ڪتاب جو نالو: دهليء جو درشن
مصنف: الطاف شيخ
ڇپائيندڙ: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو
ڪيٽيگري: الطاف شيخ ڪارنر
شايع ٿيڻ جو سال:
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 01 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 2213 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 450 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
محترم الطاف شيخ جو هي سفرنامو ”دهليء جو درشن” هندستان ڏانهن سفر بابت آهي جيڪو بس جي ذريعي واگهه بارڊر ذريعي ڪيو اٿس۔ ٽيڪسٽ ڪاپي محترم سائين انجنيئر عبدالوهاب سهتو المنعم لائبرري لاڙڪاڻو جي تعاون سان ملي. اي بڪ سنڌي ادبي سنگت سٽي سکر پاران اي بوڪ جي صورت ۾ محترم عبداللطيف انصاريء جي ڪوششن سان پيش ڪيو ويو آهي۔
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • انتساب
  • فهرست

  • انڊيا وڃڻ جو پروگرام
  • انڊيا وڃڻ لاءِ بس جو ڀاڙو ۽ ڪرنسي
  • هندستان ڏي روانگي
  • گهوٽ چڙهي گهر گهوڙي ايندو
  • ڪارول باغ جي هوٽل ۾
  • ملاڪا شيروات جي ملڪ ۾
  • انڊيا ۾ مسلمان وڌيڪ سلامتي سان رهن ٿا
  • سرڪاري ٺيڪدارن لاءِ سستا مزور
  • هردوار _ هندن جو حج
  • هردوار کان واپس نيو دهلي
  • دهليءَ ۾ سنڌي ڇوڪرين جو اسڪول
  • انڊيا ۾ اسان جا رهندڙ اوڏو
  • دهلي ۾ ماڻهو سڄي رات پيا گهمن
  • انڊيا جو Corrupt پير
  • هڪ مسافر لاءِ ضروري ڳالهيون
  • دهليءَ جي عمارتن جو سير
  • منهنجي گروپ جا ماڻهو ۽ خريداري
  • دهليءَ جي گهٽين ۾
  • دهلي کان بڙودا
  • گجرات جي شهر بڙودا ۽ آسپاس ۾
  • دهليءَ جو قطب مينار
  • برلا مندر
  • دهليءَ جون حويليون
  • دهليءَ جي جهوني ۾ جهوني لئبريري
  • ٻه اکر دادا جشن لاءِ
  • انڊيا جي رستن تي هلندڙ ڪارون...
  • رهائش جو مسئلو
  • ڇا دهلي ٺڳن کان مشهور آهي...
  • ڪيترا عرب انڊيا ۾ شاديءَ لاءِ اچن ٿا
  • جيڪي ڳالهيون رهجي ويون
  • انڊيا جي ماڻهن لاءِ نوڪريون جام ڇو؟
  • بالي ووڊ جا ڪجهه سنڌي
  • ڇا ڇا کائجي پيئجي ۽ بيمار ٿيڻ کان بچجي
  • ٻه لفظ دهليءَ بابت...
  • انڊيا جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين..
  • Eat Here and Get Gas
  • ڪامياب راستي
  • انڊيا بابت ڪتاب ۽ انڊيا جا رائيٽر
  • انڊيا ۽ دهليءَ سان واسطو رکندڙ ڪجهه اهم سن

  • انتساب

    آسودو رام اوڏ


    دهليءَ ۾ رهندڙ سڪرنڊ جي هڪ غريب ۽ اڻ پڙهيل ڳوٺاڻي ۽ ان جهڙن ٻين انيڪ انسانن نالي جيڪي هٿين خالي وطن ڇڏي ڌارئين ديس پهتا ۽ اتي به لڳاتار پورهئي ، محنت، ايمانداريءَ ۽ سادگيءَ سان وقت گذاري، هنن پاڻ کي به زندهه رکيو ۽ پنهنجي اولاد کي به پاليو پر تعليم جهڙي زيور سان به آراسته ڪيو. اڄ انهن جا ٻار ملڪ جا وڏا ڊاڪٽر، انجنيئر، سائنسدان، ۽ بزنيس مين آهن. اڄ به محنت، ايمانداري ۽ نهٺائي هنن جي علامت آهي.


    الطاف شيخ


    فهرست

    انڊيا وڃڻ جو پروگرام

    اسان جي پاڙيسيري ملڪ انڊيا جو هي منهنجو سفر پهريون به چئي سگهجي ٿو ته ٻيو به. ان ڪري جو هن کان اڳ به منهنجو انڊيا وڃڻ ٿي چڪو آهي جڏهن اسان مئٽرڪ ڪلاس ۾ هئاسين، تڏهن مون سفر ناما لکڻ شروع نه ڪيا هئا، ۽ دهلي جو لال قلعو، امرتسر جو گولڊن ٽيمپل يا آگري ۾ تاج محل کي چڱي طرح ڏسڻ بدران، اسين ڪلاس ميٽ هر هنڌ ڊوڙڻ ڊڪڻ ۽ ڪلفيون ۽ دهي بڙا کائڻ ۾ مشغول ٿي رهياسين. اهو سال 1960ع هو جڏهن اسين ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جا سي (Sea) اسڪائوٽ پنهنجن ٻن پروفيسرن؛ ڪمانڊر اسرارالله ۽ فيروز خان سان گڏ چٽاگانگ ۾ اسڪائوٽ جهمبوري اٽينڊ ڪرڻ لاءِ نڪتا هئاسين. بس ذريعي پيٽارو کان ڪراچي پهتاسين، تڏهن نوري آباد وارو سپر هاءِ وي اڃا نه ٺهيو هو، سو ٺٽي پاسي کان نيشنل هاءِ وي آياسين. ڪراچي مان ڪراچيءَ جا به ڪجهه Sea- Scouts شامل ٿيا ۽ ريل ذريعي لاهور پهتاسين جتان پوءِ بارڊر ٽپي امرتسر آياسين، امرتسر شايد ڏينهن ٻه رهي پوءِ ريل ذريعي ڪلڪتي آياسين. رستي تي ٻن ٽن شهرن ۾ ترسياسين جن مان آگرو، لکنؤ ۽ دهلي هن وقت ياد اٿم جو انهن شهرن جي تاريخي جاين اڳيان نڪتل منهنجا ۽ منهنجي ڳوٺائي نجم انصاريءَ جا فوٽو اڃا تائين اٿم. لاڙڪاڻي جي مشهور وڪيل ۽ سفير عبدالفتاح ميمڻ جو پٽ مرحوم علي رضا ۽ ميرپور خاص جو خالد لطيف پڻ ان گروپ ۾ شامل هئا ۽ منهنجا ڪلاس ميٽ هئا.
    ڪلڪتي ۾ ڏينهن ٻه رهڻ بعد وري ريل ذريعي ڍاڪا آياسين جتان پوءِ نارائڻ گنج، نارائڻ گنج مان اسٽيمر ذريعي سڄي ڏينهن جي سفر بعد چٽاگانگ آياسين ۽ واپسيءَ تي انڊيا جي هڪ ٻن شهرن مان ٿيندا ڪراچي موٽياسين.
    جهازي نوڪري ذريعي اسان جي ڪمپني جا جهاز بمبئي، مدراس، ٽراونڊرم ۽ ڪلڪتي جهڙا انڊيا جا وڏا بندرگاهه توڙي رتناگيري، ڪروار ۽ گوا جهڙا ننڍا بندرگاهه ڇهندا رهيا ۽ منهنجا ٻيا ڪلاس ميٽ ۽ دوست جهازي انڊيا جي مٿين بندرگاهن جا ڪيترائي چڪر هڻندا رهيا پر اتفاق اهڙو ٿيندو هو جو جنهن جهاز تي منهنجي بدلي ٿيندي هئي ان جو انڊيا وڃڻ جو پروگرام نه ٺهندو هو. 1971ع واري جنگ کان ڪجهه هفتا اڳ اسان جي جهاز جو پروگرام بمبئي ۽ مدراس ڏي ٿيو. پر اڃا اسين بنگلاديش (تن ڏينهن ۾ مشرقي پاڪستان) جي بندرگاهن چٽاگانگ ۽ چالنا وغيره ۾ هئاسين ته لڙائي شروع ٿي وئي ۽ نه فقط شروع ٿي وئي پر اها کڻي چئجي ته اسلامي تاريخ جي بري طرح هارايل جنگ ثابت ٿي. پاڪستان ريڊيو ڪوڙ سٽي پنهنجن کي ئي منجهائيندو رهيو. آخر ۾ اسان جا جيڪي انڊيا جي بندرگارهن ۾ جهاز هئا اهي ته ڦاسي پيا پر چٽگانگ ۽ چالنا جهڙن پنهنجي ملڪ جي بندرگاهن ۾ ڀڄ ڊڪ ۽ وٺ پڪڙ ۾ ڪجهه جهاز نڪري ويا، ڪجهه تباهه ٿي ويا ۽ ڪجهه تي انڊيا قبضو ڪري ان تي سوار جهاز هلائيندڙن ۽ مسافرن کي ٻن سالن لاءِ قيدي ڪري رکيو. منهنجا ڪيترائي ڪلاس ميٽ ڪئپٽن افتخار KPT وارو، ڪئپٽن عرفان دار DGPS) وارو)، ڪئپٽن رياض چوڌري سانگهڙ وارو انهن هزارين قيدين مان چند هئا جيڪي هندستان جي جيلن جي ٻه سال هوا کائيندا رهيا.
    جنگ، جهيڙا، امن خوشيون زندگيءَ جو ڪاروبار هلندو رهي ٿو. هڪ ئي گهر ۾ رهندڙ ٻن ڀائرن جي وچ ۾ به ڪڏهن ڪڏهن ٽڪراءُ ٿيندو رهي ٿو، تڏهن ته پهاڪو ٺهيو آهي ته جتي ٻه ٿانو هوندا اتي ضرور ٽڪراءُ ٿيندو. هيڏين جنگين لڙائين هوندي به هڪ ڳالهه مون نوٽ ڪئي ته ٻاهر جي دنيا ۾ پهرين به، ۽ هاڻي به هڪ عام انڊين ۽ هڪ عام پاڪستاني پوءِ چاهي اهي هندو هجن، مسلمان يا سک عيسائي پاڻ کي هڪ ٻئي جي ويجهو ۽ پنهنجو ٿا سمجهن. شايد ان ڪري جو اسان جو مذهب کڻي ٻيو هجي پر ڌرتي، ڪلچر، ثقافت، غميون خوشيون، کاڌا خوراڪون، پوشاڪ، ريتون، رسمون، راڳ مرثيا ۽ ڀڄنون ساڳيون آهن. اسان ساڳي تاريخ جو حصو آهيون، تاج محل ۽ جامع مسجد کڻي انڊيا جي شهر آگري ۽ دهلي ۾ هجي پر اسان به ته ان کي پنهنجو سمجهون ٿا ۽ اسان هلي ملي اجمير حضرت معين الدين چشتي ۽ دهلي خواجه نظام الدين اولياءَ جي درگاهه تي وڃون ٿا. انڊيا جا سک حسن ابدال اچن ٿا، احمد آباد، بڙودا جا سنڌي پنهنجي پراڻي ڀومي سنڌ ۾ اچي آسيس محسوس ڪن ٿا.
    بهرحال منهنجو هندستان جو پهريون ۽ مختصر سفر اڄ کان پنجيتاليهه سال اڳ جو هو، ان بعد ڪجهه سالن بعد جڏهن مئرين انجنيئر جي حيثيت سان پاڻيءَ جي جهازن تي نوڪري شروع ڪيم ته جتي يورپ، آمريڪا ۽ بين ڏورانهن ڏيهن ڏي وڃڻ جو شوق ۽ Adventure جو مزو هو اتي پنهنجي پاڙي جي ملڪ هندستان جي بندرگاهن ۾ وڃڻ پنهنجو Charm هو. ڪٿي مهيني کن جي سامونڊي لوڏن ۽ طوفانن، بعد لنڊن، ڪوپن هيگن، اسٽاڪهوم جهڙن مهانگن ملڪن ۾ پهچي سرد هوائن ۽ سٽجڻ ۽ ڪٿي فقط ٻن ڏينهن جي سفر بعد بمبئي پهچڻ چئن ڏينهن ۾ ڪلڪتي پهچڻ جتي پنهنجي ملڪ جهڙي سستائي ۽ ڪچلر هو. جتي انهن ڏينهن جي دلپسند وندر انڊين فلمون هيون، تواريخي جايون هيون، تاريخ جهڙا ڪتاب جن کي اسڪول جي ڏينهن ۾ ڪڏهن به پڙهڻ ۾ مزو نه آيو سي ڊگهن سامونڊي سفرن ۾ پڙهڻ بعد تاريخي جاين ۾ دلچسپي پيدا ٿي ۽ جن لاءِ هندستان کان وڌيڪ ٻيو ڪو ملڪ ناهي. ۽ پوءِ هندستان سان تعلقات سڌرڻ بدرا ويا خراب ٿيندا ۽ اسان اوڏا هوندي به ڏور ٿيندا وياسين. چاليهه سال کن سامونڊي نوڪريءَ سان واسطو هوندي به انڊيا وڃڻ نه ٿيو ۽ هاڻ سٺ سالن جي عمر تي پهچي جهاز ۽ سفر ڇڏي اچي گهر ڀيڙو ٿيس ته پاڙي ۾ رهندڙ منهنجي پيٽارو جي دوست نولراءِ اوڏ اچي ٻڌايو ته سندس پٽ مڪيش جيڪو انگلينڊ ۾ رهي ٿو اهو اتي جي هڪ ڇوڪريءَ سان شادي ڪري رهيو آهي. ”پر ان شاديءَ جي مڱڻيءَ جي رسم هتي ڪراچيءَ ۾ ٿيندي ۽ شادي هندستان جي گجرات صوبي جي شهر بڙودا، ۾ هتان ڄڃ ۾ منهنجا مائٽ مٽ هلي رهيا آهن توهان به هلو.“
    ”نيڪي اور پوچهه پوچهه. ٻيو ڪو هلي يا نه آئون ضرور هلندس.“ مون ٻڌايومانس.
    نولراءِ اوڏ اڄڪلهه ملتان ۾ انڪم ٽئڪس ڪمشنر آهي سو انڊيا جي ويزا لڳرائڻ لاءِ مون کي پاسپورٽ ملتان موڪلڻ لاءِ چيائين.
    ”مڙيئي مهينو ڏيڍ کن رهنداسين جو رامچند جي پٽ جي شادي به انڊيا جي شهر دهليءَ ۾ ٿي رهي آهي. اسان گهڻي ئي ڪوشش ڪئي آهي ته هفتي اندر ٻئي شاديون ٿي وڃن پر اسان جي پنڊت جيڪي شاديءَ جون تاريخون چونڊيون آهن انهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ مهيني جي وٿي آهي.“ نولراءِ ٻڌايو.
    ”توهان جا نه فقط ڇوڪرا پر ٻائو به ڀلو ٿو لڳي جو هنن نه فقط هنن شادين جو پروگرام انڊيا ۾ رٿيو آهي پر گهمڻ لاءِ مهينو کن اسان کي ڏياريو آهي.“ مون وراڻيومانس.
    نولراءِ اوڏ ۽ رامچند اوڏ ٻئي ڀائر منهنجا 1959ع کان سڃاڻا آهن جڏهن هو ڪنڊيارو کان ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ آيا هئا. بلڪه هنن کان به هڪ سال اڳ سندن هڪ ٻيو وڏو ڀاءُ ارجن داس اوڏ ڪئڊٽ ڪاليج ۾ اسان سان گڏ آيو هو. ارجن پيٽارو مان نڪرڻ بعد MBA ڪئي ۽ مرحوم ننڍي هوندي ئي هڪ روڊ حادثي ۾ گذاري ويو. پيٽارو ۾ هوندا هئاسين ته هر سال اونهاري جي موڪلن ۾ اسين ڪجهه دوست پيٽارو کان پهرين هالا اسان وٽ هڪ ڏينهن کن رهي پوءِ سڌو در ٻيلي احمد حسين مخدوم ۽ خادم حسين ميمڻ جي گهر ايندا هئاسين، ان بعد ڀر واري ڳوٺ مچر ۾ بشير وسطڙو وٽ ۽ پوءِ ارجن داس اوڏ جن وٽ ڪنڊياري ۾ رهي پوءِ خيرپور، باقي ٻن ساٿين: شوڪت جماڻي ۽ مرحوم نجم قاضيءَ جي گهر رهندا هئاسين ۽ آخر ۾ لاڙڪاڻي اختر عباسيءَ وٽ ڳوٺ وليد ۾ رهندا هئاسين. سندس ننڍو ڀاءُ صفدر جيڪو پيپلز پارٽي سان تعلق رکي ٿو ۽ سينٽر به آهي انهن ڏينهن ۾ ٻن ٽن سالن جو هو جو اسين هن کي ڪڇ تي کڻي هلندا هئاسين. ارجن داس اوڏ جي گهر صفدر وانگر هڪ ٻار نه پر ڪيترائي ٻار هئا، مون سمجهيو پاڙي جا آهن پر ارجن داس ٻڌيو ته اهي سڀ هن جا ڀائر ۽ ڀينرون آهن جو هن کي ٽي مائرون آهن. ارجن داس ۽ رامچند ٻي ماءُ سونهري جا پٽ آهن ۽ نولراءِ ٽي ماءُ نانڪي جو پٽ آهي. هنن جي والد صاحب نارائڻ داس اوڏ ٽي شاديون ڪيون ۽ کيس اوڻهينءَ کن پٽ ۽ ڌيئرون ٿيون. نارائڻ داس کي ننڍي هوندي کان پڙهڻ جو شوق هو پر ان سان گڏ انهن جي والد ڦندڻ مل کي به Credit ڏيڻ کان رهي نٿو سگهجي جو هن پنهنجي پٽ جي شوق کي پورو ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري پڙهايو. تن ڏينهن ۾ مئٽرڪ امتحان ڏيڻ لاءِ به بمبئي وڃڻو پوندو هو. نارائڻ داس 1930ع ڌاري مئٽرڪ ڪئي ان بعد اتان Law ڪيائين ۽ پوءِ هائر جا امتحان ڏئي روينيو کاتي ۾ نوڪريءَ لا چونڊجي ويو ۽ آخر ۾ ڊپٽي ڪمشنر جي پوسٽ تي رٽائرڊ ٿيو.
    ڪئڊٽ ڪاليج ڇڏڻ بعد به اسان جا هن اوڏ فئمليءَ سان ويجها تعلقات رهيا. شادين غمين ۾ هڪ ٻئي وٽ اچڻ وڃڻ، ارجن داس ته گذاري ويو پر نولراءِ ۽ رامچند سان ۽ ٻين ڀائرن سان به دوستي وڌندي رهي. سندس والد نارائڻ داس اوڏ جون ڪجهه ڳالهيون قابل داد ۽ سبق آموز آهن، ڪيترا ماڻهو وڏي رتبي يا عهدي تي پهچڻ بعد پنهنجي ذات به بدلائي ڇڏيندا آهن. ويندي پاڪستان کان جيڪي اڏو لڏي انڊيا ويا اهي هاڻ اوڏ سڏائڻ بدران راجپوت سڏرائين ٿا پر نارائڻ داس صاحب ننڍي هوندي کان ٻارن کي چوندو هو ته پنهنجي اصل ذات اوڏ ئي لکندا ڪريو. سندس ٻي ڳالهه ڊسيپلين جي آهي. هن ٻارن تي هميشه ڪڙي نظر رکي، جيتوڻيڪ هو مشغول ماڻهو هوندو هو، کيس وڏو عيال هو پر هر هڪ ٻار جي تعليم ۽ تربيت تي ذاتي ڌيان ڏيندو هو ته هن جا ٻار سٺيون ڳالهيون سکن، سوير سمهن سوير اٿن، پڙهائيءَ ۾ گهڻي کان گهڻو ڌيان ڏين.
    نول ۽ رامچند وارن نه فقط مئٽرڪ ۽ انٽر ۾ مٿاهين پوزيشن کنئي پر ٻنهي ڄڻن NED مان BE جي ڊگري حاصل ڪرڻ ۾ پڻ، نولراءِ ان بعد Law ڪيو ۽ فرسٽ ڪلاس فرسٽ آيو، ۽ ان سان گڏ سول سروس جو امتحان پاس ڪيو ۽ پنهنجي انجنيئرنگ جي نوڪري ڇڏي انڪم ٽئڪس ۾ آيو جتي اڃا تائين نوڪري ڪري رهيو آهي ۽ اڄڪلهه ڪمشنر آهي.
    رامچنڊ اوڏ کي BE ۾ سٺي پوزيشن کڻڻ ڪري ٿائلينڊ جي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ جي اسڪالر ملي، ان بعد آمريڪا مان پي ايڇ ڊي ڪرڻ بعد کيس يونائيٽڊ نئشن ۾ نوڪريءَ جي آڇ ٿي ۽ اڃا تائين انهن سان واسبته آهي. پاڻ UNO طرفان انڊونيشيا، انڊيا ۽ نيپال جهڙن ملڪن ۾ نوڪري ڪرڻ بعد ڪافي عرصي کان آمريڪا جي رياست ڪالروڊو ۾ رهي ٿو.
    نولراءِ ۽ رامچند وارن جا ٻيا ڀائر به (۽ هاڻ ته سندن ۽ سندن ڀيڻن جو اولاد به) محنت ڪري نه فقط ڊاڪٽري ۽ انجنيئرنگ جون ڊگريون حاصل ڪيائون پر صحيح طرح تعليم به حاصل ڪيائون جو هو جنهن فيلڊ ۾ آهن ڪامياب آهن، ان جو مثال ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته رامچند جي هڪ ڀيڻ ميران جو هڪ پٽ پرديپ جڏهن ڪنهن پرائيويٽ فرم ۾ نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ انٽريو لاءِ ويو ته هنن کيس اهو چئي انٽرويو وٺڻ کان انڪار ڪيو ته هو مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽيءَ جو گريجوئيٽ آهي جن کي ڪجهه نٿو اچي ۽ اجايو انٽرويو وٺڻ ۾ به اسان جو ٽائيم خراب ٿو ٿئي.
    ”توهان ڀلي مون کي نوڪري نه ڏيو پر آئون هيڏو ڪهي ڪنڊيارو کان ڪراچي پهتو آهيان منهنجو انٽريو ته وٺو.“ پرديپ کين چيو ۽ هو ڪنهن طرح سان راضي ٿي ويا ۽ پوءِ جڏهن انٽرويو ورتائونس ته اهڙو ڪو سوال نه رهيو جنهن جو پرديپ جواب نه ڏنو، انٽرويو وٺڻ وارو باس منهنجو سڃاڻو هو ۽ ان ئي مون کي اهو واقعو ٻڌايو. هن چيو ته اميدوار جي ذهانت ۽ ناليج ڏسي هو نوڪري ڏيڻ لاءِ مجبور ٿي ويو. هو سڀ ۾ ٽاپ جو نڪتو ۽ ڪم ۾ به ايڏو محنتي، خوش مزاج، ڄاڻو ۽ ايماندار جو سال کن بعد جڏهن پرديپ کي سرڪاري نوڪريءَ جي آڇ ٿي ته پرائيويٽ ڪمپنيءَ وارا مون وٽ هلي آيا ته آئون هن کي پرائيويٽ ڪمپنيءَ ۾ ئي رهڻ لاءِ راضي ڪريان جنهن لاءِ هو هن کي سندس مرضيءَ مطابق وڏو پگهار ۽ هر سهولت ڏيڻ لاءِ تيار آهن. Ironically هي اهوئي مهينو هو جنهن ۾ گذريل سال پرديپ ڪمپنيءَ وارن کي منٿون پئي ڪيون ته نوڪري ڀلي نه ڏيو پر انٽرويو وٺي منهنجو ڀاڙو ته سجايو ڪريو.
    هيءَ ته ٿي بلڪل ماضي قريب جي ڳالهه پر آئون گذريل چاليهه سالن کان پنهنجن مائٽن ۽ دوستن ۽ بعد ۾ انهن جي اولاد ۽ مختلف ملڪن ۾ پڙهائڻ دوران پنهنجن شاگردن کي نولراءِ ۽ رامچند جي محنت ۽ جدوجهد جا مثال ڏيندو آيو آهيان. ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ پڙهڻ دوران اسان راندين ۽ پي ٽي پريڊ کان پيا ڀڄندا هئاسين پر هي هميشه ڀرپور حصو وٺندا هئا. ويندي باڪسنگ ۾ به. هنن جو والد صاحب نارائڻ داس اوڏ کين هميشه اها نصيحت ڪندو هو ته هڪ صحتمند مائينڊ لاءِ صحت مند جسم به ضروري آهي ۽ جسم کي صحيح رکڻ لاءِ رانديون رونديون ۽ جسماني چرپر بيحد ضروري آهي.
    NED يا BE ڪرڻ دوران هي ٻئي ڀائر ميٺارام هاسٽل ۾ رهندا هئا جتي سال کن انهن ئي ڏينهن ۾ منهنجو به رهڻ ٿيو. پيٽارو جا ٻيا به دوست ۽ ڪلاس ميٽ BE ڪري رهيا هئا ۽ ان هاسٽل ۾ رهيا ٿي، پيٽارو جي سختيءَ مان نڪرڻ بعد شهر جي زندگيءَ ۾ هر ڪو ڇڙواڳ ٿي ويو هو. ويندي اهي ڇوڪرا پڻ جيڪي سنڌ جي ٻين ڪاليجن مان انٽر ڪري هتي پهتا هئا. پر مون ڏٺو ته هي اوڏ ڀائر ئي سخت ڊسيپلين ۾ رهيا ٿي. سندن پيءُ ڊپٽي ڪمشنر هو جيڪا پوسٽ 65_1964ع وارن سالن ۾ وڏي ڳالهه سمجهي وئي ٿي، هنن وٽ پئسو به جام هو جو کين نه فقط پيءُ وٽان پر سندن ٻن وڏن ڀائرن، گلاءب راءِ ۽ حشمت راءِ طرفان به مليو ٿي جيڪي ان وقت ائين ڊاڪٽر ۽ انجنيئر ٿي چڪا هئا پر نولراءِ ۽ رامچند وارن نه فضول خرچي ڪئي ٿي ۽ نه اجايو گهمي ڦري وقت برباد ڪيو ٿي. هنن هر وقت کاڌي پيتي تي ڪنٽرول رکيو ۽ Over eating بدران ٿورو بک تي رهڻ کي ترجيح ڏني ٿي. ”طوطو به تڏهن ٿو ياد ڪري جڏهن هن کي بک تي رکيو وڃي ٿو ۽ فجر مهل ياد ڪرايو ٿو وڃيس.“ هو پنهنجي والد يا وڏن ڀائرن طرفان ٻڌايل نصيحتون اسان کي به ٻڌائيندا هئا. پڙهڻ وقت هو کٽ يا ڪرسيءَ تي ويهي پڙهڻ بدران کٽ اُڀي ڪري پٽ تي تڏو وڇائي پڙهندا هئا جيئن ننڊ يا گِڏاڻي نه ٿئي. امتحانن ۾ سٺا نمبر کڻڻ لاءِ سندن اهو اصول اڳتي لاءِ به رهيو. رامچند جڏهن ٿائلينڊ ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪري رهيو هو ته انهن ڏينهن ۾ منهنجي نوڪري جنهن جهاز تي هئي اهو جهاز جاپان ڏي ويندي يا واپسيءَ تي موٽڻ وقت هفتو ٻه بئنڪاڪ ۾ ضرور ترسندو هو ۽ رامچند وٽ پهچڻ وقت هو اتي به ڄڻ ميٺارام هاسٽل ۾ رهيو ٿي. عمارت کڻي اهڙي نه هئي پر ماحول ضرور هو، چوڌاري ٽڙيل پکڙيل ڪتاب ۽ انهن جي وچ ۾ هر وقت موجود پاڻ. ٻاهر بئنڪاڪ جي دنيا ۾ ڪهڙيون رونقون لڳيون پيون آهن انهن سان هن جو ڄڻ ته ڪو واسطو ئي نه هو، ننڍپڻ ۾ تعليم دوران سخت، زندگي گذارڻ بعد هن کي جڏهن پنهنجي خاص سبجيڪٽ (شايد Soil Engineering) مطابق نيپال، انڊيا ۽ ڏور اوڀر جي ملڪن جي بيابانن، رڻ، پٽن ۽ جابلو علائقن ۾ پريڪٽيڪل ڪم ڪرڻ جي نوڪري ڪرڻي پيئي ته به هن خوش گذاريو ٿي ۽ بهترين Results مهيا ڪيون ٿي.
    منهنجي شادي تي انڊيا هلڻ جون خبرون ٻڌي رامچند کي به خوشي ٿي ۽ ساڻس گڏ سندس پٽ به email ذريعي منهنجي همٿ افزائي ڪئي ته انڪل ضرور هلجو. دراصل سندن اوڏو فئمليءَ جي چاليهارو کن ماڻهن کان علاوه ڪيترائي سندن دوست فئملين سان هلڻ لاءِ تيار ٿيا پر آهستي آهستي ڪم ڪارين ڪري هر ڪو پنهنجو پروگرام ڪينسل ڪندو ويو. ويندي منهنجي زال به ماءُ جي بيماريءَ ڪري آخري وقت تي هلڻ جو ارادو لاهي ڇڏيو ۽ جڏهن نولراءِ اوڏ انڊيا جي ويزا لاءِ اسلام آباد پنهنجي هڪ دوست کي پاسپورٽ موڪليا ته اوڏن جي پاسپورٽن ۾ Outsider فقط آئون هوس. ايتري قدر جو نول جي دوست منهنجو پاسپورٽ کيس ملتان واپس ڪيو ته هي شايد توهان ڪنهن ڌارئين جو غلطيءَ ۾ موڪليو آهي.
    ”ڀائي ائين ته نه ڪر، ان کي اسان جو مائٽ ئي سمجهه ۽ پهرين ان تي ويزا لڳڻ کتي ٿي.“ نول هن کي منهنجو پاسپورٽ اسلام آباد واپس موڪليندي لکيو.
    ”نول اهو ته مسئلو ٿي پيو“ مون کي جڏهن خبر پئي ته مون نول کي ملتان فون ڪيو. ”ٻين کي ته گروپ جي صورت ۾ ملي وئي هاڻ منهنجي اڪيلي جي حالت ۾ انڊيا جو سفارتخانو انڪار نه ڪري.“
    ”توهان فڪر ئي نه ڪريو، توهان جي پاسپورٽ تي پنجن سالن جي آمريڪا، ڪئناڊا ۽ جاپان جي Multiple ويزا ڏسي انڊيا جي ويزا جو يڪدم ٺپو هڻي ڇڏيندا.“ نول دلداري ڏني جو آئون هاڻ ذهني طرح انڊيا هلڻ لاءِ بلڪل تيار ٿي ويو هوس ۽ انڊيا گهمڻ ۽ سفر نامو لکڻ لاءِ هي سٺو موقعو هو. انڊيا جهڙي ملڪ ۾ اڪيلو وڃڻ کان مون به ڪترايو ٿي ۽ هينئر گروپ ۾ هلڻ ٿي رهيو هو جيڪو گروپ هڪ ڌارين جو نه پر پنهنجن جو ئي هو. جنهن جو هڪ هڪ ڀاتي مون اڳيان ننڍو ٿي وڏو ٿيو هو. انهن جون شاديون ٿيون ۽ انهن جا ٻار وڏا ٿيا، پڙهيا ۽ هاڻ اهي به پيا شاديون ڪن. ۽ ٻي ڳالهه ته هنن جو هندو مذهب سان واسطو هجڻ ڪري مون کي ڪيترين ئي هنڌن جي ريتن رسمن، عقيدن ۽ عبادت گاهن جي ويجهڙائيءَ کان خبر پئجي سگهندي ۽ لکڻ وقت ناانصافيءَ جي Chance گهٽ رهندي، ۽ هن عمر ۾ جڏهن ريل گاڏين، بسين وغيره ۾ سامان چاڙهڻ ۽ لاهڻ ۾ اها ڦڙتي نه رهي آهي اتي نول وارن جا ننڍا ڀائر ۽ انهن جو نوجوان اولاد منهنجي مدد ڪندو ۽ واقعي هنن سڀني منهنجو هر وقت خيال ڪيو ٿي. سامان کڻائڻ ۾ ته ڇا هوٽلن ۾ رهائش دوران يا پڪنڪ ۽ شادين جي دعوتن ۾ مون کي اٿڻو نٿي پيو، هر هڪ مون کان اچي پڇيو ٿي ته ڪجهه کپي ته هو کڻي اچن. يا مون کي اڪيلو ڪمري ۾ ويٺل ڏسي اچيو ڪچهري ڪن ۽ پڇن ته انڪل بور ته نه پيا ٿيو. ايتري قدر جو مون کي ٻه ٽي دفعا نول کي دانهن ڏيڻي پئي ته يار هي تنهنجا مائٽ مون پاران اجايو ٿا پريشان ٿين، تون کين ٻڌاءِ ته آئون گهر ۾ به هڪ هنڌ اڪيلو ويٺو لکندو پڙهندو آهيان ۽ مون کي نه کاڌي پيتي جو شوق آهي ۽ نه ڪچهريءَ جو.
    بهرهال اهي ته ٿيون پوءِ جون ڳالهيون باقي ويزا دوران مون کي ته ائين ٿي لڳو ته انڊيا جي سرزمين تي خبر ناهي پير رکڻ نصيب به ٿيندو يا نه. ويزا لڳي آئي ته خبر پئي ته منهنجي ئي فارم تي سفر ڪرڻ جي طريقي جو ٺپو لڳڻ وسري ويو آهي ته آيا باءِ بس ويندس يا باءِ ايئر. سو هڪ دفعو وري منهنجو پاسپورٽ ۽ فارم نولراءِ کي انڊين سفارتخاني ۾ جمع ڪرائڻو پيو جيئن By Bus جو ٺپو هڻي ڏين. مون بس ۾ گهڻن سان وڃڻ چاهيو ٿي جيئن آئون کڻي ٻين سان ڪچهري نه ڪريان پر ٻين جو ڳالهيون ۽ چرچا ڀوڳ ٻڌندو هلان ۽ ٻي ڳالهه ته لاهور کان امرتسر ۽ اڳتي دهليءَ تائين دنيا جي مشهور ۽ پراڻي روڊ Grand Trunk Road تان بس ۾ هلڻو هو. هن تاريخي روڊ بابت ڪجهه سٽون اڳيان هلي ڪٿي لکان ٿو.
    انڊيا جي ڌرتي تي پير رکڻ جي اميد ويتر گهٽ ان وقت به ٿي وئي جڏهن پاڪستان جو بارڊر ٽپڻ کان اڳ اسان جو اميگريشن ۽ ڪسٽم وارن سان واسطو پيو. ايئرپورٽ تي ته ڪلاڪ اندر ٻه ٽي اڏامون اچيو وڃن ۽ هر اڏام مان ٻه ٽي سؤ ماڻهو لهن ٿا. روزانو ايترن ماڻهن کي اتي بيٺل اميگريشن ۽ ڪسٽم وارا آرام سان منهن ڏيو وڃن ۽ هيڏانهن لاهور ڏي سڄي ڏينهن ۾ هڪ بس ٿي لنگهي جنهن ۾ وڌ ۾ وڌ پنجاهه ماڻهو ڪي مس ٿا ٿين پر اسان کي ڇا ته ڪسٽم ۽ اميگريشن وارن تنگ ڪيو. سڄو ڏينهن ۽ رات ٽرين ۾ سفر ڪري ڪراچيءَ کان لاهور رات جو هڪ بجي پهتا هئاسين ۽ پورن ٽن ڪلاڪن بعد (يعني صبح جو چئين بجي) پاڪستان ٽورزم ڊپارٽمينٽ جي آفيس ۾ بس لاءِ آيا هئاسين جتان پوري ڇهين بجي بس رواني ٿئي ٿي. پورا ٻه ڪلاڪ اتي جو منجهيل عملو خبر ناهي پوليس کاتي طرفان هو يا ٽوئرزم ڊپارٽمينٽ طرفان. ڪڏهن بئگون توريندا رهيا ته ڪڏهن بئگون کولرائيندا رهيا.
    ”بئگن ۾ يا هٿن ۾ جيڪي ڪئميرائون اٿانوَ انهن مان بيٽري سيل ڪڍي جمع ڪرايو... سامان جي هر بيگ تي Tag لڳائي ائڊريس لکو... سامان هن ڪنڊ ۾ ڪري رکو هاڻ هن ڪنڊ ۾ رکو.. سامان مان ڪوبه ننگ هٿ ۾ نه کڻو... کين ئي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هو ڇا چاهين ٿا... بهرحال اهو ته صاف ظاهر هو ته هنن کي ڪجهه خرچي کپي جيڪا اسان نٿي ڏيڻ چاهي. آخر اسان مان ڪن همراهن هنن کي چيو ته ”هي سڀ ڄڃ جا ماڻهو آهن ۽ توهان جي پنجاب جي انڪم ٽئڪس ڪمشنر جا ڀائر ڀيڻو ۽ انهن جا ٻار آهن.“ ان بعد خبر ناهي ان دڙڪي ڪري يا شايد ان ڪري به ته ڇهه ٿي ويا هئا ۽ بس کي هر صورت ۾ لاهور ڇڏڻو هو، سو اسان جو سامان جلدي جلدي بس ۾ رکايو ويو. باقي هنن ٻه ڪلاڪ اسان کي جيڪو اجايو ڊوڙايو ۽ اڳيان واگها بارڊر وٽ جيڪو اسان جو تيل ڪڍيو ان اسان کي پويان پير ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.
    واگها ڪسٽم وارن کي چيوسين ته بيگن جي چيڪنگ ته ويهه منٽ کن اڳ لاهور ۾ ٿي وئي وري ڇوٿا کوليو؟
    ”اها سيڪورٽي خاطر پوليس ڪئي.“ هنن وراڻيو ”۽ هاڻ اسان ڪسٽم جي خيال کان چيڪ ڪنداسين.“
    انهيءَ دوران هنن جو ننڍو عملو (سپاهي) اسان کي في پاسپورٽ هزار روپيه سندن آفيسرن کي خرچي طور ڏيڻ جي ”سهڻي صلاح“ ڏيندو رهيو. جنهن تان هنن هڪ روپيو به لهڻ نٿي چاهيو.
    ”آخر ڇاجي لاءِ چاليهن ماڻهن جا چاليهه هزار ڏيون.“ نولراءِ جي ناٺي شمن لال رڙيون ڪري چيو. نول ۽ ٻيا ڪجهه گهوٽ سان گڏ ڪجهه ڏينهن اڳ انڊيا باءِ ايئر هليا ويا هئا، شمن اسان جو ليڊر ٿي پئي هليو ۽ في الحال خرچ پکو هلائڻ لاءِ هن کي نولراءِ انچارج ڪيو هو، شمن کين چيو ته ” ڀلي بئگون کوليو اسان کي اعتراض ڪونهي.“ جيتوڻيڪ اسان نٿي چاهيو ته اجايوبئگون کولين جو کولڻ بعد انهن کي بند ڪرڻ جي تڪليف ٿئي ٿي باقي ٻي ڪابه اهڙي شيءِ ڪسٽم ڊيوٽي ڏيڻ جهڙي نه هئي. اها ڳالهه هنن به سمجهي ٿي ۽ اسان به. ۽ هي ڪسٽم جو عملو ايڏو سست هو جو کانئن به اهو نٿي پڳو ته کڻي بئگون کولين. بهرحال في الحال ان ڳالهه کي پاسيرو رکي هاڻ اسان کان فارين ڪرنسي پسئن جو پڇڻ لڳا.
    ”توهان کي معلوم هجڻ کپي ته هڪ هزار روپين کان مٿي نٿا کڻي سگهو.“ ڪسٽم جي هيٺين عملي بئگن اڳيان بيٺل مردن، عورتن ۽ ڇوڪرين کي چيو. کين اهو معلوم ٿي چڪو هو ته هي هندو ڌرم جا پاڪستاني (شايد دڪاندار) انڊيا پيا وڃن پر هنن کي اها خبر نه هئي ته هن ۾ پروفيسر بسنت جهڙا 19 هين گريڊ جا آفيسر، ادا گلاب راءِ جهرا رٽائرڊ سرجن/ ڊاڪٽر ۽ سندس ڀائيٽو اريگيشن جو انجنيئر رانا اوڏ ۽ ٻيا ڪيترا مرد، عورتون ۽ ويندي ڇوڪريون ليڪچرر، ٽيچر، ڊاڪٽر ۽ سرڪاري آفيسر آهن. بهرحال ان پئسي جي ڳالهه تي مردن کان وڌيڪ اڳيان بيٺل عورتن ڪسٽم جي سپاهين کي چيو ته ”ڇو؟ ڀائيٽي جي شاديءَ تي مهيني لاءِ پيا وڃون ۽ پاڻ سان فقط هزار روپيا کڻي هلون؟ ڪٿي آهي اهڙو سخت قانون، اسان کي ڏيکار؟“
    اهو ٻڌي سپاهين ۽ سامهون ڪنڊ ۾ چپڙي ڪري ڪرسين تي ويٺل آفيسرن کي في الحال ماٺ لڳي وئي پر وري به رينگٽ جاري رکيائون، هو ڪو پڪو پهه ڪري آيا هوندا ته ڪنهن طريقي سان ويندڙ مسافرن مان خرچ پاڻي ڪڍڻو آهي ۽ پڪ پنهنجين جوين سان به وعدو ڪري آيا هوندا ته اڄ شاپنگ تي هلجو انڊيا ويندڙ مسافرن کي ڦري اينداسين. پاسي کان بيٺل پيٽارو جي پڙهيل دودي اوڏ مون کي چيو: ڀائيجان! موٽ ته موٽون ههڙي ڪا ٻي ذلالت.“ ۽ سچ ته اهو هو ته آئون به هاڻ پڪو پهه ڪري رهيو هوس جو سڄي عمر سفر ڪرڻ دوران اهڙي بڇڙائي مون نه ڏٺي. مڃان ٿو ته اسان جي ملڪ جي پوليس ۽ ڪسٽم ٻين ملڪن جي پوليس ۽ ڪسٽم کان وڌيڪ ڪريل آهي پر ڪڏهن به ڪراچي ايئرپورٽ يا بندرگاهه ۾ اهڙا آفيسر يا سپاهي نه ڏٺم جهڙا هن بس جي مسافرن کي تنگ ڪرڻ وارا هتي لاهور ۽ واگها بارڊر تي ڏٺم. ۽ هاڻ ڦڏو ته ڦڏو ئي سهي. دودي ۽ مون تماشو ڏسندڙ ڪسٽم آفيسرن کي پنهنجو تعارف ڪرائي ٻڌايوسين ته هيءَ هڪ ڄڃ آهي جنهن ۾ سڀ هڪ فئمليءَ جا ماڻهو آهن ۽ قانوني طرح اجازت سان وڃون پيا، هر هڪ ماڻهو هزار هزار روپيا ڪهڙي قانون هيٺ توهان کي ڏئي. اتي هنن پنهنجو رويو ئي بدلائي ڇڏيو. ”ڪمشنر صاحب جا ڀاءُ اسان جا ڀاءُ آهن ۽ ڪمشنر صاحب ته ڇا اسان لاءِ توهان مان هر هڪ باعث عزت آهي ڪير ٿا پئسا گهرن؟ اهي وڏا ڪميڻا آهن سپاهي. متان ڏنا اٿانو...“ هو چوڻ لڳا.
    واهه سائين واه ۽ هنن ڪسٽم جي سپاهين هي جيڪو ڪلاڪ ڏيڍ سندن اکين اڳيان ۽ سندن آشيروادن سان اسان کي بيزار پئي ڪيو اهي ڄڻ سندن سپاهي نه پر ٻي ڪا غيبات هئي. بهرحال اسان جي جان ڇٽي سامان ٻئي پاسي انڊيا ڏي ٽپايو ويو ۽ ان سان گڏ اسان کي پڻ. پئسي ڏيڻ بنا جان ڇڏائڻ ۾ اسان خوشي محسوس ڪئي، پر فقط چند منٽ. خبر پئي ته آخر ۾ ايندڙ همراهن کان مڙيئي منٿ ميڙڪ ڪري سؤ روپيا في ماڻهو ورتائون جيڪي پوءِ اسان ڦوڙي ڪري پئسا ڏيندڙ کي ڏنا ۽ خوشي ٿي ته پنهنجي ملڪ جي ڄرن مان جان ڇٽي ۽ هاڻ انڊيا گهمڻ جو آسرو ٿيو.
    انڊيا پاسي واري عمارت ۾ انڊيا حڪومت جي پوليس ۽ ڪسٽم جو عملو هو. ڪيترا ته ڏاڙهين مان لڳو پئي ته سک هئا. جيڪي مون وانگر هن Route ذريعي انڊيا ويندا هوندا اهي چڱي طرح محسوس ڪري سگهندا هوندا ته اسان جي ۽ انڊيا جي ڪن ادارن ۽ ماڻهن ۾ ڪيڏو وڏو فرق آهي. انڊيا پاسي واري عمارت ۾ باٿ روم به صاف سٿرا هئا ته پيئڻ لاءِ ڪولرن ۾ به ٿڌو پاڻي هو. جنهن هال ۾ اسان کي انتظار ڪرڻو پيو ان جي ايئرڪنڊيشنرن به ڪم ڪيو پئي. اميگريشن وارو آفيسر سڀني کان پاسپورٽ وٺي هڪ هڪ تي ٺپا هڻي ان همراهه کي سڏ ڪري واپس ڪري رهيو هو ۽ پوءِ اهو مسافر ڪسٽم لاءِ ڀرواري ڪمري ۾ ويو ٿي، جتي ٻه ڄڻا ڪسٽم آفيسر سامان چيڪ ڪري رهيا هئا. انهن جا سپاهي اسان کي Harass ڪرڻ بدران پنهنجن آفيسرن سان گڏ بيٺا هئا، سک ۽ پنجابي هندو مزدورن اسان جي ٻڌائڻ تي اسان جون پيتيون ڪسٽم وارن اڳيان رکيون ٿي ۽ هنن چاڪ سان Okay ڪيو ٿي. ڪنهن ۾ شڪ ٿي ٿين ته اهو دور ڪرڻ لاءِ هنن پيتي کولڻ لاءِ چيو ٿي. مڃان ٿو ته انڊيا جي پوليس ۽ ڪسٽم ڪي فرشتا نه آهن هو به ڪٿي ڪٿي چار پئسا رشوت ضرور وٺندا هوندا پر ائين سڪڻن ۽ جکڻن اسان جي ماڻهن وانگر نه جن جي افعالن مان لڳو ٿي ته ڄڻ اڄ آخري ڏينهن آهي سڀڻا ٻيو ڏينهن ٿيڻو ئي نه آهي. ائين ٿي لڳو ڄڻ هنن کي اڄ ٿيلهي پئسن جي کڻي پنهنجي زال وٽ پهچڻو آهي، نه ته ٻي صورت ۾ هوءَ پنهنجي يار سان ڀڄي ويندي. اسان جي پوليس ۽ ڪسٽمس جو هڪ ٿڪل ۽ پريشان مسافر سان ڪيل خراب برتاءُ هن جي ڪيڏي دل آزاري ڪري ٿو. اهي ئي ڳالهيون آهن جيڪي ڌارين ماڻهن کي اسان جي ملڪ ۾ گهمڻ لاءِ دل شڪتو ڪن ٿيون. اسان جي حڪومت ٽوئرزم جي کڻي ڪيتري به پرچار ڪري ٿي پر ڌاريان ايندي گهٻرائين ٿا. اهي ڳالهيون سوچي دل چوندي آهي ته انڊيا پاڪستان جا بارڊر کلن ته سٺو ۽ اسان جا ماڻهو ڪجهه پاڙي وارن ملڪن کان به سکن نه ته جيئن انڊين چئنلن کان اڳ اسان جي ماڻهن اهوئي سمجهيو ٿي ته دنيا ۾ سونهن ۽ سوڀيا جي نشاني فقط اسان جون ڍڳين مينهن جهڙيون فلمي ادارڪارائون انجمن آرائون ۽ سنگيتائون آهن يا جيئن بين الاقوامي چئنلن تان ڪشتي جا پروگرام نه اچڻ کان اڳ اسان جي ماڻهن کي اهوئي دماغ ۾ هو ته سڄي دنيا ۾ پهلوان ۽ طاقتور ٻڪرو گوشت جو ۽ ڇهه گلاس لسيءَ جا پيئڻ وارا فقط ڀولو ۽ اڪرم آهن.


    انڊيا وڃڻ لاءِ بس جو ڀاڙو ۽ ڪرنسي

    بس ذريعي انڊيا وڃڻ جي شوقينن لاءِ ضروري آهي ته هو انڊيا جي ويزا ملڻ سان يڪدم لاهور کان دهلي وڃڻ واري بس ۾ سفر ڪرڻ جي سيٽ اڳواٽ Reserve ڪرائي ٽڪيٽ وٺي ۽ واپسيءَ جي ٽڪيٽ به هتان نه ته دهلي پهچي يڪدم وٺي ڇڏين، ڇو جو لاهور کان دهلي ڪا هر ڪلاڪ بعد بس نٿي رواني ٿي جو هڪ مس ٿي وڃي ٿي ته ٻيءَ ۾ وڃجي. ٿي سگهي ٿو اڳتي هلي بسين جو تعداد وڌي پر في الحال اهي هفستي ۾ فقط چار ڏينهن هلن ٿيون ۽ لاهور توڙي دهلي صبح جو پوري ڇهين بجي ڇڏين ٿيون ۽ شام جو نائين بجي يعني 15 ڪلاڪن بعد منزل تي اچيو پڄائين جنهن ۾ بارڊر ٽپڻ مهل واگها ۽ اتاري تي ٻه ٽي ڪلاڪ لڳيو وڃن ۽ رستي تي پڻ ٽن شهرن پپلي، سرهند ۽ جلندر ضلعي جي شهر ڪرتارپور ۾ اڌ اڌ ڪلاڪ کن بس بيهي ٿي جتي ٻن هنڌن تي چانهه بسڪيٽ ۽ هڪ هنڌ تي مسافرن کي لنچ ڪرائي وڃي ٿي.
    لاهور کان دهلي 800 کن ڪلوميٽر مفاصلو آهي پر گرانڊ ٽرنڪ روڊ جنهن تان بس هلي ٿي تمام گهڻو بزي رهي ٿو، هونءَ ته سفر ۾ اڃا به گهڻو وقت لڳي وڃي پر ايندي ويندي بس جي اڳيان پويان پوليس موبائل گاڏي هلي ٿي، پاڪستان جي ٽيهن ميلن ۾ پاڪستان جي پوليس ۽ انڊيا پاسي انڊيا جي، جيڪا مسافرن کي تحفظ محيا ڪرڻ لاءِ آهي ۽ سڄي واٽ سائرن وڄائيندي ماڻهن ۽ گاڏين کي رستي تان پاسو ڪرائيندي هلي ٿي جيئن اسان جي بس بنا ڪٿي بيهڻ جي فل اسپيڊ هلندي رهي. بس جيتوڻيڪ پوري ڇهين بجي هلي پر مسافرن کي اتي ٻه ڪلاڪ اڳ يعني صبح جو چئين بجي گهرايو وڃي ٿو جيئن پنهنجو سامان جمع ڪرائي رسيد وٺن ۽ ٽڪيٽ ڏيکاري بس ۾ ويهڻ لاءِ سيٽ نمبر ۽ بورڊنگ ڪارڊ وٺن جيئن هوائي اڏي تي ٿئي ٿو. بسون ڪافي وڏيون ۽ آرامدده آهن. ايئرڪنڊيشنڊ هجڻ کان علاوه انهن ۾ ٽي وي جو به بندوبست آهي جيئن مسافر فلمون ڏسندا هلن.
    اسان ڪراچيءَ کان شاليمار ۾ صبح جو ساڍي ڇهين نڪتاسين جنهن رات جو هڪ بجي ڌاري لاهور ڇڏيو، رستي تان حيدرآباد، نوابشاهه ۽ روهڙيءَ مان نولراءِ اوڏ جا ڀائر ڀيڻون ۽ انهن جا ٻار چڙهندا رهيا. لاهور ۾ ريلوي اسٽيشن ڀرسان نول هڪ هوٽل ۾ ڪمرا بڪ ڪري ڇڏيا هئا. جتي رات جا ٽي چار ڪلاڪ آرام ڪري پوءِ چئين بجي دهلي ڏي روانو ٿيندڙ بس لاءِ پهتاسين. شاليمار گاڏي جي ڪراچيءَ کان لاهور لوور ACC جي ٽڪيٽ 1260 روپيا آهي ۽ لاهور کان دهلي تائين بس جي ٽڪيٽ 1500 روپيا آهي، جنهن ۾ واگها بارڊر تي نيرن ۽ رستي تي ٻن هنڌن تي چانهه ۽ هڪ هنڌ تي لنچ شامل آهي. يعني ڪراچيءَ کان دهليءَ تائين ۽ واپس ڪراچي پهچڻ جو ڀاڙو ساڍا پنج هزار روپيا ٿو ٿئي ۽ کوکرو پار وارو رستو شروع وڃي ته حيدرآباد کان بمبئي يا حيدرآباد کان احمد آباد، بڙودا يا اجمير جا ڀاڙا اڃا به گهٽ ٿيندا. انڊيا جي شهرن ۾ رهائش جو به ايڏو وڏو مسئلو ناهي. انڊيا جي ننڍي وڏي شهر ۾ ڪيتريون ئي هوٽلون آهن، ڇهه ست هزار روپئي وارين فائيو اسٽار هوٽلن کان وٺي گهٽين گهوٽين ۾ بنا ايئرڪنڊيشن جي ٻه سؤ روپين واريون پڻ آهن. ماني ٽڪيءَ جو به اهڙو مسئلو ناهي جهڙوڪه يورپ، آمريڪا يا ويندي فار ايسٽ جي ملڪن ۾ ٿئي ٿو. انڊيا ۾ جتي ڪٿي بهترين رڌل چانور، اڦڙاٽا، مانيون، دال ڀاڄي کان پڪڙون بجين تائين ملي ٿو. اڃا به پاڪستان جي شهرن ۾ مانيءَ جي ايڏي ورائٽي يا سستائي نه آهي جيتري هتي انڊيا ۾ آهي. پندرهن ويهن روپين ۾ ڀاڄي يا دال سان چانورن جي پليٽ مليو وڃي يا ڏهن روپين ۾ ”آلو پراٺا“ دال ۽ چڻي سان گڏ. اهي سڀ اگهه گاڏي تي ماني رکي وڪڻڻ وارن جا آهن جن کان لنچ ٽائيم تي آفيسن ۾ ڪم ڪندڙ ڪلارڪ، آفيسر توڙي ڪاليجن ۾ پڙهندڙ ڇوڪريون ۽ ڌارين ملڪن جا ٽوئرسٽ وٺي کائين ٿا. هونءَ به دال، چانور، پٽاٽا، ماني کائڻ ۾ ايترو Risk ناهي جيترو گوشت يا مڇي کائڻ ۾ آهي پوءِ چاهي اهي شيون ڪو فائيو اسٽار هوٽل ۾ کائي جو گوشت ۽ مڇيءَ جهڙيون شيون پاروٿيون به ٿي سگهن ٿيون ۽ صحت خراب ڪري سگهن ٿيون. هونءَ به ٽوئرسٽ جي حق ۾ اهو بهتر آهي ته ڌرائين ملڪن ۾ ڀاڄي ۽ دال جهڙيون شيون کائي گذارو ڪري. اها ٻي ڳالهه آهي ته جاپان ۽ يورپ جي ملڪن ۾، خاص ڪري سئيڊن ناروي پاسي دال ۽ ڀاڄي، خاص ڪري واڱڻ ۽ گوبي ته گوشت کان به مهانگي آهي. پر انهن ملڪن جو پاڻي صحيح آهي باقي هتي انڊيا جي ننڍي توڙي وڏي شهر ۾ پاڻي صاف ناهي. بلڪه آئون ته اهو چوندس ته پاڪستان کان به خراب آهي، پيئڻ لاءِ منرل واٽر وٺجي يا ڪنهن خالي بوتل ۾ هوٽل مان صاف ۽ فلٽرڊ پاڻي کڻي پوءِ گهمڻ لاءِ نڪرجي. هتي انڊيا ايندي يا ڪنهن به ڌارئين ملڪ ۾ ويندي وقت اهي دوائون پاڻ سان گهران کڻي نڪرجن جيڪي ضروري آهن جيئن ته بلڊپريشر، ڊائبٽيز ۽ دل جي بيماري وغيره جون. ان آسري تي نه رهجي ته انڊيا مان به ملي وينديون. ان کان علاوه عام بيمارين جهڙوڪه بخار، مٿي جو سور، دستن وغيره جون گوريون به کڻجن. بهرحال انڊيا جهڙي ملڪ ۾ ٻين دوائن سان گڏ مڇرن کي ڀڄائڻ جي بندوبست لاءِ ميٽ يا Coil ضرور کڻجي جنهن جي گرم ٿيڻ يا ٻرڻ سان مڇر ڀڄيو وڃن ۽ Mospel جهڙي دوا پڻ کڻجي جيڪا جسم کي مکڻ سان مڇر پري ڀڄن ٿا. مڇر ته اسان جي ملڪ ۾ به آهن ته ملائشيا، سنگاپور ۽ ويندي جاپان ۾ به پر جيترا مڇر هتي انڊيا ۾ نظر اچن ٿا اوترا شايد ئي ٻئي هنڌ هجن. مليريا ڪري انڊيا ۾ موت جو تعداد به تمام گهڻو آهي.
    هونءَ ملڪ اندر عام طرح بس ۾ چڙهڻ وارا پاڻ سان ٻه ٻه بيگون به کڻي سفر ڪن ٿا. اهو ان ڪري جو انهن بسين ۾ ڪيترا هٿين خالي به ٿين ٿا پر هتي هن بس ۾ هر هڪ لاءِ پرديس ۾ رهڻ لاءِ روزمره جي استعمال جو سامان کڻڻ ضروري ٿئي ٿو ۽ بس جي پاسي ۾ ۽ ڇت تي سامان رکڻ جي جاءِ محدود آهي سو هنن لاهور دهلي وارين بسين ۾ هر مسافر کي فقط ويهه ڪلو سامان کڻڻ جي اجازت آهي جنهن ۾ هٿ جو ٿيلهو به اچي وڃي ٿو. هوائي جهاز جي سفر وانگر ناهي جو هٿ جي سامان کي تور کان ٻاهر رکيو وڃي. ويهه ڪلو کان مٿي هر ڪلو وزن لاءِ سٺ روپيا وڌيڪ ڀاڙو ڏيڻو پوي ٿو.
    لاهور دهلي هلندڙ بس جي اڳيان ۽ پويان پوليس جي موبائيل گاڏي هلڻ کان علاوه ٽي يا چار کن پوليس وارا به بس ۾ ويهن ٿا. ڪنهن به مسافر کي پنهنجي مرضيءَ سان رستي تي لهي هليو وڃڻو ناهي. پنهنجي منزل دهلي تائين پهچي پوءِ هو آزاد آهي ته جن شهر جي ويزا اٿس انهن ڏي هليو وڃي، جيڪي جيڪي شهر گهمڻا آهن انهن ۾ وڃڻ جي ويزا پاڪستان مان ئي وٺي نڪرجي. هونءَ ته هتي پهچڻ بعد به اجازت وٺي سگهجي ٿي. ان لاءِ پوليس اسٽيشن تي وڃي اطلاع ڪرڻو پوي ٿو ۽ پوءِ نئين شهر پهچي ان شهر جي پوليس اسٽيشن تي پنهنجي آمد جو اطلاع ڪجي ۽ اهو شهر ڇڏڻ وقت وري پوليس اسٽيشن وارن کي پنهنجي موٽڻ کان آگاهه ڪجي. اها ڳالهه اسان لاءِ به بهتر آهي جيئن پرديس ۾ ڪجهه ٿي پوي، بيماري، حادثو وغيره ته پوليس کي ان ڳالهه جي آگاهي هجڻ بهتر آهي جيئن ان ماڻهوءَ جي ڳولا تي پوليس ٻڌائي سگهي ته آيا ان شهر ۾ موجود آهي يا روانو ٿي ويو.
    ڪو مسافر جيڪڏهن هڪ ئي شهر ۾ آهي ته به هن کي هفتي ۾ هڪ دفعو يا ٻه دفعا پوليس اسٽيشن ۾ حاضر ٿي ٻڌائڻو پوي ٿو. ان پوليس رپورٽ کان فقط اهي آجا آهن جيڪي سٺ سالن کان وڏا آهن ۽ پوليس اسٽيشن تي هر رهر رپورٽ نه ڪرڻ جي اجازت پنهنجي ملڪ ۾ موجود انڊيا جي سفارتخاني مان اڳواٽ وٺي آيا آهن. اسان جي دوست نولراءِ آخري ڏينهن ۾ مون کان ۽ پنهنجي وڏي ڀاءُ ۽ ڀاڄائي کان پاسپورٽ وڍي اسان جي پوليس رپورٽنگ معاف هجڻ جو ٺپو پڻ هڻائي ڏنو جو اسين سٺ سالن کان وڏا ٿياسين.
    انڊيا ۾ رهڻ دوران خرچ پکي لاءِ اتي جي ڪرسي انڊين روپيا استعمال ڪرڻو پوي ٿو. اڄڪلهه انڊين روپيو پاڪستاني روپئي کان گهڻي Value رکي ٿو ۽ پاڪستاني هڪ سؤ روپيا انديا جي ستر روپين برابر آهن يا کڻي چئجي ته انڊين هڪ سؤ روپيا پاڪستان جي 143 روپين برابر آهن يا ٿلهي ليکي توهان اهو چئي سگهو ٿا ته انڊيا جو هڪ روپيو اسان جي ڏيڍ روپئي برابر آهي.
    انڊيا ۾ خرچ ڪرڻ لاءِ انڊين ڪرنسي (روپيه) توهان ڪراچي، حيدرآباد يا لاهورمان به وٺي سگهو ٿا ته پاڪستان۽ انڊيا جي بارڊر وارن شهرن مان به جتي اميگريشن ۽ ڪسٽم چيڪ لاءِ ترسڻو پوي ٿو. انڊيا پهچي بئنڪن ۽ ڪرسني مٽائڻ وارن دڪانن (Money Changers) کان به بدلائي سگهو ٿا. بهتر اهو آهي ته ڪجهه پئسا گهران ئي بدلائي نڪرو يا پنهنجي ملڪ جي ڪنهن شهر مان ئي جيئن بارڊر وارن شهرن ۾ پئسا مٽي ڏيڻ وارو نه هجي ته توهان وٽ اڳواٽ ڪجهه ته پئسا هجن جيڪي رستي تي يا دهليءَ پهچڻ سان خرچ ڪري سگهو. ڪنهن به ملڪ جا پئسا خريد ڪرڻ وقت خبرداريءَ سا وٺڻ کپن يا ڪنهن اهڙي دوست يا مائٽ جي معرفت وٺجن جيڪو نوٽ پرکڻ جو ڄاڻو هجي. نوٽ خريد اهڙي دڪان تان ڪرڻ کپن جيڪو ناليرو هجي، بولٽن مارڪيٽ جهڙن هنڌن تي ڪيترائي هلندڙ چلندڙ مني چئنجر نظر اچن ٿا ۽ ٿي سگهي ٿو هو توهان کي مٽاسٽا جو اگهه به سٺو ٻڌائين پر هڪ نوٽ به جعلي ڏيڻ سان اهو فائدو ته ويو ماڳهين توهان لاءِ پرديس ۾ مصيبت ٿي پوندي جو جعلي نوٽ هلائڻ وڏو ڏوهه آهي توڙي کڻي توهان اهو ڪم بي خياليءَ ۾ ڪريو ۽ معصوم هجو. خاص ڪري اسان جي ملڪ جي ماڻهن ان سلسلي ۾ ايڏا ڏوهه ڪيا آهن جو توهان کڻي اُٺ قسمن جا کڻو ته به توهان تي ڪو اعتبار نه ڪندو، پوءِ چاهي کڻي اهو سعودي عرب يا ملائشيا جهڙو مسلمان ملڪ هجي. انڊيا لاءِ پئسو مٽائڻ لاءِ ته وڌيڪ خبردار رهڻ کپي جو ٻنهي ملڪن ۾ ڪجهه اهڙا غلط عناصر آهن جي نٿا چاهين ته پاڪستان ۽ هندستان جي وچ ۾ دوستي رهي ۽ هڪ ٻئي جي ملڪ جي Economy خراب ڪرڻ لاءِ اهڙويون به انڊر گرائونڊ ڏوهارين جون Gangs آهن جيڪي نقلي نوٽ ڇپي هڪ ٻئي جي ملڪ ۾ هلائڻ چاهين ٿيون. ان ڪري پئسن جي مٽاسٽا ۾ خبردار رهڻ کپي. بهتر ته اهو ٿيندو ته ڪجهه پئسو پنهنجي ملڪ مان بدلائي باقي انڊيا مان ڪنهن بئنڪ يا اعتماد جوڳي دڪاندار (Money Changer) کان بدلائجي ۽ وڏن نوٽن بدران ننڍا وٺجن جو نقلي نوٽ گهڻو ڪري وڏي انگ (هڪ هزار يا پنج سؤ) وارن نوٽن مان ئي نڪرن ٿا.
    هونءَ بهتر ته اهو آهي ته پنهنجي ملڪ مان ڪجهه انڊين روپيا باقي آمريڪي ڊالر مٽائي کڻجن جو آمريڪن ڊالر دنيا ۾ جتي ڪٿي سولائيءَ سان ۽ سٺي اگهه تي مٽجيون ملن ٿا. هونءَ به انڊيا جي قانون مطابق انڊيا جي سرزمين تي قدم رکڻ وقت توهان وٽ آمريڪي ڊالر ڀلي کڻي ڪيترا به هن پر انڊيا جا روپيا ٽن هزارن کان مٿي نه هجڻ کپن. هاڻ شايد چار هزار روپيا کن ڪيا اٿن ۽ توهان جيڪي پئسا (انڊين، آمريڪن يا پاڪستاني) انڊيا کڻي وڃو ٿا اهي انهن جي بارڊر واري شهر اتاري (Atari) تي انهن جو ڪسٽم آفيسر توهان جي فارم تي نوٽ ٿو ڪري. مون کي به اها خبر نه هئي، ڪسٽم آفيسر جي پڇڻ تي جڏهن ٻڌايومانس ته هن نهايت سٺي اخلاق سان چيو:
    ”سر ٽن هزار اندين روپين کان مٿي کڻڻ جي اجازت ناهي سو فارم تي آئون ٽي هزار ئي لکان ٿو.“
    ”پر مهينو کن انڊيا ۾ رهڻ لاءِ ٽن هزار روپين مان ته پورت نه ٿي سگهندي؟“ مون پڇيو.
    ”توهان آمريڪين ڊالر يا پائونڊ، مارڪ وغيره کڻي وڃي سگهوٿا.“ هن ٻڌايو.
    لڳي ٿو ته نقلي نوٽن جي ايڏي پٽ آهي جو ٻنهي ملڪن جي بارڊر وارن شهرن ۾ مسافرن جي چتاءَ لاءِ پوسٽر لڳل آهن ته ڪوڙا (Fake) نوٽ هلائڻ سخت ڏوهه آهي ۽ اميگريشن ۽ ڪسٽم وارين عمارتن جي ٽئاليٽ ۾ پيتيون رکيل آهن ته ”سزا کان بچڻ لاءِ بهتر آهي ته ڪوڙا نوٽ هن پيتيءَ ۾ اڇلائي وڃو.“
    هڪ ڏوهاريءَ کي ته خبر آهي ته هن وٽ نقلي نوٽ آهن پر هڪ غريب ۽ اڻ پڙهيل کي ڪهڙي خبر ته هن وٽ جيڪي پئسا آهن انهن ۾ ڪو نقلي نوٽ به آهي. هو ڪيئن خبردار رهي؟ ان لاءِ اهوئي بهتر آهي جيڪو مٿي لکي چڪو آهيان ته اهڙي ماڻهوءَ کان پئسا مٽائجن جيڪو اعتماد جوڳو هجي يا ڪنهن نوٽن جي ڄاڻوءَ ذريعي مٽرائجي.


    هندستان ڏي روانگي

    لاهور کان دهلي جيڪا بس هلي رهي هئي ان ۾ مون کي اتفاق سان نه فقط اڳيان قطار ۾ سيٽ ملي پر دريءَ واري پاسي پڻ، مون به اهوئي چاهيو ٿي ته اهڙي هنڌ جاءِ ملي جتان ٻاهر جو نظارو چٽيءَ طرح ٿي سگهي. مون بارڊر جي ٻن پاسن ۾ فرق ٿي ڏسڻ چاهيو، ڪي ملڪ اهڙا هوندا آهن جن جي بارڊر جي ٻنهي پاسي ميلن ۾ رڻ پٽ يا بيابان هوندو آهي يا ملائشيا ۽ ٿائلينڊ جي وچ ۾ جنگل آهي، پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ جبل ئي جبل آهن ۽ پوءِ آهستي آهستي ٿي ماڻهن جي آدمشماري وڌي ٿي. ويندي کوکرو پار ۽ مونا بائو پاسي به ائين هوندو پر پنجاب جا ٻئي حصا سرسبز آهن ٻنهي طرف بارڊر جي ويجهو وڏا، ماڊرن ۽ تاريخي شهر لاهور ۽ امرتسر آهن. اهڙي صورت ۾ هڪ ملڪ جي سرزمين کان ٻئي ۾ گهڙڻ وقت تبديلي ڏسڻ وٽان ٿئي ٿي. زبان کڻي ساڳي آهي پر مذهب، ڪلچر، حڪومت ويندي ان ساڳي ڳالهائڻ واري زبان (پنجابي) جي لکڻي مختلف آهي. اسان وٽ پنجابي اردو ۾ لکي وڃي ٿي انڊيا واري پنجاب ۾ گرمکي ۾ لکي وڃي ٿي.... وغيره وغيره.
    پاڻي واري جهاز ۾ به ان قسم جي تبديلي دلچسپ ٿئي ٿي. ڪٿي ته جڪارتا کان پينانگ اچ ته ساڳيا ماڻهو، ساڳي ملندڙ جلندڙ زبان، ساڳيو ڪچلر، ساڳيا مذهب، ساڳي موسم، ساڳيا فصل ۽ پوکون، ساڳيا ويس وڳا ۽ ساڳيا گهرن جا نمونا ۽ ڪٿي وري سڏ پنڌ جي فاصلي تي به تمام گهڻو فرق. پورچو گال يا اسپين جي ڪنهن بندرگاهه مان رڳو ٿورو هيٺ ڏکڻ ۾ ڪنهن آفريقا جي پورٽ ۾ گهڙ ته زبان، مذهب، ڪلچر سان گڏ ماڻهن جو رنگ به ٻيو نظر اچي ٿو.
    هونءَ ته ننڊي کنڊ جي ماڻهن، شهرن ۽ ريتن رسمن ۽ افعالن ۾ ڪو خاص فرق ته ناهي چاهي پاڪستان هجي يا هندستان ۽ بنگلاديش پر ساڳي وقت ننڍي کنڊ لاءِ اهو به چيو وڃي ٿو ته هتي هر سؤ ميلن بعد زبان بدلجي ٿي. بهرحال ٿوري يا گهڻي تبديلي جيڪا ڪو يورپين يا آمريڪن ته کڻي نه محسوس ڪري سگهي پر اسان ڪري سگهون ٿا. هو هڪ سک ۽ مسلمان مولويءَ ۾ شايد فرق نه ڪري سگهي پر اسان مڪاني ماڻهو سندن ڏاڙهين مڇين پٽڪي جي ٻڌڻ اسٽائيل مان سڃاڻي سگهون ٿا ته مسلمان ڪير آهي ته سک ڪير. اهڙي طرح جڳ جهوني روڊ تي جيڪو گرانڊ ٽرنڪ روڊ سڏجي ٿو ۽ جنهن تان صدين کان ماڻهو پيرين پنڌ ۽ گڏهن، گهوڙن ۽ هاٿين تي سفر ڪندا رهيا. ان بعد ڍڳي گاڏين، سائيڪلن ۽ هاڻ بسين، موٽرن تي سفر ڪندا رهن ٿا، ان تي مون سفر ڪرڻ چاهيو ٿي ۽ ان شوق ڪري مون پنهنجي دوست نولراءِ سان گڏ باءِ ايئر دهلي وڃڻ بدران سندس ٻين مائٽن سان گڏ سفر ڪرڻ چاهيم، جيڪي باءِ روڊ بس ذريعي دهلي وڃي رهيا هئا.
    اميگريشن ۽ ڪسٽم جون Formalities پوريون ٿيڻ بعد اسان جي بس رواني ٿي. پاڪستان جي گيٽ مان ٻاهر نڪري اتي ئي ٺهيل هندستان جي دروازي ۾ داخل ٿياسين، ڪو خاص فرق نه هو، ڪا خاص تبديلي نه. ڪڻڪ جو فصل جيڪو پاڪستان پاسي هوا ۾ لڏي رهيو هو اهوئي هندستان پاسي Continuity ۾ هو. ساڳي جهڙالي موسم ۽ ساڳي ٿڌي هير لڳي رهي هئي. بس ان هنڌ تي پنج منٽ کن ترسي جتي لوهي ميخدار تارن ذريعي بارڊر ٺهيل هو يعني انهن ڪنڊن وارين تارن جي هڪ پاسي جيڪي ڪڻڪ جا سنگ نظر اچي رهيا هئا اهي پاڪستان جي رهاڪن جا هئا ۽ ٻي طرف هندستان جي ماڻهن جا. ٻنهي پاسن جي يونيفارم ۾ بيٺل پوليس ۽ فوج چست چوبند ٿي نگهباني ڪري رهي هئي ته هڪ پاسي جو ماڻهو ٻئي پاسي ٽپڻ جي ته نٿو ڪري پر ٻنهي پاسي نظر ايندڙ پنجابي مسلمان ۽ سک هاري پنهنجين زالن، ٻارن ۽ وهٽن سان مطمئن نظر اچي رهيا هئا، شايد ان ڪري جو ٻنهي پاسن جي ماڻهن کي خبر آهي ته بارڊر جي ٻئي پاسي ڪا سون جي ديڳ لٿل ناهي. هندستان ۽ پاڪستان جو ڪامن بارڊر تمام ڊگهو آهي ۽ سڄي بارڊر تي روڪ ٿام لاءِ ڪي ڪوڪن واريون تارون نه لڳل آهن جتي اهڙي آڏ ناهي اتي هڪ پاسي جا ماڻهو ٻئي پاسي ٽپي به ويندا هوندا. سون جو ٿالهه وٺڻ لاءِ نه پر پنهنجا وهٽ ورائڻ جانورن کي ڪهڙي خبر ته مولا جي ملڪ تي انسانن ويهي سرحدون ٺاهيون آهن، سو اهي چرندي چرندي ٻئي طرف وڃي سگهن ٿا جن کي مالڪ ورائڻ لاءِ قانون جي ڀڃڪڙي به ڪن ٿا. ٻنهي پاسي جي سپاهين سنترين کي به خبر آهي ته هي ڪو پوليند ۽ جرمنيءَ جو بارڊر ڪونهي، الباينه ۽ اٽليءَ جو بارڊر ناهي، ڪيوبا ۽ يونائيٽڊ اسٽيٽس آف آمريڪا جو بارڊر ناهي، جنهن جي هڪ پاسي غربت، بک ۽ بيروزگاري آهي ته ٻئي پاسي مال ملڪيت ۽ مستقبل آهي ۽ پوءِ ڏکويل زندگيءَ مان جان ڇڏائڻ لاءِ غريبن ملڪن جا ماڻهو سر تان آهو کڻي پاڙي واري ملڪ ۾ گهڙڻ جو Risk کڻن ٿا، هتي ته ڪو اوڻهين ويهن جو فرق مس آهي. ٻنهي پاسي ساڳيو حال آهي... پري پري تائين نظر ڪيان ٿو ته ٻنهي پاسي پورهيت هاري ڪم ۾ رڌل آهن. ڪي ڪوڏرون هڻي رهيا آهن، ڪي وهٽن جي پٺي ٺپري رهيا آهن، ڪي پگهر اگهي رهيا آهن، ٻنهي طرف لسيءَ جا لوٽا ۽ دٻڪين ۾ مانيون نظر اچي رهيون آهن، پاڪستان واري پاسي، پٽ تي ويٺل ڪٻرون ۽ جهرڪيون ڀڙڪو ڏيئي اڏامن ٿيون ۽ انڊيا طرف جي فصلن ڏي ٿورو وڃي هوا ۾ ٻه گول ڦيرا ڪري جڏهن زمين تي اچي ويهن ٿيون ته هاڻ سڀ پاڪستان واري پاسي ويهڻ بدران ڪجهه بارڊر جي ٻئي پاسي وڃيو ويهن ويهن. هنن کي ڪهڙي خبر ته هو ڪهڙي شهر جون رهاڪو آهن. پاسپورٽ ته هنن وٽ آهي ئي ڪونه جو ان بابت ڌيان ڌرين. اسان وٽ به جيستائين پاسپورٽ ۽ شناختي ڪارڊ نه هئا ته اسان به انهن پکين وانگر آزاد هئاسين. ڪجهه ڪانگ وچ تي ويٺا هئا يعني بارڊر طور لڳل تارن تي ويٺا هئا ۽ هڪ ڪانگ کي پٽي رهيا هئا جيڪو خبر ناهي پاڪستان پاسي يا هندستان پاسي بيٺل هارين جي ٻارن مان ڪنهن هڪ ٻار کان ٻاجهر يا ڪڻڪ جي مانيءَ ڀور کسي کائڻ لاءِ اچي ويٺو هو. ٽيهارو کن ميل هن پاسي لاهور ڏي يا هن پاسي امرتسر ۾ ڀلي ته اميرن جا ٻار اتي جي KFC يا مئڪنڊولنڊ ۾ برگر سان گڏ ڪوڪ پي رهيا هجن پر اسان وٽ اهڙن امير ماڻهن جو ڪيترو سيڪڙو آهي؟ تقريباً نه برابر باقي غريب عوام ۽ ڳوٺن جي ماڻهن جي ته زندگي چاڪيءَجي ڍڳي وانگر ان ڦنگي لسي ۽ جوئر يا ٻاجهر جي ڍوڍي جي چوڌاري ڦري ٿي. رستي جي ويجهو وارين ٻنين ۾ بيٺل ٻار ۽ مرد اسان جي هٿ لوڏڻ تي هٿ لوڏي جواب ڏين ٿا. هنن لاءِ ڇا مختلف ملڪ ڇا مذهب! ڇا پاڪ انڊيا دوستيءَ جا نعرا! هنن لاءِ فقط هڪ ڳالهه حقيقت آهي ته صبح جو سوير اٿي پورهيو ڪرڻو آهي جيئن هو ان لسي ۽ اڻڀي ماني سان پيٽ ڀري سگهن.
    اسان جي بس آهستي آهستي ٿي اڳيان هلندڙ پوليس جي موبائيل کي فالو ڪري ٿي. رستو ڪو خاص ويڪرو ناهي پر پوليس جي گاڏي سامهون ايندڙ ٽرئفڪ کي لڪڻ جي اشاري سان پاسي تي بلڪه ڪچي ڏي لهڻ جو اشارو ڪري ٿي جيئن اسان جي بس لاءِ رستو کليل ۽ ڪشادو هجي ۽ بريڪن جي استعمال بنا سٺي رفتار ۾ مفاصلو طئي ڪندي وڃي.
    جيئن پاڪستان پاسي بارڊر وارو شهر بلڪه ڳوٺڙو واگها آهي تيئن بارڊر جي ٻئي پاسي واگها جي ڀر ۾ ئي پر انڊيا واري پاسي ڳوٺ جو نالو اتاري آهي. واگها ۽ اتاري ائين آهن جيئن حيدرآباد جي سٽيزن سوسائٽي ۽ گلشن سجاد يا کڻي ائين چئجي ته ڪراچيءَ جي زينب مارڪيٽ ۽ صدر پوسٽ آفيس واري عمارت. ۽ پوءِ اتاري ڳوٺ کان امرتسر پنجويهه ٽيهه ميل کن مس آهي ۽ اسان ويهن منٽن اندر امرتسر پهچي وياسين. يعني بارڊر تي اميگريشن ۽ ڪسٽم جي گهڻي گهوپي نه هجي ۽ ملائيشيا سنگاپور وانگر يا يورپ جي ملڪن وانگر بارڊر تي گاڏيءَ ۾ ويٺي ويٺي فقط پاسپورٽ ڏيکارڻو پوي ته ڪار ذريعي ماڻهو لاهورکان امرتسر اڌ ڪلاڪ ۾پهچي سگهي جيئن هالا کان حيدرآباد. ايڏو ويجهو لاهور ۽ امرتسر هڪ ٻئي کي آهن! تڏهن ته اڄ کان ويهارو سال اڳ جڏهن اڃا ڪيبل يا ڊش سسٽم شروع نه ٿيو هو ۽ اسان جي ٽي وي خاص ڪري لاهور ٽي وي اسٽيشن جا ڊراما ”جهوڪ سيال“ ”وارث“ ”بڪرا قسطون پر“ ”آنگن ٽيڙها“ تمام گهڻو پسند ڪيا ويا ٿي ته انڊيا جا شوقين اهي ڊراما ڏسڻ لاءِ امرتسر ايندا هئا ۽ انڊين فلمون ڏسڻ جا پاڪستاني شوقين لاهور ايندا هئا جو لاهور مان انڊيا جي ٽي وي ۽ امرتسر مان پي ٽي وي صاف نظر ايندي هئي. اڄڪلهه ته انڊيا جا ڪيترائي ٽي وي چئنل ٿي پيا آهن جن مان به ڪيترن تي سڄو ڏينهن فلمون پيون هلن پر تن ڏينهن ۾ انڊيا جو به اڪيلو چئنل هو جنهن تان هفتي ۾ ٻه دفعا انڊين فلم ڏيکاري ويندي هئي ساڳي وقت جڏهن به انڊيا ۽ پاڪستان جي جنگ لڳي آهي يا ٺلهي ڳالهه ٿي ٿئي ته سڀ کان اڳ ۽ سڀ کان گهڻو الرٽ لاهور ۽ امرتسر جا ماڻهو ٿا ٿين جو اهي شهر هڪ ٻئي جي ايترو ته ويجهو آهن جو ڪنهن هڪ ملڪ جي ٿوري به پيش قدمي ٻئي ملڪ جو هي شهر هڙپ ڪري سگهي ٿو.
    اسان جي بس ان صديون پراڻي شاهراهه Grand Trunk روڊ تان اڳتي وڃي رهي هئي جيڪو صدين کان ڪلڪتي کان پشاور بلڪه ڪابل تائين بادشاهن ۽ فقيرن لاءِ، عوام ۽ فوجين لاءِ، ساڌو ۽ صوفين لاءِ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ گهمڻ لاءِ“ لڏپلاڻ لاءِ“ حملي ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندو رهيو آهي.
    لاهور ڇڏڻ وقت صبح جو وقت هو، بسون ۽ ڪارون مالڪ ۾ ڀنل رستن تان هلي رهيون هيون. رستن جي ڪنارن تي ٺهيل فٽ پاٿن ۽ انهن جي ڀر ۾ ٺهيل ساوڪ ۽ گلڪارين سان ڀريل پٽين تي لاهوري واڪ ۽ جاگنگ ڪري رهيا هئا دڪانن اڳيان انگريزي ۽ اردو ۾ لڳل بورڊن جون بتيون ۽ Neon Signs اڃا ٻري رهيون هيون. آئون ڏهاڪو سال اڳ لاهور آيو هوس، مون کي تڏهن به لاهور وڻيو هو ۽ هاڻ ته اڃا به وڌيڪ خوبصورت ۽ صاف سٿرو ٿي پيو آهي. پنجابي ليڊرن ڇا ته پنهنجن شهرن کي ٺاهيو آهي، چڱو ٿا ڪن، اسان جي ليڊرن کي به ائين ڪرڻ کپي يا انهن کي ائين ڪرڻ سان نانگ ٿو چڪ هڻي؟ ڪراچيءَ جي ناظم نعمت اللہ خان وانگر ٻين شهرن جا ناظم به پنهنجن شهرن جا گهٽ ۾ گهٽ روڊ رستا ۽ Sewarage system بهتر بنائي سگهن ٿا.
    اتاري کان پوءِ اسان جي بس انڊيا جي رستي تي هلي رهي هئي، سج ڪافي مٿي چڙهي آيو هو، ماڻهو، مزدور، دڪاندار سڀ پنهنجن پنهنجن ڪمن ۾ مشثغول نظر اچي رهيا هئا. چوڌاري ساوڪ واري ٻهراڙي هئي جيئن اسان واري پاسي جي پنجاب جي جيڪا پٺيان ڇڏي آيا هئاسين. امرتسر سکن جو ڳڙهه هجڻ ڪري رڳو سک ئي سک نظر اچي رهيا هئا. رستي تي توڙي پاسي تي ۽ ٻنين ٻارن ۾ ٽريڪٽر، ٽرڪن، ويٽ ٿريشر ۽ بلڊوزرن جهڙوين وڏيون مشينون ڏسي لڳو ٿي ته ايگريڪلچر ۾ انڊيا جو پنجاب نه فقط اسان جي سنڌ صوبي کان پر اسان جي پنجاب کان به اڳتي آهي، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پنجاب انڊيا جو سکيو ستابو صوبو آهي. انڊيا جي وڏي آدمشماري هوندي به انديا چانورن جو دنيا ۾ ٿائلينڊ بعد ٻئي نمبر وڏو ايڪسپورٽر آهي ۽ ڪڻڪ پنهنجي ماڻهن جي کائڻ لاءِ ڪافي پيدا ڪري ٿو.
    امرتسر اچڻ تي روڊ جي ٻنهي پاسي دڪانن جا بورڊ پڙهان ٿو جيڪي گهڻو ڪري گرمکيءَ ۾ لکيل آهن ۽ انهن مان ڪيترن تي انگريزيءَ ۾ به لکيل آهي، ڪنهن ايڪڙ ٻيڪڙ بورڊ تي اردو لکائي پڻ آهي. انڊيا جي پنجاب ۾ هندي ۽ گرمکي پڙهائي وڃي ٿي، گرمکي پڻ هندي ۽ بنگاليءَ وانگر لکي وڃي ٿي. انڊيا جون 18 خاص زبانون آهن، جهڙوڪه، هندي آسامي (آسام صوبي جي) بنگالي، گجراتي، ڪاناڊا (انڊيا جي ڏاکڻي صوبي ڪارناما ٽاڪا ۾، ڳالهائي ويندڙ) ڪشميري، مليالم، مانيپوري، مرهٽي (ماراشٽر صوبي جي زبان جنهن ۾ بمبئي به اچي وڃي ٿو) اورييا (اوڙيسا صوبي جي زبان) پنجابي، تامل، تيلگو (ڏاکڻن صوبن، تامل ناڊو ۽ انڌراپرديش جون زبانون) اردو، سنڌي ۽ سنسڪرت وغيره. اردو ڄمون ڪشمير کان علاوه دهليءَ جي زبان آهي.
    لاهور جا رستا هتي جي رستن کان ويڪرا ۽ سهڻا لڳن ٿا باقي لاهور کان ٽپي انڊيا ۾ گهڙڻ سان رستن ۽ اوسي پاسي نهار ڪرڻ سان يڪدم محسوس ٿيو وڃي ته انڊيا ۾ ٽرئفڪ توڙي عوام تمام گهڻو آهي. رستن تي پرائيويٽ ڪارن کان وڌيڪ اسڪول بسون، ٽريڪٽر ۽ انهن جي پويان گاهه، ڳني يا سرن سان ڀريل ٽرالر، ڍڳي گاڏيون، آٽو رڪشائون، موٽر رڪشائون ۽ سائڪلون نظر ٿي آيون. موٽر سائيڪل سوار سکن جو منهن ڪپڙي سان ائين ڍڪيل هو جيئن عورتون حجاب ڪن ۽ فقط اکيون نظر اچن. سکن لاءِ ههڙن ڌڌڙ سان ڀريل رستن تي موٽر سائيڪل هلائڻ وقت ڏاڙهيءَ کي ڪپڙي سان ڍڪڻ ضروري ٿيو پوي نه ته ههڙي مٽي، ڄارو ۽ دونهاٽيل ماحول ۾ کين ايئرڪنڊيشن جي فلٽر وانگر هر وقت ڏاڙهي ڌوئڻي پوي، رکي رکي رستي جي ڪپر تي يا پري گهرن جي وچ ۾ سکن جو گوردوارو (ٽڪاڻو) نظر آيو ٿي.
    انڊيا ۾ اٽڪل ٻه ڪروڙ سک رهن ٿا جن جو وڏو تعداد پنجاب ۾ آهي. اسان واري پنجاب ۾ به ڪافي رهيا ٿي جيڪي هندستان جي ورهاڱي بعد انڊيا واري پنجاب ۾ لڏي ويا، سندن پاڪ جايون ۽ پوڄا مندر اڄ به پاڪستان واري پنجاب ۾ موجود آهن، جن جي زيارت لاءِ هو لاهور ۽ خاص ڪري حسن ابدال ايندا رهن ٿا. سک پنهنجي ڏاڙهي، پٽڪي ۽ ٻانهن ۾ پاتال ڪڙي (ڪنگڻ) ڪري پري کان سڃاتا وڃن ٿا. گروگوبند سنگهه پنهنجن چيلن لاءِ پنج شيون رکڻ ضروري ڪيون جيڪي پنج ڪاڪر (ڪاف) سڏجن ٿيون: ڪيش (جسم جو ڪوبه وار نه ڪٽڻ) هو ان کي بزرگيءَ ۽ درويشيائي جي نشاني سڏين ٿا، ڪنگهو (ڪاٺ يا عاج جي ڦڻي، صفائيءَ جي نشاني)، ڪڇو، چست ۽ چوبند رهڻ جي نشاني، ڪڙو (اسٽيل جو ڪنگڻ) پڪي عزم جي نشاني ۽ ڪرپان (خنجر) ڪمزور جي بچاءَ لاءِ. مٿي جي ڊگهن وارن کي بچائڻ لاءِ هنن کي پٽڪو پائڻو پوي ٿو. بلڪه سکن جا هي پٽڪا اڳهين سيٽ ٿيل ۽ سبيل آهن. ور ڏيئي ٻڌڻ بدران ٽوپيءَ وانگر پائڻو پوي ٿو.
    سکن جو ڌرم گرونانڪ ايجاد ڪيو جيڪو سن 1464ع ۾ ڄائو جڏهن هندستان تي لوڌي گهراڻي جي حڪومت جي شروعات هئي (گرونانڪ سن 1545ع ۾ وفات ڪئي جڏهن شير شاهه سوري دهليءَ جي تخت تي ويٺل هو) يعني سک ڌرم همايون جي ڏينهن کان هندستان ۾ شروع ٿيو ۽ پنج سؤ کن سال پراڻو چئبو.
    سک ڌرم ۾ ڪي ڳالهيون اسلام جون آهن ته ڪي هندو ڌرم جون، سکن ۾ هندن واري ذات نيات جو چڪر ناهي ۽ نه ئي هو هندن وانگر مورتيون پوڄين ٿا، سکن جي عبادتگاهه گوردواري ۾ فقط هنن جو مذهبي ڪتاب ”گرنٿ صاحب“ دکيل ٿئي جنهن ۾ هنن جي ڏهن گروئن جون لکڻيون شامل آهن. سندن آخري گروءَ جي وفات سن 1708ع ۾ ٿي (مغل بادشاهه اورنگزيب جي وفات وارن ڏينهن ۾) سک هڪ خدا کي مڃين ۽ مري ويل جي لاش کي دفن ڪرڻ بدران ساڙين.
    امر تسر، جنهن شهر ۾ هاڻ اسان جي بس پهتي هئي، سکن جي سڀ کان وڏي گوردواري ”هري مندر“ کان مشهور آهي، جنهن مندر کي انگريزيءَ ۾ ”گولڊن ٽيمپل“ سڏين ٿا. مندر جي عمارت سازيءَ جو ڪم هندن جي مندرن ۽ مسلمانن جي مسجدن سان ملي ٿو. مندر جي چوڌاري پاڻيءَ جو وڏو تالاب آهي ۽ هن تالاب تان هن شهر جو نالو امرتسر پيو آهي. هندستان ۾ توڙي ٻاهر جي ملڪن ۾ سکن جي دڪانن، آفيسن ۽ هوٽلن ۾ جنهن مندر جي تصوير نظر اچي ٿي اها هن مندر جي آهي، اسان جي بس ۾ ويٺلن مان ڪيترن چاهيو ته جيڪر بس اڌ ڪلاڪ کن بيهي ته مندر ڏسندو هلجي پر بس ۾ ويٺل پوليس اهوئي چيو ته هو اسان کي فقط مقرر شهرن جي مقرر هوٽلن وٽ چانهه پاڻي ۽ مانيءَ لاءِ ترسائيندا. ”توهان کي دهليءَ تائين سلامتيءَ سان پهچائڻ اسان جي ذميواري آهي، دهلي پهچي پوءِ ڀلي توهان هيڏانهن پنجاب موٽي اچو يا بمبئي مدراس هليا وڃو.“ هنن اسان کي سمجهايو، هنن جو مطلب هو ته هن وقت اسان ”انڊيا پاڪستان دوستي“ جي بنياد تي هلندڙ سرڪاري بس ۾ وڃي رهيا آهيون ۽ خدانخواسته ڪجهه ٿي پيو ته حڪومت جي بدنامي ٿيندي جو ٻنهي ملڪن جا ڪجهه ماڻهو حڪومت جي هن دوستي وڌائڻ جي پاليسيءَ جي خلاف آهن.
    بهرحال اسان مان ڪيترن ئي اهو پهه ڪيو ته جيئن ئي دهليءَ ۾ واندڪائي جا ڏينهن ملندا ته آگري ۽ اجمير سان گڏ هن پاسي جا هي شهر امرتسر به ڏسڻ اينداسين ۽ تاج محل جي اڳيان تصوير ڪڍرائڻ سان گڏ هتي اچي امرتسر جي هن گولڊن مندر وٽ پڻ تصوير ڪڍرائينداسين، هي شهر امرتسر جنهن جي لفظي معنيٰ امرت جو حوض آهي سکن جو چوٿين گروءَ رام داس سن 1577ع ۾ ٻڌرايو. امرتسر نه فقط پنجاب صوبي جي وڏن شهرن مان هڪ آهي پر سک ڌرم جو مرڪز پڻ آهي. هن شهر لاءِ زمين مغل شهنشهاهه اڪبر منظور ڪئي. 1761ع ۾ احمد شاهه درانيءَ نه فقط هن شهر جي ڦرلٽ ڪئي پر مندر پڻ تباهه ڪري ڇڏيو جيڪو ٽن سالن بعد 1764ع ۾ وري ٺاهيو ويو. 1802ع ۾ رنجيت سنگهه هن مندر جي ڇت ٽامي جي تهه سان ٺهرائي ۽ ان جي ڳاڙهي رنگ ڪري گولڊن ٽيمپل سڏجڻ لڳو.
    دهلي ڏي ويندي هن رستي جي کاٻي پاسي رام باغ نظر اچي ٿو ۽ ساڄي پاسي گول باغ. سئيڊن ۾ مون سان رهندر امرتسر جو سک ستنام (جنهن جو ذڪر ڪراچيءَ کان ڪوڀن هيگن ۾ ڪيو اٿم) ٻڌائيندو هو ته رام باغ جي ڀرسان ”سنڌي ڪافي هائوس“ نالي هڪ مشهور هوٽل آهي جيڪا تمام پراڻي آهي. بهرحال امرتسر ۾ سکن جو گولڊن ٽيمپل بعد اگر ڪا مشهور تاريخي شيءِ آهي ته گوبند گره جو قلعو آهي جيڪو رنجيت سنگهه 1805ع ۾ ٺهرايو (امرتسر شهر جون ڀتيون به هن راجا ٺهرايون) ۽ ٻيو جاليانوالا باغ جيڪو گولڊن ٽيمپل جي بلڪل ويجهو آهي جتي انگريزن ٻه هزار کن انڊين کي گوليءَ جو نشانو بنايو. اهو هڪ اهڙو اهم واقعو هو جنهن ننڍي کنڊ جي ماڻهن جي دلين ۾ آزاديءَ لاءِ جدوجهد جو جذبو پيدا ڪيو. انگريزي فلم گانڌي Gandhi ۾ اهي سڀ نظارا Recreate ڪيا ويا آهن.
    اسان جي بس هاڻ اڳتي جالنڌر ڏي وڌي رهي هئي، جنهن جي هڪ شهر ڪرتار پور ۾ اسان کي ترسي ٿوري فرحت وٺڻي هئي ۽ بس وارن طرفان هوٽل ۾ چانهه ملڻي هئي، جالنڌر ضلعو به آهي ته ان ضلعي جو وڏو شهر به. پاڪستان جو اڳوڻو حاڪم جنرل ضياءَ هن شهر کان لڏي پاڪستان آيو هو. مون هن جي بايوگرافي نه پڙهي آهي پر بينظير صاحبه هن جي رمارڪس جي ورنديءَ ۾ اڪثر اهو چوندي هئي ته آئون ڄائي نپني سنڌ ۾ آهيان ۽ هتي ئي رهنديس جالنڌر کان نه آئي آهيان. بهرحال پنجاب جا لڌيانا ۽ امبالا جهڙا تاريخي شهر هن پراڻي رستي گرانڊ ٽرنڪ روڊ تي ئي اچن ٿا ۽ هي روڊ ايڏو پراڻو آهي جو هن جي ٻنهي پاسن کان ايڏي ته وسندي ۽ ڳوٺ آهن جو خبر نٿي پوي ته ٻهراڙي ڪڏهن شروع ٿيندي جيئن ٽرئفڪ گهٽجي. ڪو فرلانگ کن مس بنا گهرن ۽ دڪانن جي آيو ٿي ته وري گهرن، دڪانن، اوطاقن ۽ ڪارخانن جو سلسلو شروع ٿي ويو ٿي ۽ ساڄي ۽ کاٻي پاسي کان ڪچا پڪا رستا اچي هن روڊ سان مليا ٿي جن تان ڍڳي ۽ سان گاڏين کان وٺي ٽريڪٽر ۽ ٽرڪون پئي آيا ويا. ان کان علاوه آٽو رڪشائون، اسڪول بسون، موٽرسائيڪلن تي ڏاڙهي ڍڪيل سک ۽ ويسپا موٽر سائيڪلون هلائيندڙ سکڻيون ٽرئفڪ ۾ وڌيڪ اضافو آڻي رهيون هيون. اسان جي اڳيان پوليس جي موبائيل گاڏي رستو صفا ڪرائڻ لاءِ نه اچي ها ته اسان جي بس به ٻين وانگر ڦاسندي ڦاسندي هلي ها. هي اهو رستو آهي جيڪو انگريزن جي حڪومت کان اڳ تائين جرنيلي سڙڪ سڏبي هئي پر هاڻ گرانڊ ٽرنڪ روڊ يا ٺلهو ”جي ٽي روڊ“ سڏجي ٿو ۽ ڪلڪتي کان شروع ٿئي ٿو ته دهلي ۽ پوءِ امرتسر وٽان ٿيندو واگها ۽ لاهور پهچي ٿو ۽ اڳتي ڪابل افغانستان وڃيو دنگ ڪري. پاڪستان ۾ اڄڪلهه هن روڊ کي N-5 (پاڪستان نيشنل هاءِ وري نمبر 5) پڻ سڏين ٿا. ڪلڪتي کان ڪابل تائين هن 2600 ڪلوميٽري (1600 ميل) ڊگهي جي ٽي روڊ لاءِ هڪ صدي کن اڳ مشهور انگريزي ليکڪ رڊيارڊ ڪپنلگ چيو هو ته:
    Such a river of life nowhere else axists in the world. It is the beack bone of all Hind on which one can see all castes and kinds of men..... all the world going and coming.
    رڊرياڊ ڪپلنگ جي مشهور ناول Kim جا ڪيترائي واقعا هن روڊ (Grand Trunk) تي درپيش اچن ٿا. ڪيترن تاريخدانن جو ته اهو چوڻ آهي ته هن روڊ جو وجود اڄ کان 3500 سال اڳ جو آهي جڏهن اتر کان آرين ننڍي کنڊ تي چڙهائي ڪئي. هن روڊ اتر کان انهن آرين کي مارچ ڪندي ڏٺو. ايراني ۽ يونانين جي فوجن کي انڊيا تي ڪامياب حملا ڪندي ڏٺو. هن رستي تان Scythians سفيد هن (Huns) سلجوق، تاتاري، منگول، ساساني، ترڪ، مغل ۽ دراني آيا ۽ خيبر پاس لتاڙي هن سنڌ ۾ ڌوڪي ويا. هي اهوئي رستو آهي جنهن ذريعي تيمور، بابر، نادر شاهه ۽ احمد شاهه ابداليءَ جهڙا فاتح ۽ ڦورو ننڍي کنڊ ۾ آيا ۽ ڄمائي ويٺا يا ڦرون ڪري واپس هليا ويا. دنيا ۾ هن روڊ جي عجيب جاگرافيائي بيهڪ آهي ۽ ان بيهڪ ڪري ئي اتر کان حملا ڪندڙ ايندا رهيا ۽ تاريخ ۾ نوان باب ڳنڍبا رهيا. ڪنهن صحيح چيو آهي ته:
    Geography rather than history has fated the GT Road to play a role in every age.
    هن گرانڊ ٽرنڪ روڊ ذريعي ننڍي کنڊ ۾ نه فقط حڪمران ۽ ڦورو آيا پر دنيا جا سياح، مسافر، عالم، ڏاها، سوداگر، ثقافت (Culture) ۽ Ideas هن ننڍي کنڊ ۾ پهتيون. سوين سالن تائين هن روڊ تان اٺن جا قافلا گذريا. هنن جهونن واپارين ۽ هنرمندن هن ڌرتيءَ تي عاليشان قسم جي سلڪ ۽ چينيءَ (Porcelain) جو بهترين سامان چين ۽ وچ مشرق کان آندو. گرانڊ ٽرنڪ روڊ پاڪستان واري پاسي به تاريخي جاين تان لنگهي ٿو خيبر پاس کان وٺي ڏٺو وڃي ته پشاور گنڌارا جي ڪنول ماٿري، اٽڪ جتي جو قلعو 1581ع ۾ مغل شهنشاهه اڪبر ٺهرايو، حسن ابدال جتي نانڪانا صاحب جو سکن جو گوردوارو آهي، ٽئڪسلا (گنڌارا ۽ راجا امبي کان مشهور) پوٽوهار، روهتاس جو قلعو (جيڪو شيرشاهه سوريءَ ٺهرايو) گجرات (انگريزن جو جنگي ميدان) گجرانوالا (رنجيت سنگهه جي ڄم جي جاءِ) لاهور، شاليمار باغ، بادشاهي مسجد ۽ مشهور لاهوري قلعي جو شهر. جتي انگريزن جو دلپسند ۽ ايشيا جو پراڻو تعليمي اقدارو پنجاب يونيورسٽي آهي، رڊيارڊ ڪپلنگ جي مشهور Kim,s Gun آهي ۽ انگريزن طرفان مٿاهين (Elite) ڪلاس جي ٻارن جو ايڇيسين ڪاليج آهي ۽ واگها.
    هونءَ ڏٺو وڃي ته جرنيلي سڙڪ يعني هن گرانڊ ٽرنڪ روڊ کي ٺاهڻ ۾ شير شاهه سوريءَ جو وڏو هٿ هو. شيرشاهه سوري به هڪ عجيب بادشاهه ٿي گذريو آهي، جنهن هندستان تي فقط پنج سال بادشاهي ڪئي پر پاڻ ان زماني جي حاڪمن ۾ تمام سٺو ائڊمنسٽريٽر هو. شيرشاهه سوري (سندس اصل نالو فريد هو پر پاڻ کي ”شينهن بادشاهه“ (شيرشاهه) ٿي سڏرايائين) هڪ ننڍڙي افغاني جاگيردار جو پٽ هو جيڪو پنجاب ۾ 1472ع ۾ ڄائو. پنهنجي ماٽيلي ماءُ جي بدسلوڪيءَ ڪري هن ننڍي هوندي ئي گهر ڇڏي جانپور ۾ وڃي سخت پڙهائي ڪئي ۽ عربي ۽ فارسي ٻولين تي هن جي سٺي ڪمانڊ ٿي وئي. انهن ڏينهن ۾ ته اهو Trend هو ته فارسي گهوڙي چاڙهسي. فارسي جا ڄاڻوءَ کي سٺي نوڪري ملي وئي ٿي. هن کي به تن ڏينهن جي مغل بادشاهه بابر وٽ نوڪري ملي وئي، بابر جي وفات بعد همايون تخت تي ويٺو. مغل بادشاهت ۾ ڪيترائي فوجي ۽ حڪومت مونجهارا ٿي پيا جن کي همايون منهن ڏئي نه پئي سگهيو ۽ همايونءَ جي ڪمزورين مان فائدو وٺي شيرشاهه هن جو تختو اونڌو ڪيو ۽ پاڻ بادشاهه ٿي ويٺو. شيرشاهه ملٽري ۽ سول ائڊمنسٽريشن ۾ وڏو قابل ماڻهو هو. هن پنهنجي مختصر حڪومت ۾ عوام جي ڀلي ۽ پنهنجي حڪومت مضبوط بنائڻ لاءِ ڪيترائي ڪم ۽ سڌارا به آندا ۽ ڪيترا تاريخدان کيس مڃين ٿا ته:
    He was in truth the greatest ruler that sat upon the throne of Delhi.
    هن ڍلون وغيره اوڳاڙڻ جو بنياد زمين جي ماپ تي قائم ڪيو، عوام کي انصاف مهيا ڪيو. دهليءَ کان ڪابل تائين گرانڊ ٽرنڪ روڊ ٺهرايو. رستن تي وڻ پوکرائين، مسافرن جي آرام ۽ سهولت لاءِ گرانڊ ٽرنڪ روڊ تي سرائيون (مسافر خانا) ٺهرائين ۽ کوهه کوٽرائين، ڪوس مينار (ميلن جي سڃاڻپ لاءِ منارا) ٺهرايائين جيئن اڄڪلهه پٿر جا ننڍڙا Mile Stone ٿين ٿا، ٽپال کڻي ڊوڙندڙ گهوڙن لاءِ Horse- changing posts ٺهرايائين جتي گهوڙا ساهه پٽي سگهن ۽ مسافرن لاءِ ٻيون به ڪيتيون بنيادي شيون مهيا ڪيائين.
    شيرشاهه سوريءَ 1540ع ۾ همايون کي شڪست ڏئي دهليءَ جو تخت حاصلم ڪيو. پنجن سالن بعد 1545ع ۾ پاڻ گذاري ويو. گن پائوڊر جي ڌماڪي ۾ پاڻ مري ويو، کيس ٻه پٽ هئا پر بيحد نڪما ۽ حڪومت هلائي نه سگهيا ۽ همايون وڃايل حڪومت کي هڪ دفعو وري حاصل ڪري ويو. گرانڊ ٽرنڪ روڊ کي ٺاهڻ واري شيرشاهه جي ”سوري گهراڻي“ جي حڪومت جو خاتمو ٿي ويو...
    آئون تاريخ جي ورقن ۾ گم هوس ته بس هلائيندڙ سک ڊرائيور ٻڌايو ته سامهون بياس نالي شهر اچڻ وارو آهي، مون امرتسر ۾ هن ڊرائيور کي Request ڪيو هو ته ڪو اهڙو شهر، ندي، جبل وغيره گذري ته مون کي ٻڌائجان، آئون تنهنجي بلڪل پٺيان ويٺو آهيان.
    ”بياس ندي آهي يا شهر؟“ مون پڪ ڪئي.
    ”ٻئي“ ڊرائيور وراڻيو.“ پهرين شهر ايندو پوءِ ندي به ٽپنداسين.“
    پنجاب جن پنج ندين تان هن علائقي تي نالو پيو اهي آهن: جهلم، چناب، ستاج، راوي، ۽ بياس. هيءَ ندي بياس سڀ ۾ ننڍي آهي ۽ انڊيا جي اتراهين صوبي هماچل پرديش مان ڪري پنجاب جي گرداسپور ضلعي ۾ اچي گووند وال کان ٿورو اڳيان ستلج ۾ وڃيو ملي ۽ پوءِ اها ستلج هندستان ۽ پاڪستان جي پنجاب صوبي جو بارڊر ڏيئي راجستان جي شروع ٿيڻ کان اڳ پاڪستان جي پنجاب اندر هليو وڃي اڳتي وڃيو سنڌو درياهه سان ملي. اسان جي بس بياس جو شهر ۽ ان بعد بياس درياهه ٽپي اڌ ڪلاڪ وڌيڪ اڳتي هلي ضلعي جلنڌر جي شهر ڪرتاپور ۾ مين روڊ تي ٺهيل هڪ وڏي هوٽل ”منگوليا ٽورسٽ ڪامپليڪس“ اڳيان اچي بيٺي. هتي اسان کي چانهه پاڻي پيئڻو هو ۽ ڪجهه ٽنگ به ڊگهي ڪرڻي هئي، بس ۾ ويٺي ٻه اڌائي ڪلاڪ ٿي ويا هئا. سگريٽ پيئڻ وارن لهڻ سان پهرين سگريٽ دکايو باٿ روم جو به پوءِ پڇيائون. چانهه پيئڻ بعد ڪي بس ۾ اچي ويٺا ڪي بس جي ٻاهران بيهي رستي تان لنگهندڙ ٽرئفڪ کي ڏسڻ لڳا. هوٽل جي ڀر ۾ پان جون مانڊڻيون هيون جتي پان ته نه هئا پر سوپارين جون پڙيون، ٽڪيون، ٽافيون، چيغم وغيره هئا. ٻنهي مانڊيڻ تي پبلڪ فون هو جتان اسان جي ڪيترن ساٿين پاڪستان پنهنجن گهرن ۽ دوست ڏي فون ڪيو. بس جي ڊرائيور هاڻ هارن مٿان هارن وڄائڻ شروع ڪيو يعني ڏاڍي دير ٿي وئي آهي جلدي ورو ته بس اڳتي جي سفر تي هلي. بس ۾ سوار ۽ اڳيان موبائيل ۾ ويٺل سپاهين هش هش ڪري مسافرن کي هتان هتان ورائي بس ڀيڙو ڪيو. مسافرن جو تعداد ڳڻيو ويو. هڪ ٻه اڃا کٽل هئا ٻه پوليس وارا بس مان لهي کين ڳولڻ لاءِ هوٽل ۾ ويا. هڪ باٿ روم ۾ هو ۽ ٻئي اڃا هاڻ چانهه پيئڻ شروع ڪئي هئي. بهرحال ماڻهو پورا ٿيڻ تي بس جي ڊرائيور موبائيل ۾ ويٺل پوليس کي اشارو ڪيو يعني هاڻ اڳيان ٿيو ته پٺيان اسان اچون.
    ”هاڻ ڪٿي ترسنداسين؟“ مون بس ڊرائيور کان پڇيو.
    ”هاڻ سائين ڀلي سمهي رهو. گهٽ ۾ گهٽ ٽن ڪلاڪن بعد سرهند شهر ۾ مانيءَ لاءِ ترسنداسين. آئون اڌ ڪلاڪ کن دريءَ مان هيڏانهن هوڏانهن ڏسندو رهيس جلنڌر Jalandhar جو شهر گذرڻ بعد سگهو ئي اک لڳي ويم. دريءَ جو پردو ڇڪي ڇڏيو هوم ۽ وڌيڪ اوندهه ڪرڻ لاءِ منهن تي ننڍڙو ٽوال وجهي ڇڏيو هوم جلنڌر امرتسر کان پورن 80 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي يعني حيدرآباد کان نوابشاهه جيتري پنڌ تي. پنجاب جا مهاراجا رنجيت سنگهه هن شهر ۾ سن 1839ع ۾ گذاري ويو هو. جلنڌر لاءِ چون ٿا ته ڪنهن قديمي هندو سلطنت جي گاديءَ جو هنڌ پڻ هو. اسان جي سک بس ڊرائيور ٻڌايو ته هن شهر جلنڌر جي معنيٰ ”پاڻي اندر“ آهي يعني جل اندر. هن ٻڌايو ته هن شهر ۾ هڪ تمام پراڻي سراءِ (مسافر خانو) 1857ع جو ٺهيل آهي.
    لاهور کان دهلي هلندڙ هيءَ بس تمام گهڻي آرام ده آهي. هر سيٽ جي وچ ۾ ٽنگون ڊگهيون ڪرڻ جي ڪافي جاءِ آهي. نئين ۽ وڏي بس آهي. ٻاهر ڌوڙ ۽ گرمي هجڻ جي باوجود اندر ايئرڪنڊيشنڊ هجڻ ڪري ٿڌڪار آهي. هر هڪ ڪالهه کان سفر ۾ هو، ڪراچي، حيدرآباد، نوابشاهه ۽ روهڙيءَ کان چڙهيل اسان جا مسافر 18 ڪلاڪ کن ٽرين ۾ سفر ڪري رات جو ٻارهين هڪ بجي لاهور پهتا هئا. ان بعد باقي رات جو حصو به اوڄاگو ڪري صبح جو هن بس ۾ اچي سوار ٿيا هئاسين. ٿڪ ۽ اوڄاڳي ڪري هاڻ هر هڪ ننڊون ڪري رهيو هو. آئون به دريءَ مان وڌيڪ ڏسي نه سگهيس جو رکي رکي جهوٽا پئي آيا ۽ نيٺ اک لڳي وئي. ڪلاڪ ڏيڍ بعد اک کلي ته بس لڌيانا جي شهر جي هدن ۾ گهڙي چڪي هئي. اهو سچي عيجب لڳو ته اسان هندستان جي رستن تي سفر ڪري رهيا هئاسين، چوويهه ڪلاڪ اڳ يعني هن وقت اسان جي ٽرين روهڙي کان ڏهرڪي پهچي رهي هئي ۽ ريل جي دريءَ مان اينگرو ڀاڻ جي ڪا فيڪٽري نظر اچي رهي هئي ۽ هاڻ دريءَ مان لڌيانا شهر جا دڪان، هوٽلون، گرمکي، هندي ۽ انگريزيءَ ۾ لکيل اشتهار، سکن جا ٽڪاڻا، مختلف يونيفارمن ۾ اسڪولن جا ٻار جن جي مٿي جي وارن جو جهڳٽو رومال ۾ ويڙيهل، ڏاڙهين ۽ پٽڪن سان سک مرد، پاجامن ۽ ڌوتين ۾ پنجابي هندو، دڪانن ۽ هوٽلن اڳيان چرندڙ سست ڍڳيون ۽ رول ڪتاب نظر اچي رهيا هئا.
    لڌيانا، گرداسپور، امرتسر، هوشياپور، چنڊيڳڙهه، فيروز پور، پٽيالا، روپ نگر وغيره هندستان جي پنجاب صوبي جا مشهور ۽ وڏا شهر آهن. لڌيانا جي نالي سان ٻي ڪا شيءِ ياد اچي يا نه پر مون جهڙي پرديس ۾ رهندڙ کي لڌيانا ۾ ٺهندڙ مشهور سائڪيلون ”هيرو“ ياد ٿيون اچن. جيئن ٽاٽا ڪمپنيءَ جون بسون ۽ ٽرڪون انڊيا ۽ دنيا جي ڪيترن ئي شهرن ۾ مشهور آهن تيئن هن شهر جون هيرو سائيڪلون آهن جيڪي ٽاٽا وانگر مون کي ملائيشيا، ٿائلينڊ، سريلنڪا ۽ آفريقا جي ڪيترن ملڪن ۾ نظر آيون. لڌيانا لاءِ مشهور آهي ته اتان هر سال 35 لک سائيڪلون ٺهي وڪري لاءِ انڊيا ۽ ٻاهر وڃن ٿيون يعني روزانو 10 هزار سائيڪلون ٺهن ٿيون.
    لڌيانا جا گريجوئيٽ ميڊيڪل ڊاڪٽر به جتي ڪٿي نظر اچن ٿا خاص ڪري ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾. لڌيانا جو هي ڪرسچن ميڊيڪل ڪاليج ۽ اسپتال 1895ع ۾ ٺهيو ۽ چيو وڃي ٿو ته هي ميڊيسن جو اسڪول سڄي ايشيا کنڊ ۾ پراڻي ۾ پراڻو آهي. رستي تان لنگهڻ مهل ڪيترن ئي هنڌن تي هتي جي ڪنهن هوٽل ”سٽي هارٽ“ جا سائن بورڊ نظر اچن ٿا جيڪا لڳي ٿو ته هتي جي ڪا وڏي هوٽل آهي.
    هن شهر جو لڌيانا (لوڌيانا) نالو لوڌي گهراڻي جي حاڪمن تان پيو جن دهليءَ تي 1451ع کان 1526ع تائين (بابر جي فتحيابي تائين) حڪومت ڪئي. 1489ع تائين هن شهر جو نالو مير هوتا هو. هن شهر ۾ قاعدي Law & Order جي حالت صحيح رکڻ لاءِ دهليءَ طرفان سڪندر لوڌيءَ کي هتي مقرر ڪيو ويو هو جيڪو 1489ع کان 1517ع تائين هتي رهيو ۽ هن شهر مير هوتا جو نالو بدلائي لوڌيانا (Ludhiana) رکيو.
    لڌيانا ڪافي وڏو شهر ٿي لڳو جو اسان جي بس ڪا دير شهر جي پيهه پيهان مان وڏا وڏا هارن ڏيندي هلندي رهي. ان کان علاوه اسان جي اڳيان هلندڙ پوليس جي گاڏي رون رون (سائرن) ۽ هارن ڏيندي ٽريفڪ کي هٽائڻ جي ڪوشش ڪندي رهي. انهن زوردار هارنن تي بس ۾ ستل سڀ همراهه سجاڳ ٿي پيا هئا ۽ سڀ پڙدا ريڙهي ٻاهر جي دنيا جو ديدار ڪرڻ لڳا. هن شهر وٽ رستي جي ٻنهي پاسن کان ڪيترائي روڊ ڦٽا ٿي جن تان ٽريفڪ هن مين روڊ تي اچي وڌيڪ رستو جئم ڪري رهي هئي. ڊرائيور ٻڌايو ته هي مختلف رستا هن صوبي جي ٻين ڪيترن شهرن: موگا، مختصر (Muktsar)، باٿندا سانگرور، نوانشهر وغيره ڏي وڃن ٿا، اسان ڀانت ڀانت جا ماڻهو نموني نموني جي سوارين ۾ توڙي پيرين پنڌ ايندي ويندي ڏسندا هلياسين. رستي جي ڪپرن تي وڏا دڪان، ننڍا دڪان، ڪئبنون ۽ مانڊڻيون، انهن جي اڳيان پٽ تي ويٺل موچي، ديڳڙن تي ڪلعي چاڙهڻ وارو، لوهه کي گرم ڪري ڪهاڙيون، کرپيون ۽ ڏانتا ٺاهڻ وارو لوهار، ڪن مان مر ڪڍڻ وارو، جڙتون ٻوٽيون ۽ طاقت، شباب ۽ جوانيءَ جا نسخا وڪڻڻ وارو ۽ هر ڀت تي چن سان لکيل اشتهار، اسڪولن ۾ داخلائن جا، ٽيوشن سينٽرن جا، ڪمپيوٽر سکڻ جا ۽ وڃايل طاقت ۽ جوانيءَ کي ماڻڻ جي نسخن ۽ دوائن جا... سچ چيو آهي رڊيارڊ ڪپنلگ ته هي گرانڊ ٽرنڪ روڊ River of life آهي. اها زندگيءَ جي ندي جيڪا گنگا، جمنا ۽ ويندي سنڌوءَ کان به ڊگهي آهي جيڪا ڪلڪتي کان شروع ٿئي ٿي ته امرتسر وٽان ٽپندي پاڪستان هليو وڃي ۽ خيبر پاس ٽپيو ڪابل (افغانستان) ۾ وڃيو دنگ ڪري. هي اهو جهونو رستو ۽ تهذيب آهي جنهن تي دنيا چئن جهونن ۽ مشهور مذهبن، هندو ڌرم ٻڌ ڌرم، جين ڌرم ۽ سک ڌرم جنم ورتو ۽ دنيا ۾ تيزيءَ سان وڌندڙ مذهب اسلام هن رستي ذريعي ننڍي کنڊ ۾ پکڙيو. هن رستي تي لاهو، امرتسر، امبالا، ڪرڪ شاترا، پاڻيپٽ، دهلي، علي ڳڙهه، مٿرا، آگرو، ڪانپور، الهه آباد، بنارس جنهن کي هاڻ وارا انساني سڏين ٿا، ساسا رام، گيام (ٻڌگيا) درگاپور، ڌنباد، ٽيٽاڳره ۽ ٻيا ڪيترائي تاريخي شهر آهن جيڪي هندن، سکن، مسلمانن، ٻڌن ۽ ٻين مذهبن، حڪومتن ۽ قومن جي ماڻهن جي عبادت گهرن، تاريخي جاين ۽ تعليمي ادارن ۽ مقبرن خانقاهن کان مشهور آهن. اڄ اسان هن روڊ تان بس ذريعي گذرون پيا اسان کان اڳ ڪئين صديون خبر ناهي ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو، حاڪم، ساڌو سنت، ڦورو، لٽيرا، عالم ڏاها، واپاري سوداگر هن رستي تان پيرين پنڌ يا اٺن، هاٿين، گهوڙن، گڏهن يا بيل گاڏين، سائيڪلن ۽ ٻين سوارين تي گذرندا رهيا، اسين برطانيه جي فوجين کي 1880ع وارن سالن ۾ هن رستي تان مارچ ڪندو Imagine ڪري سگهون ٿا جن لاءِ ڪپلنگ اڄ کان سوا صدي اڳ Route- Marchin جي عنوان سان نظم لکيو هو:
    We`re marchin, of relief
    Over India`s Sunny Plains
    A little O` Christmas time
    An` just be`ind the Rains,
    Ho! Get away` you bullock- man.
    Yon` ve` eard the bugle blowed,
    There,s a regiment a- comin
    Down the Grand Trunk Road.
    مون گهڻو جاڳڻ بدران ننڊ ڪرڻ ٿي چاهي جيئن شام جو يا رات جو هلي پهچي ٻه ٽي ڪلاڪ هن سفر بابت لکي سگهان ۽ اهو تڏهن ٿي سگهندو جڏهن آئون تازگي محسوس ڪري رهيو هوندس. اڌ ڪلاڪ کن اڳ لڌيانا ۾ کاڌل ليڪسوٽنل جي گوري هاڻ پنهنجو اثر ڏيکاري رهي هئي ۽ آئون ننڊا کڙو محسوس ڪري رهيو هوس. مون ننڊ ڪرڻ ئي چاهي ٿي جو گذرين ٽيهارو کن ڪلاڪن ۾ ڪي ٽي چار ڪلاڪ مس ستو هوندس سو به قسطن ۾. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته انڊيا جي هيءَ Made in Sweden جي Vlovo ڪمپنيءَ جي نه فقط بس آرامداه هئي پر ان ۾ ٺهيل سيٽون پڻ جيڪي پٺيان لاڙي ماڻهو اڌ گابرو سمهي سگهيو ٿي. چوڌاري نظر ڪيم، ڪيترائي مسافر کونگهرا هڻي رهيا هئا. ڪي ڊرائيور جي سيٽ مٿان لڳل ٽي وي تان فلم ڏسي رهيا هئا.
    پنهنجي پاسي واري دريءَ تي پردو ڏئي يعني دنيا جي اهم، پراڻي، ڊگهي ۽ تاريخي روڊ تان هلندڙ جيئرن جاڳندڙن ڪردارن کي ڏسڻ بدران ٽي وي جي اسڪرين تي فلمي اداڪار ڏسڻ لڳس. ٽي سال کن اڳ انڊيا جي صوبي گجرات ۾ (جيڪو صوبو هونءَ ته تمام پرامن ليکيو ويندو هو) هندو مسلمانن جا فساد ٿي پيا هئا. اهي فساد بڙودا (جتي اسان کي ٻه هفتا کن دهليءَ ۾ رهي اسان جي دوست نولراءِ اوڏ جي پٽ مڪيش جي شاديءَ تي وڃڻو هو) کان هڪ اسٽيشن اڳ گوڌرا کان شروع ٿي سڄي گجرات ۾ باهه وانگر پکڙجي ويا هئا. ان ۾ ڪو شڪ ناهي انڊيا جي حڪومت انهن فسادن تي يڪدم ڪنٽرول ڪري ورتو ۽ شرپسند ماڻهن جي سختيءَ سان وٺ پڪڙ ڪري انهن کي چڱي طرح سزا ڏني ۽ ٻين لاءِ سبق مهيا ڪيو. ان بعد وري سڄي گجرات ۾ ڪنهن اڳ اڳرائي نه ڪئي، گوڌرا ۾ درپيش آيل هندو مسلمانن فساد جي هن افسوسناڪ واقعي تي مبني فلم ديو (Dev) ٽي وي تان هلي رهي هئي جنهن ۾ پراڻا ايڪٽر اميتاڀ بچن ۽ امريش پوري به هئا. فلم جو هيرو ۽ هيروئن فيروز خان جو پٽ فردين خان ۽ رنڌير ڪپور جي ڌيءَ ڪرينا ڪپور آهن. فلم ڏسندي ڏسندي مون کي به اک لڳي وئي.
    پنجاب ٻن فارسي لفظن پنج ۽ آب مان ٺهيل آهي، يعني پنج درياهه اسڪول جي ڏينهن ۾ پاڪستان جو نقشو کڻي پنهنجي (پاڪستان پاسي واري) پنجاب ۾ درياهه ڳوليندا هئاسين ته فقط چار درياهه نظر ايندا هئا. جهلم، چناب، ستلج ۽ راوي ۽ انهن جي ئي نالن تي اسان جي جهاز ان ڪمپنيءَ جا پاڻيءَ جا جهاز هلايا. تن ڏينهن ۾ انڊيا جو نقشو ڏسڻ بنا آئون اهوئي سوچيندو هوس ته پنجون درياهه ڪهڙو ٿيو جنهنجي ڪري ننڍي کنڊ جي هن صوبي جو نالو پنجاب ٿيو. ڪو چوندو هو ته پنجون درياهه سنڌو درياهه، مهراڻ آهي جنهن کي اسان جي ڪمپنيءَ جو جهاز اباسين Represent ٿو ڪري. پر پوءِ سگهوئي خبر پئجي وئي ته پنجون درياهه بياس آهي جيڪو سڄي پنجاب مان گذرڻ بدران فقط اتر واري ان حصي مان گذري ٿو جيڪو پنجاب جو حصو انڊيا حوالي آهي.
    انڊيا جو پنجاب صوبو هن مان وهندڙ مٿين ندين ذريعي ٽن وڏن حصن ۾ ورهايل آهي. بياس نديءَ جي اتر وارو علائقو مجها (Majha) سڏجي ٿو. ستلج ۽ بياس ندين جي وچ وارو حصو دوآبا (Doaba) ۽ ستاج نديءَ جي ڏکڻ وارو باقي حصو مالو (Malwa) سڏجي ٿو. پنجاب جي ڀر ۾ هريانا صوبو آهي جيڪو پنجاب صوبي سان اوڀر کان ڏکڻ تائين مليو پيو آهي. ٻنهي صوبن جي گاديءَ جو ساڳيو شهر چاندي ڳڙهه آهي. چاندي ڳڙهه انڊيا جو پهريون Planned ۾ ماڊرن شهر آهي جيئن اسان وٽ اسلام آباد آهي. هن شهر جو نقشو سن 1966ع ۾ فرانس جي مشهور آرڪيٽيڪٽ Le Corbusier ٺاهيو. هن شهر جي ڏکڻ ۾ فتح ڳڙهه صاحب ضلعي جو هڪ شهر سرهند (Sirhind) گراند ٽرنڪ روڊ جي بلڪل ڪپر تي آهي. شيرشاهه سوريءَ جي مرڻ بعد سندس وارثن سوري گهرا‎ڻي جو تخت ۽ گاديءَ جو هنڌ پنجاب صوبي جي هن شهر سرهند کي بنايو. منجهن ڪو حال نه هو. 1555ع ۾ همايو سوري گهراڻي جي حاڪم سڪندڙ شاهه سوريءَ کي هتي شڪست ڏني ۽ سال کن بعد همايون جي پٽ اڪبر سوري خاندان جي مڪمل تباهي پاڻيپٽ ۾ ڪئي. پاڻيپٽ جو شهر به هن گرانڊ ٽرنڪ روڊ تي آهي. جتي شام ڌاري پهچي وينداسين، هي اهوئي پاڻيپٽ آهي جتي 1526ع ۾ همايون جي پيءُ بابر ابراهيم لوڌيءَ کي شڪست ڏئي دهليءَ جي تخت تاج وجو مالڪ ٿيو ۽ هن گهراڻي (مغل خاندان) کي ٻه سؤ سالن کان مٿي هندستان تي حڪومت ڪرڻ جو موقعو ملي ويو. همايون جي فتح (1555ع) کان وٺي 1709ع تائين هي شهر سرهند مغلن جو بلي بلي شهر هو پر پوءِ طاقتور سکن ۽ ڏينهون ڏينهن ڪمزور ٿيندڙ مغلن جي وچ ۾ هن شهر جي تباهي ٿيندي رهي ۽ 1763ع ۾ هي شهر مڪمل طور تباهه ٿي ويو.
    سرهند جو شهر جتي هاڻ اسان جو وڏو اسٽاپ هو جتي انڊيا پاڪستان سرڪار طرفان هلندڙ هن بس وارن اسان جي مانيءَ جو بندوبست ڪيو آهي، اڄ سرهند هڪ دفعو وري ماڊرن ۽ سهڻو شهر ٿي پيو آهي ۽ چون ٿا ته هتي مير ميران ۽ پير بندي نقش والا مقبرو ڏسڻ وٽان آهي جن ۾ بلو رنگ جي ٽائيلن تي خوبصورت چٽساليءَ جو ڪم ٿيل آهي. ان کان علاوه هن شهر ۾ ڪيتريون ئي پراڻيون مسجدون موجود آهن. سڀ کان افسوس ناڪ ڳالهه اها آهي ته هن شهر ۾ فيروز تغلق جو اهو جهونو سرهند قلعو آهي جنهن جي ڀتين ۾ گرو گوبند سنگهه جي ننڍن پٽن کي، مسلمان ٿيڻ کان انڪار ڪرڻ تي جيئرو دفن ڪيو ويو هو. هيءَ اها Turning point هئي جنهن کان پوءِ سکن جي امن پسند قوم ويڙهاڪ ٿي پئي ۽ هنن جا مسلمانن سان تعلقات خراب ٿي پيا. منهنجي خيال ۾ اهو اورنگزيب مغل شهنشاهه هو جنهن جي حڪم سان هي بدقسمت واقعو درپيش آيو. ان واقعي جي ياد ۾ ان هنڌ تي فتح ڳڙهه صاحب نالي گردوارو آهي. ڀرسان حضرت مجدد دين الطاف جو روضو مبارڪ آهي.
    اسان جي دهلي ويندڙ بس هن شهر سرهند ۾ جنهن وقت هوٽل اڳيان اچي بيٺي ان وقت دهليءَ کان لاهور ايندڙ اسان جي پاڪستاني بس اتان رواني ٿي رهي هئي ۽ لاهور ويندڙ مسافر ان هوٽل مان ماني کائي نڪري رهيا هئا. انهن مان هڪ همراهه ٽيهارو کن ورهين جي ڄمار جو مون سان اچي مليو.
    ”سائين الطاف شيخ آهيو نه؟“ هن سنڌيءَ ۾ پڇيو.
    ”ها ادا، ۽ توهان؟“ مون پڇيو.
    ”آئون درشن آهيان“ هن ٻڌايو. ”آئون به اخبارن رسالن ۾ لکندو رهان ٿو پر ”وفا سنڌي“ جي نالي سان جيڪو منهنجو ادبي نالو آهي.“
    هنن جي بس هارن مٿان هارن وڄائي کين بس ۾ ويهڻ لاءِ جلدي ڪري رهي هئي جو اڃا وڏو سفر طئي ڪرڻو هون. بهرحال جلدي جلدي ۾ درشن ٻڌايو ته هو سکر پاسي ڪنهن ڳوٺ جو آهي ڪراچيءَ ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۾ نوڪري ڪري ٿو ۽ ڪئش ڊپارٽمينٽ ۾ ATO آهي هو ڪراچيءَ ۾ گلشن اقبال ۾ نومان ٽيريس فيز 2 ۾ رهي ٿو. پاڻ ٽي مهينا کن انڊيا ۾ رهي هاڻ پاڪستان موٽي رهيو هو.
    ”آئون مهيني کن لاءِ هتي آيو هوس.“ هن ٻڌايو، ”پر پوءِ هتي رهندڙ هڪ مائٽ جي چنائي ۾ آپريشن ڪرائڻي هئي، سو اوڏانهن هليو ويس.“
    مدراس کي اڄڪلهه پراڻي نالي چنائي سان سڏين ٿا جيئن بنارس کي واراناسي Varanasi ۽ بڙودا کي وادودارا (VADODARA)
    ”ڪيئن لڳو ڏکڻ هندستان؟ مون پڇيومانس.
    ”سائين ماٺ اٿانو ڀلي توهان سوچي نٿا سگهو ته اتي زبان جو ڪيڏو مسئلو آهي، اردو ته ڇا پر ڪو هندي به نٿو سمجهي.“ هن ٻڌايو.
    ”بلڪل صحيح ٿو چئين، مون کي ملائشيا ۽ سنگاپور جو تجربو آهي جتي هندستان جي ڏاکڻن صوبن ڪرناٽڪا، ڪيرالا ۽ تامل ناڊوجا ماڻهو رهن ٿا، هو فقط تامل، تيلگو، مليالم، ڪانڊا جهڙين زبانن کان واقف آهن.“ مون وراڻيومانس.
    هندستان هڪ عجيب ملڪ آهي، هي اهو ملڪ آهي جنهن ملڪ منجهه انيڪ ملڪ آهن، جنهن جا ڏاکڻا صوبا ته مختلف نرالا آهن پر اوڀر وارا صوبا به. انڊيا جي اوڀر وارا صوبا مني پور، ميزورام، ناگالئنڊ، آسام ۽ آرونچل پرديش جيڪي بنگلاديش ۽ ڀوتان جي به ٻئي پاسي برما ۽ چين سان مليل آهن ۽ انهن جو ئي حصو لڳن ٿا اتي جو ڪچلر، لباس، رسم ورواج ۽ زبان دهلي، لکنؤ يا امرتسر ۾ رهندڙن لاءِ بلڪل نرالو آهي. آگري، ديره دون، اجمير ۽ سرينگر جو رهاڪو ولايت ۾ پشاور، لاهور، حيدرآباد ۽ ڪوئٽيا جي رهاڪوءَ سان گڏ ته رهي سگهندو پر پنهنجي ملڪ جي ناگر ڪئال، ٿيروانن، ڪوتايم جهڙن ڏکڻ هندستان جي شهرين سان نٿو رهي سگهي. هو پراٺا پوري کائڻ وارا ۽ هي اڊلي ڊوسا کائڻ وارا، هو اردو پنجابي سمجهڻ وارا ۽ هي هندي به نه سمجهن.
    درشن (وفا سنڌي) ڪڏهو ڪو موڪلائي وڃي بس ۾ ويٺو، هو هندستان جون يادون کڻي پنهنجي وطن وڃي رهو هو. پوليس موبائيل پويان هنن جي بس رواني ٿي. بس جي پويان ڪنهن هتي جي رهاڪوءَ مارڪر سان رومن انگريزيءَ ۾ لکي ڇڏيو هو:
    Dil ka Darwaja khol ker Aana
    Prr Wapas Ja kar Bhool na jana
    (دل کا دروازه کهول کر آنا_ پار واپس جاکر بهول نه جانا)
    پاڪستان موٽندڙ هي اسان جا پاڪستاني هڪ ڏينهن وري ضرور ايندا. انڊيا اهو ملڪ آهي جتي اسان جا پنهنجا ماڻهو آهن جن جا ڏک، درد، ريتون ۽ رسمون ۽ عقيدا ساڳيا آهن، انڊيا اهو ملڪ آهي جتي اسان جي تاريخ آهي اسان جو ڪچلر آهي جتي اسان جو مسجدون ۽ اسان جي بزرگن جا مقبرا آهن جتي اسان جي بادشاهن جون يادگار عمارتون آهن. هندستان ڪو اهڙو ملڪ ناهي جو هڪ مهيني يا ٽن مهينن ۾ ڏسي سگهجي. هن ملڪ کي ڏسڻ لاءِ، هن ملڪ کي پسڻ لاءِ، هن ملڪ کي سمجهڻ لاءِ مهينن جا مهينا کپن.
    بس ۾ سفر ڪندڙ منهنجا ساٿي پليٽن ۾ ڀت، دال ڀاڄيون رکي ٽيبل تي کائي رهيا هئا ۽ آئون اڃا هوٽل جي ٻاهر بيٺو هوس. لاهور ويندڙ بس کي خدا حافظ ڪرڻ پٺيان، ادا گلاب راءِ جو پٽ وڃي پليٽ کڻي منهنجي اڳيان آيو.
    ”انڪل توهان هلي امان بابا واري ٽيبل تي ويهو ته آئون توهان لاءِ ماني کڻي ٿو اچان.“
    ”ڪهڙا ڪهڙا ٻوڙ آهن؟“ مون وڃي کانئس پڇيو جيڪو پنهنجي لاءِ پنهنجي ماءُ پيءُ لاءِ ماني ڪڍي ٽيبل تي رکي آيو هو.
    ”انڪل اهو نه پڇو Vegetranian هوٽل آهي. رڳو دال جا قسم ۽ ڀاڄيون آهن.“ وڃي کلندي چيو ۽ آئون اچي ادا گلاب راءِ ۽ ادي راڻيءَ سان گڏ ويٺس، مون جڏهن پهريون دفعو ڪنڊياري ۾ 1959ع ۾ ادا گلاب راءِ کي ڏٺو هو ته هن جي ويجهڙائيءَ ۾ شادي ٿي هئي. پاڻ ٻاويهه ٽيويهه سال جو ٺاهوڪو جوان هو. ان کان چار سالن کن اڳ 1955ع ۾ بهاولپور مان LSMF ڊاڪٽري جو امتحان ڏئي هاڻ لاڙڪاڻي (يا شايد ٺٽي) ۾ نوڪري ڪري رهيو هو. هينئر ان پهرين ملاقات کي به اٽڪل 46 سال ٿي ويا. ادي راڻي سفر دوران ڪافي کڙي تڙي لڳي رهي هئي، ۽ هوءَ عمر ۾ ادا گلاب راءِ کان ڪافي ننڍي به آهي پر پاڻ ڪمزور لڳي رهيو هو. مون کان 10 سالن کن وڏو اٽڪل 70 سالن جو ٿيندو. کين ٽي ڌيئرون، ڪوشلا، پدما، ۽ رتنا آهن ۽ ڇهه پٽ، چندر، رميش، راجڪمار، انوج، وجي (جيڪو ساڻن گڏ آيو هو) ۽ سڀ ۾ ننڍو اجيت آهي. جنهن گذريل سال BE انجنيئرنگ جي ڊگري حاصل ڪئي.
    گلاب راءِ جي والد صاحب ڊپٽي ڪمشنر نارائڻ داس کي پنهنجي وڏي زال پپيءَ مان فقط ٻه ٻار ٿيا. وڏو گلاب راءِ ۽ ٻيو حشمت راءِ، حشمت راءِ صاحب سنڌ جو مشهور انجنيئر ٿي گذريو آهي سندس ڪجهه سال اڳ وفات ٿي. حشمت راءِ کي ٻارهن ٻار آهن جن مان ٻه ٻار انجنيئر رانا ۽ ان جي زال آشا ۽ رانا جي ڀيڻ سروج جيڪا پيٽارو اسڪول ۾ ٽيچر آهي هن ڄڃ سان گڏ دهلي ۽ بڙودا پنهنجي سؤٽن جي شادي اٽينڊ ڪرڻ لاءِ هلي رهيا آهن. ان کان علاوه انهن سان گڏ حشمت راءِ جي گهر واري (رانا ۽ سروج جي والده) مسز ماروي به آهي.
    مانيءَ جو ڪم لاهي بيٺي پير چانهه پي اڳتي جي سفر لاءِ بس ڏي چرڻ لڳاسين. سچ پچ ته هاڻ سڀ هن ڊگهي سفر مان اهڙو ٿڪجي پيا هئاسين جو دل پئي چيو ته جيڪر هڪ ڏينهن کڻي هتي هن شهر سرهند ۾ ئي ترسائين ته ٿڪ ڀڃي پوءِ باقي سفر سڀان کان ڪجي، پر اها ڳالهه ناممڪن هئي. اسان جي ڪري پوليس به سيڙئي پئي هئي ۽ بس کي هر حالت ۾ دهلي پهچڻو هو جيئن ٻئي ڏينهن صبح ساڻ لاهور جا مسافر دهليءَ کان کڻي نڪري ۽ اسان کي به هر صورت ۾ دهلي پهچڻو هو جو ڊاڪٽر رامچند جي پٽ راجيش جي اڄ رات ميندي هئي ۽ هو سڀ ڄڃ جو انتظار ڪري رهيا هوندا ته اجهو ٿا اچي ڳائين وڄائين ۽ ماني کائين. اسان جا ساٿي ۽ گهوٽن جا پيءُ ۽ نولراءِ اوڏ ۽ ڊاڪٽر رامچند اوڏ ۽ انهن جا ٻار ٻچا جيڪي هوائي جهاز ذريعي ٻه ڏينهن اڳ دهلي پهچي چڪا آهن اهي پروگرام موجب اسان کي دهليءَ جي بس اسٽاپ تان وٺڻ لاءِ شام جو ئي پهچي ويا هوندا.
    بهرحال اڳتي جي باقي بچيل سفر لاءِ وري اچي بس ۾ چڙهياسين. هڪ دفعو وري بس هلي، ڊرائيور کي ته شاباس هجي، صبح کان پئي هليو. ڪراچيءَ کان حيدرآباد يا هاڻ رستو ٺهڻ بعد موري خيرپور تائين ڊرائيو ڪرڻ سولو ڪم آهي پر دنيا جي هن جهوني آباد ۽ رنگارنگ گرانڊ ٽرنڪ روڊ تي گاڏي هلائڻ ڏکيو ڪم آهي. ڊبل هاءِ وي ٺهڻ کان اڳ هالا، سعيد آباد، سڪرنڊ، قاضي احمد جهڙن بس اسٽاپن وٽ جيڪا لارين موٽرن، ٽانگن، گڏهه گاڏين، سائيڪلن ۽ موٽر سائيڪلن جي رش هوندي هئي اهو حال هن سڄي گرانڊ ٽرنڪ روڊ جو آهي جتي انهن سڀني سوارين کان وڏي خواري رول ۽ نڌڻڪيون ڍڳيون آهن جن کي رستي تان هٽائڻ لاءِ ڪو موچڙو به نٿو هڻيو سگهي. سرهند شهر کان نڪرڻ بعد پوءِ ڪلاڪ اندر اسان جي بس پنجاب جو صوبو لتاڙي ڀر واري صوبي هريانا جي پهرين شهر امبالا کان اچي نڪتي. هي صوبو هريانه به پنجاب وانگر سائو ۽ سرسبز نظر اچي رهيو آهي، بلڪه سندس نالو هريالي (ساوڪ وارو) تان پيو هجيس. هي صوبو ڪو جهونو ناهي، 1966ع ۾ ڪجهه حصو پنجاب جو ۽ ڪجهه اتر پرديش جو ڪڍي هي نئون صوبو هريانا ٺاهيو ويو. دهلي هن صوبي جي هيٺين ڇيڙي تي آهي. هريانا صوبي کي ڀر واري صوبي اتر پرديش کان يمنا ندي الگ ڪري ٿي. يمنا ندي مٿان اتراهين صوبي هماچل پرديش کان اچي دهليءَ وتان ٿيندي پوءِ هيٺ اتر پرديش جي شهرن مٿرا ۽ آگرا مان ٿيندي الهه آباد ۾ گنگانديءَ سان وڃيو ملي.
    امبالا ۽ بدايون شهرن جا نالا اسان ڪراچيءَ ۾ ٻڌا. برنس روڊ وٽ بدايوني نالي کير پڙن جو دڪان هوندو هو جيڪو هاڻ شايد ناهي ۽ امبالا نالي ڪياماڙيءَ تي مٺائي جو دڪان هوندو هو. جهاز تان ايندي ويندي يا ٻاهرن ملڪن ڏي Sail ڪرڻ وقت هن دڪان تان مٺائي گهرائيندا هئاسين. بعد ۾ خبر پئي ته بدايون ۽ امبالا انڊيا جي شهرن جا نالا آهن جتان جي لڏي آيل مهاجرن هتي پنهنجي اباڻي شهرن جي نالي تي دڪان کوليا هئا اڄ ان ”امبالا شهر“ جي وچ مان وهندڙ هن گرانڊ ٽرنڪ روڊ تان وڃي رهيا هئاسين، امبالا شهر 1965ع واري انڊو پاڪ واري جنگ ۾ پڻ زير موضوع رهيو جڏهن پاڪستان ايئرفورس جي هوائي جهاز جي امبالا تي ڪيل بمباريءَ ۾ هتي جو سنيٽ پال نالي عسائين جو پراڻو گرجا گهر تباهه ٿي ويو، سينٽ پال چرچ هن علائقي جو جهونو ترين عبادت گهر آهي جيڪو انگريزن پنهنجي حڪومت جي دور ۾ 1857ع ۾ ٺهرايو هو. امبالا انگريزن جي ڏينهن کان وٺي سائنسي ۽ سرجيڪل اوزارن ٺاهڻ جي ڪارخانن کان مشهور آهي، ان ڪري 1857ع جي آزاديءَ جي تحريڪ توڙي انڊوپاڪ جنگ ۾ هي شهر حملن جو نشانو رهيو.
    گهمڻ جي نوجوانن جي معلومات لاءِ هي اهو لکڻ ضروري ٿو سمجهان ته امبالا ۾ يوٿ هاسٽل به آهي جتي ڌارين شهرن توڙي ملڪن جا نوجوان معمولي مسواڙ تي رهي هوٽل جي ڳرن اگهن کان پاڻ بچائي سگهن ٿا. پر ان لاءِ ضروري آهي ته اڳواٽ پلان ڪري ڪمرا بڪ ڪرڻ کپن، ٻي ڳالهه ته هيءَ هاسٽل امبالا ضلعي جي پنج ڪولا Panchkula شهر ۾ آهي جيڪو امبالا ڪالڪا نيشنل هاءِ وي تي نئون اڏايل شهر آهي. هونءَ به انڊيا گهمڻ لاءِ ويندڙن کي معلوم هجڻ کپي ته انڊيا ۾ رهائش لاءِ ڪيتريون ئي شيون آهن. وڏين ننڍين هوٽلن کان علاوه مسافر خانا، پيئنگ گيسٽ هائوس، يوٿ هاسٽلون، YMCA ۽ YWCA جون هاسٽلون،، ڌرم شالائون، مندر وغيره جن ۾ هر مسافر پنهنجي سهوليت ۽ کيسي ۾ موجود پئسي مطابق رهي سگهي ٿو. اسان به ڪجهه ڏينهن دهلي ۽ بڙودا شهرن ۾ (جتي اسان جي دوستن نولراءِ اوڏ ۽ رامچند اوڏ جي پٽن جون شاديون ٿي رهيون آهن) کڻي فائيو اسٽار هوٽل ۾ رهنداسين جو شاديءَ جون ريتون رواج ۽ فنڪشن به اتي ٿي رهيا آهن. شاديءَ بعد اسان پنجاهه کن ماڻهن جي ڄڃ دهليءَ جي هڪ ڌرم شالا ۾ رهنداسين جتي باٿ روم سان گڏيل ڪمرا، ڊائيننگ روم ۽ بورچي خانو ٻن هفتن لاءِ رزور ڪرايو اٿئون جتي پنهنجا بورچي رکي رڌ پچاءَ ڪرائينداسين، اهڙي ريت اها رهائش اسان کي هوٽل کان تمام سستي به پوندي ۽ سڀ هڪ ئي هنڌ تي گڏ هونداسين.
    امرتسر جهڙن شهرن ۾ ته اڃا به گهڻا رهائش جا بندوبست آهن ۽ جيڪڏهن ڪو مندر طرفان ٺهيل Aceomodation ۾ رهڻ چاهي (۽ جيڪڏهن ڪو هندو يا سک ڌرم سان تعلق رکي ٿو ته هن کي ته اهڙي رهائش لاءِ ڪوبه اعتراض نه هئڻ کپي) ته تقريبا مفت ۾ آهي. جيئن سري گرو رام داس نيواس ۽ سري گرو نانڪ نيواس گردوارن طرفان ٺهرايل رهائش گاهه جي ڪا مسواڙ ناهي جتي توهان ٽن ڏينهن تائين رهي سگهو ٿا، رهڻ لاءِ اچڻ وقت سيڪورٽي طور فقط پنجاهه روپيا Deposit رکڻو پوي ٿو جيڪو ڪمرو ڇڏڻ وقت واپس ملي ٿو. ان کان علاوه، امرتسر ۾ سري هوگوبند نيواس نالي، ويجهڙائيءَ ۾ هڪ نئون گيسٽ هائوس ٺهيو آهي جنهن ۾ ڌاريو ماڻهو ڪيترا به ڏينهن رهي سگهي ٿو پر ان جي پنجاه روپيا روز جي مسواڙ رکي وئي آهي.
    مون دريءَ جي اندران هٿ لوڏي باءِ باءِ ڪيو، پاسي واري سيٽ تي ويٺل سري چند (رامچند اوڏ جي ننڍي ڀاءُ) جي پٽ سنجي حيرت مان هٿ جي اشاري سان پڇيو ته ڪنهن کي خدا حافظ ڪري رهيا آهيو.
    ”هن شهر امبالا کي، امبالا به هليو، هڪ هڪ شهر ڪري کٽائڻو ٿو پوي.“ مون شڪل ٺاهي زور سان ٻڌايومانس. اوسي پاسي ۾ ويٺلن مان جن ٻڌو اهي کلڻ لڳا ته سفر جون وڏيون هامون ڀرڻ وارو مون جهڙو همراهه به هاڻ ٿڪجي پيو آهي ۽ جنهن جي چهري مان هاڻ بيزار صاف ظاهر آهي.
    ”ادا پوءِ سمنڊ تي هفتن جا هفتا ڪيئن ٿا جهاز هلايو؟“ سنجي سان گڏ ويٺل هن جي پڦي ۽ نولراءِ جن جي سڀ کان ننڍي ڀيڻ شيلا پڇيو.
    ”پاڻي اورو جهاز هفتن جا هفتا ڇا مهينن جا مهينا به لڳاتار هلائڻو پوي ٿو خاص ڪري اهي ٽئنڪر جهاز جيڪي ايران يا عراق مان تيل کڻي آفريقا جي ڪيپ آف گڊ هوپ کان ڦري ڏکڻ آمريڪا يا ڪئناڊا جي بندرگاهن ۾ وڃن ٿا. جن ۾ 25 ڏينهن سفر جا ٿيو وڃن ۽ پوءِ فقط هڪ ڏينهن ۾ جهاز کي تيل کان خالي ڪري وري واپسيءَ جو 25 ڏينهن سفر ڪرڻو پوي ٿو پر ڪنهن به پاڻي واري جهاز تي هينئن ڪلفي جي سانچي ۾ بند ته نٿو ٿيڻو پوي.“ مون کيس فرق سمجهايو. ڇو جو انهن جهازن تي ته والي بال راند کيڏيون ٿا ته جهاز جي سئمنگ پول ۽ سئمنگ نه ڪريون ٿا. هڪ عمر کان پوءِ انسان ڪلاڪ کن چرپر بنا هڪ ئي پوزيشن ۾ ويهڻ سان چٻو ٿيو پوي ۽ هاڻ آئون ان عمر جي پيٽي ۾ هوس. ٻه ٽي ڪلاڪ بس ۾ ويهڻ بعد جڏهن هوٽل ۾ چانهه پاڻي يا مانيءَ لاءِ لٿاسين ٿي ته ڪي قدم گڪو ٿي هلڻ بعد منهنجي بئڪ بون جون Vertabrates سنوت ۾ ٿي آيون. دل ئي دل ۾ پڪو پهه ڪندو رهيس ته آئنده نڪ کي ائين ابتو نه جهليندس. هي نڪ کي اڳيان جهلڻ بدران ڪنڌ جي چوڌاري هٿ ورائي ته جهلڻو ٿيو. ڪراچيءَ کان نڪتا آهيون ته چرين وانگر پيا اتر ۾ وڃون ۽ پوءِ لاهور وٽان بارڊر ٽپي انڊيا ۾ اچڻ بعد هاڻ وري واپسيءَ واري طرف ڏکڻ ڏي پيا وڃون. اڃا ته دهلي به نه آئي آهي. اسان کي ته بڙودا وڃڻو آهي. مٺي ڏيپلو يا ڇاڇري کان جي سڌي بس سروس هجي ها ته احمد آباد بڙودا ٽن ڪلاڪن جو سفر مس آهي ۽ هاڻ اسان کي ان منزل تائين پهچڻ لاءِ ٽن ڏينهن ۽ ٽن راتين جو سفر ڪرڻو ٿو پوي جو دهليءَ کان پشچم ايڪسپريس جهڙي تيز رفتار به بڙودا (گجرات) تائين 16 ڪلاڪ ٿي وٺي! بهرحال باءِ باءِ انبالا جنهن جو نالو چون ٿا ته چوڏهين صدي جي امب راجپوت سردار جي نالي تان امبالا پيو. ڪن ماڻهن جو چوڻ آهي ته هن شهر جو نالو امبالا ڀون نالو امبا ديوتا تان پيو جنهن جي نالي جو مندر اڄ به هن شهر ۾ موجود آهي. هڪ ٻيو Belief اهو به آهي ته هي شهر اصل ۾ امب والا يا امب ڳوٺ جو حصو هو جنهن جي معنيٰ آهي انبن جو ڳوٺ Village of Mangoes.
    امبالا شهر ڇڏڻ بعد مون کي يڪدم اک لڳي وئي. نه فقط اک لڳي وئي پر گهري ننڊ اچي وئي. گهٽ ۾ گهٽ ڪلا ڪ ڏيڍ ستو هوندس، اک تڏهن کلي جڏهن بس اچي هڪ هوٽل اڳيان بيٺي ۽ اسان کي هيٺ لهي چانهه پيئڻ لاءِ چيو ويو. ننڊ به ڇا ته قدرت جو تحفو آهي. فقط ڪلاڪ ٻه اڳ جيڪو آئون ٿڪل ۽ پنهنجو پاڻ مان بيزاري محسوس ڪري رهيو هوس سو SOUND SLEEPبعد هاڻ تازگي ۽ نئين زندگي محسوس ڪري رهيو هوس. هڪ دفعو وري حيرت ۽ خوشي محسوس ڪري رهيو هوس ته جنهن ملڪ کي ڏسڻ لاءِ گذريل 35 سالن کان واجهائي رهيو هوس ان جي ڌرتيءَ تا اڄ منهنجا پير آهن ۽ جيڪي شهرن جا نالا تاريخ جي ڪتابن ۾ پڙهندو رهيس اهي ڄڻ ڪتابن جي ورقن مان ٻاهر نڪري آيا آهن، چڱو جو راجيش ۽ مڪيش جن پنهنجين شادين جو فنڪشن انڊيا جي شهر دهلي ۽ بڙودا ۾ ڪري رهيا آهن ۽ اسان کي انڊيا گهمن جو موقعو ملي ويو آهي نه ته وري ڪنڊياري هلڻو پوي ها يا وڏو ڇيهه ته رتوديرو، گهوٽڪي يا ڏهرڪي پاسي. مڪيش جي پيءُ نولراءِ اوڏ جي شادي 1967ع ۾ ڪنڊياري ٿي هئي ۽ اسين سندس پيٽارو ڪئڊٽ ڪاليج جا ساٿي ڪئپٽن بشير وسطڙو، سکر جو عاشق شاهه، جهانگارا باجارا جو اقبال ترڪ ۽ ٻيا سندس شادي جو ڀت کائڻ لاءِ ڪنڊياري هليا هئاسين. اسين ان وقت سڀ ڇڙا هئاين. نول ننڍي ڄمار ۾ ئي شادي ڪئي هئي. منهنجي خيال ۾ 21 يا 22 سالن جو مس ٿيندو. سندن ڀاءُ ۽ اسان جي پيٽارو جي ٻئي ساٿي رامچند پنجن ڇهن سالن بعد 1973ع ڌاري شادي ڪئي. پر ان به ڪنڊيارو مان ڪئي جيتوڻيڪ هو تن ڏينهن ۾ آمريڪا مان پي ايچ ڊي ڪري اتي ئي ڪلوروڊو رياست ۾ نوڪري ڪري رهيو هو. انهن ڏينهن ۾ پيٽارو جا ڪجهه دوست ٽنڊو قيصر جو نور احمد نظاماڻي، کاهي روڊ حيدرآباد جو انور ميمڻ ۽ ٻيا ڪيترائي اتي USA ۾ هئا. منهنجو جهاز به اتي ئي نيويارڪ، هوسٽن بالٽيمور، نيو اورلينس واري روٽ تي هلي رهيو هو. اسان رامچند کي چيو ته هيءَ ڀلا ڪهڙي مسخري آهي. ”ڪنڊيارو“ ڇو؟ هتي ”ڪولوروڊ“ ۾ نٿو شادي ڪري سگهين ڇا؟
    ”نه يار اسان ARRANGED مئريج ڪندا آهيون، بابا منهنجي شاديءَ جو بندوبت اتي ڳوٺ (ڪنڊيارو) ۾ ڪيو آهي.“ هن معصومت مان وراڻيو.
    ”ته پوءِ پڪ صحيح ڪم هوندو.“ اسان کلندي چيو هوس، ”ڇو جو چاچي نارائڻ داس اوڏ جو هر ڪم صحيح ٿئي ٿو.“
    ”مڃو ٿا نه؟“ رامچند مرڪندي چيو.
    ”مڃون ٿا پر توهان اوڏن جي اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته هڪ ته ڳوٺن مان شادي ڪرڻي آهي ۽ ٻيو ته هروڀرو ڪنهن اوڏياڻيءَ سان ئي شادي ڪرڻي آهي پوءِ ڀلي اها کڻي پڙهيل ڳڙهيل هجي يا نه، ڏٺل وائٺل هجي يا نه...“
    جواب ڏيڻ بدران رامچند پنهنجي خاص انداز ۾ مرڪندو رهيو. رامچند ڪنڊياري مان شادي ڪري اچي آمريڪا ۾ رهيو ته اهي ڏينهن ۽ هي ڏينهن اچي ٿيا آهن. وچ وچ ۾ هو سروي جابس (JOBS) لاءِ يو اين او طرفان مختلف ملڪن ۾ ويندو رهيو آهي پر ٻار آمريڪا ۾ ئي رهيس ۽ پڙهي ڳڙهي وڏا ٿيا. کيس ٽي پٽ آهن: راجيش، رابي ۽ روي، وڏو پٽ 25_26 کن سالن جو ٿيندو ۽ هوڏانهن نولراءِ پاڪستان ۾ انڪم ٽئڪس جي کاتي ۾ ئي نوڪري ڪندو رهيو ۽ اڄڪلهه ملتان ۾ انڪم ٽئڪس ڪمشنر آهي. گذريل سان هنن ئي ڏينهن ۾ هو پنهنجي زال گيتا سان گڏ هولي يا شايد ڏياري جي مٺائي کڻي اسان جي گهر آيو ۽ ٻڌايائين ته سندس پٽ مڪيش جي شادي ٿو ڪريان پر شايد ڪراچيءَ ۾ نه ٿئي.
    ”يار اوڏن ۾ تون ئي هڪ آهين جيڪو پنهنجن ٻارن جي شادي ڪراچيءَ ۾ ڪندو رهين ٿو، هاڻ مڪيش جي شاديءَ لاءِ ڪنڊيارو هلون ڇا؟“ مون پڇيو.
    نول جي چئن وڏن ٻارن جي شادي ٿي چڪي آهي جن مان وڏي جواهر جي گهوٽڪي پاسي ٿي باقي پشپا، پرڪاش ۽ ساوتريءَ جي ڪراچيءَ ۾ ئي ٿي ۽ هاڻ مڪيش جو وارو هو جنهن جي مون سمجهيو ڳوٺان يعني ڪنڊيارو مان شادي ڪرائي ٿو. مڪيش لنڊن مان وڪالت پڙهڻ بعد هاڻ ڪئناڊا ۾ نوڪري ڪري ٿو.
    ”مڪيش لنڊن ۾ پڙهائيءَ دوران پاڻ پنهنجي لاءِ ڪنوار ڳولي آهي، هوءَ هندو ڌرم جي ڇوڪري آهي ساڻس گڏ ئي GRADUATION ڪئي اٿس.“ نولراءِ پنهنجي پٽ مڪيش بابت ٻڌايو.
    ”ڏاڍو سٺو پوءِ شادي ڪيئن ڪندائو؟“مون پڇيو:
    ”ان بابت ڇوڪريءَ جي پيءُ اهو طئي ڪيو آهي ته مڱڻو ڀلي ڪراچيءَ ۾ ڪريو پر شادي هنن جي اباڻي ڳوٺ بڙودا ۾ ٿيڻ کپي جو ڇوڪريءَ جو ڏاڏ اڃا اتي ئي رهي ٿو.“
    ”واهه سائين واهه، ٻيو ڪو هلي يا نه آئون ضرور هلندس.“ مون چيو.
    ”في الحال آئون ڇوڪري ڏسڻ ۽ هن جي پيءُ سان پروگرام طئي ڪرڻ لاءِ لنڊن ٿو وڃان ان بعد رامچند وٽ USA وڃڻو اٿم جو هن جي پٽ راجيش جي شادي به انڊيا ٿي رهي آهي. سو پروگرام ڪجهه اهڙو ٺاهجي جو ٻنهي جي شادي هڪ ئي وقت ٿي وڃي.“ نولراءِ ٻڌايو.
    ڏينهن گذرندي دير نٿي لڳي. اڄ ان کي پورو سال به ٿي ويو. نول لنڊن ۽ آمريڪا مان چڪر ڏئي پنهنجي پٽ مڪيش جي شاديءَ جو پروگرام سندس ڪلاس ميٽ گجراتي ڇوڪري شرمي ۽ هن جي پيءُ سان طئي ڪري آيو ۽ رامچند جي پٽ راجيش جو ٻڌائين ته ان جي شادي ايڪٽا سان دهليءَ ۾ ٿيندي. ايڪٽا به هندو ڌرم جي ڇوڪري آهي جيڪا پاڻ ۽ سندس والدين ڊينمارڪ جا شهري آهن، ايڪٽا آمريڪا ۾ تعليم حاصل ڪئي جتي هن جي راجيش سان ڏيٺ ويٺ ٿي.
    ٻن ٽن مهينن بعد شرمي جا ماءُ پيءُ ۽ ٻيا مائٽ لنڊن کان ڪراچيءَ آيا ۽ وڏي ڌوم ڌام سان مڪيش ۽ شرمي جي مڱڻي جي رسم ٿي. نولراءِ جي اوڏ برادري کان علاوه ڪئپٽن بشير وسطڙو، نولراءِ جو پاڙيسري ۽ ائگريڪلچر ڊپارٽمينٽ جو سيڪريٽري ممتاز شيخ، MCB جو مئنجير دين محمد سنڌ سيڪريٽريٽ جو شريف بلوچ ۽ ٻيا به ڪيترائي آيا هئا. مڱڻي بعد شاديءَ جا ڏينهن ٻڌڻ جو پروگرام هيلو ۽ مهينو ٻه ان تي پئي بهث مباحثا هليا ته ٻئي شاديون هڪ ئي هفتي ٿي وڃن ته سٺو پر ان ڳالهه ته نه دهليءَ جو پنڊٽ راضي نه بڙودا جو... ۽ اسان ڄاڃين ته شروع کان اهو چاهيو پئي ته اسان کي انڊيا ۾ رهڻ لاءِ گهڻا ڏينهن ملي وڃن. آخرڪا تاريخون طئي ٿيون ته پهرين رامچند جي پٽ جي دهليءَ ۾ شادي ٿيندي ان بعد مهينو کن رکي نولراءِ جي پٽ مڪيش جي شادي بڙودا ۾ ٿيندي. ان فيصلي بعد ويزا ۽ ٽڪيٽون وٺڻ لاءِ فارم ڀريندا ۽ پاسپورٽ جمع ڪرائيندا رهياسين. اهو سلسلو به مهينو ٻه هلندو رهيو ۽ اڄ اسان بارڊر تي ويزا لڳل پاسپورٽ ڏيکاري بس ۾ سفر ڪرڻ جي ٽڪيٽ ڏئي دهليءَ ڏي روانا ٿي رهيا آهيون ۽ هاڻ هڪ هوٽل ۾ چانهه پيئڻ لاءِ بس ترسي آهي.
    مون هوٽل ۾ گهڙڻ کان اڳ چوڌاري نظر ڦيرائي، انڊيا جي وڏن شهرن جي مقابلي ۾ هي هڪ ڳوٺڙو هو. رستو سو ٽريفڪ سان ڪنن تائين ڀريل هو پر عمارتن ۽ عوام جي خيال کان ماٺ مٺوڙي وارو ماحول هو.
    ”ڪهڙو شهر آهي؟“ مون موبائيل مان لهندڙ پوليس وارن کان پڇيو.
    ”هريانا صوبي جو ننڍڙو شهر پپلي (Pipli) آهي. ”هڪ پوليس واري ٻڌايو.“
    ”ڇو ڀلا ڪو اوسي پاسي ۾ وڏو شهر ناهي ڇا؟۾“ مون پڇيو.
    ”بلڪل آهي ڏهه ٻارهن ڪلوميٽر اڳيان ڪوروڪ شيترا نالي وڏو شهر آهي.“ پوليس واري ٻڌايو.
    ”پوءِ هي توهان جو نڀاڳو ڊرائيور ڪنهن وڏي شهر ۾ بيهارڻ بدران هر دفعي ڪنڊياري ۽ رتي دير جهڙي ڳوٺ ۾ اچيو بيهاري.“ مون شڪايت ڪندي پڇيو.
    ”سر! سيڪورٽي جو مسئلو آهي. وڏن شهر ۾ رش هجڻ ڪري اسان لاءِ ڌيان ڌرڻ مشڪل ٿي پوندو ۽ هي جايون ڊرائيور پنهنجي مرضيءَ سان Select نه ڪيون آهن پر حڪومت طرفان اڳهين مقرر ٿيل آهن. توهان جي هتي پهچڻ کان اڌ ڪلاڪ اڳ هوٽل وارن ۽ مڪاني پوليس کي وائرليس ذريعي اطلاع ڪري هوٽل خالي ڪرائي وڃي ٿي ۽ چوڌاري ڪنهن به ماڻهوءَ کي توهان جي ويجهو هلڻ نٿا ڏيون.“
    ٺهيو! چئبو ته اها ڳالهه آهي جو امرتسر، امبالا، چاندديڳڙهه ۽ لڌيانا جهڙن شهرن ۾ چانهه يا ماني کارائڻ بدران هر دفعي ميانداد چنجڻي، نٽ ڳوراهو، گپچاڻي ۽ ڳالهيجا جهڙن ڳوٺن جي بس اسٽاپن تي وٺيو اچن. بهرحال دهلي پهچي مٿين ٻن ٽن وڏن شهرن جو چڪر ته ضرور هڻبو خاص ڪري ڪروڪ شيترا جهڙي آڳاٽي ۽ تاريخي شهر جو. هن شهر جي تهذيب بابل (Babylon) ۽ Assyria کان به جهوني چئي وڃي ٿي. مٿيان شهر ته تباهه ٿي ويا پر هي شهر تاريخي ڌارا ۾ جيئرو جاڳندو اچي. هڪ هنڌ پڙهيو هوم ته ڪروڪ شيترا اهو ڌرتيءَ جو ٽڪرو آهي جتي ساڌو سنتن ويد پڙهيا، جتي ڪورون ۽ پانڊون جي خونريز ويڙهه هلي ۽ جتي هندو ڌرم مطابق لارڊ ڪرشنا گيتا جو پيغام ارجن کي پهچايو. هي اهو زمين جو حصو آهي جتي هندن پنهنجا تاج Surrender ڪيا، مسلمانن پنهنجا وڃايا ۽ مرهٽن ۽ سکن جون حڪومتون ۽ دٻدٻا ڇيتيون ڇيتيون ٿي ويون.
    هندو مٿ مطابق، جيئن روايت آهي ته ڪرو بادشاهه سوني رٿ (Chariot) ۾ هن شهر ڪروڪ شيترا تي لٿو ۽ جادوءَ جي زور تي سندس رٿ هَرَ جي صورت اختيار ڪئي جنهن ۾ لارڊ شيوا جو ڍڳو ۽ لارڊ ياما جو سان ٻڌي بادشاهه سلامت هن ڌرتيءَ کي کيڙيو هو. لارڊ وشنو ان ٻنيءَ تي لٿو ۽ ڪرو بادشاهه کي چيو ته هن کيڙيل ڌرتيءَ ۾ انسانيت جي نيڪيءَ جو ٻج ڇٽ. ڪروءَ لارڊ وشنو جي چڪري سان پنهنجي ساڄي ٻانهن جا هڪ هزار ڳڀا ڪري ان ڌرتيءِ ۾ پوکيا. وشنوءَ ڪروءَ تي ٻه ڀال ڪري ويو. هڪ ته هيءَ ڌرتي سندس نالي سڏي ويندي ۽ ٻيو ته جيڪو به هتي مرندو اهو سڌو سرڳ ۾ ويندو. ان جو ڪو پڇاڻو نه ٿيندو.
    اسان پپلي ۾ چانهه پي هاڻ ڪروڪ شيترا جي وچ مان لنگهي رهيا هئاسين. هڪ موٽر سائيڪل سوار اسان جي اڳيان هلندڙ پوليس موبائيل جو اشارو نه سمجهي بيهڻ بدران ماڳهين اسان جي تيز رفتار بس ۾ لڳي پاڻ به مئو ٿي ۽ اسان جو به وڏو حادثو ٿي ڪيائي. بس هن کي بچائڻ جي چڪر ۾ ذري گهٽ فٽ پاٿ تي چڙهي وئي. موبائيل ۾ پٺيان بيٺل پوليس واري ڪاوڙ مان هن غريب موٽر سائيڪل واري کي ڏنڊو وهائي ڪڍيو ماڳهين هو ۽ اسين سڀ ڌوسرڳ ۾ ٿي وياسين!
    ”هيءَ مهاڀارت جي ڌرتي آهي، هن شهر ڪروڪ شيترا ۾ اٽڪل ارڙهن ڪروڙ سولجرن ڪروڪ شيترا جي لڙائيءَ ۾ حصو ورتو. هتي جون سڀ ٻنيون ٻارا رت سان ڳاڙها ٿي ويا هئا....“ منهنجي اڳيان ويٺل ڊرائيور مون کي ٻڌائيندو هليو. رکي رکي هن آرسيءَ مان مون ڏي ڏٺو ٿي ته آئون ٻڌان پيو يا نه. ”ٻڌو پيا نه....؟“
    ”ها ٻڌان پيو. ارڙهن ڪروڙ ماڻهو ڪجهه گهڻا نه آهن هن شهر جي سوڙهين گهٽين ۾ ته ڦاسي پيدا هوندا؟“ مون شڪ جو اظهار ڪيو پر هن وٽ ريڊي ميڊ جواب هو ۽ يڪدم ٻڌائين:
    ”اهو نه سمجهو ته انهن ڏينهن ۾ ڪروڪ شيترا اڄ جيڏو ننڍو هو، ان وقت جو ڪروڪ شترا جهونن پوتر ندين ساوتري ۽ درپشا دوتي جي وچ واري سڄي ميدان تي پکڙيل هو. ويندي پاڻيپٽ شهر تائين هليو ويو ٿي.“
    چن ٿا ته ڪروڪ شيترا ماڻهو جي ڪيترائي پراڻا نالا رهي چڪا آهن جيئن ته ڌرمڪ شيترا ۽ ان کان اڳ برهما ديوي وغيره.... آئون رستي تان لنگهندڙ انڊيا جون ٺهيل ڪارون، مورتي، لانسر، هوندائي، انڊيڪا ۽ ٽاٽا جون بسون، ٽرڪون ۽ مزدا جهڙيون سامان کڻي لنگهندڙ ٽيمپو ڏسندو رهيس.
    ڊرائيور ٻڌايو ته هن شهر ۾ هندستان جا ۽ ٻين ملڪن جا هندو زيارت لاءِ اچن ٿا ۽ پوءِ وري پاڻ ئي چيائين پوڄا پاٺ کان وڌيڪ موج مزو ڪرڻ اچن ٿا.
    ”ويدن ۾ آهي ته سفر ٽن قسمن جو ٿئي ٿو.... تيرٿ (پوتر جاين جو درشن) سير (گهمڻ ڦرڻ) ..... ۽ ٽيون عيش (موج مزو)..... ڪل يگ آهي نه؟ ڪير به تيرٿ لاءِ نٿو اچي. هر هڪ عيش جو سوچي گهران ٿو نڪري.“
    ڪروڪ شيترا بعد هن گرانڊ ٽرنڪ روڊ تي ڪرنال Karnal نالي وڏي شهر مان اسان جي بس جو لنگهه ٿيو. ڪرنال شهر جو نالو ارجنا جي مخالف ”ڪرنا“ تان پيو آهي. رستي تي لڳل مختلف هوٽلن، گاڏين ۽ ڪپمنين جي اشتهاري بورڊن سان گڏ هڪ بورڊ تي وڏن اکرن ۾ پڙهان ٿو: The National Dairy Research Inst. هن شهر لاءِ“ اسان جي بس ۾ ويٺل پوليس وارن مان هڪ ٻڌايو ته هتي ويجيٽيبل آئل، عطر ۽ شراب ٺاهڻ جا ڪارخانا آهن. هن شهر تي انگريزن 1805ع ۾ قبضو ڪيو هو.
    بس ۾ سامهون رکيل ٽي ويءَ تي هلندڙ خوبصورت گانن واري فلم منهنجو ڌيان ڇڪايو ۽ آئون هيڏانهن هوڏانهن دريءَ مان ليئا پائڻ بدران فلم ڏسڻ لڳس. انڊيا ۾ Copy Rights جي سختي هجڻ ڪري ڪنهن به فلم جي سي ڊي Pirated نٿي ملي. هر CD اوريجنل هجڻ ڪري هن بس ۾ به شروع کان جيڪي فلمون هلائي رهيا هئا. بيحد صاف ۽ چٽيون هيون ۽ هيءَ فلم وير زارا (Veer Zara) به انهن مان هئي جيڪا پپلي شهر ڇڏڻ کان پوءِ هلڻ شروع ٿي هئي ۽ هاڻ اچي ختم ٿيڻ تي پهتي هئي.
    فلم جي مالڪ ۽ ڊائريڪٽر يش چوچڙا هن فلم تي چون ٿا ته وڏو خرچ ڪيو آهي. (22 ڪروڙ روپيه کن) ضرور ڪيو هوندائين، فلم جي ڪهاڻي سندس پٽ آدتيا چوپڙا لکي آهي جنهن جي مرڪزي آئڊيا اهائي آهي ته Love and not Politics جيئن فلمن ۾ ڪورٽن، اسپتالن، جهازن ۽ جنگين جي ڪهاڻين ۾ ڪيتريون ئي خيالي ڳالهيون رکيون وينديون آهن جيڪي چڪون ان پروفيشن سان واسطو رکندڙ وڌيڪ محسوس ڪري سگهن ٿا تيئن هيءَ ڪهاڻي به ڪيترين حقيقتن جي ابتڙ ڪمزورين سان ڀريل آهي.... پاڪستاني هيروئين وڏي آرام سان دشمن پاڙيسيري ملڪ جا بارڊر ٽپندي وتي ۽ اسان آهيون جو پيار خوار ٿيون. اسان جي پاسپورٽ تي انڊيا جي ويزا کان علاوه آمريڪا، ڪئناڊا ۽ جاپان جي پنج پنج سالن جي Multiple ويزا لڳي پئي آهي ته به رڙويون ڪرائي ڪرائي پنهنجي ئي بارڊر تي هڪ هزار روپين مان گهٽائي گهٽائي نيٺ هڪ سؤ روپيا به رشوت وٺي پوءِ بارڊر ڪراس ڪرڻ ڏنو اٿن. اڄ جا ليڊر مشرف پرويز ۽ من موهن سنگهه ڀاڪر پائي دوستي پيا Revive ڪن تڏهن به انڊيا جا سپاهي اسان کي فوٽو ڪڍڻ کان جهلين ٿا، ڪنهن وڏي شهر ۾ چانهه پيئڻ نٿا ڏين ۽ وتن عوام کان اسان مهمان مسافرن کي پري لڪائيندا ۽ هيڏانهن هن فلم ۾ هيءَ ڇوري وتي اوپري فوجي آفيسر سان سندس ڳوٺ جون Conducted tours ملهائيندي ۽ اسان جا ملڪ پاڪستان ۽ انڊيا کڻي ڪيئن به آهن پر انگريزن جي ڪجهه نه ڪجهه ڇڏيل Judiciary، وڪالت ۽ انصاف آهي ۽ هتي ان انڊين هيرو کي ائين ئي Raw جو ايجنٽ چئي کيس آرام سان جيل ۾ وڌو وڃي ٿو، جيڪو عام ماڻهو نه پر انڊين ايئرفورس جو هڪ آفيسر آهي. 22 سال گذري ويا انڊيا جي حڪومت ۽ ان جي ڪنهن سفير ۽ قونصلر احتجاج يا پڇا به نه ڪئي. مسلمان ڇوڪري (هيروئين) جي ڏاڏي سک آهي، پاڻ مسلمان مڱيندي سان شادي نٿي ڪرڻ چاهي، هوءَ هندو ڇوڪر (هيرو) سان پيار ٿي ڪري. اسان جي فلمن ۾ عجيب ڳالهيون ٿين ٿيون..... بهرحال يش چوپڙا هن فلم ذريعي اهو پيغام ڏيڻ جي ضرور ڪوشش ڪئي آهي ته انڊيا ۽ پاڪستان جا ماڻهو هڪ ئي ڌرتيءَ ڄاوا آهن ٻنهي ملڪن جا ماڻهو ساڳيا آهن. سندن ڪلچر ساڳيو آهي سندن تاريخ ساڳي آهي. فلم جي Theme امن، اميد ۽ پيار آهي. انگلينڊ ۾رهندڙ هڪ پاڪستانيءَ هن فلم بابت چيو هو:
    Look at the message, not just the dialogues. We are in the 21st sentury and need to come together.
    يش چوپڙا جي پهرين فلم ”اتفاق“ مون 1973ع ۾ ڪينيا جي بندرگاهه ممباسا ۾ ڏٺي هئي جيڪا سسپينس فلم هئي ۽ بنا گانن جي. يش چوپرا جي هن کان اڳ جي فلمن، وقت، آدمي اور انسان، دهول کان پهول وغيره جا فقط گانا ٻڌا هئم. يش چوپڙا 1932ع ۾ لاهور ۾ ڄائو هو ۽ شري ولايتي راج چوپڙا جي اٺن ٻارن ۾ سڀ کان ننڍو هو. يش چوپڙا جالنڌر مان گريجوئيشن ڪئي، سندس فلمي دنيا سان واسطو رکندڙ ڀاءُ بي، آر چوپڙا چاهيو ٿي ته يش انجنيئر ٿئي پر هو به فلمي دنيا ۾ اچي ويو ۽ گذريل اڌ صديءَ کان ڪامياب ڊاريڪٽر آهي.
    کبهي کبهي، ديوار ۽ ترشول جهڙين ڪامياب فلمن جي ڊائريڪٽر يش چوپڙا جي هيءَ نئين فلم وير زارا ستن سالن جي وٿي بعد آئي آهي. هن کان اڳ 1997ع ۾ سندس فلم ”دل تو پاگل هي“ آئي هئي ۽ ان کان اڳ 1993ع ۾ ”دل والي دلهنيا لي جائينگي“ نه فقط پسند ڪيون ويون پر انهن جا گانا اڄ به ملائيشيا، سنگاپور، انڊونيشيا ۽ ٿائلينڊ جهڙن ملڪن ۾ انهن هوٽلن ۽ ڊپارٽمينٽل اسٽورن ۾ وڄندي ٻڌڻ ۾ اچن ٿا جتي جا ماڻهو هندي يا اردو کان غير واقف آهن.
    يش چوپڙا جي هيءَ فلم وير زار هڪ عام ڪهاڻين وانگر لو اسٽوري آهي جنهن جو چوپڙا ان قسم جو نالو رکي هن ڪهاڻيءَ کي ليلا مجنون، هير رانجها، سهڻي ميهار يا سسئي پنهون جي لافاني عشق جو اثر ڏيڻ چاهيو آهي. فلم هيرو وير (سڄو نالو وير پرتاب سنگهه) شاهه رخ خان آهي جيڪو انڊين آهي ۽ انڊين ايئرفورس ۾ اسڪاڊرن ليڊر آهي. هن جي اوچتي ملاقات زارا سان ٿي ٿئي جنهن جو سڄو نالو زارا حيات خان آهي ۽ فلم ۾ اها پريٽي زنٽا ٿي آهي جنهن کي وير حادثي مان بچائي ٿو. زارا پاڪستان جي مسلمان ڏيکاري وئي آهي. زارا جي ڏاڏي جيڪا سک آهي اها پاڪستان ۾ مري ٿي وڃي. هن جي ڪيل وصيت پوري ڪرڻ لاءِ زارا هن جي اسٿي (خاڪ) سندس وڏن جي ڳوٺ انڊيا کڻي وڃي ٿي. جتي هن جو حادثو ٿئي ٿو ۽ وير سندس زندگي بچائي ٿو، ان بعد وير هن کي سڄو ڏينهن پنهنجي گهر ۾ مائٽن سان ملائي. فلم ۾ اميتاڀ ۽ هماماليني وير جا مائٽ ٿيا آهن.وير زارا سان موڪلائڻ وقت ريلوي اسٽيشن تي اچي ٿو جتي سندس ملاقات زارا جي مڱيندي رزاق سان ٿي ٿئي، جنهن جو پارٽ منوج باجپائي ادا ڪيو آهي. زارا جي مڱيندي کي ڏسي وير کي ڪا خوشي نٿي ٿئي بهرحال هو زارا جي يادين ۽ ٽوڙهي (پايل) سان ئي دل وندرائي ٿو جيڪو حادثي دوران پل وٽ ڪري پيو هو.
    لاهور ۾ سڀ صحيح پيو وڃي. زارا جي رزاق سان شاديءَ تي سڀ خوش آهن سواءِ زارا جي جنهن جو پيار وير آهي. هوءَ وير کي يڪدم لاهور ۾ ٿي گهرائي، هو لاهور پهچي ٿو ۽ سڀني اڳيان زارا سان مسجد وٽ ملي ٿو ۽ پوءِ زارا جي ڏکويل ماءُ جا روايتي ڊائلاگ.... هوءَ وير کي ٿي چوي:
    ”ميري بيڻي اب ميري نهين رهي، وه تمهاري هو چڪي هي، ميري بيڻي مجهي لوٽادو....“
    هاڻ ڇا ٿيڻ کپي. وير زارا کي سمجهاڻيون ئي ڏئي سگهي ٿو ۽ پنهنجو پيار اندر ۾ دٻائي انديا روانو ٿئي ٿو. ٺيڪ ان وقت لاهور پوليس فلم جي ولين رزاق سان ملي وير کي جهلي ڪوڙي ڪيس ۾ هن کي جيل موڪلي ٿي. وير کان ڪاغذن تي صحيح ڪرائي وڃي ٿي ته هو Raw (انڊيا جي جاسوسي فوج) جو مشهور ايجنٽ راجيش راٺوڙ آهي.
    22 سال وير کي جيل ۾ گذريو وڃن. هو هاڻ 46_47 ورهين جو آهي، پاڪستان جي هڪ وڪيل ساميا صديقي (راني مڪرجي) وير سان پاڪستان جي جيل ۾ ملي ٿي... هوءَ هنن کي ۽ هنن جي پيار کي بچائڻ لاءِ انڊيا وير جي مائٽن سان به ملڻ وڃي ٿي پر ان عرصي دوران وير جا مائٽ مري چڪا آهن.... وغيره وغيره. بهرحال يش چوپڙا جي پٽ سٺا ڊائلاگ لکيا آهن..... گانا به ماڻهن کي پسند آيا هوندا.
    يهان بهي وهي شام هي وهي سويرا
    ايسا هي ديس هي ميرا، جيسا ديس هي تيرا.
    هيءَ فلم مهينو به مس ٿيو آهي ته رليز ٿي آهي، يش هن فلم تي خرچ به وڏو ڪيو آهي، اخباري نمائندن ۽ اخبار جي مالڪن کي به خوب کارايو ۽ پيارو هوندائين جيڪي پڪ ههڙي فلم لاءِ اهي جملا استعمال ڪري رهيا هوندا جيڪي هر فلم لاءِ ننڍي هوندي کان ٻڌي ٻڌي رٽجي ويا آهن:
    This is not an ordinary story... It is a love Legend. This is a saga of love, separation, courage and sacrifice. A love that is divine, a love that is whole hearted, a love that is completely consuming, a love that grows with separation, deepens with sacrifice.
    فلم ختم ٿي ٿئي، سک ڊرائيور جو اسسٽنٽ وي سي آر مان ڪيسٽ ڪڍي پاسي کان لڳل ريڪ ۾ رکي ٿو. سج لهي چڪو آهي ۽ چوڌاري ڇانيل اونداهه ۾ سامهون جون روشنيون وڌڻ لڳڻ ٿيون، رستي جي ڪپرن تي ڪجهه هوٽلن جا وڏا بورڊ نظر اچن ٿا هوٽل اسڪاءِ لارڪ، هوٽل مهاراجا، هوٽل بلوسامالخا، هوٽل....
    ڊرائوير انائونس ڪري ٿو ته ”پاڻيپٽ“ اچي ويو، ڪنهن به پنهنجي زره درست نه ڪئي، ڪنهن به پنهنجي مياڻ مان ترار نه ڪڍي. هن بس مفاسرن ۾ ڪوبه ابراهيم لوڌي جي لشڪر جو سپاهي نه هو. هن بس ۾ ڪو ظهيرالدين بابر جو ماڻهو موجود نه هو جيڪي اڄ کان پورا 480 سال اڳ هي رستا وٺي هن شهر پاڻيپٽ ۾ اچي دوبدو ٿيا هئا ۽ فيصلي واري ويڙهه ٿي جنهن ۾ هندستان جو حاڪم ابراهيم لوڌي قتل ٿي ويو. دهلي سلطانن جو خاتمو ٿيو ۽ مغل گهراڻي جو راڄ شروع ٿيو جنهن جو پهريون بادشاهه بابر تخت تي ويٺو.
    هي عجيب شهر پاڻيپٽ آهي جنهن کان سنڌ هن جو هر ٻار واقف هوندو ۽ هن ان جو نالو انڊو پاڪ جي تاريخي ۾ ضرور پڙهيو هوندو. 1526ع ۾ لوڌي ۽ بابر جي ويڙهاند بعد 1556ع ۾ هڪ دفعو وري هت جنگ لڳي. هاڻي بابر جو پوٽو اڪبر هو ۽ پوءِ وري ٻن صدين بعد هن شهر ۾ سن 1761ع ۾ افغانن جي مرهثن سان ويڙهه ٿي.
    اسان جي بس پاڻيپت شهر جي وچ مان گذرندي رهي، ٽريفڪ جي پيهه پيهان ۾ ڪڏهن آهستي ٿي هلي ته ڪڏهن تکي. هاڻ هتان دهلي فقط 90 ڪلوميٽر پري آهي يعني ڪراچي ساڄي پاسي واري دريءَمان ڏسي کاٻي پاسي ڏسان ٿو. هتي ڪٿي اوس پاس ۾ ابراهيم لوڌيءَ جو مقبرو آهي. ابراهيم لوڌي وٽ وڏو لشڪر هو. هاٿين گهوڙن تي سوار وڏو سپاهه، سڀ اچي هتي گڏ ٿيا هئا. بابر ڏورانهين ڏيهه کان آيو هو، هن سان گڏ هڪ تمام ننڍڙو ٽولو ماڻهن جو هو. هو ٻه ٽي دفعا اڳهين ناڪامياب ٿي چڪو هو، پر هن دفعي هو شايد اهڙو Organised ٿي آيو هو ۽ سندس ماڻهن جو حوصلو ايڏو بلند هو جو هو ابراهيم لوڌيءَ جي لشڪر آڏو وڏا پهلوان ٿي بيٺا.
    هن شهر پاڻيپٽ ۾ اردو جي مشهور شاعر الطاف حسين حاليءَ جو پڻ مقبرو آهي. حڪيم مقرر خان ۽ بوعلي شاهه قلندر (علاؤ دين خلجي جي پٽ) جا مقبرا پڻ هن شهر پاڻيپٽ ۾ آهن.
    پاڻيپٽ شهر کان اسان جي منزل دهليءَ تائين نوي کن جي فاصلي تي ننڍا ننڍا شهر ۽ ڳوٺ ته ڪيترائي اچن ٿا پر وڏو شهر اڌ پنڌ تي سوني پٽ آهي جيڪو ضلعو پڻ آهي. هونءَ ته هي رستو گرانڊ روڊ ڪابل (افغانستان) کان ڪلڪتي تائين ايڏو جهونو آهي جو جتي به کڻي بيهه ته ڪو گهر، ڳوٺ وسندي آهي ئي آهي ۽ ڏينهن رات مختلف قسمن جا ماڻهو پيرين اگهاڙن ساڌوئن ۽ بيل گاڏين ۾ غريب هارين ۽ پورهيتن کان وٺي وڏين ۽ اوچين ڪارن ۽ بسين ۾ سوار مسافر پيا هلن. هن روڊ جي جهوني هجڻ کان علاوه سندس آباد ۽ سدا بهار هجڻ جو اهو به سبب آهي جو جتي ڪٿي ڪانه ڪا ندي ۽ ستلج بعد يمنا (جمنا) ۽ دهليءَ کان پوءِ گنگا هن رستي جي ويجهڙائيءَ ۾ وهي ٿي. دنيا جا جهونا رستا يا اهي رستا جن ويجهو ڪو درياهه وهي ٿو، اهي خوشحال ۽ بارونق رهن ٿا. بدقسمتيءَ سان اسان جي سنڌ مان وهندڙ ڊگهو ۽ جهونو وهندڙ رستو. ڪراچيءَ کان جيڪب آباد وايا حيدرآباد، مورو، خيرپور يا وايا ڄام شورو، سيوهڻ ۽ دادو ائين ٿي نه سگهيو آهي جيتوڻيڪ هن روڊن جي بلڪل ويجهو انسانن ۽ جانورن جي اڃ مٽائيندڙ ۽ تهذيبن کي جنم ڏيندڙ انهن کي وڌائيندڙ، ويجهائيندڙ سنڌو درياهه بلڪل گڏوگڏ وهي ٿو. ان جو سبب افسوس جو امن امان جي اڻهوند آهي ۽ نه فقط هي رستو پر پاسي اوسي ۾ ڄڻ ته سڃ پئي واڪا ڪري، رستي جا ڪنارا آباد ٿيڻ بدران وڃن ويران ٿيندا. اڄ اسان جي ڪچي ۾ چورن ۽ ڌاڙيلن جو راڄ آهي.
    سوني پٽ دهليءَ جي ويجهو هئڻ ڪري ائين خوشحال ۽ تجارتي شهر آهي جيئن سکر ڪري خيرپور، روهڙي ۽ شڪارپور يا شڪارپور ڪري سکر خيرپور وغيره چئي سگهو ٿا جو ماضيءَ ۾ ان پاسي جي سڀني شهرن ۾ شڪارپور بلي بلي شهر هو... وڻج واپار ۾ به ته تعليم۽ خوشحاليءَ م به. ڊرائيور جو اتي بس بيهارڻ جو ڪو ارادو نه هو نه اسان هاڻ ڪٿي بيهڻ چاهيو ٿي بس هاڻ رڳو دهلي جلدي پهچي ۽ وقت اندر رامچند اوڏ جي پٽ راجيش جي مينديءَ جي فنڪشن ۾ پهچي وڃجي.
    اسان پنهنجو ٽڙيل پکڙيل سامان هٿيڪو ڪيو، ٽوال، ڪتاب، ڪاپي، پاڻي جي بوتل، ڪئميرا وغيره ٿيلهي اندر ڪئي، بوٽ جا پادر هيڏانهن هوڏانهن هليا ويا هئا سي ڇڪي پيرن جي ويجهو ڪيم ۽ بس وارن طرفان مليل اخبار واپس ڪرڻ کان اڳ هاڻ پڙهڻ چاهيم. سوني پٽ شهر گذري چڪو هو ۽ هاڻ ڄاڻ ته دهلي آئي پر روزي جي آخري وقت وانگر هڪ هڪ منٽ انگهي پيو هو ۽ هاڻي جيترو ويٺو سوچبو اوترو لمحا ڊگها ٿيندا ويندا. اخبار پڙهڻ ۾ وقت تڪڙو گذري ويندو. آئون اڳهين سيٽ جي پٺ ۾ ڦاٿل انڊيا جي ڊان ۽ جنگ وانگر مشهور انگريزي اخبار ”هندستان ٽائيمس“ ڇڪي ڪڍان ٿو. سياست ۽ سائنس جي خبرن سان گڏ هڪ خبر اسان جي ملڪ جي فلمي اداڪاره جو منهنجو ڌيان ڇڪائي ٿي. خبر جو عنوان آهي:
    Meera, the Ieading lady of Nazar says fatwa won`t stop me from movies.
    ميرا لاهور جي مشهور فلم ايڪٽريس آهي. هوءَ اڄڪلهه بالي ووڊ جي ڊائريڪٽر مهيش ڀٽ جي فلم ”نظر“ “۾ ڪم ڪري رهي آهي. جنهن جي هڪ سين ۾ هوءَ فلم جي هيرو اشمت پٽيل سان چوما چٽ ٿي ڪري فلم اڃا مڪمل نه ٿي آهي پر ڪنهن ريت ان فلم جون اهي Kissing واريون Scene پاڪستان ۾ پهچي ويون آهن جنهن تان ماڻهن کي سخت اعتراض آهي. ماڻهن جي گوڙ گمسان ڪرڻ تي پاڪستان جي حڪومت پاڪستاني فلم اداڪارائن کي انڊيا جي فلمن ۾ ڪم ڪرڻ تي Ban وجهي رهي آهي پاڪستان ولارت انفارميشن چيو آهي ته ”Mera’s aitinos are against Islmaic ethies and Moral Values“ اسلام آباد طرفان بيان جاري ڪيو ويو آهي ته پاڪستاني ادارڪار جيڪي ولايت ۾ وڃن ٿا اهي پنهنجي ملڪ جا سفير آهن کين Vatgavity پکيڙڻ جي اجازت نه ڏني آهي.
    انڊيا ۾ فلم نظر جي سيٽ تي ڪم ڪندڙ ميرا کي پاڪستان مان ماڻهن Threat موڪليا آهن ته ”پاڪستان اچ ته توکي ڏسي رهنداسين بي غيرت عورت تو کي هڪ هندو کي چميون ڏيندي شرم اچڻ کپي“ (يعني جي فلمي هيرو مسلمان آهي ته مڙئي خير آهي.)
    ميرا ڪا پهرين فلم ايڪٽريس ناهي جيڪا انڊيا جي فلمن ۾ ڪري رهي آهي. هن کان اڳ به بيون ڪنديون رهيون آهن. جن مان سلميٰ آغا ۽ زيبا بختيار به ڪجهه انڊين فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي ۽ ڪافي ناز نخرا ڪيا اٿن پر هي ٻئي انگلينڊ جو پاسپورٽ رکندڙ آهن. ان حساب سان ميرا پهرين عورت آهي جيڪا پاڪستاني آهي. ۽ پهرين آهي جنهن Kissing جا سين وڏي جوش خروش سان ڪيا آهن. هن هندستان ٽائيمس ۾ سندس وڏو شاهي انٽرويو ڇپيو آهي. جنهن جا ڪجهه ٽڪرا هن ريت آهن.
    سوال: اڃا تنهنجي فلم رليز ئي نه ٿي آهي ته تنهنجو نالو ماڻهن جي وات تي آهي؟
    ميران: ڪجهه پاڪستان فلمي اداڪارائون ۽ ٿي سگهي ٿو هڪ ٻه انڊين اداڪارائون پڻ، مون تي سڙن ٿيون ان ڪري منهنجي خلاف پروپئگنڊا ڪري رهيون آهن، جيئن آئون ذهني طرح پريشان رهان پر آئون ڪنهن کان ڊڄڻ واري نه آهيان، آئون ٻن ملڪن جي وچ ۾ دوستي جا تعلقات وڌائي رهي آهيان. هڪ آرٽسٽ لاءِ بائونڊريون ڪابه اهميت نٿيون رکن. آئون هر ملڪ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيان ويندي آمريڪا هجي يا چين کڻي يا انڊيا.
    سوال: پاڪستان جي ماڻهن کي ڪهڙي ڳالهه جو اعتراض آهي؟
    ميران: هنن اڃا سڄي فلم ئي نه ڏٺي آهي ته منهنجي خلاف فتوائون پيا ڏين. فلم جو هڪ تمام خوبصورت گانو آهي ”دل مين رهو“ جيڪو مون تي ۽ آشمت پٽيل (هيرو) تي فلمايل آهي. اهو تمام رومانٽڪ ۽ گرم (Hot) گانو آهي. اسان هڪ ٻئي کي ڀاڪر ۾ جڪڙي ڇڏيون ٿا ۽ پوءِ چميون ڏيون ٿا. پر اهو تمام Tastefully ڪيو ويو آهي جيئن انگريزي فلمن ۾ هوندو آهي. اهو ائين ناهي جيئن ماليڪا شيراوت Murder فلم ۾ ڪيو آهي. بهرحال فلمن ۾ هر ڪو Kissing ڪندو رهي ٿو، مون جي چمي ڏياري ته ڇا ٿي پيو؟ منهنجو جسم منهنجو آهي، مون کي جيڪي وڻندو اهو ڪندس، مون کي ڪنهن جي به پرواهه ناهي.
    سوال: پوءِ آخر ان بابت ڇا ڪندينءَ؟
    ميران: في الحال تي اڃا پاڪستان وڃڻ نٿي چاهيان، پوءِ جي ويس ته پنهنجي صدر مشرف صاحب سان ڳالهه ڪندس ته آخر مون ڪهڙو غلط ڪم ڪيو آهي. آئون هڪ پروفيشنل آهيان ۽ هتي انڊيا ۾ روزگار ڪمائي رهي آهيان.
    سوال: پاڪستان ۽ انڊيا جي فلم انڊسٽريءَ ۾ ڪو فرق؟
    جواب: هتي (انڊيا) جي فلم انڊسٽريءَ ۾ جان آهي، رونق آهي. اسان وٽ Narrow mentality آهي پر هتي جي فلمي انڊسٽري دلير آهي.
    سوال: انڊين فلمي دنيا (بالي ووڊ) جا تنهنجا دلپسند اداڪار ڪير آهن؟
    ميران: مون کي شاهه رخ سان محبت آهي، آئون هن سان ۽ هرتڪ روشن سان فلمن ۾ ڪم ڪرڻ چاهيان ٿي. هيئنر سونامي طوفان جي سلسلي ۾ شو ٿيو هو ان ۾ هن مون کي ڀاڪر پاتو هو ۽ مون هن کي چمي ڏني هئي. اها مون لاءِ هڪ خوشيءَ جي گهڙي هئي.....
    سائين منهنجا دهلي اچي ويو، هاڻ ڇا ٿيندو؟ ٻه سيٽون پويان کاٻي پاسي ويٺل مهرچند اوڏ عجيب اداس شڪل ٺاهيندي چيو.
    ”ڇا مطلب؟“ مون تعجب مان پڇيو.
    ”منهنجو مطلب آهي نول وارا وٺڻ به ايندا يا نه؟“
    ”ضرور ايندا، هو ٻه ڏينهن اڳ دهلي ان ڪري پهتا آهن، ٿي سگهي ٿو رامچند به اچي. ٻئي گهوٽن جا پيئر آهن جن جي شاديءَ جي سڏ تي پاڻ آيا آهيون.“
    مهرچند رتي ديري جو واپاري آهي ۽ نولراءِ اوڏ جي وڏي ڀيڻ پتلي جو مڙس آهي. جيئن ته اوڏن ۾ بدي جي شادي جو رواج عام آهي سو نولراءِ جي زال گيتا وري مهرچند جي ڀيڻ آهي. مهرچند سان گڏ سندس والده (نول جي سس) ۽ ڌيءَ مانيڪا به اسان سان گڏ هن بس ۾ سفر ڪري رهيون آهن. هو روهڙيءَ کان ريل ۾ چڙهيا هئا. مهرچند کي اهو اڄاتو خوف هو ته نول وارن کي خبر نه آهي ته اها ڄاڻ آهي يا نه ته اسان کي هيءَ بس ڪٿي لاهيندي جيڪا مقرر وقت کان ٻه ڪلاڪ کن دير سان دهلي پهتي آهي. پر مون کي پڪ هئي ته هو ڪمانڊر اسرارالله ۽ انگريز پرنسپال ڪرنل ڪومبس جو پڪو شاگرد آهي جيڪي هر ڳالهه ۾ Perfection کي اهميت ڏيندا هئا ۽ اسان کي به اهو سبق پڙهائيندا رهيا. انڊيا لاءِ نڪرڻ کان اڳ نولراءِ جا هر هڪ ڄاڃيءَ وٽ سرڪيولرا ايندا رهيا. هي ماڻهو باءِ روڊ هلندا هي باءِ ايئر. باءِ روڊ وارن جي شاليمار ريل گاڏي ڪراچي کان هن وقت نڪرندي ۽ ڪراچيءَ مان هي ماڻهو، حيدرآباد مان هي، نوابشاهه مان هي.... وغيره وغيره چڙهندا جن جا سيٽ نمبر هي آهن. لاهور ۾ فلاڻو همراهه اسان کي Receive ڪري فلاڻي هوٽل ۾ وٺي هلندو جتي فلاڻي ڪمري ۾ هي رهندا فلاڻي ۾ هي... نولراءِ جي هڪ هڪ شيءِ ايڏو Detailed جو فون تي نيٺ چيو هئومانس ته ماڻهو آهين يا ڪرنل ڪومبس.
    ۽ هاڻ اسان دهلي پهچي رهيا هئاسين. بلڪه دهلي ته اڌ ڪلاڪ کن اڳ پهچي ويا هئاسين هاڻ دهلي ٽوئرزم جي آفيس کي ويجهو پهچڻ وارا هئاسين جتي بس کي لاهڻو هو ۽ گيٽ اندر گهڙڻ مهل گيٽ ٻاهران اسان جو پيٽارو جو دوست نولراءِ بيٺو هو.
    ”ابا مهر چند مبارڪون هجني، نول بيٺو آهي؟“ مون مهرچند کي چيو.
    ”واقعي؟ مون ته نه ڏٺو.“ مهرچند جي چهري تي اهائي اداسي هئي.
    ”يار مهرچند! ڪجهه ته خيال ڪر. ههڙي ويڪري ماڻهوءَ کي ڪو نابين ئي نه ڏسي سگهندو.“
    بس بيٺي ته اسان جو سامان دهليءَ جي ٽوئرزم ڊپارٽمينٽ آفيس جي هيلپرن لاهي هيٺ رکيو ۽ هر هڪ کي کڻڻ لاءِ چيو ويو جيڪو اسين ٽرالين ۾ کڻي گيٽ جي ٻاهران آياسين. نولراءِ ۽ رامچند ۽ انهن جا پٽ اسان کي وٺڻ لاءِ بس جو به بندوبست ڪري آيا هئا جنهن اچي هوٽل ”سنگهه ڪانٽيننٽل“ ۾ لاٿو، ريسپشن تي ويٺل عورت لسٽ مطابق ڪنهن کي سنگل، ڪنهن کي ڊبل ڪمرن جون چاٻيون ڏيندي وئي. هوٽل جا بيرا هر هڪ جو سامان سندن ڪمرن ۾ پهچائيندا ويا. نول جي هدايت موجب هر هڪ اڌ ڪلاڪ اندر وهنجي سهنجي تيار ٿي هيٺ پهتو. بس اسان کي سڌو ڪنوار جي گهر وٺي آئي جيڪو پڻ ان ساڳي علائقي ڪارول باغ ۾ هو جتي هيءَ ڪانٽيننٽل هوٽل هئي. ڪنوار جي گهر ميندي ۽ مانيءَجو بندوبست هو. ڪنوار جي گهر گهڙڻ سان عورتن خوشيءَ جا گيچ ڳائڻ شروع ڪيا.
    ميندي لاهه هٿن کي
    ميندي لاهه پيرن کي
    منهنجا ڪچهريءَ جا مور راجيش
    ميندي لاهه هٿن کي.....
    ”امان ڪجهه ته سر کڻايو، گهوٽ جون ڀينرون....“ گهوٽ جي ڪنهن پڦيءَ رڙ ڪئي.
    ”راجيش کي ڀيڻون ڪٿي آهن.“ ڪنهن جواب ڏنو.
    ”ڀيڻون نه ته سوٽون ته آهن، پٽ سروج، ڪرڻ، مانيڪا، گڊان، هيڏانهن ويجهو اچي ڳايو.“
    هار ڇاجو، هار گلن جو
    سيني جو سينگار آ
    ادا سيني جو سينگار آ
    ادا راجيش هار ته منهنجي هٿ ۾
    ڀائر مان پايان تنهنجي ڳچيءَ ۾.
    ۽ پوءِ رسمون هليون جن جي وچ وچ ۾ ڪنواريتن طرفان راڳ ۽ ڊانس جا پروگرام هلندا رهيا جيڪي ڪنوار جي ساهيڙين Areange ڪيا هئا. گڏوگڏ ماني به هلندي رهي، ڇوڌاي انڊين فلمن ۾ ڏٺل شاهي شاديءَ جو ماحول هو، چوڌاري ٽهڪ هئا، چوڌاري خوشيون هيون ڄڻ ٻه چار ڪلاڪ اڳ جيڪو بس ۾ ٿڪ محسوس ڪري رهيا هئاسين يا ڪالهه کان سفر ۾ خوار ٿي رهيا هئاسين اهو هڪ خواب هو يا ان ۾ موجود اسان نه پر ٻيا ڪردار هئا...


    گهوٽ چڙهي گهر گهوڙي ايندو

    دهليءَ ۾ پهچڻ سان هوٽل مان تيار ٿي ڪنوار جي گهر مينديءَ لاءِ پهتاسين. ڪنواريتا به اسان گهوٽيتن جي اچڻ جي انتظار ۾ هئا. هڪ طرف مانيءَ جو بندوبست هو ته ٻي طرف ڳائڻ وڄائڻ. پاڪستان کان آيل اوڏن ۾ ڌاريو آئون هوس (اها ٻي ڳالهه آهي ته هر هڪ ڀاتيءَ منهنجو پنهنجن کان به وڌيڪ خيال ٿي رکيو) ۽ هوڏانهن آمريڪا ۽ ڪئناڊا کان آيل اوڏن ۾ گهوٽ راجيش جا چار پنج آمريڪن دوست هئا. اسان سڀني لاءِ هي نوان ساٽ سوڻ ۽ ريتون رسمون هيون جيڪي هندستان جي اتراهين صوبن سان واسطو رکن ٿيون. ملائيشيا ۾ اٺ سال رهڻ دوران اتي ڪيتريون هندو ڌرم سان واسطو رکندڙ شاديون اٽينڊ ڪرڻ جو موقعو مليو پر اهي سڀ تامل ۽ مليالم ڳالهائڻ وارن سائوٿ انڊين جو هيون. انهن ۾ ۽ اتر هندستان جي زبان توڙي ريتن رسمن ۾ ڪيڏو ته فرق آهي، بهرحال ڳائڻ وڄائڻ توري ويس وڳن ۾ اسان جا سنڌ کان توڙي USA کان گهوٽيتا اوڏ ڪنهن به صورت ۾ هتي جي دهليءَ وارن کان گهٽ نه هئا. بالي ووڊ جون فلمون کڻي انڊيا ۾ ٺهن ٿيون پر انهن جا وڊيو ڪيسٽ توڙي سيڊيون ته اسان جي ملڪ جي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ وڪامن ٿيون ۽ ڏسڻ وارا ته اسين آهيون توڙي کڻي ٺاهڻ وارا اهي انڊين هجن. ان ڪري اسان جي پارٽي جي ميمبرن (گهوٽيتن)ڪنواريتن کي هر راڳ جو جواب سندن ئي فلمي گانن ۾ اهڙو ٿي ڏٺو جو ڪنواريتا چپ ٿي ٿي ويا. بهرحال هن کل خوشي ۽ ٽهڪن جي ماحول ۾ هر هڪ Enjoy ڪري رهيو هو. رات جا ٻه اچي ٿيا هئا پر لڳو ٿي ته محفل اختتام تي اڃا نه پهچندي. آمريڪا کان آيل گورا پهرين ته وائڙن وانگر هتي جي ماڻهن خاص ڪري عورتن جا ويس وڳا ۽ ريتون رسمون ڏسندا رهيا آخر اوٻاسيون ڏيڻ لڳا ۽ جڏهن ڏٺائون ته اڃا موٽڻ جو نالو ڪوبه نه پيو وٺي ته منهنجو اچي پاسو ڏنائون ته منهنجو اڃا ترسڻ جو ارادو آهي يا هلڻ جو.
    ”آئون سوير سمهڻ وارو ۽ سوير اٿڻ وارو آهيان.“ مون چيو مان.
    ”دئٽ ازنائيس. اسان کي هوٽل تائين وٺي هل.“ هنن چيو.
    ”هلو ته هلون، هي ساڳيون ريتون رسمون بلڪه ان کان به گهڻيون سڀاڻي پنهنجي هوٽل ۾ گهوٽيتا ڪندا. وڌيڪ فوٽو اتي ڪڍنداسين.“ مون چيومان ۽ گهوٽ جي پيءُ ۽ پنهنجي پراڻي پيٽارو جي دوست ڊاڪٽر رامچند اوڏ کي چيم ته گاڏيءَ جو بندوبست ڪري ڏي ته اسان هلون.
    رامچند ڪنهن ڪنواريتي کي چيو جنهن پنهنجي وئگز گاڏيءَ ۾ اسان کي اچي هوٽل تي ڪڍيو.
    صبح جو نيرن تي آئون اڪيلو هوس، ڪجهه دير لاءِ ٻين جو انتظار ڪري هوٽل وارن کان پڇيم ته هي پاڪستان ۽ آمريڪا کان شادي تي آيل مهمانن جو ڇا پروگرام آهي.
    ”انهن يارهين بجي تائين ناشتي لاءِ چيو آهي جو هو رات پنجين بجي موٽيا آهن. اڄ 12 بجي هوٽل جي مين هال ۾ گهوٽيتن جي مينديءَ جو فنڪشن آهي. هوٽل جي ريسپشن تي وٺيل ڪلاڪ ٻڌايو. مون ٽائيم ڏٺو اڃا نو ٿيا هئا، فنڪشن شروع ٿيڻ ۾ اڃا ٽي ڪلاڪ هئا. آئون نيرن ڪري چڪو هوس سو ٻاهر جو واءُ سواءُ لهڻ لاءِ نڪري پيس. هوٽل جو ڪارڊ پنهنجي کيسي ۾ وڌم جيئن ڪڏانهن پري کان وڃي نڪران ته رڪشا يا ٽيڪسي واري کي هن ڪارڊ ذريعي هن هوٽل جي ائڊريس ٻڌائي سگهان. وري به هوٽل جي گيٽ تي بيٺل سنتريءَ کان هن علائقي جو نالو پڇي ڪاپيءَ تي نوٽ ڪيم.
    ”دهليءَ جو هي علائقو ڪارول باغ سڏجي ٿو ۽ هي خاص ٽڪرو چينا مارڪيٽ آهي.“ هن ٻڌايو ۽ سامهون روڊ جي ڇيڙي وٽ ٺهيل رائونڊ ابائوٽ لاءِ ٻڌايو ته اهو مشهور ”چينامارڪيٽ گول چڪر“ آهي جنهن جي چوڌاري ڪيترائي دڪان آهن. هن ڳالهه ٻڌائي بس ڪئي ته هڪ نوجوان فقرياڻيءَ هٿ اڳيان وڌائي خيرات گهري. هوءَ منهنجو رستو روڪي بيهي رهي. کيسي ۾ هٿ وجهي ڏٺم ٻه کن سڪا هئا. خبر ناهي هتي جا يا پاڪستان جا پر مون پنهنجي راهه کولڻ لاءِ جلدي جلدي هن جي هٿ تي رکيا. منهنجي اڳيان رڪاوٽ هٽي وئي پر اتي ٻه ٻيون ڇوڪريون اچي ويون ۽ منهنجي پريشانيءَ جو اندازو لڳائي گيٽ تي بيٺل ڏنڊي سميت اڳيان آيو ۽ ڇوڪرين کي دڙڪو ڏيندي چيو:
    ”جاتي هو يا جمنا جي ڪا پرساد دون؟“
    ٻئي ڇوڪريون ڀڄي ويون، پهرين مون کي سمجهه ۾ نه آيو ته اهو هن ڇا چيو ۽ خيرات (پرساد) جنهن جي هن ڳالهه پئي ڪئي اهو وٺڻ کان هنن ڇو ڪيٻايو. پر پوءِ سنتري کي هنن ڏي گهوريندي ۽ پنهنجي کاٻي هٿ تي ڏنڊي جا آهستي آهستي ڌڪ هڻندو ڏسي سمجهي ويس ته هتي ”جمنا جي کا پرساد“ معنيٰ ڏنڊا کائڻ آهي. جيئن پاڻ وٽ ڏنڊي کي ”مولا بخش“ سڏين ۽ خاص ڪري اسڪولن ۾ ڏنگن ٻارن جو علاج مولا بخش ئي ڪري سگهي ٿو. مون اڳتي وڌي چوراهي (چينا مارڪيٽ گول چڪر) تائين گهٽيءَ جو جائزو ورتو. ڪراچيءَ جي پاڪستان چوڪ يا حيدرآباد جي صدر علائقي جي گهٽين جهڙي گهٽي چئي سگهجي ٿي پر فقط ان گهٽي ۽ پاسي کان اچي ملندڙ هڪ ٻي گهٽيءَ ۾ نه نه ته به گهٽ ۾ گهٽ ڏهاڪو کن ننڍيون وڏيون هوٽلون ٿينديون، ڪرائون هوٽل، هيريٽيج هوٽل، سن ڪورٽ، Aamn palace, ڪارٽيل پئلس، Tribhaven palace, western, Queen، هل پئلسن آئوري پئلس ۽ ٻيون هوٽلون، ڪيترائي فارينر خاص ڪري يورپ پاسي جا گهٽيءَ ۾ ڦري رهيا هئا يعني اهي فقط هڪ گهٽيءَ ۾ سو به صبح پهر ته معنيٰ سڄي دهليءَ ۾ ۽ انڊيا جي ٻين شهرن ۾ ته خبر ناهي ڪيترا فارينر ٽوئرسٽ هوندا ۽ ان ڳالهه کان ڪنهن کي به انڪار ناهي ته اڄ جي دور ۾ ٽوئرزم وڏي انڊسٽري آهي جنهن مان ڪمائي ۽ ڪمائي آهي. تڏهن ته هتي جي گهٽي گهٽي ۾ هوٽلون آهن ۽ ٻيون ٺهن پيون ۽ هر هوٽل سال جو وڏو حصو فل رهي ٿي. هن وقت به پاڪستان کان اسان سان گڏ آيل ڪجهه ڄاڃي اسان واري هوٽل ۾ جاءِ نه ملڻ ڪري ڀرواريءَ گهٽيءَ جي ٻي هوٽل ۾ ترسايا ويا آهن.
    چوراهي تائين واڪ ڪرڻ دوران هڪ ٻن هوٽلن ۾ گهڙي در وٽ رسيپشن تان هوٽلن جي مسواڙ پڇيم. ڪنهن جي هزا ڪنهن جي سوا هزار ۽ هڪ ٻن جي پنج سؤ روپيا هئا ۽ هوٽلن جي معيار جي حساب سان اها گهڻي نه هئي، ان کان وڌيڪ گهڻي وڌيڪ اسان وٽ آهي. دراصل انڊيا جون اهي ڳالهيون آهن جنهنڪري ٽوئرسٽ اچن ٿا. اسان وٽ امن امان جي ليول صحيح ناهي ۽ هوٽل وارا توڙي دڪاندار ڪنهن فارينر کي ڏسي هن مان پئسا تڳائڻ جي ڪندا. ۽ سرڪاري عملدار دڪان ۽ هوٽل وارن کي ڦرڻ جي ڪندا. هتي انڊيا ۾ لڳي ٿو سرڪار هوٽل وارن کي تنگ ڪرڻ بدران مدد ڪري ٿي تڏهن ته هر ڪو پنهنجو گهر ڊاهي اتي هوٽل پيو ٺهرائي.
    مون کي هن وقت ٻه ڪم ڪرڻا هئا، هڪ پاڪستان پهچ جو ٽيليفون ڪرڻو هو ۽ ٻيو انٽرنيٽ تي پنهنجي ٽپال وغيره ڏسڻي هئي. ڪراچي ڇڏي اڄ ٽيو ڏينهن هو جو ڪمپيوٽر نه کوليو هو ۽ هاڻ هوٽل کان ٻاهر ڪنهن Cybre Café جي ڳولا ۾ نڪتو هوس. مون کي ٻنهي ڪمن لاءِ ڪا دقت نه ٿي جو هوٽل کان وٺي چوراهي تائين ٻه يا ٽي اهڙا دڪان مليا جتي ڪلاڪ جا ڏهه روپيا ڏيئي ڪمپيوٽر استعمال ڪري سگهيس ٿي ۽ ٽيليفون لاءِ پي سي او ته جتي ڪٿي نظر اچي رهيو هو. چوراهي وتان فون ڪري واپس هوٽل ڏي آيس ۽ هوٽل سان بلڪل لڳولڳ هڪ Cyber Café ۾ اچي ڪمپيوٽر تي ويٺس. هڪ گورکو ڇوڪرو ۽ ٽي کن عورتون مختلف ڪمپيوٽرن تي ويٺا هئا. گورکو ڇوڪرو ۽ هڪ ڇوڪري شام جي ڪاليجن جا شاگرد هئا ۽ هينئر صبح جو ڪميپوٽر سکڻ لاءِ هتي آيا هئا ۽ باقي ٻه عورتون House wives ٿي لڳيون جن کان بعد ۾ پڇڻ تي هنن ٻڌايو ته هنن جي مڙسن کي آمريڪا ۾ نوڪري ملي آهي ۽ هاڻ ڪجهه مهينن بعد هو هنن وٽ وڃي رهيون آهن. هتان ڪمپيوٽر جا ڪجهه پروگرام سکي پيون وڃن خاص ڪري Adobe فوٽ شاپ جيئن اتي ڪنهن آفيس ۾ ياد دڪان تي ڪو جاب حاصل ڪري سگهن ۽ سندن مڙسن جي ڪمائي ۾ واڌارو ٿي سگهي. کين ڪمپيوٽر سيکارڻ واري ڇوڪري عمر ۽ هلڪي ڦلڪي جسم مان ڪنهن ڪاليج جي شاگردياڻي ٿي لڳي پر ڪمپيوٽر ۾ ڇا ته سندس معلومات هئي. ٽنهي چئني ڄڻن درپيش آيل مسئلن جو حل پئي پڇيس ۽ هوءَ سڀني کي اهڙو جلدي جلدي سمجهائي رهي هئي جو لڳو پئي ته واقعي ايڪسپرٽ آهي. اسان وٽ به پاڪستان جي وڏن توڙي ننڍن شهرن ۾ سائبر ڪيفي جهڙا دڪان آهن پر توهان انهن ۾ اندر وڃي ڏسو ته نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ڪو پروگرام يا ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي جو علم سکڻ بدران (جنهن ۾ محنت ٿي گهرجي) رڳو خط لکڻ، چيٽ ڪرڻ ۽ واهيات قسم جون سائيڊون کولي ذهني عياشيءَ ۾ مبتلا نظر ايندا. هتي هڪ ٻي ڳالهه نوٽ ڪيم ته انٽرنيت سروس تمام Fast آهي ۽ ڪلاڪ جي مسواڙ ڏهه روپين ۾ ايترو ڪم ٿيو وڃي جو اسان وٽ چئن ڪلاڪن ۾ به نه ٿئي، رڳو پٽڻ کي ڪلڪ ڪر ته گهربل Site يا Mail کليو وڃي.
    جيئن ئي ٻه ڪلاڪ پورا ٿيا ته ٻن ڪلاڪن جي في ويهه روپيا انچارج ڇوڪريءَ کي ڏيئي آئون ٻاهر نڪتس. ادا گلاب راءِ اوڏ جو پٽ وڃي ڪمار ۽ سريچند اوڏ جو پٽ سنجي هوٽل جي در وٽ بيٺا هئا.
    ”ڪريو خبر اچي ويا ماڻهو؟“ مون پڇيو مان.
    ”ها انڪل! تقريبا اچي ويا آهن توهان نيرن ڪئي؟“
    ”ڪڏهوڪو.“ مون وراڻيو مان، ”هلو ته هلو.“
    سنجي مون سان گڏ هلڻ لڳو ۽ وڃي پنهنجي ماءُ پيءُ کي ڪمري مان سڏڻ لاءِ لفٽ ڏي روانو ٿيو.
    ”تون مون سان گڏ هججانءِ جيئن فوٽو ڪڍڻ ۾ منهنجي مدد ڪري سگهين.“
    مون سنجي کي چيو سنجي تازو NED يونيورسٽيءَ مان BE ڪئي آهي ۽ سندس پيءُ سريچند اوڏ ڊاڪٽر رامچند اوڏ جو سڳو ڀاءُ آهي يعني سوناري سندن ماءُ آهي. چاچي نارائڻ داس اوڏ کي پنهنجي ٻي زال سوناريءَ مان چار پٽ ٿيا. سڀ ۾ وڏو ارجن داس اوڏ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ اسان سان گڏ هو جتان انٽر ڪرڻ بعد هن مرچنت نيوي Join ڪرڻ چاهي ٿي پر سندس والد کيس ڪراچي يونيورسٽيءَ مان MBA ڪرڻ لاءِ چيو جيتوڻيڪ پوءِ ڏهاڪو کن سالن بعد شري نارائڻ داس جي ٽي ۽ ننڍي زال نانڪي جي پنجين نمبر پٽ امرچند انٽر ڪئي ته هن کي چاچي نارائڻ داس مئرين اڪيڊمي موڪليو اڄ هو هڪ ڪامياب ڪئپٽن آهي ۽ ايران جا جهاز يورپ جي مختلف بندرگاهن ۾ هلائي ٿو.
    ارجن داس کان پوءِ سال کن رکي سندس ٻيو نمبر ڀاءُ رامچند ۽ ٽي ماءُ نانڪي جو ٻيو نمبر پٽ نولراءِ ڪيڊٽ ڪاليج آيا هئا ۽ هينئر اسان انهن ٻنهي جي پٽن جي شادي اٽينڊ ڪرڻ لاءِ انڊيا آيا آهيون. ڊاڪٽر رامچند کان پوءِ ٽيون ڀاءُ سريچند آهي جيڪو سنجي جو پيءُ ٿئي ۽ ان بعد چوٿون ڀاءُ . يعني ڊاڪٽر لڇمڻ اوڏ (سنجي جو ننڍو چاچو) آهي. سنجي جي پيءُ سري چند ۽ لڇمڻ ٻنهي جي شادي دودي جي ٻن ڀيڻن جهمي (شبانا) ۽ ريکا سي ٿي ۽ ان جي بدلي ۾ سنجي جي پڦين شانتا ۽ ڪملا جي شادي سندس مامن دوددي ۽ مور سان ٿي. ان ريت ڏٺو وڃي ته سنجي يا ٻين ٻارن جا هر هڪ سان هڪ بدران ٻه ٻه رشتا ٿيا. سنجي جي ريکا ماسي به ٿي جو اها سندس ماءُ شبانا جي ڀيڻ ٿي. ۽ ساڳي وقت اها چاچي به ٿي جو ريکا سندس چاچي لڇمڻ جي زال به ٿي. اهڙي طرح سندس دودو مامو به ٿيو ته پڦڙ به. هتي آيل شري نارائڻ داس جي ڏهٽاڻ پوٽان ڪڏهن ڪنهن کي ماسي پيا سڏين ته ڪڏهن چاچي. بعد ۾ آئون به سمجهي ويس ته ڪير ڪنهن کي ڪهڙي رشتي سان سڏي ٿو پر شروع جي ڏينهن ۾ آئون سمجهي نه سگهيس سو پهرين ڏينهن ئي چيو مان ته جنهن جي ڳالهه ڪريو ان جو مهرباني ڪري نالو وٺي ڳالهه ڪريو ۽ آئون به نالو وٺي چوندس جو توهان جي ننڍي ٽهي ته مون کان ننڍي آهي ئي آهي پر توهان جا پيءُ ماءُ به سڀ مون کان ننڍا آهن سوا ادا گلاب راءِ جي جنهن کي سن 1959ع کان جڏهن سندن گهر پهريون دفعو اچي رهيو هوس، ”ادا“ چوندا اچون.
    سنجي اسان سان اڪيلو آيو آهي، سندس ماءُ پيءُ ۽ ڀائر ڀيڻون (مينا، نينا، ۽ رشي) جيڪي آمريڪا ۾ رهن ٿا موڪل نه ملڻ ڪري اچي نه سگهيا. ان ڪري سنجي پنهنجي مامي دودي سان گڏ هليو ٿي يا مون سان.
    مينديءَ واري هال ۾ گهڙياسين ته وچ ۾ غاليچو وڇائي ڇوڪريون لونگ ڦوٽا ڳائي رهيون هيون. يعني،
    لونگ ڦوٽا ٿالهيءَ ۾
    آئون کڻيو پئي اچان،
    راجيش منهنجي اڳ ۾
    آئون نچندي اچان.
    اسان مردن لاءِ ڀتين جي چوڌاري ڪرسيون رکيون ويون هيون. مختلف ساٽ سوڻ ڪرڻ لاءِ گهوٽ جون پڦيون ميندي، لوٽو، وڃڻو، اکڙي مهري جهڙيون شيون کڻي آيون هيون. هي گهڻو ڪري اهي ئي ريتون رسمون ۽ ساٿ سوڻ هئا جيڪي اسان مسلمانن ۾ به ٻڪي، ونواه، نکيٽي جي ڪاڄن تي ٿين ٿا جن جو مذهب سان ايترو تعلق ناهي جيترو هتي جي پراڻي هندو ڪلچر سان آهي ۽ هي ساٽ سوڻ جيئن پهرين ٻڌائي آيو آهيان ته هندستان جي مٿين اڌ، پاڪستان ۽ ڪشمير طرف هڪ جهڙا آهن هيٺ ڏکڻ ۾ توڙي انڊونيشيا جي ٻيٽ بالي تي جتي جو سرڪاري مذهب هندو ڌرم آهي يا ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ جتي جي رهاڪو انڊين ۾ 80 کن سيڪڙو ڏکڻ هندستانين جو آهي اتي جي هندن جا بلڪل مختلف رسمون رواج آهن. ٿائي پوسام ۽ ڪاواڊي جهڙا ڏينهن ۽ رسمون به ڏکڻ هندستان جي تامل، ڪيرالا ۽ ڪرناٽڪا وارن جي خاص سڃاڻپ آهن.
    ڳائڻ وارين هڪ راڳ ختم ٿي ڪيو ته ٻيو شروع ٿي ڪيو.
    تون هلين ٿو ٻانهن لوڏي لوڏي
    ماڻهو ڏسن ٿا توڏي توڏي
    هلندڙن کي نه بيهار منهنجا جاني
    رک پلنگ تي پير منهنجا جاني
    بهرحال هوٽل جي هال ۾ ڪو پلنگ ته نه هو پٽ تي ئي گلم غاليچا ۽ چادرون وڇائي ويٺا هئاسين جتي جاني يعني گهوٽ راجيش کي ميندي ۽ رسمن لاءِ ويهاريو ويو هو ۽ جتي هن کي نوان ڪپڙا به پارايا ويا. آمريڪا کان آيل راجيش ۽ سندس پيءُ رامچند جا آمريڪن مهمان عوروتون ۽ مرد جتي حيرت مان هي ساٽ سوڻ ڏسي رهيا هئا اتي گهٽ پريشان راجيش به نه هو جيڪو جيڪا پهرين هندو ڌرم جي شادي ڏسي رهيو هو اها اتفاق سان سندس ئي هئي. کيس هر شيءِ سمجهائڻي ٿي پئي ته هاڻ هيئن ڪر هاڻ هونءَ ڪر. مزي جي ڳالهه اها ته اوڏ کڻي هند سنڌ ۾ رهن پر پاڻ ۾ اوڏڪي ڳالهائين. ڪيترن کي سنڌي کڻي نه ايندي، اردو يا هندي نه ايندي پر اوڏڪي ضرور ايندي. پر رامچندهڪ واحد ماڻهو آهي جنهن جي ٽنهي ٻارن کي اوڏڪي ٺپ نٿي اچي. رامچند شاديءَ بعد يڪو آمريڪا ۾ رهيو ۽ گهٽي گهوٽي ته ڇا سڄي رياست ۾ ساڻن ڪو سنڌي يا اوڏڪي ڳالهائڻ وارو نه هو جنهن کان ٻار کڻي ٻڌن. پاڻ سال جا يارهن مهينا دنيا جي ٽوئر تي يا ڪنهن ڏورانهين ڏيهه ريسرچ ورڪ پٺيان. نتيجي ۾ ٻارن کي فلپينو آيائن سان رهڻو پيو ٿي يا هاسٽل ۾ جتي هنن کي ڏينهن رات انگريزي ٻڌڻي ۽ ڳالهائڻي پئي ٿي. سو هاڻ راجيش کي رسمن لاءِ پڦيون ۽ چاچيون سنڌي يا اوڏڪي ۾ سمجهائين ته کيس ڳالهه سمجهه ۾ نه اچي. گهوٽ صاحب به پريشان ته مائٽ به. سندس وڏي پڦي، مهرچند جي زال پتلي جيڪا پڻ پنهنجن هنن ڀائيٽن سان پهريون دفعو هتي انڊيا ۾ ملي رهي هئي سا ڪافي دير گهوٽ سان مٿو کپائي ڪنڊ ۾ وڃي ويٺي. ”امان ڏاڍي ڳالهه ٿي هاڻ هن عمر ۾ اسان کي انگريزي سکڻي پوندي.“ هوءَ چئي رهي هئي، پر منهنجي خيال ۾ هن کي يا سندس ڪنهن ڀيڻ کي ان قسم جو فڪر نه ڪرڻ کپي جو شري نارائڻ داس جي هر هڪ پٽ ته پنهنجن ٻارن کي اعليٰ انگريزي تعليم ڏني پر ڌيئرن به پنهنجن ٻارن کي ڊاڪٽري ۽ انجنيئري سان گڏ سٺي انگريزي سيکاري. مانيڪا، برکا، ارم، ڪرن، سروج جهڙيون ڇوڪريون جيڪي ڪانوينٽ اسڪولن مان کڻي نه پڙهيون پر عام اسڪولن مان پڙهي به پنهنجي انگريزي سڌاري ويون ۽ پنهنجن انهن ڪزنن سان جيڪي انگلينڊ، ڪئناڊا ۽ USA کان هتي اچي نڪتا هئا انهن سان بلڪل روان انگريزي ڳالهائي رهيون هيون. سنڌي يا اردو هندي اچڻ پنهنجي جاءِ تي پر اها زميني حقيقت آهي ته اڄ به جتي ڪٿي، ويندي اسان جي پنهنجي ملڪ ۾ ڪامياب اهو وڃي ٿو جيڪو سٺي انگريزي ڄاڻي ۽ ڳالهائي سگهي ٿو.
    رامچند جي ٽنهي پٽن سان منهنجو به رات ئي ڳالهائڻ ٿيو جيتوڻيڪ هيستائين Email ذريعي فقط وڏي پٽ راجيش (گهوٽ) سان واسطو ضرور هو. مون سنڌي ۾ ٻئي نمبر پٽ سان ڳالهايو ته هو ”هاءِ“ ڪري Typical آمريڪن لهجي ۾ ڳالهائڻ لڳو: ”اڙي رامچند! هي ڇا؟ ڀلا اوڏڪي اچين ٿي يا اها به نه؟“ مون ڀر ۾ بيٺل رامچند کان پڇيو.
    ”بس يار، هاڻ هڪ هنڌ منهنجي پوسٽنگ ٿي آهي سو سيکاري وٺندوسان. في الحال رڳو ”گٽ مٽ“ ٿا ڄاڻن. هن گٽ مٽ تي زور ڏيندي چيو ۽ مون کان ٽهڪ نڪري ويو.
    اڄ کان 45 سال کن اڳ جڏهن اسين ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ هئاسين ته ڪراچي ۽ لاهور جي ڪانوينٽ اسڪولن کان آيل اسان جا ڪلاس ميٽ اسان تي خوب حاوي هئا. اسين هالا، ڪنڊيارو، جهانگارا باجارا، درٻيلي، شاهه پنجو سلطان جهڙن ڳوٺن کان سنڌي ميڊيم اسڪولن جا ٻار هر وقت جهڙا هيسيل. انگريزي نه اچڻ ڪري نه ميس ۾ پنهنجي ٽيچرن سان ڳالهائي سگهن نه ڪلاس روم ۾. ۽ پوءِ جڏهن منٿلي ٽيسٽ ٿيندا هئا ته خبر پوندي هئي مٿين ڳوٺن جا اقبال ترڪ، غلام محمد سومرو، نولراءِ ۽ رامچند جهڙا پهريون نمبر کڻي ويا جو اهي ڳالهائڻ ۾ کڻي ڪمزور هئا پر انگريزي گرامر، مضمون نويسي، مئٿس وغيره ۾ ته هوشيار هئا. هڪ دفعي رامچند نائين ڪلاس جي منٿلي ٽيسٽ ۾ پهريون نمبر آيو ته مون چيومانس ”يار ڪمال ڪري وڌو اٿئي.“
    ”ٻيو نه ته وري“ هن مون کي پاسي تي ڇڪي راز واري انداز ۾ چيو هو، ”هنن کي اچي ڇا ٿو رڳو اها گٽ مٽ ڳالهائڻ ٿي اچين.“ ۽ پوءِ رامچند غلط سلط انگريزيء ڊائلاگ انگريزن جي Aceent ۾ ڳالهائڻ جو نقل ڪري ڏاڍو کلايو ۽ اڄ سندس ٻارن کي بلڪل ائين آمريڪن اسٽائيل ۾ ڳالهائيندو ٻڌي رامچند جي اها ائڪٽنگ ياد اچي وئي.
    مينديءَ دوران گهوٽيتاڻيون جيڪي راڳ ڳائي رهيون هيون، هتي اسان جي هوٽل ۾ توڙي رات ڪنوار جي گهر: ”مور ٿو ٽلي“ کان وٺي ”اکيون لاڏل جون ٻرن مشعالا“ .... يا ”سڏ ڏئي ٻڪيءَ جو راڄ گهرايان....“ سڀ سنڌيءَ ۾ هئا. هڪ هڪ کان پڇندو هوس ته ڪو راڳ يا سهرو اوڏڪي زبان ۾ نه آهي ته سڀني اهوئي ٻڌايو ته هو پنهنجين شادين مرادين تي اهي سنڌي ئي راڳ ڳائين. مون گهڻو ئي پروفيسر بنست ۽ مهرچند اوڏ جهڙن کان پڇيو جيڪي ٻهراڙين ۾ به رهيا آهن، ته ڪو اهڙو راڳ، گانو يا ڪو شعر ئي ٻڌائين ته نوٽ ڪري وٺان پر في الحال اڃا حاصل نه ڪري سگهيو آهيان.
    مينديءَ جو ڪم لاهي هر ڪو پنهنجي ڪمري وڃي آرامي ٿيو. شام جو دهليءَ جي الفا پارڪ ۾ شاديءَ جو بندوبست هو جيڪا جاءِ هن هوٽل کان اڌ ڪلوميٽر کن جي پنڌ تي آهي اتي سرگس جي روپ ۾ گهوٽ کي وٺي پهچڻو هو. شام جو اک کلي ته بئنڊ جو آواز ڪن تي پيو. ننڍا هئاسين ته ڳوٺ ۾ ڪنهن جي شادي ٿيندي هئي گهوٽ کي گهوڙي تي ويهاري مڱڻهارن جي توتارين شرنائين تي سرگس (شهر جي گشت) تي نڪرندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن جي شاديءَ تي حيدرآباد کان بئنڊ ايندي هئي. ڏهه ٻارهن ڄڻا هڪ ئي يونيفارم پائي مختلف ميوزيڪل Instrument وڄائيندا هئا. ڇا ته Stereo نموني جا آواز نڪرندا هئا. آهستي آهستي اهي سڀ ڳالهيون ماضيءَ جون شيون ٿي ويون پر اڄ هتي دهليءَ ۾ اهي بئنڊ باجا ٻڌي ڏاڍو مزو اچي ويو. هونءَ منهنجو شاديءَ جي دعوت لاءِ ٿورو دير سان نڪرڻ جو ارادو هو پر هاڻ بئنڊ جو آواز ٻڌي يڪدم تيار ٿي سڀ کان اڳ اچي رسيپشن تي نڪتس. خبر پئي ته آمريڪا کان آيل گورا مهمان مون کا به اڳ پهچي ويا آهن ۽ ٻاهر بئنڊ جا فوٽو پيا ڪڍن. آئون به هوٽل کان ٻاهر اچي بيهي رهيس. سڄي بئنڊ ۾ ويهارو کن ميوزيشن هئا ۽ سازن جي آواز سان ڪنن جا پڙدا ٿي ڦاٽا پر ڏاڍو مزو اچي رهيو هو. بئنڊ جي ڳالهه ئي پنهنجي آهي تڏهن ته گورا به اتي بيٺا هئا ته بيٺا ئي رهيا.
    پيا آيا پيار آيا دهج دهج کر ميرا يار آيا
    آنکهون مين سرور هي باتون مين غرور هي
    چهلکي چهلکي
    بئنڊ وارن هڪڙو گانو پورو ڪري ٻيو ٿي شروع ڪيو.
    تمهين ديکها تو يه جانا صنم
    پيار هوتا هي ديوانه صنم
    اب يهان سي کهان جائين هم
    تيري باهون مين مرجائين هم
    هنن ڪڏهن نئون گانو ٿي ڳايو ته ڪڏهن ڏور ماضيءَ جو.
    تنکا تنکا ذرا ذرا
    هي روشني سي جيسي بهرا_ هر دل مين ارمان هوتي تو هين
    بس کوئي سمجهي ذرا
    سڀ خوشين، ميلاپ پيار محبت جا گانا هئا،. هڪ جهاز تي هڪ اهڙوخلاصي آيو جنهن لاءِ مون سان ڪم ڪندڙ ريفريجريشن انجنيئر محمود ٻڌايو ته سائين هي بئنڊ ماسٽر هوندو هو.
    ”پوءِ اهڙو سٺو ڪم ڇڏيائين ڇو؟“ مون پڇيومانس.
    ”هڪ دفعي گهوٽيتن ڏاڍي مار ڏنس.“ هن ٻڌايو.
    ”ڇو؟“
    ”شاديءَ جي موقعي تي سندس بئنڊ وارن وٺي گانو ڳايو:
    ”دو گز کفن کا ڻکرا تيرا لباس هوگا.“
    جهاز تي جڏهن ڏکيون Calculations بيزار ڪنديون هيون، جهاز جون مشينيون ساٿ ڇڏي ڏينديون هيون، طوفان ۽ سامونڊي ويرون جهاز سان ويڙهاند ڪنديون هيون ۽ اسان الٽيون ڪري ڪري بيحال ٿي ويندا هئاسين ته مٿيون فرج انجنيئر محمود مسخرو ڏاڍي معصوميت سان چوندو هو ته جهاز هلائڻ کان ته بهتر هو ته ڪنهن بئنڊ ۾ ٿالهيون وڄائڻ جو ڪم ڪجي ها. ڪيڏو آسان ۽ دلچسپ آهي. نه ذهني پريشاني ۽ فزيڪل فٽيگ.. ۽ پوءِ ٿالهيون وڄائڻ جي ائڪٽنگ ڪندو هو ته في الحال جهاز ۽ موسم جا پريشر ۽ ٽينشن وساري کلي ڏيندا هئاسين ۽ هاڻ هن بئنڊ ۾ ٻه اهڙا ٿالهين وڄائڻ وارا به نظر اچي رهيا هئا جيڪي پنهنجي پر ۾ سمجهن پيا ته وڏو ڪو ڪارنامو سرانجام پيا ڏيون. سندن هٿن جا ائڪشن ۽ اکين جون ادائون ڏسڻ وٽان هيون. ههڙين بئنڊن ۾ ميوزڪ جي مزي سان گڏ هر هڪ ساز وڄائڻ واري جا ائڪشن ڏسڻ وٽان ٿين ٿا.
    گهوٽ لاءِ ٻن اڇن گهوڙن جي خوبصورت بگي آندي وئي هئي جنهن ۾ گهوٽ جو ماءُ پيءُ ۽ وڏو چاچو ويٺا. سڄي ڄڃ هوٽل کان ٻاهر آئي ۽ سرگس جي روپ ۾ شادي هال ڏي وڌڻ لڳي. هر ڏهه پندرهن وکن بعد دارون (Fire Works) ٻاريو ٿي ويو. جنهن جنهن رستي تان لنگهياسين ٿي اتي جي گهرن ۽ هوٽلن جا ماڻهو بالڪونين ۽ درين مان گهوٽ جو سرگس، بئنڊ ۽ Fire Works ڏسڻ لاءِ نڪتا ٿي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اها شادي هڪ Royal قسم جي لڳي رهي هئي، پاڙي اوڙي جا ماڻهو به فخر محسوس ڪري رهيا هوندا ته هڪ ڇوڪرو جنهن جي آمريڪن Citizenship آهي ۽ هڪ ڇوڪري جنهن کي ڊئنمارڪ جو پاسپورٽ آهي انهن هتي اچي دهليءَ ۾ شادي رچائي آهي.
    هن دعوت ۾ دهلي شهر جا ڪيترائي مختلف قسم جا ماڻهو آيل هئا. بزنس مين، بيورو ڪريٽس، ميڊيا سان تعلق رکندڙوغيره جن مان ڪجهه سان ماني دوران ملندو رهيس. دهليءَ ۾ رهندڙ اوڏن مان به ڪيتريون ئي فئمليون آيون هيون جن مان ڪيترين عورتن کي سنڌي ڀرت جون پوتيون پهريل ڏسي پري کان سڃاڻپ پئي ٿي. مانيءَ بعد ڳائڻ ۽ ريتون رسمون ۽ ڦيرا ٿيندا رهيا جيڪي اڪثر انڊين فلمن ۾ ڏسڻ ۾ ايندا آهن، جتيون لڪائڻ جي رسم ۾ غلطيءَ ۾ گهوٽ جي پيءُ ۽ چاچن جون جتيون لڪائڻ بدران آمريڪا کان آيل مهمانن جون کڄي ويون پوءِ ته گورن جي حالت ڏسڻ وٽان هئي جيسين هنن کي سمجهه ۾ ڳالهه اچي ته اها هتي جي رسم آهي ان جي End Result اهائي آهي ته توهان کي جتيون واپس ملي وينديون پر في الحال هنن سمجهيو ته شايد هنن کي آمريڪا جي ڪولروڊو رياست تائين پيرين پنڌ موٽڻو پوندو.


    ڪارول باغ جي هوٽل ۾

    دهلي پهچڻ سان پهرين اسين نيو دهليءَ جي علائقي ڪارول باغ جي هوٽل سنگهه ڪانٽينٽل ۾ رهياسين جو شادي هال به اتي ويجهو هو جتي آمريڪا کان اسان جي ڪاليجي دوست رامچند جي پٽ راجيش جي شادي ٿي رهي هئي. شاديءَ بعد سنڌ کان آيل اسين چاليهه کن ڄاڃي جن ۾ سواءِ منهنجي ٻيا سڀ نولراءِ اوڏ جا ڀائر ڀيڻون ۽ انهن جو اولاد هئا نيو دهليءَ جي هڪ ٻئي علائقي ” ڪالڪا جي“ ۾ اچي رهياسين ”ڪالڪاجي“ جو علائقو ڪالڪا ديوي ۽ ڪنول (Lotus) جي مندرن کان مشهور آهي. دراصل جتي اسان جي هاڻ رهائش آهي جتان هي لکي رهيو آهيان هڪ ڌرم شالا آهي جيڪا اگروال ڌرم شالا سڏجي ٿي. هتي نول جي هڪ دوست اوڏ رهائش جو بندوبست ڪيو آهي جيڪو 30 سالن کان انڊيا ۾ رهي ٿو. ڌرم شالا ۾ ڪيترائي هوٽل جيان Attach Bath سان ڪمرا آهن ۽ وڏو بورچي خانو پڻ آهي. اڄ صبح جو سوير اٿي واڪ ڪري گيٽ وٽ پهتس ته دودو به ڪو واڪ ڪري آيو هو. اسان ٻئي اتي بيهي چانهه واري کان چانهه وٺي پيئڻ لڳاسين.
    پيٽارو جي تعليم يافته دودي اوڏ تعليم حاصل ڪرڻ جي Struggle بابت ٻڌايو ته هن جو والد چتون مل امير گهر ته ٺهيو پر مڊل ڪلاس جو امير به نه هو. ”سچ ته اهو هو ته هو اسان جي اباڻي اوڏڪي ڌنڌي سان وابسته هو. بابا ويچار ڪيو ته ڇو نه منهنجا ٻار به تعليم حاصل ڪن. ان جي لاءِ Motivation جو مثال نولراءِ جو پيءُ نارائڻ داس صاحب هو. جڏهن هو اوڏ ٿي پڙهي سگهي ٿو ته ڇو نه منهنجا ٻار به! ۽ تعليم حاصل ڪرڻ سان ماڻهوءَ جو مان مرتبو ئي بدلجيو وڃي.“
    دودي وڌيڪ ٻڌايو ته پوءِ ان سوچ کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ منهنجي پيءُ کي ڪجهه ڪرڻو ئي پيو. ”اهم ڳالهه پئسو هو. هن ڏهاڙي جيڪو محنت مزوري مان ڪمايو ٿي ان مان ته اسان جي ڳوٺ جي اسڪول جي جهڙي تهڙي في ۽ ڪتاب به مشڪل سان ٿيا ٿي. وڌيڪ سٺي پڙهائيءَ لاءِ ته ڪوبه پئسو نه ڏيندو. بابا مون کي ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ پڙهائڻ چاهيو ٿي، جتان نارائڻ داس صاحب جا پٽ ارجن داس، نولراءِ، رامچند وغيره توهان سان گڏ پڙهي نڪتا هئا. هن امان کان سڀ ڳهه ڳٺا ورتا ۽ ٻيو ڪجهه سامان جيڪو گهر ۾ هو ۽ وڪامي سگهيو ٿي اهو وڪڻي وٺي ٺيڪيداري شروع ڪئي. پوءِ ان ۾ قدرت فائدو وجهي ڏنو جيتوڻيڪ هڪ ٻه اهڙو جهٽڪو به آيو جنهن ۾ اسان زيرو جي ويجهو وڃي پهتاسين پر هو هر صورت ۾ منهنجي پڙهائي جو بندوبست ڪندو رهيو توڙي سڄي گهر کي ويلا ڪاٽڻا پيا ٿي.“
    ”مون کي تعليم ڏيارڻ ۾ هڪ ٻيو به اهم پهلو هو. اسان اوڏن جون شاديون اوڏن ۾ ئي ٿين ٿيون ۽ اهي به پنهنجن ۾ نه پر ڌارين ۾. ان ڪري ڇوڪرين جي رشتي لاءِ ڪافي پرابلم رهي ٿو ته سٺا ۽ پڙهيل ڇوڪرا ڪٿان آڻجن. جيئن اڄ منهنجي ڌيءَ ڪرن پڙهي ڊاڪٽر ته ٿي وئي آهي پر ظاهر آهي هڪ Suitable ۽ Compatable رشتو ڪيئن ۽ ڪٿي ڳولجي جو اسان اوڏن ۾ ايترا تعليم يافته ۽ نوڪرين وارا نه آهن.“
    ”پروفيسر بسنت يا ادا گلاب راءِ ۽ حشمت راءِ جا جو پٽ آهن.“ مون چيو.
    ”نه، اهي منهنجي ٻارن جا سؤٽ ماسات يا پڦاٽ ماروت ئي ته ٿيا. پروفيسر بسنت جي زال ميران ۽ منهنجي زال شانتا ڀيڻون ٿيون. حشمت ۽ گلاب راءِ وارا ان جا ڀائر ٿيا ۽ سري چند ۽ لڇمڻ جون زالون، جهمي ۽ ريکا منهنجون ڀيڻو ٿيون ۽ اسان پنهنجن ۾ شادي نه ڪندا آهيون. سو اهو ساڳيو مسئلو اسان جي سهري نارائڻ داس کي درپيش هو. هن پنهنجون ڌيئرون اوڏن کي ئي ڏيڻ چاهيون ٿي پر سندس گهر کان سواءِ اوڏن ۾ ڪوبه پڙهيل نه هو. اسين ننڍا هئاسين ته هو هڪ ڏينهن منهنجي پيءُ وٽ آيو. انهن ڏينهن ۾ نارائڻ داس ريزيڊنٽ مئجسٽريٽ هو ۽ اسان جو پيءُ چتون مل هڪ عام اوڏ مزور. هن بابا کي چيو ته تنهنجا ٻار مون کي فضيلت وارا لڳن ٿا، آئون تنهنجن ٻن پٽن دودي ۽ مور کي پنهنجون ڌيئرون ڏيڻ چاهيان ٿو ۽ پنهنجن ٻن پٽن لاءِ تنهنجيون ڌيئرون وٺڻ به چاهيان ٿو.
    ان ڳالهه کان پوءِ ته منهنجي پيءُ کي ويتر هورا کورا ٿي پئي ته ٻارن کي ضرور پڙهائڻ کپي.
    ”توهان پيٽارو ڪڏهن آيائو؟“ مون دودي کان پڇيو.
    ”منهنجو ڪٽ نمبر 7035 هو يعني مون ڪيڊٽ ڪاليج 1970ع ۾ Join ڪيو ۽ 1975ع ۾ نڪتس. اڄڪلهه جو چيف منسٽر ڊاڪٽر ارباب رحيم اسان جو ڪلاس ميٽ هو، سندس ڪٽ نمبر 7199 هو.“
    ”پيٽارو کان پوءِ ڇا پڙهايئو؟“ مون دودي اوڏ کان پڇيو.
    ”ڀائيجان پيٽارو کان پوءِ مون کي ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا ملي وئي پر منهنجي پيءُ وٽ ايڏو پئسو نه هو جو مون کي به پڙهائي ۽ منهنجي ڀائرن کي به جيڪي پڻ هاڻ اسڪولن جي پڙهائي ختم ڪري ڪاليج ليول تائين پهچي چڪا هئا ۽ اسڪولن جون فيون ۽ ڪتابن وغيره تي گهڻو خرچ ٿي آيو. نتيجي ۾ مون ميڊيڪل تان هٿ کڻي ڳوٺ ۾ رهي آرٽس ۾ گريجوئيشن ڪئي، ان بعد نوڪريءَ لاءِ ڏاڍو واجهايم پر نه ملي. جتي وڃان اتان جواب ملي. هڪ ڏينهن ته بيزار ٿي تن ڏينهن جي ملڪ جي حاڪم ۽ والي وارث ضياءُالحق کي به خط لکيم ته ”آخر اسان اقليت وارا وڃون سو وڃون ڪڏانهن.“ ۽ نه فقط خط لکيو پر جنرل ضياء کي پوسٽ به ڪري ڇڏيم. اهو خط هن تائين نه فقط پهچي ويو پر هن پڙهي مون کي جواب به لکيو، جنهن جي ڪاپي مون وٽ اڄ به موجود آهي. هن مون کي پوليس جي IG سان ملڻ لاءِ چيو. ڪجهه ڏينهن سوچڻ بعد، هن سان ملڻ ويس. جنهن انٽريو ورتو ۽ آئون موٽي ڳوٺ اچي پنهنجي پيءُ سان ٺيڪيداري جي ڪمن ۾ ٻانهن ٻيلي ٿيس. پوءِ ڪجهه مهينن بعد مون کي پوليس ۾ ASI جي پوسٽ جي نوڪري جو خط مليو پر ان کان اڳ آئون ڳوٺ جي بئنڪ ۾ ڪلارڪ ٿي چڪو هوس ۽ مون پوليس ۾ وڃڻ بدران ان پهرين مليل نوڪريءَ سان ئي نڀائڻ بهتر سمجهيو. پوءِ ڀائيجان وڌيڪ پڙهندو رهيس ته وقت سان گڏ پروموشن به ملندا رهيا، تان جو وڃي مئنيجر ٿيس.“
    ”بيحد خوشيءَ جي ڳالهه چئبي.“ مون دودي کي داد ڏيندي چيو. ”ها پر مون لاءِ صحيح خوشي تڏهن ٿيندي جڏهن منهنجو اولاد مون کان وڌيڪ تعليم حاصل ڪندو. آئون ته ڊاڪٽر ٿي نه سگهيس پر منهنجا ٻار ته گهٽ ۾ گهٽ MBBS ڪن. مون پنهنجو وقت ۽ پئسو ٻارن جي تعليم ۾ استعمال ڪيو اڄ منهنجي وڏي ڌيءَ ڪرن MBBS ڊگري حاصل ڪرڻ سان گڏ سٺي ڊاڪٽر پڻ آهي. هوءَ ڪراچيءَ جي ضياءُالدين اسپتال ۾ جاب ٿي ڪري. ٻي ڌيءَ پونم سول انجنيئر آهي ۽ باقي ٽن ٻارن، سريندر، سنتوش ۽ ونود پڻ BE ڪئي آهي ۽ انجنيئر آهن.
    ايتري ۾ هتي جي هڪ آٽو رڪشا اچي لنگهي جنهن جو دودو انتظار ڪري رهيو هو جو هن کي پنهنجي ڀيڻوئي ڊاڪٽر لڇمڻ جي آڌرڀاءُ لاءِ ايئرپورٽ وڃڻو. ڊاڪٽر لڇمڻ اوڏ ڪئناڊا جو شهري آهي. هو ڪئناڊا کان سڌو دهلي اچڻ بدران ڪراچي ۾ مائٽن سان ملندو هاڻ دهلي اچي رهيو هو. آٽو رڪشا هندستان جي عام توڙي خاص ماڻهن جي دلپسند سواري آهي جيڪا اسان جي رڪشا کان ڪجهه وڏي آهي ۽ منجهس چار سنها ماڻهو آرام سان وهيو وڃن. آٽو رڪشا واري ٻڌايو ته اڄ آٽو رڪشا وارن جي اسٽرائيڪ آهي، ان ڪري ڪابه نظر نه پئي اچي، آئون به واپس گهر پيو وڃان.
    آٽو رڪشائن جي اسٽرائيڪ جو ٻڌي افسوس ٿيو جو مون به اڄ تاج محل ڏسڻ لاءِ آگري وڃڻ جو پروگرام ڪينسل ڪري هتي دهليءَ ۾ ئي قطب مينار ۽ انڊيا گيٽ ڏسڻ جو سوچيو هو. دودي کي چيم ته يار ڏاڍي ٿي. نڀاڳي مڱڻهار کي گهور مهل ٽورو لڳي... سو هتي انڊيا ۾ هونءَ ته هڙتالون عام نه آهن پر هنن به اڄ آهي ڪئي، هاڻ ٽيڪسي جو ڀاڙو ڀرڻو پئجي ويو يا ٻي بس آهي جنهن ۾ زالون ۽ ڇوڪريون به پيون سفر ڪن اسان ته وري به مرد آهيون.


    ملاڪا شيروات جي ملڪ ۾

    دهلي ۾ بيمار، ڏٻرن، نٺر، سست ۽ ڪجهه خوفناڪ شڪلين جي ڪتن جي هر گهٽيءَ ۾ لوڌ نظر اچي ٿي جيڪي جتي ڪٿي هنگندا وٿن، پڇ اوور فلو ٿيندڙ گٽرن مان ٻوڙي لوڏيندا وتن يا بڇڙي شڪل ٺاهي لنگهندڙن جي موڊ آف ڪندا رهن ٿا. آئون چوندو هوس ته مسلمان ملڪن ۾ اسان جو ئي ملڪ آهي جتي جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڇڙواڳ ۽ نڌڻڪا ڪتا ماڻهن کي ڏاڙيندا ۽ پاسي کان لنگهندڙن جا ڪپڙا پليت ڪندا وتن پر هاڻ سال پويان سال گذرڻ تي اسان وٽ ڪتن جو تعداد گهتايو پيو وڃي. ڪراچيءَ جي ڊفينس سوسائٽي جهڙن علائقن ۾ ته ميلن تائين هڪ به رول ڪتو نظر نه ايندو، پر هاڻ ڳوٺن جا ماڻهو به اهڙن ٽوٽي، بيمار ۽ پاڳل رول ڪتن کي اسان جو دوست نه پر دشمن سمجهن ٿا. پر هتي انڊيا ۾ جنهن گهٽيءَ مان لنگهه ته همراهه ويٺا آهن. خاص ڪري مندرن وٽ جتي ايندر ماڻهو رحم کائي هنن ڪتن کي کاڌو مهيا ڪن ٿا، ۽ ايتري ئي انگ ۾ رول ۽ نڌڻڪيون (پوڙهيون ۽ بيمار ڊڳيون) پڻ آهن. جن جي جوانيءَ ۾ ته مالڪن کين ماتا ماتا ڪري کير ڏڌو، پيتو وڪيو ۽ پئسو ڪمايو ۽ هاڻ جڏهن هو ان تي چٽي آهن ته کين Disown ڪري ڪڍي ڇڏيو آهي ته هي پوڙهيون ۽ بکايل ڍڳيون گند ڪچري ۾ منهنجو وجهي پيون گذر سفر ڪن. ان کان علاوه هي پوڙهيون، ڏٻريون، ٽوٽي ڍڳيون ٽرئفڪ لاءِ به عذاب آهن جو ڪڏهن ڪڏهن هڪ ئي وقت وچ رستي تي ايتريون ته ڍڳيون ٻيهر رهن جو ٽرئفڪ جئم ٿيو وڃي ۽ هاڻ هنن ڳئون ماتائين کي ڏنڊو هڻي به ڪير هڪلي؟ ڪيترين ته اهڙين پوڙهين ڍڳين مان (جيڪي نه ڏهڻ جون نه ڪهڻ جون) جان ڇڏائڻ لاءِ بارڊر جي هن پار. يعني اسان جي ملڪ ڏي ٽپايون وڃن ٿيون. جيڪي اسان جا ڪاسائي گابي جي گوشت ۾ سنڌ جي مارڪيٽن ۾ کپائيندا رهن ٿا ۽ انهن، سڪل ۽ پوڙهين ڍڳين جي گوشت نه سولائيءَ سان ديڳڙي ۾ ڳري ٿو ۽ نه پيٽ ۾ هضم ٿئي ٿو. بهرحال انڊيا جي رستن تي لاوارث هنن ڳئون ماتائن جو تعداد گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ٿيندي رهي ٿي.
    مٿين ٻن ڳالهين کان علاوه دهليءَ جي رستن تي جتي ڪٿي مٽندڙ ماڻهن جو وڏو تعداد نظر اچي ٿو. اسان جي ايشيا ملڪن ۾ ڪٿي آهي Toiletes جو بندوبست ۽ انڊيا جهڙو ملڪ جنهن جي آدمشاري هيڏي ڳتيل آهي، پنهنجا مثانا خالي ڪرڻ لاءِ عوام ڪيڏانهن وڃي. پوءِ جتي ڪٿي آڏ اڳيان بيٺا مٽن، ڪن ڪن سوڙهن رستن تي پيشاب جي ايڏي بدبوءِ آهي جو هڪ نئين ماڻهوءَ کي منجهايو رکي جيسين وڃي نڪ جون ناسون هن اوپري ماحول سان سمجهوتو ڪن. سو اهي مٿيون ٽي Points مڙيئي اڄ جي ماڊرن امير ٿيندڙ ۽ شلپا شيٽي، شسميتاسين، ايشوري راءِ، امرتا ارورا، پريانڪا چوپڙا..... جهڙين حسين فلمي هيروئنن جي ملڪ انڊيا جي حساب ۾ Negative تاثر ڏين ٿيون نه ته هونءَ انڊيا ڪيترين ڳالهين ۾ اسان جهڙن ملڪن کان مٿي ٿيندو وڃي. خاص ڪري Lsw & Order ۾، سستائيءَ ۽ تعليم ۽ ٽيڪنالاجي ۾، مهذب پڻي ۾ ۽ ڪيتريون ڳالهوين اسان کي انڊيا کان سکڻ به کپن جيئن پهرين اسان اهوئي سمجهندا هئاسين ته سونهن جي نشاني ۽ ماڊل فقط اسان جي فلمي انڊسٽري جون بهار، نغمه، انجمن، ماهه پارا.... جهڙيون صحمتند ۽ جاهل عورتون آهن پر هاڻ انڊين چئنل کلڻ بعد ماڻهن کي سونهن جي ڄاڻ پئي آهي ته بپاشا باسو، ڪرينا ڪپور، اميشا پاٽيل، مليڪا شراوت، نيها دوپيا، لارا دتا، جهڙيون فلمي هيروئنون وڌيڪ سهڻيون آهن، جن جي پيٽ ۾ کاڌو گهٽ ۽ دماغ ۾ تعليم زياده آهي.
    اهڙي طرح انڊيا جا بارڊر کلڻ تي جڏهن اسان جي ماڻهن جو هن پاسي اچڻ وڃڻ عام ٿيندو ته پوءِ کين احساس ٿيندو ته قاعدي قانون توڙي امن امان، واپار وڙي تعليم، ميڊيڪل، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ انڊيا اسان کان گهڻو اڳتي نڪتل آهي جنهن کان اسان کي ڪجهه پرائڻ کپي. پوءِ ئي ڌاريان ماڻهو خرچ ڪري اسان جو موهن جو دڙو ڏسڻ ايندا، ڪوٽ ڏيجي ۽ ٺٽو ڏسڻ ايندا ۽ دنيا جي سڀ کان اعليٰ انڊسٽري، ٽوئرزم مان اسين لاڀ حاصل ڪري سگهنداسين.


    انڊيا ۾ مسلمان وڌيڪ سلامتي سان رهن ٿا

    دهليءَ ۾ مسلمان ڪافي رهن ٿا پر هو مختلف علائقن ۾ pockets ۾ رهن ٿا. يعني هنن جون ننڍيون ڪالونيون آهن جي جي وچ ۾ ڪا مسجد پڻ نظر اچي ٿي. هونءَ گهڻائي (ميجارٽي) غير مسلم خاص ڪري هندن جي نظر اچي ٿي جيڪي هونءَ به اڄ جي انڊيا ۾ اڪثريت ۾ آهن بزنس توڙي نوڪري ۾ هندو نالا نمايان نظر اچن ٿا. مسلمانن جا نالا ننڍين ننڍين ۽ پرائيويٽ نوڪرين ۾ نظر اچن ٿا، هنن جو بزنس به ننڍي پيماني تي آهي، فٽ پاٿن تي ٺڪر جون ڪونڊيون يا جانمازون وڪڻندي يا ٽوپين ۽ ڏاڙهين مان لڳندو ته هي مسلمان آهن. جمع جي ڏينهن قطب مينار وٽ مسجد حاجي علي خان نالي مسجد ۾ جمعي نماز تي ڪافي مسلمانن سان ملاقات ٿي. اهڙي طرح دهلي گولف ڪلب جي ويجهو عبدالله شاهه پوري شاهه جي مزار تي جيڪا بدر پور روڊ تي آهي ۽ قطب مينار کان آل انڊيا ميڊيا ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ ويندي رستي تي هڪ مسجد ۽ مدرسي ۾ پڻ مسلمانن سان عليڪ سليڪ ٿي. هن جو سڄو نالو ”الجامعه سليمانيه مدرسه زينت القرآن رحمتيه مسجد رياض الجنت سعديه“ آهي جيڪو اردو ۾ لکيل آهي.
    ڪالڪا جي مندر واري علائقي ۾ جتي آئون رهان ٿو اتي ماءُ آنند مائي مارگ (روڊ) تي گووندا پوري واري علائقي ۾ جامع مسجد آهي جنهن مان لائوڊ اسپيڪر تي آيل ٻانگ پهرين ڏينهن ئي ٻڌم ۽ پوءِ شام جو سانجهي نماز تي ويس. هيءَ هڪ تمام وڏي مسجد ۽ مدرسو آهي جنهن ۾ پاسي واري ڪالوني ۾ رهندڙ مسلمان ۽ ٻيا آس پاس جا نماز پڙهڻ لاءِ اچن ٿا ۽ هتي ننڍا ٻار قرآن جو ناظره ۽ حفظ پڻ ڪن ٿا. مسجد جي معلم استاد محمد روحيل جيڪو ٻارن کي قرآن پڙهائي ٿو تنهن ٻڌايو ته هيءَ مسجد ٽيهارو کن سال پراڻي آهي ۽ هتي هن شهر دهليءَ جا توڙي اوس پاس جي رياستن جا به ٻار اچن ٿا. خاص ڪري بهار صوبي جا.
    ”ڇو ڀلا؟ اتي بهار ۾ ڪنهن مسجد مدرسي ۾ قرآن پڙهائڻ جو بندوبست نه آهي ڇا؟“ مون پڇيو.
    ”آهي پر اتي غربت وڌيڪ آهي هتي سندن رهائش ۽ کاڌي پيتي جو بندوبست سولائيءَ سان ٿيو وڃي.“
    مسجد جو مٿين ماڙ جي اڏاوت جو ڪم ڪافي عرصي کان هلي رهيو آهي ۽ هاڻ مڪمل ٿيڻ جي ويجهو نظر اچي ٿو.
    ”هن مسجد جي Maintnance ۽ مدرسي جي ٻارن جو خرچ پکو ڪير ڏئي؟“
    مون مولوي محمد روحيل کان پڇيو.
    ”اسان هر جمعي نماز تي نمازين کا مسجد لاءِ الڳ ۽ مدرسي لاءِ الڳ چندو جمع ڪندا آهيون، ڪڏهن ڪڏهن ٻاهرن ملڪن، خاص ڪري عرب ملڪن کان آيل ٽوئرسٽ به مدد ڪن ٿا.“
    مسجد سان لڳولڳ گهڻو پري پري تائين ڪچا پڪا، سادا ۽ ڪجهه بهتر گهر ۽ فليٽ هئا. مولوي صاحب ٻڌايو ته هيءَ سڄي مسلمانن جي ڪالون آهي.
    اسان ته جيئن ئي هوش سنڀاليو ته انڊيا جي ورهاڱي ۾ ٿيندڙ خونريزين جون ڳالهيون ٻڌيونسين جن ۾ اهوئي هاءِ لائيٽ ڪيو ويو ته هندن مسلمانن سان ڇا ڇا نه ظلم ڪيا. اسان جا مسلمان جان ۽ مال جون قربانيون ڏئي نئين ملڪ پاڪستان ۾ آيا جيڪو اسلام جي نالي تي ٺهيو جتي مسلمان سڪون سان رهي مسجدن ۾ نمازون پڙهي سگهن ٿا. هندستان ۾ ته هڪ مسلمان کي آزاديءَ سان پنهنجي مذهب جي پريڪٽس ڪرڻ ۾ به دقت هئي، اڄ به اخبارن ريڊين ۽ ٽي وي چئنلن ذريعي يعني اسان جي پياري پاڪستان جي ميڊيا ذريعي (خاص ڪري جنهن تي سرڪار سڳوريءَ جو هٿ آهي) اهوئي ٻڌندا رهون ٿا ته هندو وڏي ظالم قوم آهي هو ڪشمير ۽ هندستان ۾ رهندڙ مسلمانن سان ڇا ڇا ته ظلم ڪندا رهن ٿا وغيره وغيره.
    ظاهر آهي صبح شام ان قسم جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ وارو ته اهوئي سمجهندو ته اسان مسلمانن لاءِ خاص ڪري پاڪستانين لاءِ انڊيا جا هندو ڪات ڪهاڙا کڻيو ويٺا آهن ۽ اتي رهندڙ اسان جا مسلمان ڀائر ته وڏي ظلم ۾ آهن. هنن پاڪستان ۾ نه اچي ۽ انڊيا ۾ رهي هڪ عظيم غلطي ڪئي. سو ظاهر آهي ان قسم جي معلومات منهنجي ذهن ۾ به جيڪو نقشو ٺاهيو هو ان موجب مون هتي دهلي ۾ رهندڙ هن مولوي صاحب کان پڇيو ته هندن جي چوڌاري رهندي توهان کي ڊپ نٿو لڳي. اڪثر هندن جا توهان مسلمانن خلاف هنگاما ته ضرور ٿيندا هوندا؟
    مولوي صاحب ڪا گهڙي مون کي ائين حيرت مان ڏٺو جيئن آني مان تازي نڪرندڙ ڪڇون يا واڳونءَ جي ٻچي کي ڏسبو آهي ۽ پوءِ جواب بدران ويتر سوال ڪيائين:
    ”ڇو ڀلا؟ ڊپ ڇو لڳندو؟ هتي ته اڄ ڏينهن تائين ڪو اسان مسلمانن خلاف هنگامو نه ڏٺوسين. هندو توڙي اسين پنهنجا خوشيءَ جا ڏينهن ۽ تهوار سڪون سان گذاريو ٿا ۽ سڪون سان رهون ٿا. هينئر به عيدون ٿيون ۽ هاڻ عاشورو ٿيندي هفتو ٻه ٿيو آهي. اسين سڀ هن ملڪ جا شهري آهيون ڪنهن کي به هتي جو قانون اجازت نٿو ڏئي ته ٻئي جي جان يا مال کي نقصان پهچايو.“
    آئون چپ ٿي ويس منهنجي ذهن ۾ اڳهين کان هڪ سوالن جي جيڪا لسٽ هئي سا هن پهرين جواب بعد Negate ۽ Null ٿي وئي پر تنهن هوندي به چئي ويٺس:
    ”توهان جي دل انڊيا ڇڏي پاڪستان اچڻ تي نٿي چوي جيڪو اسلام جي نالي تي ٺهيو آهي.“
    مولوي صاحب هڪ دفعو وري مون کي گهورڻ لڳو ۽ هو پڪ آني مان واڳونءَ جو تازو نڪتل ٻچو نه ته شتر مرغ جي تازي ڦٽل ٻچي کي ڏسڻ واري تعجب جي ليول تي مون کي تعجب مان نهارڻ لڳو ۽ پوءِ وري سواليه جواب ڪيو:
    ”هتي جو وهندڙ مسلمان ڇو پاڪستان اچڻ چاهيندو؟ سڪون لاءِ! حيرت آهي توهان ڪهڙي سڪون جي ڳالهه پيا ڪيو. توهان پاڪستاني هندن عيسائين کي ته پيا اغوا ڪريو ۽ اسلام جي نالي تي ڦاهين تي چاڙهيو پر پنهنجا مسلمان پاڻ ۾ به نٿا ٺهو. شيعا سني ته هڪ ٻئي کي مارين پر سني به ڏهه فرقا ٺاهيو هڪ ٻئي کي پيا ڪهن. ٻاهر ته ٺهيو پر مسجدن ۾به نمازي پنهنجو پاڻ کي سلامت نٿا سمجهن. مرد ته ٺهيو پر زالون ۽ ٻار پيون ڍڳن ڍورن وانگر اغوا ٿين ۽ ڀنگ تي وڪامن.“
    آئون چپ ٿي ويس پر تپندڙ باهه تي ڇنڍو هڻڻ لاءِ هڪ سوال مون وٽ ضرور هو جيڪو روزگار جو هو. انڊيا ۾ مسلمانن بک پيا مرن، هندن جي حڪومت هنن کي نوڪريون نٿي ڏئي. پاڪستان خوشحال ملڪ آهي. اڄ به هندستان جا مسلمان نوڪرين ۽ پئسو ڪمائڻ لاءِ پاڪستان لڪيو لڪيو پيا اچن... پنهنجي ملڪ جي اخبارن ۽ ماڻهن کان ٻڌل ڳالهين جو اظهار مون مولوي صاحب سان ڪيو جنهن کي هن رد ڪندي چيو:
    ”نه اها ڳالهه ناهي. ڏسو نه نوڪريون ملڻ ۽ نه ملڻ جو مدار تعيلم ۽ تجربي يا هنر جي ڄاڻ سان آهي. اسان مسلمان هونءَ به ماضيءَ جي خوبصورت ڪارنامن ۾ مدهوش رهون ٿا. محنت ۽ پورهيو اسان کي گهٽ ٿو پڄي، پوءِ ظاهر آهي نوڪريون به ان حساب سان ملنديون. پر ان هوندي به اسان کي هتي ڪا نه ڪا نوڪري يا ڪرت مليو وڃي جو انڊيا جي ايڪانامي تيز رفتا سان مٿاهين ٿي رهي آهي. ولايتن ۾ رهندڙ انڊين توڙي غير ملڪي هتي پئسو لڳائي رهيا آهن. توهان کي تعجب لڳندو ته ويندي توهان جي ملڪ جا ڪيترائي بوري، ميمڻ، اسماعيلي ۽ هندو، گجراتي ۽ پنجابي هتي انڊيا ۾ Invest ڪري رهيا آهن جو هتي قانون ۽ قاعدي جي سختي آهي، سيفٽي ۽ سيڪورٽي آهي. ان کان علاوه اسان جي ملڪ انڊيا کي دنيا ۾ پاڪستان کان وڌيڪ عزت سان ڏٺو وڃي ٿو. هڪ پاڪستاني جي حيثيت سان سنگاپور ملائيشيا توڙي يورپ آمريڪا ۾ گهمڻ لاءِ وڃڻ به آسان ناهي. پر هڪ انڊين پاسپورٽ رکندڙ کي دنيا جي هر ملڪ ۾ نوڪري مليو وڃي، چاهي هو هندو هجي يا مسلمان. دنيا کي خبر آهي ته انڊيا ۾ تعليم جو معيار بلند آهي. انڊيا جو رهاڪو هنگامو نٿو ڪري، انڊيا جو ماڻهو دل وجان سان نوڪري ڪري ٿو. اهوئي سبب آهي جو توهان جي ملڪ جا بزنس مين جن جون فيڪٽريون توڙي جهاز ولايت ۾ آهن پنهنجن پاڪستانين کي رکڻ بدران انڊيا جي ماڻهن کي رکن ٿا. اڄڪلهه جي دور ۾ انڊيا جو پاسپورٽ هجڻ هڪ سگهاري ڳالهه آهي ۽ پاڪستان جي پاسپورٽ هجڻ بدنامي ۽خواريءَ جي علامت ٿي پيو آهي. سو انڊيا جو هڪ مسلمان ڪيئن پنهنجو وطن ۽ پاسپورٽ ڇڏي پاڪستان ايندو. هتي جي امن جو توهان ان مان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته هن مسجد کي چار گيٽ آهن. جڏهن کان هي ٺهي آهي اڄ ڏينهن تائين ان جو هڪ در به بند نه ڪيو ويو آهي. ڏينهن رات کلي پئي آهي جيتوڻيڪ چوڌاري هندن جون آباديون آهن.
    هڪ دفعو ان ساڳي مسجد ۾ سومهڻي نماز تي محمد عارف نالي هڪ نمازيءَ سان ملاقات ٿي. مون کانئس پئسا مٽائڻ جي جاءِ پڇي جتان آئون سٺي سگهه تي ڊالر مٽائي سگهان.
    ”بهتر آهي ان لاءِ پراڻي دهلي هليا وڃو. جامع مسجد جي گيٽ نمبر ون وٽ ماٽيا محل آهي اتي ڪيترائي ”مني چينجر“ ملندا جيڪي سٺي اگهه تي پئسا مٽي ڏين ٿا.“
    عارف ٻڌايو ته هو ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي ۽ انٽرنيٽ جو گريجوئيٽ ۽ ڄاڻو آهي. ڪجهه وقت هڪ فرم ۾ ڪم ڪرڻ بعد هاڻ هن Peach Techniologies Pvt LTd نالي پنهنجي ڪمپني کولي آهي جيڪا نيو دهلي جي لڪشمي نگر جي جواهر پارڪ ۾ آهي.
    نماز بعد عارف مون کان پڇيو ته جي هلڻ چاهيان ته هو مون کي جامع مسجد ڏي وٺي هلي جو هو هن وقت پراڻي دهلي وڃي رهيو آهي.
    ”هن وقت؟“ مون تعجب مان پڇيو، ”هن وقت ته رات جا نو ٿي رهيا آهن.“
    ”ته گهمڻ ڦرڻ جو مزو ئي ته رات جو آهي، هتي جا ڪيترائي وڏا ۽ اهم ماڻهو ته رات جو ٻارهين کان پوءِ نڪرن ٿا.“
    دل ۾ سوچيو ته هي چوي ته سچ ٿو، اسان وٽ به ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڪنهن زماني ۾ رات جو ٻي بجي تائين هوٽلون دڪان کليا پيا هوندا هئا ۽ اسان رات جو دير دير تائين پيا گهمندا هئاسين نه هو ڊپ ڊاءُ نه چوري چڪاري. هاڻ اسان وٽ اهي سڪون وارا ڏينهن موهن جي دڙي وانگر فقط ماضيءَ جون ڳالهيون ۽ سدا بهار يادون بڻجي ويون آهن. هتي انڊيا ۾ ان سڪون ۽ امن امان ڪري فارينر به ايندا رهن ٿا ۽ رات جو دير تائين ڇوڪريون اسڪرٽن ۽ ولوله انگيز ٽائيٽ جينز ۾ پيون هلن پر مجال آهي جو ڪو انهن جو نالو وٺي. رستن تي ڪو پوليس وارو يا فوجي نظر نٿو اچي، ته به ماڻهو ڊپ ۾ آهن ۽ قانون جو احترام ڪن ٿا ڇو جو هنن کي خبر آهي ته ڏوهه ڪرڻ بعد هنن کي ڇوٽڪارو ملڻ آسان ناهي چاهي کڻي هو فلم ائڪٽر سلمان خان هجي يا سنجي دت يا ڪو ٻائو ٻانڀڻ.
    هڪ ڏينهن مون سان گڏ دهلي جي خان بازار جو سير ڪندي گهوٽڪي جي مهرچند هتي جي امن امان جي مٿاهين ليول جو ڌيان ان مان ڇڪايو ته سون جي دڪانن ٻاهران بيٺل هنن جا سيڪورٽي گارڊ به فقط يونيفارم ۾ آهن بنا ڪنهن پستول، بندوق يا ٻئي هٿيار جي. بلڪل هٿين خالي ۽ اڄ اسان کي هتي پندرهون ڏينهن ٿي ويو آهي دهلي جيڪا ڪراچيءَ کان ٻيڻي آهي، جي ڪنهن بازار مارڪيٽ دڪان ۾ ڦر جو واقعو نه پڙهيو اٿئون جيڪا ڳالهه اسان جي ملڪ ۾ عام آهي. دڪاندار ۽ عوام ڏينهن ڏٺي جو به سلامت نه آهي. منهنجو ڪو مطلب اهو نه آهي ته انڊيا جا شهر دهلي، ڪلڪتو يا بمبئي، لکنؤ ڪي سعودي عرب جو مڪو مدينو آهن. هتي به چوريون چڪاريون، ڌاڙا ۽ اغوا جا ڪيس ٿيندا رهن ٿا، پر انهن جو تعداد ڏينهون ڏينهن گهٽبو رهي ٿو ۽ مجرم کي ڏوهه ڪرڻ بعد Tough Time ڏسڻو پوي ٿو. هتي جي ڌاڙيل يا Kidnapper وٽ ڪا پوليس يا تر جو وڏيرو شاباس ڏيڻ ۽ چوري جي مال جو حصو وٺڻ لاءِ نٿو پهچي.


    سرڪاري ٺيڪدارن لاءِ سستا مزور

    دهلي ۾، جتي هاڻ اسان جو ٺام ٺڪاڻو آهي، ان علائقي جو نالو ڪالڪاجي آهي. جيڪو ڪالڪا ديويءَ جي مندر کان مشهور آهي. سڀ کان ويجهو مارڪيٽ، فرلانگ ڏيڍ کن پري ”بالا اسٽيٽ“ مارڪيٽ سڏجي ٿو. جتي جي پي سي او (پرائيوٽ ڪال آفيس) تان پاڪستان يا ٻين ملڪن ڏي فون ڪرڻ ويندو آهيان يا ٻي ڪا هلڪي ڦلڪي شيءِ وٺڻ لاءِ هن مارڪيٽ جا دڪان صحيح آهن. ڪنڊ تي هڪ پارڪ وٽ ڪٻاڙيءَ جو دڪان پڻ آهي. جنهن کان پراڻيون اخبارون، انڊيا ٽڊي، فيمين ۽ ٻيا رسالا اٺين روپئي ڪلو جي حساب سان وٺي فرصت ۾ پاڻ به پڙهان ٿو ته ٻين تي به ”اڇا ٻاجهه“ ڪريان ٿو. هي لفظ ”اڇا ٻاجهه“ گهوٽڪي جي اوڏ مهرچند کان ٻڌو اٿم معنيٰ ٽڪي پئسي جي مهرباني ڪرڻ. مارڪيٽ جي ڪنڊ تي هتي به هڪ ڌوٻي ۽ سندس زال فٽ پاٿ تي، ٽيبل رکي اڱرن واري استري سان، ڪپڙا استري ڪندا رهن ٿا. دهليءَ جي علائقي ڪارول باغ ۾، جتي جي هڪ هوٽل ۾ پهريان ٽي چار ڏينهن رهياسين، اتي پڻ ڀر واري گهٽيءَ ۾ فٽ پاٿ تي هڪ همراهه صبح جي پهر استري ڪندو رهي ٿي. لڳي ٿو دهليءَ ۾ هي ڪم عام آهي. جيڪا اسان جهڙن ٽوئرسٽن ۽ مڪاني ماڻهن لاءِ وڏي سک جي ڳالهه آهي. پاڻ سان استري کڻڻ کان بچيو وڃون. مڪاني ماڻهن لاءِ پڻ، جن جي لائيٽ جي بچت ٿيو وڃي. گهر ۾ استري ڪرڻ سان، محنت هڪ طرف ۽ اليڪٽرڪ جو بل ٻئي طرف ٿئي ٿو. ان کان هي بهتر طريقو آهي جو ٿورن پئسن ۾ سٺي استري ٿيو وڃي. وڏي ۽ ڳري، ٽانڊن واري استري استعمال ڪن ٿا، جيڪا ڪاٽن جي کردري پتلون جا به گهنج لاهيو ڇڏي. ساڳئي وقت، استري ڪرڻ وارن پورهيتن کي، نه دڪان جي مسواڙ ڏيڻي ٿي پوي نه دڪان ۾ هلندڙ پکي ۽ لائيٽ جو بل. گهٽيءَ ۾ صبح جي پهر، ٿڌي هير پئي لڳي ۽ هي ڏهين بجي تائين ڍير ڪپڙن جا استري ڪري، هڪ مستري ۽ مزور کان وڌيڪ ڪمايو وٺن. جنهن جي هتي انڊيا ۾ ڏهاڙي سؤ کان سٺ روپين تائين آهي. بس رڳو هڪ سادن سودن تختن جو ٽيبل ۽ هڪ عدد استري هٿ ڪن. ڌوئڻ لاءِ ڪپڙا به آئون کين ڏيندو آهيان ۽ پنج روپين ۾ وڳو ڌوئي ۽ استري ڪري ٻئي ڏينهن ڏين. اسان وٽ پنجن روپين ۾ استري به نٿا ڪن. يعني ڪراچي جهڙي شهر ۾. ٿي سگهي ٿو ڳوٺن ۾ گهٽ اگهه وٺندا هجن، پر اسان هتي ڀيٽ به نئين دهليءَ شهر جي پيا ڪريون، جيڪو اسلام آباد وانگر نه فقط گاديءَ جو هنڌ آهي پر ڪراچيءَ وانگر ڪمرشل شهر پڻ آهي.
    بالاجي نالي هڪ ننڍڙي مارڪيٽ کان علاوه اڌ ڪلوميٽر کن اڳتي رائونڊ ابائوٽ وٽ گوبند پوري نالي هڪ وڏي بازار آهي، جنهن ۾ ڪيترائي مٺائي، سيڌي ۽ جنرل اسٽورن کان علاوه اليڪٽرانڪ، واچن، عينڪن، بوٽن جا دڪان آهن. سواءِ ڪنهن ايڪڙ ٻيڪڙ جي باقي عام کاڌي پيتي جون شيون توڙي واچون، بوٽ هر شيءِ پاڪستان جي مقابلي ۾ مهانگيون آهن. ويندي چانهه جي پتي، کير، نمڪو واري مڱن جي دال وغيره جيڪي شيون وٺي چڪو آهيان. هوائي چمپل Sale ۾ به 60 روپين ۾ ملي. جيڪي اسان جا 85 کن روپيه ٿيا. اڄڪلهه پاڪستاني هڪ سؤ روپيه انڊيا جي ستر روپين برابر آهن. اسان وٽ اهو چمپل وڌ ۾ وڌ 55 روپيه آهي ۽ ڪراچي جي آچر بازارن ۾ يورپ ۽ جاپان پاسي جا چمپل ۽ بوٽ هتي جي چمپلن ۽ بوٽن کان سستا ٿا ملن. جيڪي بنا ڪنهن شڪ جي سهڻا ۽ مضبوط آهن ۽ دوائن جو اگهه ته هيڪاندو گهڻو آهي. اسان جي دوائن کان ڏهه ويهه روپيه مٿي نه پر ٻيڻ ٽيڻ اگهه آهي. اها ڳالهه مون کي نه فقط سمجهه ۾ نه آئي پر حيرت پڻ ٿي. هونءَ ته انڊيا ۾ اسان جي ملڪ وانگر دوائون سستيون هجڻ کپن. ٿي سگهي ٿو، هتي جون دوائون ولايت ۾ ٺهندڙ دوائن وانگر اعليٰ معيار جون هجن. جيئن ولايت ۾ ٺهندڙ لڪس صابڻ يا ڪوڪا ڪولا جهڙيون شيون اسان جي ملڪ جي انهن برانڊ شين کان سٺيون آهن. ولايت ۾ ڪڏهن به ڪوڪا ڪولا جي بوتلن مان مکيون نه نڪتيون. ڪراچيءَ جي سائيٽ علائقي ۾ اهڙن مشروبات جي فيڪٽرين ۾، جتي ماريپور، مڇر ڪالوني، لياري ۽ چاڪيواڙي جي مجبور غريب ماڻهن کان گهٽ پگهار تي ڪم ڪرايو وڃي ٿو، اتي اهڙائي ڪارناما ٿي سگهن ٿا. جتي جي Unhygenic حالتن ۽ گندي پاڻيءَ ۾ پراڻين بوتلن کي ڌوئڻ سان، اهي ويتر هاڃيڪار ثابت ٿين ٿيون. تڏهن ته هڪڙي گائيڊ بڪ ۾ لکيل هو؛ پاڪستان ۾ پاڻي ايترو ته گندو آهي جو ڪڏهن به پيئڻ نه کپي. ننڊ مان اٿڻ مهل، گررڙي ڪرڻ پوي ته اها به نل جي پاڻيءَ مان ڪرڻ بدران بيئر يا وسڪيءَ سان ڪري ڇڏجي.
    بهرحال پاڪستان ۾ دوائن جو سستو هجڻ جو راز اهو هجي جو ان ۾ اهي ضروري ۽ طاقت وارا جزا، جيڪي مريضن جي بيماري دور ڪرڻ جي قوت رکن ٿا، گهٽ استعمال ڪري اگهه گهٽ ڪيو ويو هجي. اهي سستيون ضرور ملن ٿيون پر مريض کي شفا ڏيڻ ۾ ڪارآمد نٿيون ثابت ٿين. هتي انڊيا، ميڊيڪل سائنس ۾ ۽ قانون قاعدي ۾، يورپ وانگر مٿڀرو هجڻ ڪري، دوائن جي ٺهڻ تي ڪڙي نظر رکي ٿو. جيئن صحيح معيار جون ٺهن. صحيح معيار جون تيار ڪرڻ ۾ ظاهر آهي خرچ گهڻو اچي ٿو.
    دهليءَ ۾ پنهنجي رهائش کان ڀر واري مارڪيٽ، بالاجي مارڪيٽ، ويندي رستي تي UDGAM نالي ننڍن ٻارن جو اسڪول هڪ طرف اچي ٿو ته ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جو مڊل اسڪول ٻئي طرف اچي ٿو. جنهن جي ڀتين تي AIDS بيماري جي روڪٿام جا چتا لکيل آهن:
    Give Awareness not Aids.
    اسڪولن کان اڳ روڊ جي هڪ پاسي وارو فٽ پاٿ ننڍين ننڍين جهوپڙين سان ڀريل آهي، جنهن ۾ دهلي ڊيولپمينٽ اٿارٽي طرفان ٺهندڙ رستن ۽ عمارتن تي ڪم ڪندڙ مزور رهن ٿا. شام جي وقت اهي مزور عورتون رستي جي ڪناري تي اٽو پيون ڳوهينديون آهن يا هر هڪ جهوپڙيءَ ۾ رهندڙ ڌڻ ٻارن کي هنگائينديون مٽائينديون پيون آهن يا پاڻ به اڌ اگهاڙيون ٿيو پاڻيءَ سان ڀريل اڌ ڊٻي مان وهنجندي نظر اينديون آهن. سندن هٿ ۾ صابڻ بدران ٺڪر يا پٿر ڀور هوندو آهي جنهن سان پنهنجي جسم تي لڳل گر، سيمنٽ يا ڏامر پيون کرڙي لاهينديون آهن. سندن مرد پتي راند ويٺا ڪندا آهن يا قميص جي آڳر مان هٿ وجهي ڪڇون پيا کنهندا آهن. سڀ هيسيل ۽ ڏٻرا نظر ايندا آهن ۽ ڏسڻ سان محسوس ٿيندو آهي ته هو عجيب غربت جي زندگي گذارين ٿا ۽ هو ههڙي گرمي يا مينهوڳيءَ ۽ مڇرن ۾ ٽي فوٽ کن مٿاهين ڪکن، پنن، پلاسٽڪ ۽ گتي مان ٺهيل جهوپڙيءَ ۾ ڪيئن رهن ٿا جتي چوڌاري گندگي ۽ بدبوءِ آهي. هي سڀ جوان آهن، ظاهر آهي ٺيڪيدار ڳولي ڳولي جوان پورهيت رکي ٿو جيئن مقرر ڏهاڙيءَ مان کان گهڻو Output وٺي سگهجي.
    هڪ ڏينهن اتان لنگهندي هڪ جهوپڙي وٽ بيهي رهيس. زال اٽو ڳوهي مٽيءَ جي چلهه تي اڻڀي ماني پچائي رهي هئي، مڙس ڦاٽل پجامي ۽ گنجيءَ ۾ مانيءَ جو انتظار ڪري رهيو هو.
    ”توهان ڪٿي ٿا ڪم ڪريو.؟“ مون کانئن پڇيو.
    ”هتي رستن تي يا سرڪاري عمارتن تي، جتي ٺيڪيدار لڳائي.“
    ”ڪهڙو ڪم ڪريو؟.“
    آئون مستري آهيان ۽ منهنجي زال مزور آهي.“
    ”ڪٿي جا آهيو؟.“
    ”اسين جهانسي جا آهيون. هتي رهندڙن مان ٻيا به ڪجهه اسان وانگر جهانسي جا آهن ته ڪي ٻين شهر جا.“
    ”هتي رهندي ڪيترو وقت ٿي ويو اٿو؟“
    ”ٻن سالن کان مٿي ٿي ويو آهي.“
    ”پگهار ڪيترو مِليُوَ؟“
    ”آئون مستري آهيان ان ڪري ڏهاڙي سؤ روپيا اٿم ۽ منهنجي زال جا سٺ روپيه آهن.“ مرد ٻڌايو.
    ”تنهنجي معنيٰ مهيني ۾ ٽي هزار روپيا توکي ٿا ملن ۽ 1800 سڀ روپيا تنهنجي زال کي.“ مون چيو.
    ”نه ڪٿي ٿا ايترا ملن، مهيني ۾ چار پنج آچر اچيو وڃن، ٻه چار ڏينهن بيمار ٿيو پئو....“ زال ٻڌايو.
    ”دهلي جهڙي مهانگي شهر ۾ اهو ته تمام گهٽ آهي.“ مون چيو.
    ”بس تڏهن ته پورت نٿي ٿئي، روزانو اها رکي ۽ اڻڀي ماني ٿا کائون، ٺيڪيدار فقط اٽو وٺي ڏيندو آهي جنهن جا پئسا پهرين تاريخ پگهار مان ڪٽي ٿو. اسان وٽ ته ڀاڄي وٺڻ لاءِ به پئسو نه آهي. ڪجهه ڀاڄي وٺي ڏي ته مانيءَ سان کائون.“
    ”سڀاڻي آئون پنهنجي گهران توهان لاءِ کڻي ايندس.“
    ”سڀاڻي اسان هتي نه هونداسين. ڪم تي وينداسين.“
    ”شام جو ته ايندؤ نه؟“
    ”ها شام جو هونداسين.“
    ”آئون به شام جو ئي اچي سگهندس، ڀلا پگهار جا باقي بچيل پئسن جو ڇا وٺو؟“
    ”اهي ائين چٽ ٿيو وڃن.“ زال چيو
    ”ماءُ پيءُ کي موڪليو؟“ مون پڇيو.
    ”نه ماءُ پيءُ جيئرا نه آهن، هو چار پنج سال اڳ گجرات ۾ آيل زلزلي ۾ مري ويا.“ مرد ٻڌايو.
    ”پوءِ باقي پئسا ڪڏانهن ڪريو؟“
    ”هي دارون پيئڻ ۾ چٽ ڪري ٿو.“ زال مڙس ڏي اشارو ڪري چيو.
    ”ٻيو ڀلا ڇا ڪريون، غريب ماڻهو آهيون ننڍي هوندي کان نشي جي عادت آهي. ان نشي خاطر ئي ته پورهيو ٿا ڪريون.“
    ”ڀلا هن جهوپڙيءَ ۾ گرمي يا مڇر تنگ نٿا ڪن؟“
    ”سڄو ڏينهن پورهيو ڪرڻ ۽ بوتل چڙهائڻ کان پوءِ هوش ڪٿي ٿو رهي.“ مرد ٻڌايو.
    هڪ ٻي جهوپڙي ۾ رهندڙ مرد سان خبرچار دوران جيڪو نشي ۾ ٽن ٿي لڳو جڏهن پڇيم ته توهان پاڻ کان وڌيڪ زالن کان سخت پورهيو ڇوٿا وٺو ته هن Frankl ٻڌايو ته هنن کان پورهيو نه ڪرايون ته کين ننڊ ڪيئن ايندي. اسان ته دارون پي سمهيو رهون. هي Scx لاءِ ٻين وٽ ڀڄي وڃن، ٿڪل هجڻ جي صورت ۾ هو اسان کان اڳ سمهيو رهن.
    هڪ ٻئي کان پڇيم ته توهان ٻارن کي ڇو نٿا پڙهايو؟.
    ”اسان کي ڪمائي ۽ پورهئي ۾ هنن جي مدد جي ضرورت آهي، پڙهائي ماڻهوءَ کي ناڪاره ڪريو ڇڏي، هونءَ به اسان ۾ تعليم ناهي.“
    ”توهان ڪير آهيو؟“ مون پڇيو.
    ”اسان چوڙا آهيون.“ هن ٻڌايو ۽ منهنجي پڇڻ تي مون کي سمجهائڻ لڳو ته انڊيا جي ذات پات جي چڪر ۾ هنن جو هيٺاهون درجو آهي جن جو ڪم مزوري ۽ مٿاهين درجي جي ماڻهن جي خدمت ڪرڻ آهي.
    اها عجيب ڳالهه آهي ته انڊيا جهڙي جمهوري، طاقتور ملڪ، تعليم ۽ ٽيڪنالاجي ۾ يورپ جي ملڪن سان مقابلو ڪرڻ واري ديس ۾ اندروني طرح ذات پات جو ايڏو چڪر اڃا تائين جاري آهي جتي ڪجهه انسان جانور کان به بدتر زندگي گذارين ٿا جتي Sex ٻارن جي لوڌ پيدا ڪرڻ خاطر آهي جيئن اهي وڏا ٿي سرڪاري ٺيڪيدار لاءِ Cheap work force ثابت ٿين.


    هردوار _ هندن جو حج

    ٻين جاين تي هلڻ سان گڏ سڀني جو ارادو هردوار هلڻ جو به هو ۽ هاڻ اسان جي دوست نولراءِ اوڏ جنهن جي پٽ مڪيش جي شاديءَ لاءِ هو پنهنجن ڀائرن ڀينرن ۽ انهن جي اولاد کي هتي انڊيا وٺي آيو هو تنهن بس جو بندوبست ڪيو جيئن ان ۾ هتان گڏ روانا ٿيون ۽ گڏ موٽون، نول بورچيءَ کي صبح جو چئين بجي اٿي نيرن تيار ڪرڻ لاءِ چيو جيئن اسان صبح ساڻ نيرن ڪري بس ۾ چڙهي ڇهين بجي ڌاري هتان دهليءَ مان نڪري پئون.
    ”جنهن کي وڻي اهو نيرن کائي هلي ۽ جيڪو پوءِ کائڻ چاهي ان کي بورچي پيڪ ڪري ڏيندو.“ نول رات جو سمهڻ کان اڳ پنهنجي آرگنائيز ۽ ڊسيپلينڊ طبيعت مطابق اسان کي هر هر انسٽرڪشن ڏيندو رهيو. ”مهرباني ڪري وقت اندر تيار ٿي وڃجو جيئن وقت تي نڪرون ۽ سج لٿي کان اڳ دهليءَ واپس اچي وڃون جو سج لٿي کان پوءِ دهلي ميونسپل وارا ڊرائيور کان پنج هزار ڏنڊ وٺندا جيڪي ظاهر آهي هو مون کان وٺندو ۽ ٻارهن هزار مقرر ڀاڙو ته هونءَ ئي ڏيڻو آهي.“
    نول بورچيءَ کي رات جي ماني پڻ سوير تيار ڪرڻ لاءِ چيو جيئن پنجين بجي ڌاري موٽون ته ماني تيار هجي. ”ادا رستي تي ماني کائڻ بدران هتي موٽي اچي کائينداسين اجايو هوٽل جو خرچ ڇو ڪريان.“ هن مون کي ٻڌايو جيڪا هن جي ڳالهه صحيح هئي جوهتي وٺي اچڻ، رهائش ۽ کاڌي پيتي جا نه فقط خرچ پر انهن جا بندوبست پڻ هو ڪري رهيو آهي. ظاهر آهي ڄڃ ۾ جيڪي پنجاهه کن ماڻهو شامل آهيون انهن ۾ سواءِ ادا گلاب راءِ ڊاڪٽر جي جيڪو سندس وڏو ڀاءُ آهي باقي ٻيا جيڪي آهن سڀ ننڍا ڀائر، انهن جون زالون، ننڍيون ڀيڻون ۽ انهن جا مڙس (يعني ڀيڻويا) ۽ انهن جو اولاد آهن جيڪي ڪراچي، حيدرآبادم، ڪنڊياري، گهوٽڪي، لنڊن، آمريڪا جي مختلف شهرن ۽ ٽورنٽو (ڪئناڊا) کان هتي انڊيا ۾ پنهنجن وڏن ڀائرن ڊاڪٽر رامچند اوڏ ۽ نولراءِ اوڏ جي پٽن جي شاديءَ تي اچي گڏ ٿيا آهن. منجهن فقط آئون هڪ ڌاريو آهيان. پر اسان جي دوستي اڄ جي نه پر اڌ صدي کان اڳ جي آهي جڏهن 1959ع ۾ هي ٻه ڀائر ۽ هڪ ٻيو وڏو ڀاءُ ارجن داس اوڏ مون سان گڏ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ پڙهندا هئا. پيٽارو مان پڙهن بعدڻ نول ۽ رامچند NED مان B.E ڪئي (جنهن ۾ هنن پهرين ۽ ٻي پوزيشن حاصل ڪئي). ان تعليم دوران ميٺارام هاسٽل ۾ آئون ساڻن گڏ رهندو هوس. ان بعد نولراءِ سول سروس جو امتحان پاس ڪري انڪم ٽيڪس کاتي ۾ آيو ۽ رامچند ۽ سندس هڪ ٻئي ڪلاس ميٽ جهانگار باجارا جي اقبال ترڪ) کي ٿائيلينڊ جي هڪ يونيورسٽيءَ ۾ ماسٽرس ڪرڻ جي اسڪالر ملي ته هن سان ٿائلينڊ ۾ به ملاقات ٿيندي رهي ٿي جو انهن ڏينهن ۾ جيڪو پاڻيءَ جو جهاز مون هلايو ٿي ان جي روٽ ڪولمبو، بئنڪاڪ، پينانگ، هانگ ڪانگ ۽ جاپان جا بندرگاهه هئا. نول سان وري ڪراچي موٽڻ تي هر دفعي ملاقات ٿي، جو اسان ٻنهي ڄڻن ڪراچيءَ جي هڪ سستي علائقي ڊفينس سوسائٽيءَ جي فيس فرو ۾ پلاٽ وٺي گهر ٺهرايو هو. (هيءَ 1972ع ڌاري جي ڳالهه آهي جڏهن اهو علائقو سواءِ هڪ ٻن گهرن جي جهنگ هو. هر سال ملير نديءَ ۾ اٿل اچڻ ڪري سال جي ٽي مهينا کن گهٽين ۾ پاڻي بيٺو هوندو هو. هن علائقي ۾ رهڻ لاءِ ڪو تيار نه هو پر ڪراچيءَ جو اهوئي علائقو هو جتي اسان کي ڏهه هزار روپين ۾ پلاٽ ملي سگهيو ٿي ۽ بندرگاهه ۽ صدر جو علائقو به ويجهو پيو ٿي). نول جي پيئيتو ڀاءُ ۽ رامچند جو سڳو ڀاءُ ارجن داس ستر جي شروع وارن سالن ۾ هڪ روڊ حادثي ۾ اسان کان جدا ٿي ويو. پاڻ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان MBA ڪيائين. بله هو ان پهرين بئچ مان هو جڏهن 1966ع يا 1967ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي ايم بي اي جا ڪورش روع ڪيا هئا. سندس اتي هڪ ڪلاس ميٽ اسان جي ڳوٺ هالا جو منور علي ارباب به هو جيڪو پوءِ UBL بئنڪ جو صدر به ٿيو. ارجن داس اوڏ جي پيٽارو مان نڪرڻ بعد يڪدم شادي ٿي هئي ۽ وفات وقت کيس چار ٻار هئا ٻه پٽ، رانا هريش ۽ گنيش ۽ ٻه ڌيئرون مايا ديوي (گوري) ۽ روبي اوشا ديو. سندس ٻارن ڊو ۽ NED مان ڊاڪٽري ۽ انجنيئري ڪئي ۽ مختلف هنڌن تي نوڪري ڪن ٿا ۽ هنن جون مختلف هنڌن تان شاديون ٿيون ۽ اڄ انهن جو اولاد به شاديءَ لائق ٿي ويو آهي ۽ ڪئناڊا، USA ۾ انگلينڊ ۾ رهي ٿو.
    صبح جو ڇهين بجي بس کي دهلي ڇڏڻو هو سو آئون پنجن تي الارم ڪلاڪ ٺاهي ستس ته تيار ٿيڻ ۽ نماز پڙهڻ لاءِ ڪلاڪ ڪافي آهي. گهڙيال گهنٽي وڄائي ان کان اڳ ڊاڪٽر گلاب راءِ جي پٽ وڃي دورازا کڙڪائي سڀني کي اٿاريو ته پنج ٿي ويا آهن. سخت بارش وسي رهي هئي. لائيٽ به خبر ناهي ڪڏهن کان هلي وئي هئي. کنوڻ جي هڪ چمڪاٽ ۾ وقت ڏٺم ته اڃا چار ٿيا آهن. سمجهي ويس ته ..... وجي کان وقت ڏسڻ ۾ ڀل ٿي وئي آهي بهرحال اوندهه ۾ به اٿي تيار ٿجي. ڪنهن به طرح دير نه ٿيڻ کپي جو متان نول کي دهلي ميونسپل وارن کي پنج هزار روپيا دير سان موٽڻ جو ڏنڊ ڀري ڏيڻو پوي. ٻاهر نڪتس ته سري چند جو انجنيئر پٽ سنجي ورانڊي ۾ ٽهلي رهيو هو. سري چند ان ساڳي ماءُ ”سوناري“ مان آهي جنهن مان ارجن داس ۽ رامچند آهن. ياد رهي ته ارجن جو پيءُ ڊپٽي ڪمشنر نارائڻ داس جون ٽي زالون هيون. نولراءِ جيڪو اسان جي پاڙي ۾ رهي ٿو ۽ اڄڪلهه ملتان ۾ انڪم ٽيڪس ڪمشنر آهي سڀ ۾ ننڍي ماءُ نانڪي جو پٽ آهي.
    ”انڪل ڏاڍو مينهن وسي رهيو آهي، بس هلندي يا پروگرام ڪئنسل ۽ وڃي ننڊ ڪريون؟“ سنجي پڇيو.
    ”ڇو ڀلا؟“ مون وائڙو ٿي پڇيومانس.
    ”انڪل ڏسو ڪونه ٿا ته دهليءَ جي بسين ۽ رستن جو حال ڇا آهي.“ هن حقيقت ڏي ڌيان ڇڪايو ۽ آئون سوچڻ لڳس ته ڳالهه ته صحيح ٿو ڪري، توڙي کڻي اسان فارين (ڌارئين) ملڪ ۾ آهيون پر هن ملڪ جا حال به ته اسان جي ملڪ جهڙا آهن. آئون چوندو هوس ته ڪراچيءَ جي رستن ۽ ٽريفڪ جو خانو خراب ٿيل آهي هر وقت کوٽائي پئي هلي پر هاڻ دهلي شهر جي بيڪار، ڀڳل ۽ چپي چپي تي کوٽائي ٿيل رستا، اٿلندڙ (Over flow ٿيندڙ) گٽر، واپارين جي پيڊين ۽ ريڙهن (گاڏن) جي انڪروچ مينٽ ڪري سوڙها ٿيل فٽ پاٿ ۽ ڪتن جي ٽورن ۽ ماڻهن جي مٽڻ جي ڌپن سان واسيل گهٽيون ڏسي پنهنجي ملڪ جي ڪراچيءَ سان پيار ٿيڻ لڳو آهي. جتي هر هنڌ ائين ته زپ کولي ماڻهو ڪونه پيا مٽن ۽ نه ايترا رول ڪتا پيا هنگن. ڇيڻن ۾ ٿڦيل، کل گهنجيل ۽ بيمار پوڙهين ڍڳين جي دهليءَ ۾ جتي ڪٿي رستا روڪ الڳ آهي. بهرحال اسان پنهنجي طرفان هردوار شهر ڏي هلڻ لاءِ تيار ٿيڻ لڳاسين.
    بورچي پنجين بجي کان نيرن ڪرڻ لاءِ ڦاٽندو رهيو، ڪن ڪئي ڪن فقط چانهه پيتي پر نولراءِ سڀني ماڻهن لاءِ نيرن پيڪ به ڪرائي جيئن رستي ۾ بک لڳي ته کائي سگهجي ۽ هوٽل ۾ کائڻ جو اجايو خرچ نه ٿئي پر اسان نه فقط هلڻ ۾ دير ڪري ڇڏي پر اتان موٽڻ ۾ به دير ڪئي ۽ واپسيءَ تي مانيءَ لاءِ پڻ سڀني رڙيون ڪيون ۽ نول کي هوٽل ۾ ماني کارائڻ جو خرچ هڪ طرف ڀرڻو پيو ته بورچي طرفان تيار ٿيل ماني نه کائڻ ڪري اها الگ ضايع ٿي وئي ۽ دهليءَ ۾ سج لٿي کان پوءِ بس جي موٽڻ ڪري نولراءِ کي بس جو ڀاڙو ٻارهن بدران سترهن هزار روپيه ڏيڻو پيو. هتي رستا کڻي خراب آهن، عوام کڻي گهڻو آهي پر ملڪ جو قاعدو قانون سخت آهي، نه فقط سخت آهي پر ان جي پوئواري هر ڪوشش سان ڪئي وڃي ٿي. رستي تي پوليس کڻي ايڪڙ ٻيڪڙ نظر ٿي اچي پر ضرورت جي حالت ۾ ايمرجنسي نمبر ڊائل ڪرڻ بعد هتي جي پوليس جو رڪارڊ آهي ته پنجن منٽن ۾ پهچيو وڃي چاهي ڏينهن هجي يا رات. ان ڪري ڏوهاري به دل شڪستا رهن ٿا. ملڪ ۾ امن امان آهي جيتوڻيڪ هيڏي وڏي آدمشماري ۽ پکيڙ وارو ملڪ آهي (سرينگر کان ڪيرالا صوبي جي شهر ٿيرووانان_ ٿپورام_ هي هڪ ئي نالو Thriuvananthapuram آهي. تائين جو مفاصلو 3671 ڪلوميٽر ۽ اروناچل جي شهر Tiruchchirappalli تائين 4069 ڪلوميٽر مفاصلو آهي) پر سڄي رات توهان پيا گهمو مجال آهي ڪو توهان جو نالو وٺي، ٿورو به ڪو مسئلو ٿئي ته توهان پوليس کان مدد وٺي سگهو ٿا ۽ جي توهان ٻئي ملڪ کان آيا آهيو ته پوءِ هو اڃا به توهان تي مهربان ٿيندي نظر ايندي جو هتي جي پوليس، سرڪار، دڪاندار ۽ عوام سمجهي ٿي ته ٽوئرزم سڀ کان وڏي انڊسٽري آهي. گهمڻ لاءِ ايندڙ ڌارين مان نه فقط هتي جي ملڪ جي ايڪانامي بهتر ٿئي ٿي پر انهن سان سٺي نموني سان پيش اچڻ سان هو انڊيا جي پنهنجن ملڪن ۾ تعريف به ڪن ٿا. منهنجي خيال ۾ اهوئي سبب آهي جو انڊيا ۾ هر سال ٽوئرسٽن جو تعداد وڌندو ئي رهي ٿو. انڊيا جي شهرن ۾ هر ملڪ جا ماڻهو نظر اچن ٿا. ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون اڪيلا يا ٽولن ۾ رات جو دير تائين مختلف ڪلب، سئنيما هالن ۽ شاپنگ سينٽرن جي اڳيان نظر اچن ٿا. انڊيا جي ننڍن شهرن ۾ به ننڍيون وڏيون هوٽلون آهن ۽ وڏن شهرن ۾ ته گهٽي گهٽيءَ ۾ آهن. تنهن مان ئي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هتي ملڪي توڙي غير ملڪي ٽوئرسٽ ايندا رهن ٿا ۽ جتي بين الاقوامي معيار جون پنج هزار روپيه هڪ ڏينهن جي مسواڙ واريون فائيو اسٽار هوٽلون آهن اتي ٻه سؤ روپيا ڪمري واريون ساديون هوٽلون به آهن. جتي ٻن روپين جي ”مڇر مار ويڙهي“ ساڙي سڪون جي ننڊ ڪري سگهجي ٿي. سڀ کان وڏو سڪون امن امان جي ڪري آهي تڏهن ته هن ملڪ ۾ (جيڪو ٻاهرين Look ۾ اسان ئي جهڙو لڳي ٿو) ويندي جاپاني همراهه گهمندا ڦرندا رهن ٿا. جاپانين جو ائين آزاد گهمڻ هن ملڪ (انڊيا) لاءِ Law & Order برقرار رکڻ جو سرٽيفڪيٽ آهي جو جاپاني ان ملڪ ۾ توهان کي ائين پسار ڪندي هرگز نظر نه ايندا جنهن ۾ امن امان جو درجو مٿانهون نه هجي. ڪالهه دهليءَ جي هڪ اهڙي رستي تان گذر ٿيو جتي ايراني سفارتخانو آهي. آٽو رڪشا ۾ رستي لنگهندي نالو پڙهي لهي پيس. گيٽ وٽ رڳو تڪلف خاطر يونيفارم ۾ سپاهي بيٺو هو.
    ”اندر وڃي سگهان ٿو؟“ مون کانئس پڇيو.
    ”ڀلي وڃ“ هن ڪنهن به جهل پل جو اظهار نه ڪيو.
    اندران وڃي کانئن ڪجهه ايران جا بروشر (ڪتابچا) وٺي آيس. هڪ اسان جو ملڪ آهي جنهن ۾ هاڻ (گهڻو اڳ نه هوندو هو) هڪ سفارتخاني ۾ پهچڻ ته وڏي پلصراط پار ڪرڻ آهي پر ڪراچيءَ ۾ ڪنهن ملڪ جي قونصل خاني ۾ پهچڻ به محال ٿو لڳي. ٻن ٽن دعوتن ۾ ايران جو قونصلر جنرل مليو ۽ منهنجو ايران گهمڻ جي شوق جو ٻڌي هن مون کي پنهنجي آفيس ۾ چانهه لاءِ به گهرايو ۽ چيو ته پاسپورٽ کڻي اچ ته ان ئي ڏينهن ويزا لڳرائي ڏين. مون ٻه ڏينهن قونصليٽ جا چڪر هنيا پر اندر وڃڻ ۾ ڪامياب نه ٿيس. فون تي هن سان Contact ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم. آپريٽر يا جيڪو قونصلر سان فون ملائڻ جو انچارج هو اهو جيتوڻيڪ سنڌي هو ۽ مون کي ليکڪ جي حيثيت سان سڃاتائين ٿي پر اهڙا ڏنڀ ڏنائين جو مون پچر ئي ڇڏي ڏني. هينئر صاحب ڪونهي، هاڻ صاحب آيو آهي پر ڪهڙو ڪم آهي.... وغيره وغيره. هن کي منهنجي ڪم کان وڌيڪ فڪر پنهنجي پٽ جي نوڪريءَ جو ٿي لڳو. هن مون کي ولايت ۾ رهندڙ سمجهي الائي ڇا پئي Expect ڪيو ۽ مون نيٺ پچر ئي ڇڏي ڏني. اسان جي ڳوٺ جي يعوقب پاٽوليءَ (جيڪو اڪثر ايران ويندو رهي ٿو) چيو ”سائين جڏهن وڃڻ جو ارادو ٿئي ته هفتو کن اڳ ۾ ٻڌائجو، فلاڻو منهنجو سڃاڻو آهي. توهان کي گهر ويٺي ايران جي ويزا وٺرائي ڏيندو.“
    بهرحال اهي ڳالهيون آهن جيڪي اسان جي ملڪ ۽ انڊيا کي ڏسڻ سان فرق صاف ظاهر ٿئي ٿو، اسان وٽ دنيا جو هيڏو وڏو عجوبو موهن جو دڙو آهي پر ڌارين جي رهائش لاءِ ڪا هوٽل ناهي. سرڪار طرطان ٺهيل واحد هوٽل ۾ ملڪي ماڻهوءَ کي ئي رهندي خوف ٿو طاري ٿئي.
    بهرحال پاڻ هردوار شهر جي سفر تي اچون جيڪو دهليءَ کان ايترو پري آهي جيترو ڪراچيءَ کان کڻي سمجهو ته نوابشاهه آهي. اسان منجهند کان اڳ اتي پهچي ڪلاڪ ٻه ترسي يڪدم موٽڻ ٿي چاهيو پر بس ۾ چڙهندي چڙهندي ساڍا ڇهه ٿي ويا ۽ ايتري ۾ خبر پئي ته نول جو هڪ ڀاءُ ڊاڪٽر لڇمڻ جيڪو ڪئناڊا کان ڪراچي آيو هو ۽ هن کي اسلام آباد مان انڊيا جي ويزا ملڻ ۾ دقت ٿي رهي هئي سو دهليءَ جي ايئرپورٽ تي پهچي ويو آهي ۽ هو پنهنجي زال ريکا ۽ ڌيءَ نوريءَ سان گڏ اسان جي بس ۾ هردوار هلڻ ٿو چاهي ۽ هو هن وقت ايئرپورٽ کان نڪري چڪو آهي. اسان بس ۾ ويهي هنن جو انتظار ڪرڻ سان گڏ رکي رکي وسندڙ مينهن ۾ راتوڪي وسيل مينهن ڪري ٿيل گپ ۾ پاڻيءَ سان ڀريل کڏن کي ڏسندا رهياسين. آخر ستين بجي ڌاري ڊاڪٽر لڇمڻ جي ٽيڪسي ڇهچي وئي. هڪ دفعو وري کيڪار شروع ٿي وئي. نول رڙيون ڪندو رهيو ته سيٽن تي ويهي رهو ته بس هلي پر ڊاڪٽر لڇمڻ به سالن کان پوءِ ڪئناڊا کان آيو هو، پنهنجن هيترن سارن ڀائرن ڀينرن کي هڪ هنڌ ڏسي خوشيءَ وچان ڪپڙن ۾ نه پئي ماپيو. ساڳي وقت سندس زال ريکا جو ڀاءُ ڀاءُ دودو هتي موجود هو جيڪو نول جو ڀيڻويو به ٿئي. مرد هٿ ڏئي يا ڀاڪر پائي مليا عورتون جهڪي مليون ۽ لڇمڻ سندن مٿي تي هٿ رکي آسيس ڏني. هر ڪو اوڏڪي زبان ۾ کانئس سندس حال ۽ خبر پڇندو رهيو.
    ”خوش ڇوا..... ڪا حال هتي؟“
    ”ڪڏهن آلي ڇوا ڪئناڊا مئون؟“ وغيره وغيره آئون هاڻ سولو ٿي ويٺس ۽ دريءَ سان سڄو پردو ريڙهي پٺيان ڪيم، جيئن اڳيان جو نظارو چٽي طرح ڏسندو هلان. هردوار پهچڻ لاءِ اسان جي بس کي ڪيترائي ڳوٺ، شهر، صوبا ۽ ٻهراڙيون لتاڙڻيون هيون ۽ هو ڇا چوندا آهن ته ملڪ جي آسودي هجڻ جي خبر ٻهراڙيءَ مان پوي ٿي. ڊرائيور بس جي انجڻ اسٽارٽ ڪري اڳيان وڌيو. ان ئي وقت ڪنهن جي موبائيل جي گهنٽي وڳي ۽ بس کي ورڪڻ لاءِ چيو ويو. ڇا ٿيو؟ ڇا ٿيو؟ سڀ پڇڻ لڳا، دير پئي ٿئي هلو ڇو نٿا؟.... چي پروفيسر بسنت رهجي ويو آهي پنجن منٽن ۾ پهچڻ وارو آهي.
    ”ادا هاڻ هلو. پنجن منٽن ۾ ڪڏهن به نه پهچي.“ نول هلڻ جي ڪئي پر سندس وڏي پٽ جواهر لعل جنهن فون اٽيند ڪيو هو تنهن ٻڌايو ته هتي سامهون ڪالڪا مندر وٽ پهچي چڪو آهي ۽ هن اتان ئي فون ڪيو آهي.
    ”چڱو پنجن منٽن لاءِ بس بيهاريون ٿا اندر نه پهتو ته هليا هلنداسين.“
    نولراءِ پڪي فيصلي جو اعلان ڪيو.
    بهرحال پنج منٽ يعني ايشيائي اڻ ترقي يافته ملڪن ۾ معنيٰ گهٽ ۾ گهٽ ڪلاڪ ٿيو. پروفيسر بسنت اوڏ جي ٽيڪسي ڏهن منٽن ۾ پهچي وئي ۽ هو پاڻ، سندس زال ميران ۽ سندن ننڍي ڌيءَ لاجونتي بيگ سميت جلدي جلدي بس ۾ چڙهيا. نه فقط بسنت کي سئيٽر هو پر سندس زال ۽ ڌيءَ به لوئيءَ ۾ ڍڪيل هئي. بسنت منهنجي ڀرواري سيٽ تي اچي ويٺو ته مون يڪدم چيومانس ته ابا توهان سان خير ته آهي. هن اونهاري جي موسم ۾ جڏهن اسان پکا هلايو ويٺا آهيون توهان گرم ڪپڙن ۾؟
    ”دراصل اسان سرينگر (هندستان جي قبضي هيٺ آيل ڄمون ۽ ڪشمير واري رياست) هليا ويا هئاسين. هتان گهٽ ۾ گهٽ ست اٺ سؤ کن ڪلوميٽر پري آهي. اتي پهچي ڏهه ڪلوميٽر جبل جي رستي کان مٿي هڪ ديويءَ جي مندر ۾ پوڄا ڪرڻ ويا هئاسين. آئون ته پنڌ ڪري نه سگهيس ۽ ڀاڙو ڏيئي خچر تي چڙهي ويس. باقي منهنجي زال ۽ ڌيءَ اوٽ موٽ پنڌ ڪيو.“ ڪنڊياري ڪاليج ۾ فزڪس پڙهائيندڙ ۽ نول جي ڀيڻوئي پروفيسر بسنت ٻڌايو.
    ”شاباس هجئي يڪ ساهيءَ ايڏو سفر ڪرڻ جي ۽ هينئر هتي دهليءَ ۾ پهچڻ سان وري هن سفر تي پيو هلين. ڀلا ڪيئن لڳو ڪشمير؟“ مون پڇيومانس.
    ”ڏاڍو سهڻو آهي واقعي! ڏاڍي پوليس ملي. اسان به ڏڪندا رهياسين. زيارت جو ڪم لاهي يڪدم پويان پير ڪياسين.“
    ”ڇو ڀلا؟“ مون تعجب ۾ پڇيو.
    ”ان ڪري جو پاڻ کي ڄمون ڪشمير جي ڪٿي آهي ويزا؟ هر وقت اهو پئي ڊپ لڳو ته ڪو پڇي نه وٺي ته ڪير آهيو؟ ان ڪري آئون سٿڻ قميص پائڻ وارو به اتي پينٽ پائي ويس ته ڪو Identify نه ڪري سگهي ته آئون غير انڊين آهيان.“ بسنت ٻڌايو.
    هتي پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ اهو به لکندو هلان ته انڊيا ۾ مردن جي ڊريس قميص پينٽ آهي. انڊيا اچڻ کان اڳ ڪيترا شايد اهو سوچيندا هجن ته هتي هندو مذهب هجڻ ڪري هر مرد ڌوتيءَ ۾ هجي يا شلوار قميص جو اڄڪلهه انڊين فلمن جا هيرو به شلوار قميص پائين ٿا، پر ائين نه آهي. انڊيا ۾ عام پبلڪ جي ڊريس پينٽ آهي. چوڌاري نظر ڪبي ته سڀ پتلونن ۾ نظر ايندا. آفيس وارا، دڪاندار، مزور..... ورلي ڪو سياستدان يا مندر سان واسطو رکندڙ ڌرمي ماڻهو ڌوتيءَ ۾ نظر ايندو ۽ سندس نرڙ تي ڳاڙهي يا هئڊي رنگ جو تلڪ به هوندو. ڪن ڪن هنڌن تان گذرندي، خاص ڪري مسلمانن ڪالونين مان. توهان کي شلوار قميص يا ڪڙتي پاجامي ۾ ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ نظر ايندو نه ته ويندي جامعيه ملي يونيورسٽي ۾ ۽ درگاهه حضرت نظام الدين اولياء جي آسپاس رهندڙ ۽ دڪاندار به گهڻي ڀاڱي پتلونن ۾ ئي نظر ايندا. بلڪه شلوار قميص ۾ ملبوس ڪجهه ماڻهن کان جڏهن مون پڇيو ته دهليءَ جا آهيو ته جواب ۾ هنن ڪراچي، لاهور، يا افغانستان جو ٻڌايو. عورتون البته مختلف ڊريسن ۾ آهن. خاص ڪري پجامي، گهٽ ورن واري هلڪي شلوار ۾، پتلون، اسڪرٽن ۾ ۽ ڪجهه ساڙهين ۾ پڻ. ساڙهين ۾ گهڻي ڀاڱي عورتون فقط تڏهن ٿيون نظر اچن جڏهن ڪا شادي جهڙي Ceremonial Function آهي. جيئن جپاني عورتن جي ڊريس اسان چئون ٿا ته ڪمونو آهي پر جپان جي شهرن ۾ توهان کي جپاني عورت ورلي ڪا ڪمونو ۾ نظر ايندي نه ته مغربي ڊريس اسڪرٽن ۽ پتلونن ۾ ڏسڻ ۾ اينديون.
    سو انڊيا ۾ توهان جي نمايان ٿيڻ نٿا چاهيو ۽ ٿيڻ به نه کپي ته هتي جي عوام جي ڊريس قميص پتلون ۾ گهمڻ نڪرو. نه ته شلوار قميص ۾ هر ڪو سمجهي ويندو ته توهان مڪاني نه پر ڌاريا آهيو . پوءِ ٽيڪسيءَ وارا توڙي دڪاندار ،توهان کي هر شيءِ جو اگهه به ان حساب سان ٻڌائيندا.
    تاج محل ڏسڻ لاءِ اڄڪلهه ٽڪيٽ وٺڻي پوي ٿي. ”گهڻي جي آهي ڪٿان وٺجي؟“ اسان آگري پهچي هتي جي ماڻهن کان پڇيو ۽ جن درين ڏي هتي جا ماڻهو پئي ويا اسان به ٽولن ۾ اتي جي قطارن ۾ وڃي بيٺاسين. ويهه روپيا في ماڻهو پئي ورتائون، اسان جي ٽولي وارن ان تي به گوڙ پئي ڪيو ته هڪ ته هيڏو ڀاڙو ڀري دهليءَ کان آگري آيا آهيون ۽ هاڻ تاج محل ڏسڻ لاءِ اڃا به ويهه روپيا ڏيون يعني اسان جا پاڪستاني ٽيهه روپيا کن ٿيا. هاڻ اندر گهڙياسين ته خبر پئي ته اسان جو هڪ ٽولو جنهن ۾ ڊاڪٽر لڇمڻ ۽ ان جي فيملي هئي، دودو هو ۽ رامچند جي ننڍي ڀاءُ سريچند جو پٽ سنجي هو اهي نظر ئي نه اچن. ڪنهن چيو ته تاج محل جي ”ٽڪيٽ گهر“ وارن هنن کي اتان ٽڪيٽ وٺڻ نه ڏني ۽ تاج محل ڏسڻ کان منع ڪئي. اسان جو مزو ئي خراب ٿي پيو ته آخر هنن کي ڇو نه اچڻ ڏنائون جيتوڻيڪ هتي ته دنيا جي ڀانت ڀانت جي ملڪن ۾ قومن جا ماڻهو. عورتون توڙي مرد پيا هلن. ٿوري دير تاج محل جي سونهن ڏسڻ بعد پٺيان ڏسون ته هاڻ اسان جا بچيل ساٿي پيا اچن.
    ”ڀائي خير ته آهي ڇا ٿي ويو؟ توهان کي ڇو نٿي اچڻ ڏنائون؟“ اسان سڀني هڪ ئي وقت کانئن سوال ڪيا.
    ”دراصل تاج محل ڏسڻ جي ٽڪيٽ ساڍا ست سؤ روپيا آهي.“ هنن ٻڌايو.
    ”پوءِ اسان کان ۽ ٻين کان ته ويهه ويهه روپيا ورتائون.“ اسان کين پنهنجيون ويهين ويهين روپين واريون ٽڪيٽون ڏيکاريندي چيو.
    ”ها. پوليس ٻڌايو ته ويهه روپيا آهي پر مڪاني ماڻهن لاءِ يعني انڊين لاءِ باقي سڀني فارينرس لاءِ ساڍا ست سؤ روپيا آهن، توهان کي ان ڪري نه جهليائون جو هنن سمجهيو ته توهان انڊين آهيو.“ سنجي ٻڌايو.
    ”پر توهان به ته ساڳيا لڳو پيا ۽ ٻين انڊين جي وچ ۾ بيٺا هئائو؟“ اسان چيو.
    ”هنن اسان کي ڊريس مان سڃاتو، سنجي جي شلوار قميص مان هو سمجهي ويا ته هي پاڪستاني آهن.“ ڊاڪٽر لڇمڻ کلندي ٻڌايو، ”سنجي جي سٿڻ قميص پائڻ ڪري اسان جي ٽولي جي هر هڪ ماڻهوءَ ساڍا ست سؤ روپيا ڏنا. سواءِ دودي جي.“
    ”اهو وري ڪيئن.“
    ”بس دودي ڦڏي باز جي ته خبر اٿانو. هن ٽڪيٽ وارن کي اسان لاءِ ڪنفرم ڪندي چيو ته صحيح ٿا چئو هي پاڪستان جا آهن مون وٽ دهلي گهمڻ آيا آهن.“
    ”توهان جي ڪا شناخت؟“ هنن دودي کان پڇيو ته دودي رعب مان چين ته شناخت وري ڇاجي آئون دهليءَ جي ڪالڪا جي واري علائقي ۾ رهان ٿو. جي اعتبار نه اچنو ته هلو پوليس وٽ. ان تي هو ٿڌا ٿي ويا دودو ساڍا ست سؤ روپيا بچائي ويو.
    سنجي کي پنهنجي منهن هڪ دفعو وري صبح واري نصيحت ڪيم ته ڌارئي ملڪ ۾ ڪڏهن به سٿڻ قميص نه پائجي. اها پنهنجي ڊريس لاءِ سڪ ڳوٺ ئي ڇڏي هلجي. ڪيپٽن بشير وسطڙو ته چوندو آهي ته سعودي عرب ۾ به انگريزن واري پتلون پائي هلجي توڙي کڻي سفر جو مقصد حج ڪرڻ هجي ڇو جو پتلون ۾ ٺهرايل ايڪسٽرا کيسن ۾ هڪ ته پاسپورٽ، پئسا ۽ ٽڪيٽون سلامت ۽ سوگهيون رسن ٿيون ۽ ٻيو عربن تي به رعب پوي ٿو. سٿڻ قميص وارو هر وقت عربن جي دڙڪي ۾ رهي ٿو. پتلون واري کي هو ايراني، ترڪ يا برٽش سٽيزن انڊين سمجهي ان کي ڇڙڀ ڏيندي به ڪترائين ٿا.
    اسان جي پنجاهه کن ماڻهن سان ٽٻيل بس جيڪا دهليءَ مان ساڍي ستين نڪتي هئي سا فريدآباد ۽ غازي آباد کان ٿيندي هاڻ ڏهين بجي ڌاري اتر پرديش جي شهر ميروت پهتي. اتي رستي تي ٺهيل هوٽلن مان هڪ وٽ بس بيهاري سڀ چانهه پاڻيءَ لاءِ لٿاسين. اتر پرديش هندستان جو هڪ اهم صوبو آهي جنهن جي آدمشماري سڀ کان گهڻي آهي، اتر ۾ نيپال سان ٿو ملي ۽ منجهس علي ڳڙهه لکنؤ الهه آباد جهڙا اهم تواريخي ۽ مشهور شهر آهن. هوٽل ۽ چانهه پيئڻ جو ڪم لاهڻ بعد هيڏانهن هوڏانهن ٽهلڻ لڳس. هوٽل جي آڳنڌ وٽ ٽي چار ڪاٺ جون پيڊيون هيون جن مان هڪ تي ته اهي ئي شيون هيون جيڪي اسان وٽ مشهور آهن يعني ٻيڙي ماچيس، تماڪ، گهٽڪا، مٿي ۽ پيٽ جي سور جون گوريون، سوپاريون ۽ ٽڪيون چاڪليٽ. هڪ پيڊيءَ تي همراهه پراڻا رسالا ۽ ڪتاب وڪڻي رهيو هو جن جي Scanning ڪري ٻه ٽي اهڙا ڪتاب ڳولي ڪڍيم جيڪي انڊين ليکڪن جا انگريزيءَ ۾ هئا يا انگريزن جا هندستان راڄ جي بئڪ گرائونڊ ۽ هسٽري جا ناول هئا. مون سمجهيو بيوقوف نظر ايندڙ ڳوٺاڻو مالڪ اهي ڪتاب مون کي ڦلن مٺ ۾ ڏيندو پر دڪاندار به انهن جو Worth ڄاتو ٿي ۽ جيڪا وڏي قيمت Quote سڪيائين ان تان روپيو به هيٺ نه لٿو. مون به ور ور ڏيئي وري ٿي اچي انهن ڪتابن ۾ هٿ وڌو ۽ سوچيو ته من ڪجهه گهٽ ڪري پر هو پنهنجي ضد تان هيٺ نه لٿو ۽ مون آخرڪار انهن ڪتابن وٺڻ جو ارادو لاهي ڇڏيو. هڪ پيڊيءَ تي مختلف ڀاڄين ۽ ميون جا آچار وڪامي رهيا هئا. اسان مان هڪ ٻن همراهن انهن مان هڪ ٻه برني ورتي ۽ پوءِ اچي بس ۾ ويٺاسين. هردوار جتي اسان کي وڃڻو هو اتي پهچڻ ۾ اسان کي اڃا اڌ کان وڌيڪ فاصلو طئي ڪرڻو هو. رستو ڀڳل ۽ خراب هو. بس به پراڻي ۽ اڀري ملي هئيسين ۽ مٿان اهڙو ئي اڀرو ۽ مرزيل ڊرائيور هو. آخر هڪ ٻن ٻين منزلن تي بيهندا پنهنجي منزل هردوار پهتاسين جتي ماڻهن جو عجيب ميلو متل هو. گنگا ندي زور سان وهي رهي هئي اسان جي بس پل ٽپي ٻئي پاسي وئي ۽ اڌ ڪلاڪ کن اسان کي پارڪنگ ڳولڻ ۾ لڳي ويو پر پرائيويٽ ڪارين، ٽيڪسين، پبلڪ بسين ۽ ٽوئرسٽ لاربن سان هر ميدان هر ڪنڊ ڀري پئي هئي. آخر بس واري کي چيوسين ته اسان کي اتي نديءَ وٽ لاهي تون ڪٿي پري وڃي بس کي پارڪ ڪر. اسان کي گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڪلاڪ کن لڳندا ان بعد اسان لاءِ بس هتي ڪاهي اچجانءِ. يا اسان توکي اچي ڳولينداسين.
    هي شهر هردوار اهو هنڌ آهي جتان کان گنگاندي Plain (ميدانن) ۾ داخل ٿئي ٿي. ننڍي هوندي جاگرافيءَ ۾ پڙهيو هو ته جبلن تي ڄميل برف گرميءَ جا ڏينهن شروع ٿيڻ تي وٽڙي پاڻي ٿي جبلن تان هيٺ لهي ٿي يا برف جي اڌ گابري صورت ۾ جبلن تان برفاني درياهه هيٺ لهن ٿا. جن کي گليشير سڏجي ٿو، جبلن تان لهڻ وقت ان پاڻي يا اڌ گابري وهندڙ برف ۾ پريشر ٿئي ٿو جو اها مٿان کان هيٺ لهي ٿي پوءِ ميدان اچن ٿا. ميدانن مان لنگهندي نديءَ جي رفتار گهٽجڻ لڳي ٿي ۽ هو پاڻ سان گڏ مٽي ۽ Slit روڙيندي هلي ٿي جيڪا فصل لاءِ ڪارائتي هوندي آهي ۽ پوءِ نديءَ جو آخري ڀاڱو ڊيلٽا سڏجي ٿو جنهن ۾ ندي ٽڪنڊي جي صورت ۾ ننڍيون ننڍيون شاخون ٺاهي سمنڊ ۾ داخل ٿئي ٿي.
    سو هي شهر هردوار جتان گنگا ندي وهي ٿي نديءَ جو اهو هنڌ آهي جتان اها سڌو ميدانن جو سفر شروع ڪري ٿي. دراصل هن شهر (هردوار) ۾ گنگا جي ڪناري تي بهي جتان ندي اچي پئي اوڏانهن ڏسبو ته جبلن جون قطارون نظر اينديون جتان هيءَ ندي وهندي هاڻ هيٺ پهتي آهي. سندس رفتار ۽ وهڪ تکي ۽ گجگوڙ واري آهي جو ميدانن جو سفر اڃا هاڻ ٿي شروع ڪري ۽ ان ڪري منجهس اڃا مٽي ۽ رءُ به شامل نه ٿيو آهي. پاڻي گهڻو ۽ تکي رفتار ۾ آهي ان ڪري اهو پاڻي صاف ۽ شفاف آهي جيڪو پوءِ ميلن جي سفر ۾ مٽي، دز ۽ ڪارخانن مان نڪرندڙ گندگيءَ مان ملي خراب ٿئي ٿو. هن هنڌ تي هندو وهنجڻ اچن ٿا. هنن جو عقيدو آهي ته گنگا نديءَ جي هن هنڌ تي وهنجڻ سان گناهه ڌوپيو وڃن ۽ جيڪو ماڻهو هن هنڌ تي گنگا ۾ ست ٽٻيون هڻندو اهو ضرور سرڳ ۾ ويندو. هندن جي چوڻ مطابق هن هنڌ تي رام وهنجي گنگا نديءَ کي پوتر ڪيو هو. هتان کان ست اٺ ميل اڳتي هڪ ٻي جاءِ لڇمڻ گوڏا مشهور آهي ۽ چار پنج ميل وڌيڪ هلڻ تي گنگوتري آهي.
    اسان بس ڇڏي گنگانديءَ جو ڪنارو ڏيندا ان هنڌ ڏي وڌڻ لڳاسين جتي لاءِ چيو وڃي ٿو ته اتي رام شنان ڪيو هو. چوڌاري سوين ماڻهو (يورپي ۽ آمريڪن گورن سميت) اسان سان گڏ هلي رهيا هئا ۽ اوترائي اتان وهنجي موٽي رهيا هئا. رستي تي پرساد وڪڻڻ وارا فٽ پاٿ تي ويٺا هئا. جن گل، ميون ناريلن کان علاوه پلاسٽڪ جون خالي بوتلوون، برنيون ۽ گهگيون ٿي وڪيون. اسان جي ٽولي مان به ڪيترين اهي تبرڪ طور واپسيءَ تي گنگا جو پاڻي کڻي هلڻ لاءِ ورتيون. پري کان گهٽ ۾ گهٽ سؤ کن ٽن جو تامي ۽ پتل جو سؤ فوٽ کن ڊگهو Statue هو. نديءَ جي ساڄي ڪناري پاسي جبل جي اتاهين چوٽي تي هڪ قديمي مندر نظر اچي ٿو جنهن لاءِ اتي موجود ساڌن ٻڌايو ته اهو منشا ديويءَ جو مندر آهي. ٽاور تي پهچڻ لاءِ ڪيبل ڪارون هلن ٿيون.
    اسان پنڌ هلندا هلندا اچي ان هنڌ تي پهتاسين جتي سوين مرد عورتون ڪڇن ۾ يا پهريل ڪپڙن ۾ ان هنڌ تي نديءَ ۾ گهڙي شنان ڪري رهيا هئا يا ڪناري تي لڳل زنجيرن کي جهلي هيٺ پاڻيءَ ۾ ٽٻيون هڻي رهيا هئا. اسان برلا ٽاور وٽ اچي گڏ ٿياسين ۽ جن جن کي گناهه بخشائڻا هئا سي نديءَ ۾ لهي پيا ۽ انهن سوين ماڻهن سان گڏ وڃي مليا جيڪي پهرين نديءَ ۾ موجود هئا. سامهون دڪانن جي وچ ۾ ڪيترين هوٽلن ۽ ريسٽورنٽ جا بورڊ نظر اچي رهيا هئا. هوٽل تيرٿ، الڪا هوٽل، هوٽل گنگا ڌام، هوٽل گنگا درشن، هوٽل گيان، چوٽي والا ريسٽورنٽ، شرما لاج، هوٽل راج، هوٽل آرتي درشن..... وغيره وغيره. رکي رکي گهوريئڙا مختلف رنگن ۽ سائيزن جون مالهائون ۽ سندور وڪڻي رهيا هئا. ڪي چندي جون چوپڙيون هٿ ۾ کڻي ڪنهن مندر يا ڪنهن خيراتي ڪم لاءِ چندو وٺي رهيا هئا جيڪو عمل سندن Request واري نموني ۾ نه پر بيحد Aggressive طريقي جو هو. ڪي عورتون پئسا وٺي ميندي لڳائي رهيون هيون. ڪيترائي فوٽا گرافر ڪئميرائون ڳچيءَ ۾ لڙڪائي Instant فوٽو ڪڍي رهيا هئا. منهنجي ڪئميرا جي بيٽري ختم ٿيڻ ڪري هڪ فوٽو گرافر منهنجي مٿي لڳي ويو يا شايد آئون هن جي مٿي لڳي ويس. هن ڏهه فوٽو ڪڍائڻ تي گهٽ پئسا ٿي ورتا. چار پنج فوٽو ته درياهه اڳيان يا شو جي مورتيءَ اڳيان ڪڍرائي ورتم باقي بچيل فوٽو هڪ سک فئمليءَ سان، هڪ يا ٻن ساڌو ۽ فقيرن سان گڏ بيهي پورا ڪيم. فوٽو گرافر پئسا اڳ ۾ ئي وٺي ويو ته اجهو ٿو صاف ڪري ڏيان. رسيد جي ڳالهه ڪيائين پر ڏنائين ڪونه. سڀني چيو ته اڳواٽ پئسا نه ڏينس ها..... رسيد ته وٺينس ها.... اڌ ڪلاڪ ۾ فوٽو صاف ڪري هتي کڻي اچڻ ناممڪن آهي..... وغيره وغيره. هر ڪو پنهنجي پنهنجي راءِ ۽ نصيحت ڏيڻ لڳو. جڏهن پورو ڪلاڪ ٿي ويو پر فوٽو گرافر نه موٽيو ته من کي به پڪ ٿي وئي ته اهي پئسا به ويا ته فوٽون به ويا ۽ هاڻ بس موٽڻ ۾ به ڪو اڌ ڪلاڪ کن وڃي بچيو هو. وهنجڻ وارن پاڻ کي اگهي ڪپڙا پائڻ شروع ڪيا ۽ هاڻ بس ڏي ٿي وڌياسين ته اسان وارو فوٽو گرافر فوٽو کڻي اچي نڪتو، پورو ڏيڍ ڪلاڪ بعد موٽيو هو.
    ”ايڏي دير؟“ مون شڪايت واري لهجي ۾ هن کي چيو.
    ”جناب اڌ ڪلاڪ کن ته لڳندو جنهن لاءِ مون توهان کي پهرين ئي چيو هو.
    دل ۾ چيم ته فوٽا ملي ويا هاڻ ڪهڙو ويهي بحث ڪيانس جنهن جو ”سهي جون ٽنگون ٽي“ وارو ضد ته هو وعدي مطابق اڌ ڪلاڪ اندر پهچي ويو آهي.


    هردوار کان واپس نيو دهلي

    اسان جي بس هندن جو ڀلارو شهر هردوار ڇڏيو ته بس اندر ويٺل دهليءَ جي رهاڪو اڏو عورتن نول جي پٽ مڪيش جي شاديءَ جا ڳيچ ڳائڻ شروع ڪيا ۽ جن سان گڏ پيٽارو ڪيڊٽ ڪاليج جي دودو ۽ ڪنڊياري جي پروفيسر بسنت جي زالن شانتا ديوي ۽ ميران ۽ انهن جي ٻين ڀيڻن ۽ ٻارن ڊاڪٽر ڪرن، ڊاڪٽر ارم وغيره کين سر کڻايو.
    مڪيش جي منهن تي ڪارو ڪارو تر آهي
    مور جو نه ملهه آهي گلاب جو گل آهي
    چوڏهينءَ جو چنڊ آهي
    *
    الا، چوڏهينءَ جو چنڊ آهي
    پري کان مڪيش پنهنجي ماڙي ڏيکار
    ڳاڙهي ماڙهي چمڪي واري ڏاڍي مزيدار
    مڪيش پنهنجي ماڙي ڏيکار....
    ڪا دير ڳائڻ هلندو رهيو. ڪراچي ڇڏڻ مهل منهنجي ڀيڻ نسيم جيڪا وسطڙن ۾ پرڻيل آهي ۽ سندن ڳوٺ مچر هنن اوڏن جي ڳوٺ ڪنڊياررو جي ويجهو آهي تنهن مون تي تعجب کائيندي ۽ ايندڙ ڏينهن جي حال تي همدردي ڪندي چيو هو ته وسطڙن وانگر اوڏ به ڪچهري ۽ ڳائڻ جا شوقين آهن. سڄي سڄي رات ڳائيندي گذاريو ڇڏين. تون جلدي سمهڻ وارو ۽ خاموشي پسند ڪرڻ وارو هيترا هفتا هنن سان ڪيئن گذاري سگهندين. پر سچ ته گذريل سڄي رات دهلي، هريانا، اتر انچل ۽ اتر پرديش ۾ وسيل طوفاني بارش جي ڪري هن ٿڌڪار ۽ جهڙالي ڏيهه ۾، سنڌ کان ڏور هي سنڌي راڳ دلي کي ڏاڍو ڀلا لڳي رهيا هئا. چوڌاري چهچ سائي ڪڻڪ ۽ رستي جي ڪنارن تي بي انتها پوکيل ڀنگ جا فصل سائي رنگ جي وال ٽ وال ڪارپيٽ جو ڏيک ڏيئي رهيا هئا جنهن جي ڊگهي بج (Fur) هوا ۾ جهومي رهي هئي. هريانا ۽ اتر پرديش جهڙن ڌوڙاٽيل صوبن ۾ مينهن ڪري اڄ ڌوڙ ۽ دز بدران اسڪينڊينوين ملڪن وانگر Atmosphere صاف ۽ شفاف لڳي رهيو هو ڄڻ ايئر ڪنڊيشنر مان هوا فلٽر ۽ ٿڌي ٿي اچي رهي هجي. فضا ۾ عجيب سڳنڌ سرهاڻ هئي ڄڻ ڪنهن اعليٰ قسم جي خوشبوءِ چوڌاري اسپري ڪري ڇڏي هجي ۽ ان پر سحر ماحول کي رکي رکي ڇيڻن، سوئرن ۽ مختلف فئڪٽرين مان ٿيندڙ Chemicals جي ڌپ قتل عام ٿي ڪيو.
    هڪ هنڌ لکي آيو آهيان ته انڊيا جي شهرن جي سونهن جي اها نيگٽيو پوائنٽ آهي ته هر گهٽي ۽ روڊ تي مٽ جي ڌپ آهي. بخا اوڊڙي ٻاهر نڪرندڙ انڊيا جي آدمشماري لاءِ دهليءَ جهڙا راڄڌانيءَ ۾ به Toilets جي بندوبست نه آهي. هونءَ هتي جا ماڻهو هندو توڙي مسلمان ۽ سک عيسائي ادب آداب قائم رکڻ جا وڏا شوقين آهن پر مٽ لڳڻ تي جتي ڪٿي پتليون جي زپ کي هيٺ ڪريو بيهيو رهن. بس مان لنگهبو ته رستي تي بيٺل پهنجا مثانا خالي ڪندڙن جي اوگهڙ پئي نظر ايندي پر تر جيترو به نه هنن کي ۽ نه ڏسندڙن کي ان ڳالهه جو احساس ٿئي ٿو ته رستي تان لنگهندڙن ۾ جيترا مرد آهن اوتريون عوتون به آهن جيڪي پڻ هي لقاءُ ڏسي رهيون آهن. پر لڳي ٿو ته هن ماحول ۾ جنم وٺندڙ ننڍي هوندي کان هن نظاري ۽ ڌپ جا عادي ٿي چڪا آهن جيئن اسان وٽ رستن تي پيشاب بعد اڳٺ کي وات ۾ جهلي هٿ سٿڻ اندر داخل ڪري وٽ سارڻ جو اجر کٽيندڙ فقط ڌارين (يورپين وغيره) لاءِ تعجب جو سبب بڻجي ٿو، ان سان گڏ عرب ملڪن ملائيشيا، انڊونيشيا جهڙن ملڪن جي مسمانن لاءِ پڻ ته اسان جي ملڪ جا ماڻهو هي ڪهڙي ثواب خير جي ڪم ۾ رڌل آهن جن کي رستي تان لنگهندڙ عورتن جو به خيال ناهي. بهرحال دهلي جهڙي وڏي شهر جي گهٽين ۽ رستن جو ڪو ڪنڊ پاسو اهڙو نظر نه ايندو جيڪو يورڪ ائسڊ سان ڇٽڪاريل نه هجي.
    انڊيا ۾ مينهن جام پون ٿا پر ڏکڻ ۾. مهاراشٽرا ۽ انڌرا پريديش ۾ ۽ ان کان هيٺين صوبن ڪرناٽاڪا، ڪيرالا ۽ تامل ناڊو ۾. باقي مٿي وچ وارن صوبن ۾ اسان وارو حال آهي ۽ ڪراچي جي شهر وانگر دهلي جي هر گهٽي ۽ رستي تي ٿيندڙ کوٽائي سڄي شهر کي ڌووڙاٽي ڇڏيو آهي بلڪه ان کان بهتر ڪراچيءَ جي فضا ۽ رستا آهن. لاهور جا ته تمام تمام سٺا آهن.
    هتي جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ جتي Industrial Revolution آيو آهي ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ جتي فيڪٽريون ۽ ڪارخانن ڪري عوام لاءِ روزگار جا ذريعا ۽ خوشحالي پيدا ٿي آهي اتي انهن ڪارخانن مان نڪرندڙ ڪيميڪلن ۽ زهريات بيماريون به پکيڙيون آهن.
    اسان جي سنڌ ۽ پنجاب جي ڳوٺن ۾ به ڇيڻا ٿڦڻ هڪ عام ڳالهه هوندي هئي جيڪي سڪائڻ لاءِ ڀتين تي هنيا ويندا هئا. ننڍي هوندي هڪ چرچو (يا ٿي سگهي ٿو ته سچ به هجي) ٻڌو هوسين ته هڪ انگريز سنڌ جو هڪ ڳوٺ گهمڻ بعد پنهنجي حيرت جو اظهار ڪندي پنهنجي معلومات جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ هڪ ڳوٺاڻي کان پڇيو: ”مهرباني ڪري اهو ته ٻڌاءِ ته توهان پنهنجين مينهن کي ڪيئن ٿا ٽرين ڪيو جو هو پٽ تي ڇيڻا لاهڻ بدران ڀتين تي ٿيون لاهين.“ بهرحال دنيا جي ملڪن ۾ ڇيڻا هڪ عام ۽ سستو Fuel آهي. منجهس Per Kilogramme ايتريون Calories (گرمائش يا رڌ پچاءُ جي طاقت) نه آهن جيتريون گاسليٽ يا ڪاٺين ۽ اڱارن ۾. پر جتي ملائيشيا وانگر ڪاٺ جام نه هجي يا جتي ننڍي کنڊ وانگر آدمشماري ۽ غربت گهڻي هجي اتي چانهه کان ٻوڙ ماني پچائڻ لاءِ ڇيڻا هڪ سستو، آسانيءَ سان ملندڙ ۽ Environment friendly ٻارڻ آهي. يورپ ۽ ايشيا جي ڪيترن ملڪن ۾ ڇيڻ کي Direct ٻارڻ بدران وڏن پيپن (Cylinders) ۾ وجهي منجهانئس گيس پيدا ڪئي وڃي ٿي جيڪا Ethylene يا Propane ٽائيب صاف گيس ٿئي (جنهن کي اسان وٽ عام زبان ۾ گوبر گيس سڏين ٿا) ۽ هيءَ ٻارڻ ۾ ڇيڻي وانگر گهڻو دونهون نٿي ڪري پر ڪي ڳوٺاڻا دونهين خاطر ئي ڇيڻا ٻارين ٿا جيئن مڇر ماڻهن ۽ وهٽن کي نه پٽين جن جو آزار هتي هندستان ۾ به ڏاڍو آهي. بلڪه اسان کان به وڌيڪ. جو هتي دهلي، آگري، هردوار توڙي امرتسر، سهارنپور ۽ بنارس ۾ اسان جي شهرن کان وڌيڪ گندگي آهي ۽ وڌيڪ مليريا آهي. فقط انڊين فلمن جي حد تائين انڊيا جا شهر ۽ ڳوٺ بهشت برين نظر اچن ٿا جن ۾ پريٽي زنٽا، راني مڪربي، پريانڪا چوپڙا، سري ديوي ۽ مڌوءَ جهڙوين پريون نچندي ٽپندي ۽ رومانس ڪندي نظر اچن ٿيون باقي حقيقت ان فلمي خيال کان مختلف آهي جنهن ۾ اس ۽ ڌوڙ ۾ ڪوجهيون ٿيل ۽ ڌوڙاٽيل، پگهر ۽ ڇيڻن جي ڌپ واريون ئي عام رستن تي نظر اچن ٿيون جيڪي وت کان وڌيڪ آفيسن ۽ اوور ٽائيم يا ٻنين ۾ پورهيو ڪرڻ ۽ اڻ پوري خوراڪ ۽ آرام ڪري نٻل ۽ نستيون لڳن ٿيون. اها ٻي ڳالهه آهي ته هڪ ڪمزور ۽ ڪاري سنهي عورت هڪ ٿلهي ۽ بي ڊولي صحتمند کان وڌيڪ سمارٽ لڳي ٿي ۽ پري جي ۽ پهرين Look ۾ اسان جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ هلندڙ عورتن کان هتي جون وڌيڪ Appealing لڳن ٿيون. خاص ڪري شهرن جون جيڪي نه فقط ڊگريون هولڊر آهن پر علم به اٿن ۽ نه فقط انگريزي ڳالهائڻ ۾ پر ”ڇا ڳالهائڻ کپي“ ۾ به هوشيار آهن.
    بهرحال پاڪستان جي رهاڪن کي الله جو شڪر ڪرڻ کپي جو ٻين نعمتن سان گڏ اسان وٽ گيس به آهي جيڪا سالن کان نه فقط بلوچستان جي شهر سئيءَ مان نڪري رهي آهي پر سنڌ ۽ پنجاب جي ڪن ڳوٺن مان پڻ ڳولي وئي آهي ۽ جيستائين زمين هيٺ گڏ ٿيل ان گيس جو ذخيرو هلندو رهندو تيستائين اسان جي ملڪ جا ماڻهو ڇيڻن ٿڦڻ ۽ ڇوڏا ڪرڻ کان بچيا رهندا. وڻ ڪپي ڪاٺيون ۽ ڇوڏا ڪرڻ به آسان ڪم آهي پر اڄ جي هيڏي آدمشماري لاءِ ڪٿي آهن ايڏا وڻ جن جي ڀينگ ڪئي وڃي. اڄ اسان جي ملڪ جي شهرن توڙي ڳوٺن ۾ اسان جي رڌڻن ۽ ڪارخانن ۾ ٻارڻ جي گيس نلڪن ذريعي ائين ٿي اچي جيئن پاڻي. ۽ ان گيس کان ته جاپان جهڙا ملڪ به محروم آهن. گذريل سال جاپان ۾ هجڻ دوران ڊبل روٽي جي ڳري قيمت کي نظر ۾ رکي اسان ٽوڪيو مان اٽو گهرايو ۽ چلهه تي ماني پچائي ڊبل روٽيءَجو خرچ ٿي بچايو جيڪا ڪٿي به ڏيڍ سؤ بين (اسين روپين) کان گهٽ ناهي. ۽ تنهن ۾ به فقط ڇهه سلائيس ٿين. خبر پئي ته ماني پچائڻ تي جيتري گيس ٿي استعمال ٿئي اها ڊبل روٽيءَ جي قيمت کان مهانگي آهي.
    جاپان ۽ انڊيا ملڪ (۽ ٻيا ڪيترائي) تيل ۽ پيٽرول وانگر گيس به ٻارهن ملڪن مان گهرائين ٿا ۽ پوءِ سليندر ڀري گهرن لاءِ وڪڻن. اسان وٽ به ڪن ڪن هنڌن تي خاص ڪري پڪنڪ وغيره تي رڌ پچاءَ لاءِ سلينڊر استعمال ٿين ٿا پر اسان جي پنهنجي ملڪ مان نڪرندڙ گيس هجڻ ڪري انهن سلييندرن جي قيمت ايڏي ڳري ناهي جيتري جاپان ۾ آهي. يا هتي انڊيا ۾ آهي. ان ڪري ته انڊيا ڪوشش ۾ لڳو پيو آهي ته ڌارين ملڪن کان پاڻيءَ جي جهازن (LG ۽ VLCC جهازن) ذريعي گيس گهرائڻ بدران پائيپن ذريعي ايران مان گهرائي وڃي ته من ڪه جهه سستي پوي. جنهن جي پاڪستان پهرين اجازت نٿي ڏني پر هاڻ پنهنجي ملڪ مان گيس جا پائيپ لنگهڻ جي اجازت ڏني آهي. بهرحال هنن ملڪن ۾ اسان وانگر رڌ پچاءُ سستو نه آهي ۽ اسان وٽ هيڏي سستي گيس هوندي به اسان جو عوام ان کي مهانگو ٿو سمجهي ته هتي (انڊيا) جي هيٺين طبقي لاءِ جيڪو اسان جي ماڻهن کان به غريب آهي ۽ گهٽ ”ڏهاڙي“ ٿو حاصل ڪري، اهو ٻارڻ لاءِ ڪيڏي سوچ ويچار ڪندو هوندو. اهوئي سبب آهي جو انڊيا جي هر هڪ ڳوٺ ۾ ڇيڻا استعمال ڪرڻ عام آهي. بس يا ٽرين ۾ لنگهبو ته هر ڳوٺ جي ڀر واري ٻهراڙيءَ ۾ ڇيڻن سڪڻ جا انبار نظر ايندا. ڪيترن هنڌن تي مينهن پاڻيءَ جي بچاءَ ڪارڻ ان کي کوهه وانگر گول شڪل ۾ اسٽور ڪري ٻاهران ڇيڻن سان ليپ ڏنو وڃي ٿو. پوءِ ضرورت مطابق، خاص ڪري سياري ۾ ان گڏ ٿيل اسٽور مان ٿورا ٿورا ڪري ڪڍيا وڃن ٿا.
    اسان ڄاڃين جي بس هردوار کان ستر اسي ڪلوميٽر کن هلي روڪي نالي هڪ شهر وٽ پهتي. روڊ جي ٻنهي پاسي ڀارت آئل ۽ انڊيا آئل نالي پيٽرول پمپ ۽ انهن جي ڀر ۾ وڏيون هوٽلون هيون. ڪنڊياري جي دودي ۽ گهوٽڪي جي مهرچند جو اهو ارادو هو ته مٽن يا چڪن کاڌي وڃي جو هفتي کان رڳو ڀاڄيون ۽ دال کائي رهيا هئاسين. گذريل هفتي کان دهليءَ ۾ رهائش اگروال ڌرمشالا ۾ هئي جتي جيتوڻيڪ گهوٽ جي پيءُ اسان جي دوست نولراءِ اوڏ اسان جي کاڌي لاءِ دهليءَ جا ٻه ٽي سٺا مسلمان بورچي هٿ ڪري رکيا هئا پر ڌرم شالا وارن سختيءَ سان منع ڪيو ته انتظاميه جي پاليسي مطابق هتي ڪوبه پکي يا جانور ته ڇا پر بيضو به نٿو تري سگهجي. سو هاڻ رورڪي شهر جي بس اسٽاپ تي ٻنهي پاسي وڏيون هوٽلون ڏسي پڪ ٿي ته مٽن يا چڪن جو ٻوڙ ملي ويندو پر مهرچند وارن کي اهو ٻڌي افسوس ٿيو ته سڀ هوٽلون Vegeteranian کاڌي جون هيون جتي قطار ۾ رکيل ديڳڙن ۾ فقط مختلف قسمن جون ڀاڄيون ۽ داليون رڌل هيون. پيٽارو جي پڙهيل ۽ هاڻي ڪنڊيارو جي بينڪ جي مئنيجر دودو اوڏ کي چيم ته توهان چڱا گوشت جا شوقين آهيو. آئون مسلمان ٿي ايڏو ڪون ٿو چوان جيترو توها.
    ”ڀائيجان! روز زور داليون کائي کائي بيزا ٿي پيا آهيون. سچ ته اسان کي توهان جو به خيال ٿئي ٿو ته اسان پاڻ ته ٺهيو پر توهان کي به رڳو ڀاڄيون ۽ داليون پيا کارايون.“
    ”منهنجي خيال ۾ توهان منهنجو فڪر نه ڪريو. آئون جهازن ۽ جاپان ۽ سئيڊن جهڙن ملڪن ۾ رهيو آهيان جتي ڀاڄين ۽ دالين جي قيمت گوشت ۽ مڇيءَ کان وڌيڪ اهي. اهو هڪ اسان وٽ Complex آهي نه ته حقيقت اها آهي ته تازين ڀاڄين ۽ دالين ۾ Vitamins ۽ Proteins گهڻيون آهن. خاص ڪري ان گوشت کان جيڪو پوڙهي ۽ بيمار جانور جو آهي يا جيڪو گهڻي وقت کان فروزن آهي.“
    ۽ پوءِ مهرچند ٽهڪ ڏيئي چيو: ”توهان مڙيئي پنهنجي دوست ۽ اسان جي سالي صاحب نولراءِ جو خرچ بچائيدائو.“
    منهنجي ڀر ۾ بيٺل ڪنڊياري جي ڪاليج جي پروفيسر بسنت مون کي آهستي چيو: ”هي سڌرندا ئي ڪونه. سفر ۾ اسان کي ته جيڪي ملي ٿو کايو وڃو. گهرواري سک جي اميد رکڻ اجائي آهي.“
    دودو، مهرچند ۽ پروفيسر بسنت اسان واري پيٽاري جي دوست نولراءِ اوڏ جا ڀيڻويا ٿين.
    مهرچند جنهن جو گهوٽڪي ۾ بزنس آهي نولراءِ جي سڳي ۽ سڀ ۾ وڏي ڀيڻ پتليءَ جو مڙس آهي ۽ پروفيسر بسنت ۽ دودو، جيڪي ٻئي ڪنڊيارو رهن ٿا اهي نول جي ٻي ماءُ سوناري جي ڌيئن ميران ۽ شانتا جا مڙس آهن جيڪي ارجن داس ۽ رامچند جون سڳيون ڀيڻيون ٿين. دودي جي وڏي ڀاءُ مور جي زال ڪانتا پڻ نارائڻ داس اوڏ جي ٻي زال سوناريءَ جي ڌيءَ آهي.
    ٻين هندن ۾ بدي جي شادي جو رواج آهي يا نه پر اوڏن ۾ آهي، جيئن نول جي ڀيڻ مهرچند جي زال آهي ته مهرچند جي ڀيڻ گيتا نول جي زال آهي، مهرچند کي پنج ڌيئرون ۽ چار پٽ آهي. پاڻ پنهنجي ننڍي ڌيءَ مونيڪا ۽ زال پتليءَ سان هتي آيو آهي. مونيڪا MBA ڪئي آهي ۽ ڪراچي جي ڪنهن پرائيويٽ فرم ۾ مارڪيٽنگ آفيسر آهي. اهڙي طرح هن جا ٻيا وڏا ٻاردرشن، چندرا، انيلا ۽ رجنا پڻ مختلف سبجيڪٽن ۾ گريجوئيٽ بعد پرائيويٽ ڪمپنين ۾ نوڪري ڪن ٿا.
    هندستان جي نئين ٺاهيل صوبي اترانچل جي شهر رورڪي جي بس اسٽاپ تي مڪسڊ ڀاڄي ۽ پنير دال سان ماني کائي چانهه اچي بس ۾ پيتي سين. رات جا نو ٿي چڪا هئا. بس اسٽاپ جي ٽڪري کي ڇڏي باقي پري پري تائين اونداهه هئي. رکي رکي ايندڙ ويندڙ ٽرڪ يا ڪمند سان ڀريل ٽرالر جي اچڻ وڃن جي روشني ٿئي ٿي يا رکي رکي آسمان تي کنوڻ جو چمڪاٽ ٿيڻ سان گڏ گوڙ جو ڌڌڪو ٿيو ٿي. آسمان اڃا ڪڪرن سان ڇانيل هو ۽ رکي رکي بارش جو وسڪارو به ٿيو ٿي. اهوئي سبب آهي جو اڄ جي هن سفر ۾ گرمي ۽ ڌوڙ تنگ نه ڪيو باقي رستن جو هتي به اسان وانگر اهڙو ئي ڪارو منهن ٿيو پيو آهي. هيٺ مٿي ويل، ڀڳل ۽ گپ سان ڀريل رستن تان ڊرائيور کي گاڏي هلائڻ ۾ ڪافي دقت درپيش آئي ٿي. اسان وارن همراهن ويندي انهن جي زالن ڊرائيور کي رکي رکي ڇڙٻون ۽ دڙڪا ڏنا ٿي ته ”ڀائي ذرا تيز چلائو.“ يا پنهنجو پاڻ ۾ ٿي چيائو ته ”ڊرائيور کي گاڏي هلائڻ نٿي اچي.“ وغيره پر نڀاڳو ڊرائيور ڇا ڪري رستو سوڙهو ۽ بيڪار قسم جون جنهن تان فقط هڪ ڪار اچي ۽ هڪ ڪار وڃي سگهي. ڪمند يا گاهه سان ڀريل ٽرالر ٿي آيو ته يا ان کي يا اسان جي بس کي روڊ تان اڌ کن هيٺ لهڻو ٿي پيو. رکي رکي بس آهستي هلندڙ ڍڳي گاڏين جي پويان پويان هلي ٿي. ڊرائيور هارن گهڻا ۽ زوردار ڏيئي گاڏو ڇڪيندڙ ڍڳي يا سانَ ۽ ان جي هڪلڻ واري کي ڊيڄاريو ٿي پر جيسين هن کي به ڪو سنوت وارو ڪچو رستو ملي جنهن تي لهي اسان کي وڌڻ جي جاءِ ڏئي يا جيسين سامهون کان ايندڙ ٽريفڪ گهٽجي جيئن سانَ گاڏيءَ کي بس اوور ٽيڪ ڪري اڳيان وڌي وڃي. يا ڪڏهن ڪڏهن وري اسان جي پٺيان ايندڙ تيز رفتار گاڏين زور سان هارن ٿي ڏنا ته هيٺ ڪچي تي لهي کين رستو ڏيون. پر اسان جي ڊرائيور کي به ايترو عقل هو ته پنجاهه ڄڻن سان. ڀريل بس کي گپ هاڻي ڪچي ۾ لاهڻ سان ڪٿي هڪڙو پاسو هيٺ دٻجي نه وڃي ۽ پوءِ هيڏي ساري بس کي اوندهه ۾ ڪير ڌڪا ڏئي ڌٻڻ مان ڪڍي سگهندو.
    بهرحال اها اسان سڀني لاءِ رعجب جي ڳالهه هئي ته ههڙا اهم رستا جيڪي هريدوار (Haridwar) جهڙي اهم شهر ڏي وڃن ٿا جي ڄڻ ته هندن جو حج ٿو ٿئي ۽ اهوئي رستو جيو اڳتي هندستان جي هڪ ٻئي اهم شهر ديرادون (Dehradun) ڏي ٿو وڃي اهڙو آهي جهڙو اڄ کان پنجويهه سال اڳ ڪنڌڪوٽ جو رستو جڏهن قمر شهباز اتي ماستري ڪندو هو.
    ”ڀائو نول هي ڪهڙي مرزيل ڊرائيور جي بس Hire ڪئي اٿئي؟“ مهرچند نول کي چيو.
    ”توهان کي ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي. هي ڊرائيور صحيح آهي.“ نول وراڻيو، ”هتي ڊرائيور وڏي سوچ ويچار کان پوءِ ڪرڻو پوي ڇو جو گهڻي ڀاڱي ڊرائيورن کي شراب پيئڻ جي پٽ آهي. سگريٽ ڇڪڻ ٻي ڳالهه آهي، شراب جي نشي ۾ گاڏي هلائڻ خطرناڪ آهي. اسان وٽ ان ڪري پاڪستان م سٺا ڊرائيور آهن جو نشو نٿا ڪن. وڌ ۾ وڌ ڊگهي سفر وارا ٽرڪ ڊرائيور رستي جي هڪ اڌ هوٽل تي سوٽو هڻن ٿا پر هتي جو پورهيت ان ڪري بدبخت آهي جو جيڪي ڪجهه هو ڪمائي ٿو ان مان پنهنجو ۽ ٻارن جو پيٽ ڀرڻ بدران پهرين ٺرو پئي ٿو. خبر اٿئي آئون جنهن وقت به بس ڪريان ٿو ته ان جي ڊرائيور جي ڀر ۾ بيهي منهن سونگهڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو ته ڪٿي شراب جي ڌپ ته نه اچي رهي آهيس، شراب پيئڻ وارو ڊرائيور توهان ڏي منهن ڪري ڳالهائڻ کان پيو ڪيٻائيندو.“
    ڊرائيور انجڻ اسٽارٽ ڪري هڪ ٻه هارن ڏنا هوٽل ۾ باقي ڄاڃي هڪ هڪ ٿي بس ڏي وڌڻ لڳا. نول اعلان ڪيو ته هاڻ بس کي هلڻ ڏجي، ذري ذري چانهه پيئڻ لاءِ بس اسٽاپن تي لهڻ ۾ وقت ٿو ضايع ٿئي. ”هاڻ گهٽ ۾ گهٽ اترانچل صوبو لتاڙي اتر پرديش جي شهر کتائلي ۾ هلي چانهه پيئنداسين جتي ايندي وقت پڪوڙا ۽ سنبوسا کائون. ان بعد دهلي پهچڻ کان اڳ هڪ ٻئي شهر ميروت (Mreerut) اتر پرديش جو هي شهر ميروت جتي ايندي وقت به ترسيا هئاسين، دهليءَ کي ايترو ويجهو آهي جيترو حيدرآباد کي سڪرنڊ، واٽ تي سعيد آباد وٽ سمجهو ته غازي آباد جو تواريخي شهر آهي جتي دهليءَ کان بسون، ٽيڪسيون ۽ آٽو رڪشائون اينديون رهن ٿيون. ميروت جي ساڄي پاسي هڪ ٻئي ڀرسان قطار ۾ پر ٻين رستن تي، امروها ۽ مراد آباد شهر آهن جيئن ٽنڊو ڄام، ٽنڊو محمد خان ۽ ڪوٽڙي. دراصل هندستان جي هن صوبي اتر پرديش ۾ ڪيترائي تواريخي شهر آهن جيڪي مسلمانن توڙي هندن لاءِ اهميت رکن ٿا ۽ سندن ذڪر ننڍي هوندي تاريخ ۾ يا هندستان کان لڏي آيل مهاجرن کان ٻڌو ويو آهي. ڪجهه شهر جن ڏي هتان دهليءَ کان بسون ائين وينديون رهن ٿيون جيئن حيدرآباد کان هالا، ميرپوخاص، سيوهڻ، ٺٽو وغيره هن ريت آهن: لکنؤ، ڪانپور، جهانسي، گورکپور، بدايون، بلند شهر، بريلي، الهه آباد، علي ڳڙهه ۽ آگرو وغيره. انهن مان ڪجهه شهرن ۾ وڃي چڪا آهيون يا ٻئي صوبي ۾ وڃڻ وقت انهن شهرن ۾ ترسيا آهيون جيئن هينئر دهليءَ کان هردوار ويندي ايندي ٻه صوبا لتاڙڻا پيا.
    ڄاڃي سڀ بس ۾ ويٺا ته بس چرڻ لڳي، نولراءِ جي وڏي ڀاءُ حشمت راءِ جي پٽ انجنيئر راڻي رڙ ڪري ڊرائيور کي ڪو سٺو ڪيسٽ هلائڻ لاءِ چيو. بلڪل اڳيان ٻي قطارن ۾ آئون ويٺل هوس. ڀائي ذرا. ”رقص کي کيفيت“ وارا گانا هلائجان.“ مون لقمو ڏنو مانس. ڇو جو ويندي وقت به هن جيڪي گانن جا ڪيسٽ پئي هلايا سي ”روح جي وندر“ يا ”تازگي بخشڻ“ بدران مٿي جو سور گهڻو هئا.
    ڊرائيور ڪيسٽن جي ٿڦيءَ مان مٿيون ڪيسٽ ڪڍي ٽيپ رڪارڊ ۾ وڌو.
    آجا پيا تو هي پيار دون، بينان تم په وار دون
    ”واهه واهه! زبردست“ گاني جا ٻول شروع ٿيڻ سان ئي مون داد ڏنو.
    ڀائيجان خير؟
    منهنجي پويان ويٺل دودي منهنجي ”واهه واهه“ واري ادا تي کلندي چيو.
    ”بابا هي اسان جي جوانيءَ جي ڏينهن جو گانو آهي جڏهن اسان ڪيڊٽ ڪاليج ڇڏي مئرين انجنيئرنگ لاءِ چٽگانگ (هاڻ بنگلاديش) ۾ داخلا ورتي هئيسين.“
    ”واقعي؟“ مهرچند تعجب کائيندي پڇيو.
    ”لتا جا ههڙا سريلا گانا ان وقت جون اسان جون دلپسند هيروئنون وحيده رحمان ۽ ٻيون اهي ڪوٽڙي ۽ حيدرآباد کان انڊيا ويل سنڌي فلمي هيروئنون ساڌنا ۽ ڪمود ڇڳاڻي جهڙيون فلمن ۾ ڳائينديون هيون.“
    جهاز تي Sail ڪرڻ وقت به منهنجي دلپسند هئي يا نه پر منهنجي بنگالي ڪلاس ميٽ جي وحيده رحمان فيوريٽ فلم ائڪٽريس ضرور هئي جو ان جو فوٽو فريم ڪرائي هن پنهنجي ٽيبل تي رکيو هو. ۽ جهاز جو اسٽيورڊ روزانو صبح جو ڪئبن ٺاهڻ وقت ٻين شين سان گڏ ان جي به Dusting ڪندو هو. پر پوءِ جيئن ئي ڪجهه بندرگاهن بعد جهاز بنگال جي بندرگاهه چٽگانگ ۾ آيو ۽ فخروءَ جي ٽيبل تي فلم ائڪٽريس جو فوٽو سندس اوچتو آيل پيءُ ڏسي، فخروءَ کي دٻ پٽي ته ان کي ان ئي وقت جهاز جي Port- hole (دريءَ) مان هيٺ خليج بنگال ۾ ٿڌو ڪيو ويو. يعني وحيده رحمان جي تصوير کي.
    ”ان وقت توهان جو دلپسند هيرو ڪير هو؟“ دودي پڇيو.
    ”توهان کي تعجب لڳندو ته اسان جو فيوريٽ هيرو شمي ڪپور هو. تن ڏينهن ۾ اميتاڀ وغير جهڙا اڃا ميدان ۾ نه لٿا هئا. راجڪپور وڏا خرچ ڪري پنهنجن پٽن کي مٿانهو ڪرڻ لاءِ ”ايوننگ ان پئرس“ جهڙيون فلمون نه فقط ٺهرايون هيون پر دنيا جي مختلف ملڪن ۾ Distribution ڪئي هئي ۽ اسان اهي فلمون بيروت، ممباسا ۽ ڪولمبو جهڙن بندرگاهن ۾ ڏٺيون. پوءِ سگهوئي سن 1970ع ڌاري سنگاپور ۽ دبئي ۾ راجيش کنا ۽ اميتاڀ جون فلمون ڏسي دٻي مهانڊي شمي ڪپور کي وساري نون جي تعريف ڪڻ لڳاسين. 1970ع تائين ته ٽي وري يا ڪيسٽ رڪارڊ به اهڙو عام نه ٿيو هو. وديو ۽ ڪمپيوٽر جو ته ڪنهن سوچيو به ڪونه هو. هر بندرگاهه ۾ وڏي وندر انڊين فلمون ڏسڻ هو. سئنيما هال بندرگاهه کان ڪيترو به پري هجي، بس نه ويندي هئي ته ٽيڪسيءَ ۾ اتي پهچي ويندا هئاسين. اڄ ٿو سوچيان ته اهي فلمون Video تي اڄ هر ڪو گهر ۾ به ڏسي سگهي ٿو. اسان بيروت، ڪولمبو، سنگاپور، پينانگ ۽ بئنڪاڪ جهڙن ڪئين بندرگاهن جون تواريخي ۽ ثقافتي جايون گهمڻ ۽ ڏسڻ بدران فلمن پٺيان پئسي ۽ وقت جو زيان ڪندا رهياسين. ڇا ڪجي انهن ڏينهن ۾ پنهنجي وطن وربو هو ته هر ڪو دوست يار پڇندو به انهن فلمن بابت هو. تن ڏينهن ۾ انڊين فلمون ڏسڻ وڏو Stauts Symbol هو.


    دهليءَ ۾ سنڌي ڇوڪرين جو اسڪول

    منهنجي انڊيا اچڻ کان ٻه هفتا کن اڳ منهنجو پيٽارو جو ڪلاس ميٽ ۽ دوست نور احمد نظاماڻي پاڪستان حڪومت طرفان انڊيا ۾ ڏيڍ هفتي کن جو سيمينار اٽينڊ ڪري آيو هو. منهنجي انڊيا اچڻ جو ٻڌي هن مون کي دهليءَ ۾ هڪ سنڌي ڇوڪرين جو اسڪول ڏسڻ لاءِ تاڪيد ڪئي. هو ان اسڪول ۽ ان جي انتظاميه مان بيحد متاثر ٿي لڳو.
    ”دهلي وڃين ته اهو اسڪول ضرور ڏسجانءِ.“ هن مون کي پنهنجي ڳوٺ ٽنڊو قيصر مان فون تي ٻڌايو.“ تون ليکڪ ماڻهو آهين اهو ڏسي ان تي ڪجهه ضرور لکجانءِ. منجهس 1200 کان مٿي سنڌي ڇوڪريون پڙهن ٿيون. اهو اسڪول اتي جي هڪ ڊائريڪٽر جنرل پروفيسر ڊاڪٽر چندر ڏاسواڻيءَ اسان کي گهمايو هو. هو ان اسڪول جو Adviser پڻ آهي. سندس موبائين فون نمبر 9810532923 آهي ۽ اي ميل ائڊريس Daswani@vsnl.com آهي.
    پروفيسر ڏاسواڻي پاڻ به هڪ دفعو ضياءُالحق جي ڏينهن ۾ ۽ ٻيو دفعو هاڻ ويجهڙائيءَ ۾ انڊيا جي حڪومت طرفان اسلام آباد ۾ سرڪاري ڪانفرنس اٽينڊ ڪري ويو آهي. هن ڀيري ته هو پنهنجو اصلوڪو گهر ڏسڻ لاءِ حيدرآباد به آيو جتي نظاماڻي صاحب جي هن سان ملاقات ٿي. نور احمد نظاماڻي پاڻ به ڪنهن NGO جو ڊائريڪٽر آهي ۽ ”ماڊرن ائگريڪلچر“ نالي هڪ انگريزي رسالي جو ايڊيٽر ۽ ڊان ۽ دي نيون انگريزي اخبارن جو Freelance ليڪک پڻ آهي.
    دهلي پهچي ٻن ٽن ڏينهن بعد مون پروفيسر ڏاسواڻيءَ کي فون ڪيو ۽ هن مون کي سندن اسڪول ڏسڻ، ٽيچنگ اسٽاف سان ملڻ ۽ مانيءَ جي دعوت ڪئي ۽ ٻڌايو ته هي اسڪول دهليءَ جي ڏکڻ موتي باغ واري علائقي ۾ آهي جيڪو ساڌو واسواڻي جي نالي سان: Sadhu Vaswani International School for Girls Shati Niketan, New Delhi 110021.شانتي نڪيتن ۾ آهي.
    ”پل جي هيٺان پهچي پوءِ کاٻي وڃڻ بدران ساڄي مڙندين ته سيڪنڊ اسٽريٽ وٽ توکي نظر ايندو.“ پروفيسر ڏسواڻيءَ مون کي اسڪول جي ائڊريس چڱي طرح ذهن نشين ڪرائي.
    ڪجهه ڏينهن دهليءَ جي اوس پاس وارا شهر نولراءِ اوڏ جي پٽ مڪيش جي شاديءَ لاءِ سنڌ کان آيل ڄڃ سان گڏ گروپ جي صورت ۾ گهمڻ بعد هاڻ جيئن ئي واندڪائي ٿي ته اسڪول ڏسڻ لاءِ پروفيسر ڏاسواڻيءَ کي فون ڪيم ته هاڻ اچڻ چاهيان ٿو.
    ”توهان 24 مارچ تائين ڪڏهن به اچي سگهو ٿا جو ان کان پوءِ 25 ۽ 26 هوليءَ جي ۽ 27 تاريخ آچر تي موڪل آهي ۽ اسڪول بند رهندا.“ هن ٻڌايو.
    مون ساڻس 23 تاريخ مقرر ڪئي.
    ”منجهد ڌاري اچجو جيئن ماني به کائي سگهون.“ پروفيسر صاحب چيو.
    ”مانيءَ جي تڪلف ۾ نٿا پئون جيئن وقت بچي پوي. آئون رڳو توهان سان ملڻ ۽ اسڪول ڏسڻ ٿو چاهيان. خبرن دوران چانهه کڻي پيئنداسين.“
    ”چڱو جيئن توهان کي سهولت ۾ اچي.“
    ڪالهه 23 تاريخ هئي ۽ آئون دهليءَ جو وڏو گرلس اسڪول ڏسي آيس. پروفسير صاحب وٽ ڏهين بجي ملڻ جو پروگرام رٿيو هوم سو ڪلاڪ کن اڳ نائين بجي ڌاري تيار ٿي، ڪيمرا کڻي هتي جي ماڻهن جي عام ۽ فئوريٽ سواري ”آٽورڪشا“ لاءِ اچي بيٺس. هتي جي آٽو رڪشا اسان جي رڪشا جهڙي ئي آهي جنهن کي اڳيان موٽر سائيڪل ئي ڇڪي ٿي پر هتي هن کي فقط رڪشا چوڻ بدران آٽو رڪشا يا فقط آٽو چيو وڃي ٿو جو هتي انڊيا ۾ ان رڪشا کان علاوه هڪ ٻي به رڪشا آهي جيڪا مشيني پاور تي هلڻ بدران انساني طاقت تي هلي ٿي ۽ اها سائيڪل رڪشا سڏجي ٿي. هتي جي آٽو رڪشا اسان جي رڪشا کان ڪافي وڏي آهي ۽ ٽي ماڻهو ته آرام سان ويهي سگهن ٿا بلڪه چوٿون به ڏکيو سکيو ويهي سگهي ٿو ۽ ايترو ئي Comforatooble آهي جيتري ننڍي ڪار. اسان جي رڪشائن وانگر هنن جون دونهون نه ويٺل مسافر کي تنگ ڪري ٿو نه پريان ايندڙن کي. دونهين تي ڪنٽرول رکڻ لاءِ هڪ ته هي سڀ آٽو رڪشائون CNG گيس تي هلن ٿيون ۽ ٻيو ته انهن جو Exhaust پائيپ هيٺ اهڙي هنڌ تي آهي جو ان جو سموڪ مٿي اچڻ تائين هوا سان ڪافي Dilute ٿيو وڃي. هتي جون سائيڪل رڪشائون ٿوري مسافريءَ لاءِ ٿورن پئسن تي هلن ٿيون. غريب ۽ ڏٻرا رڪشائن وارا ٻن ٻن ٿلهن متارن مردن يا عورتن کي پٺيان سيٽ تي ويهاري کڙ کٻڙ ۽ چاڙهين وارن رستن تان جنهن محنت سان هلن ٿا اهو ڏسي پهريان ڏينهن ته افسوس ٿيندو هو ته ايترو بار ته جانور به ڍوئيندي ڪيٻائي پر ايشيا جي ٻين شهرن وانگر انڊيا جي شهر ۾ به جتي امير ماڻهن جا يورپ جي ماڻهن کان به وڏا ٺاٺ ۽ عيش آهن اتي انهن شهرن جي عوام جو وڏو حصو اهڙي غربت ۽ ڪسمپرسيءَ جي زندگي گذاري ٿو جيڪا هڪ جانور لاءِ به انسان جي دل ۾ڪهل پيدا ڪري.
    هونءَ ته رستي تي هر وقت خالي رڪشائن جي قطار نظر ايندي هئي پر ڪالهه پروفيسر ڏاسواڻي وٽ وڃڻ لاءِ نڪتس ته خالي رڪشا نه ملي. سڀ ڀريل لنگهي رهيون هيون جيڪا خالي ملي ان جو ڊرائيور اهو پڇي ته موتي باغ مارڪيٽ ڪٿي آهي، ۽ آئون ڇا ٻڌايانس ته ڪٿي آهي. بهرحال اهو اندازو لڳايم ته ڪافي پري آهي. يعني آئون ڪٿي ڪلفٽن وٽ بيٺو آهيان ته پروفيسر ڏاسواڻي جي آفيس ڄڻ ته تاج بلوچ جي گلستان جوهر واري پراڻي سوجهرو آفيس ٿي يا ٿي سگهي ٿو ته اڃا به پري هجي جو دهلي ته ڪراچيءَ جي آدمشاري توڙي پکيڙ ۾ ٻيڻي ٽيڻي ٿيندي ۽ جنهن علائقي ۾ آئون رهيو پيو آهيان ان جو هر رڪشا ڊرائيور هر ڏورانهين علائقي کان واقف نه آهي ۽ هوڏانهن دير ٿيڻ تي پروفيسر ڏاسواڻي ڇا سوچيندو ته سنڌي مسلمان کي نه پئسي جو قدر آهي نه وقت جو. آخر هڪ خالي رڪشا ۾ ٽپ ڏيئي چڙهي پيس.
    ”ڪهان چلنا هي؟“ رڪشا واري سوال ڪيو.
    ”هتان گهٽين مان نڪري پاس سئنيما واري مين روڊ تي ته هل ته ٻڌايائين ٿو.“
    هو ٻه چار گهٽيون لتاڙي ڀارت آئل واري پيٽرول پمپ وٽ مين روڊ تي اچي بيٺو. روڊ جي مٿان وڏن بلو رنگ جي بورڊن تي هڪ پاسي همدرد يونيورسٽي، بهائي ايرانين جو لوٽس مندر ۽ هندن جو ڪالڪا مندر هو ته ٻئي پاسي نهرو پارڪ، امير خسرو پارڪ وغيره لکيل هئا. آئون منجهي پيس ته ڪهڙي طرف هن کي رڪشا هڪلڻ لاءِ چوان. پيٽرول پمپ وٽ بيٺل ٽن چئن رڪشا وارن کان موتي باغ مارڪيٽ جو پڇيم جنهن تي هنن مون واري ڊرائيور کي ٻڌايو. جاءِ واقعي پري هئي، ڊرائيور اوستائين سمجهي ويو ته آئون ڪنهن ٻئي شهر يا ملڪ جو آهيان دهليءَ جو هرگز نه. هاڻ رستو معلوم ٿيڻ تي هن مون لاءِ ٻيو مسئلو کڙو ڪيو.
    ”ميٽر تي نه هلندس، ميٽر خراب اٿم.“
    ”مڙيئي خير آهي ڪيترو وٺندين.“
    ”پنجاهه روپيا.“
    ”چڱو پنجاهه ۾ به هل.“ مون چيو مانس گذريل هفتي ڏيڍ کان اسين هر رڪشا ۾ ميٽر بنا پيا هلون ۽ هن جا پنجاهه روپيا به مفاصلي جي حسان سان اسان ڪراچي وارن لاءِ گهٽ آهن جو اتي صدر کان ايئرپورٽ تائين ٽيڪسي ٻه سؤ روپيا ٿي وٺي ۽ هتي هي جنتر منتر واري ٽيڪسي ٽيهه چاليس روپيا کن ٿي وٺي.
    اسان جو بحث هلي رهيو هو اتي ڪو موٽر سائيڪل تي پوليس وارو اچي لنگهيو تنهن بيهارڻ جو سبب ميٽر خراب جو ٻڌي ڊرائيور کي دٻ پٽي ۽ مون کي ٻي رڪشا ۾ ويهڻ لاءِ چيو جيڪو ميٽر کي هيٺ ڪري سڌو ٿي ائين هلڻ لڳو ڄڻ ڪو رڪوع ۾ بيٺو هجي. پوليس واري پهرين کي ذري گهٽ چالان ٿي ڪيو ته جڏهن ميٽر صحيح نه هو ته گهران نڪتين ڇو. پر پوءِ معافيون وٺن تي پوليس واري ڇڏي ڏنس. آئون به ٻنهي (يعني پوليس واري ۽ پهرين رڪشا واري) جي مختلف طرفن ڏي روانو ٿيڻ تائين پوئين آرسيءَ ۾ ڏسندو رهيس ته پوليس وارو رشوت ۾ ڪو نوٽ ته نٿو وٺيس. پر نه. اهڙي ڪابه سين نه ٿي ان ڪري ان جو احوال لکڻ کان عاجز آهيان. آئون نٿو چوان ته هتي جي پوليس ڪا پاڪ پوتر آهي ۽ نه هتي جي پوليس جا ملائيشيا ۽ جاڇان جي پوليس جهڙا ڳرا پگهار آهن، پر هتي اهي ذليل نظارا نٿا ڏسجن جن جي اسان وٽ باهه ٻري پئي آهي. اسان جي پوليس ته ڏينهن ڏٺي جو ڌاڙيلن واري ڦر پئي ڪري ۽ مٿان وري اهو راڳ به پئي ڳائي ته ”قوم کي خدمت کرنا هي فرض همارا!“ شايد اهوئي سبب آهي جو انڊيا جي عوام پوليس کان ڊڄي ٿي. هنن کي خبر آهي ته انڊيا جو ٻچڙيوال ۽ غريب پوليس وارو جيتوڻيڪ بک تي ڊيوٽي پيو ڏئي پر سولو وڪامڻ وارو ناهي شهر ۾ ورولي ڪو ڪٿي ڪٿي پوليس وارو نظر ايندو ۽ ان سنهي لوڪڙ جهڙي ڇوڪراٽ جو اشارو به وڏن ٽرڪ ڊرائيورن ۽ لارين وارن کي ڏڪايو ڇڏي جو کين خبر آهي ته ان پوليس واري جي پويان سڄو پوليس فورس ۽ حڪومت آهي ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه هن کي خريد ڪرڻ سولو ناهي. هڪ ٻه دفعا رستي تي چيڪنگ لاءِ بيٺل اڪيلي پوليس واري کي ڏٺم جيڪو رستي تان لنگهندڙ مشڪوڪ گاڏين جي چيڪنگ ڪري رهيو هو. هن جنهن کي ٿي ڏنڊيءَ سان اشارو ڪيو ان يڪدم پنهنجي گاڏي پاسي تي بيهاري ٿي ڇڏي ۽ پنهنجا ڪاغذ ڪڍي ڏيکاريا ٿي. اسان وٽ (ٻيو نه ته گل بائي ۽ ماڙيپور واري علائقي ۾ ئي هلي ڏسو) ٽي ٽي پوليس وارا بيٺا هوندا. پوليس وارو سيٽيون وڄائي هنن کي بيهارڻ جي ڪندو. ڪو گاڏيءَ وارو بيهندو ڪو (جنهن وٽ صحيح ڪاغذ يا لائسنس نه هوندا) نه بيهندو. ڪڏهن ڪڏهن ته بدمعاش يا اثر رسوخ وارن مالڪن جا ڊرائيور بيهڻ جو اشارو ملڻ تي خار ۾ پوليس واري کي بجو ڏيئي هليا ويندا. هڪ اهڙي بس ڊرائيور کان اڳتي هڪ سنگل وٽ پهچي ان بابت پڇيم ته ائين ڪرڻ سان ڊپ نٿو ٿئي جڏهن ته ٽئڪسي ۽ گاڏيءَ جا ڪاغذ به پورا نه اٿئي؟
    ”ته ان لاءِ ته هنن...... کي روزانو سؤ روپيا ڏيون ٿا. پوءِ وري هي سيٽيون وڄائي اسان جو وقت ڇو ٿا خراب ڪن.“ هن وراڻيو.
    هڪ سنڌي ASI کان پڇيم ته اهڙن بي قانوني ڊرائيورن تي سختي ڇو نٿا ڪريو.
    ”سائين اهي ئي ته آهن جيڪي وڏن صاحبن جي خرچ پکي لاءِ رشوت ٿا ڏين ۽ ٻيو ته هر گاڏي ڪنهن وڏي آفيسر جي آهي. ڪنهن ۾ هٿ وجهي ڪنهن ۾ وجهون، هتي کين جهلينداسين ته اڳيان کين ڇڏيو ويندو، ان ڪري پيا ٿا زماني کي منهن ڏيون ۽ نوڪريون ڪريون.“
    بهرحال دهليءَ جو هي رڪشا ڊرائيور من کي اڳيان وٺندو هليو، رستي تي مواچند هاسپيٽل وٽ مون رڪشا کي بيهاري پروفيسر ڏاسواڻيءَ کي PCO تان فون تي ٻڌايو ته اچان پيو، جيتوڻيڪ پهچندي ٿوري دير ٿي وڃي. هن رڪشا واري کي Exact Iocation ٻڌائي ۽ پوءِ باقي رستا پار ڪري ڊرائيور شانتي نڪيتان مان اچي ڪڍيو جتي جي هڪ وڏي عمارت جي مين گيٽ تي ”ساڌو واسواڻي انٽرنيشنل گرلس اسڪول“ لکيل هو.
    اسڪول جي گيٽ تي لهي گارڊ روم ۾ رکيل رجسٽر تي پنهنجو نالو ائڊريس ۽ اسڪول ۾ اچڻ جو سبب لکيو ۽ پوءِ ريسپشن تي پهتس ته اتي جي ڪلارڪ ڇوڪريءَ يڪدم نوڪر کي سڏ ڪري مون کي پروفيسر ڏاسواڻيءَ وٽ موڪليو.
    پروفيسر صاحب هن وٽ ويٺل وائيس پرنسپال ۽ هڪ ٻن ٻين ليڊي ٽيچرن سان مون کي ملائيندي هنن کي ٻڌايو ته الطا جهازن جو انجنيئر ۽ پروفيسر هوندي ليکڪ پڻ آهي، جنهن جا سنڌي ۾ لکيل ڪتاب پنهنجي لئبريري ۾ پڻ آهن.
    پروفيسر ڏاسواڻي ۽ مون کي سنڌي ۾ ڳالهائيندو ٻڌي هڪ نان، سنڌي ٽيچر ڏاسواڻيءَ سان حيرت جو اظهار ڪيو ته توهان انڊين سنڌي ۽ پاڪستاني سنڌي هڪ ٻئي جي زبان سمجهو ٿا.
    Why Not ڏاسواڻيءَ جواب ڏنس.
    ”انڊيا جي تامل ناڊوءَ جو هڪ هندو تامل، سريلنڪا جو عيسائي تامل ۽ ملائيشياجو مسلمان تامل به ته هڪ ئي زبان تامل ڳالهائين ۽ سمجهن ٿا.“
    ”هن جو مطلب شايد اهو هجي ته اڌي صديءَ جي Gap ۾ اسان جي سنڌيءَ ۾ عربي ۽ فارسيءَ جا ۽ توهان جي سنڌيءَ ۾ هندي ۽ سنسڪرت جا ايترا لفظ اچي ويا هجن جو پاڻ کي هڪ ٻئي جي سنڌي سمجهڻ ۾ ڏکيائي ٿئي.“ مون چيو.
    ”ڌارين زبانن جا لفظ آيا آهن پر تمام گهٽ ۽ مزي جي ڳالهه اها ته عربي ۽ فارسيءَ جا لفظ اسان جي به سنڌي ۾ اچي ويا آهن بلڪه عرب ملڪن ۾ انڊيا جا ايترا ته ماڻهو ڪم ڪن ٿا جو هنديءَ ۾ ئي ڪيترا لفظ عربيءَ جا اچي ويا آهن.“ پروفيسر ڏاسواڻي ٻڌايو.
    چانهه تي ڏاسواڻي ٻڌايو ته هو 1936ع ۾ حيدرآباد ۾ ڄائو. حيدرآباد جو اصل نالو خدا آباد به هو. ”اسان حيدرآباد جا پراڻا رهواسي هجڻ ڪري اسان اڄ به هتي خدا آبادي سڏجون ٿا.“
    ڊاڪٽر چندر ڏاسواڻيءَ پرائمري تعلمي حيدرآباد مان وٺڻ بعد ايم اي، انگريزيءَ ۾ 1959ع ۾ آگره يونيورسٽي مان ڪئي ان بعد Linguistics (زبانن جي ڄاڻ) ۾ ايم اي ۽ پي ايچ ڊي 1996ع ۾ آمريڪا جي ڪارنيل يونيورسٽيءَ مان ڪئي، پاڻ پنهنجو Teaching Carrier 1952ع کان ديرادون جي ڀاوناڻي پرائمري اسڪول کان شروع ڪيو ۽ دهلي يونيورسٽيءَ جي ديال سنگهه ڪاليج ۾ انگريزيءَ جو ليڪچرر ٿي رهيو ۽ پوءِ نهرو يونيورسٽي ۽ پونا يونيورسٽي ۾ پروفيسر ۽ هينئر ڊائريڪٽر آهي.
    پروفيسر چندر ڏاسواڻي ٻڌايو ته هي اسڪول ساڌو واسواڻيءَ جي Mission جو هڪ حصو آهي.
    ”ساڌوءَ واسواڻي هميشه چوندو هو ته نياڻي کي پڙهايو، ڪابه قوم تيستائين سرخرو ۽ طاقتور ٿي نٿي سگهي جيستائين ان جي نياڻي کي علم جهڙو زيور نٿو ڏنو وڃي. تعليم يافته ڇوڪري هڪ سٺي ماءُ بڻجي سڄي ڪٽب کي سکي بنائي سگهي ٿي. هوءَ پنهنجن ٻارن کي اخلاق اندر رکي سگهي ٿي. ڇو جو ٻار جي نيپاج تي ماءُ جو ئي وڏو اثر ٿئي ٿو، اهائي ٻار سان گهڻو وقت گهر ۾ رهي ٿي، پيءُ ته روزگار خاطر سڄو ڏينهن آفيس يا ڪارخاني ۾ گذاري ڇڏي ۽ هن جو ٻارن سان ايترو Interact نٿو رهي جيترو ماءُ جو.“
    پروفيسر چندر وڌيڪ ٻڌايو ته حيدرآباد جو ميران اسڪول به ساڌوءَ ٺهرايو هن جو ان کي اڳتي هلي يونيورسٽي ٺاهڻ جو ارادو هو. هن ته هندستان جي ورهاڱي تي به سنڌ نه ڇڏي، هن کي سنڌ ۾ رهجي ويل هندن ۽ مسلمانن به نٿي ڇڏيو پر پوءِ اڳتي هلي هڪ ته هتان هندستان کان پاڪستان لڏي ويل مسلمانن ڊيڄاريو ۽ ڌمڪايو ۽ ٻيو هيڏانهن انڊيا لڏي آيل هندن به هن کي لکيو ته توهان جهڙا ماڻهو جيڪر هيڏانهن اچي اسان جي مورل سپورٽ ڪن ته اسان جي به همت افزائي ٿئي ۽ پوءِ 1950ع ڌاري ساڌو واسواڻي سنڌ ڇڏي هندستان آيو.
    ساڌو واسواڻي 25 نومبر 1879ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو، پاڻ شاعر، فلاسفر ۽ عظيم استاد هو جنهن انسان ذات جي خدمت ۾ پنهنجي زندگي گذاري ڇڏي. هن جو گهڻو زور علم حاصل ڪرڻ جي پرچار تي هو. هن 1931ع ۾ (جڏهن پاڻ پنجاهه ورهين جو هو ته) حيدرآباد ۾ ”سخي ستسانگ“ (Sakhi Satsang) نالي سان پنهنجي تحريڪ جي شروعات ڪئي. انڊيا اچڻ بعد ساڌو واسواڻيءَ پنهنجي مشن کي وري جاري رکيو ۽ هاڻ هن جي تحريڪ Brotherhood Assoication جي نالي سان ڪم ڪرڻ لڳي ۽ پنهنجو هيڊ ڪوارٽر پوني کي ٺاهيو. تعليم سان گڏ هاڻ هو ڪميونٽي جي خدمت جا ڪم پڻ ڪرڻ لڳو. خاص ڪري غريبن جو مفت علاج ڪرڻ لاءِ اسپتائون قائم ڪرڻ شروع ڪيون.
    پوني شهر جي ريلوي اسٽيشن مان نڪرڻ تي ڪجهه فاصلي تي ساڌو واسواڻي نالي هڪ روڊ اچي ٿو جنهن جي چوراهي تي ساڌوءَ جو پتل ۽ ٽامي جو ٺهيل هڪ ڏهه فوٽ ڊگهو Statue لڳل آهي. شهر جي وچ ۾ ساڌو واسواڻي مشن جي خوبصورت عمارت ٽن ايڪڙن جي پلاٽ تي ٺهيل آهي جتي هن سنڌ توڙي دنيا جي شهرن ۾ رهندڙ ساڌوءَ جا شيدائي ڪجهه ڪلاڪن يا ڪجهه ڏينهن لاءِ پوني اچن ٿا ته ان ۾ رهن ٿا.
    1966ع ۾ ساڌو واسواڻي جي ديهانت بعد سندس مداحن سندس مشن جو نالو ”بردرهڊ ايسوسيئيشن“ مان بدلائي ”ساڌو واسواڻي مشن“ رکيو آهي ۽ هاڻ هن مشن هيٺ هلندڙ خير جا ڪم ”دادا جشن پي واسواڻي“ جي نظر هيٺ ٿين ٿا. داد واسواڻي جا ليڪچر صبح جي وقت انڊين چينل Sony تان روزانو اڌ ڪلاڪ لاءِ اچن ٿا، جهيڻي آواز ۽ ڪمزور صحت وارو هي جهور پوڙهو عالم اڄڪلهه سنڌ وڃڻو آهي جتي هو ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ ليڪچر ڏيندو.
    ساڌو واسواڻي جي مشن ان ۾ يقين رکي ٿي ته سڀني مذهبن ۾ساڳي ڳالهه آهي ۽ سڀني جي عالمن اوتارن، پيغمبر جي عزت ڪجي. اهوئي سبب آهي جو هتي دهلي جي هن اسڪول ۾ توڙي ساڌو واسواڻي جي ٻين ادارن ۾ هر مذهب ۽ ان جو نياپو پهچائڻ وارن جو ڏينهن وڏي عزت ۽ احترام سان ملهائين ٿا. ساڌو واسواڻيءَ جو هڪ هنڌ انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيل قول/ شعر پڙهيم:
    In all religions Light is Thine
    In all the Saints the Picture is Thine.
    پروفيسر چندر ڏاسواڻيءَ ٻڌايو ته دهليءَ جي هن اسڪول يعني ساڌو واسواڻي گرلس اسڪول ۾ ڪي جي ۽ نرسريءَ کان وٺي ڏهين ۽ ٻارهين تائين ڪلاس آهن. يعني هڪ دفعو جڏهن ڇوڪري نرسريءَ ۾داخلا وٺي ٿي ته ٻارهن ڪلاس پاس ڪري نڪري ٿي يعني هوءَ هن اسڪول ۾ زندگيءَ جا چوڏهن سان گذاري ٿي. هتي تعليم وٺندڙ شاگردياڻين جو پنهنجو پاڻ ۾ هن اسڪول سان هڪ اڻ ٽٽندڙ رشتو ۽ پيار رهي ٿو.
    ڪلاس ڏهين تائين سڀني کي ساڳيا سبجيڪٽ کڻڻا پون ٿا ان بعد مئٿس، بائلاجي، ڪامرس، هوم ايڪانامڪس ۽ هاڻ بايوٽيڪ به شروع ڪرايو ويو آهي. هر ڪلاس جي شاگردياڻين جي تعداد مطابق ٻه يا ٽي سيڪشن آهن. زبانن ۾ انگريزي، هندي، سنڌي ۽ سنسڪرت پڙهائي وڃي ٿي. سنڌي نه فقط پڙهائي وڃي ٿي پر هندي لکڻي بدران ان ئي عربي اسٽائيل ۾ لکائي وڃي ٿي جنهن ۾ اسان وٽ عام آهي. اسڪول ڏسڻ دوران آئون انهن ڇوڪرين جا نالا پڙهڻ لڳس جن مختلف ڪلاس مان هن سال سنڌيءَ ۾ ٽاپ ڪري انعام حاصل ڪيو آهي. ختاب آڏواڻي، ڀانو پنجواڻي، مالا آلواڻي، نينا ڀامباني، هينا سومائي، ڪارونا مامتاڻي، مڪتا ڇڳاڻي، لاتيڪا ڏيماڻي وغيره.
    جن ڇوڪرين کي هن سال ميرٽ مطابق اسڪالرون ڏنيون ويون آهن، انهن جا نالا پڻ پڙهيم: ڀاونا اسراڻي، ڪنچن ساولاڻي، ڀاوڪا پماڻي، نيها ملڪاڻي، ماهيما گلابراڻي وغيره.
    ساڌو واسواڻي مشن جي سڀ کان وڏي خيراتي اسپتال پوني شهر جي ڪوري گائون پارڪ واري علائقي ۾ The Sadhu Vaswani Medical Complex ۾ آهي. هيءَ اسپتال دادا واسواڻي (Dada J.P. Vaswani) جي ڪوشش سان ٺهي راس ٿي ۽ هن جي ئي خواب جي پوئواري ڪري ٿي ته اها اسپتال جنهن ۾ بيمار کي داخلا کان منع ان ڪري نه ڪئي وڃي ته هو غريب آهي، اها اسپتال جتي هيٺائين کان هيٺائين ذات جي مريض جو به علاج ڪيو وڃي. دادا واسواڻي پنهنجن انگريزي ليڪچرن ۾ بار بار اهو چوندو رهي ٿو ته:
    Every Patient is a Picture of God. To serve him is to worship God.
    مٿين اسپتال کان علاوه ٻيون به ڪيتريون ننڍيون وڏيون اسپتالون ۽ ادارا آهن جيڪي ”ساڌو واسواڻي مشن“ هيٺ ڪم ڪن ٿا، جيئن ته ٻڌراڻي اسپتال جنهن جو افتتاح مدير ٽريسا 1989ع ۾ ڪيو. هن ۾ 22 ڊپارٽمينٽ، 86 ڪئسلٽنٽ، 270 وزٽنگ ڪنسلٽنٽ ۽ 186 نرسون ۽ 80 ٽيڪنيشن آهن. ويندي Dialysis مفت ۾ ٿئي ٿي.
    1995ع ۾ مورٻائي نارائڻ داس ڪينسر انسٽيٽيوٽ ۽ ريسرچ سينٽر جو افتتاح دادا واسواڻيءَ ڪيو. هيءَ 150 بسترن جي اسپتال آهي ۽ سال ۾ اٽڪل پنج هزار مريضن جي ريڊئشن، ڪيموٿراپي ۽ سرجريءَ ذريعي مفت عالج ڪيو وڃي ٿو.
    اسپتال ۾ رهائش ۽ علاج جو خرچ وغيره هندستان ۽ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ سخي هندو ڪن ٿا. اسپتال جي انتظاميه هر مرض جي علاج جو خرچ مقرر ڪري ڇڏيو آهي. ڪو چاهي ته هو هڪ غريب جي اکين جي آپريشن ڪرائي خير کٽان ته هو انڊين 2100 روپيا يا پنجاهه آمريڪن ڊالر اسپتال جي انتظاميه کي موڪلي ڏئي. يا ڪو ڪنهن غريب کي مفت ۾ Dialysis ڪرائڻ ٿو چاهي ته هو اٺ سؤ روپيا يا ويهه آمريڪن ڊالر في ماڻهوءَ جي حساب سان موڪلي اجر حاصل ڪري سگهي ٿو. هونءَ هندوءَ کي ڀلي ڪو واڻيو (پڪو ڪنجوس) چوي پر حقيقت اها آهي ته هو خير جي ڪمن ۾ به پئسو خوب ٿو خرچ ڪري. اخبارن ۾ پڙهيو يا هتي رهڻ دوران ڏسان پيو ته ڪيترا انڊين جيڪي آمريڪا، يورپ ۽ جاپان ۽ ٻين واليتن ۾ رهيا پيا آهن ۽ هنن جو بزنس سٺو هلي ويو آهي ته هو هتي پنهنجي وطن اچي غريبن جي خوب مدد ڪن ٿا. ڪي مخير حضرات اسپتالون ٺهرائين ٿا ته ڪي اسڪول ۽ مندر ته ڪي وري غريبن کي رهائش لاءِ گهر ٺهرائين ڏين ٿا. اهڙن قسمن جي ڪجهه مشهور Philanthropists (سخي مردن) جو دلچسپ اسحوال هن سفر نامي ۾ يا ڪنهن ٻئي ڪتاب ۾ ضرور ڪنداسين. هو نه فقط انسان ذات لاءِ پر جانورن ۽ پکين لاءِ پڻ ڀلو ڪرڻ چاهين ٿا. سنڌ ۾ اسان جيڪي ننڍي هوندي گهوڙن ۽ ٻين جانورن لاءِ پاڻي پيئڻ جا حوض حيدرآباد، ڪراچي ۽ ٻين شهرن ۾ ڏٺا اهي سڀ هندن جا ئي ٺهرايل هئا. پاڪستان ٺهڻ بعد ڪنهن نوان ته نه ٺهرايا پر پراڻن جي به مرمت نه ٿي ويتر انهن پلاٽن تي ئي قبضو ٿي ويو. عوام جي فرحت ۽ سک لاءِ جيڪي داس گارڊن ۽ رام باغ جهڙا حيدرآباد، ڪراچي ۽ ٻين شهرن ۾ پارڪ ۽ باغيچا هئا، يا ڪراچي جهڙي شهر ۾ تعليم پرائڻ لاءِ غريب شاگردن جي رهائش جي بندوبست لاءِ هاسٽلون هيون سي پڻ سڀ هندن پنهنجي هڙون خرچ ڪري ٺهرايون. اسان وڏو ڇيهه اهو ڪيو ته نالا مٽائي مسلماني طرز جا رکڻ کي ئي خير جو ڪم سمجهيوسين. انڊيا ۾ عوام جي سک لاءِ جيڪي خيراتي پروجيڪٽ ٺهندا رهن ٿا اهي صاف ظاهر نظر اچن ٿا، انهن جون انتظاميون ايمانداريءَ سان خرچ هلائين ٿيون ۽ هتي توڙي پرديس ۾ رهندڙ هندو توڙي سک دل سان مالي ۽ جاني مدد ڪن ٿا جيئن دهليءَ جي هن ساڌو واسواڻي اسڪول لاءِ به هڪ طرف امير هندو پئسو موڪلين ٿا ته ٻئي طرف پروفيسر چندر ڏاسواڻيءَ جهڙا قابل ۽ ايماندار ماڻهو صبح کان شام تائين ويهي ان کي بهتر کان بهتر طريقي تي هلائين ٿا جيئن غريبن غربي جا ٻار هڪ سٺي ماحول، ۾ نه برابر خرچ تي اعليٰ کان اعليٰ تعليم حاصل ڪري قابل ٿي نڪرن ۽ ان قابليت جو ٽچ اسٽون اهو آهي جو آمريڪا ۽ يورپ ته ڇا اسان جا عرب ملڪ توڙي ملائيشيا، انڊونيشيا ۽ برونائي جهڙا مسلمان ملڪ به انڊيا جي ماڻهن کي نوڪري ڏيڻ پسند ڪن ٿا جو هنن کي صحيح تعليم ۽ قابليت آهي.
    ڪنڊيارو ۽ حيدرآباد کان آيل هنن اوڏ ڄاڃين جو هتي هڪ اوڏ مائٽ وزير نالي آهي جيڪو پنهنجي تخلص ”سائل“ سان پاڻ کي سڏائي ٿو. هن جون ڳالهيون ٻڌڻ وٽان هونديون آهن، پاڻ سڪرنڊ ڳوٺ جو رهاڪو هو، ورهاڱي کان گهڻو پوءِ لڏي هندستان جي صوبي راجستان ۾ آيو ۽ هاڻ ٻارن جي پڙهائي ۽ نوڪري ڪري هتي دهلي جي هڪ علائقي هرڪيش نگر ۾ رهي ٿو. گهر جو نمبر 108 اٿس. جڏهن به ڪو پروگرام نه هوندو اٿم ته کيس سندس موبائيل نمبر 55662377 تي فون ڪري ڪچهريءَ لاءِ سڏيندو آهيان. ڪچهري ٻي نه پر شاهه جا شعر اچي ٻڌائيندو آهي جيڪي هن کي اهڙا رٽيا پيا آهن ڄڻ ننڍي هوندي کان رڳو شاهه جو رسالو پيو پڙهي.
    هڪ ڏينهن هندن جي خير خيرات ۽ غريب ماڻهن جي ڀلي لاءِ خرچ ڪرڻ جي ڳالهه اچي نڪتي. جنهن تي شاهه جي شعر جو مثال ڏنائين ته سائين روزا نمازون به سٺو ڪم آهي پر پروردگار کي وڌيڪ خوش ڪرڻ لاءِ خير جا ڪم به ضروري آهن. جيڪو رب جي راهه ۾ خرچي ٿو ان کي الله بي حساب اهڙي طرح ڏئي ٿو جو هن کي خيال ۽ گمان به نٿو رهي.
    ”توکي خبر آهي ته شاهه لطيف جي ڏينهن ۾ هڪ هندو ڏاهو مدن لعل هو، هڪ ڏينهن شاهه لطيف چيس ته مدن لعل! حشر ويل حساب جي ڪافر ڪندا ڪيئن؟ يعني توهان هندو ته روزا نمازون به نٿا پڙهو سو ڪيئن جنت ڏي هلندئو؟
    مدن لعل چيو ان جو جواب ڏيندس پر هينئر نه وقت اچڻ تي. هڪ دفعي ٻيڙي فل ٿي ماڻهن کي پتڻ اڪارڻ لاءِ هلي جنهن ۾ شاهه لطيف به ويٺل هو، اتي ڪپر تي مدن لعل آيو. هن به ٻي پار وڃڻ ٿي چاهيو، هن ٻيڙيءَ واري کي ڏاڏا سڏ ڪيا پر هو هن کي کڻڻ لاءِ واپس نه ٿيو، اتي مدن لعل ٻه آنا ڀاڙي بدران روپيو هٿ تي رکي ٻيڙيءَ واري کي ڏيکاريو ته هو يڪدم موٽي آيو ۽ مدن کي اچي کنيائين. ٻيڙيءَ ۾ ويهي شاهه صاحب کي هن چيو ته هڪ دفعو توهان مون سوال ڪيو هو ته ”حشر ويل حساب جا ڪافر ڪندا ڪيئن؟“ ان جو جواب هاڻ ٿو ڏيانءِ ته:
    ”هٿ جنين جا هيئن پهرين پتڻ سي لنگهن.“
    بهرحال وزير اوڏ (سائل) جيڪو بقول سندس: ”ادا آئون نه مسلمان آهيان ۽ نه هندو. آئون بت هرگز نه پوڄيندو آهيان.“ جو پڻ اهو عقيدو آهي ته جيڪو هٿ جو کلئو رهندو ۽ الله جي واٽ ۾ غريبن مسڪينن جي مدد ڪندو ان کي الله هرگز نه ڇڏيندو ۽ ٿي سگهي ٿو پهرين انهن کي پتڻ ٽپائي، پل ٽپائي جنت ۾ داخل ڪري.
    بهرحال هتي اسان سنڌ جي هڪ شهر حيدرآباد جي رهواسي ساڌو واسواڻي جي فقير منش طبيعت ۽ ان جي مشن جي ڳالهه بيان ڪريون ته هن جيڪا تحريڪ حيدرآباد سنڌ کان شروع ڪئي اڄ ان جون شاخون ۽ خدمت ڪرڻ جا ادارا انڊيا جي 22 شهرن ۾ آهن ۽ دنيا جي اٽڪل 36 ملڪن ۾ آهن جن مان ڪجهه هن ريت آهن: لنڊن، ميامي، هانگ ڪانگ، سنگاپور، پينانگ، (ملائيشيا جڪارتا (انڊونيشيا) بارسلونا (اسپين) دبئي، نيو جرسي، بوسٽن (USA) جهانسبرگ (سائوٿ آفريقا) پاناما، ٽرنيڊاد، سوٽا وغيره. دادا واسواڻي انهن مڙني جاين تي پروگرام ۽ ليڪچر آرگنائيز ڪندو رهي ٿو.
    پوني ۾ اسپتالن کان علاوه ميران موومينٽ جي نالي سان ساڌو واسواڻي مشن جا جيڪي اسڪول آهن، سي هن ريت آهن:
    ميران گرلس ڪاليج.
    ميران هاءِ اسڪول (سنڌي ميڊيم)
    ميران پرائمري اسڪول (سنڌي ميڊيم)
    ميران ٻال ڀون.
    شانتي وديا مندر (ڪنڊر گارٽن، انگلش ميڊيم) ۽
    ماٿوري ٻائي ڪرمچند محبوباڻي گرلس هاسٽل.
    ان کان علاوه سنڌي زبان (عربي ۽ ديوناگري لکت) جا Crash ڪورس نون سکندڙن لاءِ هر وقت ٿيندا رهن ٿا جيئن سنڌيءَ کان اڻ واقف ماڻهو هي قديمي زبان پڻ سکي سگهن.
    ساڌو واسواڻي مشن هيٺ ڪجهه رسالا ۽ نيوز ليٽر به ڇپجن ٿا جيڪي هن ريت آهن:
    ماهوار East & West
    ماهوار انگريزي Mira
    مهيني ۾ ٻه دفعا سنڌي رسالو ”شيام“
    ماهوار سنڌي ”سنت مالا.“
    سنڌي ماهوار نيوز ليٽر ”سنت ساهتيا.“
    ساڌو واسواڻي مشن هن ويب سائيٽ تي ڏسي سگهجي ٿي:
    www.sadhuvaswani.org
    ۽ هن مشن جي پوني واري پوسٽل ائڊريس هن ريت آهي:
    Sadhu Vaswani Mission
    10,Sadhu Vaswain Path
    Pune-411001.(Tel:625679,623847)
    دهلي جي هن اسڪول ”ساڌو واسواڻي گرلس اسڪول“ مان نڪرڻ وقت اسڪول جي وائيس پرنسپال هن سال جي اسڪول مخزن جي ڪاپي ڏني جنهن جو نالو Karuna آهي. ٻه سؤ کن صفحن جي هن مئگزين ۾ انگريزي، هندي ۽ سنڌي سيڪشن آهي. سنڌي ديوناگوري لکت ۾ نه پر اسان واري عربي رسم الخط ۾ آهي. ڇپائي تمام صاف ۽ چٽي آهي. سنڌي سيڪشن ۾ اسڪول جي ڪيترين ئي ڇوڪرين جا مضمون، شعر ۽ لطيفا آهن، جهڙوڪه هنا ٽيڪ چنداڻي جو ”پرڀوءَ جو پيار ديپڪا تنواڻي جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀهرڻي گريماڪيسواڻيءَ جو ”جهولي لال سائين“ شعر، سونم بجلاڻيءَ جو ”اپديش جو اثر“ ۽ ٻيا ويهارو کن شعر ۽ مضمون آهن. نموني خاطر هتي ان مئگزين مان هڪ لطيفو ۽ شعر ”نه ملندو پئسي سان“ هوبهو نوٽ ڪيان ٿو.
    هڪڙي عورت بس ۾ پئي وئي، ڪنڊيڪٽر کان پڇيائين، ”ڇا ٻار اڌ ڀاڙي تي بس ۾ مسافري ڪري سگهن ٿا يانه؟“ ڪنڊيڪٽر جواب ڏنو، ”ها، اڌ ٽڪيٽ تي مسافري ڪري سگهن ٿا رڳو ٻارهن کان گهٽ هجن تڏهن.“
    عورت خوش ٿيندي چيو، ”شڪر آهي پرماتما جو مون کي نور ٻار آهن.“
    ۽ هاڻ آخر ۾ نموني خاطر ساڌو واسواڻي انٽرنيشل گرلس اسڪول جي مئگزين مان هڪ شعر پڻ هتي لکي رهيو آهي جيڪو نائين ڪلاس جي شاگردياڻي منيشا چيلاڻيءَ لکيو آهي.

    نه مندو پئسي سان
    پئسي سان ڪريم پائوڊر ملندو،
    پر قدرتي حسن نه ملندو،
    پئسي سان عينڪ ته ملندي،
    پر اصلي نظر نه ملندي،
    پسي سان زال ته ملندي،
    پر ڌرم پتني نه ملندي،
    پئسي سان پلنگ ته ملندو،
    پر ننڊ نه ملندي،
    پئسي سان باجو ته ملندو،
    پر سُر نه ملندو،
    پئسي سان گود ورتل پٽ ته ملندو،
    پر پنهنجي پيٽ جو پٽ نه ملندو،
    پئسي سان زهر ته ملندو،
    پر امرت نه ملندو،
    پئسي سان مندر ته ملندو،
    پر ڀڳوان نه ملندو.
    ۽ آخر ۾ ساڌ واسواڻي جو سنڌ جي ياد ۾ انگريزي نطم جيڪو هن سنڌ ڇڏڻ بعد پوني (انڊيا) ۾ لکيو هو:
    I remember trees
    The dark blue clouds,
    The waves of Sindhu,
    How can I forget the by lanes
    Of the village of my native land?
    Oh, How I long to meet
    The people of my land?
    The people who were so poor
    And yet so innocent
    The beloved people of my land.


    انڊيا ۾ اسان جا رهندڙ اوڏو

    اسان وٽ اڏو برادري جا ماڻهو سنڌ ۾ حيدرآباد کان وٺي لاڙڪاڻي جيڪب آباد تائين رهن ٿا ان کان علاوه سنڌ کان ٿورو مٿڀرو پنجاب جي ڏکڻ واري حصي ۾ به رهن ٿا. جيڪي هونءَ عام طرح سرائڪي ڳالهائين ٿا جيئن سڌن جا اوڏ سنڌي، سڀئي اوڏن جي پنهنجي اوڏڪي مادري زبان آهي جيڪا بقول پروفيسر بسنت اوڏ جي سرائڪيءَ سان گهڻو ملي ٿي. پنهنجو پاڻ ۾ هو هميشه پنهنجي اوڏڪي زبان ۾ گفتگو ڪن ٿا. نه فقط پاڪستان جا اوڏ پر انڊيا جا پڻ. انڊيا ۾ مهاراشٽرا صوبي کان وٺي اترانچل صوبي ۽ دهلي جي راڄ ڌاڻي ۾ جتي ڪٿي هزارين اڏو فئمليون رهن ٿيون، دهليءَ کان ٿورو پر ڀرو ته هڪ سڄو ڳوٺ اوڏن جو آهي.
    انڊيا ۾ رهندر اوڏن ۾ ڪيترا ته پهرين کان هتي جا رهاڪو هئا ۽ ٻيا ورهاڱي بعد يا ان کان پوءِ انڊيا اچي رهيا. اوڏ هميشه پنهنجي ڪميونٽي سان رهن ٿا جيئن آغا خاني ۽ بوهري وغيره ڇو جو اوڏن جون ڪيتريون ئي ريتون رسمون ۽ پوڄا پاٺ جا طريقا هندن کان به مختلف آهن. اوڏ شاديون به پنهنجي ئي ذات نيات ۾ ڪن. هنن ۾ ٻين هندن وانگر ڏيج (Dowery) جو چڪر ۽ پريشر ناهي. هنن جو ايامن کان بدي جي شاديءَ جو وهنوار هلندو اچي. پنهنجي نياڻي جتي ڏيندا انهن کان پاڻ به پنهنجي پٽ لاءِ وٺندا. پوءِ ان ريت ڪيترن غريبن ڪٽنبن جو هڪ ٻئي سان ڳانڍاپو ۽ ڀلو ٿيو وڃي. جيئن اسان جي دوست نولراءِ جي والد نارائڻ داس ڊپٽي ڪمشنر ٿي ڪري به پنهنجون نياڻيون غريب اوڏن کي ڏنيون ۽ سندس پٽن جيڪي ڪمشنر، ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ نيوي ۾ ڪئپٽن ٿي ويا انهن غريبن گهرن جي اوڏ ڇوڪرين کي قبول ڪيو جيڪي هنن جي مقابلي ۾ پڙهيل ڳڙهيل به نه هيون. رامچند اوڏ جي جڏهن شادي ٿي رهي هئي ته هو پيٽارو ڪئڊٽ ڪاليج مان انٽر، NED ڪراچي مان سول انجنيئرنگ ۾ BE ۽ بئنڪاڪ جي يونيورسٽي مان ME ڪري هاڻ اسڪالر تي PH.D ڪرڻ لاءِ آمريڪا وڃي رهيو هو. ڳوٺان شادي ڪري هو آمريڪا ٿي ويا ته ڪجهه ڏينهن لاءِ اسان وٽ ڪراچي اچي رهيا هئا. سندس زال وزيرا ان کي اڙدو ۽ انگريزي ته پري سنڌي به چٽي طرح ڳالهائڻ نٿي آئي. هوءَ اوڏڪيءَ ۾ ئي ڳالهائي رهي هئي. آمريڪا ۾ جنهن هنڌ رامچند کي رهائش ملي هئي ان پاڙي ۾ ته ڪو اردو يا هندي ڳالهائڻ وارو پاڪستاني يا انڊين ته نه هو پر سڄي شهر ۾ نه هو. رامچند کي ان جو ڪو فڪر نه هو. پنهنجي Style ۾ مرڪندي چيائين پاڻهي ٻئي ڄڻا گڏجي انگريزي ڳالهائڻ وارن کي منهن پيا ڏينداسين ۽ پوءِ جڏهن ڇهن مهينن کان پوءِ اسان جو جهاز آمريڪا ويو آئون ساڻن ملڻ ويس ته اهو ڏسي حيرت ٿي ته ڇهن مهينن جي ننڍڙي عرصي ۾ ڊاڪٽر رامچند جي زال وزيران نه فقط روان انگريزي ڳالهائي رهي هئي پر آمريڪن Acceent ۾! سچ چيو اٿن ته ڌارئي زبان ڳالهائڻ لاءِ Practice ضرروي آهي ۽ نه ڊگريون. اسان جي آس پاس ڪيترائي اهڙا مثال نظر ايندا جن ايم اي عربي، فارسي يا انگريزيءَ ۾ ڪئي هوندي پر انهن ملڪن جو ڪو اهل زبان ساڻن ڳالهائيندو ته هو ان جي ڳالهه ئي سمجهي نه سگهندا جواب ڏيڻ ته ٿيو پوءِ جي ڳالهه. بهرحال هي اسان لاءِ پهرين اکين ڏٺو واقعو هو ته هڪ ڪنڊياري پاسي جي ڳوٺ جي ڇوڪري جيڪا ڪڏهن حيدرآباد به نه نڪتي هجي ۽ نه وري ستر واري ڏهي جي شروعاتي سالن تائين ڪي انگريزي ٽي وي چئنل هئا جن تان هوءَ انگريزي ٻڌي سگهي سا شادي بعد پهريون دفعو ڳوٺ ڇڏي ڪراچي مان ٿيندي آمريڪا جي ڪولورروڊ رياست جي هڪ شهر ۾ وڃي ٿي جتي هوءَ ڇهن مهينن اندر اتي جي مڪاني ماڻهن جي آمريڪن اسٽائيل انگريزي سمجهي ۽ ڳالهائڻ لڳي ٿي. ڊاڪٽر رامچند ۽ سندس زال جو مثال آئون هميشه پنهنجي پاڪستاني خاص ڪري سنڌ صوبي جي نوجوانن کي ڏيندو آهيان، جيڪي ولايت ۾ نوڪري ملڻ تي پنهنجن زالن کي پاڻ سان نه وٺي وڃڻ جو اهوئي سبب ڏيندا آهن ته ان ملڪ جي انگريزي، اسپيني، عربي يا ڪا ٻي ڌارئين زبان آهي ۽ سندن زالون ڪيئن گذارو ڪري سگهنديون. سچ ته اهو آهي ته ملائيشيا جي هڪ ٻيٽ نما ڳوٺڙي ۾ جڏهن مون کي نوڪري ملي ته آئون اهو معلوم ڪري في الحال پريشان ٿي ويس ته فقط آفيس جي چند سينيئر ماڻهن جي ٻيو سڄو اسٽاف فقط ملئي ٿو ڳالهائي ۽ سڄي ڳوٺ ۾ به ملئي ٿي ڳالهائي وڃي. پر پوءِ ملائيشيا پهچڻ بعد مون ڏٺو ته پنهنجي جهازي انجنيئرنگ (Marine) جي Subject ۾ آئون ايڏو مشغول ٿي رهيس جو مون کان اڳ منهنجا ٻار ملئي سکي ويا ۽ ڪيترا لفظ مون کي کانئن پڇڻا پيا ٿي ۽ پوءِ ته باقي اٺ نو سال رهڻ دوران ٻارن تعليم به اتي جي ئي اسڪولن مان ورتي.
    بهرحال اوڏن جي پنهنجي مادري زبان اوڏڪي آهي ۽ اها سڄي ننڍي کنڊ جا اوڏ ساڳي ٿا ڳالهائين جيتوڻيڪ چيو وڃي ٿو ته اها سرائڪي جي ويجهو آهي پر سرائڪي وري به مون جهڙي سنڌي ڳالهائيندڙ کي ڪجهه نه ڪجهه سمجهه ۾ اچيو وڃي ٿي پر اوڏڪي هرگز نه. اهو به چيو وڃي ٿو ته اوڏڪي تمام آڳاٽي زبان آهي. ان بابت اسان جي دوست نولراءِ جي وڏي ڀاءُ ڊاڪٽر گلاب راءِ تحقيق جو هڪ ڪتاب پڻ لکيو آهي جيڪو سنڌي ادبي بورڊ وٽ ڇپائي لاءِ پهتل آهي. بهرحال وڌيڪ ان بابت ٻولين جا ڄاڻو ۽ عالم ڊاڪٽر ٻگهيو، سراج ميمڻ، عبدالجبار جوڻيجو، سنديلو صاحب، عرساڻي صاحب جهڙائي ڪجهه راءِ ڏيئي سگهن ٿا.
    اوڏن جي شادين بابت لکي چڪو آهيان ته هنن شاديون پنهنجي ذات ۾ ئي ٿين ۽ بدي تي ٿين ٿيون. جنهن وٽ ڇوڪري ناهي ته اهو پئسا ڏئي پنهنجي پٽ لاءِ ننهن حاصل ڪري سگهي ٿو. بقول هڪ اوڏ جي هنن وٽ نياڻيءَ جو هجڻ ڪو مسئلو ناهي ڇو جو هنن وٽ ڏيج جو چڪر ناهي يعني نياڻي ڏيڻ سان گڏ ناڻو نٿو ڏئي جيڪو ٻين هند ن ۾ (هاڻ ڪجهه مسلمانن ۾ به) عام ٿيندو وڃي. اوڏن لاءِ بس اهو ضروري آهي ته پنهنجي ذات جو هجي. اهڙين شادين جا ڪيترائي مثال هن سنڌ ۾ ساڳيا آهن، ڪنڊياري جو نارائڻ داس صاحب (اسان جي ڪاليج جي ساٿي اوڏن: ارجن داس، نولراءِ ۽ رام چند جو والد) جن ڏينهن ۾ ريزيڊنٽ مئجسٽريٽ هو ته انهن ڏينهن ۾ چتون مل اوڏ هڪ غريب پورهيت هو. پر پوءِ پنهنجن ٻن پٽن سري چند ۽ لڇمڻ جي رشتي لاءِ نارائڻ داس صاحب نه فقط چتون مل کان سندس ٻه نياڻيون، جهمي (شبانا) ۽ ريکا ورتيون پر پنهنجيون ڌيئرون ڪملا ۽ شانتا جو مڱڻو ننڍي هوندي ئي چتون مل جي پٽن مور ۽ دودي سان ڪرايو. چتون مل غريب ضرور هو پر هڪ غيرت مند ۽ محنتي اوڏ هو. هن ان رشتي بعد جيڪا محنت ڪري پنهنجن پٽن کي تعليم ڏيئي وڏي عهدي تي آندو اها هڪ الگ ڪهاڻي آهي. جيڪا اڄ جي ڪنهن به سست ۽ ٽوٽي ماڻهوءَ لاءِ اتساهه ۽ سبق آهي ۽ وري چتونءَ جي پٽن به پنهنجو پان کي لائق فائق بنائڻ خاطر محنت ۽ پورهيو ڪيو ۽ ڪنڊيارو جهڙي ڳوٺ ۾ رهي ڪري پنهنجي اولاد کي جنهن نموني سان تعليم ڏياري اهو مثالي ڪم آهي. اڄ دودي جي پنجن ٻارن مان هڪ ڌيءَ (ڪرڻ) ۽ هڪ پٽ (سريندر) ڊاڪٽر آهن ۽ ٻه پٽ ۽ هڪ ڌيءَ انجنيئر آهن. اهڙي طرح ٻئي ڀاءُ مور (يعني جنهن سان رامچند جي ننڍي ڀيڻ ڪملا جي شادي ٿي آهي) جي چئن ٻارن مان وڏو منوج انجنيئر آهي. ان بعد هڪ ڌيءَ ۽ هڪ پٽ ڊاڪٽر آهن ۽ ننڍي راڌا اڃا ٻارهين ڪلاس ۾ آهي).
    هونءَ پنهنجن ۾ شادي ڪرڻ ۾ جتي ٻن فئملين جي بهتري ثابت ٿي آهي اتي هر ٻار ضروري ناهي ته دودو ۽ مور وانگر محنتي ۽ غيرت وارو ثابت ٿئي ان ڪري ڪيترائي پنهنجن ۾ سنڱ مٿي جو سور پڻ ثابت ٿيا آهن. ڇو جو اوڏ برادريءَ ۾ هر هڪ پڙهيل ڳڙهيل، ۽ پنهنجن پيرن تي بيٺل ناهي جيئن پارسين ۾ آهي يا کڻي چئجي ته ڪنهن حد تائين سنڌ ورڪي هندن ۽ عاملن ۾ هلندو رهيو آهي. اڄ جون ڪيتريون ئي اوڏ فئمليون خاص ڪري سنڌ جون جتي اوڏ برداري هاڻ ايڏي وڏي نه رهي آهي هندن جي ٻين ذاتين ۾ شاديون ڪري رهيون آهن. اسان جي پاڙيسيري ۽ دوست نولراءِ جي هڪ ڌيءَ جي پڻ شادي ديوانن (هندن) ۾ ٿي آهي ۽ هاڻ هن جي پٽ مڪيش جي شادي پڻ گجرات ۾ هندن ۾ ٿي رهي آهي. ٻنهي کي انگلينڊ جي سٽيزن شپ آهي پر ٻنهي طرفان اهو طئي ٿيو ته لنڊن ۾ شادي ڪرڻ بدران مڱڻو پاڪستان ۾ ۽ شادي انڊيا ۾ رچائي وڃي. ساڳي طرح ڊاڪٽر رامچند جيڪو گذريل 30 سالن کان آمريڪا جو شهري آهي تنهن جي پٽ راجيش جو مڱڻو ايڪٽا سان ٿيو. ايڪٽا جا والدين دهلي جا هندو آهن پر سالن کان ڊينمارڪ ۾ رهڻ ڪري کين اتي جي شهريت مليل آهي. ڇوڪريءَ جو آمريڪا ۾ تعليم دوران اسان جي پيٽارو جي ساٿي ڊاڪٽر رامچند جي پٽ راجيش سان مڱڻو ٿيو ۽ شادي دهليءَ رچائڻ جو فيصلو ٿيو. ان ريت اسان کي انڊيا ڏسڻ جو موقعو ملي ويو. هڪ ڏينهن نول کي چيم ته اهو سٺو ٿيو نه ته توهان اوڏن جون شاديون هميشه گهوٽڪي، ڪنڊيارو ۽ ڏهرڪيءَ ۾ ٿين. توهان جي ٻارن سٺي همت ڪئي جو شاديون دهلي ۽ بڙودا ۾ رٿيائون ۽ ان ٻائي کي به Credit ڏيڻ کپي جنهن انهن شادين جي وچ ۾ مهينو کن Gap رکيو ۽ اسان کي هندستان جا ڪافي شهر گهمڻ لاءِ موقعو ۽ وقت ملي ويو. ياد رهي ته نول وارن ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته جيڪر هڪ ٻن ڏينهن جي گيٽ بعد ٻي شادي به ٿي وڃي ۽ جلدي موٽي اچي نوڪرين ۽ ڌنڌ ڌاڙين کي منهن ڏجي. ڇوڪرين جا مائٽ به مڃي ويا پر پنڊت پڙهڻي بيهي رهيا ته ائين هرگز نه ٿيندو. هڪ جي هينئر ٿئي ۽ ٻئي جي لاءِ سٺو ڏينهن هوليءَ بعد ٿيندو. بهرحال نولراءِ ۽ سندس ڀيڻ ڀائرن لاءِ هڪ ٻئي سان ملڻ لاءِ هي سٺو موقعو ثابت ٿيو آهي جو مختلف ملڪن ۾ رهندڙ سڀ ڀائر ڀيڻون هتي اچي گڏ ٿيا آهن. هڪ ئي وقت گڏ مون به کين ڪاليج ڏينهن ۾ ڏٺو هو جڏهن هو سڀ ٻار هئا ۽ ڪنڊياري واري گهر ۾ رهيا ٿي. بهرحال هينئر به سڀ ته گڏ ٿي نه سگهيا آهن پر اهو کڻي چئجي ته هو گهڻي ڀاڱي اچي شامل ٿيا آهن جو سائين نارائڻ داس (نولراءِ جي پيءُ) کي ٽن زالن مان اوڻهين پٽ ڌيئرون آهن جن مان هڪ پٽ انجنيئر حشمت راءِ وفات ڪري ويو آهي. سندن هڪ ڀاءُ مير چند به موڪل نه ملڻ ڪري آمريڪا کان نه اچي سگهيو. نولراءِ جو هڪ ٻيو ڀاءُ ڪئپٽن امرچند جنهن جو تعلق اسان جي پروفيشن سان آهي ۽ جهازن جو ڪپئٽن آهي اهو به اچي نه سگهيو آهي، ڪئپٽن امرچند نيوزيلينڊ جو سٽيزن آهي ۽ انهن جا جهاز هلائي ٿو، هن شاديءَ لاءِ هو موڪل وٺي ڪراچي به پهتو ۽ هاڻ ٻئي ڏينهن اسان سان گڏ انڊيا اچي رهيو هو ته سندس جهاز ران ڪمپنيءَ جي مالڪ جو نيوزيلينڊ کان فون آيو ته هنن جو هالينڊ وارن کان نئون ورتل جهاز اسپين جي بندرگاهه بارسلونا ۾ ڦاسي پيو آهي جو ان جي ڪئپٽن جي ماءُ گذاري وئي آهي. تون پنهنجن ڀائٽن جي شادي اٽينڊ ڪرڻ بدران جيڪر ان جهاز کي اڄ ئي وڃي ڪمانڊ وٺين ته ڪمپني لکين ڊالرن جي نقصان کان بچي ويندي جو ان جهاز کي سڀاڻي تائين بارسلونا ڇڏڻو آهي ۽ ڪمپنيءَ وٽ ٻيو ڪوبه Stand By ڪئپٽن ناهي. هن ٽرپ جو پگهار به توکي ٽيڻو ڪري ڏينداسين ته ان بعد موڪل به ٽيڻي ڏينداسين.
    هن ايمرجنسي جو ٻڌي جتي ڪئپٽن امرچند کي ڏک ٿيو اتي نول وارن کي به ته خاص ڪري هي ڀاءُ سالن بعد ڪراچي آيو آهي ۽ انڊيا هلي ٻين سان به ملي پر پوءِ وڏن ويهي اهو فيصلو ڪيو ته امرچند جو ڪراچي تائين اڄڻ به اسان ان کي شادي اٽينڊ ڪرڻ برابر ٿا سمجهون ۽ هو نوڪري لاءِ ضرور هليو وڃي جو جهازن جو مالڪ جنهن وٽ امرچند پراڻو ڪئپٽن آهي امرچند جو شروع کان خيال ٿو ڪري ۽ هن کي به مهل تي ڪم اچڻ کپي، ۽ ٻي ڳالهه ته امرچند پرديس ۾ رهيو پيو آهي ۽ کيس هن ٽرپ مان سٺو پگهار ملي ويندو ۽ پرديس ۾ رهڻ لاءِ هن جو سٺو وقت گذري سگهندو، ان فيصلي بعد ڪئپٽن امرچند کي اسپين روانو ٿيڻ لاءِ ايئرپورٽ ڇڏي آياسين.
    دهليءَ ۽ دهلي جي آس پاس رهندڙ اوڏن ۾ ڪيترائي نول وارن جا ۽ هن جي ڀيڻوين جا مائٽ آهن جيڪي پهرين ڏينهن کان هتي اسان سان ملڻ ايندا رهن ٿا خاص ڪري ارجن داس ۽ آسودمل نالي جيڪي هتي جي حڪومت جا منظورشده بلڊر ۽ ٺيڪيدار آهن، سرڪاري رستن ۽ عمارتن جي ڪمن ۾ هنن جو ڪافي اهم حصو آهي. اسان کي هتي دهليءَ ۾ رهائش وٺرائي ڏيڻ ۾ يا ريلوي اسٽيشن کان گهر تائين يا ڪڏانهن پري وڃڻ لاءِ هنن جون پجيرو ٽائي به گاڏوين استعمال ڪندا رهون ٿا. هي ٻئي سڪرنڊ جا رهاڪو هئا ۽ ورهاڱي وقت هيڏانهن هليا آيا. سندن ٻارن ۽ ڀائٽين ڀاڻيجن، مختلف سبجيڪٽن ۾ گريجوئيشن ڪئي آهي. ٻن ٽن ڄڻن ته سول ۽ مڪينيڪل انجنيئرنگ به ڪئي آهي پر سرڪاري نوڪري جي کوٽ هجڻ ڪري هي سڀ اباڻو ڌنڌو Construction جو ڪن ٿا جنهن ۾ هو پاڻ کي خوش سمجهن ٿا. هنن وٽ کوٽائي توڙي رستا ٺاهڻ جون وڏيون ۽ طاقتور مشينون ۽ گاڏيون آهن، جڏهن به ڪنهن سرڪاري ٺيڪي جو اعلان ٿئي ٿو ته هي ٽينڊر ڀرين ٿا.
    سڱابندي ڪري ارجن ۽ آسودرمل جي پاڻ ۾ هاڻ مائٽي به آهي جو هڪ ٻئي کي ڌيءَ پٽ ڏنو اٿن. هڪ ڏينهن هنن پاڪستان کان آيل اسان جي سڄي ڄڃ جي دعوت ڪئي ۽ شام ڌاري سندن ڇوڪرا چار پنج کن وڏيون گاڏيو ڪاهي آيا ۽ اسان کي پنهنجي گهر وٺي هليا جيڪو دهليءَ جو هرڪيش نگر علائقو سڏجي ٿو. ايشيا جي سڀ کان وڏي ”پولي ٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ دهلي“ وٽان بيحد سوڙهين گهٽين مان گاڏيون گهمائيندا پوءِ هي پنهنجي رهائشي علائقي ۾ پهتا. انهن سوڙهين گهٽين جي ٻنهي ڪپرن تي گهٽ ۾ گهٽ اڌ ڪلو ميٽر ۾ مرد ۽ عورتون فوٽ پاٿ تي ڀاڄيون، ميوا پلاسٽڪ جو سامان، ڪپڙا بوٽ ۽ ٻيو سامان رکي وڪڻي رهيا هئا. ڪراچي جي کارادر ۽ مڇي مياني مارڪيٽ وارو حال هو. بلڪه ان کان به وڌيڪ عوام ۽ سوڙهيون گهٽيون هيون، مانيءَ جو بندوبت هڪ ننڍن فليٽن واري عمارت جي پهرين ماڙ تي ٺهيل هال ۾ ڪيو ويو هو. آسودو مل جي نوجوان ڀائٽين، ڀاڻيجن مان هڪ لعل چند نالي همراهه (جنهن انجنيئرنگ ۾ ڊپلوما ڪئي آهي ۽ هاڻ انڊيا جي ڪجهه پراڊڪٽس جو مارڪيٽ مئنيجر آهي) تنهن ٻڌايو ته دهليءَ جو هي علائقو هرڪيش نگر اڄ کان ٽيهارو سال اڳ دهليءَ جي پسگردائيءَ جو هڪ ڳوٺ هو جتي پاڪستان کان لڏي آيل اسان جا وڏا جيڪي ڪجهه پهريان سال گجرات ۽ مهاراشٽر صوبن جي ڳوٺن ۾ رهيا سي پوءِ لڏي هيڏانهن آيا ۽ هي جيڪي ان وقت خالي پٽ هئا اتي گهرڙا اڏائي رهي پيا. دهلي هندستان جي گاديءَ جو شهر هجڻ ڪري تيزي سان وڌندو رهيو ۽ اڄ هي ڳوٺ به دهلي شهر جو حصو ٿي ويو آهي. جيتوڻيڪ اسين هتي سڀ غير قانون قبضو ڪري رهندڙ آهيون پر هاڻ ٻه پيڙهيون رهندڙن کي سرڪار هتان ٻي ڪهڙي هنڌ جاءِ ڏئي. ٻه چار ماڻهو هجن ته به ٺهيو هتي ته اسين هزارن جي تعداد ۾ اوڏ آهيون، سو اسان کي هتي ڇڏيو ويو آهي بلڪه بجلي ۽ پاڻيءَ جي به سهولت مهيا ڪئي وئي آهي. گڏوگڏ سرڪاري پرائمري اسڪول به آهي جتي اسان جا ٻار تعليم پرائين ٿا.
    ”توهان کي ڪيئن لڳو انڊيا؟“ هن مون کان پڇيو.
    ”صحيح لڳو. هندستان ايڏو وڏو آهي جو هن ۾ هڪ ٽوئرسٽ جي ڏسڻ لاءِ ڪيتريون ئي مختلف تواريخي ۽ ثقافتي شيون موجود آهن جن کي توهان جي حڪومت ان ئي حالت ۾ برقرار رکيو ويٺي آهي، سڀ کان وڏي ڳالهه ته هيڏي عوام ۽ غربت هوندي به امن امان جي حالت حير انگيز حد تائين بهتر آهي. ڌارين ملڪن جون ويندي ڇوڪريون بنا ڪنهن ڊپ ڊاءَ جي ڏينهن رات پيون سفر ڪن ۽ گهمن ڦرن. ميڊيا ذريعي جيڪا ٻاهر جي دنيا کي Disinformation پهچي ٿي ته انڊيا ۾ مسلمان هندن جي ظلم هيٺ آهن اها نظر نٿي اچي.“
    ”بلڪل صحيح ٿا چئو، هتي توهان ڏسندئو ته ڪابه اهڙي ڳالهه نظر نه ايندائو“ لعل چند چيو، ”هر هڪ کي مذهب جي آزادي آهي. مسلمان هجن يا سک يا عيسائي هنن کي پنهنجي طريقي سان عبادت ڪرڻ کان ڪير به روڪي نٿو سگهي. ڪالهه توهان جامع مسجد دهليءَ ۾ جمعي جي نماز تي ويا هيئو توهان ئي ٻڌايو ته ڪيڏي عوام هئي. جمع نماز تي هر مسجد جو اندريون ۽ ٻاهريون پٽ ته نمازين سان ڀرجيو وڃي پر رستا به بلاڪ ٿيو وڃن پر آهي ڪنهن هندوءَ جي مجال جو هي چوي هتي مسلمان نماز ذريعي رستا بلاڪ ڪريون ٻين کي تڪليف ٿا پهچائين. هرگز نه. سوال ئي نٿو پيدا ٿئي، ڇو جو انڊيا جي Constitution ۾ مسلمانن کي پنهنجي عبادت ۽ مسجدون قائم رکڻ جو حق مليل آهي. ان جو مطلب اهو نه آهي ته پاڪستان ۾ هندن يا عيسائين کي به ايترو ملڻ کپي. هرگز نه. اسين سمجهون ٿا ته پاڪستان اسلام جي لاءِ ملڪ ٺهيل آهي. بس رڳو ايترو سو امن امان هجڻ کپي جو ٻين مذهب جي ماڻهن کي تنگ نه ڪيو وڃي جنهن لاءِ محمد علي جناب صاحب چيو هو پر ان تي عمل نٿو ٿئي ۽ پوءِ نقصان ڪنهن جو آهي، پاڪستان جو ئي آهي سٺا سٺا ۽ امير عيسائي، پارسي ۽ اسان جا هندو نه چاهيندي به مجبور ٿي پنهنجو پراڻو وطن ڇڏيو هندستان يا ٻين ملن ڏي هليا ٿا وڃن ۽ هننن جي پئسي ۽ عقل مان ٻيا ملڪ فائدا وٺن ٿا.“
    هڪ ٻي Point جيڪا لعل چند جي مون نوٽ ڪئي:
    ”انڊيا ۾ عوام وڏو آهي، غربت آهي پر جمهوريت آهي، ان جمهوريت ڪري ئي اسان جهڙا غريب به شير آهن، قاعدو قانون آهي ڪوبه پوليس وارو يا سپاهي بنا ڪنهن ڏوهه جي ڪنهن کي هٿ نٿو لاهيو سگهي، چاهي توهان قسطن تي ٽيڪسي ورتي هجي يا اهو امير هجي جنهن جون پنجاهه ٽيڪسيون هلنديون هجن ٻئي ڄڻا قانون کان هڪ جهڙو ڊڄن ٿا. قانون لاءِ ٻئي ساڳيا آهن. هن ملڪ جي هيڏي وڏي اڪثريت هندن جي هوندي به ملڪ جو صدر، وزيراعظم ۽ چيف آف آرمي اسٽاف (اعليٰ فوجي آفيسر) اقليتن مان آهن.“
    لعل چند اوڏ واتان ٻڌيل ڳالهين مان هڪ ٻي Point جيڪا پڻ قابل غور آهي ته ”دهلي ۽ انڊيا جا بيا شهر جيڪي هڪ مغرب جي رهاڪوءَ کي اڃا به خراب لڳي رهيا هوندا ۽ ويهه سال کن اڳ ته حالت خراب هئي، ٽريفڪ جي جام ٿيڻ ۽ گندگيءَ جو ته ڪو ڪاٿو ئي نه هو، سي ڏينهون ڏينهن بهتري طرف وڌي رهيا آهن. حڪومت عوام جي رهائش ۽ روڊ رستن ۽ ٽرانسپورٽ جو ايڏو خيال رکي رهي آهي جو بقول حڪومت جي واقعي لڳي ٿو ته 2020ع تائين اسان جو ملڪ انڊيا سونهن شڪل ۾ به ته ايڪانامي ۾ به ترقي يافته ملڪن سان ڪلهو وڃي ملائيندو.“
    ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته انڊيا جي وڏن شهر جا به گهڻي ڀاڱي حصا لاهور، ڪراچي ۽ اسلام آباد کان گدلا آهن پر جيڪڏهن لعل چند جي مٿين ڳالهه صحيح آهي (۽ لڳي به ٿو ته صحيح هجي جنهن جا دليل هيٺ لکان ٿو) ته پوءِ اهو وقت پري نه آهي جو ڏسندي ئي ڏسندي اسان اتي ئي رهجي وينداسين ۽ انڊيا اسان جو Opponent هڪ ٻيو ملائيشيا، سنگاپور ۽ ڪوريا وڃي ٿيندو.
    مٿين ڳالهه جي حقيقت هنن دليلن ۾ ڏسان ٿو ته دهلي جو شهر جنهن ۾ اڄ کان ڏهه سال اڳ پنج Fly Ovrer به نه هئا اڄ 68 مڪمل آهن جتان بسون لاريون ۽ موٽرون هلن ٿيون ۽ ساڳي وقت پنجويهه هڪ ئي وقت ٺهي رهيا آهن. Under Construction آهن. يعني ٻن سالن اندر اهي به ٺهڻ تي ٽريفڪ وڌيڪ آسان ٿي پوندي ۽ اهوئي حال انڊيا جي ٻين شهرن ۾ آهي. ان جي مقابلي ۾ اسان وٽ ڪراچيءَ ۾ ان پئماني جا فلاءِ اوور پنج به نه آهن ۽ ڊيولپمينٽ جو هر ڪم سست آهي.
    دهليءَ جهڙي ڳتيل، پراڻي ۽ عمارتي شهر ۾ هن سال کان مونو ريل لاءِ انڊر گرائونڊ ۽ گرائونڊ مٿان رستو ٺاهڻ ۽ ماڊرن ۽ آرامده مونوريل هلائي شهرين لاءِ سهوليت مهيا ڪرڻ هڪ وڏي ڳالهه آهي.
    دهلي شهر جي رستن ۽ گهتين ۾ جيتوڻيڪ اڄ به رستن تي گندگي ۽ اوور فلو ٿيندڙ گٽر، بيمار ۽ ۽ پوڙهيون ڍڳيون، سوئر، ڪتا نظر اچن ٿا ۽ رات جو ماڻهن کي مڇر پٽين ٿا پر تنهن هوندي به رکي رکي ڪن ڪن هنڌن تي وڏا ۽ خوبصورت پارڪ ڏسيو دل خوش ٿيو وڃي جن ۾ ڪجهه ته لوڌي باغ، امير خسرو پارڪ، نهرو پارڪ جهڙا قديمي ۽ پراڻا پارڪ آهن پر ڪيترن لاءِ ماڻهن ٻڌايو ته اهي هاڻ ٺاهيا ويا آهن. ٻه سال کن اڳ انهن هنڌن تي گند جا انبار هوندا هئا، اهي اهڙيون ڳالهيون آهن جن مان هڪ ملڪ جي ترقي ڏي وڌندڙ گراف جي تيزي ظاهر ٿئي ٿي ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته انڊيا ۾ شروع کان وٺي تعليم تي وڏو زور آهي. انڊيا جي هر شهر ۾ يونيورسٽيون، ڪاليج ۽ پوليٽينڪن ۽ IT جا درسگاهه ۽ منجهن اعليَ تعليم حاصل ڪرڻ وارن شاگردن جا ڌڻ نظر اچن ٿا ۽ هتي جو شاگرد نه فقط ڊگري حاصل ڪري ٿو پر علم ۽ تجربو پڻ اهوئي سبب آهي جو آمريڪا جهڙي ملڪ ۾ نوڪرين ذريعي اڄ ڪلهه جيڪا فارين Exchange انڊين ڪمائي رهيا آهن ان جو مقابلو ڪو يورپي ملڪ به نٿو ڪري، اسان جي عرب سڳورن جي ملڪن ۾ توڙي ملائيشيا ۽ برونائي جهڙن ملڪن ۾ ته انڊيا جي ماڻهن جو هولڊ پهرين کان هو، بقول هڪ پاڪستاني انڊسٽري واري جي جنهن جا ڪارخانا دبئي ۾ آهن جن ۾ انڊيا جا ماڻهو ڪم ڪن ٿا. ”انڊين محنتي آهن، کين معلومات ۽ ڪم جو تجربو آهي ۽ هو ايمانداريءَ ۽ نهٺائيءَ سان ڪم ڪن ٿا. گهٽ پگهار ۽ گهڻي ڪم ۾ به منهن نٿا گهنجائين.“
    بهرحال انڊين کي ٻاهرين ملڪن ۾ ملندڙ Jobs مان هڪ طرف فارين ايڪسچينج جي آمد ٿي رهي آهي ته امن امان ۽ حڪومت جي Stability ڪري ڌارين ملڪن جا امير ماڻهو انڊيا ۾ ڪارخانا لڳائي انڊين کي گهر ويٺي جاب Provide ڪري رهيا آهن. انڊيا ۾ فلئٽ يا گهر جي قيمت اسان جي ملڪ جي مقابلي ۾ تمام گهڻي آهي پر انڊين نوجوانن کي ٻاهرين ملڪن ۾ ملندڙ نوڪرين مان ايڏي بچت ٿي رهي آهي جو هر ڪو هڪ ڏينهن پنهنجو گهر خريد ڪرڻ جو خواب ڏسي ٿو. نه فقط ڏسي ٿو پر هن کي يقين آهي ته سندس اهو خواب ساڀيان ٿيندو ۽ ملڪ به ترقي ڪندو. مون کي ته لڳي ٿو ته پنجن سالن بعد هنن ٽن (شهرن) جو نقشو ئي ٻيو ٿي ويل نظر ايندو.
    دهلي جي هرڪيش نگر علائقي ۾ رهندڙ اوڏن اسان کي جيڪا ڊنر ڪئي ان ۾ اهو ڏسي مون کي ۽ مون سان گڏ سڀ ڄاڃي اوڏن کي خوشي ٿي ته ان ۾ ڀاڄين ۽ دال سان گڏ هڪ ڊش چڪن جو ۽ هڪ مڇيءَ جو پڻ هو، دهليءَ ۾ شروع وارا ڏينهن جنهن هوٽل ۾ رهياسين اها Vegeternian هئي يعني ان ۾ ڪنهن به قسم جو گوشت يا مڇي پلو تيار نٿي ٿيو. صبح شام رڳو دال، پٽاٽا ۽ ٻي ڀاڄي کاڌيسين ٿي. اها هوٽل هڪ سک جي دهلي جي ڪارول باغ واري علائقي ۾ هئي. شاديءَ ۾ به ٻئي ڏينهن ڀاڄيون هيون ۽ پوءِ جڏهن نول ٻڌايو ته هتان هوٽل مان ٽپڙ کڻي ٻئي هنڌ ٿا هلي رهون جتي مون ٻن بورچين جو بندوبست ڪيو آهي جيئن اهي اسان جي مرضيءَ جي ماني ٺاهي ڏين ته اهو ٻڌي سڀ خوش ٿيا. اسان جي رهائش جي هيءَ جاءِ ”ڪالڪا جي“ واري علائقي ۾ اگروال ڌرمشالا هو. جتان هن وقت هي لکي رهيو آهيان. هي ٽي ماڙ ڌرمشالا هتي جي ڪجهه سخي هندن چندو گڏ ڪري ٺهرايو آهي. هيٺ تمام وڏو هال ۽ بورچي خانون آهي، پهرين ۽ ٻي ماڙ تي هوٽل وانگر ڏهه ڏهه ڪمرا باٿ روم سان گڏ آهن. هن ڌرمشالا جا ڪمرا فقط انهن کي مسواڙ تي ملي سگهن ٿا جيڪي شاديءَ لاءِ ٻئي شهر يا ملڪ کان دهلي اچن ٿا. هن قسم جا ڌرمشالا ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ به امير ۽ سخي هندن عوام جي سهوليت لاءِ ٺهرائي ڇڏيا آهن ته جيئن پرديس کان آيل ماڻهو مناسب اگهه تي سٺي ۽ فضيلت واري رهائش جو سک ماڻي سگهن. ”ڪالڪاجي“ جي هن Aggarval Dharmshala جي هر ڪمري ۾ بجلي پکو ۽ باٿ روم ۾ پريشر سان پاڻي موجود هو پر هنڌ بسترا ۽ کٽون ڪرسيون نه هيون. نول جيڪو پهرين به دهلي ۾ رهي چڪو آهي ان اسان کي چيو ته اهو مسئلو به پنجن منٽن ۾ حل ٿيو ٿو وڃي. هن وٽ هن علائقي جا ڪجهه ٽيليفون نمبر هئا جيڪي گهر جو مختلف سامان مسواڙ تي ڏين ٿا، ۽ پوءِ فون ڪرڻ بعد يڪدم هڪ سک ٽرڪ ۾ ٽيهارو کن کٽون، ڪرسيون ۽ هنڌ بسترا کڻي آيو ۽ ٻيو (اهو پڻ سک هو) مزدا گاڏيءَ ۾ پاڻيءَ جا ٻه ڪولر ۽ ڊسٽلڊ واٽر جون ڏهه کن وڏيون بوتلون انهن ڪولر ۾ وجهڻ لاءِ کڻي آيو. اسان وهنجي سهنجي تازو ٿي گهمڻ جو پروگرام ٺاهيوسين. ايتري ۾ ماني به تيار ٿي وئي. خبر پئي ته هن بورچيءَ پڻ رڳو دال ۽ ڀاڄيون ٺاهيون آهن، نول جي پڇڻ تي هن ٻڌايو ته هن ڌرم شالا جي قانون مطابق ڪابه گوشت واري، شيءِ رڌي نٿي سگهجي. نول هن کي ٻئي ڏينهن نيرن ۾ بيضن ٺاهڻ لاءِ چيو پر خبر پئي ته بيضي جي به اجازت ناهي. سو ڪيترا ڏينهن داليون کائڻ بعد هن دعوت ۾ چڪن ۽ مڇي ڏسي خوش ٿياسين. دعوت ۾ جيڪو ٻوڙو بچيو اهو به پيڪ ڪري اسان کي ٻي ڏينهن کائڻ لاءِ ڏنائون جيڪو اسان لڪائي ڌرم شالا ۾ آندو ۽ اها ڳالهه پڻ نوٽ ڪئي ته سنڌ کان آيل اسان جا سڀ ڄاڃي اوڏ گوشت ۽ مڇي کائي رهيا هئا پر هتي (دهلي) جا اوڏ (جن جو جيتوڻيڪ اصل ڳوٺ سڪرنڊ، ڪنڊيارو، روهڙي ۽ لاڙڪاڻو وغيره هو يعني جتان جا هي ڄاڃي هئا) گوشت ۽ مڇي نه کائي رهيا هئا.
    ٻئي ڏينهن نول جي وڏي ڀاءُ ادا گلاب راءِ کان ان جو پڇيم ”بس هي وري هتي اچي ميشوري ٿي ويا آهن ۽ گوشت مڇي کائڻ کان پرهيز ڪن ٿا.“
    ”هونءَ مون کي هڪ هندو پنڊت سنگاپور ۾ ٻڌايو ته هندو ڌرم ۾ گوشت تي بندش نه آهي. جين ڌرم جي مشهور ٿيڻ تي (جيڪو ڪنهن به ساهواري شيءِ کي مارڻ کان منع ٿو ڪري) هندو ازم ۾ جين ڌرم وانگر ساهواري شيءِ کائڻ تي بندش وڌي وئي.“ مون گلاب راءِ کي ٻڌايو.
    ”نه ائين نه آهي هندو ڌرم ۾ شروع کان گوشت کائڻ جي جهل آهي ۽ اها ڳالهه ويدن ۾ به آهي.“ گلاب راءِ صاحب ٻڌايو، ”دروپدي جنهن بادشاهه جي ڌيءَ هئي، ان زماني جي رسمن مطابق اهو شرط وڌو ته آئون پنهنجي ڌيءَ جي شادي ان سان ڪرائيندس جيڪو منهنجو شرط کٽي. هن اهو شرط رکيو ته هڪ مڇيءَ کي ڏهه فٽ مٿي ٽنگيو وڇي جنهن جي هيٺان ڪنهن ٿانو ۾ پاڻي رکيو وڃي جيئن مڇيءَ جو اولڙو ان پاڻيءَ ۾ پئجي سگهي ۽ پوءِ Direct مڇيءَ کي ڏسڻ بدران هيٺ پاڻيءَ ۾ مڇيءَ جي عڪس کي ڏسي مٿي مڇيءَ جي اک ۾ تير هڻڻو هو. ارجن ۽ ان جا چار ڀائر شڪار کيڏندي ان بادشاهه وٽ وڃي پهتا. ارجن نشانو چٽڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ بادشاهه دروپدي هن جي حوالي ڪري ڇڏي. هو جڏهن گهر پهتا ته ماءُ کان پڇيائون ته مليل شيءِ جو ڇا ٿيندو. ماءُ کي اها خبر نه هئي ته اها ڪهڙي شيءِ آهي. هن هميشه وانگر هنن کي چيو ته بابا سڀ ڀائر ورهائي کڻو ۽ پوءِ دروپدي سال جا 73 ڏينهن ارجن سميت هر هڪ ڀاءُ وٽ گهارڻ لڳي. دروپديءَ کي سندس مڙس ارجن ۽ ڏيرن مان جيڪو اولاد ٿيو ان پاڻ کي مهيشري (ويشنو) سڏايو هنن پاڻ ۽ ٻين کي مڇي گوشت کائڻ کان منع ڪئي ان ڳالهه جو احوال ڀاڳوت گيتا ۾ آهي.“
    ”هندن جا اهم مذهبي ڪتاب ويد آهن.“ ڊاڪٽر گلاب راءِ وڌيڪ ٻڌايو، ”انهن ۾ به گوشت ۽ مڇي نه کائڻ جو احوال اچي ٿو. پانڊوون جو پيءُ گذاري ويو هن کي پٽ جو اولاد نه هو جيڪو پيءُ کي پاڻي ڏئي جيئن هو سرڳ ۾ وڃي. هاڻ ان مسئلي جو حل ڪيئن نڪري، پوءِ پانڊوون جي ماءُ کي ويدوياس نالي هڪ سوٽ، زال ڪري جيئن پٽ ڄمي ته پانڊوون جي پيءُ کي پاڻي ڏئي ۽ هو سرڳ ۾ وڃي سگهي. پانڊوون جي ماءُ درياه تي وڃي اکا (گل) وجهي پرارٿنا (دعا) ڪندي هئي ۽ قسم کڻندي هئي ته ويدوياس مان پٽ ڄمي ته مان ۽ منهنجو اولاد مڇي ماس سڄي عمر نه کائينداسين ۽ ويشنو ٿي رهنداسين. هي احوال رگ ويد جي باب ڏهين ۾ آهي جنهن ۾ مٿين عورت جو نالو به ڏنل آهي جيڪو هينئر مون کان وسري ويو آهي.“
    هڪ ڏينهن ڳالهين ڪندي ادا گلاب راءِ چيو ته انڊيا ۾ گهمڻ ڦرڻ جو مزو ضرور آهي، هر هڪ کي ڪافي حد تائين آزادي به آهي پر ان هوندي به هتي ذات نيات اونچ نيچ جو وڏو چڪر آهي. هوٽل توڙي بس يا ڪنهن پبلڪ پليس تي هر ڪو پهرين وڏي آڌرڀاءُ ۽ قرب ڏيندو ۽ پوءِ جيئن ئي خبر پوندس ته اڳلو هن کان هيٺاهين درجي جي ذات جو آهي ته لنوائي ويندو.“
    ”پر ٻئي کي ڪيئن ٿي خبر پوي ته هو فلاڻي فلاڻي ذات جو آهي.“ مون پڇيو“.
    ”ريتن رسمن مان يا نالي مان، اها اسان جي هندن ۾ خراب ڳالهه آهي جو ڪنهن کي سندس ڏات بدران ذات تي مان ٿا ڏين.“
    ”ڀلا سنڌ کان جيڪي اوڏ لڏي انڊيا آيا آهن اهي پاڻ کي اوڏ ٿا سڏرائين يا ڪا ٻي ذات؟“ مون پڇيو.
    ”هتي رهندڙ اوڏ پاڻ کي راجپوت سڏرائين ٿا پر سرڪاري طرح پاڻ کي Schedule ڪاسٽ ۾ درج ڪرايو اٿن.“ ادا گلاب راءِ ٻڌايو.
    ”ڇو ڀلا؟“ مون پڇيو.
    ”جيئن حڪومت کان وڌيڪ سهولتون حاصل ٿي سگهن ڇو جو انڊيا ۾ جيڪي قومون اقليت ۾ آهن انهن لاءِ ڪيترين ڳالهين ۾ جهڙوڪ نوڪري ڌنڌو ڌاڙي وغيره ۾ ڪجهه ڪوٽا رکيل آهي.“


    دهلي ۾ ماڻهو سڄي رات پيا گهمن

    دهلي پهچڻ کان پوءِ پهرين ڏينهن گمڻ لاءِ اسان جو يڪو ٽولو جنهن ۾ اٽڪل 15 کن ڄڻا هئاسين گهمڻ لاءِ نڪتاسين. مردن ۾ دودو ۽ راڻو هئا ۽ سندن زالون، ۽ ٻار، ڇوڪرن ۾ سنجي ۽ وجي هو. ڪي ڪلاڪ ته دهلي شهر جي رستن جا چڪر هڻندا رهياسين پر سمجهه ۾ نه اچي ته پهرين ڇا ڏسجي يا ڇا گهمجي. ڪو چوي ته شاپنگ ڪجي ته ڪو چوي ته فلم ڏسجي. دودي جو زور هو ته نان_ ويج ماني کائجي جو جيئن ئي لاهور ۽ واگها ٽپي انڊيا ۾ گهڙيا آهيون ته جتي ڪٿي رڳو دال ۽ ڀاڄي (Vegetranian) کاڌو مليو آهي، چڪن يا مڇي کائڻ تي دل پئي چوي. سنجي چوڻ لڳو ته چڪن کائجي پر ڪنهن هوٽل تي چڪن ڪَري يا چڪن ڪڙهائي ٺهرائڻ بدران مئڪڊولانڊ تان چڪن برگر وٺجي. جيڪي همراهه (اسان جي ڄڃ جا هتي دهليءَ جا مڪاني اوڏ) اسان کي پنهنجين ٻن وئگنر گاڏين ۾ کڻي آيا هئا تن اسان کي ساڪت نالي هڪ علائقي ۾ اچي لاٿو. ڪجهه هو به بيزا ٿي پيا هئا يا هنن اسان کي پنهنجي حال تي ٿي ڇڏيو ته جيئن وڻيسون تيئن ڪريون ۽ پنهنجا موبائيل فون نمبر ڏيئي چيائون ته اسان ڀلي هتي ساڪت واري علائقي ۾ گهمون ڦرون ۽ پنهنجي مرضيءَ سان آٽو رڪائشن ۾ واپسي تي پنهنجي رهائش گاهه ڏي هليا وڃون پر جي اسان کي ڪا دقت درپيش ٿئي ته کين فون ڪريون ته هو اچي حاضر ٿيندا.
    انڊيا جي اها پلس Point مڃڻ کپي ته هتي جي رڪشا جنهن کي هي آٽو رڪشا سڏين ٿا اسان جي رڪشائن کان وڏي ۽ آرامده آهي. ڊرائيور قانون کان ڊڄن ٿا. پوليس توڙي عوام ڌارين ملڪن کان آيل يورپي ٽوئرسٽن توڙي پاڪستان کان آيل اسان ڪارن مسافرن جو خيال ڪري ٿي، ڀاڙا يورپ ۽ جاپان جهڙن ملڪن کان ته ٺهيو پر اسان جي ملڪ کان به گهٽ آهن. ان ڪري هتي آيل مسافر کي شهر ۾ گهمڻ لاءِ سواريءَ جو فڪر نٿو رهي. ساڳي طرح جيڪڏهن توهان جو گذارو گوشت مڇي بنا ٿيو وڃي ته پوءِ انڊيا ۾ ماني ٽڪيءَ جو به مسئلو نه آهي. انڊيا جي هر شهر وانگر هتي دهليءَ ۾ به جتي ڪٿي ننڍڙيون هوٽلون، سوزڪي پڪ اپ يا ڪاٺ جي ريڙهن ۾ ٺهيل موبائين هوٽلون يا هڪ هنڌ فڪس ڪاٺ جي پيڊين ۽ ڪئبنين ۾ هلندڙ رڌ پچاءُ هتي جي شهرين جي کاڌي جي ضروري پوري ڪري ٿو. ٻيو نه ته جاپاني، ڀت، آلو پراٺا، پوري، پٽاٽن جي ڀاڄي، مڪس ڀاڄي، مختلف قسمن جون داليون جتي ڪٿي وڪامندي نظر اچن ٿيون. مثال طور جتي اسان جي رهائش آهي ان علائقي ڪالڪا جي چونڪ وٽ ديش بندو ڪاليج آهي جنهن ۾ ڇوڪرا ڇوڪريون پڙهن ٿيون. ان جي ٻاهران به ڪيترائي گاڏن وارا بيٺا آهن جن کان ڪاليج جا شاگرد يا ٻيا رسيس ۾ يا موڪل مهل ماني وٺي کائين. هر هڪ گاڏي تي تئو هوندو جنهن تي هو گرم گرم اڦراٽا يا اڻڀي مانيءَ جا ڦلڪا پيو پچائيندو يا هنڊيءَ ۾ گرم ٿيل تيل ۾ پوريو تر پيو ڏيندو. هونءَ انڊيا توڙي سري لنڪا ۽ ملائيشيا جهڙن ملڪن جي انڊين هوٽلن ۾ ڀاڄي لسي پن تي رکي ڏيندا هئا ۽ اهو پن گهڻو ڪري ڪيلي جو استعمال ٿيندو هو جو وڏو ٿو ٿئي پر هاڻ اهڙيون مشينون ڪڍيون اٿن جن ۾ چار پنج ننڍا پن پريس ڪري انهن کي پيالي جي شڪل ڏني وڃي ۽ سڪڻ بعد پلاسٽڪ جهڙي پيالي ٿيو پوي جنهن ۾ مليل ڀاڄي کائي اڇلي سگهجي ٿي. ڪي گاڏي وارا ڀت وڪڻن. صبح جي وقت ته انهن گاڏين تي بيضا به ترجي ملن ته چانهه به ٺهيو ملي. سڀ کا وڏي ڳالهه ته قيمت تمام مناسب آهي جيڪا پاڪستان کان به گهٽ لڳي ٿي. مثال طور هڪ دفعو مون هڪ ”آلو پراٺو“ ورتو جيڪو هڪ وڏي ٿالهيءَ ۾ رکي ان سان گڏ ان ٿالهيءَ ۾ ٺهيل ٽن پيالين مان هر هڪ ۾ رائتو، مڪس ڀاڄيءَ ذرو ۽ دال وجهي ڏنائين جنهن جي قيمت اٺ روپيا ورتائين يعني پنهنجا ڏهه روپيا ٿيا. اهڙي طرح هتي مئڪڊونالڊ ۽ ڪينٽڪي به سستي آهي. مئڪڊونالڊ ۽ بيف برگر ۽ ڪوڪا ڪولا جا 38 روپيا آهن، هتي هنن مهاراجا برگر نالي هڪ تمام وڏو ٽن طبقن وارو برگز ڪڍيو آهي. جنهن جي قيمت به 49 روپيا آهي ۽ اسان وٽ سؤ روپين کان گهٽ ته آهي ئي ڪونه. اهوئي سبب آهي جو KFC ۽ مئڪڊونالڊ جهڙيون هوٽلون ٻين ملڪن توڙي انڊيا ۾ غريب عوام جون هوٽلون سمجهيون وڃن ٿيون تڏهن ته انڊيا ۾ شاگرد طبقو به مئڪڊونالڊ ۾ نظر اچي ٿو پر اسان وٽ پاڪستان ۾ خبر ناهي ڇو وڏيون قيمتون رکيون ويون آهن ۽ مئڪڊونالڊ ۽ KFC ۾ وڃڻ غربت ۽ بچت جي نشاني نه پر امير پني جو نشان Status Symbol ٿي پيو آهي.
    بهرحال اسان جيڪي گهمڻ لاءِ نڪتا هئاسين سي گهڻي وقت ضايع ڪرڻ ۽ بحث ڪرڻ بعد آخرڪار ان فيصلي تي پهتاسين ته نه ڪڏهن گاڏي واري کان ماني وٺي ٿا کائون ۽ نه مئڪڊونالڊ تان. پاسي تي ٺهيل ٻن ٽن کليل هوٽلن مان هڪ جي آڳنڌ ۾ رکيل ڪرسين ٽيبلن تي ويهي چڪن ڪڙهائي ٿا کائون جيڪا شروع کان دودي جي فرمائش هئي ۽ هتي لهڻ سان سر پئي کنيائين ته آئون ته چڪن ڪڙهائي کائيندس. اسان ٽن ٽيبلن تي ورهائجي ويٺاسين. آئون دودو، سندس زال ۽ ڌيءَ ڊاڪٽر ڪرن واري ٽيبل تي ويٺس. هر ٽيبل لاءِ اڌ اڌ ڪڪڙ ٽماٽن وغيره ۾ ڪڙهائي ٺهي آئي ۽ ان سان گڏ نان، سلاد ۽ رائتو هو ۽ هر ٽيبل جو بل 120 روپيا آيو، يعني في ماڻهوءَ جو ٽيهه روپيا ٿيو، جيڪو منهنجي خيال ۾ ته ان قسم جي پاڪستاني هوٽل ۾ هر صورت ۾ 50 روپين کان مٿي اچي ٿو.
    مانيءَ بعد اهوئي فيصلو ٿيو ته فلم ڏٺي وڃي. آئون ان جي Favour ۾ نه هوس جو اهو سوچي ته هتي جون فلمون ته پاڪستان ۾ ويهي به هنن جي چئنلن زي، سوني، مگامبو يا سٽار پلس تان ڏسي سگهجن ٿيون يا فلم جي سي ڊي وٺي ڏسي سگهجي ٿي. جيتوڻيڪ سئنيما هال ۾ ويهي فلم ڏسڻ جي جيڪا ڳالهه آهي اها ٻي ٿي ٿئي ۽ سئنيما ۾ ويٺي ڪي سال ويا هئا. بهرحال سڀني جو فيصلو اهو ٿيو ته فلم ضرور ڏسجي. ”ڀائي جان هاڻ مئجارٽي جي ڳالهه مڃڻي پوندي.“ دودي مون کي آهستي چيو.
    ”صحيح ٿا چئو، هلو ڀلا“ مون وراڻيو مانس جو دهليءَ جي رستن جي صحيح آئيڊيا اڃا مون کي نه ٿي هئي سو هن ٽولي کان الگ اڪيلو ٿي وڃي به صحيح نٿي سمجهيم.
    سئنيما جي ٽڪيٽ گهر پهتاسين ته خبر پئي ته شروع ٿي ويو آهي ۽ هاڻ ٻيو شو ڏهين بجي شروع ٿيندو. ساڪت (Saket) دهلي جي خوبصورت شاپنگ مال مان هڪ آهي جنهن ۾ خوبصورت هوٽلون، بار، ڊانسنگ ڪلب، KFC جهڙا دنيا جا ڪيترائي چين اسٽور ۽ سڀ کان ماڊرن سئنيما هال آهن. هتي ساڪت ۾ هڪ ئي هنڌ تي چار سئنيما هال آهن جيڪي وڏي پڙدي، چٽائي ۽ مخلتف سائونڊ Effects کان دنيا ۾ مشهور آهن ۽ جتي انڊيا جي ٻين سئنيما هالن جي ٽڪيٽ چاليهه روپيا عام ۽ سٺ روپيا بالڪني آهي اتي هتي 150 روپيا عام ۽ 180 روپيا بالڪني جي آهي ۽ صبح جو ڏهين بجي کان فلم شو شروع ٿئي ٿو ته آخري شو رات جو ٻارهين کان اڍائي تائين هلي ٿو.
    هاڻ اسين نائين وارو شو ڏسڻ جو انتظار ڪرڻ لڳاسين، وقت پاس ڪرڻ لاءِ ننڍن ننڍن ٽولن ۾ ڪي دڪانن ۾ جهاتيون پائڻ لڳا ته ڪي پاڪستان فون ڪرڻ لڳا جو انڊيا جي شهرن ۽ ڳوٺڻ ۾ پبلڪ لاءِ فون جو بندوبست جي ڪٿي آهي. بهرحال ان ۾ اسان جي ملڪ ۾ به ڪافي ترقي ۽ سڌارو ٿيو آهي. انڊيا ان معاملي ۾ ايترو سو ضرور اڳتي نڪري ويو آهي جو هن ملائيشيا، انگلينڊ، آمريڪا، سعودي عرب ۽ ٻين ڪجهه اهم ملڪن سان معاهدو ڪري فون جا اگهه گهٽ ڪرائي ڇڏيا آهن. جنهن مان انڊيا جي ماڻهن کي وڏو فائدي ٿي پيو آهي جو انهن ملڪن جا Rate ذري گهٽ لوڪل فون جي ويجهو وڃي ٿيا آهن. ملائيشيا ۾ هوندو هوس ته ان ڳالهه جو اتي به احساس ٿيندو هو جو مون سان گڏ ڪم ڪندڙ انڊين جهازي پنهنجي ملڪ هر وقت فون ڪندا رهندا هئا جو انڊيا جو ملائيشيا سان فون جو معاهدو هجڻ ڪري گهٽ في ڏيڻي پئي ٿي ۽ اسان کي پاڪستان ڪرڻ لاءِ ٽيڻا چوڻا پئسا ڏيڻا پيا ٿي.
    بهرحال هينئر وري به دنيا ۾ فون ڪرڻ جا اگهه گهٽيا آهن، مون کي به ٻه فون پاڪستان ڪرڻا هئا ۽ ٻه کن انڊيا جي مختلف شهرن ۾، خاص ڪري بمئبي ۾ ڊاڪٽر ناريءَ کي ۽ اڌيپور ۾ ڊاڪٽر آسومل کي. هي ٻئي ڊاڪٽر ورهاڱي بعد انڊيا هليا ويا هئا ۽ منهنجي ڀيڻوئي ڊاڪٽر عابد ميمڻ جا دوست هئا. هو هڪ ٻئي کي هر سال ڏياري ۽ عيدن تي ڪارڊ موڪليندا رهيا ٿي. پر هاڻ 2003ع ۾ جيڪو گجرات صوبي ۾ زلزلو آيو ان بعد ڊاڪٽر آسومل جو خط پٽ اچڻ بند ٿي ويو هو. سو ڊاڪٽر عابد پنهنجن ٻنهي دوستن جي خبر چار لهڻ لاءِ مون کي تاڪيد ڪئي هئي، مون ڊاڪٽر آسومل کي اڌيپور جو 02836 Code ملائي نمبر ڊائل ڪيو. اڌيپور گجرات صوبي جو هڪ شهر آهي. خبر پئي ته نمبر غلط آهي. هتي جي Enquiry آفيس مان معلوم ڪيم ته هنن ٻڌايو ته ڪوڊ نمبر ته صحيح آهي پر گهر جو نمبر صحيح ناهي جو هي فقط چئن انگن 6647 وارو نمبر آهي. فون جا ڇهه نمبر ٿئي به ڪيترا سال ٿي ويا آهن. هنن ڊاڪٽر آسومل نالي ڊائريڪٽري مان نمبر چيڪ ڪيو پر حاصل ڪري نه سگهيا جو ٿي سگهي ٿو سندس نالي بدران سندس پٽ يا ڪنهن ٻئي مائٽ جي نالي نمبر هجي.
    ان بعد ڊاڪٽر ناريءَ کي بمبئي (ممبئي) فون ڪيم ته نه رڳو اهو لڳي ويو پر ڊاڪٽر ناري پاڻ ئي فون تي هو. ڏاڍي قرب سان کيڪار کڙي ڪيائين ۽ بمبئي اچڻ لاءِ چيائين. مون کيس ٻڌايو ته سندس والد محترم ڊاڪٽر منگهن مل جي خدمتن جي اڄ به سنڌ ۾، خاص ڪري حيدرآباد جا جهونا ماڻهو واکاڻ ڪن ٿا. اسان به ننڍي هوندي ڊاڪٽر منگهن مل جي تعريف ڊاڪٽر عابد کان ٻڌيسين جنهن MBBS ڪرڻ بعد پرائيويٽ پرئڪٽس جي شروعات هن ڊاڪٽر وٽ ڪئي. ڊاڪٽر ناري هن وقت ستر پنجهتر سالن جو ٿيندو سندس ذات ڪرپلاڻي آهي ۽ بمبئي ۾ نيپيئر سي روڊ تي جل درشن علائقي ۾ رهي ٿو ۽ اتي ئي پريڪٽس ڪري ٿو ۽ مٿيون ڊاڪٽر آسومل اڌيپور جي ڀر ۾ هڪ ڳوٺ نڪتانا (Naktana) ۾ ڪري ٿو. مون کي لڳي ٿو ته ڊاڪٽر آسومل جو ڳوٺ هالا ئي هو. فون ڪرڻ بعد ڪجهه دير پراڻن ڪتابن جا اسٽال ڏسندو رهيس. پراڻن ڪتابن جا ان علائقي ۾ چار پنج اسٽال هئا جن تي نه فقط ڌارين ملڪن جا پر هتي جا مڪاني ماڻهو پڻ، خاص ڪري نوجوان طبقو ڳول ڳولهان ۽ خريداريءَ ۾ مشغول هئا. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته يورپ ۽ انگلينڊ جي رهاڪن جا انڊيا بابت لکيل ڪتاب ۽ ساڳي وقت انڊيا جي ڪيترن ليڪکن جا انڊيا جي بئڪ گرائونڊ ۾ لکيل انگريزي ناول دنيا ۾ بيحد پسن ڪيا وڃن ٿا ۽ سڀني خريدارن جو مارو اهڙن ڪتابن تي هو يا انڊيا جي آرٽ تي لکيل ڪتابن تي. آئون ان سوچ ۾ هوس ته انٽرنيٽ ۽ ٽي وي چئنلن ڪري ماڻهن مان ڪتاب پڙهڻ جو شوق دور ٿيندو وڃي جنهن ۾ ڪنهن حد تائين حقيقت به آهي پر هتي انڊيا ۾ ان رات جيڪا ڪتابن خريد ڪرڻ تي حالت ڏٺم ۽ ان بعد آچر ڏينهن پراڻي دهلي ۾ درياه گنج کان جامع مسجد تائين فٽ پاٿ تي جيڪي پراڻن ڪتابن جا بڪ اسٽال ڏٺم سي گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڏيڍ ڪلوميٽر تائين ٿيندا ۽ وٺڻ وارا به هر قسم جا هئا: هندو، مسلمان، پارسي، عيسائي،، پوڙها، نوجوان، ڊاڪٽر انجنيئر وغيره.. ڪيترا اسٽال ته هڪ ٻئي ڀرسان ڊاڪٽري يا انجنيئرنگ جي ڪتابن جا هئا، ان مان ته ائين لڳو ته انڊيا جي ماڻهن کي ڪتاب پڙهڻ جو شوق اڄ به آهي. اسان سان گڏ آيل پروفيسر بسنت به پنهنجن ڊاڪٽرن ڌيئرن ۽ ناٺين لاءِ ميڊيڪل جا ڪتاب ورتا جيڪي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ جاب ٿا ڪن ۽ ڪارڊيولاجي يا ڪنهن ٻئي سبجيڪٽ ۾ پوسٽ گرئجوئيشن پڻ ڪري رهيا آهن. هن ٻڌايو ته اهي هن کي بيحد سستا مليا جيتوڻيڪ منهنجو Opinion ابتڙ آهي جو هتي ويندي پراڻن سالن جون National Ceographic مئگزينون چاليهه روپين جي حساب سان ملي رهيون هيون ۽ ڪيڏو به بحث ڪرڻ تي هڪ روپيو به قيمت نٿي گهٽايائون (جنهن مان اهو ضرور ثابت ٿيو ته هتي وٺڻ ورا به انيڪ اچن ٿا) ۽ اهي ڪراچي جي کوڙي گارڊن ۽ گلشن اقبال جي فٽ پاٿ تي ويهين کان پندرهن روپئي ۾ آرام سان مليو وڃن. اهڙي طرح ٻيا ڪتاب جيڪي فريئر هال واري اولڊ بڪ مارڪيٽ ۾ به سستا آهن. بهرحال هتي جي نوجوان ٽهيءَ جو ڪتابن ۽ ڪمپيوٽر سائنس سان لاڙو قابل داد آهي. مون به ڪجهه ڪتاب انهن سيڪنڊ هئنڊ مارڪيٽن مان ته ڪجهه تازا ڇپيل ڪتاب دڪانن تان خريد ڪيا آهن ۽ واندڪائيءَ ۾ کولي ويهي پڙهندو آهيان جن دلچسپ ڪتابن جو مختصر احوال جاءِ بچي ته کڻي وچ ۾ ڪبو. هڪ ته خوشونت سنگهه جو پراڻو ڪتاب Delhi به ورتم جيڪو ڪراچيءَ جي آچر بازار مان جيتوڻيڪ تمام سستو 50 روپئي مليو هو پر Priated ڪاپي هجڻ ڪري ان جي ڇپائي ايڏي ته ڊٺل ۽ بيڪار هئي جو پڙهڻ تان دل کٽي ٿي وئي ان ڪري هتان به سئو خرچ ڪري ورتم. جن ڏينهن ۾ آئون سوئيڊن ۾ M.Sc ڪري رهيو هوس ته ڀر واري ملڪ ڊينمارڪ ۾ مرحوم محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو پٽ محمد علي ميمڻ صاحب پاڪستان ايمبسيءَ ۾ ٽريڊ ڪمشنرهو ۽ هو انهن ڏينهن ۾خوشونت سنگهه جو مٿيون ڪتاب پڙهي رهيو هو. جڏهن به فون ڪندو هو ته ان ڪتاب جي حوالي سان ڪانه ڪا ڳالهه ضرور ڪندو هو. سو هينئر دهلي جي فٽ پاٿ تي لڳل پراڻن ڪتابن جي اسٽالن تي اهو ڪتاب ڏسي پڙهڻ لاءِ خريد ڪرڻو ئي پيو آهي.
    بهرحال ان رات اهڙي طرح وقت پاس ڪري اچي سئنيما هال جي گيٽ تي پهتاسين ۽ ٽڪيٽون وٺي اندر گهڙياسين پر اندر گهڙڻ ڪو هالا جي سئنيما محفل وانگر هڪ ٻرانگهه ورائي در ۾ گهڙڻ نه هو پر ائين ٿي لڳو ڄڻ ڪنهن بين الاقوامي ايئرپورٽ تان جهاز ۾ چڙهڻ لاءِ وڃي رهيا آهيون. اليڪٽرانڪ Scanning کي واري در مان گذرڻ بعد وري ساڳي مسخري، هر هڪ جي لنگهڻ تي الارم پيو وڄي، ڪنهن وٽ چاٻين جو ڇلو ته ڪنهن جي بريزيئر ۾ لڳل لوهي Hook هنن جي Scanner کي Axtivate ڪريو ڇڏي ۽ الارم وڄڻ تي وري هڪ هڪ جي کيسن ۽ پرسن جي تلاشي. اسان سڀني وٽ ڪئميرائون هيون. ”سئنيما هال ۾ ڪئميرائون ڇو کڻي آيا آهيو؟“ حيرت مان سئنيما جي انتظاميا سوال ڪيو.
    هاڻ کين ڪهڙو جواب ڏيون ته فلم انڊسٽريءَ ۾ توهان ايڏو Advance ٿي ويا آهيو، اسان ته آخري فلم شوڪت جماڻيءَ سان گڏ خيرپور جي سئنيما ۾ اڄ کان ٽيهارو کن سال اڳ ڏٺي اتي ته اسان کائڻ لاءِ پاڻ سان ڀڳڙا ۽ ڏڌڙي به کڻي ويا هئاسين ۽ هتي توهان سونف مسالا جي پڙي کڻي وڃن کان به جهلي رهيا آهيو. بهرحال اسان کي ڪئميرا مان بيٽري ڪڍي جمع ڪرائڻ لاءِ چيو ويو جنهن جي رسيد ڏنائون ته وڃڻ وقت هر ڪو پنهنجي امانت کڻي وڃي.
    سئنيما هال ۾ گهڙڻ تائين اسان اهو معلوم نه ڪيو ته ڪهڙي فلم ڏسڻ پيا وڃون. هونءَ به اسان فلمن کان وڌيڪ هتي جي سئنيمائن جي تعريف ٻڌي آيا هئاسين ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته انڊيا ۾ جيڪي هي PVR ٽائيپ سئنيما هال ٺهيا آهن انهن جو مقابلو جاپان ۽ آمريڪا جا به ڪي ورلي شهر ڪري سگهندا. پردو، آواز، ويهڻ جون سيٽون، صيفائي سٿرائي جي خيال کان هڪ قسم جا State of Art آهن. مثال طور سائونڊ Effect اهڙي طرح جو سامهون اسڪرين تي آيل ماڻهوءَ جو آواز ته سامهون اچي پر ٻاهر نڪري ويل جو آواز يا گانو ويٺل کي پاسن کان ٻڌڻ ۾ اچي ۽ ڪن حالتن ۾ تمام ڏور جو آواز يا فائرنگ جو آواز بلڪل پٺيان لڳل مائيڪن مان اچي.
    تازي release ٿيل فلم ”ڪرم“ هئي جنهن جي فوٽو گرافي، ڪهاڻي جي اسٽائيل ۽ ان ۾ پيدا ٿيل تجسس ۽ خوف جو ڀرپور مظاهرو تعريف جوڳو هو ۽ اها اڄ جي حساب سان ان چوٽيءَ تي پئي لڳي جيتري اڄ کان ويهه سال کن اڳ God Pather فلم لڳي ٿي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته انڊيا جو بالي ووڊ آمريڪا جي هالي ووڊ سان ٽڪر کائي رهيو آهي ۽ هتي جي فلمن ۾ جيترو خرچ ٿئي ٿو ان جو حساب نٿو ڪري سگهجي. ان کان علاوه هر روز نت نوان چهرا ايندا رهن ٿا جيڪي سونهن سوڀيا توڙي پنهنجي فن ۾ ماهر آهن، اسان وٽ مسئلو اهو آهي جو پراڻيون اداڪارائون نڪو ٿيون مرن ۽ نڪو ٿيون فلمي دنيا جي جان ڇڏين. اسان جي عمرين جون اداڪارائون جيڪي اسان وانگر نانيون ڏاڏيون ٿي ويون آهن پر اڃا به فلمن ۾ هيروئنيون ٿي اچڻ چاهن ٿيون. ان کان وڏو اسان جي ماڻهن سان ٻيو ڪهڙو ظلم چئبو.
    مٿين فلم ڪرم ڏسڻ بعد ٻه ٽي ٻين فلمن ڏسڻ جو به موقعو مليو جيئن ته وقت، پيج ٿري، مجهه سي شادي ڪروگي، وغيره. جن جي ڪا دلچسپ ڳالهه ياد اچي وئي ته ڪٿي ٻئي هنڌ ڪنداسين. هڪ فلم 3 Page پاڙي جي سئنيما پارس ۾ ڏسڻ ويس پر سئنيما هال اهڙو ته بيڪار ۽ اڻ ايئر ڪنڊيشند هو. ۽ فلم ايڏي ته ڌنڌلي نظر اچي رهي هئي جو ان کان ٽيهارو سال اڳ جا راحت، نيومئنجسٽڪ، فردوس، ڪوهه نور ۽ ٻيا حيدرآباد جا سئنيما هال سٺا هئا. اڌ ڪلاڪ بعد مجبور ٿي نڪرڻو پيو جيتوڻيڪ پٺيان وارا پئسا کائڻ جي چڪر ۾ پنهنجو پاڻ کي صبر سان ويهي سڄي فلم ڏسڻ جي ڏاڍي تليقين ڪيم پر اٿڻ تي مجبور ٿي ويس جو بار بار فلم ڪٽجي به وئي پئي ۽ ڏسندڙن سيٽون وڄائي هال مٿي تي کڻي ٿي ڏنو، پئسا ته ضايع ٿيا سي ٿيا وڌيڪ ٻه ڪلاڪ ويهي موڊ آف ڪرڻ بدران ڇو نه ٻاهر نڪري لوڌي باغ يا دهليءَ جو ڳاڙهو قلعو گهمان يا ڀر واري ڳوٺ گرگائون هليو وڃان جيڪو دهليءَ جي حڪومت دهلي کان ويهه کن ڪلوميٽر پري هڪ الگ ٿلڳ ماڊرن ۽ مثالي شهر ٺاهيو آهي ۽ ان کان علاوه هڪ ٻيو شهر نوڊيا پڻ اڏايو آهي جيڪو سونهن ۽ آرڪيٽيڪٽ جو هڪ شاهڪار آهي.
    بهرحال ان رات اها فلم ڏسي ٻارهين ساڍي ٻارهين نڪتاسين ته چوڌاري آڌي رات واري خاموشيءَ بدران اهوئي شام وارو ميلو متل هو پارسي ۽ عيسائي ڇوڪريون اسڪوٽرن ۾، هندو ڇوڪرا ڇوڪريون جينز ۾ ٽولن ۾ هلي رهيا هئا. ڪيترائي فارينر به گهمي رهيا هئا، معنيٰ امن امان جي صورت بهتر آهي. گهٽ ۾ گهٽ انهن اتراهن توڙي ڏاکڻين رياستن ۾. اوڀر ۾ ناگالينڊ، ميزورام، مني پور ۽ تريپورا وارين رياستن ۾ اتي جا وڏيرا ڦرلٽ ۽ داداگيري ۾ لڳيا پيا آهن ته پيا ڌوڙ پائين ۽ اهي صوبا ڀلي پٺتي ئي پيا هجن باقي انڊيا جون اتراهون رياستون فارينرن جي گهمڻ لاءِ هڪ ماڊل ملڪ آهي. اسان جيڪو سوچيو پئي ته آڌي رات ٿي وئي آهي ۽ سئنيما کان گهر ڀڄڻ جي ڪيون سو سئنيما کان ٻاهر نڪري شام وارو ههڙو ميلو متل ڏٺويسين ته ڍرا ٿي وياسين، سڀني چيو ته چانهه يا ڪافي پي پوءِ هلجي. اڌ ڪلاڪ ان فيصلي ۾ چٽ ٿي ويو ته ڪهڙي ڪيفي ۾ چانهه پيئجي ۽ پوءِ چانهه پي اچي آٽو رڪشائن ۾ ويٺاسين. ٽن رڪشائن ۾ سڀ اچي وياسين. رڪشا وارن کي ڪالڪاجي علائقو يا مارڪيٽ چوڻ بدران اسان هنن کي رڳو ڪالڪا چيو ۽ هنن اچي اسان کي ڪالڪا مندر ۾ لاٿو. سڀ چون هتان ته اسين ته چڙهيا هئاسين هي ته علائقو ٻيو پيو لڳي. چڱو جو اسان جي ميزبانن جا موبائيل فون نمبر اسان وٽ هئا. انهن کي فون ڪيوسين جن رڪشا وارن کي سمجهايو ۽ هو منهن مٿو پٽيندا اسان کي واپس اسان جي اصلي جاءِ ڏي ڍوئڻ لڳا جنهن لاءِ اسان کين اهو چئي وڌيڪ پئسا ڏيڻ کان انڪار ڪيو ته اهو سندن ڏوهه آهي، پر چڱو جو کين گهڻو پنڌ ڪرڻو نه پيو جو اهو ڪالڪا مندر به اسان واري علائقي ۾ ئي آهي. بلڪه هن علائقي جو نالو ڪالڪاجي ان ڪالڪا ديويءَ جي پراڻي مندر تان پيو آهي جنهن جو احوال اڳتي ڪنداسين. هڪ ئي وقت ٽن آٽو رڪشائن مان ٻارنهن کن ماڻهو لهڻ تي سامهون پوليس چوڪيءَ جو پوليس وارو وڌي اڳيان آيو. پڇڻ تي ٻڌايوسين ته اسان پاڪستان جا ٽوئرسٽ آهيون ۽ هتي رهون ٿا.
    ”ڪوئي بات نهين.“ چئي هو واپس پنهنجي ڊيوٽيءَ تي هليو ويو، نه هن پاسپورٽ ڏسڻ لاءِ اسان کي تنگ ڪيو نه اهو پڇيو ته آڌيءَ رات جو ڪڏانهن ويا هئائو.


    انڊيا جو Corrupt پير

    اڄڪلهه انڊيا جي هڪ وڏي هندو پير سنڪر آچاريه جو اهڙو ته اسڪينڊل هلي رهيو آهي، جنهن في الحال هندو ڌرم سان واسطو رکندڙن کي حيرت سان گڏ Shock ۾ وجهي ڇڏيو آهي ته؛ ههڙو ڪاني ڪرامت جو مالڪ سڏائڻ وارو درويش صفت گرو، اندر ۾ ايڏو وڏو خوني ۽ رهزن نڪتو. منهنجي خيال ۾ اها ڪا اخبار يا اهو ڪو رسالو ناهي جنهن ۾ سري جيئندرا سراسوتي نالي ڪانچيا جي هن هندو گرو جو ذڪر نه هجي. هن، سندن اگرن ڪمن جو ڀانڊو کوليندڙ سنڪر امان جو پنجاهه لک روپيا ڏئي خون ڪرايو. ڪيترا مهينا گذرڻ بعد به ڪنهن کي ثبوت نه ملي سگهيو ته هن خون پويان هيڏي وڏي هندو گروءَ جا هٿ آهن، جيڪو هندستان جي سڀ کان امير گاديءَ، سري ڪانچي ڪاما ڪوتي پيٿام جو 69 ئون جڳت گرو آهي. هي انڊيا جو اهو وڏو گرو آهي جنهن جي پيرن چمڻ لاءِ ملڪ جا وڏا وڏا ائڪٽر، واپاري ۽ سياستدان اچن ٿا. انهن مان ڪجهه هن ريت آهن: وينڪٽ رامائڻ انڊيا جو اڳيون صدر، سوراج پاڪ وڏو ڪارخاني دار، سوامي ناٿن مڪ جو وڏو سائسندان، نيپال جو بادشاهه گيانيدار ۽ ويندي اڄ جو مسلمان صدر ابوالڪلام. تامل ناڊو جي چيف منسٽر ۽ سابق ائڪٽريس ته هن جي ايڏي وڏي مريدياڻي آهي، جو هن سان ملڻ وقت، پنهنجي ڪرسي هن جي ڪرسيءَ جي ليول کان ٿورو هيٺ رکائيندي آهي.
    هندو ڌرم جي هن وڏي گروءَ جي ڪڌن ڪرتوتن تي اڃا شايد پڙدو پيو هجي ها پر پنجن ڄڻن جي خوني ٽولي مان ڪجهه وڃي پوليس وٽ پيش ٿيا ۽ پوءِ پوليس ان خون جون ڳنڍيون سلجهائيندي هن گروءَ تائين پهتي. پر هيڏي وڏي گروءَ ۾ هٿ وجهڻ کان اڳ هتي جي پوليس جيڪو پڪو هوم ورڪ ڪيو آهي ان لاءِ هن کي داد ڏيڻو پوي ٿو ۽ ان ڏوهه پٺيان پئجي وئي آهي ته هن ان ڌرمي اداري جي فنڊن کي خرد برد ڪرڻ کان علاوه هو ڪيترين ئي عورتن سان غلط تعلقاتن ۾ اهڙو ته غلطان رهندو اچي جو هن کان ڪيترن ئي اهم ڏينهن تي ٿيندڙ سمرن ۽ دعائون به رهجيو وڃن ۽ هاڻ هن گروءَ جي ڪارن ڌنڌن کي وائکو ڪرڻ سان گڏ هتي جون اخبارون ۽ رسالا انهن عورتن جا به قصا ڏئي رهيون آهن، جن جا هن سواميءَ سان اعتراض جوڳا تعلق رهيا آهن. هڪ عورت جنهن جو ذڪر ميڊيا ۾ تمام گهڻو هلي رهيو آهي اها اوشا سري رنگم آهي. اوشا پنهنجي بچاءَ ۾ هفتيوار انگريزي اخبار The Week کي انٽريو ڏيندي ٻڌايو ”منهنجا سري جيئندرا سراسواتيءَ سان تعلقات اهي پئي رهيا آهن، جيڪي هڪ گرو ۽ شيس جي وچ ۾ ٿين ٿا. آئون هن سان پهريون دفعو پنهنجي مڙس جي موجودگيءَ ۾ مليس. ان بعد اڪيلي ملڻ لڳيس. منهنجي وڏي عمر ۾ شادي ٿي هئي ۽ پوءِ سگهو ئي مڙس ڇڏي ڏنو. بعد ۾ اهو معلوم ٿيڻ تي ته مون کي ڪينسر آهي، منهنجي جيئڻ تان دل ٽٽي پئي. مون پنهنجو پاڻ کي ٻين انيڪ پوڄاري عورتن وانگر، سري جيئندرا جي قدمن مبارڪ تي اچي ڦٽو ڪيو. آئون هن کي ٻاڏائيندي رهيس ته منهنجي ڪا واهي واهڻ ڪر. آئون پنهنجو پاڻ کي اڪيلو محسوس ٿي ڪريان. هن مون کي دلداري ڏني ۽ چيو ته جيڪڏهن امبل ديوي (ڪاماچي) توکي خلقيو آهي ته هن ضرور ڪنهن مقصد لاءِ پئدا ڪيو آهي. هن مون کي چيو ته دنيا ۾ هن جهڙا ماڻهو موجود آهن، جيڪي منهنجي سار سنڀال لهن. اها هڪ قسم جي فقط روحاني مدد هئي، جنهن جي مون کي ڳولا هئي.“
    ”پر اسان ٻڌو آهي ته هو توهان کي پئسي ڏوڪڙ جي به مدد ڪندو هو؟“
    ”ها، ڪڏهن ڪڏهن ڏهه ڏهه هزار روپيا ڏنائين ٿي ۽ ان کان علاوه منهنجي علاج جو خرچ به ڏيندو هو.“
    ”اسان ٻڌو آهي ته گرو توسان روزانو صبح ساڻ، موبائيل فون تي ڊگهي ڪچهري ڪئي ٿي.“
    ”آئون ڊپريشن جو شڪار ٿي پئي هيس. سو منهنجي دل وندرائڻ لاءِ هو صبح جو آرل واڪو (دعائون) ڏيندو هوم.“
    مٿين گروءَ کي Expose ڪرڻ ۾ ۽ سندس ڪڌن ڪمن کان عوام کي اطلاع ڪرڻ ۾، تامل رسالي جي ليکڪا انوراڌا پڻ آهي، جنهن هن گروءَ تي فيچر لکڻ دوران، ان حقيقت تان پڻ پردو کنيو آهي ته هن گروءَ (جيئندار سراسوٿي)، جيڪو پاڻ کي وڏو پاڪ پوتر سمجهي ٿو، منهنجي ذري گهٽ عزت لٽي هئائين. هنن جي مندر Amma نالي هڪ رسالو ڪڍڻ چاهيو ٿي جنهن ۾ سڌارو آڻڻ لاءِ مون کي گهرايو ويو. مندر ۾ پهچڻ تي مون کي هڪ ديوداسي، گروءَ وٽ وٺي هلي ۽ ان ميٽنگ ۾ فقط رسالي بابت ڳالهه ٻولهه ٿي. ان بعد هڪ ٻه ٻيون ميٽنگون به ان سلسلي ۾ ٿيون. چوٿين دفعي جڏهن آئون گروءَ جي خدمت ۾ سندس ڪمري ۾ پهتيس ته مون هن کي هڪ عورت سان گڏ اعتراض جوڳي پوزيشن ۾ ڏٺو. هن ان کي ڇڏي مون کي جهلڻ جي ڪوشش ڪئي پر آئون پاڻ ڇڏائي ڀڄي آيس. مون کي سندس ٻين چيلن سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، جيئن آئون راضپو ڏيکاريان پر آئون سڀني کي گهٽ وڌ چوندي ٻاهر نڪري آيس.
    ان بعد مون کي Threats ملندا رهيا. هڪ دفعي اهڙي ته Serious قسم جا مليا جو مون کي پوليس کان مدد وٺڻي پئي. ان دوران مون کي ڏينهن لڳي ويو ۽ بستري داخل ٿي ويس. جيئندرا سراسو ٿي مون سان هڪ دفعو وري ملڻ لاءِ منٿ ميڙ ڪئي ۽ مون کان معافي وٺڻ لاءِ چيو. آخر گهڻي چئه چوان بعد، آئون هن سان مليس، هن مون کي چيو ته؛ هو مون کي هر اها شيءِ ڏيڻ لاءِ تيار آهي، جنهن جي آئون گهر ڪريان. مون هن کي ههڙي پوتر گادي Math ۽ مندر ڇڏڻ لاءِ چيو، جيئن هن شيطان صفت انسان کان ماڻهن جي جان ۽ عورتن جي عزت بچي سگهي. مون ڇهه مهينا کن انتظار ڪيو. ان بعد هن جي صحيح ۽ اصلي روپ تي رسالي ۾ لکڻ شروع ڪيو. پر پنهنجو اثر رسوخ هلائي، هن سگهو ئي اهو رسالو ئي بند ڪرائي ڇڏيو. آئون ڪجهه عرصي لاءِ چپ ٿي ويس، پر جيئن ته هاڻ هو جيل ۾ آهي ۽ منهنجي لکڻين تي بندش نٿو وجهرائي سگهي، مون هڪ دفعو وري لکڻ شروع ڪيو آهي. خاص ڪري انهن سادين سودين عورتن لاءِ جيڪي ههڙن ماڻهن اڳيان وڃيو سيس نوائين ۽ شيطان صفت انسانن جي ڪوڙڪي ۾ ڦاسيو پون. آئون عورت ذات کي، هن گروءَ جا صحيح رنگ ڏيکارڻ چاهيان ٿي.
    هندستان جي هن وڏي هندو ڌرم جي اداري جي هڪ بيحد وڏي ۽ طاقتور گروءَ جي غلط ڪارين، هندو ڌرم جي پوئلڳن کي جتي غمزده ۽ شرسار ڪيو آهي، ته هڪ ڌرم جو اڳواڻ جيڪو ٻاهران هڪ پوتر شخصيت سمجهي وئي ٿي، اها اندروني طرح ڪيڏي ڀيانڪ ۽ نيچ ثابت ٿي. ساڳئي وقت دنيا هندستان جي قانون قاعدي، انصاف ۽ Judiciary جي به تعريف ڪري ٿي ته قانون هر هڪ لاءِ ساڳيو آهي، چاهي ڪو غريب هجي يا امير، ڪمزور هجي يا طاقتور، اڪيلو هجي يا ملڪ جا وزير، وزراءَ، ليڊر، سياستدان هن جي پاسي هجن پر ڏوهه ڪرڻ ۽ ثابت ٿيڻ تي هو بچي نٿو سگهي. هندستان جي هن وڏي ۽ طاقتور گرو سنڪر آچاريا جيئندرا سراسواٿي جو مثال ڏيڻ لاءِ، هند سنڌ جو ڪو اهڙو طاقتور، پير، مير، وڏيرو نظر نٿو اچي، جنهن جي هٿ ۾ ڏهه هزار ڪروڙ روپين جا بئنڪ اڪائونٽ هجن (يعني ڏهه ارب انڊين روپيا ۽ پاڪستاني چوڏهن ارب روپيا ٿيا)، جنهن جي حڪم هيٺ انڊيا جي مختلف صوبن؛ چينائي، ڳوهاٽي ۽ اترانچل ۾ خيراتي اسپتالون ۽ ٻيا خيراتي ادارا هلندا هجن. جنهن جي ٽڪر جو، پئسي جي معاملي ۾، کڻي آغا ن خان جهڙو ڪو مقابلو ڪري سگهي پر ان جي به ملڪ جا وزير وزراءَ، سياستدان، ڪارخاني دار ۽ ايڏو ڪروڙن ۾ پوئلڳ عوام نه هوندو، جيترو هن جو آهي. ايتري قدر جو آڏواڻي، ملڪ جو صدر ابوالڪلام ۽ سندس صوبي تامل ناڊو جي وزير اعليٰ جيا لاليتا جهڙيون شخصيتون به هن جي قدمن ۾ پيون هجن. ان جو جڏهن ڏوهه ثابت ٿيو آهي ته حڪومت ان کي جهلڻ ۾ هڪ منٽ جي به دير نه ڪئي آهي. صبح ٿيڻ جو انتظار به نه ڪيو ۽ رات جو ننڊ مان اٿاري پوليس ٿاڻي تي وٺي وئي. ڪورٽ ۾ مئجسٽريٽ ضمانت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. هي گرو عمر ۾ 70 سالن جو ٿيندو ۽ سخت ڊائبٽڪ آهي ۽ هر وقت Insulin تي هلي ٿو. هن جي لاءِ جڏهن وڪيل، جيل بدران اسپتال ۾ رکڻ جي گذارش ڪئي ته مئجسٽريٽ صاف انڪار ڪندي چيو ته؛ هن کي جيل ۾ ئي رهڻ کپي ۽ ضرورت جون دوائون ۽ علاج، اسپتال بدران جيل ۾ ئي ٿيڻ کپي ۽ پوءِ جڏهن هن کي ننڍي جيل مان ڪڍي ويلور (Vellore) شهر جي سينٽرل جيل ۾ رکيو ويو ته اتي وري هن جي وڪيلن مدراس هاءِ ڪورٽ کي عرض ڪيو ته گروءَ جي وڏي عمر کي نظر ۾ رکي هن کي جيل بدران ڪنهن ٻي جاءِ تي نظر بند رکيو وڃي. پر پبلڪ پراسيڪيوٽر هن تي تر جيترو به رحم نه کائيندي چيو:
    “He is most undeserving criminal, deserving no special treatment. We are also devotees. We respect the seat, not the individual who is occupying it”.
    ۽ هن ڪيس بابت انتارا دوسين نالي هڪ مشهور ڪالمسٽ واه جو لکيو آهي ته ههڙن گروئن ۽ پنڊتن جي ڏوهن جو ٻڌي اسان پوڄارين کي سخت صدمو رسي ٿو. اسان سوچي به نٿا سگهون ته اسان جا ههڙا پاڪ پوتر سڏائڻ وارا مذهبي اڳواڻ ڏوهاري، خاص ڪري خوني ٿي سگهن ٿا ۽ اهڙا ماڻهو هميشه سمجهن ٿا ته هو ملڪ جي قانون کان مٿانهان آهن. هو ان خوش فهميءَ ۾ آهن ته هو کڻي ڇا به ڪن پر قانون سندن وار به ونگو نٿو ڪري سگهي. پر اسان جي ملڪ ۾ قاعدي قانون جي ان حد تائين سختي ڏسي خوشي ٿئي ٿي ۽
    “It revives our belief in the democratic process and rekindles faith in justice”.


    هڪ مسافر لاءِ ضروري ڳالهيون

    دهليءَ ۾ پهرين ڏينهن سو آئون پنهنجي گروپ جي ڏهه ٻارهن ساٿين سان گڏ گهمڻ نڪتس پر پوءِ مون اهو Realize ڪيو ته ولايت ۾ وڏي ٽولي سان گڏ گهمڻ بدران اڪيلي سر نڪرجي يا وڌ ۾ وڌ هڪ ڄڻي سان، ڇو جو هر هڪ جا پنهنجا شوق رهن ٿا. ڪي شاپنگ جا شوقين ته ڪي تواريخي جايون ڏسڻ جا، ڪي فلمن ڏسڻ تي گهڻو وقت ڏيڻ چاهين ٿا ته ڪي مٽن مائٽن سان ملڻ تي. وري شاپنگ جو ئي کڻي مثال وٺجي ته عورتون ڪپڙا، ساڙهيون ۽ سينڊل قسم جو سامان خريد ڪرڻ ۾ وڌيڪ دلچسپي رکن ٿيون ته مرد سي ڊي پليئر، واچون، جيسلميري جوتا يا ٻيو ڪجهه ۽ منهنجو خريداريءَ ۾ شوق فقط ۽ فقط ناياب ڪتاب هٿ ڪرڻ هو. هاڻ اهو ماڻهو جنهن کي ڪتابن جو شوق نه ههجي هو مون سان گڏ ڪتابن جي دڪانن ۾ اجايون اوٻاسيون پيو کائيندو يا هن جي خريداري واري دڪان ۾ منهنجو وقت پيو ضايع ٿيندو. ان ڪري مون پنهنجي لاءِ اهوئي بهتر سمجهيو ته آئون اڪيلو نڪري پوان ۽ اهوئي منهنجو سالن جو تجربو ٿو ٻڌائي ته پرديس ۾ گهمڻ وقت جتي تمام ٿورو ۽ مقرر وقت ٿو ملي اتي وڏو ٽولو ٺاهي نڪرڻ هر هڪ جي وقت جو زيان آهي. پر اڪيلو نڪرڻ ۾ جتي وقت بچي ٿو ۽ هر هڪ پنهنجي مرضيءَ جو مالڪ ٿئي ٿو اتي هڪ پرديسي مسافر کي هڪ ٻه ڳالهيون ضرور ڌيان ۾ رکڻ کپن. هڪ ته پنهنجي رهائش جي ائڊريس ۽ فون نمبر نه فقط ياد رکجي پر پني تي چٽن اکرن ۾ لکي اڳين کيسي ۾ وجهي هلجي جيئين وسري وڃي خدا نه ڪري ڪو حادثو درپيش اچي ته ٻيا Identify ڪري سگهن ۽ پنهنجي رهائش جو پتو مختصر نه پر تفصيل سان لکجي. مثال طور ڌاريو ڪراچي جي کارادر ۾ اچي رهي ته هن لاءِ فقط کارادر ياد رکڻ ڪافي ناهي جو شهر گهمڻ بعد رڪشا يا ٽيڪسي واري کي فقط ايترو چوڻ سان ضروري ناهي ته هو کارادر جي ان هنڌ تي اچي ڇڏي جتي هن جي رهائش آهي. کارادر ته ٻه اڍائي ڪلوميٽرن جي پکيڙ ۾ آهي. ان ڪري ضروري آهي ته پرديس ۾ جتي رهجي ان علائقي ۽ گهٽيءَ جو ته نالو ياد رکجي پر ڀرپاسي ۾ ڪا مشهور هوٽل، مندر، مسجد يا اسڪول، دڪان هجي ته ان جو به نالو ياد رکجي. اها جيتوڻيڪ هڪ معمولي ڳالهه آهي پر ان تي عمل نه ڪرڻ ڪري پرديس ۾ مون ڪيترن کي سخت پريشان ٿيندي ڏٺو آهي. ۽ ان کان علاوه ٻي اها ڳالهه ته پرديس ۾ ڪڏانهن گهمڻ لاءِ نڪرڻ وقت پنهنجي ٽولي جي ساٿين کي اهو ضرور ٻڌائي نڪرجي ته هو ڪهڙي پاسي وڃي پيو ۽ اٽڪل ڪنهن وقت موٽندو. جيئن ٻين کي آئيڊيا رهي. يا پروگرام بدلائڻ تي هو فون ذريعي پنهنجي ساٿين کي اطلاع ڪري. هڪ دفعي منهنجا ڪجهه پاڪستاني واقف ڪار بمبئي ويا، انهن مان هڪ ٻه ڄڻا روزمره جي روٽين موجب شهر گهمڻ لاءِ نڪتا. هڪ ڏينهن شهر گهمندي هو تاج محل ڏسڻ لاءِ آگره هليا ويا ۽ رات رهي ٻئي ڏينهن شام جو دير سان واپس وريا پر پٺيان اطلاع نه ڪرڻ تي سندن باقي ساٿين کي سخت فڪر ٿيو ته ڪنهن غلطي ڪرڻ ڪري پوليس وٽ ته نه آهن يا ڪو حادثو ته درپيش نه آيو اٿن ۽ هنن ظاهر آهي پوليس ۾ وڃي رپورٽ ڪئي ۽ پوءِ جڏهن هنن جو پتو پيو ته ماڳهين مٿين ڪيس ٿي پيو ته غير قانوني طور آگري ڇو ويائو جو توهان کي آگري وڃڻ جي ويزا ته نه هئي ۽ هاڻ اها بنا ويزا جي گهمڻ جي ڳالهه نڪتي آهي ته مٿين ٻن ڳالهين سان گڏ پنهنجن پڙهندڙ لاءِ هتي اهو لکڻ به ضروري سمجهان ٿو ته پرديس ۾ ڪنهن معمولي غيرقانوني ڪم ڪرڻ کان به گريز ڪجي ۽ جنهن ملڪ ۾ گهمڻ لاءِ اچجي ان ملڪ جي قانون جو احترام ڪجي. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اسان جي ملڪ ۾ قانون جي پوئواري ڪرڻ جي سختي ناهي ان ڪري اسان جي ملڪ جا اڪثر ماڻهو ٻين ملڪن ۾ Takeit granted وٺن ٿا ته کين ڪا چوڻ واري پهر ناهي. ڀلي غلط ڪم ڪندا وتن پر ضروري ناهي ته ان جي وٺ پڪڙ ٿئي. اها هنن جي غلط فهمي آهي. اڄڪلهه هر ملڪ ۾ ويندي ملائيشيا، ٿائلينڊ، سعودي عرب جهڙن ملڪن ۾ به قانون جي ايڏي سختي ٿي وئي آهي جو هڪ ڌارئين ماڻهوءَ کي فقط اهو چوڻ ته هو پرديسي آهي هن کي سندس ڪيل ڏوهه جي سزا کان بچائي نٿو سگهي. ان ڪري ٻاهرين ملڪن ۾ جن شهرن گهمڻ جي ويزا ملي ٿي انهن شهرن ۾ ئي وڃڻ کپي. وڌيڪ شهر گهمڻ لاءِ ان شهر ۾ وڃڻ جي ضرور اجازت وٺجي. انڊيا ۾ ۽ ٻين ڪيترن ملڪن ۾ اهو قاعدو آهي ته توهان جنهن شهر ۾ وڃو ته ان شهر جي پوليس اسٽيشن کي پنهنجي آمد ۽ رهائش گاهه جو ضرور اطلاع ڪيو ۽ شهر ڇڏڻ وقت پڻ. مثال طور اسان کي دهلي، آگري ۽ لکنؤ شهرن جي ويزا مليل آهي. دهليءَ ۾ اچڻ سان اسان پوليس کي پنهنجي اچڻ جو اطلاع ڪيو، ان بعد آگري يا لکنؤ وياسين ته اتي پڻ پهچي پوليس کي اطلاع ڪيوسين. ان کان علاوه گجرات صوبي جي احمد آباد ۽ بڙودا شهرن يا مهاراشٽر جي شهر ممبئي ۾ وڃڻ چاهيوسين ته انهن لاءِ ويزا لاءِ اپلاءِ ڪيوسين ۽ پوءِ بڙودا يا ڪٿي به وياسين ٿي ته قانون موجب اتي جي پوليس اسٽيشن کي اطلاع ڪيوسين ٿي. دراصل ڏٺو وڃي ته ان قانون ۾ اسان مسافرن جو ئي فائدو آهي، ڇو جو خدانخواسته اسان جي ٽولي جو ڪو گم ٿي وڃي يا ڪو حادثو پيش اچي وڃي ته پوليس اسان کي Locate ڪري اطلاع ڏئي سگهندي. ائين ڪو گم ٿي وڃي ۽ خبر نه پوي ته ٻن ملڪن جي ڊپلوميسيءَ ۾ به خلل پئجيو وڃي جو پوءِ ڪنهن ماڻهوءَ جي نه موٽڻ تي پاڪستان هندستان کان Claim ڪندو رهندو ته اسان جو ماڻهو ڪڏانهن ويو.
    ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هڪ شهر کان ٻئي شهر وڃڻ تي پوليس اسٽيشن ڳولي اتي وڃي رپورٽ ڪرڻ ڪڏهن ڪڏهن مٿي جو سور به ثابت ٿئي ٿو ۽ جيتوڻيڪ انڊيا جي پوليس فارينرس سان سٺو برتاءُ ڪري ٿي پر اسان جي ننڍي کنڊ جي پوليس مڙيئي پوليس آهي، پوءِ اهو ملڪ چاهي پاڪستان هجي، انڊيا يا بنگلاديش، ۽ انڊيا جي پوليس وڌيڪ سلجهيل ۽ سٺي هجڻ جي باوجود پنج ئي آڱريون برابر ناهن. منجهن ڪڏهن ڪڏهن ڪي پنهنجين پريشانين ۾ منجهيل هجڻ ڪري يا وري پنهنجي لاءِ ڏيکارڻ خاطر آيل مسافر کي چڱي طرح رخ نٿا ڏين ۽ جلدي فارغ ڪرڻ بدران ويهاريو ڇڏين ۽ وقت ضايع ڪن ٿا. بهرحال ايتري سهولت ضروري آهي ته نئين شهر ۾ پهچڻ سان يڪدم پوليس اسٽيشن تي رپورٽ ڪرڻ ضرور ناهي. پهچڻ بعد 24 ڪلاڪن اندر رپورٽ ڪجي، سو بهتر اهوئي آهي ته ٿڪ ڀڃي پوءِ آرام سان وڃجي جيئن ڪجهه دير پوليس اسٽيشن تي وهيڻ تي بوريت نه ٿئي. ان کان علاوه انڊيا وارن ويهجهڙائي ۾ 60 سالن کان مٿي عمر جي سينئر سٽيزن لاءِ اهو رپورٽنگ جو قانون معاف ڪري ڇڏيو آهي، سو ان سک جو هن ٽرپ ۾ مون کي به فائدو رسيو جو آئون 60 سالن کان چار مهينا کن مٿي ٿي ويو آهيان. هتي انڊيا ۾ عمر جي ان حساب سان هڪ ٻيو به فائدو رهيو ته ريل، بس يا هوائي جهاز جي سفر جي ٽڪيٽ به مون کي Discount ملي ٿي ويو.
    سفر جي معاملي ۾ اسان وٽ بسيون سٺيون، تيز رفتار ۽ نيون آهن انڊيا ۾ وري ريل گاڏيون آهن. آهن ته هتي جا دٻا به پاڻ جهڙا ڇڪڙا پر انهن جي هر شيءِ ڪم ڪري ٿي. بٽڻ کي هيٺ مٿي ڪر ته بتيون ۽ پکا به هلن ٿا. آخري اسٽيشن تائين نلڪن ۾ به پاڻي اچي ٿو، نه فقط ايندو رهي ٿو، پر پريشر سان ايندو رهي ٿو. رات جي سفر ۾ سمهڻ لاءِ وهاڻو، ٻه چادرون ۽ بلاڪيٽ نه فقط ملن ٿا پر هر شيءِ ڊراءِ ڪلين ٿيل ۽ ٿيلهيءَ ۾ بند ملي ٿي. مختلف وقتن تي ماني، چانهه ڪافي، شربت، بسڪٽ ۽ ٻيون شيون سٺيون ۽ مناسب اگهه تي ملن ٿيون. مثال طور بسڪيٽن جو پڙو جيڪو عام طرح بازار ۾ ڏهين روپئي ملي ٿو سو هتي يارهين روپئي آهي. اهڙي طرح ٻين شين جو اگهه آهي. ان جي مقابلي ۾ اسان وٽ ٽرين ۾ يا پليٽ فارم تي هر شيءِ مهانگي ملي ٿي، هتي انڊيا ۾ گاڏيءَ سان گڏ هلندڙ ريلوي اسٽاف گاڏيءَ جي ڪمن ۾ مشغول رهي ٿو ان ڪري Toilet به هر وقت صاف سٿرو رهي ٿو دٻن جي ٻهاري سهاري به هر وقت ٿيندي رهي ٿي، گاڏيءَ جو ايئر ڪنڊيشنر به صحيح هلندو رهي ٿو. ڪراچيءَ کان لاهو ايندي وقت اسان جو پاڪستاني رسلوي اسٽاف سڄي واٽ لت کوڙي اسان جي ACC دٻي ۾ خالي بئنچن تي ستو رهيو. خانپور يا پنجاب جي ڪنهن اسٽيشن تي مسافرن جو تعداد وڌي ويو ته کين پاڻهي شرم ته نه آيو پوءِ نيٺ ٻين اٿارين تڏهن اٿيا پر پوءِ به دٻو نه ڇڏيائون. ڊگها ٿي سمهڻ بدران ويٺا رهيا. منجهد جو 12 کان پوءِ AC ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو پر AC لاءِ چڙهيل ٻه ڄڻا (هڪ وڏي عمر جو ۽ ٻيو تازو گريجوئيٽ ٿي آيل نوجوان) ڪجهه به نه ڪري سگهيا. نوجوان کي مون ڪجهه غيرت ڏياري ته توکي ته ڪم ڪرڻ ۽ سکڻ کپي. اٿي ڏس ته گيس ليڪ آهي يا Expantion والو صحيه ناهي ته هن اٿڻ بدران اهوئي Reason ڏنو ته ”مون کي هيءَ نوڪري ملي وئي آهي پر مون کي Refrigeration جي معلومات ناهي جو مون اليڪٽريڪل ۾ B.E ڪئي آهي.“ ٻيا ته ٺهيو پر گاڏيءَ جي دٻن جا Spring وغيره چيڪ ڪرڻ وارو به سڄي واٽ ستو رهيو. خبر ناهي ڪيئن انهن جي گريزنگ ۽ Maintenance ٿئي ٿي. سڀ کان وڏي ڳالهه ته لوئر ACC جو تقريبا سڄو دٻو اسان لاءِ ڪراچيءَ کان کان لاهور تائين بڪ ٿيل هو. صبح جو ڪراچيءَ ۾ جڏهن اسان جي شاليمار ريل هلڻ لاءِ اچي پليٽ فارم تي لڳي ۽ اسان پنهنجي دٻي ۾ گهڙياسين ته دٻو صاف سٿرو هجڻ بدران اٽڪل ڏهه کن سيٽن تي بلاڪيٽ ۽ چادرون اوڙهيو ريلوي جو اسٽاف ستو پيو هو. لٽرلي هڪ هڪ کي اٿاريو اٿائون. هڪ هڪ آرام سان ڪر موڙي، کانگهارا ڪڍندي، ٽائليٽ استعمال ڪري پوءِ دٻي مان ٻاهر نڪتو آهي ۽ پوءِ Toilets جي ٻاهران اسان جي ريلوي وارن اهو ڇو لکيو آهي ته ”ريلوي اسٽيشن تي جڏهن گاڏي بيٺل آهي ته استعمال نه ڪريو.“ هي ماڻهو ڪير آهن جيڪي ريل کي مفت جي هوٽل سمجهي استعمال ڪن ٿا ۽ ويندي وقت مسافرن لاءِ گند ڪريو وڃن. جيڪي سفر لاءِ ٻڪ پئسن جا ريلوي وارن کي ڏيئي ٽڪيٽ خريد ڪن ٿا. ان خيال کان انڊيا جي ريل جا دٻا بيحد صاف سٿرا نظر اچن ٿا. هر شيءِ Operative نظر اچي ٿي. ڪو ڪنڍو ڪڙو ڀڳل ناهي، دٻي جي خالي ٿيڻ تي سخت قسم جي جراثيم ماريندر دوا اسپري ذريعي لڳائين ٿا ۽ اها دوا واقعي اهڙي نج ۽ Effective استعمال ڪن ٿا جو هڪ اهڙي دٻي ۾ اسپري ٿيڻ وقت ڊاڪٽر لڇمڻ جي ڌيءَ نوري پنهنجو وسري ويل ڪو سامان کڻڻ لاءِ چڙهي وئي ته بيهوش ٿي وئي. معنيٰ اهڙي سخت قسم جي اسپري سان ضرور جراثيمن جو خاتمو ٿي ويندو هوندو ۽ دٻا Hygenic رهندا هئا. شايد اهوئي سبب آهي جو هتي جي ريل جي دٻن ۾ اسان کي مکيون ۽ مڇر نظر نه آيا جيتوڻيڪ هونءَ هندستان جي رستن ۽ بستين ۾ اسان جي ملڪ کان گهڻيون مکيون ۽ مڇر پٽين ٿا. بهرحال اهي ڳالهيون ۽ ماڻهن جي Duty جو Sense آهي جيڪي اسان جي ملڪن جي مختلف ڊپارٽمينٽن جي ڪريل ڪارڪردگيءَ جي نشاندهي ڪن ٿا.


    دهليءَ جي عمارتن جو سير

    دهليءَ ۾ اچڻ جو خاص مقصد اسان جي پيٽارو جي درست رامچند اوڏ جي پٽ راجيش جي شادي اٽينڊ ڪرڻ هو. ان بعد ٻن هفتن بعد انڊيا جي گجرات صوبي جي تواريخي شهر بڙودا (جنهن کي هاڻ وري سندس اصلي نالو Vodoodra جي نالي سان سڏين ٿا) ۾ اسان جي پيٽارو ڪئڊٽ ڪاليج جي ٻئي دوست ۽ رامچند اوڏ جي ڀاءُ نولراءِ جي پٽ مڪيش جي شادي اٽينڊ ڪرڻي هئي. سو هاڻ جيئن دهلي واري شادي پوري ٿي ته اسان سنڌ کان آيل سڀ ڄاڃي ڄڻ آزاد ٿي وياسين ۽ روزانو ٽولن ۾ يا اڪيلي سر دهلي ۽ اوس پاس جي شهرن کان علاوه اجمير، آگري، هردوار جهڙن ڏورانهن شهرن ڏي به نڪرڻ لڳاسين جيڪي ٻين صوبن ۾ آهن ۽ پوءِ ان ئي ڏينهن شام ڌاري موٽي ايندا هئاسين يا رات ٽڪي ٻئي ڏينهن دهليءَ ورندا هئاسين جتي اسان پنهنجو ٺام ٺڪاڻو ٺاهي رکيو هو.
    اسان سان گڏ آيل ڄڃ جا ماڻهو صبح جو دير سان اٿندا هئا پر منهنجي سوير اٿڻ جي عادت ڪري آئون هاڻ اڪيلي سر سوير ئي نيرن ڪري چڪر تي نڪرڻ لڳس. بلڪه نيرن به ٻاهر ڪٿي نه ڪٿي ڪري وٺندو هوس. صبح جو سوير نڪرڻ ڪري جيئن ته سج جا ڪرڻا پاسيرو رهن ٿا ان ڪري فوٽو گرافي به بهتر ٿي ويندي هئي، دهليءَ جي تقريبا هر گهٽيءَ ۾ هڪ ٻه ننڍي ريڙهي واري هوٽل ضرور نظر اچي ئي اچي ان تي ڪا عورت، ڇوڪرو يا پوڙهو مرد گيس جي سلينڊر تي چلهو ٻاري ديڳڙيءَ ۾ چانهه ٺاهي ٽي روپئي ڪپو پيو وڪڻندو ته ڪو بيضا ۽ اڦراٽا پيو ٺاهي وڪڻندو. سو سوير نوڪرين تي نڪرڻ وارا اهڙن ريڙهي وارن کان فقط چانهه يا نيرن ڪري پوءِ آفيس يا فيڪٽرين ۾ وڃن. آئون به پنهنجي بورچيءَ جي اٿڻ جو انتظار ڪرڻ بدران ٻاهران هڪ اهڙي ڪئبن واري هوٽل تان ڇوڪري کان چانهه جا هڪ ٻئي پويان ٻه کن ڪوپ پي وٺندو آهيان. سامهون خالصا ٽيڪسي اسٽينڊ آهي ان تي رات جي بيٺل ٽيڪسين جا سک ڊرائيور به ان کان چانهه وٺي پيئندا آهن جنهن وٽ آئون ايندو آهيان. پوءِ هڪ ٻه ڄڻا مون سان به خبر چار ڪن يا ڪڏهن آئون ڳالهائڻ جي موڊ ۾ هوندو آهيان ته آئون ساڻن خبرون ڪندو آهيان.
    ”ڪٿي جا آهيو؟“
    ”پنجاب جا پرهاڻ هتي ئي رهون ٿا؟“
    ”هي فٽ پاٿ تي ٺهيل جهڳين ۾ڪير رهن ٿا؟“
    ”هي بهار ۽ ٻين رياستن جا غريب بيروزگار آهن جن کي سرڪاري ٺيڪيدار هتي وٺي آيا آهن.“
    ”ڇو ڀلا اتي انهن رياستن ۾ڪم ناهي ڇا؟“
    ”ظاهر آهي بيروزگاري آهي تڏهن ته هتي اچن ٿا.“
    ”کين ڏهاڙيءَ جو گهڻو ملي؟“
    ”اهوئي ته مسئلو آهي کين تمام گهٽ ملي ٿو. سندن ڪمائيءَ
    جو وڏو حصو ٺيڪدار کايو وڃن. هتي پڙهيل ڳڙهيل لاءِ به بيروزگاري آهي. هاڻ مڙيئي انڊيا جي ايڪانامي سنڌري پئي، گه۾ گهٽ پڙهلين کي آمريڪا ۾سٺيون نوڪريون ملن پيون ان کان علاوه عرب ملڪن ۾ به.“
    ”تون ڪيترو پڙهين؟“
    ”مون فقط ميٽرڪ ڪئي ۽ هي اباڻو ڌندو ٽيڪسي هلائڻ ۾ جو ڪريان ٿو.“
    ”توکي ٻاهر وڃي ولايت ۾ نوڪري ڪرڻ جو شوق نٿو ٿئي.“
    ”آئون به ڪجهه عرصو ٻاهر نوڪري ڪري آيو آهيان.“
    ”ڪٿي سعودي عرب ۾؟“
    ”نه منهنجا سڀ سک مائٽ ڪويت ۾ ڪم ڪن ٿا.“
    ”ڪهڙو ڪم ڪن ٿا.“
    ”اهوئي ٻڌايو مانو نه ٽيڪسي، لاري ٽرڪ هلائڻ اسان جو اٻاڻو ڌندو آهي.“
    ۽ ائين ڳالهين ڪندي هڪ بدران ٻه ڪوپ به ختم ٿي ويندا آهن. هڪ ڏينهن هلڪ سک ٽيڪسي ڊرائيور کان پڇيم ته آگري وٺي هلڻ ۽ موٽائي آڻڻ جا گهڻو وٺندين؟
    ”اٽڪل چار هزار روپيا کن.“
    ”چار هزار گهڻو ناهي؟“
    ”سفر به اوٽ موٽ جو اٽڪل ڇهه سؤ ڪلوميٽر آهي.“
    ”تڏهن به؟“
    ”چڱو ڀلا ساڍا ٽي هزار وٺندس، جڏهن به موڊ ٿيانو ته هڪ ڏينهن اڳ ٻڌائجو ته پنهنجي گاڏيءَ ۾ تيل ڀرائي صبح ساڻ اچي کڻندوسانو.“
    هڪ ڏينهن دهليءَ جون اهم ۽ تواريخي جايون ڏسڻ لاءِ صبح سان ڪئميرا کڻي آٽو رڪشا لاءِ روڊ تي اچي بيٺس. هونءَ جو هر وقت منٽ منٽ تي ڪا ڀريل يا خالي آٽو رڪشا پئي لنگهي اڄ ڪا نظر ئي نه اچي، هڪ ٻه نظر آيون سي به خالي پر اهي به اهو بهانو ڪري هليون ويون ته گيس ڪانهي انهيءَ ڪري مون کي پهرين اوکلا ڏي تيل ڀرائڻ لاءِ وڃڻو آهي. پوءِ معلوم ٿيو ته آٽو رڪشا وارن مسافر کٽڻ کان اڄ هڙتال ڪئي آهي. ”ڏاڍي ٻڌايائون.“ مون دل ئي دل ۾ سوچيو ”آئون به اڄ پنهنجن ساٿين سان دهلي کان ٻاهر ڪو شهر گهمڻ بدران اڪيلي سر دهليءَ جي سير تي نڪتو هوس ته هنن اسٽرائيڪ ڪئي آهي ۽ اسان جهڙن ٽوئرسٽن لاءِ انڊيا جي اها آٽو رڪشا ئي صحيح سواري آهي. سائيڪل رڪشا وڌ ۾ وڌ ميل اڌ في فاصلي تائين صحيح آهي. بس ۾ چڙهڻ جي پاڻ ۾ همت ناهي جو بسون هڪ ته پنهنجو روٽ وٺي هلن ۽ ٻيو ته ڪڏهن خالي رهن ٿيون ته ڪڏهن منجهن اهڙي پيهه پيهان ٿي ٿئي جو نه فقط چڙهڻ ۽ لهڻ مشڪل پر اندر بيهي ساهه کڻڻ به مشڪل. ٻڌبو هو ته انڊيا ۾ بس ۾ ماڻهو قطار ۾ چڙهن ٿا. عورتون ۽ مرد گڏ ويهن ٿا وغيره وغيره. بلڪل صحيح آهي پر اهو اچي هاڻ معلوم ٿيو آهي ته ڪي خوش نصيب ئي ويهن ٿا باقي مخلوق، عورتون توڙي مرد سارڊين مڇين وانگر هڪ ٻئي سان ڪلهو ڪلهي سان پير پير سان ملائي بيٺل نظر اچن ٿا. ٽيڪسي هڪ ٻن ميلن لاءِ مجبوريءَ ۾ ته صحيح آهي باقي اڌ شهر گهمڻ لاءِ جيڪو گهٽ ۾ گهٽ چاليهه ڪلوميٽر ٿيو وڃي مهانگي ئي چئبي.
    بهرحال آٽو رڪشا جي ڳولا ۾ آخر ڪامياب ٿي ويس ۽ هڪ ڄڻو راضي ٿي ويو. هن مون کي ڀر ۾ ٺهيل ڪالڪا ديوي جو مندر، بهائي ڌرم جو مندر ۽ ٻيون ڪجهه شيون ڏيکارڻ بعد آخر ۾ انڊيا گيٽ ۽ قطب مينار ڏيکاري واپس هتي ئي (جتان وٺي هليو ٿي) آڻڻ جا چار سؤ روپيا چيا.
    ”چار سؤ ته گهڻا ٿو ٻڌائين. ٻيا ته اهي شيون ٻن اڍائي سؤ روپين ۾ گهمائي آيا آهن.“ مون احتجاج ڪيو.“
    ”صحيح ٿا چئو پر اڄ اسٽرائيڪ آهي. هونءَ ته آئون پوليس کان ڊڄان ٿو ۽ نه ٽيڪسي وارن جي ايسوسيئيشن کان. پر ڪو مٿي ڦريل دارونءَ جي بوتل چاڙهي بيٺو هجي ۽ پٿر هڻي منهنجي رڪشا جو اڳيون شيشو ڀڃي رکي ته مون غريب کي نئين شيشي لڳرائڻ جا ٽي سؤ روپيا چٽي پئجي ويندي.“
    ”چڱو هينئن ڪر، اڍائي سؤ وٺ، شيشو جي ڀڳو ته نئون آئون هڻائي ڏيندس.“ مون چيومانس.
    ”سائين پهريون وارو حساب توهان لاءِ به ۽ مون لاءِ به صحيح ٿيندو باقي آئون توهان کي اڍائي ٽي ڪلاڪ کن دل وٽان گهمائيندس. ڀلي جتي جيترو وقت وڻانوَ وڃجو پيو آئون انتظار ڪندو رهندس.“
    مون کي ڊرائيور جي ڳالهه وڻي، ٿورو گهڻو پڙهيل ۽ جوان مڙس به هو، يعني هو منهنجو رکي رکي فوٽو به ڪڍي سگهيو ٿي. وڏي عمر جي ڊرائيور لاءِ، نظر گهٽ هجڻ ڪري، فوٽو ڪڍڻ به مسئلو ٿيو پوي جو ان لاءِ ويجهي جي عينڪ ضروري ٿيو پوي. خاص ڪري هنن Digital ڪئميرا سان فوٽو ڪڍڻ مهل.
    ”پهرين هي ڀر وارا مندر ڏسندا هلون؟“ ٽيڪسي ڊرائيور جنهن جو نالو ونود ڪمار هو تنهن پڇيو.
    ”بلڪل هتان کان شروع ٿي انڊيا گيٽ تائين هليو هل. رستي تي دهليءَ جون جيڪي به اهم شيون سمجهين اهي ڏيکاريندو هل. باقي رهيل ڏسڻ لاءِ وري ٻئي ڪنهن ڏينهن هلنداسين.“
    اسان جي رهائش واري علائقي کان هندن جو ڪالڪا مندر ۽ بهائي ڌرم جو ڪنول مندر (Lotus Temple) بلڪل ويجها آهن. بلڪه ڪنول مندر جي جي ڪنول جي گل جهڙي ڇت ته اسان واري بلنڊنگ جي پهرين ماڙ تان مون واري ڪمري مان به نظر اچي ٿي ۽ ڪالڪا مندر ته آهي ئي هن علائقي ۾ جنهن تان هن علائقي جو نالو ”ڪالڪاجي“ پيو آهي. ڀر ۾ پارس سئنيما، صفدر جنگ اسپتال، بالاجي مارڪيٽ، گوبندا پوري بازار ۽ هتي جو جهونو ڪاليج ”ديش بندو ڪاليج“ آهي. ان کان علاوه دهليءَ جي مشهور پوليٽڪنڪ انسٽيٽيوٽ (جنهن لاءِ چون ٿا ته دنيا جو ٻيو نمبر وڏو پوليٽيڪنڪ دارو آهي. ضرور هوندو، سندس ايراضي ۽ شاگردن جي بي پناهه تعداد مان لڳي به ٿو) هرڪيش نگر (جنهن ۾ سنڌ کان آيل اوڏ رهن ٿا ۽ سندن وڏو هولڊ آهي) ۽ شيام نگر آهي. هن پوليٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ جي ڀرسان ئي بنارسي داس چاندي والا آئي انسٽيٽيوٽ آهي. هارٽ انسٽيٽيوٽ ۽ نهرو پليس پڻ هتي ئي آهن، ڪالڪا جي، نهرو پليس ۽ ديش بندو ڪاليج نالي وڏا بس اسٽاپ پڻ آهن.
    انڊيا مندرن جو ديس آهي. هتي جو پراڻو مذهب هندو ڌرم آهي جنهن جو هزارين سال پراڻو اثر هن ننڍي کنڊ تي آهي. ٻڌڌرم، جين ڌرم، سک ڌرم ۽ اسلام ان کان پوءِ هن ڌرتي تي آيا ۽ انهن مذهبن جا به پنهنجا پنهنجا عبادت گهر انڊيا ۾ موجود آهن پر دنيا جا سڀ کان پراڻا مندر هن ملڪ ۾ آهن ائين ته اڄڪلهه جتي جتي به هندو رهن ٿا اتي هنن جا مندر آهن پر انڊيا کان پوءِ ٻئي نمبر تي گهڻا مندر ۽ سرڪاري طرح هندو ڌرم نيپال ۽ انڊونيشيا جي هڪ ننڍڙي ۽ سهڻي ٻيٽ بالي ۾ آهي. اهي مندر مختلف ديوين ۽ ديوتائن جي نالن سان سڏجن ٿا جن جون مورتيون انهن مندرن ۾ ٿين. روزمره کان علاوه ڪن مندرن جا ڪي خاص ڏينهن پوڄا لاءِ شڀ ڏينهن سمجهيا وڃن ٿا جن پوڄارين جو وڏو تعداد پنهنجي دلپسند ديويءَ يا ديوتا جي مورتيءَ جي درشن لاءِ اچي ٿو.
    آٽو رڪشا ڊرائيور ونود ڪمار ٻڌايو ته ”اهڙو ئي ڀلارو ڏينهن هن مندر جو اڄ آهي ان ڪري تمام گهڻي رش آهي ۽ ماڻهو پري پري جي ڳوٺن کان ڪهي هتي آيا آهن جن مان گهڻو تعداد ته ڪيل سکا موجب پيرين پنڌ پهچي ٿو.“ ماڻهن ۾ گهڻو تعداد واقعي ڳوٺاڻن جو نظر اچي رهيو هو جن ۾ به عورتون ۽ ٻار گهڻا هئا. مندر ۾اندر گهڙڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ اڌ ڪلو ميٽر جي ڊگهي قطار هئي. ڪيتريون عورتون مندر جي پهرين چائنٺ ٽپڻ کان وٺي اندر تائين پٽ تي ليٽي ٺونٺين ۽ گوڏن جي زور تي Crawling ڪري (ليٿڙيون پائي) اڳتي وڌي رهيون هيون. مندر جي ٻاهران مين روڊ تي مندر ۾ پرساد ڏيڻ لاءِ ناريلن، رومالن، مٺن مرمڙن ۽ چانورن جهڙين شين جا دڪان فٽ پاٿ تي ائين هئا جيئن ڪراچيءَ ۾ عبدالله شاهه غازيءَ جي مقبري ٻاهر آهن. ماڻهو، خاص ڪري ڳوٺاڻيون عورتون اخبار جي پني يا ٿالهه ۾ اهي شيون رکي قطار ۾ بيٺل هيون جيڪا قطار بيحد آهستي اڳتي وڌي رهي هئي. هڪ عورت جنهن کان پرساد جو ٿالهه وٺي منجهس رکيل شيون ڏٺم تنهن ٻڌايو ته هوءَ ڀر واري ڳوٺ کان صبح جو چئين بجي پيرين پنڌ نڪتي آهي ۽ هن قطار ۾ بيٺي به ٻه ڪلاڪ ٿي ويا اٿس ۽ اڃا به لڳي ٿو ته ديويءَ جي درشن تائين پهچڻ ۾ ڪلاڪ ڏيڍ لڳي ويندو. ڀر ۾ ويٺل هڪ ٻي عورت کي سندس ننڍڙو ٻار به تنگ ڪري رهيو هو ۽ هوءَ ٿڪجي به پئي هئي پر هن ٻڌايو ته هوءَ گهران پڪو پهه ڪري هن مندر لاءِ نڪتي آهي ۽ هاڻ ڀلي سڄو ڏينهن لڳي وڃي هوءَ واپس نه ويندي ۽ هن کي يقين آهي ته ڪالڪا ديوي جيڪا هن تي بيحد مهربان آهي اها سندس دل جو مرادون پوريون ڪندي.
    آئون به مندر اندران ڏسڻ خاطر ڪجهه دير قطار ۾ بيٺس پر ڪجهه ماڻهن جي پيهه پيهان ۽ Suffocation ڪري ۽ ڪجهه ٻارن جي اتي جو اتي هنگڻ مٽڻ جي ڌپ ۽ لوبان ۽ ٻين مسالن جي سڙڻ جي تکي بوءِ ڪري ۽ ڪجهه آٽو رڪشا ڊرائيور جي نماڻين اکين کي ڏسندي جنهن جو وقت وڌيڪ ڪمائتو هو مون هاڻ موٽڻ جي ٿي ڪئي پر پوءِ هڪ ٻائي جنهن سان ٻاهر فوٽو ڪڍرايم سو ٻين کي منهنجي نالي اهو چوندي ته فارينر آهي ۽ ڪلاڪ بعد فلائيٽ اٿس، ٻين پوڄارين کي هٽائي مون کي اندر تائين نه فقط وٺي هليو پر فوٽو پڻ ڪڍڻ جي اجازت وٺرائي ڏنائين. ان Service جا مون ان ٻائي کي ڪجهه پئسا آفر ڪيا جيڪي هن ڏکيائيءَ سان مڃي قبول ڪيا. بهرحال ان ٻائي کي يا مون مندر ڏسڻ جي خوشي ٿي يا نه پر اسان جي ڊرائيور جي من جي مراد ضرور پوري ٿي وئي جو مون کي جلد وارو ملڻ ڪري جهٽ موٽڻو پيو ۽ هن جو وقت بچي پيو.
    هن مندر جي ٻاهران ئي بهائي ڌرم جي ماڻهن جو ڪنول مندر آهي ۽ ٿورو رڪشا ۾ هلي ڪنول مندر جي وڏي در تي لٿاسين جنهن جي پاسي کان اڇي رنگ جي وڏي پٿر تي سونهري اکرن ۾ لکيل آهي:
    Bahai House of Worship
    ڀائي ڌرم جا ڪيترائي ايراني پنهنجي ملڪ ۾ به رهن ٿا. خاص ڪري ڪراچي ۽ لاهور ۾ هو چانهه ۽ بسڪيٽن جون هوٽلون هلائين ٿا، انهن جي هوٽلن جي خاص نشاني اها هوندي آهي ته پئسن وٺڻ واري ڪائونٽر مٿان فريم ۾ ”يا بهائي“ جهڙا لفظ لکيل ٿين ٿا. هتي انڊيا ۾ پارسين وانگر (جيڪي باهه جي پوڄا ڪن ٿا ۽ ايران جي شهر پارس کان اسان جي ننڍي کنڊ ۾ آيا) هي بهائي به تمام گهڻا رهن ٿا ۽ سندن بهائي عبادت گهر انڊيا جي هن شهر دهليءَ کان علاوه ڪمپالا (يوگنڊا) شڪاگو (USA) فرئنڪفورٽ (جرمني) سڊني (آسٽريليا) پاناما ۽ دنيا جي ٻين شهرن ۾ آهن. هي دهليءَ وارو سندن عبادتگاهه ”ڪنول مندر“ ان ڪري سڏجي ٿو جو هتي جي عمارت جو گنبذ ڪنول جي گل جي شڪل جهڙو آهي. مندر جي چوڌاري وڏي ڀت ڏنل آهي ۽ دهليءَ جهڙي شهر ۾ جتي پٽ جي قيمت آسمان سان ڳالهيون ٿي ڪري هي مندر سوين ايڪڙن تي پکڙيل آهي.
    ”بهائي عبادت گهر خدا جي عبادت جو مرڪز آهي، هتي خاموشيءَ سان ويهي هڪ انسان پنهنجي پيدا ڪرڻ واري جي لاءِ خاموش محبت ۽ عقيدت جو اظهار ڪري ٿو.“ هتي جو گائيڊ مون کي ۽ ٻين آيل ٽوئرسٽن کي هن عبادت گهر بابت روز جا رٽيل جملا ٻڌائيندو هلي ٿو، ”بهائي عبادت گهر سڀني مذهبن لاءِ کوليو ويو آهي.“
    هن عبادت گاهه جي زمين 1953ع ۾ خريدي وئي هئي ۽ تعمير جو ڪم 1980ع کان شروع ٿيو. جيڪو 1986ع ۾ مڪمل ٿيڻ بعد پبلڪ لاءِ کوليو ويو. هن عبادت گاهه جي پهرين ماڙ تي انتظام هلائڻ لاءِ آفيس ۽ ٻئي طرف لائبريري ۽ پبلڪ لاءِ سلائيڊ شو لاءِ ڌار هال آهي.
    هتي جي هڪ عالم جي چواڻي ”بهائي دين هڪ مستقل عالمگير دين آهي جنهن جو ظهور 1844ع ۾ ٿيو، بهاءَالله هن دين جو دور شروع ڪيو جنهن جي پيدائش هڪ معزز ۽ ممتاز وزير جي گهر ۾ 1817ع ۾ ايران ۾ ٿي. کيس خدا جي طرف کان پهريون دفعو 1853ع ۾ تجلي نظر آئي. ان کان پوءِ کيس بغداد جلاوطن ڪيو ويو جتي ڏهه سال رهڻ بعد هن پنهنجو پاڻ کي دين جو پيشوا هجڻ جو اعلان ڪيو، جنهن بعد کيس ڪجهه عرصو اتي جي هڪ ٻي شهر ۾ قيد رکڻ بعد 1868ع ۾ فلسطين آندو ويو جتي جي شهر عڪا ۾ هن کي وري قيد ڪيو ويو، جتي هن 1892ع ۾ وفات ڪئي. بهائي دين جي هندستان ۾ آمد سن 1844ع ۾ سندس جيئري ئي ٿي وئي هئي....“
    بهرحال ڪجهه گائيڊ جو ليڪچر ڪنن سان ٻڌندي ڪجهه هن عبادت گهر جي سهڻي عمارت ۽ مختلف ملڪن ۽ هندستان جي مختلف شهرن کان آيل ماڻهن جي خوبصورت چهرن ۽ سندن ويس وڳن کي ڏسندي اچي ٻاهر نڪتاسين. هڪ خوبصورت نيپالي عورت جو فوٽو به ڪڍيم، بلڪه اڪيلو ڏسي فوٽو لاءِ چيومانس ته پيهه ۾ بيڍل سندس مڙس ڏي موڪل وٺڻ لاءِ هلي وئي تنهن مون کي غور سان ڏسي کيس مون سان گڏ فوٽو ڪڍائڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي. جيڪا ويهه ٽيهه سال کن اڳ واري الطاف کي هرگز نه ملي ها جڏهن هو جوان هو.
    رڪشا وارو انتظار ڪري رهيو هو: مون کي پنهنجي رڪشا سڃاڻڻ ۾ دير نه لڳي جو ڪنول مندر جي ٻاهران اهائي هڪ رڪشا بيٺل هئي. رڪشا وارن جي اسٽرائيڪ ڪري رستن تي به ڪا ورلي رڪشا نظر آئي ٿي. مندرن ۽ ٻين عمارتن ۽ پارڪن ٻاهران جتي روزانو ڪيتريون ئي رڪشائون نظر اچن ٿيون اڄ هڪ به نه هئي. ڪنهن هنڌ ڪا هڪ ٻه هيون ته ڪنڊ پاسي ۾ بيٺيون هيون ۽ ڊرائيور غائب هئا. آئون جيئن ئي رڪشا ۾ ويٺس ته هڪ موالي ٽائيپ سيپڪڙي سگريٽ جو ڪش هڻي مون واري ڊرائيور انود کي چيو ته”سواري اڻهاني کي منع هي.“
    ”وڃ ڙي گرا. تون ڪير ٿيندو آهين مون کي جهلڻ وارو.“ ڊرائيور ڊڄڻ بدران رعب سان چيس.
    ”اڇا اها ڳالهه آهي.“ سڪل دادا پنهنجي کيسي مان موبائيل فون ڪڍي ان جي نمبرن تي هٿ رکيو. يعني ٻين دادائن يا آل رڪشا جماعت جي ليڊرن کي اطلاع ٿو ڪريان، پر مون واري ڊرائيور به يڪدم پنهنجي کيسي مان موبائيل فون ڪڍي چيس: ”اڙي ڪنگلا تون ڌوئنس ڪنهن تي ٿو ڄمائين؟ تون سمجهين ٿو ته رڳو تو وٽ موبائيل فون آهي. ڪر پڻهين کي فون ته آئون تنهنجي ماءُ پوليس کي فون ڪيان.“
    مون سمجهيو ته هاڻ ٿو جهيڙو ٿئي ۽ مون کي گهر تائين پنڌ وڃڻو پوي پر سڪل دادا پنهنجي فون کي کيسي ۾ وجهي چيس: ”چڱو تون موٽي اچ ته توکي ڏسان ٿو.“
    ”اجهو ٿو موٽان جيڪي ڪرڻو اٿئي اهو ڪجانءِ.“ اسان واري ڊرائيور هن کي چئي مون کي وري پهرين مندر ڏي وٺي ويو جتي مون کي اڃا ڪجهه فوٽو ڪڍڻا هئا. مندر جي ٻاهر دڪاندران حوالي رڪشا ڪري ڊرائيور مون سان گڏ مندر ۾ هليو جتي هڪ ٻائي کي کيڪار ڪري مون کي هن جي حوالي ڪيو ته جيڪي وڻنم فوٽون ڪڍان. واپسيءَ تي رڪشا ۾ اچڻ وقت دڪاندارن کيس چانهه پيئڻ لاءِ چيو.
    ”لڳي ٿو تنهنجي ڄاڻ سڃاڻ ڪافي آهي.“ مون ونود ڪمار ڊرائيور کي چيو.
    ”سائين مون هنن ٻنهي مندرن تي ڇهه سال ڪنسٽرڪشن جو ڪم ڪيو آهي سو هن تر جا ماڻهو مون کي سڃاڻن ٿا.“ واپسيءَ تي مون کي لڳو ته سنهو سڪل داداگير اسان جو ڳٽ جهليو بيٺو هوندو پر اهو ‎غائب هو.
    ”ڪڏانهن ويو سوير وارو دادا؟“ مون ڊرائيور کان پڇيو.
    ”هن ملڪ کي دارونءَ تباهه ڪري ڇڏيو آهي. ٽڪي ٽڪي جا ڇورا چاڙهيو بوتل پاڻ کي ڦوس مان فتح خان ٿا سمجهن. هاڻ اهو ڇا جهيڙو ڪندو جيڪو پنهنجين ٽنگن کي سڌو نٿو رکي سگهي. گهر ۾ جوڻس خرچ هلائڻ لاءِ ڪو يار پئي ڳوليندي هوندي پاڻ هليو آهي ٻي بوتل لاءِ پئسا ميڙڻ...“
    ”شراب لڳي ٿو ته سستو هجڻ ڪري گهڻو پيتو وڃي ٿو.“ مون کيس چيو.
    ”سستو هجي يا نه هتي جي غريب عوام پيئڻ جي عادي ٿي چڪي آهي. مهانگو ٿيندو ته به پيئڻ نه ڇڏيندا. جوءِ ۽ ۽ ٻار به گروي رکي بوتل وٺندا. سرڪار به چپ آهي جو سندس وڏي ڪمائي شراب مان آهي.“
    ڊرائيور رستي تي هڪ ٻيو ننڍڙو مندر، ڪالي مندر، هوچي منهه روڊ تي هيلٿ سينٽر ۽ اڳتي هارٽ اسنٽيٽيوٽ جون عمارتون ڏيکاريندو مٿرا روڊ تي روڊ تي چڙهيو جيڪو ائين آهي جيئن ڪراچيءَ جو ايم اي جناح روڊ. رستي تي ڪيترائي فلاءِ اوور آيا جن جي هيٺان گهٽ اهم روڊ گذري ويا هئا. آئون هيڏانهن هوڏانهن بسين، ٽرڪن رڪشائن جي پيهه پيهان، هر هنڌ ماڻهن جا درياء ۽ مختلف عمارتن کي ڏسندو رهيس ۽ علائقن ۾ رستن جا بورڊ پڙهندو رهيس. انڊيا اچڻ کان اڳ پنهنجي بنگالي جهازي دوست چيف انجنيئر بديع زمان سان ملاقات ٿي هئي. تنهن کي انڊيا وڃڻ جو ٻڌايم، ”تو ته ڪيترائي دفعا ڏٺي هوندي.“ مون کانئس پڇيو.
    ”ها بنگلاديش بعد مڙيئي ٽي چار دفعا باءِ روڊ انڊيا ويو آهيان. هينئر به منهنجي جهاز جي روٽ چٽگانگ، ڪلڪتو، چنائي، بمبئي، ڪراچي آهي.“ هن ٻڌايو.
    ”ڀلا اهو ته ٻڌاءِ ته انڊيا جا شهر ڪيئن ٿا لڳن. تو ته سڄي دنيا ڏٺي آهي.“
    مون کانئس پڇيو ۽ جواب ۾ مون انڊين فلمون ڏسي جيڪو انڊيا جي شهرن جو تصور ٺاهيو هو اهو يورپ جي شهرن جهڙو نه ته بيروت، دبئي، ڪوالالمپور، سنگاپور جهڙو ضرور هو پر جڏهن جواب ۾ بديع زمان ٻڌايو ته انڊيا جا شهر بنگلاديش جي چٽگانگ ۽ ڍاڪا جهڙا ٿا لڳن ته مون کي تعجب لڳو هو.
    ”ڇا مطلب؟“ مون پڇيومانس.
    ”اڙي ڀائي ڇا مطلب ڇا. بس جيئن چٽگناگ ڏٺو اٿئي. جتي ڪٿي غربت، عوام، گندگي...“ هن وراڻيو.
    ”۽ پاڪستان؟“ مون پڇيو هئومانس.
    ”اهو ان جي مقابلي ۾ صاف سٿرو ۽ گهٽ آدمشماري وارو آهي، ماڻهو اڇن اجرن ڪپڙن ۾ فضيلت وارا ٿا لڳن، اسلام آباد جهڙو شهر ته يورپ وانگر ٿو لڳي.“ هن وراڻيو.
    ”پر فلمن ۾ مون ڏٺو آهي ته انڊيا جا شهر تمام سٺا آهن. سهڻا سهڻا پارڪ خوبصورت رستا، حسين عورتون، يورپ وانگر اوچيون عمارتون، هوٽلون ۽ ماڊرن ڪلب...“ مون بديع کي چيو هو.
    ”صحيح ٿو چوين، ائين ضرور آهي پر انڊيا جي شهرن جا فقط ڪجهه حصا جيڪي کڻي پاڪستان جي شهرن کان سهڻا ۽ امير هجن. پر هتي اسان جنرل ڳالهه پيا ڪريون. ائين ته نيويارڪ شهر جي هارلم علائقي ۾ غريب ۽ موالي شيدي ڪچري جي دٻي مان ڊبل روٽي ڪڍي پيا کائين. ان جو مطلب اهو ته نه ٿيو ته سڄو آمريڪا يا نيويارڪ غريب آهي. اهڙي طرح انڊيا جي شهرن جا ڪجهه حصا بهتر آهن.“ ۽ هاڻ جڏهن هفتي ٻن کان آئون دهلي ۽ ڀر وارن شهرن ۾ ڦري رهيو آهيان ته بديع الزمان جي ڳالهه صحيح ٿي لڳيم.
    آئون دهليءَ جي گهٽين جي گندگي، مين روڊ تي رستو بلاڪ ڪندڙ ۽ ڇيڻا لاهيندڙ ڍڳين، فٽ پاٿ ۽ ڀتين اڳيان Zip کولي پيشاب ڪندڙ ماڻهن، ڪچري جي دٻن اڳيان ڦرندڙ رول ڪتن ۽ اٿليل گٽرن ۾ ڀريل ڪاري رنگ جي سوئرن تان ڌيان هٽائي هيڏانهن هوڏانهن سهڻن پارڪن، مختلف اسڪولن مان نڪرندڙ، يونيفارمن ۾ سمارٽ ۽ ڊسپلينڊ ٻار، هتي جي ٺهيل ننڍڙين ۽ چمڪندڙ گاڏين کي ڏسان ٿو ۽ بورڊ پڙهڻ شروع ڪيان ٿو:
    مولچند اسپتال،
    نهرو پليس ايسٽ،
    نهرو پليس بس اسٽاپ
    ايروز سئنيما هال، جنهن ۾ وير زارا فلم لڳل آهي.
    لجپت نگر
    نظام الدين ايسٽ
    نظام الدين ويسٽ ۽ ان کان ٿورو اڳيان حضرت نظام الدين اولياء ريلوي اسٽيشن ۽ روڊ پڻ. اڳتي هلي حضرت نطام جي درگاهه جنهن کي ۽ جاميه مليه يونيورسٽيءَ کي ڏسڻ لاءِ ڪنهن ٻئي ڏينهن نڪرندس.
    ٿورو اڳيان جتي کاٻي کان لوڌي روڊ اچي ٿو هن مين روڊ مٿرا تي لڳي ان تي مغل شهنشاهه همايون جو مقبرو آهي. مغلن جي سلطنت ۾ هندستان ۾ ڪجهه عرصي لاءِ اهڙيون به حالتون پيدا ٿيون جو همايون پنهنجي جان بچائڻ لاءِ دهلي ڇڏي اچي ٿر جي ڏورانهين شحر عمرڪوٽ ۾ رهيو جتي کيس شهنشاهه اڪبر چائو جيڪو همايون کان پوءِ هندستان جو وڏي اثر رسوخ وارو بادشاهه ٿيو. آٽو رڪشا واري کي ترسائي فوٽو ڪڍان ٿو ۽ دل ۾ هڪ واٽهڙو خيال اچي ٿو ته همايونءَ کي ڪهڙي خبر ته سندس مرڻ کان 450 سال رکي مون جهڙو ڪو متوالو سندس مقبري جو اچي فوٽو ڪڍندو ۽ جنهن بادشاهن سان نفرت هجڻ ڪري انٽر ۾ تواريخ بدران جاگرافيءَ جو سبجيڪٽ کنيو. واپسيءَ تي رڪشا وارو لوڌي روڊ تان وٺي آيو هو، جتي دهليءَ جو مشهور ڪاليج ديال سنگهه آهي، ۽ هڪ پاسي لوڌي گارڊنس آهي ته ٻئي پاسي جو باغ آهي ۽ جتي لوڌي روڊ پرٿوي راج روڊ ۽ صفدر جنگ روڊ سان اچيو ٿو ملي اتي صفدر جنگ جو مقبرو ۽ ڀر ۾ ايئرو ڪلب آهي جنهن جي پهرين ماڙ تي رکيل ان جهاز جو ماڊل رستي تان لنگهندي چٽو نظر اچي ٿو، جنهن ۾سنجي گانڌيءَ جو حادثو پيش آيو. انڌرا گانڌي ميموريل، دهلي ريس ڪلب ۽ دهلي فلائنگ ڪلب به اتي ئي آهن.
    صفدر جنگ هندستان جي مغل شهنشاهه محمد شاهه و وزير مرزا مقيم هو جنهن جو مقبرو سندس فرمانبردار پٽ پنهنجي پيءُ جي ياد ۾ 1753ع ۾ اڏرايو. مغلن جون دهليءَ ۾ جيڪي اڏاتون ۽ مقبرا آهن انهن ۾ هي آخري مقبر آهي جيڪو دهليءَ ۾ ٺهيو.
    لوڌي روڊ تي گارڊنس وٽ لهي چانهه واري کي رڪشا ڊرائيور کي چانهه ۽ بسڪيٽ ڏيڻ لاءِ چوان ٿو ۽ آئون لوڌي گارڊنس جو مين گيٽ ٽپي اندر واڪ ڪريان ٿو. منجهس لوڌي گهراڻي جا ڪيترائي مقبرا آهن جيڪي پندرهين ۽ سورهين صديءَ ڌاري ٺهيا ۽ اڄ چوڌاري ساوڪ ۽ سرسبز ڇٻر ۽ وڻن جي وچ ۾ گلدستي وانگر آهن. انهن ۾ خاص مقبرا جن جا نالا پڙهي نوٽ ڪري سگهيس يا هن وقت ياد اٿم اهي آهن. سڪندر لوڌي جو مقبرو، جيڪو سندس پٽ ٺهرايو ۽ محمد شاهه جو مقبرو جيڪو سيد گهراڻي جي مختصر حڪومت جو ٽيون حاڪم هو. انهن جي ڀر ۾ هڪ ”بڙا (وڏو) گنبذ“ ۽ هڪ ”شيش گننذ“ پڻ سڏجن ٿا، شيش گنبذ لاءِ چون ٿا ته ڪنهن زماني ۾ ان تي بلو رنگ جون ٽائليون لڳن هيون جيڪي سج جي روشنيءَ ۾ چمڪنديون هيون ان ڪري ان جو نالو شيشي وارو گنبذ پيو. گنبذ تي گلن ۽ قرآني آيتن جي چٽسالي ٿيل آهي.
    مٿي ذڪر ڪيل همايون جو مقبرو به ڏسڻ جهڙو آهي خاص ڪري آرڪيٽيڪچر جي خيال کان. اهو مقبرو همايو جي زال حاجياڻي بيگم سورهين صديءَ ۾ ٺهرايو هو ۽ ڪيترائي ته اهوئي چون ٿا ته تاج محل بعد ٻي ڪا سهڻي شيءِ انڊيا ۾ آهي ته همايون جو مقبرو آهي.
    رکي رکي شير شاهه روڊ ۽ ٻين مسلمانن جي نالن وارا روڊ، گهٽيون ۽ مارگ (شاهراه) ڏسي تعجب ٿئي ٿو ته هتي پراڻا نالا اڃا تائين قائم آهن. کين هندو نه بنايو ويو آهي، جيئن اسان وٽ ڪيترن روڊن ۽ باغن تي مسلمانن جا نالا رکي انهن کي مسلمان بنائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. آئون حيرت مان اهڙن مسلمانن جي نالن وارن رستن جا فوٽو ڪڍان ٿو ۽ اهو به تعجب لڳيلم ٿو ته دهليءَ جي رستن جا نالا ته فقط انگريزيءَ ۽ هندي ۾ لکيل آهن پر اردوءَ ۾ پڻ. هتي رهندڙ هڪ هندو ٻڌائي ٿو ته اهو ان ڪري جو دهليءَ جي هندي بعد ٻيو نمبر اردو سرڪاري زبان آهي.
    ”۽ ڀلا هيءَ چوٿين زبان ڪهڙي آهي، جنهن ۾ پڻ ڪجهه وڏن رستن جا نالا لکيل آهن؟“ آئون هن کان پڇان ٿو.
    ”اها گرمکي آهي، پنجابي صوبي جي زبان، جيڪو صوبو دهليءَ سان مليل آهي.“ هو مون کي ٻڌائي ٿو.
    لوڌي ۽ همايون جي مقبرن وٽان لنگهندي بابر جون ياذگيرون ڪتاب جو اهو صفحو ياد ٿو اچي جنهن ۾ هن پاڻيپٽ جي ميدان ۾ ابراهيم لوڌيءَ کي شڪست ڏئي ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ ابراهيم جي محل ۾ اچي داخل ٿيو، جيڪو محل تن ڏينهن ۾ آگري ۾ هو. بعد ۾ مغلن دهليءَ کي گاديءَ جو هنڌ بنايو، ظهير دين بابر مغل خاندان جو پهريون شهنشاهه سن 1483ع ۾ ڄائو (۽ 1530ع ۾ وفات ڪيئاين) پاڻ تيمور ۽ چنگيز خان جي اولاد مان هو. ٻارهن سالن جي عمر ۾ هن کي فرغانا (ترڪستان جي علائقي) جو سردارو بنايو ويو. 21_22 سالن جي عمر (سن1504ع ۾) هن جو سڄي ڪابل تي قبضو ٿيو ۽ هندستان تي پنجون دفعو 1526ع ۾ حملو ڪرڻ تي هو ڪامياب ٿيو ۽ سندس گهراڻي مغل خاندان جي هندستان تي ڊگهي حڪومت رهي جيڪا وڃي 1858ع ۾ ختم ٿي جڏهن انگلينڊ جي مهاراڻي وڪٽوريا هن ملڪ جو تخت ۽ تاج پنهنجي قبضي ۾ ڪيو.
    Ambition admits not of inaction
    The world is his who exerts himself.
    In wisgom`s eye, every condition
    Many find repose, but roalty alone.
    اهو خميس جو ڏينهن هو، رجب جي 28 تاريخ (10 مئي 1526ع) اڳين نماز کان ڪلاڪ کن اڳ آئون آگري ۾ گهڙيس ۽ هندستان جي طاقتور حاڪم سلطان ابراهيم لوڌيءَ جي محلات تي اچي وارد ٿيس...“ بابر پنهنجي ياداشتن جي ڪتابن ۾ لکي ٿو: ”حضور ڪريم ﷺ جن جي ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين، فقط ٽن ڌارين بادشاهن هندستان تي فتح يابي حاصل ڪئي ۽ ان جا طاقتور شهنشاهه بڻيا. انهن مان هڪ سلطان محمود غزنوي (1030ع_ 997ع) هو، ٻيو سلطان شهاب الدين غوري (1203ع_ 1157ع) ۽ ٽيون مابدولت آهيان پر منهنجي ڪاميابي باقي ٻن حاڪمن کان وڌيڪ حيثيت رکي ٿي جو مون کي ڪنهن جي مدد نه هئي. هندستان ٽڪرن ۾ ورهايل هجڻ بدران هڪ ئي بادشاهه جي هٿ هيٺ هو. مڪاني ماڻهن ابراهيم لوڌيءَ جي مڃي ٿي ان ڪري هن جو لشڪر منهنجي سپاهه کان تمام وڏو هو پر منهنجو رب پاڪ ۽ پڪو ڀروسو ۽ يقين هو ته مون کي ضرور ڪامياب ڪندو. هيءَ فتح يابي آئون پنهنجي سگهه ڪري نٿو سمجهان ۽ نه هي ڀاڳ پنهنجين ڪوشش ڪري حاصل ڪيا آهن پر هي سڀ ڪجهه رب پاڪ جي مهرباني آهي...“
    ٺهيو چئبو ته ان وقت جا حاڪم به هر ڳالهه کي مذهبي رنگ ڏيندا هئا. سچ چيو آهي ڊاڪٽر مبارڪ. تاريخ جي نقاد، تي هي جنگيون سياسي ۽ مالي طاقتون حاصل ڪرڻ لاءِ حاڪم ڪندا رهيا پوءِ ان کي نالو کڻي اسلامي ڏنائون. ڇا اسان جي نبي ڪريم ﷺ هنن وانگر جنگيون ڪري پوءِ محل محلات اڏي عيش جي زندگي گذاري جو هي حاڪم پنهنجي ويڙهه ۽ قبضي کي اسلامي رنگ ٿا ڏين.
    آئون دهلي گولف گرائونڊ اڳيان رڪشا کي بيهاري ان جي دروازي اڳيان ۽ ٿورو اڳتي اوبراءِ هوٽل اڳيان فون جي ڳولا ڪريان ٿو. هڪ هنڌ پي سي اور ڏسي ڳوٺ فون ڪريان ٿو ته ۽ دير ٿي وڃڻ تي رڪشا ڊرائيور جي شڪل جو پنو پڙهان ٿو ته هو ڪٿي دل ۾ ته نه پيو ڪري. پر هو شانت آهي هن جي چهري تي ڪا ڪاوڙ يا پريشاني جي ليڪ ناهي. ۽ واقعي ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هتي جا ڊرائيور ايترو هٻڇي ۽ لالچي نه آهن، ڪراچيءَ جي مقابلي ۾ ڀاڙا به گهٽ آهن. اڍائي ٽن ڪلاڪن جي ٻولايل وقت کان اڌ ڪلاڪ مٿي ٿي ويو ته به منهنجي لهڻ وقت هن نه دل ۾ ڪيو ۽ نه وڌيڪ پئسن جي گهر ڪئي. هن هلڻ وقت ٻولايل ساڍا ٽي سؤ روپيا ئي ورتا ۽ جڏهن کيس هٿ تي پئسا رکيم ته هو خوشيءَ مان نوٽن ۽ رڪشا کي چمڻ لڳو يعني ان رڪشا ڪري ئي هن کي روزگار مليو آهي. پڇيومانس جيڪي روز ڪمائين اهو ڇا تي خرچ ڪرين.
    ”گيس جا پئسا ڪڍي باقي جو اڌ رڪشا لاءِ رکندو آهيان ۽ باقي اڌ گهر جي خرچ لاءِ، پوءِ اهو اڌ ڪڏهن چاهي ايترو گهٽ هجي جو هڪ ويلو مس کائي سگهون.“
    ”ڇو ڀلا؟“ مون پڇيومانس.
    ”ان ڪري جو آئون نٿو چاهيان ته رڪشا خراب ٿي پوي ۽ مون وٽ ان جي مرمت لاءِ پئسو نه هجي، ٻي ڳالهه ته آئون سڄي عمر رڪشا هلائڻ نٿو چاهيان، هن کان اڳ آئون سائيڪل رڪشا هلائيندو هوس پوءِ ٻن سالن اندر پئسو بچائي هي آٽو رڪشا ورتي اٿم ۽ هاڻ ٽيڪسي (ڪار) وٺڻ لاءِ قسطون ڏيئي رهيون آهيان.“
    ”ان بعد؟“ مون کلندي چيومانس.
    ”ان بعد ۽ منهنجو آخري مقصد ٽيمپو خريد ڪرڻ جو آهي.“ هن چيو.
    انڊيا ۾ ٽيمپو ان ٽرڪ کي چئجي ٿو جيڪا مال ڍوئي ٿي جيئن پاڻ وٽ سوزوڪي ۽ مزدا گاڏيون سامان کڻڻ لاءِ ٿين. هي ٽيمپو گاڏيون وڏيون ٽرڪ ۽ مزدا جي وچ جي سائيز جون ٿين. انڊيا جو اهو هڪ عام ڪلچر ٿي چڪو آهي چاهي هندو هجي يا مسلمان (سک ته شروع کان ڪفايت شعار هئا) ته هو ڪمائيءَ کان وڌيڪ بچت ۾ يقين رکن ٿا. هو جو انگريزيءَ ۾ چوڻ آهي ته ‎:
    It is not the salary but saving that counts.
    ان تي ڀروسو ۽ عمل ڪن ٿا، هٿ ڦاڙ ۽ اجايا خرچ ڪرڻ بدران هر هڪ انڊين بچت کي ترجيح ڏئي ٿو چاهي هن جو پگهار گهڻو هجي يا ٿورو اهوئي سبب آهي جو هندستان عام طور غريب هجڻ جي باوجود ان جي هر ايندڙ جنريشن پهرين کان بهتر ٿيندي وڃي ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هو اسان جهڙن ملڪن کان اڳ ۽ سگهوئي غربت جي ليڪ کان ٻاهر نڪري وڃن. اسان وٽ، انڊيا جي مقابلي ۾ بچت جو ايڏو Concept ناهي. نتيجي ۾ اسان وٽ ڪيترا وڏيرا، پير، ڪارخانيدار وغيره جيڪي ٻاهران شو شا مان ته ڏسبو ته وڏا تونگر آحن پر اندروني طرح قرضي ٿيا پيا آهن ۽ سندن سوچون رڳو نيگيٽيو چرخا پيون هلائين ته هاڻ ايندڙ اليڪشن ۾ ڪا وزرات ملي ته پراڻا قرض به لاهيون، ڪا رشوت جي نوڪري ملي ته منهن کڻي هلون.... پر لڳي ٿو ته معاشرو هاڻ اهڙي انتها ۽ بي وسيءَ جي حد تي پهچي ويو آهي جو اسان کي ان معاملي ۾ انڊيا جي ماڻهن کان سبق سکڻو پوندو.
    ”سائين پهرين انڊيا گيٽ هلون يا پهرين خان بازارا؟“ رڪشا واري مون کي ماٺ ۾ ڏسي پڇيو.
    ”پهرين انڊيا گيٽ هل.“ مون هڪدم الرٽ ٿيندي چيومانس، مون کي دراصل ڪجهه شيون وٺڻيون هيون جيئن ته بوٽ پالش وغيره. دهليءَ جي رستن تي هلي هلي شام تائين منهنجي بوٽن تي مٽيءَ جو تهه چڙهي ويو ٿي جنهن کي صاف ڪرڻ ٿي چاهيم. ڪپڙن ڌوئڻ جو صابڻ کتو ٿي خاص ڪري Ariel صابڻ جون روپئي روپئي واريون پڙيون جنهن جي هر هڪ مان چار پنج ڪپڙا فرسٽ ڪلاس ڌوپي ٿي ويا. شاديءَ تي آيل ڄڃ وارا ڪپڙن سان بيگون ڀري آيا هئا. آخري ڏينهن ۾ ادي وينجهار جي ڌيءَ ڪرن جيڪا سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ زولاجيءَ ۾ M.Sc پئي ڪري ۽ سندس ڪمرو منهنجي ڪمري جي سامهون آهي، تنهن کان پڇيم ته ڪيترا وڳا آندا اٿئي؟
    ”انڪل ارڙهن.“ هن وراڻيو.
    ”شاباس هجئي ڇوڪري! سفر ۾ ايڏو بار کڻبو آهي.“
    ”انڪل ڇا ڪجي شاديءَ جي ڪري ۽ سي به هڪ نه ٻه آهن ۽ روز دعوتون ۽ گهڻ پيو ٿئي.“
    ”تڏهن به One should teavel Light.“
    ”انڪل توهان کي خبر آهي ته سروج ڪيترا وڳا آندا آهن؟ پورا 26 وڳا جيڪي هن روز هڪ پائڻ جي حساب سان آندا آهن.“ هن ڀر ۾ ويٺل سروج لاءِ چيو.
    سروج نولراءِ جي ٻئي نمبر وڏي ڀاءُ حشمت راءِ جي ڌيءَ ۽ حيدرآباد ۾ انجينئر راڻي اوڏ جي ڀيڻ آهي. پاڻ باٽني ۾ M.Sc ڪئي اٿس ۽ پيٽارو جي ملٽري اسڪول ۾ پڙهائي ٿي.
    ”انڪل توهان گهڻا آندا آهن؟“ سروج پڇيو.
    ”توکي ۽ مون کي انعام ملڻ کپي.“ مون چيومانس.
    ”ڇو توهان به مون جيترا گهڻا آندا آهن؟“ سروج پڇيو.
    ”نه توکي گهڻا وڳا آڻڻ جو انعام ۽ مون کي ٿورا وڳا. فقط ٻه آڻڻ جو انعام.“ مون ٻڌايومان.
    ”فقط ٻه! انڪل ڪمال ٿا ڪريو.“
    ”بلڪل ٻه ڪافي آهن سو به شادي هئي ان ڪري، پر توهان کي ڪو محسوس ٿيو ۽ منهنجي بيگ ڏسو ڪيڏي هلڪي ڦلڪي آهي. بهترين طريقو اهوئي آهي ته گهڻن وڳن جو بار کڻڻ بدران پاڻ سان هڪ استري کڻي نڪرجي يا جنهن ملڪ ۾ وڃجي اتي پهرين استري خريد ڪجي پوءِ ساڳي وڳي کي استري ڪري پيو پائجي. ۽ هتي انڊيا ۾ ته استري وٺڻ جي به ضرورت ناهي، هر گهٽيءَ ۾ ٻين روپئي وڳو استري ٿيو پيو ملي.“ مون ٻڌايومان. ”۽ سفر ۾ ته بوٽ به هڪ کڻجي، جاپان ۽ سئيڊن جهڙا ملڪ هجن ۽ ڊگهي رهائش هجي ته پوءِ وڌ وڌ ۾ ٻه نه ته ايشيا جي ههڙن ملڪن ۾ ته هڪ به ڪافي آهي جو هتي بوٽ سستا ٿا ملن. ڦاٽل کي سبائڻو هجي ته به موچي پنج روپيا ٿو وٺي. چپل به هتي اچي ڪو سستو وٺجي ۽ پوءِ آخري ڏينهن تي اڇلي هلجي.“
    سو مون لاءِ ڪپڙن ڌوئڻ لاءِ سرف يا ايريل ٽائيپ پائوڊر صابڻ وٺڻ ضروري هو. ان کان علاوه مڇر ڀڄائڻ جي اليڪٽرڪ مئٽ وٺڻ ضروري هئي جو انڊيا جو ڪهڙو شهر آهي ۽ ان شهر جي ڪهڙي گهٽي آهي جنهن ۾ مڇر نه آهن. هڪ مسافر کي انڊيا يا ٻين ملڪن ڏي سفر ڪرڻ لاءِ مڇر ڀڄائڻ جو بندوبست ضروري آهي نه ته مليريا سڀ کان وڌيڪ خراب بيماري آهي جيڪا مڇرن ڪري لڳي ٿي. مڇرن کي ڀڄائڻ لاءِ ميٽ ۽ اليڪٽرڪ هيٽر ڪراچيءَ کان کڻي اچان ها پر مون کي ڄاڻ هئي ته اسان وٽ اهي ٻئي درجي جا ٺهڻ ڪري صحيح ناهن. مئٽ يا ته ٻن ٽن ڪلاڪن. ۾ سڙيو وڃي ۽ پوءِ باقي رات مڇر پٽين ٿا وري صحيح طرح نه سڙڻ ڪري اثر نٿيون ڪن، پر جاپان، ملائيشيا ۽ انگلينڊ وانگر انڊيا جون مڇر ڀڄائڻ جون مئٽس به بهترين آهن بلڪه ٻين کان سستيون به. ان تان مون کي ياد ٿو اچي ته ملائيشيا ۾ 1985ع ڌاري ٻه انڊين ڪئپٽن آيا ۽ اچي اسان جي پاڙي ۾ رهيا. اسان وٽ مڇر ڀڄائڻ جون اهي مئٽس (جيڪي اسان پاڪستان کان آنديون هيون ۽ اڃا ملائيشيا ۽ انڊيا ۾ به نه آيون هيون) ڏسي ايڏو تعجب پيا کائين جو اسان کين پاڪستان کان گهرائي ڏنيون هيون ۽ پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي انڊيا به اهي ٺاهيون ۽ اڄ انڊيا جون اهي مشهور آهن ۽ سڄي دنيا ۾ وڪرو ٿين ٿيون ۽ پاڪستان انهن کي وڌيڪ بهتر بنائڻ بدران ماڳهين انهن ۾ کوٽ پيدا ڪئي جنهن سبب پنهنجي ملڪ ۾ به نٿيون هلن. اهوئي عالم پاڪستان ۾ ٺهندر مڇرن کي ڀڄائڻ واري چڪريءَ جو آهي جنهن ۾ ايڏو سادو مال آهي جو منجهانئس پيدا ٿيندڙ دونهون مڇرن سان گڏ انسانن جو به ساهه گهٽي ٿو. بهرحال اهي ڪجهه شيون هيون جيڪي هتان مون کي وٺڻيون هيون ۽ رڪشار وارو هتي جي مشهور خان بازار ۾ آخر ۾ وٺي آيو هو. خان بازار مشهور ضرور آهي. ڪپڙن، عطرن، تحفي جي شين کا. پر سستي هرگز ناهي جو هيءَ بازار فارينرس لاءِ آهي. توهان کي هر دڪان تي يورپي، آمريڪن ۽ عرب نظر ايندا. دڪان ايئرڪنڊيشنڊ ۽ وڏا آهن، هر گراهڪ کي اٽينڊ ڪرڻ لاءِ ٻه ٻه سيلز گرلس اچيو حاضر ٿين پر قيمتون تمام وڏيون آهن. اسان جهڙن غريب ملڪن جي غريب ماڻهن لاءِ دهليءَ ۾ ٻيون کوڙ مارڪيٽون ۽ بازاريون. پر سچ ته اهو آهي جيڪو نه فقط مون Observe ڪيو پر منهنجي ٻين ساٿين به ته خريداريءَ ۾ اڄڪلهه پاڪستان جهڙو ٻيو ملڪ ناهي جتي دنيا جي هر شيءِ ملي ٿي ۽ بيحد سستي. خاص ڪري جمع بازارين يا آچر بازارين ۾ جتي فارين جا نوان ۽ ڪجهه استعمال ٿيل ڪپڙا، بوٽ، رانديڪا ۽ هر شيءِ ملي ٿي. هونءَ اسان جا ماڻهو ٻاهران شيون وٺي ايندا هئا ۽ هاڻ ٻاهر رهندڙ پاڪستاني هتان پاڪستان مان وٺي وڃن ٿا.
    ”ڳالهه ٻڌ ڪناٽ پليس به وٺي هلندين؟“ مون رڪشا واري کان پڇيو.
    ”سائين اڄ ذرا مشڪل آهي.“ رڪشا واري چيو، ”ٻئي دفعي لال قلعو ۽ جامع مسجد وغيره هلندائو ته ڪناٽ پليس مان به ٿيندا هلنداسين.“
    ”انڊيا گيٽ کان ٿورو ئي ته پري آهي.“ مون رڪشا واري کي چيو.
    ”سائين اها ڳالهه ناهي، چئو ته جنتر منتر وٺي هلانوَ جيڪو ڪناٽ پليس وٽ آهي يا گول مارڪيٽ وٺي هلان جيڪا ڪناٽ پليس کان به پرڀرو آهي پر ڪناٽ پليس ان ڪري نه جو اتي آٽو رڪشا وارن داداگيرن جون يونينون آهن ۽ اهي رڪشا هلائڻ کان جهليندا ته اڄ اسٽرائيڪ ۾ ڇو پيو هلائين.“
    ڪناٽ پليس مان دراصل مون کي پنهنجي Digital ڪئميرا جي لاءِ نئين Chip وٺڻي هئي جيئن وڌيڪ فوٽو Save ٿي سگهن. Connaught place ۾ داصل انگريزن جي ڏينهن جا ڪالونيل اسٽائيل دڪان ۽ عمارتون آهن جيئن ڪراچيءَ جي صدر ۾ زيب النساءِ اسٽريٽ تي پراڻيون عمارتون آهن يا بولٽن مارڪيٽ ۾ ڊينسو هال ۾ آهن. سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ ۾ ڪناٽ انگريز جي نالي ڪناٽ پليس آهي. هي انگريز مهاراڻي وڪٽوريا ۽ شهزادي البرٽ جو پٽ ۽ ايڊورڊ ستين جو ڀاءُ وليم پئٽرڪ هو جنهن کي ڊيوڪ آف ڪناٽ جو خطاب مليو. پاڻ فوج ۾ ڪمانڊر ان چيف جي رئنڪ تائين پهتو ۽ رٽائرڊ ٿيڻ بعد ڪئناڊا جو گورنر جنرل ٿي رهيو 1886ع کان 1890ع تائين انڊيا ۾ رهيو جڏهن سنگاپور ۽ ملايا کي به انڊيا کان ڪنٽرول ڪيو ويو ٿي. پاڻ 1850ع ۾ ڄائو ۽ 1942ع ۾ وفات ڪيائين. کيس ٽي ٻار، شهزادي مارگريٽ، شهزادو آرٿر ۽ شهزادي پئٽريشيا هئا جن مان شهزادو آرٿر سائوٿ آفريقا جو گورنر جنرل ٿيو ۽ ڏکڻ آفريقا جي ڪيترن ئي شهرن، ڪيمپ ٽائون، ڊرين، جهانسبرگ وغيره ۾ هن شهزادي ڪناٽ نالي روڊ، رستا ۽ عمارتون آهن.
    دهلي ۾ هي ٻه گول دائري ۾ رستا آهن جن ۾ هي عمارتون ۽ انهن جا ورانڊا ٺهيل آهن جن جي چوڌاري سينٽرل پارڪ آهي. ٻاهريون گول رستو ڪناٽ سرڪس سڏجي ٿو ۽ اندريون ڪناٽ پليس. هونءَ عام طرح هي علائقو شاپنگ ۽ Entertainment جو مرڪز آهي. ڪناٽ سرڪس واري گول روڊ کي چوڌاري گهٽ ۾ گهٽ اٺ کن اهم رستا اچيو لڳن انهن مان هڪ بابا کڙڪ سنگهه روڊ به آهي. هڪ ٻيو رستو جنهن جو نالو بڙا کمبا به آهي. هڪ ٻيو روڊ جيڪو پڻ ڪناٽ سرڪس کي اچيو ملي ان جو نالو پانج کنوان (پنج کوهه) آهي، يا شايد پنج ڪوئين آهي، جنهن جي معنيٰ ڪا ٻي هجي. هن روڊ تي خوبصورت ڏيا، بجلي جا لئمپ انهن جا Shade براس، ۽ ڪاٺ جون شيون ۽ فرنيچر ۽ ٻيو گهر جي سينگار جو سامان ملي ٿو.
    دهليءَ جو مشهور جنتر منتر به ڪناٽ پليس وٽ ئي آهي جيڪا چنڊ تارا ڏسڻ ۽ ڪئلينڊر ٺاهڻ جي Observatory آهي جيڪا 1719ع ۾ جيپور جي مهاراجا جئه سنگهه ٺهرائي هئي.
    رڪشا ڊرائيور مٿرا روڊ ختم ڪري ڊاڪٽر ذاڪر حسين روڊ تي چڙهيو جيڪو پڻ ڪراچي جي بندر روڊ (ايم اي جناح روڊ) وانگر ڪافي ڊگهو آهي ۽ اچيو انڊيا گيٽ تي ڪڍي اهو اسان جو آخري اسٽاپ هو. انڊيا گيٽ دهليءَ جي اهم شيءِ آهي جتي هر سال آزاديءَ واري ڏينهن 15 اگسٽ تي مارچ ٿئي ٿو ۽ شهر جا هزارين ماڻهو هن پريڊ جو نظارو ڪن ٿا جيڪا انڊيا گيٽ سان ملندڙ هڪ ٻئي روڊ Raj Path تائين ٿئي ٿي. راج پاٿ وارو رستو انڊيا گيٽ کان وٺي راشترپتي ڀون ۽ سينٽرل سيڪرريٽريٽ تائين وڃي ٿو. راشتر پتي ڀون ۾ انڊيا جو صدر رهي ٿو جيڪو 300 ايڪڙن تي هڪ شاهي نموني جو محل آهي ۽ سينٽرل سيڪريٽريٽ ۾ گورنمينٽ آف انڊيا جون آفيسون آهن، هي ٻئي عمارتون نئين دهلي شهر جي اڏاوت ڪندڙ انگريز ايڊورڊ لٽين ۽ هڪ ٻئي انگريز چارلس بيڪر 1920ع ۾ ٺهرايون هيون، جڏهن دهليءَ تي بلڪ سڄي هندستان تي انگريزن جو راڄ جو.
    انڊيا گيٽ 42 ميٽر اتاهون هڪ يادگار دروازو آهي جيڪو انڊيا جي انهن نوي هزار سپاهين جي ياد ۾ ٺهرايو ويو هو جيڪي ورلڊ وار پهرين ۾ مارجي ويا هئا. انهن مان 36 هزار سپاهين جا نالا به ان دروازي تي لکيل آهن. هن دروازي (India Gate) جي پيڙهه جو پٿر سن 1921ع ۾ رکيو ويو هو ۽ مڪمل ٿيڻ ۾ ڏهه سال لڳي ويا. دروازي جي وچ ۾ رائيفلون ۽ سولجر جو ٽوپلو رکيل آهي. پاسي کان ٻرندڙ ڏيئي جي لاٽ اڻ سڃاتل سپاهين جي مان ۾ هميشه ٻرندي رهي ٿي. ٽيڪسي ڊرائيور کي چيم ته منهنجو هڪ ٻه فوٽو ڪڍ ته پوءِ پاڻ واپسيءَ جي پنڌ کي ڇڪيون. منجهند جا ٻح کن ٿيا هئا سج چوٽ تي هجڻ ڪري فوٽو گرافي صحيح نه ٿي رهي هئي پر تڏهن به يادگار فوٽو ڪڍرائي ورتم.


    منهنجي گروپ جا ماڻهو ۽ خريداري

    منهنجي گروپ جا ماڻهو جن جو هڪ ئي اوڏ فئملي سان تعلق آهي انهن ۾ گهڻائي انهن جي آهي جيڪي ملڪ کان پهريون دفعو ٻاهر نڪتا آهن ان ڪري هو هر ڳالهه ۾انڊيا کي پاڪستان سان ئي ڀيٽين ٿا. هنن کي انڊيا جون ڪيتريون ئي شيون خاص ڪري ساڙهيون وغيره ۽ ٿانو ٿپا وڌيڪ پسند آهن. هونءَ به هنن ۾ عورتن جو تعداد وڌيڪ آهي سو هو جيڪا ٿوري گهڻي شاپنگ پنهنجي لاءِ يا مائٽن عزيزن لاءِ ڪن پيا ان ۾ گهر جون شيون وڌيڪ آهن. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته انڊيا جا ٺهيل ٿانو ٽپا ويندي مڪسر، جيوسر ۽ ٻيو اليڪٽرڪ جو سامان ڏسڻ ۾ کڻي ٿورو سادو آهي پر مضبوط، رف ڊيوٽي وارو ۽ سستو آهي. ان قسم جي سامان ۾ انڊيا ايترو اڳيان وڌي ويو آهي جو انڊيا جو سامان ملائيشيا، سنگاپور ۽ عرب ملڪن جي مارڪيٽن ۾ ڪاميابيءَ سان وڪرو ٿي رهيو آهي.
    مون کي في الهال ڪابه شيءِ وٺڻ جو ارادو نه آهي پر روز ٻين جو سامان ضرور ڏسان ٿو يا منهنجي گروپ جا ماڻهو خاص ڪري اهي جيڪي منهنجي سامهون ۽ ڀر وارن ڪمرن ۾ رهن ٿا، انهن کان خريداريءَ جو پڇان ٿو.
    ”ادا اڄ آئون پراڻي دهليءَ جي مسالن واري مارڪيٽ ۾ هليو ويس جتان کاڄا تمام سستا وٺي آيو آهيان“ دودي ٻڌايو.
    ”ڪهڙي حساب سان؟“ مون پڇيو.
    ”ساڌا ٽي سؤ روپيا ڪلو. توهان کي به کپن ته سڀاڻ هلي وٺي اچون. هتان رڪشا 25 روپيا وٺي ٿي.“
    آئون چپ ئي رهان ٿو، سڀ سوچيندا رهن ٿا ته آئون خريداري ڇو نٿو ڪريان. وڏو صابرين آهيان، هو ضرور سوچيندا هوندا. هاڻ کين ڪير ٻڌائي ته آئون سفر ۾ هلڪو رهڻ چاهيان ٿو ۽ سڄي عمر هڪ ٻئي کي ڏسي هر شيءِ وٺندا رهياسين جن مان ڪيترين جو ڪو ڪارج ئي نه آهي. جهازن تي هجبو هو تڏهن ته وٺبو هو پر ملائيشيا ۾ رهڻ دوران به شاپنگ جو شوق نٿي لٿو. ملائيشيا کان سنگاپور گهمڻ وڃبو هو ته گهمڻ بدران The Sate جو اشتهار ڏسي دڪانن ۾ گهڙي وڃبو هو. گهر ۾ هڪ شوڪيس جو سڄو خانو ٿانون سان ڀريل ڏسي اڄ به پاڻ تي کِلَ ايندي آهي ته افسوس به ته ڪيئن اهي ٿانو سنگاپور جي هڪ دڪان ۾ Discount قيمت جو ٻڌي ورتا هئاسين ۽ واقعي اهي اصل قيمت کان سستا هئا، پوءِ ان ڏينهن گهمڻ ڦرڻ ڇڏي ڳرا چينيءَ جا ٿانو ورتاسين. بس ۾ موٽڻ بدران ٽيڪسي ڪئي سين، ملائيشيا جي بارڊر تي ڪسٽم وارن کي انهن جي ڪسٽم ڊيوٽي ڪجهه ڏني سين ڪجهه معارف ڪرائي سين ۽ پوءِ ملائيشيا ڇڏڻ وقت باءِ ايئر ڪراچيءَ ڍوئي آياسين. وزن وڌي وڃڻ ڪري ان جا به پئسا ڏناسين. ٿانون سٺن هئڻ ڪري، جيئن ٿيندو آهي، اڄ تائين استعمال به نه ڪيا اٿئون. هيڏانهن انڊيا اچڻ کان اڳ هڪ ڏينهن ڪراچيءَ جي گل سينٽر ۾ وڃان ته اهي ساڳيا چينيءَ جا ٿانو جيڪي ويهارو سال کن اڳ مون سنگاپور کان ورتا هئا اهي هتي رکيا پيا هئا ۽ قيمت به اڌ کان گهٽ. يعني سنگاپور مان Sale ۾ وٺڻ تي به اسان کي مهانگا پيا (ان وقت جي مارڪيٽ ويليو موجب کڻي سستا هئا) ان کان علاوه سنگاپور کان ملائيشيا آڻڻ ۾ ٽيڪس ڏنوسين ۽ ان بعد ڪراچيءَ ۾، ۽ بارڌار پئي ڍويوسين.
    هونءَ به والايت ۾ ڪيتريون شيون لڳندو آهي ته سستيون آهن ۽ کڻي هجن به پر تنهن هوندي به ڪنهن وڏي فرق سان سستيون نٿيو رهن. جيئن هتي انڊيا ۾ هڪ ڪلو کاڄا ساڍي ٽين سؤ روپئي ٿا ملن جن جا پاڪستان پنج سؤ روپيا ٿيا ڇو ته پاڪستان ۾ يا هتي انڊيا بارڊر تي پاڪستاني هزار روپين جا 700 انڊين روپيا ملن ٿا. بهرحال اڌ ڏينهن خراب ڪري رڪشا جو 25 روپيا اوٽ ۽ 25 روپيا موٽ ڀاڙو ڀري وٺڻ معنيٰ اهي ٿيا 400 انڊين روپيا ۽ بارڊر تي کڻي ٽيڪس نه ڏجي ته به هڪ ڪلو وزن جا 60 روپيا ڏيڻا پيا جو بس ذريعي انڊيا پاڪستان ايندڙ مسافرن کي فقط ويهه ڪلو وزن کڻڻ جي اجازت آهي ۽ ان تي تمام گهڻي سختي آهي ۽ ايندي وقت ئي ڪنهن جو هڪ يا ٻه ڪلو وزن وڌيڪ هو ته ان بار جا هن کي بارڊر تي پئسا ڏيڻا پيا ۽ هاڻ واپسيءَ تي خريداري بعد ان جي وزن جا پئسا به ڏيڻا پوندا. يعني هڪ ڪلو کاڄا 460 انڊين روپيا يعني پاڪستان 660 روپيا ٿيا ۽ 650 ۾ ته پاڪستان ۾ به ملن ٿا پر هر هڪ انسان پرديس ۾ چاهي ٿو ته هو پنهنجن لاءِ ڪجهه وٺي وڃي. ويندي حج تي ويندڙ حاجي جيڪي پڪو پهه ڪري پهچن ٿا ته فقط عبادت ڪبي سي به ڪجهه ڏينهن کان پوءِ خريداريءَ ۾ لڳيو وڃن.
    هونءَ به چار ڳالهيون مون هن سفر جي گروپ ۾ نوٽ ڪيون آهن جيڪي قابل تعريف آهن. هڪ ته مون سان گڏ سفر ڪندڙ هنن اوڏن ۾ اجائي سجائي خريداريءَ جو شوق بنهه ناهي جيتوڻيڪ جيئن مٿي لکيو آيو آهيان ته هنن ۾ ڪيترا پهريون دفعو ٻاهر نڪتا آهن، اڌ کان وڌيڪ عورتون آهن جن کي عام حالتن ۾ خريداريءَ جو وڏو شوق ٿئي ٿو، خاص ڪري ڇوڪرين کي پر هي وڏين بازارين ۽ شاپنگ مالن مان لنگهندي پرسڪون آهن. ورلي ڪا شيءِ وٺن ٿيون سا به سوچي سمجهي بنهه ضروري ۽ نئين آهي ته. ٻي پلس پوائنٽ هن اوڏ فئملين ۾ اها نوٽ ڪيم ته پنهنجو سامان ڍوئڻ يا وقت تي اٿڻ ۾ فوجين وانگر بيحد چست ۽ چوبند آهن. مرد ته مرد پر ننڍيون ڇوڪريون ۽ وڏي عمر جون عورتون به پنهنجو سامان پاڻ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين ڍوئي وڃن ٿيون ۽ هر وقت خوش مزاجيءَ سان! ۽ ڪڏانهن به گهمڻ وڃون ٿا يعني هردوار، امرتسر، آگرا، جيپور يا احمد آباد بڙودا وغيره، جهڙن شهرن ڏي ته صبح جو ڇهين بجي ئي نڪرون ٿا جنهن لاءِ هر هڪ کي صبح جو چئين بجي ئي اٿي تياري ۽ نيرن پاڻي ڪرڻو پو ٿو پر آئون ڏسي رهيو آهيان رات جو سمهندي ٻارهن هڪ ٿي ويندن ته به صبح جو چئين بجي اٿي تياري شروع ڪنديون ۽ پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته رات جي کٽل ننڊ جو پورائو بس ۾ لڏندي ڪيو وڃي ٿو. هڪ دفعي ته سنجي، ڊاڪٽر لڇمڻ جي فئملي ۽ ڪملا ۽ انهن جي ڌيئرن راڌا ۽ ڊاڪٽر ارم کي 50 ڪلاڪن کان به مٿي جاڳڻو پيو. بڙودا (گجرات) مان شام جو دهليءَ لاءِ نڪتاسين. سڄي رات سفر ڪري صبح جو ستين بجي دهليءَ ۾ پهتاسين سڀ اهڙو ٿڪل هئاسين جو پهچڻ سان سمهي رهياسين پر مٿيان همراهه ڪلاڪ ڏيڍ بعد جيپور هليا ويا جتان رات جو پنجين بجي دهلي موٽيا ۽ ڪلاڪ بعد ٻئي ڏينهن وري اسان سان گڏ بس ۾ دهليءَ کان ٻاهر گهمڻ لاءِ نڪتا. پر سڀ خوش هئا. ٿڪ ۽ بيزاريءَ جو احساس ڪنهن جي به چهري تي نه هو. سندن ڀر واري ڳوٺ مچر جي وسطڙن وانگر ڪچهريءَ جا به شوقين آهن. ڪچهريءَ لاءِ ڪو مواد نه هوندن ته زالون مڪيش ۽ راجيش (گهوٽن) جي شادين جا راڳ ۽ سهرا ويهي ڳائينديون پر اهو نوٽ ڪيو اٿم ته منهنجي غيرموجوگيءَ ۾ هو پنهنجو پاڻ سان پنهنجي اوڏڪي زبان ۾ ڳالهائن پر راڳ يا سهرا اهي ئي سنڌيءَ جا ڳائين، ويندي انڊيا ۾ رهندڙ اوڏ به اهي ئي راڳ مور ٿو ٽلي. وغيره ڳائين، بقول سندن اوڏڪي زبان ۾ ڪو راڳ يا سهرو ناهي.
    گل ماڙين ۾ ٽڙندا، گل ڪوٽن تي کڙندا
    آ ڀائر هوريان هوريان آ
    تنهنجي من جا گل کڙندا
    سهڻي! منڊل مچايو آ تو
    مڪيش تنهنجي سيني جو سينگار
    اهو شان مڪيش جو آهي
    آءُ ڀائر هوريان هوريان آءُ
    هڪ ٻي سٺي ڳالهه جيڪا هن گروپ ۾ مون محسوس ڪئي آهي ته اسان جي جرني تقريبا اچي اختتما تي پهتي آهي ۽ مهينو کن اچي ٿيو آهي پر هر هڪ پنهنجي ۾ مگن آهي. ڪابنه غلط فهمي يا جهيڙو جهٽو يا روسامو نه آهي جيڪو سفر ۾ عام رهي ٿو چاهي هڪ ئي فئملي هجي، سڀ دوست هجن يا اڻ ڄاڻ. منهنجي خيال ۾ ان جو وڏو سبب گهڻي Expectation ناهي ۽ هر هڪ آزاد آهي. ريل ۾ به جنهن کي جيڪي وڻي اهو وٺي کائي، گهمڻ لاءِ به هر ڪو آزاد آهي. وڌ ۾ وڌ ڪو چاهيندو ته ٻيا به ساڻس شامل ٿين ته هو هڪ وار سڀني کي ٻڌائيندو ته بنارس يا لکنؤ ٽيڪسيءَ ۾ وڃان پيو ڪو هلندو. پوءِ ڪنهن جي موڊ ٿي ته هن سان شامل ٿي ڀاڙي جو حصو ڏيندو پر جي ڪو نه هليو ته هو اڪيلو به هليو ويندو. ان کان علاوه هنن ۾ اها به سٺي ڳالهه آهي ته هڪ ٻئي کان گهڻي پڇ پڇ يا ٽوڪ طعنو نٿا ڪن. ڪنهن ڪا ڳالهه ٻڌائي يا خريد ڪيل شيءِ ڏيکاري ته ٺيڪ آهي نه ته هر ڪو خوش هجي. سڀ کان وڏي ڳالهه سڀ پڙهيل ڳڙهيل آهن. جيتوڻيڪ اها اهڙي ڳالهه ناهي، پڙهيل ڳڙهيل به سفر ۾ وڙهندا رهن ٿا. بس اهو چئي سگهجي ٿو ته هو ننڍي هوندي کان گهر ۾ ائين ٽرين ٿيل آهن. هو سڀ پاڻ ۾ گڏ به آهن (جو سڀ پاڻ ۾ ڀائر ڀينر آهن، سڀ نارائڻ داس جو اولاد آهن) ته الڳ الڳ پنهنجن پنهنجن مڙسن يا زالن ۽ ٻارن جي ننڍڙي ننڍڙي گروپ ۾ به. ڪيترا کڻي ٻاهر نه نڪتا آهن پر جيڪي سندن ڀائر ڀينر ٻاهر نڪتا آهن انهن کان هنن سٺيون ڳالهيون معلوم ڪري Adopt ڪيون آهن ۽ هر هڪ کي (مرد توڙي عورت کي وڏي توڙي ننڍي کي) نه فقط ڪپڙي گندي پائڻ جو ڍنگ اچي پر ڳالهائڻ جو طريقو پڻ. آئون ته هڪ قسم جو کڻي گهر جو ڀاتي ٿيس پر ڌارين ۽ نون ماڻهن سان به هر هڪ وڏي Confidence سان ڳالهائيندو ۽ ننڍي ٽهي جون ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا تمام سٺي انگريزي ڳالهائين ٿا جيتوڻيڪ هنن ڪنڊيارو، نوابشاهه، رتوديرو ۽ لاڙڪاڻي جي عام اسڪولن مان تعليم حاصل ڪئي آهي. سندن انگريزيءَ جو لهجو به ڪافي حد تائين بهتر آهي. ٽرين ۾ يا مختلف دعوتن ۾ جتي ڪنواريتن جا ديوان مائٽ جيڪي سڄي عمر ولايتن ۾ رهيا انهن به هنن سان ڳالهايو ٿي ته هر ٽاپڪ تي هنن جواب ڏنو ٿي ۽ وڏي اعتماد سان. اهي اهڙيون ڳالهيون آهن جن ۾ عام طرح اسان جي صوبي سنڌ جا ٻار ڪمزور آهن ۽ هنن کي دنيا ۾ منهن ڏيڻو آهي ته اعتماد پيدا ڪن ۽ اهو تڏهن ٿيندو جڏهن پنهنجي تعليم صحيح طرح حاصل ڪرڻ سان گڏ جنرل ناليج ۾ به ڀڙ ٿين.
    بهرحال پاڻ وري خريداريءَ تي اينداسين ته انڊيا مان اسان جا ماڻهو ڇا ٿا پسند ڪن. سو ان ۾ هڪ ته ڪپڙو آهي، خاص ڪري ساڙهي وغيره ۽ ٻيو ٿانو ٿپا. جن مان ٻه شيون هر هڪ ورتيون، هڪ پريشر ڪڪر جيڪو چار سؤ روپئي ۾ مليو ٿي، سائيز مطابق ۽ ٻيون ٿالهيون، اسٽيل جون وڏيون پليٽون جن ۾ چار خانا ٿين. هڪ وڏو خانو ڀت يا ماني رکڻ لاءِ ۽ ٽي ننڍا ٻوڙ، ڀاڄي، چٽڻي، آچار ۽ سلاد جهڙين شين لاءِ يعني هيءَ ٿالهي پليٽ به ٿي ته Tray به. ان قسم جون ٿالهيون ڏکڻ هندستان ۾ وڌيڪ مشهور آهن جو ملائيشيا ۽ سنگاپور جهڙن ملڪن ۾ جتي تامل گهڻا رهن ٿا، انهن جي سائوٿ انڊين هوٽلن ۾ ان قسم جون ٿالهيون استعمال ٿين.

    منهنجو ڪمرو Share ڪرڻ وارو سنجي (سريچند جو پٽ) ٻه جينز جن پتلونون وٺي آيو پر پوءِ حساب ڪري ٻڌايائين ته اهڙيون سستيون نه مليون آهن جو ايترن پئسن ۾ ته پاڪستان ۾ به مليو وڃن.
    هونءَ هڪ ڳالهه آهي ته انڊيا ۾ هر قسم جي ڀاڄي ڀتي ۽ فروٽ هر وقت مليو وڃي. انڊيا ايڏو وڏو آهي جو ڪٿي ٿڌڪار ڪري (جيئن ته ڪشمير پاسي) صوف ۽ انگور ٿين ٿا، ڪٿي وارياسو علائقيو (راجستان جهڙو) هجڻ ڪري گدرا ۽ چانهيون ٿين ٿيون ۽ ڪٿي گهڻي بارش ڪري (تامل ناڊو يا مغربي بنگال وغيره) ڪٺهل، ليچي، ڊوڪو، انناس ٿئي ٿو ته ڪٿي ٿڌڪار وارا جابلو علائقا هجڻ ڪري چيري، اسٽابيري وغيره ٿئي ٿي. سو هنن کي هر فروٽ پنهنجي ملڪ ۾ مليو وڃي. ائين نه آهي ته اسٽابيري کائڻ لاءِ جاپان يا سئيڊن وڃڻو ٿو پوين يا انناس ۽ ليچي لاءِ ملائيشيا ۽ ٿائلينڊ جو سوچين ٿا يا وري ملائيشيا جي ماڻهن کي صوف ۽ انگور کائڻ لاءِ پاڪستان اچڻو پوي ٿو. اهڙي طرح هتي انڊيا ۾ ڊراءِ فروٽ به هر قسم جو ٿئي ٿو ته ڀاڄيون به. دهليءَ جي فروٽ ۽ سبزي مارڪيٽ ۾ توهان کي هر شيءِ ملندي. هڪ ٻي ڳالهه نوٽ ڪيم ته کير جهڙي شيءِ جيڪا هر ڪو غريب غربو استعمال ڪري ٿو، انڊيا ۾ ايڏو مهانگو ناهي. هتي اڌ اڌ ڪلو جون تازي کير جون ٿيلهيون ڏهين روپئي جي حساب سان وڪامن. باقي پائوڊر وارو نيڊو، ملڪ ۽ ٻيا کير تمام مهانگا آهن ۽ هونءَ به جڏهن فريش کير سستو ۽ سولائيءَ سان ملي وڃي ٿو ته ولايت جو پيڪ ٿيل پائوڊر کير ڇو استعمال ڪجي.


    دهليءَ جي گهٽين ۾

    ٻه ٽي ڏينهن پنهنجي گروپ سان دهليءَ کان ٻاهر گهمڻ بعد ڪالهه وري واندڪائي ملي ۽ مون دهليءَ جو هي تاريخي شهر گهمڻ چاهيو ٿي جيڪو مغل شهنشاهه بابر جهڙي کي پسند نٿي آيو. هو اتر کان ٿڌن ملڪن کان آيو هو تڏهن ته هن پنهنجي يادگيرين جي ڪتاب ۾ لکيو آهي...
    ”هن کي (دهلي جي رهاڪن کي) نه گهوڙا آهن نه سٺو گوشت، نه انگور آهن، نه خوشبودار گدرا، نه سٺو ميوو آهي ۽ نه برف يا ٿڌو پاڻي، هنن جي بازارين ۾ نه سٺو کاڌو آهي ۽ نه نان، نه غسل خانا آهن نه ڪاليج، نه ڏيا، شمعدان يا ميڻ بتيون.“
    بابر جون لکيل ڪي ڪي ڳالهيون به عجيب آهن پر سائين بادشاهه جو ٿيو ۽ سو به هندستان جهڙي عظيم ملڪ جو. بهرحال دهلي يا هندستان جي ٻين شهرن جي افسوس ناڪ حالت کي هو اتر کان ڪهي سڌارڻ لاءِ آيو هو، پر ڇا هن اهو سڌارو عوام جي ڀلي لاءِ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي يا پنهنجي عياشيءَ لاءِ. بابر هندستان تي 1527ع کان 1530ع تائين ٽي چار سال حڪومت مس ڪئي ان بعد سندس اولاد حڪومت ڪندو رهيو.
    گذريل هفتي جنهن آٽو رڪشا واري سان دهليءَ جو چڪر هنيو هوم تنهن همايون جي مقبري تي پنهنجي معلومات مطابق مون کي چيو هو.
    ”سائين مغل گهراڻي جو هي ٻيو شهنشاهه ڏاڍو Unfortunate ماڻهو هو، هو ٻن مشهور شخصيتن پيءُ بابر ۽ پٽ اڪبر جي وچ ۾ ڦاسي پيو.“
    منهنجي خيال ۾ مئٽرڪ پاس ۽ گهڻي ڳالهائڻ جي عادت وارو اهو آٽو رڪشا وارو جنهن پاڻ کي ڊرائيور گهٽ پر گائيڊ گهڻو ٿي سمجهيو اهو ڪنهن حد تائين صحيح به هو. مئٽرڪ تائين جيڪي انگريزن جا تاريخ جا لکيل درسي ڪتاب اسان جي مسلمانن طرفان ترجمو ٿيل پڙهياسين يا ڊگهن سامونڊي سفرن جو وقت کٽائڻ لاءِ جيڪي تواريخ جا ڪتاب جهاز تي پڙهڻ لاءِ مهيا ٿي سگهيا انهن مان اهوئي لڳي ٿو ته هي آٽو رڪشا ڊرائيور ونود ڪافي حد تائين صحيح ٿو چوي. همايون جيتوڻيڪ ذهين حاڪم هو پر ساڳي وقت Unbalanced به چئي سگهجي ٿو، هن جتي شهر ٺاهيا اتي هن انهن جي تباهي به آندي، بابر جي هٿ ڪيل حڪومت جيڪا هن کي ورثي ۾ ملي ائين ئي وائڙن وانگر وڃائي ڇڏي ۽ دربدر ڌڪا کائڻ لڳو ۽ پوءِ آخرڪار هن کي اها وري واپس ملي وئي ته سندس حياتيءَ وفا نه ڪئي ۽ ڇهن مهينن بعد گذاري ويو. مغلن جي عمارت سازيءَ ۾ وڏي هاڪ آهي پر همايون توڙي سندس پيءُ جي هند سنڌ ۾ ڪا اهڙي ٺهرايل عمارت ناهي جنهن جا گڻ ڳائي سگهجن. دهليءَ ۾ همايون جو مقبرو ڏسڻ وٽان آهي ۽ مٿرا روڊ تان ايندي ويندي سندس ياد ٿو ڏياري پر ان جو ڪريڊٽ همايونءَ کي ته نٿو ڏئي سگهجي. اهو ته هن جي مرڻ بعد پوين ٺهرايو. باءِ دي وي مغلن جي ٺهرايل عمارتن ۾ همايون جو مقبرو پهرين شيءِ آهي. ٻيون عمارتون، مقبرا، درگاهون يا تاج محل سڀ پوءِ ٺهيا. همايون جو هي مقبرو وڏين ڪمانن (Arches) ۽ ٻٽي گبنڊ وارو 1565ع ڌاري سندس زال حاجي بيگم ٺهرايو ۽ Architect جي حساب سان ڪن ڳالهين ۾ تاج محل کان پوءِ ٻئي نمبر تي آهي. مٿرا روڊ تان لنگهندي ۽ هن مقبري وٽان ڦري لوڌي روڊ تي مڙڻ وقت ڪڏهن ڪڏهن ماضيءَ جي دنيا ۾ هليو ويندو آهيان ته اڄ کان ساڍيون چار صديون اڳ هتي مرحوم همايون جي بيوهه زال پنهنجي مڙس جي ياد ۾ ٺهرايل هن مقبري کي ڏسڻ لاءِ اچي بيهندي هوندي. تاج محل ته اڃا ٺهيو نه هو ۽ نه وري ڪا ٻي اهڙي اهم عمارت مغلن طرفان ٺهي هئي. هي هڪ اهڙو شاندار Monument ٺهي رهيو هو جنهن جي هو سنڌ ۾ وڏي هاڪ هلي رهي هوندي ۽ سالن تائين هلي هوندي ۽ پوءِ بعد ۾ ٻين عمارتن، باغ باغيچن ۽ خاص ڪري تاج محل ٺهڻ ڪري ماڻهن جو ڌيان هٽي ويو هوندو نه ته اڄ ڏينهن تائين حاجي بيگم جي تعريف پئي هلي ها ته زال ته همايون شهنشاهه جي چئجي جنهن پنهنجي مڙس مٿان بهترين مقبرو ٺهرايو جنهن تي هيترو خرچ ۽ هيترا سال لڳي ويا. ساڳي طرح هن وقت اهو سوچي افسوس ٿو ٿئي ته هي ئي مغلن جو مقبرو هو جنهن اندر لڪل مغل گهراڻي جي آخري شهنشاهه بهادر شاهه کي 1857ع واري بلوي ۾ انگريزن هن مقبري ۾ پڪڙي ورتو ۽ مغل بادشاهت جيڪا هندستان ۾ 330 کن سال قائم رهي ان جي The End ٿي وئي. بهادر شاهه کي ملڪ بدر ڪري رنگو (هاڻوڪو ينگون) موڪليو ويو ۽ سندس اولاد کي ماري ختم ڪيو ويو.
    بهرحال دهليءَ جهڙي تاريخي شهر ۾ نه فقط مون جهڙو پر ٻيا به ڪيترائي ٽوئرسٽ ماضيءَ جي يادين ۾ هليا ويندا هوندا ۽ اها تاريخ ماضي ئي آهي جيڪو دهليءَ کي ڏسڻ وٽان ۽ خوبصورت بنائي ٿو ۽ انسان ان گذري ويل وقت ۾ ايڏو گم ٿيو وڃي جو هن کي حال جي مٽي، ڌوڙ، مکين، مڇرن، ٽرئفڪ جي دونهين ۽ ماڻهن جي پيهه پيهان جو ذرو به احسان نٿو ٿئي. مون دهلي شهر جو وري چڪر هڻڻ چاهيو ٿي. رهجي ويل شيون ڏسڻ چاهيون ٿي، پراڻي رڪشا ڊرائيور ونود ڪمار جو موبائيل نمبر هوم پر پوءِ تيار ٿيڻ بعد رستي تي نئين رڪشا ئي ترسائڻ بهتر سمجهيم جو مون کي هاڻ ڀاڙي جي Idea ته ٿي وئي هئي. جيڪڏهن ڪو آٽو رڪشا وارو مون کي نئون سمجهي ٽيهه چاليهه روپيا وڌيڪ ٿو وٺي ته اهو هن جو حق آهي جو آئون به رستي تي ڪيترائي دفعا رڪشا کي بيهاري فوٽو ڪڍان ٿو جنهن ۾ هن جو ڪافي وقت ضايع ٿئي ٿو. پر يارو هڪ ڳالهه حق جي ڪبي ته دهليءَ جا، بلڪه هيستائين انڊيا جي جن به شهرن مان ٿي آيو آهيان، ان مان اهوئي لڳي ٿو ته سڄي انڊيا جا ڊرائيور ٻين ملڪن جي ڊرائيورن کان سٺا آهن. پوءِ هو چاهي بسين جا هجن، ٽئڪسين جا، آٽو رڪشائن يا رڪشائن جا. ڀاڙو به يورپ، ملائيشيا، جاپان جهڙن ملڪن کان ته گهٽ آهي پر پاڪستان کان گهٽ آهي. رستن تي امن امان آهي هر ڪو فضيلت سان گاڏي هلائي ٿو ۽ هر ڊرائيور پوليس کان ڊڄي ٿو، هر ڊرائيور چاهي ٿو ته سوار خوش رهي ۽ سندس شڪايت نه ٿئي.
    رستي تان لنگهندڙ هڪ آٽو رڪشا واري کي بيهاريم.
    ”ميٽر تي هلندين يا اُڪو؟“ مون پڇيومانس.
    ”توهان جي مرضي.“ ڊرائيور چيو.
    ”مون کي هتان چئن پنجن جاين تي وٺي هل ۽ وري واپس هتي اچي ڇڏ، گهڻو وٺندين.“
    ”ڪٿي ڪٿي هلندائو؟“
    ”جاميا ملي اسلاميه يونيورستي، جمنا ندي جو ڪنارو، حضرت نظام الدين اولياء جي درگاهه، جامع مسجد ۽ لال قلعو، رستي تي فوٽو به ڪڍڻا اٿم.“
    ”سائين جامع مسجد ۽ لال قلعو ته هتان کان چڱو پري آهي، پهچڻ ۽ گهمڻ ڦرڻ ۾ توهان کي وقت لڳندو.“
    ”چڱو ڳالهه ٻڌ هن وقت صبح جا نو کن ٿيا آهن تون چار ڪلاڪ کن مون سان گڏ هجڻ جا گهڻا وٺندي، يعني هڪ بجي هتي اچي لاهجانءِ.“ مون پڇيو مانس. هن ٿوري دير سوچي اڍائي سؤ چيا ۽ مون هائوڪار ڪئي ته ڪلاڪ اڌ وڌيڪ لڳو ته ٻه سؤ روپيا کن وڌيڪ ڏيڻ به سستو ڪم آهي. جنهن ڏينهن کان آيو هوس ته اهو سچي رهيو هوس ته جمنا ندي جيڪا دهليءَ مان لنگهي ٿي اڃا نظر نه پئي اچي. نيٺ ڪالهه رات نماز تي گوبندا پوري واري مسجد جي قاريءَ کان پڇيم ته جمنا ندي ڪٿان وهي ٿي.
    ”سائين هتان ويجهو ته آهي. ٻه اڍائي ميل هن پاسي ويندائو ته جمنا ندي آهي. هونءَ به توهان جاميا ملي اسلاميا يونيورسٽي وڃو پيا ته ڀرسان ئي توهان جمنا ندي ملندي. جاميا يونيورسٽيءَ جي ڀرسان نگر ۽ ان سان گڏ ابوالفضل ڪالون بلڪل جمنا نديءَ جي ڪناري تي آهن. جاميا نگر جي ٻئي پاسي غفار نگر ۽ ذاڪر نگر آهن. انهن سڀني جي سامهون يعني جمنا ندي جي ٻئي ڪناري تي نوئيندا جو نئون ۽ ماڊرن شهر ٺاهيو ويو آهي جنهن کي جمنا نديءَ مٿان ٺهيل پل نوئيندا پرج دهليءَ جي اندرين Ring Road سان ملائي ٿي. نوئيدا ۽ گرگائون شهر بلڪل نوان ۽ دنيا جي ماڊرن شهرن وانگر اڏيا ويا آهن جيئن اسان وٽ اسلام آباد آهي پر اسلام آباد کي ٺهي وڏو عرصو ٿي ويو آهي، هي هاڻ ڪجهه سال اڳ ٺهيا آهن، سو هنن ۾ هر ڳالهه ۽ سهولت جو وڏو خيال رکيو ويو آهي. دهلي شهر جا امير ماڻهو نوئيندا ۽ گرگائون وڃي رهيا آهن جيڪي شهر هنن لاءِ يورپ جي شهرن کان گهٽ ناهن. ساڳي وقت دهليءَ کي وڌيڪ Congested ٿيڻ کان بچايو ويو آهي.
    دهلي شهر وٽان لنگهندڙ هن ندي جمنا تي مٿين نوئيدا پل کان علاوه ٻيون به ڪيتريون ئي پليون آهن جيئن ته وزيرآباد پل جيڪا دهليءَ جي اتراهين حصي کي جمناجي ٻئي پاسي ٺهيل وزيرآباد روڊ سان ملائي ٿي جيڪو رستو اترپرديش جي شهر غازي آباد تائين هليو وڃي. دنيا جي مشهور ۽ پراڻي رستي گرانڊ ٽرند روڊ کي (جيڪو لاهور کان ڪلڪتي تائين هليو وڃي ٿو) جمنا نديءَ تان ISBT پل ملائي ٿي. هن پل جي ڀرسان ئي دهليءَ جي ميٽرو ريل جمنا ندي ڪراس ڪري ٿي. ان کان علاوه جمنا نديءَ مٿان وڪاس مارگ ۽ نظام الدين (اولياء) جي نالن سان ٻه پليون آهن.
    هتي ٻه اکر جمنا (Yamuna) نديءَ بابت لکڻ بي محل نه ٿيندو جنهن نديءَ جو نالو اسان ننڍي هوندي کان جاگرافي تاريخ جي ڪتابن ۾ پڙهون ٿا، ٻيو نه ته ڪيترين ڇوڪرين جا اهي نالا ٻڌا هونداسين جيڪي هندستان جي ٻن اهم ندين جمنا ۽ گنگا جا نالا آهن جيئن اسان وٽ سنڌ ۾ سنڌو آهي. ٻيو نه ته انهن ندين جا نالا انڊين فلمن ۾ ضرور ٻڌا هونداسين جن جو سنگم الهه آباد وٽ ٿئي ٿو ۽ جتي هندن جو وڏو ميلو کنڀ ميلو پڻ لڳي ٿو.
    جمنا ندي چوڏهن سؤ کن ڪلو ميٽر (860 کن ميل) ڊگهي ندي آهي، جيڪا اتر ۾ هماليه جبلن تان شروع ٿي هن شهر دهلي ۽ آگري وٽان ٿي الهه آباد ۾ گنگا نديءَ سان وڃيو ملي. گنگا وانگر هن نديءَ جي ڪپر تي به ڪيترائي مندر، مقبرا ۽ تاريخي شيون آهن جن مان تاج محل پڻ هڪ آهي. دهلي شهر مان وهندڙ اها ندي جنهن جو پاڻي ڪجهه ڪلاڪن بعد تاج محل وتان پيو لنگهي ان کي نه ڏسڻ بدسوڻي آهي. ان ڪري رڪشا وارو پهرين مون کي جمنا نديءَ جي ڪناري تي وٺي آيو جيئن آئون ڪجهه فوٽو ڪڍي سگهان، ڀر ۾ غفار ڪالوني ڇا اسان جي بزرگ سياستدان (ولي خان والد صاحب) نالي تي ته نه آهي؟ اڃا تائين ڪنهن کان پڇڻ جو موقعو نه مليو اٿم پر ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته انڊيا جو عوام توڙي حڪومت اسان جي غفار خان صاحب کي وڏي عزت جي نگاهه سان ڏسن ٿا ۽ کيس سرحدي گانڌي سڏين ٿا. مين روڊ تي لڳل ”غفار منزل ڪالوني“ جي بورڊ اڳيان بيهي فوٽو ڪڍايان ٿو. ان مين روڊ جو نالو محمد علي جوهر مارگ آهي، هر ملڪ ۾ روڊن جا انگريزي ۽ مڪاني ٻولين جا نالا ٿين ٿا جيئن اسان وٽ روڊ ۽ اسٽريٽ کان علاوه رستن لاءِ شاهراهه ۽ ڊفينس سوسائٽي جهڙن علائقن ۾ ته لين، بليوارڊ ۽ خيابان به استعال ٿئي ٿو، ملائيشيا ۽ ڀر وارن ملڪن ۾ ”جالان“ لفط استعمال ٿئي ٿو جيڪو ملئي لفظ آهي جنهن جي معنيٰ رستو آهي. تيئن هتي انڊيا جي شهرن ۾ وڏي ۽ ويڪري رستي کي مارگ چون ٿا، جيڪو شايد هندي، سنسڪرت يا ڪنهن ٻي زبان جو لفظ هجي. سو هن روڊ جو نالو جنهن تي جاميا مليه يونيورسٽي آهي محمد علي جوهر مارگ آهي، جيڪو مولانا محمد علي جوهر نالي آهي.
    آٽو رڪشا وارو روڊ تا ڦري ٻئي پاسي جاميا جي گيٽ وٽ اچي ٿو، سامهون مرزا غالب جي ڏه فوٽ کن ڊگهي اسٽيچيوجي چوڌاري ڪيترائي شاگرد ۽ شاگردياڻيون ڦري رهيون آهن، آئون ساڻن خبرچار ڪريان ٿو، هتي اچڻ کان اڳ مون سمجهيو ته هن يونيورسٽيءَ ۾ فقط مسلمان پڙهن ٿا پر سامهون ايندڙ پهرين ٽن ڇوڪرين کان معلوم ٿيو ته هنن ۾ ٻه هندو آهن ۽ هڪ سک آهي.
    ”انڊيا جو هي بهترين تعليمي ادارو آهي، جيڪو جيتوڻيڪ مسلمانن جي ڪوشش سان ٺهيو پر ملڪ جو هر شاگرد هندو توڙي عيسائي هن اداري مان تعليم حاصل ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪري ٿو.“ هي ڇوڪريون ٻڌائين ٿيون.
    ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هن تعليمي اداري جن حالتن ۾ جنم ورتو ۽ Survive ڪيو اها هڪ قابل داد ڳالهه آهي. هڪ ننڍي اسڪول مان ترقي ڪري هڪ اهڙي وڏي يونيورسٽي ٿيڻ جنهن تي هندستان کي ته ڇا دنيا جي سڀني مسلمانن کي فخر آهي. بقول سروجني نائيدو جي جيڪا هندستان جي بلبل سڏجي ٿي:
    Jamia Millia is a saga of dedication, conviction and vision of people who worked against all odds and saw it growing step by step. Thy built up the jamia Millia stone by stone and sacrifice by sacrifice.
    هي تعليم ادارو جاميه اسلاميه پهرين هڪ ننڍڙي اسڪول جي صورت ۾ علي ڳڙهه (اتر پرديش) ۾ 1920ع م، ٺهيو. ڪرچمند گانڌيءَ جي Quit India تحريڪ جنهن ۾ هن انگريزن کي انڊيا ڇڏڻ ۽ انڊيا جي ماڻهن کي انگريزن جي هر شيءِ کان بائيڪاٽ ڪرڻ جي سڏ تي علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽي جي ڪجهه ٽيچرن ۽ شاگردن علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽيءَ ۾ انگريزي نموني جي هلندڙ تعليم بدران پنهنجي نموني جو تعلمي ادارو کولڻ جو ارادو ڪيو. انهن ۾ چند ماڻهو هي هئا جيڪي اڳيان هلي ننڍي کند جون اهم شخصيتون ثابت ٿيون:
    مولانا محمود حسن، مولا محمد علي، حڪيم اجمن خان، ڊاڪٽر مختيار احمد انصاري، عبدالحميد خواجه وغيره وغيره.
    هن تعليمي اداري کولڻ ۾ گانڌيءَ به مسلمانن جي وڏي مدد ڪئي ۽ هڪ فائونڊيشن ڪميٽي 29 آڪٽوبر 1920ع ۾ ٺاهي وئي جنهن ۾ مٿين شخصيتن کان علاوه يوپي جا مولانا سليمان ندوي، مولانا شبير احمد عثماني، مولانا حسين احمد مدني ۽ چوڌري خليق زمان (جنهن جي نالي تي ڪراچيءَ ۾ تين تلوارن وٽ روڊ به آهي) پنجاب جو ڊاڪٽر سيف الدين ڪچليو ۽ ڊاڪٽر اقبال شاعر، بهار صوبي کان مولانا ابوالڪلام آزاد ۽ سنڌ بمبئي پاسي کان سيٺ عبدالله هارون (ڊان اخبار وارو) مولانا عبدالحق (باباءِ اردو) سيٺ ميان محمد حاجي جام ڇوٽاڻي وارا ۽ ٻيا چونڊيا ويا ۽ ان ئي ڏينهن جاميه مليه اسلاميه جي پيڙهه جو پٿر مولانا محمود حسن رکيو. مهيني کن بعد جاميه جي لاءِ پهريون چانسلر حڪيم اجمل کي چونڊيون ويو. وائيس چانسلر جي پوسٽ گانڌي صاحب ڊاڪٽر علامه اقبال صاحب کي آفر ڪئي پر هن جي قبول نه ڪرڻ تي مولانا محمد علي جوهر کي ڏني وئي.
    سال ٻن بعد انگريز حڪومت هندستان جي مسلمانن توڙي هندن تي سختيون شروع ڪري ڏنيو، ڪيترن نيشنلسٽ قسم جي شاگردن ۽ استادن کي جيل ۾ وڌو ويو. نيٺ 1925ع ۾ جاميه کي لکنؤ مان شفٽ ڪري دهليءَ جي ڪارول باغ علائقي ۾ آندو ويو. گانڌي هر وقت هن تعليمي اداري جو مورال مٿانهون ڪندو رهيو، هڪ هنڌ ته هن ايتري قدر چيو ته:
    The jamia has to run. If you are worried about its finances, I will go about with a begging bowl.
    حڪيم اجميل خان لاءِ چون ٿا ته هو ان مشڪل وقت ۾ پنهنجي کيسي مان جاميه جي خرچ جو وڏو حصو ڏيندو رهيو ۽ ڊاڪٽر ذاڪر حسين، ڊاڪٽر عابد حسين ۽ ڊاڪٽر محمد مجيب جهڙن پروفيسرن جن جرمني مان پي ايچ ڊي ڪئي هئي ۽ اتي ئي نوڪريءَ ۾ هئا، جرمني ڇڏي تقريبا مفت ۾ اچي جاميه ۾ نوڪري ڪئي. انهن نه فقط صبح جو پر شام جو به پڙهائڻ شروع ڪيو. شام جو هنن تعليم بالغان شروع ڪئي جيڪا اڳتي هلي 1938ع ۾ ”اداره تعليم وترقي“ جي نالي سان مشهور ٿيو.
    ڊاڪٽر ذاڪر حسين جي خدمتن جي اعتراف ۾ ته ويندي گانڌيءَ هڪ هنڌ چيو:
    The goodness of a good man is itself his true jubilee. Dr. Zakir Husain‘s great work itsef is his true greatness.
    مهاتما گانڌيءَ جو اهو قول جاميه جي هڪ در وٽ وڏي پٿر تي اڪريل نظر اچي ٿو. ڊاڪٽر ذاڪر حسين نالي جاميه ۾ يادگار ميوزيم به آهي. 1928ع ۾ حڪيم اجمل خان جي وفات بعد جمايه جو ٻي نمبر تي وائيس چانسلر ڊاڪٽر ذاڪر حسين ٿيو. جاميه کي هر وقت پئسي ڏوڪڙ جي کوٽ رهي ٿي ۽ شاگردن کي اهوئي خدشو رهيو ٿي ته بنا پگهار يا گهٽ پگهار تي ڪم ڪندڙ ٽيچر اڄ آهن پر سڀاڻي به رهندا يا نه. ان وڳوڙ مان ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ ڊاڪٽر ذاڪر پاڻ سان گڏ هڪ ٽيچرن جوگروپ ٺاهيو ۽ سڀني اهو واعدو ڪيو ۽ قسم کنيو ته اسان ايندڙ ويهه سالن تائين جاميه جي خدمت ڪندا رهنداسين ۽ ان جو اجورو مهيني ۾ فقط ڏيڍ سؤ روپيا وٺنداسين. ان گروپ جي ٽيچرن کي جامعيه جو لائيف ميمبر سڏيو ويو جن مان ڪجهه جا نالا هن ريت آهن:
    حافظ فياض احمد، جنا شفيق الرهمان ڪدوائي، مولانا محمد اسلم جيرا جپوري، پروفيسر مجبي، خواجه عبدالحئي وغيره.
    1935ع ۾ دهلي جي اوکلا علائقي ۾ هڪ اسڪول جي پيڙهه جو پٿر رکيو ويو. انهن ڏينهن ۾ اوکلا هڪ گمنام ڳوٺ هو جنهن جو نقشي ۾ به نالو نه هو. 1936ع ۾ جاميه جا سڀ ڊپارٽمينٽ ڪارول باغ کان اوڏانهن شفٽ ڪيا ويا.
    1939ع ۾ ڊاڪٽر ذاڪر حسين جي دعوت تي سنڌ کان مولانا عبيدالله سنڌي (ڄم جي تاريخ 1872ع، وفات 1944) جاميه ۾ اچي رهيو. هن جاميه ۾ بيت الحڪمہ نالي اسلامڪ اسٽڊيز جو اسڪول کوليو جتي هن شاهه ولي اللہ جي آئيڊلاجي جو سبق ڏنو.
    جاميه جي لئبريري هال ۾ هن جاميه جي سلور جوبلي جي هڪ تصوير لڳل آهي جيڪا 1946ع ۾ ٿي هئي. ان ۾ جاميه جو وائيس چانسلر ذاڪر حسين وچ ۾ بيٺو آهي. سندس هڪ پاسي محمد علي جناح ۽ لياقت علي خان آهن ته ٻئي پاسي پنڊٽ جواهر لعل نهرو، آصف علي ۽ سر راجا گولا پاچاري بيٺل آحن، هندستان جي آزاديءَ بعد ڊاڪٽر ذاڪر حسين انڊيا جو پريزيڊنٽ ٿيو ۽ پوءِ جاميه جي چانسر عبدالمجيد خواجه جي وفات بعد، 1963ع ۾ ڊاڪٽر ذاڪر حسين هن يونيورسٽي (جاميه مليه) جو چانسلر به ٿيو ۽ ان ئي سال جاميه کي يونويرسٽي گرانٽس ڪميشن طرفان يونيورسٽي جو درجو حاصل ٿيو.
    جاميه ۾ اچڻ وقت رستي تي ڪيترن هنڌن تي ملائيشا جي پرائيم منسٽر احمد بداوي جا پوسٽر ڏٺم جيڪي هن يونيورسٽيءَ ۾ اچڻ ۽ آنرري ڊاڪٽوريٽ ڊگري وٺڻ کان اڳ جا لڳل هئا، يونيورسٽي پهچڻ کان اڳ اهي پوسٽر ڏسي مون اهوئي سوچيو ته ملائيشيا جي وزيراعظم جي اچڻ ڪري هن يونيورسٽي (جاميه مليه اسلاميه) جي وڏي لئه ٿي وئي هوندي پر پوءِ جڏهن هن يونيورسٽي جي اڌ ميل کن ۾ ڊگهي عمارت، انجنيئرنگ، سائنس کان آرٽس جا انيڪ ڊپارٽمينٽ، ڊسپلينڊ شاگرد ۽ اعليٰ تعليم جا ماهر پروفيسر ڏٺم ته پوءِ اهو سوچيم ته ملائيشيا جي وزيراعظم بداويءَ جي هتي اچڻ ڪري هن يونيورسٽي جي نه پر بي اي پاس بداويءَ جي وڏي لئه ٿي وئي هوندي. 1986ع جڏهن هو وزير ٿيو هو ته مون هن کي پنهنجي مئرين انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ ملاڪا ۾ چيف گيسٽ ڪري گهرايو هو ته جيئن اسان جي اڪيڊمي جي لئه ويهي ۽ هو اسان جي اڪيڊمي جيڪا هن يونيورسٽي جي مقابلي ۾سمجهيو ته پوسٽ ڪارڊ تي ٽڪلي هئي، مان بيحد متاثر ٿيو هو، اڄ هو ملائيشيا جو وزيراعظم آهي.
    يونيورسٽي جي هڪ پروفيسر جن اهم ماڻهن جا نالا ٻڌايا جيڪي هتان گهمي ويا آهن انهن مان ڪجهه هي آهن: يوگوسلاويه جو ليڊر مارشل ٽيٽو، افغانستان جو بادشاهه ظاهر شاهه، سعودي عرب جو شهزادو فيصل، ايران جو شهنشاهه رضا شاهه پهلوي وغيره وغيره. يونيورسٽيءَ کان ٻاهر نڪتس ته ڊرائيور وڏي مرڪ سان منهنجو آڌرڀاءُ ڪيو يعني منهنجي گهڻي دير لڳائڻ ڪري هن کي جيڪو خوف هو ته آئون شايد ٻئي در کان ڀڄي ويس ۽ سندس ڀاڙو کائي ويس سو غلط ثابت ٿيو ۽ هن جا ٻڏل پئسا بچي ويا ۽ پوءِ يڪدم ٿورو ناراضگيءَ وارو چهرو ٺاهيائين يعني هر هنڌ مون هيڏي دير ڪئي ته هن جي رات ٿي ويندي. سگنل چٽو چپاٽو هو، سندس ويجهو پهچي چيومانس:
    ”ڏس تون پئسن جو فڪر نه ڪر مقرر ڪيل وقت کان وڌيڪ وقت جا توکي ٻيڻا ڪري پئسا ڏيندس.“
    ”نهين صاحب ميرا مطلب يه نهين هي، تصوير نکالون؟“
    ”جي ها ضرور.“ مون به خوش ٿيندي هائوڪار ڪئي جو مون کي هڪ ٻه تصويرون اڃا ڪڍائڻيون هيون، جاميه جي جنهن شاگرد يا شاگردياڻيءَ کي تصوير ڪڍڻ لاءِ ٿي چيم ته هن پهرين ڀري ڪتابن جي مون کان ٿي جهلرائي ۽ پوءِ ڪئميرا وٺي فوٽو ٿي ڪڍيا. بهرحال رڪشا ڊرائيور منهنجا فوٽو ڪڍڻ لڳو. هتي، هتي، هن در اڳيان، هن بورڊ اڳيان... ۽ پوءِ آهستي آهستي واڪ ڪندو اچي رڪشا ۾ ويٺس. هي رستو اهو آهي جنهن تي گذريل ستر سال، 1936ع کان وٺي خبر ناهي ڪهڙا ڪهڙا عالم، حاڪم، پروفيسر ۽ دانشور هليا ۽ انهن ۾ هڪ مولانا عبيدالله سنڌي پڻ! ۽ ان تان ياد آيو ته هن جاميه ۾ ٻين ملڪن کان به ڪيترائي وڏا تعليمي ماهر پڙهائڻ لاءِ آيا جيئن ته مصر جو بهاجت وهابي، ترڪيءَ جو مڊئم هالد اديب وغيره. مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي ڏينهن ۾ جرمني جي هڪ ليڊي پروفيسر گرڊا فلپسبون نالي پڻ هئي جنهن کي عام طور ”آپا جان“ سڏيندا هئا. هن ڪيترائي سال هن يونيورسٽيءَ ۾ پڙهايو کيس مرڻ بعد جاميه جي احاطي ۾ ئي دفن ڪيو ويو.
    هن جاميه جو نشان ٻن کجين جي وچ ۾ تارو (Star) آهي جنهن اندر الله اڪبر لکيل آهي ۽ هيٺ چنڊ جي هيٺان جاميه مليه اسلاميه دهلي لکيل آهي ۽ چنڊ جي مٿان ٺهيل ڪتاب تي قرآن جي آيت: علم الانسان مالم يعلم لکيل آهي. جاميه جو ترانو محمد خليق صديقيءَ جو لکيل آهي:
    ديا شوق ميرا ديا شوق ميرا
    شهر آرزو ميرا، شهر آرزو ميرا.... وغيره
    جاميه جو اڄڪلهه وائيس چانسلر پروفيسر مشيرالحسن آهي جيڪو 2004ع کان آهي ۽ ان کان اڳ چار سال کن سيد شاهد مهدي هو ۽ ان کان اڳ ليفٽيننٽ جنرل ايم اي ذڪي هو.
    آٽو رڪشا وارو هاڻ مون کي حضرت نظام الدين اولياء جي درگاهه تي وٺي هلڻ چاهيو ٿي جيڪا اتان ويجهي هئي. ”يار ٿورو تکو تکو هل.“ هاڻ مون کي جلدي ٿيڻ لڳي. ويچارو شريف ڊرائيور گهڻو ئي تکو هليو پر هڪ هن ٽرئفڪ جام ۾ ڦاسي پيو. ڪارون، بسيون، ٽئڪسيون، آٽو رڪشائون، سائيڪل ۽ موٽر سائيڪلن تي سوار هڪ ٻئي ۾ ڀجندا وياسين.
    ”ڇا ڳالهه آهي سنگنل بند آهي؟“ مون پڇيو.
    ”سر خبر ناهي.“
    ”ڪو حادثو ٿيو آهي.“
    ٽيڪسي ڊرائيور گهڻو ئي ڳاٽ ٻاهر ڪڍي پري پري تائين ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن کان ڊگهو آئون هوس مون کي ئي ڪجهه نظر نه پئي آيو. فقط گاڏيون ئي گاڏيون هيون. ڊرائيور گهڻو ئي پنهنجي رڪشا کي موڙي پڍيان موٽي ڪو ٻيو رستو اختيار ڪرڻ ٿي چاهيو پر سڀ گاڏيون ائين ته هڪ ٻئي ۾ ڦاٿيون پيون هيون جيئن ڪنهن مشين جون گيئرس. پٺيان ايندڙ گاڏين جي به ڊگهي قطار ٿي وئي. آخر ويهه پنجويهه منٽن جي ٻلي پير بعد چوراهو ڪراس ڪيوسين جتي نڌڻڪين ڍڳين جي چرڻ ڪري رستا بلاڪ ٿي ويا هئا، ڪراچيءَ ۾ ٽريفڪ جام ٿيندي آهي معنيٰ صوبي جي حاڪم ڊاڪٽر ارباب جي سواري پئي لنگهي يا ملڪ جي صدر مشرف جي. پر هتي ڍڳين جي ڪري ٽريفڪ جام ٿيو وڃي اسان جي پيٽارو جي پڙهيل ارباب رحيم ۽ سينٽ پئٽرڪ جي شاگرد کين پرويز مشرف کي ته اسان گهٽ وڌ به ڳالهائي سگهون ٿا ۽ نوڪرين تان لهڻ بعد ڏنڊا به هڻي سگهون ٿا پر ڪنهن کي آهي همت جو ڳئون ماتا کي ڏنڊا هڻي پري ڪي. دهلي جهڙي راجڌاڻي جي رستن تي روز ڪٿي نه ڪٿي ڪجهه نٺر، سست، بيمار، پوڙهيون ۽ ڪاهل ڍڳيون رستو بلاڪ ڪري ڇڏين. حڪومت توڙي عوام توڙي ٽرانسپورٽرن سورن ۾ پئجيو وڃن پر ڍڳين جو سائين ڪير نالو وٺي.
    ”پوءِ هنن ڍڳين جو تعداد ته روز وڌندو ويندو هوندو.“ مون هتي جي هڪ هندو رهاڪو کان پڇيو هو.
    ”ها، پر حڪومت لڪچوريءَ رات جي وقت انهن ڏٻرين ۽ بيمار ڍورن کي بارڊر پار ڪري ڇڏيندي آهي ته مسلمانن جي ملڪن ڏي هليون وڃن جتان وري ڪوبه نه موٽيو آهي.“ هن وراڻيو، خبر ناهي سچ يا ڪوڙ پر مون کي هن جو Sense of Humor پسند آيو جو هن ۾ ڪافي سچائي لڳي. هڪ اندين فلم يا شياد ڊرامو ڏٺو هوم جنهن ۾ ٻه دوست پنهنجي ٽين دوست مان پنهنجي جان ڇڏائڻ جو سوچي رهيا آهن جنهن هنن کي ڏڍاو تنگ ڪري رکيو هو. آخر ٻئي ان راءِ تي ٿا پهچن ته هن کي ڪنهن طريقي سان پاڪستان موڪلي ڏجي جتي روز بم ڌماڪا پيا ٿين، بسين ۽ گاڏين جا حادثا پيا ٿي، اغوام ۽ قتل پيا ٿين.... ڪٿي نه ڪٿي هو مري کپي ويندو.
    بهرحال ڍڳين جي ڳالهه تان ياد آيو ته ڍڳيون نه فقط ٽريفڪ جام ٿيون ڪن پر فوٽو گرافيءَ جو مزو به ڪڍيو ڇڏين. گذريل ٻن ٽن هفتن جا فوٽو ويٺو ڏسان ته ڪيترن فوٽن ۾ رول ڍڳيون اچي ويون آهن خاص ڪري تاريخي جاين اڳيان. هڪ ۾ ته مون پاڻ ڪنهن عمارت اڳيان بيهي فوٽو ڪڍايو آهي ته ڀر ۾ ڍڳي به اچي بيهي رهي آهي. بهيڻ وقت ته آئون اڪيلو هوس پر فوٽو ڪڍڻ واري جيسين ڪئميرا کي فوڪس ڪري بٽڻ کي دٻايو آهي تيسين خرامان خرامان ڪا ڍڳي به اچي مون سان گڏ بيٺي آهي.
    ”درگاهه تائين پهچڻ ۾ هاڻ باقي ٿورو پنڌ آهي.“ منهنجي پڇڻ تي ڊرائيور ٻڌايو. سنڌ هند بزرگن، درويشن، فقيرن، صوفين جي ڌرتي آهي جتي ڪيترائي اولياء، پير فقير زندگي بسر ڪري ويا جن ۾ گهڻا ئي وچ ايشيا، ايران، ترڪي افعانستان کان هتي آيا ۽ هن ڌرتي تي ئي زندگي گذاري ڇڏي. شاهه لطيف، سچل سرمست، قلندڙ شهباز، اڏيرو لعل جيان ڪيترائي بزرگ، اولياء هندستان جي ڌرتيءَ تي به رهيا جن جي اڄ تائين نه فقط مسلمان پر هن ديس جا هندو، سک ۽ ٻڌ به عزت ڪن ٿا. حضرت خواجه نظام الدين اولياء هندستان جو هڪ وڏو اولياء، درويش ۽ صوفي فقير ٿي گذريو آهي. جنهن جا هند سنڌ کان ٻاهر به معتقد آهن. هونءَ ته دهليءَ جو هي علائقو جتي حضرت نظام الدين اولياء جي درگاهه آهي اڄ کان ست اٺ سؤ سال اڳ غياث پور جي نالي سان مشهور هو پر هاڻ هن اولياء جي نالي سان سڏجي ٿو. ويندي ڀر واري پوليس اسٽيشن به هن اولياء جي نالي سان سڏجي ٿي. جنهن جي ويجهڙائي وارو ڊفينس سوسائٽي ڪراچي جهڙو علائقو نظام الدين ايسٽ ۽ نظام الدين ويسٽ سڏجي ٿو. پکيڙ توڙي آدمشماريءَ ۾ دهلي ڪراچيءَ کان گهڻو وڏو آهي ۽ جيئن ڪراچيءَ جون ٻه ريلور اسٽيشنون آهن ڪراچي صدر ۽ ڪراچي سٽي تيئن دهليءَ جون ٽي وڏيون اسٽيشنون آهن، نئين دهلي اسٽيشن، پراڻي دهلي اسٽيشن ۽ حضرت نظام الدين اولياء اسٽيشن. پهرين اسين دهلي جي ڪارول باغ علائقي ۾ رهياسين ٿي ته اتان نئين دهلي اسٽيشن ويجهي هئي ۽ هاڻ هتان ڪالڪاجي کان حضرت نظام الدين اسٽيشن ويجهي آهي. بهرحال منهنجو مطلب اهو آهي سڄي دنيا ۾ ڪيترائي بزرگ فقير آهن. ويندي دهليءَ ۾ ئي ڪيترن جون درگاهون ۽ مقبرا آهن پر هتي دهليءَ ۾ حضرت نظام الدين اولياء ايترو مشهور آهي جو هن جي نالي تي رود، پل بستيون ۽ ريلوي اسٽيشن آهي ۽ دهليءَ ۾ آيل هڪ نئين ماڻهوءَ کي به پهرين ڏينهن ئي خبر پئجيو وڃي ته هن اولياء جو مقبرو هتي آهي.
    نظام الدين اولياء جا وڏا بخارا جا آهن، سمرقنڌ، بخارا، تاشقند، فرغنا جتي بابر ڄائو، اشڪ آباد وغيره اهي شهر تاجڪستان، ازبڪستان، ترڪمنستان جهڙن ملڪن جا آهن جيڪي افغانستان کان مٿي اتر ۾ آهن ۽ گذريل صدي گڏيل روس (USSR) جون رياستون به ٿي رهيا. اسان وٽ سنڌ ۾ به ڪيترا عالم ۽ بزرگ مرزا قليچ بيگ کان قلندر شهباز تائين جي وڏن جو انهن ملڪن سان واسطو هو. اسان جا ڪيترا بزرگ اولياء پير انهن (وچ ايشيا جي) شهرن کان آيا. دين جي تعليم حاصل ڪيائون ۽ ماڻهن کي پيار محبت سان اسلام جو سبق ڏنائون، حضرت نظام الدين جو به ڏاڏو ”خواجه علي“ ۽ نانو ”خواجه عرب“ بخارا کان انڊيا آيا ۽ پهرين لاهور ۾ رهيا ان بعد بدايون ۾ اچي Settle ٿيا. بدايون دهلي شهر جي اتر ۾ آهي. خواجه عليءَ پنهنجي پٽ خواجه احمد جي شادي خواجه عرب جي ڌيءَ بيبي زليخا سان ڪرائي جنهن مان کين سال 1238ع ۾ بدايون شهر ۾ حضرت نطام الدين اولياء ڄائو. حضرت نظام جو پيءُ خواجه احمد بدايون شهر جو جج هو پر حضرت نظام اڃا پنجن سالن جو مس هو ته هو گذاري ويو، پٺيان هن هڪ پائي به نه ڇڏي هئي. حضرت نظام جو ننڍپڻ سخت غربت گذريو ۽ ان غربت ۽ ڏکين ڏينهن مان ئي هن روحاني سگهه حاصل ڪئي. جنهن ڏينهن گهر ۾ کائڻ لاءِ ڪجهه به نه هوندو هو ته سندن امڙ بيبي زليخا پنهنجي پٽ ۽ ڌيءَ کي چوندي هئي ته ”ٻچا اسان رب پاڪ جا مهمان آهيون.“ ۽ پوءِ ڪڏهن لڳاتار ڪيترا ڏينهن گهر ۾ کاڌو موجود هوندو ته ننڍڙو نظام پنهنجي ماءُ کان آهستي پڇندو هو ته امان اسان وري ڪڏهن رب پاڪ جا مهمان ٿينداسين.
    بيبي زليخا وڏي همت واري عورت هئي جيتوڻيڪ ننڍي عمر ۾ هن جو ساٿي هليو ويو ۽ هوءَ نه فقط اڪيلي رهجي وئي پر کيس پئسي ڏوڪڙ جي به تنگي هئي پر هن چاهيو ٿي ته هن جو پٽ نيڪ رهي، دين جو درس ۽ دنيا جو علم حاصل ڪري. هن نظام کي مدرسي ۾ داخل ڪيو جتي هن قرآن جي ستن ئي طريقن جي قرئت سکي. ان کان پوءِ عربي زبان ۽ ان جي گرامر پڙهائي ۽ پوءِ قرآن جي تفسير، حديث ۽ فقي (اسلامي قانون) ۾ هن کي ڀڙ ڪرايو. ٻارهن سالن جي ڄمار ۾ هن کي ”علم جي پڳ“ عطا ڪئي وئي. ديني علم سان گڏ هن انگي حسابن ۽ سائنس نجوم (Astronomy) جي پڻ تعليم ورتي. خواجه شمس الملڪ ۽ مولانا ڪمال دين سندس استادن مان هئا.
    حضرت نظام کي تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏ درويشن ۽ صوفين جي صحبت ۾ وهيڻ جو پڻ شوق هو جن مان هو تمام گهڻو متاثر رهيو ٿي. هڪ ڏينهن هڪ خانه بدوش قوال بدايون جي شهر ۾ آيو جنهن حضرت نظام الدين کي بابا فريد گنج شڪر ۽ هن جي اجوڌان واري خانقاه جي روحاني قسم جي ماحول بابت ٻڌايو. اجوڌان پاڪستان واري پنجاب جو شهر آهي ۽ هاڻ پاڪ تن سڏجي ٿو. بابا فريد جي نالي حضرت نطام الدين جي طيبعت ۾ عجيب لاڙو پيدا ٿيو. هن کي محسوس ٿيو ته هڪ ڏينهن اهڙو ضرور ايندو جڏهن هن کي بابا فريد جي قدمن ۾ ويهڻ جو شرف حاصل ٿيندو.
    بنيادي تعليم بدايون ۾ حاصل ڪرڻ بعد حضرت نظام الدين 18 سالن جي ڄمار ۾ پنهنجي ماءُ ۽ ڀيڻ سان گڏ دهلي لڏي آيو. دهلي انهن ڏينهن ۾ ترڪ سلطان جي خوبصورت گاديءَ وارو شهر هو. اهي سلان جن کي غلام گهراڻي جا بادشاهه سڏيو وڃي ٿو، جن جو پهريون بادشاهه قطب الدين ايبڪ هو جنهن 1206ع کان 1210ع تائين حڪومت ڪئي. پاڻ اصل ۾ غلام هو ۽ ترڪستان کان وقت جي حاڪم محمد غوريءَ وٽ پهتو هو. محمد غوريءَ کي پٽ نه هجڻ ڪري هن پنهنجي هن غلام قطب دين کي جيڪو ڏاهپ، انتظاميه ۽ جنگي معاملن ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو، تخت و تاج لاءِ چونڊيو. دهليءَ جو مشهور قطب مينار جنهن جو ذڪر ان کي ڏسڻ بعد اڳتي هلي ڪنداسين دهليءَ جي هن بادشاهه نالي آهي.
    قطب الدين جي مرڻ بعد ڪورٽ جي نوابن ۽ ڏاهن آرام شاهه کي تخت تي ويهاريو پر هن ڪو ٻوٽو نه ٻاريو ۽ کيس يڪدم لاهي پوءِ قطب الدين ناٺي جي التمش کي تخت تي ويهاريو جيڪو 1211ع کان 1236ع تائين دهليءَ جي تخت تي ويٺو. انهن ئي ڏينهن ۾ حضرت نطام الدين اولياء جو دهليءَ جي ڀر واري شهر بدايون ۾ 1238ع ۾ جنم ٿيو جڏهن التمش جي ڌيءَ رضيه سلطانه تخت تي هئي. رضيه سلطانه پهرين مسلمان عورت آهي جيڪا ملڪ جي حاڪم ٿي ۽ 1236ع کان 1240ع تائين دهليءَ تي تخت تي هئي. ۽ هاڻ جڏهن حضرت نطام الدين اولياء کان 18 ورهين جي ڄمار ۾ يعني 1256 ڌاري دهليءَ ۾ آيو ته رضيه سلطانه بعد سندس ڀاءُ نصرالدين محمود دهليءَ جي تخت تي هو جيڪو حضرت نظام الدين اولياء جي دهليءَ ۾ اچڻ بعد به ڏهه سال کن 1266ع تائين بادشاهه رهيو جنهن بعد ويهه سال کن غياث الدين بلبن دهليءَ جي تخت تي ويٺو. حضرت نظام جي عمر ماشاءَالله 86 سال رهي ۽ سندس سن 1324ع ۾ وفات تائين دهليءَ جي تخت تي خبر ناهي ڪيترا بادشاهه ويٺا. غياث الدين بلبن بعد سندس پٽ پرنس محمد تخت تي ويٺو ان بعد ٻئي پٽ جنهن جو نالو ڀڳڙو خان هو ان کي تخت جي آڇ ڪئي وئي پر هن هندستان جو بادشاهه ٿيڻ بدران بنگال يا ڪنهن ٻئي صوبي جو ئي گورنر ٿي رهڻ پسند ڪيو ۽ ان بعد ڀڳڙي جي پٽ ڪيقوياد کي 1287ع ۾ دهلي جي تخت تي ويهاريو ويو ۽ ڪجهه ٻين کي جيڪي گهڻو ڪري ڪي چند ڏينهن مس ويٺا جو کين بنهه افعال نه هو ۽ 1290ع تائين اهو سڄو گهراڻو ڪک پن ٿي ويو جنهن بعد دهليءَ جي حڪومت خلجي گهراڻي جي هٿ ۾ آئي جنهن جو پهرين بادشاهه جلال الدين خلجي 1290ع کان وٺي 1296ع تائين بادشاهه رهيو. ان بعد علاؤالدين خلجي تخت تي ويٺو جنهن جي ڏينهن ۾ حضرت نظام الدين اولياء جهڙن بزرگن ۽ سندس مريد، اردو ۽ فارسي جي شاعر امير خسرو جهڙن جو وڏو مان ڪيو ويو. علاؤالدين 1296ع کان 1320ع تائين سڌو سنئون يا اڻ سڌي طرح دهلي جي تخت تي رهيو، وچ ۾سندس پٽ مبارڪ ۽ شهاب الدين ۽ ٻيا هن جي آشيرواد سان تخت تي ويٺا، ان بعد هندستان جي حڪومت تغلق گهراڻي جي ور چڙهي جن هڪ سؤ کن ورهيه ڪم هلايو. پهريون بادشاهه غياث الدين تغلق پنج سال کن 1320ع کان 1325ع تائين حاڪم رهيو. جنهن جي ڏينهن ۾ حضرت نظام الدين اولياءَ سن 1324ع ۾ وفات ڪئي ۽ سال کن بعد 1325ع ۾ محمد بن تغلق دهليءَ جي تخت تي ويٺو.
    رستي تي ماڻهن کي گوڏين، شلوار قميصن، پنجامن، ڄار وارين ۽ قراقلي ٽوپنين ۾ ڏسي سمجهي ويس ته مسلمانن جي رهائش جو ڪو علائقو اچي ويو آهي ٿي سگهي ٿو اتي ئي نطام الدين اولياء جي درگاهه هجي. منهنجي ڳالهه صحيح نڪتي جو ان ئي وقت ڊرائيور اعلان ڪيو ”بس سر پهنچ گئي“ ۽ پوءِ مين روڊ تان سائيڊ روڊ تي آيو ۽ پوءِ سائيڊ روڊ تان برانچ روڊ تي، پاسن کان جايون جاين سان مليل، جاين مٿان ڦڏيون سڏيون ماڙيون ٺهيل جتي ڪٿي انڪروچ مينٽ ۽ برانچ روڊ تان کاٻي ساڄي ويندڙ گهٽيون، گهٽين مان گهٽيون ۽ وڌيڪ انڪروچ مينٽ ۽ وڌيڪ ماڻهو، مرد عورتون، زالون، ٻار، مڪاني، ٿيلهن ۽ هڙن سان گڏ پرديسي، وڏن دڪانن ۽ هوٽلن بعد هاڻ ننڍا ننڍا دڪان ۽ ننڍيون هوٽلون، هر دڪان ڪاٺ جي تختن ذريعي يا ڪنهن نموني سان رستي تي ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ۾، ويتر گهٽيون سوڙهيون ٿينديون ويون. تيئن تيئن عوام جي پيهه پيهان، ڄڻ گهٽين جا ٽوپا اڊوڙي ٻاهر نڪري ايندا. رڪشا وري منهنجي سهولت لاءِ رڪشا کي اڃا اڳتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جيئن درگاهه تائين باقي پنڌ مون کي گهٽ ڪرڻو پوي پر پوءِ هڪ سوڙهي چوراهي وٽ ڪتابن ۽ مٺائي واري دڪان اڳيان بيهي رهيو.
    ”سر! هاڻ توهان کي پنڌ وڃڻو پوندو.“ هن چيو.
    آئون ڪئميرا، ڪاپي پين ۽ پيئڻ جي پاڻيءَ جي بوتل کڻي هيٺ لٿس، ڀرسان هوٽل هئي جنهن جي اڳيان ٻن وڏين ديڳين ۾ ڪجهه رڌجي رهيو هو. انهن جي پويان بيٺل علاؤالدين جي جن جهڙي ٿلهي ۽ پٺن اگهاڙي بورچيءَ وڏو لوهي چمچو اهڙو زور سان ديڳ تي هنيو جو مون کان ڇرڪ نڪري ويو. هن منهنجو ئي ڌيان ڇڪائڻ چاهيو ٿي جو پوءِ يڪدم اهو چمچمو منهنجي منهن اڳيان ڪري زور سان چيو: ”فقيرن جي خيرات لاءِ ديڳ حاضر آهي.“
    مون کي ان بورچيءَ جي نه شڪل وڻي ۽ نه سندس اهو ڇرڪائي ڏوئيءَ جهڙو چممو منهنجي منهن اڳيان جهلي ڳالهائڻ جو انداز. آئون چڙ مان اکيون ڦاڙي هن کي گهورڻ لڳس ته هڪ ٻئي لنگهندڙ همراهه هڪ رسيدن جي بندي منهنجي اکين اڳيان لوڏي پڇيو ته ڪيترين غريبن جي لنگر جون پرچيون ڪٽيان.
    ”هي آهي ڇا! ائين Aggressive طريقي سان خيرات گهربو آهي.“ مون دل ئي دل ۾ سوچيو، هي ته ڄڻ گن پوائنٽ تي ڦر ڪرڻي ٿي.“
    مون پٺن اگهاڙي بورچيءَ کي ڇڏي هن نئين پيدا ٿيل فئنٽومس کي ڪاوڙ مان ڏٺو. بورچي وري ديڳ تي چمچو هڻي ٻين ايندڙن جي منهن ۾ ذري گهٽ هڻندي هنن جو ڌيان ڇڪائڻ لڳو. مون ٻنهي کي ڇڏي اڳتي وڌڻ کي ڪئي. پاجامن ۾ هندستان ۾ رهندڙ مسلمان، شلوار قميص ۾ پاڪستان جي پنجاب ۽ سرحد جا پنجابي ۽ پٺاڻ مسلمان، هندستان جي جمون ۽ ڪشمير جا مسلمان مرد توڙي عورتون وڏي عقيدت سان ان سوڙهي گهٽيءَ مان اچي وڃي رهيا هئا. آئون اڳتي وڌندو رهيس. ٿوري دير اڳ مين روڊ (Mathura Road) تان لنگهندي مون سوچيو به نه هو ته ساڄي پاسي دهليءَ جي هن قديم ترين بستي جنهن جو اصل نالو ڳوٺ غياث پور هو پر هاڻ درگاهه نظام الدين اولياء جي نالي سان سڏجي ٿي، ان ۾ ماڻهن ۽ دڪانن جي ايڏي پيهه پيهان هوندي.. فقيرن جا ميڙ، گهوڙيئرن (Street Vendors) ڳاهٽ، ٽوپيون وڪڻدڙ ٻار، تسبيحون ۽ قرآني آيتون وڪڻدڙ... پاسي کان ڪوابن ۽ پورين پڪوڙن جا ننڍڙا دڪان، گلن جا دڪان، مزار مٿان چاڙهڻ لاءِ پڙ وارن جا دڪان.. هر هڪ خريد ڪرڻ لاءِ زور ڀري رهيو آهي. هڪ گهٽيءَ ۾ مغلي هوٽل ”دستر خوان ڪريم“ ٿورو اڳيان غالب اڪيڊمي، ۽ پوءِ درگاهه جي جيئن ئي ويجهو پهچڻ ٿيو ته گل، مٺا، پتاشا، پڙ لاءِ چادرون وڪڻندڙن جا نه فقط انيڪ دڪان پر هر دڪاندار دڪان مان نڪري گلن جي پليٽ توهان جي نڪ اڳيان جهلي خريد ڪرڻ لاءِ زور ڀري رهيو آهي. گل ۽ چادر ته وٺي وڃو، ٻه ڏينهن اڳ برلا مندر ۽ ڪالڪا مندر ٻاهران ديوتائن ۽ ديوين جي مورتين مٿان چاڙهڻ لاءِ چادرون، گل ۽ پتاشا وڪامندي مون تعجب پئي کاڌو ته ڇا انهن مورتين کي سيءُ تو لڳي يا بک ٿي لڳي جو پوڄاري انهن لاءِ چادرون، گل ۽ پتاشا ٿا کنيون وڃن ۽ اڄ هڪ مسلمان اولياء جي ٻاهران اهي ساڳيون شيون ڏسي تٿجب ٿو لڳيم ۽ دڪاندار ڪيڏو داداگيريءَ سان عقيدت مندن کي اهي خريد ڪرڻ لاءِ مجبور ٿا ڪن. ڇا حضرت نظام الدين اولياء جي قبر کي انهن شين جي ضرورت آهي. ڇا اهي شيون آفر ڪرڻ بنا ڪو فاتح يا قل نٿو پڙهي سگهي. حضرت نظام الدين اولياء جن پاڻ ئي حيات هئا ته پاڻ ڪڏهن به مادي شين کي اهميت نه ڏنائون، پاڻ وٺڻ بدران هميشه ڏنائون.
    درگاهه ۾ اندر گهڙڻ سان چوڌاري ڏٽا مٽا مجاور ورايو وڃن جيڪي پاڻ کي هن درگاهه جا سجاده نشين ٿا سڏرائين يعني حضرت نظام الدين اولياء جو اولالد پر جيستائين مون کي خبر آهي ته شاهه لطيف وانگر حضرت نظام الدين کي به ڪو اولاد ناهي بلڪه هن ته شادي به نه ڪئي. درگاهه اندر حضرت نظام الدين اولياء ۽ سندس مريد ۽ شاگرد امير خسرو جا ڌار ڌار مقبرا آهن. آئون نظام الدين اولياء جي مقبري ڏي وڌان ٿو ته ڪجهه نوجوان مجاور مون کي ۽ ٻين کي جهلين ٿا.
    ”پهرين امير خسرو جي مقبري تي وڃجي ۽ پوءِ نظام الدين اولياءَ جي مقبري تي ”هو اسان کي Almost ڌڪي ٻئي طرف ڪن ٿا. هنن جي ڳالهائڻ جي انداز ۾ اها هوا آهي ته هو وڏا عالم آهن ڄڻ وڏي مذهبي ڳالهه پيا ٻڌائين ۽ اندر درگاهن ۾ اڃان به ٿلهي قسم جا صحتمند مجاور صاحب ويٺا ڪچهريون ڪن جيئن ئي ڪو عقيدت مند اندر گهڙي ٿو ته هن کان نذراني طور پئسا گهرن ٿا جنهن جو انداز پڻ سمجهو ته گن پوائنٽ وارو آهي. ”ماڻهو آهن ڇا!“ آئون دل ئي دل ۾ سوچيان ٿو. نه ڪم نه ڪار، ڏٽا مٽا پکا هلايو قبر اڳيان ٿڌڪار ۾ ويٺا ڪچهريون ڪن ماڻهن کان پئسا ۽ پڙ اوڳاڙين. ظهر نماز جو وقت آهي اٿي وڃي نماز پڙهڻ کپين پر ويٺا چڻا يا ڪو سڪل ميوو ڦڪين. ڇا اهو آهي اسلام. هڪ نئين ماڻهوءَ کي هن قسم جا ماڻهو ۽ ريتون رسمون ڪيڏو غلط Image ڏين ٿيون. ڪيترا ماڻهو خاص ڪري عورتون قبر تي هٿ لاهي منهن کي ملي رهيون هيون. هڪ ٻه ڄڻو ته قبر اڳيان سجدي ۾ ڪريل هو ۽ هي مجاور ڪهن کي به جهلين نه پيا ته هي گناهه جو ڪم آهي. ڏيڻ وارو داتا فقط هڪ رب آهي جنهن کان گهرڻ کپي. پر هي مجاور ته ان ڳالهه جي همت افزائي پيا ڪن جيئن هتي جي مندرن ۾ ٻاوا پيا ڪن ۽ جي اهوئي ڪجهه ڪرڻو آهي ته پوءِ هندن کي بت پرست ڇوٿا سڏيو. اها عظيم هستي جيڪا هتي دفن ٿيل آهي سا الله جي ڪلام، تفسير، حديث ۽ فقي جي ڄاڻو هئي هن ڪڏهن به پاڻ ائين نه ڪيو ۽ نه هن سوچيو هوندو ته سندس وفات بعد سندس قبر جي هن ريت پوڄا ٿيندي!
    امير خسرو جي مقبري سامهون هڪ وڏو ڪاٺ جو بند ٿيل در ”حجره قديم“ آهي جيڪو ڪڏهن صوفي فقيرن جي اچڻ ۽ قوالي جي پروگرام تي کوليو وڃي ٿو. هي قديمي ڪمرو تيرهن صديءَ جي آخر ۾ ٺراهيو ويو هو، هن ڪمري جي ٻاهرين ڀت تي اردو جي شاعر ڊاڪٽر علامه اقبال جو حضرت نظام الدين جي ساراهه ۾ چيل شعر لکيل آهي، حضرت نظام الدين اولياء ۽ امير خسر جي مقبرن جي وچ ۾ ٻه چار ٻيون به قبرون آهن جن مان هڪ شاهجهان جي ڌيءَ جهان آرا جي آهي ۽ هڪ محمد شاهه جي آهي.
    نظام الدين اولياء جي مقبري جي ٻاهران وڏو ورانڊو آهي جتي قوالي ٿيندي رهي ٿي جتي ان وقت ڪيترائي عقيدت مند ان وقت رحت وٺي رهيا هئا، اولهه طرف پڪين سرن جو جماعت خانو آهي جتي نماز پڙهي وڃي ٿي. اهو هال نظام الدين اولياءَ جي وفات کان ڪجهه سال پوءِ دهليءَ جي حاڪم فيروز شاهه تغلق ٺهرايو هو.
    هونءَ خانقاه هتي نه هو جتي هينئر هي مقبرو آهي، خانقاه جتي حضرت نظام اڌ صدي کان ماڻهن سان مليو، کين تعليم ڏني، جتي سوچ ۽ فڪر ڪيو جتي عبادت ڪئي اهو هن درگاهه کان ميل کن پري بينا نديءَ جي ڪناري تي آهي.
    بدايون کان دهلي لڏي اچڻ تي جيتوڻيڪ حضرت نظام الدين جي عالمن، پڙهيل لکيل ماڻهن ۾ وڏي عزت رهي پر حضرت نظام کي دلي طرح سڪون نٿي رهيو، آخر چار سال دهليءَ ۾ رهڻ بعد هو بابا فريد شڪر گنج جي ڳوٺ ويو ۽ هن جو مريد ٿي هن کان علم پرايو. 1265ع ۾ جڏهن بابا فريد گذاري ويو ته کين هن جو روحاني وارث بنايو ويو ۽ بابا فريد جو چوغو، عصا (لٺ) ۽ جانماز سندن (حضرت نظام الدين جي) حوالي ڪئي وئي.
    حضرت نظام الدين پهرين قطب مينار وٽ رهڻ لڳو پر پوءِ چون ٿا ته 1280ع ڌاري هن غيب مان آواز ٻڌ ته غياثپور وڃي رهه. ان تي عمل ڪندي هو ڪجهه عقيدتمندن کي پاڻ سان وٺي اچي غياثپور کان نڪتو جتي هن يمنا (جمنا) نديءَ جي ڪناري تي هڪ سادو خانقاهه ٺاهي اللہ جي عبادت ڪئي ۽ ماڻهن کي پيار محبت ۾ رهڻ، صبر ۽ انسان ذات جي خدمت ڪرڻ جو سبق ڏنو.
    آئون فاتح پڙهي ٻاهر نڪتس. درگاهه جي منهن وٽ ٻه معزز قداور برزگ مليا.
    ”ڪٿي جا آهيو؟“ مون کانئن انگريزيءَ ۾ پڇيو.
    ”اتان جا جتي جو هي بزرگ آهي. سمجهو؟“
    ”جي ها. بخارا جا.“ مون وراڻيومان.
    ”صحيح سمجهانو. پر هينئر افغانستان ۾ رهون ٿا ۽ هتي انڊيا اچڻ تي هيڏانهن به آيا آهيون.“ هن ٻڌايو ۽ مون ساڻن گڏ فوٽو ڪڍرايو، مون کي هنن جا پرسڪون چهرا ۽ پرسڪون ڳالهائڻ جو اسٽائيل ڏاڍو وڻيو.“
    ٻاهر نڪرڻ سان هڪ دفعو وري گوڙ گهمسان ۽ Aggressive Selling جي دنيا ۾ ماڻهو اچي ويو پر خوش نصيبي سان گلن، پتاشن ۽ پڙن (چادرن) وڪڻڻ وارا خاموش هئا فقط هوٽلن وارا لنگر جو چندو يا فقيرن کي کارائڻ جو چندو وٺي رهيا هئا. ها هڪ ٻن هنڌن تي قداور قسم جي Heavy Weight ٻڪرن سان بيٺل همراهن، لنگهڻ وقت، انهن ٻڪرن جو منهن منهنجي هٿن ۾ هڻي مون کي بيهاريو ٿي. هنن صدقي يا شايد عقيقي يا خيرات لاءِ ٻڪر ذبح ڪرڻ جون خدمتون سر انجام ڏيڻ چاهيون ٿي. هر هڪ جو اهو زور هو ته ٻڪر کي هڪ دفعو ته غور سان ڏسو ته ان جي قيمت جي مقابلي ۾ ڪيڏو اتم آهي پر منهنجيون نظرون ٻڪر بدران آٽو رڪشا ڊرائيور کي ڳولينديون رهيون جيڪو منهنجي دير ڪرڻ تي پڪ موڊ آف ۾ هوندو، پر جڏهن هو مليو ته هن خوش مزاجي جو ئي اظهار ڪيو، مون هن سان گڏ اتي هڪ ڇاپڙا هوٽل ۾ ويهي چانهه پيتي پوءِ هن کي اڳتي هلڻ لاءِ چيو.
    حضرت نظام الدين اولياء جي درگاهه جي ٻاهران ان ڇاپڙا هوٽل ۾ چانهه پيئڻ دوران اردوءَ جي رٽائرڊ اسڪول ٽيچر عبدالرشيد سان ملاقات ٿي. هو لکنؤ کان هتي دهلي ٻن ٽن ڏينهن لاءِ آيل هو. انگريزي ۽ اردو سان گڏ کيس فارسي به آئي ٿي.
    ”امير خسرو هڪ ئي وقت هوشيار دنيادار، باڪمال صوفي ۽ عظيم شاعر هو.“ هن ٻڌايو. ”هو سپاهي به هو ته ولي ڪامل به، شاعر به هو ته ماهر موسيقي به. عاشق به هو ته زنده دل به.“
    هن امير خسروءَ جي حضرت خواجه نظام الدين اولياء سان پهرين ملاقات جو ٻڌايو ته امير خسرو جڏهن اٺن سالن جو هو ته هن جي ماءُ کيس اولياء سان ملڻ لاءِ هن جي خانقاه ڏي موڪليو. خانقاه وٽ پهچي هو يڪدم اندر نه گهڙيو. هن نظام الدين اولياء کي آزمائڻ ٿي چاهيو سو در وٽ ويهي هن پنهنجي منهن هي سٽون ٺاهيون:
    Tu aan Shai ke ber aiwan-e qasrat
    Kabutar ger nasheenad, baaz gardead
    Ghareeb-e mustamand-e der aamed
    Be- yaayad and aroon, ya baaz gardad.
    (تون بادشاهه آهين جنهن جي محل جي در تي،
    هڪ ڪبوتر به باز ٿيو پوي.
    هڪ غريب مسافر تنهنجي در تي آيو آهي،
    ڇا هو اندر اچي، يا موٽي وڃي).
    چون ٿا ته ان گهڙيءَ خانقاه ۾ موجود حضرت نظام الدين پنهنجي خادم کي سڏ ڪري چيو ته ٻاهر وڃ ۽ در وٽ ويٺل همراهه کي هي شعر ٻڌاءِ:
    Be- yaayad andaroon mard-e haqeeqat
    Ke ba ma yek nafas hamraaz gardad
    Agar abla buvad aan mard-e naadan
    Azzan raah-e ke aamad baaz gardad.
    (او مرد حقيقت اندر هليو اچ
    جيئن تو منهنجو همرزا ٿي سگهين
    پر جي اندر اچڻ وارو همراهه بيوقوف (مرد نادان) آهي
    ته پوءِ هو جيئن آيو آهي تيئن موٽي وڃي).
    اهو ٻڌي خسروءَ کي پڪ ٿي ته هو صحيح جاءِ تي پهتو آهي.
    نظام اولياء خسروءَ جي ڳالهه ٿا ڪن ته هڪ ڏينهن هو صبح پهر يمنا نديءَ جي ڪناري تي ويهي پري کان ماڻهن کي يمنا نديءَ ۾ سنان ڪندي ۽ پوڄا ڪندي ڏسي رهيا هئا. نظام الدين اولياء امير خسروءَ جو انهن ڏي ڌيان ڇڪائي چيو:
    هر قوم راست راهي ديني وقبله گاهي
    (هر قوم جو پنهنجو دين آهي، جنهن قبلي ڏي هو منهن ڪن ٿا).
    اتفاق سان حضرت نظام الدين مٿي تي پنهني ٽوپي ٿوري ڦڏي ڪري رکي هئي جنهن ڏي امير خسروءَ اشارو ڪندي چيو:
    من قبله راست کردم برسمت کج کلاهي
    (مون پنهنجو قبلو ان ڦڏي ٽوپيءَ جي سنوت ۾ سڌو ڪيو آهي).
    ان ڇاپڙا هوٽل جي ڀت تي هنديءَ ۾ لکيل شعر هن ماستر صاحب پڙهي ٻڌايو ته اهو پڻ امير خسروءَ جو آهي:
    ”کهير پکائي جتن سي، چرخہ ديا جلا
    آيا کتا کها گيا تو بيڻهي ڊهول بجا.“
    1316ع ڌاري جڏهن هندستان تي خلجي گهراڻي جي حڪومت هئي ته هن گهراڻي جي وقت جي حاڪم سلطان مبارڪ شاهه حضرت نظام الدين اولياء کي چوائي موڪليو ته هو هر مهيني جي آخري ڏينهن تي هن سان ملڻ ايندو ڪري. نياپو آڻڻ واري کي اولياء ٻڌايو ته هي اسان فقيرن جي روايت جي خلاف آهي. مقرر ڏينهن اچڻ تي اولياء سان سندن ساٿين اندر اوريو ته بادشاهه جو چيو نه مڃڻ تي اسان لاءِ هاڃيڪار ثابت نه ٿي پوي.
    ”بادشاهه مون تي سوڀ حاصل ڪري نه سگهندو جو مون هينئر خواب ڏٺو آهي ته هڪ سڱن وارو جانور مون تي حملو ڪرڻ لاءِ وڌي رهيو آهي، هن جي ويجهو اچڻ تي مون هن کي سڱن کان جهلي اهڙو پٽ سان هنيو آهي جو هو مري ويو آهي.“
    ۽ پوءِ جڏهن ڏينهن پورو ٿي ويو ۽ مريد پريشانيءَ جي حالت ۾ بادشاهه طرفان ڪا مصيبت نازل ٿيڻ جو انتظار ڪري رهيا هئا ته کين اطلاع مليو ته خسرو خان نالي هڪ هندو مان نئين مسلمان ٿيل همراهه مبارڪ شاهه کي قتل ڪري ڇڏيو آهي.
    مبارڪ شاهه جي مرڻ بعد سندس ڀاءُ شهاب الدين ڪو سال اڌ لاءِ دهليءَ جي تخت تي ويٺو ان بعد اهو خسرو خان تخت تي ويٺو جنهن کي ان ئي سال غازي مَلڪ قتل ڪري پاڻ تخت تي ويٺو ۽ ان غازي ملڪ هندستان ۾ تغلق گهراڻي جو بنياد رکيو ۽ پنهنجو لقب غياث الدين تغلق رکيو. هن بادشاهه غياث الدين تغلق چاهيو ٿي ته هن جي دهليءَ جي دوري تي نڪرڻ کان اڳ حضرت نظام الدين اولياء غياثپور ڇڏي وڃي. اهو ٻڌي حضرت نظام الدين کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ چيو ”دهلي دور است“ (دهلي اڃا گهڻو پري آهي) ۽ پوءِ بادشاهه جي دهليءَ لاءِ نڪرڻ کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ غيا‎ث الدين تغلق جو تغلق آباد وارو محل هن مٿان ڪري پيو ۽ بادشاهه ان هيٺان دٻجي مري ويو.
    آٽو رڪشا وارو نظام الدين اولياء جي درگاهه واريون سوڙهيون گهٽيون اڪري مين روڊ تي پهتو، رستي تي نظام الدين اولياء واري علائقي ۾ جيڪو دهلي نمبر3 به سڏجي ٿو اوبيراءِ هوٽل جي سامهون هڪ قبرستان وٽ لهي فوٽو ڪڍرايم. مين گيٽ وٽ لڳل بورڊ تي لکيل آهي: ”مسجد ومدرسه حفظ القرآن.“
    رڪشا وارو اڳتي هلي ٿو. مين روڊ تان کاٻي پاسي مڙي پرانا قلعه روڊ ڏي وڃي ٿو، بورڊ تي هندي، انگريزي، اردو ۽ گرمکي اکرن ۾ ”پرانا قلعه“ روڊ جو نالو لکيل آهي، ٽرئفڪ ڪجهه دير ڳاڙهي سنگل اڳيان بيهي پوءِ وڌي ٿي آيئون ڊرائيور کي ترسائي تصور ڪڍان ٿو. ڀر ۾ هڪ ننڍڙي ڇوڪري ڪرتب ڏيکاري، ڳاڙهي سنگل ڪري بيٺل گاڏين وارن کان، خيرات گهري ٿي. خيرات ته نه پر ڪرتب ڏيکاري وندرائڻ جو اجورو ڇو جو توهان کي تعجب لڳندو ته انڊيا ۾ پنڻ تي بندش وڌي وئي آهي. بندش ته اسان وٽ به آهي پر ان قانون تي عمل ۽ سختي نٿي ڪئي وڃي پر هتي جا ماڻهو اسان جي ماڻهن کان وڌيڪ قانون جي پوئواري ڪن ٿا ۽ پوليس جهڙن ادارن کان ڊڄن ٿا. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪٿي ڪٿي لڪ چوريءَ ڪو پنندو به رهي ٿو پر کلي عام نه. اهڙي ئي هڪ فقير کي مون شروع وارن ڏينهن ۾ خيرات ڏنو ته مون کي يڪدم ٻين واٽهڙن خبردار ڪيو ته هتي دهليءَ توڙي انڊيا جي ٻين شهرن ۾ پنڻ ڏوهه آهي ۽ پنڻ واري سان گڏ خيرات ڏيندڙ لاءِ به سزا ۽ پنج سؤ روپيا ڏنڊ آهي ۽ پوءِ ته ان بابت چتاءُ جا ڪيترائي اشتهار دهليءَ جي مختلف رستن تي نظر آيا. بهرحال هاڻ هتي جا فقير سنئون سڌو پنڻ بدران ڪا شيءِ وڪڻندا نظر اچن ٿا يا مين روڊ جي چوراهن تي مختلف ڪرتب ڪري ڏسندڙن کان پئسا پنن ٿا. هونءَ ان قسم جا کيل تماشا يا ننڍڙين اسٽيجن تي مزاحيه يا ڌرمي ڊراما پڻ گهٽين گهوٽين ۾ ٿيندي نظر اچن ٿا.
    رڪشا وارو مون کي دهليءَ جو مشهور لال قلعو ڏيکارڻ لاءِ هلي رهيو هو. کاٻي پاسي ويندڙ رستو جنهن قلعي ڏي ويو ٿي اهو پراڻو قلعو سڏجي ٿو. پراڻو قلعو (Old Fort) تاريخ جي ٻن بادشاهن همايون ۽ شيرشاهه سوريءَ سورهين صديءَ جي پهرين اڌ (1535ع کان 1545ع) ۾ ٺهرايو. مغل شهنشاهه اڪبر جي حڪومت ۾ سندس ڪورٽ جي هڪ رتن ابوالفضل ”عين الاڪبري“ نالي ڪتاب لکيو. سورهين صديءَ جي هن جهوني ڪتاب ۾ ابوالفضل لکيو آهي ته جنهن هنڌ تي همايون هي قلعو (پراڻو قلعو) ٺهرايو اهو هندستان جي هڪ جهوني شهر اندرا پراسٿا جي Location آهي اندرا پراسٿا (Indraprastha) هندو ڌرم جي مشهور ڪهاڻي مهاڀارت جي هيرو پانڊوون جي گاديءَ جو هنڌ هو. دراصل 19 هين صديءَ جي آخر تائين هن قلعي اندر اندراپت نالي هڪ ڳوٺڙو هوندو هو جنهن جو نالو اندارا پراسٿا سان ملي ٿو. بهرحال ان جي اڄ تائين پڪ نه ٿي سگهي آهي ته عين الاڪبري ڪتاب موجب اهو جهونو شهر واقعي هتي هو يا نه جنهن جو مهاڀارت ڌرمي ڪتاب موجب اڄ کان ٽي هزار سال اڳ هن ڌرتيءَ تي وجو هو.
    هن پراڻي قلعي ۾ جيڪو هن وقت ڪافي ڊٺل حالت ۾ آهي، اندر داخل ٿيڻ لاءِ ٽي دروازا آهن جن جا نالا هن ريت آهن: همايون دروازو، تلاڪي دروازو ۽ بڙا (وڏو) دروازو. قلعي اندر 1541ع جي شير شاهه جي ٺهيل مسجد آرڪيٽيڪٽ جو ماسٽر پيس آهي. ان جي اولهه واري اندرين ڀت ۾ اڇي ۽ ڪاري سنگ مرمر پٿر جا ڪمان وارا کليل در آهن. مسجد اندر هڪ وڏي پٿر جي سلئب تي جيڪي فارسيءَ ۾ سٽون لکيل آهن انهن جي مون واري گائيڊ هن ريت Translation ڪئي:
    As long as there are people on this earth, may this edrfice be frequented and people be sheerful and happy in ii.
    ان گائيڊ سان، جڏهن ٻه چار ڏينهن اڳ هي پراڻو قلعو ڏسڻ آيو هوس ته هن، اٺ ڪنڊي مناري ڏي اشارو ڪري ٻڌايو هو ته ان مناري تان همايون جو پير ترڪي ويو هو ۽ ڌڪي کائڻ تي هن جو موت ٿيو. ان ڏينهن جيڪو رڪشا ڊرائيور هو سو پڙهيل ڳڙيهل ضرو هو پر هن جون مغلن جي هن بادشاهه همايون تي وڏيون خارون هيون جنهن کان هن افغان بادشاهه شير شاهه سوريءَ 1540ع ۾ سوڀ کٽي ۽ همايون کي ملڪ بدر ڪري ڇڏيو.
    ”سر تاريخ نويسن جي ڳالهين تي گهڻو نه لڳجو.“ ان ڊرائيور هي پراڻو قلعو گهمڻ وقت مون کي ائين چيو ڄڻ ڪا راز جي ڳالهه ٿو ٻڌائي ”سر! همايون بيوقوف کان شيرشاهه سوري سچ ته سٺو ماڻهو هو. بس شيرشاهه سوريءَ جي فقط اها غلطي هئي جو هو ڀلوڙ پٽ پيدا ڪري نه سگهيو، هي قلعو شيرشاهه ئي ٺهرايو هو ۽ پوءِ جڏهن همايونءَ شيرشاهه جي مرڻ بعد سندس ڇسي پٽ کان پنهنجي حڪومت واپس کسي ورتي ته هو پنهنجي لاءِ ڪو ٻيو محل محلات ٺاهڻ بدران شيرشاهه جي ٺهيل هن قلعي ۾ رهي پيو. همايونءَ اها ٻي وڏي غلطي ڪئي جو هو بنهه سست ۽ ڪاهل ماڻهو هو. سر! سوچڻ جي ڳالهه آهي ته همايونءَ جهڙو هٽو ڪٽو ماڻهو ڏاڪڻ تان ڪري پوي! هو ڪو اهڙو ڪمزور يا پوڙهو ته نه هو؟“
    ”پوءِ ڀلا تنهنجو ڇا خيال آهي؟“ مون پڇيومانس.
    ”سر هن کي نشو پياريو ويو هو، بلڪه هو Drunk هو، آئون توهان کي سچ ٿو ٻڌايان همايون Drug Addicted هو. ۽ پوءِ شير شاهه کڻي هن کي ڌڪو ڏنو....“
    ”شير شاهه!؟“ مون سندس ڳالهه کي اڌ ۾ ڪٽيندي چيو، ”شيرشاهه ته ان وقت تائين مري چڪو هو تڏهن ته همايونءَ هن جي ڪاهل پٽ کان دهليءَ جي گادي واپس کسي ورتي.“
    ”سر منهنجو مطلب شيرشاهه جي Ghost (روح) سان آهي. جيڪو ان قلعي ۾ موجود هو. همايون دماغ ۾ ڀريل ڪيميڪل (نشي) جي زور تي سيٽيون وڄائي ڳائي رهيو هو ته شيرشاهه جي روح کڻي هيٺ ڌڪو ڏنس. ڌڙام! بدلو وٺي ڇڏيائينس.“
    واهه جي ٿيوري ٻڌائين.... مون دل ئي دل ۾ سوچيو. ڪاش اڄ ڊاڪٽر مبارڪ جهڙو ڪو تاريخ دان مون سان گڏ هجي ها! آئون ته رڳو جهازن ۽ انهن جي انجڻين بابت ئي بحث ڪري سگهان ٿو.
    بهرحال اڄ جو ماٺيڻو ڊرائيور هن وقت دهليءَ جي جاميه ۽ حضرت نظام الدين اولياء جي درگاهه ڏيکارڻ بعد مون کي لال قلعو Red Rort ڏيکارڻ لاءِ نيتا جي سڀاش مارگ روڊ تي وٺيو پئي هليو جنهن روڊ جي ٻئي پاسي دهليءَ جي مشهور جامع مسجد آهي. ٿورو کاٻي پاسي هتي جو مشحور چاندني چوڪ ۽ فتح پوري مسجد پڻ آهي.
    هونءَ ته ڏٺو وڃي ته تاريخ کان اڻ واقف ماڻهوءَ لاءِ دهليءَ جو شهر ڌوڙ، دونهون، ماڻهن جي پيهه پيهان، گرمي ۽ مکيون ۽ مڇر آهن، پر تاريخ جي لحاظ کان ڏسجي ته دهليءَ جي شهر جي ڇا ته اهميت آهي. هڪ يا ٻه بادشاهه نه پر گهراڻن جا گهراڻا هن شهر دهليءَ ۾ رهيا ۽ هند سنڌ تي حڪومت ڪئي. مسجدون ۽ مندر ٺهرايا. قلعا ۽ باغ باغيچا ٺهرا. دهليءَ جي شهر ۾ توهان کي قدم قدم تي تاريخ نظر ايندي. دهليءَ جو شهر جتي ماڊرن آهي اتي قديمي به آهي. هتي دهليءَ ۾ اچي اهو سوچيندو رهان ٿو ته دنيا جو ٻيو ڪهڙو اهڙو شهر آهي جتي صدين تائين بادشاهت جا سلسلا رهيا. نظام الدين اولياء ۽ امير خسرو جهرا بزرگ ۽ شاعر رهيا، نادر شاهه ۽ منگولن جهڙا ڊاڪو ۽ ڌاڙيل آيا ۽ جيڪو شهر اڄ به اسڪولن ڪاليجن، يونيورسٽين اسپتالن، مندرن، مسجدن ۽ ٽڪاڻن کان مشهور آهي. دهلي اهو گاديءَ جو هنڌ آهي جتي هڪ گهراڻي يا قوم جي حاڪمن نه پر منگولن، مغلن، ترڪن، افغانن ويندي انگريزن حڪومت ڪئي. دهليءَ جي مقابلي ۾ دنيا جي ڪيترن شهرن کي ڀيٽ ۾ رکان ٿو... ٽوڪيو، سنگاپور، ڪوالالمپور، پينانگ، ڪراچي، عدن، ڪولمبو.... اهي سڀ شهر ته دهليءَ جي اڳيان ٻار لڳن ٿا پر لنڊن، سمرقنڌ، بخارا، تهران، قاهره جهڙا شهر به ايترو تاريخي Charm نٿا رکن جيترو دهليءَ جو اتاهون مان آهي. رڪشا مختلف روڊن تان ٿيندي اچي لال قلعي جي اڳيان بيٺي آهي. چوڌاري شهر جي عام بسين ۽ ٽوئرسٽ بسين جا ڳاهٽ آهن ۽ انهن کي چوڌاري وڪوڙي بيٺل آٽو رڪشائون، سائيڪل رڪشائون، ٽيڪسيون، موٽر سائيڪلون، سائيڪلون ۽ پرائيويٽ ڪارون آهن. فوٽ پاٿ مختلف شين وڪڻندڙن سان ڦاٽن ٿا. قلعي وٽ بيٺل پوليس ڪنهن به گاڏي يا سائيڪل واري کي قلعي جي ويجهو بيهڻ کان منع ڪري ٿي ان ڪري هن قلعي جو خوبصورت نظارو پري پري تائين چٽو نظر اچي ٿو. اها هڪ اهڙي ڳالهه آهي جنهن تي ملائيشيا، سنگاپور، انگلينڊ ۽ ٻيا ملڪ به عمل ڪن ٿا ان ڪري اتي جون تواريخي جايون اڃا تائين سهڻي انداز ۾ نظر اچن ٿيون ۽ اهي حيدرآباد جو قلعو يا موهن جو دڙو نه ٿينديون وڃن.
    ويجهڙائيءَ کان هندستان ٻن قانونن تي تمام سختيءَ سان عمل ڪري رهيو آهي، هڪ ته حڪومت طرفان هر ان وڏي عمارت ٺهرائڻ تي بندش وڌي وئي آهي ۽ بنا اجازت اڏجندڙ هر ان عمارت کي ڊهرايو پيو وڃي جيڪا ڪنهن تاريخي مقبري، مندر، مسجد کي آڏ ٿي ٿئي. ان سان گڏ رستن تي انگ اگهاڙا پوسٽر لڳائڻ تي به سختي ڪئي پئي وڃي. هنن ئي ڏينهن ۾ اسرائيل جي يهودي جماعت به ان ڳالهه تي سختي ڪئي آهي ۽ ڪيتريون بين الاقوامي ڪمپنيون جن جا لکين روپين جا اشتهاري پوسٽر Bill Board اڳهين لڳل آهن سي انهن کي لاهڻ بدران انهن ۾ ڏيکاريل اگهاڙين عورن کي پينٽ (رنگ) ذريعي يا ڪپڙن ذريعي ڍڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن.
    منهنجي خيال ۾ دهليءَ جو لال قلعو هڪ اهڙي عمارت آهي جنهن کان هڪ تاريخ جو اڻ واقف به متاثر ٿئي ٿو. ڇاته اتاهون خوبصورت ۽ وڏو قلعو آهي. نه فقط تن ڏينهن جي حساب کان جڏهن ٺهيو هو پر اڄ جي حساب سان به جڏهن عمارت سازيءَ جي ڪم لاءِ ڪيتريون ئي ماڊرن مشينون نڪري پيون آهن ڪيترائي Constructional Material ايجاد ٿي چڪا آهن. لال قلعو سونهن ۽ سوڀيا جي نشاني آهي.
    ڳاڙهي پٿر ۽ سرن جو هي اتاهين. ڀتين، برجن، درين، منارن وارو قلعو پئرا ميٽر ۾ ٻن ميلن کان به وڏو آهي. جنهن جون ڀتيون يمنا نديءَ واري پاسي کان 18 ميٽر (يعني 40 کن فوٽ اٺ کن ماڻهو هڪ ٻئي جي ڪلهن تي بيهن ته پوءِ ان تي رسن) ۽ شهر واري پاسي کان جتان اسين ڏسڻ وارا داخل ٿيون ٿا، اڃا به اتاهيون. اٽڪل 33 ميٽر آهن. هي قلعو (لال قلعو) مغل شهنشاهه 1638ع ۾ ٺهرايو ۽ ڏهن سالن ۾ (1648ع ۾) ٺهي راس ٿيو. همايون ۽ سندس پيءُ بابر جي ڏينهن ۾ ته گاديءَ جو هنڌ دهلي هو پر پوءِ اڪبر بعد مغل بادشاهن آگري شهر کي وڌيڪ Prefer ڪيو. ان بعد شاهجهان پنهنجي تخت کي دهليءَ ۾ آڻڻ چايهو جنهن لاءِ هن نئون شهر شاهجان آباد ٻڌرايو جتي هي قلعو به ٺهرايو. دهليءَ جي آسپاس وارا هي سڀ شهر غياث پور کان (جتي حضرت نظام الدين اولياء خانقاه ٺاهيو ۽ درگاهه آهي) کان وٺي هي شاهجهان آباد ملي هڪ شهر ٿي پيو آهي نه ته هي سڀ بستيون هڪ ٻئي کان ائين پري هيون جيئن ڪراچيءَ ۾ ماريپور، کارادر، ڪياماڙي، لالو کيت (لياقت آباد) ميمڻ ڳوٺ، ملير، لانڍي وغيره. جيڪي اسان جي ننڍپڻ ۾ به الگ الگ ڳوٺن جي صورت ۾ هئا.
    شاهجهان بادشاهه جو هي شهر شاهجهان آباد جنهن ۾ سمجهو ته هي لال قلعو ۽ جامع مسجد جهڙيون شيون اچي وڃن ٿيون اڄ پراڻي دهلي جو حصو سڏجي ٿو. شاهجهان هن قلعي تي وڏو خرچ ڪيو ۽ قلعي اندر مسجدون (موتي مسجد) عام ۽ خاص ماڻهن سان ملاقاتن لاءِ ديوان عام، ديوان خاص، نقار خانو، جيڪو نوبت خانو به سڏجي ٿو. تهه خانا ۽ خوبصورت محلات ٺهرايو. ان وقت يمنا ندي بلڪل قلعي وٽان لنگهي ٿي جنهن مان ڪئنال قلعي اندر آيا ٿي. قلعي اندر ٺهيل ٻين محلاتن جا اهڃاڻ اڄ به ممتاز محل، رنگ محل، خاص محل، ديوان خاص، حمام ۽ شاهه برج جي صورت ۾ موجود آهن. شاهه برج وٽان جيڪو پاڻيءَ جو ڪئنال نڪري محلن وٽان لنگهيو ٿي ان کي نهر بهشت (جنت جي نهر) سڏيو ويو ٿي.
    اڄ به هن قلعي اندر ڇا بهاري ۽ سڪون آهي. قلعي ۾ اندر اچڻ کان اڳ ٻاهر گاڏين لارين جو گوڙ گهمسان ۽ ماڻهن جو هل هنگامو پر قلعي ۾ اندر اچڻ بعد لڳي ٿو ته اهو سڀ ڪجهه لائيٽ Years ڏور هليو ويو. قلعي اندر عمارتون، محل محلاتون، انهن جون ڀتيون، ڀتين تي ٿيل رنگين چٽسالي ۽ ڪاٺ جي درن توڙي پٿرن جي محرابن تي ٿيل گل گلڪاريءَ جو ڪم موهيو رکي ۽ اهڙي هڪ پٿرائين محراب جي هيٺان ڪنهن ڪاليج يا يونيورسٽيءَ جو شاگرد ۽ شاگردياڻي آهستي آهستي چپن ۾ ڀڻڪي رهيا آهن. ڪتاب ۽ ڪاپيون سندن هٿن ۾ آهن. اڄ ئي آئون اهو سوچي رهيو هوس ته دهليءَ جي هن گوڙ شور ۾ خبر ناهي پريمي مٺا ٻول هڪ ٻئي کي ڪيئن ٻڌائي سگهندا هوندا. ٺهيو هاڻ خبر پئي ته مغلن هي محلاتون ۽ باغ باغيچا نه فقط پنهنجي سک لاءِ ٺهرايا پر ايندڙ نسلن جي پريمين جي Communication)) لاءِ پڻ ڇڏي ويا آهن. آئون سندن ويجهو وڃي بيهان ٿو پر هنن کي ڪو هوش ناهي پنهنجيءَ ۾ غرق آهن تان جو آئون سندن تصوير ڪڍي کين ٻڌايان ٿو ته مون هي خوبصورت محراب جي نه پر توهان جي تصوير ڪڍي آهي.
    ”اوه سر! توهان اجايو پنهنجو فوٽو ضايع ڪيو، اسان ۾ ڪهڙي سونهن، سونهن ته هنن عمارتن ۾ آهي.“ ڇوڪر چيو.
    ”پر منهنجي خيال ۾ توهان جي موجودگيءَ ۾ هنن ۾ وڌيڪ سوڀيا اچيو وڃي.“ مون وراڻيو مان.
    شاهجهان بادشاهه هيڏو خرچ ڪري پنهنجي بچاءَ لاءِ هي شاهي قلعو ۽ سڪون سان رهڻ لاءِ هي خوبصورت محل ٺهرايا پر افسوس جو هن کي ٻئي نصيب نه ٿي سگهيا. هو آگري مان هتي پنهنجي نالي ٻڌرايل ڳوٺ جي هن قلعي ۾ پوري طرح اڃا شفٽ به نه ٿيو ته سندس پٽ اورنگزيب کيس تخت تان لاهي اوڏانهن آگري واري قلعي ۾ قيد ڪري رکيو ان بعد اورنگزيب هندستان جو بادشاهه ٿيو ۽ دهليءَ جي هن لالا قلعي ۾ اچي رهيو. دهليءَ مان حڪومت ڪرڻ وارن مغل بادشاهن مان اورنگزيب پهريون ۽ آخري مشهور حاڪم ٿي رهيو.
    قلعي اندر ٺهيل ديوان خاص جيڪو اڇي رنگ جي پٿر جو ٺهيل آهي اڄ به هتي جي شان شوڪت جي شاهدي ڏئي ٿو. جتي وقت جو حاڪم خاص ماڻهن سان ميٽنگون ڪندو هو. هال جي وچ ۾ زبردست قسم جو تخت جيڪو ”مور تخت“ (Peacock Throne) جي نالي سان مشهور ٿيو، رکيل هو. هي سڄو سون جو ٺهيل هو جنهن جي پويان مور ٺهيل هئا. تخت ۾ لڳل انيڪ قيمتي رنگين هيرن جي روشني ماڻهن کي مدهوش ڪندي هئي. اڄ اهو تخت غائب آهي جو 1739ع ۾ نادر شاهه جيڪا دهليءَ جي ڀينگ ڪئي ان ۾ هي تخت به ايران کڻائي ويو. ان بعد 1760ع ۾ هن هال (ديوان خاص) جي نج چانديءَ مان ٺهيل ڇت ڪڍي ويا سو اڄ فقط ان جاه جلوي ۽ مال ملڪيت جو هڪ هئڊو پاڇو وڃي رهيو آهي. البته ڀتين تي تن ڏينهن جي مشهور شاعر فردوسيءَ جو اڪريل فارسي شعر اڄ به موجود آهي، جنهن جي معنيٰ ڪجهه هن ريت آهي ته:
    جيڪڏهن هن ڌرتيءَ تي ڪو بهشت آهي
    ته اهو هي آهي، اهو هي آهي، اهو هي آهي.
    قلعي اندر هڪ ننڍڙي مسجد پٿرن جي ٺهيل ”موتي مسجد“ نالي پڻ آهي. هي ڍڪيل مسجد 1659ع ۾ اورنگزيب پنهني ذاتي عبادت لاءِ ٺهرائي هئي.
    شام جي وقت هن قلعي ۾ کلي ميدان تي ”سائونڊ ۽ لائيٽن“ جو شو پڻ ٿئي ٿو جنهن ۾ انڊيا جي تاريخ ٻڌائي وڃي ٿي. ههڙا Sound & Light شو دنيا جي ٻين به ڪيترن ئي شهرن ۾ ٿين ٿا. هي دهليءَ وارو به ڏسڻ وٽان آهي پر بهتر اهو آهي ته هٿن، پيرن ۽ ڪنڌ تي مڇرن کي ڀڄائڻ جي Mospel جهڙي دوا مکي اچجي نه ته مڇر پٽيو وڃن.
    دهليءَ جي لال قلعي ۽ ان جي ٺهرائيندڙ شاهجان جي ڳالهه ڪرڻ وقت اهو لکڻ بي محل نه ٿيندو ته ٺٽي جي 93 گنذن ۽ 33 محرابن واري مسجد به هن ئي مغل شهنشاهه شاهجان ٺهرائي هئي ان ڪري سندس نالو ”شاهجهان مسجد“ آهي. ٺٽي جي هيءَ ”شاهجهان مسجد“ سن 1647ع ۾ هندستان جي حاڪم شاهه جهان جي حڪم سان مير عبدالله ٺهرائي.
    مغل شهنشاهه شاهجهان هن ٺٽي واري مسجد کان علاوه ٻيون به ڪيتريون ئي مسجدون ٺهرايون جيڪي، Architect جي خيال کان اڄ به اهم آهن ۽ پسند ڪيون وڃن ٿيون. لاهو، آگرا اجمير به شاهجهان جي ٺهرايل مسجدن کان مشهور آهن. سڀ کان وڏي ۽ خوبصورت دهليءَ جي جامع مسجد آهي. جيڪا لال قلعي کان ميل کن جي پنڌ تي آهي.
    ”ڏس هيستائين لال قلعي تائين ته پهچي ويا آهيون.“ مون گهر ڏي واپس موٽڻ وقت رڪشا ڊرائيور کي چيو، ”هاڻ سامهون ته جامع مسجد آهي. ان لاءِ سڀاڻي وري هن پاسي اچان ان کان بهتر آهي ته هينئر ئي ڏيکاريندو هل.“
    ڊرائيور هائوڪار ڪئي پر ڪجهه سست هائوڪار جنهن جي سبب اڳتي هلي خبر پئي ته جامع مسجد جي آسپاس وارين گهٽين ۾ ايڏي ٽريفڪ جام ۽ ماڻهن جي پيهه پيهان رهي ٿي جو اڌ ڪلو ميٽر جو فاصلو اسان اڌ مني ڪلاڪ ۾ پورو ڪيو. ڪجهه ڪجهه ڪراچي جي کوري گارڊن ۽ حيدرآباد جي فقير جي پڙ وارو حال هو. رستي جي ٻنهي پاسي ننڍا ننڍا دڪان ۽ انهن اڳيان فٽ پاٿ تي چادرون، پنا، دفتريون وڇائي شيون وڪڻندڙن جا سوين اسٽال هئا. هتي ڪاسائين جا دڪان به عام طرح نظر آيا جن وٽ ڪٺل ڪڪڙيون ۽ ٻڪريون ٽنگيل هيون. ٻڪريءَ جي پاون ۽ منڍيءَ جا به ڪيترائي دڪان هئا. وري ننڍڙيون هوٽلون جن مان ڪن تي فقط چانهه وڪامي رهي هئي ته ڪن وٽ کاڌي پيتي جا ديڳڙا هئا جن تي رکي رکي بورچيءَ زور سان لوهي چمچو هڻي لنگهندڙن جو ڌيان پاڻ ڏي ڇڪايو ٿي. اڳهين سندن هوٽلن ۾ بيرن جون رڙيون، وڏي آواز تي اسپيڪرن مان گانن جو آواز ۽ فٽ پاٿ تي شيون وڪڻندڙن جا هوڪا ڪي گهٽ هئا جو رکي رکي هنن بورچين لوهي چمچا ديڳڙن تي ٿي هنيا. فٽ پاٿ تي انڊين شين کان علاوه چين جون سستيون شيون: بيٽري سيلن کان ٽيپ رڪارڊر ۽ ڪئميرائون پڻ هيون. پانن ۽ ٻين اوزارن جا دڪان ته اهي به هڪ ٻئي پويان جام. تسبيحن ۽ جانمازن جا دڪان ته اهي به انيڪ. کاڌي پيتي جي شين جا، جڙين ٻوٽين ۽ تيلن جا دڪان. سرمي ڏندڻ، گنجين، ڪڇن جا دڪان، لنڊا جو سامان وڪڻندڙن جون رڙيون. بوٽن ۽ پرسن وڪڻندڙن جا ڪوڪڙاٽ، رکي رکي آئون به ڪنهن هنڌ ترسي قيمت پڇڻ لڳس ٿي هر شيءِ سستي هئي پر اسان جي آچر بازارين، کوري گارڊن، موتن داس ۽ بولٽن مارڪيٽن ۾ وڪرو ٿيندڙ آنهن ساڳين شين جي قيمت کان وڌيڪ هيون. مون هنن فٽ پاٿي دڪانن مان ڪجهه تي خاص ڪري سيڪنڊ هئنڊ ڪتابن ۽ اليڪٽرانڪ جي شين وارن تي ڪجهه دير ترسي ڪا ڪم جي شيءِ ڏسڻ ٿي چاهي پر پٺيان مڙڻ تي ڊرائيور کي پنهنجي اوسيئڙي ۾ بيٺل ڏسي پوءِ مسجد ڏي سڌو رخ رکيم.
    ڪو دهليءَ ۾ ڏينهن اڌ لاءِ اچي ته به هن کي ٻيو نه ته هتي جو هي لال قلعو ۽ ڀر ۾ هيءَ انڊيا جي وڏي ۾ وڏي مسجد جامع مسجد (جيڪا شورع جي ڏينهن ۾ ”مسجد جهانما“ سڏبي هئي) ضرور ڏسڻ کپي. جامع مسجد تائين پهچڻ لاءِ هنن سستين، گوڙ شور ۽ پيهه پيهانن وارين بازارين ۾ به مزو ايندو جو انهن ۾ نه فقط اسان ايشيائي پر يورپ ۽ آمريڪا پاسي جا ماڻهو به چڪر هڻي رهيا هئا ۽ سستين ۽ عجيب قسم جي شين جي خريداري ڪري، خوش ٿي رهيا هئا.
    انڊيا جي هيءَ وڏي ۾ وڏي مسجد، شاهجهان بادشاهه 1650ع ۾ ٺهرائڻ شروع ڪئي جنهن تي پنج هزار کن مزور ڇهن سالن تائين ڪم ڪندا رهيا. هن ۾ هڪ ئي وقت پنجويهه هزار کن ماڻهو نماز پڙهي سگهن ٿا.


    دهلي کان بڙودا

    ڏينهن ويندي ويرم نٿي لڳي جهڙو ڪالهه جو ڏينهن هو جو انڊيا اچڻ لاءِ پاڪستان جي بارڊر واري شهر واگها ۽ انڊيا جي بارڊر واي شهر اتاريءَ ۾ پئي پاسپورٽ تي Entry جا ٺپا هڻاياسين. ۽ هاڻ دهليءَ ۾ ٻن هفتن کان به مٿي ٿي ويو آهي. پنهنجي هڪ ننڍپڻ جي اسڪول ميٽ ڊاڪٽر رامچند جي پٽ راجيش جي شادي به ٿي وئي. دهلي ۽ ان جي آسپاس جون ڪيتريون ئي تاريخي جايون ۽ شهر به گهمي ورتاسين. ويندي هردوار شهر وڃي گنگا نديءَ جو ديدار به ڪري آياسين ۽ هاڻ اسان جي ٻئي اسڪول ساٿي نولراءِ اوڏ جي پٽ مڪيش جي شاديءَ جي تاريخ ويجهي اچي وئي آهي جيڪا شادي بڙوڊا شهر ۾ ٿيڻي آهي جيڪو شهر هتان دهليءَ کان هزار کن ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ گجرات صوبي ۾ آهي. يعني اسان کي هريانا، اترپرديش، راجستان ۽ مڌيا پرديش مان ڦرندو گجرات صوبي ۾ باءِ ٽرين پهچڻو آهي جنهن سفر لاءِ اسان جي دوست نولراءِ اوڏ انڊيا لاءِ نڪرڻ کان اڳ ٽڪيٽون خريد ڪري سيٽون رزور ڪرائي ڇڏيون آهن. دهليءَ کان بڙودا اسان جون سيٽون پشچم ايڪسپريس (Paschim) ۾ بڪ ٿيل آهن ۽ واپسيءَ جون ”جان جٽ ايڪسپريس“ (Jan Jat) ۾. سواءِ پنج ڇهه گاڏين جي جيڪي Mail گاڏيون سڏجن ٿيون باقي سڀ ايڪسپريس ڪوٺيون وڃن ٿيون. انڊيا آدمشماري ۽ پکيڙ جي حساب سان تمام وڏو ملڪ آهي ۽ انگريز حڪومت جيڪو ريلوي نظام انڊيا وارن حوالي ڪريا ويا ان کي هنن ملائيشيا ۽ سنگاپور وانگر نه فقط Maintain ڪيو آهي پر وڌايو ۽ وڌيڪ سهڻو پڻ ڪيو آهي. ان ڪري انڊيا ۾ ريل جو سفر ڏکيو ۽ خراب سمجهڻ بدران آرامده ڪفايتي، باسلامت ۽ Enjoyable سمجهيو وڃي ٿو ۽ غريب توڙي امير پنهنجي حيثيت آهر ٽرين جي مختلف ڪلاس جي دٻن ۾ سير ڪندو رهي ٿو ۽ سڄي ملڪ ۾ هڪ سؤ کن ايڪسپريس ريل گاڏيون مختلف شهرن کي ڳنڍين ٿيون ۽ ميل گاڏيون ان کان علاوه آهن.
    اسان جيئن ئي انڊيا آيا آهيون ته پهرين ڏينهن کان دهلي شهر ۾ توڙي ڀر وارن شهرن آگره، لکنؤ، هردوار، اجمير وغيره آٽو رڪشا، ٽيڪسي يا بس ۾ اچون وڃون پيا يعني باءِ روڊ سفر ڪريون پيا پر باءِ ريل هاڻ برودا وڃڻ جو ئي سفر هو ان ڪري ان سفر جو آئون پهرين ڏينهن کان ئي انتظار ڪري رهيو هوس ته ڏسجي ته انڊيا جي ريل گاڏين، پليٽ فارمن، ريلوي اسٽيشن تي ٺهيل هوٽلن ۽ ڪئبن ٽائپ دڪانن ۽ انهن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن ۽ سروس جو ڪهڙو حال آهي. انگريزن ته ملائيشيا، سنگاپور کان بنگلاديش، پاڪستان ۽ انڊيا کي هڪ ئي قسم جون ريلوي عمارتون، ڦاٽڪ، ريلوي هوٽلون، ريل جون پٽڙيون توڙي سليپر ۽ گاڏين جون انجڻيون ۽ دٻا ڏنا. سک ۽ تامل ٽي ٽي، ريل جي پٽڙين ۽ گاڏين جي مرمت ڪرڻ وارا، هندو سنڌي ۽ گجراتي ڪئشير ۽ اسٽور ڪيپر ڏنا، پنجابي ۽ پٺاڻ ريلوي پوليس طور رکيا جيئن هي نظام سلامتيءَ سان ۽ Smoothly هلندو رهي. انگريزن جي وڃڻ بعد ملائيشيا ۽ سنگاپور وارن ته پنهنجي ريل گاڏين ۽ انهن جي سروس کي يورپ وانگر عاليشان ۽ Efficient بنائي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ سواري ڪرڻ سزا نه پر Luxury آهي جيتوڻيڪ هنن جي نصيب ۾ ننڍي کنڊ جي براڊ گيج جهڙي ريل بدران ڪنهن زماني ۾ ٽنڊو آدم کان پڊ عيدن هلندڙ راجا جي گاڏيءَ جهڙي Narrow Gauge واري ريل ملي.
    نولراءِ اوڏ جي پٽ مڪيش جي بڙودا ۾ شادي اٽينڊ ڪرڻ لاءِ دهليءَ کان هلندڙ ڄاڃين جو تعداد پنجاهه کن هو جن ۾ اڌ کان وڌيڪ اسين سنڌ کان آيل هئاسين ۽ باقي نولراءِ جا ڪجهه اهي ڀائر ۽ انهن جا ٻار هئا جيڪي مختلف ملڪن، انگلينڊ، آمريڪا، ڪئناڊا ۽ نيوزيلينڊ ۾ رهن ٿا ۽ اتان هتي دهليءَ ۾ آيا هئا ۽ اهڙو ڏهاڪو کن اهڙن اوڏن جو هو جيڪي ورهاڱي کان اڳ کان يا بعد ۾ دهليءَ ۾ اچي Settle ٿيا هئا ۽ نولراءِ وارن جا يا انهن جي ڀيڻوين جا مائٽ هئا. انهن ۾ سڪرنڊ کان لڏي آيل شري آسودو مل ۽ سندس پٽ پڻ هئا. جيڪي انجينئر آهن پر پنهنجي پيءُ سان گڏ روڊس ۽ بلڊنگس جي ٺيڪن جو ڪم ڪن ٿا. هڪ ٻيو همراهه اسي سالن جو واپاري مل اوڏ نالي هو جيڪو اسان جي Look after ڪري رهيو هو ته جيئن اسان صحيح پليٽ فارم تان صحيح ريل ۾ چڙهون ۽ پوءِ ٽڪيٽ چيڪرن کي اسان جون ٽڪيٽون ڏيکارڻ، رات ٿيڻ تي سڀني کي وهاڻا، چادرون ۽ بلاڪيٽ ڏيارڻ وغيره ڏيارڻ جهڙا ڪم جيڪي لڳي ٿو ته نولراءِ هن جي حوالي ڪري ڇڏيا هئا. پاڻ ٻڌايائين ته هو لاڙڪاڻي ۾ مختيارڪار جي آفيس ۾ هيڊ منشي هو. هو 1969ع۾ انڊيا لڏي آيو ۽ هتي به رٽائرمينٽ تائين ساڳي پوسٽ تي رهيو. سندس ڄم جو سال 1925ع آهي يعني اسان جي دوست نولراءِ اوڏ جي والد صاحب شري نارائڻ اوڏ کان ڏهاڪو کن سال ننڍو چئبو.
    اسان جي ٽرين Paschim Express کي دهلي پنجين بجي ڇڏڻو هو. شهر ۾ ٽريفڪ جام هجڻ جي ڊپ کان اسان سوير ئي نڪتاسين ۽ چئين بجي ڌاري نيو دهلي ريلوي اسٽيشن تي پهچي وياسين. نولراءِ اسان لاءِ هن سفر جون ٽڪيٽون اڳواٽ ئي وٺي سيٽن جي ريزرويشن ڪرائي ڇڏي هئي. بلڪه اڃا اسان پاڪستان ۾ ئي هئاسين ته هن پنهنجي دوست (ٿي سگهي ٿو هن واپاري مل اوڏ) جي معرفت وٺي ڇڏيون هجن. ان وقت اسان جي رهائش جو فيصلو نه ٿيو هو ته دهليءَ ۾ ڪٿي ڪٿي رهنداسين نه ته اسان کي نيو دهلي رسلوي اسٽيشن بدران دهليءَ جي ٻي ريلوي اسٽيشن حضرت نظام الدين اولياء ريلوس اسٽيشن وڌيڪ ويجهي پوي ها. بهرحال واپسيءَ تي ان اسٽيشن تي لهي پياسين، پکيڙ ۾ دهلي ڪراچيءَ کان ٽيڻو وڏو شهر ٿيندو ۽ جيئن ڪراچيءَ ۾ ٻه وڏيون ريلوي اسٽيشنون، ڪراچي صدر ۽ ڪراچي سٽي آهن تيئن هتي دهليءَ ۾ ٽي اسٽيشنون، پراڻي دهلي، نئين دهلي ۽ حضرت نظام الدين اولياء ريلوي اسٽيشنون آهن ۽ انهن جي وچ ۾ ڪافي مفاصلو آهي.
    ريلوي اسٽيشن جي پليٽ فارم تي اسان کي ڪلاڪ کن ملي ويو جنهن ۾ خوب چڪر هڻندا رهياسين. ايندڙ ريل گاڏين مان لهندڙ ۽ چڙهندر مسافر ڏسندا رهياسين ۽ رکي رکي مختلف ريلوي اسٽالن تان چانهه، لمٽا ۽ ائمول ڪمپني جو ملڪ شيڪ نموني جو کير پيئندا رهياسين. انڊيا جي سرڪاري ريلوي انڊسٽري خوشحال نظر اچي ٿي. مسافرن جي ويهڻ لاءِ جتي ڪٿي ڪرسيون، ٿڌي پاڻيءَ جا ڪولر، چڱي حد تائين صاف سٿرا واش روم جن ۾ پاڻي به آيو ٿي ته بجلي به هئي. پليٽ فارمن جي به سٺي صفائي ٿيل هئي ۽ چپي چپي تي چانهه ۽ ٿڌي جا اسٽال، ڪتابن ۽ اخبارن جا اسٽال، ننڍيون ننڍيون هوٽلون هيون جن تي هر شيءِ ذري گهٽ ان ئي اگهه تي ملي ٿي جنهن تي ٻاهر ملي ٿي. يعني ٻاهران آڻڻ بدران ڪو گراهڪ چاهي ته پليٽ فارم تان ئي پنهنجي لاءِ ڪا شيءِ يا مائٽ مٽن لاءِ ڪو تحفو وٺي سگهي ٿو. اهوئي حال ريل گاڏيءَ جي ڊائننگ ڪار جو هو. ان ڪري مون ڏٺو ته هر هڪ پليٽ فارم تان خريداري ڪندي يا ريل جي دٻي مان ماني کائيندي خوش هو. دڪاندار ۽ ريل گاڏي جي هوٽل واري گهٽ فائدو رکيو ٿي پر وڪرو ڏاڍو ٿين ٿي.
    ريلوي اسٽيشن تي بيٺي هوائي اڏي جو ڏيک لڳو ٿي. ريل ۾ ويٺل مسافرن کي ڏسڻ سان ڪيترين گاڏين جي خبر پئجي ٿي وئي ته اهي ڪٿان اچن پيون يا ڪڏانهن وڃن پيون. هڪ ريل گاڏيءَ ۾ گهڻي تعداد ۾ ويٺل سکن مان لڳو ته هي گاڏي چنديڳڙهه، لڌيانا يا امرتسر کان آئي آهي. راجستاني ويسن وڳن ۾ مردن ۽ عورتن کي ڏسي سمجهي وياسين ٿي ته هيءَ گاڏي ڀلوارا، اجمير، جيپور يا جيسلمير کان هتي دهلي پهتي آهي. اهڙي طرح گاڏيءَ مان لهندڙن کي پاڻ ۾ بنگاليءَ ۾ ڳالهائيندي يا سڏ ڪندو ٻڌي سمجهي وياسين ته هيءَ گاڏي انڊيا جي صوبي بنگال جي ڪنهن شهر (مودنيپور يا ڪولڪتا وغيره) کان آئي آهي. ”اي ميان ڪيمن آشين. ڀالو تو“ پنهنجي ننڍپڻ جي سکيل بنگالي ٻوليءَ کي تکو ڪرڻ لاءِ ڀر مان لنگهندڙ هڪ خوش مزاج همراهه جي کيڪار ڪريان ٿو. ۽ هيءَ گاڏي هندستان جي بنهه ڪنهن ڏاکڻي صوبي تامل ناڊو يا ڪيرالا کان اچي رهي آهي. تامل ۽ مليالم ڳالهائيندڙ بندري قد ۽ ڪاري رنگ جا مسافر پليٽ فارم جي ٻئي پاسي بيٺل ٽرين جي مسافرن کان ڪيڏو ته مختلف لڳي رهيا آهن جنهن ٽرين ۾ گهڻي ڀاڱي مسافر قداور، گورا ڳاڙها ۽ شلوار قميص ۾ آهن.
    ”بهائي صاحب يه گاڙي کهان سي آر رهي هي؟“ آئون هڪ همراهه کان پڇان ٿو.
    ”جمون ۽ سري نگر کان.“ هو وراڻي ٿو. ٺهيو چئبو ته ڪشمير کان پئي اچي تڏهن ايڏا گورا ۽ سهڻا ماڻهو آهن ۽ ڪيتريون عورتون گاڏي جي دريءَ مان ٻاهر ليئا پائڻ مهل پنهنجو منهن ڍڪي رهيون آهن جيتوڻيڪ ٻئي طرف ريل ۾ چڙهندڙ ساڙهين ۾ ملبوس عورتن جون ننڍي بلائوز ڪري سڄو پيٽ به نظر اچي رهيو آهي. مختلف ماڻهن، رنگن، زبانن، ويس وڳن ۽ ڪلچر ڪري انڊيا واقعي دنيا جو هڪ نرالو ملڪ آهي تڏهن ته ڌارين ملڪن کان هتي آيا گورا به چيلهه تي هٿ رکيو وائڙن وانگر پيا ڏسن. دنيا جا ٻيا به ڪيترائي ملڪ آهن جيئن ته سنگاپور، ملائيشيا وغيره جتي مختلف قومن جا ماڻهو رهن ٿا ۽ اهي ملڪ Multi Racial ۽ Multi Cultural سڏجن ٿا پر اتي اهو فرق ايڏو Sharp ۽ واضح نٿو لڳي جيترو هتي انڊيا ۾. تڏهن ته هن ملڪ لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن ملڪ اندر ملڪ آهن ۽ هتي هڪ ئي ملڪ ۾ اچي ڪيترن ئي ملڪن جو مزو ۽ تجربو حاصل ڪري سگهجي ٿو.
    اسان جي ٽرين دهليءَ کان شروع نه ٿي رهي هئي پر هوءَ اڳهين ڪنهن ٻئي صوبي کان اچي رهي هئي جو اسان ويٺاسين ته منجهس ديرادون، نيني تال ۽ سهارن پور پاسي جا ماڻهو ويٺل هئا جن سان بعد ۾ خبر چار ٿيڻ تي هنن ٻڌايو. پر اهو آهي ته ٽرين صحيح ٽائيم تي هلي يعني مقرر ٿيل ويهه منٽ ترسي دهليءَ جي اسٽيشن ڇڏيائين ۽ ٻي ڳالهه ته ٽرين جا مختلف دٻا (بوگيون) جن تي As1, As2, A1, A2 جهڙا اکر ۽ انگ لکيل هئا اهي بلڪل انهن ئي هنڌ تي بيٺا جتي انهن جا ريلوي اسٽيشن تي بورڊ لڳل هئا. ان ڪري ٽرين اچڻ تي پليٽ فارم تي مسافرن جي ڀڄ ڊوڙ نه ٿي جيڪا اسان وٽ عام آهي. هر هڪ مسافر پنهنجي بوگي نمبر مطابق اتي ئي بيٺو رهيو جتي ان جو بورڊ لڳل هو ۽ پوءِ ٽرين اچڻ تي سامهون دٻي ۾ چڙهي پياسين. بوگين (ريل جي دٻن) ۾ اندر بئنچن تي نمبر صاف لکيل هئا ۽ هر ڪو پنهنجي پنهنجي سيٽ ولاري ويٺو. سڄي رات جو سفر هو سو سمهڻ لاءِ هر هڪ کي فل سيٽ مليل هئي. اها ٻي ڳالهه هئي ته اڃا شام جا پنج ٿيا هئا سو سواءِ ايڪڙ ٻيڪڙ جي ٻيا سڀ هيٺين سيٽن تي ويٺا هئا. منهنجي ٽڪيٽ تي جيڪو نمبر هو اهو بلڪل مٿي صوفي جو هو معنيٰ هن عمر ۾ آئون هر هر باندر وانگر وچين صوفي (سيٽ) تي پير رکي مٿين تي ٽپ ڏيندو رهان ۽ ٻي ڳالهه ته اسان واري پاسي جون هڪ ٻئي مٿان ٽي سيٽون، ٽي ڀر واريون ۽ ٻه سامهون واريون اسان جي ڄڃ جي اوڏ عورتن کي مليون ۽ ٻه اڳ جي چڙهيل عورتن جون هيون. يعني منهنجي موجودگي ۾ هنن جي به آزادي چٽ ته منهنجي به. سو بيگ پاسي تي رکي سيٽ مٽائڻ لاءِ 80 مسافر جي هن دٻي جي هڪ ڪنڊ کان سروي شروع ڪيم. شروع ۾ ئي ادا گلاب راءِ جو پٽ وڃي ملي ويو جنهن کي هيٺين سيٽ ملي هئي. پر هن ٻڌايو ته ان تي سندس والد سمهندو ۽ پاڻ مٿين سيٽ تي ۽ هو پنهنجي پوڙهن والين جي ڀر ۾ ئي رهڻ چاهي ٿو. انهن کي ڇڏي هڪ يا ٻه سيڪشن اڳي وڌيس ٻن ٽن ڌارين مردن جي سيٽن ۾ هڪ سيٽ انجنيئر راڻي اوڏ جي ڀيڻ سروج جي هئي سا به هيٺين. هوءَ خود منجهي رهي هئي ته ڇا ڪجي. مون کيس سيٽ مٽائڻ لاءِ چيو.
    ”انڪل توهان کي ڪهڙي ملي آهي هيٺين، وچين يا مٿين؟“ هن پڇيو ۽ آئون هن کي پاڻ واري سيڪشن ۾ وٺي آيس.
    ”ڏس سروج تون ته جوان ڇوڪري آهين ۽ قد بت ۾ به هلڪي آهين توکي مٿي چڙهڻ ۾ ڪهڙي تڪليف وڏي ڳالهه ته هي مردن سان ويهڻ ۾ آئون وڌيڪ Comfortable محسوس ڪندس ۽ هتي تون پنهنجي پڦين ۽ ڪزن سان.“
    ”ادا تون اسان جو ڀاءُ آهين، ڀلي هتي ئي هج.“ سروج جي پڦين چيو.
    ”اهو بلڪل صحيح آهي پر هوڏانهن دير تائين بتي ٻاري آئون چپ چاپ پڙهندو رهندس ۽ هيڏانهن توهان کي.
    ”مڪيش گهوٽ تون هلين ٿو ٻانهن لوڏي لوڏي
    ماڻهو ڏسن ٿا توڏي توڏي.“
    سر کڻائڻ لاءِ سروج ملي ويندي.
    آئون بيگ کڻي سروج واري سيٽ تي آيس. گاڏي دهلي شهر جون لانڍي ملير جهڙيون ننڍيو اسٽيشنون بنا ترسڻ جي لتاڙي هريانا صوبي جي فريدآباد ريلوي اسٽيشن، ٿوري گهٽ رفتا سان لتاڙي رهي هئي. مون انڊو پاڪ جي تاريخ جي مغل گهراڻي جي دور جو چئپٽر ڪڍي اڃا پڙهڻ شروع ڪيو ته اتي مهرچند اوڏ پاڻ سان گڏ آسودي مل جي ٻن پٽن کي وٺي اچي برجمان ٿيو ته اچو ته پتي راند ڪريون. مون صاف انڪار ڪيو.
    ”يار ڪمال آهي پوءِ جهاز تي ڪيئن وقت پيس ڪندا هئائو؟“ مهرچند چيو.
    ”چوين سچ ٿو، انهيءَ ڪري ته آئون لکڻ پڙهڻ جهڙن ڪمن ۾ لڳي ويس جو پتي راند مون کي نٿي آئي.“
    ”ان جو مطلب مون کي چوٿون پليئنر به آڻڻو پوندو.“ اهو چئي هو ڪنجهندي اٿيو ۽ ٿوري دير کان پوءِ ڀر واري دٻي مان ڪرڪندو اچي پهتو. ساڻس گڏ سرڳواسي حشمت راءِ جو انجنيئر پٽ راڻو اوڏ هو. حشمت راءِ اوڏ پاڻ به انجنيئر هو ۽ سڄي عمر حيدرآباد ۾ گذريس ۽ جي او آر ۾ پنهنجي بنگلي ۾ رهيو. پاڻ ڊپٽي ڪمشنر شري نارائڻ داس اوڏ جو گلاب راءِ کان پوءِ ٻيو نمبر پٽ هو. مهرچند وارن اسان جي بئنچن هيٺان ۽ مٿان بيگون لاهي انهن کي سيٽن جي وچ ۾ ٽيبل ٺاهيو ۽ هاڻ پتي راند شروع ڪئي. منهنجي راند سان ڪا دلچسپي نه هئي. ايڏي دلچسپي مغل دور جي تاريخ سان به نه هئي پر انڊيا گهمڻ جو صحيح طرح مزو وٺڻ خاطر مون دماغ ۾ ماضي جي بادشاهن جا قصا رکڻ ٿي چاهيا جن هن ڌرتيءَ تي حڪومت ڪئي. اهو ته نه چئي سگهندس ته هنن رعيت جي خدمت ۽ رعيت سان انصاف ڪيو. ها اهو ضرور چوندس ته ٺٺ ٺنگر ۽ پنهنجي عيش عشرت لاءِ محل محلاتون ٺهرايون. ناچڻين رنن ۽ نخريلي ڇورين سان محل ۽ ڳجها آرام گاهه ڀريائون. ڪنهن ايڪڙ ٻيڪڙ کي ڇڏي سڀ راجا، بادشاهه توڙي نواب هڪ جهڙا لڳن ٿا. انهن جا ٺهيل محل ۽ مقبرا اڄ ڏسي ٺرون پيا. خبر ناهي انهن تي ڪم ڪندڙ ڪمين ڪاسبين کي سندن پورهئي جو اجورو به ڏيندا هئا يا هو رڳو سندن نستي جواني اڀارڻ لاءِ زور ڏيڻ وارين عورتن کي ئي خرچيون ڏيندا رهيا. دنيا جي ماڻهن جون تاريخون پڙهو ته انهن مان ته اهائي خبر پوي ٿي باقي اسان جي سائين محمد صديق ميمڻ جي ”تاريخ انڊو پاڪ“ پڙهه ته هر هڪ بادشاهه لاءِ لکيو پيو آهي ته هو وڏو مسلمان هو، وڏو نيڪ نمازي هو، وڏي دين جي خدمت ڪيائين. هندن جا مندر ڊهرايائين، ان تي هيترا دفعا حملا ڪري منجهس موجود سون جا بت ڀڃرائي ڇڏيائين ۽ (پوءِ اهو سون ڪڏانهن ويو، ڇا غريبن ۾ ورهايائين يا ڳوٺ کڻائي ويو) سکن جو زوريءَ طهر ڪرائي هنن کي مسلمان بنايائين (جنهن جون نفرتون اڄ تائين اسان ڀوڳي رهيا آهيون، ڇا ڪهڙي حديث ۾ ائين آهي، يا ڪهڙي خليفي يا اصحابيءَ ائين ڪيو؟ ۽ ڇا مسلماني ان ڳالهه تائين محدود آهي ته پاڻ نيڪ ڪم نه ڪريو، باقي ڪنهن جي ٽپڙ جو وکو ڪٽي ثواب حاصل ڪريو) پر اسان آهيون جو پيا ٺرون. تاج محل، خاص محل، ۽ ٻيا مقبرا ۽ مينار ڏسي وڏي ٽانءَ ۾ ٿا اچون ۽ اڄ جو رئيس، وڏيرو چوڌري ته ڇا هڪ اسيمبليءَ جو ميمبر ۽ وزير (جيڪو عوام نمائندو آهي جنهن کي عوام چونڊي اڳيان ڪيو آهي ته اسان جي لاءِ ڪجهه ڪر) هو به عوام جي خدمت ڪرڻ بدران هنن جا فنڊ پنهجن ڪمن ۽ مشهورين ۾ لڳائي مشهوري ماڻڻ جا جتن ڪري ٿو. يعني هر هڪ ٻئي خرچ تي تاج محل ٺاهڻ جي چڪر ۾ آهي، اها هڪ Sick Mentality اسان جي خمير ۾ وسي وئي آهي.
    اڄ کان پورا ٽي سؤ چوهتر سال اڳ ۽ جون 1631ع تي، هندستان جي عظيم الشان شهنشاهه شاهجهان جي محبوب راڻي ممتاز محل، پنهنجي چوڏهين ٻار شهزاديءَ گوهر آرا بيگم کي جنم ڏيندي، ويم دوران Infection سبب وفات ڪئي. بادشاهه انهيءَ غم ۾ هيڪر ته ڀڄي ڀري پيو. روئندي روئندي سندس نظر چٽ ٿي وئي. غم ۾ وار اڇا ٿي ويس. هن جي نظر ۾ طوفان نوح کان پوءِ انسان جي تاريخ جو هي ٻيو سانحو هو. مرحومه ملڪه ممتاز محل جي ياد ۾ جمنا درياء جي ڪناري تي هن هڪ عظيم الشان مقبرو اڏايو. ويهن سالن ۾ تيار ٿيندڙ هيءَ عمارت دنيا ۾ لاثاني مڃي وئي جنهن کي دنيا تاج محل جي نالي سان سڏي ٿو. هن عمارت جي ٺهي راس ٿيڻ ۾ ڪيترو وقت ۽ پئسو خرچ ٿيو، ان لاءِ پٿر ڪٿان ڪٿان ايو ۽ انهن پٿرن کي ڪنهن ڪنهن گهڙيو، ٽڪيو ۽ پالش ڪيو، هن محل جي پيڙهه ۾ ڪيترن ماڻهن جون هڏيون دفن ٿي ويون، هن جون ڪهڙيون ڪهڙيون ڀتيون، ڪيترا دفعا ڪيرائي انهن کي وري ٺاهيو ويو. اها هڪ الگ ڪهاڻي آهي.
    بلڪل انهن ئي ڏينهن ۾ جن ڏينهن ۾ هندستان جو بادشاهه شاهجهان هو، سئيڊن جو بادشاهه گستاورس اڊولفس هو ۽ انهيءَ مهيني هن جي زال پڻ هڪ ڇوڪريءَ کي جنم ڏنو جنهن مهيني ۾ ممتاز محل جي پيٽ مان گوهر آرا بيگم پيدا ٿي ۽ بلڪل ان ئي جون جي مهيني ۾ سئيڊن جي بادشاهه گستاورس جي راڻي صاحبه ٻار جي ڊليوري دوران پيٽ ۾ Infection ٿي پوڻ ڪري گذاري وئي. ان ئي لمحي سئيڊن جو بادشاهه سلامت به همت هاري ويهي رهيو جڏهن هندستان جو بادشاهه شاهجهان پنهنجي راڻي ممتاز محل جي غم ۾ روئي روئي نابين ٿي رهيو هو. هيڪر گستاورس غم ۾ غرق ٿي ويو پر جلد ئي پاڻ سنڀالي پنهنجي زال جي موت تي غور ڪيائين ۽ جنهن وقت شاهجهان تاج محل جي اڏاوت ۾ مشغول هو، گستاورس ايڊولفس حڪم ڏنو ته ”ملڪ جي هر ڳوٺ، هر ڳوٺ جي هر پاڙي ۽ هر طبقي مان ٻه چست ۽ ذهين ڇوڪرين کي گاديءَ واري شهر اسٽاڪهوم ۾ آندو وڃي ۽ کين دائيءَ جي ڪم جي ٽريننگ ڏني وڃي. جڏهن اهي ماهر ٿي وڃن ته کين واپس پنهنجي ڳوٺ موڪليو وڃي جتي اهي ٻين ٻن ڇوڪرين کي ٽريننگ ڏين، پوءِ جيڪڏهن ڪنهن ڳوٺ، ڪنهن پاڙي يا شهر جي ڏهن ڪوهن ۾ ڪا عورت ويم دوران مري وئي ته نه انهن دائين جو خير ٿيندو ۽ نه وري عورت جي مائٽن جو!“
    اهو فرق هو اسان ۽ يورپ ۾. جڏهن اسان جا وڏا شاهي مقبرا ٺاهي زال جو غم غلط ڪري رهيا هئا، هاٿين جي وات مان ٻڪرين جا آواز ڪڍائي رهيا هئا، راڳن سان پاڻيءَ ۾ باهه لڳرائي رهيا هئا. حڪيمن کان طاقت جا ڪشتا ٺهرائڻ ۾ لڳا پيا هئا. انهيءَ وقت يورپ جا حاڪم عوام جي فلاح ۽ بهبود جا منصوبا ٺهرائي رهيا هئا. يونورسٽيون قائم ڪري رهيا هئا، ڪارخانا، فيڪٽريون، لائبريريون ۽ ليبارٽريون ٺهرائي رهيا هئا. هنن سمجهيو ٿي ته قومن جي عروج لاءِ انسان جي بهتري تي مبني سماجي نظام، بهترين تعليم، ٽيڪنالا ۽ انصاف آهي. ان ڪري يورپ جي حاڪمن هميشه انهن ڳالهين تي زور ڏنو ۽ اسان جا حاڪم ملڪ يا صوبي جا هجن يا ضلعي، تعلقي يا ڳوٺ جا اڄ به عوام جي ڀلائي ڪرڻ بدران حڪم هلائڻ کي حڪومت ڪرڻ سمجهن ٿا. اسان جي سڄي انڊوپاڪ جي تاريخ ماضيءَ جي اهڙن حاڪمن سان ڀري پئي آهي جيڪي پاڻ کي زمين تي خدا جو پاڇو سڏائڻ لڳا ۽ هو دين الاهي ايجاد ڪرڻ لڳا جنهن جو نتيجو اهوئي نڪتو جو عروج زوال ٿي ويو ۽ زوال عروج. ڪاش شاهجهان تاج محل بدران انگلينڊ جي آڪسفورڊ يونيورسٽي ٺاهي هجي ها، سئيڊن جهڙو ڪو ميڊيڪل ڪاليج کوليو هجي ها، عوام جي سک ۽ مستقبل لاءِ پوک ۽ پاڻيءَ جي بندوبست جو سوچي ها. مستقل روزگار مهيا ڪرڻ ۽ صحتمند رکڻ لاءِ ڪارخانا، فيڪٽريون ۽ ميڊيڪل تعليم جا ماهر پيدا ڪري ها. نتيجي ۾ مليريا جي علاج لاءِ انگريزن طرفان مليل چند ڪوئنن جي گورين تي به اسان جا بادشاهه سلامت ڦان ٿي ٿي پيا ۽ پوءِ آخر ۾ ڀڄڻ ۽ لڪڻ جي راهه نٿي ملين. ڪيڏي دردناڪيءَ سان مغل خاندان جو آخري شهنشاهه پنهجي جان بچائڻ لاءِ پنهنجي تڙ ڏاڏي همايون جي مقبري ۾ اچي لڪيو هو. ڇهه هزار ميل پري کان آيل چند انگريزن جي مڪاني سپاهين کيس جهلي گورن جي حڪم تي رنگون ملڪ دربدر ڪري ڇڏيو ۽ سندس سموري اولاد (ننڍي وڏي) کي قتل ڪري ڇڏيو. ڪو احتياج نه ٿيو، ڪا رئلي نه نڪتي، ڪا بک هڙتال نه ٿي. سندن رعيت چپ چاپ نئين آيل حاڪم جي ”جي حضوريءَ“ ۾ لڳي وئي! فارسي ڇڏي انگريزي زبان سکڻ ۾ لڳي وئي.!
    ”يار مهرچند تون پتي راند ٿو ڪرين يا جوڊي ڪراٽي؟“ مون انڊيا جي تاريخ پڙهڻ بند ڪري مهرچند کي چيو جنهن جي گوڙ ۽ ويڙهاند تي باوجود ڪوشش جي آئون ڪتاب تي Concentrate نه پئي ڪري سگهيس. پتو ائين ٿي سٽيائين ڄڻ سرن يا تختن جي بندل تي مڪ هڻي ٻه اڌ ٿي ڪيائين. کٽڻ توڙي هارائڻ ۾ هن لاءِ دانهون ڪرڻ ضروري هو. سٺا پتا ٿي آيس ته اڀو ٿي ٿي ويو. ”ڇا ته ٺٺڍڪ ٺار پتا آهن.“ ۽ پوءِ خراب ٿي پتا آيس ته جاپاني ڪبوڪي ايڪٽر جهڙو چٻو چهرو ٿي ٿي ويس.“ هاءِ ماري وڌائون، ڇا ته اندر ساڙ پتا آيا آهن.“
    اهڙي هلندڙ ويڙهاند ۾ پڙهڻ جو سوال ته پيدا ئي نٿو ٿئي. هيڏانهن هوڏانهن دريءَ مان ڏسجي ۽ منهنجي ڀر ۾ ۽ سامهون ويٺل ڌارين مسافرن سان خبر چار ڪجي. گاڏي فريد آباد ٽپي وئي هئي اتي بيٺي ضرور پر فقط ٻن منٽن لاءِ ۽ هاڻ ننڍين ننڍين اسٽيشن تي گاڏي بيهڻ بدران ويندي رهي. اسٽيشن اچڻ تي ڪجهه رفتار گهٽي ٿي ۽ هڪ ٻن اسٽيشن جا نالا پڙهي ورتم، پلوا، بالا بڳڙهه، شولا ڪا جهڙا هئا.
    هي فريدآباد اهو شهر آهي جتي هندستان جي ورهاڱي وقت سڀ کان گهڻا پاڪستان کان لڏي آيل هندو اچي رهيا. اڄ هي شهر فيڪٽرين ۽ ڪارخانن کان مشهور آهي. چون ٿا ته هن شهر جو نالو مشهور صوفي بزرگ سيد مرتضيٰ خان فيد بخاري تان آهي جيڪو ننڍي کنڊ ۾ بابا فريد جي نالي سان مشهور آهي. سندس مقبرو به هن ئي شهر ۾ آهي جتي حاضري ڀرڻ لاءِ عقيدتمند پري پري کان اچن ٿا. ڪن جو اهو به چوڻ آهي ته هي شهر اڪبر جي نورتن مان هڪ شيخ فريد جي نالي تي آهي جنهن 1607ع ۾ هن شهر جو بنياد رکيو. شيخ فريد شهنشاهه اڪبر ۽ ان بعد سندس پٽ شهنشاهه جهانگير جي حڪومت ۾ وزير خزانا ٿي رهيو. هن هتي هڪ قلعو ۽ مسجد پڻ ٺهرائي. فريد آباد جو شهر هريانا صوبي ۾ ائين آهي جيئن ڪراچي سنڌ ۾. هريانا صوبي جي سٺ سيڪڙو اپت فريد آباد مان آهي.
    منهنجي پڇڻ تي سامهون ويٺل ٽيهه پنجٽيهه سالن جي جوان مرد ٻڌايو ته هاڻ اسان جي گاڏي اتر پرديش جي ريلوي اسٽيشن مٿرا تي هلي بيهندي. هي همراهه به مون وانگر ڪو ڪتاب پڙهي رهيو هو جنهن تي خاڪي پني جو ڪور چڙهيل هجڻ ڪري ڪتاب جي ٽائيٽل ۽ نالي جي خبر نٿي پئي ۽ رکي رکي هو پنهنجي زال کي فون ڪندو ٿي رهيو ته هوءَ ڪٿي پهتي آهي. هوءَ کيس دهلي اسٽيشن تي ڇڏڻ آئي هئي. سٿڻ قميص ۽ پوتيءَ ۾ هجڻ ڪري مون سمجهيو ته هيءَ ڪا سک فيملي آهي جيتوڻيڪ هو هندي يعني اسان واري اردو ۾ ڳالهائي رهيا هئا ۽ مڙس کي ڏاڙهي به نه آهي پر اها ڪا اهڙي ڳالهه ناهي. اڄڪلهه ڪيترائي سک ڏاڙهي ڪوڙائي پيا هلن. پر پوءِ بعد ۾ وڌيڪ کيڪار کڙي ٿيڻ تي هن ٻڌايو ته هن جي زال هن کي دهلي جي ريلوي اسٽيشن تي ڇڏي، هاڻ واپس پنهنجي ڳوٺ بلند شهر پئي وڃي جيڪو دهليءَ کان 80 کن ڪلو ميٽر اوڀر ۾ آهي.“ سو رکي رکي سندس خيريت جو پيو پڇان جو هوءَ اڪيلي ڪار هلايو پئي وڃي.“ پاڻ جيڪو ڪتاب پڙهي رهيو هو ان جي پٺ مون ڏي هئي ۽ اهو ڏسي مون کي تعجب پئي لڳو ته هن کاٻي کان ساڄي پنا پئي اٿلايا جيئن اردو، عربي يا سنڌي ڪتابن ۾ ڪبو آهي.
    ”توهان ڪهڙي ڪتاب پڙهي رهيا آهيو؟ مون پڇيومانس.
    ”اردو شاعريءَ جو آهي.“ هن وراڻيو ۽ ڪتاب مون کي ڏسڻ لاءِ ڏنو، اهو دهليءَ ۾ ڇپيل هو.
    ”ڪمال آهي توهان کي اردو اچي ٿي مون سمجهيو فقط مسلمان پڙهن ٿا.“
    ”دراصل آئون مسلمان ئي آهيان، پر اها ٻي ڳالهه آهي ته نه فقط مسلمان پر هتي جا، خاص ڪري دهلي، هريانا ۽ اتر پرديش جا هندو به اردو پڙهن ٿا.“
    هن ٻڌايو ته سندس نالو ڊاڪٽر سعيد عالم آهي. سندس زال جو شهر ”بلند شهر“ آهي پر سندس ڳوٺ نيپال وٽ هماليا جبلن جي قدمن ۾ پورنپور آهي. پاڻ علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ مان پي ايچ ڊي ڪئي اٿس ۽ اتي ئي نوڪري ڪري ٿو. هن وقت هو به اسان سان گڏ بڙودا شهر ۾ لهندو جتي ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ هو ٽن ڏينهن لاءِ ليڪچر ڏيڻ لاءِ وڃي رهيو آهي.
    ”مسلمان جي حيثيت سان توهان کي هتي ڪيئن ٿو لڳي؟“ مون پڇيومانس.
    ”بلڪل صحيح ٿو لڳي. اسان هن ڌرتيءَ تي ڄاوا آهيون ۽ هي ئي اسان جو ديس آهي، هتي اسان جو گهر آهي ۽ اسان جڏهن پاڪستان جي حالتن کي پنهنجي ملڪ انڊيا سان ڀيٽيون ٿا ته رب پاڪ جا شڪر ٿا ڪريون ته پاڪستان جي مقابلي ۾ اسان وٽ سڪون آهي، اسان وٽ آزادي آهي، اسان وٽ ٽيڪنالاجي ۽ تعليم جو معيار بيحد بلند آهي ۽ اسان جي پاسپورٽ کي دنيا عزت جي نگاهه سان ڏسي ٿي.“ هن وراڻيو.
    ”پر تڏهن به حڪومت ته هندن جي آهي.“ مون چيومانس.
    ”ڇا مطلب؟ ظاهر آهي اهي ئي هن ملڪ ۾ ميجارٽي ۾ آهن پر تنهن هوندي به هتي صحيح ڊيموڪريسي آهي. ان جو مثال ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ هوندو ته ملڪ جو صدر، وزيراعظم ۽ ويندي آرمي چيف ملڪ جي هندو ميجارٽي بدران Minority (اقليت) مان آهي؟ پر اسان لاءِ ڪو فرق نٿو پوي. کڻي ڪير به هجي هن کي ملڪ جي Constitution ۽ قانون جي پوئواري ڪرڻي آهي. هن ملڪ ۾ هر رهندڙ کي پنهنجي مذهب جي آزادي آهي چاهي هو مسلمان هجي، يا سک، عيسائي يهوديء هجي جين، پارسي، ڪنهن کي به ڪو سندس مذهب يا مندر مسجد ۾ وڃڻ کان روڪي نٿو سگهي. انڊيا هر فيلڊ ۾ ترقي ڪري رهيو آهي ۽ اڄڪلهه دنيا جا طاقتور ۽ امير ملڪ انڊيا جي ماڻهن کي نوڪريون ڏين ٿا. دنيا جا ماڻهو تعليم، ٽوئرزم ۽ طبي علاج لاءِ اسان جي ملڪ ۾ اچن ٿا جو هنن کي پئسو خرچ ڪرڻ جي بدلي ۾ بهتر ۽ زياده Value جي شيءِ ملي ٿي...“
    ڊاڪٽر محمد سعيد عالم ٻڌايو ته جنهن ڳوٺ ۾ هو ڄائو آهي اڄ به هو پنهنجن پاڙيسيري هندو دوستن سان گڏ هولي ملهائي ٿو ۽ هو به ن وٽ عيدن جي مبارڪ ڏيڻ اچن. منهنجي خيال ۾ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته انڊيا جي ماڻهن ۾ چاهي ڪو ڪهڙي به مذهب يا زبان سان واسطو رکندڙ هجي هن ۾ برداشت جو وڏو مادو آهي. اسان وٽ ته ڏينهون ڏينهن جهڙي زيرو Tolerance ٿيندي وڃي. معمولي معمولي ڳالهين تي هڪ ٻئي جا سر ڪپيو ويٺا آهيون ۽ اڄ جي دور ۾ جڏهن اليڪٽرانڪ ميڊيا تيز ٿي ويو آهي دنيا جي ماڻهن کان ڳالهه نٿي لڪي ۽ هي اسان وٽ ٿيندڙ اغوائن، ڪاروڪاري جي چڪرن ۾ مائرن ڀينرن جي قتلن، خونريزين، بيروزگاري وگهي خودڪشين، ناڪاره ڪرندڙن عمارتن، گٽرن ۾ ٻڏندڙن بيگناهه ٻارن جو جڏهن ڪو ڌاريو اخبار ۾ پڙهي ٿو يا ريڊيو، ٽي وي تي ٻڌي ۽ ڏسي ٿو ته هن کي عجب لڳي ٿو. هندستان ۾ پاڪستان کان به وڌيڪ مسلمان رهن ٿا پر هو ته اسان وانگر بم ڦاڙيو پنهنجن مسلمانن کي نٿا مارين، هو بيگناهه عورتن جو Gang rape نٿا ڪن ۽ نه Sodomy جون وارداتون ٿا ڪن.
    ريل گاڏي مٿرا اسٽيشن تي پهتي ته اسان جا جا جواري ڀائر چادر ڇنڊي اٿي کڙا ٿيا.
    ”هاڻ هلڻ کي هلو ٿا يا وري موٽندائو؟“ مون پڇيومان.
    ”نه بس هاڻ هلون ٿا.“ مهرچند وراڻيو، ”توهان زور زور سان ايڏو ڳالهايو پيا جو اسان کي ڊسٽرب پيا ڪريو.“
    ”واه مهرچند واه! هي ته اهوئي ٿيو ته الٽار چور ڪوٽوال ڪو ڊانٽي.“ مون وراڻيو مانس ۽ پيتين کي سيٽن هيٺان داخل ڪري رستو صاف ڪري ڇڏيم. دريءَ جي ٻاهران دودو مون کي هيٺ لهي اچي پليٽ فارم تي چانهه پيئڻ جو اشارو ڪري رهيو هو. آئون اخبارن، پنا پينون پاساڻيون ڪري هيٺ لٿس پلاسٽڪ جي گلاس ۾ چانهه وٺي جلد ئي مٿي چڙهيس. گاڏي هلڻ ۾ اڃا ٽائيم هو پر مون هيٺ بيهي چانهه نٿي پيئڻ چاهي نه ته هر اسٽيشن تي هيٺ هلڻ چلڻ ۽ گاڏيءَ جي چرڻ وقت دڪاندار کي چانهه يا شربت جا پئسا ڏيئي هلندڙ ٽرين ۾ ٽپ ڏيئي چڙهڻ ان وقت پراڻي هابي رهي آهي جڏهن تعليم دوران پڪنڪ تي وڃبو هو يا موڪلن ۾ ڳوٺ وڃبو هو. مون کان ڪڏهن به ٽين مس نه ٿي. آخري دٻي ۾ به چڙهي پوندو هوس. پيٽارو جي منهنجي ڪيترن ڪلاس ميٽن ڊينٽل سرجن رضا شيخ، مرحوم علي رضا ميمڻ ۽ چاچي فقير محمد بسوءَ جي پٽ انور ميمڻ کان اڪثر ڪوئيٽا يا لاهور پاسي ٿي وئي هئي پوءِ ٽرين ۾ ڌڪا کائيندي اچي منزل تي پهتا هئا. اسان جا ٽيچر جيڪي چاليهه پنجيتاليهه ورهين جي وڏي عمر جا هئا اهي هميشه ان ڳالهه تان دڙڪا ڏيندا رهندا هئا. ظاهر آهي هو پوڙها ۽ ڪمزور جو ٿيا. اڄ آئون سٺ کان ٽپي چڪو آهيان ۽ انهن ٽيچرن کان به گهڻو پوڙهو ٿي ويو آهيان، بيٺل گاڏيءَ ۾ به گوڏن تي زور ڏيئي لهان چڙهان ٿو سو ڪيئن ٿو هلندڙ ٽرين ۾ ننڍپڻ وارا Acrobatic Feats ڪري سگهان ۽ اهو به تڏهن جڏهن ٽيڪٽ ته کڻي مون وٽ کيسي ۾ آهي پر سڀني جا پاسپورٽ حفاظت لاءِ نولراءِ جي وڏي ناٺي شمن لعل اوڏ وٽ آهن. ٽرين ڇڏائي وڃڻ تي پوليس پهرين پاسپورٽ جي گهر ڪندي.
    هي شهر مٿرا جنهن جي ريلوي اسٽيشن تي اسان جي گاڏي اچي بيٺي ۽ جتان چانهه وٺي پيتي اٿم هندن جي ستن اهم شهرن مان هڪ آهي. هن کان اڳ توهان به مون وانگر هن شهر جي فقط تاريخ پڙهي هوندي يا وري هن شهر جو نالو هڪ انڊين فلم جي مشهور گاني ۾ ٻڌو هوندو:
    مٿرا مي تين بندر
    جاتي ٿي زور مندر....
    حياتي رهي ته هن شهر کي ڏسڻ لاءِ هلي ملي اچبو جو هي شهر روم، قسطنطنيه (استنبول Istanbul) لاهو، شيراز، قم آگري، دهليءَ وانگر آهي جنهن کي ڏسڻ لاءِ ڏينهن کپن. هي اهو شهر آهي جتي تيرٿ لاءِ هندو، سک، ٻڌ ۽ جين اچن ٿا. مٿرا هندن لاءِ بيحد پاڪ ۽ مانوارو شهر آهي جتي هندو ڌرم موجب هنن جي ڀڳوان ڪرشنا جنم ورتو. هي شهر ننڍي کنڊ جي پراڻن شهرن مان هڪ آهي. دهليءَ کان 140 ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ جمنا نديءَ جي ڪناري تي هي شهر عيسوي سن کان 600 سال اڳ براج ڀوميءَ جي نالي سان مشهور هو. هن شهر ۾ لارڊ ڪرشنا (جيڪو وشنو ڀڳوان جو اوتار Incarnation چيو وڃي ٿو) پنهنجو ٻالڪپڻ گذاريو ۽ هن شهر جو ذڪر هندو ڌرم جي جهوني ڪتاب مهاڀارت ۾ به آهي.
    مٿرا بعد ۾ موريا سلطنت جو حصو ٿي رهيو ۽ موريا گهراڻي جا بادشاهه اشوڪا هن شهر ۾ ٽي صدي قبل مسيح ڪيترائي ٻڌ ڌرم جا ڪتبا ۽ Monuments ٺهرايا. حضرت عيسيٰ عليہ السلام جي ڄم کان هڪ سؤ سال اڳ ۽ هڪ سؤ سال پوءِ وارو عرصو هي شهر (مٿرا) آرٽ جو مرڪز هو جتي پٿر جي ٽڪ جو ڪم ٿيو ٿي. اڄ به انهن شين لاءِ مٿرا اسڪول آف آرٽس جو حوالو ڏنو وڃي ٿو. بهرحال هي شهر موريا گهراڻي جي حاڪمن اشوڪا کان وٺي چوٿين صدي جي حاڪم گپتا جي ڏينهن تائين سياسي طاقت جو مرڪز رهيو ۽ ٻڌ ڌرم جو اڀار ٿيو ۽ ڪيترائي ٻڌ ڌرم جا عبادتگاهه Monasteries ٺهيون جن جو ذڪر پٽولمي (Ptolemy) ۽ چين جي مشهور سياح فاحيان Fa_Hian جيڪو هتي سن 401 کان 410 تائين هو. ۽ هيئن سانگ Hiuen Tsang جيڪو هتي هن 634 ۾ آيو، پنهنجن سفرنامن ڪيو ۾ ذڪر آهي ته مٿرا جي اردگرد ٻڌن جون ٻه هزار کان مٿي Monasteries آهن. فاحيان جو ذڪر مون پنهنجي سفر نامي ”هي ٻيٽ هي ڪنارا“ ۾ تفصيل سان ڪيو آهي.
    موريا خاندان جي حڪومت بعد ٻڌ ڌرم هندستان کان ٻاهر سريلنڪا، سيام (ٿائيلينڊ) برما، ويندي چين، ڪوريا ۽ جاپان تائين ته وڌندو رهيو پر هندستان ۾ ان جي جاءِ وري هندو ڌرم والاري ورتي.
    مٿرا ٻن مسلمانن جي گاديءَ وارن علائقن: دهلي ۽ آگري جي وچ ۾ هجڻ ڪري هر وقت انهن جي حملن هيٺ رهيو. آگرو هتان فقط سٺ ڪلوميٽر کن آهي. سن 1018ع ۾ افغان حملي آور محمود غزني هن شهر مٿرا ۾ ڦرلٽ جي باهه ٻاري ۽ هندو ۽ ٻڌ ڌرم جي مندرن کي تباهه ڪيو. سن 1500ع ۾ سڪندر لوڌيءَ هن شهر جي ڀينگ ڪئي. مغل شهنشاهه اورنگزيب اسلام جي خدمت ڪرڻ جي نشي ۾ هن شهر مٿرا ۾ ٺهيل اهم مندرن کي تباهه ڪيو ۽ شهر جي بيک ڪڍي ڇڏي. انهن تباهه ڪيل مندرن ۾ بيحد اهم مندر ڪيساوا ديو مندر به هو جنهن جي جاءِ تي چون ٿا ته هن مسجد اڏرائي ۽ ان کان پوءِ رهيل کهيل ڪسر 1757ع ۾ افغاني حملي آور احمد شاهه ابدالي اچي ڪڍي ۽ سڄي شهر کي تيلي ڏئي ساڙيو. 1804ع ۾ هي شهر مٿرا آخر انگريز حڪومت جي هٿ هيٺ آيو، ۽ هڪ دفعو وري بهتر روپ ۾ آيو.
    گاڏي مٿرا جي اسٽيشن مان آهستي آهستي ٿي ٻاهر نڪري رهي هئي. پري پري تائين هن شهر جي مندرن، مسجدن ۾ برٽش اسٽائيل عمارتن جا مٿاهان حصا، نظر اچي اڏرندڙ ڌوڙ ۽ دونهن ۾ ڌنڌلا ٿيندا ويا. اڄ وقت جو چرخو 600BC کان Ad2005 ٿي ويو آهي پر هي پٽ، هي مٽي ۽ ڌوڙ، هي موسم ۽ وهندڙ جمنا (يمنا) ندي ساڳي آهي. ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو هتي پهتا جتان آئون هن وقت لنگهي رهيو آهيان. پٽولمي، فاحيان، هييوئين سانگ، محمود غزنوي، سڪندر لوڌي، اورنگزيب، احمد شاهه ابدالي، رابرٽر ڪلائيو، رچرڊ ويلسلي، وارن هئسٽنگس، حاڪم، سياح، سنت ساڌو، درويش، صوفي رازا، واڍا، هاري ناري، ڪمي ڪاسبي، ڦورو لٽيرا هن آسمان هن درياهه، هن ڌرتيءَ هڪ انسان جا ٻئي تي ظلم، هڪ انسان جون ٻئي تي ڀلايون...... هندو ڌرم ٻڌ ڌرم، جين ڌرم، اسلام سک ڌرم.... هن ڌرتيءَ ڇا نه مذهب ۽ ريتون رسمون، خوشيون غميون ڏٺيون. اهو شهر جيڪو مختلف حاڪمن ڦري لٽي تباهه ڪري ڇڏيو اڄ اتي هر خوشيءَ جو ڏينهن ملهايو وڃي ٿو. اڄ اهو انڊسٽري ۽ ايگريلڪلچلر جي لحاظ کان انڊيا جي ماڊرن شهرن مان آهي. منهنجي ڀر ۾ ويٺل رٽائرڊ پوليس آفيسر ٻڌايو ته هن نوڪريءَ جو آخري سال مٿرا ۾ گذاريو هو.
    ”ٻئي دفعي توهان اچو ته ڪڏانهن به نه وڃجو.“ هن کي جڏهن خبر پئي ته آئون ليکڪ به آهيان ته هن مون کي صلاح ڏني، ”فقط هن صوبي ۾ هليا اچجو ۽ پهرين پهرين مٿرا گهمجو.“
    هن ٻڌايو ته مٿرا سامونڊي سطح کان ٻه سؤ ميٽر مٿي هجڻ ڪري اوسي پاسي جي شهرن کان بهتر موسم اٿس. ريلوي جنڪشن هجڻ ڪري هتي پهچڻ به سولو آهي.
    ”هيڏي تباهيءَ بعد اڄ به مٿرا مندرن ۽ مسجدن کان مشهور آهي، آرٽ ۽ هنرن کان مشهور آهي.“ هن ٻڌيو ۽ ڪجهه جايون ڏسڻ لاءِ جيڪي هن مون کي نوٽ ڪرايون هن ريت آهن: چئن منارن واري جامع مسجد جيڪا 1661ع ۾ ابو نبير خان ٺهرائي. وشرام گهاٽ جتي چون ٿا ته ڪانسا ظالم کي مارڻ بعد ڪرشن ڀڳوان اچي آرام ڪيو هو. دواڪا ديس مندر جيڪو 1814ع جو ٺهيل آهي ۽ شهر جو اهم مندر آهي جيڪو هولي، ڏياري جنما شتامي جي موقعن تي زبردست طريقي سان سينگاريو وڃي ٿو، گيتا مندر وغيره وغيره.
    ”توهان کي خبر آهي ته هندستان جا سڀ کان اهم شهر هن صوبي اتر پرديش ۾ آهن؟“ هن رٽائرڊ پوليس آفيسر مون کي سندس ڳالهه جي صداقت بابت ٻڌائڻ ٿي چاهيو ته هو ڇو مون کي هندستان جي هي اتراهون صوبو اتر پرديش جيڪو اتر ۾ نيپال سان ٿو وڃي لڳي، گهمڻ لاءِ
    مون هائوڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو. آئون هن صوبي جي جاگرافيءَ کان واقف هوس ته هن ۾ اسان مسلمانن توڙي هندن جا اهم شهر آهن. نه فقط اسان پر انگريزن جا به جيڪي گهڻو تڻو اتر پرديش ۾ رهيا ۽ هن صوبي جي شهرن جي پس منظر ۾ هنن ناول ۽ پنهنجيون ڪهاڻيون لکيون. مٿرا کان علاوه لکنؤ آگرو، فيروز آباد، مرادآباد، فتح پور سڪري، جانپور، ڪانپور، جهاسي، رام نگر، سنڪدريا، سراسوتي، بنارس (جنهن کي هاڻي وارا ناسي سڏين ٿا)، اعظم ڳڙهه، بارام پور، پيلي ڀيٽ، امروها، سهانپور ويندي الهه آباد هن صوبي ۾ آهن. الهه آباد هن دفعي ڏسڻ جو ارادو هوم پر هاڻ ڪو هفتو سوا مس وڃي بچيو آهي ۽ مڪيش جي شادي اٽينڊ ڪرڻ ۾ به ٻه ٽي ڏينهن بڙودا ۽ گجرات جي اوسي پاسي وارن شهرن ۾ گذري ويندا ۽ باقي ڏينهن واپس دهليءَ ۾. الهه آباد نه ڏسڻ جو ڏک ضرور اٿم جو اهو شهر اسان جي هڪ پياري ٽيچر ڪمانڊر اسرارالله جو ڳوٺ آهي جنهن اسان کي نه فقط ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ آلجبرا، ٽرگناميٽري ۽ ڪئلڪيولس پڙهائي پر مئرين انجنيئرنگ پڙهڻ دوران مئرين اڪيڊمي، چٽگانگ ۾ نيول آرڪيٽيڪٽ ۽ نيوگيشن جا حساب ڪرايا. پيٽارو ڇڏڻ وقت هن جي به ڇٽگانگ بدلي ٿي هئي. ان ريت هي اهو ٽيچر آهي جنهن ڪئپٽڻ بشير وسطرو، ڪئپٽن رياض چوڌري، ڪئپٽن احمد مخدوم، چيسف انجنيئر اسلم زبيري ۽ مون جهڙن کي گهڻي کان گهڻو عرصو پڙهايو. سندس سڄي عمر پڙهائڻ ۾ گذري. هينئر هو اسي سالن کان مٿي هوندو ته به پنهنجو واسطو ٽيچنگ سان رکندو اچي. اڄڪلهه سعودي عرب جي حڪومت هن کي مديني جي انگريزي ميڊيم وارن اسڪول جو ائڊوائيزر ڪري مديني ۾ رکيو آهي سندس گهرواري پڻ اتي جاب ڪري ٿي ۽ گائنا ڪالاجسٽ آهي. اولاد ۾ کيس فقط هڪ ڌيءَ آهي جيڪا (سعديه) ۽ سندس مڙس ٻئي ڊاڪٽر آهن ۽ ڪراچي ۾ پريٽڪس ڪن ٿا.
    ڪمانڊر اسرارا: اسان کي هميشه پنهنجي هن شهر الهه آباد جون ڳالهيون ٻڌائيندو رهيو آهي جتي هو ڄائو، نپنو ۽ وڏو ٿيو. انڊيا اچڻ کان اڳ هو مون کي مديني پاڪ مان فون ڪندو رهيو ته آئون الهه آباد گهمي ان تي ڪجهه لکان ۽ شادي وارن ڏينهن تي ٻنهي گهوٽن جي پيئرن ڊاڪٽر، ڊاڪٽر رامچند اوڏ ۽ نولراءِ اوڏ کي هن پاران سندس پٽن جي شاديءَ جو مبارڪون ڏيان. رامچند ۽ نولراءِ اوڏ کان علاوه سندن وڏو ڀاءُ سرڳواسي ارجن داس اوڏ پڻ ڪمانڊر اسرارالله جو شاگرد هو، بلڪه اسان سڀني کان وڌيڪ فيوريٽ هو. ٽئي ڀائر هوشيار ۽ محنتي هئا. ارجن داس اوڏ ته پڙهائيءَ کان علاوه سڀني راندين، سئمنگ، گهوڙ سواري، پي ٽي، پريڊ ۾ ايڏو هوشيار هو ۽ منجهس ليڊر شپ ۽ Officer Like Qualities ايتريون ته هيون جو ڪاليج جي انگريز پرنسپال کيس J.U.O يعني هڪ هائوس (ايوب هائوس) جو ليڊر به ٺاهيو. ڪمانڊر اسرارالله سڀني شاگردن کي اولاد وانگر چاهيو ٿي. هو جيترو ڪلاس روم کان ٻاهر سٺو ۽ چرچائي هو ايترو ئي پڙهائڻ دوران سخت. ڌيان سان نه پڙهڻ تي دڙڪا به ڏيندو هو. ٿڦڙون الاريندو ته هو پر ڪڏهن ڪڏهن هڻي به ڪڍندو هو. هڪ دفعي ارجن داس ڪلاس ۾ ڪا شرارت ڪئي يا صحيح حساب نه پئي ڪيائين سو ڪمانڊر اسرار سندس ڊيسڪ وٽ بيهي هٿ مٿي کڻي چيس: ”ارجن هاڻ جي غلطي ڪئي اٿئي ته آئون توکي هيءَ ڀري ٿڦڙ هڻندس.“
    ارجن ڊڄڻ بدران (دلير ته هونءَ به هوندو هو ۽ چرچائي پڻ) پنهنجي پين ڊيسڪ تي رکي اٿي کڙو ٿيو. اسان به وائڙا ٿي وياسين ته هي ڪري ڇا ٿو، ويندي ڪمانڊر اسرار به، جو هن حيرت مان ارجن کان پڇيو:
    What Happened?
    Sir you can not slap me. ارجن ڏاڍو گنڀيرتا سان چيو (جيتوڻيڪ پوءِ پاڻ به کلي ڏنو هئائين ۽ ڪمانڊر اسرار به ٽهڪ ڏنا هئا پر ان وقت هن بيحد Serious ٿي ڪمانڊر اسرار کي چيو ته سائين توهان مون کي ٿڦڙ هرگز نٿا هڻي سگهو).
    Why not. ڪمانڊر اسرار ڪجهه ڪاوڙ ۽ ڪجهه تعجب مان پڇيو.
    Sir, because I am an appointment holder. يعني آئون هائوس جو ليڊر (J.U.O) آهيان.
    So What. ڪمانڊر اسرار پڇيو.
    Sir you can de-strip me first and then only slap me for second mistake.
    (پهرين غلطيءَ تي توهان مون کي فقط مانيٽري تان لاهي سگهو ٿا ۽ پوءِ ٻي غلطي ڪرڻ تي ئي ٿڦڙ هڻي سگهو ٿا) اهو چئي ارجن داس پنهنجي کيسي مان ان سرڪيولر جي ڪاپي ڪڍي جيڪو ڪجهه دير اڳ ڪاليج جي پرنسپال طرفان سڀني J.U.O سيڪشن ليڊرن ۽ S.U.O کي ڏنو ويو هو ته ڪنهن به Appointment Holder (يعني هائوس يا ڪلاس جي ليڊر) کي ڪابه غلطي ناهي ڪرڻي ٻي صورت ۾ هن کي سزا کان اڳ پهرين ته هن کي انهن جي ليڊري واري پوسٽ تان لاٿو (De-Stripe ڪيو) ويندو.
    ڪمانڊر اسرار وٽ اهو سرڪيولر اڃا نه پهتو سو پڙهي ڏاڍو کليو. سرڪيولر تان نه پر ارجن داس جي همت ۽ Serious ائڪٽنگ ڪرڻ تان. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ارجن داس تمام سٺو ايڪٽر پڻ هو. ڪاليج ۾ ٿيندڙ هر ڊرامي ۾ هن کي حصو ملندو هو ۽ ان کان علاوه، ڪاليج جي بئنڊ جو ليڊر ۽ شاهين ايئر اسڪائوٽ به هو. بهرحال ان ڏينهن ارجن جي ڪيل اها ايڪٽنگ اسان کي ڏاڍي وڻي ۽ ڪمانڊر اسرار اڄ به ارجن جي اها ڳالهه ياد ڪري کلندو آهي ته ٻار ٿي ڪري مون کان ڊڄڻ بدران اٿي بيهي ٿو چوي ته سر! يو ڪين نات سلپ مي!
    ڪمانڊر اسرار بعد ۾ وري ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ آيو پر ليڪچرر جي حيثيت سان نه پر پرنسپال جي پوسٽ تي ۽ نولراءِ ۽ ارجن داس جا ٻيا ڀائر به پيٽارو ۾ آيا جن کي پڻ هو سڃاڻي ٿو. خاص ڪري ڪيپٽن امرچند اوڏ کي جيڪو بعد ۾ نيوي ۾ آيو هو ۽ ڪمانڊر اسرار ويجهڙائيءَ ۾ ٻڌايو ته اوڏ ڀائرن جي والد صاحب نارائڻ داس اوڏ سان هن جي آخري ملاقات تڏهن ٿي جڏهن هو امرچند کي مئرين اڪيڊمي ۾ داخل ڪرڻ لاءِ وٺي آيو هو.
    ڪاليج وارن ڏينهن ۾ 1960ع يا شايد 1961ع واري سال ۾ مغل اعظم فلم جو هي گانو بناڪا گيت مالا يا ٻين ريڊيو اسٽيشنن تان تمام گهڻو ايندو هو:
    تيري من کي گنگا،
    ميري من کي جمنا کا
    بول رادها بول سنگم هو گا ڪه نهين.
    ڪمانڊر اسرار ٻڌائيندو هو ته انهن ندين گنگا ۽ جمنا جو ميلاپ الهه آباد آهي ۽ اتي هر سال وڏو ميلو لڳي ٿو.
    هندن لاءِ هي هنڌ تمام وڏي اهميت رکي ٿو جتي گنگا، جمنا ۽ اڻ نظر ايندڙ سرسواتي نديون اچيو ٿيون ملن. هتي هر ٻارهين سالين کنڀ ميلي نالي تمام وڏو ميلو لڳي ٿو ۽ نه فقط هندستان مان پر دنيا جي دور دراز ملڪن کان هندو عقيدت مند اچن ٿا ۽ هتي درياهه ۾ وهنجن ٿا. ان کان ننڍي پيماني جو اردها کنڀ (ڪمڀ) هر ڇهين سال لڳي ٿو ۽ ان کان علاوه هر سال به ميلو لڳي ٿو جيڪو ماڳهه ميلو سڏجي ٿو.
    الهه آباد شهر هڪ تمام پراڻو ۽ تاريخي شهر آهي جيڪو آرين جي ڏينهن ۾ پراياگ سڏبو هو. هندو ويدن جي ڪتابن ۾ جيڪي ڏيڍ هزار کن سال قبل مسيح پراڻا چيا وڃن ٿا، ۾ پڻ پراياگ جو ذڪر آهي جتي هندو ديوتا برهما قربانيءَ جي رسم ادا ڪئي.
    سن 1193ع ۾ دهليءَ جي سلطان محمد غوريءَ هن شهر تي قبضو ڪيو. هن شهر جو نالو الهه آباد 1584ع ۾ اڪبر مغل بادشاهه رکيو ۽ هتي هڪ وڏو قلعو به ٺهرايو. قسمت جي بدنصيبي جو هن شهر الهه آباد مان شهنشاهه اڪبر جي پٽ سليم (جيڪو پوءِ جهانگير جي نالي سان مشهور ٿيو) پنهنجي پيءُ خلاف بغاوت ڪئي ۽ سندس ٺهرايل هن قلعي ۾ پنهنجي شاهي ڪورٽ هلائي. اها 1602ع جي ڳالهه آهي. 1605ع ۾ اڪبر جهانگير کي پنهنجو جانشين تسليم ڪيو. ان تي جهانگير جي پٽ شهزادي خسرائو بغاوت ڪئي جو جهانگير جي انقلاب آڻڻ وارن ڏينهن ۾ اڪبر بادشاهه پنهنجي مرڻ بعد پنهنجي تخت جو واڳون جهانگير جي هن پٽ جي حوالي ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو. سو هن جو ڏٺو ته سندس ڏاڏي اڪبر جو سندس پيءُ جهانگير سان صلح ٿيڻ تي ماڳهين سندس هٿن مان تخت ۽ تاج هليو ويو سو وٺي گوڙ ڪيائين. خسرائو جون هي ارڏايون ڏسي سندس پيءُ جهانگير کيس موچڙا هڻائي هٿڪڙين ۽ زنجيرن ۾ ٻڌرائي ڇڏيو. سال ٻن بعد هن کي انڌو ڪيو ويو ۽ نيٺ 1622ع ۾ کيس هن شهر الهه اباد ۾ مارايو ويو.
    الهه آباد اهو شهر آهي جتي 1858ع جي بلوي (Sepoy Mutiny) بعد لارڊ ڪننگ انگريزن جي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جون واڳون برطانيه جي حڪومت حوالي ڪيون.
    ڪمڀ ميلي بابت ٻه سٽون هتي لکڻ ضروري سمجهان ٿو جيڪي مون سان گڏ سفر ڪندڙ مٿرا جي هندو پوليس آفيسر ٻڌايون.
    ”هندو ڌرم جي جمني مٿ (Myths) مطابق هڪ دفعي ديوتائن ۽ شيطانن (Demons) جي ڪمڀ (دکيءَ) تي وڏي ويڙهه هلي جنهن ۾ آب حيات هو، يعني جنهن مڌ کي پيئڻ سان هڪ فاني شيءِ لافاني ٿي پوي. وشنو ديوتا جا هن ڏکيءَ ۾ هٿ ڦٻي ويا ۽ ان کي کڻي روانو ٿيو پر اڏام دوران هن مڌ جا چار ڦرا ڌرتيءَ تي هارجي ويا. الهه آباد، هردوار، ناسڪ ۽ اجئين. زندگي لافاني ڪرڻ جي هن مڌ تي ٻارهن ڏينهن لڙائي هلندي رهي آخر سوڀ ديوتائن جي ٿي ۽ کين ئي مڌ ملي. ان جو نظارو اڪثر هندو مٿ جي تصويرن ۾ چٽيل نظر اچي ٿو.
    مٿين چئني شهرن ۾ ٻارهن سالن ۾ هڪ دفعو وڏو ميلو لڳي ٿو جو هندو مٿ مطابق ديوتائن جي زندگيءَ جو هڪ ڏينهن فاني انسان جي ٻارهن سالن برابر آهي هردوار شهر جنهن جو ذڪر شروع ۾ ٿي ويو آهي اتي هي وڏو ميلو (گڏجاڻي) سن 1998ع ۾ ٿيو، ان بعد ٽن سالن کان پوءِ 2001ع ۾ هتي الهه آباد ۾ ٿيو هو ۽ هاڻ الهه آباد ۾ اهڙو وڏو ميلو سن 2013ع ۾ لڳندو. الهه آباد جو ڪمڀ ميلو سڀ ۾ وڏو، پوتر ۽ ڀلارو سمجهيو وڃي ٿو، جنهن ۾ دنيا ڀر جا هندو جمنا ۽ گنگانديءَ تي اچيو سنان ڪن. هي اهو ميلو آهي جنهن ۾ اگهاڙا ساڌو ۽ دنيا کي تياڳ ڏيندڙ جوڳي به اچي نڪرندا آهن. ملائيشيا ۾ هوندو هوس ته اتان به الهه آباد جي هن ڪمڀ ميلي لاءِ هندن جا قافلن جا قافلا روانا ٿيندا هئا جن جو بندوبست گهڻو ڪري ”تان سري ڪشو“ گلوب سلڪ اسٽور جو مالڪ ۽ سرڳواسي وڪيومل لاکياڻي ڪندو هو.
    بي بي سي جي هڪ پراڻي ۽ بيحد مشهور نمائندي مارڪ ٽليءَ هڪ ڪتاب لکيو آهي. No full Stops in India. ان ۾ هڪ سڄي چيپٽر ۾ الهه آباد جي هن ڪمڀ ميلي جو دلچسپ احوال لکيو اٿس.
    اسان مٿرا اسٽيشن مان ٻاهر نڪري رهيا هئاسين، مٿرا اسٽيشن ائين جنڪش اسٽيشن آهي جيئن اسان جي روهڙي يا ڪوٽڙي جتان ٻن يا ٽن طرفن ڏي گاڏيون وڃن ٿيون. هتان مٿرا مان به ڪي ريل گاڏيون (مثال طور انڊيا جي سڀ کان تيز رفتار ٽرين تاج ايڪسپريس) آگري ڏي وڃن ٿين پر اسان واري پشچم ايڪسپريس اتر پرديش جي آگري يا ٻين شهرن ڏي وڃڻ بدران راجستان صوبي جو رخ ڪري ٿي جنهن جي پهرين ريلوي اسٽيشن ڀرتپور آئي. هاڻ رات جا نو ساڍا نو ٿي ويا هئا. ڊائننگ ڪار جا بيرا رکي رکي ٽماٽن جو گرم سوپ، چانهه، ڪافي يا سينڊوچون کڻي هوڪا ڏيئي رهيا هئا. ڪي ته پيپسي ۽ هتي جون مڪاني ڪولائون يا امول جي تڌي کير جون سائي ۽ گلابي رنگ جون بوتلون وڪڻي رهيا هئا ۽ پوءِ آهستي آهستي ٿي مانيءَ جي ٽري به اچڻ لڳا جن جو هر هڪ کان شام جو ئي آرڊر وٺي ويا هئا جو ڪن چڪن يا مڇي جهڙن ڊشن جو آرڊر ڏنو هو ته ڪن ڀاڄي ۽ دال جو. اسان جي ملڪن (انڊيا، سريلنڪا، ملائيشيا، سنگاپور وغيره) ۾ ريل گاڏين ۾ به انگريزن جي ڏينهن کان سٺي ماني ملي ٿي پر هتي انڊيا ۾ اگهه ڪافي گهٽ نظر اچن ٿا بلڪه تمام گهٽ شايد اهوئي سبب آهي جو ٽرين ۾ هر هڪ غريب غربي گاڏيءَ جي ڊائننگ ڪار مان ماني گهرائي ۽ شايد ئي ڪو گهران کڻي آيو هجي. ۽ ٻي ڳالهه ته صفائي سٿرائيءَ جو ايڏو خيال هو هو ڄڻ ريل ۾ نه پر هوائي جهاز ۾ سفر ڪري رهيا هجون. هر هڪ جو ٽري ڍڪيل ۽ مٿان ان جو نمبر لڳل ۽ وري ٽري ۾ رکيل هر شيءِ چاهي چپاتيون هجن يا ٻوڙ يا ڀت جو پيالو. ان جي مٿان پني چڙهيل هئي. هنڌ بسترا به سڀني کي ساڳيا، لانڍي جا ڌوتل ۽ هر چادر، وهاڻو ٽوال ويندي بلاڪيٽ استري ٿيل ۽ پلاسٽڪ جي ٿيلهيءَ ۾ سيل ٿيل هو. ٿي سگهي ٿو پاڪستان جي گاڏين ۾ به رات جي مسافرن لاءِ اهڙو بندوبست ٿيل هجي پر جنهن شاليمار ريل گاڏيءَ ۾ اسان ڪراچيءَ کان لاهور پهتاسين ان جي ته واش روم جا در به بند نٿي ٿي سگهيا ۽ اڳتي هلي پاڻي به بند ٿي ويو. ٻه ٻه ايئر ڪنڊيشنر ٺاهڻ جا انجنيئر (يا مستري) گڏ هئا پر دٻي ۽ ٻاهر جي گرمائش ۾ اوڻهين ويهن جو فرق هو. ڪنهن کي چئه کڻي ته خار مان ڏسي هن کتو جواب ٿي ڏنو ته اسٽيشن وارن ٽانڪين کي پاڻيءَ سان ڀريو ئي ڪونه اسان ڇا ڪريو. ريلوي ڊپارٽمينٽ ايئر ڪنڊيشنر جا نوان Expansion V/V ئي نٿو ڏئي اسان ڇا ڪريو. هاڻ اهو ٿيندو آهي هڪ ملازم جو جواب ان گراهڪ لاءِ جنهن سان توهان بزنس ٿا ڪريو. اسان جو ريلوي ڊپارٽمينٽ يا پوسٽل ڊپارٽمينٽ يا ڪو ٻيو ڊپارٽمنيٽ عوام سان بزنس ته ڪري رهيو آهي. سروس Provide ڪرڻ لاءِ هو پئسن تي ٽڪيٽ ٿو وڪڻي ڪا عيسائين جي خيراتي اسپتال ته نه پئي هلائي وڃي ۽ جڏهن توهان بزنس پيا ڪريو ته بزنس مين ۽ ان جي ملازمن لاءِ وڏو باس گراهڪ هوندو آهي. ان کي هر صورت ۾ مطمئن ڪيو ويندو آهي يا معافي ورتي ويندي آهي ۽ نه ڇڙٻون ڏنيون وينديون آهن. اسان وٽ هر سرڪاري اداري جو ماڻهو مئنيجر کان صفائي وارو ڀنگي عوام کي ڏنڀ ۽ تڙيون ڏيڻ ٿو چاهي ڄڻ هن پنهنجي کيسي مان لنگر جي ديڳ چاڙهي آهي ۽ اهي ئي ڳالهيون آهن جو سان ائز اي نئشن مار کايو وڃون. ۽ اتي ئي فرق صاف ظاهر ٿئي ٿو. اسان جي دهليءَ کان بڙودا ويندڙ هن گاڏيءَ ۾ ڀر واري سيڪشن ۾ سڀ کان مٿاهين سيٽ تي ستل نولراءِ جي ننڍي ڀيڻ شيلا ريل جي لنگهندڙ هڪ ملازم کي بيهاري چيو: ”ڀائي هن ايئر ڪان کي ته ڏس، ڪم ئي نه پيو ڪري ڇا؟“
    دراصل آئون ٻڌي رهيو هوس ۽ سڄي زندگي جهازن جي ريفريجريشن ۽ ايئر ڪنڊيشنگ انجنيئرنگ سان واسطو هجڻ ڪري سمجهيم پئي ته ايئرڪنڊيشن جي ٿڌاڻ صحيح آهي پر تازو ڪجهه منٽ اڳ اسٽيشن تي ٽرين جي بيهڻ ۽ دروازن جي کل بند ٿيڻ ڪري دٻي جي ڪولنگ ڪجهه گهٽ ٿي وئي آهي. ريل جو ملازم ”جي مئڊم“ ڪري ويو. هن ضرور ٿرمو اسٽيٽ کي ٿورو سيٽ ڪيو هوندو جيئن ڪولنگ وڌي پر وڌندي وڌندي به ڪجه وقت ٿو لڳي ۽ ان دوران هن کي وري کٽي ٿي کڻي ۽ اچيو ٿو اسان جي دٻي مان لنگهي. شيلا وري ڪاوڙ مان چيس ته ڀائي هي دٻو ٿڌو ٿئي ئي ڪونه ٿو. مون کي جيتوڻيڪ دل ۾ آيو ته شيلا کي چوان ته ڪولنگ صحيح آهي ۽ آهستي آهستي وڌيڪ ٿڌو ٿي رهيو آهي، پر چپ ٿي رهيس. هو مستري به بنا ڪنهن رد ڏيڻ جي ”جي مئڊم، جي مئڊم“ چئي پٺيان پير ڪيا. Thermostat سان گڏ A.C جا فلٽر وغيره به وڃي صاف ڪيا هوندائين جو پوءِ ڪلاڪ ڏيڍ کان پوءِ سڄو دٻو تمام گهڻو ٿڌو ٿي ويو. ٻيا ته ٺهيو پر شيلا به ٿڌ ڪري هاڻ بلاڪيٽ اندر گڪي ٿي وئي هئي ۽ هاڻ ڪا اسٽيشن به ويجهڙائيءَ ۾ اهڙي نه هئي جنهن تي اسان جي ريل بيهي ۽ در کلن ته ٿڌڪار گهٽجي. ويتر ريل هاڻ راجستان جي وارياسين پٽن ۾ هلي رهي جتي ڏينهن جو ريتي تپي گرمي ٿي پيدا ڪري اتي رات جو وڌيڪ ٿڌ ٿي ڪري يعني ٻاهر جو ٽيمريچر ڪرڻ ڪري اندر ريل جي دٻي ۾ اڃا به وڌيڪ ٿڌ ٿي پئي هئي رات جا يارهن ٿي چڪا هئا مون پڙهي پڙهي هاڻ سمهڻ ٿي چاهيو پر سوچيم ته پهرين ان ايئرڪنڊيشن واري مستري کي ڳولهي چوانس ته ٿڌڪار گهٽ ڪر نه ته قلفي ٿي وينداسين. کيس ڳولڻ ۾ مون کي دير نه لڳي. اسان واري بوگي جي آخر ۾ باٿ روم وٽ اسٽول تي ويٺو هو. اتفاق سان ان ئي وقت هڪ ٻيو مسافر به هن سان گهڻي ٿڌ جي شڪايت ڪري رهيو هو.
    ”جي هان وه تو مين بهي سمجهه رها هون“ هو چئي رهيو هو ”پر ڇا ڪريان هونءَ جيڪا 31 نمبر واري سيٽ تي جاپاني مهانڊي واري عورت آهي اها دڙڪا ٿي ڏئي.“ يعني هو شيلا لاءِ چئي رهيو هو. اهو ٻڌي مون کي کل آئي ۽ چيومانس ته ڀلي ٿڌڪار گهٽاءِ هو پاڻ پئي چوي. دل ۾ سوچيم ته هن مڪينڪ جي سٺي Observation آهي. واقعي نولراءِ وارن ۾ ڪي ارجن داس، نول پاڻ، ڊاڪٽر لڇمڻ جهڙا جاپاني يا ٿائي اسٽائيل جي گول چهرن وارا آهن ته ڪي ڀاءُ ڀيڻ رامچند، ميرا وغيره جهڙا ڊگهي چهري وارا ننڍي کنڊ جي ماڻهن جهڙا آهن.
    پنهنجي بٺو ڪري آئون به اچي سمهي رهيس. منهنجي مٿان واري بئنچ تي پوليس جو رٽائرڊ آفيسر ۽ ان جي مٿان علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ جو پروفيسر ڊاڪٽر سعيد عالم هو. سڀ گهري ننڊ ۾ هئا. سامهون واري هيٺين سيٽ تي پٺن اگهاڙو ننڍڙي پوتڙي ۾ هڪ ساڌو فقير دريءَ ڏي منهن ڪري شام کان پٿل ماريو ويٺو هو ته هينئر رات جا ٻارهن ٿيڻ وارا هئا، هو نه ليٽيو ٿي نه ڪنهن سان ڳالهايو ٿي ۽ نهن ڪجهه کاڌائين ٿي. هڪ ڊگهي مالها جا ئي ڪڻ چوريندو رهيو ۽ ڪجهه پڙهندو رهيو. ان جي مٿين سيٽ تي هتي جي هڪ آئل ڪمپنيءَ جو انجنيئر هو ۽ ان جي مٿين سيٽ تي جينز ۽ ٽي شرٽ ۾ پنجابي ڇوڪري هئي جنهن کي بڙودا کان به اڳيان عربي سمنڊ جي بندرگاهه واري شهر ”سورت“ ۾ B.Sc جا فائنل پرچا ڏيڻا هئا. هن ٻڌايو هوءَ پاڻ پنجاب جي آهي پر سندس پيءُ جي سورت ۾ نوڪري هجڻ ڪري پاڻ سورت ۾ پڙهي. هاڻ ويجهڙائيءَ ۾ هن جي پيءُ جي بدلي مٿرا ٿي وئي آهي سو امتحان لاءِ هوءَ سورت وڃي رهي آهي. کيس ماءُ پيءُ مٿرا اسٽيشن تي ڇڏڻ آيا هئا.
    بڙودا کان جيترو اتر ۾ ڏيڍ سؤ ڪلوميٽر پر گانڌي نگر آهي اوتري ئي مفاصلي تي ڏکڻ ۾ سورت آهي. سورت جو بندرگاهه ڪنهن زمان ۾ ملاڪا بندرگاهه وانگر بلي بلي هو پر هاڻ اڄ جا وڏا جهاز سورت ۾ ملاڪا جهڙن ننڍن بندرگاهن بدران بمبئي ۽ سنگاپور وڃن ٿا. سورت تاپتي نديءَ جي ڇوڙ وٽ عربي سمنڊ جو بندرگاهه آهي جيئن کڻي چئجي ته پورٽ قاسم سنڌو نديءَ جي ڇور وٽ عربي سمنڊ جو بندرگاهه آهي. ٻارهين صديءَ ۾ ايران جي شهر کان لڏي آيل زور وسٽر (باهه جا پوڄاري) انڊيا جي هن شهر سورت ۾ اچي رهيا هئا ۽ انهن جو اولاد ۽ انهن جو اولاد آهستي آهستي فارسي بدران هن صوبي جي زبان گجراتي سکندو ۽ ان کي اپنائيندو ويو. اڄ اهي آتش پرست جيڪي حرف عام ۾ ”پارسي“ سڏجن ٿا گجراتي ڳالهائين ٿا. سورت کان پوءِ آهستي آهستي بمبئي، ڪراچي ۽ ٻين شهرن ڏي به ٽڙي پکڙي ويا ۽ ڪراچيءَ ۾ رهندڙ پارسي جن NED ۽ ماما پارسي اسڪول جهڙا تعليمي ادارا کوليا سنڌي پڻ ڳالهائيندا هئا. اڄ به هنن جو مشهور جهازن جو مالڪ ۽ ڪالم نويس ڪواسجي گجراتيءَ سان گڏ سنڌي به ڳالهائي ٿو.
    1573ع ۾ سورت جي شهر تي مغل شهنشاهه اڪبر جو قبضو ٿيو ۽ هن سورت کي واپار وڙي جو بندرگاهه بنايو. تن ڏينهن ۾ مڪي ۽ مديني ويندڙ هندستان جا حاجي هن بندرگاهه سورت کان روانا ٿيندا هئا ۽ هوڏانهن ڳاڙهي سمنڊ جي بندرگاهه جدي ۾ لهڻ بدران يمبو ۾ لهندا هئا جيڪو مديني جي بلڪل ويجهو آهي. ڏسندي ئي ڏسدي سورت هڪ امير شهر ٿي ويو، 1612ع ۾ انگريزن مغل حاڪمن جي اجازت سان واپار جي ڪوٺي کولي ۽ ان بعد 1616ع ۾ ڊچن (هالينڊ جي رهاڪن) ۽ پوءِ 1664ع ۾ فرينچن هن شهر ۽ بندرگاهه ۾ پنهنجيون واپاري بيٺڪون کوليون. اناج جي منڊين کان علاوه هي شهر هيرن (Diamonds) کان به مشهور آهي. اڄ کان ڏهه ٻارهن سال اڳ هن شهر ۾ ڪوئن جي پليگ (Pneumonic) بيماري پکڙجڻ ڪري دنيا جي خبرن ۾ نمايان رهيو. فيڪٽرين ۽ گاڏين جي گوڙ شور، دونهين، مٽي ڇيڻ ۽ فيڪٽرين مان نڪرندڙ زهريلي ڪيمڪيل ڪري هن شهر جي آلودگي (Pollution) کان هر هڪ واقف آهي گهٽ ته احمد آباد به نه آهي، پر بقول B.Sc جو امتحان ڏيندڙ مٿين پنجابي ڇوڪريءَ جي:
    If Ahmedabad is bad in noise and pollution then Surat is horrific.
    گاڏي راجستان صوبي جون منزلون ماري رهي هئي. راجستان هونءَ کڻي رڻ پٽ ۽ وارياسو صوبو آهي پر جيپور، جوڌ پور، ڀلورا، اجمير، بيڪانير، جيسلمير جهڙن تاريخي شهرن کان مشهور آهي. اسان جي سنڌ جا اوڀر وارا سڀ ضلعا راجستان سان مليا پيا آهن. گهوٽڪي، سکر ۽ خيرپور ضلعا راجستان جي جيسلمير سان ۽ سانگهڙ، عمر ڪوٽ وري بارمر سان اڄ کان هڪ سؤ سال کن اڳ جڏهن شناختي ڪارڊن ۽ پاسپورٽن جا چڪر نه هئا ته سنڌ جا ماڻهو هوڏانهن بلوچستان ۽ ايران ڏي ته هيڏانهن انڊيا جي راجستان ۽ گجرات صوبن ڏي پئي آيا ويا. تڏهن ته شاهه لطيف به پنهنجن شعرن ۾ هن پاسي جو ذڪر ڪيو آهي. شاهه جي مشهور شعر ”سائين! سدائين“ واري ۾ شروع جون سٽون آهن ته:
    ”ڪي دهليءَ ڪي دکن، ڪي گڙن مٿي گرنار،
    ڪنهين جنبي جيسلمير تان، ڏنا بيڪانير بڪار،
    ڪنهن ڀڄ ڀچائيو، ڪنهن ڍٽ مٿي ڍار،
    ڪنهن اچي امر ڪوٽ تان، وسايا ولهار،
    سانئينم! سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سڪار،
    دوست! مٺا دلدرا! عالم سڀ آباد ڪرين.“
    آئون پنهنجي بستر (سيٽ) جي مٿين بتي وسائي سمهي رهيس. تقريبا سڀ ننڊ ۾ هئا سواءِ ڪنهن هڪ ٻن جي. جيڪي واش روم ڏي اچي وڃي رهيا هئا يا شايد ڪنهن ايندڙ اسٽيشن تي هو لهڻ جي تياري ڪري رهيا هئا. فقط پوتڙي ۾ ويٺل ساڌو انهيءَ پوزيشن ۾ ويٺو رهيو جنهن ۾ اسان کي هن ايندي وقت ڏٺو هو. ٿي سگهي ٿو ويٺي ويٺي ننڊ ڪري رهيو هجي يا جاڳي رهيو هجي. سندس پٺ اسان ڏي هئي، مون کي ڪنهن وقت اک لڳي وئي، جڏهن ننڊ مان اٿيس ته اڇو صبح ٿي ويو هو. رٽائرڊ پوليس آفيسر انڊيا جو هفتيوار رسالو The Week پڙهي رهيو هو. دٻي ۾ موجود باقي مسافرن مان ڪي اڃا ستا پيا هئا ته ڪي اٿڻ جي تياري ڪري رهيا هئا. ڊائننگ ڪار جا بيرا ”گرم چانهه، گرم چانهه“ جا هوڪا ڏيئي رهيا هئا ۽ ساڳي وقت نيرن جا آرڊر پڻ وٺي رهيا هئا.
    ”ڪٿي پهتا آهيون؟“ مون پوليس آفيسر کان پڇيو.
    ”بس هاڻ گجرات صوبي ۾ گهڙي چڪا آهيون، ٿوري دير اڳ داهود ريلوي اسٽيشن ڇڏي اٿئون جيڪا هن ريلوي لائين تي گجرات جي پهرين اسٽيشن آهي.“
    پوليس آفيسر ٻڌايو.
    ”۽ هاڻ ڪهڙي ريلوي اسٽيشن ايندي؟“ مون پڇيو.
    ”هاڻ يڪو ڪلاڪ ڏيڍ بعد گوڌرا (Godhra) تي هلي بيهندي.“
    مون دريءَ مان ٻاهر ڏٺو. سرسبز ٻنيون ۽ ڳوٺن جا گهر ۽ مندرن مسجدن جا منارا نظر اچي رهيا هئا. ڪيڏي هڪجهڙائي آهي هن پاسي ۾ ۽ ملاڪا ۾. گهرن ۽ مندرن جو اهوئي اسٽائيل لڳي رهيو آهي جيڪو ملاڪا شهر مان وهندڙ ملاڪا نديءَ جي ڪناري وارن گهرن جو آهي. ملئي ماڻهن جي ديس ملايا (ملائيشيا) ۾ هي هن تر گجرات جي رهاڪن جا گهر آهن جيڪي ٻه ٽي صديون اڳ هتان گجرات کان لڏي ملاڪا وڃي رهيا هئا جن مڪاني راجائن کي خبردار ڪيو هو ته يورپ کان ايندڙ پورچو گالي جهازين کان بچي رهجو نه ته اهو حشر ٿيندائو جيڪو انڊيا سان انگريزن ڪيو. گجراتين جون اهي نصيحتون ۽ چتاءَ ٻڌي ملئي حاڪم خبردار ٿي ويا ۽ ڪنهن حد تائين هو پورچو گالين کي ڀڄائڻ ۽ ڪامياب به ٿي ويا هئا پر پوءِ جڏهن هنن پورچو گال ۽ سندن انڊين ڪالوني گوا کان وڏو سپاهه وٺي اچي ملاڪا تي قبضو ڪيو ته پهرين هنن گجراتين جي محلن کي ٻاهيون ڏنيون. هاڻ جيڪي ملاڪا ۾ گجراتين جا گهر آهن اهي گذريل صديءَ جي شروعات جا ٺهيل آهن. بهرحال گجراتين جي ملاڪا وارن انهن گهرن جو آرڪٽيڪيٽ بلڪل هن پاسي جو آهي. ملاڪا ۾ انهن جا گهر ته ڇا پر ٽنگري جهڙيون جهونيون مسجدون به گجرات جي مندرن سان گهڻو ملن ٿيون.
    آئون ريل گاڏي جي ڊائننگ ڪار وارن کي ڦڪي چانهه سان نيرڻ آڻڻ جو آرڊر ڏيئي ڪجهه ٽنگ ڊگهي ڪرڻ لاءِ ته ڪجهه پنهنجي ۽ ڀر واري دٻي (بوگي) ۾ ويٺلن جو جائزو وٺڻ لاءِ اٿيس. ڀر واري سيڪشن جي اٺن بئچن، يعني اٺن مسافرن ۾ شيلا ۽ سندس ڌيءَ کان علاوه نولراءِ جي پڦي بختاور جي ڌيءَ وينجهار ۽ ان جي ڌيءَ ڪرن ۽ ٻيا هئا. نولراءِ وارن کي ٽي پڦيون هوين يعني ڊپٽي ڪمشنر نارائڻ داس اوڏ کي ٽي ڀيڻون بختاور، سدوري، ۽ سگران هيون. بختاور جي هن ڌي وينجهار جي شادي امر لعل اوڏ سان ٿي ۽ ان جي بدلي ۾ امر لعل جي ڀيڻ مارئيءَ جي شادي نارائڻ داس جي ٻي نمبر پٽ حشمت راءِ سان ٿي. وينجهار ۽ سندس ڌيءَ ڪرن جيڪا اڄڪلهه سنڌ يونيورسٽي مان باٽني ۾ M.Sc ڪري رهي آهي. سان گڏ سندس پڦي مارئي به هئي هي پوٽڙيءَ مان ڪجهه ڪڍي کائي رهيا هئا. منهنجي اتان گذرڻ تي اها منهنجي اڳيان ڪيائون ته آئون به کڻان. هٿ جي تريءَ کان ڪجهه نڍا گول بسڪيٽ هئا.
    ”ڇا آهي؟“ مون پڇيو.
    ”موڪلائڻ وقت دهليءَ جي ريلوي اسٽيشن تي شيلا جي مڙس ڍولڻ جا مائٽ ڏئي ويا. ڪوڪيون آهن.“
    شيلا جو مڙس ڍولڻ اوڏ ڪنڊياري جي لاکو مل اوڏ جو پٽ آهي. هي سڄي زندگي ڪنڊياري ۾ رهيا ۽ ٻارن کي به اتي ئي پڙهايائون. وڏو پٽ ڪشور انجنيئر آهي، ٻيو پٽ شام ڪمار ايم ڪام آهي ۽ پوءِ ٻن ڌيئرن مان وڏي ريکا ڪماري MBA ۽ ننڍي برکا انٽر پئي ڪري جيڪا هن وقت پنهنجي ماءُ سان پنهنجن مامن جي پٽن جي شاديءَ لاءِ انڊيا آئي آهي ۽ هاڻ اسان سان گڏ بڙودا هلي رهي آهي. شيلان وارا هينئر مهينو ٻه ٿيندا ته ڪنڊيارو ڇڏي حيدرآباد ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي اٿن. آئون پهرين به لکي چڪو آهيان ته اوڏن جي شادي بدي ۾ ٿئي ٿي سو شري نارائڻ داس اوڏ پنهنجي هيءَ سڀ کان ننڍي ڌيءَ شيلان ڪنڊياري جي لاکو مل اوڏ جي پٽ کي سنڱ ۾ ڏيئي کانئس سندس ڌيءَ گلان پنهنجي انجنيئر پٽ مير چند لاءِ ورتي. مير چند نارائڻ داس اوڏ جي ننڍي زال نانڪيءَ مان سرڳواسي ڪرشن ۽ نولراءِ بعد ٽيون ٻار آهي.
    مون اها بسڪيٽ جهڙي ڳالهڙي ۽ سوڪ ماني کائي ڏٺي جيڪا خسته، مٺي ۽ لذيذ هئي.
    ”واه جي آهي. هي ته توهان جي ماءُ نانڪي يا شايد رامچند وارن جي ماءُ سوناري ٺاهيندي هئي. نول وارا موڪلن بعد هميشه ڪاليج کڻي ايندا هئا، خاص ڪري هوليءَ بعد. هڪ دفعو پيٽارو ڪاليج طرفان اسڪائوٽنگ ڪئمپ لاءِ ڪوئٽيا ويا هئاسين ته ارجن داس دٻو ڀري کڻي هليو هو ۽ ان تنبوءَ ۾ رهندڙ سڀني کي کارائيندو هو.
    مون ٻه ٻيون مانيون کنيون. هڪ پنهنجي لاءِ هڪ ڀر واري سيڪشن ۾ ويٺل پروفيسر بسنت لاءِ. آئون بنست وارن سان ٿوري دير ويهي خبرون ڪرڻ لڳس ته اتي بيري اچي سڏيو ته هو منهنجي نيرن ۽ گرم گرم چانهه منهنجي سيٽ تي رکي آيو آهي. بسنت مون کي اڃا ويهڻ لاءِ چيو.
    ”بسنت هاڻ بڙودا ۾ ئي ڪچهري ڪنداسين. اسان مستري ماڻهن ۽ اديبن لاءِ چانهه کان وڌيڪ ڪو ٻيو دوست يا مائٽ آهي ئي ڪونه.“ ۽ آئون سڌو اچي چانهه تي ويٺس. نيرن ۾ آيل ڊبل روٽي ۽ بيضو به پوءِ کاڌم. هونءَ به ٻه هٿ جيڏيون ڪوڪيون (مٺيون مانيون) کائي ويٺو هوس.
    ”آپ گجرات سي تو رجاستان گهومتي.“ آئل ڪمپنيءَ ۾ ڪم ڪندڙ اميت کانڊيلوال مون ليکڪ هجڻ جي ڪري صلاح ڏني. هن صحيح ڳالهه ڪئي جنهن سان آئون سهمت هوس پر کيس ٻڌايم ته گجرات اسان سنڌي ماڻهن لاءِ اهم حيثيت رکي ٿو جو اسان جي سنڌ ۽ گجرات ڄڻ هڪ ٻئي جا حصا آهن. زبان ۽ ڪلچر، ريتون ۽ رسمون ڪافي ملن ٿيون. وڏي ڳالهه ته اسان جي شاعر شاهه لطيف هن صوبي جي راجائن، راڻين ۽ ڌرتي ۽ ان جي ماڻهن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ آڻي اسان سان انهن جو ايڏو تعارف ڪرايو آهي جو توهان جي ٽوئرسٽ ڊپارٽمينٽ به نه ڪرايو هجي ۽ ٻي ڳالهه ته اسان هندستان جا ٻيا صوبا ڇڏي هتي گجرات ۾ پنهنجي دوست نولراءِ اوڏ جي پٽ مڪيش پرڻائڻ لاءِ آيا آهيون.
    آئون هن آئل ڪمنيءَ جي نوجوان آفيسر کي شاهه لطيف بابت ٻڌائي پوءِ سوچڻ لڳس ته واقعي صحيح چيم يا في الحال ٺلهي لئه رکي ويس. پر پوءِ يڪدم ڌيان ۾ آيو ته واقعي خوبصورت ڪؤنرو هن گجرات جي ته هئي. سندس پيءُ رانو کنگهار ڪڇ ڏيهه ۾ لکپت جو ئي ته ڇٽ ڌڻي هو.
    چنيسر سين چاڳ، متان ڪا منڌ ڪري،
    جان مون پوءِ پروڙيو، ته هي نه ماڻي ماڳ،
    ڏمريو ڏهاڳ، سگهو ڏئي سهاڳڻين.
    ۽ هي ٻيجل ۽ انيرا وغيره پڻ هن گجرات جا ئي ته هئا ۽ هن صوبي جي شهر جهونا ڳڙهه جو راءِ ڏياچ راجا هو.
    جاجڪ جهونا ڳڙهه ۾ ڪو عطائي آيو،
    تنهن ڪامل ڪڍي ڪينرو، ويهي وڄايو،
    شهر سڄو ئي سر سين، تَندنِ تپايو،
    دايون، دَرِ مانديون ٿيون، ٻاين ٻاڏايو،
    چارڻ ٿي چايو، ته ماري آهي مڱڻو.
    اڄ به هي سياسي بارڊر نه هجن ته اسان سنڌين لاءِ ته راجستان وانگر ئي گجرات ويجهو آهي، لاهور ۽ ڪوئيٽيا به پالنپور ۽ گرنار کان پري ٿيا.
    گل ڇنو گرنار جو، پٽڻ ٿيون پٽين،
    سهسين سورٺ جهڙيون، اڀيون اوسارين،
    چوٽا چارڻ هٿ ۾، سر سينگاريو ڏين،
    ناريون ناد ڪرين، ”راڄا رات رَمگيو“
    گجرات جي حوالي سان شاهه جي شعرن جي وڌيڪ خبر مرحوم عبدالرحمان نقاش ئي ٻڌائي سگهيو ٿي يا هن وقت سوجهرو رسالي جي چيف ايڊيٽر صاحبا ج.ع. منگهاڻي.
    هونءَ ته انڊيا جو هر صوبو ڏسڻ وٽان آهي ۽ هر صوبي ۾ ڪيتريون ئي تاريخي شيون آهن ۽ انڊيا جي حڪومت به غير ملڪين جو ڌيان ڇڪڻ لاءِ هر صوبي ۾ رهائش، سواري، کاڌي پيتي توڙي Law & Order جو تمام سٺو بندوبست ڪيو آهي ۽ هندستان جي جنهن تنهن وڏي شهر توڙي ڳوٺن ۾ يورپي، آمريڪن توڙي عرب ۽ ايشيائي گهمندا ڦرندا نظر اچن ٿا. پر ٻين صوبن جي مقابلي ۾ گجرات صوبي ۾ ڌاريان ٽوئرسٽ گهٽ اچن ٿا ۽ اهائي ڳالهه اسان سان هن ٽرين ۾ سفر ڪندڙ آئل ڪمپنيءَ جي آفيسر مسٽر اميت ڪئي. بهرحال هن صوبي (گجرات) جي پنهنجي خاص اهميت آهي ۽ انڊيا جو مهاراشترا بعد، سڀ کان گهڻو Industralized صوبو آهي. گانڌي نگر هن صوبي جي گاديءَ جو هنڌ آهي جيڪو اسلام آباد وانگر نئون ۽ پلاننگ تي ٺهيل هڪ ماڊرن شهر آهي. هن صوبي جو مشهور ترين شهر احمد آباد جيڪو هن کان اڳ گاديءَ وارو شهر هو، گانڌي نگر جي ڀر ۾ ئي آهي ۽ اڄ به ان جي اهميت هڪ ڪمرشل سينٽر جي آهي جيئن ڪراچيءَ جي آهي. گجرات انڊيا کي به وڏا ليڊر ڏنا جن هندستان جي آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪئي.، مهاتما گانڌي ۽ ولڀ ڀائي پٽيل. هونءَ جيتوڻيڪ ڄم جي جاءِ تي Dispute آهي پر اها حقيقت آهي ته باباءِ پاڪستان قائد اعظم محمد علي جناح جي مادري زبان به گجراتي هئي. گجراتين جي آرٽ ۽ سائنس جي دنيا ۾ به وڏي Contribution آهي ۽ انڊيا کي وڪرم سارا ڀائي جهڙا Space پروگرام جا سائنسدان ڏنا. جيتوڻيڪ توهان کي گهڻي ڀاڱي گجراتي بزنس ۾ ملندا ۽ هنن جي نس نس ۾ Entrepreneurial اسپرٽ آهي.
    راجپوتن جي هڪ شاخ سولنڪي، گجرات تي 960ع کان وٺي 1243ع تائين حڪومت ڪندي رهي. سامونڊي واپار وڙي جي خيال کان گجرات انڊيا جو اهم مرڪز سمجهيو ويو ٿي ۽ ان وقت جو گاديءَ جو هنڌ انهيلوار ،(Anhilwara) جيڪو پتان به سڏجي ٿو، انڊيا جي وڏن شهر مان هڪ هو. 1243ع کان 1292ع تائين گجرات تي مختلف سردار ۽ گهراڻا حڪومت ڪندا رهيا. تان جو 1297ع ڌاري، دهليءَ جي سلطان علاؤالدين انهليوارا جي تباهي اچي ڪئي ۽ گجرات کي پنهنجي دهلي سلطنت سان ملائي ڇڏيو. ان بعد چوڏهين صديءَ جي آخر ڌاري، جڏهن تيمور دهلي تي حملا ڪري، سلطانن جي حڪومت کي ڪمزور ڪري رکيو ته گجرات جي مسلمان گورنر ظفر خان مظفر گجرات مٿان پنهنجي حڪومت جو اعلان ڪيو ۽ سندس پٽ سلطان احمد شاهه (جنهن 1411ع کان 1442ع تائين حڪومت ڪئي) گجرات جي گاديءَ وارو هنڌ پنهنجي نالي سان احمد آباد مقرر ڪيو. سلطانن جي گجرات تي 1576ع تائين حڪومت جاري رهي، پوءِ مغل شنهشاهه اڪبر، گجرات فتح ڪري پنهنجي سلطنت سان ملائي ڇڏيو. گجرات اٺين صديءَ تائين، مغلن جي حڪومت جو ئي صوبو رهيو. ان بعد اها مرهٽن جي حوالي ٿي وئي.
    يورپين ۾ پورچوگالي پهريان هئا، جيڪي گجرات ۾ آيا ۽ گجرات صوبي جي سامونڊي ڪناري تي مختلف بيٺڪون (Enclaves) ٺاهيون. جن ۾ دامان، ديو (Diu)، دادرا ۽ ننگر حويلي پڻ آهي. ان بعد ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ وارن (جيڪي انگريز هئا ۽ انگلينڊ کان آيا هئا) 1641ع ۾ گجرات جي شهر سورت ۾ فيڪٽري قائم ڪئي، جيڪو هنن (انگريزن) جو انڊيا ۾ پهريون Base هو ۽ انهن ڏينهن ۾ سورت اڄ جو سنگاپور ۽ دبئي ٿيندو پئي ويو. پر پوءِ 1668ع ۾ انگريزن جيئن ئي پورچوگالين کان ممبئي (بمبئي) حاصل ئي ته سورت ۽ اوسي پاسي جي ٻين شهرن جو شان شوڪت ممبئي کي ئي نصيب ٿيندو رهيو ۽ اڄ گجرات، مهاراشٽر، تامل ناڊو پاسي ۾ سڀ کان وڏو صوبو آهي.
    گجرات تي انگريزن جي حڪومت دوران ڪيترن ئي مڪاني حاڪمن انگريزن سان ظاهر ظهور/ لڪ ڇپ ۾ معاهدا ڪري، پنهنجيون نننڍيون نننڍيون سلطنتون قائم رکيون. جن جي بدلي ۾ هو انگريزن کي مقرر ڪيل مال، پاڻ پهچائيندا رهيا. انهن تي حاڪمن ۾ بڙودا (جيڪو ودودارا Vadodara به سڏجي ٿو) جو مرهٽو حاڪم گئيڪواڊ (Gaekwads) هو. سڄي گجرات کي بعد ۾ سياسي طرح بمبئي پريزنڊنسي سان ملايو ويو ته به بڙودا رياست کي الڳ رکيو ويو. جنهن جو انڊيا جي گورنر جنرل سان Direct واسطو رهيو ٿي. 1818ع کان 1947ع تائين انگريزن جي دور ۾ گجرات صوبي ۾ جهونا ڳڙهه، ڪاٺياواڙ جهڙيون ڪئين ڊزن ننڍيون وڏيون نوابي رياستون (Princely States) هيون، جن کي انگريزن آزادي ڏئي ڇڏي هئي ته؛ انهن جا حاڪم پيا موج مزا ڪن ۽ انگريزن کي به گهر ويٺي عيش ڪرائين ۽ سلامي ڀرين. انگريزن کان آزادي حاصل ڪرڻ بعد، انڊيا حڪومت سگهو ئي انهن شهزادن کي Line حاضر ڪري ڇڏيو، جيڪي اڄ ڏينهن تائين انگريزن کي ياد ڪندا رهن ٿا. انگريز به هڪ طرف هنن رياستي نوابن کي شراب، ڪباب ۽ شباب جي کلي آزادي ڏيئي ڇڏي ته ٻئي طرف پنهنجا ڇاڙتا ۽ جاسوس رکي، هنن جي ٺڙڪو عيش عشرتن ۽ Fantasies جون ڳالهيون نوٽ ڪري، ثبوت سوگها ڪري، کين دل وٽان بليڪ ميل ڪيو ۽ ڦريو لٽيو ۽ اڄ تائين انهن شهزادن ۽ حاڪمن جي ڪهاڻين جا ڪتاب ڇپبا رهن ٿا. افسوس اهو آهي ته اڄ به اسان جي ملڪن ۾ ان قسم جون اٽڪلون هلنديون رهن ٿيون ۽ اسان جا ڪيترا نمائندا ۽ وزير، ظاهري طرح ته قوم جي خدمت ڪرڻ جون هاميون ڀريندا رهن ٿا پر پنهنجين عياشين ۽ ڪڌن ڪرتوتن ڪري پاڻ کان مٿين حاڪمن وٽ وڪاميا پيا آهن. هنن جي ڳچيءَ ۾ رسو اهڙو سوگهو آهي، جو مجال آهي پنهنجي حاڪم جي نافرماني ڪري ڏيکارين. اڳ زماني ۾ ته رڳو اکين ڏٺا شاهد هئا. هاڻ ته آواز به ٽيپ آهن ته ڪڌا ڪرتوت به فلمايل آهن.
    گاڏيءَ جي رفتار گهٽجڻ لڳي آهي. معنيٰ هاڻ ڪنهن اسٽيشن اچڻ جا آثار آهن. اسان به اچي چڙهيا آهيون. ڄاڻ ته منزل واري شهر بڙودا ۾ پهتاسين. ڪو ڪنواريتن کي اطلاع ڪري ته گهوٽ صاحب پهچڻ وارو آهي. هيءَ به اها ڳالهه ٿي ته ”ڪنول پاڙون پاتال ۾، ڀونئر ڀري آڪاش“ ڪٿي ڪنڊياري ڳوٺ جي رئيس نارائڻ داس جو پوٽو مڪيش ۽ ڪٿي گجرات صوبي جي شهر بڙودا جي ڪنوار شرمي. ٻه ٽي سال اڳ ته ٻنهي جي مائٽن کي خواب خيال ۾ به نه هوندو ته سندن ٻار لنڊن جي هڪ ڪاليج ۾ وڃي پڙهندا جتي هنن جو پيار ٿيندو ۽ اتي ئي شادي رچائڻ بدران مڱڻو ڪراچيءَ ۾ ۽ شادي بڙودا ۾ ڪندا، جتي ڊپٽي ڪمشنر شري نارائڻ داس جي اولاد؛ پٽن، ڌيئرن، پوٽاڻ ڏهٽاڻ جي سڀ کان وڏي گڏجاڻي ٿيندي. اڄ ڏينهن تائين هنن اوڏن جي شادين ۾ هڪ ئي وقت ايترا ڀاءُ ڀيڻون نه مليا هوندا. هي به ڇا ڪن؟ ڪو ڪنهن شهر ۾ ته ڪو ڪنهن ملڪ ۾. ڪنهن جي اهڙي نوڪري جو سولائيءَ سان موڪل ڪريو وڃي. ڪنهن کي وري ايڪس پاڪستان Leave لاءِ Apply ڪرڻو پوي. ڪو ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر ته ڪو ڪنهن اسپتال ۾ ڊاڪٽر يا سرجن. ڪو پاڻيءَ جي جهاز جو ڪئپٽن ته ڪو هوائي جهاز جو پائليٽ. بهرحال هن شاديءَ ۾ به سڀ گڏ نه ٿي سگهيا پر تڏهن به ڪافي اوڏ؛ ڀائر ڀيڻون ۽ انهن جو اولاد، اچي گڏ ٿيو آهي. انهن مڙني ۾ فقط آئون ئي هڪ Non-Oad پيو هلان. هلڻ لاءِ ته ڪئپٽن بشير وسطڙو، فيڊرل سيڪريٽري ممتاز شيخ، سکر جو عاشق حسين شاهه، اقبال جماڻي، شريف بلوچ ۽ ٻيا ڪيترا پيٽارو جا دوست ۽ نولراءِ جا سي ايس پي ڪليگ تيار ٿيا پر پوءِ آخر تائين ڪم ڪارين ڪري، يا موڪلون نه ملڻ ڪري، هڪ هڪ ٿي گروپ مان نڪرندو ويو. رهجي ويس آئون. پر چڱو جو منهنجو داڻو پاڻي لکيل هو. انڊيا ڏسڻ جو مون کي به وڏو تجسس هو. گڏ رهڻ ڪري، ننڍي ٽهي جي اوڏن جا نالا پڻ ياد ٿي ويا آهن. لڳي ٿو ته مهينو ٻه وڌيڪ سفر ٿئي ها ته اوڏڪي زبان جو به ذرو پرزو سمجهه ۾ اچي وڃي ها، جيڪا ڏکي آهي يا سولي پر ميوزيڪل ضرور آهي. منجهس تامل ۽ پشتو وارو گوڙ گڙڪو رعد رڙ ڪو ناهي.
    ”سائين چانهه لاءِ هيٺ نه لهبو؟“ منهنجي اڳيان لنگهندي دودي ۽ راڻي چيو:
    ”ڪهڙي اسٽيشن آهي؟“ مون پڇيو.
    ”اها خبر ئي ڪانهي.“ دودي وراڻيو. گاڏي ان ئي وقت اسٽاپ ۾ آئي ۽ اسٽيشن جو نالي وارو هڪڙو بورڊ مون واري دريءَ جي ٻاهران به هو. مون نالو پڙهيو انگريزيءَ ۾ Godhra لکيل هو. ٻي زبان ضرور گجراتي ۽ ٽي هندي ئي هوندي. اسٽيشن تي فوٽو ڪڍرائي، چانهه پي اچي ويٺس ته پوليس جي رٽائرڊ آفيسر چيو ته اها يادگار تصوير رهندي.
    ”ڪيئن؟“ مون پڇيو.
    ”ڇو ته هيءَ اها بدنام جاءِ گوڌرا اسٽيشن آهي جتان ٽي سال اڳ 2002ع ۾ هندو مسلم فساد Originate ٿيا هئا ۽ هڪ طرف هزارين جانيون تباهه ٿي ويون ته ٻئي طرف دنيا ۾ انڊيا جي حڪومت جي سخت بدنامي ٿي هئي ته اهو ملڪ جيڪو جمهوريت ۽ هر مذهب سان سهپ جو Claim ٿو ڪري ان ۾ هن قسم جا جهڳڙا مذهب جي نالي ۾ ٿي رهيا آهن.“
    ”هاڻ مون کي ياد آيو. ڪيترن ڏينهن تائين انهن هنگامن جون خبرون ٽي وي ۽ اخبارن ۾ اينديون رهيون. حقيقت ۾ ڇا ٿيو هو؟“ مون هن رٽائرڊ پوليس آفيسر کان پڇيو.
    ”ظاهري طرح ته هيئن ٿيو هو جو، جيئن سبرمتي ايڪسپريس ٽرين، هتي گوڌرا ۾ پهتي ته ان تي حملو ڪيو ويو.“ هن رٽائرڊ پوليس آفيسر جيڪو هندو هو، ٻڌايو: ”گاڏيءَ کي باهه ڏني وئي ۽ سٺ کن ماڻهو مري ويا. جيڪي گهڻو ڪري هندو هئا. ان بعد هندن هن سڄي شهر ۾ ٻاري ڏني ۽ ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ جڏهن ٺاپر ٿي ته خبر پئي؛ مسلمانن جا چار پنج هزار ماڻهو قتل ٿي ويا. ان بعد حقيقت معلوم ڪرڻ لاءِ هڪ ڪميٽي ٺاهي وئي جنهن ۾ سماج وادي جو ايم پي راج ببر، مشهور ايڪٽر، ايم پي شبانه اعظمي، فلم ايڪٽرس ۽ انڊيا جي مشهور اخبار راشٽريه سحارا جو ايڊيٽر عزيز برني آهي. آخر ۾ خبر پئي ته ان ۾ شروع جي چرچ اسان جي هندن جي هئي. آيوڌا کان هڪ غنڊن جو ٽولو، جنهن پاڻ کي رام سيوڪ ٿي سڏايو، سڄي واٽ ٽرين ۾ توڙي ريلوي اسٽيشن تي گوڙ گهمسان ڪندو آيو. هنن هر اسٽيشن تي کاڌي پيتي جي دڪانن تان شيون وٺي، پئسا ڏيڻ بدران هنن جا ٿانو ٿپا ٿي ڀڃي ڇڏيا. هنن مسلمانن ۽ انهن جي پاڪ جاين جي خلاف نعرا ۽ غلط لفظ ٿي چيا ۽ ريل گاڏيءَ ۾ چڙهيل مسافرن کي به هيسائيندا ۽ ڊيڄاريندا هليا. جن مسلمان عورتن کي نقاب هو، انهن جو اهو لهرائي ٿي ڇڏيائون. هڪ فيمليءَ احتجاج ڪيو ته ان کي زوريءَ گاڏيءَ مان لهرائي ڇڏيائون. پوءِ هنن اهي ساڳيا ڪم هتي گوڌرا جي ريلوي اسٽيشن تي ڪيا. هڪ پير مرد مسلمان دڪان واري، پئسا نه ملڻ تي احتجاج ڪيو ته هن کي بي درديءَ سان مارڻ لڳا. هن وٽ بيٺل سورهن سالن جي ڌيءَ، کين پنهنجي پيءُ کي نه مارڻ لاءِ ايلاز منٿون ڪيون ته ماڳهين هن کي زوريءَ کڻي گاڏي ۾ بند ڪري ڇڏيائون. گاڏي هلڻ تائين پير مرد پنهنجي ڌيءَ کي ڇڏڻ لاءِ دٻي کي ڌڪ هڻندو رهيو پر اندران ڪنهن به در نه کوليو ۽ پوءِ چون ٿا ته ڪجهه غيرتمند نوجوان آخري دٻي ۾ چڙهي پيا ۽ ريل گاڏي ڪلوميٽر کن اڳتي هلڻ بعد جتي مسلمانن جي وڏي بستي آهي اتي ٽرين کي بيهاري هنن سان جهيڙو ڪيائون. اوسي پاسي جا ٻيا مسلمان به اچي گڏ ٿيا ۽ هڪ ٻئي تي پٿراءُ ٿيندو رهيو. خبر پئي ته هنن رام سيوڪن جو دٻو اڳهين پٿرن سان ڀريو پيو هو ۽ رستي تي به هو پٿر بازي ڪندا آيا هئا. ايتري ۾ ڪنهن هڪ پراڻي سوڙ کي باهه ڏيئي ريل گاڏيءَ جي هيٺان ڇڏي ۽ ڀنڀٽ مچي ويا، جو ريل جي هڪ ٻن دٻن ۾ گاسليٽ جا دٻا ۽ ٻارڻ جي گيس جا سلينڊر هئا جن جي ڦاٽڻ تي باهه وڪوڙي وئي ۽ ان ۾ ڪيترائي ماڻهو سڙي رک ٿي ويا. ان بعد هندو مسلمانن جو قتل عام ڪندا رهيا. BJP (ڀارتيا جنتا پارٽي) وارن جي حڪومت هئي. جيڪي هن واقعي کي As Usual پاڪستان سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا ته ان ۾ پاڪستانين جو ڳجهو هٿ آهي. بهرحال هن پرسڪون ڌرتيءَ تي هيءَ هڪ افسوسناڪ Tragedy هئي، جنهن ڪيترن صحيح سوچ رکندڙ هندن جو ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو ۽ اسان جو ملڪ دنيا جي نظرن ۾ بدنام ٿيو. هندو مسلمانن جي پيار محبت جي وچ ۾ چند شيطان قسم جي انسانن جو هي هڪ وڏو کاٽ هو، جنهن سان پيدا ٿيل نفرتون گهٽ ٿيندي ٿيندي وڏو عرصو لڳندو.
    بقول ان وقت گوڌرا جي پوليس سپرنٽينڊنٽ نانواتيءَ جي:
    “The Provocation was there and the reaction was strong. But no one had imagined all this would turn into such a big tragedy”.
    اسان جي ريل گاڏي (پشچم ايڪسپريس) هتي گوڌرا ۾ چڱي دير بيٺي. ان بعد اسان جي آخري منزل بڙودا ڏي هلڻ لڳي. پروفيسر بسنت اوڏ، جيڪو پهرين به انڊيا اچي چڪو آهي، تنهن گوڌرا کان چند ميل اڳيان جبل ڏي اشارو ڪري ٻڌايو ته؛ اهي پاوا ڳڙهه جو ٽڪريون (Pavagarh Hills) سڏجن ٿيون. انهن جي قدمن ۾ هندن جو هڪ تمام مشهور مندر آهي، جيڪو ڪالي ديويءَ جو مندر سڏجي ٿو.
    گوڌرا ۽ هن کان اڳ آيل اسٽيشن داهود (Dahod) جاڙا شهر سڏجن ٿا. مغل بادشاهه اورنگزيب هن شهر داهود ۾ ڄائو هو.
    هونءَ هي صوبو گجرات واپار وڙي، انڊسٽري ۽ پراڻن مندرن کان مشهور چيو وڃي ٿو. ان ۾ حقيقت ئي هوندي جو هن صوبي ۾ پالنپور (نوابن جي پراڻي رياست، جنهن ۾ بلرام مهاديو مندر ۽ ٻيا هندن جا مندر آهن)، پاتان (جيڪو جين ڌرم جي مندرن سان ڀريو پيو آهي) موڌيرا (جيڪو سورج مندر ۽ ٻين هندو ۽ جين ڌرم جي مندرن کان مشهور آهي)، راجڪوٽ، جهونا ڳڙهه ۽ ڄام نگر جهڙا ڪيترائي شهر، مندرن کان مشهور آهن. تاريخ جو مشهور مندر، سومناٿ به هن ئي صوبي گجرات ۾ آهي. سومناٿ مندر کان نه فقط انڊيا جو ٻچو ٻچو واقف آهي، پر اسلام جي نالي ۾ ٺهيل اسان جي ملڪ جو ٻچو ٻچو پڻ. انڊيا وارا ان ڪري جو سومناٿ مندر ننڍي کنڊ جو تمام مشهور، جهونو ۽ امير ترين مندر آهي (يا گهٽ ۾ گهٽ رهيو آهي) ۽ اسان جي ملڪ جا ان ڪري جو، ان تي حملو ڪندڙ افغان محمود غزنوي کي جيڪو ظاهر آهي...... جين ۽ ٻين ڌرمن سان واسطو رکندڙ ننڍي کنڊ جي ماڻهن لاءِ هڪ ڦورو ۽ ڌاڙيل ئي ٿيو جو هنن جي عبادت گهرن کي تباهه ڪري مال ملڪيت کڻي ويو پر اسان جي تاريخدانن اسان جي لاءِ هن کي وڏو دلير، اعليٰ مسلمان، دولت تي نه وڪامڻ وارو ڪري پيش ڪيو آهي. افغانستان کان هو پنهنجا سپاهي ۽ ٽيهه هزار گهوڙي سوار رضاڪار وٺي سڄو جهان لتاڙي، عربي سمنڊ جي ڪناري تي جهونا ڳڙهه صوبي جي وڏي شهر ۽ بندرگاهه ويرا وال جي ڀر ۾ ٺهيل سومناٿ مندر تي حملو ڪري هن ۾ ٽنگيل بت کي ڀڃڻ ٿي چاهيو. هو پاڻ سچو مسلمان هو ته هن نه ٿي چاهيو ته ڪنهن بت جي پوڄا ٿئي، سو هن تير ڪمان سان بت کي ڀڃڻ ٿي چاهيو. مندر جا پوڄاري ۽ ٻاوا سندس قدمن تي ڪري پيا.
    ”توهان اسان جي ديوتا جي مورتي کي ڀڃي ڀور ڀور نه ڪريو. اسان توهان کي دولت ۾ توري ڇڏينداسين.“
    پر محمود غزنوي نه مڃيو، ظاهر آهي هو سچو مسلمان هو. هن وراڻيو ”آئون بت فروش نه آهيان، آئون بت شڪن آهيان.“ (يعني آئون بت وڪڻڻ وارو نه آهيان پر بت ڀڃڻ وارو آهيان). ننڍي هوندي حيدرآباد ۾ محمود غزنوي نالي ڊرامو اسان فقير جي پڙ ۾ ڏٺو هو، جيڪو همراهه ڏاڙهي لڳائي محمود غزنوي ٿي آيو هو ان جنهن وقت اهي جملا چيا ته ڏسندڙ ڪا دير تاڙيون وڄائيندا رهيا ۽ واه واه ڪندا رهيا. ”ڇا ته محمود غزنوي ورندي ڏني!“ هر هڪ ٿي چيو.
    بهرحال اسان جي تاريخن جي ڪتابن ۾ آهي ته محمود غزنوي هندن جي مال ملڪيت جي آفر کي ٺڪرائي تير کي ڇڪي ان بت کي هنيو، ته اهو ٽڪرا ٽڪرا ٿي اچي پٽ تي پيو ۽ محمود کي جيڪا دولت مندر جا ٻاوا آفر ڪري رهيا هئا ان کان ڪيترائي دفعا وڌيڪ دولت جا هيرا جواهر بت جي پيٽ مان نڪري آيا، جيڪي ان ۾ لڪايا ويا هئا. محمود غزني ان دولت سان خرجينون ڀري پنهنجي وطن روانو ٿيو.
    اها ڪهاڻي ۽ ڊرامو اسان تڏهن پڙهي ۽ ڏٺي، جڏهن اسين چوٿين درجي ۾ هئاسين. اڄ تائين اها ڳالهه سمجهه ۾ نه اچي سگهي آهي ته محمود جي ڳوٺ غزني کان ٻي ڇيڙي تي جهونا ڳڙهه جي ڪنڊ ۾ هن مندر کان علاوه ڇا ڪو ٻيو مندر ۽ بت هو ئي ڪونه جو هو ثواب کٽڻ لاءِ ايڏو ڪهي فقط سومناٿ جو بت ڀڃڻ آيو ۽ ڇا بت ڀڃڻ سان ٻئي ڏينهن کان اوسي پاسي جي هندن بتن جي پوڄا ڇڏي، مصلا وڇائي نمازون پڙهڻ شروع ڪري ڏنيون ۽ ڇا محمود پاڻ مسلمانن جي لشڪر سان واٽن تي نمازون روزا رکندو، خير خيرات ڪندو پهتو هو؟ مندر جي هن بت مان مليل سون ۽ هيرا جواهر ۽ ٻيو قيمتي مال، اتي جي ئي غريبن ۾ ڇو نه خيرات ڪري ڇڏيو؟ گهٽ ۾ گهٽ، ملائيشيا پاسي اسلام ائين ته نه پکڙيو. اتي عربستان، ايران ۽ ننڍي کنڊ کان آيل ماڻهن اچي نيڪ ڪم ڪيا. ڌنڌي ڌاڙي ۾ ايمانداريءَ جا مثال قائم ڪيا. جن مان مڪاني ماڻهو Impress ٿي مسلمان ٿيا. تڏهن ته ننڍي کنڊ جا غير مسلم، اسلام تي اهو الزام هڻن ٿا اسلام تلوار جي زور تي پکڙيو.
    هونءَ سومناٿ مندر، اهڙي هنڌ تي آهي جو اسان جا ڪيترا جهازي دوست، جيڪي انڊيا جي ممبئي ۽ ڀر وارن بندگاهن ۾ ايندا رهيا، اهي باءِ Sea يا باءِ روڊ خاص ڪري دوارڪا کان ايندا رهيا. هونءَ به هي سومناٿ مندر يا جهونا ڳڙهه شهر، ڪاٺياواڙ يا ڀوڄ وغيره اسان جي ڪراچي، حيدرآباد يا بدين کان پري نه آهن. جهاز کي ڪراچي بندرگاهه مان ڪڍي ٻاهر ڪري جيسين سسٽم کي ڊيزل آئل مان هيوي فيوئل تي چئنج ڪر ۽ فل اسپيڊ تي آڻي آٽو تي رکي انجڻ روم مان ٻاهر ڊيڪ (عرشي) تي اچ ته انڊيا گجرات جا مانڊوي ۽ مندرا بندرگاهه به گذريو وڃن ۽ شام تائين دوارڪا، پور بندر ۽ سومناٿ وارو بندرگاهه ويراول به گذريو وڃي. يعني پاڻي وارو جهاز انهن کي لتاڙيو وڃي. جيتوڻيڪ پاڻيءَ جي جهاز جي رفتار بنهه گهٽ؛ گڏهه يا خچر جيتري آهي. اسان جي شهرن بدين، ميرپورخاص، عمر ڪوٽ کان ته سکر ۽ جيڪب آباد به پري آهن پر مانڊوي، ڀوڄ، موٿالا، فتح ڳڙهه، پالنپور ۽ پور بندر ۽ سومناٿ ويجها آهن. ٻه ڪانگ يا ڪي ٻيا ٻه پکي، هڪ ميرپورخاص مان ڪشمور يا جيڪب آباد لاءِ نڪري ۽ ٻيو سومنٿات لاءِ ته سومناٿ وارو گهڻو اڳ منزل تي پهچي ويندو. اهو هينئر سياسي بارڊرن جا چڪر آهن ۽ ڪارون، بسون ۽ هوائي جهاز نڪري پيا آهن پر جڏهن ماڻهو پنڌ ۽ اٺن تي هلندا هئا ته لاڙ ۽ وچولي سنڌ جي ماڻهن لاءِ هي گجرات، مهاراشٽرا ۽ راجستان جا شهر وڌيڪ ويجها هوندا هئا. اسان جي والد صاحب گل محمد شيخ ۽ سندس ڪلاس ميٽ، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، غلام مصطفيٰ شاهه ۽ نولراءِ اوڏ جو والد صاحب نارائڻ داس اوڏ وغيره مئٽرڪ جي امتحان لاءِ بمبئي ويندا هئا يا وڪالت لاءِ جهونا ڳڙهه ته ٿرپارڪر مان اٺن ذريعي سفر ڪندا هئا ۽ اسان سنڌين کي هي شهر ڪوئيٽا، ملتان، لاهور کان ويجها پيا ٿي. ڪيترا ته سفر جا شوقين پيرين پنڌ نڪري پوندا هئا ۽ منزلون هڻندا، بيڪانير، جيسلمير، ڀوڄ، ڄام نگر کان وڃي نڪرندا هئا ۽ هونءَ به اڄ کان اڍائي يا ٽي سؤ کن سال اڳ، ڪٿي هيون ريل گاڏيون ۽ بسيون موٽرون؟ ماڻهو پنڌ ۽ اٺن تي سفر ڪندا هئا. شاهه لطيف به انهن مان هڪ آهي جنهن ان دور ۾ ضرور اهي علائقا گهميا هوندا، تڏهن ته انهن جا چٽا حوالا ڏئي ٿو.
    هونءَ جيڪو پاڻيءَ جو ننڍڙو جهاز هجي، جهڙا سؤ سال کن اڳ تائين هئا ته هن صوبي گجرات جي بندرگاهن جو جواب ناهي. منهنجي خيال ۾ انڊيا ۽ پاڪستان ۾ گجرات ئي اهو صوبو آهي جنهن جو سڀ کان گهڻو سامونڊي ڪنارو آهي ۽ اهو به کاڌل ڪنارو آهي يعني جتي ڪٿي ننڍا ننڍا بندرگاهه ٺهي پيا آهن. آئون تصور ڪري سگهان ٿو ته انگريزن جي ڏينهن ۾ اهي بتيلي ٽائيپ سڙهن وارا ۽ پوءِ ٻاڦ وارا آگبوٽ هن گجرات واري علائقي ۾ هڪ ٻئي ڀرسان ٺهيل بندرگاهن ۾ فرحتي ويندا هوندا ۽ ٽريڊ ۽ واپار کان هن پاسي ميلو متل هوندو. هاڻ جهاز ايڏي وڏي سائيز جا ۽ اونها ٿي پيا آهن جو هن سموري علائقي جا بندرگاهه انهن لاءِ ننڍا آهن ۽ پاڻي به ايترو اونهو ناهي جيڏي اوچائي جهازن جي ٿي وئي آهي. گذريل صديءَ تائين سومناٿ مندر جي Location واقعي ڀٽاري هئي جتي نه فقط خشڪي ذريعي پر سمنڊ ذريعي پڻ پري پري کان تيرٿي ڪهي آيا ٿي ۽ جيترو پئسو هن مندر کي مليو ٿي اوترو ڪنهن کي نٿي مليو.
    هندو ڌرم جي ڪيترن ماڻهن جو اهو اعتقاد آهي ته هي مندر سومراج، چنڊ ديوتا، پاڻ سون سان جوڙايو ۽ پوءِ وري راوڻ نئين سنئين چانديءَ مان ٺهرايو ۽ پوءِ ڪرشن ڪاٺ مان ٺهرايو ۽ پوءِ ان کي ڀيم ديو پٿر مان جوڙايو. سومناٿ جي هونءَ به لفظي معنيٰ آهي اهو جنهن جو نالو چنڊ تان رکيو ويو آهي. سومناٿ مندر ٻين به ڪيترن ئي نالن سان سڏجي ٿو. ديئو پاتڻ، پرڀاس پاتڻ يا پاتڻ سومناٿ. هي مندر سڀ کان گهڻي شان مان وارو ليکيو ويو ٿي جنهن ۾ ٻارهن مان هڪ جوتي لنگس (چمڪندڙ لنگس) هو جنهن هندن وٽ وڏي اهميت رکي ٿي. چون ٿا ته هن مندر جي ٺاهه جوڙ ۽ ٽهل ٽڪور لاءِ ڏهه هزار ڳوٺن مان خرچ حاصل ڪيو ويو ٿي. هڪ ئي وقت ٻه هزار برهمڻ ٻاون هن ۾ رکيل مورتي (Idol) جي خدمت ڪئي ٿي. مندر جو گهنڊ ڊگهي سوني زنجير سان وڄائي پوڄا پاٽ پاٺ جو اعلان ڪيو ويو ٿي. سومناٿ مندر خبر ناهي ڪيترا دفعو ڦربو ۽ ڊهندو رهيو ۽ عقيدتمند هن کي وري ٺاهيندا رهيا ٿي. هن تي فقط افغان مسلمان محمود غزنوي حملو نه ڪيو پر نئين دهليءَ جي جواهر لعل نهرو يونيورسٽيءَ جي مشهور تاريخدانن پروفيسر رميلا ٿپر جي چواڻي تي ڪيترا هندو راجا (چودا ساماس، اڀيراس ۽ ياداواس) به هن مندر مان مال پاڻي ڪڍندا رهيا هن مندر لاءِ ايندڙ تيرٿين جي به ڦرلٽ ڪندا رهيا جيڪي پاڻ سان پئسو ڏوڪڙ ۽ ڳهه کڻي ان نيت سان نڪرندا هئا ته هن مندر کي Donate ٿا هلي ڪريون. هماچندرا نالي ٻارهين صديءَ جي هڪ ليکڪ اهوئي لکيو آهي ته مندر جي ڦرلٽ ۾ مسلمانن يا ترڪن کان وڌيڪ مڪاني هندو راجا Involve هئا. بهرحال ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سومناٿ مندر وڏي مال ملڪيت جو گدام هو ۽ مندر جي حوالي ايڏو ڌن دولت هو جو تباهيءَ بعد وري ان کي ٺاهيو ويو ٿي. محمود غزنيءَ هن کي ست دفعا تباهه ڪيو وري وري هن کي ٺاهيو ويو. پهرين دفعو جڏهن محمود غزنيءَ سومناٿ مندر تي 1024 ۾ حملو ڪيو ته ان وقت مندر ايڏو خوشحال هو جو مندر ۾ 300 ساز وڄائڻ وارا ۽ 500 نچڻ واريون ڇوڪريون هيون ۽زيارت لاءِ ايندڙ پوڄارين جي ٺوڙهه ڪرڻ لاءِ ٽي سؤ حجام هئا. محمود غزني جي بت ڀڃڻ (بت شڪن ٿيڻ) واري اسٽوري سان ڪيترن ئي تاريخدانن جو اختلاف آهي ته اهي سڀ پوءِ جون نصيحت ڀريون ڪهاڻيون آهن، جيڪي هن جي ڦر کي Justify ڪرڻ ۽ هيرو بنائڻ لاءِ ٺاهيون ويون آهن. پهرين ڳالهه ته سومناٿ مندر ۾ ڪوبه بت يا مورتي نه هو پر اهو سون جو Solid لنگا (مردانو عضوو) هو جيڪو شيوا ديوتا جو لنگا سڏيو وڃي ٿو.
    محمود غزنيءَ جي حملن بعد علاؤالدين خلجي جي ڪمانڊر افضل خان سومناٿ تي حملو ڪيو ان بعد هن مندر تي وري 1297ع، 1394ع ۾ ۽ آخري دفعو 1706ع ۾ اورنگزيب حملو ڪيو. ان 1706ع واري حملي بعد هن مندر جي وري ٺاهه جوڙ نه ڪرائي وئي. هندستان جي ورهاڱي بعد 1950ع ۾ سردار ولڀ ڀائي پٽيل (1875ع ڄم 1950ع وفات) جي ڪوشش سان ٺهي راس ٿيو ۽ مندر جي مين گيٽ جي سامهون هن جو Statue آهي ۽ 11 مئي، 1951ع تي انڊيا جي صدر ڊاڪٽر راجيندرا پرساد مندر ۾ نئون چمڪندڙ جوتي لنگم رکيو.
    ٽرين جي دٻي ۾ هاڻ اسان جي ماڻهن (ڄاڃين) جي چرپر شرو ٿي وئي هر هڪ پنهنجو سامان سهيڙي ٿيلهن ۾ پئي وڌو. سيٽن هيٺان هيڏانهن هوڏانهن هلي ويل چمپل هٿيڪا ڪري بيگن ۾ وڌاسين ۽ جوراب بوٽ پائڻ لڳاسين يعني هاڻ اسان جي منزل بڙودا اسٽيشن آئي ڪي آئي. اسان کي بڙودا (اصل نالو ودودرا هو ۽ هاڻ وري ان ئي نالي سان هي شهر سڏجي ٿو) ۽ ڇڏي پوءِ هن ٽرين کي ممبئي وڃڻو هو. رستي تي هن کي گجرات صوبي جي ٽن وڏين اسٽيشن تي ضرور بيهڻو پوندو يعني ودودرا (Vododara) بعد ڀاروچ ۽ ان بعد سورت جتي اسان سان گڏ سفر ڪندڙ اسٽوڊنٽ ڇوڪريءَ کي لهڻو آهي ۽ ان بعد والسد (Valsad). والسد گجرات صوبي جي آخري اسٽيشن آهي. ان بعد مهاراشٽرا جو صوبو شروع ٿئي ٿو جنهن ۾ ”ممبئي“ آهي. پورچو گالين جي ڪالون دامن (Daman) ۾ وڃڻ لاءِ هن ريلوي اٽيشن تي لهڻو پوي ٿو. پورچو گالين جي ٻي وڏي ڪالوني گوا (Goa) آهي جيڪا ممبئيءَ کان گهڻو هيٺ آهي.
    هونءَ انڊيا ۾ توڙي سريلنڪا، ملائيشيا وغيره ۾ يورپي قومن مان پهرين اچڻ وارا پورچو گالي هئا. هو جهاز راني ۽ جاگرافي ۾ انگريزن، ڊچن ۽ فرينچن کان به تيز هئا پر انتظاميه ۾ صفا ڍڳا هئا. انتظاميه ڇا بلڪه ٺڙڳ ٺڳيون کڻي چئجن جن ۾ انگريز هوشيار هئا ۽ جيتوڻيڪ انگريز جتي ڪٿي پوءِ پهتا پر اٽڪلون ڪري مڪاني حاڪمن ۽ راجائن کان علاوه پنهنجن يورپين کان به حڪومت کسيندا ۽ صوبن، رياستن ۽ ملڪن تي قبضو ڪندا رهيا. سڄي هندستان تي آخرڪار انگريزن جي حڪومت ٿي وئي. پورچو گالين وٽ آخر ۾ گوا ۽ اهو دمان رهيو جنهن سان گڏ Diu نالي هڪ ٻيٽ ۽ هواڏانهن فرينچن وٽ به انڊيا جو پانڊيچيري. هڪ ننڍڙو علائقو آخر تائين رهيو جنهن ۾ اڄ به فرينچ ڳالهائي وڃي ٿي جيئن گوا ۾ پورچو گالي. ايتري قدر جو هنن هنڌن تي رهندڙ ماڻهن وٽ پورچو گال ۽ فرانس جا پاسپورٽ هئا ۽ هنن کي اهي سهولتون مليون ٿي جيڪي انهن ملڪن ۾ رهندڙ ماڻهن کي هيون. 1961ع ۾ انڊيا حڪومت انهن کي به انگريزن وانگر ڀڄائي ڪڍيو. اڄ گوا ۽ دامن تي انڊيا جي حڪومت آهي پر اتي رهندڙ پراڻن ماڻهن کي جن وٽ پورچو گال جا پاسپور آهن کين اڄ به اتان پينشن ۽ بيروزگاري الائونس ملي ٿي جيڪو انڊيا جي ڪنهن وڏي آفيسر جي پگهار کان به گهڻو آهي.
    منهنجي خيال ۾ صبح جا ساڍا نو يا ڏهه کن ٿيا ته اسان جي گاڏي خير سان بڙودا استيشن تي اچي پهتي. دريءَ مان ٻاهر ڏٺم ته ريلوي پليٽ فارم تي سيمينٽ جي وڏي بورڊ تي لکيل هو Vadodara. پهرين ته مون کي ائين لڳو ته شايد بڙودا کان اڳ واري اسٽيشن تي گاڏي پهتي آهي ۽ بڙودا اڃا پوءِ ايندو پر پوءِ خبر پئي ته اهائي بڙودا اسٽيشن آهي ۽ هن شهر جو اصلوڪو نالو ”ودودرا“ ئي آهي. پر جيئن ته انگريز سرڪار کي ڪيترا ديسي لفظ اچارڻ ۾ ڏکيائي ٿئي ٿي ان ڪري هنن پنهنجي سهولت لاءِ هن شهر جو نالو بڙودا رکيو جيئن قاهري جو ڪيرو، شام جو سريا، انگريزن جي وڃڻ بعد به انهن جا رکيل نالا ڪافي عرصي تائين قائم رهيا پر هاڻ انڊيا حڪمت اهي بدلائي پراڻا رکيا آهن جيئن مدراس جو چنائي، بنارس جو ورناسي وغيره.
    سامان کڻي گاڏيءَ مان لٿاسين ته اسان کي وٺن لاءِ مڪيش جا ساهرا تيار بيٺا هئا. ڪجهه ڪجهه جون شڪليون ڄاتل سڃاتل لڳيون ٿي. ٻاهر نڪري سامان ٽميپو (ٽرڪ نموني جي ننڍي گاڏي) ۾ رکيوسين ۽ اسان ڪنوارتين طرفان آندل ڪارن ۾ اچي هوٽل ايڪسپرس پهتاسين جتي اسان جي رهائش جو بندوبست هو.
    جيسين هوٽل جي ڪائونٽر تي ويٺل رسپيشن گجراتي ڇوڪري هر هڪ مهمان لاءِ ڪمرن جو چاٻيون الگ ڪري تيسين هوٽل جي يونيفارم ۾ ٻه اسٽيورڊ ڇوڪرا ڄاڃين کي تازي جيوس Serve ڪرڻ لڳا گهوٽ مڪيش جون ڀيڻون پشپا ۽ ساوتري، ڪزن: ڪرن، مانيڪا، سروج ۽ پڦيون چوڌاري رکيل صوفن تي ويهي خوشيءَ جا ڳيچ ڳائڻ لڳيون. کين پشپا جو مڙس شمن لعل ۽ نولراءِ اوڏ جي وڏي ننهن سيتا پڻ سر وٺرائي رهي هئي:
    پنهنجي مڪيش کي آءُ ٿي پرڻايان
    آءُ ٿي پرڻايان شاديءَ جي شغل ڳايان
    سر لاڏل جي موڙ جي سونهندا،
    موتين جوڙ بنايان
    پنھنجي مٺوءَ کي آءُ ٿي پرڻايان

    مڪيش منهنجو سدا سهڻُ جا سودا ڪري
    سون جا سودا ڪري، هيري موتي جي ٻيڙا ڀري
    اکيون مڪيش جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو
    ابل منهنجو سدا سهڻو، سرن جا سردا ڪري
    ڏند مڪيش جا ماڻڪ، موتي سرخيءَ جوڙ بنايو
    ابل منهنجو سدا سهڻو، سون جا سودا ڪري.


    گجرات جي شهر بڙودا ۽ آسپاس ۾

    هندستان جي صوبي گجرات جي بڙودا شهر ۾اسان ڄاڃين جي رهائش جو بندوبست ڪنواريتن هوٽل ايڪسپريس ۾ ڪيو هو جيڪا ريلوي اسٽيشن جي ڪافي ويجهو لڳي ٿي جو پندرهن ويهن منٽن ۾ اسان اچي هوٽل کان نڪتاسين. مون کي ۽ سنجي کي هوٽل جي اٺين فلور تي ڪمرو مليو جتان پري پري تائين شهر جو نظارو ٿي سگهيو ٿي. هڪ بجي ٻي فلور جي ڊائننگ هال ۾ اسان جي لنچ جو بندوبست رکيل هو جيڪو پڻ ڪنواريتن طفان هو جو نولراءِ هر هر سڀني کي تاڪيد پئي ڪئي ته پوري وقت تي پهچجو جو مانيءَ تي ڪنواريتا به هوندا. ان وقت يارهن ٿيا هئا. سنجي ٿوري دير ٽي وي ڏسي سمهي رهيو، آئون وهنجي نڪتس ته هوٽل جو بيرو اسان ٻنهي لاءِ چانهه کڻي آيو. مون سنجي کي اٿاريو.
    ”انڪل مون کي سمهڻ ڏيو، چانهه کان پياري آهي ننڊ مون کي!....“ سنجي اڌ جاڳ اڌ ننڊ ۾ چئي وري ڪوما ۾ هليو ويو. مون پهرين پنهنجي ۽ پوءِ سنجي جي چانهه پيتي.... مون کي چانهه جي هڪ انگريز شوقين جو قول ياد آيو:
    There is no life beyond tea.
    بهرحال اهي سڀ چوڻ جون ڳالهيون آهن حقيقت اها آهي ته گهڻي چانهه پيئڻ سٺي ڳالهه ناهي. پر هينئر مون ته هڪ ڪوپ پيتو ٻيو ڪوپ سنجي جو پي پئسا سجايا ڪيا جو پيئڻ ۽ نه پيئڻ جي باوجود هوٽل وارا في ڪوپ چاليهن روپئي جي حساب سان ڪنواريتن کان يا اسان جي دوست نولراءِ کان پئسا چارج ڪندا جن جو بيرو چانهه رکڻ مهل ان جي اسي روپيه بل تي مون کان صحيح وٺي ويو. Amount جي هيٺان پلس سروس چارجز ۽ ايڪسائيز ڊيوٽي به لکيل هئي معنيٰ اهو وڃي هڪ سؤ انڊين روپيا ۽ اسان جا ڏيڍ سؤ روپيا ٿيا. آئون دل ئي دل ۾ گهڻي چانهه پيئڻ جو شوق پورو ڪرڻ لاءِ پنهنجو پاڻ کي مطمئن ڪرڻ لاءِ ان سک واري Reasoning ڪرڻ لڳس جيڪو روز شام جو پنهنجي دوست سان گڏ لسيءَ واري ٺوٺ جيڏي گلاس ۾ وسڪي پيئندو هو. گهڻي پيئڻ ڪري هڪ ڏينهن هن جو دوست گذاري ويو. سک کي ان جو ڏاڍو صدمو رسيو ۽ سڀني اڳيان شراب پيئڻ کان توبه ڪيائين.
    هڪ ڏينهن هن جي گهر پاڙي جو هڪ همراهه اوچتو گهڙيو ته ڏسي ته سردار جي ته ساڳي ٽيبل تي ساڳيو ٺوٺ جيڏو گلاس وسڪي سان ڀري پي رهيو آهي.
    ”سردارجي! تو ته شراب پيئڻ کان توبه ڪري ڇڏي هئي؟“ پاڙي واري حيرت مان پڇيس.
    ”بلڪل صحيح ٿو چوين.“ سک وراڻيو.
    ”۽ پوءِ هي گلاس تنهنجي هٿن ۾؟“
    ”هي منهنجي دوست جو آهي، مون پيئڻ ڇڏي ڏنو آهي هن پنهنجي مرحوم دوست جو پي رهيو آهيان.“
    سو دل کوٽي ته عذر گهڻا چانهه. جو شوق پورو ڪرڻ لاءِ بهانا کوڙ پر ڇا ڪجي اها چانهه مون کي لکڻ لاءِ تيار ڪري ٿي جيئن هڪ پٺاڻ بابت ڪنهن ڪتاب ۾ لکي چڪو آهيان ته ڄامشوري واري پراڻي ڦاٽڪ وٽ پشاور کان ايندڙ هن ٽرڪ واري کي جلال چانڊئي جو ڪيسٽ زور سان ٻڌندو ڏسي تعجب مان پڇيومانس ته، خان صاحب سمجهه ۾ اچئي ٿو؟ وراڻيائين:
    ”کيا کرون اس ظالم کي آواز مجهي جگا رکهتي هي.“
    لنچ ۾ اڃا ٻه اڍائي ڪلاڪ هئا ڪجهه دير ٽي ويءَ جا مختلف چئنل گهمائڻ بعد گذريل ڏينهن جي سفر جون اهم Points ويهي لکيم جيئن وقت ملڻ تي يا ننڊ ڦٽڻ تي انهن مان هڪ هڪ تي تفصيلي احوال لکي سگهان.
    ٽي ويءَ تي گهڻي ڀاڱي گجراتي زبان جا چئنل هئا. ڇو نه هجن؟ گجرات انڊيا جي امير صوبن مان هڪ رياست آهي جنهن جا ماڻهو پنهنجي ملڪ کي گهڻي کان گهڻي فارين ايڪسچينج ڪمائي ڏين ٿا. دنيا جي مختلف ملڪن ۾ گهڻي کان گهڻا ايشين گجراتي آهن. ملائيشيا ۽ سنگاپور نه ڏس ته ڪينيا ۽ يوگنڊا نه ڏس. جتي ڪٿي توهان کي گجرات جا بزنس مين ملندا. انگلينڊ ۽ آمريڪا ته ڄڻ ڀريو پيو آهي. خاص ڪري گجرات جي پٽيل ذات وارن سان. جيئن ملائيشيا پاسي پنجابي معنيٰ پاڪستاني تيئن نيويارڪ توڙي لنڊن ۾ پٽيل معنيٰ انڊين. گجرات جو صوبو انڊسٽري ۾ به چڱو خاصو امير آهي ۽ هتي جي فيڪٽرين جو مال سڄي دنيا ۾ ايڪسپورٽ ٿئي ٿو جنهن مان پڻ گجرات صوبي ۾ ڪافي غير ملڪي ڌن دولت اچي ٿو. گجرات جو پراڻو گاديءَ وارو شهر احمد آباد جيڪو 1411ع ۾ احمد شاهه ٻڌرايو ۽ شروع واري دؤر ۾ ته مٽي ۽ ڌوڙ هو، ان ڪري هن کي مغل شهنشاهه جهانگير ”گرد آباد“ (ڌوڙ جو شهر) ئي سڏيو، اهو پوءِ سترهين صديءَ جي شروع تائين دنيا بلي بلي شهر ٿي پيو. جنهن لاءِ 1615ع ۾ سر ٿامس. رونالي هڪ انگريز سفير پنهنجي رپورٽ ۾ لکيو آهي ته:
    “Gujrat`s City Ahmedabad is Goodly city, as large as London”.
    ۽ پوءِ اڳتي هلي اوڻهين صديءَ جي آخر ڌاري ۽ ويهين صديءَ جي شروعات ۾ هتي ايترا ته ڪارخانا ٺهي ويا خاص ڪري ڪپڙن (Textile) جا، ۽ شهر جي چوڌاري ڪارخانن جون ايتريون ته چمنيون (Funnels) نظر آيون ٿي جو احمد آباد ”مشرق جو مانچسٽر، سڏجڻ لڳو. هڪ ٻي مزيدار ڳالهه هتي لکڻ بي مهل نه ٿيندي ته هن صوبي گجرات جا آمريڪا ۾ ايترا ته ماڻهو آهن خاص ڪري پٽيل ذات جا جو اڄڪلهه آمريڪا وارا ڪنهن به پٽيل کي آمريڪا جي Visa نٿا ڏين. جنهن به نالي سان گڏ پٽيل ذات ڏسن ٿا ته ان جي ويزا Reject ڪريو ڇڏين سو هاڻ گجرات جا پٽيل پنهنجي ذات لکڻ کان لنوائين ٿا.
    سامهون واچ ۾ وقت ڏٺم ته هڪ ٿي رهيو هو. پنهنجا ڪاغذ پٽ بند ڪري اٿي کڙو ٿيس. سنجي کي اٿاريم ته جلدي ڪر لنچ تي دير نه ٿيڻ کپي. جيسين هو تيار ٿئي آئون ٻاهر نڪتس ۽ لفٽ ذريعي ٻئي فلور تي پهتس ته گهوٽيتن جي سهرن ۽ راڳن جا آواز ڪن تي پيا. معنيٰ آئون صحيح فلور تي پهتو آهيان. ٻيا به اتي ئي آهن:
    ڇهه سو هار جوڙائي
    مڪيش موڙ چوان
    لهه لانءُ مڪيش تنهنجو سهرو چوان
    تنهنجي حياتيءَ جو خير الله کان پئي گهران
    لهه لانءُ مڪيش.....
    *
    من! ماندو نه ٿيءُ! اجهي ڄاڃي آيا
    اجهي مارو آيا، جيڏل ڪاڻ آيا
    حيدرآباد جهڙي شهر مان، لايون مان گهرايون
    من! ماندو نه ٿيءُ! اجهي ڄاڃي آيا
    سکر جهڙي شهر مان، موٽرو مان گهرايون
    من! ماندو نه ٿيءُ! اجهي ڄاڃي آيا
    ٽورنٽو (Canada) جهڙي شهر مان هوائي جهاز مان گهرايا
    من! ماندو نه ٿيءُ! اجها ڄاڃي آيا.
    پشپا (گهوٽ جي ڀيڻ) جي مڙس شمن لعل مون کي سامهون کان ايندو ڏسي ڳائڻ واري ٽوليءَ کي هڪل ڪئي ته بابا پاڻيءَ وارن جهازن جو به ته نالو کڻو..... ۽ پوءِ ”چاچا الطاف ڀلي ڪري آيائو“ چئي کيڪاري ڊائننگ هال ۾ وٺي آيو.
    لنچ تي ڪنواريتينجا به ڪجهه مهمان ۽ مائٽ هئا سڀ گجراتي ويس وڳن ۾. ماني ٽڪي به نج گجراتي هئي، اسان جي کاڌي پيتي جو اسٽائيل اتر انڊيا جي کاڌن جهڙو آهي. ملائيشيا پاسي رهي ڏکڻ هندستان جي مختلف کاڌن کان به واقف هوس. ۽ هاڻ هتي گجرات ۾ خبر پئي ته هنن جي کاڌن جو اسٽائيل نه اتر جي رياستن جهڙو آهي جنهن تي مسلمانن جي اثر ڪري ڪيترا هندو (۽ ٻڌ به) گوشت کائين ٿا ۽ نه ڏکڻ هندستان جي مدراسي، دکني ۽ تاملن جي کاڌي جو اثر آهي جيڪي مرچ مسالا گهڻا استعمال ڪن ٿا. هتي ته دال به مٺي کاڌي وڃي ٿي ۽ اسان کي اهو ڏسي تعجب لڳو ته منجهند جي ماني (۽ پوءِ رات جي ماني جي پڻ) شروعات مٺي (Sweet Dish) سان ڪئي وئي. مون کيرڻي پاسي تي رکي ته پوءِ ٿو کان ته ڀر ۾ بيٺل ڪنوار جي ماءُ پيءُ يڪدم چيو ته ”ڀائي صاحب هي تمام سٺي ۽ خاص طرح ٺاهي وئي آهي.“ يعني هنن سمجهيو ته آئون کائڻ پسند نٿو ڪريان. سامهون منهنجي ٽيبل تي نولرءِ ڏٺم ته هو ۽ سندس زال کائي رهيا هئا تنهن کلندي سنڌيءَ ۾ چيو: ”ادا هنن سڀني گجراتين ۾ اهو رواج آهي، لنڊن ۾ هنن وٽ ويندو آهيان ته اتي به ائين ڪن. مئڪڊونالڊ تي به پهرين ائپل پائي کائين ان بعد برگر.“ مٺي کائڻ بعد هوٽل جو بيرو سڀني اڳيان ٽامي جي ٿالهي ۽ ان ۾ چار ننڍڙيون ڪٽوريون رکندو ويو ۽ پوءِ ٻيو بيرو هر هڪ جي پليٽ ۾ هڪ يا ٻه پوريون ۽ چپاتي رکندو ويو ۽ ٻوڙ يا ڀاڄيءَ جا ڊش رکڻ بدران، جيئن اسان پنهنجي پسند جو ٻوڙ ضرورت موجب ٿورو يا گهڻو کڻي سگهون، هو پاڻ پنهنجي مرضيءَ سان هر قسم جي ٻوڙ جو ذرو هر هڪ پياليءَ ۾ وجهندو ويو جنهن مان هڪ مٺي دال به هئي.
    مڪيش جي ڪنوار جيڪا هن شهر بڙودا جي، گجراتي زبان ڳالهائڻ واري آهي، تنهن جي مامي ٻڌايو ته گجرات جي رهاڪن تي ”جين ڌرم“ جو اثر هجڻ ڪري هنن جي کاڌن جا ڊش گوشت ۽ مڇيءَ بنا ٿين. يعني هو رڳو داليون ۽ ڀاڄيون کائين ٿا ۽ ٻي ڳالهه ته گجرات ۾ مٺاڻ جو واهپو گهڻو آهي. مٺيون شيون ڪجهه وڌيڪ ئي مٺيون ٺاهيون وڃن ٿيون ۽ ڪيتريون شيون جيڪي ٻين هنڌن تي نمڪين (Saltish) ٺاهيون وڃن ٿيون، هتي گجرات ۾ مٺيون (Sweetish) آهن. يعني گجرات ۾ نمڪ پارن بدران شڪر پارا پسند ڪيا وڃن ٿا. ”اسان نوڊلز ۽ اسپاگهيٽي بدران مٺيون سويون پسند ڪريون ٿا، ويندي دال جو ٻوڙ به مٺو کائون ٿا ان جا جيتوڻيڪ سٺا اثر نه نڪتا آهن. خاص ڪري اڄ جي دؤر ۾ جڏهن مردن کان پنڌ ۽ عورتن کان جند ڇڏائي ويا آهن، هتي جا ماڻهو ڊائبٽيز ۽ ٿولهه جا مريض ٿيندا وڃن.“
    گجراتين جي مشهور کاڌن مان ڪاڌي (Kadhi) هڪ آهي جيڪو ڌوري، ڦلڪين ۽ سنهي ڪٽيل ڀاڄين جو هڪ ڊش آهي. هڪ ٻيو ڊش اونڌيو (Undhyoo) آهي جنهن ۾ پٽاٽا، گجر ۽ مٽر ٺڪر جي ديڳڙيءَ ۾ وجهي ديڳڙي کي اونڌو ڪري مٽيءَ ۾ پوري مٿان باهه ڏيئي پچايو وڃي ٿو. اهڙي ريت ان پڪل ٻوڙ کي اونڌيو سڏين ٿا. ٿي سگهي ٿو اهو لفظ اونڌو مان نڪتو هجي. ڪيترا لفظ گجراتي ۽ سنڌيءَ جا ملن ٿا آخر سنڌ ۽ گجرات ائين آهي. جيئن سنڌ ۽ پنجاب جو ڏاکڻو حصو جتي سرائڪي زبان ڳالهائي وڃي ٿي جيڪا گهڻي ڀاڱي اسان کي سمجهه ۾ اچي ٿي. گانٺيا گجرات ۾ به مشهور نمڪو آهي ۽ انهن کي چيو به گانٺيا وڃي ٿو. شايد هي گجراتيءَ جو لفظ هجي جيڪو ٻين ڪيترن گجراتي لفظن سان گڏ سنڌي زبان ۾ اچي ويو هجي. گجرات آئيس ڪريم ٺاهڻ کان به مشهور آهن. وادي لعل (Vadilal) نالي گجرات جي آئيس ڪريم سڄي اولهه انڊيا ۾ مشهور آهي، جنهن جا ويهه Flavours آهن.
    لنچ بعد ڪجهه دير گهوٽيتا ۽ ڪنواريتا ملندا رهيا. سواءِ ڪنوار جي ڏاڏي جي، ٻيا سڀ شاديءَ لاءِ ٻاهرن ملڪن کان آيا هئا. جتي هو رهيا ٿي ۽ جتي هنن جا ڌنڌا ڌاڙيون آهن. سڀ خوش هئا ته هن شاديءَ بهاني سڀني جو پنهنجي اباڻي وطن چڪر لڳو ۽ هڪ ئي وقت سڀني سان ملاقات ٿي وئي. ڪنوار جو پيءُ سڀني ڀائرن ڀينرن ۾ ننڍو آهي ۽ ڏاڏو اسي ورهين جي ڄمار ۾ تمام گهڻو چست ۽ سمارٽ لڳي رهيو هو. رات جو مينديءَ تي اسٽيج تي ڳائڻ وڄائڻ جي پروگرام ۾ هو پنهنجن پٽن ۽ نهرن سان گڏ ڪا دير ڊانس ڪندو رهيو. سندس صحت جي راز پڇڻ تي هن ٻڌايو ته هو روزانو ٻه ميل واڪ ڪري ٿو ۽ کاڌي تي ڪنٽرول رکي ٿو. مٺو کائڻ ته هن سالن کان ڇڏي ڏنو آهي.
    ”گجرات ۾ رهي مٺاڻ نه کائڻ واقعي ڪمال جي ڳالهه آهي.“ مون کلندي چيومانس.
    مينديءَ جو پروگرام شام جو هتي جي هڪ ڪلب ۾ رکيو ويو هو. شام جو ڇهين بجي سڀ تيار ٿي هوٽل کان نڪتاسين ۽ اسان جي گهوٽيتن بس ۾ ويهڻ سان مڪيش جي شاديءَ جي خوشيءَ جا ڳيچ ڳائڻ شروع ڪيا. دهليءَ ۾ ته ڪنواريتن هندي يعني اسان واري اردوءَ ۾ ڳايو هو هتي خبر ناهي هي ڪنواريتا به انڊين هندين فلمن جا گانا ڳائين يا شايد گجراتيءَ ۾. بهرحال اسان جي ڄاڃين سنڌي راڳ ئي شروع ڪيا.
    مڪيش ڇڪ مهريءَ کي
    اسين سيڻين گهر لهنداسين
    سيڻان! ڏاج ڏيکار پنهنجي ڌيءَ جو
    اسين اسر وينداسين
    لاهيو ڪوٽ جو ڪڙو
    اسين مومل نينداسين
    مڪيش مهريءَ کي ڇڪي يا نه ڇڪي اسان جي ڊرائيور پنهنجي بس کي ڇڪيو ۽ بڙودا شهر جي وڏن رستن ۽ چوراهن تان بس کي ڦيرائيندو اسان کي شهر گهمائيندو اڳيان وڌيو. رستي بيٺل ماڻهو، ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا ٽولا، ننڍا وڏا ۽ ٻار به سمجهي ويا ته هي شڪليون ڪنهن ٻئي شهر يا ديس کان آيل آهن ۽ شاديءَ جي ئي ڄڃ آهي. ڪن کي اسان هٿ لوڏي Wave پئي ڪيو ته ڪن اسان کي. بس ايئرڪنڊيشنڊ هجڻ ڪري دريون بند هيون پر تڏهن به اسان جو ڪجهه ڪجهه آواز ٻاهر وڃي رهيو هوندو. ٻيو نه ته اسان جا چرندڙ چپ ڏسي سمجهندا هوندا ته اسان ڳائي رهيا آهيون پر سندن ”ڪيم ڇو؟ مزا ماڇو!“ وازي زبان جا راڳ نه پر نج سنڌيءَ جا....
    لاڙون لاڏل جي ڦلڙي جوڙائي
    ڏس ديڳين جا ڌڌڪار لعل سائين
    آهيان نياڻي آهيان نياڻي
    پنهنجن ڀائرن جي مان آهيان نياڻي
    پلئه ٻڌندم شال پنهنجي ڀائرن جا
    پلئه ڇوڙيندم شال پنهنجي ڀائرن جا
    مان آهيان نياڻي، مان آهيان نياڻي......
    *
    چڙهه ريل راڻا! سوڍا سياڻا،
    کڻ ناز اکڙيون نيڻ نماڻا
    بينسر ادل جي مان لاڙئون آڻايان
    چڙهه ريل راڻا! سوڍا سياڻا
    *
    بس وارا راڻا! بس هوريان هلاءِ
    بس هوريان هلاءِ، بيهي مون سان ڳالهاءِ
    اکيون مڪيش جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بناءِ
    بس وارا راڻا! بس هوريان هلاءِ
    مينديءَ جو ڪنواريتن تمام وڏو بندوبست رکيو هو. ماني ٽڪيءَ کان علاوه ڳائڻ وڄائڻ جو پروگرام به هو جنهن لاءِ وڏي اسٽيج ٺاهي وئي هئي. ڊانسون ۽ ننڍا ننڍا ڊراما سڀ ڪنوار جي ساهيڙين ۽ پاڙي جي ڇوڪرين طرفان هئا. هڪ اردو غزل ڳائڻ واري عورت وچ وچ ۾ غزل ڳائيندي رهي. بهرحال ڪا ڊانس، غزل يا ڊرامو بور ٿي لڳو ته رامچند سان اچي ٿي ڪچهري ڪيم يا ڊاڪٽر لڇمڻ سان جو هو ٻئي ڀائر شاديءَ بعد ڏورانهين ڏيهه آمريڪا هليا وڃڻا هئا، باقي نولراءِ ۽ ادا گلاب راءِ وغيره کي ته اسان سان ئي گڏ ڪراچي ۽ حيدرآباد هلڻو هو. رات جا ٻه ٿيا ته دودي ۽ مهرچند کي چيم ته يار هي پروگرام ته خبر ناهي ڪنهن وقت ختم ٿئي آئون ڪنهن آيل مڪاني مهمان سان گڏ واپس هوٽل ڏي هليو ٿو وڃان. پروگرام ختم ٿيڻ مهل جيڪڏهن ڪو مون کي ڳولهي ته ٻڌائجوس ته مون کي ننڊ پئي آئي ۽ هليو ويس.
    منهنجي سوير اچي سمهڻ تي اهو فائدو ٿيو جو صبح جو جڏهن ٻيا سڀ ستا پيا هئا ته آئون نيرن ڪري شهر جي چڪر تي نڪري پيس. بڙودا جهڙي تواريخي شهر ۾ رهي ڪري ٻاهر نڪرڻ بدران بند ڪمري ۾ گذارڻ ڪٿي جو انصاف آهي؟
    هوٽل جي مين گيٽ کان ٻاهر نڪتس ته گيٽ تي بيٺل سنتريءَ چيو:
    ”سائين آئون توهان لاءِ ٽيڪسي گهرايان؟ ويري گذر ٽيڪسي؟“
    ”نه مهرباني آئون Walk لاءِ نڪتو آهيان.“ مون وراڻيومانس.
    مون کي سواري کتي ٿي پر ٽيڪسي بدران آٽو رڪشا جي ضرورت هئي ۽ ٻيو ته وڏي هوٽل جي در تان ڪا سواري کڻڻ معنيٰ ڊرائيور کي ٻڌائڻ ته آئون مڪاني ماڻهو نه آهيان ۽ وڏي هوٽل ۾ رهيل آهيان معنيٰ هو ڀاڙو به ان حساب سان وٺي.
    بڙودا دراصل شهر جو به نالو آهي ته ضلعي جو به جيئن حيدرآباد، نوابشاهه وغيره،. انڊيا جي هن صوبي گجرات ۾ ستاويهه کن ضلعا آهن جي جي نالن کان ٻيو ڪو ڌاريو واقف هجي يا نه پر اسان سنڌ جا رهاڪو جيڪي بلڪل گجرات صوبي جي پاڙي ۾ رهون ٿا ننڍي هوندي کان لوڪ ڪهاڻين، تاريخ، جاگرافيءَ ۾ ٻڌندا اچون ۽ اهي نالا اسان کي بلڪل Familiar لڳن ٿا جيئن ته: ڪڇ جو رڻ (جيڪو بلڪل اسان جي ٿر سان مليو پيو آهي، ڪڇ (جتي جا ماڻهو نه فقط آزاديءَ کان پوءِ پر ان کان اڳ ئي اسان وٽ ايندا رهيا جيئن اسان جا ماڻهو تعليم ۽ بزنس لاءِ گجرات جي مختلف شهرن ۾ ويندا رهيا ٿي. اسان جي ويجهو هجڻ ڪري هنن جي زبان ”ڪڇي“ گجراتيءَ کان به وڌيڪ اسان جي سنڌي زبان سان ملي ٿي. اڄ به توهان کي ڪيترائي ننڍا وڏا دڪاندار ۽ بندرگاهه ۾ ڪم ڪندڙ ڪڇي ملندا جيڪي گهڻو ڪري ڪراچيءَ جي علائقن، ڪياماڙي، کارادر، ميڍادر ۾ رهن ٿا) ڄام نگر ضلعو، احمد آباد، امريلي، بناس، ڪٿا، جهونا ڳڙهه، راجڪوٽ، پور بندر، گوڌرا، گانڌي نگر، ڀاءُ نگر، سورت، نوسري ضلعو وغيره.
    جيئن ته حيدرآبا دکن نظامن کان ميسور ٽيپو سلطان کان مشهور رهيو آهي تيئن بڙودا گائيڪ وادي نوابن ۽ حاڪمن کان سڃاتو وڃي ٿو جيڪي مرهٽن جي هڪ شاخ آهن. گائيڪ واد حڪمرانن جو گهراڻو هڪ طاقتور حاڪمن جو گهراڻو ٿي گذريو آهي جيڪي پيشوا جا جنرل هئا ۽ هنن هن علائقي تي حڪومت دوران بڙودا کي گاديءَ جو هنڌ رکيو. بڙودا هنن جي دؤر ۾ وڏي اوج تي پهتو خاص ڪري مهاراجا سايا جيراءِ جي ڏينهن ۾ جيڪو اوڻهين صديءَ جي آخري سالن کان وٺي ويهين صديءَ جي شروع وارن سالن تائين تخت تي ويٺو ۽ هن ڪئين ڪم ڪيا خاص ڪري تعليم جي واڌاري لاءِ. هتي جي ايم ايس (مهاراجا سايا جيراءِ) يونيورسٽي به هن گائيڪ واد حاڪم ٺهرائي، ريلوي جي ڄار وڇائي ۽ اسڪول ۽ اسپتالون ٺهرايون. انگريزن سان به پورو وقت رهائي رکي ويٺو ۽ هنن به گائيڪ واد حاڪمن جو نالو نه ورتو .گائيڪواد انهن ٽن اتم نوابن مان ليکيو ويو ٿي جن کي 21 بندقون جو سلوٽ مليو ٿي. (باقي ٻه هئا: حيدرآباد رياست جو نظام ۽ هزهائينيس ميسور). بڙودا جي نوابي ماضيءَ جو ئي نتيجو آهي جو اڄ بڙودا محلاتن جو شهر سڏجي ٿو.
    تواريخ ۾ بڙودا جو ذڪر سن 812ع کان اچي ٿو، جڏهن بڙودا وادا پادراڪا (Vadapadraka) سڏبو هو. بڙودا هڪ مڪاني راجپوت حاڪم جي نالي سان ”چند ناواتي“ به سڏبو هو. وقت سان گڏ بڙودا جا نالا بدليا رهيا جيئن ته: ورهاوتي، وتپا تراڪا ۽ پوءِ ودودرا ٿيو. انگريزن لاءِ جيئن ته ڪيترائي مڪاني لفظ اچارڻ ڏکيا ٿي ٿيا سو هنن پنهنجا نالا رکيا. ودودرا کي هو بڙودا سڏيندا هئا. 1971ع ۾ هن شهر جو نالو بڙودا بدران وري پراڻو ودودرا ڪيو ويو.
    بڙودا جي تاريخ مختلف دؤرن ۾ ورهائي سگهجي ٿي. هندو دؤر پراڻي زماني کان وٺي 1297ع تائين هليو ۽ پوءِ دهليءَ جي سلطان مسلمانن جي حڪومت 1297ع کان 1401ع تائين هلي. هو پنهنجي گاديءَ واري شهر دهليءَ کان هنن ڏورانهن علائقن تي ڪنٽرول هلائيندا هئا ۽ پوءِ گجرات سلطانن جي نالي سان مڪاني مسلمانن حاڪمن Independent حڪومت سن 1201ع کان 1573ع تائين هلائي ۽ پوءِ 1573ع کان بڙودا اڪبر جي ڏينهن کان وٺي مغل شهنشاهن جي قبضي ۾ آيو، جيڪو دؤر 1734ع تائين هليو ۽ پوءِ مرهٽا دؤر شروع ٿيو جنهن ۾ گائيڪ واد گهراڻو حاڪم رهيا ۽ 1734ع کان 1947ع تائين رهيو. 1802 ۾ انگريزن بڙودا ۾ ريزڊنسي قائم ڪئي. پر گائيد واد حاڪمن کي پنهنجي مرضيءَ سان حڪومت قائم رکڻ ڏنائون ۽ هنن حاڪمن به پنهنجي ذاتي عياشي ڪرڻ بدران عوام جي ڀلي لاءِ به گهڻو ئي ڪجهه ڪيو خاص ڪري تعليم جي معاملي ۾ جنهن جو مختصر ذڪر مٿي ڪري چڪا آهيون.
    لنڊن ۽ ٽوڪيو جهڙن شهرن وانگر بڙودا شهر جي وچ مان به درياهه وهي ٿو جنهن جو نالو وشوار مورتي ندي آهي. اسان جي هوٽل ايڪسپريس ۽ ڀر واري ودودرا هوٽل بڙودا ريلوي اسٽيشن جي ويجهو ۽ ساڄي پاسي آهن. ڀر ۾ ريس ڪورس، سرڪٽ هائوس ٽي بي اسپتال آهي. آٽو رڪشا وارو مون کي ريس ڪورس واري دت روڊ تان شهر ڏي وٺي هليو جيڪو ريلوي اسٽيشن جي کاٻي پاسي آهي. ريلوي اسٽيشن جي ٻئي پاسي تلڪ روڊ تي پڻ ڪيتريون ئي وڏيون هوٽلون نظر آيو جهڙوڪ: ائمبسڊر هوٽل، هوٽل ثريا، راما ان، اپسرا هوٽل، جگديش هندو لاج، وڪرم هوٽل ۽ ٻيون. اڳتي هلي هي روڊ ”وشوار مورتي“ نديءَ جي ٻي پاسي هليو وڃي ٿو. درياهه ڀرسان ئي ڪرتي مندر، شويا باغ، جمعا مسجد، ماندوي باغ، فتح گنج، موتي باغ نظر آيا. حيدرآباد جيڏي هن بڙودا شهر ۾ ننڍيون وڏيون ڪيتريون ئي اسپتالون نظر اچن ٿيون. ڪي ته تمام وڏيون ۽ سرڪاري اسپتالون ڏسڻ ۾ آيون. ليپرسي اسپتال، مينٽل اسپتال، آيروديڪ اسپتال وغيره. آٽو رڪشا وارو پهرين فتح گنج واري علائقي ۾ وٺي هليو جتي ڪيٿولڪ چرچ جي سامهون ٻه ٽي فوٽو گرافرن جا دڪان هئا جن کي فوٽون ٺاهڻ لاءِ فلم رول ڏنم. هڪ ڳالهه نوٽ ڪيم ته هتي ڇوڪرين ۽ عورتن جي وڏي تعداد سائيڪلون ۽ موٽر سائيڪلون هلايون ٿي. سنڌي هندو جيڪي سنڌ کان هندستان لڏي آيا انهن جو به وڏو تعداد هن صوبي گجرات ۾ رهي ٿو. گانڌيدام ۽ گانڌي نگر ۾ ته تمام گهڻا رهن ٿا پر احمد آباد ۽ بڙودا جهڙن شهرن ۾ به ڪيترائي رهن ٿا ويندي سندن الگ الگ رهائشي ڪالونيون آهن. مون کي اها آئيڊياز نه هئي ته هتي ڪي سنڌي به رهن ٿا. فوٽو گرافر جي دڪان تي جيسين هو فوٽو تيار ڪري ڳالهين ڪندي هن ٻڌايو ته هو سنڌي آهي ۽ پوءِ منهنجي پڇڻ تي هن ٻڌايو ته هتي ڪيترائي سنڌي رهن ٿا. ”هتي بڙودا ۾ سنڌين جي رهائش جون ٻه وڏيون ڪالونيون آهن.“ هن ٻڌايو، ”اسان جو هڪ ڪلب به آهي جتي شاديون مراديون رچايون وڃن ٿيون. لئبرري به آهي ۽ ملاقات جو حال به جتي هر آچر تي اسان جي گڏجاڻي ٿئي ٿي.“
    واپسيءَ تي پنهنجي رهائش واري هوٽل ”ايڪسپريس هوٽل“ جي بلڪل لڳولڳ ڇهه ماڙ بلنڊنگ جي اڳيان سنڌي ساهتيه جي بورڊ ڏسي مٿي آفيس ۾ به ويس پر ان ڏينهن اها آفيس بند هئي ۽ ان بعد وري مون کي ٽائيم نه مليو ۽ هونءَ به بڙودا ۾ گس پنڌ تي يا دڪانن ۾ ايترن ته سنڌي ڳالهائڻ وارن سان ملاقات ٿي وئي جو پوءِ اهو Charm ئي نه رهيو يعني اها ڪا نئين ڳالهه نٿي لڳي ته هتي به ڪي سنڌي رهن ٿا.
    آٽو رڪشا جو ڊرائيور شهر جو چڪر ڏيارڻ دوران ڪيترين ئي اهم عمارتن اڳيان ڪافي دير ترسيو ٿي جتي پاڻ يا اتي موجود ماڻهن انهن عمارتن بابت ٻڌايو ٿي. گهڻا تڻا پاڪر، ميوزيم، اسڪول ۽ اسپتالون نظر آيون ٿي جنهن مان هن شهر جي خوشحالي محسوس ٿئي ٿي. هڪ ”فائين آرٽس ڪاليج“ وٽ به هو ڪافي دير ترسيو ۽ اتي جي شاگردن کان خبر پئي ته هن ڪاليج ۾ داخلا لاءِ نه فقط گجرات ۽ انڊيا جي ٻين صوبن مان پر ڌارين ملڪن مان به هتي اچن ٿا. هتي جي ڪجهه ٻين اهم جاين جو مختصر احوال ڏيان ٿو جيئن ڪو هفتي ٻن لاءِ هن شهر ۾ اچي رهي ته انهن کي چڱي طرح ڏسي سگهي. دراصل بڙودا ۾ ۽ گجرات جي ٻين شهرن ڀاءُ نگر، ڪاٺياواڙ کان جهونا ڳڙهه، پور بندر، دواڙڪا ۽ احمد آباد ۾ اسان سنڌين جي ڏسڻ ۽ ماڻهن سان ملڻ لاءِ ايترو ته گهڻو ڪجهه آهي جنهن لاءِ خاص ٻن ٽن هفتن لاءِ هلي ملي گجرات ڀلي کڻي يورپي سياحن جي دلچسپيءَ جو سبب نه هجي پر اسان سنڌ جي رهواسين لاءِ ضرر آهي، پر هتي اچڻ کان اڳ هن پاسي جي تاريخ جاگرافي ۽ لوڪ ڪهاڻين، ادب ۽ شاعريءَ جو جيترو گهڻو مطالعو ڪو ڪري ايندو ايترو ئي هن کي مزو ايندو.
    مهاراجا سايا جي رائو يونيورسٽي (MSU)
    انڊيا جي اهم يونيورسٽين مان هڪ آهي. سندس عمارت به بيحد Impressive آهي. ائڊمنسٽريشن ڊپارٽمينٽ جي هڪ سينيئر آفيسر ٻڌايو ته هن وقت پنجويهه هزار شاگرد Enrolled آهن. سڄي گجرات ۾ اهائي هڪ يونيورسٽي آهي جنهن ۾ پڙهائي جو ميڊيم انگريزي آهي. ان ۾ 13 مختلف Facalties آهن. شاگردن جي رهائش لاءِ 17 هاسٽلون آهن جن مان چار ڇوڪرين جي لاءِ آهن. حيدرآباد جيڏي هن شهر ۾ هڪ سؤ کن پرائيويٽ انگريزي اسڪول آهن ۽ ويهه پبلڪ اسڪول.
    ساياجي باغ
    وشوا متي ندويءَ جي ڪناري وٽ هي باغ آهي جيڪو گائيڪ واد حاڪم سايا جيرائو ٽئين 111 سن 1879ع ۾ ٺهرايو. 113 ايڪڙن ۾ پکڙيل هن پارڪ ۾ هڪ ننڍڙو چڙيا گهر (Zoo) به آهي ان کان علاوه بڙودا ميوزيم ۽ تصويرن جي گيلري صحت ۽ هائيجن جو ميوزيم ۽ سردار پٽيل Planetarium پڻ هتي آهي.
    ثريا نارائڻ مندر
    بڙودا جي پراڻن مندرن مان آهي جيڪو ثريا نارائڻ باغ وٽ آهي.
    ڪرتي مندر
    تلڪ روڊ تي، اسٽيٽ بئنڪ آف انڊيا جي ڀرسان هي مندر آهي، جيڪو 1936ع جو ٺهيل آهي.
    انهن شين کان علاوه نهرو روڊ تي لڪشمي ولا محل آهي ۽ ان جي ڀرسان مهاراجا فته سنگهه ميوزيم جنهن ۾ هتي جي حاڪمن جو گڏ ڪيل آرٽ جون ديسي ۽ ولايتي شيون آهن، ويندي يورپ جي مشهور آرٽسٽن رافيل، ٽائٽيان ۽ مريلو جون ٺهيل تصوريرون آهن.
    آئون ان ڏينهن هوٽل تي پهتس ته هڪ ٿي چڪو هو. ڪمري تان ٿي گرائونڊ فلور تي آيس جتي لنچ جو بندوبست رکيل هو. شاديءَ جي پروگرام هڪ ٻي هوٽل ۾ رکيو ويو جتي شام جو ڇهين بجي ئي پهچڻو هو جيئن شاديءَ جا ساٽ سوڻ ۽ ريتون رسمون اڳواٽ ٿي سگهن. منجهند جي ماني کائي ڪمري تي اچي سمهي رهيس. شام جو ڇهين بجي ڌاري تيار ٿي هيٺ لٿس ته هڪ وڏي بس ڄاڃين کي وٺي شادي واري هوٽل ڏي هلڻ لاءِ تيار هئي. گهوٽ به پنهنجي روايتي لباس ۾ تيار ٿي الڳ ڪار ۾ اسان سان گڏ هليو. هڪ دفعو وري گهوٽ جي ڀيڻن، سوٽين، ماساتين، پڦين ۽ چاچين راڳ ڳائڻ شروع ڪيا:
    ڀلي لاهه لاڏا! ميندي لاهه لاڏا.
    سنهڙن پيرن کي، سهڻن هٿن کي
    بينسر مڪيش جي لاڙئون جو آئي
    ڀلي لاهه لاڏا! ميندي لاهه لاڏا!
    دهري لاڏل جي لاڙئون جو آئي
    ڀلي لاهه لاڏا! ميندي لاهه لاڏا!
    ٻانهي گهوٽ جي لاڙئون جو آئي
    ڀلي لاهه لاڏا! ميندي لاهه لاڏا!
    وس ڪڪر ڪوهيارل! ڀلي پئي بوند وسي
    ڀلي پئي بوند وسي، ڀلي پئي ڄڃ اچي
    ٻانهن ۾ وينگس کي ٻانهين ٺهندي
    ڀلي پئي بوند وسي، ڀلي پئي ڄڃ اچي....
    هوٽل ۾ پهچڻ سان اتي موجود گهوٽتياڻيون به ڳائڻ ۾ شروع ٿي ويون. ضروري ساٽ سوڻن بعد ڪنواريتن گهوٽ کي شادي هال ۾ گهڙڻ ڏنو ۽ هڪ ننڍڙي چانهه ۽ Snacks جي دعوت بعد گهوٽ کي اسٽيج تي ويهاري هن کي ٻن پنڊتن حوالي ڪيو ويو جيڪي ڪا دير منتر پڙهندا رهيا بلڪه تمام گهڻي دير منتر پڙهندا رهيا ۽ اسين ڪڏهن ماٺ ڪري ٻڌاندا رهياسين ته ڪڏهن فوٽو ڪڍندا رهياسين ۽ پاڻ ۾ خبرون چارون به ڪندا رهياسين. آئون ڪجهه دير ڊاڪٽر لڇمڻ اوڏ سان خبرون ڪري پوءِ پنهنجي پيٽارو جي ساٿي ڊاڪٽر رامچند اوڏ سان اچي ويٺس. جيڪو ڪافي عرصي کان ڪولوروڊو يونيوسٽيءَ جي سول انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ ۾ واٽر ريسورسز ۽ Irrigated ائگريڪلچر جو پروفيسر آهي. اها يونيورسٽي آمريڪا جي رياست Colorado جي شهر فورٽ ڪولنس ۾ آهي. سندس زال ۽ پٽ دهليءَ ۾ سندس پٽ راجيش جي شاديءَ بعد آمريڪا هليا ويا هئا باقي پاڻ پنهنجي وڏي ڀاءُ نولراءِ اوڏ جي پٽ مڪيش جي شاديءَ لاءِ انڊيا ۾ ترسي پيو هو ۽ هاڻ سڀاڻي هن جي فلائيٽ هئي. ڊاڪٽر رامچند ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو مان انٽر ڪرڻ بعد NED انجنيئرنگ ڪاليج مان سول انجنيئرنگ ۾ BE سن 1970ع ۾ ڪئي، ان بعد ٿائلينڊ جي شهر بئنڪاڪ جي ايشيشن انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجيءَ مان 1973ع ۾ واٽر سائنس ۽ انجنيئرنگ ۾ ماسٽرس ڪئي. ان بعد ڪارنيل يونييورسٽي، اٿيڪا نيويارڪ (USA) مان ايگريڪلچر انجنيئرنگ ۾ پي ايچ ڊي ڪئي.
    پاڻ نوڪريءَ دوران نيپال، انڊونيشيا ۽ عرب ملڪن ۾ تمام گهڻو رهيو ۽ کيس انگريزي، اردو، سنڌي اوڏڪي کان علاوه ملئي ۽ عربي زبانون به اچن ٿيون. ساڻس گذريل مهيني رکي رکي ملئي ۾ ڳالهائڻ ڪري ٻين کي تعجب ٿي لڳو. خود سندس ڀيڻ ۽ ڀيڻوين کي خبر نه هئي ته رامچند کي انڊونيشين/ ملئي زبانون اچن ٿيون. هن لاءِ اهي زبانون سکڻ ضروري هو جو هن کي ڳوٺن ۽ ٻهراڙين ۾ ڪم ڪرڻو پيو ٿي. عربي زبان هن مصر ۾ سکي جتي هو 1992ع ۽ 1993ع ۾ Irrigation Improvement Project جو ٽيم ليڊر هو.
    ڪجهه دير بعد مڪيش جي ڪنوار شمي کي به اسٽيج تي آندو ويو ان بعد وڏو ٻائو ۽ ان جو اسسٽنٽ جيڪي ساٽ سوڻ ڪندا رهيا. ناريل کي ڀڃڻ کان وٺي هڪ ئي گلن جي هار ۾ رهڻ وغيره. انهن ۾ ٻنهي (گهوٽ ڪنوار) کي شامل ڪيو ويو ٿي. آخر ۾ پنڊت گهوٽ جي پيءُ سان ڪا دير ڳالهائيندو رهيو. رامچند چيو ته هو نول کان هن شاديءَ جا ساٽ سوڻ ۽ دعائون پوريون ڪرڻ جي بدلي ۾ ڳئون گهري رهيو آهي.
    ”هينئر ۽ هتي ڇا؟“ مون پڇيومانس.
    رامچند پنهنجي روايتي کل کلندي چيو: ”ڪيش ڏيندس يا ڪنواريتن کي چوندو ته هن کي وٺي ڏيو.“
    بهرحال پوءِ سگهو ئي مبارڪون ڏيڻ جو دؤر شروع ٿي ويو ۽ وڏي اسٽيج جي ڀر ۾ ٺهيل ننڍي اسٽيج تي ويٺل هڪ ڳائڻي جوڙي هارمونيم تي هندي ۽ گجراتي غزل شروع ڪري ڏنا. مهرچند اوڏ به اچي ڀر ۾ ويٺو.
    ”رامچند! بڙودا ۾ رهي پئين ته صلاح اٿئي؟“ مهرچند چيو، سڀاڻي کان اسان بڙودا ۽ اوس پاس جا شهر گهمڻ لاءِ نڪرنداسين.“
    ”نه يار مهيني کان مٿي انڊيا ۾ ٿي ويو اٿم، سڀاڻي صبح سان بڙودا ڇڏي بمبئي پهچان جو شام جو USA لاءِ منهنجي فلائيٽ آهي.“ رامچند چيو.
    ڳائڻ وڄائڻ جي هيءَ محفل رات جو ڏهين تائين هلندي رهي ان بعد مانيءَ لاءِ انائونس ٿيو، جنهن جو بندوبست هوٽل جي ڇهين فلور تي رکيو ويو هو.


    دهليءَ جو قطب مينار

    جيئن انڊيا جي نشاني تاج محل، جاپان جي فيوجي جبل ۽ آمريڪا جي ”آزاديءَ جو مجسو (Statue) چئي سگهون ٿا تيئن دهلي شهر جي نشاني قطب مينار لڳي ٿو. دهليءَ بابت ڪوبه گائيڊ بڪ، ٽيلفيون ڊائريڪٽري، ڪلو نقشو کڻ ته ان جي ٽائيٽل ڪور تي تصوير قطب مينار جي نظر اچي ٿي.
    قطب مينار مون هڪ دفعو اڳ م به ڏٺو هو بلڪه ٻه دفعا جڏهن 1960ع ڌاري پنهنجي ڪاليج جي گروپ سان گڏ آيا هئاسين. قطب مينار ڏسڻ لاءِ ٻيا ته اندر هليا ويا پر آئون ۽ منهنجو ڳوٺاڻي ڪلاس ميٽ ڪمانڊر نجم انصاري قطب مينار جي ٻاهران ”الائي دروازي“ وٽ هڪ فوٽو گرافر کان فٽ پاٿ تي فوٽو ڪڍرائيندا رهياسين تنهن زماني ۾ فوٽو گرافرن وٽ وڏيون ڪئميرائون هونديون هيون ۽ ان تي ويڙهيل ڪاري ڪپڙي کي پنهنجي مٿان وجهي فوٽو ڪڍندا هئا ۽ ان ئي وقت فوٽو ڊيولپ ڪري پرنٽ آئوٽ ڪڍي ڏيندا هئا. ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ به اهڙائي فوٽو گرافر جام هئا پر هن فوٽو گرافر اهو ٿي ڪمال ڪيو جو اسان جو فوٽو بوتل اندر ڪڍي اها اسان جي هٿ جي تريءَ تي ڏيکاري ٿي. اهو فوٽو مون وٽ اڃا تائين موجود آهي جنهن ۾ منهنجي ساڄي هٿ جي تريءَ تي برنيءَ جهڙي هڪ بوتل آهي جنهن جي اندر به آئون آهيان. انهن ڏينهن جو اهو وڏو ڪمال هو. ٿي سگهي ٿو نجم انصاريءَ وٽ به سندس اهو فوٽو اڃا هجي. دهليءَ ۾ پنهنجي رهائش واري جاءِ تي پهچي جڏهن اها تصوير ٻين کي ڏيکاريسين ته انهن کي به اهڙي تصور ڪڍائڻ جو شوق ٿيو ۽ پوءِ شام جو ٻن ٽن ڪلاس ميٽن کي ساڻ وٺي آئون وري قطب مينار آيو هوس ۽ پوءِ هو تصويرون ڪڍائيندا رهيا آئون اندر هليو ويس. تن ڏينهن ۾ نه ٽڪيٽ هئي ۽ نه مناري تي چڙهڻ جي جهل پل. اڄڪلهه تقريبا هر تاريخي شيءِ ڏسڻ جي ٽڪيٽ رکي وئي آهي. لال قلعو ڏسڻ جي به اسان ڌارين لاءِ اڍائي سؤ روپيا ٽڪيٽ آهي (۽ هتي جي مڪاني ماڻهن لاءِ فقط پنج روپيا) ۽ پوءِ به لال قلعي جو هر هڪ حصو نٿا ڏسڻ ڏين. قطب مينار ۾ به جڏهن کان اسڪول ڇوڪرين جي موت جو حادثو ٿيو آهي ڪنهن کي به مٿي نٿا ڇڏين پر تن ڏينهن ۾ اسان مناري جا 380 کن ڏاڪا چڙهي چوٽيءَ تائين وڃي پهتا هئاسين.
    ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته قطب مينار هر ٽوئرسٽ لاءِ دلپسند تاريخي جاءِ آهي. لال قلعو، جامع مسجد يا برلا مندر جهڙيون عمارتون کڻي وڌيڪ خوبصورت هجن. پر قطب مينار اهڙي شيءِ آهي جيڪا اتاهين هجڻ ڪري پري کان ئي نظر اچي ٿي ۽ ٽوئرسٽ جو ڌيان ڇڪائي ٿي. قطب مينار هندستان ۾ مسلمانن جي حڪومت شروع ٿيڻ جي نشاني آهي ۽ هندستان ۾ مسلمانن جي ٺهرايل پهرين عمارت آهي. هن قطب مينار ۽ مسلمانن جي ٺهرايل ٻين عمارتن خاص ڪري مغلن جي ٺهرايل مقبرن، مسجدن ۽ قلعن وغيره جي عمارت سازي نج انڊين آرڪيٽيڪٽ بدران Indo-Islamic اسٽائيل آهي. بقول سرجان مارشل جي:
    “Indo-Islamic art is not merely a local variety of Islmamic art not is it a merely a modified form of hindu art Broadly speaking Indo-Islamic architcxture derives its character form both sources, though not always in an equal degree”.
    قطب مينار هندستان ۾ هندو حاڪمن جي حڪومت جي خاتمي ۽ مسلمانن جي سوڀ جي نشاني خاطر، 1193ع ۾ ٺهرائڻ ڪيو ويو. هي منارو 73 ميٽر ڊگهو آهي. هيٺ تر ۾ هن جي گولائيءَ جو ڊايا ميٽر 15 ميٽر ٿئي ٿو.مينار پنج ماڙ آهي ۽ هر ماڙ تي بالڪني ٺهيل آهي. پهريون ٽي ماڙيون ڳاڙهي پٿر جون ٺهيل آهن، چوٿين ۽ پنجين ماڙ ماربل ۽ ڪاري پٿر جون آهن. جيتوڻيڪ قطن الدين هن مينار جي ٺهرائڻ جو ڪم شروع ڪرايو پر سندس ڏينهن ۾ فقط پهرين ماڙ ٺهي سگهي. ان بعد هن جي پونئيرن ان کي مڪمل ڪرايو ۽ 1368ع ۾ فيروز شاهه تغلق هن جي مٿين ماڙين جي اڏاوت وري ڪرائي ۽ مٿس ڪيوپولا (بيهڻ ۽ نظاري ڪرڻ لاءِ ڇت) پڻ ٺهرايو جيڪو 1803ع ۾لڳل زلزلي ۾ اچي پٽ تي پيو. فيروز شاهه تغلق هندستان تي 1351ع کان 1388 تائين حڪومت ڪئي.
    1829ع ۾ ميجر سمٿ نالي هڪ انگريز انجنيئر ان جي جاءِ تي ٻيو Cupola ٺهرايو پر اهو بيهڪ ۾ صحيح نه لڳو جو ويندي ان وقت جي گورنر جنرل لارڊ هارڊنگ ان کي لاهڻ جو حڪم ڏنو. اڄ اهو ڪيوپو لاهيٺ قطب باغ ۾ پاسي تي رکيو آهي.
    قطب مينار جي قدمن وٽ ”قوته الاسلام“ نالي انڊيا جي پهرين مسجد آهي جيڪا 1193ع ۾ قطب الدين ايبڪ ٺهرائي جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن انڊيا جي 27 هندو ۽ جين مندرن مان سرون ڪڍرائي هيءَ مسجد جوڙائي. قطب دين جي ناٺي التمش بادشاهه هن مسجد جي چوڌاري بائونڊري جي ڀت 1210ع ۽ 1220ع وچ ۾ ٺهرائي ۽ علاؤالدين بادشاهه اوڀر ۾ وڏو ورانڊو ۽ ”علائي“ دروازو 1300 ع ٺهرايو.
    علاﺂالدين بادشاهه قطب مينار کان به ٻيڻو وڏو منارو ٺهرائڻ چاهيو ٿي. هن جي مرڻ وقت اهو 27 ميٽرن تائين پهتو هو. ان بعد، سندس پونيئرن مان ڪنهن به ان جو ڪم مڪمل نه ڪرايو. هي علائي ٽاور مسجد ۽ قطب مينار جي اتر ۾ قطب ڪامپليڪش اندر ئي آهي. هن ڪامپليڪس جو جيڪو دروازو آهي جنهن مان اندر گهڙي قطب مينار، قوته الاسلام مسجد ۽ علائي مينار ڏي وڃجي ٿو ان ”علائي“ دروازي جي ساڄي پاسي امام ضامن جو مقبرو آهي. هي صوفي درويش سڪندر لوڌيءَ جي ڏينهن (1517ع_1488ع) ۾ ترڪستان کان انڊيا ۾آيو. التمش جو مقبرو مسجد جي پٺيان هن ڪامپليڪس جا بائونڊري وال جي ٻاهرين پاسي آهي. التمش بادشاهه 1235ع ۾ گذاري ويو هو. (قطب دين ابيڪ 1192ع کان 1198ع تائين حڪومت ڪئي ۽ علاؤالدين خلجي جنهن علائي دروازو ۽ علائي مينار ٺهرايو 1296ع کان 1316ع تائين حڪومت ڪئي.)


    برلا مندر

    انڊيا مندرن جو ملڪ آهي جتي ڪٿي مندر نظر اچن ٿا. دهليءَ ۾ پڻ تمام گهڻا آهن. رستي تي جتي به ڪو خاص مندر نظر آيو ٿي ته رڪشا بيهاري اندر ڏٺم ٿي. توهان جيڪڏهن دهليءَ ۾ ٿورن ڏينهن لاءِ آهيو ته پوءِ گهٽ ۾ گهٽ برلا مندر ضرور ڏسو. هن نالي وارا مندر توهان کي انڊيا جي ڪيترن ئي شهرن ۾ نظر ايندا جيڪي هي مندر ٺهرائڻ واري فيملي برلا (Biral) نالي آهن. برلا فيمليءَ لاءِ هتي جي اوڏ وزير سائل ٻڌايو ته هنن وٽ ايڏو پئسو آهي جو هنن جو هر وقت ڪنهن نه ڪنهن شهر ۾ مندر، Construction هيٺ رهي ٿو.
    هنن جو اعتماد آهي ته چڱن ڪمن پٺيان پئسو خرچ ڪرڻ تي تي هنن جي دولت ۾ هر وقت واڌارو اچي رهيو هو. ان ڪري جيئن ئي هڪڙو مندر ٺهي رات راس ٿئي ٿو ته هو ٻيو ٺهرائين ٿا.
    برلا فيملي وارن جو برلا گروپ هندستان جو سڀ کان وڏو ۽ امير انڊسٽريل هائو آهي. برلا گروپ کي 500 فيڪٽريون آهن جيڪي مختلف شين جون آهن جهڙوڪه ٽيڪسٽائيل، ٽيليفون ۽ الڪٽرڪ جون تارون، آٽو موبائيل، انڊسٽري مشينون، کنڊ، سيمينٽ ۽ ڪاغذ جا ڪارخانا، سڻي، اليومينيم، ٽامي ۽ فرٽيلائيزر جا ڪارخانا، جهاز هوٽلون، وغيره وغيره. ان کان علاوه برلا گورپ وارا چاليهه مختلف ڪارخانن ۾ ٻين سان ڀائيوار آهن، جيڪي انگلينڊ، ڪينيا، فلپين، انڊونيشيا، يوگنڊا، اٿوپيا، مصر ۽ ٻين ملڪن ۾ آهن.
    برلا فيملي جا سڀ ميمبر خير خيرات جي ڪمن کان سڄي هندستان ۾ مشهور آهن. هنن جو گهڻو پئسو تعليمي ادارن، ڏڪار جي ستالين، رليف فنڊن، اسپتالن ۽ ڌرمي ادارن ۽ ٻين نيڪ ڪمن ۾ خرچ ٿئي ٿو.
    دهليءَ جو هي برلا مندر جيڪو لڪشمي نارائڻ مندر به سڏجي ٿو، بي ڊي برلا صاحاب ٺهرايو. منجهس وشنو ديوتا جي مورتي رکيل آهي. هن مندر کي ٺهڻ ۾ ڇهه سال لڳي ويا.يعني سن 1933ع کان وٺي 1939ع تائين. هن مندر جو افتتاح مهاتما گانڌيءَ ان شرط تي ڪيو ته هن ۾ هر ذات جي ماڻهوءَ کي اچڻ ڏنو ويندو. ويندي اڇوتن کي ۽ غير هندن کي به. هڪ اهو به سبب آهي جو هن مندر ۾ توهان کي سڀ کان گهڻا فارينر نظر ايندا. اها ٻي ڳالهه آهي ته هتي جي ٻين مندرن ۾ به ڪنهن ڌارئين کي اچڻ کان جهليو نٿو وڃي ۽ سچ ته اهو آهي ته فوٽو ڪڍڻ لاءِ منع ناما لکيل هجڻ جي باوجود مختلف مندرن جا ٻاوا مون کي تصويرون ڪڍڻ جي اجازت ڏيندا رهيا. اهوئي حال هتي جي مسجدن، گوردوارن ۽ ڪرسچنن جي عبادت گهرن جو آهي. بس اهو آهي ته هر ڪو فضيلت سان اچي. چڍي يا اسڪرٽ ۾ آهي ته پاڻ ڍڪي اچي، سکن جي ٽڪاڻي ۾ مٿو ڍڪڻ به ضروري آهي ۽ تقريبا سڀني عبادت گهرن ۾ بوٽ لاهڻو پوي ٿو سواءِ ڪنول مندر ۽ Churches کان.


    دهليءَ جون حويليون

    انڊيا جي ٻين شهر وانگر دهليءَ ۾ به حويليون جام آهن. حويلي وڏن گهرن کي چيو ويو ٿي جنهن ۾ وقت جا امير ۽ مشهور شخصيتون رهيون ٿي ۽ اڃا به ڪيترين ۾ رهن ٿيون اهي حويليون اڄ به دهليءَ جون تاريخي ۽ ثقافتي Heritage سڏجن ٿيون. دهليءَ تي مختلف مسلمانن گهراڻن حڪومت ڪئي. خلجي، تغلق، سيد، لوڌي وغيره. هر هڪ هن شر کي مختلف Artistic اسٽائيل ڏنو. مغلن ۽ انگريزن جي ڏينهن ۾ ته دهلي حويلين جو شهر ليکيو ويو ٿي. انهن مان ڪجهه خاص حويلين جا نالا جيڪي اسان هتي دهليءَ ۾ ٻڌي رهيا آهيون يا مختلف اردو ۽ انگريزي ناولن ۾ پڙهيا اٿئون يا فلمن ۾ ٻڌڻ ۾ اچن ٿا ۽ هن وقت مون کي ياد آهن، هن ريت آهن:
    سيٺ چهونا مل جي حويلي
    حڪيم احسان خان جي حويلي: جتي جواهر لعل نهروءَ جي ڪملا نهروءَ سان شادي ٿي.
    نمڪ حرام جي حويلي: جنهن جو مالڪ جسونت راءِ ويڙهاڪ مرهٽي جو دوست ڀواني شنڪر هو. ڀواني شنڪر بعد ۾ جسونت راءِ کي ڇڏي انگريزن سان وڃي مليو. ان ڪري هن جو نالو نمڪ حرام پيو. اها حويلي اڄ به چاندني چوڪ ۾ آهي.
    زينت محل حويلي: زينت محل آخري مغل بادشاهه بهادر شاهه ظرف جي زال هئي. 1857ع واري غدر ۾ لڪڻ وارن لاءِ هيءَ حويلي قلعو ثابت ٿي هئي. اڄ ان حويلي واري جاءِ تي مسالن پيهڻ جو ڪارخانو، ڇوڪرين جو اسڪول، کير جو دڪان ۽ ڪجهه گهر آهن.
    مرزا غالب جي حويلي: اردو جو شاعر مرزا اسدالله غالب آگري کان دهلي اچڻ تي سڄي عمر هن حويليءَ ۾ رهيو. هيءَ حويلي حاڪمن جي حويلي به سڏجي ٿي. دهلي جي باليمرن علائقي جي قاسم جان گهٽيءَ جي هيءَ حويلي اڄ بنهه ڊٺل حالت ۾ آهي. هن جا ڪمرا جنهن ۾ غالب ويهي اردو ۽ فارسيءَ جا ديوان لکيا اهي ويران آهن.
    مٿي ذڪر ڪيل حڪيم احسان الله خان شهنشاهه بهادر شاهه ظفر جو ذاتي حڪيم هو. هي گهر ٻه هزار چورس والن تي هو.
    حيدر قلي حويلي: هيءَ محل نما عمارت فتح پوري مسجد جي ڀرسان آهي. حيدر قلي مغل شهنشاهه محمد شاهه رنگيلي جي ڏينهن ۾ آرٽلريءَ جو ڪمانڊر هو. اڄڪلهه حويليءَ سوين گهرن ۾ تدبيل ڪئي وئي آهي. اهو آهي ته هن حويليءَ جو اصلوڪو گيٽ ۽ نالو اڃا به موجود آهي.
    بشير احمد نالي هڪ مصنف جو ڪتاب آهي: ”وقعت دارالحڪومت دهلي“ جنهن ۾ هن دهليءَ جي حويلين بابت لکيو آهي. ان جا ڪجهه حصا انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيل مون به پڙهيا آهن.
    ”حاڪمن جا ويجها فوجي عملدار ۽ آفيسر وڏين حويلين ۾ رهيا ٿي جن کي ”نشيمن“ به سڏيو ويو ٿي. هر حويلي جون ٻاهريون ڀتيون ٿلهي پٿر جون ٺهيل هونديون هيون جن مالڪ جي عورتن کي ڌارين جي نظرن کان بچايو ٿي ۽ هنگامن دوران گهر جي سامان جي حفاظت ڪئي ٿي. هر حويليءَ کي هڪ تمام وڏو گيٽ هو جيڪو ”نقار خانو“ سڏيو ويو ٿي جنهن ۾ پهريدار سپاهين کان علاوه بيوگل وڄائڻ وارا ۽ طبلچي به رهيا ٿي. جيئن زينت محل جي حويليءَ ۾ هو. زينت محمد جي اچڻ يا ٻاهر نڪرڻ وقت بيوگل ۽ توتارا وڄائي عام ماڻهوءَ کي آگاهه ڪيو ويو ٿي ته هو رستا خالي ڪري پاسي ڪنڊ ۾ ٿي بيهن. نقار خانن جي ڀر ۾ گهوڙن، اٺن ۽ هاٿين جا اسطبل هئا. سلطان نويد يا خان ٻڌائيندو هو ته هن جي وڏن جي حويليءَ ۾ ڏهه گهوڙا ڏهه اٺ ۽ پنج هاٿي هئا. هن جا وڏا مغل شهنشاهه جي فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ لاءِ ايران کان آيا هئا. انهن حويلين ۾ عورتن جا ڪمرا ”محلسرا“ سڏبا هئا ۽ حويليءَ جي بلڪل اندر واري حصي ۾ هئا. انهن محلسرائن ۾ ”تهه خانا“ ۽ ”سرد خانا“ هوندا هئا. گهر جا مالڪ آيل مهمانن سان ”ديوان خانن“ ۾ ملندا هئا. ديوان خانن سان لڳو لڳ لئبريري ”ڪتب خانا،‎“ هئا، جن ۾ خوبصورت الماڙين ڀرسان ”قلمدان“ (انڊپين رکڻ جي جاءِ) ”شمعدان“ (Candle Stand) هوندا هئا. انهن حويلين ۾ خوبصورت حمام (وهنجڻ جايون) هيون ۽ نوجوان ڇوڪرين لاءِ ”شيش محل“ (شيشي جا ڪمرا) هئا.“
    انهن سڀني حويلين کي پاسي تي رکي اسان نهر واري حويلي ڏسڻ وياسين جنهن ۾اسان جي صدر جنرل پرويز مشرف جنم ورتو. اها درياهه گنج جي گولا مارڪيٽ جي پرتاپ اسٽريٽ ۾ آهي. سٺ سال اڳ پرويز صاحب جي ڄمڻ وقت هي علائقو ضرور خوبصورت هوندو، آدمشاري گهٽ هئي جيئن ان وقت اسان جي پراڻي (ڪراچي کارادر، ميٺادر) هئي. هينئر ته درياهه گنج جي مين روڊ تي هلڻ ۾ به اسان پوڙهن جا حال ٿيو وڃن. هفتو کن اڳ هتي جو فوٽ پاٿن تان پراڻا ڪتاب وٺڻ آيو هوس. جيتوڻيڪ اهو آچر جو ڏينهن هو ته به پيهه پيهان جو عالم هو. هينئر ڪرڪيٽ ميچ لاءِ صدر پرويز مشرف انڊيا اچي رهيو آهي ته هن جي پراڻي گهر ”نهر والي حويليءَ“ کي سرڪاري طرح خوب رنگ روغن ٿي رهيا آهن. اسان جي همراهن جو به شوق ٿيو ته اها حويلي ضرور ڏسجي. هونءَ به درياهه گنج جامعه مسجد، لال قلعي وارن علائقن مان هر وقت گذر ته ٿي رهيو هو سو اسان به پڳ ٻڌي ڪئميرا کڻي درياهه گنج ڏي روانا ٿياسين.
    وقت سان گڏ هن حويليءَ جا مالڪ بدلبا رهيا ۽ حصن ۾ ورهائبي رهي. هينئر هن جي هڪ حصي ۾ مشهور ٿيٽر گولچا (Golcha) آهي، هيءَ حويلي جيڪا نهر واري حويلي سڏجي ٿي پٺيان فيض بازار سان وڃيو ملي جيڪا ڪراچيءَ جي جوڙيا بازار ۽ کجور بازار وانگر دڪانن ۽ ماڻهن سان ڳهتيل آهي. اها ڪل ست سؤ والن تي چار ماڙ آهي، هتي جي هڪ پراڻي رهاڪوءَ ٻڌايو ته اورينجل حويلي مغل عمارتسازيءَ جي نموني جي ٺهيل هئي. اڄڪلهه هيءَ حويلي اٺن حصن ۾ ورهايل آهن جنهن ۾ 28 فيمليون رهن ٿيون. هيٺين حصي ۾ چاليهه کن ننڍا وڏا دڪان آهن.
    حويليءَ جو اورينجل اسٽرڪچر ٻن حصن ۾ ورهايل هو جنهن ۾ ٻه فيمليون رهيون ٿي. هڪ حصي ۾ صدر پرويز مشرف جي ڏاڏي امينا بيگم ۽ ان جي ڀيڻ رهي ٿي ۽ ٻئي حصي ۾ پرويز مشرف جي ڏاڏيءَ جا ڀائر، متمعن دين، قاضي محمد نظام الدين ۽ قاضي مغيم الدين، حويليءَ جو ٽيون حصو هو جيڪو امينا بيگم جي ڀيڻ سعيدا جي حوالي هو.
    راجيش جي نالي هڪ چارٽرڊ اڪائونٽنٽ سعيد واري حصي ۾ اڄڪلهه رهي ٿو، هڪ ٻئي حصي ۾ راڪيش، سنديپ ۽ هيمچند نالي ٽي ڀائر رهن ٿا جن جو چوڻ آهي ته هن جي پيءُ پريمچند گولا 1946 ۾ حويلي جو اهو حصو 65 هزار روپين ۾ خريد ڪيو هو.
    صدر صاحب جي دهليءَ واري دؤري دوران ان حويلي جي چڱي طرح صفائي ڪري ٻاهران رنگ روغن لڳايا ويا آهن ۽ عمارت اڳيان پٿرن جو هڪ خاص اسٽرڪچر پڻ ٺاهيو ويو آهي.
    صدر پرويز مشرف جيڪو هن حويليءَ ۾ ڄائو سيد مشرف دين جو ٻيو نمبر پٽ آهي جو ان وقت دهليءَ ۾ سول سپلائيز ڊپارٽمينٽ ۾ ڊائريڪٽر جنرل هو. ان وقت جو هڪ اهڙو ماڻهو اڃا زندهه آهي۽ هتي رهي ٿو جنهن کي پرويز ۽ سندس ڀاءُ اشرف جي ننڍپڻ جا ڏينهن ياد آهن جن جون ننڍپڻ جون ڏنگايون گهر جي سڀني ڀاتين کي مشغول رکنديون هيون. اها آهي 92 ورهين جي ڪمشير ٻائي جنهن هن حويليءَ جي ٻهاري ۽ ڇنڊ ڦوڪ ڪئي ٿي. گذريل دفعي صدر پرويز آيو هو ته هن سان مليو هو. ڪشمير ٻائيءَ کي اميد آهي ته هن دفعي به سندس ملڪ جي حڪومت سيڪورٽي ۽ پروٽوڪال کي پاسيرو رکي هن کي پاڪستان جو صدر صاحب سان ملڻ ڏيندي. ڪشمير ٻائيءَ سان هر ڪو ماڻهو چرچا ڪري رهيو آهي ته تون ئي هڪ واحد ماڻهو هتي آهين جنهن جنرل صاحب کي Nappies ۾ ڊوڙندو ڏٺو صدر صاحب خرچي ڏنئي ته مٺائي اسان کي به کارائجانءِ.


    دهليءَ جي جهوني ۾ جهوني لئبريري

    پراڻي دهليءَ ۾ ريلوي اسٽيشن جي ڀرسان ”هريال ميونسپل پبلڪ لئبريري“ دهليءَ جي سڀ کان پراڻي لئبريري آهي. چاندني چؤڪ ۾ ٺهيل ڦوهاري کان پراڻي دهلي ريلوي اسٽيشن ڏي وڃبو ته واٽ تي کاٻي پاسي راڻي باغ جي ڪلارڪ (Clarke) گيٽ وٽ Colonial نموني جي عمارت نظر ايندي. ان جهڙيون انگريزن جي ڏينهن جون Colonial عمارتون ڪراچي صدر ۾ به اڃا موجود آهن. راڻي باغ اڄڪلهه گانڌي ميدان به سڏجي ٿو. پراڻن ڏينهن ۾ اهو ڪمپني باغ سڏبو هو. لئبريريءَ جي هيءَ عمارت ڪاريا پل تان ئي نظر اچي ٿي. هيءَ لئبريري انگريزن ۽ يورپين جي مطالعي ۽ وقت گذارڻ لاءِ 1862ع ۾ ٺهي هئي، بعد ۾ مڪاني ماڻهن يعني انڊين کي به اچڻ جي اجازت ڏني وئي.
    هن لئبريري جي وجود ۾ اچڻ جي به دلچسپ ڪهاڻي آهي. اوڻهين صديءَ ۾ اڃا هوائي جهاز هلڻ شروع نه ٿيا هئا. انگلينڊ کان انگريز آفيسر ڇهن ڇهن سالن لاءِ انڊيا بدلي ڪيا ويندا هئا جيڪي ان وقت جي هوائن جي رحم و ڪرم تي هلندڙ سڙهن وارن جهازن ۾ ۽ پوءِ ويهين صديءَ جي شروعات ۾ آگبوٽن ذريعي انڊيا پهچندا هئا. لنڊن کان منزلون ڪاٽيندا، سڄي آفريڪا کنڊ جو ڦيرو ڪندا، ڪيپ آف گڊ هوپ لتاڙي هندستان جي بندرگاهه سورت يا بمبئيءَ ۾ ست اٺ مهينن بعد اچي پهچندا هئا. ڊگهي سامونڊي سفر ۾ وقت پاس ڪرڻ لاءِ هو پاڻ سان ڪتابن ۽ رسالن جون ڀريون ٻڌي نڪرندا هئا ۽ انڊيا پهچڻ تي اهي هنن جي ڪم جا نه رهندا هئا. بندرگاهه جا واسطي طار آفيسر اهي ڪتاب گڏ ڪري ريڊنگ ڪلب ۾ رکندا هئا. اتان پوءِ لارينس انسٽيٽيوٽ ٺهڻ تي ان جي لئبريريءَ ۾ رکيا ويا. اها عمارت 1861ع ۾ ٺهي ۽ اڄڪلهه ٽائون هال آهي. 1902ع ۾ اها لئبريري جيڪا هاڻ دهلي پبلڪ لئبريري جي نالي سان سڏجي وڃي ٿي، ”ڪچا باغ“ شفٽ ڪئي وئي. 23 ڊسمبر 1912ع تي انگريز حاڪم لارڊ هارڊنگ تي آزاديءَ جي جنگ وڙهندڙن بم اڇليو. جنهن جي اڳواڻي لالا هرديال ڪري رهيو هو. لارڊ هارڊنگ ان وقت هاٿيءَ تي چڙهي چاندني چؤڪ مان لنگهي رهيو هو. هو بنا ڪنهن زخم جي بچي ويو. ٻي حياتي ماڻڻ جي خوشيءَ ۾ هن اتي دهلي پبلڪ لئبريري جي لاءِ نئين عمارت ٺهرائن جو اعلان ڪيو. هن ان ڪم لاءِ جيڪا ڪميٽي ٺاهي ان جو صدر لالا شيئو پرساد مقرر ٿيو. ڪميٽيءَ ستر هزار روپيا گڏ ڪيا جن مان چوڏهن هزار خان صاحب حاجي بخش الاهيءَ ڏنا ۽ ڏهه هزار ڪشمير جي مهاراجا ڏنا.
    1916ع ۾ هيءَ لئبريري نئين عمارت ۾ شفٽ ڪئي وئي ۽ سندس نالو هارڊنگ ميونسپل پبلڪ لئبريري رکيو ويو، جيڪو پوءِ 1970ع ۾ بدلائي ”هرديال ميونسپل پبلڪ لئبريري“ رکيو ويو. لئبريري ۾ هندي، اردو، عربي، فارسي، انگريزي ۽ سنسڪرت جا هڪ لک ستر هزار ڪتاب آهن، سڀ ۾ پراڻو ڪتاب Relation of Some Years. آهي جيڪو Travail Begvenne. جو 1634ع ۾ بلاڪ پرنٽنگ ذريعي لنڊن ڇپيو هو. هي ڪتاب ايشيا ۽ آفريڪا جو سف نامو آهي.
    هن لئبريري ۾ ڪجهه ٻيا پراڻا ڪتاب هن ريت آهن:
    ”دنيا جي تاريخ، هن جا پنج واليوم آهن جن جو مصنف Sir Walter Raleigh آهي ۽ هي ڪتاب 1676ع جو ڇپيل آهي ۽ هڪ ٻيو ڪتاب 1870ع جو آهي، جيڪو لکنؤ جي برٽش ڪمانڊر جي زال مسز. آر. سي. جرمون جي لکيل ڊائري آهي. ان قسم جا هڪ سؤ سالن کان مٿي پراڻا ۽ بي بها ڪتاب هن لئبريريءَ ۾ ڇهن هزارن کان به مٿي ٿيندا.
    مٿي ذڪر ڪيل ٻن انگريز آفيسرن: جان لارينس ۽ لارڊ چارلس هارڊنگ بابت ٻه اکر لکڻ ضروري سمجهان ٿو جن جو انڊيا سان گهڻو تعلق رهيو.
    جان لارينس 4 مارچ 1811ع تي انگلينڊ ۾ ڄائو ۽ 1864ع کان 1869ع تائين انڊيا جو وائسراءِ ٿي رهيو. پاڻ سنه 1829ع ۾ پنهنجي وڏي ڀاءُ سر هينري مانٽگميري سان گڏ انڊيا ۾ آيو. هي ٿورو ئي عرصي ۾ دهليءَ جو مئجسٽريت ٿيو ۽ پوءِ ٽيڪس ڪليڪٽر. سکن جي پهرين لڙائي (46_1845ع) ۾ لارينس پنجاب جي جالنڌر ضلعي جو ڪمشنر ٿيو ۽ سندس وڏو ڀاءُ سڄي صوبي (پنجاب) جو گورنر هو. هن شخص هندستان ۾ ستيءَ جي رسم ختم ڪرڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي. 1859ع ۾ جان لارينس پنهنجي وطن (انگلينڊ) روانو ٿيو ۽ چئن سالن بعد 1863ع ۾ کيس وري انڊيا جو موڪليو ويو. هن ڀيري کيس ”وائسراءِ“ جي پوسٽ تي رکيو ويو ۽ پنج سال وائسراءِ ٿي رهيو. پاڻ سن 1879ع ۾ وفات ڪيائين.
    لارڊ چارلس هارڊنگ به انڊيا جو گورنر جنرل ۽ وائسراءِ ٿي رهيو. سن 1858 ع ۾ انگلينڊ ۾ ڄائو. 1880 ۾ انگلينڊ جي ڊپلومئٽ سروس ۾ داخل ٿيو ۽ 1904ع ڌاري سفير جي حيثيت سان روس موڪليو ويو. 1910ع کان 1916ع تائين هو دهليءَ جو گورنر جنرل ۽ پوءِ وائسراءِ ٿي رهيو. هن جي ڏينهن ۾ انگلينڊ جو بادشاهه جارچ پنجون ۽ راڻي مئري 1911ع ۾ انڊيا گهمڻ آيا. هن جي ڏينهن ۾ ورلڊ وار پهرين لڳي جنهن ۾ انگريزن سان گڏ ننڍي کنڊ جي ماڻهن پڻ انگريزن جي بچاءَ لاءِ حصو ورتو. هن جي ڏينهن جي هڪ ٻي خاص ڳالهه اها آهي ته هونءَ جون انگريز حڪومت جي گاديءَ جو هنڌ ڪلڪتو هو، اهو بدلائي دهلي ڪيو ويو. لارڊ هارڊنگ 1944ع ۾ پنهنجي وطن انگلينڊ ۾ وفات ڪئي. هن جي يادگيرين جو لکيل ڪتاب My Indian years 1910-1916 پڙهڻ وٽان آهي، جيڪو 1948ع جو ڇپيل اهي. ان کان پوءِ ٻيا ڇاپا به ضرور نڪتا هوندا ۽ شايد Web site، تي به اچي چڪو هجي پر منهنجي پراڻي جهازي لئبرري ۾ 1948ع جو ڇاپو هو جيڪو جهاز جا ٻيا آفيسر به وڏي شوق سان پڙهندا هئا. خاص ڪري سياري جي سرد ۽ ڊگهين اونداهين راتين ۾ يا ڊگهن سامونڊي سفرن ۾، وقت گذارڻ لاءِ.
    انڊيا ۾ سنڌي
    بڙودا ۾ ايڪسپريس فوٽو شاپ جي مالڪ ٻڌايو ته پاڪستان جي ڪرڪيٽ پليئر جاويد ميانداد جو والد صاحب پاڪستان لڏي وڃڻ کان اڳ بڙودا ۾ پوليس جي نوڪريءَ ۾ هو.
    لڏپلاڻ وقت احمد آباد، بڙودا توڙي گجرات ۽ مهاراشٽراصوبن جا مسلمان سنڌ ۾ آيا جو هنن لاءِ پاڙيسيري صوبو هو. سنڌ ۾ هي جيڪي ڪڇي ميمڻي، گجراتي، ڪاٺياواڙي زبانو ڳالهائيندڙ ڏسو ٿا اهي انڊيا جي هنن صوبن جي مختلف ضلعن جا آهن ۽ هو پاڻ کي انهن ضلعن ۽ شهرن جي نالن جيت پور، ڪتيانا، ڪاٺياواڙ، ماندوي وغيره جي حوالن سان سڏائين ٿا. سنڌ کان جيڪي سنڌي هندو انڊيا آيا اهي به پهرين هنن صوبن ۾ آيا ۽ پوءِ وقت سان گڏ انڊيا جي ٻين صوبن ۾ به ٽڙي پکڙي ويا. اڄ به سنڌي هندو گجرات ۽ مهاراشٽرا ۾ گهڻا رهن ٿا. جڏهن سنڌ بمبئيءَ سان مليل هئي تڏهن به اسان جا وڏا جيتوڻيڪ ڪجهه علي ڳڙهه پاسي ويندا هئا باقي گهڻا تڻا هيڏانهن پوني، بمبئي جي جهونا ڳڙهه پاسي ايگريڪچلر، ڊاڪٽري، وڪالت ۽ تعليم جي ٻين برانچن، واپار ۽ گهمڻ لاءِ آيا ٿي. بڙودا جي هن جهوني سنڌي فوٽو گرافر ٻڌايو ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته بڙودا ۽ احمد آباد وغيره ۾ تمام گهڻا سڌندي رهن ٿا ويندي سنڌين جون رهائشي ڪالونيون به آهن پر سڀ کان گهڻا ممبئي، الهاس نگر ۽ ٿاني پاسي رهن ٿا. ان سلسلي ۾ رميش ڪتيجا نالي هڪ هندو سنڌيءَ جو مضمون پڙهيو هوم جنهن ۾ هن ٻڌايو آهي ته ايم ايم آر يعني Mumbai Mertropolitan Region جنهن ۾ گريٽر ممبئي جو ضلعو، ٿاني شهر، نئين ممبئي ۽ الهاس نگر جهڙا تعلقا ۽ راءِ ڳڙهه ضلعي جا ڪجهه حصا اچي وڃن ٿا، ڏهه لکن کان مٿي سنڌين جا گهر آهن.
    ممبئي (بمبئي) جا علائقا جن ۾ سڀ کان گهڻا سنڌي رهن ٿا اهي آهن: چيمبر سنڌي ڪالوني، ڪوليوال ۾ سنڌ سيوا سمتي نگر، سيان سنڌي ڪالوني، مولند ايسٽ ۾ شاهاڻي ڪالوني ۽ مولند ويسٽ ۾ سنڌ ڪالوني. ان کان علاوه ڪولابا، چرچ گيٽ، وارڊن روڊ، نيپين سي روڊ، ڪلبا ديوي، ماهيم، کار، باندرا، گهاٽڪو پار ۽ پووائيءَ ۾ به ڪافي سنڌي رهن ٿا. الهاس نگر انڊيا جو واحد شهر آهي جنهن ۾ سنڌين جي اڪيلي ميجارٽي آهي. (هي اهو شهر آهي جتي جي الهاس نگر سنڌي ايسوسيئيشن جي ڪارخانن جون ٺهيل شيون USA جي نالي سان وڪامن ٿيون. جن جو تفصيلي ذڪر ”دنگي منجهه درياه“ ڪتاب ۾ ڪيو اٿم).
    ممبئي پاسي جا هي سنڌي انڊيا جي ٻين هنڌن تي رهندڙ سنڌين کان وڌيڪ سکيا ستابا آهن. اهي ماڻهو جيڪي پنهنجي اباڻي وطن کان هٿين خالي آيا پنهنجي محنت، عقل، هنر ۽ لڳاتار جدوجهد سان غريب ڏتڙيل ڪميونٽي مان امير ترين ڪميونٽي بڻجي ويا جن جو مثال دنيا ڏئي ٿي. چي اهڙو محنتي جهڙو سنڌي هندو. ايڏو هنر مند ۽ جفاڪش جهڙو سنڌي هندو، اهڙو سخي مرد جهڙو سنڌي هندو.
    شروع ۾ مڪاني ماڻهو هنن نون آيل ماڻهن کي ڌڪاريندا هئا ته هٿين خالي اچي هر واپار وڙي ۽ تعليمي فيلڊ ۾ اڳيان وڌي ويا آهن پر هاڻ مختلف ڪهاڻي آهي. هو ڏسن پيا ته هنن سنڌين جي ڪري سندن ڳوٺن ۽ شهرن ۾ خوشحالي آئي آهي. وڌيڪ ڌنڌا ڌاڙيون ۽ ڪمائڻ جا ذريعا پيدا ٿيا آهن. هي سنڌي ٻين صوبن کان آيل ماڻهن جيان ڪمايل پئسو پنهنجي صوبي ۾ موڪلڻ بدران هتي ئي لڳائين ٿا، غريبن جي مدد ڪن ٿا، خير خيرات ڪن ٿا، مفت جي علاج ۽ تعليم خاطر اسپتالون ۽ اسڪول کولين ٿا. هو جتي رهن ٿا ان ڌرتيءَ کي ”ڪرم ڀومي“ ۽ ”جنم ڀومي“ سمجهن ٿا. هو ٻين ڌارين (مرهٽن، تاملن، بنگالين، بهارين وغيره) کان بلڪل مختلف آهن.
    ممبئي، الهاس نگر، ٿاني وغيره ۾ سنڌين جي گهڻائي هجڻ ڪري تعليمي ادارن جو تعداد تمام وڏو آهي جيڪو سنڌي ماڻهن جي چندن سان وجود ۾ آيو آهي. حيدرآباد سنڌ نيشنل ڪاليجيٽ بورڊ، دي ڪشنچند چيلارام ايڊيو ڪيشن ادارا، “The Inlacs”، دي ساڌو بيلاس تعليمي ادارا، دي پر سرام پارومل تعليمي ادارا، دي سنڌي ايڊيو ڪيشنل سوسائٽي انهن چند اسڪولن ۽ ڪاليجن مان آهن جيڪي سنڌين انڊيا جي فقط هن اولهه ڏکڻ واري حصي ۾ ٺهرايا آهن. هن ۾ انهن تعليمي ادارن جو ذڪر بلڪل نه ڪيو ويو آهي جيڪي سنڌين انڊيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ کوليا آهن يا ويندي ڀر وارن شهن، احمد آباد، بڙودا، پوني وغيره ۾ ٺهرايا آهن.
    پنجاهه ۽ سٺ جي ڏهي ۾ انهن سڀني تعليمي ادارن ۾ گهڻو ڪري سنڌي ميڊيم آف انسٽرڪشن هئي ۽ سبجيڪٽ طور ڪاليج جي مٿاهين ليول تائين پڙهائي وئي ٿي. وقت سان گڏ انگريزيءَ جو مان مٿاهون ٿيندو پيو وڃي ۽ انڊيا توڙي دنيا جي ٻين ملڪن جي اسڪولن وانگر هتي به سنڌي بدران انگريزي ميڊيم آف اسنٽرڪشن ٿيندو وڃي. پر ان هوندي به اڃا تائين ڪيترائي سنڌي اسڪول آهن خاص ڪري هن ممبئي پاسي، ۽ سنڌين طرفان ٺهرايل ڪاليجن ۾ سنڌي سبجيڪٽ طور پڙهائي وڃي ٿي. ”ممبئي يونيورسٽي“ Ph.D ليول تائين سنڌي سبجيڪٽ تسليم ڪري ٿي. سنڌين لاءِ انڊيا جي هن علائقي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جا تمام گهڻا موقعا آهن جو سنڌين جي ٺهرايل سڀني اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ سنڌين لاءِ چاليهه سيڪڙو سيٽون رکيل آهن.
    گجرات ۽ ممبئيءَ جو هي پاسو اهڙو آهي جتي اڄ به سنڌي گهڻي ڀاڱي اصلي اسٽائيل ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. ٻين صوبن ۾ ڳالهائڻ جي لهجي تي مڪاني زبان جو گهڻو اثر ٿي ويو آهي. ممبئي پاسي توهان کي سنڌين جون اهڙيون ڪميونٽيون، ملنديون جيڪي حيدرآباد نج سنڌيءَ کان علاوه شڪارپوري، لاڙي، لاسي، ٺٽي ٿري ۽ اپر ۽ لورو سنڌ جي ٻين لهجن ۾ سنڌي ڳالهائين ٿيون. سنڌين جي گهرن ۾ سنڌي ۽ انگريزيءَ جي مڪسچر ۾ ڳالهه ٻولهه هلي ٿي جنهن ۾ مڪاني زبانن مرهٽي، گجراتي وغيره جا به ڪجهه ڪجهه لفظ استعمال ٿين ٿا.
    ڪنهن وقت ۾ انڊيا مان ڪيتريون ئي سنڌي اخبارون نڪتيون ٿي. هاڻ پڙهڻ وارن جي کوٽ ڪري اهي اخبارون هڪ هڪ ٿي بند ٿي ويون آهن. عربي رسم الخط واري سنڌي اخبار هاڻ فقط هڪڙي وڃي بچي آهي. جيڪا گجرات صوبي جي شهر احمد آباد مان نڪري ٿي ٻه ٽي مئگزينون نڪرن ٿيون جن مان هڪ Spoon مشهور آهي جيڪا پارو ۽ ٺاڪر چاوله جي گڏيل ڪوششن جو نتيجو آهي. سنڌيءَ جا اهم ۽ وڏا ليکڪ هڪ هڪ ٿي الله کي پيار ٿا ويا يا ٻڍاپي جي دؤر مان گذري رهيا آهن. سندري اتم چندراڻي، اتم، ڪيرت ٻاٻاڻي، پوپٽي جهڙن ليجنڊن کان پوءِ سنڌي ادب ۾ ڄڻ ته مڪمل بليڪ آئوٽ جو سمو ٿو پسجي.
    هڪ ٻه ڏهائي سال اڳ تائين سنڌي ڊراما ڪندڙن جا ڪجهه گروپ ۽ آرٽسٽ ضرور هئا جن مختلف ٿيٽرن ۾ ڊراما ڪيا ٿي. هاڻ انهن جو تعداد پڻ ڏينهون ڏينهن گهٽبو وڃي. مس انيلا سندر هڪ اهڙو نالو آهي جيڪو اڃا سنڌي ڊرامن کي جياريندو اچي. انڊيا ۾ ڪا سنڌي ٽي وي ناهي. سال ٻن کان دبئي ۽ بئنڪاڪ جهڙين جاين تان KTN ۽ سنڌ ٽي وي جهڙن چئنلن انڊيا جي سنڌي ڪميونٽيءَ ۾ خوشيءَ جي لهر پيدا ڪئي آهي.
    سنڌين جي لڏي اچن کان اڳ انڊيا ۾ ”ڪو آپريٽو هائوسنگ سوسائيٽنز“ جو رواج نه هو .اهي سنڌي هئا جن ممبئي جي علائقي ڪولابا (Colaba) ۾ پهرين ڪو آپريٽو هائوسنگ سوسائٽي ٺاهي سا به اڄ کان چاليهه پنجيتاليهه سال اڳ. اڄ اهو Concept سڄي ممبئي ۾ عام ٿي چڪو آهي ۽ ڪيترن ئي سنڌين هائوس ڪنسٽرڪشن ۾ نالو پيدا ڪيو آهي. هيرا ننداڻي، ۽ راهيجا، انڊيا جا مشهور ۽ ڪامياب بلڊر آهن. هنن جي ”گهريلو Complees جو سڄي انڊيا ۾ ڪو مقابلو ڪرڻ وارو ناهي.
    ممبئي پاسي رهندڙ سنڌي انجنيئر، ڊاڪٽر، وڪيل ضرور آهن پر سندن گهڻائي واپار ڪري ٿي. هنن جي اچڻ کان اڳ هن تر ۾ گجراتين، مارواڙين ۽ بوهرين جو بزنس تي هولڊ هو پر محنت، عقل ۽ واپاري ڄاڻ کان ڪم وٺي سنڌي سڀ کان اڳ نڪري ويا آهن. ڪپڙي جي مارڪيٽن، الڪٽرانڪ جي مارڪٽين ۽ هول سيل جي فليڊ ۾ سندن ڪو مقابلو ڪري نٿو سگهي. هنن جي بنيادي سوچ High Turn over and low profitability. هنن کي ڀاڳ ڌڻي بنائي ڇڏيو آهي.
    سنڌين جا ڪٽڪ بالي ووڊ ۾ گهڙي پيا آهن. اڄ فلمي دنيا ۾ ڪيترائي سنڌي فنائنسر، ڊائريڪٽر، ايڪٽر، ايڪٽريسون ۽ ٻيا آرٽسٽ قومي ۽ بين الاقوامي فيم جا آهن، سپي، ڀاڳناني، توراڻي انهن مان ڪجهه ڪامياب نالا آهن فلمي دنيا ۾ سنڌين جي هيڏي طاقت هوندي به اها سنڌي فلمن کان خالي آهي.
    هن پاسي جي سنڌي ڪميونٽي ۾ سنڌي ڊاڪٽرن ۽ سنڌين جي ٺهرايل اسپتالن جو به وڏو نالو آهي. اهي اسپتالون نه فقط اميرن لاءِ آهن پر غريبن لاءِ پڻ. پيڊار روڊ تي جسلوڪ اسپتال، ماهيم ۾ ”هندوجا“ اسپتال دنيا جي مقابلي جون اسپتالون آهن جن تي انڊيا کي فخر آهي. انهن کان علاوه سنڌين جون ٻيون به ڪيتريون ئي اسپتالون، نرسنگ گهر ۽ ڊسپينسريون آهن جتي اميرن توڙي غريبن جو علاج ٿئي ٿو. چيمبور ۾ Inlac`s Hospital پڻ انهن مان هڪ آهي. هاڻي ويجهڙائيءَ ۾ ممبئي جي علائقي پووائي (Powai) ۾ ڊاڪٽر ايل، ايڇ هيراننداڻي اسپتال شروع ٿيڻ واري آهي، جنهن کي دنيا جي اعليٰ ترين اسپتال چئي سگهجي ٿو.
    الهاس نگر جيڪو ڪنهن زماني ۾ غريب ڏٽريل سنڌين جو شهر سڏيو ويو ٿي اڄ دنيا جي ماڊرن شهرن مان هڪ آهي جيڪو بازارين، شاپنگ مالن، فيڪٽرين کان ڄڻ ته ڦاٽي ٿو ۽ سنڌين پنهنجي جياپي جو مثال قائم ڪيو آهي. ڪنهن سچ چيو آهي ته:
    “The Community indeed is imperishable, If miniscule community of parsi` can survive Sindhis sure will”.


    ٻه اکر دادا جشن لاءِ

    اڄڪلهه دادا جشن پي واسواڻي 56 سالن بعد پنهنجي اباڻي وطن سنڌ جي دؤري تي ويل آهن. دادا واسواڻي جنهن جا ليڪچر صبح جي وقت Sony چئنل تان اچن ٿا هو جڳ مشهور سنڌي فلاسفر، اسڪالر، سائنسدان، مقرر ۽ سماجي سيوا ڪندڙ شخص آهي. ان کان علاوه دانشور، اديب، شاعر، استاد تعليمي ماهر ۽ صوفي بزرگ طور پڻ مشهور آهي. هو پنهنجي چاچي ۽ مرشد ساڌو واسواڻي جو جاءِ نشين آهي.
    دهليءَ ۾ ”ساڌو واسواڻي انٽر نيشل گرلس اسڪول“ گهمڻ جو احوال لکڻ دوران ساڌو واسواڻي (سڄو نالو، ساڌو ٿانور داس ليلارام واسواڻي خدا آبادي) جو احوال پڻ لکيو اٿم. هتي ٻه چار سٽون دادا جشن واسواڻي تي لکڻ ضروري سمجهان ٿو. دهليءَ جي مٿين گرلس اسڪول جي کليل ميدان جي هڪ ڪنڊ مختلف رنگين گلن ۽ ٻوٽن سان جهنجهيل آهي. اسڪول جي صلاحڪار پروفيسر ڊاڪٽر چندر ڏاسواڻيءَ اها ڏيکاريندي ٻڌايو هو ته ان ۾ اسڪول جون ڇوڪريون گلن پوکڻ جو شوق پورو ڪن ٿيون ۽ اها ڪنڊ ”جشن ڪارنر“ سڏجي ٿي، جيڪا دادا جشن واسواڻي جي نالي ڪيل آهي. هو ڪا دير هن نيڪ مرد بابت ٻڌائيندو رهيو جنهن جا جهيڻي پر صاف آواز ۾ پر مغز ۽ دل تي اثر ڪندڙ ليڪچر روزانو صبح جو ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ جي ليڪچر بعد سوني چئنل تان ٻڌندو آهيان. گذريل ٻه چار ڏينهن دادا واسواڻي تي روچي رام، مدد علي سنڌي، امداد سومري ۽ ٻين جا مضمون انٽرنيٽ ذريعي ڪاوش، عبرت ۽ عوامي آواز اخبارن ۾ به پڙهندو رهيو آهيان.
    دادا جي واسواڻي جيڪو هن وقت سنڌ جي ياترا تي پهتل آهي. حيدرآباد ۾ 2 آگسٽ 1918ع ۾ جنم ورتو ۽ هن وقت 87 ورهين جي ڄمار جو آهي. پاڻ نومبر 1948ع ۾ پنهنجي چاچي ساڌو واسواڻيءَ سان گڏ سنڌ ڇڏي بمبئي روانگي اختيار ڪئي.
    جشن واسواڻي هن وقت پوني ۾ سيراني اسڪول ۽ ڪاليج کان علاوه ڪيترائي فلاحي ۽ جديد تعليمي ادارا هلائي ٿو. هن کي اقوام متحده ۽ انگلينڊ جي هائوس آف ڪامنس ۾ خطاب لاءِ مدعو ڪيو ويندو آهي. دادا جشن واسواڻي بيحد ذهين شاگرد هو. هن 13 سالن جي عمر ۾ مئٽرڪ پاس ڪئي ان بعد ڪراچيءَ جي ”ڊي جي سائنس ڪاليج“ مان B.Sc فزڪس سترهن سالن جي ڄمار ۾ پاس ڪئي ۽ يونيورسٽيءَ ۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ آيو ۽ ساڳي ڪاليج ۾ فيلوشپ مليس. هن سائنس جي شعبي ۾ ڪيترائي تحقيقي مقالا لکيا. سندس هڪ مقالي کي نوبل انعام يافته ڊاڪٽر سي وي رامن چڪاس بعد بيحد پسند ڪيو هو. پاڻ ايل ايل بي بعد 1939ع ۾ M.Sc ڪئي.


    انڊيا جي رستن تي هلندڙ ڪارون...

    انڊيا جي رستن تي سڀ کان گهڻي موروتي (Maruti) نالي ڪار نظر اچي ٿي جيڪا انڊيا ۾ اسيمبل ٿئي ٿي ۽ جاپاني سوزوڪي مني ڪار، مني وئن ۽ فور ويل ڊرائيور (4WD) ڪار جو مڪسچر آهي. موروتي ڪارن کان علاه انڊين جي رستن تي ٻيون ڪارون جيڪي عام نظر اچن ٿيون اهي آهن: فورڊ ايسڪورٽ، Peugeot 309, فياٽ Uno، دائيوو سيلو، اوپل ائسٽرا ۽ مرسڊيسز 220. اهي سڀ گاڏيون هتي انڊيا جي فيڪٽرين ۾ Assemble ٿيل آهن ۽ انهن پويان ٻه ٻيون گاڏيون ميدان ۾ اچي ويون آهن، اهي آهن هونڊا ۽ اسڪوڊا.
    1950 ۾ لنڊن ۾ جڏهن مورس آڪسفورڊ گاڏين وارن اهي ڪارون ٺاهڻ بند ڪري نئون ماڊل ٺاهڻ شروع ڪيو ته ان پراڻي ماڊل جون ڪارون ٺاهڻ واري فيڪٽري ڪلڪتي شفٽ ڪرائي وئي ۽ اتي اڄ ڏينهن تائين ”هندستان ائمبسڊر“ جي نالي سان ڪارون ٺهن پيون. 1960ع ۾ پراڻي فياٽ 11OOD ۾ ڪجهه تبديليون آڻي ”پال پدمڻي“ نالي ڪار ٺاهي وئي. ڪجهه عرصي بعد فياٽ 124 ڪار متعارف ڪرائي وئي. 1970ع ۾ واڪس هال ڪار جا حق ۽ واسطا خريد ڪري انڊيا ۾ ”هندستان ڪانٽيسا“ جي نالي سان ٺاهڻ شروع ڪئي وئي پر انڊيا ۾ سڀ کان گهڻي ڪامياب ڪار موروتي ثابت ٿي آهي. موروتي ڪار جي قيمت اڍائي لک روپين کان شروع ٿئي ٿي. ائمبسڊر ڪارون (سيٽ بيلٽ سميت) ساڍن ٽن لکن جون آهن ۽ ”مرسڊيز 220“ جي قيمت ٽيويهه لک روپيا آهن.
    انڊيا ۾ ٽرڪن جي انڊسٽري ڪافي اڳتي نڪتل آهي ۽ ٽاٽا ۽ اشوڪ ليلئنڊ ٽرڪون نه فقط انڊيا ۾ پر دنيا جي ڪيترن ملڪن، ملائيشيا ۽ سنگاپور کان برطانيه ۽ فرانس ۾ ڪامياب ثابت ٿيون آهن. انهن ٻن ڪمپنين کان علاوه ڪجهه جاپاني ٽرڪون مڪس نالن سان هندستان ۾ ٺهڻ شروع ٿيون آهن ۽ رستن تي نظر اچن ٿيون. انهن مان ڪجهه هن ريت آهن: ”موروتي، سوزوڪي،“ ”هندستان ايسوزو“ آلون نسان، ”سواراج مزدا“ ۽ ”هونڊا ڪائنيٽڪ“.
    موٽر سائڪلن ۽ اسڪوٽرن جي انڊسٽريءَ ۾ به وڏو واڌارو آيو آهي. انڊيا جي رستن تي هلندڙ موٽر سائيڪلن ۾ هڪ ته Enfield India نالي آهي جيڪا هوبهو برطانيه جي پراڻي سنگل سلينڊر 35OCC رايل بليٽ انفيلڊ جي 1950ع واري ماڊل جي ڪاپي آهي. اسڪوٽرن ۾ لئمبرٽا ۽ ويسپا جون ڪاپيون مشهور آهن. اٽليءَ ۾ جڏهن انهن موٽر سائيڪلن ٺاهڻ جو ڪم بند ڪيو ويو ته انڊيا هنن جي سڄي فيڪٽري ڦلن مٺ قيمت ۾ خريد ڪري انڊيا ۾ لڳائي ۽ موٽر سائيڪلون ٺاهڻ شرع ڪري ڏنيون. ڪيترائي ماڻهو انهن فيڪٽرين ۾ روزگار کي به لڳي ويا ته ساڳي وقت غريب عوام کي گهٽ قيمت تي سواري مهيا ٿيڻ لڳي. انهن کان علاوه ڪجهه ڦيرڦار سان هوندا، سوزوڪي ۽ ياماها موٽر سائيڪلن جا ماڊل پڻ انڊيا جي رستن تي نظر اچن ٿا.


    رهائش جو مسئلو

    پاڪستان ۾ مسافرن لاءِ هر شهر ۾ رهائش جو مسئلو آهي پر انڊيا جي ڪنهن به شهر ۾ رهائش يا سواريءَ جو مسئلو نه آهي. حيدرآباد سنڌ جو ئي کڻي مثال وٺو. تمام ٿوريون هوٽلون آهن ۽ جيڪي آهن اهي تمام مهانگيون آهن. کاڌو پيتو به مهانگو آهي. ڪو وڌيڪ هوٽلون ٺهرائي به ڪونه ٿو. جيڪي ٿوريون گهڻيون حيدرآباد يا ڪراچيءَ جهڙن ۾ آهن اهي به خالي پيون آهن ورلي ڪو ٽورسٽ ٿو اچي. امن امان جي حالت به ڪا خاص بهتر ناهي. ڪو ڌاريون ته ڇا ملڪي ۽ مڪاني ماڻهو به گهمڻ ۽ هوٽلن ۾ رهڻ کان ڀڄي ٿو. اڃا به ٿورو گهڻو اسان جي اتراهن علائقن ۾ حالتون بهتر آهن ۽ گهمڻ جون جايون توڙي موسم ڪا خراب ناهي.
    هتي انڊيا جي ڪنهن به شهر ۾ رهائش توڙي کاڌي پيتي جو مسئلو نه آهي. دهليءَ ۾ ته هاڻ ٻه چار هفتا رهڻ بعد ڏسان پيو ته رهڻ لاءِ هر قسم جون فائيو اسٽار هوٽلون به آهن جن جي روز جي مسواڙ پنج ڇهه هزار رپين) کان مٿي آهي ته اهڙيون هوٽلون، گيسٽ هائوس ۽ لاجز (Lodges) به آهن جن جي مسواڙ ٻه سؤ رپيا ڪا مس آهي. ڪي چوڏهن بسترن جي ڊور ميٽرين واريون اهڙيون به هوٽلون آهن جن ۾ هڪ ماڻهوءَ جي رهائش جي مسواڙ فقط پنجهتر رپيا آهي ۽ اهي هوٽلون رات گذارڻ لاءِ بلڪل ٺيڪ ٺاڪ آهن، شهر جي وچ ۾ به آهن يعني توهان رڪشائن ۽ ٽئڪسين جي ڀاڙن کان بچيو وڃو ۽ ڪمري ۾ گهڻا ماڻهو هجڻ ڪري توهان جي توهان جهڙن هم خيال مسافرن سان ڄاڻ سڃاڻ به ٿيو وڃي ۽ هڪ ٻئي کان گهمڻ ڦرڻ جون جايون، ماني ٽڪي جون سٺيون سٺيون ۽ سستيون ريسٽورنٽون ۽ شاپنگ لاءِ خاص شيون معلوم ڪري سگهو ٿا ۽ هڪ ٻئي جا دلچسپ ۽ تلخ تجربا ٻڌي سگهو ٿا. بس اهو آهي ته اهڙين هوٽلن ۾ انهن هوٽلن جو يا ڀر وارين هوٽلن ۾ هلندڙ چهل پهل يا وڄندڙ گانن جو گوڙ شور لڳو رهي ٿو سو جيڪڏهن توهان واقعي سياح آهيو ۽ گهمڻ ڦرڻ لاءِ آيا آهيو ته سڄي ڏينهن جي هل هلان ۽ ٿڪ بعد توهان لائوڊ اسپيڪر کي سيرانديءَ کان رکي به سمهي سگهو ٿا ۽ هنن هنڌن ته اسان ايشيائي مسافر ته ڇا انگريز ۽ يورپي گورا به رهيا پيا آهن. نولراءِ جو پيٽارو مان پڙهيل ڀيڻويو نوابشاهه جو دودو اوڏ ته هر وقت اهو چوندو آهي ته ”ڀائي جان پاڻ ٻئي اڪيلا انڊيا جي هڪ هڪ رياست ڪري گهمڻ اينداسين. انڊيا ۾ رهائش، کاڌي پيتي ۽ سواريءَ جو ڪو مسئلو ناهي.“ هو پاڪستان کان پهريون دفعو ٻاهر نڪتو آهي پر صحيح ٿو چوي. انڊيا سان سياسي کٽ پٽ پنهنجي جاءِ تي پر گهمڻ ڦرڻ لاءِ اسان پاڪستانين لاءِ انڊيا کان بهتر ٻي ڪا جاءِ ناهي جتي مغربي شيون ۽ ڪلچر به آهي ته مشرقي ماحول ۽ ثقافت به. دنيا جون ماڊرن شيون به آهن ته پراڻي جڳ جون به. اجايون ڏورانهن ۽ مهانگن آمريڪي ۽ يورپي ملڪن ۾ ڇو وڃجي جتي جي سخت موسم جي اسان دٻ به نٿا جهلي سگهون ۽ نه وري اتي جون زبانون سمجهي سگهون ٿا.
    دهليءَ ۾ سستي رهائش جا بنيادي طرح ٻه هنڌ آهن. دهلي ۾ آيل مسافرن ۽ مهانن جو وڏو حصو رهائش لاءِ پهاڙ گنج جو رخ اختيار ڪري ٿو. دهليءَ جو هي هوٽلن ۽ مسافر خانن وارو علائقو پهاڙ گنج ”نيو دهلي ريلوي اسٽيشن“ ڀرسان آهي. هوٽلن ۽ مسافر خانن لاءِ ٻيو هنڌ جان پاٿ جي آسپاس وارو علائقو آهي. هي هنڌ به نئين دهليءَ ۾ آهي. ڪناٽ پليس جي ڏاکڻي پاسي. پر هن پاسي جي Acomodation ڪجهه مهانگي آهي. جيڪڏهن ڪو اڃا به سستي رهائش جي ڳولا ۾ آهي ته ان لاءِ پراڻي دهلي ڏي وڃڻ بهتر آهي. اتي توهان کي ڪيتريون ئي هوٽلون ملي وينديون.
    پراڻي دهلي ۽ نئين دهليءَ جون ريلوي اسٽيشنون ائين آهن جيئن ڪراچيءَ جي سٽي اسٽيشن ۽ صدر اسٽيشن. پراڻي دهلي اسٽيشن جي ويجهو ئي مهاتما گانڌي پارڪ آهي جنهن جي اوڀر ۾ دهلي پبلڪ لئبرري آهي ۽ ڏکڻ ۾ ٽائون هال. سيارو يا جهڙالي موسم ۾ واڪ ڪرڻ جا شوقين اتان واڪ ڪندا چاندني چوڪ کان ٿيندا ڏکڻ ۾ ايندا ته جامع مسجد آهي ۽ اوڀر طرف لال قلعو آهي. ٽائون هال کان لال قلعي ايندي توهان کي رستي تي ”گهنٽي والا“ مٺائي جو دڪان، سونهري مسجد، سکن جو هڪ پراڻو گوردوارو ”سسگنج،“ گوري شنڪر جو مندر، دگمبارا جين مندر ۽ اکين جي اسپتال نظر ايندي. چاندني چوڪ دراصل پراڻي دهليءَ جي مين بازار آهي جيڪا ننڍن ننڍن دڪانن سان ڳهتيل آهي جتي ماڻهن جي ڏينهن رات پيهه پيهان لڳي رهي ٿي. پکين جي اسپتال جين ڌرم وارن جي آهي. دهليءَ جي پراڻي ڪوٽ والي (kotwali) پوليس اسٽيشن سونهري مسجد جي بلڪل ڀر ۾ آهي. هيءَ مسجد اها آهي جنهن جي ڇت تي 1739ع ۾ نادر شاهه (ايراني حمله آور جنهن لال قلعي مان ”مور تخت“ کڻايو) بيهي پري پري تائين دهليءَ جي تباهيءَ جو نظارو ڪيو هو، جنهن جو لشڪر هتي جي ماڻهن جو قتل ڪندا رهيا ۽ گهرن کي باهيون ڏيندا رهيا.
    چاندني چؤڪ جي ٻئي ڇيڙي تي (يعني جنهن طرف کان شروع ٿيا هئاسين ) فتح پوري مسجد آهي. جيڪا شاهجهان جي زالن 1650ع ۾ ٺهرائي. مسجد جي ڀرسان گودوديا مارڪيٽ آهي ۽ جتي کاري بائلي روڊ ۽ شاردانين روڊ هڪ ٻئي کي ڪراس ڪن ٿا اهو چوراهو لاهوري گيٽ سڏجي ٿو. دهليءَ جا ڪجهه چوراها مختلف گيٽ سڏجن ٿا خاص ڪري پراڻي دهليءَ جي آس پاس. جيئن ٿورو اڳتي غازي دين جي مدرسي وٽ رستن ملڻ ڪري جيڪو چوراهو ٺهي ٿو، اهو اجميري گيٽ سڏجي ٿو ۽ اڃا ٿورو اڳتي عيسائين جي هولي ٽرنٽي چرچ ۽ حضرت شاهه ترڪمن جي مقبري واري چوراهي جو نالو ترڪمن (Turkman) گيٽ آهي ۽ هن گيٽ کان اڳيان هلبو ته هتي جي مشهور چور بازار ۽ تندور ريسٽورنٽ اچي ٿي ۽ ان بعد جيڪو چوراهو آهي ان جو نالو دهلي گيٽ آهي. ائين ته لال قلعي ۽ جامع مسجد جي مختلف دروازن جا به نالا آهن بلڪ ڪي نالا ته ساڳيا دهلي گيٽ ۽ لاهور گيٽ آهن پر رڪشا يا ٽئڪسي واري کي جڏهن چوندائو ته مونکي پراڻي دهلي وٺي هل ته هو يڪدم توهان کان پڇندو ڪهڙي گيٽ ڏي هلندائو ۽ ان مان هن جو مطلب هي چوراهائي آهن ۽ نه لال قلعي جا دروازا.
    نيو دهلي ريلوي اسٽيشن جي بلڪل سامهون ”مين بازار“ نالي روڊ آهي ان تي ۽ ان جي آس پاس وارين گهٽين ۾ تمام سستيون هوٽلون آهن جن مان ڪجهه جا نالا آئيڊيا خاطر لکان ٿو. بهتر اهو آهي ته دهلي پهچڻ سان پهرين ڏينهن ڀلي ڪنهن مهانگي هوٽل ۾ رهي پئجي. مسافريءَ جو ٿڪ ڀڃي ٻئي ڏينهن آرام سان ضرورت ۽ کيسي ۾ پئسي مطابق ڪا Reasonable هوٽل ڳولجي. دهليءَ ۾ تمام گهڻيون هوٽلون آهن ۽ هر روز وڌيڪ ٺهي رهيون آهن. اونهاري ۾ گرميءَ ڪري يورپ پاسي جا مسافر گهٽ اچن ٿا ۽ هوٽلون خالي رکڻ کان بچڻ لاءِ هوٽل جا مالڪ مسافرن کي منٿون ڪندا رهن ٿا. ويندي رڪشائن وارا توهان کي هوٽلن جا ڏس پتا ڏيندا رهندا جن کي هوٽلن جي مالڪن طرفان ڪميشن ملڻ جا آسرا هوندا آهن. ان ڪري بهتر اهو آهي ته پهرين رات ڪنهن ۾ به رهي پئجي ۽ پوءِ ٻئي ڏينهن پاڻ ئي چونڊ ڪجي ته ڪهڙي هوٽل جو ڪمرو ۽ سهولتون توهان لاءِ بهتر آهن. ان لاءِ مٿي ٻڌايل مين بازار روڊ جيڪو علائقو پهاڙ گنج به سڏجي ٿو سڀ کان گهڻو مشهور آهي. مين بازار روڊ جي ٻنهي ڪپرن تي ڪجهه هي هوٽلون آهن: هوٽل اسٽار ويو، هوٽل سپنا ۽ ستيام، هوٽل وشال ۽ ڪرشنا گيسٽ هائوس، اجي گيسٽ هائوس، هري راما گيسٽ هائوس، هوٽل نورنگ، هوٽل پايل، ڪامران لاج، هوٽل برائيٽ گيسٽ هائوس، ٽريولرس گيسٽ هائوس، هوٽل نمسڪار، هوٽل اسٽار پئلس، هوٽل ڊائون ٽائون .... ڪهڙا نالا کڻي ڪهڙا کڻجن ۽ هي ته رڳو مين روڊ جون هوٽلون، مسافر خانا، لاجز، گيسٽ هائوس ٿيا ان کان علاوه هن روڊ جي هر گهٽيءَ ۾ هوٽلون، آهن ۽ هي سڀ هوٽلون نيو دهلي ريلوي اسٽيشن وٽ آهن. اسٽيشن مان نڪرڻ سان قطب روڊ وٽ هوٽل ڪانشٽا آهي. ايئر ڪول ڪمرا، ٽي وي، باٿ روم ۽ بالڪني اٿس يوميه مسواڙ اڍائي کان ٽي سؤ رپيا آهي. مين بازار روڊ تي جيڪو ٽريولر گيسٽ هائوس آهي ان ۾ ڊبل ڪمرا باٿ روم سان گڏ آهن. ڪمرا ايئر ڪنڊيشنڊ نه آهن پر ڊبل جي مسواڙ فقط 200 رپيا. اتي ئي رايل گيسٽ هائوس آهي ان جي به ساڳي مسواڙ آهي. اها ئي ريٽ ٻين گيسٽ هائوسن ۽ اسٽار پئلس، ڊائون ٽائون ۽ نمسڪار جهڙين هوٽلن جي آهي. پايل، وويڪ ۽ وشال هوٽلن جي به اها آهي. بس رڳو اهو ڏسجي ته جيڪو ڪمرو توهان کي ملي رهيو آهي ان کي دريون آهن ۽ هوادار آهي يا نه. خاص ڪري اونهاري ۾. اهي سڀ هوٽلون بنا ايئرڪنڊيشن جي آهن. سياري جي موسم ۾ ته انگريز ۽ يورپي به اتي رهن ٿا. مونکي به هڪ فرينچ سياح ٻڌايو ته هو گذريل دفعي ان روڊ تي هڪ اهڙي هوٽل ۾ ڏيڍ سؤ رپيا روز جي مسواڙ تي رهيو هو. ”سياري ۾ ڪهڙي ضرورت ايئر ڪنڊيشنڊ جي! سڄو ڏينهن رلي پني رات جي ماني هڪ ريسٽورنٽ ۾ کائي يارهين بجي ڪمري تي پهچندو هوس ۽ بستر تي ليٽڻ سان کونگهرن ۾ پئجي ويندو هوس. اک کلندي هئي ته سج مٿي چڙهيل هوندو هو. ”هنن هوٽلن ۾ گرم پاڻي ملي ٿو ۽ Attached باٿ روم آهي ان کان وڏي ٻي ڪهڙي عياشي ٿي سگهي ٿي.“هن ٻڌايو.
    اهڙين قسم جون ڪيتريون ئي هوٽلون ۽ ڪجهه ان کان مٿاهيون به، ڪناٽ پليس ۽ جان پاٿ ايريا ۾ آهن. رنگو گيسٽ هائوس، سني گيسٽ هائوس، هوٽل بلو، هوٽل پئلس هائيٽس انهن مان ڪجهه آهن. يعني اهي سڀ سستي ۾ سستيون هوٽلون آهن.
    پراڻي دهليءَ ۾، جامع مسجد جي آسپاس به ڪيتريون ئي سستيون هوٽلون آهن. مسجد جي بلڪل پٺيان هوٽل نيو سٽي پليس، هوٽل بمبئي اورينٽ، جتي چاندني چؤڪ ختم ٿو ٿئي اتي ڀارت هوٽل ۽ ان جي ڀرسان اسٽار گيسٽ هائوس وغيره. اهي سڀ اڍائي يا ٽي سؤ رپيه في ماڻهوءَ جي حساب سان آهن. ان کان علاوه يوٿ هاسٽلون ۽ YMCAٽوئرسٽ هوٽل، YMCA گيسٽ هائوس ۽ YMCA بلو ٽرئنگل فئملي هاسٽلون به ڪيتريون ئي آهن.
    ڪناٽ پليس ۽ جان پاٿ واري علائقي ۾ ڪجهه مهانگيون هوٽلون يوميه 500 رپين کان ست سؤ، اٺ سؤ. ويندي هزار رپين واريون ڪجهه هن ريت آهن:
    جان پاٿ گيسٽ هائوس (فون نمبر: 3321935 )
    هوٽل برائيٽ (فون نمبر: 3320444 )
    هوٽل 55
    الڪا هوٽل
    هوٽل ميٽرو
    ۽ اڃا به ڪجهه مهانگين 1500رپين کان ٻه هزار رپين تائين:
    هوٽل سينٽرل ڪورٽ
    پارڪ هوٽل
    نيرولاز هوٽل ,s Hotel)Nirula(
    ۽ اهڙيون ئي ٻن هزار رپين جي Rangeواريون هوٽلون چڙيا گهر جي ڀرواري علائقي سندر نگر ۾ پڻ جام آهن. جيئن ته:
    مهاراڻي گيسٽ هائوس
    ڪئلاش ِ ان
    لاسانگريتا ٽوئرسٽ هوم
    جو ڪاسو ان
    ڪناٽ پليس جي ويجهو ٻه ڏاڍا سٺا پرائيويٽ گيسٽ هائوس آهن. هڪ نيو راجيندر نگر ۾ گهر نمبر 500_R جيڪو ”ماسٽر پيئنگ گيسٽ هائوس“ سڏجي ٿو ۽ ڪناٽ پليس کان رڪشا وارو ٽيهه رپيا کن ڀاڙو وٺندو ۽ ٻيو ياتري هائوس جيڪو راڻي جهانسي روڊ تي پنج ڪئين ۽ مندر مارگ رستن جي جنڪشن وٽ آهي. ڪناٽ پليس کان ميل کن پري ٿيندو. اڳواٽ جي اطلاع تي ۽ ٻه اڍائي سؤ رپيه کن وڌيڪ خرچ تي هو توهان کي ايئرپورٽ تان به وٺي ايندا.
    مٿي دهلي شهر جي مختلف چوراهن بابت پڻ لکيو اٿم ته انهن مان ڪجهه چوراها گيٽ سڏجن ٿا جيئن ته دهلي گيٽ، اجميري گيٽ، لاهوري گيٽ وغيره. اجميري گيٽ وٽ لکيو اٿم ته غازي دين جو پراڻو مدرسو آهي. اڄ ان مدرسي جي فوٽو سميت اخبار ۾ خبر آئي آهي ته انڪروچمينٽ کان علاوه هن مدرسي (جيڪو اڄڪلهه ائنگلو عرئبڪ اسڪول سڏجي ٿو) جي عمارت ۾ به ڪافي ڏار پئجي ويا آهن ۽ هيءَ تاريخي عمارت جيڪا اسان جي تهذيب ۽ تمدن جو ورثو آهي، ان کي DDA(دهلي ڊولپمينٽ اٿارٽي) وارا سهڻو بڻائي رهيا آهن. اجميري گيٽ وٽ هي اسڪول مغل شهنشاهه جي مليٽري ڪمانڊر غازي الدين خان فيروز جنگ ٽي سؤ کن سال اڳ 1702ع ۾ ٺهرايو هو ۽ هن اسڪول جو پهريون نالو غازي الدين مدرسو هو ان بعد1825ع ۾ انگريزن هن جو نالو دهلي ڪاليج رکيو ۽ پوءِ 1948ع ۾ جواهر لعل نهرو ۽ ان وقت جي ”دهلي سر مائورس گوير“ جي وائيس چانسلر مولانا ابوالڪلام آزاد جي ڪوششن سان هن ڪاليج ۾ ”ڪو ايڊيو ڪيشن“ ڪئي وئي ۽ نالو بدلائي ائنگلو عرئبڪ اسڪول رکيو ويو. هن اسڪول جي عمارت وچ ايشيا ۽ مغل آرڪيٽيڪٽ جو مڪسچر آهي ۽ هي اسڪول پهريون سڪيولر تعليم گاهه هو، جتي انگريزي ۽ ماڊرن سائنس جهڙا سبجيڪٽ پڙهايا ويا ٿي. هي ڪاليج اردو زبان جي خدمتن کان به مشهور آهي. دهلي ڊولپمينٽ اٿارٽي هن اسڪول کي اصلي صورت ۾ آڻڻ لاءِ ڏيڍ ڪروڙ رپيا خرچ ڪري رهي آهي.
    هن اسڪول بلڊنگ جي ڪنڊ تي ان زماني جي مسجد پڻ آهي ۽ ڀر ۾ غازي الدين خان جو مقبرو آهي. هي اسڪول هندستان جي ورهاڱي وقت بند رهيو ۽ ان کان اڳ 1857ع ۾ بلوي دوران بند رهيو ۽ پوءِ 26سالن بعد1883 ع ۾ لارڊلٽن (Lord Littonکولرايو. 1857ع واري بلوي ۾ اسڪول ۾ موجود ڪيترائي قيمتي سڪا، بي بها هٿ جون لکڻيون (Manuscripts) ويندي غالب جا هٿ جا لکيل ديوان ۽ فارسي ۽ عربي جي خوبصورت ڪئليگرافي چوري ڪري ڳرن اگهن ۾ وڪي وئي.


    ڇا دهلي ٺڳن کان مشهور آهي...

    دهليءَ ۾ پهچڻ سان محسوس ٿئي ٿو ته هتي لا ائنڊ آرڊر (امن امان) جي حالت بهتر آهي. ماڻهو قانون جي عزت ڪن ٿا، پوليس کي رشوت کائڻ جي ايڏي پٽِ ناهي ۽ نه اها هتي جي سياستدانن، وڏيرن، پيرن ۽ چوڌرين جي کيسي ۾ مڪمل طرح بند آهي. قانون جي دائري اندر شهر جون هوٽلون، دڪان، ڪلب سڄي سڄي رات کليا پيا آهن. مڪاني ماڻهو توڙي ڌاريان سوئرسٽ سڄي رات پيا گهمن، پيا هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ سفر ڪن. ڪير ڪنهن کي اغوا نٿو ڪري، ڪير ڪنهن کي ڪوڙي ڪيس ۾ لاڪ اپ ۾ بند نٿو ڪري دڪاندارن ۽ سئنيما وارن کان ڪو غنڊه ٽئڪس يا ڀتو نٿو وٺي، ڪٿي به هر وقت مذهبي جهيڙا فساد نٿا ٿين. مسجدون، مندر، ٽڪاڻا گوردوارا سڀ کليا پيا آهن ۽ انهن ۾ ان مذهب جا ماڻهو ته ڇا ٻين مذهبن جا به گهڙيو ديدار ڪريو وڃن، فوٽو ڪڍيو وڃن. (هن مندر ۾ وڃي آئون به فوٽو ڪڍندو رهيو آهيان.) هتي جي ڪنهن به مسجد يا مندر ۾ تالو نٿو لڳي. بالاجي مارڪيٽ (ڪالڪا) واري جامع مسجد جي پيش امام ٻڌايو ته ٽيهن سالن کان يعني جڏهن کان هيءَ مسجد ٺهي آهي سندس چارئي مين گيٽ کليل آهن. ڪڏهن به بند نه ٿيا آهن، چاهي مسلمانن جي عيد يا عاشورو هجي يا مسجد جي چوڌاري رهندڙ هندو ڪميونٽيءَ جي هولي يا ڏياري. اهي سڀ ڳالهيون سوچي چئي سگهجي ٿو ته هتي امن امان جي حالت سٺي آهي. پر بهرحال اهڙي کڻي سٺي نه به هجي ۽ واقعي تمام گهڻي سٺي ناهي پر اسان سنڌ جي ڳوٺن توڙي شهرن جي رهواسين کان انڊيا جي ڳوٺن توڙي شهرن ۾ رهندڙ ماڻهو وڏي سڪون ۾ آهن. مون اهو سوال گذريل سڄو مهينو دهليءَ ۾ هر ان ماڻهوءَ کان ڪيو آهي جنهن لاءِ مون کي خبر پيئي آهي ته هي هتي گهمڻ لاءِ ڪراچي ۽ حيدرآباد کان آيو آهي يا شڪارپور، سکر ۽ جيڪب آباد جهڙن ننڍن شهرن کان آيو آهي. هر هڪ ٿڌو شوڪارو ڀري انڊيا ۽ پاڪستان ۾ وڏو فرق امن امان هجڻ ۽ نه هجڻ جو ٻڌايو.
    بهرحال تي دهليءَ ۾ تمام گهڻو امن امان به نه آهي ٻه ڪروڙ آدمشماري جي هن شهر ۾ ڪيترائي لوفر لفنگا به آهن. هر گهٽيءَ ۾ خون ريزي، وڏي چوري يا ڌاڙو يا اغوا جو ڪيس کڻي نٿو ٿئي پر ننڍي پئماني جون چوريون، پڪ پاڪيٽنگ (جيب ڪتر) ۽ آيل مسافرن ۽ مڪاني ماڻهن سان ننڍيون ننڍيون لڳيون ۽ لچايون عام ٿينديون رهن ٿيون. ان ڪري هن پاسي آيل مسافر هر ڳالهه کان بي خبر ۽ بي اونو ٿي نه هلي. هو پنهنجا هوش قائم رکي ۽ ڪنهن به لڳ ۽ اٽڪل باز جي ڳالهين ۾ اچي پنهنجو پاڻ کي نه ڦرائي. خاص ڪري پنهنجي پئسي ۽ سفر جي ڪاغذن (پاسپورٽ، شناختي ڪارڊ، ويزا واري پني ۽ ٻين اهڙين شين) کي جان سان سوگهو رکي. جو پرديس ۾ ڪوبه ڪنهن جو مٽ يا دوست ناهي.
    دهلي پهچڻ جي ٽئين يا چوٿين ڏينهن خبر پئي ته نولراءِ جي ننڍي ڀيڻ جو پرس چوري ٿي ويو جنهن ۾ سندس پنج ڇهه هزار رپيا هئا. اهو پئسن جو ننڍڙو ٻٽون هٿ ۾ کڻڻ جي وڏي پرس ۾ هو.
    ”ڀيڻ شيلان تون سڀ ۾ گهڻي سمارٽ ۽ هوشيار تنهنجي ڪيئن چوري ٿي ۽ پرس اندران چور ڪيئن ٻٽو ڪڍيو جو تو کي خبر ئي نه پئي؟“ مون پڇيومانس.
    شيلان روايتي ٽهڪ ڏيندي چيو: ”ادا ڏسو پيا نه؟ دهليءَ جي لڳن جو ٻڌو نه اٿانو! سو هاڻ ان دهليءَ ۾ واقعي اچي ويا آهيون.“
    خبر پيئي ته پراڻي دهليءَ جي هڪ پيهه پيهان واري مارڪيٽ ۾ ڪنهن جيب ڪتري ڇوڪري بليڊ سان وڏي پرس کي وچ تان چيهڪ ڏيئي اندر پيل ٻٽون ڪڍي ورتو. ٻٽونءَ سان گڏ ٽيليفون جا ڪارڊ، پنا، پين ڪرڻ تي هن جو ڌيان انهن شين ڏي هليو ويو جن کي هوءَ ميڙي چونڊي پرس ۾ وجهي ته ڏسي ته پرس جي زپ ته بند آهي. هي شيون ڪريون ڪيئن؟ ۽ پوءِ پاسي کان ڏسي ته پرس کي آيل وڏو چيهڪ نظر آيس.
    اهڙي طرح اسان ڄاڃين مان هڪ جي بئگ دهليءَ کان بڙودا ويندي چوري ٿي وئي. ٿي سگهي ٿو دهلي اسٽيشن تي ٿي هجي جو سڀني جو سامان، سؤ کن ننگ ٿيندا، ٻن وڏين ٽرالين تي هو جيڪو گاڏيءَ ۾ چاڙهڻ تائين جو چئن قلين ست سؤ رپيا ٻولايا هئا. سو ان وقت يا ٽرين ۾ چاڙهڻ وقت هڪ بئگ هيڏانهن هوڏانهن ڪري ڇڏي هجين يا اڃان به ائين ٿي سگهي ٿو ته ٽرين مان رات جي وقت اسان جي يا ڪنهن ڀر واري دٻي جي مسافر يا ڊائننگ ڪار جي بئري اها بئگ غائب ڪري ڇڏي هجي جو ڏهين يارهين کان پوءِ تقريبا سڀ مسافر سمهي پيا. سڀني جو سامان هيٺين سيٽ جي هيٺان رکيل هو. رات جي وقت هڪ ٻن ريلوي اسٽيشن تي گاڏي بيٺي هئي ۽ ڪجهه ماڻهو لٿا ۽ ڪجهه چڙهيا هئا. ٿي سگهي ٿو ان وقت ڪو چوري ڪري ويو هجي جو اسان کي ته بڙودا ۾ لهڻ وقت ئي خبر پيئي ۽ اسان ان وقت ٻنهي ٽنهي دٻن (جن ۾ اسان جا ڄاڃي ورهايل هئا) جي ڪنڊ ڪنڊ ڏٺيسين پر نه ملي. دراصل رات جي وقت ان قسم جون چوريون ريل گاڏين ۾ عام ٿين ٿيون. ڊگهي سفر ڪرڻ وارا مسافر رات جو آخر سمهيو رهن. بئگ چورائڻ وارو چور تاڙ ۾ رهي ٿو ۽ سيٽ هيٺان بئگ ڇڪيو رات جي اونداهيءَ ۾ ڪنهن اسٽيشن تي لهيو وڃي. ٽرين ۾ رات جي سفر ۾ پنهنجي بئگ چوري ٿيڻ کان ڪيئن بچائجي؟ يا بئگ بچائجي يا ننڊ نه ڪجي اهو ئي جواب ٿي سگهي ٿو پر اسان سان گڏ سفر ڪندڙ پوليس جو رٽائرڊ آفيسر جڏهن صبح جو پنهنجي ريلوي اسٽيشن تي لٿو ته ڏسان ته چاٻي کڻي تالو پيو کولي. مونکي تعجب لڳو ته گاڏي بنهه آهستي ٿي اسٽيشن تي بيٺي ۽ هي هاڻ بئگ کولي سامان ٿو ٺاهي ڇا. گاڏي ته ڪا ٻه منٽ به مس بيهندي. پر پوءِ ڏسان ته اهو تالو کولي ان سان گڏ سنهي ڊگهي زنجير ڇڪي ٻاهر ڪيائين ۽ پوءِ سيٽ هيٺان رکيل بئگ ٻاهر ڪڍيائين.
    مون کلندي چيومانس: ”واهه جي Ideaٻڌائي.“
    ”ٻيو نه ته وري! اهڙيون سمارٽ آئيڊيائون پوليس وارن وٽ هونديون آهن يا ...“
    ”يا چورن وٽ“ مون جملو پورو ڪيومانس.
    ”دئٽس اٽ. تو صحيح سمجهيو.“ هن ٽهڪ ڏيندي چيو.
    سو ريل گاڏين ۾ سفر ڪرڻ وارو دوستو! رات جي ڊگهي سفر لاءِ نڪرو ته سؤ رپيا کن وڌيڪ خرچ ڪري هڪ زنجير ۽ تالو به وٺو ۽ ٽرين ۾ سمهڻ کان اڳ زنجير کي پنهنجي بئگ جي چوڌاري ڦيرائي، بئگ جي هئنڊل مان لنگهائي سيٽ جي ڪنهن ٽنگ مان گهمائي تالو هڻي ڇڏيو. اها خواري ان وڏي خواريءَ کان بهتر آهي جنهن ۾ توهان ته منزل تائين پهچي وڃو پر توهان کي پائڻ لاءِ نه ڪپڙا هجن ۽ نه ٻيو سامان.
    هڪ ڏينهن اشوڪا روڊ تان واڪ ڪندو فيروز شاهه روڊ ڏي پئي ويس ته اتي چوراهي وٽ موجود هوٽلن مان ”جان پاٽ هوٽل“ يا شايد ”ڪانشڪا هوٽل“ مان هڪ يورپي گورو به نڪتو ۽ مون سان گڏ گڏ هلڻ لڳو. هن کي ڪستوربا گانڌي مارگ (شاهراهه) تان مڙي انڊيا گيٽ ڏي وڃڻو هو. رستي تي ٻه چار ڇوڪرا پينسلون ۽ ڪجهه ٻيو سامان خريد ڪرڻ لاءِ اسان کي منٿون ڪرڻ لڳا. گوري انگريز هنن کي دڙڪا ڏيئي آخر ڀڄائي ڪڍيو.
    ”دهليءَ جي شهر ۾ ههڙن لڳن بيزار ڪري ڇڏيو آهي.“ هن چيو ۽ پوءِ ٻه ڏينهن اڳ جو هن قصو ٻڌايو ته هو دهليءَ جي خان بازار ۾ شاپنگ ڪري رهيو هو ته هڪ بوٽ پالش وارو هن کي ڦري آيو ته بوٽ پالش ڪريان. ”ڪيترو ئي سمجهايانس ته بابا مون کي پالش ناهي ڪرائڻي. وڏي ڳالهه ته منهنجا بوٽ چمڙي جا نه آهن جو پالش ڪرايان، اهي سئيڊ (ڪپڙي) جا آهن ته به جان نه ڇڏي. ۽ ايتري ۾ هيٺ بوٽن ڏي ڏسان ته ڪنهن ڍڳيءَ جي ڇيڻ سان هڪڙو پادر ڀريو پيو آهي. آخر مجبور ٿي هن جي آفر تي بوٽ صاف ڪرايم. صاف ڪرڻ کان اڳ هو جو غريب ٿي نهٺائيءَ مان ڳالهائي رهيو هو هاڻ ماڳهين Aggressive ٿي پيو. چي بوٽ تان ڇيڻ صاف ڪرڻ جا ٻه سؤ رپيا ڇڏاءِ. آخر وڏي بحث بعد ٽيهه رپيا ڏيڻا پيم. پوءِ ٿورو اڳيان هلان ته بوٽ پالش ڪرڻ وارا ٻه ٻيا ڇوڪرا ورائي ويا ۽ ڏسان ته ٽيون ڄڻو هڪ مون جهڙي فارينر جي بوٽ تان ڇيڻو پيو صاف ڪري. پوءِ آئون سمجهي ويس ته هنن بدمعاشن وٽ ڪا واٽر گن جهڙي شيءِ آهي جنهن ۾ ڇيڻ ڀري ٽوئرسٽن جا بوٽ خراب ڪريو پئسا پيا ڦرين.


    ڪيترا عرب انڊيا ۾ شاديءَ لاءِ اچن ٿا

    انڊيا ۾ جتي ٻين ڳالهين جي آزادي آهي اتي شراب، ناچ گاني ويندي prostitution۽ جوا جي کليل نه ته ڍڪيل ڇپيل آزادي ضرور آهي ۽ حڪومت ۽ ان جا ادارا اهڙين ڳالهين تي ڪوشش ڪري اکٻوٽ ئي ڪن ٿا جو هنن کي خبر آهي ته سندن ملڪ جي وڏي ڪمائي انهن ڳالهين مان آهي. انهن شين جي ڪري ئي سندن ملڪ ۾ ڌاريان ٽوئرسٽ اچن ٿا، پوءِ آمريڪن ۽ يورپي سستائيءَڪري انڊيا اچن ٿا ۽ اسان جي ملڪ جا مسلمان ۽ عرب امير شراب ۽ رنڊي بازي لاءِ جو هنن جي ملڪ ۾ هڪ ته اهي ڪم کلئي عام نه آهن ۽ ٻيو ته اهي پنهنجن ملڪن ۾ وڏا ساڌ پات، پير مرشد ۽ نيڪ نمازي هجڻ جي ٻاهرين شناخت رکيو پيا هلن. ۽ پوءِ هن پاسي پهچڻ سان پنهنجي اصليت ۾ اچيو وڃن. هونءَ به ڪي ورلي ٽوئرسٽ هوندا جن جو شوق تاريخي جايون ڏسڻ هوندو ۽ هو پنهنجين هوٽلن جا ايئر ڪنڊيشنڊ ڪمرا ڇڏي نٽهه اس ۾ پراڻن کنڊرن ۾ پنهنجي ٽڪڻ ساڙيندا هوندا يا ٿائيلنڊ جي چڪلن وارن شهرن ۾ سامونڊي ڪنارن جو لطف وٺندا هوندا نه ته گهڻا عياشيءَ لاءِ نڪرن ٿا.
    بهرحال اها حقيقت آهي ته جتي گهڻا ٽوئرسٽ اچن ٿا اتي آمريڪن ڊالرن جي ريل پيل ته شروع ٿيو وڃي پر پوءِ ان سان گڏ ڪيتريون ئي اخلاقي برايون به پنهنجو رستو ڏسيو ڇڏين پوءِ اهي پٽ کڻي سيام (ٿائلينڊ) جا هجن يا سائگون (ويٽنام)جا، انڊونيشيا هجي يا انڊيا جا بڇرائيءَ جو ڏاڪو وڃي وڌندو ۽ وڌندو .
    اڄڪلهه هتي انڊيا ۾ جوراني نالي شارجاه جي هڪ ٽيهتر سالن جي هڪ عرب جو ڪورٽ ۾ ڪيس هلي رهيو آهي (۽ انڊيا جي سڀني اخبارن ۾ ان عرب جي فرنٽ پيج تي اسٽوري آهي) جنهن حيدرآباد دکن ۾ اچي حسينا بيگم نالي هڪ اوڻهين سالن جي ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي ۽ ڪجهه ڏينهن بعد ان کي ڇڏي سورهن سالن جي رخسانا نالي هڪ ٻي ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي. بلڪ پوليس کي پڪ آهي ته هن ٽي ڇوڪريءَ سان به شاديءَ جو ڍونگ رچائي پاڻ وٽ رکيو پر ڪورٽ ۾ شاهديءَ لاءِ فقط مٿيون ٻه ڇوڪريون پهچي سگهيون آهن.
    شادين ۽ سيڪس جي شوقين عربن لاءِ حيدرآباد دکن جو هوائي اڏو ”راجيو گانڌي انٽرنيشنل ايئرپورٽ“ دلپسند منزل آهي. بقول هتي جي حڪومت جي ”عرب دنيا“ کان ايندڙ روزانو سوين عربن مان انهن چند کي ڪيئن ڳولين جن جي نيت انڊيا جا شهر گهمڻ يا بزنيس ۽ شاپنگ بدران هتي جي غريب ڇوڪرين کي جنسي طرح Exploitڪرڻ آهي. هڪ حد کان وڌيڪ ڪنهن به مسافر جي کوج ۽ پڇا ڪرڻ سان شريف مسافر به هتي اچڻ ڇڏي ڏيندا. دبئي ۽ شارجا پاسي کان ايندڙ عرب ظاهريءَ طرح ته گهمڻ ۽ شاپنگ لاءِ اچن ٿا پر پوءِ انهن مان ڪيترا ننڍي عمر جون ڪنواريون ڳولڻ ۾ لڳيو وڃن جنهن ۾ کين مڪاني دلال به مدد ڪن ٿا. شاديءَ لاءِ حڪومت هڪ هندوءَ کي ته جهلي سگهي ٿي جو ملڪ جي ”هندو. لا“ مطابق هڪ هندو ٻي شادي نٿو ڪري سگهي پر مڪاني انڊين مسلمان يا ڌارئين ملڪ کان آيل مسلمان مذهب جي آڙ وٺي ٻي يا ٽي به شادي ڪن ٿا جو انڊيا جي قانون مطابق انڊيا ۾ ڪوبه مسلمان چئن تائين زالون رکي سگهي ٿو ۽ هي امير عرب ننڍپن ۽ اڻ بالغ ڇوڪرين سان پنهنجي حوس پوري ڪرڻ لاءِ شاديءَ جو نسخو استعمال ڪن ٿا ۽ جتي پئسي جي ڏيتي ليتي جام هلي اتي نر به لائين تان لهيو وڃن. اهڙا ڪيترا ملان ۽ قاضي حيدرآباد جهڙي شهر ۾ نڪريو پون جيڪي ان ڪم جي نه فقط پوئواري ڪن ٿا پر نڪاح پڙهي Sexual شوق کي قانونيءَ طرح شاديءَ جو نالو ڏين ٿا ۽ پوءِ مهيني اڌ بعد طلاق جو ڪم ڪرائين ٿا. جيڪڏهن ڪا ڇوڪري خوش نصيب آهي ته هوءَ عرب سان دبئي يا شارجا ڏي رواني به ٿيو وڃي. پر اتي پهچي هوءَ زال بڻجي سک جي زندگي گذارڻ بدران هن عرب وٽ نوڪرياڻي ٿي ڪم ڪري ٿي يا کيس رنڊيءَ طور استعمال ڪيو وڃي ٿو. بهرحال 19سالن جي حسينا بيگم حيدرآباد دکن جي چندرا ياگتا پوليس اسٽيشن تي شڪايت درج ڪري ٺڳن جي هڪ ٽولي کي وائکو ته ڪيو آهي، هاڻ ڏسجي ته ڪيستائين تدارڪ ٿو ٿئي.
    حسينا جي مائٽن وچ ۾ پوندڙ دلالن کان چاليهه هزار رپيا وٺي پنهنجي ڌيءَ جي شادي هڪ 73 ورهين جي پوڙهي شارجا جي عرب محمد جعفر يعقوب حسن الجوراني سان ڪرائي جيڪو هڪ اک کان ڪاڻو پڻ آهي ۽ ٻي اک خراب ٿيڻ تي هتي انڊيا ۾ آپريشن لاءِ آيو آهي. هن حسينا کي ڇڏي هاڻ ٻي ڇوڪريءَ سان ٿي شادي ڪئي ته حسينا پوليس اسٽيشن تي اچي دانهيو ۽ ڪلاڪن اندر سندس مڙس جوراني ۽ وچ ۾ پوندڙ شمس الدين نالي دلال (جنهن حسينا کي سندس ڌيءَ جي قيمت چاليهه هزار ڏيئي جورانيءَ سان شادي ڪرائي) کي پوليس ٿاڻي تي ٻڌي آئي. خبر پيئي ته جورانيءَ کي ٻه زالون ۽ ٻارهن ٻار آهن جيڪي شارجا ۾ رهن ٿا ۽ جوراني هي ٽيون دفعو انڊيا آيو آهي.
    حسينا جي هن رپورٽ بعد مڪاني پوليس هن ڪرائيم پٺيان ڪم ڪندڙ هڪ گئنگ جي اندر تائين پهتي آهي جنهن ۾ ٽريول ايجنٽ، دلال ۽ قاضي Involve ٿيل آهن جيڪي شاديءَ جا ههڙا نڪاح ناما رجسٽر ڪن ٿا. پهريون دفعو هتي جي پوليس نائب قاضيءَ کي به جهليو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته رڳو هن سال هن قسم جون اٽڪل 35شاديون حيدرآباد دکن جي غريب ڇوڪرين جون عربن سان ٿيون آهن. ننڍي عمر جي ڇوڪرين سان اهي شاديون ڪي چند ڏينهن مس هلن ٿيون، ان بعد انهن جا عرب مڙس کين ڇڏيو وڃن يا طلاق ڏئي حق مهر جا پئسا دلال ذريعي موڪليو ڏين. ڪجهه ڇوڪريون جيڪي عربن سان سندن وطن روانيون ٿين ٿيون انهن جي حال بابت مٿي لکي چڪو آهيان.
    ننڍي عمر جي ڇوڪرين جو شاديءَ بهاني گلف جي ملڪن ڏي سمگل ٿي وڃڻ جي ڄاڻ 1991 ع ۾ پهريون دفعو ظاهر ٿي هئي جڏهن امينا نالي يارهن سالن جي ڇوڪريءَ جي شادي هڪ پوڙهي عرب سان رچائي وئي هئي ۽ هوائي سفر دوران هي جوڙو جهلجي پيو هو. ان بعد ڪجهه عرصي لاءِ ٺاپر اچي وئي پر هاڻ لڳي ٿو ته هڪ دفعو وري حيدرآباد دکن جي ”ڪنوار بازار“ زور شور سان پنهنجي ڌنڌي ۾ مشغول آهي.


    جيڪي ڳالهيون رهجي ويون

    انڊيا لاءِ ڪنهن خوب چيو آهي ته:
    India is not a country but a continent.
    انڊيا ملڪ ناهي پر کنڊ آهي. اتر کان ڏکڻ تائين ۽ اوڀر کان اولهه تائين ماڻهن جو رنگ روپ، هاٺي ڪاٺي، پوشاڪ کاڌو ۽ زبان مختلف آهي. ماڻهن جون ريتون رسمون ۽ رواج وهنوار مختلف آهن. سڄو ملڪ ئي مختلف آهي. هن ڌرتيءَ تي اهڙا ڪي چند ملڪ هوندا جن ۾ انڊيا جهڙي Varietyملندي.
    دهلي ڏي ويندي رستي تي لڌيانا ۽ امبالا جي وچ ۾، رستي جي هڪ هوٽل تي چانهه پي ٻاهر بس ۾ چڙهڻ لاءِ آيس ته رستي تي هڪ معذور عورت خيرات گهريو. مون هن جي جهوليءَ ۾ بچيل سڪا وڌا.
    ”توهان کي نه ڏيڻ کپي،“ بس ڊرائيور مونکي سمجهايو. ”اهي پئسا هن کي ڪڏهن به نصيب نه ٿيندا. اهي ان شخص جي حوالي ٿي ويندا جيڪو پنڻ جو ڪاروبار ٿو هلائي. هو انهن پئسن مان ٻيا ٻار ۽ عورتون خريد ڪري انهن کي لولو لنگڙو بنائي رستن تي پنڻ لاءِ ڇڏيندو ڇو ته هن کي خبر آهي ته ماڻهو انهن تي رحم کائي اڃا وڌيڪ ڏيندا.“
    آئون سوچڻ لڳس ته India as a Nationڪيڏي پختي مزاج واري آهي جو جنهن ڳالهه جو فيصلو ڪري ٿي اهو پورو ڪري ٿي. پان کائي رستي تي ٿڪون اڇلڻ لاءِ منع ڪئي وئي ته رستي هلندي پان کائڻ بند ٿي ويو. ايئرڪنڊيشنڊ آفيس، بس يا ريل جي دٻي ۾ سگريٽ ڇڪڻ تي بندش وجهڻ جو اعلان ٿيو ته جتي ڪٿي ان تي عمل ٿي ويو ۽ هاڻ ويجهڙائيءَ ۾ پنڻ جو آزار بند ڪرائڻ لاءِ خيرات ڏيڻ کان جهليو ويو آهي ته ان تي به جتي ڪٿي عمل شروع ٿي ويو آهي.
    انڊيا ڇڏڻ وقت جڏهن دهليءَ مان بس ۾ چڙهي رهيا هئاسين ته اتي اسان جي سامان جي تور ۽ چڪاس ٿي. دهليءَ کان لاهور يا لاهور کان دهلي سفر ڪرڻ وارن کي پاڻ سان فقط ويهه ڪلو سامان کڻڻ جي اجازت آهي. مون سمجهيو اسان جي فقط بئگن جي تور ٿيندي هٿ ۾ کنيل ٿيلهي کي ان تور ۾ شامل نه ڪيو ويندو. هوائي جهاز ۾ به ائين ٿيندو آهي پر هتي هر مسافر جي بئگ سان گڏ سندس ٿيلهي کي به توريو پئي ويو، خبر ناهي قانون ان ريت آهي يا ان ڏينهن جيڪو انچارج صاحب هو ان پنهنجي طرفان ائين پئي ڪيو. ڪيترن ڪسٽم آفيسرن يا پوليس جي عملدارن کي قانون جي خبر نه هوندي آهي پوءِ عوام جو سر ڪڍندا آهن.
    مسافرن جي پيهه پيهان ۽ هرهڪ کي جلدي هجڻ ڪري هن کي ڳالهه ٻڌڻ جي واندڪائي نه هئي. منهنجي به بئگ جي تور 21 ڪلو ٿي ۽ چار ڪلو هٿ جي ٿيلهي جي يعني هن جي حساب موجب 25 ڪلو ٿيا. هن پنج ڪلو وڌيڪ بار جا سٺ سان ضرب ڪري ٽي سؤ رپيا ڏنڊ جي رسيد منهنجي هٿ تي رکي. منهنجي احتجاج ڪرڻ تي هن فقط اهو چيو ته هڪ يا ٻه ڪلو وڌيڪ هجن ها ته درگذر ڪري ڇڏيان ها هتي پنج ڪلو وڌيڪ بار آهي. بهرحال 300 رپيا جمع ڪرائي بئگ بس ۾ چاڙهڻ لاءِ سندس حوالي ڪري باقي ٿيلهو کڻي اچي انتظار گاهه ۾ ويٺس جتي مونکان اڳ جا ويٺل مسافر وڃي ۽ سندس پڦي شيلا وارا ساڳي شڪايت ڪري رهيا هئا ته هنن هٿ ۾ کڻڻ جي ٿيلهي جي به تور ڪئي ۽ وڌيڪ وزن جا پئسا ورتا.
    ”اهڙي خبر هجي ها ته ٿيلهي ۾ ساڙهيون ۽ ٻيو سامان وجهي ڳرو ڪرڻ بدران اهو سامان بئگ ۾ ئي وجهون ها ۽ اسان ڳرو ٿيلهو پاڻ سان ڍوئڻ کان بچي وڃون ها.“ نول جي ننڍي ڀيڻ شيلا چيو. پاڻ سڀني ۾ گهڻو چرچائڻ لڳي ٿي. منهنجي هٿ ۾ وڌيڪ بار جي Paymentڪرڻ جي رسيد ڏسي يڪدم چيو ”ادا آهي ته خير تو ته ساڙهيون به نه ورتيون ۽ گهر ڇڏڻ وقت مقرر تور کان وڌيڪ رسالا ۽ ڪتاب به اڇلي ڇڏيا پوءِ ڇو پئسا ڏيڻا پيا؟“
    مون پنهنجي ٿيلهي کي ڪڇ ۾ سوگهو جهلي وراڻيومانس: ”بس مون به هتي پهچڻ کان اڳ ڪجهه قيمتي سامان کڻي ورتو.“
    دراصل گهران نڪرڻ وقت منهنجي ٿيلهي ۾ فقط ڪئميرا، پين، ننڍڙي ڪاپي ۽ پڙهڻ جي عينڪ هئي. پوءِ هتي پهچي ٻاهرين دڪان تان 25رپين جي ڏيڍ لٽر واري پاڻيءَ جي بوتل ورتي. دڪاندار وٽ کلا پئسا نه هئا جو منهنجي ڏنل پنجاهه رپين مان باقي 25واپس ڪري ۽ مونکي بس جي آفيس تائين پهچڻ جي جلدي هئي سو باقي پئسن جي هڪ ٻي به بوتل ورتم. يعني هاڻ اهي ٽي ڪلو وڌيڪ وزن ٿيلهي ۾ کنيو پيو هلان جيڪو نه هجي ها ته باقي ڪلو ٻن جا پئسا نه وٺن ها. ٻي ڳالهه ته جي مون کي رستي تي پاڻي پيئڻ لاءِ پاڻيءَ جي بوتل وٺڻي به هئي ته ٻاهران وٺڻ بدران هتان اندر ٺهيل دڪان تان وٺان ها ته وڌيڪ وزن جو ليکو نه ٿئي ها.
    ٿوري دير بعد منهنجي ڀر ۾ ويٺل شيلا جي ڌيءَ برکا کي اڃ لڳي. شيلا پلاسٽڪ جو گلاس پرس مان ڪڍي اسان ويٺلن کان پڇيو ته ڪنهن وٽ پاڻي آهي.
    ”جي ها.“ مون يڪدم هائوڪار ڪري ڪاري ٻلي جهڙي ڊگهي ٿيلهي جي زپ کولي چيو: ”پاڻي ڏيانءِ ٿو پر خيال سان پيئجان دنيا جو هي مهانگو ترين پاڻي آهي.“
    شيلا کلندي پڇيو: ”اهو ڪيئن؟“
    کيس ٿيلهي ۾ رکيل پاڻيءَ جون ٻه بوتلون ڏيکاريندي چيم ته انهن ٻن بوتلن جي ٽي ڪلو وزن ڪري ته ٽي سؤ رپيا ڏنڊ ڀريا اٿم.“
    شيلا ٽهڪ ڏيندي چيو: ”اسان وٽ ته هيون ساڙهيون ۽ ڪچو ڪپڙو جنهن کي اڇلائي به نٿي سگهياسين توهان ته تورائڻ مهل هي ٻئي بوتلون ٿيلهي مان ڪڍي ڪچري جي دٻي ۾ اڇلائي ڇڏيو ها.“
    ”بس ڪهڙيون ٿي ڳالهيون پڇين، هوءَ ته پنهنجو پاڻ کي سياڻو سمجهي وتون ٻين کي صلاحون ڏيندا پر هينئر هڪ اسان جا هوش خطا ٿي ويا ۽ ٻيو چڪاس واري پوليس آفيسر منجهائي ماريو هو.“ مون وراڻيو مانس.
    بس ۾ اسان جو سامان چاڙهڻ کان اڳ لاهور وانگر هتي دهليءَ ۾ به هتي جي سڪيورٽي پوليس چيڪ ڪرڻ ٿي چاهيو. ان کان اڳ اسان جو سامان اليڪٽرڪ Scanner مان گذري چڪو هو سو جيڪڏهن هو ڪو بم يا هٿيار پنهوار ڏسڻ ٿا چاهين ته اهو ته چيڪ ٿي ويو هاڻ ڇاجي ٿا ڳولها ڪن.
    ”پنهنجي پنهنجي بئگ جو تالو کولي پوءِ پوليس آفيسر اڳيان ٽيبل تي رکو.“ هيٺين درجي وارن سپاهين جي رڙ پئي پيئي ۽ چڪاس ڪندڙ آفيسر بئگ جو ڍڪ کولي هٿ سان بئگ اندر هيڏانهن هوڏانهن ڪجهه ڳولهي بئگ جي مالڪ کان ڪجهه پڇيو ٿي. جڏهن آئون هن جي ويجهو ٿيس ته ٻڌم ته هو هر هڪ کان اهو پڇي رهيو هو ته پان جا پتا (پن) ته نه کڻيو پيا وڃو. هونءَ ته ان ڳالهه جو انڊيا وارن کي فڪر نه هئڻ کپي جو انڊيا ۾ پان جي پوک جام ٿي ٿئي. ڪلڪتي بنگال ۽ بهار پاسي جي ته موسم اهڙي آهي جو بنا ڪنهن محنت جي پاڻهي پيون پان جي پنن جون وليون ڦٽن ۽ اها ته ڄڻ انڊيا جي مفت جي ڪمائي ٿي. اسان ڌارين کي جهلڻ بدران وڌيڪ همت افزائي ڪرڻ کپين جو سندن غيرملڪي ناڻي جي ڪمائي ٿي ٿئي. اڃا به اسان جي ملڪ جي پوليس ۽ ڪسٽمس کي اهڙي شيءِ ملڪ ۾ آڻڻ کان منع ڪرڻ کپي جنهن مان فائدو ڪجهه نه آهي فقط نشو ۽ نقصان آهي. پر بهرحال جيڪو ڪم اسان کي ڪرڻ کپي اهو انڊيا ڪري رهي آهي ته هن جي وڏي مهرباني. هنن ته پنهنجي ملڪ ۾ به پان کائڻ تي سختي ڪري ڇڏي. شل اسان هن کي ڏسي سڌرون.
    اڄ کان ٻه ٽي سال اڳ انڊيا جي حڪومت پان نه کائڻ جي مهم شروع ڪئي هئي ۽ پان کائڻ جي نقصانن بابت عوام کي اخبارن، ريڊيو ۽ شهر ۾ جتي ڪٿي پوسٽر هڻي آگاه ڪيو هو. ان مهم جي سلسلي ۾ انڊيا وارن ويندي Sony ۽ Zee جهڙن فلمي چئنلن تي، مزاحيه ڪارٽون ڏنا هئا ته هڪ ڍڳي چارو پئي اوڳاري ۽ ڀر ۾ هڪ ماڻهو ان وانگر پان چٻاڙي ڳاڙهين ٿڪن سان رستو ۽ ڀتيون پيو خراب ڪري. اڄ انڊيا ۾ ڳولڻ سان ورلي ڪٿي ڪو پان وارو نظر اچي وڃي ته ٻي ڳالهه آهي نه ته عام طرح مونکي ڪٿي نظر نه آيو. ڪنهن کي پان چٻاڙيندي نه ڏٺم. پان کائڻ جي اها تهذيب جيڪا لکنؤ، عليڳڙهه، آگري، دهليءَ کان شروع ٿي اڄ اتي ته بند ٿي ويئي پر اسان جي ملڪ جي شهر شهر ۽ ڳوٺ ڳوٺ جا رهاڪو سنڌي ۽ بلوچ چرين وانگر ويٺا پان چٻاڙين ۽ هلندي چلندي، بسين مان پچڪاريءَ جهڙيون چن ڪٿي جون ڳاڙهيون پيڪون اڇلين. سندن وات پڪا پيا آهن، نڙيون سوڙهيون ٿيون پيون آهن، زبانون ڇلراٽيون پيون آهن ۽ بقول ڊاڪٽرن جي پان کائڻ وارن ۾ ڪيترا ڪئنسر جا مريض آهن.
    دهليءَ ۾ جاميه ملي اسلاميه (مسلمانن جي هڪ پراڻي ۽ نامياري يونيورسٽي) گهمڻ دوران اتي جي وائيس چانسلر مشير الحسن ٻڌايو ته جاميه وارا هندستان جي مشهور ليکڪ منشي پريم چند جي ياد ۾ Archiveٺاهي رهيا آهن. ”منشي پريم چند کي توهان باباءِ اردو ۽ هندي زبان چئي سگهو ٿا.“ وي سيءَ چيو: ”سندس Collection۾ اسان سندس هٿ لکڻيون، فوٽا، ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ناول هن تي لکيل ڪتاب، مضمون ۽ هن جي ڪتابن جا مختلف ٻولين ۾ ٿيل ترجما رکنداسين ۽ هي ڊپارٽمينٽ يونيورسٽيءَ جي نئين ڪامپليڪس ۾ ٺاهيو ويندو جتي جواهر لعل نهرو سينٽر پڻ آهي.“
    جاميه، منشي پريم چند جي 125جنم ڏينهن جي ورسي پڻ ڌوم ڌام سان ملهائي رهي آهي. ان موقعي تي لڳايل نمائش جو افتتاح نٽور سنگهه وزير ڪندو. خرچ جو وڏو حصو صفدر هاشمي ميموريل ٽرسٽ وارا ڏيندا ۽ هندستان جا مشهور آرٽسٽ ۽ ڊزائينرس: ارپنا ڪور، ايلينا بانڪ، صبا حسن ۽ رام رحمان وغيره پڻ حصو وٺندا.
    منشي پريم چند جو مشهور ناول گودان آهي ۽ هن جي ڪهاڻين ۽ ناولن ۾ انڊيا جي ڳوٺن جي عڪاسي ٿيل آهي.


    انڊيا جي ماڻهن لاءِ نوڪريون جام ڇو؟

    انڊيا جي اخبارن جا اشتهارن وارا صفحا کولي کڻي ڏس ته نه فقط آمريڪا ۽ يورپ جي ملڪن جي Jobsسان ڀريل نظر اچن ٿا پر سعودي عرب، دبئي، ڪويت جهڙين اسان جي پاڙيسري ملڪن ۽ ملائيشيا ۽ برونائي جهڙن مسلمان ملڪن جي نوڪرين لاءِ پڻ ”فلاڻين نوڪرين لاءِ هي ڄاڻ يا ڊگري رکندڙ انڊين جي ضرورت آهي.“ عرب ملڪ جيتوڻيڪ اسان جا پاڙيسري ملڪ آهن هنن کي کپي ته اسان جي ملڪ جا ڊاڪٽر، انجنيئر، مڪينڪ ۽ مستري گهرائين. بيروزگاري به اسان جي ملڪ ۾ گهڻي آهي. پر جڏهن به اتي جي ڪنهن واسطيدار عرب ڪارخانيدار يا سرڪاري ڪاموري سان ڳالهاءِ يا توڙي کڻي ملائيشيا ۾ ان بابت مڪاني ماڻهن يا اسان جي پاڪستاني Settlersسان ڳالهاءِ. (جن جا ملائيشيا، انڊونيشيا،سنگاپور پاسي ڪارخانا، ڪاروبار ۽ جهازي واپار آهن) ته هو ان بابت جيڪي سبب ڏين ٿا اهي هن ريت آهن:
    • پاڪستانين وٽ ٺلهيون ڊگريون آهن علم ايترو نه اٿن جيترو انڊين کي آهي پوءِ انڊين ڀلي کڻي هندو هجي يا مسلمان، سک هجي يا عيسائي، جنهن سبجيڪٽ ۾ گريجوئيشن يا پوسٽ گريجوئيشن ڪئي آهي هو ان جي ڄاڻ ۾ ڀڙ آهي. نوڪرين ڏيڻ بعد هن تي مغز ماري نٿي ڪرڻي پوي.
    • اسڪول ۽ ڪاليج جي ڏينهن کان وٺي انڊين محنت ڪئي آهي ۽ هو سادگيءَ ۾ رهيو آهي. ان ڪري هن جي اها عادت نوڪريءَ دوران به رهي ٿي. هو ٻٽاڪون هڻڻ بدران ڪم جي ڳالهه ڪري ٿو. نئين نئين Ideasذريعي پنهنجي اداري جي ترقي ۽ مالڪ لاءِ خوشحاليءَ جا رستا پيدا ڪري ٿو. هڪ اڻ ڄاڻ ۽ بنيادي تعليم کان غير واقف ورڪر جو حال ناچ نه آئي آنگن ٽيڙها وارو ٿيو پوي، هو پنهنجي ڪمزوري ۽ ڪوتاهيءَ کي لڪائڻ لاءِ ويتر مالڪ حڪومت لاءِ مسئلا پيدا ڪريو وهي.
    • انڊين توڙي بنگلاديشي تمام گهڻو Obedientآهي. هو گهٽ پگهار ۽ ڏکين حالتن ۾ به خوش ٿي ڪم ڪري ٿو. هو علم ۽ ڄاڻ جي بنياد تي مسئلن جا حل پيش ڪري ٿو ۽ نه مسئلا.
    • پاڪستانين کي اجائي سجائي موڪلن ڪرڻ جي پٽ آهي. ڪو دوست يا مائٽ اچڻو آهي يا ان سان ملڻ لاءِ وڃڻو آهي يڪدم موڪل کپي. ڪنهن مائٽ مٽ جي شادي يا طهر يا مڱڻو آهي موڪل کپي. ننڍڙي ننڍڙي ڳالهه تي رسي Contract ختم ڪريو ڇڏين. انڊين يا بنگلاديشي هڪ دفعو ڪنهن هنڌ نوڪريءَ ۾ لڳايو وڃي ٿو ته وري موڪلون نٿو ڪري. پنهنجي ڪم ۾ ئي لڳو رهي ٿو.
    • پاڪستاني ٿوري ئي ڪم جي پريشر وڌڻ تي يا گهڻا ڪلاڪ ڊيوٽي ڏيڻ تي چڙچڙا ٿيو پون ۽ پاڪستانين ۾ غيرقانوني حرڪتون ڪرڻ جو رجحان گهڻو آهي.
    • ڪجهه اهي سبب آهن جو هر ملڪ انڊين کي نوڪري ڏيڻ لاءِ Prefer ڪري ٿو ۽ ٻئي نمبر تي بنگلاديشي ۽ سريلنڪن کي.
    نوڪرين جي معاملي ۾ هڪ ٻي ڳالهه ڏسان پيو ته اسان جي ملڪ جي اخبارن ۾ جيڪي ڌارين ملڪن جي نوڪرين جا اشتهار اچن ٿا اهي به ٺڙڪو قسم جي ننڍين نوڪرين جا آهن پر انڊيا جي اخبارن ۾ وڏين ۽ اهم نوڪرين جا اچن ٿا جيئن اڄ جي اخبار ۾ نوڪرين جا اشتهار پڙهي رهيو آهيان ته آمريڪا ۽ آسٽريليا جي ڪيترن ڪمپيوٽرن سان واسطو رکندڙ فرمن کي انڊين نوجوان گريجوئيٽن جي ضرورت آهي. ڪجهه اشتهار سعودي عرب، ڪويت، دبئي. ويندي ايران جي مختلف ڪمپنين ۽ حڪومتن جا آهن جيڪي انجنيئرنگ ۽ مئنيجمينٽ جي مٿاهين Postsلاءِ آهن. ويندي دبئي جي شپ يارڊ لاءِ مئرين اليڪٽرانڪ انجنيئرن جي ضرورت جا اشتهار آهن ۽ اهي گهڻو ڪري سڀ ڊائريڪٽ اشتهار انهن ملڪن جي نجي ڪمپنين يا حڪومتن طرفان آهن. اسان جي اخبارن ۾ مزورن ۽ پورهيتن جي نوڪرين جا ڪڏهن ڪڏهن اشتهار هونداسي به لاهور يا پنڊيءَ جي ڪنهن ٺيڪيدار طرفان يعني ڪويت يا سعودي عرب جي ڪنهن اسپتال يا بندرگاهه جي صفائيءَ جو ڪو عرب ٺيڪو کڻي ان تي فائدو رکي ڪنهن پاڪستاني حوالي ڪيو آهي ۽ هاڻ هو پنهنجي لاءِ پئسو ڪمائڻ جي چڪر ۾ پنهنجي هم وطنين جو تيل ٿو ڪڍي. ان لاءِ هو ڳولي ڳولي مجبور ماڻهو کڻندو جن کي هو گهٽ پگهار ڏئي سهوليتن جو پئسو پنهنجي کيسي ۾ وجهي عيش ڪري ٿو، يعني هنن جو رت چوسي پاڻ کي ۽ ڪفيل کي خوش ڪري ٿو. ولايت جي نوڪريءَ جي شوق ۾ عرب ملڪن يا ملائيشيا ۾ پهچي اسان جي پورهيت کي خبر ٿي پوي ته هنن لاءِ اتي نه رهائش جو فضيلت وارو بندوبست آهي نه ميڊيڪل جون سهولتون پوءِ جڏهن هو حڪومت وٽ يا پنهنجي سفارتخاني ۾ دانهين ٿا ته هنن کي خبر ٿي پوي ته هو ته هڪ پنهنجي ئي ملڪ جي ٺيڪيداري ۾ ڪم ڪرڻ آيا آهن ۽ ڌارئين ملڪ جي حڪومت ۽ سفارتخاني کي نه خبر آهي ۽ نه ان ڳالهه سان واسطو ۽ اهڙين نوڪرين ۾ گهڻي ڇنڊ ڇاڻ ٿيڻ تي اڪثر خبر پوندي آهي ته اها غير قانوني نوڪري هئي ۽ پوءِ غريب پورهيت سورن ۾ پئجيو وڃي ته پرديس ۾ ڇا ڪريان.
    هتي (انڊيا) جي اخبارن ۾ آمريڪا طرفان انڊيا جي ماڻهن لاءِ جن نوڪرين جي اشتهار جي گهڻي ڌم آهي انهن جو واسطو ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ سان آهي. آمريڪا وارا انڊين کي ڪمپيوٽر جو وڏو ڄاڻو سمجهن ٿا ۽ ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته هو آهن به. اسان جا گهڻي ڀاڱي نوجوان غلط سلط انگريزي يا رومن اردو ۾ Chatڪندي يا واهيات ۽ اگهاڙيون web Sitesکولي پيا ٺرندا ۽ گد گد ٿيندا. مائٽ به خوش ٿيندا ته سندن ٻار ڪمپيوٽر کوليو ويٺا آهن. وڏي ڳالهه کي پهچي ويا آهن اها خبر ئي نه ته سندن وقت هڪ طرف پيو خراب ٿئي ته اخلاق ٻئي طرف ان جي مقابلي ۾ هتي جيڪي ڏسان پيو ته گهڻي ڀاڱي انڊين ٻار ننڍي هوندي ئي ڏهن ئي آڱرين سان ٽائيپنگ سکڻ کان وٺي پروگرامنگ، گرافڪ ۽ ٻيون اهم ڪم جون ڳالهيون سکڻ جي جستجو ڪندا جيڪي کين نوڪري ڏياري سگهن.
    دهليءَ جي سنگهه ڪانٽيننٽل هوٽل جتي اسان شروع جا ڪجهه ڏينهن رهياسين، ان جي ٽي روم ۾ ڪم ڪندڙ هڪ B.scجو امتحان ڏيئي رزلٽ جو انتظار ڪندڙ پارٽ ٽائيم جاب واري ڇوڪريءَ کان پڇيم ته مهيني ۾ ڪيترو پگهار کيس ملي ٿو.
    ”مهيني جي حساب سان نه پر روز جي حساب سان سٺ روپيه ٿا ملن. ڇنڇر ۽ آچر موڪل ٿي ڪريان.“ هن ٻڌايو.
    ”يعني ان حساب سان مهيني ۾ تيرهن سؤ کن رپيا ٿيا.“ مون چيومانس.
    ”نه ان کان گهڻو گهٽ.“ هن وراڻيو.
    ”ڪيئن؟“ مون تعجب مان پڇيو.
    ”روز جي سٺ رپين مان ڏهه رپيا اوٽ موٽ جو بس جو ڀاڙو ڪٽيو ۽ ڏهه رپيا آئون مستقبل جي Investment ۾ لڳائيندي آهيان.“ اهو چئي هوءَ کلڻ لڳي.
    ”مون تنهنجي ڳالهه نه سمجهي. ڇا اهي خيرات ڪندي آهين ٻئي جهان جي فائدي لاءِ؟“ مون پڇيو.
    ”نه. ڀر واري سيبر ڪيفي ۾ ڪلاڪ جا ڏهه رپيا ڏيئي فوٽو شاپ Adobe)پروگرام( سکندي ۽ پرئڪٽس ڪندي آهيان. اڄڪلهه رڳو B.scجي آڌار تي ته نوڪري نه ملي سگهندي.“
    ”اهو پروگرام سکڻ بعد مونکي ڪنهن فوٽو اسٽوڊيو ۾ نوڪري ملي سگهي ٿي ۽ شام جو اها نوڪري ڪرڻ مان پئسو حاصل ڪري صبح جي شفٽ ۾ آئون M.sc ۽ اڳتي هلي Ph.Dڪري سگهان ٿي.“ هن ٻڌايو. هوءَ هڪ غريب گهر جي ڇوڪري هئي. سندس ماءُ جو ٻه سال اڳ ڊليوري ڪيس ۾ موت ٿي ويو هو. پيءُ مزوري ٿي ڪئي سو ظاهر آهي هن کي پنهنجي پڙهائي قائم رکڻ لاءِ نوڪري ڪرڻي پيئي ٿي ۽ گهر جو ڪم ڪار پڻ. پر هن جو ٻين انڊين ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن وانگر Moral بلند هو. هن کي يقين هو ته هوءَ سٺي Position ۾ M.sc ڪري ويندي ته هن کي Ph.D لاءِ ضرور ڪنهن فارين يونيورسٽيءَ مان اسڪالر ملي ويندي ۽ پوءِ پنهنجي تعليم ۽ هنر جي آڌار تي اتي ولايت ۾ ئي نوڪري حاصل ڪري سگهندي.
    دهليءَ جي رستن تي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ڏي ويندڙ بنا ميڪ اپ جي چهرن ۽ سادن سودن لباسن ۾ هتي جي ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن لاءِ آئون هر وقت اهوئي سوچيندو رهندو آهيان ته هو ڪيڏا ته محنتي آهن ۽ علم حاصل ڪرڻ جي هنن کي ڪيڏي ته جستجو آهي.


    بالي ووڊ جا ڪجهه سنڌي

    ساڌنا. 1941ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ڄائي. ورهاڱي بعد انڊيا لڏي وئي. پاڻ ۽ سندس پيءُ فلمن جا شوقين هئا. دراصل گهڻو اڳ ساڌنا بوس نالي هڪ بنگالي فلم ائڪٽريس هئي جنهن کان متاثر ٿي ساڌنا جي پيءُ پنهنجي ڌيءَ جو نالو ساڌنا رکيو.
    ساڌنا پنهنجي فلمي ڪئريئر جي شروعات سنڌي فلم ”اباڻا“ کان ڪئي. ان بعد هندي فلم ”لو ان شملا“ (1960 ع)، ”هم دونون،“ ”ميري محبوب“ (1693ع)، ”وه ڪون تهي“ (1964ع)، ”انيتا“ (1960ع)، ”وقت“ (1965ع), ”راجڪمار“ (1964ع) جهڙين ويهارو کن فلمن ۾ ڪم ڪيو. 1966ع ۾ هن مشهور ڊائريڪٽر آر. ڪي نير سان شادي ڪئي ۽ ان بعد فلمي دنيا ڇڏي ڏني.
    ببيتا- ببيتا ان وقت فلمي دنيا ۾ آئي جڏهن مالها سنها ۽ مينا ڪماريءَ جهڙيون قابل ائڪٽريسون اڳهين موجود هيون. ان هوندي به هوءَ چڱي مشهور ٿي ۽ شمي ڪپور، جيتندرا ۽ بسواجيت جهڙن ٽاپ هيرو سان ڪم ڪيو.
    ببيتا جي شادي راجڪپور جي پٽ رنڌير ڪپور سان ٿي. اڄ جون مشهور فلمي ائڪٽريسون ڪرشما ۽ ڪرينا ببيتا جون ڌيئرون آهن. ببيتا پڻ ڪراچيءَ ۾ ڄائي ۽ ساڌنا جي ڪزن آهي.
    ج. پي سپي. انڊين مشهور فلمن شعلي، شان، شڪتي وغيره جو پروڊيوسر جي. پي سپي آهي. اها شايد گهٽ ماڻهن کي خبر هجي ته بمبئيءَ ۾ فليٽ سسٽم جي شروعات جي. پي سپيءَ ڪئي ۽ هن جو واسطو ڪنسٽر ڪشن جي ڪمن سان پڻ آهي. جي. پي سپي فلمن جو ڊائريڪٽر پڻ آهي. پاڻ انڊيا موشن پڪچرز پروڊيوسرس ايسوسيئيشن جو صدر پڻ رهي چڪو آهي ۽ ان بعد آل انڊيا پروڊيوسرس ايسوسيئيشن جو صدر پڻ رهيو.
    سنگيتا بجلاڻي. سنگيتا بجلاڻي پهرين ماڊل طور ڪم ڪيو ۽ پوءِ فلمي دنيا ۾آئي. ماڊل جي حيثيت سان هوءَ تمام گهڻو ڪامياب رهي ۽ اشتهارن ۾ پڻ سٺو نالو ٺاهيو پر فلمن ۾ سندس ڀاڳ سٺو ثابت نه ٿيو.
    سنگيتا جي پهرين فلم 1989ع جي ”هٿيار“ هئي، جنهن ۾ هن ڌرميندر سان ڪم ڪيو، ان کان علاوه سندس ٻيون فلمون آهن: جرم شو رام، تحقيقات، يوگنڌر وغيره. پاڻ جيتوڻيڪ بيحد سهڻي هئي، مس انڊيا به ٿي رهي، سڀني سوچيو ٿي ته فلمي دنيا ۾ هن جي اچڻ ڪري ڪيتريون ائڪٽريسون گهر هلي ويهنديون پر ائين نه ٿيو.
    سنگيتا اڄڪلهه انڊين ڪرڪيٽ ڪئپٽن محمد اظهر الدين جي زال آهي.
    گووند نهالاڻي. گووند هڪ هوشيار فلم ٺاهيندڙ مڃيو وڃي ٿو. هن جي ”ارڌ ستيا“ ۽ ”آڪ روش“ جهڙين فلمن وڏو نالو پيدا ڪيو. انگريزي فلم ”گانڌي“ جي فوٽو گرافي به گووند نهالاڻيءَ ڪئي آهي.
    رميش سپي. رميش جي. پي سپي جو قابل پٽ آهي. ”سيتا اور گيتا“، ”انداز“ ۽ ”ساگر“ جهڙيون فلمون رميش ٺاهيون.
    رميش توراڻي. رميش توراڻيءَ ”جي هند اليڪٽرونڪس“ جي نالي سان سينٽرل بمبئي جي علائقي نويجن سوسائٽيءَ ۾ دڪان سان شروعات ڪئي. پوءِ پاڻ واري ماڪا وانگر هندستان ۾ آڊيو ڪئسٽن ۾ نالو پيدا ڪيو. رميش پهريون شخص آهي جنهن هندستان ۾ ڀڳونتي ناواني ۽ ڪملا ڪيسواڻي جهڙين جا سنڌي لاڏا، گيت، ڀڄنون وغيره رڪارڊ ڪري آڊيو ڪئسٽن ذريعي گهر گهر متعارف ڪرايا. اڄ سندس آڊيو ڪئسٽن جي ڪمپني، Tips cassette pvt, Ltd هندي، سنڌي ۽ ٻين زبانن جي ڪئسٽن لاءِ مشهور آهي.
    اجيت واڇاڻي. ٽي وي، فلمن ۽ ٿيٽرن ۾ ڪم ڪندڙ اجيت واڇاڻي 1951ع ۾ ڄائو. پاڻ گجرات يونيورسٽيءَ مان ڊرامن ۾ ڊپلوما ڪيائين. فلم ”مسٽر انڊيا“ ۽ ٽي وي سيريز ”اک محل هو سپنون کا“ ۽ ”آنگن“ ۾ سندس يادگار رول آهن.
    اسراڻي - ننڍي کنڊ ۾ ڪيترائي ڪميڊين آيا ۽ ويا پر اسراڻي اڄ به قائم دائم آهي. هو اڄ به ماڻهن کي کلائيندو رهي ٿو. اسراڻيءَ جون ڪجهه يادگار فلمون هن ريت آهن: شعلي، باورچي، ميري اپني، اڀيمان، رفوچکر، کام چور، چپکي چپکي ۽ ٻيون سوين فلمون.
    ڪيٽو گدواڻي. ڪيٽو ڪيترين ئي فرينچ ۽ انگريزي ڊرامن ۾ به ڪم ڪيو آهي. اڄڪلهه هوءَ ٽي وي سيريل ۾ ڪم ڪري رهي آهي، جن مان ”ايئر هوسٽيس“ ۽ ”جنون“ پڻ آهن.
    مئڪ موهن. اصل نالو موهن ماکيجاڻي جنهن جو ٽريڊ مارڪ ڏاڙهي سمجهو، چار سؤ کان مٿي فلمن ۾ ڪم ڪري چڪو آهي. هي اهوئي ”سامبها“ آهي جنهن ”شعلي“ فلم ۾ ولين جو رول ادا ڪيو. موهن جو پيءُ برٽش آرمي ۾ ڪرنل هو جنهن جي ممبئي بدلي ٿيڻ تي موهن ڪرڪيٽ کيڏڻ چاهي ٿي پر اداڪاري جي شوق ڪري هن IpTA ۾ حصو ورتو، جتي هن جي ملاقات هندي ۽ اردو ڊرامن جي مشهور اسٽيج آرٽسٽ شوڪت عاظمي (ڪيفي عاظمي جي زال) سان ٿي ۽ موهن هن وٽ اسٽيج جي ڊرامن ۾ ڪم ڪندي ڪندي فلمن تائين پهتو.
    مئڪ موهن جو ”فلم آيا ساون جهوم کي“ ۾ چرئي جو رول واکاڻ جوڳو آهي.
    ڪمار شاهاڻي. ڪمار هڪ قابل ڊائريڪٽر آهي، جنهن جي پهرين ئي فلم ”مايا درپن“ تي ڪيترائي قومي ۽ ٻين الاقوامي ايوارڊ مليس. ڪمار اڄڪلهه سنڌي فلم ٺاهي رهيو آهي جنهن ۾ هو سنڌو ماٿري جي تهذيب ڏيکارڻ چاهي ٿو.
    پريتي جهنگياني. محبتين فلم ۾ فقط هڪ نئين ڇوڪري کنئي ويئي ۽ اها پريتي آهي جنهن تمام سٺي ائڪٽنگ ڪئي. هاڻ هوءَ هڪ ئي وقت ٻارهن فلمن ۾ ڪم ڪري رهي آهي.
    ڪجهه مشهور سنگر
    ڪملا ڪيسواڻي. سن 1934ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ڄائي ۽ ننڍي هوندي کان کيس ڳائڻ جو شوق هو. 1958ع ۾ هوءَ ريڊيو جئپور لاءِ چونڊجي وئي ۽ بقول هڪ انڊين سنڌي ڊائريڪٽر جي اڄ جي دؤر ۾ عابده پروين، شانتي هيرانند ۽ ڀڳونتي ناواڻيءَ بعد ڪملا ڪيسواڻي جي آواز ۾ مٺاڻ، اصليت ۽ Uniquenessآهي. ڪملا هزماسٽرس وائس، Movac ۽ Tipsرڪارڊنگ ڪمپنين لاءِ ڪيترائي راڳ رڪارڊ ڪيا آهن. اڄڪلهه هوءَ ڌرمي راڳ ڳائي ٿي.
    ڀڳونتي ناواڻي. ڀڳونتي سنڌي راڳ جي دنيا ۾ گهڙڻ سان هڪ مختصر عرصي ۾ هند سنڌ ۽ سڄي دنيا ۾ مشهور ٿي وئي. اهو هڪ عام جملو نه پر حقيقت آهي. مون سندس راڳن جا پلاسٽڪ وارا رڪارڊ ستر واري ڏهي ۾ ممباسا (آفريڪا) ۽ بيروت (لبنان) مان ورتا. انهن ڏينهن ۾ اڃا گراموفون مشهور هو. ڀڳونتيءَ کي سنڌي ڪوئل سڏين ٿا.
    ڪوشي لالواڻي. هڪ ٻي سنڌي ڳائڻي آهي. ڀڳونتي جي سنڌي ڪوئل سڏجي ٿي ته ڪوشي ”دبئي جي ڪوئل“ سڏجي ٿي. بمبئيءَ ۾ شايد ئي ڪو سنڌي گهر هجي جتي ڪوشيءَ جو مٺو سر نه ٻڌو ويو هجي. ڪوشيءَ راڳ جي سکيا پنهنجي پيءُ کان حاصل ڪئي جنهن کي سنوارڻ وارو ڪرشن چندر هو.
    ڪوشيءَ جي پئٿالاجيءَ ۾ B.scٿيل آهي ۽ ڪويت ۽ شارجا جي اسپتالن ۾ هن پئٿالاجسٽ جي حيثيت سان ڪيترائي سال ڪم ڪيو آهي. سرهاڻ، لاڏو لاڏي آڻيندو، گلڙن جا گيت وغيره سندس Top Hits آهن. ڪوشيءَ سنڌي ڊرامن ۾ به ڪم ڪيو آهي.
    ڪماري سڌا ڀاڳچنداڻي. هيءَ ڪٿڪ ڊانس کان مشهور آهي. هن جي ڊانس شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي لوڪ ڪهاڻين تي مبني آهي، جنهن جي شروعات ”سورٺ ٻيجل“ ڪهاڻيءَ سان ڪئي. هن عابده پروين جي راڳن تي پڻ ڪٿڪ ڊانس ڪئي آهي. ڪماري سڌا ناگپور يونيورسٽيءَ مان B.scڪئي آهي ۽ اتي جي ئي”ماڊرن اسڪول، ناگپور“ ۾ ڊانس سيکاري ٿي.
    مهيش چندر. پنهنجي پيءُ ماسٽر چندر وانگر مهيش به راڳ جي دنيا ۾ وڏو نالو پيدا ڪيو آهي. ٻه ٽي سال اڳ انڊيا جي وزيراعظم اٽل بهاري واجپائي جي نظمن تي مهيش چندر ميوزڪ ڪمپوز ڪئي ۽ کيس وڏي مشهوري ملي. 19سالن جي ڄمار ۾ هز ماسٽرس وائس وارن هن جي غزلن جو رڪارڊ ڀريو جنهن کيس فلمي دنيا ۾ متعارف ڪرايو.
    مهيش جو ٻيو ڀاءُ گوپ چندر نيويارڪ آمريڪا ۾ رهي ٿو. نيويارڪ ۽ نيو جرسي رياستن ۾ ٿيندڙ سنڌي فنڪشن ۾ هو اڪثر پنهنجي راڳ جو مظاهرو ڪندو آهي.
    شيلا منگتاڻي. هيءَ هڪ ٻي سنڌي ڳائڻي آهي جيڪا انڊيا ۾ رهي ٿي. پاڻ گوورڌن ڀارتي، واسديو نرمل، داد واسواڻي ۽ ٻين جا ڪلام، غزل ۽ گيت ڳائيا اٿس. سندس اڄڪلهه جيڪي نوان ڪئسٽ آيا آهن اهي هن ريت آهن؛ 1. او صنم، 2. ماتا جا اورڻ، 3. تو در منگتا، 4. جمنا ڪناري، 5. ڪر قبول قدمن ۾، وغيره وغيره.
    ڪشن جوراڻي. شادين مرادين يا برٿ ڊي پارٽين جهڙن فنڪشن ۾ ڪشن جوراڻيءَ جو نالو سڄي هندستان ۾ مشهور آهي. هن جي ڳايل لاڏن، ڪلامن، غزلن، گيتن ۽ ڀڄڻن جا ڪئسٽ جتي ڪٿي نظر اچن ٿا. خاص ڪري هتي گجرات صوبي جي شهرن ۾.
    ڪشن جو راڻي مختلف ملڪن ۾ به ايندو رهي ٿو. مون به کيس پهريون دفعو سنگاپور ۾ ڏٺو ۽ ٻڌو.
    رام نواڻي. اسڪول جي ڏينهن کان وٺي ڳائڻ جو شوقين رام نواڻي 1936 ع ۾ ميرپورخاص سنڌ ۾ ڄائو. 1947ع کان پوءِ ممبئيءِ لڏي آيو.
    وشني ايسراڻي. شريمتي وشني گانڌيڌام (گجرات) جي ”ڊاڪٽر سي. جي. هاءِ اسڪول“ ۾ ٽيچر آهي. پاڻ مٺي ۽ سريلي آواز ڪري ”ڪڇ جي ڪوئل“ سڏجي ٿي. مختلف شهرن جي مختلف محفلن ۾ لاڏا، ڪلام، ڀڄڻ ڳائڻ کان علاوه ”آل انڊيا ريڊيو ڀوڄ“ تان سندس ڳائڻ جا پروگرام هر وقت ايندا رهن ٿا. هن جو آواز ڀڳوتي ناواڻيءَ سان ڪافي ملي ٿو.
    انڊيا ۾ رهندڙ ڪجهه ٻيا اهم سنڌي
    سنت شاهاڻي. پهريون سنڌي جنهن کي 1963 ع ۾ پدما بوشن ايوارڊ مليو، شاهاڻيءَ بنا ڪنهن ٻاهرين مدد يا ٽيڪنالاجيءَ جي آٽوميٽڪ بندوق ۽ ٻيا هٿيار ڊزائين ڪيا. پاڻ 1965 ع ۾ هوائي جهاز جي هڪ حادثي ۾ گذاري ويو.
    ڊاڪٽر لاکومل هير ننداڻي. قابل ENT specialist۽ سرجن آمريڪن سوسائٽيءَ جو پهريون انڊين ڊاڪٽر آهي. کيس 1972ع ۾ پدما بوشن ايوارڊ مليو.
    پروفيسر نارائڻ داس رتن مل ملڪاڻي. ٽيون سنڌي جنهن کي 1973ع ۾ هريجن جي خدمت جي سلسلي ۾ ايوارڊ مليو.
    ڊاڪٽر آر. ڪي ميندا. دل جو ڊاڪٽر جنهن کي 1972ع ۾ صدر وي. وي. گري طرفان ميڊيڪل سروسز جي سلسلي ۾ پدماشري ايوارڊ مليو.
    هوندراج دکايل. مشهور سنڌي شاعر جنهن کي گانڌيڌام ۾ سنڌين جي خدمت ڪرڻ جي سلسلي ۾ 1985ع ۾ انڊيا جي صدر زيل سنگهه پدماشري ايوارڊ ڏنو.
    برگيڊيئر چندر آڏواڻي. 1921ع ۾ حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو ۽ ڪراچيءَ جي ڊي. جي سائنس ڪاليج ۾ داخل ورتائين. 1942ع ۾ انڊين آرمي Joinڪيائين جڏهن ننڍي کنڊ تي انگريزن جي حڪومت هئي. ٻي وڏي لڙائيءَ ۾ جپانين خلاف برما ۾ وڙهيو. کيس وير چڪر ايوارڊ پڻ مليل آهي.
    ليفٽيننٽ جنرل آ. ڊي. هرا. 1923ع سنڌ ۾ ڄائو ۽ ڪراچيءَ مان تعليم ورتائين. 1942ع ۾ آرمي ۾ ڪميشنر ٿيو. ٻي وڏي لڙائيءَ ۾ هن بلوچ ريجمينٽ ۾ نوڪري ڪئي ۽ مڊل ايسٽ، برما، ملايا، سماترا وغيره ۾ رهيو. ننڍي کنڊ جي ورهاڱي بعد هن جي بدلي 9 گورڪا رائفلز ۾ ٿي. 1959ع ۾ هن کي فوجي اتاشي طور مصر ۾ انڊيا جي سفارتخاني ۾ رکيو ويو.
    ڪيترن سنڌين انڊيا جي پوليس ۾پڻ نالو پيدا ڪيو آهي. ڪجهه اهڙا جن کي پريزيڊنٽ پوليس ميڊل ايوارڊ طور مليو. اهي آهن: آءِ جي پوليس جي. ڪي بالاني، ايس. پي متناني، ڪي. ايڇ ڪرمچنداڻي، ڊي آءِ جي پوليس ايڇ. آر. پاهوجا، ڪئپٽن رغبير ڪمار ورماني، وغيره.
    انڊيا جي نيويءَ ۾ وڏي پوسٽ تي پهچڻ ۽ وشيشٿ ميڊيل حاصل ڪرڻ وارو سنڌي ائڊمرل آر. ايڇ ٽهلياڻي آهي.


    ڇا ڇا کائجي پيئجي ۽ بيمار ٿيڻ کان بچجي

    نولراءِ جو ننڍو ڀاءُ ڊاڪٽر لڇمڻ اوڏ، سندس زال ريکا ۽ ننڍي ڌي نوري، آمريڪا کان سڌو اچڻ بدران اسلام آباد کان ٿيندا آيا. ان ڪري هنن کي دهلي پهچڻ ۾ دير ٿي وئي. جنهن ڏينهن اسان کين ايئرپورٽ تي وٺڻ وياسين، ان ڏينهن انهن جي اڏام ڪئنسل ٿي وئي هئي. اسان کي دهلي ايئرپورٽ تي ڪافي دير انتظار ڪرڻ بعد خبر پيئي. ايئرپورٽ تي وقت گذارڻ لاءِ، ڀر ۾ ويٺل انگريز سان خبرون ڪندو رهيس، جيڪو ڪجهه ڏينهن دهلي گهمڻ بعد، هاڻ باءِ ايئر بمبئي ٿي ويو. هو منهنجي اڳيان بار بار بئگ ٺاهيندو رهيو جنهن ۾ ڪيتريون ئي دوائن جون شيشيون ۽ گوريون هيون.
    ”توهان هيتريون دوائون کنيون آهن، ڏسڻ ۾ ته توهان بلڪل صحيح ٿا لڳو؟“ آخر پڇي ويٺوسانس.
    ٽهڪ ڏيئي وراڻيائين: ”بلڪل صحيح ٿا چئو. هي سڀ دوائون مون احتياط طور کنيون آهن.“ هن ٻڌايو.
    همراهه گهمڻ ڦرڻ جو شوقين ٿي لڳو. بلڪ عادي Travellerٿي لڳو، جنهن کي گهر ۾ سک نه اچي. پنهنجي تجربي بابت دوائن لاءِ ٻڌايائين ته مسافريءَ ۾ کڻڻ ضروري آهن، خاص ڪري ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن ۾ گهمڻ دوران، جتي Hygenic Conditions صحيح نه آهن. پاڻي صحيح آهي نه هوا. مڇر، منگهڻ ۽ ٻيا ڏنگ هڻڻ وارا ڪيترائي جيت ۽ سرڻا آهن، جتي ڪٿي ڊاڪٽر يا صحيح دوائون نه آهن.
    هن جيڪي دوائون کنيون هيون انهن ۾ بخار ۽ سور جي لاءِ ائسپرين ۽ پيراسٽامول هئي، ٿڌ، زڪام ۽ نڪ بند ٿيڻ جي علاج لاءِ بيناڊرل ۽ ٻيون Antihistamine دوائون هيون جن مان جيتن جي چڪن يا ڏنگن کان به فرحت ملي سگهي. ڪجهه Antibioties هيس جن لاءِ هن ٻڌايو ته پاڪستان ۽ هندستان جهڙن ملڪن ۾ ته کڻي سگهجن ٿيون باقي ملائيشيا، هانگ ڪانگ ۽ جپان جهڙن ملڪن ۾ ڊاڪٽر جي Prescription هجڻ ضروري آهي. منهنجي خيال ۾ ساڳيو قانون آمريڪا ۽ يورپ جي ملڪن ۾ آهي. انهن ملڪن ڏي ويندي يا سعودي عرب ۽ ايران جهڙن ملڪن ۾ ان قسم جون اهم دوائون ضرور کڻي وڃجن جو ٻاهرين ملڪن ۾ دوائون تمام مهانگيون آهن پر انهن سان گڏ پنهنجي ملڪ مان ڪنهن ڊاڪٽر کان اهو ضرور لکائي وڃجي ته توهان لاءِ اهي دوائون ضروري آهن نه ته اهي دوائون ڌارين ملڪن جي ايئرپورٽ تي توهان لاءِ مسئلو پيدا ڪري سگهن ٿيون.
    ان کان علاوه هن انگريز وٽ دستن (Diarrhoea)۽ الٽي جي علاج لاءِ Stemetil ۽ مئڪسالان هيون. اسان جي ملڪ ۾ خبر ناهي اهي دوائون آهن يا نه پر Lomotil ته آهي جيڪي گوريون آئون به احتياط طور کڻي آيو آهيان. هن انگريز Antiseptic ۾ پاڻ سان بيٽاڊين کنئي هئي ۽ ريئڊريشن مڪسچر پڻ. مڇرن کي ڀڄائڻ لاءِ موسپيل جهڙو لوشن پڻ هوس ۽ پاڻيءَ کي صاف ڪرڻ جون گوريون پڻ. چوڻ لڳو:
    (Number one rule is to be careful of the water and specially ice.)
    شهرن ۾ وري به پاڻي صاف ٿو ٿئي پر ڳوٺن ۾ خيال سان پاڻي پيئجي. گهٽ ۾ گهٽ اوٻاريل پاڻي پيئجي. اهڙين حالتن ۾ ٿي سگهي ته Mineral water وٺجي.
    انڊيا ۾ ڪيتريون لوڪل ۽ ولائتي نالن واريون منرل واٽر جون بوتلون ملن ٿيون. انهن مان ڪجهه برانڊ نالا هي آهن: بسليري، انڊيا ڪنگ، آفيسرس چئائس، هني ڊيو ۽ اڪئا سيف وغيره.
    ”دل ۾ نه ڪرين ته هڪ ڳالهه ٻڌائين،“ انگريز سياح چيو.
    ”انڊيا ۾ توڙي توهان جي ملڪ پاڪستان ۾ اهو سڄو فراڊ جو ڪم آهي. انهن ۾ ڪوبه صحيح قسم جو منرل واٽر ناهي. نل جي پاڻيءَ ۾ ڪيميڪل وجهي منرل واٽر جي نالي ۾ پيا پئسو ڪمائين. سندن خرچ فقط پلاسٽڪ جي بوتلن تي آهي. جنهن ۾ پاڻي ٿا وجهن ۽ ٻيو اشتهارن تي. اهي بوتلون ٻارهين کان ويهين رپئي دڪانن تي ۽ ويهين کان پنجاهه رپئي توهان جي ملڪ جي فائيور اسٽار هوٽلن ۾ ٿيون وڪامن. مزي جي ڳالهه اها ته انهن مان ڪن بوتلن ۾ ايڏو گندو ۽ پاروٿو پاڻي آهي جو ان کان ته نلڪن جو پاڻي پيئجي.“
    انڊيا ۾ ڪنهن زماني ۾ ڌارين ملڪن جا شربت ڪوڪا ڪولا، پيپسي يا سيون اپ جهڙا نه ملندا هئا پر هاڻ اهي سڀ ملن ٿا ۽ ان کان علاوه انڊيا جا مڪاني مشروب به اوترائي سٺا ۽ پاپيولر آهن جهڙوڪ ڪمپوا ڪولا، ٿمس اپ، Limca، گولڊ اسپاٽ ۽ ڊبل سيون.
    هن انگريز سياح کان کاڌي جي شين جو پڇيم ته ڇا کائڻ کپي. خاص ڪري انڊيا، پاڪستان يا بنگلاديش جهڙن ملڪن ۾.
    ”اسان جي ملڪ جا انگريز هنن ملڪن ۾ حڪومت دوران رهي ويا انهن جي هڪ چوڻي مشهور آهي ته: (If you can cook it, boil it or peel it you can eat it... otherwise forget it)
    يعني هر اها شيءِ توهان کائي سگهو ٿا جيڪا رڌي سگهو يا اوٻاري سگهو يا صوف، ناسپاتي جهڙو فروٽ جيڪو ڇلي سگهو يعني جنهن جي کل لاهي سگهو. آئيس ڪريم کان ته اصل خبردار رهي. خاص ڪري اها جيڪا گهٽين ۾ وڪامي ٿي.“
    بهرحال هاڻ اسان انگريزن وانگر ته خبردار رهي نٿا سگهون. اهڙو خبردار رهڻ کان ته بهتر آهي ته گهران ئي نه نڪرجي. منهنجي خيال ۾ هڪ هوٽل تان يا گاڏي واري کان به کاڌو وٺي کائجي جيڪڏهن اهو ڏسڻ ۾ اچي ته اهو کاڌو، ٿانو ٿپا ۽ Surrounding صاف سٿري آهي ۽ کاڌو وڪڻڻ وارو به صاف سٿرو آهي.


    ٻه لفظ دهليءَ بابت...

    صديون اڳ تائين ۽ اڄ به انڊيا جي گاديءَ جو هنڌ هي شهر ”دهلي“ دنيا جي عجيب شهرن مان آهي. ڪلڪتي ۽ بمبئي بعد دهلي هندستان جو ٽيون نمبر وڏو شهر آهي. دهليءَ جو شهر ٻن حصن ۾ ورهايل چئي سگهجي ٿو. نئون دهلي ۽ پراڻو دهلي. پراڻو دهلي سترهين ۽ اوڻهين صديءَ جي وچ ۾ مسلمان حاڪمن جي گاديءَ جو هنڌ رهيو جنهن ۾ توهان کي ان دؤر جي مسلمان حاڪمن جون ٺهرايل مسجدون ۽ مقبرا نظر ايندا. ٻيو دهلي نئون دهلي آهي، جنهن کي توهان Imperial city چئي سگهو ٿا جيڪو شهر انگريزن اڏرايو جيئن ڪراچيءَ جي صدر وارو علائقو، بولٽن مارڪيٽ ۽ ڊينسو هال وغيره جتي جون عمارتون انگريزن جي ياد ڏيارين ٿيون. نئين دهليءَ ۾ کليل ۽ وڏيون عمارتون آهن، سفارتخانا ۽ سرڪاري آفيسون آهن. باقي لال قلعو يا جامع مسجد ڏسڻ لاءِ پراڻي دهلي پهچ ته ڄڻ ته کارادرجي مپي مياني مارڪيٽ يا چاڪيواڙي پهچي ويا آهيون.
    هونءَ دهلي سڄي سونهن ئي سونهن نه آهي. دهلي ۾ به ملتان وانگر ڌوڙ، مٽي، گرمي، مڇر ۽ مکيون آهن. هي رڳو آئون نه پيو چوان هڪ مڃيل حقيقت آهي ته دنيا ۾ ڌوڙ ۽ Air pollution ۾ ميڪسيڪو بعد هلي ٻيو نمبر شهر آهي. پر اهي سڀ ڳالهيون ان اڳيان تڇ آهن ته دهلي هڪ تاريخي شهر آهي. هن شهر جي پويان هڪ ڊگهي، دلچسپ، حيرت انگيز تاريخ آهي ۽ ان جي حوالي سان ڪيتريون ئي دلچسپ شيون هن شهر ۾ ڏسڻ وٽان آهن.
    دهلي هر وقت انديا جي گانڌيءَ جو هنڌ به نه رهيو آهي. پر اهو آهي ته دهليءَ انڊيا جي تاريخ ۾ هميشه اهم رول ادا ڪيو آهي. چون ٿا ته دهليءَ وارو علائقو ايڏو پراڻو آهي جو مهاڀارت ڪهاڻي ۾ اڄ کان 3000 سال اڳ جي جنهن بستي اندرا پراسٿا جو ذڪر آيل آهي اها اڄ واري دهلي هئي. پر پوءِ ٻه هزار سال اڳ يعني حضرت عيسيٰ عليه السلام جي ڏينهن ۾ شهنشاهه اشوڪا جي حڪومت جي گاديءَ جو هنڌ پٽنا ٿيو جنهن کي تنهن زماني ۾ پٽاليا پترا سڏبو هو. مغلن جي به سڄي دؤر ۾ دهلي گاديءَ وارو شهر نه رهيو. سورهين ۽ سترهين صديءَ ۾ آگرو مغلن جي گاديءَ جو هنڌ هو. انگريزن جي حڪومت ۾ به دهلي نه پر ڪلڪتي ۾ هئي. پوءِ اڳتي هلي 1911ع ۾ دهليءَ کي گاديءَ وارو شهر بنايو ويو.
    اڄ جو شهر دهلي اٽڪل اٺن مختلف شهرن جو مجموعو آهي جيڪي ماضيءَ جا مختلف حاڪم اڏائيندا رهيا ۽ اها چوڻي عام هئي ته جنهن به نئون شهر اڏايو ته ان جي حڪومت هلي وئي. ڪنهن حد تائين ڏٺو وڃي ته اها حقيقت به هئي. پهريان چار شهر اڄ جي دهليءَ جي ڏکڻ واري حصي ۾ هئا جتي اڄڪلهه قطب مينار آهي. اندرا پراسٿا سڀ کان پراڻو دهلي چيو وڃي ٿو، اهو ان علائقي ۾ هو جتي پراڻو قلعو آهي. ٻارهين صديءَ جي شروعات ۾ دهليءَ تي جن آخري هندو گهراڻن حڪومت ڪئي اهي تومارا ۽ چائو ٿان سڏجن ٿا ۽ انهن جي ”دهلي“ قطب مينار جي آس پاس ئي رهي جنهن بعد ٻارهين صديءَ ۾ علاؤ الدين نئون شهر سري (Siri) نالي اڏرايو جنهن جي Location اتي هئي جتي اڄڪلهه ”حوض خاص“ آهي. ان بعد ٽين دهلي تغلق آباد ٿي جيڪو شهر قطب مينار کان ڇهه ميل کن پري ڏکڻ اوڀر ۾ آهي. هي شهر اڄڪلهه بلڪل کنڊهر جي حالت ۾ آهي. دهليءَ جو چوٿون شهر به تغلق خاندان جي حاڪمن ٺهرايو. هي شهر قطب مينار جي ڀر واري علائقي ۾ ”جهان پناهه“ نالي سان چوڏهين صديءَ ۾ ٺهرايو ويو.
    پنجين دهلي فيروز آباد آهي جيڪو شهر ان هنڌ تي هو جتي اڄ جي نئين دهلي آهي ۽ فيروز شاهه ڪوٽلا اڏرايو. هن شهر جي پراڻن کنڊرن ۾ اشوڪا جو ٿنڀو به آهي جيڪو لڳي ٿو ته ڪنهن ٻئي هنڌان هتي آندو ويو هو ۽ ان مسجد جا نشان به موجود آهن جنهن ۾ تيمور لنگ انڊيا تي حملو ڪرڻ وقت نماز پڙهي هئي.
    شهنشاهه شير شاهه سوريءَ ڇهين دهلي اتي اڏرائي جتي پراڻو قلعو آهي (انڊيا گيٽ جي ويجهڙائيءَ ۾) ستين دهلي شهنشاهه شاهه جهان سترهين صديءَ ۾ ٺهرائي جنهن جو نالو شاهجهان آباد رکيائين ۽ گاديءَ جو هنڌ آگري کان دهلي شفٽ ڪرائين. هن جي دهليءَ ۾ لال قلعو ۽ جامع مسجد به اچي وئي ٿي جيڪي پڻ هن ئي ٺهرايا. اهڙي طرح آخري ۽ اٺين دهلي اڄ جي نئين دهلي آهي جيڪا انگريزن ٺهرائي ۽ 1911ع ۾ پنهنجي گاديءَ جو هنڌ ڪلڪتي کان نئين دهلي شفٽ ڪرڻ جو اعلان ڪيو پر مڪمل طرح تبديلي 1931ع ۾ ٿي ۽ پوءِ سگهو ئي 16سالن بعد انگريزن به ٽپڙ ٻڌا.
    دهليءَ جي شهر ڪيترن ئي ڦورن، ڌاڙيلن ۽ حملا ڪندڙ حاڪمن ۽ غنڊن کي ڏٺو. تيمورلنگ چوڏهين صديءَ ۾ اچي ڦر ڪئي. افغاني بابر سورهين صديءَ ۾ دهليءَ تي قبضو ڪيو. 1739ع ۾ ايراني شهنشاهه نادر شاهه هن شهر جي اچي ڀينگ ڪئي ۽ ڪوه نور هيري کان وٺي مور جو تخت ٻهاري پاڻ سان ايران کڻي ويو. 1803ع ۾ انگريزن دهليءَ کي پنهنجي قبضي هيٺ ڪيو ۽ 1857ع کان دهلي انگريزن جي مخالف ڌرين جو مرڪز رهي.
    دهلي جي حال ۽ ماضيءَ بابت دلچسپ احوال پڙهڻو هجي ته William Dalrymple جي ڪتاب ”جنن جو شهر“ (City of Djinns) جو انٽروڊڪشن ضرور پڙهجي.

    لال قلعي جي ٻاهران چڍيءَ ۽ گنجيءَ ۾ هڪ اڪيلو گورو ٽوئرسٽ مليو.
    Are you a Britisher? (انگريز آهين؟) مون پڇيومانس.
    ”نه آمريڪن آهيان. انهن سوٽ ٽائين وارن جي ماضيءَ جو اوج ڏسڻ آيو آهيان. “ (هن جو اشارو انگريزن ۽ انهن جي Raj ڏي هو).
    ”ڀلا دهلي ڪيئن ٿو لڳئي؟“
    ”ماضيءَ جي شان شوڪت جي اجڙندڙ نظاري جو احساس ٿو ٿئيم. دهلي ان ڪراڙي راڻي وانگر ٿي لڳي جيڪا ڳهه ڳٺن ۽ هيرن جواهرن بنا زندگي گذاري رهي هجي. هونءَ دهلي ڪن ڪنڊن کان بيحد سهڻي به لڳي ٿي. سفارتخانن وارو علائقو، چنڪياپوري ته ڪئليفورنيا جو ڏيک ڏئي ٿو. خاموش گهٽيون، وڏيون آفيسون، بنگلن اڳيان ويڪريون ڇٻرون ۽ چوڌاري ساوڪ ئي ساوڪ.

    جيئن ڪراچي رڳو ڪلفٽن جهڙو کليل ۽ سهڻو علائقو نه آهي ۽ نه وري چاڪيواڙي ۽ بغداديءَ جهڙو ڳتيل ۽ غريب علائقو آهي. ڪراچي وانگر دهلي به مختلف علائقن، ڪميونٽين ۽ ماڻهن جو مليل جليل شهر آهي جنهن جو هر حصو، هر علائقو سکر خيرپور جيڏو شهر آهي. ڪراچي جي ملير، لانڍي، گلشن اقبال، گلستان جوهر، صدر، ڪلفٽن، ڊفينس ۽ ٻين علائقن وانگر دهليءَ جي مختلف علائقن جا نالا ياد ٿي ويا آهن جن مان اڪثر گذر ٿيندو رهي ٿو. جيئن ته ڪارول باغ جتي شروع وارا ڏينهن رهياسين، ”ڪالڪاجي“ جتي هاڻ رهون ٿا، اوکلا (Okhla) جتان ٿيندا جاميه ملي يونيورسٽي وڃڻ ٿيو هو. ”جاميا نگر“ جنهن ۾ اها جاميه آهي، ”ڪيلاش“ شهر جو هڪ خوبصورت علائقو جتان روز گذر ٿئي ٿو ۽ آٽو رڪشا وارو ٻڌائيندو آهي ته هن علائقي کي جي ڪي يعني گريٽر ڪيلاش به سڏين ٿا ۽ فلمي ماڻهو ۽ پئسي وارا وڏا واپاري هن ۾ رهن ٿا... وغيره وغيره.
    دهليءَ جي ڪجهه ٻين علائقن جا نالا جن مان ڪيترا دلچسپ به آهن ۽ هن وقت ياد آهن هن ريت آهن:
    وسنت وهار، اتم نگر، تلڪ نگر، شاهدرا، پنجابي باغ، نجف ڳڙهه، موج پور، گوڪل پوري، جهل مل، کچڙي پور، وغيره وغيره.

    انڊيا اچڻ کان اڳ مون سمجهيو (۽ توهان مان به ڪيترا پنهنجي ملڪ جو حال ڏسي اهو سوچي رهيا هوندا) ته جيئن اسان جي ملڪ ۾ هر ان روڊ ۾ بلڊنگ جو نالو جيڪو ڪنهن هندو، عيسائي يا پارسي سياستدان يا مخير (Philanthropist) نالي هو اهو مٽائي مسلمان نالي ڪيو ويو آهي تيئن هتي انڊيا ۾ به سڀني رستن، روڊن، عمارتن ۽ رهائشي ڪالونين ۽ پارڪن جا نالا نج هندو ماڻهن جا هوندا. پر دهليءَ ۾ اچڻ سان هتي ڪجهه ٻيو ئي نظارو لڳو. دهليءَ جي شهر ۾ صبح شام چڪر هڻڻ دوران ڪجهه اهم روڊن جا نالا نظر اچن ٿا. اهي هن ريت آهن:
    ڊاڪٽر ذاڪر حسين روڊ، مولانا محمد علي مارگ، بهادر شاهه ظفر مارگ، لوڌي روڊ، شاهجهان روڊ، شير شاهه روڊ، اورنگزيب روڊ، اڪبر روڊ، قطب روڊ، پشاور روڊ، مالا ڪنڊ روڊ، وغيره وغيره.
    ۽ ڪجهه رهائشي علائقن ۾ ڪالونين جا نالا: ابراهيم لوڌي ڪالوني، غفور نگر، ذاڪر نگر، ابو الفضل Enclave ، غفار منزل ڪالوني، مجيب باغ، خصر آباد، قدسيه باغ، اجمل خان پارڪ، ابوالڪلام آزاد ميڊيڪل سينٽر وغيره.


    انڊيا جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين..

    دهليءَ ۾ جنهن ڪانٽيننٽل هوٽل ۾ شروع جا ٽي چار ڏينهن نولراءِ اسان جي رهڻ جو بندوبست ڪيو ان ۾ منهنجي ڀر واري ڪمري ۾ رهندڙ هڪ مڪاني ليکڪ ۽ گهمڻ ڦرڻ جو شوقين لڳو ٿي. منهنجي ساڻس پهرين ڏينهن ئي لفٽ ۾ عليڪ سليڪ ٿي ۽ ڄاڻ سڃاڻ بعد جڏهن هن کي خبر پيئي ته آئون به ليکڪ آهيان ۽ خاص ڪري ”ٽريول رائيٽر“ ته هو مونکي انڊيا باءِ روڊ ڏسڻ ۽ ڊرائيو ڪرڻ جي صلاح ڏيڻ لڳو. پاڻ سرينگر کان باءِ روڊ ڏکڻ طرفان نڪتو هو ۽ هندستان جي هيٺين ڇيڙي واري شهر ”ڪنيا ڪماريءَ“ تائين 4200 ڪلو ميٽر جو سفر باءِ ڪار پورو ڪري هاڻ باءِ ايئر هتي دهليءَ پهتو هو جتي هفتي کن جي ڪم ڪارين بعد هن کي پنهنجي ڳوٺ لڌيانا باءِ ٽرين وڃڻو هو.
    هن وقت آئون سڄي گروپ سان گڏ آيل هوس ۽ اسان جو اهم ڪم اسان جي دوستن جي پٽن جون دهليءَ ۾ بڙودا ۾ شاديون اٽينڊ ڪرڻيون هيون. وچ ۾ جيڪو ٽائيم مليو ٿي ان ۾ ڪڏهن پنهنجي گروپ سان گڏ ته ڪڏهن اڪيلو اڪيلو دهليءَ ۽ ان جي آسپاس جا شهر ۽ بڙودا، احمد آباد ۽ بمبئي وغيره. ٻئي ڪنهن شهر آگري، اجمير، جوڌپور وغيره وڃڻو پيو ٿي ته اوڏانهن وڃڻ لاءِ پوليس اسٽيشن تي اطلاع ڪري موڪل وٺڻي پيئي ٿي. ٻين لفظن ۾ اسان کي سڄي انديا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ آزاد پکيءَ وانگر گهمڻ جي اجازت نه هئي. منهنجي ڀر واري ڪمري ۾ رهندڙ هن Freelance writer جي ڳالهه. يعني صلاح، بلڪل سٺي هئي جنهن لاءِ هو مونکي روز چوندو رهيو ۽ گذريل هفتو انڊيا جي اتراهين ڪنڊ سرينگر کان ڏاکڻي ڪنڊ ڪنيا ڪماري شهر تائين جيڪا هو هنڊريڊ ميٽر Raceڊوڙي آيو هو ان جو احوال ٻڌائيندو رهيو. سندس اهو سفر هڪ سؤ ميٽرن جي ڊوڙ ئي ٿي جو ڪٿي ڪٿي رات گذارڻ کان علاوه هو هر هنڌ اڌ ڏينهن يا ڪجهه ڪلاڪ مس ٿي رهيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته ان قسم جي تکي ۽ ڊگهي سفر جو پنهنجو چارم آهي جو جلدي جلدي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ پهچڻ تي ماڻهن جا قدبت، شڪليون، رنگ، زبانون ۽ ڪلچر جلدي بدلبو نظر اچي ٿو. ڪٿي هڪ طرف اتر ۾ يعني سرينگر ۾ ڊگها ۽ گورا ماڻهو ۽ وچ ايشيا جي ملڪن جو Flavour ۽ ڪٿي ڏکڻ هندستان جي شهرن ٿيرو وانٿا پورم ۽ ڪوامبتور جهڙن شهرن جا ڪاري ۽ بندري رنگ جا ماڻهو تامل، مليالم، تيلگو ۽ ڪانڊا زبانون ۽ عجيب مسالن جا کاڌا کائڻ وارا دکني ۽ مدراسي. ڄڻ ماڻهو سريلنڪا جي شهرن ۾ پهچي ويو هجي.
    ملائيشيا هوندو هوس ته ٽن يا چئن ڏينهن جي موڪل تي پنهنجي رهائش واري شهر ملاڪا کان ڏکڻ طرف نڪي پوندو هوس تان جو ملائيشيا جو آخري شهر جو هور بارو اچي ويندو هو ۽ پوءِ ميل کن جي پل (Causeway) ٽپي سنگاپور کان وڃي نڪربو هو جتي ڏينهن اڌ رهي ٻئي ڏينهن وري پويان پير کڻي اتر طرف موٽبو هو. رستي تي وري ساڳيو شهر جوهور بارو ۽ ملاڪا لتاڙي ڪوالالمپور پهچبو هو ۽ رات اتي رهي اڳتي جو اتر طرف سفر شروع ڪبو هو ۽ رستي تي اپوح ۽ پينانگ جهڙا شهر لتاڙي شام ڌاري ملائيشيا ۽ ٿائلينڊ جي بارڊر واري شهر هاديائيءَ ۾ اچي رات رهبي هئي. موڪل ڊگهي هوندي هئي ته اڃا اتر طرف ٿائيلنڊ جي شهرن: بئنڪاڪ ۽ چنگ مائي تائين وڃي نڪربو هو نه ته هاديائي کان واپس پنهنجي شهر ملاڪا موٽبو هو. پر اهو سڀ ڪجهه تڏهن ٿي سگهيو ٿي جڏهن آئون سالن کان ملائيشيا رهيل هوس ۽ ملائيشيا، سنگاپور ۽ ٿائيلينڊ جي Multipleويزا مليل هئي يعني جڏهن چاهجي ۽ جيترا دفعا چاهجي انهن ملڪن ۾ اچي وڃي ۽ رهي سگهجي ٿو.
    اسان جو ملڪ پاڪستان به ماشاءَ الله تمام وڏو ۽ ڊگهو ملڪ آهي جنهن جي هڪ (ڏاکڻي) ڪنڊ کان ٻي اتراهين ڪنڊ تائين سمنڊ، نديون، رڻ پٽ، جبل، برفاني نديون، چراگاهه ۽ باغ ٻنيون اچن ٿيون. مختلف شڪلين، بيهڪ ۽ قد ڪاٺ جا ماڻهو ۽ مختلف زبانون آهن بلڪ پاڪستان جي ڊگهائي ڏکڻ کان اتر طرف هجڻ ڪري مختلف موسم ۽ ميوا ڀاڄيون آهن جنهن ۾ ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جهڙا ملڪ غريب آهن جيڪي ايراضي ۽ ڊيگهه جي حساب سان ته تمام وڏا آهن پر اهي اوڀر کان اولهه پکڙيل هجڻ ڪري هنن وٽ ٻارهوئي ساڳي موسم ۽ جتي ڪٿي ساڳيا ميوا ۽ ڀاڄيون آهن. انگور، صوف، موسمي ۽ سنگتڙي جهڙا ميوا هو ڌارين ملڪن کان گهراين ٿا. سو اسان جي ملڪ ۾ به باءِ روڊ هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين سفر ڪرڻ ۾ مزو آهي ۽ ان مان اندازو لڳايو ته انڊيا ۾ ڪيڏو هوندو جيڪو اسان جي ملڪ کان ٽيڻو چئوڻو وڏو آهي. اتر کان ٻئي ملڪ گڏ گڏ شروع ٿين ٿا. ڪراچي يا ٿرپارڪر ۾ جتي ڏکڻ ۾ اسان جي ملڪ جون حدون ختم ٿين ٿيون اتي هندستان پاسي راجستان جو صوبو ختم ٿئي ٿو پر انڊيا اڃا وڏو آهي ۽ ان بعد گجرات، مهاراشترا ۽ تامل نادو جهڙا صوبا هيٺ سريلنڪا سان وڃيو ملن. يعني پاڪستان کان اڃا به ڏيڍوڻو هيٺ آهي. ۽ اهو ته ٿيو مک وانگر سڌو ئي سڌو ڏکڻ طرف وڃڻ. پر جي اتر طرف وڃجي ته بنگلاديش جي به ٻئي پاسي کان وڃيو نڪرجي ۽ انڊيا جون سرحدون برما سان مليون پيون آهن. انڊيا جا ڏکڻ ۽ اوڀر وارا ڇيڙا اهڙا آهن جتي هندستان جي قومي زبان هندي جيڪا بلوچستان، دبئي، ايران ۾ ته سمجهي وڃي ٿي پر ملڪ جي ڪيرالا، تامل نادو، ناگالئنڊ ۽ مني پور جهڙن صوبن ۾ نٿي سمجهي وڃي.
    هوٽل ۾ رهندڙ منهنجي پاڙيسري همراهه جيڪو اتر کان ڏکڻ طرف چار هزار کن ميلن جو سفر ڪيو ۽ جن جن شهرن ۾ هو ويو، اهي مون به سندس ڳالهين ۽ وڊيو فلم مان نوٽ ڪري ڇڏيا. ٿي سگهي ٿو مونکي يا ڪنهن کي اها روٽ کڻي گهمڻ لاءِ نڪرڻو پوي ۽ ڪنهن هڪ ٻن شهرن جي ڦيرڦار سان هي سفر ڪو خراب نٿو لڳي. هن پنهنجي ڪار Odometer ۾ ميلن جو زيرو انگ سري نگر ۾ ٺاهي اتان کان سڌو هيٺ ڏکڻ طرف نڪرڻ شروع ڪيو.
    سري نگر 0000ڪلو ميٽر
    هندستان پاسي جيڪو ڪشمير آهي ان جو سرينگر گاديءَ جو هنڌ آهي. جهلم نديءَ جي ڪناري تي هن شهر جي چوڌاري دال ڍنڍ آهي جنهن ۾ اٺ کن ٻيون ڍنڍون به ملن ٿيون جن ۾ ناگن ڍنڍ تمام مشهور آهي. ڪيترن ماڻهن جا گهر ٻيڙين تي آهن. دنيا جا سياح هتي اچي ٻيڙين تي سير ڪن ٿا. دال ڍنڍ جي اوڀر واري ڪناري تي مغل بادشاهن جا ٺهرايل باغ آهن جن ۾ شاليمار باغ ۽ نشاط باغ تمام گهڻو مشهور آهن. دال ڍنڍ تي ترندڙ هنن ”بوٽ هائوس“ لاءِ چيو وڃي ٿو ته انگريزن جي دؤر حڪومت ”برٽش راج“ ۾ ڪشمير جي راجا انگريزن کي زمين خريد ڪري گهر ٺاهڻ جي اجازت نه ڏني ۽ هنن ڪشمير جي سونهن پسڻ لاءِ هر وقت هيڏانهن اچڻ ٿي چاهيو. پوءِ ان جو علاج هنن اهو ڳولي لڌو ته اهڙيون ٻيڙيون ٺاهيون وڃن جن ۾ گهر وانگر ڪمرا، باٿ روم ۽ ڪچن وغيره هجي. ان قسم جي هرهڪ ٻيڙي انهن ڏينهن ۾ ”لٽل انگلينڊ“ سڏي وئي ٿي.
    جمون 0293 ڪلوميٽر
    سرينگر شهر کان هيٺ ڏکڻ ڏي 293 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي هن صوبي جو ٻيو نمبر وڏو شهر ڄمون آهي. ڄمون پهچڻ لاءِ رستي تي اڍائي ميلن جي هڪ سرنگهه ”جوارهار“ نالي اچي ٿي جيڪا هاڻي ٺاهي وئي آهي نه ته سياري جي موسم ۾ جبلن تي گهڻي برفباري ڪري ڄمون ۽ سرينگر هڪ ٻئي کان ڪٽجي ويندا هئا پر هاڻ سياري ۾ به اچ وڃ جاري رهي ٿي. ايترو آهي ته سياري جا ڇهه مهينا ڪشمير جي گاديءَ جو هنڌ سرينگر بدران جمون ڪيو وڃي ٿو. سرينگر جي آدمشماري نو لک کن آهي ۽ جمون جي چار لک آهي. سرينگر کان جمون ايندي ڪد (Kud) ۽ پتني ٽاپ نالي ٻه هل اسٽيشون اچن ٿيون جن جي ويجهو هتي جو اهم مندر. سڌ مهاديو شو جو مندر آهي. هن ئي روٽ تي هتي جي ماٿري سنسار آهي جيڪا اونهاري ۾ سونهن ۽ گجر قوم جي ريڍارن کان مشهور آهي.
    جمونءَ کان بارڊر وارو شهر اخنور فقط 25 ڪلوميٽر آهي ۽ جمونءَ کان سيالڪوٽ پنجاهه ڪلوميٽر مس آهي ۽ پاڪستان ۽ انڊيا جو بارڊر پوري اڌ تي 25 ڪلوميٽرن تي آهي. لاهور ۽ امرتسر به تقريبا اوتري ئي فاصلي تي آهي پر پاڪستان ۽ هندستان جي بارڊر وٽ ٻنهي پاسن جا واگها ۽ اتاري شهر آهن. مفاصلي جي حوالي سان ائين به چئي سگهجي ٿو ته پاڪستان جي شهر گجرانوالا کان جيترو سيالڪوٽ پري آهي اوترو سيالڪوٽ کان جمون شهر آهي.
    پٺاڻ ڪوٽ. 0413ڪلو ميٽر
    پٺاڻ ڪوٽ هماچل پرديس صوبي جو گيٽ وي آهي ۽ مندرن کان مشهور آهي. جمون کان پٺاڻ ڪوٽ 120ڪلوميٽر آهي. پٺاڻ ڪوٽ ۾ آئون ٽو اسٽار هوٽل ۾ رهيس جيڪا ريلوي اسٽيشن ۽ پٺاڻ ڪوٽ بس اسٽاپ کان هڪ ڪلوميٽر کن آهي (يعني ان سفر جي ڪٿا ٻڌائڻ وارو رهيو جيڪو دهليءَ واري هوٽل ۾ منهنجي ڀر واري ڪمري ۾ رهيو ٿي).
    لڌيانا. 0580 ڪلوميٽر
    لڌيانا ۾ مون رات ”هوٽل سٽي هارٽ“ ۾ گذاري جيڪا ڪلاڪ ٽاور جي پويان ريلوي اسٽيشن جي ويجهو آهي. هي چڱي مهانگي هوٽل مٿي ۾ لڳي وئي ۽ رات جي ماني ۽ نيرن سميت ڌيڍ هزار رپيا خرچ آيو.
    دهلي 900 ڪلوميٽر
    دهلي نه فقط اڄ جي حڪومت جي گاديءَ جو هنڌ آهي پر صدين تائين مختلف بادشاهن ۽ حڪومتن جي گاديءَ جو شهر ٿي رهيو. دهلي هڪ پراڻو ۽ تاريخي شهر آهي. ”هيٺ ڏکڻ ڏي ويندي وقت هتي جي هڪ ڪلب ۾ يورپ جي نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي مدهوشيءَ جي عالم ۾ سڄي رات ڊانس ڪندو ڏسندو رهيس.“ هن ٻڌايو.
    جيپور . 1170ڪلوميٽر
    ويهه لک آدمشماريءَ جو هي شهر راجستان صوبي جو گاديءَ وارو شهر آهي ۽ دهليءَ کان پورا 270 ڪلوميٽر پري آهي. هي شهر گلابي رنگ جي گهرن ڪري Pink City به سڏجي ٿو. هي شهر هتي جي جنگجو ۽ علم نجوم (Astronomy) جي ماهر مهاراجا جئسنگهه ٻئي 1727ع ۾ ٻڌرايو. مهاراجا جئسنگهه ٻيو سن 1693ع ۾ ڄائو ۽ 1743ع ۾ گذاري ويو. هي اهو شخص آهي جنهن سن 1728ع ۾ مشهور Observatory جنتر منتر ٺهرائي. جيڪا اڄ به ڏسڻ وٽان آهي. شهر ۾ ٽي اهم روڊ هڪ ٻئي سان ملن ٿا: مرزا اسماعيل روڊ، اسٽيشن روڊ ۽ سنسار چندرا مارگ. هنن ٽن رستن ۽ انهن مان ڦٽندڙ گهٽين ۾ ڪيتريون ئي هوٽلون آهن.
    جيپور جي هڪ عمارت هوا محل هن شهر جي خاص نشاني آهي. پنج ماڙهيءَ بلڊنگ سن 1799ع ۾ مهاراجا سواج پرتاپ سنگهه ٺهرائي. جيپور جي راج مندر سئنيما ۾ فلم ڏسڻ وٽان آهي جيڪو سئنيما هال انڊيا جو مهانگو ترين ۽ خوبصورت سئنيما هال آهي.
    اجمير . 1300ڪلوميٽر
    اجمير به راجستان صوبي جو شهر آهي ۽ جيپور کان فقط 130ميل پري آهي. اجمير اهو شهر آهي جتي مغلن جي انگريزن سان پهريون دفعو ملاقات ٿي هئي جڏهن سرٿامس رو 1616ع ۾ جهانگير سان مليو.
    اجمير صوفي درويش خواجا معين الدين چشتي جي درگاهه کان به مشهور آهي. هو ايران کان 1192ع ۾ اجمير آيو هو. سندس مقبرو همايون مڪمل ڪرايو ۽ درگاهه جو گيٽ حيدرآباد جي نظام ٺهرايو. شهنشاهه اڪبر هر سال آگري کان اجمير خوجه معين الدين چشتيءَ جي درگاهه جي زيارت تي ايندو هو.
    اجمير انگريزن جي Mayo. College کان به مشهور آهي. اجمير 1818ع ۾ انگريزن جي حوالي ٿيو ۽ هي ڪاليج 1875ع ۾ شروع ٿيو، جيڪو فقط انگريزن ۽ انڊيا جي نوابن جي ٻارن لاءِ هو. جيئن لاهور جو ايڇيسن ڪاليج.
    اڌيپور . 1570 ڪلو ميٽر
    انگريز چوندا هئا ته راجستان ۾ اڌيپور جهڙو ٻيو ڪو رومانوي شهر ناهي.
    بردرس گرم (Grimm) ۽ ٻين فرينچ آرٽسٽن لاءِ هي شهر دلپسند شهر رهيو آهي ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هي شهر ان جي لائق رهيو جو هن کي سڏيو ويو ٿي.
    اڌيپور 1568ع ۾ مهارانا اڌئي سنگهه ٻئي ٻڌرايو. اڌيپور محلاتن، مندرن ۽ حيويلين جو شهر آهي. هن شهر جي چوڌاري ڍنڍون هجڻ ڪري پاڻيءَ جي کوٽ نه رهي آهي ۽ شهر ۾ ڪيترائي پارڪ ۽ باغ آهن. جنهن زماني ۾ هن شهر جي چوڌاري ڀت هئي اڄ اها ڊهي چڪي آهي پر ان جا ڪجهه حصا ۽ گيٽ اڃا به موجود آهن. شهر جي چوڌاري پچولا (Pichola) نالي چار ڪلوميٽر ڊگهي ۽ ٽي ڪلوميٽر ويڪري ڍنڍ جي وچ ۾ هڪ ٻيٽ آهي جيڪو جگمندر ٻيٽ سڏجي ٿو جنهن تي مهاراجا ڪرن سنگهه جو ٺهرايل محلات اڃا تائين سهڻي حالت ۾ موجود آهي، جيڪو هن مهارانا جگت سنگهه (1652ع .1628ع) جي نالي ٺهرايو هو. ٻيو مشهور محلات ان ساڳي ڍنڍ ۾ جگ نيواس ٻيٽ تي سن 1754ع ۾ مهارانا جگت سنگهه ٻئي ٺهرايو هو. اڄ اهو محلات Lake palace Hotel جي نالي هوٽل طور استعمال ٿئي ٿو، جنهن جي ڪمرن جي مسواڙ تمام گهڻي رکيل آهي. هي محلات (ليڪ پئلس هوٽل)، شو نيواس پئلس ۽ مون سون پئلس جيمس بانڊ جي فلم Octopussy ۾ سيٽن طور استعمال ٿيا هئا. شهر جي وچ ۾ (هوٽل بڙي حويلي ۽ هوٽل انجاني جي ڀرسان) هتي جو مشهور ۽ جهونو مندر ”جگديش مندر“ آهي جيڪو 1651ع ۾ مهارانا جگت سنگهه ٺهرايو. منجهس ڪاري پٿر جي وشنو جي (جگن ناٿ جي روپ ۾) مورتي آهي. جيڪو هندو ڌرم مطابق ڪائنات جو مالڪ سمجهيو وڃي ٿو. ان کان علاوه پتل جي مورتي گرودا جي به آهي. (گرودا انساني پکي جي شڪل جي وشنوءَ جي سواري آهي).
    اڌيپور جون ٻيون مشهور ڏسڻ وٽان شيون آهن: گلاب باغ ۽ ان جي ڀرسان سجن نيواس گارڊنس، نهرو پارڪ ۽ شهر جي اتر ۾ هڪ خوبصورت باغ آهي، جنهن جو نالو آهي ”سهيليون ڪي باري“ اڌيپور شهر ۾ رهائش لاءِ سستيون هوٽلون تمام گهڻيون آهن، خاص ڪري جگديش مندر وٽ ۽ بس اسٽاپ وٽ. دهلي گيٽ ۽ ليڪ پئلس روڊ وٽ به جام هوٽلون آهن. هڪ سؤ کان ٽي سؤ رپيه مسواڙ واريون ڪجهه هوٽلون هن ريت آهن:
    هوٽل بڙي حويلي، لال گيٽ گيسٽ هائوس، جگ نيواس گيسٽ هائوس، انجاني هوٽل، هوٽل نئچرل، ليڪ شور هوٽل، هوٽل شمبو، هوٽل اپسرا ۽ جيڪڏهن توهان شهر کان ٿورو پرڀرو رهڻ پسند ڪريو ٿا ته پرتاپ ڪنٽري ان (Inn) ۽ ميوار ان (Mewar Inn) جهڙي سستي رهائش ٿي نٿي سگهي. سؤ سوا سؤ رپيا روز جي مسواڙ مس آهي ۽ شهر اچڻ لاءِ بس جو ڀاڙو ڏهن رپين کان به گهٽ آهي. بهرحال هي سڀ سستين هوٽلن جا پار پتا ۽ اگهه آهن. اوچيون ۽ مهانگيون ته جتي ڪٿي آسانيءَ سان نظر اچيو وڃن.
    احمد آباد . 1830ڪلو ميٽر
    راجستان کان پوءِ هيٺ ڏکڻ ۾ گجرات صوبو آهي ۽ احمد آباد گجرات جو وڏو شهر آهي. هاڻ ته انڊيا جي هر شهر ۾ ڪارخانا ۽ فئڪٽريون ٿي ويون آهن نه ته انگريزن جي راڄ ۾ احمد آباد ئي هڪ اهڙو شهر هو جنهن ۾ سڀ کان گهڻا ڪارخانا هئا جن جون چمنيون پري پري تائين نظر آيون ٿي ان ڪري هي شهر ”مشرق جو مانچسٽر“ سڏيو ويو ٿي. شروع ۾ گجرات جي گاديءَ جو هنڌ احمد آباد هو پر هاڻ نئون شهر گانڌي نگر آهي، جيڪو احمد آباد کان فقط 32 ڪلوميٽر پري آهي.
    احمد آباد شهر جو بنياد احمد شاهه 1411ع ۾ رکيو. ٽوڪيو، نيو اورلينس، بئنڪاڪ ۽ لنڊن وانگر هن شهر جي وچ مان به درياهه وهي ٿو، جنهن جو نالو ”صبر متي“ آهي. هن نديءَ مٿان ڪيتريون پليون آهن جيڪي شهر جي ٻن حصن کي ڳنڍين ٿيون. انهن پلين جا نالا هن ريت آهن: سبهاس پل، گانڌي پل، نهرو پل، ايلس پل، سردار پل وغيره. اهي پليون شهر جي مشهور رستن کي ڳنڍين ٿيون. جهڙوڪ: آشرم روڊ، بالونتراءِ ميهتا روڊ، ڪستوربا روڊ، سنت ثريا داس روڊ، رليف روڊ، سردار پٽيل روڊ، پريتم نگر روڊ وغيره. شهر ۾ 1423ع جي ٺهيل جامع مسجد به آهي جيڪا احمد شاهه ٺهرائي. ان کان علاوه ڊاڪٽر تنڪاريا روڊ تي ٺهيل راڻي روپمتيءَ جي مسجد به مشهور آهي. اها مسجد 1440ع جي ٺهيل آهي ۽ سلطان احمد شاهه جي هندو زال جي نالي پٺيان آهي. انهن مسجدن کان علاوه راني سپري مسجد (جيڪا مسجد نگينه به سڏجي ٿي) 1514ع جي ٺهيل آهي ۽ سلطان محمود بيگدا جي زال ٺهرائي، راج بابري مسجد، دستور خان جي مسجد، هيب خان جي مسجد ۽ ريلوي اسٽيشن جي ڏکڻ ۾ سدي بشير جي مسجد، وغيره آهن. اهڙي طرح هتي جا مندر مشهور آهن جهڙوڪ: هاٿي سنگهه مندر جيڪو 1848ع جو ٺهيل آهي ۽ پندرهين جين ٽيچر (تير ٿانڪر) جي نالي منسوب ٿيل آهي. سوامي نارائڻ مندر جيڪو 1850ع جو ٺهيل آهي. هن مندر جي ڏکڻ ۾ نو قبا آهن جيڪي ”نو گزپير“ (نو والن جي پير) جي نالي سان مشهور آهي.
    رهائش لاءِ سستيون هوٽلون رليف روڊ ۽ ريلوي اسٽيشن وٽ جام آهن پر اهي سڀ گوڙ گهمسان واريون هوٽلون آهن. ڪجهه مهانگين هوٽلن جا نالا هن ريت آهن: هوٽل ساحل، هوٽل بلواس، هوٽل Kingsway، ميٽروپول هوٽل، هوٽل Mehul ، هوٽل گڊنائيٽ، هوٽل ڪپري، هوٽل سريتا، ايمبسڊر هوٽل، هوٽل الف انٽر نيشنل، توران گيسٽ هائوس وغيره. انهن هوٽلن جي مسواڙ پنج سؤ رپين جي لڳ ڀڳ آهي.
    احمد آباد کان هي ريل گاڏيون بڙودا، ڀاءُ نگر، ڀوڄ، دوارڪا، ممبئي، دهلي ۽ اڌيپور ڏي روانيون ٿين ٿيون: شاتا بدي ايڪسپريس، گرنار ايڪسپريس، ڀوڄ فاسٽ پئسينجر، سوراشترا ميل، گجرات ميل، سرووديا ايڪسپريس، اڌيپور ايڪسپريس، وغيره.
    سورت . 2070 ڪلوميٽر
    احمد آباد کان سورت 240 کن ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ آهي. رستي ۾ بڙودا ۽ ڀاورچ جا شهر اچن ٿا. ڀاروچ جنهن کي بروچ به سڏين هن پاسي جو تمام جهونو شهر آهي ۽ ٻه هزار سال پراڻي رڪارڊ ۾ ملي ٿو. شهر جي ڀرسان نرمادا ندي وهي ٿي جنهن جي ڪناري تي هڪ بيحد پراڻو مندر پريگو رشي نالي آهي جنهن تان هن شهر جو نالو ڀريگو ڪاچبا ڀيو جيڪو پوءِ فقط Bharuch سڏجڻ لڳو. هن شهر کان پوءِ هيٺ سگهو ئي پنجاهه کن ڪلوميٽرن تي سورت جو شهر آهي جيڪو تاپتي نديءَ جي ڪناري تي آهي جيڪا خليج ڪئمبي (Bay of Combay) ۾ ڇوڙ ڪري ٿي جيڪو سمنڊ جو حصو عربي سمنڊ جو آهي. ان کان علاوه خليج ڪڇ به عربي سمنڊ جو حصو آهي جنهن جي منهن وٽ مانڊوي، اوکها، دوارڪا ۽ پوربندر جهڙا بندرگاهه آهن ۽ اهي بندرگاهه ڪراچي ۽ پورٽ قاسم جي بلڪل ويجهو آهن. ڪراچي کان حيدرآباد به پري آهي پر هي بندرگاهه ويجها آهن تڏهن ته اسان جا توڙي انڊيا جا مهاڻا خراب موسم ۽ سمنڊ ۾ سامونڊي سرحدون لتاڙيو ڌارين ملڪن کان وڃيو نڪرن پوءِ اتي غيرقانوني اچڻ جي ڏوهه ۾ جيل داخل ٿيو وڃن. ڪجهه اهڙي ئي ٿيم تي انڊيا جي فلم انڊسٽريءَ ”مين هون نا“ فلم ٺاهي آهي، جنهن ۾ انڊيا جي حڪومت غريب قدين (پاڪستاني) مهاڻن کي آزاد ڪرڻ چاهي ٿي.
    سورت اهو شهر آهي جتي ايران جي شهر پارس کان لڏي آيل باهه جا پوڄاري (Zoroasters) ٻاهرين صديءَ ۾ اچي رهيا. جيستائين بمبئي وڌيو ويجهيو نه هو ته سورت انڊيا جو مشهور بندرگاهه ليکيو ويو ٿي جتان هندستان جا ماڻهو حج لاءِ مڪي مديني روانا ٿيندا هئا.
    سورت شهر ۾ انگريزن جي مشهور قبرستان کان علاوه ڊچن ۽ آرمينين جو به قبرستان آهي. هتي ڪيتريون ئي مسجدون ۽ هند، جين ۽ پارسين جا مندر آهن. شهر ۾ ٻه اڍائي سؤ رپين واريون سستيون هوٽلون ريلوي اسٽيشن جي ڀرسان آهن جيئن ته روپالي گيسٽ هائوس، شمله گيسٽ هائوس، سروا جانڪ هوٽل وغيره. هوٽل سينٽرل ايڪسيلنسي هوٽل يوراج ۽ ايمبسي هوٽل جهڙين جي مسواڙ هزار رپيه کن آهي.
    سورت شهر ۾ احمد آباد يا ممبئي کان ريل گاڏيءَ ذريعي به پهچي سگهجي ٿو. ممبئي کان سورت 263 کن ڪلوميٽر آهي ۽ ريل گاڏي پنج ڪلاڪ کن وٺي ٿي ۽ رستي تي وڏي اسٽيشن فقط دمان آهي.
    ممبئي . 2350 ڪلوميٽر
    ممبئي سورت شهر کان 280 کن ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ آهي. ممبئي شهر پهچڻ تي ڪار جي آڊوميٽر ۾ 2350 ڪلوميٽر ٿيا. ممبئي (جيڪو انگريزن جي ڏينهن ۾ بمبئي سڏيو ويو ٿي) مهاراشٽرا رياست ۾ آهي جيڪا انڊيا جي وڏين رياستن مان هڪ آهي. تمام گهڻي آدمشماريءَ واري ۽ واپار وڙي ۽ ناڻي جي ڏيتي ليتيءَ کان تمام گهڻي اهم رياست آهي. ممبئي مهاراشٽرا جي گاديءَ جو هنڌ پڻ آهي جتي مرهٺي ۽ هندي زبان عام ڳالهائي وڃي ٿي. بمبئي (ممبئي) ڌارين لاءِ بالي ووڊ جي فلمي دنيا، چوپاٽيءَ تي ڀيل پوري کائڻ، سمنڊ جو ڪنارو، ڳاڙهي رنگ جون ڊبل ڊيڪر بسون، ڪماٿيپورا علائقي جو چڪلو، شهر جا شراب خانا ۽ شاپنگ جو ٻيو نالو پڻ آهي.
    ممبئي دراصل ست کن ٻيٽن جو مجموعو آهي جيئن کڻي چئجي ته جپان، فلپين ۽ انڊونيشيا آهي. پر انهن ملڪن ۾ وڏا ۽ گهڻا ٻيٽ اچي وڃن ٿا ۽ بمبئي شهر ۾ منهوڙي جهڙا يا ان کان ٿورا وڏا ٻيٽ آهن. هنن ٻيٽن تي ڪنهن زماني ۾ ڪولي قوم جا مهاڻا رهيا ٿي جن جون جهوپڙيون اڃا به بمبئي شهر جي هڪ سامونڊي ڪناري تي قائم آهن جين هاڪس بي ۽ سئنڊش پٽ ڪراچي ۾ اڄڪلهه خوصبورت ۽ ماڊرن بنگلا (Huts) ٺهڻ جي باوجود هتي جي اصلي مهاڻن جو ڪچا ڳوٺ ۽ ان ۾ ٺهيل پراڻيون جهوپڙيون موجود آهن.
    بمبئي جي هنن ٻيٽن تي هندن جي مختلف گهراڻن جي حڪومت هلندي رهي ۽ پوءِ چوڏهين صديءَ ۾ مسلمانن جي حملي بعد انهن جي حوالي ٿيا ۽ پوءِ سورهين صديءَ ۾ گجرات جي سلطان 1534ع ۾ هي ٻيٽ پورچو گالين حوالي ڪيا.
    پورچو گالين انهن ٻيٽن تي ڪو خاص ڌيان نه ڏنو ۽ ائين ويران رهيا. پورن 127سالن بعد (سن 1661ع ۾) پورچو گال جي بادشاهه جي ڌيءَ ڪئٿرين جي شادي انگلينڊ جي شهزادي چارلس ٻئي سان ٿيڻ تي ڏيج ۾ بمبئي انگريزن کي ڏنو ويو. انگلينڊ جي حڪومت چئن سالن بعد (1665ع ۾) اهي ٻيٽ ٽن سالن لاءِ ايسٽ انڊيا ڪپمني وارن کي ڏهه پائونڊ سالياني مسواڙ تي ڏنا. ان بعد بمبئي يڪدم وڌڻ ويجهڻ لڳي. بمبئي جو بندرگاهه هڪ قدرتي بندرگاهه هجڻ ڪري جهارن کي اچڻ وڃڻ ۾ سهوليت ٿي. ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ وارن ننڍي کنڊ توڙي اوسي پاسي جي ملڪن جي ماڻهن کي هتي رهڻ جي اجازت ڏني. هنن امن امان ۽ مذهب جي آزادي ڏني. نتيجي ۾ سنڌي ۽ گجراتي هندو واپاري، سک ۽ پنجابي چوڪيدار ۽ سپاهي، ايران کان پارسي، پورچو گالين جي ڊپ کان ڏکڻ ڏي ڀڄي ويل هندو هتي اچي رهڻ لڳا. (انگريزن پينانگ ۽ سنگاپور جهڙن ٻيٽن کي به اڳتي هلي ائين وڌايو جيڪي هن کان صديون اڳ مهاڻن جون ويران وستيون هيون). ويهن سالن اندر بمبئي ايڏو سٺو شهر ۽ مشغول بندرگاهه ٿي ويو جو ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ پنهنجي پريزيڊنسي سورت شهر مان شفٽ ڪري بمبئي آندي. بمبئيءَ جو مشهور قلعو 1720 ع ۾ ٺهرايو ويو ۽ بمبئي جي ستن ننڍن ٻيٽن کي ملائڻ لاءِ سڄي Land Reclaimation جو حڪم هلندو رهيو. يعني هتان هتان مٽي کڻي يا جبل ٽڪريون ڀڃي انهن جي مٽي ۽ پٿرن سان ٻيٽن جي وچ وارو سامونڊي حصو ڀريندا رهيا جيئن اهي سامونڊي گهٽيون مٽيءَ سان ڀرجي باقي ٻيٽن سان ملي يڪي ڌرتي ٿي وڃي. جيئن اڄ جو بمبئي نظر اچي ٿو.
    بمبئي جو وڌڻ ۽ مشهور ٿيڻ 1853ع کان پوءِ ٿيو جڏهن انڊيا جي پهرين ريلوي لائين بمبئي کان ٿانا تائين ٺهي راس ٿي ۽ ڪل وارن جهازن (آگبوٽن) جو اچڻ شروع ٿيو هو. ٻئي سال 1854ع ۾ بمبئي ۾ ڪپهه جا ڪارخانا لڳايا ويا. 1869ع ۾ سئيز ڪئنال کلڻ ۽ بمبئي جي بندرگاهه کي وڏو ڪرڻ سان بمبئيءَ جا وارا نيارا ٿي ويا. بمبئي جيڪو پهرين ستن ٻيٽن تي مشتمل هو هاڻ هڪ يڪو ٻيٽ آهي جيڪو پلين ذريعي باقي سرزمين (Mainland) مهاراشترا رياست سان مليل آهي. بمبئي جو اهم، امير ۽ گهماگهمي وارو حصو سندس ڏاکڻو پوڇڙ آهي جيڪو ڪولابا (Colaba) سڏجي ٿو جتي بمبئي ايندڙ هر سياح، گهمڻ جو شوقين ۽ مسافر پهچيو وڃي. مشهور هوٽل تاج محل ۽ Gateway to India به هتي ڪولابا ۾ آهي.
    ڪولابا واري علائقي جي اتر وارو علائقو فورٽ سڏجي ٿو جتي ڪنهن زماني ۾ انگريزن قلعو ٺهرايو هو جيڪو پوءِ ڊهي ويو پر اهو هنڌ اڄ به فورٽ سڏجي ٿو جتي ڪراچيءَ جي صدر ۽ بولٽن مارڪيٽ وارن علائقن وانگر انگريزن جي ڏينهن جون Colonial عمارتون آهن. جنرل پوسٽ آفيس، وڪٽوريا ٽرمينس ۽ ٻين آفيسن جون عمارتون ۽ بئنڪون هتي آهن. بمبئيءَ جي وڏي ريلوي اسٽيشن چرچ گيٽ (جنهن جو هاڻ نئون نالو چنتامن ديش مکهه ٽرمينس آهي) پڻ هتي آهي. اڳيان اولهه ۾ مئرين ڊرائيو آهي جيڪا اڪثر انڊين فلمن ۾ ڏيکاري ويندي آهي. سمنڊ جي ڪناري تي ڪلفٽن جي سي ويو ڊرائيو وانگر ٺهيل هي ڊگهو رستو تمام سهڻو لڳي ٿو جنهن تي اڪثر هيرو ۽ هيروئن ڊوڙندي يا دگانو ڳائيندي نظر ايندا آهن. يعني فلمن ۾. اڳيان چوپاٽي بيچ ۽ مالابار هل جون اوچيون رهائشي عمارتون ۽ فليٽ آهن. هي سڄو علائقو ڏکڻ بمبئي سڏجي ٿو. (پاڻي واري جهاز ۾ اچڻ وقت پهرين اهو علائقو نظر اچي ٿو ۽ اسان جاجهاز گهڻو ڪري ڪولابا وٽ ايندا آهن يا ساسون ڊاڪ ۾ مرمت ٿيندا آهن.)
    چوپاٽي وٽ ڪملا نهرو پارڪ آهي ۽ اولهه ۽ مالابار هل، مٿي اتر طرف بمبئي جا ٻيا علائقا ورلي، ماهيم، جوهو چيمبور وغيره آهن. ورلي ۽ باندرا جي وچ ۾ دادر آهي. بمبئي شهر جا هي علائقا ائين آهن جيئن اسان وٽ ڪلفٽن، ڊفينس، صدر، باٿ آئلينڊ، ناظم آباد، گلشن وغيره ”جوهو“ ۽ انڌيريءَ وٽ بمبئي جا ٻه هوائي اڏا سحر ايئرپورٽ ۽ سانٽا ڪروز آهن.
    دهلي ۽ ڪلڪتي وانگر بمبئي به اهڙو شهر آهي جيڪو هڪ يا ٻن ڏينهن ۾ ته ڏسي نٿو سگهجي. هن لاءِ جيترا ڏينهن هجن ٿورا آهن. بمبئي انڊيا جو مهانگو شهر چيو وڃي ٿو جو هتي رهائش کان وٺي کاڌو پيتو ۽ سواري مهانگي آهي. وري به جيڪي ڪجهه سستيون هوٽلون آهن اهي آهن: ڪولابا ۾ ”دي سالويشن آرمي ريڊ شيلڊ هاسٽل،“ نوروجي فريدون جي روڊ تي هوٽل وولگا ٽو، ميري ويدر روڊ تي ڪارلٽن هوٽل، ڪولابا ڪازوي وٽ مٿراداس اسٽيٽ بلڊنگ ۾ اپولو گيسٽ هائوس، اوليور روڊ تي بينٽلي هوٽل ۽ ان کان علاوه ٻيون آهن: هوٽل موتي انٽرنيشنل، سي شور هوٽل، انڊيا گيسٽ هائوس، ماريا لاج، YWCA... وغيره اهي سڀ ڪولابا ۾ آهن. فورٽ واري علائقي جو ڪجهه سستيون هوٽلون هن ريت آهن: هوٽل لارينس، بينظير هوٽل، هوٽل ماناما، فرنانڊز گيسٽ هائوس، هوٽل سٽي پليس، YWCA وغيره.
    پوني . 2510 ڪلو ميٽر
    بمبئي کان پوني ايڏو پري ناهي. ريل رستي 180ڪلو ميٽر ٿئي ٿو نه ته باءِ روڊ 160کن ميل. اها ٻي ڳالهه آهي ته بمبئي (ممبئي) مان مسافر ڪٿان ٿو نڪري. جيئن ڪراچيءَ کان حيدرآباد ڪو سهراب ڳوٺ يا نارٿ ناظم آباد مان نڪرندو ته هن کي ماريپور يا ڪياماڙي واري کان حيدرآباد ويهارو کن ميل ويجهو پوندو. پوني لاءِ روزانو ٻه ريل گاڏيون دکن ڪوئين ۽ دکن ايڪسپريس بمبئيءَ کان روانيون ٿين ٿيون.
    مرهٺن جو وڏو ليڊر شيواجي پوني ۾ ننڍو ٿي وڏو ٿيو. پوني شهر 1599 ع ۾ هن جي ڏاڏي حوالي ٿيو هو جيڪو پوءِ برهمن پيشوا فئملي جي طاقت جو مرڪز رهيو تان جو 1817ع ۾ انگريزن هن شهر تي قبضو ڪيو. سمنڊ جي سطح کان ڪافي مٿي هجڻ ڪري پوني جي آبهوا بمبئي وانگر گهميل ۽ ٻوساٽيل ناهي. دورابجي سپر مارڪيٽ جي ڀر ۾ هڪ فاسٽ فوڊ ۾ ٻه اسي سالن جون پارسي جاڙيون ڀيڻون آهستي آهستي برگر کي ننڍا ننڍا چڪ هڻي چٻاڙي رهيون هيون. سندن نالا جارو ۽ دينو سکيا هو. هو خوش هيون ته هو انڊيا ۾ ڄايون ۽ پوني شهر ۾ وڏيون ٿيون. هنن کي دهليءَ جي سياستدانن تي سخت چڙ هئي ته هو مختلف مذهبن ۽ زبان ڳالهائيندڙن جي وچ ۾ نفرتون پيدا ٿا ڪن.
    پوني ۾ ڪيترائي تعليمي ادارا ۽ اسپتالون آهن. ڪجهه ته حيدرآباد سنڌ کان انڊيا لڏي آيل ساڌو واسواڻي به ٺهرايا آهن پر انگريزن جي ڏينهن کان پونو تعليمي ڳالهين کان مشهور آهي. هتي جي يونيورسٽي انگلينڊ جي آڪسفورڊ جي اسٽائيل جي هجڻ ڪري ان کي Oxford of the East ٿا سڏين. (پوني جو ايگريڪلچر ڪاليج ۽ هاڻي يونيورسٽي تمام پراڻي آهي جتان منهنجي والد صاحب گل محمد شيخ 1942ع ۾ B.scڪئي.)
    پوني ۾ا يندڙ ڪيترن مغربي سياحن جي دلچسپي ڀڳوان رجنيش جو آشرم آهي جيڪو (Osho Commune International سڏجي ٿو. پوني شهر مٿا (Mutha) ۽ مولا (Mula) ندين جي ميلاپ وٽ آهي. اسان جهڙن ڌارين ماڻهن جي رهائش لاءِ گهٽ اگهه واريون هوٽلون ۽ ريسٽورنٽون ريلوي اسٽيشن وٽ ئي آهن. ڪجهه هوٽلون نهرو اسٽيڊيم جي ڀرسان سوار گيٽ بس وٽ آهن.
    پوني ۾ گانڌي نيشنل ميموريم ڏسڻ وٽان آهي. اهو 1892ع ۾ امام سلطان محمد شاهه آغا خان ٽئين ٺهرايو هو ۽ 1956ع تائين آغاخان جو محل هو ان بعد ان کي اسڪول ٺاهيو ويو. 1969ع ۾ اها عمارت آغا خان چوٿين انڊيا جي حڪومت کي ڏئي ڇڏي.
    1942ع ۾ مهاتما گانڌيءَ جڏهن ”انڊيا ڇڏيو“ Quit India تحريڪ تي بمبئي ۾ تقرير ڪئي ته انگريز سرڪار هن کي ۽ ٻين تحريڪ جي ليڊرن کي هن عمارت ۾ ٻن سالن لاءِ اندر رکيو. گانڌيءَ جي زال ڪمتوربا ۽ گانڌي جو پراڻو سيڪريٽري مهاديو ڀائي ڏيسائي هن قيد دوران گذاري ويا. هنن ٻنهي جي خاڪ (سمڌي) هن عمارت جي باغ ۾ ٺهيل مقبرن ۾ آهي. انگريزي فلم ۾ به هيءَ عمارت ڏيکاريل آهي.
    پوني جون ڪجهه سستيون پر بهتر هوٽلون هن ريت آهن: ولسن گارڊنيس ۾ هوٽل هوم لئنڊ، اتي ئي هوٽل النڪار ۽ ملن لاج ۽ اڳتي اسٽيشن جي سامهون ساسون روڊ تي دي نيشنل هوٽل، ڪناٽ روڊ جي پاسي هوٽل شاليمار، مهاتما گانڌي روڊ وٽ گرانڊ هوٽل ۽ هوٽل ساراس وغيره.
    پناجي . گوا. 3010 ڪلو ميٽر
    هڪ اهڙو دؤر آيو جو يورپ جا ملڪ. خاص ڪري انگلينڊ، پورچو گال، اسپين، هالينڊ، فرانس ويندي اٽلي ۽ جرمني ويا ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن تي قبضو ڪندا. ٽيڪنالاجي، ائڊمنسٽريشن، نيويگيشن جي علم، ڊسيپلين ۽ عقل کان ڪم وٺي هو مڪاني حڪومتن ۽ حاڪمن کي مطيع ڪندا ويا. اسان جي ننڍي کنڊ تي به فقط انگريزن جو قبضو نه رهيو پر ڊچ، پورچو گالين ۽ فرينچن جو به رهيو. بلڪ پورچو گالي ته سڀ کان پهرين هندستان، سريلنڪا توڙي ملايا پاسي پهتا ۽ پوءِ ڊچ (هالينڊ نيدر لئنڊر وارا). انگريز ته بعد ۾ آيا پر اهي جتي به آيا ٿي ڄمي رهيا ٿي. هندستان تي، ملائيشيا ۽ سريلنڪا تي به آخر ۾ انگريزن حڪومت ڪئي ۽ گهڻو عرصو رهيا. اتي آيل ٻيا سڀ يورپي ڀڄي ويا ۽ سڄو ميدان انگريزن حوالي ڪري ڇڏيائون. البت ڪجهه پاڪيٽ جيئن ننڍي کنڊ ۾ گوا ۽ ملايا ۾ ملاڪا جهڙا آخر تائين پورچو گالين حوالي رهيا جتي اڄ به مڪاني زبان سان گڏ پورچو گالي ڳالهائي وڃي ٿي ۽ جتي پورچو گالي رهائش جو نمونو، ڪلچر، کاڌا پيتا ۽ ويس وڳا عام هلن ٿا.
    جن ڏينهن ۾ پورچو گالي يا انگريز ننڍي کنڊ ۾ آيا انهن ڏينهن ۾ جهڙو سکيو ستابو انگلينڊ يا پورچو گال هيو اهڙو ئي ننڍو کنڊ انڊيا هو. بلڪ ڏٺو وڃي ته انڊيا کاڌي پيتي، موسم ۽ ڪلچر ۾ يورپ کان وڌيڪ سکيو ستابو هو جنهن جي مقابلي ۾ يورپ جا ماڻهو بک پئي مئا جو نه ايڏي پوک هئي نه سٺي موسم. اليڪٽرڪسٽي ۽ مشينون نه هجڻ ڪري سياري جي موسم ۾ ته يورپ وارن جو ساهه ٿي ويو. بهرحال ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن تي قبضو ڪرڻ بعد انگريزن ته سياڻپ ڪئي ۽ مڪاني ماڻهن کي پري رکيائون پر پورچو گالين ۽ ڪيترن ملڪن (سري نام، ويسٽ انڊيز پاسي) ۾ ڊچن به مڪاني ماڻهن کي پنهنجي ملڪ جو ماڻهو Citizen تصور ڪيو ۽ قاعدا قانون به اهي لاڳو ڪيائون جيڪي سندن ملڪ ۾ هئا. اهوئي حال گوا جو هو. 1960ع تائين (جڏهن انڊيا مڪمل طور گوا کي انڊيا سان ملائي انڊيا جي يارهين رياست جو درجو ڏنو) گوا جي ماڻهن جي قوميت پورچو گالي هئي ۽ کين پورچو گال جو پاسپورٽ هو. ڪيترن کي اڃا تائين لسبن (پورچو گال) کان به پينشن اچي ٿي. گوا انڊيا جي رياست بنجڻ بعد اڄ به منجهس ڪيترا قاعدا قانون پهريان جا آهن جيڪي پورچو گال (يورپ) ۾ آهن. جهڙوڪ پورچو گال جي سامونڊي ڪنارن وانگر گوا جي سامونڊي ڪنارن تي به اگهاڙو ٿي هلڻ ۽ وهنجڻ جي اجازت آهي. شاديءَ بعد مڙس جي ملڪيت (گهر، دڪان، گاڏي وغيره) جو اڌ زال نالي ٿيو وڃي ان ڪري گوا جي ڇوڪرين کي Economicallyوڌيڪ حفاظت مليل آهي. هونءَ به انڊيا جون هندو ڇوڪريون وڌيڪ تعليم يافته هجڻ ڪري اوسي پاسي جي ملڪن کان وڌيڪ Bold ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ سمارٽ آهن پر گوا جون ڇوڪريون سڄي هندستان جي ڇوڪرين کان وڌيڪ تيز آهن جو هنن کي مڙسن جو به ڊپ ناهي. ٻي ڳالهه ته هو تعليم ۾ هندستان جي باقي رياستن کان به گهڻو اڳيان آهن. گوا ۾ تعليم 80سيڪڙو آهي جڏهن ته اسان وٽ پاڪستان ۾ هاڻ وڃي مس مس 30 سيڪڙو کي پهتي آهي. سريلنڪا ۽ ملائيشيا ۾ نوي سيڪڙو آهي.
    گوا مهاراشٽرا ۽ ڪرناٽڪا رياستن جي وچ ۾ عربي سمنڊ پاسي اٽڪل 3700 چورس ڪلوميٽر آهي. منجهس مراهٺي ۽ ڪوناڪي زبانن کان علاوه انگريزي ۽ پورچو گالي به ڳالهائي وڃي ٿي. منجهس مشهور ريلوي اسٽيشنون مارگائو ۽ ٻي واسڪو ڊي گاما آهي. گوا انڊيا جي سڀ کان ننڍي رياست آهي ۽ سندس گاديءَ جو هنڌ پاناجي (Panaji) شهر به ٻين گادي وارن شهرن: ڪلڪتي، بمبئي، امرتسر وغيره کان تمام ننڍو آهي. سڄي گوا جو ماحول باقي سڄي هندستان کان مختلف آهي. ويندي انڊيا جا ماڻهو گوا گهمڻ لاءِ اچن ٿا ۽ اڄ به ممبئي بعد ٻئي نمبر تي گهڻا سياح گوا اچن ٿا ۽ گواجي ماڻهن جي وڏي ڪمائي ٽوئرزم مان آهي. يورپ ۽ آمريڪا جا ماڻهو هتي پراڻا ڪليسا گهر (Churches) ۽ ڪئٿيڊرل ڏسڻ اچن ٿا. هو خوبصورت سامونڊي تانگهن ڪنارن (Beaches) ، سامونڊي کاڌن نجاچ گهرن ۽ آزاد ماحول جو مزو ماڻڻ چاهين ٿا. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هڪ گواني غريب توڙي امير جو گهر، اسٽائيل، ڳالهائڻ ٻولهائڻ جو طريقو ۽ Behaviour باقي انڊيا جي ماڻهن کان مختلف آهي. انڊين فلمن ۾ گوا ۽ اتي جي ماڻهن جي Life style جون جهلڪيون اڪثر نظر اچن ٿيون خاص ڪري راجڪپور جي بابي (Bobby) فلم جنهن ۾ پريم ناٿ ۽ ڊمپل ڪپاڊيا (راجيش کنا جي زال) گواني ٿيا آهن.
    گوا جي تاريخ 300 سال قبل مسيح پراڻي آهي جڏهن گوا چندر گپت موريا جي حڪومت ۾ آيو ٿي. ان بعد مختلف هندو حاڪمن ۽ حڪومتن جي هٿ ۾ رهندي آخرڪار پهريون دفعو 1312ع ۾ مسلمانن جي هٿ ۾ آيو پر پوءِ 1370ع ۾ وجي نگر سلطنت جي حاڪم هري هارا جي حوالي ٿي ويو. وڃي نگر جي حاڪمن جي هٿ ۾ گوا اٽڪل هڪ سؤ سال کن رهيو. هن حڪومت لاءِ عربستان کان ايندڙ گهوڙا گوا جي بندر گاهن ۾ اچي لهندا هئا. 1469ع ۾ گلبرگا جي باهماني سلطانن گوا کي فتح ڪيو. هن گهراڻي جي ٽٽڻ بعد هي علائقو (Goa) بجاپور جي عادل شاهين حوالي ٿيو. اڄ گوا جي گاديءَ واري شهر پاناجي ۾ جيڪا سيڪريٽريٽ بلڊنگ آهي اهو پندرهين صديءَ جي عادل شاهه جو ٺهرايل محل آهي. اهو محل پورچو گالين جي دؤر حڪومت ۾ هنن جي وائسرائن جو رهائشگاهه پڻ رهيو.
    پورچو گالي الفنسو ڊي البقر ق جي اڳواڻيءَ ۾1512 ع ۾ گوا پهتا. هنن جو مقصد دنيا ۾ عيسائيت جي تبليغ ڪرڻ پڻ هئي. 1542ع ۾ هنن جو وڏو عالم ۽ بزرگ سينٽ فرانسز زئويئر گوا ۾ آيو هو. (بعد ۾ ملائيشيا جي شهر ملاڪا ۾ به ويو هو جتي ان وقت جو عبادت گهر ۽ هن پادري جو وڏو Statue آهي.) سورهين ۽ سترهين صدي گوا جو سونهري دؤر هو جڏهن پورچو گالين جي اوسي پاسي جي سمورين حڪومتن جو مرڪز گوا هو جيڪو پورچو گال جي Viceregal Seat هئي. پورچو گالين جي انهن ڪالونين ۾ ڪجهه هي هيون: تمور، مڪانو، موزمبق وغيره.
    هندستان جي ورهاڱي بعد به گوا تي پورچو گالين جو ڪجهه سنئون سڌو ۽ ڪجهه Indirect راڄ قائم هو پر پوءِ 1961ع ۾ انڊيا پورچو گالين کي ٽپڙ ٻڌرائي گوا کي ٻين رياستن وانگر نئين رياست جو درجو ڏنو. گوا پهچڻ لاءِ سامونڊي رستو بهترين رهيو آهي ۽ انڌو منڊو باءِ روڊ به هو پر پوءِ انڊيا جي مڪمل قبضي ۾ اچڻ بعد انڊيا حڪومت گوا کي ممبئي ۽ مئنگلور سان براڊ لائين ذريعي ملايو آهي جيڪو دنيا جي مشڪل رستن مان آهي. فقط گوا کان مئنگلور 760 ڪلوميٽر Konkanريلوي لائين 145پلين ۽ ڪيترن ئي ٽنلن مان لنگهي ٿي جنهن جي جملي ڊيگهه 75 کن ڪلوميٽر ٿئي ٿي.
    گوا ٻن حصن (ضلعن) ۾ ورهايل چئي سگهجي ٿو: اتر گوا جنهن ۾ سڄي گوا جي گاديءَ جو هنڌ پاناجي آهي جنهن کي Panajimبه سڏين ۽ ٻيو ڏکڻ گوا. پاناجي شهر جي آدمشماري ڏيڍ لک مس ٿيندي ۽ ماندووي نديءَ جي ڏاکڻي ڪپر تي اڏيل آهي. هي شهر گوا جي سرڪاري طرح گاديءَ جو هنڌ 1843ع ۾ ٿيو. پورچو گالي زبان جا بورڊ اڄ به شهر ۾ نظر اچن ٿا. گوا ۾ سستي رهائش لاءِ کوڙ جايون نديءَ وٽ (بس ٽرمينل ۽ ٽوئرسٽ آفيس جي وچ ۾) پئٽو ٽورسٽ هوم ۾ توهان کي ڊبل بيڊ جو ڪمرو چار سؤ رپين ۾ ملي ويندو. ان کان علاوه ميرا مار واري علائقي ۾ يوٿ هاسٽل، اوئرم (Ourem)نديءَ وٽ اديپي بورڊنگ ائنڊ لاجنگ، هوٽل ايمبسي ۽ ان جي ڀرسان پئلس هوٽل، Jose Falcao روڊ تي ريپبليڪا هوٽل ۽ ان جي ڀرسان مانڊووي پرل گيسٽ هائوس، پارڪ لين لاج، افونسو گيسٽ هائوس.... وغيره وغيره. سڀ سستيون رهائشون آهن جن ۾ يورپي توڙي ايشيائي رهن ٿا. هر وقت مينهوڳي واري موسم هجڻ ڪري ايئرڪنڊيشنر جي به ضرورت ناهي. دهلي، احمد آباد ۽ بمبئي جي گهٽين جهڙو گوڙ شور به ناهي. هڪ ٻي سستي هوٽل Neptune نالي آهي جيڪا ماندووي ندي جي ڀرسان ملاڪا روڊ تي آهي. (هن روڊ جو نالو ملائيشيا جي شهر ملاڪا تان پيو آهي جتي جي نيول اڪيڊمي ۾ مون اٺ سال کن مڪاني آفيسرن کي مئرين اجنيئرنگ پڙهائي ۽ جهاز هلائڻ سيکاريو. گوا وانگر ملاڪا تي به پورچو گالين جو قبضو رهيو ۽ شهر جو هڪ حصو اڄ به پورچو گيز ڪوارٽر سڏجي ٿو ۽ اتي جا رهندڙ ملائيشين ملئي زبان سان گڏ پورچو گالي به ڳالهائين ٿا. هن شهر جو تفصيلي ذڪر ”مڪلي کان ملاڪا“ ڪتاب ۾ ڪري چڪو آهيان).
    بئنگلور. 3530 ڪلو ميٽر
    بئنگلور پهچي مون پنهنجي ڪار جي ميٽر ۾ ڏٺو. سرينگر ڪشمير کان وٺي ڪرناٽڪا صوبي جي گاديءَ واري هن شهر بئنگلور تائين پهچڻ ۾ ساڍا ٽي هزار ميل ٿي ويا هئا. گوا جي شهر پاناجي ۾ رات رهڻ بعد هيٺ ڏکڻ۾ بئنگلور پهتس. هونءَ سامونڊي ڪنارو ڏيئي مئنگلور به وڃي سگهيس ٿي جيڪو پڻ هن صوبي ڪرناٽڪا جو شهر آهي ۽ ڪيترا يورپي مئنگلور ۽ بئنگلور ۾ ڀلجي پوندا آهن جو ٻئي اهم ۽ تاريخي شهر آهن. ٻئي گهمڻ وٽان آهن. هاڻ بمبئي ۽ ٻيا وڏا بندرگاهه ٿي پيا آهن نه ته ڪنهن زماني ۾. خاص ڪري حيدر علي جي بادشاهت ۾ مئنگلور مشغول بندرگاهه ۽ جهازن ٺهڻ جو مرڪز هو. ظاهر آهي انهن ڏينهن ۾ انجڻ بنا ڪاٺ جا جهاز ٺهيا ٿي جيڪي سڙهن تي هلندا هئا. بهرحال مئنگلور هاڻ سورت، پور بندر، ويروال جهڙو غير اونهو ۽ ننڍو بندر گاهه آهي جتان ننڍا جهاز ۽ ٻيڙا هندستان جي ڪافي ۽ کاڄا کڻي اوسي پاسي جي ويجهن بندرگاهن. خاص ڪري گلف جي بندرگاهن ڏي روانو ٿين ٿا. شهر جي آدمشماري ڇهه لک کن ٿيندي. رومن ڪنئٿولڪ عيسائي ڪافي رهن ٿا. منجهس ڪجهه مندر ۽ انگريزن جي زماني جا ناليرا اسڪول ۽ ڪاليج آهن. هتي جي يونيورسٽي پڻ پراڻي ۽ جڳ مشهور آهي. بهرحال تعليمي ادارن ۾ ته انڊيا جو مقابلو ڪيترا يورپي ملڪ به نٿا ڪري سگهن.
    بئنگلور ۽ مئنگلور تقريبا هڪ ئي ويڪرائي ڦاڪ Latitude تي آهن. ڪرناٽڪا رياست جنهن ۾ هي ٻئي شهر آهن پهرين ميسور سڏبي هئي پر پوءِ انڊيا حڪومت صوبن جي نئين سنئين ونڊ ورڇ ڪري هن جو نالو ميسور بدران ڪرناٽڪا رکيو. هتي جي زبان ڪاناڊا آهي جيڪا اردو ۽ هنديءَ سان نه پر ڏکڻ هندستان جي ٻين زبانن تامل، تيلگو، مليالم وغيره سان ملي ٿي.
    بئنگلور اهو شهر آهي جيڪو ڪمپويٽر ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي واهپي جي وڌڻ ڪري سڄي دنيا ۾ مشهور ٿي ويو آهي ۽ هن کي انڊيا جو Silicon valley سڏيو وڃي ٿو. بئنگلور ۾ نه فقط ڪمپيوٽر ۽ It جا تعليمي ادارا آهن پر ملڪي ۽ غيرملڪي ڪارخانا پڻ. دنيا جي مختلف ملڪن ۾. خاص ڪري آمريڪا جي ڪمپيوٽر ڪارخانن ۽ ادارن ۾ سڀ کان گهڻا بئنگلور جا Graduates ڪم ڪن ٿا. آمريڪا جي ڪيترن ڪارخانن ۽ فئڪٽرين جي مالڪن پنهنجي انڊسٽري آمريڪا بدران بئنگلور لڳائي آهي جو هن کي انڊيا ۾ گهٽ پئسن ۾ سامان ٺهيو ٿو ملي ۽ انڊين پڻ خوش آهن ته کين پگهار ته آمريڪا جي معيار جو ٿو ملي پر خرچ ۽ رهائش انڊيا ۾ هجڻ ڪري هنن جي بچت ئي بچت آهي. اهڙي طرح هتي جا ماڻهون ڏينهون ڏينهن خوشحال ٿيندا وڃن ۽ هو پنهنجو پاڻ کي ٻين انڊين برابر نه پر بمبئي ۽ مئن هٽن (نيويارڪ) جي رهندڙن جهڙو سمجهن ٿا ۽ هن شهر (بئنگلور) کي A City in search of a Soul به سمجهن ٿا. سماجي خيال کان بئنگلور هڪ تمام گهڻو ترقي پسند ۽ Liberalشهر آهي.
    بئنگلور بابت جيڪي ٽوئرزم ڊپارٽمينٽ طرفان بروشر ملن ٿا ان ۾ هن شهر کي ”گارڊن سٽي“ به سڏيو ويو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته شهر ۾ ڪي اهڙا باغ يا پارڪ نظر ته نٿا اچن سواءِ حيدر علي ۽ ٽيپو سلطان جي ڏينهن جي لال باغ جي جيڪو هاڻ Lal Bagh Botanical garden سڏجي ٿو. هي ميسور رياست وارو علائقو مختلف هندو راجائن واٽان ٿيندو 1346ع ۾ پحي نگر سلطنت جي هٿ چڙهيو. وڃي نگر سلطنت جو راڄ 1336ع کان وچ ۽ ڏکڻ هندستان تي شروع ٿيو هو جن پنهنجي گاديءَ جو هنڌ همپي (Hampi) شهر ۾ رکيو هو. ان کان پوءِ 1565ع ڌاري ميسور جا هندو وديار (Wodeyars) پاور ۾ آيا ۽ ڏکڻ هندستان جي وڏي حصي کي قبضي ۾ ڪري ورتائون. هنن پنهنجي گاديءَ جو هنڌ سري رنگا پتنام ڪيو. هي بنا ڪنهن مقابلي ۽ مخالفت جي ٻه سؤ سال حڪومت ڪندا رهيا ۽ پوءِ 1761ع ۾ سندن ڪمزوريءَ جو فائدو وٺي حڪومت جي هڪ مسلمان جنرل حيدر عليءَ حڪومت جي واڳ سنڀالي.
    انهن ڏينهن ۾ هندستان تي انگريز ۽ فرينچ اک رکيو ويٺا هئا ته ڪيئن مڪاني حاڪمن کي ڪمزور ڪري انهن کان ملڪ هڪ طرف کسجي ۽ ٻئي طرف پنهنجي يورپي مخالف کي هيٺاهون ڪري ڪيڪ جو وڏو حصو پنهنجي حوالي ڪجي. ان راند ۾ فرينچن حيدر علي ۽ ٽيپو سلطان جي مدد ڪئي جيئن هو پنهنجي حڪومت کي سگهارو ڪري سگهن ۽ ان مدد جي بدلي ۾ هو فرينچن جي مخالفن انگريزن سان جنگ جاري رکن. 1799ع ۾ انگريزن ٽيپو سلطان کان جنگ جيتي ورتي ۽ هنن پنهنجن ٻالڪن ووديار وارن کي ميسور جي تخت تي ويهاريو.
    ووديار وارا آزادي (1947ع) تائين ميسور تي حڪومت ڪندا رهيا. هو ترقي پسند حاڪم ثابت ٿيا. عوام ۾ هو ايڏو مشهور مڃيا ويا ٿي جو هندستان جي آزاديءَ کان اڳ تائين هن رياست جو گورنر مهاراجائي رهيو.
    بئنگلور ۾ غريباڻي رهائش جون ڪجهه هوٽلون هن ريت آهن: بس ٽرمينل ايريا ۾ صوبيدار چاترام روڊ تي ڪيتريون ئي سستيون هوٽلون آهن: رايل لاج، هوٽل مهاوير، هوٽل ٽوئرسٽ، جنارڌن هوٽل، مهاتما گانڌي روڊ تي نيو سينٽرل لاج،امپيريل لاج، مدراس بئنڪ روڊ تي ايئر لائنز هوٽل، ايوينيو روڊ تي چندر وهار، سري نراسيمها راجا روڊ تي رينبو هوٽل، مشن روڊ تي عورتن لاءِ YWCAاهي سڀئي ٽي يا چار سؤ رپيه مسواڙ واريون هوٽلون آهن.
    ميسور 3730 ڪلو ميٽر
    هندستان جي آزاديءَ تائين ميسور شهر ميسور جي مهاراجن جي تخت جي جاءِ هئي. هيءَ نوابن جي رياست سڏي وئي ٿي.
    ميسور اگربتين کان به مشهور آهي. انڊيا ۾ سڀ کان گهڻا اگر بتين جا ڪارخانا ميسور ۾ آهن. ميسور ۾ ميسور پئلس، چڙيا گهر ۽ ريل ميوزيم ڏسڻ جون شيون آهن. گورنمينٽ هائوس جي اولهه ۾ ويلنگٽن لاج آهي جتي آرٿر ويلسلي (جيڪو بعد ۾ ڊيوڪ آف ويلنگٽن ٿيو) ٽيپو سلطان تي فتح حاصل ڪرڻ بعد هتي رهيو. ميسور پئلس جي اڳيان مهاراجا چمارا جيندر ووديار جو Statue آهي.
    ڪوئم بتور (Coimbatore) 3930 ڪلوميٽر
    ڪوئم بتور 15لکن کن آدمشماري وارو تامل نادر رياست جو هڪ وڏو شهر آهي جنهن کي سهڻو شهر ته نٿو چئي سگهجي پر گهڻن ڪارخانن ڪري ڪجهه گندو ئي لڳي ٿو. هي شهر ڪو اهڙو خاص تاريخي نه پر Industrial شهر چئي سگهجي ٿو. تامل نادو هندستان جو بلڪل ڏاکڻو صوبو آهي جتي صحيح معنيٰ ۾ هندستان جا اصلوڪا رهاڪو دريويدئن نظر اچن ٿا، جتي گهڻو ڪري هر هڪ Vegetranian (ڀاڄيون کائڻ وارو) آهي ۽ گوشت کائيندڙ آرين جو نه برابر اثر رهيو آهي. ويندي انگريز حڪومت جو به هنن ڏاکڻن علائقن تي گهٽ اثر رهيو جيتوڻيڪ هندستان تي قبضو ڪرڻ وقت انگريزن جو اوائلي قبضو مدراس (جيڪو شهر هاڻ چينائي سڏجي ٿو) تي رهيو.
    سريلنڪا، ملائيشيا ۽ سنگاپور پاسي جيڪي انڊين آهن انهن ۾ نوي سيڪڙو انڊين هن صوبي تامل نادو جا آهن. هونءَ به سنگاپور سالن تائين مدراس پريزيڊنسي سان ائين ڳنيڍيل هو جيئن سنڌ بمبئيءَ سان مدراس اڄ به انڊيا جو چوٿين نمبر تي وڏو شهر آهي.
    ڪوئم بتور نويل نديءَ جي ڪناري تي آهي. سندس اصل تامل نالو ڪووائي (Kovai) آهي پر انگريزن پنهنجي سهوليت خاطر ڪوئم بتور رکيو. هي شهر ڪارخانن کان خاص ڪري ٽيڪسٽائيل کان مشهور آهي، شهر ۾ جتي ڪٿي ڪپڙي جا دڪان ۽ درزي نظر ايندا. هن شهر کي ڏکڻ هندستان جو مانچسٽر به سڏين ٿا. هي ڪو اهڙو شهر ناهي جنهن ۾ هلي ملي گهمڻ لاءِ اچجي. ان کان ته اوسي پاسي وارا شهر مدراس، فرينچ ڪالوني پانڊيچيري يا ڏکڻ انڊيا جو پراڻي کان پراڻو شهر مدورائي ڏسجي جيڪو مندرن کان مشهور آهي جيتوڻيڪ بقول هڪ يورپي ٽوئرسٽ جي:
    (Madurai is an animated city packed with pilgrims, beggers, business people, bullock carts and legions of underemployed rickshaw wallas.)
    ٿيرو وانن ٿاپورم 4110 ڪلوميٽر
    ڏکڻ هندستان جي آبهوا بنگلاديش، سريلنڪا ۽ ملائيشيا وانگر سڄو سال جهڙ ڦڙ ۽ مينهن مينهوڳي لڳو پيو آهي. انڊيا جون ٻه رياستون هندستان جي ڏاکڻي ڪنڊ ٺاهين ٿيون. هڪ تامل ناڊو جيڪا بلڪل هيٺ تري تائين هليو وڃي ٿي، جنهن کان پوءِ هندي وڏي سمنڊ جو ڪجهه حصو جيڪو Gulf of manar سڏجي ٿو ۽ پوءِ سريلنڪا ٻيٽ آهي. ڪن هنڌن تي ته سمنڊ ايڏو تانگهو آهي جو جهاز بدران ننڍڙيون ٻيڙيون ئي هلي سگهن ٿيون. جن ذريعي ڏکڻ هندستان جا ماڻهو (خاص ڪري تامل ناڊو رياست جا) مشڪل وقت اچڻ تي يا روزگار جي ڳولا ۾، هيٺ سريلنڪا ويندا رهيا آهن جتان پوءِ وڏن ٻيڙن ۾ ملايا، انڊونيشيا، سنگاپور ۽ ٻين ديسن ڏي. تامل ناڊو جي کاٻي پاسي اولهه ۾ سامونڊي ڪناري ۽ ساڻس مليل سرسبز پٽي ڪيرالا Kerala رياست آهي جتي جي ماڻهن جا منهن مهانڊا ۽ جسامت پڻ تامل ڳالهائڻ واري رياست تامل ناڊو جي ماڻهن جهڙا آهن. سريلنڪا جهڙي آبهوا هجڻ ڪري هتي به انب، انناس، کاڄا، ناريلن جا وڻ ۽ سارين جي پوک عام نظر اچي ٿي. سنڌ ۾ جيڪو سنڌڙي انب آيو آهي اهو پڻ اصل ۾ هتي جو آهي ۽ تامل ناڊو جي شهر مدراس جي نالي سان مدارس الفونسو سڏجي ٿو. سڄي ڪيرالا رياست ۾ مليالم زبان ڳالهائي وڃي ٿي جيڪا ڀر وارين رياستن جي زبانن تامل، ڪانڊا، تيلگو وغيره سان گهڻو ملي ٿي. ٿيرو وانن ٿاپورم هن رياست ڪيرالا جي گاديءَ جو شهر آهي. منهنجي خيال ۾ هن کان ڏکئي ۽ وڏي نالي واور ڪو شهر گهٽ ۾ گهٽ انڊيا ۾ نه هوندو، جنهن ۾ الفابيٽ جا ارڙهن اکر (THIRUV ANANTHAPURAM) اچن ۽ جيڪو اسان انڊين پاڪستانين کان نٿو اچاريو ٿئي سو انگريزن لاءِ پڪ ڏکيو ثابت ٿيو هوندو، تڏهن ته هنن هن شهر جو به ڪلڪتي، بنارس ۽ بڙودا وانگر پنهنجو نالو تري وندرم (Trivandrum) رکيو ۽ ٻيو نه انگريزي لفظ ٽراءِ، وئن ۽ ڊرم ياد ڪري هن شهر جي اسپيلنگ لکي وٺندا هئا. بهرحال هن نانگ جهڙي ڊگهي مليالم ۽ تامل زبان جي لفظ جي معنيٰ ”پاڪ نانگ جو شهر“ آهي. (تنهن جي ته معنيٰ ته هي هڪ لفظ ناهي. پوءِ ان حساب سان ته اسان جي سنڌ صوبي جا ڪيترا شهر ڌارين لاءِ اچارڻ ۾ ڏکيا ٿي سگهن ٿا جيئن ڇلگريون، ڍينگاڻو بوزدار، ٽنڊومستي خان، ڳوٺ بخشو لغاري وغيره.)
    هندستان جا هي پاسا ڏسڻ لاءِ گهڻو ڪري ڏور اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا جي ملڪن ۾ رهندڙ انڊين ئي اچن ٿا جن جا هم زبان مائٽ آهن، هو ڌرمي تيرٿن لاءِ اچن ٿا، هو هتي جي کاڌن ۽ رسم و رواجن کان واقف آهن باقي يورپ، آمريڪا توڙي پاڪستان، ايران ۽ بنگلاديش جو ماڻهو هن پاسي ڪو ورلي ايندو. ڪو بنگالي يا ايراني ماڻهو هندي ۽ اردو ته سمجهي ويندو پر ڏکڻ هندستان جون هي زبانون نه سمجهي سگهندو نه مرچ مسالن واريون داليون ۽ ڀاڄيون کائي سگهندو.
    ڪنيا ڪماري 4200 ڪلوميٽر
    هندستان ملڪ جو مٿيون اتر وارو حصو ويڪرو آهي بلڪه پاسي کان بنگلاديش، برما ۽ پاڪستان ايران ملي وڌيڪ ويڪرو ڪن ٿا. پر هيٺ ڏکڻ ۾ ساڻس ٻيا ملڪ ته نٿا ملن بلڪه پاڻ به سنهو ٿيو وڃي ۽ چوڌاري سمنڊ گهيريو وڃيس. هندستان جي ان هيٺاهين ڇيڙي جو آخري وڏو شهر ڏٺو وڃي ته اهو تامل ناڊو رياست جو شهر ڪنيا ڪماري آهي. ڪو واندو آهي، انڊيا گهمڻ لاءِ ٻن ٽن مهينن لاءِ آيو آهي ته هو منزلون جهاڳيندو يعني مختلف شهرن مان ٿيندو انڊيا جي هن پچڙي واري شهر ڪنيا ڪماري ۾ باءِ پاس يا باءِ ٽرين هتان کان ويجهي شهر ٽريوندرم (ٿيرو ونن ٿاپورام) کان ٻن ڪلاڪن ۾ پهچي سگهي ٿو، جتان روزانو شام جو پنجين بجي ريل ڇٽي ٿي ۽ سيڪنڊ ڪلاس جي ٽڪيٽ فقط ٽيهه روپيا آهي. توهان کي ٻن ڪلاڪن لاءِ ڪهڙي ايئرڪنڊيشنڊ دٻي جي ضرورت آهي جڏهن ته هن پاسي موسم به جهڙالي آهي ۽ چوڌاري چهچ ساوڪ آهي. کليل دريءَ مان نظارو ڪندا اچو. ڪنيا ڪماري شهر اچڻ تي نه فقط سامهون سمنڊ آهي پر ساڄي ۽ کاٻي پڻ. هتي پهچي توهان Feeling مان لطف وٺي سگهو ٿا ته هي نه فقط انڊيا جو بلڪ آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ هماليه، جلبن، وچ ايشيا ۽ چين جو ڏاکڻو ڇيڙو آهي جتي توهان جي پٺ کان علاوه چوڌاري سمنڊ ئي سمنڊ آهي.
    (ڪنيا ڪماري آدمشاري جي حساب سان راڻيپور يا گمبٽ کان به ننڍو شهر آهي. ساوڪ، وڻن، ٽڻن، چوڌاري سمنڊ ۽ ماڻهن جي سانتيڪي زندگي مان سريلنڪا يا ملائيشيا جو شهر لڳي ٿو). هن شهر کي مڪاني توڙي ڌاريان Land`s end of India به سڏين ٿا. جيئن آفريڪا کنڊ جي ڏاکڻي پوڇڙ Cape of Good Hope وٽ ائٽلانٽڪ ۽ هندي وڏو سمنڊ ملي ٿو تيئن هتي ڪنيا ڪماري شهر وٽ خليج بنگال ۽ عربي سمنڊ هندي وڏي سمنڊ سان ملن ٿا، چائترا پورنما (چوڏهين جي چنڊ واري ڏينهن جو تامل زبان ۾ نالو) جي تهوار تي، جيڪو اپريل جي مهيني ۾ ٿئي ٿو، هن شهر جي سامونڊي ڪناري تي بيهي هڪ ئي وقت سمنڊ ۾ سج کي لهندي ۽ چنڊ کي سمنڊ مان ٻاهر نڪرندي (اڀرندي) جو لطف وٺي سگهجي ٿو. هن شهر ڪنيا ڪماريءَ ۾ هندو ڌرم جا ماڻهو تيرٿ لاءِ پڻ اچن ٿا جو هي شهر هندن جي ديوي ڪنيا (ڪنواري) جي نالي سان منسوب ٿيل آهي. ڪنيا ديوي شو ديوتا جي زال جي اوتار (Incarnation) آهي.
    ڪنيا ڪماري ننڍڙو شهر آهي. منجهس رهائش جون جام جايون آهن ۽ سستيون پڻ جن کي ڳولڻ ڪو ڏکيو ڪم ناهي. بهرحال اهي ڪجهه هن ريت آهن: گوبي نيواس لاج، هوٽل ساگر، TTDC يوٿ هاسٽل، ريلوي اسٽيشن تي ريلوي ريٽائرنگ رومس، ووڪاس ٽوئرسٽ هوٽل، مانيڪ خان ٽوئرسٽ هوم، ڪيرالا هائوس، هوٽل تامل ناڊو ۽ هوٽل سمودرا. گهڻو ڪري سڀني هوٽلن جي درين مان سمنڊ جو نظارو ٿي سگهي ٿو. چڪن ڪارنر جهڙيون ٻه ٽي ريسٽورنٽون آهن جتي چڪن ملي سگهي ٿو باقي ڏکڻ هندستان جي ٻين شهرن وانگر هتي به رڳو ڀاڄين ۽ دالين جون ريسٽورنٽون آهن. ڳائي يا ٻاڪري گوشت جو ته ڪو سوچي به نه.
    هن شهر ڪنيا ڪماري ۾ پهچڻ لاءِ بمبئيءَ کان به روزانو ”ڪنيا ڪماري ايڪسپريس“ نالي ريل گاڏي نڪري ٿي جيڪا 48 ڪلاڪن بعد ڪنيا ڪماري پهچي ٿي. بمبئيءَ کان ڪنيا ڪماري ٽرين رستي سڌو مفاصلو 2200 ڪلوميٽر آهي ۽ سيڪنڊ ڪلاس جي ٽڪيٽ چار سؤ روپيا کن آهي ۽ فرسٽ ڪلاس جي 1600 روپيا. ٽرين رستي ڊگهي سفر ڪرڻ جي شوقينن لاءِ همساگر ايڪسپريس ٽرين صحيح آهي. جيڪا اتر (جمون ڪشمير) جي شهر جمون تاوي مان هفتي ۾ هڪ نڪري ٿي، 75 ڪلاڪن (يعني ٽن ڏينهن ۽ ٽن راتين) جي لڳاتار هلڻ بعد چار هزار کن ڪلوميٽرن جو سفر پورو ڪري ڪنيا ڪماري پهچي ٿي.


    Eat Here and Get Gas

    دهليءَ ۾ دودي اوڏ سان گڏ هڪ ڏينهن انڊيا گيٽ وٽان آٽو رڪشا ۾ چڙهي، شاجهان روڊ وٺي صفدر جنگ جو مقبرو ڏسڻ پئي وياسين. تاج محل هوٽل واري چؤواٽي وٽ جتان پوءِ اڳتي پرٿوي راج روڊ شروع ٿئي ٿو ۽ ساڄي پاسي کان اورنگرزيب روڊ به اچيو ان چؤواٽي سان ملي، اتي سگنل ڪري اسان جي رڪشا ترسي ته سامهون لڳل وڏي بورڊ ڏي اشارو ڪريمچيم ”اهو اسان جي موت جي Call لاءِ اشتهار آهي.“
    دودو آهستي آهستي ڪري بورڊ تي انگريزيءَ ۾ لکيل اشتهار پڙهڻ لڳو: ”دشمن کي تباهه ڪرڻ لاءِ اسان کي توهان جهڙن نوجوانن جي ضرورت آهي.“
    ”ڇا مطلب؟“ ايترو پڙهي دودي پڇيو.
    ”اڳتي پڙهه،“ مون چيومانس، ”آرمي سليڪشن بورڊ طرفان آهي، يعني انڊيا جي فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ لاءِ هنن پنهنجي ملڪ جي نوجوانن کي انٽريو لاءِ گهرايو آهي.“
    ”سو؟“ دودي کي اڃا به ڳالهه سمجهه ۾ نه آهي.
    ”سو ڇا؟ منهنجو مطلب آهي ته اهي دشمن ٿياسين اسين پاڪستاني جن کي تباهه ڪرڻ لاءِ هي بندوبست ڪري رهيا آهن. انڊيا جو ٻيو ڪهڙو دشمن ٿيو، ٻيا پاڙيسيري ملڪ بنگلاديش، سريلنڪا، مالديپ، نيپال، برما وغيره پنهنجي ساهه ۾ پيا پريشان ٿين، اتر واري پهلوان پاڙيسيري چين سان سياڻو انڊيا ڪڏهن به نه ڦٽائيندو ۽ ڪڏهوڪو ”هندي چين، ڀائي ڀائي“ جو نعرو هڪ دفعو وري هن هڻڻ شروع ڪيو آهي ته جيئن سڀاڻي وقت اچڻ تي هو پاڪستان کي کلا ٺوڪي ته چين وچ ۾ نه اچي.“
    دودو، منهنجي هن ڪجهه سچ ڪجهه چرچي تي ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳو.

    ڪالهه شام جو دهليءَ جي ديش بندو ڪاليج جي ڀرواري سک فوٽو گرافر کان پنهنجا فوٽو کڻڻ ويس ته هو پنهنجي ڪنهن دوست سان ڳالهين ۾ مشغول هو. سندس دوست اڄڪلهه هتي انڊيا ۾ هلندڙ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ميچ ڏسي ان وقت دهلي پهتو هو ۽ اسان واري سک فوٽو گرافر کي ڪرڪيٽ جو اکين ڏٺو احوال پئي ٻڌائين. مون سمجهيو ڪرڪيٽ ڏسڻ ۽ ان تي ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ جو Craze فقط اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ آهي پر اوترو ئي هتي انڊيا ۾ آهي. ٽي ويءَ تي جتي ڪٿي ڪرڪيٽ پئي هلي. ڪو ڪنهن جي ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي. هر هڪ جون اکيون ٽي ويءَ ۾ کتل آهن.
    آئون جيئن پنهنجن خيالن ۾ هن سک جي دڪان تي پهتس ته هو پنهنجن ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن کي گهٽ وڌ ڳالهائي رهيو هو. ”هي اسان جا ذليل رانديگر اسان کي ڪنهن جي اڳيان منهن کڻڻ نه ڏيندا.“ مون کي ان وقت اهو لڳو ئي ڪونه ته ڪو آئون انڊيا جي شهر دهليءَ ۾ آهيان. بلڪه مون کي لڳو ڄڻ آئون ڪراچيءَ ۾ هجان ۽ ”سردار جي“ جي رانديگرن بابت شڪايت ٻڌي منهنجي دل مان به هڪ واري يڪدم نڪتو ته ”اها ته ڳالهه آهي، اسان جا ڪرڪيٽ پليئر موچڙن جا لائق آهن...“ پر پوءِ يڪدم هوش ٺڪاڻي اچي ويا ته آئون ٻئي ملڪ ۾ آهيان ۽ ان ملڪ جو ڪو هن هلندڙ ڪرڪيٽ ميچ بابت ڏک ڪري رهيو آهي معنيٰ منهنجي لاءِ خوشيءَ جو مقام هجڻ کپي. ڇو جو هن جي هار معنيٰ منهنجي سوڀ. ۽ پوءِ ٿوري دير لاءِ مون ۾ اهو ٽانءُ اچي ويو جيڪو سرگس مهل گهوٽ جي پيءُ کي هوندو آهي. هونءَ جو مون کي فوٽو وٺڻ جي جلدي هئي، رڪشا جنهن مان لٿو هوس اها منهنجي منتظر هئي ۽ آئون هڪ منٽ لاءِ به ترسڻ لاءِ تيار نه هوس سو پاسيرو ٿي سڪون سان بيهي سردارجي ۽ سندس دوست جون ڳالهيون ائين ٻڌڻ لڳس جيئن ڪو پنهنجي تعريف پاڙي جي زال واتان ٻڌي جيڪا پنهنجي مڙس کي ذليل ڪرڻ لاءِ ان کي ٻڌائي رهي هجي. ۽ پوءِ جڏهن ڪجهه ”هئو مئو“ ٽريو ۽ ٻئي ڄڻا ٿڌا ٿيا ته آئون پاسي واري ريڪ ۾ فوٽو البم ڏسڻ ڇڏي سردارجي جي سامهون اچي بيٺس ۽ نئون ٿي سردارجي کان ڪرڪيٽ ميچ جو پڇڻ لڳس. هو هڪ دفعو وري پنهنجن رانديگرن کي گاريون ڏيڻ ۾ شروع ٿي ويو. مون به شايد اهوئي ٻڌڻ ٿي چاهيو. بعد ۾ هوٽل تي پهچي سوچيم ته اهو مون ڪيڏو وڏو گناهه جو ڪم ڪيو، سردارجي شريف ماڻهو ان جي جاءِ تي ڪو ٻيو هجي ها ته منهنجي مڪاري ۽ لچائيءَ کي سمجهي چئي ڏئي ها ته ها ادا اسان جا ڪرڪيٽ ٽيم جا رانديگر واقعي ذليل آهن پر توهان جي پاڪستاني بي غيرت رانديگرن جو ته ڪو حد ۽ حساب ناهي. هو مڙيئي ڪالهه واري ون ڊي ميچ ڪنهن نموني سان کٽي ويا نه ته کين چند نوٽ ڏيکاري ڪا رنڊي کنڊي سندن ڪمري تي پهچاءِ ته ميچ ته ڇا هڪ ڏينهن اڳ واري پريڪٽس جو به ڪارو منهن ڪريو ڇڏين.
    انڊين فلمن يا ڊرامن ۾ به ڪڏهن ڪڏهن پاڪستان کي ياد ڪيو وڃي ٿو پوءِ ڪڏهن خراب Sense ۾ ته ڪڏهن نارمل خيال کان. جيئن شروع ۾ لکي آيو آهيان ته هڪ همراه، ڍڳين جي ڪري هتي جي وڏن شهرن ۾ جيڪي ٽريفڪ جام جا مسئلا ٿين ٿا ان لاءِ ٻڌايو ته ”اسان ڍڳين کي نه ڪهي سگهون ٿا ۽ نه رستي تان هٽائڻ لاءِ کين ڏنڊا هڻي سگهون ٿا پوءِ انهن پوڙهين ۽ غير ضروري ڍڳين مان جان ڇڏائڻ لاءِ ۽ انهن جو تعداد گهٽائڻ لاءِ انهن کي بارڊر جي ٻئي پار (يعني پاڪستان) ڪريو ڇڏيون جڏانهن جيڪو هڪ وار ويو آهي سو وري سلامت نه موٽيو آهي چاهي انسان هجي.“ هن جو اسان جي ملڪ ۾ هنگامن، گوڙ گهمسانن ۽ بم ڦاٽڻ ۽ Lawlessness ڏي اشارو هو.
    هڪ انڊين فلم ”مين هونا“ ڏٺم ان ۾ هيرو پنهنجي محبوبه کي ڪٿي ماني کائڻ جي دعوت ٿو ڏئي، هن جي انڪار ڪرڻ تي هيرو چويس ٿو ”نه اچ، تنهنجي نه اچڻ تي ڪهڙو پاڪستان هندستان تي حملو ڪندو.“
    انڊين هڪ فلم ”آمدني اڻهني خرچه روپيه“ ۾ جاني ليور زال کي چوي ٿو ته ڳالهائين ائين ٿي ڄڻ پاڙيسري ملڪ ۾ بم ڦاٽي رهيا آهن.
    انڊيا جي هڪ چينل تان (شايد Sony تان) ڪرائيم پيٽرول نالي هڪ ڏوهن جي سلسلي ۾ هفتيوار پروگرام ايندو آهي ته ڏوهن پٺيان اصل ڳالهه ڇا آهي، ڇو ڪيا وڃن ٿا ۽ ڪيئن روڪي سگهجن، ان سلسلي ۾ هن هفتي ڏيکاريائون ته ٻه اسڪولي ٻار پنهنجي ٽي ڪلاس ميٽ دوست کي پهرين جي ٺاهيل پروگرام موجب اغوا ڪري سندس امير پيءُ کان پئسا حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. پئسن ملڻ ۾ دير ٿيڻ ۽ جيئن هنن سوچيو هو ائين مطلب پورو نه ٿيندو ڏسي هو پريشان ٿيو ٿا وڃن ۽ پنهنجي ٽي دوست کي هيڏانهن هوڏانهن لڪائڻ ۽ پوليس جي ڊپ کان سڄي ڳالهه مٽائڻ ۽ پنهنجو پاڻ کي بچائڻ لاءِ پنهنجي اغوا ڪيل دوست کي ماريو ٿا رکن. ڇوڪرا جهلجيو ٿا پون، هنن کان جڏهن هن سڄي ڪٿا جو سبب پڇيائون ته ٻنهي ساڳي ڳالهه ڪئي ته هنن ٽنهي دوستن پلان ٺاهي امير دوست جي پيءُ مان پئسا ٿي ڪڍيا جن جي هنن کي سخت ضرورت هئي.
    ”توهان انهن پئسن جو ڇا ٿي ڪرڻ چاهيو.“ هنن کان پڇيو ويو.
    ”اسان پاڪستان وڃي پرويز مشرف کي مارڻ ٿي چاهيو جيڪو انڊيا دهشتگرد ٿو موڪلي.“
    بهرحال هن ڪهاڻيءَ ۾ ٽي وي وارن جو مقصد پاڪستان جي عوام يا حڪومت کي ذليل ڪرڻ نه هو جو پروگرام جي آخر ۾ هنن پنهنجي عوام کي اها اپيل ڪئي ته پنهنجن ٻارن اڳيان ڪنهن به ملڪ يا مذهب جي ماڻهن خلاف نه ڳالهايو جو هنن جي ڪچي ذهن ۾ ٻي لاءِ اجائي نفرت پيدا ٿئي ٿي ۽ هو پنهنجي ليول تي غلط قدم کڻيو ويهن ٿا، جيڪا ڳالهه مائٽن توڙي ملڪ لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿئي ٿي.
    انڊيا جي هر شهر ۾ مرد پتلونون پائين ٿا ۽ جتي ڪٿي هر ڪو انگريزي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. بنا ڪنهن شڪ شبهي جي انڊيا ۾ اسان کان وڌيڪ تعليم آهي. نه فقط اها عام آهي پر ان جو معيار به بلند آهي، ڪٿي ڪٿي مڙيئي ڪنهن دڪان، هوٽل يا رستي تي ڪو اهڙو کل جوڳو غلط انگريزيءَ وارو اشتهار نظر اچيو وڃي جيڪو ڌارين لاءِ دلچسپي جو باعث ثابت ٿئي ٿو.
    دهليءَ جي ڪارول باغ واري علائقي ۾ چينا چوڪ وٽ هڪ حجام جي دڪان ٻاهران لکيل بورڊ:
    We need your heads to run our business.
    ۽ هڪ ٻئي حجام جي دڪان ٻاهران لڳل نوٽيس:
    Hair cut for RS.2.
    Children for Rs.15
    بڙودا ريلوي اسٽيشن تي بنا ٽڪيٽ سفر ڪندڙن جي چتاءَ لاءِ لڳل پوسٽر:
    Aana free, jana free
    Pakdhe gaye to khana free
    (آنا فري، جانا فري، پڪڙي گئي تو کانا فري).
    انڊيا ۾ پڻ اسان جي ملڪ وانگر پيئڻ جو پاڻي جتي ڪٿي صحيح ناهي. ڌارين ملڪن کان ايندڙن کي ته خاص طرح خبردار ڪيو وڃي ٿو ته اهو پاڻي پيو جنهن جي پڪ هجناو ته اهو صحيح آهي. دهليءَ کان هردوار ويندي رستي تي هڪ هوٽل تي چانهه پيتيسين جنهن جي مالڪ گراهڪن کي اهو ٻڌائڻ لاءِ ته هن جي هوٽل جو پاڻي خراب ناهي، هوٽل جي ٻاهران وڏن اکرن ۾ لکرائي ڇڏيو آهي:
    All drinking water in this establishment has been personally passed by the manager.
    انڊيا ۾ هر سال مختلف ملڪن جا لکين ٽوئرسٽ اچن ٿا ۽ روزانو هزارين ٽوئرسٽ بسين، ڪارين ۽ لگزري ڪوچن ۾ هڪ شهر کان ٻئي شهر سفر ڪندا رهن ٿا. رستي تي ننڍن توڙي وڏن ڳوٺن جي بس اسٽاپن تي هوٽل وارن پنهنجي هوٽل ڏي ماڻهن کي ڇڪڻ لاءِ هوٽل سان گڏ سووينئر شاپ، Toilets ويندي ٿڪ ڀڃڻ لاءِ ڪمرا ٺاهي ڇڏيا آهن جيئن ڪار هلائيندڙ ٽيهه چاليهه روپيا کن ڏيئي ڪلاڪ ٻن لاءِ ڪمري ۾ آرام ڪري پوءِ اڳتي جي سفر لاءِ روانا ٿين. ڪن هوٽلن ۽ پيٽرول پمپ (گيس اسٽيشن) وارن هڪ ٻئي جي فائدي لاءِ پيٽرول پمپ ۽ هوٽل گڏ گڏ کولي آهي جيئن بس ڊرائيور اتي ئي پيٽرول وجهرائي ۽ مسافرتيسين ماني کائي وٺن. هڪ اهڙي CNG گيس اسٽيشن پمپ جي ٻاهران لڳل وڏو بورڊ:
    Eat here and get gas.
    هاءِ وري ڪچرو نه اڇلڻ لاءِ تنبيهه ته ڪچرو نه اڇلايو نه ته ڏنڊو ڏيڻو پوندو.
    Fine for Littering
    پر ڪا Punctuation Mark نه ڏيڻ ڪري ان جو مطلب ته هي به ٿيو ته هي جاءِ ڪچري اڇلڻ لاءِ بهترين آهي.
    ڪن هنڌن تي ڄاڻي واڻي مزاحيه بورڊ ۽ نوٽ لڳايا ويا آهن جيئن هڪ Appliance Shop (جنهن ۾ واشنگ مشينون وڪامي رهيون هيون) ۾ ٻاهر لکيل آهي:
    Dont kill your Wife.
    Let Our washing Machines do the dirty work.
    پر پڪ هي ٻه نوٽيس ڄاڻي واڻي مزاحيه Sense ڪڍڻ لاءِ نه لکيا ويا آهن بلڪه دڪان جي مالڪ پنهنجي پر ۾ پنهنجي قابل انگريزيءَ جو مظاهرو ڪيو آهي، انهن مان هڪ دهلي جي خان بازار ۾ ڏٺم جتي قميصن جي دڪان ٻاهران مالڪ سورهين ۽ سترهين نمبر جي ڪالر وارين قميصن جي گذريل هفتي Sale لڳائي هئي.
    Wonderful Bargains for
    Men with 16 and 17 necks.
    ۽ ٻيو هي اشتهار هڪ جنرل اسٽور جي ٻاهران دريءَ تي چنبڙيل هو:
    Why go elso where to be cheated, When you can cones here.
    هن جملي جون ٻه معنائون ٿي سگهن ٿيون: ”جڏهن توهان هتي اچي سگهو ٿا ته پوءِ ٻين هنڌان ڇو ٿا وڃي پاڻ ڦرايو.“
    اسان سان گڏ سفر ڪندڙ هڪ اوڏ ڊاڪٽرياڻيءَ ٻڌايو ته ڪياماڙي جي هڪ اسپتال (جنهن ۾ هوءَ هائوس سرجن آهي) مئٽرنٽي وارڊ جي ٻاهران لکيل آهي: No Children Allowed ۽ سندن گائني پروفيسر جي آفيس جي ٻاهران (جنهن جو ڊور بيل گذريل ڇهن مهينن کان خراب ٿيل آهي) بيل جو بٽڻ دٻائي اندران سڏ جو انتظار ڪرڻ بدران در کي کولي اچڻ لاءِ در تي مارڪر سان لکيل آهي:
    Push. Push. Push.


    ڪامياب راستي

    انڊيا هيڏو وڏو ملڪ آهي. آدمشماري ۾ به ته پکيڙ ۾ به. ان ۾ ڪجهه نه ڪجهه عيجب کيل تماشا ته ٿيندا رهن ٿا ۽ انهن جون خبرون دنيا جو ڌيان ڇڪائين ٿيون. ڪنهن پنهنجوين مڇون ايڏيون وڌائي ڇڏيون جو انڊيا جو ورلڊ رڪارڊ قائم ٿي ويو. اهڙي طرح ڪنهن آڱرين جا ننهن وڌائي ڇڏيا. ڪو ساڌو جيئري قبر ۾ ٽي مهينا سمهي رهيو. انهن چريائين جي رڪارڊن کان علاوه Sensible رڪارڊ به جام آهن جن مان ڪيترا گنيز بڪ آف رڪارڊ ۾ ايندا رهن ٿا. الهه آباد ۾ گنگا ۽ جمنا نديءَ جي سنگم وٽ 2001ع ۾ جيڪو ڪمڀ جو ميلو لڳو ان ۾ هڪ ڪروڙ کان مٿي ماڻهو آيا هئا ۽ ايترن ئي ماڻهن 1969ع ۾ تامل ناڊو رياست جي چيف منسٽر جي دفن Funeral جي رسم ادا ڪئي هئي. انڊيا جو ريلوي کاتو دنيا جو وڏي ۾ وڏو کاتو آهي جنهن ۾ سورهن لکن کان وڌيڪ ماڻهو ڪم ڪن ٿا ۽ سرڪار کان پگهار وٺن ٿا. ڪلڪتي جي سائوٿ پوائنٽ هائوس اسڪول ۾ ٻارهن هزارن کان مٿي شاگرد پڙهن ٿا. انڊيا ۾ ٽي سؤ جي لڳ ڀڳ سياسي پارٽيون آهن جيڪي لوڪ سڀا (قومي اسيمبليءَ) جي ڇهه سؤ کن سيٽن لاءِ اليڪشن وڙهن ٿيون.
    پنجاب جي شهر لڌيانا ۾ ٺهندڙ ”هيرو“ سائيڪلن جو ڪارخانون دنيا ۾ سڀ کان گهڻيون سائيڪليون ٺاهي ٿو. گذريل سال هن ۾ ٽيهه لکن کان مٿي ”هيرو“ سائڪيلون ٺهيون. ويسٽ بنگال جي ريلوي اسٽيشن خارگپور جو 833 ميٽر پليٽ فارم دنيا جو ڊگهي ۾ ڊگهو پليٽ فارم آهي. انڊيا جي اسٽيٽ بئنڪ جون سڄي انڊيا ۾ 12243 برانچو آهن. دنيا ۾ سڀ کان گهڻو مينهن انڊيا جي شهر چيرا پنجيءَ ۾ پوي ٿو جيڪو شهر ميگهالايا رياست ۾ آهي. گذريل سال 24 ميٽرن کان مٿي پيو جڏهن ته سنڌ ۾ چوٿون ميٽر به مينهن نٿو وسي. لتا منگيشڪر هندستان جي ويهن زبانن ۾ ٽيهه هزار کان به وڌيڪ گانان رڪارڊ ڪيا آهن.
    ڪلڪتي جي بوٽنيڪل گارڊن ۾ هڪ پپر جو وڻ آهي جنهن جو ڇٽ (Canopy) هڪ هيڪٽر کان به گهڻي پکيڙ ۾ آهي. دنيا جي سڀ کان مٿاهين پل سامونڊي سطح کان 56000 ميٽر مٿي انڊيا ۾ آهي جيڪا منالي ۽ ليهه (Leh) جي رياستن کي ڳنڍي ٿي ۽ ڪلڪتي جي هائوڙا پل دنيا جي مشغول ترين پل آهي جنهن تان هر روز ستر هزار کان مٿي سوارين ۽ اڻ ڳڻت ماڻهو لنگهن ٿا ۽ 73 ميٽر اوچائي جو قطب مينار بنا سپورٽ جي بيٺل آهي.
    انڊيا ۾ قدرتي ۽ انساني مصيبتن جو به ڪاٿو ناهي. ڀوپال جي ڪارخاني ۾ گيس ليڪ ٿيڻ تي ڇهه هزار ماڻهو اڦٽ مري ويا هئا ۽ ٻه لک کن زخمي ٿي پيا. 1888ع ۾ ڳڙن وسڻ ۾ 246 ماڻهو مري ويا، 1997ع ۾ ڊيم جي ٽٽڻ ڪري گجرات ۾ 500 ماڻهو ٻڏي ويا ۽ هاڻ ويجهڙائيءَ ۾ گجرات ۾ آيل زلزلي ۽ هندستان جي ڪناري واري علائقن ۾ سونامي طوفان ڪري جيترا ماڻهو مري ويا يا دربدر ٿي ويا انهن جو ڪاٿو ئي ناهي.
    ڪلڪتي جي اسڪول ۾ ته فقط ٻارهن هزار شاگرد آهن پر ڪي جي مانٽيسوري ۾ ته هونءَ به اسڪول کان گهڻا ٻار ٿين ٿا پر ڪيترا گهڻا هجن کپن؟ دنيا ۾ لکنؤ جي سٽي مانٽيسوري جهڙو ڪو اسڪول ناهي. جنهن ۾ هن وقت ستاويهه هزار ٻار آهن، جن جي عمر ٻن کان پنج سال آهي. هي اسڪول 1959ع ۾ جگديش گانڌي نالي هڪ سوشل ورڪر ۽ سندس چائلڊ سئڪالاجسٽ زال مسز ڀارتيءَ کوليو هو ۽ ان جي شروعات فقط پنجن ٻارن سان ٿي هئي.
    ڪجهه ڏينهن اڳ جيپور جي شاگردن جيڪا رنگولي ٺاهي ان جيڏي وڏي ڪڏهن به نه ٺاهي وئي. رنگين پائوڊر، گلن ۽ پٿرن مان ٺهيل هي خوبصورت گلن ۽ جوميٽريڪل ڊزائين ٽي ڪلوميٽر پڪي رستي جي ٻنهي ڪنارن تائين پکڙيل هئي ۽ ڏهه ٽن رنگين پائوڊر جا استعمال ٿيا.
    مقابلي جي ڳالهه ٿا ڪريو ته انڊين فلم ايڪٽريس مالائيڪا شراوت سترهن چميون ڏيئي سمجهيو ته ٻي ڪا بالي ووڊ جي ائڪٽريس سندس مقابلو نه ڪري سگهندي پر هاڻي ”ڪامياب راستي“ فلم اچي رهي آهي جنهن جي پهرين دفعو فلمي دنيا ۾ ايندڙ پونم درياناڻي هيروئن سڀ کان ڊگهي چمي ڏيئي مالائيڪا جا رڪارڊ ڀڃي ڇڏيا آهن ۽ اها Kiss حاصل ڪرڻ وارو ڪهڙو هيرو آهي؟ شعير الياسي.
    هن فلم ۾ سين لاءِ چيو وڃي ٿو ته هڪ سؤ کان مٿي ڇوڪرين کي آزمايو ويو جنهن مان هڪ ڪلڪتي ڄايل بنگال ڇوڪري پونم ڪامياب وئي. پونم درياناڻي ڪلڪتي جي ماڊل ۽ بنگالي ٽي وي جي ڊرامن ۾ اچي ٿي ۽ سندس عمر 23 سال آهي. فلمي دنيا جي ڊگهي ۾ ڊگهي چمي جين وائمن ۽ ريگس ٽومي جي وچ ۾ 1914ع جي انگريزي فلم You are in the Army way. ۾ آهي جيڪا ٽي منٽ ۽ پنج سيڪنڊ هلي ٿي. انڊيا جي سينسر بورڊ جيڪڏهن هيءَ ممبئيءَ جي اڪسا بيچ تي ورتل چميءَ جي سين پاس ڪئي ته هيءَ چمي دنيا جي فلمي دنيا جي پڪ ڊگهي ۾ ڊگهي چمي ثابت ٿيندي ۽ هن ڪامياب راستي جهڙي فلم کي ڪامياب بنائڻ جو اهوئي رستو آهي.


    انڊيا بابت ڪتاب ۽ انڊيا جا رائيٽر

    انگريزي دنيا جي زبان ناهي پر گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ انڊيا جا ليکڪ انگريزيءَ ۾ ناول لکڻ ڪري اهل زبان انگريزن کان به وڌيڪ مشهور ٿيا آهن ۽ اهڙن ليکڪن جو هر سال وڃي پيو تعداد وڌندو. سلمان رشدي به انهن مان هڪ آهي جنهن جي The Satanic Verses، مواد ۽ Message جي خيال کان، دنيا جي مسلمانن کي سخت رنج پهچايو. ايتري قدر جو ايران جي عالم ۽ بزرگ شخصيت آيت اللھ خميني هن کي موت جي فتويٰ ڏني ۽ اهو ڪتاب پاڪستان، ملائيشيا، ايران ۽ ٻين مسلمان ملڪن وانگر انڊيا ۾ به بندش هيٺ آهي. پر سندس تازي ڪتاب Midnight Children جو انعام کٽڻ کان علاوه، بيحد گهڻو وڪرو ٿيو آهي. ان جي ئي پويان سندس ٻيو ڪتاب Shame آهي ۽ هاڻي ٽيون جنهن جي ڪهاڻي بال ٺاڪري جي Defamation ڪيس جي چوڌاري ڦري ٿي The Moor`s Last Sigh. آهي.
    وڪرم سيٺ جو ڊگهو تيرهن سؤ کن صفحن جو ناول يا کڻي چئجي Classic جنهن جو نالو A Suitable Boy آهي، انڊيا جي ورهاڱي بعد پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ هڪ هندو ماءُ جي گرد گهمي ٿو. جيڪا پنهنجي ڌيءَ لاءِ لائق مڙس جي ڳولا ۾ آهي. 1300 صفحن جي ڪتاب ۾ مصنف ڪيترين ئي ڳالهين کي ٽچ ڪيو آهي. هندو مسلمان ڪلچر، ننڍي کنڊ جون رسمون رواج، زمينداري سسٽم جو خاتمو، ذات نيات جا چڪر، جنرل اليڪشن وغيره وغيره. وڪري ۽ ڪتاب جي ٿولهه ڪري هي ڪتاب هر هڪ جي نظرن جو مرڪز رهندو اچي. آئون اهي ٻه سال سئيڊن ۽ يورپ جي مختلف ملڪن ۾ هوس جتي هر هنڌ هن ناول جو راڳ، مڪاني اخبارن ۾ هلي رهيو هو ۽ جيترو جلد وڪرم سيٺ مشهور ٿي ويو، اوترو ٻيو ڪو شايد ئي ٿيو هجي. ليکڪ جي ڪري سندس ملڪ انڊيا جو به نالو ٿيو. وڪرم جي مادري زبان بنگالي آهي ۽ 1952ع ۾ ڪلڪتي ۾ ڄائو. ڪلڪتي، دهلي، آڪسفورڊ، اسٽانفورڊ ۽ نانڪنگ مان تعليم ورتائين. اڄڪلهه هتي دهليءَ ۾ رهي ٿو يا برطانيه ۾. اڃا تائين غير شادي شده آهي.
    هڪ ٻي نوجوان انڊين رائيٽر ڪمالا مارڪندايا آهي جنهن جو انگريزي ناول Nectar in a Sieve تمام مشهو آهي، جيڪو هڪ ڳوٺاڻي عورت جي روزمره جي زندگيءَ جو احوال آهي. ڪمالا جا ناول پنجاهه واري ڏهاڪي کان ڇپجڻ شروع ٿيا هئا. پاڻ ميسور ۾ 1924ع ۾ ڄائي ۽ پوءِ 25 سالن جي ڄمار ۾ انگلينڊ ۾ وڃي رهي ۽ اتي ئي انڊيا بابت لکندي رهي. مٿيون سندس پهريون ناول هو. ان بعد ٻيا به ڪيترائي لکيائين. گذريل سال پنهنجي لنڊن واري گهر ۾ وفات ڪيائين.
    انگريزي ناولن کان خوشونت سنگهه به دنيا ۾ مشهور آهي. سندس 1990ع جو ناول ”دهلي“ تمام مشهور آهي. اهڙي طرح هندستان جي ورهاڱي تي لکيل ڪتاب ۽ ٻيا ڪيترا ڪتاب تمام گهڻو پڙهيا وڃن ٿا. سندس ڪيترائي مزاحيه، دلچسپ ۽ طنز سان ڀريل مضمون اسان جي سنڌي اخبارن ۾ به ڇپبا رهن ٿا.
    انڊيا جو هڪ ٻيو پراڻو ۽ بيحد مشهور ليکڪ آر. ڪي نارايڻ آهي جنهن جي مادري زبان مدراسي آهي ۽ سن 1906ع ۾ مدارس ۾ ڄائو. پاڻ ميسور جي مهاراجا ڪاليج مان تعليم حاصل ڪيائين. سندس پهريون ناول 1935ع جو لکيل Swami & Friends آهي جيڪو هڪ انڊين خيالي ڳوٺ ”مال گودي“ جي پس منظر ۾ آهي. سندس ڪهاڻين تي ٺهيل هڪ هڪ قسط جا ڊراما ”مالگودي ڪي دن“ جي نالي سان ايندا هئا. ملائيشيا پاسي گهڻا مدراسي ۽ ڏکڻ هندستان جا رهن ٿا. جن جو آر. ڪي نارايڻ (سڄو نالو رسي پورم ڪرشنا سوامي ناراين) دلپسند ليکڪ هو. مون به هن مصنف جا ڪتاب ملائيشيا ۾ ئي پڙهيا. سندس ٻيا به ٽي ڪتاب جن جي پڙهڻ لاءِ صلاح ڏيندس، هي آهن: The Financial Expert the Guide, waiting for the Mohatma ۽ سڀ ۾ بهترين Malgudi آهي. پاڻ 94 سالن جي ڄمار ۾ 2001ع ۾ گذاري ويو.
    گهڻي وقت کان ۽ سڀ کان گهڻو مشهور ليکڪ وي. ايس نائيپال آهي جنهن کي نوبل پرائيز به ملي چڪي آهي. هن جو پڙڏاڏو انڊيا مان لڏي ٽرنيڊاد (ويسٽ انڊيز) وڃي رهيو. سندس پهريون ڪتاب the Mystic Masseur آهي، جيڪو 1957ع ۾ ڇپيو. جنهن جي پوءِ انگريزيءَ ۾ فلم به ٺهي، جنهن جو ڊائريڪٽر اسماعيل مرچنٽ آهي ۽ آصف مانڊوي، اوم پوري، عائشه ڌرڪار ۽ جيمس فاڪس ائڪٽنگ ڪئي آهي. مون سندس پهريون ڪتاب 1981ع ۾ Among the Believers An Islamic Journey پڙهيو هو، جنهن ۾ هو اسلامي ملڪن ۾ اچي ٿو. پاڪستان جي شهر ڪراچي ۾ هو انٽر ڪانٽيننٽل هوٽل ۾ اچي رهي ٿو، جيڪا اڄڪلهه پرل ڪانٽيٽل سڏجي ٿي. هن ڪتاب ۾هن سکر ضلعي جي ڪنهن زميندار (وڏيري) بابت لکيو آهي، جيڪو بقول ان وڏيري جي هر سال فصل لهڻ تي هفتو ڏيڍ هن هوٽل ۾ سئمنگ پول پاسي کلڻ وارين درين واري ڪمري ۾ اچي رهندو آهي ۽ هيٺ سئمنگ پول ۾ عورتن کي بڪنيز ۾ وهنجندو ڏسي ٺرندو آهي.
    وي ايس نائيپال (سڄو نالو وڌياڌر سورج پرساد نائيپال) جا ٻيا ڪجهه ڪتاب جيڪي سامونڊي ڊگهن سفرن جا ڏينهن ڪٽڻ لاءِ مون پڙهيا ۽ پنهنجن پڙهندڙن کي Recommend ڪندس هن ريت آهن:
    1. Miguel Street
    2. A House for Mr.Biswas
    3. An area of Darkness
    4. India. A wounded Civilization
    5. Bombay
    وي ايس نائيپال ٽرنيڊاد ٻيٽ جي شهر پورٽ آف اسپين جي ڪاليج Queen,s Royal College مان تعليم ورتي ۽ 1950ع ۾ کيس آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ جي اسڪالرشپ ملي وئي، جتي سندس ملاقات پئٽريشيا سان ٿي ۽ 1955ع ۾ شادي ڪيائون. ڏهن سالن بعد (1966ع ۾) پئٽريشيا گذاري وئي. ان بعد هن پاڪستاني جرنلسٽ ڇوڪري نادرا علويءَ سان شادي ڪئي. نائيپال جي ڄم جو سال 1932ع آهي ۽ هن وقت 73 سالن جو آهي ۽ آمريڪا ۾ رهي ٿو.
    هڪ ٻي انڊين ليکڪا جيڪا جوان آهي ۽ آمريڪا ۾ رهي ٿي جهمپا لاهيري آهي جنهن کي سال 2000ع جو Pulitzer Prize به ملي چڪو آهي. Jhumpa Lahiri 1967ع ۾ لنڊن ۾ ڄائي پر پلي نپني Rhode Island تي. اڄڪلهه هوءَ نيويارڪ ۾ رهي ٿي. پاڻ بوسٽن يونيورسٽيءَ مان ايم. اي ڪئي اٿس. پاڻ ڪيترا دفعا انڊيا جا چڪر هنيا اٿس ۽ سندس ناول ۽ ڪهاڻيون انڊيا بابت ئي آهن. سندس انعام يافته ڪتاب (Interpreter of Molodies) آهي جيتوڻيڪ سندس پهريون انگريزي ناول (the Namesake) آهي.
    اڄڪلهه جي مشهور ليکڪن ۽ ليکڪائن ۾ ڊئوڊ دويدار ۽ ارون ڌتي راءِ به آهن. ارون ڌتي جون لکڻيون ۽ هن جي زندگيءَ جو احوال سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ به ڏاڍو ايندو رهي ٿو. کيس God of Small things ڪتاب تي انعام به ملي چڪو آهي. ارون ڌتي راءِ جا ٻيا ڪجهه مشهور ڪتاب هن ريت آهن:
    1. The Cost of Living
    2. Power politics
    3. Public Power in the Age of Empire.
    ارون 1961ع ۾ ڪيرالا (ڏکڻ هندستان) ۾ ڄائي. سندس ماءُ ڪيرالا جي عيسائي هئي ۽ پيءُ بنگال جو هندو هو. شادي ناڪامياب ويئي ۽ ارون کي پنهنجي ماءُ سان رهڻو پيو. ارون پاڻ پڙهي آرڪيٽيڪٽ ٿي. پاڻ هتي دهليءَ ۾ رهي ٿي. جتان هي لکي رهيو آهيان.
    ڊئوڊ ڊئويڊر جو انگريزي ناول The House of Blue Mangoes ڏکڻ هندستان جي پس منظر ۾ آهي ۽ تمام مشهور ٿيو آهي.
    ڪيترن انگريزن به انڊيا جي پس منظر ۾ ناول، ڪتاب ۽ پنهنجون يادگيريون لکيون آهن، جن مان هڪ BBC جو پراڻو نمائندو مارڪ ٽلي به آهي. سڀ کان گهڻو مشهور رڊيارڊ ڪپلنگ آهي جنهن جي خاص ڪري ٻن ڪتابن: KIM ۽ Plain Tales From the Hill جو هر ڪو حوالو ڏئي ٿو. ننڍي هوندي EM Forester جو A Passage to India وڏي شوق سان پڙهيو هئوسين. اهڙي ئي هڪ انگريز جان ماسٽرس جو ڪتاب باواني جنڪشن آهي جنهن تي فلم پڻ ٺهي. هي سڀ 1960ع کان 1962ع جي ڏينهن جون ڳالهيون آهن، جڏهن مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ ڪاليج جا ڪتاب پڙهڻ کان وڌيڪ لئبرري جا ڪتاب پڙهڻ جو شوق هوندو هو.
    انڊيا گهمڻ کان اڳ جيڪڏهن ڪو انڊيا بابت ڪتاب پڙهڻ چاهي ٿو ته انگريز ليکڪ John Keay جوInto India ڪتاب سٺو آهي. جيتوڻيڪ هن اهو ٽي