڻ ضرور مالا مال هوندي. اهڙي ٻوليءَ جو شمار دنيا جي سڌريل ٻولين ۾ ٿيندو. اهي ٻه معيار هيٺيان آهن.
    1. ٻوليءَ ۾ ڪيترائي اهڙا لفظ هوندا آهن جن جون هڪ ئي وقت گھڻيون معنائون نڪرنديون آهن.
    2. اهڙي ٻوليءَ ۾ هڪ معنى يا مفهوم لاءِ گھڻا الفاظ موجود هوندا آهن.

    هڪ لفظ جي گھڻين معنائن مان مراد اها آهي ته ڪنهن لفظ هي اعرابن مٽائڻ کانسواءِ لفظ جي صحت به ساڳي رهي، سندس تلفظ يا اُچار ۾ به معنائن مٽجڻ باوجود ذري جيترو به فرق نه اچي ۽ هڪ ئي وقت ان جون ڪيتريون ئي معنائون نڪري اچن، جن مان هر هڪ معنى پنهنجي اندر پورو پورو مفهوم، مقصد ۽ وزن رکندي هجي.
    اهڙيءَ ريت هڪ معنى لاءِ گھڻن لفظن مان مطلب اهو آهي ته ڪنهن به شيءِ، جانور يا جنس جي لاءِ هڪ ئي وقت ايترا لفظ ٻوليءَ ۾ موجود هجن، جن مان جڏهن ڪوبه هڪ لفظ ورتو وڃي ته ٻولي سمجھندڙ يا هم زبان ان شيءِ جي اصليت يا توڙ تائين پهچي وڃي ۽ سولائيءَ سان سمجھي سگھي ته ڇا جي متعلق ذڪر ڪيو پيو وڃي.
    جڏهن اسان مذڪوره ٻنهي معيارن تي سنڌي زبان کي پرکيون ٿا ته ان ۾ اسان کي اهي ٻئي خوبيون اتم درجي تي نظر اچن ٿيون ۽ ان جا ڪيترائي عمده مثال ملن ٿا. هتي سنڌي ٻوليءَ مان ٻنهي معيارن جا فقط چند مثال پيش ڪجن ٿا جن مان سنڌي زبان جي ادبي ۽ سڌريل هجڻ جا پڪا پختا ۽ واضح ثبوت ملن ٿا.

    هڪ لفظ جي گھڻين معنائن جا مثال:

     آب: پاڻي ـــ جل.
     لُڙ، لهرون، لس، ليٽَ، جتي انت نه آب جو.
     جوهر يــــــا تيزائي.
     تلوار آبدار يا جوهردار.
    (اهڙي تلوار جنهن کي وڄ جو پاڻي ڏنل هجي.)
     چلڪو، چمڪو، تجلو.
     ديدَ، شرم، حياءُ.
    مثال: هن جي اکين مان آب ئي نڪري ويو آهي.
     نيرُ يا اکين جو پاڻي، اکين ۾ ڳوڙها اچڻ.
     آڻيو آب اکين ۾، ڏيههَ کي ڏيکارين.
     آفـــــــت: مصيبت، بـــلا.
     حادثو، ظلم.
     ڏُڪر، قحط.
     چالاڪ، ذهين يا شرير.
    استعمال: مڙس ته ڪو آفت لڳو پيو آ.
     آبـــــادي: وسنديءَ واري جاءِ يا بستي.
     پوک.
     آدمشماري.
     آبادي ڪرڻ، سوڀ کٽڻ، ڪاميابي حاصل ڪرڻ.
     آبادي نه ڪرڻ، ڪجهه به نه ڪري سگھڻ.
     استعمال: تون وري ڪهڙي آبادي ڪندين!
     استاد: رهبر، معلم، سيکاريندڙ.
     سياڻو، چالاڪ.
     هر فن مولا، هوشيار.
    استعمال: سائين! هو ته وڏو استاد ماڻهو آ.
     پــــــلــــي: مٽرن جي وَل، چڻن جي وَل.
     اَنَ رکڻ لاءِ ٽوئن مان ٺهيل گُندي.
     کاري جي مڇيءَ جو هڪ قسم.
     کجيءَ جي ڦرهي جي پُڇڙي.
     روڪي يا جھلي.
     ذات جو نالو ۽ سنڌ جي تعلقي ساماري ۾
    ديهه جو نالو
     پلي نپجي جوان ٿي يا پالي ويئي.
     چُـــــــڪَـ: غلطي، خطا، ڀُلَ.
     چيلهه جي سور جي بيماري.
     چيلهه جي رڳَ جو چڙهي پوڻ.
     ڪَـــــلَ: خبر، سُڌِ، ڏسُ پتو، پروڙ.
     راز، ڳجهه.
     ٻاڦ تي هلندڙ اوزار، پرزو.
     هنر يا ڏانءُ.
     ڪاپار، مٿو، کوپڙي.
     برسات جي پاڻي جمع ٿيڻ لاءِ قدرتي کڏَ.
     ڪَلَ ٿڙڻ يعني مغز خراب ٿيڻ.
    استعمال: هن مسڪين جي ڪا ڪَل ٿڙي وئي آهي.
     ڪــــــاڻِ: گھٽتائي، ڪَمي.
     خطا، عيب.
     محتاجي، پرواهه.
     تارازيءَ واري ڪاڻ.
     واسطي لاءِ، جي ڪري.
    استعمال: ڪاڻ ڪني جي ڪــــاڻ، ٿــا ڪاڻون ڪڍون ڪن جـــون،
    نه ته ڪير ڪاڻ، ڪير اسين، ڪير ڪڍي هوند ڪــاڻ،
    اسين پاڻ اُتامرا، ڪــڍون نـه ڪنهنجي ڪـاڻ،
    هڪ سُرهي ساجن ڪاڻ، ٿا ڪاڻون ڪڍون ڪـــــــن جون.
    (حمل فقير)
     رتُ: خون، لهو.
     نسل، اولاد.
     سگھ، طاقت، زرو، ٿولهه.
     سونهن، مُنهَن جي رونق، لالائي.
     غصي ۾ ورتل، بيزار.
    استعمال: هينئر ته ويچاري جي منهن ۾
    رت ئي ڪانه رهي آهي.
     سِــــٽَ: رٿَ يا تجويز.
     اٽڪل.
     ڪتاب جي سِٽَ.
     لنـــگھـــي: ذات جو نالو، لنگهو (مڱڻهار) جو مؤنث.
     گذري
     بي نَڪي، بي ديدي، بي لڄي.
     پاڻيءَ جي هڪ پکيءَ جو قسم.
     مَـــــکِ: اڏامندڙ جيت جو قسم (عام مَکِ).
     ماکيءَ جي مک.
     بندوق جي ناليءَ تي لڳل ڪِلي.
     ڪا سڻڀي شيءِ مکڻ لاءِ چوڻ (اَمُر).
    استعمال: بدن تي ٿورو تيل مَک
     مکن جو ميڙُ.
    استعمال: اڄ ته ڏاڍي مک ٿي آهي.
     مـــوڙو: شاديءَ کانپوءِ ڪنوار کي ملندڙ مُنهن ڏيکائي.
     بڊَ، ڳٺڙي، ڀرِي.
     ڪانن مان ٺهيل موڙو.
     ڍڳيءَ جو ننڍڙو اوهه.
     نـــار: باهه، مچُ، آڙاهه.
     عورت، مائي، زال.
     پاڻيءَ جي نارِ.
     زمين اندر پاڻيءَ جو وهڪرو، کاري.
     کوهه اندر پاڻيءَ جو سيمو.
     نبض يا رڳَ.
     ڪورين جو ڪپڙي اُڻڻ لاءِ ڪاٺ جو اوزار.
     تعلقي ساماري ۾ هڪ ديهه جو نالو.
     نـــــرو: بدن جي عضوي جو هڪ حصو.
     ٻڪريءَ جون اڳيون ٽنگون کڻي بيهڻ واري حالت.
     ڳاٽ.
     نهـــائين: ڪنڀر جي ٿانورن جون کورو، بٺي يا آوي.
     بدن جو هڪ عضوو.
    آويءَ واري معنى ۾ لطيف سائين جو هڪ بيت:
    نهائينءَ کان نينهن، سک منهنجا سپرين
    سڙي سارو ڏينهن، ٻـــاهر ٻـاڦ نه نڪري.
     وَٽِ: ڏيئي جي وَٽِ.
     ڪپڙي تي لڳل وٽ ــ رئي جي وٽ، پٽي يا ڪناري.
     ڪنڌي، ڪنارو.
     ڀرسان، لڳ، گڏ.
     ڪنهن شيءِ جي وٽڻ جو امرُ.
    استعمال: ڏيئي وٽ، وٽ، ويهي وٽ.
     ڪنهن جو وڪيل ٿيڻ يا حمايت ڪرڻ.
    استعمال: نبي بخش، سڀاڳي خان جي وٽ وٺيو بيٺو آهي.
     وَرُ: مڙس، ڪانڌ، گھر وارو.
     وراڪو، ڏنگ، ڦڏُ، موٽُ (امر).
    استعمال: وَرَ ۾ ڪونهي وَرُ، ڏيرن وَرُ وڏو ڪيو.
     پيچ، مروڙ، جَھڪُ.
     ولو، چڪر.
     وارن جو ڪاڪُل.
     دلبو، ڊوهه، ٺڳي.
     شلوار جو ورُ، گھنج.
     ٺٽي ضلعي جي هڪ ڳوٺ جو نالو.
     چڱو، سٺو، بهتر.
    استعمال: ورُ سا سڃي ويڙَ، جتي سڄڻ هيڪڙو،
    سو ماڳو ئي ڦير، جتي ڪوڙ ڪماڙوئي. (شاهه ڪريم)
     وائــــــي: سنڌن جو سور، باديءَ جو وڌڻ.
     هيرَ، خصلت، روَش.
     ڳالهه، پهاڪو، چوڻي، سخن.
     شاعريءَ جي هڪ صنف.
     تقرير، چوپچو، چؤٻول.
     آواز، ٻولي، پچار.
    استعمال: ادا! وائي ته سڻائي ڪر.
     آرســــي: آئينو.
     سست، ٽوٽي.
     ڪم چور.
     چـــــال: هلت چلت، رسم و رواج.
     اٽڪل، چالبازي، حرفت.
     رفتار، ڍار.

    هڪ معنى لاءِ گھڻن لفظن جا مثال

    هيٺ هڪ معنى ۽ مطلب لاءِ گھڻن لفظن جا فقط چند مثال پيش ڪجن ٿا.
     اُ ٺُ: اُٺُ هڪ اهڙو جانور آهي، جنهن لاءِ سنڌي زبان ۾ ڪيترائي لفظ موجود آهن جيڪي سندس جنس، عمر، نسل يا ڪمَ جي حوالي سان ڌار ڌار آهن.
    لطيف سرڪار پنهنجي رسالي ۾ اُٺَ لاءِ ڪيترائي لفظ استعمال ڪيا آهن جن ۾ ڪرهو، ليڙو، ميو، چانگو، توڏو، شتر، بوتو وغيره اچي وڃن ٿا. جن مان ڪن جا مثال پيش ڪجن ٿا.
     الله ڪارڻ اوٺيا، ڪرها مَ ڪاهيو.
     الله ڪارڻ اوٺيا، ليڙا نيو مَ لُرَ.
     هڪ ميو ٻيو مينڌرو، سڄي رات ساريام.
     آءُ مسافر مينڌرا، چانگي تي چڙهي.
     اڳي اُٺَ رڙن، مون ڀيري مـاٺِ ٿـــــي.
    جنس جي لحاظ کان به مذڪر ۽ مونث لاءِ اُٺَ جا الڳ الڳ نالا اُٺُ ۽ ڏاچي آهن. جڏهن ته سندس عمر ۽ جنس جي نسبت سان ننڍي ٻچي کي توڏو / توڏي يا گورو / گوري چئبو آهي. اهڙي طرح اُٺ جي استعمال جي خيال کان به سندس جُدا جُدا نالا رکيل آهن. جيڪو اُٺُ بار کڻڻ جي ڪم ايندو آهي تنهن کي ’لاڏو‘ ۽ سواريءَ لاءِ ڪم ايندڙ اُٺ کي ’مهري‘ سڏيو ويندو آهي.

     نانگ: نانگ هڪ اهڙو زهريلو ۽ موت مار جيت آهي، جيڪو انسان جو ازلي دشمن آهي. چيو وڃي ٿو ته دنيا ۾ نانگن جا ٽيهه هزارن کان وڌيڪ قسم آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ سندن، قد، بت، رنگ، نسل ۽ اثر جي لحاظ کان الڳ الڳ نالا ملن ٿا، جن مان ڪي هن ريت آهن:
    ڪاريهر، کپُرُ، گڊو، لُنڊي، وسينگ، ٻه مُنهين، اريڙ، ازده، گھوڙيل، ڊمڻ، پدم، سُرنگھ، ڪُنڀارو، پاڻيءَ واتڙو وغيره. ان کان علاوه اسان جي ٻهراڙين ۾ نانگ جي لاءِ پيئڻ بلا، سُرڻو، ڪکُ ۽ سَپَ جا لفظ به استعمال ڪيا ويندا آهن. نانگ جي مذڪوره نالن مان ڪوبه نالو کڻبو ته ٻُڌندڙ جو ڌيان هڪ دم نانگ طرف ئي ڇِڪجي ويندو. لوڪ ادب جي سخنورن وري نانگ لاءِ اليهر، تليهر، بشيهر، سسيهر، وسيهر، راجل، ڦُن، اجگر، ڀونگُ، اُرگُ، پين ۽ ڪنٺيرو جا لفظ به استعمال ڪيا آهن.

     شينهن: جهنگلي جانورن ۾ شينهن جو شمار نهايت هيبت ناڪ ۽ طاقتور جانورن ۾ ٿيندو آهي، جنهن ڪري کيس ’جھنگل جو بادشاهه‘ به ڪري سڏيو ويندو آهي. عام چوڻي آهي ته ’ٻه شينهن هڪ ٻيلي ۾ ڪونه رهي سگھندا آهن.‘ خبر ناهي ته اها چوڻي وجود ۾ ڪيئن آئي. جڏهن ته شينهن هميشه گڏجي هڪ ئي ٻيلي ۾ رهندا آهن. بهرحال ان جو ڪو پسمنظر ٿي سگھي ٿو.
    سنڌي زبان ۾ شينهن جي جنس، رنگ ۽ نسل مطابق مختلف نالا ملن ٿا جن ۾ ببر شير، چيتو، ڪيهر، ڪنير، ڪارڌو، ڪيسر، سُنگھ، مزار، ڪينٽل وغيره اچي وڃن ٿا. جڏهن ته عربي زبان ۾ شينهن کي ليس، اسد ۽ ضرار جي نالن سان سڏيو ويندو آهي ۽ اُهي نالا پڻ سنڌي زبان ۾ عام طور استعمال ڪيا ويندا آهن.

     ٻڪري: ترتيب جي لحاظ کان شينهن کان پوءِ ٻڪريءَ جو ذڪر ان ڪري به آندو ويو آهي جو شينهن ۽ ٻڪريءَ جو پاڻ ۾ تاريخي تعلق رهيو آهي. هڪ طرف ٻڪري، شينهن جي من پسند غذا ليکي ويندي آهي ته ٻئي طرف وري امن امان واري دور جي تمثيل انهن ٻنهي جانورن جي هڪ هنڌ گڏُ رهڻ سان ڏني ويندي آهي. چيو ويندو آهي: ’اهو اهڙو ته دور هو جو شينهن ٻڪري گڏ پئي چريا.‘ جيتوڻيڪ شينهن چَرندو نه آهي پر محاوري طور ائين چيو ويندو آهي. جنهن جو مطلب آهي ته شينهن ۽ ٻڪري گڏُ بيٺا رهن. مٿين محاوري کان علاوه هڪ ٻي چوڻي به مشهور آهي ته ’شينهن ۽ ٻڪري هڪ ئي گھاٽ تان پاڻي پيا پيئن.‘ هي محاورو وڌيڪ وزنائتو آهي.
    ٻَڪري هڪ ٽاهو ۽ ڊڄڻو جانور آهي، ان ڪري ئي ڪنهن ڪمزور دل ماڻهوءَ جو مثال ٻڪريءَ جي دل سان ڏنو ويندو آهي. چئبو آهي: ’هو ته وڏو ڪو بزدل آهي.‘ فارسيءَ ۾ ٻڪريءَ کي ’بُز‘ سڏيو ويندو آهي.
    سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻڪريءَ لاءِ جيڪي نالا استعمال ٿيندا آهن انهن ۾ ڪاموري، ڪُري، ڪمري، چانهين، ڪَٽي، ٻوري، ريڍي، ماڙي ۽ ٻُٽي وغيره اچي وڃن ٿا.

     مڇي: مڇي انساني جيئاپي لاءِ غذا جي ضرورت آهي. غذا جي اسمن ۾ مڇيءَ کي خاص اهمت حاصل آهي. جنهن ۾ قدرت انساني جسم جي طاقت ۽ قوت لاءِ بهترين ڪئلريز رکنيون آهن. مڇي درياهن، واهن، سمنڊن، هٿرادو تلائن کان علاوه عام کڏن، کُٻن مان به حاصل ٿئي ٿي. هر هڪ مڇيءَ جو پنهنجو پنهنجو ذائقو هوندو آهي. درياهه جي مڇي لذت ۾ سڀني کان وڌيڪ ليکي ويندي آهي جنهن ۾ پَلي ۽ ڪرڙي يا ڏنڀري جو جواب ناهي. سمنڊ جي مڇيءَ ۾ وڌ ۾ وڌ لذت واري مڇي پاپليٽ، گانگٽ يا جھينگو هوندي آهي، جنهن جو اگھ ٻين مڇين جي مقابلي ۾ گھڻو وڌيڪ هوندو آهي.
    مڇين جا هونءَ ته بيشمار قسم ۽ نالا آهن پر خصوصاً سنڌي ٻوليءَ ۾ جيڪي نالا ملن ٿا تن مان ڪجھ هن ريت آهن: پلو، ڪرڙو يا ڏنڀرو، پاپليٽ، گانگٽ، سينگاري، شاڪر، موراکي، ٿيلهي، ڄرڪي يا پوئڪي، مُڪُرُ، گوج، موڳي، گندڻ، موري، مَڪَ، سهڻي، ڏاهي، ٽپري، رڙو، وونچي، درو يا درڙو، پوپري، سرهل، کڳو وغيره.

     مينهن: مينهن جو اسان جي سماجي زندگيءَ سان گھرو تعلق آهي. اسان جي ٻهراڙين توڙي شهرن جي معيشت ۾ مينهن جو وڏو عمل دخل آهي. ماهيو مالُ رکندڙ ماڻهوءَ کي وڏو ڀاڳوند تصور ڪيو ويندو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ هن ڀاڳ ڀري جانور لاءِ ڪيئي نالا ملن ٿا، جيڪي سندس رنگ، قد بت ۽ خاصيتن مطابق رکيا ويا آهن، جن مان ڪجھ نالا هن ريت آهن:
    ڪُنڍي، ڪونج، ڀوري، ڪانگھاري، حور، چال.
     فقير: جانورن ۽ ٻين ساهوارن جي چند مثالن کان پوءِ انسانن توڙي انهن تي گذرندڙ خاص ڪيفيتن متعلق ڪجھ مثال پيش ڪجن ٿا.
    سنڌي زبان ۾ فقير جي مثال لاءِ ڪيترائي مثال موجود آهن، جيڪي فقير جي خاصيتن، ڪرت، لباس توڙي ماڳ مڪان جي حوالي سان استعمال ۾ اچن ٿا. جهڙي طرح جوڳي، سامي، ڪاپڙي، گيڙو رتا گودڙيا، ڪابولي، آديسي، آڌوتي، ملنگ، پوربي، لاهوتي، جبروتي، نانگا، سنت ۽ ساڌو وغيره وغيره. انهن نالن ۽ وصفن وارن فقيرن مان اڪثر جو ذڪر لطيف سائين پنهنجي رسالي ۾ ڪيو آهي، جنهن جا چند مثال پيش ڪجن ٿا:
     پارا پُڇي آءُ، خبر کاهوڙين جي. (سُر کاهوڙي)
     ڇڏي سڀ لباس، لوچي لاهوتي ٿيا. ( سُر کاهوڙي)
     قدم ڪـاپڙين جا، لڳا ۾ لاهوت. (سُر رامڪلي)
     واڄٽ ويراڳين جا، مون وٽ وڏو مالُ. (سُر رامڪلي)
     نانگا نـاني هليا، ســامي سڀيئي. (سُر رامڪلي)
     گولا جي گراهه جا، جوٺا سي جوڳي. (سُر رامڪلي)
     مــونـا طـورسينا، سندا سنياسين. (سُر رامڪلي)
     الف آديسين، چونڊي رکيـو چت ۾. (سُر رامڪلي)
     بخار: بخار انسان جي اگھائيءَ جي ڪيفيت جي علامت آهي. بخار لاءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ مختلف لفظ ملن ٿا، جيڪي بخار جي شدت، ڪيفيت ۽ وقت جي لحاظ کان استعمال ڪيا وڃن ٿا. جهڙوڪه تَپُ، ٻرو، ڪڻس، ڪوسا، وارو، ٻيهڙ، ٽيهڙ وغيره وغيره.
    اهڙي طرح سج لاءِ شمس، آفتاب، سورج، خورشيد، ۽ چنڊ لاءِ بدر، ماهتاب، قمر، ماهه، حلال، چندر ۽ پونم وغيره جا لفظ ملن ٿا.
    بهرحال جيڪڏهن هن ڏس ۾ باقاعده ويهي کوجنا ڪجي ته سنڌي زبان ۾ اهڙا هڪ معنى لاءِ گھڻا لفظ جھجھي تعداد ۾ نڪري نروار ٿيندا.


    سنڌي ٻوليءَ جا پهاڪا

    • سنڌي ٻوليءَ جا ڪجھ منفرد ۽ غير معمولي پهاڪا

    پهاڪا ڪنهن به سڌريل ۽ ادبي ٻوليءَ جي سونهن ليکجن ٿا. سنڌي ٻوليءَ جي پهاڪن متعلق ڪجھ لکڻ کان اڳ بهتر ٿيندو ته لفظ پهاڪو جي معنى ۽ مفهوم بابت ڪجھ ويچار ونڊجن.
    مرليڌر جيٽلي پهاڪي جي لفظي ۽ معنوي ڇنڊ ڇاڻ ڪندي پنهنجي ڪتاب ’سنڌي پهاڪا ۽ محاورا‘ ۾ لکي ٿو ”سنڌي ۾ هڪ مصدر آهي ’پهڻ‘. ان جون مکيه معنائون آهن خيال ڪرڻ، فيصلو ڪرڻ، صلاح وٺڻ يا ڏيڻ، ملڻ، سرچڻ، نبرڻ. لطيف سائين جي سٽ آهي ته ”پتنگن پهه ڪيو، مڙيا مٿي مچ“.
    پهاڪو لفظ جي اکري معنى آهي اهو نڪتو يا گفتو، جنهن ۾ ڪو اونهو خيال يا ويچار سمايل هجي. عام ماڻهن جي روزاني جيوت ۾ اهو گفتو، صلاح يا هدايت طور ڪتب آندو وڃي ٿو، جن مان ٻين کي اڪثر صحيح واٽ تي هلڻ جو اشارو ملي ٿو.
    ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو پنهنجي ڪتاب ’تحقيق لغات سنڌي‘ ۾ پهاڪي جي لفظي معنى نصيحت آميز چوڻي يا ضرب المثر لکي آهي. شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ ’سنڌي لغات قديمي‘ ۾ پهاڪو لفظ جي معنى واٽ، رستو ۽ پَههُ ڏني آهي. اهڙي ريت مغرب جي ڪن معروف اديبن پهاڪي جو مطلب ۽ مفهوم ڪجھ هن طرح بيان ڪيو آهي.
    فرانسز بئڪن چيو ”ڪنهن به قوم جي اعلى درجي جي انوکي سمجھ، چترائي ۽ آتما جي سڃاڻپ انهن جي پهاڪن مان ٿئي ٿي. پهاڪا ٻوليءَ جا اهي هٿيار آهن، جيڪي وهنوار ۽ ڪمن ڪارن جي ڳنڍين کي ڪاٽي اندر گھري ٿا وڃن.“
    ڊان ڪئيزاٽ جي لفظن ۾ ”پهاڪا اهي ننڍڙا جملا آهن، جيڪي گھڻي آزمودي ۽ تجربي مان نڪتا آهن.“ مشهور ڏاهي ارسطو جو پهاڪي متعلق خيال آهي: ”پهاڪا اهڙا آڳاٽا بچيل جزا آهن، جيڪي پنهنجي ننڍڙي روپ ۽ صحيح معنى سببان قديم فلاسافي جي کنڊر مان، سالم صورت ۾ کوٽي هٿ ڪيا ويا آهن.“
    انسائيڪلوپيڊيا برٽانيڪا ۾ پهاڪي جي تشريح هن ريت ڪئي وئي آهي ”پهاڪو هڪ اهڙو ننڍڙو گفتو آهي، جيڪو ڳالهه ٻولهه ۾ مروج آهي ۽ عوام ۾ تسليم ٿيل آهي. پهاڪي ۾ گھڻو ڪري ڪا ڳجھي ڀيٽ يا تجنيس حرفي هوندي آهي. منجھس اهڙي ڪنهن سچائيءَ جو اظهار هوندو آهي، جنهن جي تصديق يا پرک، تجربي يا جاچ جوچ وسيلي ڪيل هوندي آهي.“
    سنڌي زبان جو شمار دنيا جي مهذب ۽ سڌريل ٻولين ۾ ٿئي ٿو. مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌي ٻولي پهاڪن جي دولت سان مالا مال آهي. هتي سمورا پهاڪا ڏيڻ مقصد ناهي بلڪه هتي فقط ڪجھ اهڙا غير معمولي ۽ منفرد پهاڪا قلم بند ڪيا ويا آهن، جيڪي پنهنجي معنى توڙي مفهوم جي لحاظ کان منفرد ۽ غير معمولي آهن، پر اهي ٻوليءَ ۾ عام طور استعمال نه ٿا ٿين يا تمام گھٽ استعمال ٿين ٿا. مقالي لکڻ جو خاص مقصد اهو آهي سنڌي قلم ڌڻين جو ان طرف ڌيان ڇڪائجي ته اهي پنهنجي تحريرن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي انهن منفرد ۽ غير معمولي پهاڪن کي ڪم آڻين ته جيئن ٻولي جي گلستان ۾ انهن گلن جي سڳنڌ کي شامل ڪري کيس وڌيڪ خوبصورت ۽ معياري بڻائي سگھجي.
    انڌن جي وهانءِ منڊا نچن، ٽُنڊا پائن ڦيريون.
    انڌن جو وهانءُ، مَنڊن جو نچڻ ۽ ٽُنڊن جون ڦيريون پائڻ، اهي سڀ ڳالهيون اڻ ٺهندڙ آهن.
    اڻائي به وئي، تُڻائي به وئي، وري ڪپهه جي ڪَپهه.
    هن پهاڪي جي معنى آهي، پنهنجي غفلت سبب پاڻ کي ئي نقصان ۾ وجھڻ.
    هن پهاڪي جو پس منظر هن ريت ٻڌايو وڃي ٿو: هڪ آفيميءَ کي واٽ ويندي ڪا پنڪي اچي وئي ته رستي جي وَٽِ ۾ ئي ڪنڌ جھڪائي ويهي رهيو. هڪ شرير واٽهڙو سندس مٿي تان پڳڙي لاهي، ڪپهه جي ڪوڻي کڻي رکي، ڪجھ ويرم بعد جڏهن مواليءَ جي پنڪي پوري ٿي ته مٿي تي پڳڙيءَ بدران پوڻي ڏسي حيران ٿي ويو. چيائين: ”مار ڪپهه ڪتجي سُٽ ٿيو ۽ سُٽُ اُڄي ڪپڙو ٿيو. سڀ پورهيو ويو وري ڪپهه جي ڪپهه ٿي پئي.“

    اڳي به اَنُ هو، پوءِ به ٿيو اَنُ، ڪانو ويو وچئون ئي نڪري.
    انسان خاڪ آهي ۽ آخر خاڪ ۾ ويندو. دنيا جا ڌنڌا اتي ئي رهجي ويندا.
    ٻج پوکڻ کان اڳ به اَنُ آهي ۽ زمين ۾ پئي پچي، لڻجي، ڳاهجي ۽ وائرجي به اَنُ ئي رهي ٿو، باقي ڪانا توڙي سلا سڀ ختم ٿي وڃن ٿا.

    اڌارو ڏجي تنهن کي جنهن کان گھرجي نه.
    اڌارو وٺجي تنهن کان جيڪو گھري نه.
    يعني اوڌر اهڙي ڍائي کان وٺجي، جيڪو ڏئي پوءِ مٿو نه پٽي وڃي، پر کيس وقت سر واپس ڪجي. وري اهڙي سُپتي کي ڏجي، جيڪو گھرڻ جي نوبت تائين نه پهچائي.

    اگھ کَٽيو کائجي، وَٽ کٽيو نه کائجي.
    معنى: تور ۾ بي ايماني نه ڪرڻ گھرجي، اگھ جو کٽيو ڪي قدر کائي سگھجي ٿو.

    اُڀ ڦاٽي کي به ڪڏهن اڳڙي پوي!
    معنى: ناقابلِ تلافي غلطي جي تلافي ٿي نه ٿي سگھي.

    توڙي وڃي روم ته ڍوڍي مٿان ٿوم!
    معنى جيڪي نصيب ۾ هوندو اهو ئي حاصل ٿيندو ڀل کڻي ڪيترا به جتن ڪجن.

    تِنهنجي مرڻ جو ارمان ڪجي،
    جنهن جي جيئڻ مان فائدو هجي.
    معنى: نيڪيءَ وارا عمل ئي انسان کي فائدو رسائن ٿا. اهو مرڻ کانپوءِ به ياد ٿو اچي.

    ٿورو ڏسي اَرهو نه ٿجي، گھڻو ڏسي سرهو نه ٿجي.
    معنى: هر حال ۾ راضي رهڻ گھرجي.

    پاڻي پي نه ذات پڇجي.
    معنى: هميشه اڳ ويچار ڪرڻ گھرجي. ڪئي کانپوءِ پڇڻ يا پڇتائڻ مان ڇا حاصل؟

    پَتِ، نَنهن تي پاڻيءَ مثل آهي.
    معنى: انسان کي پنهنجو اعتبار برقرار رکڻ گھرجي پاڻيءَ جو ڦڙو ننهن تي ٽِڪي نه بيهندو آهي تنهن ڪري پَتِ جو ڪم نازڪ آهي. هڪ ڀيرو اعتبار ڀڳو ته انسان هميشه لاءِ بي پَتيو بڻجي ويندو آهي.

    پريو مڙس پَي نه ڪجي، وڃائجي نه وهي.
    معنى: رشتا هميشه عمر جي تناسب سان سونهندا آهن. پوڙهي مرد کي ننڍي نيٽي زال نه ٿي سونهي.

    پو ڍائي کان قرض نه کڻجي توڙي لک لُٽائي.
    معنى: ڪميني يا نئين ڍاول جو ٿورو هرگز نه کڻجي. ڇو ته اهو ٿورو ڪري مٿو پٽي ويندو.

    پٽ ٿي گذار ته سگھو ئي پيءُ ٿيندين.
    معنى: ننڍن وانگر هيٺاهين، نوڙت ۽ ادب سان گذار ته ترت وڏن وارو مانُ پائيندين.

    جنهنجي واٽ نه وڃجي، تنهنجو پنڌ به نه پڇجي.
    معنى: جنهن ڳالهه سان واسطو نه هجي ان لاءِ اجائي پڇ پڇ نه ڪجي.

    ڄڀ جي ترڪڻ کان پير جو ترڪڻ چڱو آهي.
    معنى: هميشه سوچي سمجھي زبان جو استعمال ڪجي.

    درياهه ڀَرِ تي ڇوڪرُ ڪُڏي اڄ نه ٻڏي سڀان ٻڏي.
    معنى: خطري واري جاءِ کان پاڻ بچائڻ گھرجي نه ڪڏهن ضرور نقصان پهچندو.

    دل ڪاريءَ کان مُنهن ڪارو چڱو آهي.
    معنى: دل ۾ کوٽ ۽ ٻيائي رکي ظاهر ۾ پاڻ کي چڱو چوائڻ کان ڪار منهائي چڱي آهي.

    سِرُ ڏجي پر سُر نه ڏجي.
    معنى: ٻي کي پنهنجو راز نه ڏجي جو راز امانت هوندو آهي ان جي ڀيٽ ۾ وڏي کان وڏو نقصان کڻڻ لاءِ تيار رهجي.

    سڄن پٺيان وڍيا، وڍين پٺيان سڄا.
    معنى: ڪڏهن نيڪوڪار ماڻهن جو اولاد به کري پوندو آهي ته ڪڏهن بدڪار ماڻهن جو اولاد سڌريل نڪري پوندو آهي.

    عقل ريءَ عذاب، گھڻا سهندينءَ جندڙي.
    معنى: جيڪو انسان عقل استعمال نه ڪندو ته ان کي هر قدم تي مشڪلاتون درپيش اينديون.

    قرض ڪوڙهه جو ٽڪو آهي.
    معنى: ڪوڙهه هڪڙو بڇڙو مرض آهي جيڪو ماڻهوءَ جي جسم کي داغدار بڻائي ڇڏيندو آهي ۽ هو عذاب ۾ مبتلا ٿي پوندو آهي. قرض پڻ اهڙو ئي بڇڙو مرض آهي.

    ڪڏهن ڀريءَ ۾ ڪڏهن ڀاڪر ۾.
    معنى: حالتون هميشه هڪ جھڙيون ڪونه رهنديون آهن. ڪڏهن گھڻو هوندو آهي ته ڪڏهن گهٽ.

    ڪک هيٺان لک پيو آهي.
    معنى: ڪنهن کي ڪمتر يا گھٽ تصور ڪونه ڪيو وڃي ڇالاءِ ته الله تعالى هر انسان کي مختلف گڻن سان نوازيو آهي بقول شاعر:
    خالي سکڻا ڪوئي نهين، سڀ ڪي اندر لعل.

    ڪک جو چور سو لک جو چور.
    معنى: جنهن اڄ ڪک جي چوري ڪئي سو سڀاڻي لک جي به ڪري سگھي ٿو، ننڍي چوريءَ مان ئي عادتون خراب ٿينديون آهن ۽ اهو وڏو چور بڻجي ويندو آهي تنهن ڪري چيو ويندو آهي ته چوري ڪک جي به خراب.

    ڪوسو پاڻي ڪک نه ساڙي.
    معنى: پاڻ کي ڪجهه نه سمجھڻ وارا وڏي فائدي ۾ هوندا آهن. هن چوڻيءَ ۾ هيٺاهين سان هلڻ جي تلقين ڪيل آهي.

    ڪاڏي ڪوري ڪاڏي ترار.
    معنى: ڪمزور ۽ امن پسند ماڻهو مهاڏو ڪونه اٽڪائيندو آهي. اسان وٽ ڪن مخصوص ذاتين لاءِ اها چوڻي استعمال ۾ ايندي آهي. اهڙين ذاتين ۾ ڪوري سرِفهرست آهن.

    کٽيو کاهي مڙس جو، چئي جيئي اَبو.
    معنى: بي شڪري ۽ ڪم ظرف ماڻهوءَ ڏانهن اشارو ڪيو ويو آهي جنهن جو مثال اهڙي زال سان ڏنو ويو آهي جيڪا کائي پيئي ۽ پهري چوڙي ته مڙس جي ڪمائي مان پر پڏائي ويٺي پيءُ کي. بي شڪر ۽ ڪم ظرف انسان به پنهنجي پالڻهار ڏاتار جا ٿورا مڃڻ بجاءِ پنهنجي ڪئي تي گھمنڊ ڪندو آهي.

    گنجي جي مٿي ۾ جونءَ نه لِيکَ.
    معنى: جن جي مٿان ڪا خاص ذميواري ڪانه هوندي آهي اهي ماڻهو عام طرح بي فڪر هوندا آهن. اهڙي ماڻهوءَ جو مثال اهڙي گنجي سان ڏنو ويو آهي جنهن جي مٿي تي وار نه هئڻ سبب هو جونءَ ليک کان آجو هوندو آهي.

    گھر ۾ به گھر کائڻو ته ٻاهر به گھر کائڻو.
    معنى: انسان جتي به ويندو ته پنهنجو نصيب کائيندو. هتي گھڻي حرص ۽ لالچ کان منع ڪئي وئي آهي. انسان کي اهو ئي ملندو جيڪو سندس مقدر ۾ هوندو.

    لِکيون لوهارن کي، چڏن ۾ چڻنگون
    معنى: باهه سان واهپو رکبو ته چڻنگون ضرور لڳنديون. يعنى وڏو ڪم هٿ ۾ کڻبو ته ان ۾ مشڪلاتون ته ضرور درپيش اينديون.

    ماءُ ڄڻيندي پٽڙا ڪونه ونڊيندي ڀاڳ.
    معنى: هن پهاڪي جو ظاهري مطلب آهي ته ماءُ هڪڙي ساڳي ئي پيٽ مان گھڻا پٽڙا ته ڄڻي ٿي پر ڀاڳ هڪ جيترو ورهائي ڪينَ ٿي ڏئي سگھي. يعنى مقدر جو مالڪ ڌڻي تعالى آهي.

    مُئا پَرُ پِٽجن هيلَ.
    معنى: گذريل ڳالهه کي گھڻي وقت تائين ڊيگهه ڏيارڻ. حال ماضيءَ جي مرهم هوندو آهي تنهن ڪري ماضيءَ کي وڏي وقت تائين سارڻ وقت جو زيان آهي. هر دم حال جو فڪر هئڻ گھرجي.

    نه ڪنهن کي عقل منجھائيو آهي،
    نه ڪنهن کي سونهن سِڪايو آهي.
    معنى: هرڪو انسان پاڻ کي عقلمند ۽ سهڻو سمجھندو آهي. هونئن به ماڻهو گھڻو ڪري خوش فهمين جو شڪار رهندو آهي، جڏهن ته عقل ۽ سونهن جو ڪو اَنت ئي ڪونهي.

    نه ڪي پاراتن ۾ نه ڪي منجهه دعا،
    انگ اڳ ئي لکيا پاڙڻ مون پيا.
    معنى: جيڪي مقدر ۾ لکيل هوندو سو اَوَس ٿيندو. باقي ڪنهن جي پاراتي يا دعا سان قسمت ڪونه مَٽجي سگھندي. هن پهاڪي سان مان سهمت ڪونه آهيان ڇالاءِ ته بحيثيت مسلمان منهنجو ايمان آهي ته دعائون يا پاراتا انسان جي زندگيءَ تي اثر انداز ٿيندا آهن. اهلِ دل ۽ اهلِ نظر جي دعا سان انسانن جون تقديرون بدلجي وڃڻ جا مثال اسان جي آڏو آهن. بقول علامه اقبال:
    ”نگاهِ مردِ مومن سي بدل جاتي هين تقديرين...“

    ننڍي مري نه مائڙي، ٻڏي مري نه جوءِ.
    معنى: ٻار جي ماءُ جيڪڏهن مري ويندي ته هو معصوم ڇورو ڇنو يتيم ٿي ويندو، وري جنهن مڙس جي ٻڍاپي ۾ گھر واري گذاري ويندي ته ان کي به باقي حياتيءَ ۾ ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پوندا.

    واهڻ جو واڻيو، جھڙو ڍوري جو پاتڻي.
    معنى: واهڻ ۾ اڳي سيڌي لاءِ واڻي جو هٽُ هوندو هو جيڪو پنهنجي مرضيءَ جا اگھ پارَ وٺي ڳوٺاڻن کي پيو ڦريندو هو. ساڳي طرح ڍوري تي پتڻ ٽپائيندڙ مهاڻو به پنهنجي مرضيءَ جو حساب وٺي پتڻ ٽپائيندو آهي. سو واڻيو ۽ پاتڻي ٻئي هڪ جھڙا ٿيا.

    ويري هڪڙو به گھڻو، سڄڻ هزار به ٿورا.
    معنى جيڪڏهن هڪڙو دشمن هجي ته ان کي ڪمزور نه سمجھڻ گھرجي ڇو ته اهو ڪنهن وقت به ڌڪ رسائي سگھي ٿو. جڏهن ته دوست جيترا به هجن اهي ٿورا. دوست وڌائجن ۽ دشمن کان هر وقت محتاط رهڻ گھرجي.

    هنجن سان حرص ڪري اڏاڻي چِــڙي.
    چڻو هوس چهنب ۾ سو به پَيس ڪِري
    معنى: پنهنجي وت ۽ وزن کان وڌيڪ ڪم ڪرڻ سان اَوس پڇتائڻو پوندو. جيئن جھرڪي هنج سان ريسَ ڪئي ته چهنب وارو چڻو به گنوائي ڇڏيائين.


    • سنڌي ٻوليءَ جا پس منظر تي مشتمل پهاڪا ـ چوڻيون ـ محاورا ـ ورجيسون

    سنڌي ٻولي دنيا جي انهن خوش نصيب ٻولين منجھان هڪ آهي، جنهن کي اسان هڪ اعلى ورجيسي ٻولي چئي سگھون ٿا. سنڌي ٻولي ۾ هونءَ ته ڪيترا ئي پهاڪا، چوڻيون، محاورا ۽ ورجيسون موجود آهن، جن جي پنهنجي پنهنجي اهميت آهي پر انهن مان ڪن جو دلچسپ ۽ ڌيان ڇڪائيندڙ پس منظر انهن جي اهميت کي ويتر وڌائي ڇڏي ٿو. هن مضمون ۾ مون اهڙن پس منظر وارن ڪجھ اهم پهاڪن، چوڻين، محاورن ۽ ورجيسن تي ٻه اکر لکيا آهن، جن مان ڪن جي عام مقبول هجڻ باوجود ٿورن ماڻهن کي سندن پس منظر جي ڄاڻ هوندي آهي.

     اهڙي ڪندو سانءِ جھڙي ٻُرڙي ڪئي ٻارن سان.
    چيو وڃي ٿو ته ٻرڙن جي هڪ ڳوٺ ۾ ٻارن سان اها جٺ ٿي. صبح جو ڳوٺ جون عورتون پنهنجن مردن سان ٻني ٻاري تي وڃڻ کان اڳ پنهنجا ڪجهه ٻارڙا گھر جي جھوني مڙس جي حوالي ڪري ويون ته سندن خيال رکي. ڪجهه دير کانپوءِ ٻارن اچي گوڙ مچايو. جھونو مڙس جيڪو حُقو ٽيڪيون ويٺو هو تنهن کي انهيءَ گوڙ ۽ شور پريشان ڪري رکيو، سو ڇا ڪيائين جو گھر جي وڏي گنديءَ جو ڍڪ کولي هڪ هڪ ڪري ٻارن کي کڻي انهيءَ ۾ ڦٽو ڪيائين ۽ گنديءَ جو ڍڪ بند ڪري ڇڏيائين.
    عورتون جڏهن ٻنيءَ تان موٽيون ۽ پنهنجا ٻار سنڀاليائون ته جھوني چين اهي گنديءَ ۾ پيا اٿَو منهنجو ته مغز ئي چٽي ويا هئا. آخر ٻارن کي نيم بيهوشيءَ جي حالت ۾ ٻاهر ڪڍيو ويو اتان اها چوڻي عام ٿي وئي.
    ان حوالي سان هڪ ٻي روايت اها به آهي ته ٻرڙا ۽ ٻارا ٻئي ذاتيون آهن جن جو ڪنهن دور ۾ اٽڪاءُ ٿي پيو ۽ آخر جھيڙو گھڻو مچي ويو ۽ ان ۾ ٻرڙن ٻارن کي حيرتناڪ شڪست ڏني.

     جتي لوڀي هجن اتي ٺوڳي بک نه مرن.
    لوڀي ۽ ٺوڳي يعنى لالچي ۽ ٺڳ اسانجي معاشري جا ٻه ڪردارا آهن. چون ٿا ته هڪ پاڙي ۾ هڪ ماڻهوءَ پاڙيسريءَ جو وڃي در کڙڪايو. گھر مالڪُ ٻاهر اچي ڏسي ته پاڙي جو ماڻهو بيٺو آهي، کانئس پڇيائين ته ادا ڪيئن تڪليف ڪئي اٿوَ؟ هن وراڻيو: ”ڀائو! اسان وٽ اوچتو مهمان اچي نڪتا آهن چانورن رڌڻ لاءِ اسانجي گھر ۾ وڏو ديڳڙو ڪونهي ڀلائي ڪري ديڳڙو ڏيو سڀاڻي ئي واپس ڪري ويندس. گھر مالڪ پاڙي جو لحاظ رکي گھر ۾ پيل وڏو ديڳڙو کڻي کيس ڏنو. پاڙيسري ٿورا مڃيندو ديڳڙو کڻي راهي ٿيو.
    واعدي مطابق ٻئي ڏينهن شام جو ديڳڙو واپس ڪرڻ آيو گھر مالڪ ديڳڙو وٺي ڏٺو ته ان ۾ اندر هڪ ٻيو ننڍو ديڳڙو پيل هو. هن حيرت وچان پاڙيسري کي چيو ادا! ڀُل ۾ پنهنجي گھر جو ديڳڙو به هن ۾ وجھي آيو آهين ڇا؟ هي پنهنجو واپس کڻي وڃ. پاڙيسري جيڪو اصل ۾ ٺڳ هو تنهن نماڻو منهن ٺاهي وراڻيو نه ادا نه هي اسانجو ديڳڙو نه آهي اهو ننڍو ديڳڙو ته تنهنجي وڏي ديڳڙي صبح اسانوٽ ڄڻيو آهي. سو اها تنهنجي امانت آهي. گھر مالڪ خوشي خوشي ٻئي ديڳڙا کڻي گھر ويو.
    ڪجهه ڏينهن بعد وري ساڳيو پاڙيسري وٽس آيو ۽ ساڳيو سبب بيان ڪري گھر مالڪ کان پهرئين کان به وڏو ديڳڙو وٺي ويو. گھر مالڪ لالچي هو تنهن سوچيو ته اڳئين ڀيري اسانجو ديڳڙو ويامي آيو هو ۽ هڪ جي بجاءِ ٻه ديڳڙا مليا هئا. هن ڀيري کيس اڃا وڏو ديڳڙو ڏيانس جيئن اهو به ويامي پاڻ سان ٻيا ديڳڙا کڻي اچي.
    ڪافي ڏينهن گذري ويا پر ديڳڙو واپس ڪونه ٿيو سو گھر مالڪ وڃي ان ٺڳ جو در کڙڪايو ٺڳ ٻاهر نڪتو. هن کانئس ديڳڙي واپس نه ٿيڻ جي شڪايت ڪئي. ٺڳ روئڻهارڪو مُنهن ڪري چيو: ڀائو! معاف ڪجانءِ ڏاڍي ڏک جي خبر آهي تنهنجو ديڳڙو ته ٻئي ڏينهن تي ئي گذاري ويو.
    گھر مالڪ ڪاوڙ مان چيو بيوقوف ديڳڙو به ڪڏهن مُئو آهي!؟ ٺڳ وراڻيو ڀائو! ديڳڙا جي مرندا ناهن ته پوءِ ڀلا ويامندا به آهن ڇا!؟

     جيڪي ڪُلهو ڏيندا، سي توڙ به پهچائيندا.

    هڪڙو ڳوٺاڻو پوئين عصر پنهنجي بيمار گھر واريءَ کي بيل گاڏي جوٽي علاج لاءِ شهر ڏانهن روانو ٿيو. هلندي هلندي ڪنهن مهل ڳوٺاڻي کي اک لڳي وئي. اوچتو سندس گھر واريءَ جي اک کُلي وئي. ڏسي ته مار! گاڏيءَ جي پاڃاريءَ ۾ هڪ پاسي کان ڏاند ته ٻئي پاسي هڪ شخص پاڻ کي ڍُڪايون پيو هلي. دراصل زال ۽ مڙس جي ننڊ جو فائدو وٺي ٻن چورن مان هڪ ڍڳو ڪاهي روانو ٿي ويو ۽ ٻئي ان ڍڳي جي جاءِ تي پاڻ کي کڻي جوٽيو هو.
    عورت آهستگيءَ سان پنهنجي مڙس کي هوشيار ڪندي چيو ميان! اٿ جو چور هڪ ڏاند ڪاهي ويو ۽ ان جي جاءِ تي ٻيو شخص ڪلهو ڏيون ٿو هلي. تنهن تي مڙسهنس آهستگيءَ سان جواب ڏنس چري! جيڪي ڪلهو ڏيندا سي توڙ به پهچائيندا.
    ائين چور شهر پهچڻ تي پڪڙجي به پيو ۽ ٻيو ڏاند به کيس واپس مليو سندس زال جو علاج به ٿيو. ڏسو ته ڳوٺاڻي ڪيڏي نه عقلمندي جو مظاهرو ڪيو.

     ڀري ٻيڙيءَ ۾ واڻيو ڳورو.
    هڪڙي پتڻ تان ٻيڙيءَ ۾ مسافر چڙهيا. ناکئين لالچ ۾ اچي وڌيڪ ماڻهو کڻي کنيان. جڏهن ٻيڙي درياهه جي وچ سيرَ ۾ پهتي ته گھڻي وزن سبب لڏڻ لڳي. ناکئين مسافرن کي چيو ته جي ٻيڙيءَ مان بار هلڪو نه ٿيو ته سڀئي ٻڏندا سين تنهن ڪري پاڻ ۾ جلدي فيصلو ڪريو ته ڪير درياهه ۾ ٽپو ڏئي ٻيڙيءَ کي ٻڏڻ کان بچائيندو.
    سڀني هڪ ٻئي ڏي ڏٺو ۽ پوءِ ٻيڙيءَ ۾ سوار هڪ ٿلهي متاري واڻيي سيٺ کي چيو ته ديوان! تون گھڻو ڳورو آهين تنهن ڪري تون درياهه ۾ ٽپو ڏي ته ٻيا ٻڏڻ کان بچي وڃن. تنهن تي واڻيي سيٺ وراڻيو ٻيلي مار! ڀري ٻيڙيءَ ۾ به واڻيو ڳورو ٿيو!

     چور جي ڏاڙهيءَ ۾ ڪَکُ.
    هڪ هندو سيٺ جي گھر مان چورُ چوري ڪري ويو. صبح جو سيٺ پوليس اسٽيشن تي چور خلاف رپورٽ لکرائي ۽ پوليس جي مٿان زور ڀريو ته ڪنهن به ريت منهنجي چوري ورائي ڏيو. صوبيدار سيٺ کي چيو ته ڇا تون چور کي سڃاڻندين؟ سيٺ هائو ڪئي ٻي ڏينهن تي تَر جي چورن کي ٿاڻي تي سڃاڻپ لاءِ آندو ويو ۽ قطار ۾ بيهاري صوبيدار سيٺ کي چيو ته سيٺ صاحب چور کي سڃاڻ ڀلا.
    سيٺ ڏٺو ته سڀئي ڏاڙهي ڪوڙ هئا البته انهن ۾ هڪڙو ڏاڙهي سان هو. سيٺ اصل ۾ چور ته ڏٺو ئي ڪونه هو پر اهو سوچي ته من به ڌُڪو لڳي وڃي سو چيائين ته صوبيدار صاحب! مون واري چور جي ڏاڙهيءَ ۾ ڪک نظر آيو هو.
    ڏاڙهيءَ واري چور کي اچي ڦِڦڙي لڳي ۽ کيس دل ۾ خيال آيو ته چور ته واقعي مان آهيان متان منهنجي ڏاڙهي ۾ ڪو ڪک اٽڪي پيو هجي سو وٺي ڏاڙهيءَ تي هٿ گھمايائين. سيٺ هڪدم چيو سائين اهو ئي منهنجو چور آهي. ائين سيٺ کي پنهنجي چوري واپس ملي ۽ چور کي به سزا ملي.

     اڌ رات ئي کڏ ۾.
    ڪنهن ٺيڪيدار کڏ کوٽڻ جو ڪم دايَن جي حوالي ڪيو. داين ڪم ته شروع ڪيو پر پوءِ پاڻ سنڀاليائون ته هن ڪم ۾ ته پاڻ کي ڪَسُ لڳندي، تنهن ڪري ڏينهن جو ٻي ڪم تي ويندا هئا ۽ رات جو ٺيڪي وارو ڪم ڪندا هئا. جيڪو يقيناً ٿورو ٿيندو هو.
    ٻن ڏينهن بعد ٺيڪيدار کانئن پڇيو ڀلا ڪيترو ڪم ڪيو اٿوَ؟ دايَن وراڻيو سائين! اڌ رات تائين ڪم ڪندا آهيون جڏهن ٺيڪيدار کڏ تي پهتو ته ڪم نالي ماتر ٿيل ڏسي چيائين اڙي نڀاڳئو! توهانجي ته اڌ رات ئي کڏ ۾ آهي.
    دل سان ڪم نه ڪرڻ جو مثال مٿئين چوڻيءَ سان ڏنو ويندو آهي.

     الله ڏيوَئي، ميان ڏيوَئي صحبت نه ڏيوَئي.
    چون ٿا ته ڪلهوڙن جي دور ۾ حڪومت طرفان چانڊڪا پرڳڻي جي هڪ حصي جو صحبت خان نالي هڪ ڪاردار (مختيارڪار) هو. هو ايترو ڪنجوس هو جو ڪنهن کي دمڙي به ڪونه ڏيندو هو.
    هڪ ڀيري ڪو فقير صحبت خان وٽ سوالي بڻجي آيو ۽ کانئس خيرات گھريائين پر صحبت خان کيس بيهڻ ئي ڪونه ڏنو. فقير مايوس ٿي وقت جي حاڪم ڏانهن ويو ۽ کيس سوال ڪيائين جنهن سندس ضرورت پوري ڪئي. فقير عرض ڪيو ته ”سائين! صحبت خان ڏانهن به ٻه اکر لکي ڏيو ته اهو به مون مسڪين ٻچڙيوال جي مدد ڪري.“
    ميان صاحب فقير کي صحبت خان ڏانهن اهڙو سفارشي خط لکي ڏنو. صحبت خان خط پڙهي پوءِ به فقير کي ڪا مدد نه ڪئي ۽ کيس چيو ”ڀل توکي الله ڏيوئي، ميان ڏيوئي پر صحبت خان صفا نه ڏيوئي.“

     ڀاڳ ڏئي ڀيڙو ته دال مان سيرو.
    يعنى ڪڏهن ڪڏهن بخت سڃائيءَ مان انسان کي آسودو بڻائي ڇڏيندو آهي. ڳالهه ڪندا آهن ته ڪنهن پوليس عملدار سان سندس وڏو آفيسر ايترو ته ناراض هو جو کيس ٿاڻي تي ويٺو به نه سهندو هو. اڃا هڪڙي پاسي کان ڊيوٽي ڏئي ٿاڻي تي مس پهچندو هو ته سندس آفيسر کيس وري ڪنهن بيگر پٺيان موڪلي ڇڏيندو هو ۽ ويچاري جو سڄو مهينو ائين گذرندو هو.
    هڪڙي دفعي اهو ننڍو عملدار رات جي وقت اڃا ٿاڻي تي پهتو ئي مس ۽ پورو ٿڪ به نه ڀڳو هئائين ته وڏي عملدار گھرائي چيس ته ”فلاڻو ماڻهو ڪنهن ڏوهه ۾ گھربل آهي وڃي کيس پڪڙي اچ.“ ويچارو حڪم جو بندو ’حاضر سائين‘ چئي گھوڙي تي لانگ ورائي روانو ٿيو. بيگاهه وقت جي ڪري پڪي سڙڪ ڇڏي جھنگ مان هڪڙي ڦٽل ڪڙيي جو ڪپ ڏئي ان ڳوٺ ڏانهن روانو ٿيو، جنهن ڳوٺ ۾ گھربل ماڻهوءَ جو ڏَسُ مليل هيس. اوچتو گھوڙي جو سُنب ڪنهن اهڙي سخت شيءِ سان لڳو ۽ اهڙو آواز ٿيو جھڙو ڪنهن ٽامي جي ٿانون کي ڌڪ لڳڻ سان ٿيندو آهي. هو هڪدم گھوڙي تان لهي پيو ۽ اُتان هٿن سان مٽي هٽائڻ لڳو ته کيس هڪڙي ديڳ نظر آئي جيڪا سموري سونين مهرن سان ڀريل هئي. خُرزين ۽ توٻرو ڀريائين کيسا به پُر ڪيائين ۽ بچي پيل مهرون هڙ ۾ ڪري ٻَڌائين ۽ خوشي خوشي گھر ڏانهن موٽيو. هاڻي کيس نوڪريءَ جي ڪا پرواهه ئي ڪانه هئي. کيس غيبي خزانو ملي ويو جنهن مان هن زمين ۽ ٻي ملڪيت خريد ڪئي ۽ امير بڻجي ويو. ماڻهن ۾ چوپچو شروع ٿي ته هيءُ اڳ ۾ هڪ رواجي سپاهي هو هينئر امير بڻجي ويو آهي! تنهن تي ڪنهن سالڪ چيو ادا! ”جي ڀاڳ ڏئي ڀيڙو ته دال مان سيرو.“

     پئسا ئي پاڻيءَ ۾.
    ڳالهه ٿا ڪن ته هڪڙو واڻيو گھوڙي تي چڙهي ٻهراڙي مان واپار لاءِ مکڻ وٺڻ لاءِ نڪتو. واٽ تي هڪڙو واهه هو جنهن مان لنگھڻو پيس. جڏهن گھوڙو واهه جي ٻيءَ ڀَر تي آيو تڏهن گپ ۾ گچي پيو. واڻئي ويچاري گھوڙي کي گھڻو ئي ڪُٽيو پر گپ کان ٻاهر گھوڙو نڪري ئي نه! واٽ ويندي هڪ ڌنار کي چيائين ته: ”گھوڙي کي پويان ٻه چار لڪڻ هڻ.“
    ڌنار گھوڙي کي اهڙا لڪڻ هنيان جو گھوڙو اڳتي اڇل ڏئي ڪناري تي ته پهتو پر گھوڙي جو تنگ ڇڏي پيو جنهن ڪري واڻيو ويچارو سامان سوڌو پوئتي وڃي ڪريو. واڻيو ته نڪتو پر ويچاري جي هَڙ جنهن ۾ پئسا پڻ ٻڌل هئا، سا وڃي پاڻيءَ ۾ پئي. انهيءَ تان اها چوڻي جُڙي ته ”پئسا ئي پاڻيءَ ۾.“

     پيرَ کي ڪم ٺڪاءَ سان.
    هڪڙي ماڻهوءَ ڪنهن پيرَ تي باس باسي ته پير سائين جيڪڏهن منهنجي دل جي مراد پوري ٿي ته تنهنجي در تي اچي ٺڪاءُ ڪڍندس.
    جڏهن ان شخص جي من جي مراد پوري ٿي تڏهن پٻڻ جو ڏوڏو کڻي اچي پير جي در تي ٺڪاءُ ڪڍيائين. ڪنهن چيس ته نامراد! پيرن سان به ائين ٺڳي! تنهن تي وراڻيائين ادا پير جو ڪم ٺڪاءَ سان.

     ڄٽيءَ سُٽ پُسايو، واڻئي وِڌَس وَٽي،
    ڄٽيءَ ليکي واڻيو مُٺو، واڻيي ليکي ڄٽي.
    پراڻي وقت ۾ دستور هوندو هو ته زالون ائٽ تي سُٽ ڪَتي وڃي دڪانن تي وڪڻنديون هيون.
    ڳالهه ٿا ڪن ته ڪنهن ٻهراڙيءَ جي اڻ پڙهيل عورت سٽ ڪتي پاڻيءَ ۾ پسائي رکيو. جڏهن سُٽ ٿورو سُڪو تڏهن دڪان تي کڻي وئي.
    واڻيي هڪدم سهي ڪري ورتو ته سٽ ۾ کوٽ آهي تنهن ڪري مقرر وزن بدران ڳري وزن وارو وٽ ٻي پڙ ۾ وڌائين. ڄٽي ويچاري خوش ٿي ته واڻيي کي ڦُري آيس. جڏهن پئسا وٺي گھر موٽي تڏهن ڪنهن سياڻي سان اها ڳالهه ڪيائين ته مان واڻيي کي ڦُري آئي آهيان. اهو سياڻو واڻيي جي حرفت کان اڳ ۾ ئي واقف هو سو کِلي چيائين:
    ”ڄٽيءَ سُٽ پُسايو، واڻيي وڌس وٽي،
    ڄٽيءَ ليکي واڻيو مُٺو، واڻيي ليکي ڄٽي“

     چورَن مٿان مورَ.
    چون ٿا ته چورَ چوري ڪري اچي جھنگ ۾ گڏ ٿيا ۽ مال ورهائڻ خاطر کولي کڻي ميدان تي رکيائون، ان سامان ۾ هڪڙو سونو هار به هيو.
    وڻ تي هڪڙو مور ويٺو هو، چيو وڃي ٿو ته مور سونَ جي چمڪ تي عاشق آهي سو مور لامارو ڏئي اهو سونو هار کڻي اڏامي ويو، تنهن تي هڪڙي چور چيو مار! چورن مٿان مور!

     ڇَتَي ڪوريءَ واري ڊيگھ.
    مٿئين چوڻيءَ مان مراد آهي گھڻو يا بيجا ڳالهائڻ. ڇتو ڪوري، رامڻ ڪوريءَ جو شاگرد هو، جيڪو پنهنجي استاد رامڻ ڪوريءَ وٽ اُڻت جو ڪم به سکندو هو. ڇتو جڏهن به ڳالهائيندو هو ته وڏي ڊيگھ ڪندو هو. هڪ دفعي رامڻ پٽڪو لاهي پاسي ۾ رکيو. ڀر ۾ رکيل حقي مان چڻنگ وڃي پٽڪي تي پئي. ڇتي اهو ويٺي ڏٺو ۽ باهه وسائڻ بجاءِ رامڻ جو ڌيان اينگھ ڪري هن ريت ڇڪائڻ لڳو:
    جناب حضرت استاد رامڻ جِي! حقي مان هڪڙي چڻنگ اڏامي وڃي سائين جن جي دستار مبارڪ تي پئي آهي سو پنهنجو پٽڪو سنڀاليو.
    جيسين ڇتي پنهنجي ڊيگھ پوري ڪئي تيسين رامڻ جي پٽڪي جو ڳچ حصو سڙي چڪو هو.
    رامڻ جڏهن جوڙيون کڻي وڪڻڻ ويندو هو ته ٻيا ڪوري پنج پنج جوڙيون کپائي ايندا هئا پر هن مڙس کان هڪ جوڙي مس کپندي هئي، ڇاڪاڻ ته ڊيگھ ڪرڻ سندس عادت ٿي وئي هئي. جوڙي وڪڻندي وٺي پنهنجي اڻيل ڪپڙي جي تعريف ڪندو هو. چي ”هيءَ جوڙي مضبوط آهي سندس ٺِڪري پڪي آهي ڌاڳو پڪو اٿس، گھاٽي اڻيل آهي، تمام گھڻو چوڙ ڏيندي، ڏاڍي سستي آهي، بَرُ به وڏو اٿس ۽ کار ۾ سڳو به ڪونه ڳرندس وغيره.“
    ڀلا جيڪڏهن هر هڪ گراهڪ سان ايڏي بڪ شڪ ڪبي ته ڪم جلدي ڪيئن اُڪلندو! سندس انهيءَ عادت تي مٿئين چوڻي مشهور ٿي وئي.

     ڌيءَ پاڙي، اندر ساڙي، ڌيءَ دور کائي چُور.
    ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجي ڌيءَ پاڙي ۾ پرڻائي ڏني ته جيئن اکين آڏو هجي. پهريائين ته گھوٽ ڪنوار پاڻ ۾ کير کنڊ هئا پر پوءِ دنيا جي دستور مطابق جيئن چيو ويندو آهي ته ٻه ٺِڪر به پاڻ ۾ به پيا ٺهڪندا آهن. تيئن گھوٽ ڪنوار ۾ به اڻبڻت شروع ٿي.
    هڪڙي پاڙي واري عورت وڃي ڇوڪريءَ جي ماءُ کي ٻڌايو ته ”تنهنجي ڌيءَ کي مڙسهنس ڏاڍو ماريو آهي.“ مطلب ته ڳالهه هجي يا نه پر پاڙي ۾ ڪا شرارتي عورت ضرور هوندي آهي جيڪا ڪنوار ماءُ جا ڪنَ ڀريندي رهندي آهي. ويتر جڏهن ڪنوار پيڪي ويندي آهي ته اها ڳالهه لڪي هونئن به نه سگھندي آهي. ماءُ جا آنڊا سڙڻ لڳندا آهن. انهيءَ تي سياڻن مٿيون پهاڪو جوڙيو ڌيءَ پاڙي، اندر ساڙي، ڌيءَ دور کائي چُور (چوري).
    مطلب ته پاڙي ۾ پرڻيل ڌيءَ جي ٿوري گھڻي ڳالهه ٻڌي به پيءُ ماءُ کي پيو ڏک ٿيندو پر ڏور پنڌ سبب جھڙي تهڙي ڳالهه ٻڌڻ ۾ ئي ڪونه ايندي آهي.

     ڏاچي هڻي ڏهه ته توڏِي هڻي تيرنهن.
    راڻو مومل سان ملڻ لاءِ ڀلي ڏاچيءَ تي چڙهي روزانو وڃي مومل جو مهمان ٿيندو هو ۽ رات اتي گذاري، صبح جو موٽي ماڳ ايندو هو. اهو ڳجھ ڳوهه وارو قصو آخر کلي پيو جنهن ڪري، همير سومري کي مٺيان لڳي، سو راڻي جي ڏاچيءَ کي پيرن ۾ ڪِيرَ هڻائي منڊو ڪرائي ڇڏيائين.
    هاڻي راڻي لاءِ زندگي زهر ٿي پئي هئي سو لڳو ڪاڪ وڃڻ لاءِ گھاٽ گھڙڻ. آخر ڏاچيءَ واري جت کي گھرائي کيس ٻي ڪنهن اهڙي ڀلي ڏاچي يا اٺ لاءِ چيائين. جت عرض ڪيو ته ”سائين! اوهان واري ڏاچيءَ جي هڪ توڏي آهي، جنهن ۾ ماءُ جهڙا ئي پاڻي آهن.“ راڻي چيس ته جلد وڃي بندو بست ڪر پر تو واري توڏي ڪٿي وچ تي ويلو ته ڪونه وجھندي. جت وراڻيو ”سائين اوهان دلجاءِ ڪريو، توڏي ننڍي ضرور آهي پر پنڌ ۾ ماءُ کان به ٻه وکون وڌيڪ آهي. ڏاچي جي ڏهه هڻندي هئي ته توڏي تيرنهن هڻندي. پوءِ راڻو روزانو انهيءَ توڏيءَ تي سوار ٿي، مومل سان ملڻ ويندو هو. لطيف سائين سُر مومل راڻو ۾ اهڙو ذڪر هن ريت ڪيو آهي:
    ننڍو تان ڪوهه، پر وکين آهي وترو،
    اچو ڪاڪ ڪنڌين ۾، پهس پکيءَ جان پوءِ.
    ان ڪُر منجھان ڪوءِ، ميو ماٺو نه ٿئي.

     لاهي لنگها ويههُ، آريجن مان آسرو،
    پِني پرائو ڏيههُ، اچي کاءُ آريجن ۾.

    آريجا هڪ ذات آهي جنهن جي نالي سان تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ هڪ ڳوٺ خير محمد آريجا منسوب ٿيل آهي، انهيءَ ڳوٺ ۾ مخدوم شهاب الدين نالي هڪ بزرگ، ڪلهوڙن جي آخري دور ۾ رهندو هو، جيڪو پنهنجي وقت جو ڪامل ولي هو.
    مخدوم صاحب آريجا ۾ غير شرعي ڪمن جي پاڙ ئي پٽي ڪڍي، ايتري قدر جو اُتي شاديءَ تي به نه دُهل وڄندو هو ۽ نه وري محفل ۾ ڪو ناچ گانو ٿيندو هو. ڳوٺ ۾ هندن جو هڪ ٽڪاڻو به هو پر اتي به نغارا ۽ ڌُڪڙ وغيره نه وڄايا ويندا هئا.
    اتفاق سان اتي هڪڙو لنگھن جو گھر اچي ويٺو جن کي اها حقيقت معلوم ڪانه هئي ته هتي ڪا اهڙي منع ٿيل آهي. انهن رات جو دهل ۽ شرنائن جو واڄو ڪيو. قدرتاً سندن شرناءِ ڀڄي پئي ۽ دهل به ڦاٽي پيو! جڏهن کين بزرگ جي اهڙي منع جي خبر پئي ته مخدوم صاحب جي خدمت ۾ حاضر ٿي کانئن معافي ورتائون. ان موقعي تي اتي بيٺل ماڻهن مان ڪنهن لنگھن کي ائين چيو هو ته: ”لاهي لنگها ويههُ، آريجن مان آسرو، پِني پرائو ڏيههُ، اچي کاءُ آريجن ۾“

     پنهنجي ڪَئي جو نه ڪو ويڄ، نه ڪو طبيب.
    چون ٿا ته هڪڙي ڪڙميءَ کي گھر جي ڀرسان ٻنيءَ جو ٽڪرو هو ۽ هو ڪڪڙين پالڻ جو شوقين هو. هڪڙي لومڙي اچي هِري روزانو رات جو ڪڙميءَ جون ڪڪڙيون چورائي ويندي هئي، ڪڙمي ويچاري ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته ڪنهن ريت لومڙيءَ کي ڦاسائي وجھي، آخر هڪڙي رات هن ڪنهن ڦند سان لومڙي کي ڦاسائي وڌو. هاريءَ کي لومڙيءَ تي ڏاڍي خار هئي تنهن ڪري لومڙيءَ کي سخت سزا ڏيڻ جي خيال سان سندس پڇ کي گھڻيون اڳڙيون ويڙهي کڻي باهه ڏنائين. لومڙيءَ کي جو تئه آيو سو ڪڙميءَ جي ٻنيءَ مان تڪڙي تڪڙي پڄندي وئي جتي هن جو ڪڻڪ جو پڪل فصل بيٺل هو. نتيجي ۾ سڄو فصل سڙي خاڪ ٿي ويو. اهڙيءَ طرح ڪڙميءَ گھڻو ئي پٽيو ڪُٽيو پر ڏوهه ڪنهن کي ڏئي. اهڙي ئي موقعي لاءِ مٿيون پهاڪو جڙي ويو.

     هجئي ناڻو ته گھم لاڙڪاڻو.
    ڪلهوڙن جي دور ۾ هي پهاڪو مشهور ٿيو جڏهن سن 1025 هجري مطابق 1675ع ۾ ميان شاهل محمد ڪلهوڙي گھاڙ واهه کڻايو. ان وقت سنڌو درياهه کان ويندي گھاڙ واهه جي ڇوڙ تائين لاڙڪاڻو هن تَرَ جو واحد مشهور شهر ۽ بندر هو. ايران ۽ بلوچستان کان واپاري ڪهي اچي هتي وڻج ڪندا هئا. لاڙڪاڻي کي ٻيڙين جي رستي ٻين شهرن سان ملائڻ سبب مرڪزي حيثيت حاصل ٿي وئي هئي. هتي اناج ۽ ٻين شين جا قافلا اچي منزل انداز ٿيندا هئا، انهيءَ هنڌ کي هن وقت به محلا قافلا سراءِ سڏيو وڃي ٿو.
    سچ پچ ته ڪلهوڙن رستن ۽ واهن ٺهرائڻ جي ڏِس ۾ وڏي خدمت جو ڪم ڪيو انهيءَ ڪري لاڙڪاڻو سبزي ۽ ساوڪ ۾ ايترو ته وڌي ويو جو ڪيترا سياح ان کي ”سنڌ جو عدن“ سڏڻ لڳا.
    جنهن جاءِ تي ٻيڙيون مختلف پاسن کان اچي لنگر هڻنديو هيون اها جاءِ هينئر به بندر روڊ جي نالي سان سڏجي ٿي. اتي رات ڏينهن ماڻهن جي گَهَه پيههَ لڳي پئي هوندي هئي. سنڌو درياهه ذريعي گھاڙ واهه رستي مال سان ڀريل ٻيڙا ايندا ويندا هئا ۽ خشڪيءَ جي رستي واپاري قافلن جي اچ وڃ گھڻي هوندي هئي. واپار سبب ڏيهي توڙي پَر ڏيهي واپارين کي جھجھو فائدو ٿيندو هو جنهن ڪري سندن لاءِ پئسن سان راند ڪرڻ سولي ٿي پئي هئي. بندر گاهه جي اوڀر ۾ گھاڙ جي ڪناري شوقينن لاءِ محفلون مچنديون هيون، جتي حسن جي بازار لڳل هوندي هئي ۽ طعام، قيام ۽ جام جو جوڳو بندوبست پڻ ٿيل هوندو هو، جنهن ڪري پري پري کان شوقين ۽ عاشق مزاج پکين جيان پرواز ڪري اچي اتي پرگھٽ ٿيندا هئا ۽ کنڀ کُهائي کيسا خالي ڪرائي ٽرڙ ٿي موٽندا هئا.
    شوقينن جي توجه جو مرڪز مهتاب هوندي هئي جيڪا پنهنجي ڀيڻ سان گڏ ڪجاوي ۾ ايندي هئي ۽ چيو وڃي ٿو ته سندس قافلو 9 ميل ڊگھو هوندو هو. مهتاب جي سندرتا جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، سندس وارن ۾ جوانيءَ واري چمڪ هئي، سنگ مر مر جهڙي سفيد ۽ لسي چمڙي، لب، ڀرون، اکين جا ڇپر، توڙي پنبڻيون سڀ اهڙا ته جاذب هئا جو ڏسندڙ جا ڇههَ ڇڄي پوندا هئا.
    لاڙڪاڻي جي انهيءَ خوشحالي ۽ رونقن سبب مٿيون پهاڪو مشهور ٿيو.
    لاڙڪاڻي جي اهڙي ڪمال سبب ڪيترن شاعرن به پنهنجي جذبن جو اظهار ڪيو. حاجي خان چنجڻي هڪ ڪافيءَ جو ٿلههُ مٿئين پهاڪي تي ٻڌو آهي
    هجئي ناڻو ته گھم لاڙڪاڻو، نه ته وت ويڳاڻو

     اُڀ ڦاٽي کي به ڪڏهن اڳڙي پوي!؟
    هڪڙي ماريءَ جھرڪي ڦاسائي ۽ کيس ڪُهڻ جو ارادو ڪيائين ته جھرڪيءَ چيس: ”مون مان ته دُڪو گوشت جو مس نڪرندئي تنهن مان ڪهڙو ڍؤ ٿيندءِ.“ پوءِ کيس لالچ ڏيندي چيائين ”جيڪڏهن تون مون کي آزاد ڪري ڇڏيندين ته مان توکي ٽي نصيحتون ٻڌائيندس، پر شرط اهو آهي ته هڪڙي نصيحت تنهنجي هٿ تي ويهي ڪنديس، ٻي جڏهن ڇڏيندين ته وڻ تي ويهي ڪنديس ۽ ٽين وڻ تان اڏامڻ مهل.“
    ماريءَ کي اها ڳالهه سمجهه ۾ آئي. ماري کيس پڃري مان ڪڍي هٿ تي ويهاريس ته جھرڪيءَ چيو: پهرئين نصيحت ٻڌ ”جيڪا ڳالهه ٻڌين ۽ عقل ان کي قبول نه ڪري ته ان تي ڪڏهن به ويساهه نه ڪجانءِ.“ ائين چئي جھرڪي اُڏامي وڃي وڻ تي ويٺي ۽ ماريءَ سان ٻيهر مخاطب ٿيندي چيائين ”جيڪو ڪم هٿان نڪري وڃئي ته ان تي ارمان نه ڪجانءِ.“ اهو چئي جھرڪي غمگين ٿي وئي ۽ ماريءَ جي حال تي رحم کائيندي چيائين ”چريا! منهنجي پيٽ ۾ ٻه دُڪا تورَ جو هڪ قيمتي هيرو موجود آهي جيڪڏهن هٿ اچئي ها ته سموري ڄمار لاءِ ڍَوَ ۾ هجين ها.“
    اها ڳالهه ٻڌي ماري هٿ مَهٽي پڇتايو ۽ کائنس ٽين نصيحت بابت پڇيائين جنهن تي جھرڪيءَ چيس ته ”ٻن ڳالهين توتي اثر نه ڪيو ڀلا دڪو تور واري پکيءَ جي پيٽ ۾ ٻه دڪا تورَ وارو هيرو ڪٿان ماپندو ان تي ويساهه ڪيئن ڪيئي!؟ جيڪڏهن هجي به ها ته به اڏامي وڃڻ کانپوءِ وري هٿ اچڻ جو نه هو تنهن لاءِ ارمان ڪيُئي، تو جھڙِي ماڻهوءَ کي نصيحت ڪرڻ ئي بيڪار آهي.“

     ڏنو پُٽ ڇُٽي جو.
    هڪ بزرگ پنهنجي مريدن کي نصيحت ڪئي ته جيسين دنيا (دولت) نه ڇڏبي تيسين ڇوٽڪارو نه ٿيندو.
    هڪ ڏينهن سندس هڪ مريد بزرگ جي ڪچهري ۾ ويو جتي تمام گھڻي رش هئي، جنهن ڪري هن مرشد جي ويجھو وڃي ويهڻ محال سمجھيو. هن هڪ اٽڪل ڪئي کيسي مان هڪ سوني مُهَر ڪڍي ڪامل جي خاص مريد کي ڇپر ۾ ڏنائين جيڪو مرشد جي ويجھو ويٺو هو. مُهر ملڻ جي لالچ ۾ هن پنهنجي جاءِ ڇڏي هن کي ڏني ۽ پاڻ ٻاهر هليو ويو. جڏهن مريد مرشد سان اڪيلائيءَ ۾ ويجھو ٿيو ته کيس عرض ڪيائين قبلا ”جنهن دولت ڇڏڻ لاءِ اوهان فرمايو هو اڄ ان جي برڪت سان اوهانجي قريب ويهڻ جو موقعو مليو اٿم.“ تنهن تي بزرگ فرمايو ”چريا جڏهن تو دولت هٿان ڇڏي تڏهن ته توکي منهنجي قريب ويهڻ جو موقعو مليو، جنهن توکان اها دولت ورتي تنهن کان اها جاءِ کسجي وئي.“
    مٿئين چوڻيءَ مان مراد اها آهي ته جيڪڏهن دنيا جي لوڀ لالچ ڇڏبي ته آخرت يا منزل تائين رسڻ ۾ آساني ٿيندي يا منزل ملي ويندي.

     گھر جو پير چُلهه جو مارنگ.
    هڪڙي بزرگ کي سندس گھر واري سدائين پئي ڇڙٻون ڏيندي هئي. هڪ ڏينهن بزرگ جي دل ۾خيال آيو ته هن چنڊيءَ کي پنهنجي ڪا ڪرامت ڏيکاريان ته من سندس دل تي ڪو ڇنڊو پوي، سو گھر کان ٻاهر نڪري ويو ۽ پنهنجي ڪرامت جي زور تي ڳوٺ جي مٿان اڏامڻ لڳو. ڳوٺ جي ماڻهن کيس اڏمندي ڏٺو جن ۾ سندس گھر واري به شامل هئي ان وقت ڪنهن به کيس سڃاتو ڪونه پر جڏهن لهي گھر واپس آيو ته سندس گھر واري عادت مطابق مٿس چڙهي وئي ”مئا سدائين چوندو آهين بزرگ آهيان اڄ هجين هان ته الله جو سچو بزرگ ڏسين ها! هڪڙو خدا ٻانهو اسانجي ڳوٺ مٿان اڏامندو ٿي ويو.“
    تنهن تي سندس مڙس چيس ”صدوري! اهو آءٌ ئي ته هيُس.“ تنهن تي سندس زال وراڻيو ”ائين چئجانءِ ماريا تڏهن ته ٽيڏو ٽيڏو پئي وئين.“ سياڻن سچ چيو آهي گھر جو پير چلهه جو مارنگ.

     لوڀين سندي راڄ ۾ ٺوڳي مرن نه بک.
    پراڻي دور جي ڳالهه آهي ته هڪڙي چالاڪ ماڻهوءَ کي پٽ جي وهانءَ لاءِ 30 رپيا گھربل هئا. گھر واريءَ کان پڇيائين پٽ ٿي پرڻائين پر خرچ پکي لاءِ ڪجهه گھر ۾ اٿئي؟ جوڻس ٻوٿ چِٻو ڪندي چيو هڪڙو ٽَڪو آهي انهيءَ مان ڇا ٿيندو!؟
    گھڻو ڪجهه ٿيندو ٽڪو مونکي ڏي، اهو ٽَڪو وڏا ڪم ڪندو.
    هو ٽڪو کڻي ڳوٺ جي واڻيي وٽ آيو ۽ کيس چيائين: ”هي ٽڪو اڳواٽ وياج جو وٺ ۽ مهيني کن لاءِ رپيو اوڌر تي ڏي.“
    واڻيي اڳواٽ وياج جو ٽڪو ڏسي کيس ايماندار سمجھيو ۽ هڪدم رپيو ڪڍي ڏنائينس. هن اهو رپيو کڻي شهر ۾ اچي ٻٽيهه ٽڪا ڪرايا. ٽڪا مٽرائي هڪڙي مهاجن (وڏي پئماني تي وياج ڏيندڙ) جي دڪان تي پهتو ۽ کيس چيائين: ”هي ٽيهه ٽڪا اڳواٽ وٺ ۽ ٽيهه رپيا مونکي وياج تي ڏي.“
    باقي ٻه ٽڪا ڪڍي هن مهاجن جي پٽ کي خرچي طور ڏنا. مهاجن ڳرو وياج ۽ پٽ واري خرچي اڳواٽ ملندي ڏسي لوڀجي پيو ۽ يڪدم ٽيهه رپيا ڪڍي ڏنائينس.
    هن ڳوٺ اچي پٽ جو وهانءُ وڏي ڌام ڌوم سان ڪيو. ائين ڳوٺ جي واڻيي کي فقط سندس گھر وارو ٽڪو ۽ شهر واري مهاجن کي ڳوٺ واري واڻيي وارو رپيو نصيب ٿيو.

     نه ڪنهـن کــي عقـل منجھايـو آهي
    نه ڪنهن کي سونهن سڪايو آهي
    گندي پاڻيءَ جي تلاءَ ۾ ڪجهه ڏيڏريون گڏ ٿي ويٺيون هيون. وڏي ڪچهري لڳي پئي هئي، منجھائن هڪ ڏيڏريءَ حورَ جي باري ۾ ذڪر ڇيڙيو ٻيءَ پڇيس: ”حورَ ڇا آهي؟“ پهرئين ڏيڏريءَ وراڻيس: ”چون ٿا ته حورَ ڏاڍي سهڻي هوندي آهي. اسان کان به وڌيڪ سهڻي هوندي ڇا؟“ ٽئين ڏيڏريءَ وچ ۾ ڳالهايو. ”اسان کان وڌيڪ وري ڪهڙي سهڻي هوندي چوٿينءَ چيو. نه ادي اسان کان وڌيڪ سهڻي ڪيئن هوندي.“
    گھڻو بحث ڇڙي پيو آخر هڪڙي ڏيڏري جيڪا هن وقت تائين چپ هئي تنهن ڳالهايو ”جڏهن اسان هيون سين ته پوءِ حورن جي ڪهڙي ضرورت هئي؟! خواه مخواه اسان اچي بحث ۾ منجھيون آهيون، اسان کان وڌيڪ سهڻو ڪوبه نه آهي.“
    هڪ فارسي چوڻي مطابق جيڪڏهن سڄي ڌرتيءَ تان عقل ختم ٿي وڃي تڏهن به ڪو پاڻ تي شڪ نه ڪندو ته مان ڪو اڻ ڄاڻ آهيان.


    • سنڌي ٻوليءَ ۾ جانورن، پکين ۽ جيتن سان منسوب پهاڪا

    ڪنهن به سڌريل ۽ ساهيته ٻوليءَ ۾ پهاڪن کي وڏي اهميت حاصل هوندي آهي. پهاڪا قوم جي سگهڙن ۽ سياڻن جي حياتيءَ جي تجربن جي روشنيءَ ۾ جڙي عوام الناس جي زبان تائين پهچن ٿا. پهاڪن جي انهن چند لفظن ۾ اهڙا ته معنيٰ جا موتي موجود هوندا آهن، جو عام انسان انهن تي عمل ڪرڻ سان ڪيترين براين کان بچي سگهي ٿو.
    انسان جو زندگيءَ ۾ انسانن کان علاوه ٻي به ڪيتري مخلوق سان واسطو پوي ٿو. جيڪا سندس حياتيءَ تي بالواسطه يا بلا واسطه اثر انداز ٿئي ٿي. اهڙي مخلوق ۾ جانور، پکي پکڻ توڙي جيت جڻيا اچي وڃن ٿا. جيئن ته الله تعالى دنيا ۾ ڪا به شيءِ بي مقصد پيدا ڪو نه ڪئي آهي، تنهنڪري مذڪوره مخلوق جي اهميت کان انڪار ڪري نٿو سگهجي. اهو ئي سبب آهي جو اسان جي سياڻن ۽ سخنورن انهن جي گڻن ۽ اوگڻن کي نظر ۾ رکي پنهنجي زبان ۾ انمول پهاڪا جوڙيا. جن جي ظاهري معنيٰ پڌري هوندي آهي پر انهن پهاڪن جي اوٽ سياڻن ۽ سخنورن پندونصائح جا انبار ڏنا آهن. هتي فقط انهن جانورن، پکين ۽ جيتن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جيڪي هن مضمون جي پهاڪن ۾ آيل آهن. اهي پهاڪا اسانجي سنڌي ٻولي ۽ ادب جو حصو بڻجي ويا آهن.
    جانور جو انسان جي زندگيءَ تي گهرو اثر آهي. سماجيات جي علم ۾ انسان کي پڻ ’سماجي جانور‘ سڏيو ويو آهي. اسان جي معيشت جو دارو مدار ڪافي حد تائين مختلف جانورن جي افزائش تي رهيو آهي. مثال ڍڳو، مينهن، ڳئون، رڍ، ٻڪري، اُٺ، گهوڙو، گڏهه وغيره اهڙا جانور آهن، جن جو انسان جي بقا ۽ معاشي ترقيءَ ۾ وڏو عمل رهيو آهي. ڍڳي ذريعي زمين کي هر ڏيئي اَنُ اپايو وڃي ٿو. مينهن، ڳئون، رڍ ۽ ٻڪري مان کير ۽ گوشت حاصل ڪري انسان پنهنجي خوراڪ جو بندوبست پئي ڪيو آهي. انهن جي کلن جي پڻ وڏي اهميت آهي. اُٺ، گهوڙي ۽ گڏهه کان سواري توڙي بار برداري جو ڪم ورتو وڃي ٿو. اُٺ کي ’ريگستان جو جهاز‘ سڏيو ويو. جڏهن ته گهوڙو ميدانِ رزم ۾ صدين تائين سپاهي جو ساٿي رهيو آهي. اهڙي طرح شينهن، هاٿي ۽ هرڻ جو پڻ انسان سان گهاٽو تعلق رهيو آهي. شينهن ۽ هاٿيءَ کي اسان فقط سرڪس تائين محدود رکي نٿا سگهون. شينهن جي کل ۽ هاٿيءَ جا هڏا مارڪيٽ جون ملهائيتون شيون آهن. هرڻ انسان جي مهانگي من پسند خوراڪ کان علاوه پالڻ/ ڌارڻ جي حوالي سان به وڏي ڪشش جو باعث رهيو آهي. گدڙ هڪ چالاڪ ۽ ڊڄڻو جانور آهي، ڪتو ۽ ٻلي پڻ پالتو جانور آهي جيڪي پنهنجن گڻن سبب انسان سان لاڳاپيل رهيا آهن. ڪتي کي وفادار جانور تسليم ڪيو وڃي ٿو. ٻليءَ جون پڻ خوبيون ڳڻائي سگهجن ٿيون. پاڻيءَ جي جانورن ۾ واڳونءَ جو ذڪر اچي ٿو جنهن جو وير توڙي مڪر مشهور آهي. ادب ۽ ٻوليءَ جي ماهرن مٿين مڙني جانورن کي ٻوليءَ ۾ ضرب المثل طور ڪم آندو آهي. پاڻيءَ جي حوالي سان پلن ۽ کڳن کي پڻ پهاڪن ۾ آندو ويو آهي. پَلو وڏي لذيذ ۽ قيمتي مڇي آهي. کڳو سستو ۽ عام قسم جي جنس آهي تنهنڪري پلي جي اهميت اجاگر ڪئي وئي آهي.
    مضمون ۾ جن پکين جو ذڪر آيو آهي تن ۾ ڪانءُ، چڙي (جھرڪي)، ڪڪڙ ۽ هنج اچي وڃن ٿا. ڪانءَ جي سياڻپ مشهور آهي پر سياڻو ڪانءُ ڪڏهن ٻه ٽنگو به ڦاسي پوندو آهي. چڙي هڪ ننڍڙو پر ڦڙت پکي آهي. هنجهه کي پکين ۾ وڏي اهميت ۽ معتبري حاصل آهي. ڪڪڙ اسان جي خوراڪ جي خاص اسمن منجهان آهي. ڪڪڙن جي غير معمولي افزائش سبب زرِ مبادله ڪمائي وڃي ٿي. مذڪوره پکين جي سندن خاصيتن سبب سنڌي پهاڪن جو موضوع بڻايو ويو.
    جيتن ۾ وڇون ۽ نانگ کي پڻ پهاڪن ۾ استعمال ڪيو ويو آهي. جن ۾ انهن جي نقصانن متعلق ذڪر ڪيو ويو آهي. اهڙيءَ طرح جُونءَ کي پڻ پهاڪي ۾ ڪم آندو ويو آهي.
    هاڻي مٿي ذڪر ڪيل سمورن جانورن، پکين ۽ جيتن سان منسوب پهاڪا معنيٰ ۽ مطلب سميت پيش ڪجن ٿا.
     اُٺ جي چاڙهيءَ کي به لعنت، لاهيءَ کي به لعنت.

    معنى: اُٺ جڏهن چاڙهي تي چڙهندو يا لاهيءَ تي لهندو آهي ته ٻنهي حالتن ۾ سوار کي ڏکيو ڪندو آهي.
    مطلب: لوٺئي ماڻهوءَ جي دوستي توڙي دشمني به اُٺ جي لاهي چاڙهي وانگر ڏکوئيندڙ هوندي آهي.
     اُٺ جي وات ۾ زيرو.
    معنى: زيرو (جيرو) اُٺ جي وات ۾ چٻڻ ۾ ئي نه ايندو. هڪ ته سنهڙو آهي ۽ ٻيو ٿورو، جڏهن ته اُٺ کي خوراڪ لاءِ گهڻو گهرجي.
    مطلب: مڻن جي هيراڪن جي سيرن مان پورت ڪا نه پوندي.
     اُٺ جي وات ۾ لوڻ وجهه ته به رڙي، کنڊ وجهه ته به رڙي.
    معنيٰ: بي عقل ۽ منجھيل انسان جي دوستيءَ مان به جوکو ته دشمنيءَ مان به نقصان.
     اُٺ جي چوري پکي ۾ ڇا لڪندي.
    معنى: اهو ڳجهه ڪٿان لڪي سگهندو جنهن جي پچار محفلن ۾ هجي.
     اُٺ کي لاڻو، گهوڙي کي داڻو، مرد کي ناڻو، محبوب کي ماڻو.
    معنى: چئني لاءِ چارئي شيون لازمي آهن.
     انڌو هاٿي لشڪر جو زيان.
    معنى: اڻ ڄاڻ ٺهيل ڪم کي به بگاڙي ڇڏيندو.
     اُٺ چڙهيءَ به ڪڏهن نانگ کائي!
    معنى: خدا تي توڪل ڪرڻ وارن کي ڪڏهن به نقصان ڪو نه رسندو آهي.
     اُٺ ٻڍو ته به ٻه ڪنواٺ لهي.
    معنى: تجربيڪار پير مرد عقل ۾ جذباتي جوانن کان گهڻو وڌيڪ هوندو آهي.
     ڀرئي اُٺ تان وِڃڻي لٿي ته به چڱي.
    معنى: گهڻي قرض جي چوٽي ڊٿي ته به چڱي آهي. ڪجهه ته بار لٿو ڀائنبو.
     جڏهن ٻورا ٿي سبيا تڏهن اُٺن ٿي رنو.
    معنى: اڳ ڳڻتي ڪرڻ ضروري آهي، تنهنڪري ذهني طور تيار رهڻ کپي.
     جيڏ اُٺ تيڏا لوڏا.
    معنى: وڏن تي بار به وڏا هوندا آهن، ذميواريون هميشه وڏن کي ئي کڻڻيون پونديون آهن.
     ٽٽونءَ کي ٽارو تازيءَ کي اشارو.
    معنى: سياڻو ماڻهو اشاري مان سمجهي وڃي ۽ اياڻي ماڻهوءَ کي ڌڪن کائڻ بعد مس سمجهه ايندي آهي.
     ڏُچر گهوڙو ۽ سُچر زال ٻئي ٻن پيا.
    معنى: انسان کي هميشه معتدل رهڻ کپي نه گهڻو ڏُچر ۽ نه گهڻو سُچر ٿيڻ کپي.
     پنهنجي ٿوري گڏهه کي به پيرين پئجي.
    معنى: سياڻي ماڻهو جو ڪم آهي ته وقت پئي ڪميني ماڻهوءَ سان به هيٺاهين وٽِ وٺي منجهائنس ڪم ڪڍي وڃي ۽ پنهنجي شرافت به قائم رکي.
     جَوَ ڍيري، گڏهه رکوال.
    معنى: جَوُ گڏهه جي مرغوب غذا آهي ان ڪري جيڪڏهن جَوَن جي رکوالي گڏهه کان ڪرائبي ته خير ڪونهي. سو امانت جو ڪم خيانت ڪندڙ جي حوالي ڪبو ته اوس نقصان ٿيندو.
     ڏنڀجي گڏهه سور ٿئي ساٽيءَ کي.
    معنى: گندي ماڻهوءَ کي ڪئي جي سزا ملي ۽ شريف ماڻهو ان تي افسوس کائي.
     سٻر سوٽو ساڻ ته گڏهه گوهي نه ڪري.
    معنى: سست ۽ ڪم چور ماڻهوءَ لاءِ سزا ضروري آهي.
     سَوَ ڪري سينگار ته به کودڙيءَ جو پٽ کودڙو.
    معنى: ڪمينو ماڻهو چڱي پوشاڪ کي به خوار ڪندو.
     گڏهه پنهنجي سانوڻي هينگن ۾ وڃائي.
    معنى: سياڻو ماڻهو پنهنجو قيمتي وقت ڪو نه وڃائيندو آهي، پر ڪم عقل ماڻهو اهڙو قيمتي وقت فضول مشغولين ۾ وڃائي ڇڏيندو آهي.
     گڏهه کي به ڪوگج پائجي!
    معنى: ڪميني ماڻهوءَ سان هرگز مهرباني نه ڪجي ورنه الٽو ڳچيءَ کان وٺندو.
     گڏهه کي به ڪڏهن گابو ڄائو!
    معنى: لُچي ماڻهوءَ مان چڱائيءَ جي اميد رکڻ اجائي آهي.
     اڃان مينهون جهنگ ۾، ڌوئي ڌريائون رَڇَ.
    معنى: پاڻيءَ کان اڳ ڪپڙا لاهڻ يا بي صبريءَ جو مظاهرو ڪرڻ.
     مينهن ڍائي هوري هلي، رڍ ڍائي ٺينگ ڏي.
    معنى: برباد انسان هوندي تي گهمنڊ ڪو نه ڪندو پر پوڍائو يا نو دولتو ڀانڀولجي ويندو.
     نون ميهارن مينهون ڌاريون، کٿا لاهي دونهيون ٻاريون.
    معنى: اڻ تجربيڪار ماڻهو بي خبريءَ سبب ضرور ڪو نقصان جو ڪم ڪندو.
     وئي سڱن کي ڪن به ڪپائي آئي.
    معنى: لالچ بري بلا آهي. گهڻي جي ڪڍ پوڻ سان ٿورو به وڃائي ويهبو.
     وسي ته به ڏٻري گسي، نه وسي ته به ڏٻري گسي.
    معنى: ڏٻرو ڍور وسڪاري ۾ به جهنگ چرڻ نه وڃي سگهي ۽ سوڪهڙي جي حالت ۾ به بک مري. هيڻو ماڻهو نه ٿڌي سهي نه ڪوسي.
     هاٿيءَ جا ڏند ڏيکارڻ جا هڪڙا ته کائڻ جا ٻيا.
    معنى: ٻهروپيا ماڻهو ٻاهر هڪڙا ته اندر ٻيا هوندا آهن. جيئن لطيف سائين فرمايو: ’منهن ته موسيٰ جهڙو اندر ۾ ابليس.‘
     بڇڙو ڪتو ڌڻي پُڻائي.
    معنى: گندو ماڻهو مائٽن لاءِ به خواريءَ جو سامان پيدا ڪري ٿو.
     تڪڙي ڪُتي انڌا گلر ڄڻي.
    معنى: اجائي تڪڙ ڪرڻ سان اڃان ڪم رُلي ويندو آهي.
     پاڻ نه پالي ڪتا ڌاري.
    معنى: هوند آهر خرچ ڪرڻ گهرجي.
     ڇتي ڪتي جي دوا ڀتر.
    معنى: ڪمينو ماڻهو موچڙي کانسواءِ ٻي ٻولي ڪو نه سمجهندو آهي.
     ڪتي جا ڏند گڏهه جو ماس.
    معنى: بڇڙي کي بڇڙو ئي پُڄي سگهندو آهي.
     ڪُتيءَ کي ڪنهن اُماڙ ڏني ته تارا ڏسي پئي ڊني.
    معنى: ڊنل ماڻهوءَ تي سدائين خوف طاري هوندو آهي.
     ڪتي جو پڇ ٻارنهن مهينا نڙ ۾ پوءِ به ڏنگي جو ڏنگو.
    معنى: ڪمينو ماڻهو پنهنجي بڇڙاين کان هرگز باز نه ايندو آهي.
     ڪُتو ڇا ڄاڻي ڪڻڪ جي مانيءَ مان.
    معنى: ڪم ظرف انسان سان نيڪي اصل نه ڪجي جو اهو بنهه ڪو نه مڃندو.
     ڪُتي جو ڪارو منهن، رِٻَ اوتري جي اوتري. معنى: عقلمند انسان ڪڏهن به ڪنهن سازشيءَ ۽ ويڙهائيندڙ جي چڪر ۾ ڪو نه ڦاسندو آهي. جنهن ڪري سازشيءَ کي شرمندگيءَ کڻڻي پوندي آهي.
     ڪُتي به کاڌي ڪُک به نه ڀري.
    معنى: بي ايمان ۽ حرصي انسان جي ڪڏهن به پورت ڪو نه پوندي آهي. تنهنڪري کپي ته ايمانداريءَ سان حاصل ڪيل ٿوري مان پورائو ڪجي.
     ٻڪريءَ کي ساس جي، ڪاسائي کي ماس جي.
    معنى: خود غرضي برو عمل آهي. جيڪو پنهنجي لاءِ نٿو چاهي سو ٻين لاءِ به نه گهرڻ کپي.
     ٻڪري جنهن وڻ سان ٻَڌِجي تنهن کي کائي.
    معنى: ڪم ظرف ماڻهوءَ جي فطرت نقصان پهچائڻ آهي، سو ضرور پهچائيندو.
     جيڪا ڌاريان ٻڪري، تنهن لمندا ڪَنَ.
    معنى: ڪن ماڻهن جي هر ڪنهن ڪم ۾ وِڏَ نڪري ايندي آهي.
     جيري ڪاڻ ٻڪري نه ڪُهجي.
    معنى: ٿوري فائدي لاءِ گهڻو نقصان نه ڪجي.
     سڀ ڪا ٻڪري پنهنجي پائي ٽنگي.
    معنى: جيڪو ڪندو سو لوڙيندو.
     ٻلي شينهن پڙهايا، ڦر ٻلي ڪُن کا وڻ آيا.
    معنى: بي شناس سان نيڪي ڪبي ته ڪم نڪتي کانپوءِ ڦيرائي ڳچي پڪڙيندو.
     پنهنجي گهر ۾ ٻلي به شينهن.
    معنى: ڪمزور ماڻهو به پنهنجي گهر ۽ تَرَ ۾ همٿ ڀريو ٿي ويندو آهي.
     ست ڪُئا کائي ٻلي حج هلي.
    معنى: ڏيکاءَ جي عبادت گناهه آهي.
     ڪاڻياري ٻلي ڪُئي جي جوءِ.
    معنى: ضرورتمند ماڻهو مجبور ٿئي ٿو.
     جهڙا ڪانون تهڙا ٻچا.
    معنيٰ: اولاد اڪثر پنهنجي والدين تي ئي ويندي آهي.
     سياڻو ڪانون ٻه ٽَنگو ڦاسي.
    معنى: پاڻ کي وڏو عقلمند سمجهڻ نه گهرجي، ڇو ته ڪڏهنن گهڻي سياڻپ ڳچيءَ پئجي ويندي آهي.
     سُتي شينهن کي نه جاڳائجي.
    معنى: پاڻ ڏاڍي سان هٿ نه اٽڪائجي.
     دولتمند جا ڏاند ويامن.
    معنى: ڀاڳوند کي هر هنڌان فائدو ملي.
     ڏاند چڙهي ٿي ڏک ڏسي.
    معنى: سُکَ ۾ ناشڪري ڪرڻ نه گهرجي.
     رڍ اڳيان رباب وڄائيندي ورهه ٿيا.
    معنى: ڪم عقلن اڳيان عقل ۽ فهم جون ڳالهيون ڪرڻ اجايون آهن.
     گدڙ گدڙ جي ڪُوڪ تي نه اونائي ته ڪوڙهيو ٿئي.
    معنى: هي پهاڪو اتحاد جو عمدو مثال آهي ڇوته اتحاد ۾ وڏي برڪت آهي.
     وڇ کير ڏي ته پوءِ مينهن ڇو ڌارجي.
    معنى: جيڪڏهن ميٺ محبت سان ڪم نڪري ته هروڀرو تيک ۽ تاءُ نه ڏيکارجي.
     هرڻي اڳئي نچڻي ويتر پَيس گهنڊڻي.
    معنى: بي ظرف انسان کي دولت هٿ ايندي ته اهو وڌيڪ ڀانڀولجي ويندو.
     مادي ڪڪڙ به ڪڏهن بانگ ڏني!
    معنى: بي همت ماڻهو مان ڪنهن غير معمولي ڪم جي اميد اجائي آهي.
     هنجن سان حرص ڪري اڏاڻي چڙي.
    چڻو هوس چهنب ۾ سو به پيس ڪري.
    معنى: پنهنجي وت وزن کان وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي خواهش ڪبي ته اٽلو نقصان ٿيندو.
     چاڪيءَ ڏاند وڃايو، گهمي گهاڻي چوڌاري.
    معنى: وڃايل وٿ کي صحيح ڏِسَ ۾ ڳولهڻ گهرجي.
     ڄاڻي وڇونءَ جو مَنڊ به نه، هٿ وجهي نانگ ۾.
    معنى: اياڻو ماڻهو پاڻ کي سياڻو سمجهي وت کان وڌيڪ ڪم ۾ هٿ وجهي.
     مور چڱو پرپير ڏنگا.
    معنى: عيب کان ڪو به خالي نه آهي.
     پَلا ڇڏي پاپي ڪو کٽل کڳا کائي.
    معنى: بي شُڪريءَ جو مظاهرو نه ڪجي. الله تعاليٰ ڏئي ته سکيو گذران ڪجي.
     گنجي جي مٿي ۾ جونءَ نه لِيکَ.
    معنى: جيڪو مايا جي موهه کان پري رهندو تنهن کي ڏڪار سڪار جي ڳڻتي ئي ڪا نه هوندي.
     گدڙ ڊاک نه پُڄي آکي ٿُو کٽا.
    معنى: ڪم ڪرڻ جي سگهه نه هجي ۽ فقط بهانا تلاش ڪجن.
     نانگ ريجهائڻ سولو، پر کرو ڪو ڳوهه ريجهائي.
    معنى: سلڇڻو ماڻهو ڳڻ سيکارڻ سان سکي ويندو پر ڪُلڇڻي کي سيکارڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.
     ويهي درياء جي ڀرتي، وجهي واڳونءَ سان وير.
    معنى: پاڻ ڏاڍي سان هٿ اٽڪائڻ مان اوس نقصان ئي پلئه پوندو.


    سنڌي ٻوليءَ جا اصطلاح

    • سنڌي ٻوليءَ ۾ انساني عضون سان منسوب اصطلاح

    ٻولي جي ذريعي ئي هڪ انسان ٻئي انسان آڏو پنهنجي مدعا ۽ مقصد بيان ڪري ٿو. جڏهن ڪو انسان اهڙو اظهار عام لفظن ۾ ڪري ٿو ته اهڙي اظهار کي عام ٻولي سڏيو وڃي ٿو، پر ادبي ۽ شسته زبان لاءِ ناليواري اديب حڪيم فتح محمد سيوهاڻي پنهنجي ڪتاب ”آفتابِ ادب“ ۾ هڪ سڌريل ۽ معياري ٻوليءَ جي حوالي سان جيڪي معيار ٻُڌايا آهن سي هن ريت آهن.

     ٻوليءَ ۾ ڪراهت يا گراني نه هجي. يعني لفظن جا آواز ٻڌندڙ جي ڪنن ۽ دل تي بار جو باعث نه بڻجن.
     دنيا جي هر هڪ شيءِ جا نالا ۽ هر هڪ معنيٰ لاءِ وٽس لفظ موجود هجن، کوٽ جي صورت ۾ ٻين ٻولين مان لفظ وٺي به پورائوو ڪري.
     وٽس هڪ معنيٰ لاءِ گهڻا لفظ ۽ هڪ لفظ جون گهڻيون معنائون هئڻ گهرجن.
     هم قافيه، تُڪ بندي ۽ تجينس حرفي وارا لفظ پڻ ادبي ٻوليءَ جي اهڃاڻن مان ليکيا وڃن ٿا.
     ٻولي ٻين ٻولين مان لفظ وٺي پاڻ ۾ جذب ڪرڻ جي صلاحيت رکندي هجي.
     ٻين ٻولين کي پڻ پنهنجي لفظن جي خزاني مان کُلي دل سان لفظ آڇيندي هجي.
     نئين ايجادات سان گڏ انهن لاءِ نوان لفظ گهڙي سگهي يا ٻين ٻولين مان حاصل ڪري پاڻ ۾ جذب ڪرڻ جي سگهه رکندي هجي.
     منجهس اهڙي صلاحيت هجي جو انسائيڪلوپيڊيا تيار ڪري سگهجي.
     گرامر مطابق هجي.
     علم بديع و بيان ۽ علم معاني جي خزاني سان مالا مال هجي.
     منجهس اصطلاح ۽ محاورا، تشبيهون ۽ ڪنايا، مثال ۽ پهاڪا ملڪ جي رسم و رواج ۽ ماڻهن جي سڀاءَ ۽ طبيعت مطابق جڙيل هجن.

    سنڌي زبان کي اسان مذڪوره معيارن تي پرکيون ٿا ته معلوم ٿئي ٿو ته ان ۾ اهي ڪُلي خوبيون موجود آهن. ان ڪري سنڌي ٻوليءَ جو شمار بنا مبالغي دنيا جي سڌريل ۽ ترقي يافته ٻولين ۾ ڪري سگهجي ٿو.
    هن مقالي ۾ فقط سڌريل ٻوليءَ جي هڪ اهم خوبي يعني ٻوليءَ ۾ اصطلاحن جي استعمال جو ذڪر ڪيو ويو آهي. اصطلاح ۽ محاورا سڌريل ۽ ادبي ٻوليءَ جي جان هوندا آهن. سنڌي ٻوليءَ جي اها انفراديت آهي جو اها اصطلاحن جي خزاني سان مالامال آهي. منهنجي خيال ۾ دنيا جي ٻي ڪنهن به سڌريل ٻوليءَ ۾ اهڙا ۽ ايترا با معنى ۽ خوبصورت اصطلاح شايد ئي هجن، جيترا سنڌي ٻولي زبان ۾ موجود آهن.
    سنڌي زبان جي اصطلاحن جي انفراديت ۽ معنويت کي هڪ ئي مقالي ۾ سموهڻ ۽ سهيڙڻ سولو نه آهي. تنهنڪري هن مقالي ۾ آئون فقط انهن اصطلاحن تي اڪتفا ڪندس، جيڪي انساني جسم جي عضون سان تعلق رکن ٿا ۽ نهايت خوبصورت ۽ با معنى آهن. جيئن ته اهڙن اصطلاحن جو تعداد وڏو آهي، تنهنڪري هتي فقط انهن اصطلاحن جو وچور پيش ڪجي ٿو. مقالي ۾ ندرت اها آهي جو مون اهڙن اصطلاحن کي مٿي جي وارن کان ويندي پيرن جي کُڙين تائين ترتيب سان رکيو آهي. ٻين لفظن ۾ ته اهي اصطلاح سَر تا پا آهن.

     وار
    وار جو به نالو نه وٺڻ.: ڪجهه به نه چوڻ.
    وار وار بچڻ. : صفا سلامت رهڻ، ذرو به نقصان نه ٿيڻ.
    وار پوڻ . : چير ٿيڻ.
    وار جي کل لاهڻ. : ذرو پرزو جاچي ڏسڻ.
    وار سان ٻڌل هئڻ. : تابعدار/ فرمانبردار هئڻ.
    وار ڪترڻ سان مُردو هلڪو نه ٿيڻ. : ٿوري خرچ سان خزانو نه کُٽڻ.
    وار کڙا ٿي وڃڻ . : خوف طاري ٿيڻ / جوش اچي وڃڻ.
    وار وڇائڻ. : مِٽي مائٽي ڪرڻ/ نياڻيءَ جو سنڱ ڏيڻ.
    وار ونگو نه ٿيڻ : ڪو به جوکو نه پهچڻ.

     مٿـو
    مٿا مونا هڻڻ. : ڪوشش ڪرڻ / تڪليف وٺڻ.
    مٿو تپڻ. : مجبور ٿيڻ/ ڏکيائي ۾ مبتلا ٿيڻ.
    مٿو ٽيڪڻ. : ڏَنُ ڏيڻ / پيش پوڻ.
    مٿو کائڻ. : گوڙ ڪرڻ / بڪواس ڪرڻ.
    مٿو ڪوڙڻ. : ٺڳڻ / ڦُرڻ.
    مٿو مارڻ / کپائڻ. : سمجهائڻ / نصيحت ڪرڻ.
    مٿا ڪٽ ڪرڻ. : وڏي محنت ڪرڻ/ جفاڪشي ڪرڻ.
    مٿو هڻڻ. : بار بار سمجائڻ.
    مٿي تي چاڙهڻ. : مَنُ وڌائڻ / گهڻو پيار ڪرڻ.
    مٿي تي چڙهڻ. : گستاخي ڪرڻ.
    مٿي تان بار لاهڻ. : قرض ادا ڪرڻ / فرض ادا ڪرڻ.
    مٿي تي کڻڻ. : پنهنجي ذمي ڪرڻ.
    مٿي تي هٿ ڦيرڻ. : چَٽَ ڏيڻ / دلاسو ڏئي ڪم وٺڻ.
    مٿي تي هٿ هئڻ. : سنڀال ڪرڻ/ رعايت ڏيڻ.
    مٿي تي ڇانون ڪرڻ.: پناهه ڳولهڻ/ اجهو حاصل ڪرڻ.
    مٿي کان پاڻي چڙهي وڃڻ. : حد کان وڌيڪ ڳالهه ٽپي وڃڻ.
    مٿي کان پيرن تائين باهه لڳڻ. : سخت عضي ۾ اچڻ.
    مٿي سان ڪفن ٻڌڻ. : موت لاءِ تيار ٿي جهاد ۾ گهرڻ.
    مٿي کنهڻ جي واندڪائي نه هئڻ. : تمام گهڻو مشغول رهڻ.
    مٿي ميڙ ڪرڻ. : لائون ڏيارڻ.
    مٿي جا وار هئڻ. : بيشمار هئڻ / گهڻي انداز ۾ هئڻ.
    مٿي هيٺيان وهاڻو ڏيڻ.: بي فڪر ٿي ويهڻ.

     مغز
    مغز کائڻ / ڪَچو ڪرڻ. : تنگ ڪرڻ / بڪواس ڪرڻ.
    مغز ۾ واءُ هئڻ. : مغرور ٿيڻ.
    مغز جاءِ نه هئڻ. : چريو / بيوقوف هئڻ.
    مغز ۾ واٽون ڪرڻ. : تمام گھڻو پريشان ڪرڻ.

     دماغ
    دماغ رکڻ. : وڏائي/ غرور ڪرڻ /وڏي قابليت رکڻ.
    دماغ چَٽي وڃڻ. : مٿو کائي وڃڻ/ گهڻو تنگ ڪرڻ.
    دماغ خراب ٿيڻ. : مستي ٿيڻ / چريو ٿي پوڻ.

     ڪـنــڌ
    ڪنڌ تي ڪاتي اچڻ. : لاچار / مجبور ٿيڻ.
    ڪنڌ ڪڍائڻ. : نٽائڻ / گُسائڻ.
    ڪنڌکڻڻ. : مانَ وارو ٿيڻ / سَنمُک ٿيڻ.
    ڪنڌ کڻي نه سگهڻ. : شرمندو ٿيڻ.
    ڪنڌ لهي پوڻ / وڃڻ. : قتل ٿيڻ / ڪجھ به ٿي پوڻ.
    ڪنڌ مٿي ڪرڻ. : عزت وڌائڻ.
    ڪنڌ ۾ ڪِلي هئڻ. : مغرور هئڻ.
    ڪنڌ هيٺ ڪرڻ. : لڄ ڪرڻ / ڏوهه باسڻ.
    ڪنڌ ڀرِ ڪِرڻ. : وڏو ڌڪ رسڻ/ نقصان هيٺ اچڻ.
    ڪنڌ وٺڻ. : گهڻي تڪليف ۾ مبتلا ٿيڻ.
    ڪنڌ ڪپائڻ. : قرباني ڏيڻ لاءِ تيار ٿيڻ.

     ڪياڙي
    ڪياڙي کنهڻ. : لڄي / شرمندو ٿيڻ.
    ڪياڙي ڦيرائي ڇڏڻ. : چڱي چپيٽ ڪڍڻ.

     گَردن
    گردن تي چڙهي ويهڻ.: گهڻو سوڙهو پوڻ / جند نه ڇٽڻ. گردن ڪَڇِڻ / مروڙڻ : قتل ڪرڻ.
    گردن ڦاسائڻ. : ذميواري کڻڻ / پاڻ کي ٻڌل رکڻ.
    گردن ڦيرڻ. : نافرماني ڪرڻ / حڪم نه مڃڻ.
    گردن جهڪائڻ. : عاجزي ڏيکارڻ / تسليم ڪرڻ.

     ڳچي
    ڳچيءَ پوڻ. : وچڙي وڃڻ / ڦاسائي وجھڻ.
    ڳچيءَ کان وٺڻ : جوابدار رهڻ/ پڪڙڻ/ روزيءَ ڦاسائڻ.
    ڳچيءَ ۾ ڳارو وجهڻ: نئڙت ڪرڻ/ عاجزي ڪرڻ.

     ڳل/ ڳَلو
    ڳل تان ڳوڙهو نه سُڪڻ.: رات ڏينهن روئندو رهڻ.
    ڳل پوڻ. : زوريءَ شامل ٿيڻ / اُنڊ وٺي جھيڙو اٽڪائڻ.
    ڳلي لڳڻ / لڳائڻ : ملڻ / همدردي جو اظهار ڪرڻ.

     ڳاٽو
    ڳاٽو. : گرفت مضبوط ڪرڻ/ هٿيڪو ڪرڻ.
    ڳاٽي ڀڳو خرچ ڪرڻ: فضول خرچي ڪرڻ.
    ڳاٽو ڀڄڻ. : وڏو بار مٿان پئجي وڃڻ.

     ڪَنُ
    ڪن ٻوساٽڻ / لڪائڻ: ٻڌو اڻ ٻڌو ڪرڻ / ماٺ ۾ گذارڻ.
    ڪنَ ڀرڻ. : چغلي ڪرڻ.
    ڪَنَ تي پوڻ. : معلوم ٿيڻ يا ٻُڌڻ.
    ڪَنَ پڪڙڻ. : پڇتائڻ / توبهه ڪرڻ.
    ڪنن جو ڪچو هئڻ. : ٻُڌي ڳالهه تي جلد ويساهه ڪري ويهڻ.
    ڪن جون ڳالهيون ڪرڻ. : ڳجيهون ڳالهيون ڪرڻ/ چغلي ڪرڻ.
    ڪَنَ ڪيٽا ڪرڻ. : هوشياري وٺڻ.
    ڪَنَ ڇڏائڻ. : بار کان آجو ٿيڻ.
    ڪَنُ ڏيڻ. : غور سان ٻڌڻ.
    ڪن ڪترڻ. : ٺڳڻ، جُٺ ڪرڻ.
    ڪَنُ هئڻ. : سنڀالي هلڻ / برابري ڪرڻ.
    ڪَنَ کائڻ. : گهڻو ڳالهائڻ.
    ڪَنَ کڙاڪرڻ. : تياري ڪرڻ.
    ڪَنَ کولڻ. : خبردار ڪرڻ.
    ڪَنَ ۾ ٽٻي ڏيارڻ. : تمام جلدي ڪري وٺڻ.
    ڪَنَ ڦوڪَ ڏيڻ. : اڳواٽ خبردار ڪرڻ.
    ڪَنن ۾ ڪپهه وجهڻ: ڌيان نه ڏيڻ / نه ٻڌڻ.
    ڪَنَ سيءُ ٿيڻ. : خدشو ٿي بيهڻ.

     پنبڻيون
    پنبڻين سان ٻهارڻ. : خلوص سان خدمت ڪرڻ.
    پنبڻين سان لوڻ کڻائڻ. : ڏاڍو ڏکيو ڪم ڪرائڻ.
    پنبڻين جي پاڇي ۾ هجڻ. : تمام قريب رهڻ.
    پنبڻيون نه پُسڻ. : رحم نه اچڻ.

     اکيون
    اکين اڳيان اونداهي اچڻ : مٿو ڦرڻ / سخت صدمو پهچڻ.
    اکين اڳيان ڦرڻ. : خيال يا تصور ۾ نظر اچڻ.
    اکين تي پٽي ٻڌڻ : فريب ڪرڻ / ڌوڪو ڏيڻ.
    اکين تي پردا چڙهڻ. : حياءُ شرم ڇڏي وڃڻ.
    اکين تي پنبڻين جو بار نه ٿيڻ.محبوب جي ڪا ڳالهه ڳري نه لڳڻ
    اکين تي چرٻي چڙهڻ.: بي حيا / بي مروت ٿيڻ.
    اکين تي رات ڪاٽڻ. : ساري رات اوجاڳو ڪرڻ.
    اکين تي رکڻ. : دل جان سان قبول ڪرڻ.
    اکين تي کوپا چڙهي وڃڻ.: چڱيءَ مٺي جي خبر نه پوڻ.
    اکين تي ويهارڻ. : سچائيءَ سان آڌرڀاءُ ڪرڻ.
    اکين تي هٿ ڏيڻ. : ٺڳي ڪرڻ / ڦُرڻ
    اکين جو ٺار/ نور هئڻ: سڪيلڌو پٽ هئڻ.
    اکين جا تارا ڦري وڃڻ: دم نڪرڻ کي ويجهو اچڻ.
    اکين جو ڍوء هئڻ. : اجايو حرص ڪرڻ.
    اکين جو سُرمو چورائڻ. : نهايت چالاڪي کان ڪم وٺڻ.
    اکين جي ديد وڃائڻ. : لحاظ/ مروت ڇڏي ڏيڻ.
    اکين کان سڄو ٿيڻ. : انڌو ٿي پوڻ / ڏسي نه سگهڻ.
    اکين ۾ تُرڻ. : نه وڻڻ / ناپسند هئڻ.
    اکين ۾ جاءِ ڏيڻ . : سڪ سان آجيان ڪرڻ.
    اکين ۾ سرمو وجهڻ. : فريب ڏيڻ / ٺڳي ڪرڻ.
    اکين ۾ ڪنڊ هئڻ. : ويري يا دشمن هئڻ.
    اکين ۾ گَهُر ڪرڻ. : گهڻي محبت ٿي وڃڻ.
    اکين ۾ هئڻ. : ياد گيري، خيال ۾ هئڻ.
    اکين وارو ٿيڻ. : شناس ڌارڻ.
    اکيون ٻوٽڻ. : بيحائي جي هلت هلڻ.
    اکيون ٻوٽي ڪم ڪرڻ. : بيپرواهي سان ڪم ڪرڻ.
    اکيون ٻوٽي هليو وڃڻ. : رستو سلامتي وارو هئڻ.
    اکيون پٽڻ. : خبردار / هوشيار ٿيڻ.
    اکيون ٺپرائڻ. : سڃاڻڻ جي قوت پيدا ڪرڻ.
    اکيون ٺري پوڻ. : ڏاڍو خوش ٿيڻ.
    اکيون ڦاٽي وڃڻ. : حيران ٿي وڃڻ.
    اکيون ٽمڪائڻ. : تڪيندو رهڻ / افسوس ڪرڻ.
    اکيون پائڻ / پائي ويهڻ. : اميد آسرو رکڻ / تاڙي ويهڻ.
    اکيون ڦوٽارڻ. : ڪاوڙ ڪرڻ.
    اکيون جاءِ ڪرڻ . : ڏسي وائسي هلڻ.
    اکيون ڏرا ڏئي وڃڻ. : هيڻو / ڪمزور ٿي وڃڻ.
    اکيون رت ڇڏڻ. : سخت غيرت اچڻ.
    اکيون زمين ۾ کُپي وڃڻ. : تمام گهڻو شرمسار ٿيڻ.
    اکيون سبڻ. : فريب ڪرڻ / اکين اڳيان ٺڳي وڃڻ.
    اکيون سيڪڻ. : ديدار ڪرڻ.
    اکيون ڪڍڻ. : ٻئي کي فائدو نه ڏيڻ.
    اکيون لال ڪرڻ. : ڪاوڙ ڏيکارڻ.
    اکيون لڳي چار ٿيڻ. : هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ٿيڻ.
    اکيون کلي وڃڻ. : غفلت جو پردو لهي وڃڻ.
    اکيون کڻي نه سگهڻ .: ڏاڍو شرمسار ٿيڻ.
    اکيون ويهجي وڃڻ. : نظر گهٽجي وڃڻ.
    اکيون وجهڻ. : تاڙڻ / تاڙي ويهڻ.
    اکيون هيٺ ڪرڻ. : شرمائڻ / لڄ ڪرڻ.
    اکيون هيٺ ڪري هلڻ: نئڙت سان هلڻ.
    اکيون ڏسڻ. : ڪاوڙ يا غصوڏسڻ.
    اکيون ڏيکارڻ. : مهميز ڪڍڻ / ڌمڪي ڏيڻ.
    اکيون وٺي ويهڻ. : نظر بنهه نه پوڻ.
    اک بُري ڪرڻ. : بُڇڙي ارادي سان ڏسڻ.
    اک ٻوٽ کيڏڻ. : لڪي ڇُپي ڪنهن لاءِ شرارت ڪرڻ.
    اک ٻوٽڻ. : بيحيائي ڪرڻ / گذاري وڃڻ.
    اک ڀڃڻ. : اشارو ڪرڻ / محبت جو اظهار ڪرڻ.
    اک ٽيٽ ڪرڻ. : اڻ لَکونهارڻ.
    اک پئجي وڃڻ. : اوچتو ڏسي وٺڻ.
    اک ڦَرَڻ. : اک جو ڦرڪڻ.
    اک پٽڻ . : هوشيار ٿيڻ.
    اک ڇنڀ ۾ ڪرڻ. : فوري طور ڪري ڏيکارڻ.
    اک ڏيکارڻ. : ڇَنڊَ ڪڍڻ / ڌمڪي ڏيڻ.
    اک ڪڍڻ. : سج جو اُڀرڻ / طلوع ٿيڻ.
    اک ڪڍي وٺڻ. : ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ.
    اک کي ڇوڏو ٻڌڻ. : اميد نه ڪرڻ / ڀرسو نه ڪرڻ.
    اک کُلڻ . : هوش ۾ اچڻ / حقيقت معلوم ٿيڻ.
    اک کولڻ. : خبردار ٿيڻ / هوشياري وٺڻ.
    اک لڳڻ. : ننڊ جو جهوٽو اچڻ.
    اک کڻڻ. : نهارڻ / منهن مٿي جهلڻ.
    اک مٽائڻ. : رُکي نموني پيش اچڻ.
    اک لڄائڻ. : شرم کان ڪنڌ نوائي ڇڏڻ.
    اک وٺي وڃڻ. : چوريءَ کسڪي وڃڻ.
    اک هڻڻ / هڻي ڇڏڻ. : ڳجهيءَ طرح همٿائڻ/ اشارو ڪري ڇڏڻ.

     تارا
    تارا ڏيکارڻ. : ڊيڄارڻ.
    تارا ڦوٽارڻ. : ڪاوڙ سان ڏسڻ.
    تارا ساوا ٿيڻ. : حيران ٿي وڃڻ.
    تارا ڪڍي ڇڏڻ. : سخت سزا ڏيڻ.

     نَــــڪُ
    نڪ ٻوڙڻ. : لڄ ڇڏڻ / بيحياءُ ٿيڻ.
    نڪ تائين ڀرجڻ. : تمام گهڻو کائڻ.
    نڪ تي مک ويهڻ نه ڏيڻ: ذرو به احسان نه کڻڻ.
    نڪُ ٽوپڻ. : ڇوڪريءَ جي مڱڻي جي رسم ادا ڪرڻ.
    نڪ رڳڙڻ. : خوشامد ڪرڻ / توبهه تائب ٿيڻ.
    نڪ کي مَرُ لائڻ. : پاڻ کي لڄائڻ / گلارو ڪرڻ.
    نڪ کڻي ڳالهائڻ. : حياء شرم سان ڳالهائڻ.
    نڪ ۾ دم ڪرڻ. : ڏاڍو تنگ ڪرڻ.
    نڪ ۾ نوڙي هئڻ. : احسان جو بار هئڻ.
    نڪ نوڙي وجهڻ. : مجبور ڪرڻ/ وس ۾ آڻڻ.
    نڪ وڍڻ. : شرمائڻ/ گهٽ وڌ ڳالهائڻ.
    نڪ مٿي ڪرڻ. : عزت ۽ مانُ بخشڻ.
    نڪ وارو هئڻ. : عزت ۽ شان وارو هئڻ.
    نڪُ هئڻ. : مکيه/ ڪارائتو هئڻ/ لڄ شرم هئڻ.

     ناس
    ناس پِتو هئڻ. : شرم / لڄ هئڻ.
    ناس پِتو ٻوڙڻ. : شرم حياء وڃائڻ.
    ناسون هڻڻ. : بي مقصد ڀٽڪندو رهڻ/ نوس نوس ڪرڻ.

     چَپَ
    چَپَ چورڻ. : ڳالهائڻ / گفتگو ڪرڻ.
    چَپَ چَٽِڻ. : افسوس / ارمان ڪرڻ.
    چَپَ ڪڍڻ. : روئڻ جهڙي شڪل بڻائڻ.
    چَپَ ڀيڪوڙڻ. : عضي جو اظهار ڪرڻ / شديد تڪليف ٿيڻ.

     وات
    وات ٻَڌڻ / ٻڌي ويهڻ. : چپ ڪري ويهڻ.
    وات تي آڻڻ. : ياد ڏيارڻ / جتائڻ.
    وات ٽُڪاڻي ڪرڻ. : مٿاڇري صلاح ڪرڻ.
    وات پاڻي پاڻي ٿيڻ. : هِرکي پوڻ.
    وات ڦاڙي ويهڻ . : گهڻي لالچ ڪرڻ.
    وات ڀري کَنڊُ کائڻ. : گندو گفتگو ڪرڻ/ نالا وٺي گهٽ وڌ ڳالهائڻ.
    وات خرچ ٿيڻ. : زباني چوڻ تي ڪم ڪرڻ.
    وات رادو هئڻ. : گهڻ ڳالهائو هئڻ.
    وات رکڻ. : پرهيز ڪرڻ / رک ڪرڻ.
    وات سبڻ. : خاموش رهڻ.
    وات ڪرڻ. : ڏاڍيان ڳالهائڻ / گوڙ ڪرڻ.
    وات ڪِنو ڪرڻ. : گاريون گند ڪڍڻ.
    وات کائڻ اک لڄائڻ. : احسان ڪرڻ واري آڏو لڄي ٿيڻ.
    وات کولڻ. : ڳالهائڻ لاءِ مجبور ڪرڻ
    وات کي ڪَنڊو ڪُرڙو نه هئڻ : ڳالهه چوڻ ۾ زبان کي تڪليف نه ٿيڻ.
    وات کي لغام ڏيڻ. : خاموشي اختيار ڪرڻ/ سنڀالي ڳالهائڻ لاءِ چوڻ.
    وات ڳاڙهو هئڻ : ناتجربيڪار هئڻ/ ننڍو بي سمجهه هجڻ
    وات مان کير جي بُوءِ اچڻ: انتهائي ناتجربيڪار هجڻ.
    وات مان گُلَ ڪِرڻ. : سهڻا گفتا ڪرڻ / ٽوڪ ڪرڻ.
    وات مٺو ڪرائڻ. : رشوت ڏيڻ/ خوشي حاصل ٿيڻ تي ڪجهه کارائڻ.
    وات ۾ مڱ وجهڻ. : چئي نه سگهڻ/ سچ نه چوڻ.
    وات ننڍو ڳالهه وڏي ڪرڻ. : وڌائي ڳالهه ڪرڻ/ ٻٽاڪ هڻڻ.
    وات وجهڻ. : چکڻ.
    وات وڪيل هئڻ. : پنهنجو فيصلو
    پاڻ ڪري سگهڻ جي صلاحيت. هجڻ.
    وات وِٽارڻ. : پرهيز نه ڪرڻ.
    وات سنگهڻ. : ٻي جو راز معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ.
    وات هڻڻ. : گهٽ وڌ ڳالهائڻ / بڪواس ڪرڻ.

     واڇ
    واڇ ٽڙي وڃڻ / گودو ٿيڻ. : وائڙو ٿي وڃڻ.
    واڇون چيڀري ڇڏڻ. : سخت ڌمڪي ڏيڻ.

     زبان
    زبان تي مهر هئڻ. : احسان ڪرڻ يا ڌمڪي ڏيڻ سان زبان کي بند ڪرائڻ.
    زبان تي آڻڻ. : عام تذڪرو ڪرڻ.
    زبان ڦيرڻ. : وعده خلافي ڪرڻ.
    زبان جو مٺو هئڻ. : مروت ۽ لحاظ سان ڳالهائڻ
    زبان چورڻ. : بيان ڏيڻ / ڳالهائڻ.
    زبان خِلق نقاره خدا هئڻ: جيڪي عام طرح ماڻهن جي زبان تي هجي اهو ٿي پوڻ.
    زبان ڏيڻ / ڪرڻ. : واعدو ڪرڻ.
    زبان قابو ۾ رکڻ. : سوچي سمجهي ڳالهائڻ.
    زبان ڪڍي / ڪٽي ڇڏڻ.: سخت سزا ڏيڻ
    زبان مان ڪڍڻ. : رڳو حڪم جي دير هئڻ.
    زبان نه گَسڻ. : ڪا به تڪليف نه ٿيڻ.
    زبان درازي ڪرڻ. : بدتميزي واري گفتگو ڪرڻ.
    زبان تي مهر هئڻ. : ڊپَ/ مجبوريءَ وچان سچ نه چئي سگهڻ.
    زبان جو پڪو هئڻ. : وعده وفائي ڪرڻ.

     ڏند
    ڏند ڀڃڻ. : سيکت ڏيڻ.
    ڏندن جي وچ ۾ زبان وانگر هئڻ : دشمنن جي وچ ۾ سلامت رهڻ.
    ڏند چپن سان لڳڻ. : حيرت ۾پوڻ/ عجب کائڻ.
    ڏند ڏسڻ. : عمر جاچڻ.
    ڏند ڏيڻ. : جهيڙو ڪرڻ / اٽڪاءُ ٿيڻ،
    ڏند ڪڍڻ. : ڦڪو کلڻ/ ڦڪو ٿيڻ/ لڄي ٿيڻ.
    ڏند ڪرٽڻ. : جَڪَ کائڻ/ جوش ۾ اچڻ.
    ڏند آڱريون اچڻ. : حيرت ۾ پئجي وڃڻ.
    ڏندين ڏاند هجڻ : همت ڀريو هئڻ.
    ڏند کوٽڻ لاءِ ڪکُ نه بچڻ.: سڀ ڪجهه تباهه ٿي وڃڻ.

     هوڙ
    هوڙ کي ئي نه لڳڻ. : صفاڍءُ نه ٿيڻ.
    هوڙ هري پوڻ. : عادت پئجي وڃڻ.

     ڏاٺَ
    ڏاٺَ چورڻ. : حرام کائڻ تي هرڻ.
    ڏاٺ گرم ڪرڻ. : رشوت کائڻ.
    ڏاٺ هرڻ. : هري پوڻ/ سواد يا لذت اچڻ.
    ڏاٺون ڏيڻَ. : تڪڙو پوڻ/ تکو مٺو ڳالهائڻ.

     ڪاڪڙو
    ڪاڪڙو ڪَرڻ/ هڻڻ. : وڏي وات ڳالهائڻ.
    ڪاڪڙو ڪِرڻ. : ڳلي جي تڪليف ٿيڻ.
    ڪاڪڙو ڪڍڻ. : سزا جي ڌمڪي ڏيڻ.
    ڪاڪڙو ڦاٽڻ. : وڏيون رڙيون ڪرڻ.

     مُڇَ
    مُڇَ چوپڻ. : ڪنجوسي ڪرڻ.
    مُڇَ ڏيڻ/ مُڇ تي هٿ رکڻ. : انجام ڏيڻ/ واعدو ڪرڻ.
    مُڇَ کي وڪڙ ڏيڻ/ مروڙڻ.: آڪڙ ڪرڻ / وڏائي ڏيکارڻ.
    مُڇَ سڻڀي ڪرڻ. : شان مانُ رکڻ/ هيڻو حال لڪائڻ.
    مُڇَ مکائي لاءِ نه ڏيڻ : بلڪل ٿورو ڏيڻ/ ملڻ.
    مُڇون پٽڻ/ پٽائڻ. : ذليل ۽ خوار ٿيڻ.
    مُڇَ مرد جو شان هجڻ: مڇ کي مرد لاءِ ضروري سمجهڻ.

     ڏاڙهي
    ڏاڙهي ٻئي جي هٿ ۾ ڏيڻ. : پَرَوَسِ رهڻ.
    ڏاڙهي پٽي تِري ڪري ڇڏڻ. :عزت لاهڻ/بيمانو ڪرڻ.
    ڏاڙهي ڏيڻ. : پڪو انجام ڏيڻ.
    ڏاڙهي مڇ ۾ ۽ مڇ ڏاڙهيءَ ۾ ڪرڻ :پَٽي سَٽي پورائو ڪرڻ.
    ڏاڙهيءَ ۾ ئي ڪين هئڻ. : همت نه هئڻ / لياقت نه هجڻ.
    ڏاڙهي پَٽَ هئڻ. : افراتفري جو ماحول هجڻ.

     مُنهن
    مُنهن ٻَرڻ. : نور بکڻ / پيشاني چمڪڻ.
    مُنهن ڀت سان لڳڻ. : پڇتائڻ / شرمندو ٿيڻ.
    مُنهن ڀَڄَڻ. : نه وڻڻ/ پسند نه اچڻ.
    مُنهن ڀيلو ٿيڻ. : شڪي ٿيڻ / شرمندگي ٿيڻ.
    مُنهن تڪڻ. : آسرو رکڻ.
    مُنهن پاڻي ورائڻ. : تندرست ٿيڻ / صحتمند ٿيڻ.
    مُنهن تي نه پوڻ. : شان وٽان نه هئڻ.
    مُنهن تي چڙهڻ. : روبرو ٿيڻ / ملڻ.
    مُنهن / مهڙ ٿيڻ. : ڏوهه بيهڻ / ثابت ٿيڻ.
    مُنهن ڌوئڻ. : ڪو خاص ڪم ڪري ڏيکارڻ.
    مُنهن ڦري وڃڻ. : شرمندو ٿيڻ.
    مُنهن ڏسي مٺائي گهرڻ: حيثيت جاچي سوال ڪرڻ.
    مُنهن ڏيڻ. : مقابلو ڪرڻ.
    مُنهن سبي ڇڏڻ. : ڪجهه ڏئي وٺي شڪايت بند ڪرائڻ.
    مُنهن ڪارو / اڇو هئڻ.: ڪا به لياقت نه هجڻ.
    مُنهن ڪرڻ. (جھنگ مُنهن ڪرڻ): ڀڄي هليو وڃڻ.
    مُنهن ڪڍڻ. : ڦيرو ڪرڻ.
    مُنهن ڪوڙو ڪرڻ. : ارهائي جو اظهار ڪرڻ.
    مُنهن ڪرو ڪرڻ. : بي حيائي جو ڪم ڪرڻ.
    مُنهن ڪوئنر هئڻ. : نرم دل هجڻ.
    مُنهن وٺي وڃڻ. : لَڄي ٿيڻ / ڦڪو ٿيڻ.
    مُنِهن لائڻ. : روبرو اچڻ جي اجازت ڏيڻ.
    مُنِهن پوڻ. : پردو / حجاب نه ڪرڻ.
    مُنهن لهي وڃڻ. : شرمندو ٿيڻ/ لَڄي ٿيڻ.
    مُنهن مٿي ڪرڻ : شانُ وڌائڻ.
    مُنهن مٿو هڪ ڪري ڇڏڻ.: ماري مُنهن سُڄائي ڇڏڻ.
    مُنهن مَٽِڻ / موڙڻ. : واسطو گهٽائي ڇڏڻ.
    مُنهن مَکي گهمڻ. : اڻهوندکي لڪائي هلڻ.
    مُنهن ۾ ٻه اکيون چوڻ: ڏوراپو ڏيڻ.
    مُنهن ۾ نمڪ هئڻ. : چهري ۾ رونق هئڻ.

     ڳچي
    ڳچيءَ پوڻ. : وچڙي وڃڻ / ڦاسائي وجهڻ.
    ڳچيءَ کان وٺڻ. : ذميوار بڻائڻ / پڪڙڻ.
    ڳچيءَ ۾ ڳارو وجهڻ.: عاجزي سان هلڻ / نئڙت ڪرڻ.

     نِڙي
    نِڙيءَ تي لت ڏيڻ. : لاچار ڪري ڇڏڻ/ زوريءَ ڪم وٺڻ.
    نِڙيءَ مان پاڻي بَکڻ. : نهايت خوبصورت هئڻ.
    نِڙي تي نَنهُن ڏيڻ. : سخت سزا ڏيڻ/ بيوس بڻائي ڇڏڻ.

     ڪُلهو
    ڪُلهو ڏِيِڻ. : ميت جو جنازو کڻڻ
    ڪُلها گٺل هئڻ. : تڪليف تي هريل هئڻ.
    ڪُلهي ڪانڌي ٿيڻ. : مشڪل وقت ۾ ڪم اچڻ.
    ڪُلهي جوسي ٿيڻ. : برابري ڪرڻ.
    ڪُلهي گيهه هئڻ. : تمام گهڻو هجوم هئڻ.
    ڪُلهو هڻڻ. : ڪنهن سان برابري ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ.

     ڪَڇَ
    ڪڇ خالي ٿيڻ. : گهر واري گذاري وڃڻ / جدا ٿيڻ.
    ڪَڇون ٺوڪڻ. : خوشيون ڪرڻ.
    ڪڇون ڏيکارڻ. : مسڪين حال ٿيڻ.

     ٻانهون
    ٻانهن سيراندي ڪرڻ.: بي فڪرو ٿي ويهڻ
    ٻانهن لوڏڻ. : نخري سان هلڻ.
    ٻانهون ڊگهيون هئڻ. : وڏي پهچ / اثر رسوخ وارو هئڻ.
    ٻانهن جو زور لڳائڻ.: پورو وس هلائڻ / وڏي ڪوشش ڪرڻ.

     ٺوٺ
    ٺوٺ هڻڻ. : متوجه ڪرڻ.
    ٺوٺيون ٺوڪڻ. : خوشي جو اظهار ڪرڻ / وڏي ڪاميابي تي سرهو ٿيڻ.

     هٿ
    هٿِ اچڻ. : حاصل ٿيڻ.
    هٿُ اٽڪائڻ. : جهيڙو ڳنڍڻ.
    هٿَ ٻڌڻ / جوڙڻ. : عرض ڪرڻ / ميڙ منٿ ڪرڻ.
    هٿَ تُريل هئڻ. : صحيح اندازو ڪرڻ.
    هٿَ نانگ نچائڻ. : جوئتو ڪم ڪرڻ.
    هٿُ ٽنگڻ. : پنڻ / محتاج ٿيڻ.
    هٿَ ٺارڻ. : سزا ڏيڻ/ مار ڪڍي دل خوش ڪرڻ.
    هٿَ پڄندي هئڻ. : مدد ڪري سگهڻ.
    هٿَ پير چيو ڪرڻ. : پورهئي جي طاقت هجڻ.
    هٿَ پير لهڻ. : ويم ڪرڻ / ٻار جو پئدا ٿيڻ.
    هٿَ پير نه گسڻ. : ڪا به تڪليف نه ٿيڻ.
    هٿَ پير هلائڻ. : پورهيو ڪري روزي ڪمائڻ.
    هٿَ پير چمڻ. : ادب ڪرڻ / عزت ڏيڻ.
    هٿَ ڦاڙ هئڻ. : وڏ خرچائو هئڻ/ فضول خرچي ڪرڻ.
    هٿَ ڦيرائڻ / ڦيرڻ. : چَٽَ ٻڌڻ / ٽيڪر ڏيڻ.
    هٿَ جَس هئڻ. : ڪيل ڪم جو قدر ڪرڻ.
    هٿَ جوڙ هئڻ. : نيازمنديءَ جو رستو هئڻ/ بيزار هئڻ.
    هٿَ جا ليڪا نه ڊهڻ. : مقدر جو لکيو اٽل هئڻ.
    هٿَ جيڏي زبان ڪرڻ. : تمام گهڻو ڳالهائڻ / زبان درازي ڪرڻ.
    هٿَ جي ڪنگڻ کي آرسيءَ جي ضرورت نه هئڻ. : پڌري ڳالهه جي بيان ڪرڻ جي ضرورت نه هئڻ.
    هٿَ جي هڻڻ. : دل مان ڪوڙي ڳالهه ٺاهي ٻڌائڻ.
    هٿُ جهلڻ. : باز اچڻ / بس ڪرڻ.
    هٿَ جي صفائي ڪرڻ: چوري ڪرڻ.
    هٿِ چڙهڻ / چڙهي وڃڻ. : ملي وڃڻ / اوچتو قبضي ۾ اچڻ.
    هٿَ چراند ڪرڻ. : چوري ڪرڻ / کوئنس ڪرڻ.
    هٿَ چيو ڪرڻ. : پُڄندي هئڻ / اثر رسوخ هئڻ.
    هٿَ ڌوئڻ / ڌوئي ويهڻ. : نراس ٿيڻ / نااميد ٿيڻ
    هٿَ ڌوئي پٺيان لڳڻ.: مڪمل تياريءَ سان مخالفت ڪرڻ.
    هٿَ ڌوئارڻ. : خدمت ڪرڻ.
    هٿَ ڏيڻ. : مدد ڪرڻ/ ٽيڪ ڏيڻ.
    هٿَ ڏي ڏسڻ. : محتاج ٿيڻ / ٻئي ڏانهن مدد لاءِ نهارڻ.
    هٿُ ڏسڻ. : نبض جاچڻ / قسمت جي اڳڪٿي ڪرڻ.
    هٿُ ڏيکارڻ. : نبض ڏيکارڻ / اڳڪٿي ڪرڻ.
    هٿَ ڊگها هئڻ. : وڏي پهچ / اثر رسوخ هئڻ.
    هٿُ ڊگهو ڪرڻ. : وڏن سان سامهون ٿيڻ.
    هٿُ ڊگھيرڻ. : مدد گھُرڻ.
    هٿَ ڍرا ڪرڻ. : همت هارڻ.
    هٿُ رکڻ. : پنهنجو ڪرڻ / مدد ڪرڻ.
    هٿُ رکڻ نه ڏيڻ. : تيز پر هئڻ / اجازت نه ڏيڻ.
    هٿَ سونا هئڻ. : وڏو ڪاريگر / هنرمند هئڻ.
    هٿُ سنئون هئڻ. : بي ادبي ڪرڻ / سامهون ٿيڻ.
    هٿُ گرم ڪرڻ. : رشوت ڏيڻ / وٺڻ.
    هٿُ ڪڍڻ/ ڪڍي وڃڻ: لاڳاپو ٽوڙي ڇڏڻ.
    هٿِ ڪرڻ. : حاصل ڪرڻ / پڪڙڻ.
    هٿُ وڍي ڏيڻ / مُڇي ڏيڻ: لکي پڙهي ڏيڻ.
    هٿَ کَسَ هئڻ. : ڦرلٽ يا زوري ڪرڻ.
    هَٿُ کڻڻ. : واسطا ٽوڙڻ.
    هَٿَ کڻڻ. : دعا گهرڻ/ جهمر هڻڻ.
    هٿُ ڳنڍڻ. : وڙهڻ/ جهڙو ڪرڻ.
    هٿُ لائڻ. : گستاخي ڪرڻ/ مارَ ڪُٽ ڪرڻ.
    هَٿَ لڳڻ. : چپيٽ اچڻ.
    هٿُ مُنجهڻ. : محتاج ٿيڻ / پئسو نه هئڻ.
    هٿَ مهٽڻ/ مَلڻ. : افسوس ڪرڻ/ پڇتائڻ.
    هٿَ ۾ هئڻ. : اختيار ۾ هئڻ.
    هٿَ ۾ ڏوئي هئڻ. : ورهائڻ جو اختيار هئڻ.
    هٿَ ۾ روٽي مٿي ۾ سوٽي ڏيڻ. : ٿورو ڪري هرهر جتائيندو رهڻ.
    هٿَ ۾ قرآن ڪڇ ۾ ڇري هئڻ : لڪل دشمني ڪرڻ.
    هٿَ نصيب ٿيڻ. : واهر ٿيڻ.
    هٿڙي هڻڻ. : چوري ڪرڻ.
    هٿن تي پِرتا ڪرڻ. : اتي جو اتي ڪري ڏيکارڻ.
    هٿن جا ليڪا ڊهڻ. : ويجهي مائٽي ڇڄي وڃڻ/ اصل نسل گم ٿيڻ.
    هٿن جو ڄاول هئڻ / هٿن جو ٻار هئڻ. : عمر ۾ گهڻو ننڍو هئڻ.
    هٿن مان نڪري وڃڻ. : ڏاڍو چڙي وڃڻ/ حاصل نه ٿي سگهڻ.
    هٿئون ڏئي دوزخ وهائڻ. : نيڪي ڪري دشمني پرائڻ.
    هيٿن پوڻ. : غير عورت سان نازيبا رويو اختيار ڪرڻ / جهيڙو ڪرڻ.
    هٿين خالي هئڻ. : نادرا / مفلس هئڻ.
    هٿُ وجهڻ. : ڪم شروع ڪرڻ.
    هٿَ وجھڻ. : پرائي عورت سان گستاخي ڪرڻ.
    هٿَ هڻڻ. : پڇتائڻ.
    هٿُ وٺي جهيڙو ڪرڻ. : زوريءَ وڃي وڙهڻ.
    هٿُ هٿَ کي ڏيڻ. : جنهن کان وٺڻ تنهن کي واپس ڪرڻ.
    هٿُ هٿَ کي نه ڏسڻ. : اونداهي هئڻ.
    هٿُ هٿ ۾ ڏيڻ. : واعدو ڪرڻ / ملڻ.
    هٿُ وڪڻڻ ذات نه وڪڻڻ. : خدمت ڪرڻ پر ضمير جي خلاف ڪو به ڪم نه ڪرڻ.
    هٿَ هيٺ اچڻ. : قبضي ۾ اچڻ.
    هٿان پوڻ. : پاڻ کان غلطي ٿيڻ.
    هٿُ هيئن هئڻ. :سخي هئڻ/ عام جام خيرات ڪرڻ.
    هٿَ جي وڍيءَ جو نڪو ويڄ نڪو طيب هجڻ. : پنهنجي خطا تي شرمسار ٿيڻ.
    هٿَ جي هڻڻ. : ڪوڙ ڳالهائڻ/ وڌائي ڳالهه ڪرڻ.
    هٿَ هيٺ بيعت ڪرڻ. : ڪنهن جي مريدي قبول ڪرڻ.

     آڱريون
    آڱرين تي نچائڻ. : آسانيءَ سان ڪم وٺڻ/ سڌوڪري ڇڏڻ.
    آڱرين جا زور لائي بيهڻ.: پوري طاقت لڳائڻ
    آڱريون ڏندن ۾ اچي وڃڻ. : اجرچ وٺي وڃڻ/ حيرت ۾ پوڻ

     آڱوٺو
    آڱوٺو ڏيکارڻ/ ڏيڻ. : انڪار ڪرڻ/ پرواهه نه ڪرڻ.
    آڱوٺو ڪڍي ويهڻ. : نابري وارڻ / جواب ڏيڻ.
    آڱوٺو هڻڻ. : اڻ پڙهيل هجڻ/ جاهل هجڻ.
    آڱوٺي کي پرواهه نه هئڻ. : بي پرواهي ڪرڻ/ ڌيان نه ڏيڻ.

     نَنهن
    نَنهن تي نچائڻ. : مَڄو بڻائڻ/ زير دست ڪرڻ.
    نَنهن چوٽيءَ جو زور لڳائڻ. : سموري طاقت ڪم آڻڻ.
    نَنهن کان ماس جدا نه ٿيڻ. : مٽي مائٽيءَ جا ناتا قائم رهڻ.

     تِريون
    تِرِيءَ تي رکڻ. : تيار رکڻ.
    تريءَ تي بهشت ڪرڻ. : ٺهه ڦهه ڪم ٿيڻ.
    تِريءَ تيل نه لائڻ. : نه مڃڻ/ قبول نه ڪرڻ.
    تري کُپڻ. : هارائڻ/ پَٽَ تي ڪرڻ.
    تِرين ڀرپوڻ. : اڻ هوند جي حالت کي پهچڻ.

     مُٺ
    مُٺ ڀيڙڻ/ ڀيڪوڙڻ. : ڪنجوسي ڪرڻ.
    مُٺ مُٺ ڪري وٺڻ. : ڪم کي اڪلائڻ لاءِ ورهائي کڻڻ.
    مُٺ وجهڻ. : پوک پوکڻ/ مال کي چارو ڏيڻ.

     ڇاتي
    ڇاتيءَ تي مڱ ڏرڻ. : روبرو ويهي ساڙڻ/ تڪليف ڏيڻ.
    ڇاتيءَ تي هٿ رکي ڏسڻ. : پنهنجي حالت ڏسي اندازو لڳائڻ.
    ڇاتيءَ تي وار ڄمڻ. : رحمدلي، بهادري ۽ مروت جا نشان پيدا ٿيڻ.
    ڇاتي ٺرڻ. : خوشي حاصل ٿيڻ.
    ڇاتيءَ تي پٿر رکڻ. : برداشت ڪرڻ/ تڪليف سهڻ.
    ڇاتيءَ وارا ڇيهه اچڻ. : سخت اذيت ۾ مبتلا ٿيڻ.
    ڇاتي وڏي ڪرڻ. : همٿ ٻڌڻ/بهادر ٿيڻ/سخي سڏجڻ.

     سِينو
    سِينو ساهڻ. : مقابلو ڪرڻ/سامهون ٿيڻ.
    سِيني تي مڱ ڏرڻ. : ساڙڏيارڻ/دٻاءَ ۾ آڻڻ

     چمڙي
    چمڙي وڃڻ دمڙي نه وڃڻ. : انتهائي درجي جو ڪنجوس هجڻ.

     هَڏَ / هَڏيون
    هڏ ڀڃڻ. : پورهئي جي لياقت پيدا ڪرڻ.
    هَڏِپوڻ. : زوريءَ ڳلَ پوڻ.
    هَڏَ ڀڳل هئڻ. : محنتي هجڻ.
    هڏ جي مار اچڻ. : مالي نقصان ٿيڻ.
    هڏ پيڙڻ/ پيڙجڻ. : سخت ايذاءُ/ صدمو اچڻ.
    هڏ ڪُرڪڻ. : قياس/ ڪهل اچڻ.
    هڏ گَسائڻ. : پورهيو ڪرڻ / محنت ڪرڻ.
    هڏيون وڃڻ. : پٽيءَ ناس ٿيڻ.
    هڏيون نرم ڪرڻ. : سخت مار ڏيڻ/ ڳري سزا ڏيڻ.
    هڏن جو پڃرو بڻجڻ. : ڳري ڪنڊا ٿي وڃڻ/ گهڻو ڏٻرو ٿيڻ.

     دل
    دل ڀرجي اچڻ. : ڏاڍو ڏک ٿيڻ/ رئڻ جهڙو ٿيڻ.
    دل ڀَڄي پوڻ. : بي دليو ٿي پوڻ/ دلچسپي نه وٺڻ.
    دل ڀِڄي پوڻ : ڏاڍو ڏُک رسڻ.
    دل ڀڃڻ. : بي همت ڪرڻ.
    دل تي تري اچڻ. : ياد پوڻ.
    دل ٿي وڃڻ. : پيار ٿي وڃڻ.
    دل ٽپا ڏيڻ. : خوشي ٿيڻ.
    دل ٺارڻ. : راضي ڪرڻ.
    دل پلڻ. : خيال ئي لاهي ڇڏڻ.
    دل جو گهاءُ ڄاڻڻ. : ڳجهي صدمي کان واقف هئڻ.
    دل جو بخار ڪڍڻ. : بدشد ڳالهائڻ/ گندو ڳالهائڻ.
    دل جو قاضي ڪرڻ. : پاڻ انصاف ڪرڻ.
    دل جهلڻ. : همت ڪرڻ/ بهادري ڏيکارڻ.
    دل دٻليءَ ۾ رکڻ. : تسلي ڪرڻ/ دلجاءِ ڪرڻ.
    دل ڏِسڻ. : حوصلو يا دل جي ڪشادگي آزمائڻ.
    دل ڏيڻ. : پيار ڪرڻ/ محبت ڪرڻ.
    دل سوڙهي ڪرڻ. : ڪنجوسائي ڪرڻ.
    دل دل سان لڳڻ. : ياد ڪرڻ.
    دل شاهدي ڏيڻ. : اندر ۾ يقين اچڻ.
    دل ڪوسي ٿيڻ. : رنج رسڻ/ ناراضگيءَ هجڻ.
    دل کٽي ٿيڻ / ٿي پوڻ. : بي دليو ٿي پوڻ/ ڪَڪِ ٿي پوڻ.
    دل کليل هئڻ. : سخي هئڻ.
    دل کولي رکڻ. : دل جو احوال ٻڌائڻ.
    دل کي دل جي ڪشش ٿيڻ. : هڪ ٻئي کي چاهڻ.
    دل لڳڻ. : پريت پيدا ٿيڻ.
    دل لوڏو نه کائڻ. : ڳڻتي نه ٿيڻ/ نه گهٻرائڻ.
    دل ننڍي ٿيڻ. : بي همت/ سست ٿيڻ.
    دل من پڇڻ. : پاڻ سان صلاح ڪرڻ.
    دل ۾ ٿيڻ. : ڏک ٿيڻ.
    دل ۾ ڪرڻ. : ڪاوڙجڻ/ محسوس ڪرڻ.
    دل ۾ چور ويهڻ. : اندر ۾ بي ايماني پيدا ٿيڻ.
    دل جو نه ٻولڻ. : ڳالهه اعتبار ۾ ئي نه اچڻ.
    دل وٺڻ. : همدردي ڪرڻ/ خوش رکڻ.
    دل وڌڻ. : گستاخي ٿي وڃڻ.
    دل وڌائڻ. : گستاخ ڪرڻ.
    دل وٽان هئڻ. : دل کي وڻڻ / خواهش موجب هئڻ.
    دليون هڻڻ. : پڪ نه پوڻ/ فيصلو نه ڪري سگهڻ.
    دلئون دور ڪرڻ : وساري ڇڏڻ.

     هيانءُ / هنيئون
    هنيانءُ ڀرجي اچڻ. : رئڻ جهڙي حالت ٿيڻ.
    هنيانءَ تي هٿ ڦيرڻ : پنهنجي حالت ڏسي ٻئي جي ڏک جو اندازو لڳائڻ.
    هنيانءَ تان بار لهڻ. : آرام اچڻ/ اڻوڻندڙ ماڻهو يا ڪم مان جان آجي ٿيڻ.
    هنيانءَ تي ڇنڊو پوڻ. : دلجاءِ ٿيڻ/ تسلي اچڻ.
    هنيانءَ تي لکيل هئڻ.: پڪي يادگيري هئڻ.
    هنيئون ڦسڻ/ ڦسي پوڻ. : روئي ڏيڻ/ دلگير ٿيڻ.
    هنيئون ڏاڍو ڪرڻ. : دل پڪي ڪرڻ / ڏک کي برداشت ڪرڻ جو حوصلو پيدا ڪرڻ.
    هنيئون لاهڻ / لاهي پوڻ. : بي همت ٿيڻ.

     جيرو
    جيري خاطر ٻڪر ڪُهڻ. : ٿوري ضرورت لاءِ وڏو زيان ڪرڻ.
    جيرا جلي وڃڻ. : تمام گهڻو صدمو رسڻ.

     آنڊا
    آنڊا آخر آنڊا هئڻ. : پيٽ ڄائي اولاد هر حال ۾ پيار هجڻ.
    آنڊا ڪڍي وجهڻ. : سخت سزا ڏيڻ.
    آنڊا گجيون ڪڍي ٻاهر ڪرڻ. : راز ۽ عيب ظاهر ڪرڻ.
    آنڊا منهن ڏي ورڻ. : سخت ايذاءُ/ صدمو رسڻ.
    آنڊا گِدڙ جي حوالي ڪرڻ. : امانت بدديانت ماڻهوءَ جي حوالي ڪرڻ.
    آنڊن جو قل هو الله پڙهڻ. : ڏاڍي بک لڳڻ / بک ۾ پاهه ٿيڻ.
    آنڊن ۾ هٿ پوڻ. : پنهجن جو احساس ٿيڻ/ تڪليف رسڻ.
    آنڊي جو وڪڙ لاهڻ. : بکن کان پوءِ ڍَو ڪري کائڻ.
    آنڊي جي ڄَرَ هئڻ. : اولاد جي وڇوڙي يا موت جو صدمو رسڻ.
    آنڊين گونڊين گڏجڻ : سڱابندي ڪرڻ.

     رتُ
    رت ٽهڪڻ/ بگڙڻ. : ڪاوڙ اچڻ.
    رت جا دست ٿي پوڻ. : سخت صدمو پهچڻ.
    رت جا ڍُڪ ڀرڻ. : صدمو برداشت ڪرڻ.
    رتو ڇاڻ ڪرڻ. : خونريزي ڪرڻ.
    رت روئڻ. : ڏاڍو تنگ ٿيڻ/ گهڻي شڪايت ڪرڻ.
    رت ست ڏيڻ. : سڀ ڪجهه قربان ڪري ڇڏڻ.
    رت ريلا ڏيڻ. : تمام گهڻي خونريزي ٿيڻ.
    رت ڪتائي نه چٽڻ. : گهڻي رت وهي پوڻ.
    رت ڪري ڇڏڻ. : تنگ ڪري ڇڏڻ/ بيزار ڪرڻ.
    رت جو دانگيءَ تي ورڻ. : عزيز يا مائٽ جو قياس پوڻ.
    رت ولوڙڻ. : سخت محنت ڪرڻ.
    رت وهائڻ. : قرباني ڪرڻ/ خيرات ڪرڻ / خون خرابو ڪرڻ.

     خون
    خون پاڻي هڪ ڪرڻ. : سخت محنت ۽ مشقت ڪرڻ
    خون پيئڻ. : ڳڻتيءَ ۾ ڳرندو رهڻ/ انتقام وٺڻ.
    خون خشڪ ٿيڻ. : ڊڄي وڃڻ/ دهلجي وڃڻ.
    خون جو پياسو هجڻ. : جانِ جو دشمن بڻجي پوڻ.

     پيٽ
    پيٽ ڀرجڻ. : مستي ڪرڻ/ هوند وارو ٿيڻ.
    پيٽ تي بيهارڻ. : رڳو ٽن ويلن مانيءَ تي نوڪر بيهارڻ.
    پيٽ تي ڪمائڻ : فقط مانيءَ عيوض خدمت ڪرڻ.
    پيٽ جي لڳڻ. : بُک جي ڳڻتي ڪرڻ/ روزگار جو فڪر ٿيڻ.
    پيٽ جي مار ڏيڻ. : ڳجهي سزا ڏيڻ.
    پيٽ ڏيکارڻ. : ڳجهيون ڳالهيون ظاهر ڪرڻ / هيڻو حال اورڻ.
    پيٽ ڏيڻ. : دل جي ڳالهه ٻڌائڻ.
    پيٽ ڪڍڻ. : ٿلهو ٿيڻ/ پيٽ نڪري اچڻ/ راز معلوم ڪرڻ.
    پيٽ ڪرڻ. : پيٽ چيرڻ (پکيءَ جو).
    پيٽ تي پٽيون ٻڌڻ. : بکون ڪڍڻ/ فاقا ڪرڻ.
    پيٽ لاهي پوڻ. : لالچ يا هٻڇ ڪرڻ.
    پيٽ لکي ڏيڻ. : نياڻيءَ جو سڱ اڳواٽ لکي ڏيڻ.
    پيٽ ۾ ڏاڙهي هئڻ. : ننڍي عمر ۾ وڏو عقل هئڻ.
    پيٽ ۾ ساهه پوڻ. : دلجاءِ ٿيڻ/ خوف لهي وڃڻ.
    پيٽ وڌڻ / وڌي وڃڻ.: گهڻو اولاد ٿيڻ.

     ڀِڀُ
    ڀڀ ڀرڻ. : حرام جو پئسو وٺڻ/ حرام کائڻ.
    ڀڀ ڦاٽڻ. : تمام گهڻو کائڻ.
    ڀڀ واءُ ٿيڻ. : مغز ۾ مستي ٿيڻ.

     ڪَمَر
    ڪمر ٻڌڻ. : همت ڪرڻ.
    ڪمر ٽٽي پوڻ. : جوان اولاد جو صدمو رسڻ.

     چيلهه
    چيلهه سڌي ڪرڻ. : ٿورو وقت ليٽي پوڻ.
    چيلهه ٽُٽي پوڻ. : سخت صدمو رسڻ.

     پُٺ/ پُٺي
    پٺ ڀرڻ. : اولادي ٿيڻ.
    پٺ ڀرائي ڪرڻ. : مدد ڪرڻ/ همٿائڻ/ حمايت ڪرڻ.
    پٺ پڌري ٿيڻ. : پٽ ڄمڻ.
    پٺ ورائي ڏسڻ. : پنهنجا عيب جاچڻ.
    پٺا سيڪڻ/ سيڪائڻ : ڏاڍي مار ڏيڻ/ ملڻ.
    پٺيءَ تي هٿ رکڻ. : همت ٻڌائڻ/ مدد ڪرڻ/ دلاسو ڏيڻ.
    پٺي ٺپڻ. : دعا ڪرڻ / همت وڌائڻ.
    پٺي ڏيڻ. : ڀڄڻ، هار مڃڻ.
    پٺيءَ پويان اڇلڻ. : درگذر ڪرڻ.

     گوڏو / گوڏا
    گوڏا کوڙڻ/ کوڙائڻ. : آڻ مڃڻ / مڃائڻ.
    گوڏا هميشه پيٽ ڏي ورڻ. : پنهنجن کي فائدو پهچائڻ/ پاسداري ڪرڻ.
    گوڏن تا گندي کڻڻ. : حياءُ شرم ڇڏي ڏيڻ/ لڄ لاهي بيهڻ.
    گوڏن ۾ منهن وجهڻ: سوچ ۾ ويهڻ/ مايوس ٿيڻ.
    گوڏي هيٺ ڪرڻ. : دٻائي رکي ڇڏڻ/ نيڪال نه ڪرڻ.

     ڄنگهون
    ڄنگهون ڊگهيون ڪرڻ. : ٿورو آرام ڪرڻ.
    ڄنگهون ساهڻ. : چهل قدمي ڪرڻ.
    ڄنگهون هڻڻ. : رلڻ، گهڻو پنڌ ڪرڻ.

     ٽنگ / ٽنگون
    ٽنگ ڊگهيرڻ. : ڪاروبار وڌائي ڇڏڻ.
    ٽنگ کڻي بيهڻ. : حساب پورو نه بيهڻ.
    ٽنگ هيٺيان لنگهڻ. : آڻ مڃڻ / عاجز ٿيڻ.
    ٽنگ وڇڙائڻ/ ڦاسائڻ. : حصو ڳنڍڻ/ ڀائيواري ڪرڻ.
    ٽنگون ڀڃڻ. : سخت سزا ڏيڻ.
    ٽنگون ساهڻ. : هوا خوري ڪرڻ.
    ٽنگ ٽنگ تي چاڙهي ويهڻ. : بي فڪر ٿي ويهڻ.

     لَتَ
    لت ڳوري ٿيڻ. : زور بار پوڻ / وڏي سفارش ٿيڻ.
    لت هڻڻ / هڻي بيهڻ. : جواب ڏئي ڇڏڻ/ انڪار ڪرڻ/ جانور جو کير نه ڏيڻ/ کڻي وڃڻ

     پير
    پير اٽڪائڻ/ اڙائڻ. : شامل ٿيڻ/ دخل اندازي ڏيڻ.
    پير به نه ڌوئاري سگهڻ. : مقابلي ۾ تمام گهٽ هئڻ.
    پير تپڻ. : ترسي نه سگهڻ / آرام نه اچڻ.
    پير تِرڪڻ. : غلطي/ گناهه ٿي پوڻ.
    پير تي پورو نه هئڻ. : غلط راهه اختيار ڪرڻ.
    پير تي ڪهاڙو هڻڻ. : پنهنجو نقصان پاڻ ڪرڻ.
    پير تي هلڻ. : نقل ڪرڻ / پيروي ڪرڻ.
    پير پائڻ / وجهڻ. : همت ڪري هليو اچڻ/ گِهري اچڻ.
    پير جهلڻ. : فضول خرچ نه ڪرڻ/ تعلقات جَهڪا ڪري ڇڏڻ.
    پير ڊگهيرڻ. : خرچ وڌائي ڇڏڻ.
    پير رڪيب ۾ هئڻ. : سفر اختيار ڪرڻ/ مسافري ڪرڻ.
    پير زمين تي نه پوڻ : فرصت نه ملڻ / ڀڄ ڊُڪ ۾ هئڻ.
    پير سدورا ٿيڻ. : مراد پڄڻ/ خوشي حاصل ٿيڻ.
    پير قبر ۾ لڙڪائي ويهڻ.: مرڻ کي ويجهو هئڻ / آخري عمر ٿيڻ.
    پير ڪڍڻ / ڪڍي ڇڏڻ. : ڌوڪو ڏيڻ / جوکو رسائڻ.
    پير ڪڍرائڻ. : گسائڻ/ نٽائڻ/ ڦري وڃڻ.
    پير کُپڻ. : ٺهي جڙي ويهڻ.
    پير کڻڻ. : رستو رکڻ / جهمر هڻڻ.
    پير کوڙڻ. : پڪي طرح رهڻ / جاءِ ڪرڻ.
    پير گسائڻ. : هر هر اچڻ.
    پير لهڻ. : ويم ڪرڻ.
    پير مان لاهي منهن ۾ هڻڻ. : پاڻ کي هٿ وٺي گلارو ڪرڻ.
    پيرن کي ميندي لائڻ. : اجايا عذر پيش ڪرڻ.
    پيرن ۾ هئڻ. : ماريل هئڻ/ ماتحت هئڻ.
    پيرن ۾ ٻيڙي پوڻ. : شادي ٿيڻ.
    پير هيٺيان ٺڪري ڏيڻ. : کارڻ / بگاڙڻ.
    پيرين ڀاري ٿيڻ. : پيٽ ٿيڻ.
    پير سيرين ٿيڻ. : ويم کانپوءِ پنڌ ڪرڻ.
    پيرن جي جتي هئڻ. : عاجز/ نيچ هئڻ.
    پير جي جُتي مُنهن ۾ لڳڻ. :زيردست يا گهر جي ننڍي ڀاتيءَ جو بيحياءُ ٿي بيهڻ.

     قدم
    قدم بقدم هلڻ. : پوري طرح پيروي ڪرڻ.
    قدم چمڻ. : عاجزي ڏيکارڻ / پيش پوڻ.
    قدم کڻڻ. : رسم رواج رکڻ / واسطو رکڻ.
    قدم ڳورو هئڻ. : نڀاڳو / بدنصيب هئڻ.
    قدم وڌائڻ. : زياده خرچ ڪرڻ / وِت کان وڌيڪ هلڻ.

     کُڙي
    کُڙي ڪرڻ. : ڀڄي وڃڻ.
    کُڙي تپائڻ. : ڪم کي مڪمل ڪرڻ لاءِ جلدي ڪرڻ.
    کُڙيون گسائڻ. : گهڻا پنڌ ڪرڻ / حاضري ڏيڻ.
    سنڌي ٻوليءَ ۾ مٿين اصطلاحن کان علاوه انساني عضون جي حوالي سان ٻيا به ڪي اصطلاح موجود آهن، پر هتي پيش ڪيل اصطلاحن منجھان اسان کي اهو اندازو ٿي وڃي ٿو ته سنڌي ٻولي انوکن اصطلاحن جي لحاظ کان ڪيڏي نه اهميت جوڳي آهي ۽ هن مضمون منجھان سنڌي ٻوليءَ جي وسعت ۽ افاديت جو چڱيءَ پَر اندازو لڳائي سگھجي ٿو.


    • سنڌي سماج ۾ مروج شادي غمي ۽ ٻين رسمن متعلق اصطلاحن جو جائزو

    ڪنهن به مهذب ۽ عوامي ٻولي جي پرک لاءِ ٻين نشانين سان گڏ اها پڻ هڪ وڏي نشاني آهي ته ان ۾ معاشري جي رسمن رواجن، شادين غمين ۽ اٿڻي ويهڻي متعلق اصطلاح پهاڪا ۽ چوڻيون موجود هجن. جڏهن اسان سنڌي زبان کي انهيءَ معيار کان پرکيون ٿا ته معلوم ٿئي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙي قسم جا بيشمار اصطلاح، پهاڪا ۽ چڻيون موجود آهن. جيڪي خوبصورت ۽ بامعنيٰ لفظن سان سينگاريل ٿيل آهن.
    هتي سنڌي سماج جي مختلف شادي غمي جي رسمن ۽ واقعن سان منسوب اصطلاحن مان ڪجهه مثال طور پيش ڪجن ٿا. جن مان سنڌي زبان جي مهذب ۽ معياري هجڻ جا چٽا چوکا ثبوت ملن ٿا.

    پڪيءَ ٻير ۾ ڇاپڙ هڻڻ: (سڱ جي گُهر ڪرڻ، سڱ ڇڪائڻ.)
    جن گهرن ۾ نياڻيءَ جو وياءُ جوان ٿيندو آهي ته اهڙي ٻاٻور پوڻ تي پنهنجي عزيزن، رشتيدارن توڙي ڪن صورتن ۾ ڌارين طرفان گهوٽيتي ڌُرِ جا انهن گهرن ڏانهن نياڻيءَ جو سڱ ڇڪائڻ لاءِ پيغام موڪليندا آهن. پوءِ جتي لکئي جو ليک ٿيڻو هوندو آهي اُتي ٿيندو آهي. سڱ جي گُهر جي پَڪي ٻير ۾ ڇاپڙ هڻڻ جي اصطلاح سان مطابقت ڪيتري نه موزون ۽ معياري لڳي ٿي.

    وات وڪيل هئڻ: (پنهنجي راءِ جي اظهار جي قوت هجڻ.)
    جڏهن ڪنواريتن ڏانهن مختلف طرفن کان شاديءَ جا پيغام اچڻ لڳندا آهن ته پوءِ والدين پنهنجي نياڻيءَ جي راءِ معلوم ڪرڻ چاهيندا آهن. ڇالاءِ ته عاقل بالغ نياڻيءَ کي اهڙو حق مذهب توڙي سماج طرفان ڏنو ويو آهي ته هوءَ پنهنجي رشتي جي معاملي ۾ پاڻ فيصلو ڪري. پوءِ سڌي يا اڻ سڌي طرح ڇوڪريءَ جي راءِ معلوم ڪري وٺبي آهي. اهڙي راءِ يا فيصلي واري عمل کي وُات وڪيل هجڻ سان تشبيه ڏني ويئي آهي.

    نڪُ ٽوپڻ: (مڱڻي جي رسم ادا ڪرڻ.)
    جڏهن گهوٽيتن ۽ ڪنواريتن ۾ ڳالهيون پَڪيون ٿي وينديون آهن ته پوءِ مڱڻي جي تاريخ طئي ٿيندي آهي ۽ ان موقعي تي ڪنوار کي مُنڊي پارائڻ ۽ ٻين رسمن کان علاوه عام طور سندس نڪُ ٽوپيو ويندو آهي، جنهن کانپوءِ رشتو پڪو تصور ڪيو ويندو آهي.

    جنڊو پاڙو لکي ڏيڻ:
    (گهوٽ جو ساهرن سان گڏ رهڻ جو شرط قبول ڪرڻ.)
    شاديءَ جي شرطن ۾ ڪي ڪنواريتا اهو شرط وجهندا آهن ته گهوٽ کي گهر ڄياٽو ٿي رهڻو پوندو. يعني هو ساهرن سان گڏ رهندو. گهوٽيتا جڏهن اهو شرط قبول ڪندا آهن ته ان قبوليت يا اقرار کي ’جنڊو پاڙو لکي ڏيڻ‘ چيو ويندو آهي. عام طور ڏٺو ويو آهي ته اهڙي قبوليت لکي ڏيڻ لاءِ اهڙا مرد تيار ٿيندا جن جي واهر ڪرڻ وارا پوئتي ڪو نه هوندا آهن يا سندن پنهنجن مائٽن مٽن سان ڪا اڻبڻت هوندي آهي.

    پيٽُ لِکي ڏيڻ: (نياڻيءَ جو سڱ اڳواٽ لکي ڏيڻ يا اهڙو اقرار ڪرڻ.)
    ڪڏهن شاديءَ جي شرطن ۾ ڪنواريتا اهو شرط به وجهندا آهن ته شاديءَ کانپوءِ جيڪڏهن پهرين نياڻي ڄمي ٿي ته ان نياڻيءَ جو سڱ هو پنهنجي ڪنهن ڇوڪري لاءِ وٺندا. جنهن لاءِ گهوٽيتن کي هر حالت ۾ ٻَڌل رهڻو پوندو. گهوٽيتا جيڪڏهن اهو شرط منظور ڪن ٿا ته سندن اهڙي اقرار کي پيٽ لکي ڏيڻ چئبو آهي. ڪڏهن بي اعتمادي جي حالت ۾ اهڙو اقرار باضابطه لکي ڏنو ويندو آهي.

    شينهن ڪُلهي چاڙهڻ: (نياڻي اٿارڻ. نياڻيءَ جي شادي ڪرائڻ.)
    جڏهن گهوٽيتن ۽ ڪنواريتن جي وچ ۾ رشتي جي سلسلي ۾ ڳالهيون پڪيون ٿي وينديون آهن ته پوءِ ڇوڪري پرڻائي ڏني ويندي آهي. والدين پنهنجو اهو اهم فرض ادا ڪرڻ بعد شڪرانا بجا آڻيندا آهن ۽ سک جو ساه کڻندا آهن. نياڻيءَ جي انهيءَ پرڻائڻ واري عمل کي شيهن مان مراد مرد آهي. جيئن ته عورت کي مرد کانسواءِ ڪمزور ۽ غيرمحفوظ تصور ڪيو ويندو آهي. جهڙيءَ ريت شينهن جي قبضي هيٺ آيل شيءِ کي محفوظ سمجهيو ويندو آهي. اهڙيءَ ريت مرد سان منسلڪ ٿيڻ بعد عورت محفوظ ٿي ويندي آهي.

    پلو پلي ٻڌڻ: )ازدواجي رشتن ۾ ٻڌڻ لاءِ هڪ رسم ادا ڪرڻ.(
    هيءَ هڪڙي رسم آهي، جنهن ۾ گهوٽ جي چادر جو پلوء ڪنوار جي چُني يا رئي سان ڳنڍ ڏئي ٻڌندا آهن. جنهن جو مطلب اهو هوندو آهي ته گهوٽ ڪنوار جو رشتو مضبوط رهي ۽ منجهن محبت وڌي.

    پيرين ڀاري ٿيڻ: (عورت جي گود سائي ٿيڻ . عورت کي حمل ٿيڻ.)
    شاديءَ کانپوءِ عورت ۽ مرد جي فطري ميلاپ جي نتيجي ۾ الله تعاليٰ جي مرضيءَ مطابق عورت جڏهن حامله ٿيندي آهي ته اهڙي عمل لاءِ گود سائي ٿيڻ يا عورت جو پيرين ڀاري ٿيڻ جهڙا مبهم اصطلاح استعمال ڪيا ويندا آهن.

    هٿ پير لهڻ: (ويم ڪرڻ / ٻار پيدا ٿيڻ.)
    حمل ٿيڻ کانپوءِ ڪجهه ڏينهن مٿي نون مهينن کانپوءِ جڏهن عورت جي پيٽان ٻار پيدا ٿيندو آهي، ته عورت جي اهڙي ڪيفيت مان گذرڻ کي پير لهڻ يا هٿ پير لهڻ جي اصطلاح سان سڏيو ويندو آهي.

    ڌانيئن ڌوئين اٿڻ: (ويم جي تڪليف ڪاٽي اٿڻ، پاڪ صاف ٿيڻ.)

    پيرين سيرين ٿيڻ: (ويم کانپوءِ ڪم ڪار ڪرڻ جي لائق ٿيڻ.)
    جيئن ته عورت لاءِ ويم واري ڪيفيت انتهائي تڪليف ده بلڪه موت حيات جي ڪشمڪش واري هوندي آهي، جنهن مان خيرخوبي سان گذرڻ بعد اهڙي عورت لاءِ مٿيان اصطلاح استعمال ڪيا ويندا آهن.

    پينگهو لُڏڻ: (خاص طرح پٽ جو اولاد ٿيڻ.)
    خاص طور تي جڏهن گهر ۾ پٽ ڄمندو آهي ته مائٽن ۾ شادمانا ٿي ويندا آهن ۽ اهڙي جوڙي کي وڏو ڀاڳوند سمجهيو ويندو آهي جنهن کي پهريٽي پٽ ڄمندو آهي. خاص طرح اهڙي عورت جو ڳاٽ فخر کان اوچو ٿي ويندو آهي. بدقسمتيءَ سان عام طور اسان جي سماج ۾ پٽ کي نياڻيءَ تي هميشه کان فوقيت حاصل رهي آهي. ڪنهن کي دعا ڏني ويندي آهي ته به ڏڌ پٽ ۾ اضافي لاءِ چيو ويندو آهي. جمن چارڻ واري دعا ساري سنڌ ۾ مشهور آهي. جنهن ۾ هن الله سائين کان گهريو هو ته ”سوني ٻانهينءَ سان نُنهن، پٽ جهوليءَ ۾، ماڙيءَ تي کير ولوڙيندي ڏسان.“
    بي اولاد فقير جمن چارڻ جي دعا ڪيڏي نه جامع آهي. چيو وڃي ٿو ته فقير جنهن وقت اها دعا گهري هئي ته ان وقت سندس حياتيءَ جو سج ٽپهري به ٽپي چڪو هو ۽ هو پنهنجون اکيون به وڃائي ويٺو هو. ان عمر ۾ فقير خدا کان سوني ٻانهينءَ سان نُنهن گهري جنهن جو مطلب ٿيو ته کيس پٽ جو اولاد ٿئي جيڪو جوان ٿي شادي ڪري وني گهر وٺي اچي، جنهن کي سوني ٻانهين پيل هجي، معنيٰ رز زيور جي جهجهائي هجي. هاڻي فقير جي دعا جو ٻيو حصو ته سندس نُنهن کي پٽ جهوليءَ ۾ هجي، يعنيٰ فقير پٽن پوٽن وارو ٿي وڃي ۽ دعا جو ٽيون حصو ماڙيءَ تي پنهنجي ننهن کي کير ولوڙيندي ڏسي. ماڙي مان مراد خوشحالي ۽ کير ولوڙڻ جو مطلب ٿيو ته هو مالوندو پڻ بڻجي وڃي. اها سموري خوشحاليءَ ۽ بخت ڀاڳ توڙي نُنهن پوٽو هو اکين سان ڏسڻ لاءِ ڌڻيءَ در دعاگو آهي جنهن جو مطلب ٿيو ته فقير جي نور جي روشني به واپس وري اچي.

    مور کان وياج مٺو لڳڻ:
    (پٽ يا نياڻيءَ کان پوٽو/ پوٽي يا ڏهٽو / ڏهٽي مٺا لڳڻ.)
    جڏهن جوان اولاد کي پرڻايو ويندو آهي ۽ وري انهن کي اولاد ٿيندو آهي ته ڏاڏو ڏاڏي يا نانو ناني پنهنجي اولاد کان اولاد جي اولاد يعنيٰ پوٽن پوٽين ۽ ڏهٽن ڏهٽين کي وڌيڪ ڀائيندا آهن ۽ انهن سان تمام گهڻو پيار ڪندا آهن. پيار جي انهي ورڇي وڃڻ لاءِ سياڻن ۽ سپورنجن مور کان وياج مٺو لڳڻ وارو اصطلاح جوڙيو آهي. جيڪو ڪيترو نه مناسب ۽ وقتائتو لڳي رهيو آهي.

    سهاڳ لهڻ: (رن زال ٿيڻ / مڙس مري وڃڻ.)
    موت هڪ اهڙي اٽل حقيقت آهي جنهن کان ڪو به جاندار هرگز بچي نٿو سگهي. انسان ڀل جوانيءَ کان پيريءَ رسي ۽ سندس عمر سو سالن کان به چڙهي ڇو نه وڃي پر آخر کيس اڳتي هلڻو پوي ٿو. عمر جي ڪنهن به حد ۾ اها جواني هجي توڙي پيرسني، جڏهن ڪنهن عورت جو مڙس مري ويندو آهي ته اها رن زال ليکي ويندي آهي. جنهن لاءِ سهاڳ (وَر يا مڙس) لهڻ جو اصطلاح جوڙيو ويو آهي. اسان جي سنڌي سماج ۾ اهڙي عورت پاڻ کي سخت اڀاڳي تصور ڪندي آهي. هن جي هميشه اها خواهش هوندي آهي ته شال پنهنجي مڙس جي هٿن ۾ سرهي ٿئي. يعني سندس لوڙه هٿن سان مڙس لٽي.

    کيرين پُٽين جُڙيو رهڻ: (مال ۽ اولاد جي خير لاءِ دعا ڪرڻ.)
    مٿين دعائيه اصطلاح ۾ کير مان مراد مال آهي يعني کير ڏيندڙ جانور منيهون، ڳئون وغيره. اصطلاح ۾ چوپائي مال جي جهجهائي سان گڏوگڏ اولاد جي جڙيي جيئري رهڻ جي پڻ دعا ڪيل آهي. معنيٰ ۽ مفهوم جي لحاظ کان هيءُ اصطلاح ڪيترو نه جامع لڳي ٿو.

    ڇني ڦاڙي ويهڻ / نبيري نڇيڙي ويهڻ:
    (مٽي مائٽي ٽوڙي ڇڏڻ، تعلقات ختم ڪري ڇڏڻ.)
    انساني سماج ۾ سوين اهڙا مسئلا پيدا ٿيندا رهن ٿا جيڪي اختلاف جو باعث بڻجي پون ٿا ۽ ڪن صورتن ۾ ته رتُ جا رشتا به انهن اختلافن جو شڪار ٿي ٽُٽي ويندا آهن. قرب قرابت، ميٺ محبت ۽ مٽي مائٽي وغيره ويڇي، وير ۽ نفرت ۾ تبديل ٿي ويندا آهن. مائٽ هڪ ٻئي سان مرڻي پرڻي کان به الڳ ٿي ويندا آهن. ايتري قدر تعلقات ڦٽي وڃڻ لاءِ ڇني ڦاڙي ويهڻ جو اصطلاح نهايت موزون ۽ مناسب جوڙيو ويو آهي.

    ٿالهي ڀاڄي مان ڪڍي ڇڏڻ: (برادريءَ مان ڪڍي ڇڏڻ.)
    حقو پاڻي بند ڪرڻ: (قطع تعلق ڪري ڇڏڻ.)
    جڏهن ڪنهن خاندان ۾ ڪو اهڙو فرد يا افراد پيدا ٿيندا آهن. جيڪي پنهنجي غلط ڪارين ۽ بد اعمالين سبب خاندان لاءِ ڪارنهن جو ٽِڪو ثابت ٿيندا آهن ته راڄ جا ماڻهو گڏجي مشترڪه فيصلي تحت اهڙن فردن يا فرد سان تعلقات ٽوڙي ڇڏيندا آهن، جنهن تحت شادي غمي ۾ ساڻن ڪو به ڪو نه اُٿندو ويهندو آهي ۽ نه کين پنهنجي تقريبن ۾ ڪانڍيو ويندو آهي. اهڙا ماڻهو پنهنجي راڄ ڀاڳ هوندي بلڪل اڪيلا ۽ نڌڻڪا رهجي ويندا آهن.

    تڏي تي لڙي وڃڻ:
    (اختلاف وساري دشمن جي در چڙهي وڃڻ، دوستيءَ جو هٿ وڌائڻ.)
    ٻن ڌرين ۾ پيدا ٿيل اختلافن ۽ دشمنيءَ جي باوجود ڪن صورتن ۾ هڪ ڌر کي ٻيءَ ڌر ڏانهن سمورا اختلاف وساري دوستيءَ جو هٿ وڌائڻ لاءِ وڃڻو پوندو آهي. انهيءَ فراخدليءَ جي نتيجي ۾ اڪثر دشمنيون دوستيءَ ۾ تبديل ٿي وينديون آهن ۽ ڌُريون کيرکنڊ ٿي وينديون آهن. اهڙي مثبت عمل لاءِ تڏي تي لڙي وڃڻ وارو اصطلاح استعمال ٿيندو آهي، جيڪو پنهنجي معنيٰ ۽ مفهوم جي لحاظ کان ڪيڏو نه جامع نظر اچي ٿو.

    ننهن کان ماس جو جدا نه ٿيڻ: (رت جا رشتا هميشه لاءِ نه ٽٽڻ.)
    خاندان جي افراد ۾ وقتي طور ويڇا پئجي وڃڻ نئين يا غير فطري ڳالهه نه آهي. ڇالاءِ ته عام چوڻي آهي ته هڪ گهر ۾ ٻه ٺڪر به ٺهڪندا آهن. پر وقت گذرڻ سان خاندان ۾ پيل اُهي وِريون ۽ ويڇا ختم به ٿي ويندا آهن. عام طور جڏهن ان خاندان جي ڪنهن اهڙي فرد يا افراد تي اولو وقت ايندو آهي جن/ جنهن سان اڳ اختلاف هوندا آهن ته ان وقت اهي رت جا رشتا وري ڳنڍجي ويندا آهن ۽ اهي اختلاف دور ٿي ويندا آهن. اهڙي فطري تعلق ۽ ڳانڍاپي لاءِ ننهن جو ماس کان جدا نه ٿيڻ وارو نهايت با معنى ۽ وقتائتو اصطلاح استعمال ڪيو ويندو آهي.


    سنڌي ٻوليءَ جا چند غير معمولي اصطلاح

    اصطلاح ٻوليءَ جو نه فقط سينگار آهن پر سڌريل ۽ مهذب ٻوليءَ جو اهڃاڻ پڻ. سنڌي زبان انهيءَ زيور سان پوريءَ ريت آراسته آهي. پر ان جي اضافي خوبي اها آهي ته اهو زيور فقط عام موتين سان مزين ٿيل نه آهي بلڪ ان تي انمول هيرن جي جڙاوت پڻ ٿيل آهي. اهي انمول هيرا اهڙن غير معمولي اصطلاحن جي صورت ۾ آهن، جيڪي ٻوليءَ جي سونهن کي جرڪائين ٿا، ۽ ان ۾ نکار پيدا ڪن ٿا، اهڙن اصطلاحن کي ’غير معمولي‘ ان ڪري سڏيو ويو آهي جو اهي پنهنجي اندر وڏي معنى سمائين ٿا ۽ اهڙن اصطلاحن مان اسان جي سگهڙن ۽ سپورنجن جي ذهانت ۽ قابليت پڌري ٿئي ٿي. اهڙن اصطلاحن جو اسان جي روز مره جي ٻوليءَ ۾ وڌ ۾وڌ استعمال ٿيڻ گهرجي.
    سنڌي زبان ۾ اهڙن غير معمولي اصطلاحن جو تعداد تمام گهڻو آهي. هتي اهڙا چند اصطلاح الف ب وار ترتيب سان پيش ڪجن ٿا، جنهن مان سنڌي ٻوليءَ جي مهذب ۽ شاهوڪار هجڻ جا روز روشن دليل ملن ٿا. مُٺ مان خرار پرکڻ جي مصداق اهڙن اصطلاحن مان ڪن جي ٿوري وضاحت به ڪئي وئي آهي. مضمون جي طوالت کي نظر ۾ رکي باقي اصطلاحن جِي آخر ۾ فقط وچور ڏني ويئي آهي.

    اُڀ ۾ ڪڪر ٿيڻ: اميد واري ٿيڻ، عورت جو پيرين ڀاري ٿيڻ
    اُڀ ۾ ڪڪر خوشحالي ۽ شادابي جي نشاني سمجهيو ويندو آهي. هن اصطلاح ۾ ڪهڙي نه خوبصورت نموني سان عورت جي حامله هجڻ واري عمل ڏانهن اشارو ڪيو ويو آهي.

    پيرل جي پڳڙي ميرل جي مٿي تي رکڻ: هڪ جو حق کسي ٻئي کي ڏيڻ.
    هن اصطلاح ۾ اسان جي معاشري مان ٻه عام نالا کڻي انهن کي تجنيس حرفي جي هنر ذريعي اهڙيءَ ريت رکيو ويو آهي، جو پڙهندڙ نه رڳو حظ حاصل ڪري ٿو، پر انهن مان بامقصد معنيٰ پڻ نڪري ٿي. ڪنهن جي حق تلفي ڪرڻ برو عمل آهي.

    اڳيان باهه ته پٺيان پاڻي هئڻ: ٻن مصيبتن ۾ هجڻ.
    جڏهن ڪنهن انسان کي اڳيان باهه ۽ پٺيان پاڻي هجي ته سندس بچڻ جون سڀ واٽون بند ٿي وينديون. ڇا لاءِ ته هو هڪ وقت ٻن مصيبتن ۾ هوندو. هن اصطلاح ۾ باهه جي ساڙڻ ۽ پاڻيءَ جي ٻوڙڻ واري عمل کي علامت طور پيش ڪيو ويو آهي.

    اڳينِ گاههُ پوينِ پاڻي ڏيڻ: بي انصافي کان ڪم وٺڻ.
    هتي اڻ برابريءَ وارو سلوڪ روا رکڻ ڏانهن اشارو آهي. جتي اڳين کي گاهه ۽ پوين کي رڳو پاڻي ملندو ته اهڙو نظام گهڻو وقت هلي ڪو نه سگهندو. اها هڪ اٽل حقيقت آهي.

    باندر جي ڳچيءَ ۾ موتين جي مالها ٻڌڻ: نا اهل جي عزت وڌائڻ.
    مٿيون اصطلاح ڪيترو نه دلچسپ ۽ عام فهم آهي. جهڙيءَ ريت موتين جي مالها جو قدر ۽ قيمت باندر وٽ ٿي نٿو سگهي. اهڙيءَ طرح نا اهل ۽ نالائق انسان جي عزت وڌائڻ سان کيس اهل ۽ لائق بڻائي نٿو سگهجي.

    باهه لڳڻ مهل کوهه کوٽڻ:
    مصيبت ۾ ڦاسڻ کانپوءِ ان جو تدراڪ ڪرڻ / اڳ ڳڻتي نه ڪرڻ.
    اڳ ڳڻتي نه ڪرڻ وارن ماڻهن جو مثال مٿين اصطلاح ۾ ڪهڙي نه عمدي نموني ڏنو ويو آهي. اها ڪيڏي نه ناعاقيب انديشي ليکي ويندي جڏهن ڪو باهه لڳڻ مهل کوهه جي کوٽائي ڪرڻ لڳي.

    ٻارهين پٿر کان ٻاهر ڪڍڻ: جُوءِ ڇڏائڻ / پري پري ڪڍي ڇڏڻ.
    ڪنهن ماڻهوءَ کان بيزاريءَ جو اظهار ان ريت ڪيو ويندو آهي جو ماڻهو چاهيندو آهي ته سندس مخالف هن جي اکين کان ٽريل هجي. جيڪڏهن هن جو وس هلي ته جيڪر هو کيس جُوءِ مان ئي نيڪالي ڏياري ڇڏي. اهڙي اظهار لاءِ ڪهڙو نه موزون ۽ مناسب اصطلاح گهڙيو ويو آهي.
    ٻانهي ٿي ڪمائڻ ۽ بيبي ٿي کائڻ / ٻانهي ٿي ڪمائجي، بيبي ٿي کائجي: محنت سان پورهيو ڪري سٺو گذران ڪجي.
    هن نصيحت آميز اصطلاح ۾ محنت جي عظمت ۽ اهميت کي اجاگر ڪيو ويو آهي ۽ ٻڌايو ويو آهي ته انسان کي گهرجي ته محنت ۽ محبت سان پورهيو ڪري رزقِ حلال حاصل ڪري ۽ پوءِ ان حلال جي ڪمائي مان چڱو کائي ۽ چوڙي. اهڙي انسان کي هميشه قلبي اطمينان حاصل رهندو.

    ٻليءَ نصيبن ڇِڪو ٽٽڻ: نصيب کلڻ / ڀاڳ ڀيڙو ڏيڻ.
    انسان جي زندگيءَ ۾ تدبير جي وڏي اهميت آهي، پر تقدير واري عمل کان به انڪار ڪري نٿو سگهجي. ڪڏهن تدبير جي نتيجي ۾ تڪميل تائين پهتل ڪم به ڊهي ويندا آهن، ته ڪڏهن اهڙا اڻ ٿيڻا ڪم ٿي ويندا آهن. جن جو ٿي وڃڻ انسان جي وهم گمان ۾ به نه هوندو آهن.
    اهڙي ڳالهه کي مٿئين اصطلاح ۾ اسان جي سماجي زندگيءَ مان نهايت سولي مثال سان سمجهايو ويو آهي. ٻليءَ کان بچائڻ لاءِ جيڪا شيءِ ڇڪي ۾ رکي وڃي ۽ پوءِ اهو ڇڪو ئي ٽٽي پوي ته ان کي ٻليءَ جي خوش نصيبي کان سواءِ ڀلا ڇا ٿو سڏي سگهجي!

    ٻُوڙو ٻڌي ويچار ڪرڻ: ڪنهن نه ڪنهن سان ضرور صلاح ڪرڻ.
    هن اصطلاح ۾ انسان جي عقلِ ڪُل نه هجڻ طرف اشارو ڪيو ويو آهي. اڪيلي ماڻهوءَ جي فيصلي ۾ غلطي جو احتمال ٿي سگهي ٿو. تنهنڪري سياڻن اهڙو اصطلاح گهڙيو جنهن جو مطلب آهي ته انسان کي ڪنهن به مئسلي تي فيصلي ڪرڻ کان اڳ ڪنهن دوست همدرد يا ڄاڻوءَ سان ضرور صلاح مشورو ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو موجود نه به هجي ته اڪيلائيءَ ۾ ڪنهن ٻوڙي سان ئي مشورو ڪجي، جيتوڻيڪ ٻوڙو ڪا صلاح ته نه ٿو ڏئي سگھي پر مٿين اصطلاح مان مراد اها ئي آهي ته ڪنهن به انسان جي لاءِ ڪنهن مسئلي ۾ منجھڻ بعد بار بار ويچارڻ ۽ صلاح ڪرڻ لازمي امر آهي.

    ڀڳيءَ سان ڀيرڻ: ڏکين حالتن سان منهن ڏيڻ.
    سکن ۾ گذارڻ سولو آهي پر ڏکن سان ڏورڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. انسان ڪڏهن به هڪ ڪيفيت ۾ رهي ڪو نه ٿو سگهي. ڏک ۽ سک تارازيءَ جا ٻه پُڙ آهن. انساني زندگيءَ جون ٻئي لازم ۽ ملزوم ڪيفيتون آهن. ڏاهن، ڏکن سان مردانه وار منهن ڏيڻ لاءِ مٿيون اصطلاح جوڙيو آهي. لطيف سائين رحه پڻ سُر سهڻي ۾ اهڙي ئي هدايت ڪندي فرمائي ٿو:-
    ڀڳيءَ سان ئي ڀير، جيسين رتو راس ٿئي (شاهه لطيف)
    ڀوليءَ جي پڇ کي باهه ڏيڻ: چيڙاڪ کي ويتر چيڙائڻ.
    چيڙاڪ طبيعت رکندڙ ماڻهو عوام جي شرارت جو نشانو بڻبو آهي ۽ ماڻهو ڄاڻي واڻي کيس چيڙائي مزو وٺندا آهن. عام طور اهڙي ماڻهوءَ لاءِ چيو ويندو آهي ته ’اِهو اِهو ڪيوس ته چريو ٿئي.‘ مٿين اصطلاح ۾ اهڙي چيڙاڪ ماڻهوءَ جو مثال ڀوليءَ سان ڏنو ويو آهي. ڀولي هڪ اهڙو چيڙاڪ ۽ بي صبرو جانور آهي، جيڪو ٿوري چيڙائڻ سان مڇرجي پوندو آهي ۽ چرڙاٽ ڪرڻ شروع ڪندو آهي.

    تاڃيءَ پيٽي پَٽُ هئڻ: اعليٰ خاندان يا نسب جو هئڻ.
    مٿين اصطلاح ۾ ڪنهن ماڻهوءَ جي اعليٰ نسب هئڻ ڏانهن اشارو آهي. يعني سندس پيءُ توڙي ماءُ ساڳي خاندان سان تعلق رکندا هجن، ۽ ان خاندان جو سٺو نامچار هجي. عام طور سيد خاندان لاءِ چيو ويندو آهي ته جيڪڏهن سيد تاڃي پيٽي پَٽُ آهي ته هن جو نڪو ثاني نڪو مَٽُ آهي.
    مٿي تاڃي پيٽي سان مشابهت ان ڪري ڏني ويئي آهي جو ڪپڙي ۾ تندون تاڃي پيٽي هونديون آهن. عام طور ڪيترن ڪپڙن ۾ تندون هڪ خاص تناسب سان گڏيل هونديون آهن. مثال طور ڪي ڪپڙا پوليسٽر ۽ ڪاٽن ته اُن ۽ سُٽَ جي تندن سان تيار ڪيا ويندا آهن. جن ۾ هر هڪ جو تناسب مقرر ٿيل هوندو آهي. عام طور ان قسم جي ڪپڙي جو قدر ۽ قيمت ايترو ڪو نه هوندو آهي، جيترو ڪنهن تاڃي پيٽي خالص ڪپڙي جو هوندو آهي. مثلاِ: تاڃي پيٽي پَٽَ جو ڪپڙو، بوسڪي جو ڪپڙو، خالص اُنَ جون شالون، خالص ڪاٽن (سُٽَ) سان تيار ڪيل ڪپڙو وغيره وغيره.

    تَرَ کان اڳ بَرُ کائڻ: نفعي کان اڳ موڙي کائڻ.
    مٿيون اصطلاح ڪنهن ماڻهوءَ جي ڪم عقلي ۽ بي صبري جي نشاندهي ڪري ٿو. تَرَ ۽ بَرَ جو مثال نفعي ۽ موڙيءَ سان ڏنو ويو آهي. ڪو ماڻهو جڏهن نفعو ته نفعي جي ماڳ الٽو موڙي کائڻ کي لڳي وڃي ته ان کي احمق ۽ نادان سڏيو ويندو.

    پرائي ٻوڙ تي ماني ٻڌڻ: ٻين جي عقل تي هلڻ.
    انسان کي الله تعاليٰ اشرف المخلوق بڻايو آهي ۽ عقل جهڙي انمول نعمت سان مالا مال فرمائي مٿس وڏا وَڙَ ڪيا آهن. تنهنڪري کيس گهرجي ته پاڻ منجهه معامله فهمي پيدا ڪري ۽ پنهنجي عقل کي ضرور استعمال ڪري. فقط ٻين تي ڀاڙڻ واري ماڻهوءَ لاءِ مٿيون اصطلاح ڪيترو نه موزون ۽ مناسب آهي. پرائي ٻوڙ جي آسري تي ماني ٻڌي نڪرڻ ڪا عقلمندي نه آهي.

    پرائي ڀاڄي چکڻ: گهر ڇڏي ٻئي هنڌ کري پوڻ/ ٻئي جي عزت ۾ اک وجهڻ.
    مٿين ڪُڌي عمل جي جيتري به مذمت ڪجي اها ٿوري آهي. ٻئي جي ننگ ۾ اک وجهڻ ڪم ظرف ۽ ڪميڻي ماڻهوءَ جو ڪم آهي. پر اسان کي معاشري ۾ اهڙا بيشمار بي غيرت انسان نظر ايندا، جيڪي دولت ۽ جوانيءَ جي نشي ۾ پنهنجن ننگن کي ڇڏي يا انهن ڏانهن توجه هٽائي اوباش قسم جي عورتن سان وڃي ناتا جوڙيندا آهن. اهڙن انسانن کي پرائي ڀاڄيءَ ۾ وڌيڪ مزو ايندو آهي.

    پَڳَ جو پيچ پنهنجو هئڻ: هر ڪنهن جي ريت رسم جدا هئڻ.
    اها حقيقت آهي ته هر هڪ سماج جون پنهنجون پنهنجون رسمون رواج ۽ طور طريقا هوندا آهن. اهڙي حقيقت کي پڳ جي پيچ سان مشابهت ڪيڏي نه موزون ۽ مناسب محسوس ٿئي ٿي. هونئن به ڏٺو وڃي ته هر هڪ ڪڙم، قبيلي يا علائقي جي ماڻهن جي پٽڪي جو ڀير پنهنجو پنهنجو هوندو آهي.

    پلئه پائي جهلڻ: رضا تي راضي رهڻ، قبول ڪرڻ، سهائي وڃڻ.
    انسان کي گهرجي ته رب جي رضا تي هردم راضي رهي، ڇا لاءِ ته اهو مهربان مالڪ آهي ۽ پنهنجن بندن سان بي انتها پيار ڪري ٿو. جيڪڏهن پنهنجي ڪنهن بندي کي وقتي طور ڪنهن تڪليف ۾ مبتلا ڪري ٿو ته اها تڪليف بندي لاءِ ناقابلِ برداشت حد جي ڪا نه هوندي آهي. پر جئن ته انسان نهايت بي صبرو آهي، تنهنڪري هو ٿوري تڪليف کي به وڏي مصيبت تصور ڪري دانهون ڪندو رهي ٿو. جڏهن ته عبديت جي تقاضا اها آهي ته معبود جي هر حڪم تي بندو سرِ تسليم خم ڪري. الله تعاليٰ جي نيڪ ٻانهن اهوئي رويو اختيار ڪيو. ڀٽائي صاحب رحه فرمايو:-
    ڏنا جي ڏاتار، سي جهوليءَ پائي مون جهليا. (شاهه لطيف)

    پنبڻين سان لوڻ کڻائڻ: تمام ڏکيو ڪم سر انجام ڏيڻ.
    ڪنهن ڏکئي ڪم کي سر انجام ڏيڻ جي تشبيه پنبڻين سان لوڻ کڻائڻ واري محاوري ۾ ڪيتري نه موزون لڳي ٿي. پنبڻين سان لوڻ کڻائڻ جو تصور ئي ڪيترو تڪليف ده آهي.

    پنڊيءَ جو دشمن هئڻ: کائڻ جو کرو هئڻ /سُچر هئڻ.
    ڪي ڪي ماڻهو وڏا پيٽوڙي هوندا آهن. جن کي مانيءَ جو دشمن تصور ڪيو ويندو آهي. اهڙا ماڻهو پيٽ کي پنهنجو ڪري ڪو نه ڀائيندا آهن. پر پوءِ گهڻي کائڻ جا نتيجا به خوب ڀوڳندا آهن. پيٽوڙي ماڻهن لاءِ مشهور محاورو آهي؛ ’ڦٻيا اهي جيڪي ڦاٽي مئا، اسان ته پاڻ کڻايون ٿا وڃون.‘ يعني پاڻ کڻائي وڃڻ وارو به پاڻ کي پيٽوڙي ڪو نه پيو ڀانئين.

    پير مان لاهي منهن ۾ هڻڻ: پاڻ کي هٿ سان گِلارو ڪرڻ.
    هڪڙا ماڻهو پاڻ کي State forward سڏائڻ/ چوائڻ جي شوق ۾ پنهنجا ڍڪيل ڏوهه ثواب به پٽ پڌر ڪري ڇڏيندا آهن، ۽ ان ۾ فخر محسوس ڪندا آهن. مثال طور ڪن ماڻهن کي ائين چوندي ٻڌو ويو آهي. ته: ”سائين اسان جوانيءَ ۾ واهه جو شوق ڪياسين.“ يا ”اسان پنهنجي دور جا وڏا ڪاٽڪور رهيا آهيون.“ وغيره وغيره.

    جاڳندن جون وَڇون ستلن جا ڪونهان هئڻ:
    سجاڳ ۽ محنتي ماڻهوءَ کي لاڀ ملڻ. ۽ سست ۽ روڳي ماڻهوءَ کي ڪجهه به حاصل نه ٿيڻ.
    سجاڳي ۽ محنت زندگيءَ جو دليل آهي. جڏهن ته ننڊ ۽ غفلت موت جي نشاني آهي. تنهنڪري جاڳندن کي سندن محنت جو لاڀ ضرور ملڻو آهي. لطيف سائين فرمايو.
    ساري رات سبحان، جاڳي جن ياد ڪيو،
    تن جي عبدالطيف چئي، مٽيءَ لڌو مان،
    ڪوڙين ڪن سلام، اچڻو آسڻ ان جي.
    ٻي طرف جيڪي غفلت جي ننڊ ۾ غلطان رهندا انهن کي مقصد جا موتي هرگز ملي ڪو نه سگهندا. مٿئين اصطلاح ۾ جاڳندن جون وڇيون ڏيکاريل آهن. وڇِ وڌي مينهن ٿيندي آهي، جيڪا پڻ مال ۾ برڪت جو باعث بڻبي آهي. جڏهن ته گهڻو ڪري ڪونهون ڪهڻ جي ڪم ايندو آهي. مال وندا ماڻهو وَڇِ ڄمڻ تي تمام گهڻو خوش ٿيندا آهن.

    جُتيءَ سوڌو جهوليءَ ۾ ويهڻ: گستاخي ڪرڻ.
    جتيءَ سوڌو جهوليءَ ۾ ويهڻ گستاخي ۽ بدتميزي جي نشاني آهي. مٿين محاوري کي ٻين لفظن ۾ هٺينءَ ريت به لکيو ويندو آهي.
    ”هڪ وڻي ڪو نه ٻيو وري جُتيءَ سوڌو جهوليءَ ۾.“
    هن قسم جا لفظ عام طرح ناپسنديده شخص جي هروڀرو ڳَلِ پوڻ واري موقعي تي چيا ويندا آهن. ساڳي مطلب لاءِ هڪ ٻيو محاورو مشهور آهي.
    ”هڪ وڻي ڪو نه ٻيو وچئون گرهه کڻي.“

    جَلَ جي مڇي جَلَ ۾ ڀلي هئڻ : هر ڪنهن شيءِ جو پنهنجي جاءِ تي سٺو لڳڻ.
    اها هڪ حقيقت آهي ته هر ڪا شيءِ پنهنجي جاءِ تي موزون ۽ مناسب لڳندي آهي. جيڪڏهن ڪنهن شيءِ کي مناسب جاءِ کان هٽائي يا مَٽائي رکبو ته اها هرگز ڪا نه سونهندي. سهڻي ذوق جي تقاضا به اها ئي آهي، ۽ قدرت جو نظام به ان ئي اصول تي قائم آهي. سج، چنڊ، تارا، جبل، آبشار، درياء، ڍنڍون، سمنڊ، باغ بستان، مطلب ته سڀ شيون پنهنجي پنهنجي جاءِ تي سهڻيون لڳن ٿيون. ساڳيون محاورو ڪجهه اضِافي لفظن سان هن ريت به استعمال ٿيندو آهي.
    ”اَنَ جي پَلي گهر ۾ ڀلي، جَلَ جي مڇي جَلَ ۾ ڀلي.“

    جهڙو تارِ تهڙو تانگهو هئڻ: هر حالت ۾ بي ڊپو رهڻ.
    هي محاورو حالتن سان مردانه وار مقابلو ڪرڻ ۽ ٿڌي ڪوسي سان منهن ڏيڻ واري بهادر انسان لاءِ ڪم ايندو آهي. شاعريءَ جي سِٽَ ۾ مٿيئن محاوري کي هن طرح رکيو ويو آهي.
    جنهن کي سرجو ناهي سانگو،
    تنهن لاءِ جهڙو تار تهڙو تانگهو.

    جيڪو ديڳ ۾ سو چمچمي ۾ اچڻ: جيڪو دل ۾ سو زبان ۾ تي اچڻ.
    زبان دل جي ترجمان هوندي آهي. دل جو زبان سان گهرو تعلق آهي. جيڪي دل ۾ هوندو آهي، سوئي زبان سان اظهار ڪيو ويندو آهي. مٿيئن مفهوم کي ڪهڙن نه سولن ۽ سهنجن لفظن جو روپ ڏئي اصطلاح بڻايو ويو آهي. ظاهر آهي ته چمچي ۾ اهو ئي چڙهي ايندو جيڪو ديڳ ۾ موجود هوندو. هتي ديڳ کي دل سان ۽ چمچي کي زبان سان تشبيه ڏني ويئي آهي.

    چاڪيءَ جي ڏاند کي گهر ۾ ئي ڪوهه پنجاهه:
    غريب ماڻهو سخت محنت کانپوءِ به ساڳيو ئي بدحال رهي ٿو.
    هن اصطلاح ۾ غريب جي پورهئي کي چاڪيءَ جي ڏاند سان تشبيه ڏني ويئي آهي. جهڙيءَ ريت چاڪيءَ جو ڏاند ويچارو سڄو ڏينهن فقط هڪڙي ئي پٽي تي پيو ڦرندو آهي، ۽ ائين ڪوهن جا ڪوهه ڪُٽي ويندو آهي. ساڳي طرح مسڪين ماڻهو به روزانه سخت محنت ۽ مشقت بعد به ساڳي هنڌ بيٺو هوندو آهي ۽ ويچاري جو گذر، ’آڻين ۽ چاڙهين ڏٿ ڏهاڙي سومرا‘ وارو هوندو آهي. خوشحاليءَ جو ته هو خواب به ڏسي ڪو نه سگهندو آهي. چاڪيءَ جي ڏاند لاءِ ڪنهن شاعر خوب چيو آهي:
    نڪا سڙڪ سڌي کپي، نڪو ساٿ سڀاءُ،
    چاڪيءَ سندي ڏاند کي، گهر ۾ ئي ڪوهه پنجاهه.

    درياهه ڀر تي واڳونءَ سان وير وجهڻ:
    ڏاڍن جي حد ۾ رهي سندن مخالفت ڪرڻ. ڏاڍي سان پلئه ڪي مهمير ئي اٽڪائيندا آهن. هي وڏو جان جوکي جو ڪم آهي. اصطلاح ۾ ڏاڍي يا ظالم جو مثال درياهه جي واڳونءَ سان ڏنو ويو آهي، واڳونءَ جو وير مشهور آهي. ڪي ظالم انسان وير وٺڻ ۾ واڳونءَ جو وير مشهور آهي. ڪي ظالم انسان وير وٺڻ ۾ واڳونءَ کان گهٽ ڪونه هوندا آهن.

    رِڍَ جي لت ڀيڏيءَ تائين:
    ڪمزور ۽ غريب جي هٿان نقصان جو انديشو تمام گهٽ هجڻ.
    رڍ جانورن ۾ نهايت غريب ۽ ماٺيڻو جانور شمار ٿيندو آهي. جنهن مان نقصان جو امڪان تمام گهٽ رکبو آهي. اهڙي طرح غريب کي رڍ سان تشبيه ڏئي اصطلاح ۾ آندو ويو آهي. مسڪين ماڻهوءَ مان به نقصان جو خطرو يا امڪان گهٽ رکبو آهي.

    زهر تريءَ تي رکي نه کائڻ: بڇڙي سنگت ۾ رهي به برائي اختيار نه ڪرڻ.
    مٿين اصطلاح ۾ Will Power جو ذڪر ڪيو ويو آهي. بڇڙي سنگت ۾ رهي به برائي اختيار نه ڪرڻ وڏي همٿ ۽ حوصلي جو ڪم آهي. ان لاءِ وڏي خود اعتماديءَ جي ضرورت آهي.

    سانوڻ جي انڌي کي رڳي ساوڪ نظر اچڻ:
    غريبيءَ رسي به اميريءَ جا خيال دل ۾ آڻڻ.
    اها انسان جي فطرت آهي ته هو ڏک توڙي سک جي جن حالتن ۽ ڪيفيتن مان گذرندو آهي، انهن کي وساري ڪو نه سگهندو آهي. اهي سکيا توڙي ڏکيا ڏينهن وقت بوقت سندس ذهن جي پردي تي نقش ٿيندا رهندا آهن. وري جڏهن ڪو ماڻهو حالتن جي چپيٽ ۾ اچي عرش کان فرش تي پوندو آهي يعني هو سکن مان نڪري ڏکن جي حوالي ٿي وڃي ته سندس ذهن مان سکن ڀريو ماضي جلد وسري ڪو نه سگهندو. اهڙي ماڻهوءَ لاءِ مذڪوره اصطلاح ڪيترو نه موزون ۽ مناسب جوڙيو ويو آهي.

    ڪڏهن ڏينهن وڏو ته ڪڏهن رات وڏي ٿيڻ:
    زمانو هميشه هڪ جهڙو نه هئڻ.
    حالتون هميشه هڪ جهڙيون ڪو نه رهنديون آهن. ڪڏهن ڏک ته ڪڏهن سک، ڪڏهن رنج ته ڪڏهن راحت، ڪڏهن سک جو وقفو وڏو ٿيندو آهي، ته ڪڏهن ڏک پهاڙن جيڏا اڳرا ٿي ويندا آهن. ڏکن وارا ڏينهن به سال پيا ڀائنبا آهن. ڪڏهن وري سک جي هڪ گهڙي صدين تي ڳري هوندي آهي. اهڙين ڪيفيتن لاءِ مٿيون اصطلاح منڊيءَ تي ٽڪ جهڙو محسوس ٿئي ٿو.

    ڪوئلن جي دلالي ڪرڻ ڪوئلن جو ڪاروبار ڪرڻ:
    بڇڙا ڪم ڪرڻ.
    جهڙيءَ ريت ڪوئلن جو ڪاروبار ڪندڙ جا هٿ پير، لڱ لٽا ڪارا ٿي ويندا آهن. اهڙيءَ ريت بڇڙا ڪم ڪرڻ سان ماڻهوءَ جي شخصيت داغدار ٿي پوندي آهي ۽ مٿس جڳ جهان جون آڱريون کڄنديون آهن ۽ هر ڪو کائنس نفرت ڪندو آهي. اهڙي ماڻهوءَ جو مثال ڪوئلن جو ڪاروبار ڪرڻ واري سان ڏيڻ ڪيڏو نه مناسب ۽ موزون لڳي ٿو. بڇڙا ڪم ڪرڻ وارو انسان نه فقط معاشري جي نظرن ۾ ڪري پوي ٿو پر الله جي حضور ۾ به گهنگار بڻجي ٿو جنهن ڪري سندس بُرن عملن جي سزا قيامت ۾ کيس ضرور ملندي.
    سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙا ڪيترائي غير معمولي اصطلاح ملن ٿا، تنهن ڪري هتي اختصار کان ڪم وٺندي هيٺ اهڙن اصطلاحن جي تشريح کانسواءِ رڳو معنيٰ تي اڪتفى ڪندي مختصر وچور پيش ڪجي ٿي.

    آنا انبن ۾ ته ٻچا ٻٻرن ۾ هئڻ: سڄو ڪارخانو ڊانوان ڊول ٿيڻ.
    بهشت ۾ دوزخ جي ڍنگري هئڻ: آرام ۾ خلل وجهڻ.
    بي حيائي جو برقعو ڍڪڻ: لاهي پائي بيهڻ.
    ٻاهريون ٻنو رکڻ: مٿاڇرو تعلق رکڻ.
    پنهنجي گابي جا ڏند ياد هئڻ: پنهنجي حال جي پوري خبر هجڻ.
    چلهه ۾ باهه نه دلي ۾ پاڻي هئڻ: مفلسيءَ ۾ گذران ڪرڻ.
    دمڙيءَ جي دال ٽي وقت چاڙهڻ: سخت ڪنجوسي ڪرڻ.
    ساڳي آويءَ جا ٺڪر هئڻ: ساڳي خاندان سان تعلق هجڻ.
    سڀ کي ساڳي لٺ سان ڪاهڻ: لچ توڙي اشراف سان ساڳي هلت هلڻ.
    سڱ ڪپائي گابن سان گڏجڻ: نوجوان بڻجڻ جي ڪوشش ڪرڻ.
    سُوا گڏهه ڦَرَ تي اچڻ: ڪاهي پوڻ – ڌُوڪي پوڻ.
    سَوَڙِ ۾ چهنڊڙيون لڳڻ: زال جي مڙس کي فرمائش ڪرڻ يا لاڏ ڪرڻ.
    سُئيءَ جي پاکي مان اُٺ لنگهائڻ: ناممڪن کي ممڪن بڻائڻ.
    سينڍ ۾ مارئي ڳائڻ.: ڳالهه منجها ئي چوڻ / ڪرڻ.
    شهين جي ڪَنَ ۾ هئڻ: گهڻي مشڪل سان ملڻ.
    فالودو کائيندي ڏند ڀڄڻ: سولي ڪم ڪندي نقصان رسڻ.
    قبر تي قبر اڏڻ: قرض تي قرض کڻڻ.
    قرض کڻي ڪنگڻ پائڻ: قرض کڻي ٺاٺ ڪرڻ.
    ڪڻڪ جي مانيءَ لاءِ فولاد جو پيٽ هئڻ: وڏي رتبي يا عهدي لاءِ وڏي حوصلي جي ضرورت هئڻ.
    ڪوٽ جي مٽي ڪوٽ تائين پوري هئڻ: جنهن شيءِ مان ڪمائڻ ان تي ئي خرچ ڪرڻ.
    کدڙي کي پٽ ڄمڻ: ناممڪن ڳالهه ٿي پوڻ.
    کري کي تيل ڏئي پري ٿي بيهڻ: جهيڙو مڇرائي پاڻ نڪري وڃڻ.
    گپ جو ڪِلو هئڻ: بنياد ڪمزور هئڻ.
    گونگن جو ڳائڻ ٻوڙن جو ٻڌڻ: سڀ ڪم لڪ چوريءَ ۾ ڪرڻ.
    لعنت جي لسيءَ تي پلجڻ: بي عزتي جي روزي کائڻ.
    ماءُ جو پيٽ ڪنڀر جي آوي هجڻ: ماءُ جي پٽيان خوبصورت توڙي ڪوجها ڄمڻ.
    ملان جي ڪُٺي حلال هئڻ: وڏي ماڻهوءَ جو هر ڪو ڪم جائز هئڻ.
    هڪ مڻ علم کي ڏهه مڻ عقل کپڻ: علم کي سمجهڻ لاءِ عقل جو ضروري هجڻ.
    نه پاروٿو بچڻ نه ڪتو در تي اچڻ: نه مالدار هجڻ نه چور جو در تي اچڻ.
    هاٿيءَ جو بار هاٿي سنڀالڻ: وڏا ۽ غيرمعمولي ڪم حوصلي وارن کان ٿيڻ.


    • سنڌي ٻوليءَ ۾ اسمن ۽ فعلن جي با معنى بيهڪ ۽ تجنيسِ حرفي توڙي معنوي تضاد وارا اصطلاح

    اصطلاح جو استعمال ٻوليءَ جي سينگار جو سبب بڻجي ٿو. هر هڪ ساهتيه يا سڌريل ٻولي اصطلاحن سان مالا مال هوندي آهي. جيئن هر ٻوليءَ جي اصطلاحن جو معنى توڙي مطلب جي لحاظ کان پنهنجو پنهنجو رنگ ٿئي ٿو، تئين انهن جي سٽاءَ ۽ بيهڪ جو به منفرد انداز آهي. سنڌي ٻولي پڻ انهي دولت کان وانجھي نه آهي بلڪه ان جي ڪجھ اصطلاحن جي سٽاءَ جو ته رنگ ئي نيارو آهي، جيڪو ٻين ٻولين ۾ ايڏو نظر نه ٿو اچي. سنڌي ٻوليءَ جي اهڙن اصطلاحن جون جيڪي خصوصيتون مونکي نظر آيون آهن انهن ۾ اسمن ۽ فعلن جي بامعنى بيهڪ ۽ تجنيسِ حرفي وارا اصطلاح ۽ بيهڪ جي لحاظ کان لفظي توڙي معنوي تضاد وارا اصطلاح اچي وڃن ٿا.
    گرامر ٻوليءَ جو بنياد هوندو آهي، جنهن کان سواءِ اها اڻ پوري ۽ ٻُسي ليکي ويندي آهي. ساڳي طرح تجنيسِ حرفي پڻ ٻوليءَ جي خوبصورتيءَ ۾ اضافي جو باعث بڻجي ٿي.
    هيٺ اول سنڌي ٻوليءَ جي اسمن ۽ فعلن جي بامعنى بيهڪ ۽ تجنيسِ حرفيءَ وارا ڪجھ اصطلاح معنى سميت ڏجن ٿا. اهڙن اصطلاحن جو تعداد بيشمار آهي. هن قسم جا اصطلاح گھڻو تڻو ٻن لفظن تي مشتمل آهن، پر ڪن ۾ ٻن کان وڌيڪ لفظ به ڪتب آندا ويا آهن. ڏسبو ته انهن اسمن ۽ فعلن جي بيهڪ توڙي معنى ڀرپور تاثر ڇڏي ٿي. ٻئي طرف انهن ٻن يا ٽن لفظن جو آڏو وارو حرف ساڳيو هئڻ سبب تجنيسِ حرفي جي صنعت، اصطلاح ۾ خوبصورتي ۽ رواني پيدا ڪئي آهي.

    گھڙيون گھارڻ. ــــــــ ڪجھ وقت گڏ گذارڻ.
    واڳون وارڻ. ــــــــ واپس موٽڻ.
    هينئون هارڻ. ــــــــ مايوس ٿي ويهڻ.
    ڀيرو ڀڃڻ. ــــــــ وساري ڇڏڻ.
    پٽيون پڙهائڻ. ــــــــ گمراهه ڪرڻ / برغلائڻ.
    ڪاڳر ڪارو ڪرڻ. ــــــــ بي لاڀي محنت ڪرڻ.
    سُک سارڻ. ــــــــ سکيا ڏينهن ياد ڪرڻ.
    احوال اورڻ. ــــــــ حال ٻڌائڻ / مدعا بيان ڪرڻ.
    ڏوهه ڏيڻ. ــــــــ ٻي کي قصوروار ڪرڻ.
    واجھه وجھڻ. ــــــــ شدت سان انتظار ڪرڻ.
    ڀُنگُ ڀرڻ. ــــــــ ڏنڊ ڏيڻ.
    نينهن نڀائڻ. ــــــــ رستو نه ٽوڙڻ / وفادار رهڻ.
    گوندرَ گھارڻ. ــــــــ غم ۾ گذارڻ.
    رنڊا روڙڻ. ــــــــ وت آهر ڪم ڪرڻ / ٿلهو ڪَتڻ.
    مَلهه مارڻ. ــــــــ ڪامياب ٿيڻ / فتح حاصل ڪرڻ.
    ميلو مچائڻ. ــــــــ رنگ رچائڻ.
    پيچ پائڻ. ــــــــ ناتو قائم ٿيڻ.
    نور نچوئڻ. ــــــــ سخت محتن ڪرڻ.
    چنگ چورڻ. ــــــــ ڪوشش جاري رکڻ.
    رنگ رچائڻ. ـــــــــ ميلو مچائڻ / رونق وٺائڻ.
    کڏون کوٽڻ. ــــــــ ٻي کي نقصان رسائڻ لاءِ سوچڻ.
    ڏونگر ڏورڻ. ــــــــ تڪليفون ڪاٽڻ.
    مُنهن موڙڻ. ــــــــ بي رخي اختيار ڪرڻ.
    هنجون هارڻ. ــــــــ تمام گھڻو روئڻ.
    روح ريجھائڻ. ــــــــ دل کي تسلي ڏيڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ.
    ڳوڙها ڳاڙڻ. ــــــــ پڇتائڻ / شرمندو ٿيڻ.
    کِلي کِيڪارڻ. ــــــــ آڌرڀاءُ ڪرڻ.
    جھوريءَ جھِڄڻ. ــــــــ گھڻو صدمو رسڻ.
    ڍَڪُ ڍڪڻ. ــــــــ عيبن تي پردو وجھڻ.
    جنگ جوٽڻ. ــــــــ جدوجهد ڪرڻ.
    پير پائڻ. ــــــــ اچڻ / داخل ٿيڻ.
    ٽَڳا ٽوڙڻ. ــــــــ رشتا ناتا ڦٽائي ڇڏڻ.
    لنؤن لڳائڻ. ــــــــ جذباتي تعلق قائم ڪرڻ.
    لڄ لاهڻ. ــــــــ بي شرمو / بي حيا ٿي بيهڻ.
    ويڳُ وجھڻ. ــــــــ پنهنجي لاءِ آزار پيدا ڪرڻ.
    ماري مڃائڻ. ــــــــ پنهنجي ڳالهه تسليم ڪرائڻ.
    لوئي لڄائڻ. ــــــــ شرمندگيءَ جهڙو ڪم ڪرڻ.
    ڏاند ڏهڻ. ــــــــ نڪمي / ڪنجوس کي نوائڻ.
    دونهين دُکائڻ. ــــــــ وِتَ آهر ڪوشش ڪرڻ.
    ونگُ وجھڻ. ــــــــ ڦاسائڻ / هٿيڪو ڪرڻ.
    ڏنڀَ ڏيڻ. ــــــــ ذهني تڪليف ۾ مبتلا ڪرڻ.
    کُپُ کوڙڻ. ــــــــ گھڻي وقت لاءِ ترسي پوڻ.
    جبل جھاڳڻ. ــــــــ تڪليف ڪاٽڻ.
    پَهه پچائڻ. ــــــــ سوچَ ويچار ڪرڻ.
    آڏو اچڻ. ــــــــ ڪَئي جو نتيجو ڀوڳڻ.
    ڍارو ڍرڻ. ــــــــ بختُ ورڻ.
    هٿڙي هڻڻ. ــــــــ حرفت سان حاصل ڪرڻ.
    چَپَ چورڻ. ــــــــ اظهار ڪرڻ.
    چاڪَ چڪائڻ. ـــــــ ڦَٽَ اڊيڙي ڇڏڻ / سخت تڪليف رسائڻ.
    اوچو اوڍڻ. ــــــــ قيمتي لباس پائڻ.
    چرٻي چڙهڻ. ــــــــ سُستيءَ کان ڪم وٺڻ / ٽوٽي ٿيڻ.
    لاک لاهڻ. ــــــــ وڏي تعدي ڪرڻ.
    لفظي توڙي معنوي تضاد وارن اصطلاحن مان مراد اهڙا اصطلاح آهن جن جا لفظ پنهنجي بيهڪ توڙي معنى جي لحاظ کان متضاد آهن. مثال طور ’قلم هميشه سبتو وهائڻ گھرجي.‘ يعني ’قلم ذريعي انصاف ملڻ کپي.‘ پر اصطلاح آهي ”ابتو قلم وهائڻ.“ جيڪو ڄڻ ’انصاف جي نفي ٿو ڪري.‘ هيٺين اصطلاحن ۾ ’ابتا‘، ’اُبتي‘ ۽ ’اُلٽي‘ اهڙا لفظ آهن جيڪي اصطلاح ۾ لفظي توڙي معنوي تضاد جو سبب بڻجي پيا آهن. هيٺ اهڙا چند اصطلاح مثال طور پيش ڪجن ٿا.
    اُبتا ٽوپا ڏيڻ. ــــــــ فضول خرچي ڪرڻ.
    ابُتا پير کڻڻ. ــــــــ چڱي چال نه هلڻ.
    اُبتا واهڙ ترڻ. ــــــــ بي سود ڪوشش ڪرڻ.
    اُبتو قلم وهائڻ. ــــــــ انصاف نه ڪرڻ.
    اُبتي تسبيح پڙهڻ. ــــــــ بد دعا ڏيڻ يا پِٽڻ.
    اُبتي پَٽي پڙهائڻ. ــــــــ برغلائڻ.
    اُبتي ڪاتي وهائڻ. ــــــــ سخت ظلم ڪرڻ.
    اُبتي ڪاتيءَ سان ڪُهڻ. ـــ ڏاڍو وڻي وڃڻ./ وڏو نفعو وٺڻ.
    اُبتي گنگا وهڻ. ــــــــ عام قانون جي اُبتڙ هلڻ.
    اُبتي کَلَ لاهڻ. ــــــــ سخت اذيت ڏيڻ.
    اُبتو ڪلمو پڙهڻ. ــــــــ غلط ڪم ڪرڻ.
    اُبتيون وکون کڻڻ. ــــــــ غلط راهه تي هلڻ.
    اُلٽي کوپڙي هجڻ. ــــــــ بد دماغ هجڻ.


    • مددي ڪتابن جو وچور:

    1. سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ .. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
    2. اصطلاحن جي اصليت.. ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو
    3. ماڻڪ موتي لعل.. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي
    4. قديم سنڌي ٻولي.. ڪاڪو ڀيرو مل آڏواڻي
    5. سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد.. ڊاڪٽر غلام علي الانا
    6. سنڌي لغات.. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
    7. تحقيق لغات سنڌي.. ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو
    8. سنڌي لغات قديمي.. مرزا قليچ بيگ
    9. سنڌي شاعري تي فارسي شاعريءَ جو اثر.. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو
    10. سنڌي غزل جي اوسر.. ڊاڪٽر اياز حسين قادري
    11. سنڌي پهاڪا ۽ محاورا.. مرلي ڌر جيٽلي
    12. گل شڪر.. ڪيول رام، ترتيب ۽ تدوين: عبدالوهاب سهتو
    13. شاهه جو رسالو.. غلام محمد شهواڻي
    14. آفتابِ ادب.. حڪيم فتح محمد سيوهاڻي
    15. فيروزاللغات.. (ڇپائيندڙ:فيروز سنز لاهور)
    16. اصطلاحاتِ اصغر.. غلام اصغر
    17. انسائيڪلو پيڊيا برٽانيڪا
    18. ورجيسون پس منظر ۽ ڪارج.. عبدالوهاب سهتو
    سنڌي پهاڪا.. لسانياتي ۽ سماجي ـ ثقافتي اڀياس.. ڊاڪٽر روي پرڪاش


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 731
    ڪتابن جو مشاهدو: 1088345
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 356650
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ