ڪتاب جو نالو: هلي ڏسجي هندستان
مصنف: الطاف شيخ
ڇپائيندڙ: ڪويتا پبليڪيشن
ڪيٽيگري: الطاف شيخ ڪارنر
شايع ٿيڻ جو سال: 2010
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 03 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 1951 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 384 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هن سفرنامي ۾ الطاف شيخ هندستان وڃي ٿي اچڻ دوران مشاهدي ۾ آيل ڳالهين کي تفصيل سان لکيو آهي ۽ گڏوگڏ اُتي جي سنڌين بابت پڻ ڪافي معلومات ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هندستان تي لکيل هي تفصيلي سفرنامو پڙهڻ وٽان آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • انتساب
  • مهاڳ
  • عرفانه ملاح پاران
  • هڪ پڙهندڙ جو رايو
  • ليکڪ طرفان . . .
  • فلائيٽ ٽو ممبئي
  • جناح صاحب جو ڏوهٽو ۽ هوائي ڪمپنيون
  • ممبئي جا هوائي اڏا
  • انڊيا ۾ پوليس رپورٽنگ جو رولو
  • ڌار هوندي به هڪجهڙايون آهن
  • سمنڊ پاسي کان ممبئيءَ جو ڏيک
  • ممبئيءَ جو گيٽ وي ٽ انڊيا
  • سواءِ موسم جي هر شيءِ انگلينڊ جي
  • جمشيد ٽاٽا غيرت ۾ اچي هوٽل ٺهرائي
  • ممبئي جو صيهان (SION) ۽ کار
  • دنيا جو وڏي ۾ وڏو جُهڳي پاڙو
  • ممبئي جا ڪولهي ۽ ڪوري
  • ممبئي، برطانيا جي شهزاديءَ کي ڏيج ۾ مليو
  • انگريزن ممبئيءَ کي ٺاهي ڇڏيو
  • يمن جو عدن ۽ سنڌ، بمبئي انتظاميه ۾ هئا
  • جنهن جي مجسمي تي ڪانگ ويٺل ڏٺم
  • جئه موتياڻيءَ سان ملاقات
  • ممبئيءَ ۾ حيدرآباد سنڌ ڪاليج بورڊ
  • نَوي (نئين) ممبئيءَ جون خوبيون
  • ساڌو واسواڻي ۽ دادا جشن
  • ساڌوءَ جي “نوري نماڻي” بابت ڪجهه سٽون
  • ممبئي پوني ايڪسپريس وي
  • کنڊالا جو اِڊلي ۽ ڊوسا
  • 12 سال پگهار نه وٺڻ واري ڊاڪٽرياڻي
  • گرانٽ کان ڊو ميڊيڪل ڪاليج تائين
  • مشرق جو آڪسفورڊ - پوني
  • سميتا پاٽل ڪهڙو سک پهچايو
  • اجهو توهان مسلمان اهڙا آهيو
  • دادا جشن هنن لاءِ ڄڻ پير پاڳارو ٿيو
  • ويزا حاصل ڪرڻ ۾ بئڊلَڪ
  • پوني جون نقاب پوش
  • چندروءَ سان پوني جا چڪر
  • پيشوائن، قذاقن ۽ انگريزن جو راڄ
  • ڊاڪٽر ڪيلڪر ميوزيم ۽ شنيوار وادا
  • پوني جو شنيوار وادا .....
  • پوني ۾ اديبن ۽ شاعرن سان ملاقات
  • محتاجيءَ کان اڳ جڳ مان اٿارج
  • پوني وارو آغا خان محل
  • فارين ٽوئرسٽ ڇا ٿا چون؟
  • جئپور ڇو پسند ڪيو وڃي ٿو؟
  • گوبند خوشحالاڻيءَ کان جڳديش لڇاڻي تائين
  • يوز ٿا ڪن سنڌي ورڊس، انگلش لئنگوئج ۾!
  • پئسو لڌم پٽ تان...
  • خوشيءَ کي غم ڏسي چهڪڻ لڳو...
  • سنڌ منهنجي امان!
  • مٺن سُرن وارا نالا ۽ ذاتيون
  • شهدادڪوٽ جي شهزادي
  • وينا vs هيلن
  • هند سنڌ جو سيٺ ڏوڏيجا
  • مون کي عربي گهوڙي نه سمجهيو وڃي
  • ڇا ڀارت ۾ سڀ سُک آهي...؟
  • حُسن جو مقابلو کٽيندڙ سنڌي ڇوڪري
  • انڊيا گهمڻ تي دل چوي ٿي پر...
  • پوني ۾ آيل ڪجهه اهم سنڌي مهمان
  • پوني پاسي جا سنڌي اديب
  • پوني پاسي جا ڪجهه ٻيا اديب
  • پوني جا پيٺ (Peth)...
  • سودي خاطر سنبهي...
  • مان ڪيئن ڀلا کِلان؟
  • هِتان هُتان جون ڳالهيون
  • منهنجي دل ڇو ٻڏي رهي هئي...
  • بڙودا ۾ سنڌين جا مشهور اسڪول
  • پوني جا ڪجهه روڊ رستا
  • هر سهڻي ائڪٽريس هن تي اَڪن ڇَڪن
  • تخلص وارا ڪجهه اسانجا شاعر
  • اچ ته ڪريون منهن ڪارو يار...
  • اَشي مَشيءَ جو پُش...
  • هڪ عمر ۾ جاني ڇا جيئندس؟
  • انڊيا- ملڪ اندر ڪيترائي ملڪ...
  • موسم، مندر ۽ ملبيري کان مشهور مهابليشور
  • سولاپور ۽ ماڌوري ڊڪشٽ جو عاشق
  • ڪولهاپور ۽ نانگپور
  • اورنگا آباد، جلگائون ۽ ناشڪ
  • احمد نگر سان ڳنڍيل ڳالهيون
  • ديدي رتنا ۽ ايسوري جوتواڻي کان دادي ليلان تائين
  • پوني جون “مرچ مسالا” ۽ “مِرچي ڪولا”

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ جا سڄڻو سلام ..........


    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو جيڪو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ارڙهون ڪتاب هلي ڏسجي هندستان اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي سفرنامو هندستان بابت ناليواري سفرناما نگار الطاف شيخ لکيو آهي..

    اسين ٿورائتا آهيون سائين الطاف شيخ جا جنهن نه فقط هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏني پر ان سان گڏ هي ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت به ڏني. هي سفرنامو روشني پبليڪيشن پاران ڇپائي مارڪيٽ ۾ آندو ويو آهي.

    اوهان سڀني دوستن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين ، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    salamatsindh@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    انتساب

    سيد ذوالفقار علي شاهه ڄاموٽ نالي ...
    منهنجي هن ڪتاب جا ڪجهه مضمون ڪالمن جي شڪل ۾ هڪ روزنامه اخبار ۽ نيٽ تي پڙهي هڪ دوست چيو: “انڊيا ۾ رهندڙ وڏيرا، پير، وزير ۽ سياستدان پنهنجن ماڻهن ۽ پنهنجن ڳوٺن لاءِ تمام گهڻو ڪن ٿا. اسان جي ملڪ جا وڏيرا ڀوتار – خاص ڪري سنڌ جا، ڪجهه به نٿا ڪن. هنن کي نه عوام جي صحت ۽ تعليم جو خيال آهي ۽ نه عوام جي بهتريءَ جو” اها ڳالهه گهڻي ڀاڱي صحيح به آهي، پر ان حال ۾ به ڪي خدا جا نيڪ ٻانها اهڙا آهن، جن کي عوام جو به خيال آهي. هو چوريون، ڌاڙا ۽ اغوائون ڪرائي پئسو ڪمائڻ بدران خود محنت ڪن ٿا، پنهنجن ڳوٺن ۾ ڪارخانا ۽ فئڪٽريون لڳرائي پاڻ به پئسو ڪمائين ٿا ته ڳوٺ جي ماڻهن کي به گهر ۾ ئي روزگار مهيا ڪري ڏين ٿا. اسان جي پاڙي واري ڳوٺ مٽياريءَ جو سيد ذوالفقار علي شاهه ڄاموٽ به انهن مان هڪ آهي. منهنجي ساڻن پهريون دفعو ملاقات ٽي سال اڳ پير صاحب پاڳاري جي جنم ڏينهن جي فنڪشن تي ٿي. اسان جي پيٽارو جي محبوب عالم انصاريءَ، جيڪو سنڌ حڪومت ۾ سيڪريٽري هو ۽ ڪليم وساڻ مون کي سائين سان ملايو. پاڻ اسان کان عمر ۾ وڏو هجڻ جي باوجود اسان سان ايڏو ته سٻجهائپ سان مليو ۽ فضيلت سان ڳالهايائين جو مون کي هو ڪنهن به ڪنڊ کان سنڌ جو علامتي وڏيرو يا سياستدان نٿي لڳو. اسان سڀ اسٽيج ڀرسان، اڳيان رکيل ڪرسين تي وڃي ويٺاسين، پر ڄاموٽ صاحب اڳيان خالي قطارون هجڻ جي باوجود پوئينءَ سيٽ تي ويهي رهيو. آئون ڪافي عرصو ٻاهر رهي آيو هوس ۽ اهو سوچيم ته ڳوٺ خبر ناهي منهنجو وڃڻ ٿئي يا نه سائين ذوالفقار ڄاموٽ صاحب سان هتي ئي ملڻ کپي. هو اسان جي شهر جو نه سهي پر ڀر واري شهر جو ته ٿيو، جنهن جي ماڻهو هيڏي تعريف ڪن ٿا. پر آئون 60 سال گذارڻ بعد به کانئن اڻ واقف آهيان، اهو سوچي آئون وڌي اچي وٽ ويٺس. جيسين ڪيڪ ڪٽجي ۽ مهمان مانيءَ لاءِ اٿن، تيسين مون کي ڳالهائڻ لاءِ سائينءَ سان ڪلاڪ يا منو ڪلاڪ ملي ويو ۽ هن پهرين ملاقات ئي مون کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو، ته سيد ذوالفقار ڄاموٽ صاحب رڳو شام جي اخبار پڙهڻ وارن سياستدانن ۽ وڏيرن مان ناهي، پر هن جو تمام گهڻو مطالعو آهي. هو ڪيترن ئي topics تي مون سان ڳالهائيندو رهيو ۽ مون ڏٺو ته کين هر ڳالهه جي تمام گهڻي ڄاڻ آهي، جيڪا هن نه فقط ڪتابن جي مطالعي ذريعي حاصل ڪئي آهي، پر سندن دوستي ۽ اُٿي ويٺي به پڙهيل ڳڙهيل ۽ سلجهيل ماڻهن سان آهي، ان کان علاوه سندن سٺي انگريزيءَ پڻ مون کي متاثر ڪيو. ڄاموٽ صاحب جي انگريزي نه فقط گرامر جي لحاظ کان پر لهجي جي خيال کان پڻ سُٺي آهي.
    ڄاموٽ صاحب سان ان بعد سگهو سگهو ڪيترن ئي دعوتن ۾ ملاقات ٿي. ڪڏهن ڪراچي جيم خانه ۾ ته ڪڏهن سنڌ ڪلب ۾ يا ڪنهن ملڪ جي نئشنل فنڪشن تي. انهن دعوتن ۾ ملاقات بعد خبر پيئي ته اسان جو پيٽارو ڪئڊٽ ڪاليج جو ساٿي ۽ ممتاز ڀٽي صاحب جو ناٺي غلام قادر ڄاموٽ، PIA جو ڊائريڪٽر سيد فاروق شاهه آغا خان هاسپيٽل جو هيڊ ۽ اسپيشلسٽ سيد حسنين شاهه ۽ ڊاڪٽر شفقت علي شاهه ڄاموٽ .... وغيره جو هڪ ئي فئملي سان تعلق آهي ۽ هي خاندان سنڌ جو صحيح طرح پڙهيل ڳڙهيل خاندان آهي. ايتريقدر جو سيد ذوالفقار علي شاهه ڄاموٽ بنيادي تعليم به (يعني مئٽرڪ تائين به) لاهور جي ايچيسن ڪاليج ۽ حيدرآباد جي ڪانوينٽ اسڪول (سينٽ بوناوينچر) مان حاصل ڪئي، ظاهر آهي اهڙي ماڻهوءَ جي انگريزي ڪيئن نه بهتر هوندي.
    1957ع ۾ اسان ڳوٺ ڇڏي ڪئڊٽ ڪاليج ۾ پڙهڻ وياسين ته انهن ڏينهن ۾ اها وڏي ڳالهه سمجهي وئي ۽ اسان به سمجهيو ته ڪا وڏي کيپ کٽي اٿئون. پر اڄ ٿو سوچيان ته سائين ذوالفقار علي شاهه ڄاموٽ جن ته اسان کان به چار پنج سال اڳ مٽياري ڇڏي لاهور پڙهيا. اسانجي پيٽارين ۽ ڄاموٽ صاحب جي سوٽ غلام قادر سان جڏهن اها ڳالهه ڪيم ته هن کلندي ٻڌايو ته هن جو وڏو ڀاءُ امداد علي شاهه جنهن کي حسن علي شاهه به سڏيندا هئا، اهو ڄاموٽ صاحب کان وڏيءَ عمر جو هجڻ ڪري کانئن به ٽي چار سال اڳ لاهور جي ڪاليج ايچيسن ۾ داخل ٿيا. هتي اهو لکندو هلان ته لاهور جي ايچيسن ڪاليج ۾ داخلا ملڻ – سان به انهن ڏينهن ۾ ڪو آسان ڪم نه هو. هن ڪاليج جي ڊيلي روٽين پڙهائي تمام سخت رهي آهي. اسان جي ڪيترن، پيرن، ميرن ۽ وڏيرن جي خاندان جي اها بدقسمتي رهي آهي ته هنن کي پنهنجي اولاد کي سٺن ڪاليجن ۾ پڙهائڻ جو خيال نه رهيو آهي، پر ان معاملي ۾ مٽيارين جو هي خاندان بلڪل مختلف آهي، جن جا ٻار انهن اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين مان پڙهيا، جن ۾ شاگردن کي پاس ٿيڻ لاءِ واقعي محنت ڪرڻي پوي ٿي ۽ هو صحيح طرح علم حاصل ڪن ٿا. رڳو لاهور جي هن ايچيسن ڪاليج مان ذوالفقار ڄاموٽ ۽ سندن سوٽ سائين امداد علي شاهه نه، پر سندن خاندان جا ٻيا به ڪيترائي ٻار پڙهيا، جيئن ته امداد علي شاهه جا ننڍا ڀائر: امير علي شاهه جيڪو اڳ ۾ MPA هو، هاڻ MNAآهي، سنڌ جي مشهور شخصيت آفتاب شاهه جنهن MRD تحريڪ ۾active حصو ورتو ۽ ضياءُ الحق جي ڏينهن ۾ جيل جون سختيون برداشت ڪيون. هتي اهو به لکندو هلان ته ايچيسن ڪاليج ۾ اڪبر بگٽي صاحب جو پٽ سليم بگٽي سندس ڪلاس ميٽ ۽ دوست هو، اهو به ٻڌائيندو هلان ته اڪبر بگٽي ۽ امداد علي شاهه (حسن علي) ننڍي هوندي علامه آءِ. آءِ قاضيءَ جن وٽ وارڊ ٿي رهيا ۽ امداد علي شاهه جڏهن ايچيسن ۾ هو ته نواب آف ڪالاباغ جو پٽ نواب اسد سندن ڪلاس ميٽ هو. بهرحال انهن ڀائرن کان علاوه سندن هڪ ٻيو ڀاءُ مرحوم امجد علي شاهه پڻ اتان پڙهيو ۽ ڄاموٽ صاحب (سيد ذوالفقار علي شاهه) جي چاچي سيد حاجي فضل علي شاهه جا به ٻئي پٽ سيد فاروق شاهه ( جيڪو PIA ۾ ڊائريڪٽر هو) ۽ ڊائريڪٽر پروفيسر سيد حسنين شاهه جيڪو آغا خان اسپتال ۾ پيٽ جي بيمارين جو اسپيشلسٽ ۽ هيڊ آف ڊپارٽيمينٽ آهي. اهي پڻ ايچيسن ڪاليج مان پڙهيا. دراصل سندن والد صاحب سيد فضل علي جيڪي ڪافي عرصو ٽائون ڪميٽيءَ جا چيئرمين رهيا، انهن کي به ننڍپڻ کان تعليم جو شوق رهيو آهي. مون جڏهن گهڻي همٿ افزائي ڪئي ته هنن ٻڌايو ته ان پٺيان هڪ ته سندن والد صاحب مرحوم سردار محمد علي شاهه ڄاموٽ جو هٿ هو ۽ ٻيو سندن هن چاچي فضل علي شاهه جو پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ هتي اهو به لکندو هلان ته آئون نٿون سمجهان ته منهنجي همعصرن مان ڪو اهڙو هوندو جو سائينءَ کي نه سڃاڻندو هجي، جيڪڏهن آئون لکان ته فضل علي شاهه صاحب کي فلمي دنيا به دلچسپي هئي ۽ سندن فلمي نالو ايس گل هو. پاڻ ڪيترين ئي فلمن جا ڊائريڪٽر ۽ پريوڊيوسر رهيا، جن مان ڪجهه هن ريت آهن:
    • حاضر سائين
    • بيقرار
    • التجا (جنهن ۾ هيروئن راگني ٿي هئي.)
    مٽيارين جي هنن سيد فئمليءَ مان منهنجي دراصل سڀ کان پهرين ملاقات سائين ذوالفقار علي شاهه ڄاموٽ جي ننڍي ڀاءُ ڊاڪٽر شفقت سان اڄ کان ويهه سال کن اڳ ٿي. پاڻ MA سنڌ يونيورسٽي مان ڪرڻ بعد آمريڪا جي ورجينيا يونيورسٽي مان Ph.D ڪيائون. سندن خاص سبجيڪٽ فارين افيئرس هو. پاڻ ٻه دفعا وزير به رهي چڪا آهن. هڪ دفعو 1985ع کان 1988ع تائين سنڌ حڪومت ۾ ۽ ٻيو دفعو مشرف دور ۾ فڊ ۽ ائگريڪلچر جا فيڊرل وزير به ٿي رهيا. ساڻن منهنجي پاڪستان ۾ توڙي پاڪستان کان ٻاهر سفارتخانن طرفان ملهايل قومي ڏينهن تي يا ڪامن دوستن جي شادين مرادين ۽ غمين تي اڪثر ملاقات ٿيندي رهي ٿي. سندن هرهڪ تعريف ڪري ٿو ۽ سندن اخلاق ۽ سٻاجهائپ مان به هرهڪ متاثر رهي ٿو. اعلى تعليم يافته هجڻ ڪري پڻ هن جي عزت ڪئي وڃي ٿي. ساڳئي وقت گذريل 20 سالن ۾ منهنجي سندن سوٽ غلام قادر سان به پيٽارين جي حيثيت سان پيٽارو جي هر فنڪشن ۾ ملاقات ٿيندي رهي ٿي. پر عجيب اتفاق آهي جو مون ڪڏهن به سندن ڳوٺ جو معلوم نه ڪيو. اهو هاڻ ويجهرائيءَ ۾ سائين ذوالفقار علي شاهه ڄاموٽ جي گهر دعوت ۾ خبر پئي ته هنن سڀني جو تعلق مٽياريءَ جي ساڳيءَ فئملي سان آهي، بقول اسان جي پيٽارو جي هڪ دوست “دوست محمد بلوچ” جي ته “هي سڀ تعليم يافته، وڏن عهدن وارا، زميندار ۽ وڏيرا هجڻ جي باوجود فقير طبيعت جا ماڻهو آهن.” بقول اسان جي ڳوٺائي طارق عثمان ڀٽيءَ جي، جيڪي ماڻهو اسان جي سنڌ جي سيدن، پيرن، وڏيرن ۽ زميندارن کي جاهل ۽ ظالم سمجهن ٿا، انهن کي مٽياريءَ جي هن خاندان جي ماڻهن سان به ملڻ کپي.
    اڄ جي انگريزي اخبار ڊان ۾ دينا شاهه جو مضمون پڙهي، اهو به لکڻ چاهيان ٿو ته بقول پيٽارين غلام قادر جي ته “اسان جي ڀيڻن ۽ پڦين جي ڏينهن ۾ اسان جي ڳوٺن ۾ ڇوڪرين جا اسڪول نه هجڻ ڪري اهي ته پڙهي نه سگهيون، پر اسان ضرور چاهينداسين ته اسان جون نياڻيون تعليم حاصل ڪن.” هن بلڪل صحيح چيو ۽ پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ لکندو هلان ته پاڪستان جي مشهور ليکڪا دينا شاهه جنهن جا ڊان اخبار ۾ مضمون ايندا رهن ٿا ۽ جنهن جا هيستائين ڇهه ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، جن مان ٻه ته اٽليءَ ۾ ۽ هڪ انڊيا ۾ ڇپيو، اها ڄاموٽ صاحب جي ڀائٽي ۽ ڊاڪٽر شفقت جي نياڻي آهي. هن به پنهنجي والد صاحب واري يونيورسٽي ورجينيا يونيورسٽي مان هسٽري ۽ ايڪانامڪس ۾ گرئجوئيشن ڪئي آهي. ڊاڪٽر شفقت جي ٻي نياڻي ٽيچنگ ۾ آهي ۽ فرزند رضا علي هاورڊ يونيورسٽيءَ مان گرئجوئيشن ڪرڻ بعد هاڻ پنهنجي والد جي فرم ۾ ڪم ڪري ٿو.
    مٽيارين جي هيءَ سيد ڄاموٽ فئملي نه فقط تعليم ۽ زمينداريءَ ۾، پر بزنيس ۽ انڊسٽريءَ ۾ به ڪافي اڳيان اڳيان آهي. اسان ننڍا هئاسين، يعني پنجاهه واري ڏهي جي ڳالهه آهي ته پنهنجي شهر هالا جي منهن وٽ ڄاموٽ جننگ فئڪٽريءَ جو بورڊ ۽ فئڪٽري نظر ايندي هئي. هندن واپارين جون مختلف فئڪٽريون ته جتي ڪٿي نظر اينديون هيون، پر حيدرآباد کان نوابشاهه تائين هيءَ واحد فئڪٽري هئي، جيڪا مسلمان جي هئي. سائين ذوالفقار علي ڄاموٽ صاحب جي سڀ کان ننڍي سوٽ علي گوهر (جيڪو پڻ پيٽارين آهي ۽ جنهن جو پٽ ڊاڪٽر علي اڪبر اسرى يونيورسٽيءَ ۾ آهي ۽ اڄڪلههPh.D ڪري رهيو آهي) تنهن ٻڌايو ته اها فئڪٽري سندن چاچي سردار محمد علي شاهه سيد جيئندل شاهه ۽ سندن والد حاجي محمد انور شاهه جي ڪوششن سان پاڪستان ٿيڻ سان قائم ڪئي وئي. هتي اهو به لکندو هلان ته حاجي انور علي شاهه هڪ بيحد درويش صفت انسان ٿي گذريو آهي، جنهن کي مذهب ۽ ادب سان تمام گهڻو لڳاءُ هو. پاڻ ڪيترائي مدرسا ٺهرائين ۽ شاگردن جي مدد ڪيائين. مٽيارين واري النور مسجد به سندن ٺهرايل آهي.
    بهرحال هتي منهنجي لکڻ جو مقصد فقط هي آهي ته مٽيارين جا هي سيد تعليم ۽ مذهب سان گڏ حق حلال جي ڪمائيءَ لاءِ هنن ائگريڪلچر، بزينس ۽ انڊسٽري ۾ به محنت ڪئي. بقول سنڌين جي حقن لاءِ جنگ جوٽيندڙ ۽ ضياءَ جي جيل ڀوڳيندڙ آفتاب شاهه جي ته هنن جي سيد فئملي اها آهي، جنهن کي ڪوبه مريد نه آهي، يعني اهو جيڪو اڄڪلهه فئشن آهي ته پير ڪهڙو به هجي، پر هن جا مريد هن کي ئي ووٽ ڏيندا، پير ڪهڙو به جاهل ۽ سُست هجي. هن کي نوڪري يا پورهئي جو فڪر نه ڪرڻ کپي، جو مريد گهر ويٺي ڏن پهچايو وڃن. اها ڳالهه مٽيارين جي هنن سيدن سان وابسته ناهي. هنن کي اسيمبلي ۾ ميمبر ٿي اچڻ بعد ماڻهن جا ڪم ڪرڻا پون ٿا. جنهن جي آڌار تي ئي هو ٻي اليڪشن ۾ عوام کان ووٽ حاصل ڪرڻ جي اُميد رکي سگهن ٿا. هنن جي گذر سفر جو اهوئي رستو آهي ته پاڻ محنت ڪن ۽ ان ڏس ۾ هنن نه فقط پاڻ ڊاڪٽر، انجنيئر، زميندار، بزنيس مين ۽ انڊسٽريلسٽ ٿي روزگار جو بندوبست ڪيو آهي، پر ٻين لاءِ به روزگار مهيا ڪيو آهي. ان جو هڪ مثال مٽياري شوگرمل ۽ ان جي اوس پاس پڪن رستن جو وڇايل ڄار آهي. جتي سردار محمد علي شاهه ڄاموٽ جننگ فئڪٽري لڳرائي، اتي سندن لائق فرزند ذوالفقار علي شاهه ڄاموٽ مٽيارين ۾ شوگرمل لڳرائي اوسي پاسي جي ماڻهن لاءِ روزگار مهيا ڪيو. هن فئڪٽريءَ جو 1986ع کان ٺهڻ جو ڪم شروع ٿيو ۽ 1992ع ۾ فئڪٽريءَ پروڊڪشن شروع ڪئي ۽ اڄ ڏينهن تائين اها بهتر نتيجا ڏئي رهي آهي، اڄ کان ويهه سال اڳ اهي مڪاني ماڻهو جيڪي هن فئڪٽريءَ ۾ مزور ڀرتي ٿيا، اڄ اهي قابل ٽيڪنيشن، ويلڊر، مستري، مڪينڪ آهي. فئڪٽريءَ جي مئنيجر دوست محمد بلوچ ٻڌايو ته ذوالفقار علي شاهه ڄاموٽ صاحب فئڪٽريءَ ۾ ڪم ڪندڙ هر ماڻهوءَ جو خيال رکي ٿو ۽ سندن ترقيءَ تي کين خوشي ٿئي ٿي ته سندس ڳوٺ جا غريب ماڻهو روزگار لاءِ پرديس ۾ وڃي ڌڪا کائڻ بدران هتي گهر ڀرسان ئي ڪمائي رهيا آهن.
    سائين ذوالفقار ڄاموٽ صاحب جون ڪجهه ڪجهه ڳالهيون مون کي ملائشيا جو سابق وزيراعظم مهاتير محمد ياد ڏيارينديون آهن. جيڪو پڻ ڄاموٽ صاحب وانگر هر وقت اهو چوندو هو ته ڪنهن به علائقي جي ترقي چاهيون ٿا ته روڊ رستا ٺاهيو ۽ ان بعد ماڻهن جي صحت ۽ تعليم لاءِ اسپتالون ۽ اسڪول ٺاهيو. ڄاموٽ صاحب کي زراعت جو به بيحد شوق ۽ اونو آهي. پاڻ گريجوئيٽ به ائگريڪلچر جا آهن. منهنجو ڀاءُ حاجي اشفاق هر وقت کانئن ان بابت صلاح مشورو وٺندي نظر ايندو آهي.
    ڄاموٽ صاحب جن فصل کي نقصان رسائڻ وارن جيتن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ مٽيارين ۾ هڪ اعلى قسم جي بايولاجيڪل ڪنٽرول لئبارٽري به ٺهرائي آهي، جنهن ۾ قابل سائنسدان ۽ زراعت جا ڄاڻو تجربا ڪن ٿا. هنن ويجهڙائيءَ ۾ فصل کي چٽ ڪرڻ وارن جيتن کي مارڻ لاءِ ٻه قدرتي دشمن پيدا ڪيا آهن. هڪ ٽائڪوگراما جيت جيڪو ڪمند جي فصل کي چٽ ڪرڻ وارن جيتن جو خاتمو آڻي ٿو ۽ ٻيو Chrysoperla جيڪو ميلي بگ، سفيد مکين، پريلا، aphids ۽ thrips جهڙن نقصانڪار جيتن جو دشمن آهي. اهي جيت ڪيلي، ڪپهه، ڪمند ۽ ڀاڄين جي فصل کي نقصان رسائين ٿا. مٽياريءَ جي هن بايولاجيڪل لئبارٽري ۾ مٿين ٻن ڪمن جي جيتن جا آنا (eggs) ڪارڊن تي چنبڙائي زميندارن کي پهچايا وڃن ٿا ۽ لئبارٽريءَ جا ماهر هنن جي رهنمائي ۽ مدد ڪن ٿا.
    مٽياريءَ جي هنن سيدن جا وڏا عربستان کان پهرين ايران آيا، جتان پوءِ هرات (اڄ واري افغانستان) مان 1521ع ۾ مغل تيمور بادشاهه سان گڏ سنڌ ۾ آيا، جن مان سيد مير علي شاهه هالا جي ڀرسان متعلوي شهر ۾ اچي آباد ٿيو ۽ هن مڪاني عورت سان شادي ڪئي. محمد موسى شاهه باقر محمد شاهه ۽ سيد جروار شاهه وغيره سندن اولاد مان آهن. مون وٽ هن خاندان جو فقط ويجهڙائيءَ وارو شجرو موجود آهي، جنهن ۾ جيئندل شاهه جنهن کي پاڻ جيئندل شاهه اول سڏينداسين، جيئندل ڪوٽ مٽياري ۾ رهائش اختيار ڪئي. سندن فرزند محمد علي شاهه کي ٻه پٽ ٿيا. هڪ جيئندل شاهه (جنهن کي پاڻ جيئندل شاهه ٻيو ٿا سڏيون) مخدوم طالب المولى جي ڏاڏي مخدوم محمد زمان جو همعصر هو ۽ ٻيو خانبهادر سيد حسن علي شاهه.
    سيد حسن علي شاهه کي پنج پٽ ٿيا: امام علي شاهه جيڪو ننڍي هوندي گذاري ويو، ٻيو سردار محمد علي شاهه جيڪي MLA (ميمبر ليجسليٽو اسيمبلي) ۽ حيدرآباد لوڪل بورڊ جا چيئرمين پڻ هئا. ٽيون سيد جيئندل شاهه (جنهن کي پاڻ ٽيون سڏي سگهون ٿا.) پکين ۽ جانورن جو بيحد شوقين هو، چوٿون حاجي محمد انور شاهه ۽ پنجون سيد حاجي فضل شاهه (ايس گل).
    سردار محمد علي شاهه وڏو ڀاءُ هجڻ ڪري ڄاموٽ سڏبو هو، کين ٻه پٽ آهن. وڏو ذوالفقار علي شاهه آهي، هو پڻ وڏي حيثيت ۾ ڄاموٽ سڏجن ٿا ۽ ٻيو ڊاڪٽر سيد شفقت علي شاهه آهي. پاڻ ٽي دفعا سينيٽر رهي چڪا آهن. پهريون دفعو ڀٽي صاحب جي دور ۾ 1973ع کان 1979ع تائين ۽ ٻه ٽرم 1985ع کان وٺي 1997ع تائين ڪيائون.
    هڪ ڏينهن ڄاموٽ صاحب کان مون سندس اسڪول جي ڏينهن وارن ڪلاس ميٽ دوستن جو پڇيو ته اهي ڪير ڪير هئا. ڪجهه اهم شخصيتون جن کان اسان سڀ واقف آهيون، هن ريت آهن.
    • خيرپور جو هزهائينيس مير علي مراد خان (ايچيسن ڪاليج لاهور).
    • نواب آف ڪالاباغ جو پٽ نواب اسد (لاهور)
    • علي نواز شاهه ميرپور خاص وارو، وزير زراعت. ( هي ۽ هيٺيان سڀ ڄاموٽ صاحب جا حيدرآباد واري سينيٽ بونا وينچر اسڪول جا ڪلاس ميٽ آهن.)
    • عطا محمد مري صاحب (اڄ جي وزير شازيه مريءَ جو والد).
    • سهيل رانا – فلمن جو ميوزيڪ ڊائريڪٽر.
    • خير محمد جوڻيجو.
    • اقبال قاضي صاحب، سابق سنڌ سيڪريٽري.
    پڙهندڙن کي اهو معلوم ڪري ضرور مون وانگر حيرت ٿيندي ته سائين ذوالفقار علي ڄاموٽ صاحب کي ٿورو گهڻو شڪار جو به شوق رهيو آهي ۽ شڪار به ڪينجهر ۽ منڇر ڍنڍ تي وڃي وسوڙيل ڪونجن ۽ ويڳاڻين آڙين تي فائر ڪرڻ جو نه، پر آفريڪا ۾ وڃي خونخوار جانورن تي هٿ سڌو ڪرڻ جو. هڪ دعوت ۾ جتي سوڊان جو ذڪر نڪتو، اتي سائينءَ کان هن ملڪ جون تفصيلي ڳالهيون ٻڌي مون کي ۽ مون سان گڏ ويٺل سوڊان جي سفير ظفر شيخ کي تعجب لڳو. هيستائين هو سوڊان جي گاديءَ واري شهر خرطوم جون ۽ آءُ سوڊان جي بندرگاهه پورٽ سوڊان جون ڳالهيون ڪري، اسان سمجهندا هئاسين ته سوڊان جي تاريخ جاگرافيءَ جا اسان ئي ڄاڻو آهيون، جو انهن شهرن ۾ رهي آيا آهيون. پر ان ڏينهن ائين لڳو ته سائينءَ سوڊان بابت يا ڪتابن ۾ پڙهيو آهي يا اتان ٿي آيا آهن. هڪ ٻيءَ ملاقات ۾ پاڻ کلندي ٻڌايائون ته هو شڪار جي شوق خاطر 1982ع ۽ 1983ع ۾ ٻه دفعا سوڊان ۾، 1984ع ۾ آفريڪا جي ملڪ زمبابوي ۾ هڪ دفعو 1985ع ۾ بوٽسوانا ۾ ۽ 1986ع ۾ تنزانيا ۾ رهي چڪا آهن.
    جڏهن ننڍا هئاسين ته ڄاموٽ صاحب جن جو ۽ اسان جو ساڳيو ضلعو حيدرآباد هو. هاڻ مٽياري ضلعو ٿيڻ تي اسان کي پنهنجي شهر سان گڏ حيدرآباد بدران مٽياري ضلعو لکڻو پوي ٿو ۽ اسان جي مٽياري ضلعي جو ناظم ڄاموٽ صاحب جو وڏو فرزند سيد محمد علي شاهه آهي. ڄاموٽ صاحب جي ٻئي فرزند جو نالو سيد تيمور علي شاهه آهي.
    اسان جي دوست سيد ذوالفقار علي شاهه ڄاموٽ صاحب کي هي ڪتاب منسوب ڪندي خوشي محسوس ڪريان ٿو. پاڻ اسان کان ٽي سال وڏو آهي، اڄ سندن عمر کي ستر سال پورا ٿيڻ تي آهن ۽ زندگيءَ جو نئون سال شروع ٿيڻ تي کين مبارڪباد پڻ پيش ڪريان ٿو.
    الطاف شيخ
    ڪراچي
    15 – اپريل 2010ع


    مهاڳ

    جڏهن ادا الطاف مون کي سندس ڪتاب “هلي ڏسجي هندستان” لاءِ مهاڳ لکڻ لاءِ چيو ته سچ پچ مون کي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ خوشي ٿيڻ به گهرجي، ڇو ته هونئن ادا الطاف جي ڪيترن ملڪن بابت پنهنجا سفرناما اسان تائين ڪتابن جي شڪل ۾ پهچائي چڪو آهي. پر سنڌ کان پوءِ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ سنڌين واي ديس هندستان تي سندس لکيل سفرنامو اسان سنڌين لاءِ هندستان ۾ رهندڙ سنڌين بابت وسيع ۽ نهايت ڪارائتي معلومات مهيا ڪري ٿو.
    ادا الطاف سان منهنجا تعلقات تمام پراڻا آهن. سندس والد صاحب مرحوم گل محمد شيخ ۽ منهنجي والد صاحب محترم علي احمد قريشي گڏ پڙهيا هئا ۽ هڪ ٻئي جا سٺا دوست هئا. ائين ئي منهنجو ننڍو ڀاءُ ظهير بابر ۽ ڀاءُ الطاف هڪ ئي پروفيشن، يعني پاڻيءَ جي جهازن تي گڏ انجنيئر هئا ۽ آهن. ادا الطاف دادوءَ ۾ پنهنجن ئي مائٽن مان شادي ڪئي آهي. جيڪي اسان جا پاڙيسري آهن. اهڙيءَ طرح اسان جا پاڻ ۾ تعلقات وڌندا رهيا ۽ اڄ اسان جو پاڻ ۾ خانداني طور گهاٽو رستو آهي.
    ادا الطاف سنڌ جو هڪ يگانو ۽ نامور ليکڪ آهي ۽ سندس خاص صنف سفرناما آهن. سندس سڀ سفرناما لاجواب آهن، جن کي پڙهڻ سان ائين لڳندو آهي، ڄڻ ته اسان پاڻ سچ پچ اهوئي ملڪ گهمي رهيا آهيون. منهنجي لاءِ ذاتي طور سندس سفرناما تمام گهڻو مفيد ثابت ٿيا. ڪيترن ئي ملڪن ۾ ويندي ڪا به تڪليف ڪانه ٿي. آءُ جڏهن لنڊن ۾ ستر جي ڏهاڪي ۾ اعلى تعليم لاءِ ويل هئس ته ادا الطاف سان خطن ذريعي لکپڙهه هوندي هئي. هڪ دفعي پاڻ جاپان مان مون ڏانهن هڪ تصوير موڪليائين. جنهن ۾ پاڻ، امرجليل، تاج بلوچ ۽ مرحوم عبدالڪريم بلوچ ويٺل آهن.
    ادا الطاف مون کي تڏهن لنڊن ۾ هڪ دوست ڊاڪٽر ايم. بي جمالي خيرپور واري جي ائڊريس پڻ ڏني هئي ۽ ان سان واقفيت پڻ ڪرائي هئي ۽ پوءِ ڊاڪٽر صاحب وارن سان پڻ رستو ٿيو. ادا الطاف انهن وٽ جڏهن انگلينڊ ايندو هو ته کيس ڊاڪٽر صاحب وارا ڳُڙ جي بصري کارائيندا هئا ۽ پوءِ ڊاڪٽر صاحب وارن اسان کي به بصري کارائي.
    ادا الطاف جون ڳالهيون ياد ڪندي آءُ ڪافي پري هليو ويس. ڇو ته هو ماڻهو ئي اهڙو ملوڪ آهي. سندس سفرنامن ۾ تمام گهڻي مڻيا آهي. دنيا ۾ جن سياحن سفرناما لکيا آهن، اُهي صرف چند ڪتابن تي منحصر آهن. پر ادا الطاف جا اڻ ڳڻيا سفرناما آهن ۽ هن هرهڪ شيءِ تمام تفصيل سان بيان ڪئي آهي.
    هونئن ته هو پاڻ پاڻيءَ جي جهازن جو انجنيئر آهي ۽ هندستان گهميل آهي، پر هن دفعي پاڻ هندستان گهمڻ هوائي جهاز ۾ روانو ٿيو هو.
    هندستان دنيا جي هڪ عظيم تهذيبن مان آهي، جنهن دنيا جون وڏيون وڏيون شخصيتون ۽ هستيون پيدا ڪيون آهن، جن دنيا جي مختلف علمن ۽ کيترن ۾ ڪم ڪيو آهي. انهن عالمن جي علم ۽ عمل سڄي دنيا جي ماڻهن لاءِ نئين سماجي تبديلي ۽ جاڳرتا جا گس ڏنا آهن.
    هندستان جي ڪيترن ئي عالمن نوبل انعام پڻ حاصل ڪيا آهن ۽ پنهنجي پنهنجي فڪر ذريعي ماڻهن کي ترقيءَ جي نَون رستن ڏانهن راغب ڪيو.
    هتي آءُ هڪ ڳالهه ڪرڻ چاهيان ٿو ته چند ڏينهن اڳ منهنجي سنڌ جي هڪ تمام پراڻي آفيسر محترم صلاح الدين قريشيءَ سان ملاقات ٿي ۽ ادا الطاف جو ذڪر نڪتو ته هن ماڻهوءَ جو هٿ مٿي کڄي ويو ۽ چيائين ته الطاف شيخ کي منهنجو سلام آهي ۽ هاڻي کيس ابن بطوطه وانگر ٿيڻ گهرجي. مون چيو ته سائين! هن ته ابن بطوطه اڍائي ڪتاب لکيا، هن جي قلم ته ستر کان مٿي ڪتابن ۾ دنيا جي اڪثر ملڪن کي قلمبند ڪيو آهي. ائين ئي ڳالهائيندي ڳالهائيندي اسين ٻئي انهيءَ راءِ جا ٿي وياسين ته ادا الطاف شيخ بنا ڪنهن شڪ شبهي جي تمام وڏو ليکڪ آهي ۽ سنڌ جي ماڻهن کان هن تمام وڏي ڄاڻ ڏني آهي. توهان ڏسندو ته سنڌ جي هر باشعور ۽ پڙهيل ماڻهوءَ وٽ هن جو ڪتاب ضرور هوندو ۽ هر لائبريري سندس ڪتابن ان مزين هوندي، اڄڪلهه جي دور ۾ جنهن ۾ تمام گهڻي گهما گهمي هجي، اتي پنهنجي مٺڙيءَ ٻوليءَ لاءِ ايڏو وقت ڪڍي لکڻ ۽ ٻولي ۽ ادب کي مالا مال ڪرڻ هڪ وڏي خدمت آهي. اها ادا الطاف جي سلڇڻائپ آهي. جو هن بنا ڪنهن آرام ۽ وقفي جي ايترو ڪجهه لکيو آهي ۽ اسان کي ڏنو آهي.
    هتي اها ڳالهه به ضرور ڪرڻ گهرجي ته هنن سفرنامن ۾ نوجوانن لاءِ تمام گهڻي رهنمائي موجود آهي. ادا الطاف پنهنجي سڄي زندگيءَ جا مشاهدا، تجربا، ويچار ۽ خيال هر وقت پنهنجن ڪتابن ذريعي سڀني سان ونڊڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ سندس ٻوليءَ جو ڊڪشن تمام مضبوط آهي. سندس انهن خاصيتن ئي سندس سفرنامن کي من موهيندڙ ۽ دلپذير بڻايو آهي. هندستان جي سندس هن سفرنامي ۾ سفر جون سولايون ۽ ڏکائيون، ويزا وٺڻ کان پوليس رپورٽنگ تائين ۽ پوءِ گهمڻ ڦرڻ جا سڀ طور طريقا ڄاڻايل آهن.
    مون پڻ هندستان جو سفر ڪيترائي دفعا ڪيو آهي، پر اڃا انهيءَ بابت سفرنامو لکي نه سگهيو آهيان. هن سفرنامي ۾ ڪافي ڳالهيون انوکيون آهن. هندستان تي تمام گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي ۽ ان سلسلي ۾ ڪافي سفرناما منهنجي نظر مان گذريا آهن. انهن ۾ ڀيڻ مهتاب محبوب جو سفرنامو به آهي ۽ منهنجي والد صاحب جو به هڪ ننڍو سفرنامو “جمنا ڪناري” آهي. جنهن تي ادا الطاف پنهنجو هڪ ڀرپور نوٽ لکيو آهي. اردوءَ ۾ “دهلي درشن” جي نالي سان اسان جي نوجوان دوست ذوالفقار هاليپوٽو جو به هڪ ننڍو سفرنامو آهي. پر ان کان اڳ ادا الطاف جو لکيل “دهليءَ جو درشن” سنڌيءَ ۾ 400 صفحن تي لکيل سفرنامو به ڇا ته لاجواب انداز ۾ لکيل آهي.
    هندستان جو ورهاڱو آگسٽ 1947ع ۾ ٿيو. جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان هڪ الڳ ملڪ وجود ۾ آيو. هندستان جي خاص ڳالهه اها آهي ته هنن پنهنجا ادارا ٺاهيا آهن ۽ انهن کي وڌايو ويجهايو ۽ مضبوط ڪيو آهي.
    ورهاڱي کان پوءِ سنڌ ۾ رهندڙ سنڌي هندو هتان لڏي وڃي هندستان نڪتا ۽ سندن جاءِ تي هندستان مان لڏي آيل مسلمان اچي سنڌ ۾ سهڙيا. سنڌ ۾ رهندڙ سڀني سنڌين يعني هندن توڙي مسلمانن جي ٻولي ۽ ثقافت ساڳي ۽ هڪ هئي. هندستان مان ايندڙ مسلمانن جي ٻولي اردو آهي. جيڪا سنڌي ٻوليءَ کان تمام گهڻو مختلف آهي سندن ثقافت به اسان جي ثقافت کان گهڻو الڳ آهي.
    هن سفرنامي ۾ ادا الطاف هندستان جي مختلف شهرن جو ذڪر ڪيو آهي. خاص ڪري ممبئي شهر بابت ڪافي ڳالهيون ٻڌايون آهن. سندس مضمون “جمشيد ٽاٽا غيرت ۾ اچي هوٽل ٺهرائي” تمام عاليشان ۽ پڙهڻ وٽان آهي. هندستان تي سفرنامو لکڻ هڪ سولو ڪم به آهي ته وري تمام ڏکيو ڪم به ڏکيو ان ڪري جو هندستان ۽ پاڪستان جا تعلقات 1947ع کان وٺي اڄ تائين ڪشيده رهيا آهن ۽ وقت سر ڦِرندا گرندا رهيا آهن. ٻئي حڪومتون سياسي طور تي هڪ ٻئي تي الزام هڻنديون رهيون آهن.
    پاڪستان ۽ هندستان جو عوام هڪ ٻئي سان تمام ويجهو اچڻ چاهي ٿو وچ ۾ ڪجهه سال اها ڪشيدگي ڪافي حد تائين گهٽجي وئي هئي ۽ گهڻائي ماڻهو هندستان ۽ پاڪستان اچڻ وڃڻ لڳا هئا. ڪي ماڻهو مائٽن دوستن سان ڪي گهمڻ ڦرڻ لاءِ، ڪي زيارتن لاءِ ۽ ڪيترا وري ڪانفرنسن ۽ سيمينارن ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ اچڻ وڃڻ لڳا. انهن سالن ۾ هندستان جا سنڌي عالم ۽ اديب تمام وڏي تعداد ۾ سنڌ اچڻ لڳا. ساڳئي وقت سنڌ جا اديب، شاعر ۽ دانشور پڻ اوڏانهن وڃڻ لڳا. انهيءَ اچ وڃ جي ذريعي ٻنهي ملڪن جي ليکڪن جون هڪ ٻئي سان محبتون وڌيون ۽ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب کي تمام گهڻو فائدو رسيو.
    جيڪي اديب دانشور ۽ گائڪ سنڌ آيا، تن پنهنجي هن ڌرتيءَ “سنڌ” جتي هو ڄاوا هئا، سا پنهنجي محبت جو اظهار ڪيو ۽ بار بار اهوئي پئي چيو ته اها سنڌ ئي آهي، جيڪا اسان سڀني جي سڃاڻپ آهي، اسان سڀني جي عزت ۽ وقار آهي. هنن پنهنجن لکڻين ۾ نه صرف سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب کي برقرار رکيو آهي، پر عربي سنڌي لپيءَ کي به برقرار رکيو آهي. سون ۽ هزارن ۾ ڪتاب لکيا، جيڪي اتي ڇپيا ۽ پوءِ سنڌ به آيا، اهڙي نموني سنڌ جا ڪتاب اوڏانهن ويندا رهيا. اهو سندن قلم ساراهه جوڳو آهي، جو هنن پنهنجن ٻارن کي سنڌي پڙهائي ۽ اڄ به پڙهائيندا پيا اچن. ادا الطاف جي ڪتاب مان هندستان جي سنڌين سان ملڻ وقت انهيءَ قسم جون جهلڪيون پڻ نظر اچن ٿيون.
    حقيقت ۾ هن مهل هندستان ۽ پاڪستان جي سنڌين جا فاصلا صرف سنڌي ادب جي واڌاري ذريعي ئي گهٽائي سگهجن ٿا ۽ اهڙي نموني سنڌ ۽ هند جي سنڌي ادارن جو پاڻ ۾ ڳانڍاپو برقرار رکي سگهجي ٿو.
    هن سفر نامي کي ادا الطاف جهاز ۾ چڙهڻ کان وٺي واپسيءَ تائين هڪ مزيدار ۽ سهڻو بڻايو آهي. ممبئي شهر بابت پاڻ تمام تفصيل سان ذڪر ڪيو اٿس ته ڪيئن ممبئي برطانيه جي شهزادي کي ڏاج ۾ مليو ۽ پوءِ انگريزن ڪيئن ممبئيءَ کي ٺاهيو ۽ ساڳئي وقت ممبئي جي مشهور پارسي ڪاروبارين ۽ اتان جي هندو واپارين ان کي ٺاهڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو.
    تاريخ شاهد آهي ته انگريز سرڪار اڌ دنيا تي حڪمراني ڪئي ۽ 1843ع ۾ سنڌ تي قبضو ڪري، ان کي ممبئي پرزيڊنسي سان ڳنڍي ڇڏيو هو. ساڳي وقت هڪ عرب ملڪ يمن جو اهم شهر “عدن” پڻ ممبئي جي انتظاميه هيٺ هوندو هو. ممبئي جا ٻه تمام وڏا پارسي جهڙوڪ جمشيد ٽاٽا ۽ دادا ڀائي نوروجي گڏجي هندستان، خاص ڪري ممبئي جي تعليم ۽ ترقيءَ ۾ تمام وڏو ڪردار ادا ڪيو. ايتري قدر جو دادا ڀائي نوروجي ايڊلجي ڊنشا (Dada Bhou Nauroji Edelji Dinshal) وارن گڏجي ڪراچيءَ جي شهر ۾ پڻ ٻه ايترا وڏا تعليمي ادارا قائم ڪيا، جيڪي هن وقت ماما پارسي اسڪول ۽ اين اي ڊي (NED) يونيورسٽيءَ جي نالي سان مشهور آهن. انهن ۾ انسان دوستي ۽ انسانذات جي خدمت جو وڏو جذبو هو. سندن سڄي زندگي اهڙن ڪمن ۾ گذري.
    ادا الطاف پنهنجي هن سفرنامي ۾ جيڪي سنڌين سان ملاقاتون ڪيون، تن ۾ پاڻ دادا جي ۽ موتياڻي ۽ دادا جشن واسواڻي جو تمام وڏو ذڪر ڪيو آهي ۽ اهي ٻئي سنڌ جي سماجي تبديليءَ جا وڏا محرڪ رهيا آهن. دادا جشن واسواڻي سنڌ جي انتهائي وڏي ساڌو ٿانورداس ليلارام واسواڻي (T.L Waswani) جي خاندان مان آهي ۽ هو پنهنجي خدمت خلق کي ساڌو واسواڻي جي مشن ذريعي کنيو اچي.
    دادا جشن واسواڻي وٽ هڪ وڏي ٽيم آهي ۽ هو انهيءَ مشن ذريعي هزارين غريب ماڻهن جو علاج ڪرائين ٿا. ايتري قدر جو سنڌ مان ڪيترائي ماڻهو سندن خرچ تي ممبئي وڃن ٿا ۽ پنهنجو علاج ڪرائي واپس اچن ٿا. ادا الطاف اهڙي نموني ڪافي سنڌين سان مليو آهي ۽ ڪافي ڪچهريون ڪيون آهن.
    مٿي ذڪر ڪيل T.L واسواڻي جي تمام وڏي خدمت “تحريڪ ميران” آهي جيڪا هن 1933ع ۾ حيدرآباد سنڌ ۾ شروع ڪئي. ميران تحريڪ تحت هنن تعليم جي ڪم ۾ تمام گهڻي اڳڀرائي ڪئي حيدرآباد ۾ ميران هاءِ اسڪول قائم ڪيو، جيڪو اڄ به موجود آهي. ورهاڱي کان پوءِ اها تحريڪ هندستان ۾ تمام وڏي ليول تي هلي رهي آهي.
    ادا الطاف پنهنجي هن ڪتاب جي هڪ مضمون ۾ پوني شهر کي علم جو آماجگاهه سڏيندي “مشرق جي آڪسفورڊ” ڪوٺيو آهي، هن ممبئي سان گڏ پوني شهر جي باري ۾ تمام تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي پاڻ پوني ۾ هڪ ته دادا جشن واسواڻي جو ليڪچر اٽينڊ ڪيائين ۽ ٻيو ته صوفي ازم تي پيپر پڻ پڙهيائين. هن پوني شهر جو تفصيل سان چڪر هنيو ۽ پوني ۾ رهندڙ ڪافي سنڌين سان پڻ ڪچهريون ڪيائين. خاص ڪري سنڌ جي هڪ وڏي ليکڪا سانئڻ ريٽا شاهاڻيءَ ۽ چندر صاحب سان، سندس اهي ملاقاتون انتهائي دلچسپ ۽ پڙهڻ جهڙيون آهين منهنجي خيال ۾ ته ادا الطاف جو هي سڄو سفرنامو انتهائي لاڀائتو آهي. جيڪي دوست ممبئي ۽ پوني جو تفصيلي سير ڪرڻ چاهين ٿا، انهن جو سفر هن ڪتاب پڙهڻ کان سواءِ اڻ پورو آهي.
    ادا الطاف سڄي سفرنامي کي بهترين انداز ۾ پيش ڪيو آهي. ادا الطاف سنڌ جو هڪ روشن خيال، انسان دوست ۽ امن جي پرچار طور پنهنجي قلم کي انوکي انداز ۾ استعمال ڪيو آهي.
    سندس ڪتاب جي ورق گرداني ڪندي مون کي انتهائي گهڻي ڄاڻ ملي آهي. هن ڪوشش ڪري اُتان جي هر پهلوءَ خاص ڪري سماجي ۽ اقتصادي پهلوءَ تي وڌيڪ ۽ واضع نموني لکيو آهي. منهنجي دعا آهي ته الله تعالى سندس قلم کي وڌيڪ طاقت عطا ڪري ۽ سندس عمر ڊگهي ڪري ته هو اڃان پنهنجي ٻوليءَ جي وڌيڪ خدمت ڪندو رهي.

    پروفيسر اعجاز قريشي


    عرفانه ملاح پاران

    سونا ٻنڊيءَ جي گهاٽي جهنگ جي ڪناري، درياء جي پاسي ۾ هڪ ننڍڙي ڳوٺ سيتا ننڍيءَ ۾ اک کولڻ سان، منهنجي ڪل ڪائنات، ان ڳوٺ جي آس پاس واري دنيا ئي هُئي، جيڪا بنهه محدود پر انتهائي رنگين هئي. ان دنيا جي imperfect يا اڌوري هجڻ جو احساس مونکي پهريون ڀيرو الطاف شيخ جو سفرنامو پڙهي ٿيو هُيو. ننڍپڻ جي اها “منهنجو ساگر، منهنجو ساحل” ڪتاب پڙهڻ جو نتيجو هئي. مونکي ياد ناهي ته ان وقت منهنجي عمر ڪيتري هئي، پر مان پنجين جماعت ۾ پڙهندي هيس جڏهن مونکي عمرو عيار جون ڪهاڻيون ڏاڍيون موهينديون هيون، ان وقت عمرو جي محدود “عيارين” ۽ “شرارتن” جي خوبصورت دنيا ۾ منهنجي ننڍڙي ڳوٺ جي زندگي فٽ هوندي هئي. ان دور ۾ الطاف شيخ جي سفرنامن ڏاڍي خوبصورتيءَ سان عمرو جي ننڍڙي مشڪرين کان آڱر وٺي مونکي زندگي جي وصعت، خوبصورتيءَ ۽ حقيقي ماڻهن جي اصلي مشڪرين، عيارين سان متعارف ڪرايو. الطاف شيخ جي سفرنامن جي دنيا منهنجي اندر جي ڪائنات کي وسعت بخشي، ان وقت مونکي ڪابه خبر نه هئي ته سيلاني ڇا ٿيندا آهن، مان صرف ايترو ڄاڻيندي هيس ته هن ڳوٺ جي دريا تي جيڪي ماڻهن کي دريا پار ڪرائيندا آهن اهي “پاتڻي” هوندا آهن. مان انهن جي خاندان سان واسطو رکندڙ هيس، منهنجي نسل تائين جيتوڻيڪ پتڻ پنهنجي تاريخي حيثيت وڃائي چڪا هُئا، هر هنڌ روڊ رستا ٺهي ويا هُيا، پر تڏهن به منهنجي ڏاڏي مونکي دريا جي دهشت، ٻيڙين سفرن ۽ ملاحن جي انهن سان مقابلي جون ڳالهيون ٻڌائيندي هئي.
    ۽ وڏي ٿيس ته اهي داستان پنهنجي ننڍپڻ واري سموري خوبصورتيءَ سان الطاف شيخ جي سفرنامن ۾ موجود مليا. الطاف شيخ جي سفرنامن مونکي خيالي دنيا مان ڪڍي ٺوس دنيا سان ملايو. مونکي ياد آهي جڏهن مان ستين جماعت ۾ پهتي هُيس ته اهو منهنجي ڳوٺ ۾ مشهور ڌاڙيل پرو چانڊيوجو دؤر هيو، هر طرف ماڻهو دهشت ۾ هيا، هن ڳوٺ جا ٻه ڳڀرو جوان ڪُٺا هئا. اسان ٻار ته اهڙا ڊڄي ويا هياسين جو گهٽيءَ ۾ به ڪونه نڪرندا هياسين نه ئي گهر وارا اسڪول ڇڏيندا هئا. ڇاڪاڻ ته اسڪول ڪوئي ٻه ٽي ڪلو ميٽر ڳوٺ کان پري ٻي ڳوٺ ۾ هيو. ان دهشت، خوف، نراسائي، منهنجي ننڍپڻ جي دنيا کان بيزار ڪري ڇڏيو هُيو.
    ان وقت منهنجو وڏو ڀاءُ الطاف شيخ جي ڪتابن جا بنڊل وٺي آيو هُيو ۽ مان پنهنجي منهن اهي پڙهي زور سان کلي رهي هيس ته منهنجي ماءُ چيو ته هن خوف ۾ توکي کل لڳي آهي. دماغ ته نه ڦري ويو اٿئي. اهي بلڪل بنهه ننڍڙيون ڳالهيون هيون، ڪنهن فلم جو ذڪر هُيو ۽ پوءِ شميم آرا تي ريمارڪس لکيل هُيا ۽ ڪڏهن ڪڏهن اسين به اهي فلمون ڏسندا هئاسين. اهڙي طرح وري ڪنهن ٽيگرو عورت جي ٿولهه بابت مشڪري ٺهيل هئي ، پر منهنجي ذهن تي اڄ به انهن سفرنامن پڙهڻ وارو دور ايترو نقش ٿيل آهي جو منهنجو ننڍپڻ جون يادگيريون انهن جي ذڪر کان سواءِ ناممڪن آهن. اهي منهنجي وجود جو حصو آهن، جنهن دور ۾ الطاف شيخ اهي سفرناما لکيا پئي، ان وقت پاڪستان ۾ گهٽ ۾ گهٽ اهڙن ذاتي ۽ بنهه spontaneous سفرنامن لکڻ جو ايترو رجحان به ڪونه هيو. جيتوڻيڪ الطاف شيخ هميشہ وانگر پاڻ کي سمنڊ جو “سيلاني” ئي ڪوٺيو آهي پر حقيقي طور هو سمنڊ جو نه پر ادبي دنيا جو سيلاني آهي. جنهن سمنڊ جي بي رونق زندگيءَ ۾ پنهنجي خوبصورت تخيل سان نه صرف رونق ڀري پر انهيءَ تخيل کي جنهن ڪمال ۽ سادگيءَ سان اسان تائين پهچايو، اهو يقينن جس لهي. حقيقي سفرنامن ۾ ڪهاڻيون پڙهڻ، اهي به اهڙيون جو هڪ گهڙي، هڪ لمحي لاءِ به اهو نه ٿو لڳي ته اهي “ڪردار” جيڪي سندن سفرنامن ۾ موجود آهن اهي ائين نه هوندا. ماڻهن جي غير اهم عادتن، مشڪرين،انساني شخصيتن جي خصيص کان خصيص پهلوئن کي نه صرف محسوس ڪرڻ ۽ انهن کي اوتري ئي خوبصورتيءَ سان بيان ڪرڻ جو اهي واقعي انهيءَ ماڻهوءَ ۾ اهڙيون خصلتون هجن به، الطاف شيخ جي سفرنامن واري بيان ۾ اهي ايتريون ناگوار يا ناپسند به لڳنديون پر يقينن هن ۾ مثبت تبديلي آڻينديون.
    مان اهي سفرناما هاڻي پڙهي حيران ٿي ٿيان، هاڻي يقينن انهن ڳالهين تي مونکي ايتري “کل” ڪانه ٿي اچي پر مون اهو ضرور محسوس ڪيو ته الطاف شيخ جي مشاهدائي ۽ انساني شخصيت جي مشاهدي وار “حس” تمام گهري آهي. ماڻهن جي ننڍين ننڍين ڳالهين جو نوٽيس وٺڻ ۽ وري جهاز جي پسمنظر ۾ انهن کي اهڙي طرح فٽ ڪرڻ جو انهن جهازن تي کڻي بندرگاهن جو ذڪر نه به هجي ته به سفرناما مڪمل لڳندا.
    ان سان گڏوگڏ سٺ ۽ ستر جي ڏهاڪن ۾ اڃا Management يا behavioral science جي مثبت سوچ وارو فسلفو اڃا عام نه هيو پر ان وقت الطاف شيخ جا سفرناما پڙهي احساس ٿئي ٿو، هر وقت، هر موڊ ۽ هر فرد جي لاءِ هن وٽ Positive approach آهي، ماڻهن جي روين، سمنڊ جي ڏاڍائين کان ڪنهن کان به ڪنهن به لمحي هيءَ ليکڪ نالان نه ٿو محسوس ٿئي. مان سندس optimistسوچن جي اظهار ۽ انهيءَ کي پنهنجي سفرنامن جي ذريعي پڙهندڙ جي سوچ جي زاويي کي ان رُخ ۾ موڙڻ واري خاصيت کان ڏاڍي متاثر ٿيس. اهوئي سبب آهي جو الطاف شيخ جي سفرنامن پڙهڻ کان پوءِ ڪنهن ٻئي رائيٽر جي سفرنامن دل تي اثر ئي نه ڇڏيو.
    نه صرف ايترو پر دل اهو به چاهي ٿي انهن جڳهين، شهرن ۽ ملڪن کي انهيءَ ئي نظر سان ڏسجي جيئن الطاف شيخ ڏيکاريو آهي، مان ڪجهه سال پهرين ملائيشيا جي خوبصورت شهر ملاڪا ويس جنهن جو پورو غائبانه تعارف الطاف شيخ اسان کي ڪرائي چڪو هَيو، مان حيران ٿيس ان شهر جي هر شيءِ هر گهٽي روڊ رستن تائين ائين لڳو ڄڻ هي سڀ مونکي پهرين به ڏٺل آهي. يقين “ملاڪا کان ملائيشيا تائين” مان پاڻ سان کڻي وئي هيس. اهي شهر، اهي گهٽيون، ماڻهو، مونکي پنهنجا پاڙي وانگر پنهنجا پئي لڳا ۽ مان يقين سان چئي سگهان ٿي. اهو بلڪل ساڳي طرح ئي سنڌ جي هر ان فرد کي ائين ئي محسوس ٿيندو جنهن الطاف شيخ جا سفر ناما پڙهيا هوندا. الطاف شيخ وٽ هر قوم، نسل ملڪ جي ماڻهن لاءِ پنهنجائپ وارو رويو آهي، اها ئي پنهنجائپ سندس پڙهندڙ به محسوس ڪن ٿا شايد تنهن ڪري ئي سنڌ جو نئون نسل جنهن الطاف شيخ کي پڙهيو آهي xenophobic آهي.
    ساڳي طرح سندس بيان ڪيل هر شخص سان شناسائي محسوس ٿي. الطاف شيخ “سيلاني” انجنيئر ۽ اديب ته آهي پر سندس اندر هڪ ٻاراڻا معصوميت به آهي مونکي هو جي Orhan Ramuk جي ناول Museum of innocence جي ٽائيٽل جهڙو لڳو، پوري دنيا گهمڻ کان پوءِ مختلف ماڻهن سان ملڻ، زندگي گذارڻ ۽ زندگي جو سڀئي “مُٺائيون” سهڻ کان پوءِ سندس ٻاراڻي “Curiosity” حيرانگي ڪابه تبديلي محسوس نه ٿيندي. ٻاراڻي عمر ۾ هر شيءِ ڏاڍي وڏي ۽ وسيع ٿيندي آهي ۽ الطاف شيخ سان ڳالهائي سندس تازيون لکڻيون پڙهي بلڪل ساڳيوئي تاثر اُڀري ٿو ته ڄڻ اڄ به هو ڪو معصوم ٻار آهي ۽ هن جي اردگرد جي دنيا ڏاڍي وسيع ۽ وڏي آهي. تازوئي “امرتا” رسالي سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد ۾ سندس شان ۾ رٿيل پروگرام جو احوال پڙهي مونکي اهو محسوس ٿيو ته شايد اها “Innocence” ئي آهي جو مسلسل لکجڻ ۽ ڇپجڻ جي باوجود سندس پڙهندڙن جو دائرو محدود نه ٿيو آهي. مان اهو احوال پڙهي حيران ٿيس ته ڪيئن نه سسئي پليجي کان وٺي رشيده حجاب تائين وارو دور معنى سندس ننڍپڻ کان ٻڍاپي تائين پهچڻ جي باوجود سندس ٻنهي شخصيتن ڏانهن ڪيتري معدبانه approach آهي. اهائي curiosity آهي، اوتروئي احترام آهي، يقينن اها خاصيت ڏاڍي يونيڪ ۽ محدود آهي.
    گارشيا مارڪئيز جي ناول جي ڪردارن وانگر سنڌ جي حقيقي فردن ۽ پنهنجي ساٿين کان ايترو تفصيل سان پر ايترن رُخن ۾ بيان ڪرڻ جو پڙهندڙ، جيتوڻيڪ سڄي زندگي انهن ماڻهن کان واقف ڀلي هجي پر ايترو ڪجهه نه ٿو ڄاڻي سگهي جيترو ڪجهه الطاف شيخ کين ٻڌائي ٿو. ڇو ته انسانن کي پنهنجي سمورين مثبت ۽ منفي پهلوئن سان ڏسڻ لاءِ جيڪا اک کپي، جيڪا دل کپي ۽ جيڪا سوچ کپي، عمل کپي يا تاريخ کپي، اها صرف الطاف شيخ جهڙن ماڻهن وٽ ئي آهي ۽ اها Museum of Innocence واري خاصيت تمام گهٽ اديبن، دانشورن، فنڪارن ۾ هوندي آهي ۽ جنهن وٽ به اها خاصيت هجي ٿي، دنيا جي خوبصورتي، انسانن جي چڱائي، وقت يا زماني جي ڊوڙ نه ان جي قلم کي زنگ لڳائي ٿي نه ئي سندس شخصيت جي رعنائي ختم ٿئي ٿي ۽ الطاف شيخ جي پوري زندگي انهيءَ جي گواهه آهي. مان سمجهان ٿي اها اسان جي خوشقسمتي آهي جو اسان کي هن مهل، هن دور ۾ به الطاف شيخ جهڙو اديب ۽ سفرناما لکڻ واري شخصيت موجود آهي، جنهن دنيا ڏانهن اهڙي کڙڪي کولي آهي، جنهن مان رڳو دنيا حسين ۽ خوبصورت نظر اچي ٿي ۽ ان جا رهندڙ ننڍڙيون ننڍڙيون غلطيون ڪندڙ معصوم انسان محسوس ٿين ٿا. جيڪي انسان کي انهن ڏانهن شفيق ۽ پيار وارو رويو رکڻ جو گس ٻڌائين ٿا. اهوئي سبب آهي جو اسين دنيا جي ٻين مذهبن، قومن، مختلف خطن ڏانهن نفرت يا خوف وارو نه پر گهڻائي ۽ مختلف هجڻ لاءِ مڃتا وارو احساس رکون ٿا.
    عرفانه ملاح
    سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو،
    حيدرآباد


    هڪ پڙهندڙ جو رايو

    الطاف جو سفرناما پڙهڻ جو آءُ به شوقين رهيو آهيان، بلڪ ان حد تائين جون مون سندس سفرناما پنهنجي ٽنڊي الهيار جي واقفڪار هاڪر الهڏني مڱڻهار کان رکت تي به وٺندو هئس ۽ پڙهندو هئس، هيءُ سفرنامو پڙهندي مون کي ايڏو ته مزو آيو جو، دل چاهيو ٿي ته جي وس ۾ هجي ته هاڻي ئي انڊيا جي انهن مڙني شهرن ۽ انهن جاين جڳهين جو سئر ڪجي ۽ انهن شخصيتن سان به وڃي ملجي، جن جو ذڪر الطاف ڪيو آهي. هڪڙي ٽوئرسٽ ليکڪ طور الطاف سدائين پنهنجن سفرنامن ۾ اُن ملڪ جي سياسي سماجي ۽ ثقافتي تاريخ کي به گڏ گڏ رکيو آهي، جنهن سان اُن ملڪ جي ۽ ماڻهن سڄي History تمام معلومات سميت اسان (پڙهندڙن) جي اڳيان اچو وڃي ٿي.
    هن سفرنامي کي به الطاف لکندي لکندي ڄڻ ته تاريخي به بڻائيندو ويو آهي ۽ ڇو ته هي اسان جي ڀر واري ملڪ جي باري ۾ آهي، جيڪو ورهاڱي کان اڳي اسان جو به ملڪ هو، تنهن ڪري هُن جي تاريخ، ڪلچر، رسم و روايات ۾ اسان جهڙن ماڻهن جي دلچسپي وڌي وڃي ٿي. آءُ حيران آهيان ته الطاف صاحب هيترو سارو ڪم ايتري مختصر عرصي ۾ ايڏي خوش اسلوبيءَ سان ڪيئن ڪري ورتو ۽ سوين سالن جي تاريخ جامع نموني گڏ ڪري ڏيڻ ۽ سفر جون نوٽنگس ڪرڻ وري گهمڻ ڦرڻ ۽ اُن کي انجواءِ ڪرڻ اهو سڀ هُو ڪيئن ٿو ڪري وٺي. ان مان ته لڳي ٿو يقيناً هن سان قدرتي ڏات، ڏانءُ ۽ ڏاهپ گڏ آهي تڏهن ئي ته هُو ايترو سٺو ڪم ڪري ٿو وٺي ۽ پڙهندڙ جي لاءِ الاءِ ڪيڏي اهم ترين معلومات ۽ سفر جون رنگينيون ڪٺيون ٿو ڪري وٺي.
    فقير محمد ڍول
    24-04-2010


    ليکڪ طرفان . . .

    “هلي ڏسجي هندستان” منهنجي انڊيا جي هن سفرنامي جو پهريون حصو آهي. پبلشر جو اهوئي ضد آهي ته هن لاءِ ٻئي حصا يعني 900 کن صفحا هڪ ئي ڪتاب ۾ ڇپجڻ ڪو مسئلو ناهي، پر مون چيومانس ته ائين نه ڪر جو ڪتاب جيترو ٿلهو ٿيندو، ان جي قيمت ايتري گهڻي ٿيندي ۽ مفت ۾ ته تون ڪاپي به نٿو ڏين، جڏهن ته پئسن سان مونکي پنهنجو ڪتاب خريد ڪندي به ٻه دفعا سوچڻو پوي ٿو ته پوءِ پڙهندڙ هن مهانگائيءَ جي دور ۾ منهنجو ڪتاب ڇو پڙهندو. چون ٿا ته مصر ۾ هڪ دفعي ايڏي گرمي ٿي جو عاشقن کان پنهنجو محبوبائون وسري ويون، سو اسان وٽ به مهانگائيءَ جو اهڙو عالم ٿي ويو آهي، جو ليکڪن کي پنهنجا ڪتاب مٺا نٿا لڳن، جيتوڻيڪ صدين کان اها چوڻي عام آهي ته “کڻي ڇا به ٿي پوي، هر ليک کي لکڻي پنهنجي وڻي ۽ زال ٻئي جي.”
    بهرحال مهانگائيءَ جو اثر نه فقط پڙهڻ وارن تي ٿيو آهي، پر ڪتاب ڇپڻ وارن تي پڻ ٿيو آهي. پنو مهانگو، مس مهانگي، ڇپائي مهانگي، ڪتاب جي بائيڊنگ ۽ ٽرانسپورٽيشن مهانگي . . . جيڪڏهن ڪو پبلشر ڪنهن ڪتاب مان ڪجهه بچائي سگهي ٿو ته اهو هن جي مارڪيٽنگ پٺيان، يعني ڪتاب کي وڪرو ڪرڻ لاءَ هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙڻ ڊڪڻ ۾ خرچ ٿيو وڃي. خاص ڪري مون جهڙو ليکڪ پبلشر کان مفت ۾ هڪ ڪاپي به ڪهڙي منهن سان گهري سگهي ٿو، جڏهن منهنجو هر پبلشر تي اهو زور رهي ٿو ته نه فقط ٽائيٽل ڪور، پر اندريان فوٽو به رنگين رک، پنو به اوچو استعمال ڪر ۽ قيمت به گهٽ رک، هي ان ڪري لکي رهيو آهيان، جو ڪيترا منهنجا دوست، کين ڪتاب نه ملڻ تي، مون سان رُسيو وڃن ۽ اهوئي چوندا آهن ته پبلشر کان ڪجهه ڪاپيون مفت ۾ ڇو نٿو وٺان. هاڻ کين ڪير سمجهائي ته هن دور ۾ جڏهن ماڻهن ڪتاب پڙهڻ گهٽائي ڇڏيو آهي ۽ خريد ڪرڻ ته اڃا به وڌيڪ ماڻهن گهٽائي ڇڏيو آهي، اتي ڪو پبلشر توهان جي لکڻين کي ڪتابي صورت ڏئي ٿو ته اها هن جي مهرباني آهي. دوستن کان وڌيڪ مختلف لئبررين مان اي ميل اچن ٿا ته کين هڪ يا ٻه ڪاپيون مفت ۾ donate ڪيون وڃن. هاڻ کين ڪير ٻڌائي ته ٻاهر رهڻ ڪري مون پنهنجن 70 کان ڪتابن مان ويهارو کن جا چهرا ئي نه ڏٺا آهن ۽ هر وقت سفر ۾ هجڻ ڪري مون وٽ نه پنهنجن ڪتابن جو سيٽ آهي، نه ٻين جو. ٻه چار ڪتاب ريفرنس لاءِ رکندو آهيان، باقي ڪنهن ڪتاب جي ضرورت پوندي آهي ته بدر ابڙي يا تاج جوئي کان اڌارو وٺي پڙهندو آهيان. ڪجهه ٽپال خرچ به ڳاٽي ڀڳا ٿي ويا آهن. منهنجو ايران جو سفرنامو مارڪيٽ ۾ اچڻ وقت آئون ملائيشيا ۾ هوس. هڪ دوست کي ڪراچيءَ ۾ لکيم ته اهو ڪتاب دڪان تان خريد ڪري مون ڏي پوسٽ ڪر. ٻئي ڏينهن هن فون ڪري ٻڌايو ته ڪتاب جي قيمت 400 رپيا کن آهي ۽ ٽپال جو خرچ 800 رپيا آهي، موڪليان يا نه؟ چيومانس : ادا مهرباني، اهڙي ڪا ضرورت ناهي، جڏهن پاڪستان ايندس ته ڪاٺياواڙ اسٽور تان پاڻ ئي وٺندس ۽ ٿي سگهي ٿو تيستائين مون کي منهنجو اهو ڪتاب ڪنهن رديءَ جي ڪتابن واري کان اڌ قيمت ۾ ملي وڃي. شايد مشهور ليکڪ بينجمن به ان قسم جا مسئلا درپيش اچڻ تي چيو هجي ته:

    Whenever I like to read a book, I write one
    (جنهن وقت دل ڪنهن ڪتاب پڙهڻ تي چوي ٿي ته آئون پاڻ ويهي ٿو ڪتاب لکان.)

    بهرحال مون شروع کان اهو ضرور ڪيو آهي ته پنهنجي هر ڪتاب جيNet تي ڏيڻ جي موڪل ڏئي ڇڏي آهي. بلڪ آئون آمريڪا جيSANA سني پنهور، سکر جي سنڌي ادبي سنگت سٽي برانچ، عبداللطيف انصاري ليڪچرر، زاهد ميراڻي، عباس ڪوريجو، انجنيئر، عبدالوهاب سهتو، سنڌي ڪتاب نيٽ، حبيب سنائي صاحب ۽ ٻين ويب جي ماهرن جو ٿورائتو آهيان، جيڪي منهنجا ڪتاب، لکڻيون ۽ ڪالم بنا ڪنهن معاوضي جي پنهنجي ويب سائيٽ تي ڏيندا رهن ٿا ۽ منهنجا پڙهندڙ دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ ويهي اهي ڪتاب نه فقط on line مفت ۾ پڙهي سگهن ٿا، پر انهن جو پرنٽ آئوٽ به ڪڍي سگهن ٿا. منهنجي ڪتابن جي پبلشرن کي جيتوڻيڪ اها ڳالهه پسند نه آهي، جو هنن جي خيال مطابق، هنن جي ڪتابن جو وڪرو گهٽجيو وڃي، پر آئون هر وقت اهو چاهيندس ته منهنجيون لکڻيون گهڻي کان گهڻن ماڻهن تائين پهچي سگهن. هونءَ به اڄڪلهه ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جو دور آهي. هڪ ڇوڪريءَ ڪتابن جي دڪان تان اچي پڇيو ته کيس هڪ اهڙي ڪتاب جي ضرورت آهي، جنهن جو عنوان آهي “ڪتاب پڙهڻ جو شوق ڪيئن پيدا ڪجي” ۽ اهو فلاڻي مصنف جو آهي.
    دڪاندار ڪتابن جي اٿل پٿل ڪري آخر سندس گهربل ڪتاب ڪڍي ورتو. ڇوڪريءَ ڪتاب جو نالو ۽ فهرست وغيره غور سان ڏسي دڪاندار کي چيو:
    “آهي ته هي ئي ڪتاب، پر هن جي سي ڊي توهان وٽ هوندي؟”
    سو اڄڪلهه اهي حال وڃي ٿيا آهن. اڳ ۾ ڪنهن جهڙي تهڙي ڳائڻي کي ٻڌڻ لاءِ به خرچ ڀري ٻئي شهر وڃبو هو. هاڻ توهان کي ڪنهن به وڏي ڳائڻي يا ڳائڻيءَ جو راڳ ٻڌڻو هجي ته 35 رپين ۾ CD وٺي اچي پنهنجي ئي گهر ۾ ٻڌو.
    اهڙيءَ طرح اسان ننڍا هئاسين ته ڪتابن جو ڪينئون هڪ عام لفظ هوندو هو ۽ ڪتابن جو ڪينئون هجڻ وڏي فخر جي ڳالهه سمجهيو ويو ٿي. پيٽارو ڪئڊٽ ڪاليج جي ڏينهن ۾ اسان سراسري هفتي ۾ هڪ ڪتاب پڙهندا هئاسين. تڏهن به ڪتابن جا ڪينئان ٽنڊو الهيار جو محمد عالم هاليپوٽو، درٻيلي جو خالد حسين مخدوم، جيمس آباد (ڪوٽ غلام محمد) جو مرحوم رفيع ڪاڇيلو سڏبا هئا، جيڪي هفتي ۾ ٻه يا ٽي ڪتاب نه رڳو پڙهندا هئا، پر انهن جي اوڻاين پوڻاين تي بحث به ڪندا هئا ۽ هاڻ اڄ جي دور ۾ هر هڪ اهڙو بزي ٿي ويو آهي، جو بقول هڪ ڊاڪٽر جي اسپتال ويندي اخبار وٺندو آهيان. پوءِ گهر اچي ان جون رڳو سرخيون پڙهندو آهيان. هڪ سيڪريٽري صاحب جي زال کان سندس ساهيڙيءَ پڇيو: “تنهنجو مڙس رٽائر ٿيڻ بعد ڇا ڪندو؟”
    “ڪتاب پورو ڪندو.” هن وراڻيو.
    “ڇا هو ڪتاب لکي رهيو آهي؟ سندس ساهيڙيءَ حيرت مان پڇيو.
    “نه سال ڏيڍ ٿيندو ته هن هڪ ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيو آهي”
    سو اڄڪلهه ڪٿي آهن مطالعي جا شوقين، جيڪي ڪتاب خريد ڪري پڙهن. اڄ کان ٽيهه سال کن اڳ ڪتابن جا پبلشرس ٽي ٽي ايڊيشنون به ڇپيندا هئا. هاڻ وري ڪنهن ڪتاب جي ٻي ايڊيشن ٿي ڇپجي. آئون ته پنهنجي پبلشر کي ٻي ايڊيشن ڇپڻ تي انعام ڏيندو آهيان ته وڏو ڪمال ڪيو اٿئي، ايترا پڙهندڙ خبر ناهي ڪٿان ڳولي ورتئي. هڪ ٻيو لطيفو ٿو ياد اچي ته ڪنهن عورت پنهنجي ساهيڙي کان پڇيو ته ڇا تنهنجو مڙس ڪتابن جو ڪينئون آهي؟
    “نه ادي” هن ٺهه پهه وراڻيس، “هوته هڪ عام ڪينئون آهي”
    بهرحال هتي هن انڊيا جي سفرنامي جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين ته ان سفر جي احوال جو هڪ حصو هن ڪتاب “هلي ڏسجي هندستان” ۾ آهي ۽ باقي ٻيو حصو “بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾” ڪتاب ۾ آهي، جيئن هڪ ته هن حصي ڇپجڻ بعد خبر پئجي وڃي ته پڙهندڙن کي انڊيا جو سفر نامو پسند به اچي ٿو يا نه جي نٿو اچي ته باقي ٻيو حصو پبلشر ڇپائڻ کان ۽ پڙهندڙ خرچ ڪرڻ کان بچي وڃن. اجايو ڇو سڀ تڪليف ۾ اچن. هر لکندڙ اهوئي سمجهي ٿو، ته هو تمام سٺو ٿو لکي پر سچ پڇو ته نوي سيڪڙو ليکڪن جا ڪتاب ورلي ڪو پڙهي ٿو ۽ ڏک ٿو ٿئي ته هر ڪتاب پٺيان ٻه ڇانو وارا وڻ ضايع ٿيون وڃن، جيڪي پني ٺهڻ جي ڪارخانن ۾ ڪتريا ۽ ڳاريا وڃن ٿا. ڪيترا ڪتاب ته اهڙا ٿين ٿا جن جي ٻاهرين چمڪ ڌمڪ اهڙي سهڻي ٿئي ٿي، جو پڙهڻ جو شوقين ان کي خريد ته ڪري ٿو، پر پوءِ هن کي خبر پوي ته ان ۾ ته ڪابه اهڙي دلچسپ يا معلوماتي شيءِ لکيل نه آهي. ڪنهن پڙهندڙ هڪ اهڙو بور ڪتاب، جنهن جي انتساب واري صفحي تي ليکڪ پنهنجي ماءُ ڏانهن منسوب ڪندي لکيو هو ته “جنهن مونکي پڙهڻ سيکاريو” ڪتاب جي خريدار ان صفحي تي وڌيڪ هيءَ سٽ لکي، ليکڪ ڏي پوسٽ ڪيو.
    “ ڪاش تنهنجي ماءُ توکي لکڻ به سيکاري ها. “
    سو اهڙيون ڳالهيون پڙهي اسان ليکڪن کي هوشيار ٿيڻ کپي ۽ هروڀرو پنهنجي شوق جي پورائي لاءِ غريب پڙهندڙن کي تنگ نه ڪرڻ کپي. ڪن لکندڙن جون لکڻيون جيڪي کين ته شاهڪار لڳن ٿيون پر، دراصل ڪتابي صورت ۾ ته ڇا پر اخبار ۾ ڇپجڻ کان به پري رکيون وڃن ٿيون. اهڙيون لکڻيون پڙهي ايڊيٽر به مُنهن مٿو پٽين ٿا ۽ ڊائريڪٽ رديءَ جي ٽوڪري حوالي ڪريو ڇڏين. هڪ اهڙي ليکڪ جڏهن هفتو کن انتظار بعد به پنهنجو مضمون اخبار ۾ نه ڏٺو ته ايڊيٽر کي فون ڪيائين ته: “ سائين، آئون اڃان ڇو جيئرو آهيان” مون توهان کي پوسٽ رستي مواد موڪليو آهي، ان بابت ٻڌائيندا. ايڊيٽر به ڪو سڙيو ويٺو هو، تنهن وراڻيس: “اڃا تائين توهان جيئرا ان ڪري آهيو، جو اهو مضمون توهان پوسٽ رستي موڪليو.”
    سو پبلشر کي منهنجي هر وقت اها تاڪيد هوندي آهي ته منهنجي لکڻيءَ ۾ ڪا ٿوم هجي ته ضرور ڇاپجانءِ، نه ته پنهنجو ۽ پڙهندڙن جو نقصان نه ڪجانءِ ڪتاب جي قيمت گهٽ رکجانءِ ۽ ڪتاب جيترو سنهو ٿي سگهي بهتر آهي، جو پڙهندڙن کي ويٽ لفٽنگ ناهي ڪرڻي. اڄڪلهه هر ڪو سمهڻ مهل ڪجهه صفحا پڙهڻ جو فئشن ڪري ٿو. ۽ اهي ڏينهن هليا ويا جڏهن ڪرسيءَ تي ويهي ڪتاب پڙهبو هو. اڄ جي دور ۾ جي سمهڻ بدران ڪرسيءَ تي ويهڻو آهي ته پوءِ “ڪشش” يا ڪنهن ٻئي ٽي چئنل تان گانا نه ٻڌجن، انٽرنيٽ تي ڪا ويب سائيٽ نه کولي ويهجي يا ڪمپيوٽر تي patient پتي راند نه ويهي کيڏجي...
    بهرحال منهنجي انڊيا جي هن سفر جو پهريون حصو “هلي ڏسجي هندستان” توهان جي هٿن ۾ آهي. جي پسند اچيوَ ته پبلشر جو در کڙڪايو ته جيئن هو ٻيو حصو ڇپڻ جي تياري ڪري.

    الطاف شيخ
    ڪراچي
    Altafshaikh2005@gmail.com
    Altafshaikh2004@yahoo.co.uk


    فلائيٽ ٽو ممبئي

    ممبئيءَ لاءِ ڪراچيءَ کان PIA جون هفتي ۾ چار پنج کن اڏامون آهن ۽ سريلنڪا جي ايئر ڪمپنيءَ جي به هڪ اڏام آهي، جيڪا ڪراچيءَ کان شايد صبح جو چئين بجي نڪري ٿي يا شام جو دير سان، ان ڪري ان جي ٽڪيٽ وٺڻ بهتر نه سمجهيم. اهي وقت اهڙا آهن جن کي مجبوريءَ جي حالت ۾ ئي ترجيح ڏئي سگهجي ٿي. ڪابه فلائيٽ جيڪڏهن صبح جو چئين بجي ڌاري آهي، ته معنيٰ اڄڪلهه جي قانون مطابق ٻه ٽي ڪلاڪ اڳ پهچڻ لاءِ، هڪ يا ٻي بجي ڌاري رات جو هوائي اڏي تي پهچي وڃجي. يعني اها سڄي رات اوجاڳي ۾ گذارجي ۽ منزل تي پهچي پهريون ڏينهن ننڊن ۾ ضايع ڪجي يا پوسريل اکين ۽ ڳري دماغ سان شهر ۾ چڪر هڻجن. ڪراچيءَ مان شام جو دير سان به نه نڪرجي- خاص ڪري ممبئي، تهران، دبئي ۽ ڪولمبو جهڙن ويجهن شهرن لاءِ جتي ماڻهو ٻن يا ٽن ڪلاڪن ۾ پهچيو وڃي ۽ پوءِ هڪ ڌارئين ۽ اوپري ملڪ ۾ آڌيءَ رات جو سستيون هوٽلون ۽ انهن ۾ ڪو خالي ڪمرو ڳوليندو وتي. ڪيترن ملڪن ۾ رات جي وقت ٽئڪسين جو ڀاڙو به ٻيڻو ٿيو وڃي. بهرحال پي آءِ اي جي هيءَ اڏام صبح جو يارهين بجي ممبئيءَ رواني ٿي رهي هئي ۽ آءٌ سڀ کان اڳ ايئرپورٽ تي پهچي جهاز ۾ ويهڻ جو سيٽ نمبر (بورڊنگ ڪارڊ) وٺي پاسپورٽ تي ٺپا هڻائي انتظارگاهه جي هڪ اهڙي هنڌ تي اچي ويٺس، جتان اسان کي جهاز ۾ وڃڻ لاءِ سڏايو ويندو آهي. صبح جا نَوَ کن ٿيا هئا ۽ جهاز جي اڏام ۾ اڃان ٻه ڪلاڪ هئا. آءٌ اهو وقت ڪجهه لکڻ لاءِ ۽ انٽرنيٽ تي پنهنجي ٽپال ڏسڻ ۾ استعمال ڪندو آهيان. هڪ ٻه دفعا اٿي سامهون واري اسٽال تان چانهه به وٺي آيس ۽ ايندي ويندي، چوڌاري ويٺلن جو جائزو ورتم. هڪ هنڌ اٺ ڏهه بوهري مرد ۽ عورتون ويٺل هيون. ممبئيءَ ۾ ڪراچيءَ کان وڌيڪ بوهري رهن ٿا. هونئن ته بوهري، آغا خاني، احمدي (قادياني) سنگاپور، ملائيشيا کان ڪينيا، نيروبي، انگلينڊ ۽ جرمنيءَ تائين، جتي ڪٿي رهن ٿا ۽ انهن ملڪن جون حڪومتون ۽ عوام به هنن کي عزت جي نگاهه سان ڏسي ٿي، جو هُو ڪنهن به جهيڙي جهٽي يا ڪنهن ٻئي ڏوهه ۾ Involve نٿا رهن ۽ فقط پنهنجي ڪم سان ڪم رکن ٿا. هُو پاڻ به پورهيو ڪري امير ٿين ٿا ۽ ملڪ کي به خوشحال بنائين ٿا. هنن جي مُحلن ۽ گهٽين ۾ امن امان رهي ٿو.
    منهنجي سامهون وارين سيٽن تي هڪ پير مرد ۽ عورت سنڌيءَ ۾ ڳالهائي رهيا هئا. هُو پڪ ممبئي يا ڀروارن شهرن الهاس نگر ۽ ڪلياڻ ڪئمپ کان هتي، پنهنجن مائٽن سان ملڻ آيا هوندا يا وري هتي جا هوندا، گهوٽڪي، شڪارپور يا ميرپورخاص جا ۽ پنهنجن مائٽن سان ملڻ، انڊيا وڃي رهيا هوندا. انڊيا جي اڏام لاءِ انتظار ۾ ويٺل مسافرن ۾ ڏهاڪو کن پنرنهن سورنهن سالن جي ڄمار جون ڇوڪريون به هيون. فيبروريءَ جي ٿڌي مهيني باوجود هنن کي فقط ٽِي شرٽ ٽائيپ مردانيون قميصون ۽ هيٺ هاف پينٽون هيون. هڪ ٻن کان علاوه باقي بنا پوتين جي هيون، جن کي پوتي هئي، انهن به سا مٿي ڍڪڻ لاءِ نه پر ڪلهي تي لڙڪائڻ لاءِ رکي هئي. هُو رکي رکي اسٽال تان آئس ڪريم يا سيون اپ جا دٻا وٺي رهيون هيون يا وري ڪمپيوٽر ڏي ڀڳيون ٿي. هال ۾ ويٺل، مون سميت ڪيترن مردن جون نظرون، هنن مان ڪجهه، جن کي Sleeveless (ٻانهن بنا) قميصون يا گنجيون هيون، انهن جي ڪڇن ۽ اڌ اُگهاڙين ڇاتين ڏي کڄي ويون ٿي. هُو پاڻ ۾ زور زور سان اڙدو گاڏڙ انگريزيءَ ۾ ڳالهائي رهيون هيون. ’ڪير ٿي سگهن ٿيون؟‘ مون دل ئي دل ۾ سوچيو. ’جي پاڪستاني آهن ته ڪرسچن هونديون، پر هنن ۾ ڪابه رنگ جي ڪوئل نه هئي. سڀ رنگ جون صاف هيون ۽ ڪن جا نقش به سهڻا هئا. ٿي سگهي ٿو هي دبئي يا شام پاسي جون هجن يا ازبڪستان، ترڪمانستان ۽ آذربائيجان پاسي جون هجن ۽ پنهنجي ملڪ کان انڊيا ويندي هتان جهاز بدلائڻ لاءِ ترسيون آهن پر اهي اڙدو ڪيئن ٿيون ڳالهائي سگهن؟‘ پوءِ يڪدم ڌيان ۾ آيو ته هي پڪ پارسي هونديون. ڪراچي، سورت ۽ ممبئي شهرن ۾ سڀ کان گهڻا پارسي رهن ٿا ۽ هُو ڳالهائڻ ۾ انگريزي ۽ اڙدو جي کچڻي استعمال ڪن ۽ رنگ جا به سفيد ٿين. اها ٻي ڳالهه آهي ته هي ڇوڪريون رکي رکي سيون اپ، آئيس ڪريم ۽ ٻئي چَٽَي پويان پئسو خرچ ڪري رهيون هيون. ان مان هُو پارسي نٿي لڳيون جو ان معاملي ۾ پارسي اجائي خرچ کان پرهيز ڪن ٿا. آخر مون کان رهيو نه ٿيو، جيئن ئي مون ٻڌو ته اسان جي اڏام ڪلاڪ کن delay ٿي وئي آهي، ته مون اٿي ڪمپيوٽر تي ويٺل ٻن ڇوڪرين کان پڇيو ته، “توهان پارسي ته نه آهيو.”
    “نه اسين مسلمان آهيون.” هنن ٻڌايو.
    “انڊيا جون؟” مون پڇيو.
    “نه ڪراچيءَ جون.”
    مون کين ٻڌايو ته، “آءٌ جهازن جو انجنيئر آهيان، پر لکڻ منهنجي هابي آهي. توهان جي ڊريس مان، مون کي لڳو ته پارسي آهيو سو پڪ لاءِ پڇيم.”
    “نه اسين آمريڪن اسڪول جون شاگردياڻيون آهيون ۽ اسين بمبئي اسپورٽس ٽورنامينٽ لاءِ پيون وڃون.”
    آءٌ پنهنجي سيٽ تي اچي ويٺس ۽ دل ۾ سوچيم ته هن قسم جي اڌ اگهاڙين ڊريسن ۾ ڏسي حق تي ڌاريان ملڪ اسان پاڪستانين تي چٿرون ٿا ڪن، ته توهان ڪهڙا مسلمان آهيو! ملائيشيا جو ملڪ يورپ جهڙو ماڊرن ٿي ويو آهي ته به اتي جون ملئي ڇوڪريون تودونگ (حجاب) ۽ ڊگها چولا پايو پيون هلن. ايران هيترو ترقي يافته ٿي ويو آهي ته به اتي نوجوان ڇوڪريون ائين ڇيڳريون ٿي نٿيون هلن، بلڪ ايران ۾ ته سڀني مسلمان ملڪن کان بهتر پڙدي جو سسٽم آهي ۽ ملائيشيا وانگر ساڳيو هڪجهڙو آهي. اسان اسلامي رياست ناتي claim ڪريون ٿا ته اسان جي ملڪ ۾ شراب ۽ جُوا جهڙيون برائيون بند آهن، پر دنيا کي خبر آهي ته مسلمان ملڪن مان سڀ کان گهڻو شراب پاڪستان ۾ هلي ٿو. ظاهري طرح ته اسان جي ملڪ ۾ عياشيءَ جا اڏا بند ڪيا ويا آهن، پر توهان جو ڪو پوليس آفيسر سڃاڻو هجي ته ان کان ئي پڇي ڏسو ته هُو توهان کي حقيقت کان آگاهه ڪندو ته ڪراچيءَ جهڙي شهر ۾ ڪيترن علائقن ۾ اهڙا اڏا کُليا پيا آهن... هاڻ ته سج لٿي کان پوءِ ڊفينس ۽ ڪلفٽن جهڙن علائقن ۾ رستن تي ڪال گرلس گراهڪن جو انتظار بيٺيون ڪن. مطلب ڳالهه جو ته اسان جيڪو پنهنجي ملڪ لاءِ سمجهون ٿا يا ڌارين کي جيڪو ان بابت Image ڏيڻ چاهيون ٿا، اُهو ان جي بلڪل اُبتڙ آهي. جيڪي ڪجهه اسان جي اسلامي ريپبلڪ ۾ ٿي رهيو آهي ۽ ان بابت ڌاريان، اسان کان بهتر ڄاڻ رکن ٿا.
    ڪراچيءَ کان ممبئيءَ ويندڙ اسان جو هي هوائي جهاز ڪو خاص وڏو نه هو. ماڻهو به ٿورا هئا. جنهن مان ظاهر ٿي ٿيو ته ماڻهن جو انڊيا ــ پاڪستان اچڻ وڃڻ هاڻ ڪو گهڻو نه رهيو آهي، جيترو ٽي چار سال اڳ هو، جڏهن منهنجو باءِ بس لاهور ۽ واگها بارڊر کان دهلي وڃڻ ٿيو هو. مهينو کن دهلي رهي باءِ ٽرين گجرات جي شهرن احمد آباد ۽ وودودرا (بڙودا) آيو هئس، جنهن جو اڄ به انگريزن جو رکيل نالو بڙودا مشهور آهي. ٿي سگهي ٿو هوائي جهاز جي ٽڪيٽ گهڻي هجڻ ڪري ايترا مسافر باءِ ايئر دهلي ۽ ممبئي نه ويندا هجن. ڪٿي ڪراچيءَ کان ممبئيءَ تائين هوائي جهاز جي اوٽ موٽ ٽڪيٽ 23000 رپيا کن ۽ ڪٿي ميرپورخاص سنڌ کان احمد آباد تائين ريل رستي پهچڻ جو فقط 1500 رپيا خرچ! ۽ باءِ ٽرين ۽ بس سفر ڪرڻ تي مسافرن کي نظارو ڪرڻ جو به موقعو ملي ٿو، پر جي ڪو لاهور واري پاسي کان انڊيا وڃي ته به هر مسافر جو اوٽ موٽ 3000 رپيا کن ڀاڙو مس ٿئي. خاص ڪري جوانن ۽ صحتمند مسافرن کي ته باءِ روڊ وڃڻ ۾ ڪوبه اعتراض نه هئڻ کپي. لاهور کان ته روزانو صبح جو دهليءَ لاءِ بس رواني ٿئي ٿي، باقي کوکرا پار کان ريل گاڏيءَ جو ڪو شيڊيول مقرر ناهي. ڪڏهن ٽرين وڃي ٿي ته ڪڏهن نه! آهي ته PIA جي هوائي جهازن جو به اهو ئي حال... ڇو جو انڊيا کان واپسيءَ تي اسان کي ممبئيءَ کان PIA جي هوائي جهاز ذريعي صبح جو ڏهين بجي ڌاري نڪرڻو هو. پاسپورٽ تي ٺپا هڻائي، بورڊنگ ڪارڊ وٺي اچي بورڊنگ لائونج ۾ جهاز جي هلڻ جو انتظار ڪيوسين. ڏهن جا يارنهن ۽ پوءِ ٻارهن ٿي ويا، پر جهاز جو نه اَتو هو نه پَتو. ايئرپورٽ جي جنهن عملي کان پڇ ته هُو اهو چوي ته هنن کي ڪابه خبر ناهي، “اجهو ڄاڻ آيو.” ۽ هاڻ جي نٿو اچي ته اسان هتان واپس ممبئي به نٿا وڃي سگهون، جو پاسپورٽ تي ٻاهر نڪرڻ (EXIT) جو ٺپو لڳي چڪو هو. پوليس ٿاڻي تان به EXIT جو ٺپو هڻائي اميگريشن حوالي ڪري چڪا هئاسين. ان کان علاوه هڪ مهيني جي مليل ويزا به ان ڏينهن ختم ٿي وئي، يعني هاڻ جي موٽڻ ممڪن هجي ته به ايئرپورٽ کان ٻاهر... انڊيا جي ڌرتيءَ تي قدم رکڻ جو اجازت نامو نه هو. منهنجي سامهون ٻن ٻارن سان ويٺل بوهري عورت ڪڏهن ٻارن کي ماٺ ڪرائڻ لاءِ اسٽال تان چپس وٺي ٿي آئي ته ڪڏهن پاڻيءَ جي بوتل. رکي رکي پنهنجن مائٽن کي ممبئيءَ فون ٿي ڪيائين ته ڪڏهن وري ڪراچيءَ ساهُرن کي ته هُوءَ اڃان ممبئي ايئرپورٽ تي ويٺي آهي. PIA جي اڏام ڪنهن وقت ٿيندي اهو ته ٺهيو هتي اڃان جهاز ئي نه پهتو آهي. اسان کان پوءِ جيڪي مسافر آيا اهي به مختلف هوائي ڪمپنين جي جهازن ۾ پنهنجين منزلن ڏي روانا ٿي ويا. پاڪستان جي صوبي پنجاب جا ڪجهه نوجوان، جيڪي دبئيءَ کان ممبئي هفتي جي موڪل ملهائڻ آيا هئا، اهي PIA کي پِٽون ۽ پاراتا ڏيئي رهيا هئا، جو هنن کي ڪراچي پهچي، رات جو 9 بجي گلف ائيرلائنز ذريعي دبئيءَ پهچڻو هو، جيڪا فلائيٽ هاڻ هنن کي مِس ٿيندي نظر اچي رهي هئي. ٻارنهن بعد هڪ ٿيو ۽ پوءِ ٻه وڳا. هاڻ افواهه ٻڌڻ ۾ آيا ته PIA جي اڏام ڪراچيءَ مان نڪتي آهي. ڪراچيءَ کان ممبئي ڪلاڪ ڏيڍ جو پنڌ آهي، پر هتي چار ٿي ويا، پر جنهن جهاز جي پُڇ تي PIA جا اکر لکيل هجن، اهو هيٺ لهندڙ جهازن ۾ نظر ئي نه اچي. آخر پنجين بجي ڌار ي PIA جي يونيفارم ۾ ملبوس ٻه ٽي همراهه لائونج ۾ نظر آيا ۽ هُو PIA جي مسافرن کي سڏڻ لڳا. لائونج مان نڪرڻ مهل بورڊنگ ڪارڊ جو اڌ ڦاڙي مسافر کي ڏنو ويندو آهي، پر هي همراه جلدي ۾ هئا ۽ اسان کي چيائون جلدي جلدي هلي جهاز ۾ ويهو ۽ اهڙي ئي جلديءَ ۾ اسان مسافر به هئاسين. جهاز وڏو جمبو جيٽ هو، جنهن کي ڏسي مون کي اندازو ٿيو ته اسان چند مسافر نه پر ڪي ٻيا به چڱا خاصا مسافر لائونج ۾ ويٺل آهن، جن جي اسان کي ته خبر ئي نه پي پئي. تڏهن ته هي چار سئو کن مسافر کڻڻ وارو جهاز آيو آهي، پر جڏهن جهاز جا دروازا بند ٿيا ۽ جهاز رن وي تي چُرڻ شروع ڪيو ته ويتر گهڻي حيرت ٿي ته ان اڏام ۾ اسان اهي ئي ٻه درجن کن مسافر هئاسين جيڪي لائونج ۾ ڪنڙو ٺاهي هڪ ڪنڊ ۾ ويٺا هئاسين. جڏهن جهاز مٿي چڙهي سنوت ۾ آيو ۽ جهاز ۾ موجود واحد ايئر هوسٽس اسان جي اڳيان ٽيبلن تي اچي سيون اپ جو دٻو ۽ ڄامشورو ڦاٽڪ وٽ ٺهندڙ ٿلهي کل جا سموسا رکيا، ته مون کان رهيو نه ٿيو ۽ مون هن کان پڇيو ته، “هيترن ٿورن مسافرن لاءِ هيڏو وڏو جهاز!”
    “هي به وڏي مشڪل سان ملي سگهيو ۽ توهان کي کڻڻ ۽ شيڊيول Maintain ڪرڻ لاءِ هتي اچڻو پيو.” هن ٻڌايو.
    سو واپسيءَ جي هيڏي دير کان وري به ڪراچيءَ کان ممبئي ويندڙ اڏام ڀلي چئبي، جنهن فقط هڪ ڪلاڪ دير سان يارهين بدران ٻارهين اچي ممبئيءَ جي هوائي اڏي تي پهچايو. ممبئيءَ جي هوائي اڏي تي لهڻ وقت چوڌاري ماحول ڪوالالمپور جهڙو لڳي ٿو. ساوڪ ئي ساوڪ ۽ گهاٽا ڪڪر، بلڪ ڪولمبو جهڙو لڳي ٿو، جنهن جي اولهه پاسي عربي سمنڊ آهي. ممبئيءَ جي به اولهه پاسي اهو ساڳيو عربي سمنڊ آهي، جنهن ۾ الهاس ندي اچي ٿي ڇوڙ ڪري، جنهن جي ڊيلٽا جي چوڌاري ڪيترائي وڏا جهاز ۽ ٻيڙيون رانديڪا لڳي رهيا هئا.


    جناح صاحب جو ڏوهٽو ۽ هوائي ڪمپنيون

    ممبئي، ڪراچيءَ کان ڪو گهڻو پري ناهي. ان کان ته پري فيصل آباد، ساهيوال ۽ لاهور آهن. ممبئيءَ ۽ ڪراچيءَ جي وچ ۾ هاءِ وي فاصلو لڳ ڀڳ ايترو آهي جيترو ڪراچي ۽ ملتان جي وچ ۾. ڪراچيءَ ۽ ممبئيءَ جي وچ ۾ انڊيا جو فقط هڪ صوبو گجرات آهي. ڪراچيءَ مان هوائي جهاز اڏامي ٿو ته ماکيءَ جي مک وانگر سڌو ئي سڌو ڏيڍ ڪلاڪ کان به اڳ اچيو ممبئيءَ ۾ ٺڪاءُ ڪري. هيٺان سنڌ جو ٺٽو ۽ بدين ضلعو ۽ ان بعد گجرات جا ڀوڄ، ڄام نگر، ڌوراجي، مانڊوي، جهونا ڳڙهه ۽ ڪجهه سامونڊي حصو خليج ڪڇ ۽ خليج کنڀاٽ جو لتاڙي ممبئي پهچي ٿو. کنڀاٽ جو بندرگاهه به آهي. هي اهو شهر آهي، جنهن جي نالي تي شاهه جو هڪ سُر کنڀات آهي ۽ مٿيان شهر مانڊوي ۽ ڌوراجي اهي آهن، جن جا ڪراچيءَ ۾ رهندڙ ماڻهو پاڻ کي انهن شهرن جي سڃاڻپ سان سڏائين ٿا ۽ سندن ڪميونٽيون آهن جيڪي خير جي ڪم کان مشهور آهن.
    ممبئي، جي باءِ روڊ وڃجي ته به ايڏو پري ناهي. اسان جي سنڌ جي بارڊر وارن شهرن مٺي، عمرڪوٽ، ڇاڇرو، ڏيپلو ۽ ننگرپارڪر کان ته اڃان به ويجهو آهي. دراصل ورهاڱي کان اڳ، جڏهن اڃان هوائي سروس عام نه ٿي هئي ۽ ماڻهو باءِ روڊ سفر ڪندا هئا، ته سنڌ جا ماڻهو واپار وڙي يا اعليٰ تعليم لاءِ جهوناڳڙهه، پوني يا ممبئيءَ جهڙن شهرن جو رخ اختيار ڪندا هئا، جو هنن لاءِ گجرات ۽ مهاراشٽرا صوبن جا اهي شهر صوبي پنجاب جي لاهور ۽ مانٽوگمري کان وڌيڪ ويجهو هئا ۽ هونئن به سنڌ الڳ ٿيڻ کان اڳ بمبئي (هاڻ ممبئي) پريزيڊنسي ۾ آئي ٿي، جيئن سنگاپور، مدراس پريزيڊنسي ۾ آيو ٿي. انگريزن مدراس ۾ ويهي سنگاپور جو ڪاروبار هلايو ٿي. سنگاپور ۾ روڊ رستا يا ٻني ٻاري جي ڪم لاءِ مزورن يا ڪاريگرن جي ضرورت پئي ٿي ته هنن مدراس مان موڪليا ٿي، جن تامل زبان ڳالهائي ٿي. اڄ به سنگاپور ۾ جيڪي ننڍي کنڊ جا ماڻهو رهن ٿا، انهن ۾ نوي سيڪڙو تامل آهن ۽ هن ننڍڙي ۽ هاڻ امير ۽ ماڊرن ٻيٽ جي چئن قومي زبانن مان هڪڙي تامل زبان به آهي (۽ ٻيون ٽي آهن: انگريزي، چيني ۽ ملئي). سو گڏيل هندستان وارن ڏينهن ۾ سنڌ جي رهاڪن جي گهڻي اچ وڃ ممبئي ۽ گجرات جي شهرن احمدآباد، بڙودا (جيڪو هاڻ جهوني نالي ودودرا سان سڏجي ٿو) ۽ جهونا ڳڙهه ڏي هوندي هئي ۽ ساڳي وقت هي جيڪي اسان وٽ ڌوراجي، مانڊوي، راجڪوٽي، سورتي ۽ ڪڇي ڪميونٽيون نظر اچن ٿيون، انهن مان ڪيترا ڪٽنب پاڪستان جي وجود کان اڳ ئي ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ رهيا ٿي، جن پنهنجي مادري زبان ڪڇي، مارواڙي ۽ گجراتيءَ سان گڏ سنڌي پڻ ڳالهائي ٿي.
    منهنجي خيال ۾ ڪراچيءَ کان ممبئيءَ منهنجو ننڍي کان ننڍو هوائي سفر چئبو، جو ڪراچيءَ کان لاهور پهچڻ ۾ به ڏيڍ ڪلاڪ ٿو لڳي، پر هي سفر ڏيڍ ڪلاڪ کان به اڳ پورو ٿي ويو ۽ اسان جي جهاز ممبئيءَ جي رن وي کي ڇُهي، لاري يا ڪار وانگر ڦيٿن تي پنهنجي مقرر جاءِ ڏي وڌڻ لڳو. ايئر هوسٽِس جيسين جهاز هڪ هنڌ نه بيهي ۽ ڏاڪڻ نه لڳي، تيسين اسان کي پنهنجين سيٽن تي ئي ترسڻ وارو اعلان ڪيو. اسان پاڪستانين جي ڪلچر خلاف مون ڏٺو ته سڀ مسافر ماٺ ڪري ويٺا رهيا. ڪوبه هلندڙ جهاز ۾ دروازي ڏي نه ڀڳو. اهو شايد ان ڪري به جو جهاز ۾ مسافر ئي ڪي ٻه ڊزن مس هئاسين، جن ۾ جهڙو اڳ ۾ نڪرجي تهڙو آخر ۾. آءٌ دريءَ جو پڙدو هٽائي ٻاهر جو نظارو ڪرڻ لڳس. چوڌاري ڪيترائي هوائي جهاز نظر اچي رهيا هئا، جن مان ڪي اڏامڻ جي تيارين ۾ هئا، ته ڪي اسان جي جهاز وانگر هاڻ لٿا هئا، ڪي- خاص ڪري ايئر انڊيا جا ۽ انڊيا جي ٻين هوائي ڪمپنين جا جهاز، پارڪنگ خاطر بيٺل هئا، جن جو سمجهو ته ممبئي “هوم پورٽ” ٿيو. ڊچ ايئرلائين، سنگاپور، ملائيشيا ۽ سعوديه ايئر لائين جهڙين هوائي ڪمپنين جي هوائي جهازن سان گڏ جنهن جهاز منهنجو ڌيان ڇڪايو اهو اسرائيل جو هو. بلڪ هڪ بدران ٻه جهاز بيٺل هئا. ظاهر آهي انڊيا جا اسرائيل سان رشتا ناتا ڪجهه وڌيڪ آهن. آءٌ هنن هوائي جهازن جو ’لوگو‘ غور سان ڏسڻ لڳس. اسرائيل جا هوائي جهاز ڪٿي ٿا ڪراچي، ڪوالالمپور، تهران، دبئي، ڪويت، رياض ۽ جدي جهڙن هوائي اڏن تي نظر اچن. البت هن کان اڳ اسرائيل جو هوائي جهاز ڏسڻ جو موقعو مون کي سنگاپور ۾ مليو هو. انڊيا ۽ سنگاپور وارن جا اسرائيل سان ڪجهه وڌيڪ ئي بهتر تعلقات رهندا اچن. ڪجهه ذاتي ضرورت ڪري ته ڪجهه پنهنجن پاڙيسري ملڪن پاڪستان ۽ ملائيشيا جي سيني تي مُڱ ڏرڻ لاءِ.
    انڊيا جي سرڪاري هوائي ڪمپني ’ايئر انڊيا‘ آهي، جيڪا وڏي ڪمپني آهي. ظاهر آهي انڊيا پکيڙ توڙي آدمشماريءَ جي حساب سان تمام وڏو ملڪ آهي ۽ انڊيا جا تمام گهڻا ماڻهو ٻاهر رهن ٿا، جيڪي پنهنجي هوائي ڪمپني استعمال ڪن ٿا. ساڳئي وقت تمام گهڻن ملڪن جا ماڻهو انڊيا ۾ نوڪري ڪن ٿا، تعليم حاصل ڪن ٿا ۽ گهمڻ خاطر ٽوئرسٽ ٿي اچن ٿا. فقط پوني شهر جي ٻن ٽن ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ ڏٺم ته سوين فارينر شاگرد هئا، جيڪي يمن، سري لنڪا، سعودي عرب، ڪينيا ۽ مالديپ جهڙن ملڪن کان علاوه ملائيشيا ۽ ايران جا به هئا، جن ملڪن جي تعليم جو معيار ته تمام ٺيڪ ٺاڪ آهي، پر اتي جي شاگردن ٻڌايو ته جنهن فيلڊ يا مضمون ۾ هُو انڊيا ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، اهي ملائيشيا يا ايران جي يونيورسٽين ۾ اڃان متعارف نه ٿيا آهن. سو بهرحال روزانو وڏي انگ ۾ ماڻهو انڊيا اچن ٿا يا انڊيا کان روانا ٿين ٿا. ساڳئي وقت انڊيا جا سرڪاري ادارا هجن يا نيم سرڪاري، اهي بيحد سٺي نموني هلي رهيا آهن ۽ هُو پنهنجي هوائي ڪمپنيءَ جو هر ڳالهه ۾ معيار بلند رکندا اچن. ممبئي يونيورسٽيءَ ۾ منهنجو ليڪچر ٻڌڻ لاءِ آيل چندا ويرانيءَ نالي ايئر انڊيا جي هڪ سنڌي ڊپٽي مئنيجريس ٻڌايو ته، “ايئر انڊيا جا هوائي جهاز دنيا جي 130 شهرن ۾ وڃن ٿا.”
    ايئر انڊيا 1932ع ۾، انڊيا جي مشهور بزنيس مئن J.R.D (جهانگير رتنجي داداڀائي) ٽاٽا پنهنجي خاندان جي نالي “ٽاٽا ايئرلائينس” شروع ڪئي، جنهن جي مهورت ٽاٽا پاڻ سنگل انجن جهاز کي ڪراچيءَ جي ڊرگ روڊ واري رن وي کان ممبئيءَ جي ’جوهو رن وي‘ تائين جهاز هلائي ڪئي. رستي تي هن احمدآباد ۾ ساهي پٽي هئي. ٽاٽا هڪ پارسي فئملي آهي ۽ هنن جو انڊيا جي ترقيءَ ۾ وڏو حصو آهي. هنن جون ڪيتريون ئي شيون دنيا ۾ قابلِ اعتماد مڃيون وڃن ٿيون. خاص ڪري لاريون، موٽرون ۽ ٽرڪون، ٽاٽا چانهه، ٽاٽا ڪيميڪل ۽ ٻيون ڪئين انيڪ شيون... هن فئمليءَ ۽ سندن بزنيس بابت اڳتي هلي احوال ڪنداسين.
    جيستائين انڊيا جي ٻين هوائي ڪمپنين جو سوال آهي ته انهن جي تعريف نه ڪرڻ بخيلپڻو ٿيندو. ائين ته اسان وٽ به بليُو ائيرلائين، ايرو هوائي ڪمپني، شاهين ايئر ڪمپني آهي ۽ اهي پنهنجي حساب سان سٺو ڪم ڪري رهيون آهن، پر انهن کي حڪومت طرفان شايد ايتري همت افزائي ۽ ٽئڪس ۾ ڇُوٽ نٿي ملي جو اڃان مٿڀريون ٿي سگهن. ان مقابلي ۾ انڊيا جون غير سرڪاري هوائي ڪمپنيون، جهڙوڪ ڪنگ فشر ايئرلائين، گو ايئر، انڊيگو ائير لائينس، جيٽ ايئرويز يا Spice Jet ڪمپني، جن جا خوبصورت ۽ نوان جهاز ممبئي ايئرپورٽ تي بيٺل مون کي پنهنجي جهاز جي دريءَ مان نظر اچي رهيا هئا.
    مٿي بيان ڪيل انڊيا ايئرلائين جي چندا ويرانيءَ ٻڌايو ته، “ڪنگ فشر ايئر لائينس جا هوائي جهاز 38 شهرن ۾ وڃن ٿا ۽ روزانو 200 کان مٿي اڏامون اٿن. انڊيا جي هيءَ ڪنگ فشر هوائي ڪمپني دنيا جي ڇهن اعليٰ (فائيو اسٽار) ايئر لائينس مان هڪ آهي. باقي پنج آهن: ملائيشيا ايئر لائينس، قطر ايئر لائينس، سنگاپور ايئر لائينس، ڪئٿي پئسفڪ ايئرويز ۽ ايشيانا ائيرلائينس. انڊيا جي هيءَ ايئرلائين جيڪا فقط انڊيا جي شهرن ۾ هلي ٿي، اها ڪا اهڙي پراڻي به ناهي. مئي 2005ع کان هنن ٻن هوائي جهازن سان ڪم شروع ڪيو هو. انهن ئي ڏينهن ۾ Go Air وارن 20 جهاز ليز تي وٺي انڊيا جي يارنهن شهرن ۾ سروس مهيا ڪئي. هن هوائي ڪمپنيءَ جا ڀاڙا سڀ کان گهٽ آهن. هن هوائي ڪمپنيءَ جا مالڪ انڊيا جو مشهور پارسي ڪٽنب واديا (Wadia Group) وارا آهن. اڄڪلهه نسلي واديا هن هوائي ڪمپنيءَ جو چيئرمين آهي. منهنجي ڪيترن پڙهندڙن کي شايد اها خبر نه هجي ته هي پارسي چيئرمين نسلي واديا اسان جي قائداعظم محمد علي جناح جو ڏهٽو ٿئي ٿو. نسلي جي پيءُ نيويلي Neville Wadia جيڪو 1911ع ۾ لورپول ۾ ڄائو هو، تنهن محمد علي جناح جي ڌيءَ دينا سان شادي ڪئي هئي، جيڪا 14 ۽ 15 آگسٽ جي وچ واري رات ۾ 1919ع ۾ لنڊن ۾ ڄائي هئي. محمد علي جناح چاهيو ٿي ته سندس ڌيءَ ڪنهن مسلمان سان شادي ڪري. هڪ پارسيءَ سان شاديءَ جو ٻڌي هُو ناراض ضرور ٿيو، پر پوءِ شاديءَ بعد ڌيءَ ۽ پيءُ جا تعلقات نارمل ٿي ويا. هندستان جي ورهاڱي بعد دينا پنهنجي مڙس نيويلي واديا سان گڏ بمبئيءَ ۾ ئي رهي پيئي. دينا پاڪستان ۾ ٻه دفعا آئي آهي، هڪ سندس پيءُ جي وفات وقت، سيپٽمبر 1948ع ۾ ۽ ٻيو دفعو سال 2007ع ۾ 26 مارچ تي آئي. ساڻس گڏ سندس پٽ نسلي واديا (جيڪو انڊيا جي گو ايئر ڪمپنيءَ جو چيئرمين آهي) ۽ پوٽا: جهانگير ۽ نيس (Ness) پڻ هئا. اها خبر Dawn اخبار ۾ پڻ ڇپي هئي، جنهن جي ڪٽنگ منهنجي سامهون آهي. پنهنجي پيءُ جي قبر مٿان گلن جا هار رکي هن وزيٽرس بڪ ۾ لکيو ته:
    “My dream to come here has been fulfilled. I will come back to see his dream come true’.
    ۽ ان جي هيٺان سندس پٽ چيئرمين نسلي واديا جا لکيل رمارڪ آهن ته:
    ‘It is an honour to be in Pakistan. Thank you for everything’.
    جناح جي مزار بعد هن پنهنجي پڦي محترمه فاطمه جناح جي قبر تي گل رکيا ۽ آخر ۾ قائداعظم جي پراڻي گهر “وزير مئنشن” جو ديدار ڪرڻ بعد ممبئيءَ روانا ٿي


    ممبئي جا هوائي اڏا

    ممبئي ايئرپورٽ تي اسان جي جهاز جي پهچڻ مهل ٻيون به ٻه ٽي اڏامون ڌارين ملڪن کان پهتيون هيون ۽ جهاز مان لهڻ وقت مسافرن جي رش کي ڏسي مون سمجهيو ته اميگريشن ۽ ڪسٽم جي ڪم ۾ وڏو وقت لڳي ويندو، پر پوءِ ايئرپورٽ جي اندر اچي ڏٺم ته مسافرن کي جلد فارغ ڪرڻ لاءِ ڪيترائي ڪائونٽر هئا، جن مان ڪجهه تي مرد حضرات ته ڪجهه تي هتي جون سانوريون مرهٽي ڇوڪريون ويٺل هيون. پر ڇا ته هُو ڦڙتيءَ سان ڪم ڪري رهيون هيون! هُو هر مسافر کي ائين treat ڪري رهيون هيون، ڄڻ اهو هنن جو باس هجي. اهو ئي رويو هنن جو پنهنجي ملڪ جي انڊين سان هو جيڪي عرب ملڪن يا يورپ ۽ ڏور اوڀر جي ملڪن ۾ نوڪريون ڪري موڪل تي وطن وريا هئا. ايئرپورٽ جي عملي جو اهو ئي هڪ سٺو اخلاق آهي، جنهن ڪري ڌارين ملڪن جي ٽوئرسٽن توڙي مڪاني انڊين کي پنهنجي وطن ورڻ تي پريشاني نٿي ٿئي ۽ هنن کي بيزاري ۽ نڌڻڪي پڻي جي احساس بدران عزت افزائي ۽ آڌرڀاءُ ملڻ جي ڪري فخر ٿئي ٿو.
    ايئرپورٽ جي اندر چوڌاري نظر ڦيرايم ته ايشيائي ملڪن جي حساب کان ڪافي وڏو ۽ سهڻو لڳي رهيو هو. سڀ کان وڏي ڳالهه ته واش روم به صاف سٿرا هئا، منجهن يورڪ ائسڊ جي ڌپ نه هئي. اسان جو ڪراچي ايئرپورٽ به ڪجهه سال صاف سٿرو رهيو، سندس واش روم به صاف سٿرا ۽ بنا ڌپ جي رهيا، پر هاڻ اهو حال نه رهيو اٿن. جيتوڻيڪ يونيفارم ۾ هڪ يا ٻه ڀنگي بيٺل ضرور نظر اچن ٿا، جيڪي صفائي رکڻ لاءِ ڪا جستجو ڪندا هجن يا نه، پر واش روم مان نڪرندڙ هر مسافر جي رستا روڪ ڪري هن کان خرچي وصول ڪرڻ جي گونگي ڪوشش ضرور ڪن ٿا. گذريل دفعي ايران ويندي هڪ ڀنگيءَ کي چئي ڏنم ته توهان مسافرن کي ٽِپ ڏيڻ لاءِ شڪي ڇو ٿا ڪريو. پگهار نٿو ملنانوَ ڇا؟ سچ يا ڪوڙ هن چئي ڏنو ته، “ملي ٿو پر اڌ ته ٺيڪيدار کايو وڃي، جو هن ذريعي نوڪري ئي ان شرط تي ملي آهي.”
    توهان تهران، مشهد، دهلي ۽ ممبئيءَ جي ايئرپورٽن ۽ ريلوي اسٽيشنن اندر کاڌي پيتي جي شين جا اگهه ڏسو ۽ ڪراچيءَ جي هوائي اڏي ۽ ريلوي اسٽيشن جي دڪانن تي ڏسو. مڃان ٿو ته اتي به شهر جي دڪانن کان مهانگيون شيون ملن ٿيون، پر ٽڪي پئسي جي حساب سان. اسان وانگر نه، ته ٻِيڻ تي به مهانگي شيءِ ملي، نتيجي ۾ ڪراچي ايئرپورٽ تي ڪو مسافر، چانهه به مجبوريءَ جي حالت ۾ وٺي ٿو. گذريل دفعي جڏهن پهريون دفعو انڊيا آيس ته دهلي، احمد آباد، بڙودا جي ريلوي اسٽيشنن تي مسافرن کي پنهنجن مٽن مائٽن لاءِ تحفا يا پنهنجي کائڻ جون شيون ريلوي اسٽيشنن تان وٺندي ڏٺم ته حيرت ٿي، پر پوءِ شين جي قيمتن جي ڀيٽ ڪيم ته اندازو ٿيو ته اهي شيون ٻاهران خريد ڪري بار ڍوئي ريلوي اسٽيشن پهچڻ کان بهترآهي، اتان ئي وٺجن.
    ممبئيءَ ۾ پهريون دفعو ايندڙن جي معلومات لاءِ اهو لکندو هلان ته ممبئيءَ ۾ ٻه هوائي اڏا آهن. هڪ انٽرنيشنل اڏامن لاءِ ۽ ٻيو ملڪي (ڊوميسٽڪ) اڏامن لاءِ، جيئن اسان وٽ ڪراچي ۾ آهي. پر اسان وٽ ٻنهي پاسن جا مسافر هڪ ئي هنڌ لهن ٿا، رڳو داخل ٿيڻ جا گيٽ جدا آهن. هتي ممبئيءَ ۾ اهي ميل ٻن جي فاصلي تي آهن، جيتوڻيڪ اندر رن وي وغيره ساڳيو آهي. بهرحال هڪ ٽرانزٽ واري مسافر کي ٻاهر نڪرڻ جي تڪليف نٿي ٿئي. مثال طور مون کي ڪراچيءَ کان ممبئي ۽ ممبئيءَ کان پوني تائين به هوائي جهاز ذريعي وڃڻو هجي ها ته ممبئي ايئرپورٽ تي لهي انڊيا ۾ داخل ٿيڻ جو اميگريشن وارن کان “Enter” جو ٺپو هڻائي، ڪسٽمس مان سامان ڪليئر ڪرائي، پنهنجي ڀاڙي تي ٽئڪسي ڪري يا ايئرپورٽ طرفان شٽل سروس ذريعي ڏهن منٽن ۾ مقامي (Domestic) اڏامن جي داخلا واري گيٽ تي پهچي، پوني جي ٽڪيٽ جو ڪوپن ڏيئي جهاز ۾ ويهڻ جو بورڊنگ ڪارڊ وٺي اڳتي وڌان ها ته پوني ويندڙ جهاز به مون کي اتي ئي نظر اچي ها، جتي آءٌ ڪراچيءَ کان ايندي وقت PIA جي هوائي جهاز مان لٿس. يعني اندر ٻئي ايئرپورٽ ڳنڍيا پيا آهن ۽ ايئرپورٽ ڊپارٽمينٽ طرفان سهوليتون به ساڳيون آهن، پر ٻاهر روڊ سائيڊ تي، اندر داخل ٿيڻ جا دروازا ڏهه پنڌرنهن منٽن جي drive تي آهن. بهرحال ممبئيءَ جا هي هوائي اڏا تهران جي امام خميني ايئرپورٽ يا ڪوالالمپور جي هوائي اڏي وانگر شهر کان گهڻو پري نه آهن، بلڪ آءٌ ته اهو ئي چوندس ته شهر جي اندر ئي آهن. جيئن ڪراچيءَ جو شهر وڌي وڃڻ ڪري ملير ۽ قائدآباد سان لڳڻ ڪري ۽ ٻئي پاسي پُلين ڪري شاهراهِه فيصل، گلشنِ اقبال سان وڃي ڳنڍيو آهي ۽ ڪراچيءَ جو هوائي اڏو جهڙو شهر جي وچ ۾ ٿي پيو آهي. تيئن هي ممبئيءَ جا هوائي اڏا آهن، جيڪي سانٽا ڪروز ۽ ولي پارلي (Vile Parle) وارن علائقن جي وچ ۾ آهن. ممبئيءَ جي ڪيترن علائقن مان لوڪل ٽرين وچ مان هلي ٿي، ان ڪري ان علائقي جو هڪ پاسو ايسٽ (اوڀر) سڏجي ٿو ته ٻيو پاسو ويسٽ (اولهه). جيئن ته سانٽا ڪروز ايسٽ به آهي ته ويسٽ به. ممبئيءَ جو هڪ ٻيو مشهور علائقو کار (Khar) ايسٽ به آهي ته ويسٽ به. اهڙيءَ طرح باندرا، دادر، مٽونگا ۽ انڌيري وارا علائقا ايسٽ به آهن ته ويسٽ به. ممبئيءَ جا هي ايئرپورٽ سمجهو ته سانٽاڪروز ايسٽ ۾ آهن. ممبئي يونيورسٽي، جتي مون کي ليڪچر ڏيڻا هئا ۽ اتي جي گيسٽ هائوس ۾ منهنجي رهائش رکي وئي هئي، سا ڪالينا (Kalina) علائقي جي وديا نگريءَ ۾ آهي ۽ هي ڪالينا علائقو سانٽا ڪروز سان ائين ڳنڍيو پيو آهي، جيئن حيدرآباد جي سٽيزن سوسائٽي، قاسم آباد سان. جڏهن هيءَ ممبئي يونيورسٽي ٺهي هوندي، تڏهن هيءَ شهر کان ڪيترائي ميل ڏور رڻ پٽ ۾ ٺهي هوندي، پر هاڻ جهڙو سنڌ يونيورسٽيءَ جو سِٽِي ڪئمپس! ممبئي يونيورسٽيءَ کان ممبئي جي ايئرپورٽ تائين ٽئڪسي 20 منٽ ڪي مس ٿي وٺي. سو توهان جڏهن ممبئيءَ جي ايئرپورٽ تي لهو ٿا ته سمجهو ته ممبئيءَ جي وچ شهر ۾ آهيو ۽ جيڪڏهن ممبئيءَ ۾ توهان جي رهائش جو بندوبست مون وانگر سانٽا ڪروز ۾ آهي يا کڻي ويلي پارلي، کار، جوهو يا انڌيري ۾ آهي ته ڄڻ ايئرپورٽ وٽ ئي آهيو. توهان کي 50 رپين اندر ٽئڪسي اتي پهچائي ڇڏيندي ۽ ان کان ٿورو پرڀرو ڪُرلا (Kurla)، باندرا، پالي هل، سيان (Sion)، پنت نگر، ماهيم، جوگيشوري ۽ پووائي وارا علائقا آهن يعني ممبئي ايئرپورٽ تان توهان ٽئڪسي ڪري انهن هنڌن تي آرام سان پهچي سگهو ٿا ۽ جي سامان ۾ فقط هڪ بئگ يا ٿيلهو آهي ته هتي جي آٽو رڪشا اڃان به سستي آهي. جيڪڏهن هٿين خالي آهيو ته لوڪل ٽرين بيحد سستي آهي. هتي جي لوڪل ريل گاڏيءَ جو سسٽم مون کي بيحد پسند آيو. ان ۾ ڪلاس ئي ٻه آهن. هڪ عام ڪلاس ٻيو فرسٽ ڪلاس. عام ڪلاس جي ٽڪيٽ تمام گهٽ رکي وئي آهي ۽ ان جو پورائو ڪرڻ لاءِ فرسٽ ڪلاس جي تمام گهڻي رکي وئي آهي. مثال طور ڪياماڙيءَ کان گلشنِ اقبال تائين عام ڪلاس جي فقط ڇهه رپيا آهي ته فرسٽ ڪلاس جي 90 رپيا آهي. هڪ ٻه دفعو رش جي ڊپ کان فرسٽ ڪلاس ۾ چڙهيس پر پوءِ آءٌ به سياڻو ٿي ويس. جنهن وقت گهمڻ ڦرڻ لاءِ نڪرندو هئس اهو وقت آفيسن جو نه هوندو هو، يعني Rush Hour نه هوندو هو، ته فقط پنج ڇهه رپيا خرچ ڪري عام ڪلاس ۾ چڙهي ممبئيءَ جو سير ڪندو وتندو هوس ۽ مزو به عام ڪلاس ۾ هوندو هو، جنهن ۾ ڀانت ڀانت جا ماڻهو نظر ايندا هئا ۽ نه فقط نظر ايندا هئا، پر ڳالهه ٻولهه ڪرڻ لاءِ به تيار هوندا هئا. فرسٽ ڪلاس ۾ رڳو سنجيده قسم جا آفيسر يا بزنيس مين اخبار پڙهندي نظر ايندا هئا.
    ممبئيءَ جي انهن ٻن ايئرپورٽن مان، جيڪو بين الاقوامي آهي ۽ ڪجهه عرصي تائين سحر انٽرنيشنل ايئرپورٽ سڏبو هو، اهو هاڻ سترهين صديءَ جي مرهٽا شهنشاهه ڇتراپاتي شيواجي نالي سڏجي ٿو ۽ ٻيو ڊوميسٽڪ اڏامن وارو سئنٽا ڪروز ٽرمينل سڏيو وڃي ٿو.
    شهنشاهه شيواجي بابت ته اسڪول جي ڏينهن ۾ تواريخ ۾ به پڙهيو هئوسين، پر هتي ممبئيءَ اچي محسوس ٿيو ته مرهٽن جي اهم شخصيت شيواجي بادشاهه آهي، جنهن جو سڄو نالو ڇتراپتي شيوا جي راجي ڀوسلي آهي. نه فقط ممبئيءَ جو هي انٽرنيشنل ايئرپورٽ هن شهنشاهه جي نالي آهي، پر شهر جي جهوني، پراڻي، ۽ اهم ريلوي اسٽيشن جيڪا عمارت سازيءَ کان به مشهور آهي، اها ۽ ٻيون ڪيتريون عمارتون، روڊ رستا، پارڪ لئبريريون ۽ ڪاليج شيواجي جي نالي آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته انگريزن جي ٺهرايل هيءَ مرڪزي ريلوي اسٽيشن اڄ به عام طرح “وي.ٽي” يا وڪٽوريا ٽرمينل سڏجي ٿي، جيڪا انگلينڊ جي مهاراڻي وڪٽوريا جي ياد ۾ 1878ع ۾ ٺهڻ شروع ٿي ۽ ڏهن سالن بعد ٺهي راس ٿي. شهنشاهه شيواجي جو سڀ کان وڏو Statue (مورتي) تاج محل هوٽل ۽ انڊيا گيٽ وي وٽ آهي.


    انڊيا ۾ پوليس رپورٽنگ جو رولو

    ممبئي ايئرپورٽ تي پهچڻ سان اميگريشن ۽ ڪسٽمس ڊپارٽمينٽ جا آفيسر ڌارين ملڪن کان ايندڙن جي پاسپورٽن تي جلدي جلدي ٺپا هڻي فارغ ڪندا ويا. جن جي ويزائن تي “پوليس رپورٽنگ” لکيل هو، انهن کي ٻه فارم ڀري فوٽا هڻڻا پيا ٿي، جنهن ڪم جي اُڪلاءَ لاءِ به اميگريشن کاتي جون ٻه ٽي ڇوڪريون موجود هيون، جن مان هڪڙيءَ مون کان به فارم وٺي منهنجي پاسپورٽ وارا Particulars انهن فارمن تي لکيا ۽ آءٌ پڙهڻ وارو چشمو ڪڍي اهو سڀ ڪجهه لکڻ کان بچي ويس. انهن پُر ڪيل فارمن مان هڪ، اتي ويٺل اميگريشن آفيسر رکيو ۽ ٻيو مون کي ڏنو ويو ته پوليس اسٽيشن تي وڃي، ممبئيءَ پهچڻ جي رجسٽريشن ڪرايان.
    منهنجي خيال ۾ پاڪستان ۽ انڊيا دنيا جا اڪيلا ملڪ آهن، جتي هڪٻئي جي ملڪن جي مسافرن کي نه فقط ايئرپورٽ تي دخول (Entry) جو ٺپو هڻائڻو پوي ٿو، پر پوليس اسٽيشن تي به رپورٽ ڪرڻي پوي ٿي، جن کي “پوليس رپورٽنگ” معاف ٿيل آهي، انهن لاءِ پوليس اسٽيشن تي وڃڻ جي ضرورت ناهي. ٽي سال کن اڳ جڏهن دهلي ۽ بڙودا وغيره آيو هئس ته اسلام آباد ۾ موجود انڊيا جي ايمبسيءَ انڊيا جي ويزا وٺڻ مهل اهو چئي منهنجي لاءِ پوليس رپورٽنگ معاف ڪئي هئي، ته منهنجي عمر 60 سالن کان مٿي هئي ۽ انڊيا جي قانون مطابق وڏي عمر جي ماڻهن کي تڪليف نٿي ڏني وڃي، پر هن ڀيري جڏهن مون کي ويزا ملي ته ان تي Police Reporting جو ٺپو لڳل ڏسي مون کي حيرت ٿي، پر پوءِ سوچيم ته ڪهڙو ٿو فرق پوي. مون کي ڪهڙو انڊيا پهچي گم ٿي وڃڻو آهي. ممبئي، پوني... ۽ جتي به پيو ويندس اتي پهچڻ ۽ شهر ڇڏڻ وقت پوليس آفيس ۾ رپورٽ ڪري، پني تي ٺپو پيو هڻائيندس، پر پوءِ جڏهن پنهنجي ممبئيءَ جي هوسٽ جئه موتياڻيءَ کي ٻڌايم ته هن اها ئي صلاح ڏني ته هڪ دفعو وري انڊين هاءِ ڪميشن ڏي پاسپورٽ موڪليان ۽ کين درخواست لکان ته هُو مون کي پوليس رپورٽنگ کان آزاد ڪن ته سٺو.
    “چڱو آءٌ سڀاڻي ئي Application موڪليان ٿو.” مون هن کي ٻڌايو، “پر جي معاف نه ڪيائون ته پوءِ پوليس رپورٽنگ ۾ ڪهڙي قباحت آهي؟”
    “ٻيو ڪجهه ناهي، وقت جو زيان ٿو ٿئي.” هن ٻڌايو ۽ ان سان گڏ مون کي هڪ ٻن واقفڪارن، جن جو انڊيا اچڻ وڃڻ ٿي چڪو هو، تن ٻڌايو ته انڊيا ۾ توڙي اتي جا مسافر جڏهن پاڪستان اچن ٿا ته اسان وٽ، پوليس ٻن ٽن سوَن کان هزار رپيا کن رشوت به گهري ٿي. انڊيا، انگلينڊ ۽ شايد فرانس جي ويزا لاءِ به، پاسپورٽ ۽ گهربل ڪاغذ ڪراچيءَ ۾ Fedex ڪمپنيءَ جي معرفت، اسلام آباد موڪليا وڃن ٿا. هڪ خيال کان اها ڳالهه سٺي به آهي، نه ته هن کان اڳ سفارتخانن اڳيان سج اڀري کان ماڻهو قطار ۾ خوار پيا ٿيندا هئا. چئن ڏينهن بعد منهنجو پاسپورٽ اسلام آباد کان واپس آيو، پر انڊين هاءِ ڪميشن وارن معذرت ڪئي ۽ فيڊيڪس آفيس جي عملي به ٻڌايو ته اڄ ڪلهه انڊيا وارن هر مسافر لاءِ “پوليس رپورٽنگ” ضروري ڪري ڇڏي آهي، چاهي ڪو ستر سالن جو هجي! ۽ واقعي ممبئيءَ پهچي اتي جي پوليس اسٽيشن تي ڏٺم ته هڪ پاڪستاني بوهري جيڪو انگلينڊ کان آيو هو ۽ عمر ۾ مون کان وڏو لڳي رهيو هو، سو به پنهنجي آمد جو اطلاع ڪرڻ لاءِ پوليس اسٽيشن پهتو هو.
    مون کي ممبئيءَ پهچي پهرين پوني روانو ٿيڻو هو، جتي “صوفيزم” تي سيمينار ۾ ساڌو واسواڻي مشن طرفان دادا جشن جي ڄم وارو نوي سالا جشن اٽينڊ ڪرڻو هو ۽ هفتي ڏيڍ بعد ممبئيءَ موٽڻو هو، جتي ممبئي يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڊپارٽمينٽ طرفان مختلف عنوانن تي ليڪچر ڏيڻا هئا ۽ ممبئيءَ جي مئرين اڪيڊميءَ ۾ جيڪا راجيندرا نالي جهاز تي آهي، مئرين انجنيئرنگ تي پيپر پڙهڻو هو. ساڌو واسواڻي مشن (SVM) ممبئيءَ جي جنرل سيڪريٽري جئه موتياڻيءَ ان بابت منهنجي ڪافي رهنمائي ۽ مدد ڪئي ۽ منهنجي ممبئيءَ پهچڻ تي پاڻ سان پوني وٺي هلڻ جو وعدو به ڪيو، جيئن مون کي انڊيا پهچڻ سان تڪليف نه ٿئي. ويندي پوليس رپورٽنگ لاءِ به هن چيو ته سندس ڊرائيور ايئرپورٽ جي ٻاهران منهنجو فوٽو جهلي بيٺو هوندو، جيئن مون کي سڃاڻڻ ۾ آساني ٿئي ۽ هُو ان ڪم جو اُڪلاءُ ڪري ڇڏيندو.
    اميگريشن طرفان مليل فارم، جيڪو Residential Permit ٿو سڏجي، وٺي ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪتس ته موتياڻي صاحب جو ڊرائيور “ياديو مسافر”، جنهن ٻڌايو ته سندس مادري زبان ڀوجپوري آهي، پر موتياڻي ڪٽنب سان گذريل ڏهن سالن کان ڪم ڪرڻ ڪري، ڀڳل سڳل سنڌي به ڳالهائي وٺي ٿو. ايئرپورٽ جي دروازي سامهون ئي پوسٽر جهليو بيٺو هو، جنهن تي منهنجي فٽ باءِ ڏيڍ فٽ تصوير ۽ ان جي مٿان انگريزيءَ ۾ نالو لکيل هو. مون ۾ جهڙو نئون ساهه پيو، ڇو جو آءٌ هي پهريون دفعو اڪيلي سِر سفر ڪري رهيو هئس سو به هڪ اوپري ملڪ ۾. ڪيترا ماڻهو مون کي سفر جي حوالي سان وڏو سياڻو سمجهندا آهن، پر منهنجو سفر هميشه نوڪريءَ جي سلسلي ۾ ٿيو آهي. پاڻيءَ جي جهاز هلائڻ واري لاءِ ته پاسپورٽ به ضروري ناهي. هن وٽ CDC نالي هڪ خاص ڪتابچو ٿئي ٿو ۽ پنهنجي جهاز کي بنا ويزا جي ڪنهن به ملڪ ۾ وٺي وڃي سگهي ٿو. ايمرجنسيءَ ۾ ته اسرائيل ۽ سائوٿ آفريڪا جهڙن ملڪن جي بندرگاهن ۾ به گهڙي سگهجي ٿو. هوائي جهاز هلائڻ واري کي ته منزل تي پهچڻ تي هوٽل جو رخ ڪرڻو پوي ٿو. اسان جو ته رهڻ ڪهڻ توڙي ماني کائڻ به ان ئي جهاز تي ٿئي ٿو. ڪيترائي دفعا مختلف ملڪن ۾ بيٺل پاڻيءَ جي جهاز تي بدلي ٿيڻ تي، هوائي جهاز ۾ وڃڻ ٿيندو رهيو ٿي، پر ان جي به ڪڏهن ٽڪيٽ يا ويزا جو نه سوچيوسين. آفيس طرفان هوائي جهاز ۾ چاڙهي ڇڏيندا هئا، منزل اچڻ تي ان ملڪ جو اسان جي جهازران ڪمپنيءَ جو ايجنٽ ايئرپورٽ تان اچي وٺي ويندو هو. نوڪري ڇڏڻ بعد ايران يا جپان آيس سو به گروپ سان گڏ. يا گذريل دفعي انڊيا (دهلي ۽ بڙودا پاسي) آيس ته ڄڃ سان گڏ ۽ هر شيءِ جو بندوبست پاڪستاني گهوٽ ۽ انڊين ڪنوار جي مائٽن سڄي ڄڃ لاءِ ڪيو هو. سو هي منهنجي لاءِ پهريون سفر هو، جنهن ۾ پاڻ ئي ويزا لڳرايم، ٽڪيٽ خريد ڪيم ۽ بئگ کڻي اڪيلي سِر نڪري پيس، انهن جي دعوت تي جن کي مون هن کان اڳ ڪڏهن به نه ڏٺو هو ۽ ڪراچي ايئرپورٽ ڇڏڻ کان وٺي سوچيندو رهيس، ته ممبئي ايئرپورٽ تي ڪوبه وٺڻ لاءِ نه آيو ته مون کي پوني وڃڻ لاءِ خبر ناهي ڪهڙي بس يا ٽئڪسي اسٽينڊ تي وڃڻو پوندو يا ڪهڙي ريلوي اسٽيشن تان ٽرين ۾ چڙهڻو پوندو. گذريل دفعي دهليءَ کان بڙودا ٽرين ۾ سفر ڪندي اهو ضرور محسوس ڪيو هئم ته انڊيا جون ريل گاڏيون هر وقت فُل رهن ٿيون ۽ شايد ان ڪري اسان جي سفر لاءِ اسان جي دهليءَ واري ميزبان مهينو اڳ ٽڪيٽون خريد ڪري ڇڏيون هيون. اهو ئي سبب آهي جو ڪراچيءَ مان هر وقت ممبئي يونيورسٽيءَ ۽ جئه موتياڻيءَ کان اِي ميل ذريعي پڇندو رهيس ته ممبئيءَ کان پونا ڪيترو پري آهي ۽ ٿي سگهي ته منهنجي لاءِ ٽرين يا بس جي اڳواٽ ٽڪيٽ وٺي ڇڏجو. جئه ۽ ممبئي يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڊپارٽمينٽ جو چيئرمين ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي هر وقت اهو ئي جواب لکندو رهيو ٿي ته آءٌ ڪوبه فڪر نه ڪريان. پر آءٌ هر وقت ٻُڏتر ۾ رهيس ٿي ۽ پنهنجو پاڻ کي ذهني طرح هر مشڪل کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار رکيم ٿي. اها تياري مون لاءِ اها ئي هئي ته پوني وڃڻ ڪئنسل ڪري ڇڏيندس. بهرحال ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪرڻ تي جئه موتياڻيءَ جو ڊرائيور ته هو پر ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي به گلن جو هار ۽ شال جهليو بيٺو هو. ٻين مسافرن کي وٺڻ لاءِ آيل هتي جا مرهٽا رهاڪو، ٿي سگهي ٿو حيرت کائي رهيا هجن ته هار ۽ شال پارائڻ ڪٿي جي رسم آهي، پر منهنجي خيال ۾ اها رسم نه فقط اسان وٽ پاڪستان ۾ پر ايشيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ آهي.
    ڊاڪٽر مٽلاڻيءَ کي اهو ئي چئي موڪلايم ته پوني مان واپسيءَ تي آءٌ سڌو وٽس ممبئي يونيورسٽيءَ پهچندس. ان بعد ياديو جي وئن ۾ اچي ويٺس جنهن کي پوليس رپورٽنگ لاءِ مون کي وٺي هلڻو هو. ان وقت منجهند جو هڪ ٿيو هو. اهو وقت هر شهر ۾ ٽرئفڪ جئم جو رهي ٿو. رکي رکي چاڪيواڙي ۽ لِي مارڪيٽ جهڙا سوڙها ۽ ڳُتيل علائقا به آيا ٿي، جتي اسان جي گاڏي وک وک ڪري هلي ٿي، انهن رستن جي پاسي تي ٺهيل ڪچن، ڀڳلن ۽ اڌ اگهاڙن فلئٽن ۾ اندر ۽ ٻاهر فٽ پاٿ تي ويٺل مردن، عورتن ۽ ٻارن جي ڪپڙن ۽ افعالن مان لڳو ٿي ته سڄو ممبئي ’بالي ووڊ‘ به ناهي. ڪيترن ئي هنڌن تي غربت جو گراف اسان جي ملڪ کان به هيٺاهين درجي تي لڳي رهيو هو. اهڙن ئي علائقن مان هڪ علائقي جو نالو ياديو ڊرائيور ’ڌروي‘ ٻڌايو. اسان کي ممبئي ايئرپورٽ ڇڏئي ڪلاڪ ٿي ويو هو، “اڃان پوليس اسٽيشن نه پئي اچي؟” مون ڊرائيور کان پڇيو. اسان وٽ ڪراچي توڙي لاهور، حيدرآباد ۽ هر شهر ۾ ٻن ٽن ميلن بعد ڪا نه ڪا پوليس اسٽيشن اچيو وڃي.
    “هتي ورڪشاپ ۾ هيءَ گاڏي ڇڏڻي اٿم،” ڊرائيور ٻڌايو، “اتي صاحب ٻي گاڏي (ڪار) موڪلي آهي، جنهن ۾ پوليس اسٽيشن تائين هلنداسين ۽ ان ۾ ئي پوني هلڻو آهي.”
    آخر اهو ورڪشاپ آيو. اتي ڪار آڻيندڙ ڊرائيور، اسان واري وئن کڻي ويو ۽ اسان هن آرامده ڪار ۾ پنهنجو سفر جاري ڪيو. ڊرائيور پٺيان پير کڻڻ بدران اهوئي سڌو ئي سڌو ڏکڻ ڏي هلندو رهيو. بسون، ڪارون، ڊبل ڊيڪر، نيون ۽ اوچيون عمارتون، بولٽن مارڪيٽ ۽ صدر جهڙيون انگريزن جي دور جون پٿرن جو ٺهيل جهونيون عمارتون، ڪاليج، IT ادارا، شاپنگ پلازا، اسٽور، پارڪ ۽ رکي رکي فٽ پاٿ تي ٺهيل جهوپڙيون ۽ انهن اڳيان انگ اگهاڙا ٻار ۽ رولو ڪتا، گاڏي وارا، هاڪر ۽ بس اسٽاپن اڳيان ممبئيءَ جي رهاڪن جون بس ۾ چڙهڻ لاءِ قطارون، هوٽلون، ريسٽورنٽون، مٺائين جا دڪان، ميڪڊونالڊ ۽ KFC گذرندا ويا. اسان جي ڪار ڏکڻ ڏي ويندي رهي، ويندي رهي!


    ڌار هوندي به هڪجهڙايون آهن

    اسان کي ايئرپورٽ ڇڏئي هاڻ ٻه ڪلاڪ اچي ٿيا هئا. پوليس اسٽيشن تي وڃڻ لاءِ اسان جي ڪار اڃا ڏکڻ طرف وڃي رهي هئي، جيڏانهن ممبئيءَ جي ڪياماڙي آهي. يعني وڃيو سمنڊ وٽ ختم ٿئي. آخر ڊرائيور کان پڇيم ته، “پوليس اسٽيشن ڪٿي آهي؟”
    “بس هاڻ V.T اسٽيشن اچڻ واري آهي، ان جي ڀر سان ئي آهي.” هن وراڻيو. وي. ٽي. (وڪٽوريا ٽرمينل) شهر جي مرڪزي ريلوي اسٽيشن آهي، جيئن کڻي سمجهو ته ڪراچيءَ جي صدر اسٽيشن. ننڍي کنڊ ۾ ريلوي جو نظام انگريزن ٺاهيو. نه فقط گڏيل هندستان ۾، پر ٻين به ڪيترن ئي ملڪن ۾... جتي جتي به انگريزن جي حڪومت هئي، جيئن ملايا (ملائيشيا)، سنگاپور، هانگ ڪانگ وغيره، اتي هُنن ڪورٽن جون عمارتون ۽ ريلوي اسٽيشنون تمام سٺيون ٺهرايون. اسان وٽ به لاهور واري ريلوي اسٽيشن جي بلڊنگ چڱي سٺي آهي، پر ممبئيءَ جي هن ريلوي اسٽيشن جي ڇا ڳالهه ڪجي! اها اڄ ڪلهه V.T بدران C.S.T (ڇترا پتي شيوا جي ٽرمينل) سڏجي ٿي.
    مون نيٺ ممبئيءَ جو نقشو کولي ڏٺو ته اسان ايئرپورٽ وٽ ته نه ڦري رهيا هئاسين، پر ممبئيءَ جي ٻي پوڇڙ وٽان اچي نڪتا هئاسين، “ياديو! ڪمال ٿو ڪرين! توکي ايئر پورٽ وٽ ڪا ٻي پوليس اسٽيشن هٿ ڪانه آئي؟”
    “نه سائين ٽوئرسٽ جي پوليس رپورٽنگ لاءِ سڄي ممبئيءَ ۾ هيءَ هڪ پوليس آفيس مقرر ٿيل آهي.” هن ٻڌايو. جيڪي ممبئيءَ شهر کان واقف نه آهن، اهي ائين سمجهن ته هيءَ پوليس آفيس ايئرپورٽ کان پري ڪراچيءَ جي ٻي پوڇڙ تي چاڪيواڙي جهڙي ڳتيل علائقي ۾ آهي، جتي مس مس پهڻ بعد، اسان کي جاءِ نه پئي ملي، جو کڻي ڪار پارڪ ڪريون. بهرحال چوٿو ميل کن پري هڪ هنڌ ڪار پارڪ ڪري ماڻهن ۽ موٽر لارين جي پيهه پيهان مان رستا ٽپندي، ان پوليس آفيس ۾ پهتاسين. عمارت جي پهرينءَ ماڙ تي واسطيدار مرهٽو پوليس انسپيڪٽر، ورانڊي ۾ ٽيبل ڪرسي رکيو ويٺو هو. سندس اڳيان ٻه فائيل ۽ ٻه ٺپا رکيا هئا. ياديو منهنجو پاسپورٽ، ايئرپورٽ تان مليل فارم ۽ گهربل ٻه تصويورن سندس اڳيان وڌايون. “ابهي ٺهرو، بُلاتي هين.” هن فائيل مان ڪنڌ کڻڻ بنا اسان کي چيو. ڪنڊ ۾ رکيل ٽن ڪرسين مان ٻن تي اڳي ئي هڪ پاڪستاني پيرسن جوڙو ويٺل هو. ٽينءَ تي ياديو مون کي ويهاري پاڻ ڪنڊ ۾ ٿي بيٺو. بس ويٺا انتظار ڪريون ته صاحب بهادر ڪيڏي مهل ٿو فائيل مان اکيون ڪڍي ۽ اسان کي ٺپو هڻي ڏئي. منهنجو هڪ رشوت خور آفيسر ٻڌائيندو آهي ته هُو جڏهن ڪنهن وڏيري کي الزام هيٺ پنهنجي آفيس ۾ گهرائيندو آهي ته هن کي يڪدم اندر نه سڏائيندو آهي. “ڀلي حيدرآباد يا سکر جي نٽهڻ اُس ۾ ٻاهر سڙندو رهي، پوءِ اڌ ڪلاڪ بعد اندر آفيس ۾ گهرائي ڪوڪا ڪولا پياريندو آهيانس ته ڪڪڙ ٿي پوندو آهي ۽ رشوت ڏيڻ سان گڏ ٿورا به مڃيندو آهي ته صاحب عزت ڏني.” سو اڄ اسان جو به اهو حال هو. مس مس صاحب فائيلن مان واندو ٿيو ۽ اسان کان اڳ آيلن کان پڇيائين ته “پاسپورٽ جي فوٽو ڪاپي ۽ ٻه ٻه فوٽو آندا اٿانوَ؟”
    “فوٽو آهن پر پاسپورٽ جي فوٽو ڪاپي ڪانهي!” هنن چيو.
    “وڃي فوٽو ڪاپي ڪرائي اچو.” پوليس آفيسر حڪم صادر ڪيو ۽ هُو غريب اٿيا. مون دل ۾ سوچيو غريب ۽ ٿڪل مسافرن جو سر ويو، جو ڪار پارڪ ڪري اسين پنڌ اچي رهيا هئاسين ته رستي تي اهڙو ڪوبه دڪان نظر نه آيو، جتي فوٽو ڪاپي جي سهوليت هجي. آٽو رڪشا ڪري ريلوي اسٽيشن پاسي ئي وڃڻو پوندن. اسان وٽ اهي ٻئي شيون هيون. پنهنجو وطن ڇڏڻ وقت آئون هميشه ڊزن کن پاسپورٽ سائيز فوٽو ۽ پاسپورٽ جي پهرين ٻن صفحن ۽ ويزا واري صفحي جون ٽي کن فوٽو ڪاپيون کڻي هلندو آهيان. اهي سندس اڳيان ٽيبل تي رکيم، پر ڏسان ته هُو ڪجهه به نه پيو ڪري. مون سمجهيو هُو يڪدم ٺپا هڻي اسان کي فارغ ڪندو. آخرڪار ڊرائيور کان پڇيائين ته، “هن سان گڏ تون آيو آهين؟”
    “هائو.” ڊرائيور هائوڪار ڪئي.
    “ٿوري دير ويهو. وڏو صاحب اندر ماني پيو کائي.” هن چيو ۽ پوءِ ڏهن منٽن بعد ڊرائيور کي پاڻ سان وٺي اندرئين هال ۾ هلڻ لاءِ چيو. شايد صاحب کي چوڻ لاءِ، پر مون ڏٺو ته هُو ٻن منٽن ۾ موٽي آيا ۽ پوليس واري رجسٽر تي منهنجو نالو، پاسپورٽ نمبر ۽ ٻيا Particulars لکي مون کان صحيح ورتائين ۽ منهنجي ايئرپورٽ تي مليل فارم (Residential Permit) تي ممبئي اچڻ ۽ وڃڻ جو ٺپو هڻي ڏنائين، جيئن آءٌ پوني روانو ٿي سگهان. مون هن ضروري ڪاغذ کي ٻيڻو ٽيڻو ڪري پاسپورٽ سان گڏ پينٽ ۾ گوڏي وٽ ٺهيل زپ واري کيسي ۾ سوگهو ڪيو. ڊرائيور ٻڌايو ته، “پوليس آفيسر گهڻي خرچي گهري رهيو هو، پر پوءِ پنج سئو رپين ۾ راضي ٿي ويو.”
    “صاحب (جئه موتياڻي) هجي ها ته نه وٺي ها.” مون چيو.
    ياديو ڊرائيور ٽهڪ ڏيندي چيو، “پوءِ ته هزار ڏيڍ هزار کان ته گهٽ ڪڏهن به قبول نه ڪري ها. انهيءَ ڪري ته صاحب ان ڪم لاءِ مون کي موڪليندو آهي.”
    پوني مان واپس ممبئيءَ آيس ته وري ياديو سان گڏ هن آفيس ۾ پوليس رپورٽنگ لاءِ پهتس ۽ پوءِ هفتي ڏيڍ بعد جڏهن ڪراچي ٿي موٽيس ته هن پوليس رپورٽنگ پٺيان اڌ ڏينهن وڃايم ۽ پڪو پهه ڪيم ته اڳتي جيڪڏهن انڊيا جي ويزا سان گڏ پوليس رپورٽنگ هوندي ته هرگز نه ايندس. نوجوان ڀلي اچن پرآءٌ پنهنجي عمر جي ماڻهن کي اها ئي صلاح ڏيندس ته اهڙي صورت ۾ انڊيا گهمڻ کان هٿ کڻي ڇڏيو ته بهتر آهي. گرمي ۽ اس ۾ سڄو شهر لتاڙي، ڪلاڪ ٻه ملزمن وانگر اچي بيهڻ ۽ رشوت به ڏيڻ، هن عمر ۾ عجيب لڳي ٿو ۽ جي توهان ٻن ٽن ڏينهن لاءِ آيل آهيو ته پوءِ گهمڻ لاءِ توهان جو وقت ئي ڇا بچيو. آءٌ ته جيتوڻيڪ ممبئي ۽ پوني ۾ هفتي هفتي کان به مٿي رهيس، پر هن پوليس رپورٽنگ جي ڀوت جو سر تي سوار هجڻ، مون کي سيمينار ۾ پيپر پڙهڻ يا ليڪچر ٺاهڻ ۽ ڏيڻ ۾ ڏکيائي ۽ ذهني ڪوفت پيدا ڪري رهيو هو. ممبئيءَ ۾ ته ڪي چار پنج ڪلاڪ ضايع ٿيا (جيڪي پڻ اهميت رکن ٿا ۽ هڪ دفعو به نه پر چار دفعا رپورٽنگ ڪرڻي پئي) پر پوني ۾ ته پورا ٻه ڏينهن ضايع ٿي ويا. ممبئيءَ کان پوني رات جو ڏهين وڳي ڌاري پهتس. صبح ساڻ پوليس آفيس پهچي ويس. هتي پوني ۾ به ممبئي ۽ ڪراچيءَ وانگر سڄي شهر ۾ ان ڪم لاءِ هڪ ئي آفيس آهي. صحيح آفيس ڳولڻ لاءِ آٽو رڪشا ۾ ڪلاڪ لڳي ويو. ڪو چوي ته هيءَ آهي ته ڪو ٻِي پيو ٻڌائي. مزي جي ڳالهه اها ته آفيس اتي ئي ساڌو واسواڻي چوڪ وٽ هئي، جتي منهنجي رهائش جو بندوبست هو ۽ جتي ’صوفيزم‘ تي سيمينار هلي رهيو هو. بهرحال آفيس ۾ نائين بجي ئي پهچي ويس، جو قانون موجب شهر ۾ داخل ٿيڻ سان 24 ڪلاڪن اندر رپورٽنگ ڪرڻ ضروري آهي. آفيس ۾ ٻين به ڪجهه ملڪن جا فارينر ان ڪم لاءِ ويٺا هئا. گهڻا تڻا ايران، ملائيشيا، نيپال، سري لنڪا ۽ يمن پاسي جا شاگرد هئا. خبر پيئي ته رپورٽنگ جا آفيسر يارهين وڳي اچن ٿا. يارنهن ٿيا، آهستي آهستي ٿي هڪ هڪ اچڻ لڳو. مختلف ملڪن جا مختلف سيڪشن هئا. پاڪستان ۽ بنگلاديش جو جدا هو، ٻين ملڪن جا ته اچي ويا، 12 ٿي ويا پر اسان وارو نه آيو. مون کان سواءِ هڪ بنگلاديشي واپاري هو ۽ ٻه سنڌي هندو به هئا، جيڪي پنهنجي ڪنهن مائٽ جي پوني کان 40 ميل کن پري شهر ۾ شادي اٽينڊ ڪرڻ آيا هئا. هنن لاءِ هڪ هڪ منٽ قيمتي هو، هڪ بجي تائين جڏهن اتي ويٺل ڪلارڪ اهو ئي چوندو رهيو ته صاحب اجهو ٿو اچي، اجهو ٿو اچي. نيٺ اسان ان جي سينيئر عملدار وٽ وياسين، تنهن غير حاضر پوليس انسپيڪٽر تي حيرت ۽ ڪاوڙ ڪرڻ بدران اسان کي دڙڪو ڏنو ته هلي انتظار ڪريو اجهو آيو. اسين شام جو ڇهين بجي تائين انتظار ڪندا رهياسين پر هُو نه آيو. ٻئي ڏينهن وري صبح ساڻ اچي حاضر ٿياسين جو پوليس رپورٽنگ ڪرائڻ بنا ڪيڏانهن به نٿي وڃي سگهياسين. اهو ڪم يا ويزا ختم ٿيڻ بعد هڪ ڏينهن به وڌيڪ رهڻ ڇهه مهينا جيل آهي. هن قصي ۾ توڙي جو پوليس آفيس جو ASI پاڻ غير حاضر هو، پر اسان جي ٿاڻن ۽ عدالتن ۾ ڪير ٿو پڇي، “عدالتن طرفان انصاف ڏيڻ”، “پوليس آهي يار عوام جي”- جهڙا سهڻا سپنا فقط فلمن تائين محدود آهن. بهرحال ٻئي ڏينهن صاحب بهادر 12 بجي ڌاري آيو. ٻن منٽن ۾ ٺپا لڳي ويا. حق جي ڳالهه ڪجي ته ان ڪم لاءِ پوني جي هن پوليس آفيسر نه رشوت گهري ۽ نه گهرڻ جو ڏيک ڏنو. سٺي اخلاق سان پيش آيو. “بنگلاديش ۽ پاڪستان جا گهٽ ٽوئرسٽ ٿا اچن، ان ڪري مون کي ٻين ڪمن ۾ لڳايو وڃي ٿو.” هن ٻڌايو. ها ايترو ضرور چيائين ته پنهنجو پنهنجو فائيل خريد ڪري اچو، جو توهان جي پاسپورٽ جي فوٽو ڪاپي ان ۾ وجهي آفيس رڪارڊ لاءِ رکندس. اسان ٻاهران اسٽيشنري جي دڪان تان ويهين رپئي وارو فائيل وٺي آياسين. اهڙيءَ طرح پوني ڇڏڻ وقت به اسان کي اڌ ڏينهن انتظار ڪرڻو پيو. بنگلاديش جي همراهه چيو ته، “ملڪ کڻي الڳ الڳ آهن، پر مار! منجهن ڪيتريون نه هڪجهڙايون آهن!” پوني ڇڏڻ وقت اهو ئي سوچيندو رهيس ته واسطيدار پوليس آفيسر اڄ نٿو اچي ته مون کي سڀاڻي ممبئيءَ وڃڻ بدران هڪ ڏينهن وڌيڪ ٽِڪڻو پوندو ۽ منهنجي ٽرين جي ٽڪيٽ به ضايع ٿي ويندي، پر هو اچي ويو ۽ جيتوڻيڪ سرهي منهن سان اسان جي فارمن تي ٺپا هڻي اسان کي آزاد ڪيائين، پر بهرحال اڌ ڏينهن ته ويو ۽ جيسين ٺپو نه لڳي تيسي ويچارو مسافر ٽينشن ۾ ئي رهي ٿو. ڪنهن ڏينهن ڪراچيءَ جي پوليس اسٽيشن تي وڃي جائزو وٺندس ته هو انڊيا کان آيل مسافرن سان ڪهڙو ورتاءُ ٿا ڪن، پر ممبئيءَ ۾ ڪجهه پاڪستاني مليا جن ٻڌايو ته ڪراچيءَ ۾ جڏهن سندن مائٽ يا دوست انڊيا کان اچن ٿا ته پوليس آفيس وارا هنن کي چڱو خوار ڪن ٿا. بهرحال اهڙن موقعن تي اهو احساس ٿئي ٿو ته ڪهڙي آهي “پاڪ انڊيا دوستي” بس ٺلهو نعرو آهي! معمولي معولي ڳالهه تي اسان جا ڪيترا پاڪستاني ٽوئرسٽ انڊيا جي جيلن ۾ پيا سڙن ۽ ڪو پڇڻ توڙي ڪُڇڻ وارو ئي ڪونهي.


    سمنڊ پاسي کان ممبئيءَ جو ڏيک

    تعليم ختم ڪري سامونڊي زندگي اختيار ڪرڻ تي منهنجو جهاز جنهن پهرئين بندرگاهه ۾ داخل ٿيو اهو ممبئي هو، جيڪو انهن ڏينهن ۾ انگريزن طرفان رکيل نالي بمبئي (Bombay) سان سڏيو ويو ٿي. سنگاپور، دبئي، بئنڪاڪ جهڙا بندرگاهه هاڻ ماڻهن جا دلپسند ٿيا آهن، نه ته جن ڏينهن ۾ اسان مئرين انجينئرنگ (جهازن جي انجنيئري) جي تعليم پئي حاصل ڪئي، يا سامونڊي نوڪريءَ ۾ گهڙياسين، انهن ڏينهن ۾ بمبئي، سلون جو بندرگاهه ڪولمبو، يمن جو بندرگاهه عدن ۽ مٿي ڏور اوڀر ڏي هانگ ڪانگ “بلي بلي” بندرگاهه هئا، جن ۾ پهچڻ سان جهاز هلائيندڙ ۽ جهاز جا مسافر سمنڊ جا سُور وساري وهندا هئا.
    جولاءِ يا شايد آگسٽ جو مهينو هو، جنهن ۾ اسان وارو عربي سمنڊ اصل تاءَ ۾ هوندو آهي. ڪراچيءَ کان ڪولمبو تائين چؤماسي (Monsoon) جون بگڙيل هوائون ۽ سامونڊي ڇوليون چڱن ڀلن جو تيل ڪڍي ڇڏينديون آهن. اسان به ڪراچيءَ کان سمنڊ جا سٽڪا کائيندا، ڏيڍ ڏينهن بعد بمبئيءَ کان اچي نڪتاسين. کُليل سمنڊ جا خطرا ڇڏي، جيئن جيئن ڪناري ڏي وڌياسين تيئن تيئن سامونڊي زندگيءَ بابت مزاحمتي سوچون، پنهنجو موت مري ويون. بمبئيءَ جون عمارتون پهرين ڌنڌليون ۽ پوءِ وڌيڪ ويجهو اچڻ تي چِٽيون نظر آيون. بمبئي بندرگاهه جو approach مون کي ڏاڍو ڀلو لڳو. مون اڃان دنيا ئي ڇا ڏٺي هئي؟ چٽگانگ ۽ ڪراچي بندرگاهه کان علاوه مون ڏٺو ئي ڇا هو. چٽگانگ بندرگاهه ته سمنڊ جي ڪناري تي آهي ئي ڪونه، جو سمنڊ ختم ٿيڻ سان چٽگانگ جون عمارتون نظر اچن. پهرين ڳالهه ته تعليم ختم ڪرڻ تائين چٽگانگ شهر ۾ اوچيون عمارتون هيون ئي ڪٿي. ايوب خان وڏي مهرباني ڪري چٽگانگ وارن کي خوش ڪرڻ لاءِ بپن بتني (نيئن مارڪيٽ) جي عمارت ٺهرائي ڏني هئي. بهرحال چٽگانگ ائين آهي جيئن ڪوٽڙي، جنهن تائين پهچڻ لاءِ ٻيڙيءَ کي سنڌونديءَ ۾ اندر گهڙڻو ٿو پوي. تيئن چٽگانگ پهچڻ لاءِ ڪرنا ڦلي نديءَ ۾ جهاز کي هلڻو پوي ٿو ۽ ڪراچيءَ جو approach ته بيحد سادو ۽ بي ذائقه آهي. سامونڊي داخلا (approach) ان بندگاهه جو سهڻو لڳي ٿو، جيڪو پهاڙي علائقي ۾ آهي، جيئن لبنان جي بندرگاهه طرابلس يا هانگ ڪانگ جو آهي. اهڙن بندرگاهن ۾ گهڙڻ سان چوڌاري جبلن تي اڏيل شهر- يعني عمارتون ۽ رستن تي ٻرندڙ بتيون پري کان خوبصورت منظر پيش ڪن ٿيون ۽ هڪ ٿڪل جهازيءَ، توڙي مسافر جي دل خوش ٿيو وڃي. ڪراچيءَ جو شهر ڪنهن پهاڙيءَ تي ته ڇا سطح سمنڊ کان به هيٺ آهي، ان ڪري ڪراچيءَ جون بتيون ۽ عمارتون پري کان ته ڇا بنهه ويجهو پهچڻ تي به نظر نٿيون اچن. الله پناهه ۾ رکي، هي جو رکي رکي ڪڏهن ڪڏهن وڏيون وڏيون ويرون ٿيون چڙهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن عربي سمنڊ ۾ به چاڙهه کائين ٿيون... پر چڱو جو ڪراچيءَ جو رُخ ڪري پوءِ ٻئي پاسي ٽريو وڃن. اهڙي ڪا وِير ڪراچيءَ ۾ گهڙي پوي ته ان جو پاڻي به واپس سمنڊ ڏي نه وڃي سگهي. ڪلفٽن کان صدر ۽ نرسريءَ تائين سڄو علائقو پاڻيءَ هيٺ اچي وڃي. بهرحال اسان بندرگاهه ۾ داخل ٿيڻ جي “نظاري” (approach) جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين، جنهن ۾ اسين ڪراچيءَ جا رهواسي يتيم هجڻ ڪري، اسان کي هر ڌارئين بندرگاهه ۾ گهڙڻ وارو نظارو موهيو وٺي. بمبئيءَ جو ته وري به گهڻن کان بهتر آهي. سڀ کان وڏي ڳالهه ته بمبئي (Mumbai) هڪ قدرتي بندگاهه آهي. اسان وٽ ته وري به ڪراچيءَ ۾ منهوڙي وٽ وڏي ڀت (جيڪا بريڪ واٽر سڏجي ٿي) بندرگاهه کي عربي سمنڊ جي ڊئريڪٽ ايندڙ ڇولين کان بچائي ٿي، پر ممبئيءَ جو هي بندرگاهه، چوڌاري ڪيترائي ٻيٽ هجڻ ڪري، اهڙين آفتن کان بچيل آهي ۽ ٻي ڳالهه ته بندرگاهه وٽ سمنڊ تمام اونهو آهي، ان ڪري گهڻي کوٽ کوٽان جي ضرورت نٿي پوي، نه ته ٻين بندرگاهن ۾ ٻارهو ئي “ڊريزر جهاز” هلندا رهن ٿا، جيڪي تري مان مٽي ۽ گپ ڪڍن ٿا، جيئن بندرگاهه هر وقت اونهو رهي ۽ سامان سان ڀريل جهاز جو ترو سمنڊ جي تري سان لڳي ڦاسي نه پوي.
    جن شهرن کي هوائي ۽ سامونڊي اڏا آهن، انهن جا ٽي مختلف Approach ٿين ٿا. مثال طور ڪراچيءَ جي باءِ روڊ واري Approach کان اسان سڀ واقف آهيون ته ٽال پلازا گذرڻ کان پوءِ سبزي منڊيءَ وارو علائقو نظر اچي ٿو، پوءِ آهستي آهستي عمارتون شروع ٿين ٿيون ۽ پوءِ سهراب ڳوٺ جي گپا گيهه کان پوءِ شهر شروع ٿيو وڃي. هوائي جهاز رستي ڪراچيءَ جي Approach سهڻي لڳي ٿي. تمام گهڻو پکڙيل شهر آهي، جنهن ۾ رات جو بتين جو چمڪاٽ، آسمان سان ڀريل تارن جو ڏيک ڏئي ٿو ۽ مغرب پاسي کان ايندڙ جهاز ڪراچيءَ جي هڪ پاسي سمنڊ ۽ ان ۾ بيٺل ۽ هلندڙ جهاز به ڏسي سگهن ٿا. بهرحال هوائي Approach مان صحيح معنيٰ ۾ پائلٽ ۽ ان سان گڏ ويٺل ڪو پائلٽ يا فلائيٽ انجنيئر ئي لطف وٺي سگهي ٿو. دريءَ پاسي ويٺل مسافر فقط هڪ پاسي جي مختلف جهلڪ ڏسي سگهن ٿا. هنن کي ان دريءَ مان صحيح طرح View نظر نٿو اچي، جيڪو “ڪاڪ پٽ” ۾ ويٺلن کي ويڪري Angle واري دريءَ مان نظر اچي ٿو. باقي سامونڊي جهاز جا مسافر هر بندرگاهه جي اچڻ جو صحيح طرح نظارو ڏسي لطف ماڻي سگهن ٿا. بلڪ ولايت ۾ ته ان نظاري ۽ سمنڊ جي اٿاهپڻي ۽ سانت جو مزو وٺڻ لاءِ ماڻهو هوائي جهاز جي ٽڪيٽ کان گهڻي مهانگي ٽڪيٽ وٺي پاڻيءَ جي جهاز ۾ سفر ڪن ٿا. بهرحال پاڻيءَ جو جهاز ڪراچيءَ جي ويجهو اچيو پهچي ته به ڪو سونهن ڀريو نظارو نٿو اچي ۽ پوءِ پهرين منهوڙي جو ٻيٽ نظر اچي ٿو، جنهن وٽان مڙي جهاز ڪياماڙيءَ کان اچيو نڪري، جتان کان ٽاور تائين ٺهيل چئنل (وهڪري) ۾ جهاز اچيو بيهي. نيٽي جيٽي ۽ PNSC بلڊنگ وارو پاسو “ايسٽ وهارف” ٿو سڏجي ۽ چئنل جو ٻيو ڪنارو “ويسٽ وهارف” ٿو سڏجي. ويسٽ وهارف جي ڪنهن جيٽي تي جهاز ٻڌبو آهي ته پوءِ اسان کارا در پاسي کان ڦري شهر ڏي ايندا آهيون.
    ممبئي يا ان جو بندرگاهه ڪٿي آهي؟ ڪراچيءَ کان ڪولمبو وڃڻ لاءِ انڊيا جو مغربي ڪنارو ڏئي وڃجي ٿو. هن ڪناري تي ڪيترائي ننڍا وڏا بندرگاهه آهن، ڪجهه جي اڄ ڪلهه اهميت نه رهي آهي، پر گذريل صدين ۾، جڏهن جهازن جي سائيز ننڍي هوندي هئي ته اڄ جا اهي ننڍا بندرگاهه به اهم هئا. بلڪ انڊيا جو هي مغربي ڪنارو جيڪو ويسٽرن گهاٽ به سڏجي ٿو، جهازي دنيا ۾ هڪ خوبصورت ۽ رومانٽڪ ڪنارو هو، جنهن تي ماندوي، ڪنڊلا، پوربندر، ڀاءُ نگر، کنڀاٽ، سورت، گوا، منگلور، ڪاليڪٽ، ڪوچين- تري وندرم جهڙا آڳاٽا بندرگاهه ۽ شهر آهن. ممبئي ته پوءِ وجود ۾ آيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته انگريزن ان کي ايڏو ٺاهيو ۽ ترقي ڏني، جو ٻيا بندرگاهه هن جي اڳيان اهميت وڃائيندا رهيا. بهرحال ممبئيءَ جو بندرگاهه کڻي ايڏو پراڻو ناهي، ته به اڄ ان کي 125 سال ٿي ويا آهن.
    الهاس نالي هڪ ندي ويسٽرن گهاٽ واري جابلو علائقي مان نڪري عربي سمنڊ ۾ جتي ڇوڙ ٿي ڪري، اتي ممبئي ۽ ان جو بندرگاهه آهي. انڊيا جي مشهور شهر ’الهاس نگر‘ جو نالو به هن نديءَ تان پيو، جيڪو ممبئي شروع ٿيڻ کان 50 ميل کن پهرين ٿو اچي. پاڪستان مان لڏي ويل گهڻي کان گهڻا سنڌي الهاس نگر ۽ ممبئي جي ڀر واري شهر ڪلياڻ ڪئمپ ۾ رهن ٿا. الهاس نگر اهو شهر آهي، جتي سنڌين جون ڪيتريون فئڪٽريون، ادبي ادارا، سنگتون ۽ Associations آهن ۽ هتي جي ڪارخانن ۾ ٺهيل شين لاءِ مشهور آهي ته انهن تي “ميڊ باءِ USA” لکيل هوندو آهي، يعني ميڊ باءِ “الهاس نگر سنڌي ائسوسيئيشن.”
    ممبئي شهر جي آدمشماري ايڏي وڌي وئي آهي جو الهاس ندي، جتي ڊيلٽا ٺاهي عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي، اتي پاڻيءَ جي ان حصي (Thane Creek) مٿان پل ٺاهي ممبئيءَ کي مين لئنڊ سان ملايو ويو آهي، جتي “نيو ممبئي” نالي شهر اڏيو ويو آهي. جتان روزانو ريل رستي ماڻهو ممبئيءَ جي مختلف علائقن ۾ پهچن ٿا. بيلاپور شهر به اتي ئي آهي. بهرحال جڏهن اسان پاڻيءَ واري جهاز کي ممبئيءَ آڻيون ٿا ته هن ٿاني ڪريڪ وٽ اچيو پهچون. ان جي اوسي پاسي يعني ممبئيءَ جي بندرگاهه کان ڏهاڪو کن ميل پهرين، سمنڊ ۾ ٻه ٽي ٻيٽ به نظر اچن ٿا، جيئن ته بچر ٻيٽ (جيڪو اڄڪلهه جواهر دويپ سڏجي ٿو)، ڪراس ٻيٽ، ايليفنٽا ٻيٽ وغيره. انهن سڀني ۾ Elephanta ٻيٽ، جيڪو اڄ ڪلهه “غاز پوري ٻيٽ” سڏجي ٿو، مشهور آهي ۽ ممبئيءَ ايندڙ ٽوئرسٽ هن ٻيٽ جي سئر سان گڏ ٻيڙيءَ جي سفر جو به لطف وٺن ٿا. هن ٻيٽ تي اچڻ لاءِ گيٽ وي آف انڊيا وٽان ٻيڙيون هلن ٿيون. هي ٻيٽ اتان 10 ڪلوميٽر پري سمنڊ ۾ آهي ۽ غارن ۽ غار وارن مندرن جي ڪري مشهور آهي، جيئن ڪوالالمپور (ملائيشيا) ۾ باتو غارن ۾ اندر هڪ جهونو هندو مندر آهي. هن ٻيٽ جو اصلوڪو نالو به “غاريپوري” (غارن وارو هو) پوءِ سترهين صديءَ جي پورچوگالي جهازين هن جو نالو Elephanta رکيو. هن ٻيٽ جي جملي پکيڙ 6 چورس ميل آهي. ٽوئرسٽن جي گهمڻ لاءِ هڪ نئرو گيج ريل گاڏي به آهي.
    اسان جي جهازن جو آسٽريليا توڙي ڏور اوڀر جي ملڪن ڏي وڃڻ وقت هتان ممبئيءَ وٽان لنگهه ٿئي ٿو. سامان لاهڻ ۽ چاڙهڻ کان سواءِ هتي جهازن جي مرمت جو به سٺو بندوبست آهي. ڪڏهن ڪڏهن جهاز جي ٻاهرين مرمت لاءِ جهاز کي خشڪ گودي (Dry Dock) ۾ جهاز کي بيهارڻ ضروري ٿي پوندو آهي. ممبئي ڊراءِ ڊاڪنگ کان مشهور بندرگاهه آهي ۽ ايشيا ۾ پهريون ڊراءِ ڊاڪ ممبئيءَ ۾ ٺهيو. جپان، ڪوريا ۽ روس جهڙن ملڪن ۾ به پوءِ ٺهيا. 1736ع ۾ لوو جي نسرونجي واديا، سورت شهر جي پارسيءَ، ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ کان ڊراءِ ڊاڪ ۽ جهاز ٺاهڻ جو مقاطو (Contract) حاصل ڪيو ۽ 1750ع ۾ ڊراءِ ڊاڪ ٺاهي مڪمل ڪيو. جهاز سازيءَ سان تعلق رکندڙ هن واديا پارسي فئمليءَ هڪ سئو سالن اندر (1840ع تائين)، هن ڊراءِ ڊاڪ ۾ انگريزن لاءِ هڪ سئو کان مٿي جنگي ۽ مال بردار جهاز ٺاهيا. هيءَ واديا فئملي اها مشهور فئملي آهي، جنهن جي اولاد مان نيويلا (Neville) واديا جناح صاحب جي ڌيءَ دينا سان شادي ڪئي. لووجي نسرونجي واديا 1702ع ۾ سورت ۾ ڄائو ۽ ممبئي ۾ 1774ع ۾ وفات ڪيائين. جهاز ٺاهڻ جي اعليٰ معيار ڪري ۽ ايشيا ۾ پهريون ڊراءِ ڊاڪ ٺاهڻ ڪري، پاڻ (Lovji Wadia) ۽ سندس ڀاءُ سوراڀجي واديا، اڄ تائين مشهور آهن. بهرحال پاڻيءَ جو جهاز جڏهن ممبئيءَ جي بندرگاهه ڏي وڌي ٿو ته پري کان ئي تاج محل هوٽل، تاج محل پئلس ۽ گيٽ وي نظر اچن ٿا.


    ممبئيءَ جو گيٽ وي ٽ انڊيا

    گذريل مضمون ۾ اسان “گيٽ وي ٽُ انڊيا” جي ڳالهه ڪئي آهي ته پاڻيءَ جي جهاز ۾ ممبئيءَ اچڻ وقت هي دروازو جنهن کي Gateway to India سڏين ٿا، نظر اچي ٿو. اهو ممبئيءَ جي بندرگاهه وٽ بلڪل سمنڊ جي ڪناري تي آهي ۽ عمارت سازيءَ جي لحاظ کان توڙي تواريخي خيال کان هيءُ دروازو ۽ هن جي ڀرسان ٺهيل، هن دروازي کان به آڳاٽي تاج محل هوٽل، بيحد اعليٰ آهي. ممبئي ايندڙ هر ٽوئرسٽ ممبئيءَ جي هن علائقي ڪولابا (Colaba) ۾ هنن کي ڏسڻ لاءِ اچي ٿو. ان ڪري اڳتي وڌڻ کان اڳ هنن تاريخي جاين جو ڪجهه احوال هتي لکيو وڃي، جيڪي ممبئي شهر جون ڄڻ icon آهن. جيئن لاهور ۾ مينارِ پاڪستان يا ڪراچيءَ ۾ جناح جي مزار آهي. ممبئي جو شهر ڪيترين ئي هوٽلن سان ڀريو پيو آهي، پر سمنڊ جي ڪناري تي ٺهيل تاج محل هوٽل جون ٻه عمارتون واقعي ڏسڻ وٽان آهن. رهائش جي خيال کان ته تمام مهانگيون آهن، پر ڏسڻ جا ته پئسا نه آهن. پوني مان جڏهن ممبئيءَ موٽيس ته هڪ ڏينهن مون به ارادو ڪيو ته گيٽ وي ٽُ انڊيا ۽ تاج محل هوٽل ڏسي وٺجي. جيتوڻيڪ وڃڻ کان اڳ اهو ئي سوچيم ته اجايو اڌ ڏينهن ضايع ڪرڻ آهي، پر پوءِ اتي پهچي اندازو لڳايم ته ممبئيءَ ۾ ايندڙ هر مسافر کي هتي ضرور اچڻ کپي، جتي هر وقت هڪ ڪارنيوال (ميلي) جو نمونو لڳي ٿو. ان قسم جو چهچٽو موڪل واري ڏينهن تي ڪلفٽن يا هاڪس بَي جهڙن سامونڊي علائقن تي به متل هوندو آهي، پر اتي اسان وٽ عورتن جو تعداد تمام گهٽ هوندو آهي، جن جا رنگين ويس وڳا ههڙن ميلن کي رنگين بنائين ٿا ۽ اسان وٽ فارينر ته ڪو ورلي هوندو. پر هتي گيٽ وي ٽُ انڊيا ۽ تاج محل هوٽل جي اڳيان سڄو ميدان انيڪ ملڪن جي ٽوئرسٽن ۽ مختلف هاڪرن ۽ کيل تماشا ڏيکارڻ وارن سان ڀريو پيو هو، جن ۾ ڦوڪڻن کان پشم وڪڻڻ وارن تائين ۽ ڀولڙين جا ڪرتب ڏيکارڻ وارا نظر اچي رهيا هئا. ڪيترائي فوٽوگرافر به گُهمي رهيا هئا، جن اتي جو اتي فوٽو ڪڍي ٿي ڏنا. هتان ئي ممبئيءَ جي آسپاس وارن ٻيٽن، خاص ڪري ايليفنٽا ٻيٽ ڏي لانچون ويون ٿي. ملائيشيا ڇڏئي مون کي به سال ٿي ويا هئا، سو جيڪا ملئي فئملي نظر آئي ٿي، ان کان ان جي ڳوٺ جو احوال ورتم ٿي ۽ پنهنجي ملئي زبان تِکِي ڪيم ٿي. ڪوالالمپور جي سائنس يونيورسٽي کان آيل شاگردياڻين جي هڪ گروپ کي چيم ته، “دنيا توهان جو ملڪ ڏسڻ لاءِ وڃي ٿي ۽ توهان پينانگ، ملاڪا ۽ اپوح جهڙا شهر گهمڻ بدران هيڏانهن ممبئيءَ کان اچي نڪتيون آهيو؟”
    “هتي جي ڳالهه ئي ٻِي آهي، هتي جون پراڻيون عمارتون، هتي جو ڪلچر ۽ رسم و رواج ڏسڻ وٽان آهي.” هنن چيو. سندن ڳالهه ٻڌي مون کي ڏک ضرور ٿيو ته اهي ئي ڳالهيون اسان جي ملڪ ۾ به ته آهن. واقعي ملاڪا جي قلعي ۽ ڪيداح جي قبرستان کان ته اسان جي حيدرآباد جو پڪو قلعو ۽ ٺٽي جو قبرستان جهونو آهي. سڀ کان وڏي ڳالهه اسان وٽ موهن جو دڙو آهي، پر اسان وٽ هي فارينر ڇو نٿا اچن. اڄڪلهه سڀ کان وڏي ڪمائي ٽوئرزم مان آهي. ٽوئرسٽ اچن ٿا، خرچ ڪن ٿا ۽ مقامي ماڻهوءَ جي ڪمائي ٿئي ٿي، پر اسان جي ملڪ ڏي ايندي شايد ان ڪري گهٻرائين ٿا جو امن امان ناهي ۽ اها ئي حقيقت آهي. اسان وٽ به ڪراچي ۽ لاهور ۾ ڪيترائي يادگار (Monuments) انگريزن، پارسين ۽ هندن ٺهرايا، پر انهن مان ڪيترا، خاص ڪري مورتيون (Statues) ته اسان مذهبي جوش ۾ ڊاهي ڇڏيون، پر عمارتون به خراب ڪري ڇڏيون. جيتوڻيڪ ايران جهڙي ڪٽر مذهبي ملڪ ۾ به تواريخي شين جي ٺاهه جوڙ ڪري ساڳي حالت ۾ قائم رکيون ويون آهن، چاهي اهي کڻي آتش پرست بادشاهن جون مورتيون هجن يا پهلوي شهنشاهه جا محلَ. اتي به ساڳي ڳالهه امن امان جي ٿي اچي. ايران ۾ Law & Order جي حالت بهتر آهي ته روزانو هزارين ٽوئرسٽ، نه رڳو شيعا سني پر عيسائي ۽ يورپي به اچن ٿا. هر هڪ جي جان مال محفوظ آهي، چاهي ڪو مقامي ڳوٺاڻو غريب هجي يا يورپي گوريون عورتون.
    ممبئيءَ جي سامونڊي ڪناري تي ٺهيل هي دروازو انگريزن اڄ کان هڪ صدي کن اڳ ٺهرايو، جن جي ننڍي کنڊ تي حڪومت، بلڪ راڄ هو. هي ڪمان وارو دروازو 26 ميٽر (80 فٽ کن) اتاهون آهي. سندس وچ جي گنبذ جو قطر 15 ميٽر آهي. دروازي جي مٿان لکيل آهي:
    “Erected to commemorate the landing in India of their Imperial Majesties King George V and Queen Mary on the second of December MCMXI”.
    هي دروازو شهنشاهه جارج پنجين ۽ سندس راڻي صاحبه ميري جي 1911ع ۾ ممبئي اچڻ جي ياد ۾ ٺهرايو ويو هو. جارج پنجون انهن ڏينهن ۾ انگلينڊ توڙي انگريزن جي هٿ هيٺ انڊيا، ملايا، هانگ ڪانگ، آسٽريليا ۽ ڪئناڊا وغيره جو بادشاهه هو، جنهن جي موت جو چانديءَ جو رپيو انڊيا ۾ هليو ٿي. مغلن جي آخري بادشاهه بهادر شاهه ظفر بعد انڊيا جي حاڪم، انگلينڊ جي راڻي وڪٽوريا ٿي، جيڪا ’مهاراڻي‘ سڏي وئي ٿي. ان بعد سندس پٽ ڪنگ ايڊورڊ ستون انگلينڊ جو بادشاهه ٿيو يعني انڊيا جو به. سندس (ايڊورڊ ستين) 1910ع ۾ وفات بعد سندس پٽ جارج پنجون بادشاهه ٿيو. جارج پنجين 1910ع کان پنهنجي وفات 1936ع تائين حڪومت ڪئي ۽ شهنشاهِه هند ٿي رهيو. سندس راڻي مئري اها Queen آهي، جنهن جي نالي دنيا جو مشهور بحري جهاز “ڪوئن مئري” آهي. جارج 1865ع ۾ ۽ مئري 1867ع ۾ لنڊن ۾ ڄاوا. سندن شادي 1893ع ۾ ٿي ۽ کين ڇهه ٻار ٿيا. پنج پٽ ۽ هڪ ڌيءَ. هتي اهو به ٻڌائيندو هلان ته انگلينڊ جي اڄڪلهه جي راڻي ايلزبيٿ هن راڻي مئريءَ جي پوٽي ۽ جارج ڇهين جي ڌيءَ آهي. جارج پنجين جي 1936ع ۾ وفات بعد ڪجهه عرصي لاءِ سندس وڏو پٽ ايڊورڊ اٺون تخت تي ويٺو . ان بعد سندن ٻيو پٽ شهزادو البرٽ “جارج ڇهين” جي نالي سان تخت تي ويٺو. راڻي مئري اڃان جيئري هئي ته سندس پٽ “شهنشاهه جارج ڇهين” 1952ع ۾ وفات ڪئي. ان بعد ڪوئن مئريءَ پنهنجي پوٽي (جارج ڇهين جي ڌيءَ) ايلزبيٿ کي تخت تي ويهاريو. ان بعد ٻئي سال 1953ع ۾ 85 سالن جي ڄمار ۾ ڪوئن مئريءَ وفات ڪئي.
    بهرحال هيءَ راڻي مئري (Queen Mary) ۽ سندس مڙس شهنشاهه جارج پنجون هئا، جيڪي تخت تي وهڻ بعد ڊسمبر 1911ع ۾ انڊيا اچي رهيا هئا، جو هنن جي ياد ۾ ممبئيءَ جي ان وقت جي گورنر “سر جارج سڊنهام ڪلارڪ” هن يادگار در جو سنگِ بنياد رکيو. هن در تي ڏهه سال کن ڪم هلندو رهيو ۽ 1924ع ۾ مڪمل ٿيڻ تي ان وقت جي وائسراءِ هند، ارل آف ريڊنگ هن در کولڻ جو افتتاح ڪيو. ننڍي کنڊ جي ورهاڱي ۽ آزاديءَ بعد انگريز ۽ سندن فوجون انڊيا مان لڏڻ لڳيون. سندن فوج جا آخري سپاهي، “سمر سيٽ لائيٽ انفنٽري” جي بٽالن 28 فيبروري 1948ع تي هن در هيٺان لنگهي پاڻيءَ واري جهاز ۾ چڙهي انگلينڊ رواني ٿي وئي.
    پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ هتي اهو به لکندو هلان ته مٿي بيان ڪيل وائسراءِ Issaacs اهو ماڻهو آهي، جنهن 1921ع ۾ وائسراءِ ٿيڻ بعد ٻئي سال مهاتما گانڌيءَ کي جيل ۾ وڌو هو.


    سواءِ موسم جي هر شيءِ انگلينڊ جي

    سمنڊ رستي ممبئيءَ جي بندرگاهه ڏي پهچڻ تي سمنڊ جي ڪناري تي ٺهيل 80 فٽ کن اتاهون دروازو نظر اچي ٿو، جنهن کي Gateway to India (انڊيا ۾ داخل ٿيڻ جو دروازو) سڏين ٿا. اڄ کان سئو سال کن اڳ اڃان هوائي جهاز عام نه ٿيا هئا. ڌارين ملڪن ڏي سفر ڪرڻ جو طريقو فقط سمنڊ رستي هو. انڊيا جي سامونڊي ڪناري تي ڪوچين، سورت، مئنگلور ۽ ڪاليڪٽ جهڙا ڪيترائي مشهور ۽ آڳاٽا بندرگاهه آهن، جن تي اوائلي دور ۾ يورپي قومن جا سامونڊي، سياح ۽ مهم جُو ماڻهو (Explorers) ايندا رهيا، پر پوءِ هڪ طرف ممبئي تمام وڏو بندرگاهه ٿي ويو ۽ ٻئي طرف بحري جهازن (Ships) جي سائيز به وڏي ٿيندي وئي ۽ انهن جي مالڪن انڊيا جي ڪنهن ننڍي بندرگاهه ۾ جهاز کي موڪلڻ بدران ممبئي بندرگاهه تي موڪلڻ کي ئي ترجيح ٿي ڏني. ويندي انگيلنڊ جو شهنشاهه جارج پنجون ۽ سندس زال راڻي مئري انڊيا آيا ته هنن جو جهاز به سورت يا ڪاليڪٽ ۾ لنگرانداز ٿيڻ بدران ممبئيءَ آيو، جتان پوءِ هُو دهليءَ روانا ٿيا، انهن ڏينهن ۾ ڪلڪتي جو بندرگاهه ڪافي وڏو هو، پر ڪلڪتو انڊيا جي اوڀر ۾ ٿيو ۽ جپان، ملائيشيا ۽ چين کان ايندڙن لاءِ ته ڪلڪتو کڻي ويجهو ٿيو، پر انگريزن (جن جو انڊيا تي راڄ هو) يا يورپين لاءِ ممبئي ويجهو بندرگاهه ٿيو. هُو انڊيا جي ڪنهن به شهر ۾ اچڻ چاهيندا هئا ته پهرين پاڻي واري جهاز رستي ممبئيءَ جي بندرگاهه تي اچي پوءِ اٺن، گهوڙن، هاٿين ۽ بعد ۾ ريل ۽ ڪارن جي ايجاد بعد، انهن ذريعي پوني، مدراس، دهلي يا ڪلڪتي روانا ٿيندا هئا. سو انڊيا ۾ اچڻ لاءِ ممبئيءَ جو شهر مشهور هو، جنهن جي بندرگاهه تي ٺهيل هي دروازو ڄڻ ته انڊيا ۾ داخل ٿيڻ جي نشاني هئي. دنيا جي ڪيترن ئي بندرگاهن ۾ سمنڊ جي ڪناري تي مختلف يادگارَ ٺهيل آهن يا انهن بندرگاهن جي ڪا اوچي عمارت پري کان ڏسي پاڻيءَ جي جهازن جا مسافر ان بندرگاهه تي پهچڻ جو اندازو لڳائيندا آهن، جيئن نيويارڪ جي بندرگاهه ۾ لنگرانداز ٿيڻ کان اڳ آزاديءَ جو مجسمو (Statue of Liberty) نظر اچي ٿو. سو ممبئيءَ جي سامونڊي ڪناري تي ٺهيل هي اتاهون ۽ خوبصورت دروازو ممبئيءَ جي نشاني (Land Mark) سڏيو وڃي ٿو.
    ممبئيءَ جو هي دروازو کڻي ممبئيءَ جي هڪ نشاني آهي، پر هن دروازي جي ڀرسان ٺهيل تاج محل هوٽل (جنهن کي تاج محل پئلس به سڏجي ٿو) سڄي دنيا ۾ هن دروازي (Gateway to India) کان به آڳاٽي ممبئيءَ جي نشاني (Land Mark) هلندي اچي. ممبئيءَ جي سامونڊي ڪناري تي هن اتاهين دروازي ۽ محلات جهڙي تاج محل هوٽل جو نظارو ڏسڻ وٽان آهي. منهنجي خيال ۾ جي آگري جي تاج محل جا پهرئين نمبر تي ۽ ممبئيءَ جي سينٽرل ريلوي اسٽيشن وڪٽوريا ٽرمينس (ڇتراپتي شيوا جِي ٽرمينس) جا ٻئي نمبر تي گهڻا فوٽو ڪڍيا وڃن ٿا ته تاج محل هوٽل ۽ گيٽ وي ٽُ انڊيا واري نظاري جا پڪ ٽئي نمبر تي هوندا. مون به ڪيترين ئي ڪنڊن کان هنن عمارتن جا فوٽو ڪڍيا. ان بعد هڪ فوٽوگرافر کي پئسا ۽ پنهنجي ڪئميرا ڏئي وڌيڪ فوٽو ڪڍرايم ته جيئن هُو ان ڪم جو ڄاڻو هجڻ ڪري سٺا فوٽو ڪڍي ڏئي.
    ممبئيءَ جي هن تاج هوٽل جي تعريف ته گهڻو اڳ کان ٻڌي هيم، پر هاڻ هن جي سهڻي ۽ شانائتي عمارت جي اڳيان بيهي حيرت ٿي ٿئي ته هيءَ عمارت جيڪا هن وقت به خوبصورت ۽ اعليٰ قسم جي آهي، اها اڄ کان 106 سال کن اڳ ڇا هوندي، جڏهن ٺهي راس ٿيڻ بعد هن جو 16 ڊسمبر 1903ع تي هوٽل جي مالڪ جمشيد ٽاٽا افتتاح ڪرايو هوندو. سندس ڀر ۾ ٺهيل “گيٽ وي ٽُ انڊيا” وارو دروازو ته هن هوٽل ٺهي راس ٿيڻ بعد ويهه سال کن رکي پوءِ ٺهيو. توهان هتي پهچي ڏسندائو ته هن تاج هوٽل جون ٻه عمارتون نظر اينديون، هڪ ائين آهي جيئن ڪراچيءَ جو ڊي. جي. ڪاليج، هاءِ ڪورٽ يا ميونسپل ڪارپوريشن جي عمارت جيڪا “دي تاج محل پئلس” سڏجي ٿي ۽ ان جي ئي ڀرسان هن هوٽل جي ٻي عمارت ائين آهي، جيئن ڪراچيءَ جي حبيب بئنڪ يعني هڪ ڊگهي ٽاور جهڙي عمارت، جيڪا بلڊنگ سڏجي به ٽاور ٿي ۽ اها 1973ع ۾ ٺهي.
    تاج محل پئلس (هوٽل) کان اڳ ممبئيءَ جي اُتم ۽ اعليٰ هوٽل “واٽسن هوٽل” هئي. انهي هوٽل جي به ڇا ڳالهه ڪجي! يعني ان زماني ۾ 1868ع ڌاري واٽسن نالي هڪ انگريزَ، اِها هوٽل ممبئي شهر جي ڏاکڻي علائقي ۾ ٺهرائي هئي، جنهن ۾ فقط انگريز ۽ يورپين گورا ئي گهڙي سگهيا ٿي. هيءُ علائقو... جنهن ۾ اڄ به ان هوٽل جي بلڊنگ موجود آهي ۽ اڄ ڪلهه اها “اسپلانڊي مئنشن” سڏجي ٿي، ان کي ان وقت کان وٺي “ڪالا گهوڙا” سڏيو وڃي ٿو. دراصل هن علائقي جي روپ واڪ اسٽريٽ ۽ ميڊوز اسٽريٽ (جنهن جو اڄ ڪلهه نئون نالو ناگن داس ماسٽر روڊ رکيو ويو آهي)، اتي موجود ڪامرس هائوس بلڊنگ اڳيان ڪاري پٿر مان ٺهيل گهوڙي جو مجسمو (Statue) رکيل هو، جنهن تي شهنشاهه ايڊورڊ ستون ويٺل ڏيکاريل هو. اڄ ڪلهه اهو مجسمو اتي موجود ناهي. منهنجي ميزبان پروفيسر ٻلديو مٽلاڻيءَ ٻڌايو ته اهو مجسمو وچ ممبئيءَ جي بائڪلا واري علائقي جي جاماتا اديان ۾ رکيل آهي. پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ اهو به ٻڌائيندو هلان ته، انڊيا جي جيڪا پهرين فلم 1896ع ۾ ٺهي هئي، اها هن علائقي ڪالا گهوڙا ۾، مٿي لکيل رستن ۽ ڀر واري روڊ وي. بي. گانڌي روڊ تي ٺهي هئي.
    بهرحال پاڻ انڊيا جي هڪ جهوني ۽ ان وقت جي “ٺٺ ٺانگر” واري هوٽل واٽسن جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين، جيڪا ممبئيءَ جي هن “ڪالا گهوڙا” واري علائقي ۾ ٺهي هئي. هيءَ هوٽل سرن ۽ سيمينٽ بدران لوهه جي چادرن مان ٺهرائي وئي. هوٽل جي مالڪ واٽسن هن هوٽل جي سڄي عمارت لوهه مان انگلينڊ ۾ ٺهرائي، پوءِ ان جا ٽڪرا ٽڪرا پاڻيءَ جي جهاز ۾ کڻائي هتي ممبئيءَ ۾ فٽ ڪرائِي. جيڪي لنڊن کان واقف آهن، انهن لاءِ لکندو هلان ته هن هوٽل جو ڊزائينر اهو ئي سول انجنيئر مئسن آرڊش آهي، جنهن لنڊن جي سينٽ پانڪراس ريلوي اسٽيشن ڊزائين ڪئي ۽ هن هوٽل جي عمارت لنڊن جي ڪرسٽل پئلس سان تمام گهڻو ملي ٿي. ممبئيءَ جي هن پنج ماڙ واٽسن هوٽل ۾ مهمانن جي رهائش لاءِ 130 ڪمرا هئا. گرائونڊ فلور تي لابي ۽ بار ٺهيل هو. هن روم جو فرنيچر، هنڌ بسترا ويندي پاڻيءَ جا نلڪا، ٽائيلون ۽ رنگ روغن انگلينڊ مان گهرايا ويا. بيحد اوج وارن ڏينهن ۾ ته هن هوٽل ۾ ڪم ڪندڙ خدمتگار ڇوڪريون به انگريز رکيون ويون هيون ۽ هن هوٽل لاءِ ان وقت اهو چرچو عام هوندو هو ته، “ڪاش واٽسن انگلينڊ کان اتي جي موسم به درآمد (امپورٽ) ڪري ها.” يعني هن هوٽل جي عمارت توڙي ان ۾ نظر ايندڙ ماڻهو ۽ ماحول هر لحاظ کان برٽش لڳو ٿي ۽ پوءِ ممبئيءَ جي ڏاکڻي علائقي ڪولابا ۾ انڊيا جي هڪ پارسي سيٺ ۽ ڪارخانيدار جمشيد ٽاٽا “تاج محل پئلس” نالي هوٽل ٺهرائي ۽ آهستي آهستي واٽسن هوٽل جي مشهوري گهٽجي وئي ۽ ملڪي ۽ غير ملڪي راجا، بادشاهه، وزير، سياستدان تاج محل پئلس ۾ رهڻ لڳا، جيڪي اڳ هوٽل واٽسن ۾ رهيا ٿي. هوٽل واٽسن جي پراڻن قابلِ ذڪر مهمانن ۾ آمريڪن مشهور ليکڪ، ليڪچرر ۽ طنزيه و مزاحيه اديب مارڪ ٽوين به هڪ هو، جيڪو “ائڊوينچرز آف هڪل بيري فن” ۽ “دي ائڊوينچرز آف ٽام سويئر” جهڙن ناولن ڪري نامور ٿيو. سندس ڄم جو سال 1835ع آهي ۽ وفات جو 1910ع. هيءَ واٽسن هوٽل ئي آهي، جنهن جي بالڪنيءَ ۾ هن ڪانگ ڏٺا ۽ ممبئيءَ جي هنن پکين جو ذڪر هن Following the Equator ڪتاب ۾ ڪيو آهي. يورپ ۽ آمريڪا پاسي ان زماني ۾ ڪانگ نه هئا. هاڻ آهستي آهستي ٿي، پاڻي وارن جهازن ذريعي انهن ڏيهن تائين پهتا آهن. هيءَ واٽسن هوٽل ئي انڊيا جي پهرين جاءِ آهي، جتي پهرين چڙندڙ ڦرندڙ فلمون ڏيکاريون ويون، جيڪي ان وقت “گونگيون فلمون” سڏبيون هيون ۽ پوءِ آواز واريون “ٽاڪيز” سڏجڻ لڳيون. بهرحال هي فلمون به فقط انگريزن ۽ گورن يورپين لاءِ هيون.
    1903ع ۾ تاج محل پئلس هوٽل کلڻ ۽ واٽسن جي وفات بعد هيءَ هوٽل پنهنجو اوج وڃائي ويٺي. 1960ع ۾ واٽسن هوٽل کي بنهه بند ڪري وڪرو ڪيو ويو. هڪ انڊين واپاريءَ ان کي خريد ڪري ان کي ڀتين ذريعي مختلف حصن ۾ ورهائي ان جا دروازا ۽ ڏاڪڻيون الڳ ڪري گهرن طور مسواڙ تي ڏنا. ڪجهه حصي جا ننڍا Cubicles (ڪوٺيون) ٺاهي آفيس طور مسواڙ تي هلايون. هن بلي بلي عمارت جي حالت ڏسي ڪراچيءَ جي ميٽرو پال هوٽل ياد اچي وئي، جنهن جو اڄ کان چاليهه سال کن اڳ تائين ڇا شان شوڪت هو. ملڪ جا وڏا ماڻهو ۽ امير يورپي ٽوئرسٽ رهڻ لاءِ ايندا هئا. نئين سال جون دعوتون ڏسڻ وٽان هيون. اهڙي هڪ دعوت ۾ منهنجي ملاقات پهريون دفعو ذوالفقار علي ڀٽو صاحب سان ٿي هئي. پوءِ ڪيترائي سال ٻاهر رهڻ بعد اچي ڏسان ته ميٽروپول هوٽل جا رهائشي ڪمرا آفيسون ٿيون پيون آهن، جن مان ٻه ڪمرا منهنجي پيٽارو جي ڪلاس ميٽن شوڪت جماڻي ۽ ڳوٺ وليد جي اختر عباسيءَ مسواڙ تي وٺي انهن ۾ “فقراءَ انٽر پرائيز” نالي آفيسون کوليون هيون. هُو پاڪستان مان جڙيون ٻوٽيون، گلاب ۽ گينڊي جا گل هالينڊ ۽ بيلجم ايڪسپورٽ ڪندا هئا. بعد ۾ شوڪت جماڻي اهو بزنيس ڇڏي پنهنجي اباڻي ڌنڌي پيٽرول پمپن ڏي موٽيو. اڄ هُو پيٽرول پمپن جو بادشاهه سڏيو وڃي ٿو. بهرحال ان وقت، ستر جي ڏهي جي شروع وارن سالن ۾ به ميٽروپول هوٽل جو ڪو حال هو. هاڻ ته جهڙي کنڊر ٿي وئي آهي ۽ ممبئيءَ جي ڪالا گهوڙا واري علائقي جي هيءَ واٽسن هوٽل واري عمارت ڏسندؤ ته ان جي ڪراچي جي ميٽروپول هوٽل کان به خراب حالت آهي. هن بلڊنگ وٽ ٻه پوڙها پارسي ڪچهري ڪندي نظر آيا جن ٻڌايو ته، “واٽسن هوٽل جي بلڊنگ ۾ 53 فئمليون رهن ٿيون ۽ منجهس 97 آفيسون آهن، جن ۾ گهڻيون تڻيون وڪيلن جون آهن، جو ڀر ۾ ممبئيءَ جون سول ۽ سيشن ڪورٽون آهن. بامبي هاءِ ڪورٽ به هتان ويجهي آهي.” بهرحال واٽسن هوٽل جي هيءَ عمارت (جيڪا اڄ ڪلهه Esplande Mansion سڏجي ٿي) نه فقط ممبئيءَ جي پر انڊيا جي جهوني ۾ جهوني لوهه جي (Cast Iron جي) بلڊنگ آهي.


    جمشيد ٽاٽا غيرت ۾ اچي هوٽل ٺهرائي

    گذريل مضمون ۾ ممبئيءَ جي هوٽل واٽسن جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين ته اها 1903ع تائين ممبئيءَ جي وڏي ٺٺ ٺانگر واري هوٽل سمجهي وئي ٿي، جنهن ۾ سواءِ موسم جي هر شيءِ انگلينڊ کان آندي وئي هئي. هن هوٽل ۾ فقط ۽ فقط انگريزن ۽ گوري کل وارن يورپين کي اندر اچڻ جي اجازت هئي. ڪيترائي اهڙا انڊين، ايشيا ۽ آفريقا جي ملڪن جا اسان جهڙا ڪارا هئا، جن وٽ انگلينڊ يا اٽلي، فرانس ۽ هالينڊ جو پاسپورٽ هو، پر يورپين نسل جا گورا نه هجڻ ڪري هنن کي هن هوٽل ۾ رهائش ته ڇا قدم رکڻ جي به اجازت نه هئي. گورا پنهنجين گورين ميمن (مڊمن) سان، ۽ اهي مڊمون پنهنجن پيارن ڪتن سان ته هن هوٽل واٽسن ۾ داخل ٿي سگهيون ٿي، پر هڪ انڊين، توڻي کڻي هُو ڪنهن رياست جو نواب ڇو نه هجي، ڪنهن سلطنت جو والي وارث يا پير مرشد ڇو نه هجي يا ڪو وڏو ڪامورو ڪڙو، پر هن کي هيڏانهن رخ ڪرڻ کان منع ٿيل هئي. 1903ع ۾ ممبئيءَ جي سامونڊي ڪناري تي تاج محل پئلس هوٽل جي نمودار ٿيڻ بعد هوٽل واٽسن جو آهستي آهستي زوال شروع ٿيو.
    دراصل ممبئيءَ جو سيٺ ۽ ڪارخانيدار جمشيد ٽاٽا هيءَ هوٽل شايد ڪونه ٺهرائي ها ۽ واٽسن هوٽل جو ئي هميشه بخت بالا هجي ها، پر ان پويان به هڪ ڪهاڻي مشهور آهي. چون ٿا ته، انڊيا جو هي مشهور واپاري جمشيد نسرونجي ٽاٽا پنهنجن ڪجهه يورپي دوستن سان “هوٽل واٽسن” ۾ گهڙي رهيو هو ته، دروازي تي بيٺل دربان هن کي اهو چئي اندر گهڙڻ کان منع ڪئي ته هن قسم جي اعليٰ هوٽل ۾ فقط گورا (انگريز ۽ يورپين) داخل ٿي سگهن ٿا. “جمشيد جِي” کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ هن تاج محل پئلس هوٽل ٺهرائڻ جو پڪ پهه ڪيو.
    پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ هتي اهو لکندو هلان ته هي جمشيد ٽاٽا اهو شخص آهي، جنهن ٽاٽا ڪمپني شروع ڪئي، جنهن جون لاريون ۽ ٽرڪون انڊيا کان علاوه ايران، ملائيشيا، عرب ملڪن، سنگاپور، انڊونيشيا ۽ ٻين به ڪيترن ئي ملڪن ۾ نظر اچن ٿيون. ان کان سواءِ ٽاٽا ڪمپنيءَ جي چانهه، لوهه جون شيون، ڪپڙي ۽ اليڪٽرانيڪل سامان جون شيون سستيون، مضبوط جٽادار ۽ مشهور آهن. ٽاٽا ڪمپنيءَ جا ايڏا ته ڪارخانا آهن، جو بهار صوبي جي جهارکنڊ رياست جو هڪ شهر جمشيدپور سڏجي ٿو، جنهن ۾ فقط ٽاٽا ڪمپنيءَ جا ڪارخانا آهن. خاص ڪري لوهه جا ڪارخانا. هي شهر ٽاٽا نگر به سڏجي ٿو.
    ’جمشيد جِي‘ جيڪو هتي انڊيا ۾ ڪٿي ڪٿي ’جمشت جِي‘ به سڏجي ٿو. 1839ع ۾ گجرات جي هڪ ڏاکڻي ننڍي ڳوٺ نوساري (Navsari) ۾ نسرونجي ٽاٽا ۽ جيون ٻائيءَ جي گهر ۾ ڄائو. نسرونجي ٽاٽا جو پارسي ٻاون واري فئمليءَ سان تعلق هو. پارسي آتش پرست (زورو سٽرين) ٻاون ۾ جمشيد جو پيءُ نسرونجي پهريون ماڻهو هو، جيڪو واپار وڙي ۾ آيو ۽ پنهنجو ڳوٺ ڇڏي بمبئيءَ ۾ اچي رهيو. جمشيد جڏهن 14 سالن جو ٿيو ته هن ممبئيءَ جي هڪ مشهور ڪاليج ايلفنسٽون ڪاليج ۾ داخلا ورتي. 1858ع ۾ ڊگري حاصل ڪرڻ بعد هن پنهنجي پيءُ جو ڪاروبار سنڀاليو. هي اهي مشڪل ڏينهن هئا، جڏهن سال کن اڳ 1857ع ۾ مقامي ماڻهن انگريزن خلاف هنگامو ڪيو هو ۽ انگريز سخت بگڙيل هئا.
    جمشيد پنهنجي وطن (انڊيا) جي ترقيءَ لاءِ وڏي محنت ڪئي. ان وقت جي جديد ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائي. عوام کي تعليم يافته بنائڻ لاءِ تعليمي ادارا کوليائين. روزگار مهيا ڪرڻ لاءِ ڪارخانا لڳرايائين ۽ اڄ ڏينهن تائين سندس اولاد به اهو ڪم ڪندو هلي. 1960ع ۾ اسان پنهنجي ڪاليج (ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو) طرفان باءِ روڊ ڍاڪا ويا هئاسين. رستي تي امرتسر، دهلي ۽ ڪلڪتي جهڙن ڪيترن ئي انڊين شهرن ۾ ڏينهن ٻه رهياسين. واپسيءَ تي ڪلڪتي بعد اسان جمشيدپور (يعني ٽاٽا نگر) به وياسين، جتي ٽاٽا وارن جون فئڪٽريون هيون، جن ۾ ڪم ڪندڙ هزارين مزورن جي رهائش لاءِ اتي ننڍا ننڍا گهر ٺهيل هئا. هڪ اسپتال هئي، جنهن ۾ هنن کي مفت دوا درمل ملي ٿي. اسان ٻارن جو اسڪول به ڏٺو، جنهن ۾ انهن ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن جا ٻار پڙهيا ٿي. ههڙو سڪون ڀريو ماحول ۽ غريب ماڻهن لاءِ مهيا ڪيل روزگار ۽ سهوليتون ڏسي پنهنجي وطن جا غريب ڳوٺ ياد اچي ويا. خاص ڪري سنڌ جا، جتي نه ڪارخانا ۽ فئڪٽريون هيون، جو ڳوٺاڻا روزگار ڪمائي سگهن ۽ نه بنيادي سهولتون. هي ايوب خان جي حڪومت وارو دور هو. مون سان گڏ منهنجي ڪلاس ميٽن لاڙڪاڻي جي مرحوم علي رضا ميمڻ ۽ پنهنجي ڳوٺائي نجم انصاريءَ کي چيم ته ڪاش اسان جي ڳوٺن ۾ به هيئن فئڪٽريون لڳن، هيئن ترقي ٿئي. ميرپورخاص جي ڪلاس ميٽ خالد لطيف ٽهڪ ڏيندي اڙدوءَ ۾ چيو هو، “ته ڇا هي ٽاٽا وارا اچي فئڪٽريون هڻندا ڇا؟ سائين پنهنجن پيرن، ميرن ۽ وزيرن کي چئو ته ايوب خان، جيڪي فئڪٽرين جون پرمٽون ٿو ڏئي، اهي ٻين کي ڇو ٿا وڪڻي ڏيو. ڳوٺ جي ماڻهن جو مستقبل سڌارڻ بدران پاڻ وڃيو ٿا ٺڙڪو عيش ڪن.”
    اڄ ان کي 48 سال گذري ويا آهن. پاڪستان ۾ ڪئين حڪومتون آيون ۽ ويون. گذريل پنجاهه سالن کان اسان جي صوبي جا وزير اسان جا سنڌي ئي ٿيندا رهيا، پر اڄ به سنڌ جي ڳوٺن جي اها ئي حالت آهي، اها ئي غربت ۽ اها ئي بيروزگاري آهي، بلڪ بيماري ۽ بدامنيءَ جي حالت خراب تر ٿي وئي آهي.
    مون هن پارسي سيٺ جمشيد نسرونجي ٽاٽا جي آتم ڪهاڻي ‘For the love of India: The life of Jamshetji Tata” پڙهي آهي. آر ايم لالا لکي آهي. ’جمشيد جِي‘ هميشه چوندو هو ته:
    ‘Political freedom must be accompanied by economic self-sufficiency’
    هن انڊيا جي ڳوٺن ۾ ڪارخانا ۽ فئڪٽريون هڻي نه فقط هزارين نوڪريون مهيا ڪيون، پر هن ٻين ڪارخانيدارن ۽ واپارين لاءِ پڻ راهه هموار ڪئي.
    جمشيد ٽاٽا ملڪ کي انگريزن کان آزاد ٿيندو نه ڏسي سگهيو. هُو ان کان گهڻو اڳ 1904ع ۾، تاج محل پئلس هوٽل ٺهڻ جي ٻئي سال، گذاري ويو، پر هن جي هميشه دادا ڀائي نائورو جِي ۽ ڦيروز شاهه مهتا جهڙن قومپرستن سان دوستي رهي ۽ انهن جو ئي سندس سوچ تي اثر رهيو.
    تاج محل پئلس هوٽل جو ڪم انڊين انجنيئرن سيتا رام خانديرائو وائديا ۽ ڊي.اين. مرزا شروع ڪيو، پر پوءِ آخر ۾ مڪمل ڪرڻ وقت انگريز انجنيئرن به ڪم ڪيو. ان وقت جي حساب موجب 42 ڪروڙ رپيا خرچ آيو هو. هن هوٽل ۾ 46 سوٽس سميت 565 ڪمرا آهن ۽ 12 ڪمرا اهڙا آهن، جن ۾ 25 کان 500 ماڻهن جي ويهڻ ۽ کائڻ پيئڻ جو بندوبست ٿي سگهي ٿو. هوٽل جي ٻاهرين سونهن ۽ عمارت سازيءَ جو ڪم بيحد موهيندڙ آهي، ڪنهن انگريز خوب لکيو آهي ته:
    The Immaculate Structure and Magnificient interiors stand witness to a century of gracious Indian Hospitality and warmth to Heads of State, celebrities and industry leaders…
    ممبئيءَ جي هي تاج محل پئلس هوٽل اها آهي، جنهن ۾ گذريل صدي ۾ ڪئين بادشاهه ۽ حاڪم، شاعر ۽ اديب، شهزادا ۽ سائنسدان ۽ اهم شخصيتون رهي ويون. هوٽل جي رسيپشن ۾ موجود هڪ خدمتگار مرهٺي ٻڌايو ته هتي پرنس ايڊورڊ (شهنشاهه جارج پنجين جو پوٽو ۽ راڻي ايلزبيٿ جو سؤٽ)، ڪئٿرين (پرنس ايڊورڊ جي زال- جيڪا سالياني ومبلڊن لان ٽينس چئمپين شپ جون ٽرافيون ڏيندي آهي)، هيرالڊ پنجون، ناروي جو بادشاهه (جنهن جي ماءُ مارٿا سئيڊن جي آهي ۽ پاڻ يعني ناروي جي هن بادشاهه، جيڪو سمجهو ته ناروي جو وڏو سيد پير آهي، تنهن پنهنجي رعيت جي هڪ عام ڇوڪري سونيا هرالدسن سان 1968ع ۾ شادي ڪئي هئي. پرنس فلپ ڊيوڪ آف ايڊنبرگ (راڻي ايلزبيٿ جو مڙس) ۽ سندن پٽ پرنس چارلس (ڊائنا جو مڙس)، بيٽلز (گذريل صديءَ جي سٺ واري ڏهاڪي جا لورپول، انگلينڊ جا مشهور پاپ ڳائڻا جان لينن، پال، جارج هريسن ۽ رنگو، ايلوس پريسلي (آمريڪن ڳائڻو ۽ ائڪٽر)، بل ڪلنٽن (آمريڪا جو 42هون صدر)، آمريڪا جي 35هين صدر جان ايف ڪينيڊي جي زال جئڪلين ۽ دنيا جون ٻيون انيڪ اهم شخصيتون هن هوٽل ۾ رهي ويون آهن. انهن سان گڏ آءٌ پنهنجي ڳوٺائي جهازي دوست ڪئپٽن رشيد ابڙي کي به ياد ڪريان ٿو، جيڪو پڻ پنهنجي شپنگ بزنيس جي ڪم سان ممبئيءَ ايندو آهي ته هن هوٽل ۾ اچي رهندو آهي ۽ هن هوٽل بابت اسان سڀ کان پهرين ڪئپٽن رشيد ابڙي کان ئي ٻڌو ۽ ڪراچي ڇڏڻ وقت هو جي گيٽ وي ٽُ انڊيا ۾ هيءَ هوٽل ڏسڻ لاءِ زور نه ڀري ها ته، آءٌ شايد ممبئيءَ جي هن حصي ۾ نه اچان ها. هاڻ آءٌ به اهو ئي چوندس ته ممبئي ايندڙ ٽوئرسٽ کي ڪولابا پهچي ممبئيءَ جون هي عمارتون ضرور ڏسڻ کپن. هڪ اسان جهڙي ٽوئرسٽ هن هوٽل جي عمارت بابت خوب لکيو آهي ته:
    Taj Mahal Palace is a perfect blend of unrivaled legendary richness and heritage coupled with state of the art facilities make it the ideal choice for business and leisure travellers.
    تاج محل پئلس جي ڀرسان جيڪا ٽاور جهڙي عمارت آهي ۽ هن هوٽل جو ئي حصو آهي ۽ فقط “تاج” جي لفظ سان سڏي وڃي ٿي، ان جي جاءِ تي هڪ ٻي هوٽل “گرين هوٽل” جي نالي سان هئي. هيءَ (گرين هوٽل) اها هوٽل آهي، جنهن ۾ گوا جي رهاڪن جو هڪ قومپرست گروپ پهريون دفعو 1950ع ۾ گڏ ٿيو هو ۽ پورچوگال حڪومت تي زور آندو ته اها گوا کي واپس انڊيا حوالي ڪري. ياد رهي ته هندستان جي ورهاڱي وقت به گوا پورچوگال جو هڪ صوبو سمجهيو ويو ٿي ۽ هتي جي رهاڪن وٽ انڊيا جو نه پر پورچوگال جا پاسپورٽ هئا ۽ اڄ تائين گوا جي رهاڪن کي جيڪي پورچوگال جي پاسپورٽ سان آهن، پورچوگال کان پينشن ملي ٿي. بهرحال بمبئي جي هيءَ گرين هوٽل “تاج محل هوٽل” وارن خريد ڪئي ۽ 1973ع ۾ ان کي ڊهرائي اڄ واري ٽاور نما بلڊنگ ٺهرائي.
    ممبئيءَ جي هن تاج محل پئلس هوٽل جو پارسي مالڪ جمشيد نسرونجي ٽاٽا کي وفات ڪئي، اڄ هڪ صديءَ کان به مٿي ٿي ويو آهي، پر هو “ٽاٽا گروپ” نالي پنهنجي ڪمپني قائم ڪري ويو آهي، جيڪا هن جو اولاد هلائيندو اچي. ٽاٽا گروپ ۾ اسٽيل ۽ لوهه جي شين جي ڪارخانن کان وٺي لارين ٽرڪن (۽ هاڻ ڪارن) جا ڪارخانا ۽ فئڪٽريون پڻ آهن. اڄ ڪلهه ٽاٽا گروپ جي آٽوموبائيل ڪمپنيءَ دنيا جي سڀ کان ننڍي ڪار “ٽاٽا نانو” نالي ٺاهي آهي، جيڪا غريب عوام جي پهچ کي ڌيان ۾ رکي، ان جي قيمت انڊيا جا هڪ لک رپيا آهن، جيڪي ٻه سال کن اڳ تائين ته پنهنجن پاڪستاني هڪ لک رپين برابر ئي هئا، پر هاڻ اسان جي ناڻي جو قدر گهٽجڻ ڪري انڊين لک رپيا اسان جي ڏيڍ لک رپين برابر ٿي ويا آهن. ڏٺو وڃي ته ان هوندي به سستي ٿي جو اسان وٽ چڱي خاصي موٽر سائيڪل جي قيمت ئي هڪ لک رپين کي وڃي پهتي آهي.
    ٽاٽا گروپ ۾ ائين دوائن، ڪيميڪل، رنگ روغن ويندي چانهه جا ڪارخانا به آهن. اهڙيءَ طرح هن گروپ جي هڪ ڪمپني “تاج هوٽل ريسورٽس ائنڊ پئلسز” آهي، جنهن ۾ انڊيا ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ 80 کن هوٽلون، 7 محلات، 6 ذاتي ٻيٽ ۽ 12 ريسورٽ (Resorts) آهن. هنن جي پهرين هوٽل هيءَ ممبئي واري آهي، جنهن جو افتتاح 1903ع ۾ ٿيو هو، ان بعد جمشيد ٽاٽا جو اولاد تاج هوٽلن جو تعداد وڌائيندو ويو آهي. دهليءَ ۾ جيڪا هنن جي هوٽل آهي، ان جو نالو “دي تاج محل هوٽل” لکنو واري هوٽل جو نالو “دي تاج ريزيڊنسي” آهي. اهڙيءَ طرح بئنگلور واري هوٽل جو نالو “دي تاج ويسٽ اينڊ”، ڪوچين واري جو “تاج مالابار” ۽ گوا واري جو ‘Taj Exoticia’ آهي. سري لنڪا ۾ به ٽاٽا ڪمپنيءَ جون ٽي هوٽلون آهن. ڪولمبو ۾ ٻن هوٽلن مان هڪ جو نالو “تاج سمودرا” آهي. مالديپ ۾ ٻن هوٽلن مان هڪ جو نالو “تاج ڪورل ريف ريسورٽ” ۽ ٻيءَ جو “تاج ايگزوٽيشيا ريسورٽ” آهي. لنڊن واري هوٽل جو به ساڳيو نالو آهي. ٽيڪساز جي شهر بوسٽن واري هوٽل جو “تاج بوسٽن” آهي. اهڙيءَ طرح آفريقا، آسٽريليا، ملائيشيا ۽ عرب ملڪن جي هوٽلن جا تاج سان لاڳاپيل نالا آهن.


    ممبئي جو صيهان (SION) ۽ کار

    منهنجي پروگرام موجب مون کي ڪراچيءَ کان ممبئيءَ پهچي ان ئي وقت پوني وڃڻو هو. پوني ۾ هفتو ڏيڍ رهي ان بعد ممبئيءَ اچي رهڻو هو، پر پوني وڃڻ کان اڳ ممبئيءَ جي پوليس آفيس ۾ رپورٽ ڪرڻي هئي ته آءٌ ممبئيءَ پهتو آهيان ۽ هاڻ جو هاڻ ممبئي ڇڏيان به پيو. ان پوليس رپورٽنگ ۾ اڌ ڏينهن ضايع ٿي ويو، جو ممبئيءَ جو ايئرپورٽ سنٽا ڪروز واري علائقي ۾ آهي. ٽوئرسٽ جي پوليس رپورٽنگ لاءِ سڄي ممبئيءَ ۾ هڪ آفيس مقرر ٿيل آهي، جيڪا سمجهو ته ممبئيءَ جي ٻي ڪُنڊ تي فورٽ ۽ چرچ گيٽ وٽ آهي. ايئرپورٽ کان پوءِ کار، باندرا، ڌروي، ماهيم، متونگا، دادر، پاريل، بائڪلا، مازگائون، ماندوي وارا علائقا لتاڙي ممبئيءَ جي مرڪزي ريلوي اسٽيشن تائين اچڻو پيو. اهو رستو هونئن کڻي اڌ ڪلاڪ کن جو هجي، پر منجهند جي وقت جڏهن هر شهر ۾ ٽرئفڪ اوج تي رهي ٿي، تڏهن گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڪلاڪ لڳيو وڃن. انڊيا اچڻ کان اڳ مون پنهنجي ميزبان جئه موتياڻي ۽ ممبئي يونيورسٽيءَ جي پروفيسر ٻلديو مٽلاڻيءَ سان ان ڳالهه تي بحث ڪيو ته جڏهن آءٌ ممبئيءَ رهان به ڪونه ٿو ته پوءِ ممبئي پهچڻ سان ڇو پوليس رپورٽنگ ڪريان. “منهنجي خيال ۾ ڪرڻ کپي.” منهنجي ٻنهي ميزبانن چيو. جيتوڻيڪ مون کين اهو دليل به ڏنو ته باءِ روڊ پوني وڃڻ بدران آءٌ يا ڪو ٻيو ممبئي کان Connecting اڏام ذريعي به ته پوني وڃي سگهي ٿو. ان حالت ۾ هُو ڪيئن ٿو ممبئيءَ جي هيڏي ڏورانهين پوليس اسٽيشن پهچي؟
    ممبئي پهچڻ تي جڏهن ايئرپورٽ تي اميگريشن آفيسر مون کي Resident Permit جو فارم ڏيندي چيو ته جنهن به شهر ۾ وڃين ته وڃڻ وقت ۽ ڇڏڻ وقت ان شهر جي پوليس آفيس ۾ رپورٽ ڪجانءِ يعني حاضري ڀرجانءِ ۽ هن تي ٺپو هڻائجانءِ. ان تي مون هن کي ٻڌايو ته جيئن ته آءٌ هتان سڌو پوني وڃڻ ٿو چاهيان، ان صورت ۾ ڇا مون لاءِ ضروري آهي ته ممبئيءَ جي پوليس آفيس ۾ رپورٽنگ ڪيان؟
    “بلڪل نه” هن چيو ۽ مون اها ساڳي ڳالهه ايئرپورٽ مان نڪرڻ وقت هڪ ٻئي اميگريشن جي پوليس آفيسر سان به ڪئي. هن به اهو ئي چيو ته مون لاءِ هن صورت ۾ ممبئيءَ ۾ رپورٽ ڪرڻ ضروري ناهي. پوني پهچي اتي رپورٽ ڪريان ۽ ان بعد جڏهن ممبئي رهڻ لاءِ ايندس ته پوءِ ممبئيءَ جي پوليس آفيس ۾ رپورٽ ڪريان.
    ٻاهر نڪتس ته جئه موتياڻيءَ جو ماڻهو “ياديو مسافر” (هي سندس نالو آهي) جيڪو مون کي پوليس آفيس وٺي هلڻ لاءِ آيو هو، تنهن کي چيم ته جئه جو نمبر ملائي ته ٻڌايانس ته مون کي هتي پوليس رپورٽنگ ڪرڻ جي ضرورت ناهي، بس هاڻ ڀلي پوني هلو. جئه مون کي سمجهائيندي چيو ته، “الطاف تون رهيو آهين جپان ۽ يورپ جي ملڪن ۾... هي انڊيا آهي، سڀاڻي اهي ئي پوليس آفيسر چوندا ته رپورٽنگ ڇو نه ڪرايئي. منهنجا ڪيترائي سڃاڻو پاڪستان کان هتي ايندا رهن ٿا ۽ مون کي ان ڳالهه جو وڏو تجربو آهي.” مون دل ۾ مون چيو ته، ’ٺهيو پوليس جي معاملي ۾ انڊيا پاڪستان ‘Same Same’ آهي. اسان رڳو انڊين فلمون ڏسي خوش پيا ٿيون، پر انڊيا جي پوليس به فقط فلمن جي حد تائين عوام جي خدمتگار آهي، جيئن اسان جي پوليس جو فرض آهي “عوام جي خدمت ڪرڻ”- پر فقط Slogan تائين.‘
    جئه کي چيم ته پوءِ منهنجي ڪري توکي پوني هلڻ ۾ دير ٿي ويندي.
    “منهنجو فڪر نه ڪر،” جئه چيو، “آءٌ رات جو به هلي سگهان ٿو.”
    پوليس اسٽيسن جي رپورٽنگ مان شام جو چئين بجي ڌاري واندو ٿيس. جئه مون کي پوني وٺي هلڻ لاءِ منهنجي انتظار ۾ ويٺو هو.
    “توهان سيان (SION) واري پل وٽ اچي انتظار ڪريو ته آءٌ کار کان اچان ٿو”. جئه چيو. هن جي The Enterprise نالي ڪمپنيءَ جي آفيس توڙي گهر ممبئيءَ جي کار واري علائقي ۾ آهي. کار وارو علائقو سانٽا ڪروز ۽ سيئان جي وچ ۾ آهي. سمنڊ ته سڄي ممبئيءَ جي چوڌاري آهي، بلڪ ممبئي، ڪراچيءَ وانگر يڪو زمين جو ٽڪرو نه هو، پر عربي سمنڊ ۾ ڇهه ست ٻيٽن جو جهڳٽو هو. جن جي چوڌاري سمنڊ جو پاڻي ڦري ٿي آيو، پر پوءِ سمنڊ جا اندريان حصا ڀري، هنن سڀني ٻيٽن کي ملائي، ان مٿان روڊ رستا ۽ ريل جون پٽڙيون وڇايون ويون. اڃان به ڪن ڪن هنڌن تي سمنڊ جو پاڻي اندر تائين اچي، ڪِريڪ (Creek) ٺاهي ٿو، جيئن ڪراچيءَ ۾ نيٽي جيٽي وٽ عربي سمنڊ جو پاڻي اندر تائين ڪاهي آيو آهي. کار وارو علائقو ته اڃان به سمنڊ جي ويجهو آهي، جيئن گهڻو اڳ ڪراچيءَ جو کارا در وارو علائقو بلڪل سمنڊ جي ڪناري تي هو. (ان ڪري ئي ان جا نالو کارا در يعني کارو در پيو). اهڙيءَ طرح ممبئيءَ جي هن علائقي کار جو نالو به سمنڊ جي کاري پاڻي ڪري پيو. هتي جي مقامي زبان مرهٺي ۾ سمنڊ جي نمڪين پاڻيءَ کي کارا سڏيو وڃي ٿو. ان تان کار نالو پيو. ماڙيپور ۽ يونس آباد (ڪراچيءَ جي سامونڊي پسگردائين) وانگر هتي به گهڻا مهاڻا رهيا ٿي ۽ هتي هڪ سڄي بستيءَ جو نالو ’کار ڊنڊا‘ پڻ آهي. کار کان هيٺان وارو علائقو باندرا به سامونڊي پاڻيءَ ۽ دلدل (Marshy lands) جو ٻيو ڪراچيءَ جو ماڙيپور ۽ ڪَڪَا ڳوٺ لڳو ٿي، پر پوءِ ممبئيءَ ڏاڍي تيز ترقي ڪئي. انگريزن، پارسين، گجراتين، سنڌي هندن عمارتن، تعليمي ادارن، ڪارخانن، فئڪٽرين ۽ پارڪن پٺيان وڏو خرچ ڪيو ۽ هي کارا در ۽ چاڪيواڙي جهڙا علائقا اڄ يورپ جو ڏيک ڏين ٿا. ٿي سگهي ٿو اسان جي ڪراچيءَ جا اهي علائقا هن ڀيري پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ۾ ممبئيءَ جا کار، باندره، سانٽا ڪروز بنجي وڃن. پي پي جي اڳئين دورن ۾ ته بنهه نه ٿي سگهيا. هونئن کار ۾ سِکَ ڪافي رهن ٿا. سندن هڪ اسڪول گرونانڪ هاءِ اسڪول وٽان منهنجو اڪثر لنگهڻ ٿيندو هو. هڪ ڳالهه آهي ته ممبئيءَ جي ڪيترن علائقن وانگر کار ۾ به مون کي روڊ رستا ۽ گهٽيون سڌيون ۽ سٺي جوڙجڪ واريون لڳيون. پوني بعد جڏهن ممبئيءَ اچي رهيو هوس ته جئه موتياڻيءَ پنهنجي آفيس جي ائڊريس ٻڌائي ته لنڪنگ روڊ تي رام ڪرشنا بلڊنگ ۾، پلاٽ نمبر 501 تي آهي. مون سمجهيو مون کي ڳولڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي، پر آٽو رڪشا واري يڪدم صحيح هنڌ تي پهچائي ڇڏيو.
    بهرحال هن وقت اسان کي سڌو پوني وڃڻو هو ۽ اسان جئه موتياڻيءَ جي اچڻ جو انتظار، هن جي چوڻ مطابق سيان پل وٽ ڪرڻ لڳاسين. پل جي هيٺان ممبئيءَ جي هن علائقي سيان (Sion) جي ريلوي اسٽيشن نظر اچي رهي هئي، جتان اسان ڦري هتي مٿي آيا هئاسين. جئه جي اسسٽنٽ ياديو (Yadev) ٻڌايو ته هن ريلوي اسٽيشن وٽ ئي پورچوگالين جي زماني جو ٺهيل قلعو آهي، جيڪو “Sion Fort” سڏجي ٿو. هي 1670ع ڌاري ٺهرايو ويو هو. اسان جي ايشيائي ملڪن ۾ انگريزن جو راڄ انڊيا ۽ سريلنڪا کان ملائيشيا تائين ضرور رهيو، پر انهن کان به اڳ انهن ملڪن تي پورچو گالين قبضو ڪيو، پوءِ سنڌ جو ٺٽو هجي يا ممبئي، ملائيشيا جو ملاڪا (انهن ڏينهن جو گادي وارو شهر) هجي يا سريلنڪا جو ڪولمبو، انگريزن کان گهڻو گهڻو اڳ پورچوگالي پهتا، پر اهو کڻي چئجي ته هنن کي انگريزن جهڙو عقل نه هو، جو صحيح طرح انتظاميا هلائي، انهن ملڪن کي پنهنجي قبضي ۾ ڪن. اڄ وارو ممبئي، جيڪو گهڻو اڳ ست ويران ٻيٽَ هئو، اهي هندن بعد گجرات جي مسلمان حاڪمن جي قبضي ۾ آيا، جن کان بعد ۾ پورچوگالين کسيا. پورچو گالين عيسائي ٻاوَن کي مذهب جي تبليغ ڪرڻ ۽ گرجا گهر ٺاهڻ جي موڪل ڏني ۽ مدد پڻ ڪئي. عيسائين هن ٽڪريءَ وٽ، جتي پوءِ هي قلعو به ٺاهيو ويو ۽ اڄ جتي SION ريلوي اسٽيشن آهي، هڪ گرجا گهر (Chapel) ٺاهيو، جنهن جو نالو يروشلم جي هڪ پهاڙي صيهون (Zion)، جتي حضرت دائود عليه السلام جو عبادت گاهه ۽ محل ٺهيل هو، تان رکيو ۽ ان بعد هي علائقو ان نالي SION سان سڏجڻ لڳو.
    هن پُل تي پهچڻ کان اڳ، ڪراچيءَ جي KDA اسڪيم ون جهڙي هن علائقي SION جي روڊن تي ڪيترائي اسڪول ۽ ڪاليج نظر آيا. لٽل اينجلز هاءِ اسڪول، املک اميچند ڀيمجي وديالا، گانڌي ميموريل انگلش اسڪول، گرونانڪ نئشنل هاءِ اسڪول، ڪيول راماني هاءِ اسڪول، جيڪو ٿي سگهي ٿو ته سنڌين جو هجي، جو ممبئيءَ ۾ ٻن ڊزنن کان مٿي ڪاليج ۽ سئو کن اسڪول هتي رهندڙ سنڌي هندن پنهنجي خرچ مان ٺهرايا آهن. هڪ هنڌ سِکَن جي ٽڪاڻي وٽان لنگهندي ياديو ٻڌايو ته سيان جو اهو حصو “سنڌي ڪالوني” سڏجي ٿو. هڪ هنڌ “ساڌنا وديالا انگلش ۽ مرهٺي اسڪول” جي عمارت وٽ ياديو ڊرائيور برج موهن کي گاڏي آهستي هلائڻ لاءِ چيو، جيئن آءٌ هن اسڪول جي تصوير ڪڍي سگهان ۽ هُو ان بابت ڪجهه ٻڌائي سگهي. “هن اسڪول ۾ ڏهين ڪلاس تائين انگريزي ۽ مرهٺيءَ ۾ پڙهايو وڃي ٿو”، هن ٻڌايو، “هي اسڪول ڊي.ڊي.ديش پانڊي جي سرپرستيءَ ۾ ٺهيو هو، توهان انڊين فلمون ڏسندا آهيو؟”
    “ڇو؟” حيرت مان پڇيومانس.
    “انڊيا جي مشهور فلم ائڪٽريس، ڊائريڪٽر ۽ پروڊيوسر اشوني ڀاوءِ به هن اسڪول جي شاندار اسٽوڊنٽس مان آهي.”
    بهرحال انڊيا ۾ اچي هر ٽوئرسٽ اهو يڪدم محسوس ڪري ٿو ته انڊيا جي هر شهر جي هر حصي ۾، توڙي ڳوٺ ڳوٺ ۾ تعليمي ادارا تمام گهڻا آهن، جن ۾ انگريزيءَ کي تمام گهڻي اهميت ڏنل آهي. ان کان علاوه هر اسڪول ۽ ڪاليج ۾ شاگردن جو تعداد توڙي تعليم جو معيار تمام اتاهون نظر اچي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو دنيا جي ملڪن ۾، ويندي اهي ادارا جيڪي پاڪستاني سرمائيڪارن جا آهن، اهي به انڊين گرئجوئيٽ کي نوڪريءَ جي معاملي ۾ وڌيڪ ترجيح ڏين ٿا.
    مون هن علائقي SION جي رستن تان لنگهندي ڪجهه ٻين شين جا به نالا نوٽ ڪيا- جيئن:
    • گرو ڪرپا هوٽل- جنهن لاءِ لکيل هو ته اها ممبئيءَ جي ماڻهن جي دلپسند هوٽل آهي، جتي گذريل چاليهه سالن کان بهترين سموسا تيار ڪيا وڃن ٿا.
    • بئنڪ آف برودا جي بلڪل سامهون “يو. پي. ڊئيري ۽ مٺائي” جو دڪان. ياديو چيو جئه کي SION پُل تي پهچڻ ۾ اڃان وقت لڳندو، هتي ڪجهه کڻي کائو. هتي جا سموسا، جليبي ۽ لسي ڏاڍي سُٺي اٿوَ. بنگالي مٺائي به سڄي SION ۾ هتي جي سٺي آهي.”
    • “OLD SIES” ڪاليج جي بلڪل سامهون “راجو سئنڊوچ” نالي دڪان جنهن لاءِ ياديو ٻڌايو ته هن جو سئنڊوچس سڄي ممبئيءَ ۾ مشهور آهن.
    “ياديو! سڄي ممبئيءَ ۾ يا فقط ممبئيءَ جي هن علائقي SION ۾؟” مون ٽوڪ واري نموني ياديوَ کان پڇيو، جنهن تي اسان جي ڊرائيور “برج” کان به ٽهڪ نڪري ويو.
    • اروڙا ٿيٽر ۽ ان کان علاوه SION جو هڪ ٻيو خوبصورت سئنيما هال Cine Max Multiplex جنهن لاءِ ياديو ٻڌايو ته ان جو اصل نالو روپام ٿيٽر هو.
    • موٿيا ديوي مندر وٽان به لنگهياسين، جنهن لاءِ ياديو ٻڌايو ته نوراتڙي وارن ڏينهن ۾، هن مندر ۾ مهاراشترا صوبي جا لکين عقيدتمند اچن ٿا. هنومان مندر ۽ هنومان نالي هڪ هوٽل وٽان به اسان جو لنگهه ٿيو. SION پل وٽ پهچي ياديو موڪل ورتي ته هُو هتان SION ريلوي اسٽيشن تان لوڪل ٽرين پڪڙي گهر ٿو وڃي. ڊرائيور برج ۽ آءٌ جئه موتياڻيءَ جو انتظار ڪندا رهياسين، جيڪو مون کي پنهنجي ڪار ۾ پوني وٺي هلڻو هو.


    دنيا جو وڏي ۾ وڏو جُهڳي پاڙو

    ممبئيءَ جي سيان (SION) پل وٽ اسان جئه جي گاڏيءَ ۾ جئه جي اچڻ جو انتظار ڪري رهيا هئاسين. هُو گهران ٻي ڪار ۾ اسان ڏي اچي رهيو هو. جنهن ۾ اسان کي پوني وڃڻو هو. شام جا چار کن ٿي رهيا هئا. فيبروريءَ جو مهينو هو. ڪراچيءَ ۾ ڪافي ٿڌڪار هئي، پر هتي ممبئيءَ ۾ چڱي گرمي محسوس ٿي رهي هئي. ڊرائيور منهنجي ڪري گاڏيءَ جي انجڻ ۽ ايئرڪنڊيشنڊ کي چالُو ئي رکيو. مون کي اهو سوچي خوشي ٿي ته ڪراچيءَ مان “مارڪ ائنڊ اسپينسر” جو پائي آيل نئون ڪوٽ پاڻ سان اڳتي گهلڻ بدران هتي ئي اُڇلڻ يا ڪنهن کي ڏيڻ ۾ مون کي افسوس نه ٿيندو. مون کي اڳهين شڪ هو ته، ممبئيءَ ۾ ته ڇا پر پوني ۾ به سيءُ نه هوندو پر ڪراچيءَ ۾ هن سال ڪجهه گهڻو سيءُ هجڻ ڪري آءٌ فيصلو ڪري نه سگهيس. آچر بازار ۾ ڪيترائي گاڏن وارا پنجاهه پنجاهه رپئي نوان ڪوٽ وڪڻي رهيا هئا، جيڪي ڪوٽ يورپ ۽ جپان پاسي ڏهين پندرهين هزار کان گهٽ نه ملن. ولايت ۾ موسم ختم ٿيڻ تي يا ڪنهن شيءِ جو دڪان نه هلڻ تي ان ۾ بئنڪ، ايئرلائين جي آفيس يا ريسٽورنٽ ٺاهڻ تي، اسان جا پٺاڻ ۽ افغاني واپاري دڪان جو سڄو مال اوڻي پوڻي ۾ خريد ڪري، ڪنٽينر ڀرائي پاڪستان موڪلين ٿا، ڪڏهن ته هنن کي اهو سامان مفت ۾ به ملي ويندو آهي، جو مفت ۾ ڏيڻ ۾ به دڪان جي مالڪ جو فائدو آهي، جو ٻي صورت ۾ هن کي ٽرڪن جو ڳرو ڀاڙو ڏئي اهو سامان ميونسپل جي حد کان ٻاهر اُڇلائڻو پوي ٿو. سو ان برانڊيڊ نئين ڪوٽ تي منهنجو خرچ پنجاهه رپيا خريداريءَ تي ۽ پنجاهه رپيا استري ڪرائڻ تي ٿيو هو. پڙهندڙن جي اطلاع لاءِ اهو به لکندو هلان ته هن سفر لاءِ مون ڍريون ڍريون جينز جون چار پتلونون ۽ ڇهه قميصون به آچر بازار مان، في داڻو 33 رپيا، ورتيون ۽ ٻه يا ٽي ڏينهن پائڻ بعد ميريون ٿيڻ تي اُڇلائيندو ويس. اهڙيءَ طرح جيئن جيئن منهنجي سفر جا ڏينهن پورا ٿيندا پئي ويا، تيئن تيئن منهنجي بئگ جو وزن به هلڪو ٿيندو ويو. خاص موقعن جهڙوڪ ممبئي يونيورسٽيءَ ۽ نيول اڪيڊميءَ ۾ ليڪچر ڏيڻ لاءِ ۽ پوني ۾ سيمينار جي صدارت ڪرڻ ۽ پيپر پڙهڻ لاءِ ٻه وڳا الڳ هئا، جيڪي ميرا ٿيڻ تي ارجنٽ ڊراءِ ڪلين ڪرائي ورتم ٿي.
    آءٌ ڪجهه دير گاڏيءَ ۾ ويهي پُل تان لنگهندڙ پيدل ماڻهن کي ڏسندو رهيس، جيڪي اسان جي گاڏيءَ جي ڀرسان فٽ پاٿ تان گذري رهيا هئا. گهڻا تڻا مرد توڙي عورتون غريب ئي لڳا ٿي. ظاهر آهي غريب عوام ئي ريل رستي سفر ڪري، هاڻ پل مٿان لنگهي هيڏانهن هوڏانهن وڃي رهيا هئا. امير ماڻهو ته ڪارن ۾ گذري رهيا هئا. دهلي وانگر هتي به مردن جي عام ڊريس پتلون آهي، عورتن جي گهڻي ڀاڱي شلوار قميص ۽ ٻئي نمبر تي ساڙهي. آءٌ اڄ ايئرپورٽ کان وٺي هيستائين پهريون دفعو چڱي طرح مرهٽي عورتون ڏسي رهيو هوس، جيڪي بنگالين ۽ سلوني عورتن وانگر سنهيون ۽ ڪارسريون ٿين ٿيون. هونئن به هندوستان جي جيترو ڏکڻ ۾ ويندائو اوترو ماڻهو سنها ۽ ڪارا نظر ايندا، جيئن مدارس، بئنگلور، ڪيرالا، تامل ناڊو ۽ تري وندرم پاسي. هاڻ ڪار جي انجڻ بند ڪري آءٌ ٻاهر ٿي بيٺس. هڪ ٻن لنگهندڙن کان سندن نوڪري ۽ پگهار پڇيم ۽ هڪ ڳالهه جو اندازو لڳايم ته هتي جي ماڻهن کي نوڪري گهڻا ڪلاڪ ۽ ايمانداريءَ سان ڪرڻي پوي ٿي ۽ پگهار به گهٽ ملي ٿي ۽ جتي ممبئيءَ ۾ چوڌاري وڏا امير ۽ انهن جي رهائش جا يورپ جهڙا سهڻا علائقا آهن، اتي غربت به تمام گهڻي آهي. ڪي ڪي علائقا اسان جي ڪراچيءَ جي مڇر ڪالوني جهڙن علائقن کان به وڌيڪ ڏکيا ۽ سهولتن کان خالي آهن. بهرحال هتي جو غريب عوام توڙي اسان جو، ٻئي چاڪيءَ جي ڍڳي وانگر وهن ٿا. هنن کي ڪهڙي خبر ته هنن جي حڪومتن ائٽم بم ٺاهي، پنهنجي ملڪ جي ماڻهن جو بچاءُ ته ڪيو آهي، پر غريبن لاءِ اٽو به مهانگو ڪيو آهي.
    هڪ سائيڪل وارو اچي لنگهيو، جنهن جي سائيڪل سان ٻڌل کاريءَ ۾ ٽي چار ٿرماس هئا. ڊرائيور برج موهن مون کان ڪافيءَ جو پڇيو.
    “ڪٿي آهي ڪافي؟” مون حيرت مان پڇيو.
    “هن سائيڪل واري وٽ.” هن سائيڪل واري کي ترسائي ٻڌايو. سائيڪل واري ٻه ننڍڙا پلاسٽڪ جا گلاس، تمام ننڍڙا گلاس، هاڻ توهان کي ڪيئن ٻڌايان ته اهي ڪيترا ننڍڙا هئا؟ ستين رپئي جيڪا ڊالر مس جي شيشي ايندي آهي اها به وڏي چئبي. درزي ٽوپو ڏيڻ مهل آڱوٺي تي جيڪو لوهي انگشت (Needle Thumb) چاڙهيندو آهي، ان کان ٿورو وڏا پر ساڳي شڪل جا گلاس ڪڍي، انهن ۾ ٿرماس مان ڪافي وڌي، جيڪا ٻه ڍڪ به ڪا مس ٿي، پر ان ۾ ڪو شڪ ناهي سواد ۽ خوشبوءِ ۾ ڏاڍي سٺي ڪافي هئي. بيحد ڪريمي ۽ مٺي ڪافي هئي. دل چيو ته اهڙي ڪافي جو جيڪر وڏو ڪوپ پيئجي. سائيڪل وارو روانو ٿي ويو، اسان پلاسٽڪ جا اهي مني گلاس فٽ پاٿ تي اڇلائي پير سان ائين چيڀاٽڻ لڳاسين، ڄڻ سگريٽ جا ٽوٽا هجن.
    “برج! تون به مرهٺو آهين؟” وقت پاس ڪرڻ لاءِ مون ڊرائيور کان انٽرويو وٺڻ شروع ڪيو.
    “نو سر! آءٌ تامل آهيان، مدراس جو.”
    “مدراس ته چڱو وڏو شهر آهي، اتي ئي ڪنهن جي ڊرائيوري ڪرين ها.”
    “ها، پر پاڻيءَ ڪري مون کي مدراس ڇڏڻو پيو.” هن ٻڌايو.
    “تنهنجو مطلب آهي گهڻي مينهن ڪري؟” مون حيرت مان پڇيو. ڏکڻ هندستان ۾ مئي کان آگسٽ تائين سخت مينهن ٿا پون.
    “نه سائين. پاڻيءَ جي کوٽ ڪري مدراس ۾ پاڻيءَ جي ڏاڍي اڻاٺ آهي، ان ڪري ٻارن کي هتي وٺي آيس.”
    “پوءِ هتي مسواڙ تي ته وڏو خرچ ايندو هوندءِ؟” چيومانس. ممبئيءَ اچڻ کان اڳ ڪيترن ئي ممبئيءَ وارن کان ٻڌو هوم ته ممبئيءَ ۾ جايون مئن هٽن (نيويارڪ) کان به مهانگيون آهن.
    “آءٌ هتي جي هڪ سستي علائقي ڌاراوي (Dharavi) ۾ رهان ٿو، جتي ٻارنهن سئو رپيا مسواڙ آهي” هن ٻڌايو.
    “بس! فقط ٻارنهن سئو!” مون کي بيحد حيرت ٿي ۽ پڇيومانس ته، “ان ۾ گهڻا ڪمرا آهن؟”
    “هڪ به نه،” هن ٽهڪ ڏيندي ٻڌايو، “در کولڻ سان جيڪو ٻارنهن فوٽ باءِ ٻارنهن فوٽ آهي، اهو ئي ڪمرو آهي، اهو ئي ورانڊو آهي. ڪنڊ ۾ گئس جي سلينڊر تي رڌپچاءُ ڪندا آهيون. زال ۽ ٻه ٻار پٽ تي وڇايل تڏي تي سمهندا آهيون.”
    “۽ باٿ روم يا ٽئاليٽ؟” مون پچيو.
    “اهو ڪنهن جي به گهر ۾ نه ٿئي. ان لاءِ هڪ رپيو ڏئي ميونسپل جي عوامي ٽئاليٽ ۾ فارغ ٿيندا آهيون. ٻار ٻچا ته ڏينهن ڏٺي جو، وڏا صبح ساجهر يا شام جو منهن اونداهيءَ ۾ ندي ناليءَ جي ڪناري تي فارغ ٿي رپيو بچائين.”
    “ٻار اسڪول وڃن؟” مون پڇيومانس.
    “ها، اتي ئي ڌراوي علائقي ۾ اسڪول آهن، جيڪي ٻين ملڪن ۾ رهندڙ اسان جي امير انڊين ۽ فارينرس جيڪي ٽوئرسٽ طور هتي اچن ٿا ۽ اسان جي غربت کي ڏسيو وڃن، انهن اسان غريبن لاءِ ٺهرايا آهن.” برج موهن ٻڌايو.
    “آءٌ ڪنهن ڏينهن تنهنجو گهر ۽ گهٽي هلي ڏسي سگهان ٿو؟” مون برج کان پڇيو.
    “ڇو نه! توهان هلي فوٽو به ڪڍي سگهو ٿا. ڪيترائي فارينر اسان جي علائقي ڌراوي ۾ فوٽو ڪڍندي نظر ايندا آهن. هنن کي تعجب لڳندو آهي ته ههڙي خوشحال ممبئيءَ جي وچ ۾ هڪ اهڙو به غريب علائقو آهي، جتي هزارين غريب ڪٽنب... گند، گرمي ۽ گپاگيهه ۾ جانورن واري زندگي گذارين ٿا.”
    پوني کان واپسيءَ تي هڪ ڏينهن آءٌ، هن ڊرائيور برج سان گڏ ممبئيءَ جو هي علائقو ڌراوي ڏسڻ ويس. منهنجي خيال ۾ ممبئي ايندڙ ٽوئرسٽ لاءِ، جتي گيٽ آف انڊيا ۽ تاج محل هوٽل جهڙيون شيون ڏسڻ ضروري آهن، اتي ڌراوي جهڙو عجيب ۽ واقعي غريب علائقو به ڏسڻ کپي ته ڪيئن انسان پنهنجي جياپي لاءِ ڪهڙين مشڪل حالتن ۾ رهي به زندگي گذاري رهيا آهن. سوڙهيون، ڪچيون ۽ گدليون گهٽيون، هڪ هڪ ڪمري جا ٽين، تختن يا فوم جي ڀتين ڇتين وارا ڳُتيل گهر، ڪي گهر هڪ ماڙ يا ٻه ماڙ پڻ. هڪ ڪمري جي سوڙهن، غير هوادار ڪمرن وارن گهرن يا ڪارخانن ۾ ماڻهو ڪارخانا هلائي رهيا آهن. ردي سامان کي Recycle ڪري نيون شيون ٺاهي رهيا آهن. پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ دٻا کڻي ميونسپالٽيءَ جي نلڪي اڳيان قطار ۾ بيٺا آهن، گهٽين جا گٽر کُليا پيا آهن، جن مان وهندڙ گندگيءَ اڳيان گهٽيءَ جا ڪتا ٻلا ۽ پاڙي جا ننڍا ٻار ويٺا کيڏن.
    ممبئيءَ جي هيءَ ڌراوي (DHARAVI) نالي بستي ائين Slum (ڪچي آبادي) آهي، جيئن ڪراچيءَ جي اورنگي ٽائون شپ يا ڪنهن زماني ۾ نيويارڪ شهر جو هارلم هو، جيڪو هاڻ ترقي ڪري هڪ ماڊرن علائقو ٿي ويو آهي. انگريزي لفظ ‘Slum’ جي ٺهڪندڙ معنيٰ قومي انگريزي اڙدو لغت ڪافي بهتر حد تائين ملي ٿي. “ڪچي آبادي، شهر جو ڳُتيل ۽ خراب حالت وارو حصو، جتي غريب ۽ پٺتي پيل ماڻهو رهن ٿا. ان لاءِ انڊيا ۽ پاڪستان جي ڪن شهرن ۾ اڙدو جو لفظ “جُهڳي پاڙو” به استعمال ٿئي ٿو. ڪراچيءَ جو گزري ڳوٺ، نيلم ڪالوني، شيرين جهان ڪالوني، مڇر ڪالوني، قيوم آباد وغيره سڀ هڪ قسم جا Slums آهن يا هئا، جن کي آءٌ به سٺ سالن کان ڏسندو اچان، پر ڪنهن جي به اڄ (يا گهڻو اڳ) اهڙي ڪسمپرسي، پسماندگي يا گندگيءَ جي اها حالت نه رهي آهي، جهڙي ممبئيءَ جي هن ماڊرن زماني ۾ نظر اچي ٿي. ڌراوي دنيا جي وڏي ۾ وڏي ڪچي آبادي (Slum) آهي ۽ ان جي ئي ٽڪر جو اسان وٽ ڪراچيءَ ۾ “اورنگي ٽائون شپ” وارو علائقو آهي، پر ٻنهي علائقن کي ڏسڻ بعد اورنگي بهتر ۽ صاف سٿرو لڳي ٿو. ڌراوي جا ڪچا گهر، جيڪي ڄڻ هڪٻئي جي مٿان چڙهيا پيا آهن، انهن ۾ پلاسٽڪ، رنگ ٺاهڻ، چمڙي ۽ بوٽن جا ڪارخانا ۽ هوم انڊسٽريون ۽ انهن جو نڪرندڙ ڪچرو ۽ ڌپ، اٿلندڙ گٽر، ڪمرن مٿان ڪمرا، جن ڏي پهچڻ لاءِ اونڌيون ابتيون ڏاڪڻيون ڏسي حيرت ٿي ٿئي، ته ميل ٻه هيڏانهن يا هوڏانهن نڪر ته يورپ جهڙي ممبئي آهي ۽ ان جي وچ ۾ هي سوڙها گهر، جن ۾ ماڻهو واڳن وانگر هڪٻئي جي ڀرسان پٽ تي پيا آهن. هڪ هڪ ڪمري واري گهر ۾ ڪيترائي رهندڙ ڀاتي، ڪي نوڪريءَ جي ڳولا ۾ نڪري ويا آهن ته ٻيا رات جي نوڪريءَ ڪري اچي سُتا آهن. گهٽيءَ ۾ زالون ٻارن جي ڳالهه تان يا ميونسپل جي نلڪي تان پاڻيءَ جي واري لاءِ وڙهي رهيون آهن.


    ممبئي جا ڪولهي ۽ ڪوري

    ممبئي شهر کان جيڪي واقف آهن يا هاڻ وڃڻ جو ارادو رکن ٿا، انهن لاءِ لکندو هلان ته ڌراوي ممبئيءَ جي ٻن اهم ريلوي لائينن (ويسٽرن ۽ سينٽرل) جي وچ ۾ 175 کن هيڪٽرن جي ايراضيءَ ۾ پکڙيل ڪچي آبادي آهي، جنهن ۾ ڏهه لکن کان به گهڻا ماڻهو رهن ٿا. ڌراويءَ جي اولهه ۾ ماهيم ۽ باندرا جهڙا علائقا آهن، جيڪي سمجهو ته ڪراچيءَ جو طارق روڊ (PECH) ۽ ڌوراجي سوسائٽيءَ وارو علائقو آهي. اتر ۾ مٺي (Mithi) نالي ندي وهي ٿي، جيڪا ماهيم واري کاڙي (Creek) مان ٿيندي عربي سمنڊ ۾ وڃي ڇوڙ ڪري ٿي. ڏکڻ ۽ اوڀر ۾ ممبئيءَ جا ٻه سهڻا علائقا ۽ ڪراچيءَ جي صدر ۽ بولٽن مارڪيٽ جهڙا بزنيس سينٽر سيان (SION) ۽ مٽنگا (Matunga) اٿس. هن علائقي ۾ وٺي هلندڙ جئه موتياڻي جي ڊرائيور برج موهن ٻڌايو ته، “ڌراوي (جنهن علائقي ۾ هُو پاڻ به رهي ٿو) ۾ پاڻيءَ جو نيڪال صحيح طرح نه هجڻ ڪري سانوڻيءَ (Monsoon) جي موسم ۾ ڄڻ ته ٻوڏ اچي ويندي آهي ۽ ڌراوي ۾ رهندڙن لاءِ اچڻ وڃڻ ڏکيو ٿي پوندو آهي. گندگي ۽ چمڙي جي بيمارين ۾ واڌ اچي ويندي آهي.”
    هونئن عام حالتن ۾ به پاڻي ۽ ماحول جي آلودگيءَ ڪري هتي جا ماڻهو ۽ ٻار ڪيترين ئي بيمارين ۾، خاص ڪري پيٽ جي بيمارين ۾ مبتلا رهن ٿا، پر اهو آهي ته انهن جي پرگهور لهڻ ۽ دوا درمل لاءِ ڪيترا ئي هندن، پارسين ۽ ولايت ۾ رهندڙ امير ماڻهن جا فلاحي ادرا (NGOs) آهن، جيڪي صحيح طرح خيراتي اسپتالون ۽ اسڪول هلائين ٿا ۽ هتي رهندڙ غريب ماڻهن کي اها وڏي اميد آهي ته سندن اولاد لکي پڙهي يا ڪارآمد هنر سکي پاڻ کي خوشحال ۽ سُکي بنائيندا.
    دراصل اڄ وارو هي ڌراوي وارو علائقو، ڪراچيءَ جي بابا ڀٽ ۽ شمس پير واري علائقي وانگر سامونڊي پاڻي ۽ تمر (Mangrove) جي ٻوٽن جو علائقو هو، جتي جي ڪولي (Koli) نالي رهندڙ مهاڻن جي قوم 19هين صديءَ جي اڌ تائين مڇيون، کيکڙا ۽ گانگٽ ڦاسائي گذارو ڪندي هئي... پوءِ آهستي آهستي هتي جو پاڻي گدلو ٿيندو ويو ۽ هي سڄو علائقو سُڪل وڻن، مئل مڇين ۽ گند ڪچري سان ڀرجندو ويو. ڪولين جو مڇي مارڻ جو ڌنڌو ختم ٿي ويو. مٽي ۽ گند ڪچري سان ڀرجڻ ڪري ان مٿان دور دراز کان ايندڙ بيروزگار ماڻهو جهڳيون ٺاهي رهڻ لڳا، جيئن ڪراچيءَ ۾ ڪنهن زماني ۾ لياريءَ جي ڪناري تي پنجاب ۽ سرحد کان ايندڙ پورهيت رهيا ٿي، جن کي هاڻ لياري ايڪسپريس ٺهڻ بعد حڪومت هاڪس بي پاسي نئين ٺهيل ڪالوني “پرويز مشرف ڪالوني” ۾ شفٽ ڪيو آهي. بهرحال ڌراوي ۾ هاڻ ڪا هڪ قوم نٿي رهي. هندو به آهن ته مسلمان ۽ عيسائي به. مهاراشترا صوبي جا آهن ته گجرات جا مٽيءَ جا ٿانو ٺاهڻ وارا ڪنڀار به آهن ۽ اهي ان ئي نالي ڪنڀار سان سڏجن ٿا. مٽيءَ جي ٿانوَن ٺاهڻ واري لاءِ شايد گجراتي زبان ۾ به اهو ئي لفظ استعمال ڪيو وڃي ٿو، جيڪو اسان وٽ سنڌ ۾ آهي. ڌراوي ۾ ڪنڀارن جي يڪي ڪالوني (Potters Colony) آهي. اهڙيءَ طرح هندوستان جي ڏاکڻي صوبي تامل ناڊو جي مسلمان کَلگورن جي ڪالوني آهي، جيڪي جانورن جي کَلن کي مسالا ۽ ڪيميڪل هڻي، سُڪائي انهن مان بوٽ ۽ ٻيون شيون ٺاهين ٿا. ڪراچيءَ جي دهلي ڪالوني يا لياقت آباد (لالوکيت) ۾ ڀرت ۽ سلائيءَ جي ڪارخانن وانگر ڌراوي جي هڪ حصي ۾ اتر پرديش کان لڏي آيل ڪاريگر رهن ٿا ۽ ڀرت ۽ سلما ستاري جو ڪم ڪن ٿا. اهي ريڊي ميڊ ڪپڙا به ٺاهين ٿا ۽ ڪيتريون هٿ جون ٺهيل شيون وڪري لاءِ ولايت جي مارڪيٽن ۾ به وڃن ٿيون. چون ٿا ته ممبئيءَ جي هن علائقي ڌراوي ۾ 15000 هڪ ڪمري واريون فئڪٽريون آهن. هڪ فئڪٽري جيڪا اسان واري ڊرائيور جي گهر ڀرسان هئي، ان ۾ شهر مان گڏ ڪيل ردي واري پلاسٽڪ جي شين کي مشين ذريعي ننڍا ننڍا ٽڪر ڪري، ان کي باهه تي ڳاري سانچي ذريعي نيون شيون ٺاهيون ويون ٿي. اهڙي طرح جا ڪم جنهن کي Recycling سڏجي، اهي هتي جام ٿين ٿا.
    مٿي هڪ هنڌ لکي آيو آهيان ته هن ڪچي آباديءَ جي اسڪولن ۾ غريبن جا ٻار پڙهي لکي پاڻ کي سُکي بنائيندا. اڄڪلهه جي دور ۾ جڏهن تعليم يافته شاگرد ڊگريون کڻيو پيا هلن، پر نوڪريون ڏکيون ٿيون ملن، تڏهن هن علائقي ڌراوي جو جيڪو اسڪول ڏسڻ جو مون کي موقعو مليو، ان ۾ پڙهندڙ ٻار ضرور پاڻ کي نمايان بنائيندا ۽ هن مقابلي جي دنيا ۾ پنهنجي حيثيت مڃرائيندا. منهنجي نوڪريءَ جا آخري ٻه ڏهاڪا ماستريءَ (Teaching) ۾ گذريا آهن ۽ آءٌ هڪ سٺي استاد ۽ محنتي شاگرد جي سڃاڻپ جي پروڙ رکان ٿو. هن سادي فرنيچر پر صاف سٿري اسڪول ۾ جنهن محنت ۽ Devotion سان اسڪول جون عيسائي ماسترياڻيون پڙهائي رهيون هيون ۽ ٻارن ۾ دلچسپي ۽ تعليم حاصل ڪرڻ جو شوق پيدا ڪري رهيون هيون، انهن لاءِ هنن کي جَسُ هجي ۽ ساڳئي وقت اهو به چوندس ته اهڙن اسڪولن جا ٻار چاهي غريب گهرن جا هجن پر خوش نصيب آهن جو هُو صحيح تعليم جي هٿيار سان آراسته ٿي رهيا آهن ۽ هُو اڳتي هلي مقابلي جي جنگ آسانيءَ سان کٽي ويندا. ساڳئي وقت پنهنجي ڳوٺ جو هڪ اسڪول ياد اچڻ سان ڏک ۽ مايوسي به ٿي. مهينو کن اڳ پنهنجي ڳوٺ جي هڪ سرڪاري اسڪول ۾ ويس ته ڪيترا ڪلاس روم ماسترياڻين کان خالي هئا. خبر پئي ته ڪجهه ماسترياڻيون فقط پهرين تاريخ پگهار وٺڻ لاءِ اينديون آهن، باقي ڏينهن هُو گهرن ۾ ويهي ٽي وي ڏسن يا پينگهن ۾ لُڏن. ان سسٽم کي چالو رکڻ لاءِ هُو پنهنجي پگهار جو هڪ حصو پنهنجي واسطيدار عملدارن کي رشوت طور ڏين. جيڪي ماسترياڻيون حاضر هيون انهن به صحيح طرح پڙهائڻ جو فرض ادا نه پئي ڪيو يا ته هنن کي پڙهائڻ ئي نٿي آيو. پڙهائڻ معنيٰ گفتگو ڪرڻ... ٻارن سان مغزماري ڪرڻ... سوال جواب پڇڻ ۽ جنهن ڳالهه کان هُو اڻ واقف هجن، اها تفصيل سان سهڻي نموني سمجهائڻ... پر هتي ٽوٽي ماسترياڻين ٻارن کي ڪجهه لکڻ لاءِ ڏئي ڇڏيو هو. ڪن ٻارن اُبتو سُبتو پئي لکيو، ڪن لکي يا بنا لکڻ جي هڪٻئي سان ڳالهايو پئي. ڪيترا اکر هنن صحيح شڪل ۾ بيهاريا ٿي، پر لکڻ جو طريقو غلط هين. يعني ٻار ڪلاس ون پاس ڪري ٻئي يا ٽئي تائين اچي پهتا هئا، پر هنن ڪڏهن ٻارن ڏي غور به نه ڪيو ته هُو ايم يا واءِ، يا ڊبليو ڪيئن پيا لکن... پر ڳالهين ۾ ڪيتريون ئي ماسترياڻيون (مِسون) هيڊماسترياڻيون ٿي لڳيون. جڏهن هنن پنهنجو پاڻ پڏائڻ خاطر ان ڳالهه تي زور ٿي ڏنو ته هنن کي پڙهائڻ جي علم جي ڊگري (بي ايڊ يا ايم ايڊ) آهي ۽ ٻارن کي پڙهائڻ ۾ وڏي مهارت رکن ٿيون. اهڙن موقعن تي دل چوندي آهي ته ڪاش! اهڙو ڪو بندوبست هجي جو اسان جي اسڪولن ۽ ڪاليجن جي ٽيچرن کي انڊيا يا ملائيشيا جا اسڪول ڏيکاريا وڃن ته ٽيچنگ (پڙهائڻ) ڪيڏو محنت طلب جاب آهي ۽ ههڙا ملڪ جن جي شاگردن کي دنيا ۾ قدر جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو، اتي جي اسڪولن جا استاد پنهنجي قوم ۽ ملڪ خاطر ڪيڏي محنت ڪن ٿا ۽ پگهار کي حلال ڪري کائين ٿا.
    مٿي اهو پڻ لکيو اٿم ته اڄ کان مُني صدي کن اڳ تائين، هتي ڪولي نالي مهاڻن جي قوم رهي ٿي، جن جو گذر سفر مڇين جي شڪار تي هو. ڪولي اڄ به هن صوبي مهاراشترا ۽ ڀر وارن علائقن ۾ رهن ٿا. ڌراوي ۾ ٻين قومن جي اچڻ ڪري هتي جا اصلي باشندا ڪولي (KOLI) ويا پري ڌڪبا، پر هاڻ حڪومت طرفان هنن مهاڻا پيشه ماڻهن لاءِ ڪيترن ئي هنڌن تي رهائشگاهون ٺاهيون ويون آهن، جيڪي “ڪولي وادا” سڏجن ٿيون. ويندي هتي جي هڪ ريلوي اسٽيشن جو نالو هن قوم جي شناخت کي برقرار رکڻ لاءِ “ڪولي وادا ريلوي اسٽيشن” رکيو ويو هو، پر هاڻ ويجهڙائيءَ ۾ هن اسٽيشن جو نالو سِکن جي نائين گرو “سري گرو تيغ بهادر جي” جي نالي “G.T.B.N اسٽيشن” رکيو ويو آهي. هيءَ اسٽيشن ممبئيءَ جي هاربر لائين واري پٽڙيءَ تي “چوناڀٽي” اسٽيشن وٽ آهي. اسٽيشن جي ڀرسان سِکن جي وڏي آدمشماري رهي ٿي ۽ ان پسگردائيءَ جو نالو “گروتيغ بهادر نگر” آهي. هونئن ته ڏٺو وڃي ته هي اڄ وارو ممبئي، جڏهن مختلف ويران ٻيٽن جي شڪل ۾ هو ته به هيءَ قوم ڪولي هتي رهي ٿي. ٿر جي اسڪالر ۽ ڪالم نويس کي سندس عوامي آواز اخبار واري آفيس ۾ فون ڪري پڇيم ته، “آيا هي ممبئي مهاراشترا، گجرات ۽ انڌرا پرديش جي سامونڊي ڪناري تي رهندڙ ’ڪولي‘ قوم اها ساڳي آهي، جيڪا اسان وٽ سنڌ ۾ بدين، ماتلي ۽ ٿر پاسي ’ڪولهي‘ سڏجي ٿي؟”
    “ها، اها ساڳي قوم آهي،” من موهن گيانيءَ وراڻيو، “پر اسان وٽ هُو ٻني ٻاري جو ڪم ڪن ٿا.”
    ممبئي يونيورسٽيءَ جي گجراتي ڊپارٽمينٽ جي چيئرمين ڊاڪٽر رتي لعل روهت ٻڌايو ته ڪولي ڪميونٽيءَ جا ماڻهو نه فقط سڄي ممبئيءَ ۾ پکڙيل آهن، پر سڄي مهاراشٽرا صوبي جي سامونڊي ڪناري تي نظر ايندا. هُو باگڙي، ڀيلن جهڙين ذاتين وانگر شڊول ڪاسٽ سان تعلق رکن ٿا ۽ هنن جي مرهٺيءَ سان ملندڙ جلندڙ پنهنجي زبان (Dialect) آهي. پروفيسر رتي لعل ٻڌايو ته لڳي ٿو ته ڪولي لفظ مرهٺي زبان مان نڪتو آهي، جنهن جي معنيٰ ڪوريئڙو آهي. يعني اهو جيڪو ڄار اُڻي، يعني مهاڻو (Fisherman) جيڪو ڄار (Net) ٿو ٺاهي. اتر هندستان ۾ هنن کي ’ڪوري‘ سڏين.
    ممبئي، اڄ جي صورت اختيار ڪرڻ کان گهڻو گهڻو اڳ جڏهن ستن ٻيٽن تي مشتمل هئي ۽ اڃان انگريز يا پورچوگالين به قبضو نه ڪيو هو، ته هنن ويران ٻيٽن تي فقط هي ڪولي رهيا ٿي، جن مڇيءَ جو شڪار ڪري پيٽ گذر ڪيو ٿي. انهن ڏينهن ۾ هنن ٻيٽن مان ڪجهه تي ڪولي ذات جي ماڻهن جا رکيل نالا ڪجهه هن ريت هئا: ڪولڀات، پال وا بندر، ڊونگري، مئزگائون، ناءِ گائوم ۽ ورلي. ڪولڀات جو نالو ڦري ڪولابا (Colaba) ٿي ويو آهي ۽ پالوا بندر اڄ اپولو بندر ٿي ويوآهي. هنن جو ڊونگر ٻيٽ تي ممبا ديويءَ جو مندر هو، جنهن ديويءَ جو نالو هن شهر تي پيو. جنهن کي پوءِ انگريزن ۽ يورپين ’بامبي‘ سڏيو. هاڻ وري ساڳيو نالو ’ممبئي‘ ٿي ويو آهي.


    ممبئي، برطانيا جي شهزاديءَ کي ڏيج ۾ مليو

    منهنجي خيال ۾ اڳتي وڌڻ کان اڳ پنهنجي پڙهندڙن کي هن عجيب قسم جي شهر “ممبئيءَ” بابت ڪجهه ٻڌايان، جيڪو تاريخ توڙي جاگرافيءَ جي خيال کان هڪ عجيب شهر آهي. جيڪو جهاز راني توڙي وڻج واپار ۾ نرالو شهر آهي. هن شهر جو ڪوبه حصو سمنڊ يا ان ۾ ڇوڙ ڪندر ٿاني ڪريڪ، مالاد ڪريد يا ’ماهيم بي‘ جو پاڻي پري ناهي. ٿورو سوچيو ته ڪراچي به ممبئيءَ جهڙو لڳي ها، جيڪڏهن عربي سمنڊ جو پاڻي گلشنِ اقبال، گلستانِ حديد، ملير، نرسري، صدر، ناظم آباد ۽ ٻين علائقن ۾ به نظر اچي ها، پر اسان وٽ ڪراچيءَ جي فقط ڏکڻ واري پوڇڙ- ڪياماڙي، ڪلفٽن ۽ ماڙيپور کي عربي سمنڊ ڇُهي ٿو. ائين کڻي چئجي ته ڪراچي اهو شهر آهي، جنهن جي ٽن پاسن کان خشڪي (زمين) آهي ۽ هڪ طرف کان پاڻي ۽ ممبئي اهو شهر آهي جنهن جي ٽن پاسن کان پاڻي آهي ۽ هڪ پاسي کان ڌرتي آهي. حقيقت ته اها آهي ته اڄ وارو هي ممبئيءَ جو شهر جيڪو هڪ پيس ۾ ڌرتيءَ جو ٽڪرو لڳي ٿو، جنهن تي ريل گاڏيون ۽ موٽر ڪارون جوگيشري، انڌيري، سنٽاڪروز، کار ۽ باندرا کان دادار، مهالڪشمي، بائڪلا، فورٽ ۽ ڪولابا تائين ائين پيون اچن وڃن، جيئن اسان وٽ سهراب ڳوٺ، لياقت آباد ۽ گرومندر کان صدر، جامعه ڪلاٿ مارڪيٽ، ٽاور ۽ ڪياماڙي، اهو ممبئي اڄ کان ٻه صديون کن اڳ ست کن ٻيٽن تي مشتمل هو ۽ اڄ جون ڪيتريون ئي ممبئيءَ جون ريلوي اسٽيشنون، عمارتون، پاڙا ۽ علائقا سمنڊ هو. جيئن هن کان اڳ واري مضمون ۾ لکي چڪو آهيان، ته ممبئيءَ جو ڌاروي علائقو جنهن ۾ اڄ ڏهه لک کان به گهڻا ماڻهو رهن ٿا، اهو سمنڊ ۽ Marshy (گپ ۽ چڪڻ) هو، جنهن ۾ هتي جا جهونا ۽ اصلوڪي رهاڪو ڪولي مڇيون ماريندا هئا. ائين ته ممبئي جهڙا دنيا ۾ ٻيا به شهر آهن، بلڪ هالنڊ نالي هڪ ملڪ به آهي، جنهن جي نه فقط چوڌاري پر اندر به سمنڊ جي پاڻيءَ ڇوليون ٿي هنيون، پوءِ اتي جي ماڻهن (ڊچن) ٿورو ٿورو ڪري سمنڊ ڀري اڄ وارو هالنڊ ٺاهيو آهي، جيڪو ٽي چار صديون اڳ اڌ جيترو به نه هو. جنهن لاءِ چوڻي مشهور آهي ته:
    God Made land
    Dutch made Holland.
    پر ٻين شهرن ۽ ممبئيءَ ۾ اهو فرق آهي ته ممبئي تمام جلد وڌيو ويجهيو آهي. آدمشماريءَ ۾ به ته بزنيس ۽ ناڻي ڏوڪڙ ۾ به. اڄ ممبئيءَ جي زمين نيويارڪ کان به مهانگي اگهه ۾ وڪامي ٿي.
    هڪ ڏينهن ممبئي شهر ۾ هڪ گجراتي همراه سانونت سان گُهمي رهيو هئس ته هن هڪ ڊگهين ڀتين واري ڪمپائونڊ ڏي اشارو ڪندي ٻڌايو ته، “هي هندن جو شمشان گهاٽ آهي، يعني هُو هتي مري ويلن کي ساڙيندا آهن.” اهو ٻڌي مون کي حيرت ٿي ته اهو هڪ اهڙي هنڌ تي هو، جتي چوڌاري عمارتون ۽ دڪان هئا. مون هن کي چيو ته، “هن کان اڳ انڊيا جي جنهن به شهر ۾ مون شمشان گهاٽ ڏٺو ته اهو نديءَ جي يا سمنڊ جي ڪناري تي نظر آيو.”
    “هي به سمنڊ جي ڪناري تي هو،” هن وراڻيو، “پر هاڻ سمنڊ جو ڪنارو ڪافي پري هليو ويو آهي.”
    هن جو مطلب هو ته ان شمشان گهاٽ کان سمنڊ جي ڪناري تائين واري زمين Reclaim ڪئي وئي آهي يعني سمنڊ کي مٽيءَ سان ڀريو ويو آهي، جيئن ڪراچيءَ ۾ گزري واري حصي ۾ (ڪولمبس هوٽل تائين) سمنڊ جو پاڻي بيٺل هو، يا ڊفينس سوسائٽيءَ جو فيز ڇهون، ستون ۽ اٺون سمنڊ هو، جنهن کي مٽيءَ سان لٽي زمين Reclaim ڪئي وئي. اها مٽي ڊريزر جهازن ذريعي سمنڊ جي تري مان ڪڍي هيڏانهن اڇلائي وئي. ڪن هنڌن تي اوسي پاسي جي ڪا ٽڪري ڀڃي ان جي پٿرن ۽ ريتيءَ سان سمنڊ کي ڀريو وڃي ٿو. جيئن سنگاپور ۾، جيڪا سمنڊ مان وڌيڪ زمين Reclaim ڪئي وئي، اها اتي موجود بڪت تيما پهاڙيءَ کي ڀڃي ڀري وئي.
    ممبئيءَ کي عجيب شهر ان ڪري به چوندس، جو هن شهر ۾ پراڻيون عمارتون ۽ يادگار موجود آهن ته بلڪل ماڊرن شيون به! امير ماڻهو آهن ته ڇا امير آهن ۽ ساڳئي وقت جتي ڪٿي غربت پڻ نظر اچي ٿي ۽ ڇا ته ڏکوئيندڙ غربت آهي!
    اڄ جو سامونڊي ڪناري وارو هيءُ شهر ممبئي جيڪو ڪراچي جدي، بيروت يا ٻين سمنڊ جي ڪناري وارن شهرن جيان لڳي ٿو، اهو دراصل ستن ٻيٽن تي مشتمل هو. انهن ٻيٽ جا نالا هئا: ڪولابا، فورٽ، بائڪلا، پارلي، ورلي، متنگا ۽ ماهيم. انهن ٻيٽن جي وچ ۾ ٻيڙيون هليون ٿي ۽ هندستان جي باقي سرزمين کان پري هئا. اهو ائين سمجهو ته جيڪڏهن ڪراچي به ڇهن ستن ٻيٽن تي مشتمل هجي ها ته پوءِ لاهور، ملتان يا سکر کان باءِ روڊ ايندڙ همراهه سهراب ڳوٺ وٽ اچي ترسي پون ها ۽ پوءِ ٻيڙين رستي ناظم آباد واري ٻيٽ تي ڪو وڃي، يا صدر ٻيٽ تي، ڪو ڪلفٽن ٻيٽ تي ته ڪو ڪورنگي ٻيٽ ڏي روانو ٿئي ها. پر ڪراچي يڪو ڌرتيءَ جو Piece آهي، پر اڄ وارو ممبئي ٻيٽن جو جهڳٽو هو، جنهن جي چوڌاري پکڙيل سمنڊ مٽيءَ سان ڀري سڀ ٻيٽ هڪٻئي سان ملايا ويا ۽ نه فقط اهي ست ئي ٻيٽ ماڻهن ۽ عمارتن سان ڀرجي ويا آهن، پر ممبئي وڃي مالاد، بوري ولي ۽ ڊهيسر (Dahisar) تائين لڳي آهي، جيئن ڪراچي، سبزي منڊي ۽ ٽول پلازا سان وڃي لڳي آهي.
    هي ست ٻيٽ هندستان جي مشهور بادشاهه اشوڪا جي راڄ جا حصا هئا. اشوڪا جي مرڻ بعد هي ٻيٽ 1343ع تائين مختلف هندو راجائن جي هٿن ۾ ڦرندا رهيا. واڪيشور ۽ امبرناٿ وارا مندر انهن ڏينهن جا ٺهيل آهن، يعني سن 1000ع ڌاري 1100ع ۾ ته راجا ڀيم ديو پنهنجي سلطنت جي گادي ماهيم ٻيٽ تي ٺاهي. 1343ع ۾ هي ٻيٽ گجرات جي مسلمان سلطانن جي قبضي ۾ آيا ۽ ٻه صديون هنن جي هٿ وس رهيا.
    1534ع ۾ پورچوگالين، جيڪي انڊيا جي ٻين به ڪيترن حصن تي قبضو ڪري چڪا هئا، انهن طاقت جي زور تي هي ٻيٽ به پنهنجي قبضي ۾ ڪيا ۽ ان وقت جي مسلمان سلطان بهادر شاهه کي قتل ڪيو ويو. هن پاسي سمنڊ جو پاڻي اونهو هجڻ ڪري پورچوگالين جي جهازن لاءِ هيءُ بهترين علائقو هو ۽ هُنن هِنن ٻيٽن جو نالو ئي رکيو “بام بائيا” (Bom Baia) جنهن پورچوگالي لفظ جي معنيٰ آهي، “سٺو خليج” (Good Bay). هنن هتي ڪجهه ننڍا قلعا ٺاهيا ۽ گرجا گهر ٺاهيا. جن مان هڪ “سينٽ ائنڊريو چرچ” اڄ به باندرا ۾ موجود آهي. پورچوگالين جي هنن ٻيٽن ۾ وڌيڪ دلچسپي نه رهي. هنن بس اهي گرجا گهر ٺهرائي ڇڏيا، جيئن مقامي آبادي ’ڪولي‘ ۽ ٻيا عيسائي ٿيندا رهن. آخر هُو هنن ويران ٻيٽن ۾ دلچسپي ڇو وٺن، جڏهن گوا، دمان، ديو ۽ پنجم جهڙا علائقا ۽ بندرگاهه هنن جي هٿن ۾ هئا. بس هنن يورپين جي هٿن ۾ جهاز راني هئي، ان وقت جا ماڊرن هٿيار، يعني پستول ۽ بندوقون هيون ۽ ٻئي پاسي هندستان جا آخري مسلمان حاڪم ڪبوتر پالڻ، راڳ جي محفلن ۽ رَنُن جي چڪر ۾ ويا ڪمزور ٿيندا، جن کي تخت تان هٽائڻ ۾ هنن ٺڳ يورپين کي ڪا دير نه لڳي.
    بهرحال سترهين صديءَ جي اڌ تائين انهن ٻيٽن ڌوڙ پئي پاتي. انگريزن جو انڊيا جي ڳپل حصي تي اثر ڇانئجي چڪو هو. هنن جو سامونڊي رستي اچڻ وڃڻ گجرات جي بندرگاهه سورت مان بهتر پئي ٿيو. انهن ڏينهن ۾ اڃان جهاز به ننڍا هئا، جيڪي تانگهي پاڻيءَ ۾ به هلي سگهيا ٿي. انگريز (۽ يورپي قومن مان پورچوگالي) انڊيا جي بندرباٽ ڪيو ويٺا هئا. سندن پاڻ ۾ اختلاف ۽ اندروني جهيڙا پنهنجي جاءِ تي باقي مقامي انڊين جي مقابلي ۾ هُو لنگوٽيا يار ٿي ٿِي ويا. هنن لاءِ انڊين هندو چاهي مسلمان راجا به باگڙي ڀيل يعني اڇوت هو، پر پنهنجو گورو (انگريز توڙي يورپي) موالي چرسي به سيد پير هو.
    انهن ڏينهن ۾ انگلينڊ، اسڪاٽليند ۽ آئرلينڊ (جنهن کي اسين برطانيا يعني گريٽ برٽن به سڏيون ٿا) تي چارلس ٻئي جي بادشاهت هئي. چارلس ٻيو، چارلس پهرئين جو پٽ هو ۽ 1630ع ۾ ڄائو هو. انگلينڊ ۾ هلندڙ سول جنگ ۾ چارلس پهرئين کي 1649ع ۾ قتل ڪيو ويو، جنهن بعد چارلس ٻيو تخت تي ويٺو هو. پڙهندڙن جي آسانيءَ لاءِ، جيئن هنن کي تواريخ ۾ هن چارلس ٻئي جو دور Locate ڪرڻ ۾ سولائي ٿئي، اهو ٻڌائيندس ته اڄ جي انگلينڊ جي گاديءَ تي ويٺل راڻي ايلزبيٿ دوم آهي. پاڻ هن کي ايلزبيٿ دوم يا Two ان ڪري ٿا سڏيون جو سندس ماءُ جو نالو به ايلزبيٿ هو. اڄ واري راڻي صاحبه ايلزبيٿ دوم کان اڳ، هن جو پيءُ جارج ڇهون انگلينڊ جو بادشاهه هو ۽ ان کان اڳ ايلزبيٿ جو ڏاڏو جارج پنجون برطانيا جو بادشاهه هو. هنن بادشاهن جي چهرن (Faces) جون تصويرون، ان وقت جي انڊيا جي چاندي وارن روپين تي نظر اچن ٿيون. انگليند جي حاڪمن ۾ هڪ وڪٽوريا نالي راڻي به ٿي گذري آهي، جيڪا برطانيا توڙي انڊيا جي راڄ ۾ هڪ بيحد مشهور ۽ طاقتور راڻي مڃي وئي ٿي. بلڪ هن وڪٽوريا جي ڏينهن ۾ برطانيا جي دنيا جي مختلف ملڪن (انڊيا، آسٽريليا، ڪئناڊا، نيوزيلينڊ، ملايا، هانگ ڪانگ، ڪينيا، نائيجيريا وغيره) تي حڪومت ۽ دٻدٻو عروج تي هو ۽ هن راڻيءَ کي مهاراڻي سڏيو ويو ٿي. يعني راڻين جي به راڻي. مهاراڻي وڪٽوريا نالي دنيا جي ڪيترن ئي شهرن ۾ پارڪ، روڊ، عجائب گهر ۽ اسڪول ڪاليج ۽ مجسما آهن. مهاراڻي وڪٽوريا 1819ع ۾ ڄائي هئي. 18 سالن جي هئي ته 1837ع ۾ تخت تي ويٺي ۽ 64 سال راڄ ڪيائين. 1901ع ۾ وفات ٿيس. اها مهاراڻي وڪٽوريا اڄ جي راڻي ايلزبيٿ جي ڏاڏي جي ڏاڏي هئي ۽ جنهن بادشاهه چارلس دوم جي پاڻ ڳالهه ڪري رهيا آهيون، اهو هن مهاراڻي وڪٽوريا کان به 200 سال کن اڳ ڄائو يعني مهاراڻي وڪٽوريا جي ڄم جو سال 1819ع هو ته چارلس دوم جو 1630ع هو. چارلس دوم جڏهن برطانيا جو بادشاهه ٿيو ته 21 مئي 1662ع تي هن جي شادي پورچوگال جي بادشاهه جي ڌيءَ ڪئٿرين سان ٿي. (سندس سڄو نالو Catherine Henrietta of Braganza هو) شاديءَ ۾ پورچوگال جي بادشاهه چارلس دوم کي ٻين شين کان علاوه موراڪو جو بندرگاهه وارو شهر طنجر (Tangier) ۽ بمبئي وارا سمورا ٻيٽ ڏنا يعني هي ممبئي، جيڪو انهن ڏينهن ۾ ستن ويران ٻيٽن جو جهڳٽو هو ۽ جنهن جي ڪل آدمشماري ڪا ڏهه هزار ڪولي ذات جا مهاڻا مس هئي (جن ماءُ ممبا نالي ديويءَ جي پوڄا ڪئي ٿي) انگلينڊ جي بادشاهه جي ملڪيت ٿي وئي.


    انگريزن ممبئيءَ کي ٺاهي ڇڏيو

    گذريل مضمون ۾ اهو لکي چڪو آهيان ته انگلينڊ جي بادشاهه چارلس ٻئي جي پورچوگال جي شهزادي ڪئٿرين سان 1661ع ۾ جڏهن شادي ٿي ته پورچوگال جي بادشاهه پنهنجي ڌيءَ کي ڏاج ۾ ٻئي سامان سان گڏ بمبئيءَ وارا ست ئي ٻيٽ پڻ انگريز بادشاهه کي ڏنا. ياد رهي ته هي مغل بادشاهه اورنگزيب جي حڪومت وارو دور هو. هُو تازو 8 سال کن اڳ پنهنجن ڀائرن جو قتل ڪري ۽ پيءُ شاهجهان کي قيد ڪري، هندوستان (اتراهين حصي) جو بادشاهه ٿيو هو. انگريزن جي “ايسٽ انڊيا” نالي هڪ واپاري ڪمپنيءَ مغل بادشاهن کان واپار جي اجازت وٺي سورت ۽ ڪاليڪٽ جهڙن ٻن ٽن شهرن ۾ پنهنجيون منڊيون ٺاهيون هيون. انگريزن جي مقابلي ۾ پورچوگالين کي انڊيا ۾ ڄمائي ويهڻ ۾ وڏو عرصو ٿي چڪو هو. نه فقط گوا ۽ اوسي پاسي جي اهم بندرگاهن ۾ پورچوگالين جو راڄ هو، پر سنڌ جي به ڪيترن شهرن ۾ پورچوگالين کي هڪ صدي اچي ٿي هئي. ياد رهي ته پورچوگالين سنڌ جي اهم شهر ٺٽي تي 1555ع ۾ حملو ڪري تباهي مچائي هئي ۽ ان کان به ويهارو سال اڳ 1534ع ۾ پورچوگالين گجراتي سلطان کي قتل ڪري بمبئيءَ وارا ٻيٽ پنهنجي قبضي ۾ ڪري ڇڏيا هئا. انهن جي کين ڪا اهڙي ضرورت به نه هئي. بس عيسائي تبليغ وارن کي اتي گرجا گهر ٺاهڻ ۽ مڪاني ماڻهن (ڪولين) کي ڪرسچن بنائڻ لاءِ روانو ڪري پوءِ ماٺ ڪري ويهي رهيا ۽ انهن ڏينهن ۾ بمبئيءَ جي انهن ويران ٻيٽن جي مقابلي ۾ پورچوگالين وٽ گوا، ديو ۽ ٻيا خوبصورت شهر ۽ بندرگاهه هئا، ان جي مقابلي ۾ انگريز ڪنگلا هئا. هنن کي پورچوگالين طرفان بمبئيءَ وارا ٻيٽ مليا، ته هُو ان ۾ ئي خوش ٿي ويا، پر چارلس ٻيو، انگلينڊ جو بادشاهه، جنهن کي پورچوگالي زال ڪئٿرين طرفان هي ٻيٽ مليا، ان کي اهو سمجهه ۾ نه آيو ته هنن ٻيٽن جو ڪارج يا افاديت ڇا آهي؟ هن کي معاشقن ۽ عياشين کان ئي فرصت نه هئي. پنهنجي زال ڪئٿرين مان کيس هڪ به ٻار نه ٿيو، پر مختلف سُريتن (Mistresses) مان کيس گهٽ ۾ گهٽ 12 ٻار ٿيا. پنج ڇهه سالن بعد چارلس اهي ٻيٽ چند پائونڊن جي مسواڙ تي “برٽش ايسٽ انڊيا” ڪمپنيءَ کي ڏنا.
    اهو آهي ته انگريز ماڻهو انتظاميه، ڪامرس ۽ بزنيس ۾ تمام هوشيار آهن. هنن آهستي آهستي ڪري پنهنجي ڪاروبار جون ڪوٺيون ۽ آفيسون ڀر واري بندررگاه سورت مان شفٽ ڪري بمبئيءَ آنديون. هنن پورهيتن ۽ ڪاريگرن کي، واپاري ماڻهن ۽ نوڪري پيشه ماڻهن کي بمبئيءَ لڏڻ ۽ اتي ڪم ڪار ڪرڻ جي همٿ افزائي ڪئي. هنن امن امان جي سٺي حالت پيدا ڪئي ۽ هر ڪو خوش گذارڻ لڳو. پهرئين کي سُکيو ستابو ڏسي ٻيا به آيا، ٻين کي ڏسي ٽيان آيا ۽ وئي آدمشماري ۽ ڪاروبار وڌندو. واپار وڙي جون سهوليتون ۽ سُک ڏسي ڀر واري صوبي گجرات جا پارسي، بوهري، يهودي ۽ هندو واپاري سورت ۽ ديو جهڙن شهرن کي ڇڏي بمبئي رهڻ لڳا ۽ بمبئيءَ جي آدمشماري، جيڪا 1661ع ۾ ڏهه هزار کن هئي سا 1675ع ۾ سٺ هزار ٿي وئي.
    هتي پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ لکندو هلان ته آفريقا ۽ ايشيا جي ملڪن تي جن يورپين جو راڄ رهيو، ان ۾ انگريز وري به ٻين کان بهتر ثابت ٿيا. سامونڊي نوڪريءَ ۾ مون کي آفريقا ۽ ايشيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ جهاز کي وٺي وڃڻو پيو ۽ هر هنڌ چڱو عرصو رهڻو پيو. موزمبق ۽ لئناڊا جهڙا ملڪ ته آزاد به پوءِ ٿيا ۽ اتي جي يورپي حاڪمن “پورچو گالين” کي به ڏٺوسين. اهڙيءَ طرح انڊونيشيا ۽ ويٽنام جهڙا مُلڪَ، جن تي ڊچن جو راڄ هو يا سينيگال جهڙا مُلڪَ جن تي فرينچن جو راڄ هو. يورپين رڳو ڦريو ۽ لٽيو پر انگريزن وري به هر ملڪ ۾ ٽپال، جوڊيشري، ريلوي، تعليم ۽ پوليس جهڙا ادارا ٺاهيا. اها ٻي ڳالهه آهي ته ملائيشيا جهڙن ملڪن انهن کي بهتر نموني قائم رکيو ۽ اسان جهڙن ملڪن آزاديءَ بعد صحيح طرح پرگهور نه لڌي. ٻي ڳالهه ته بمبئي، برمودا، بهاما، هانگ ڪانگ جهڙا ٻيٽ ٻين يورپين جي به قبضي ۾ رهيا، پر انگريزن انهن ويران ٻيٽن ۽ شهرن کي ڇا مان، ڇا ٺاهي ڇڏيو. بمبئي، جنهن کي اڄ اسان جنهن ممبئيءَ جي روپ ۾ ڏسون ٿا، اها به ويران هئي، جتي ڪجهه مهاڻا ماڇي رهيا ٿي، پر پوءِ انگريزن هن کي سورت، گوا، دهلي ۽ مدراس کان به بهتر، سهڻو، ماڊرن ۽ امير بڻائي ڇڏيو. گهڻو گهڻو پوءِ انگريزن کي جڏهن پينانگ ٻيٽ هٿ چڙهيو يا ان بعد سنگاپور ٻيٽ مليو (بلڪ هنن مقامي ملئي راجا کان خريد ڪيو) ته انهن ٻيٽن تي هو ڇا؟ چند مهاڻا ٻيا قزاق ۽ ڦورو رهيل هئا، سي به انهن ٻيٽن جي ڪنارن تي سڄا ٻيٽ جهنگ ۽ نانگ بلائن، ڀَٽُن ۽ سؤپيرين سان ڀريا پيا هئا... پوءِ انگريزن انهن کي صاف ڪرائي پاڻ به رهيا ۽ مختلف هنڌن تان مزورن، ڪمين، ڪاسبين، هنرمندن ۽ سيٺين کي رهڻ جي دعوت ڏني ۽ نه فقط ماڻهن کي رهايو، پر هنن جي پرگهور لڌي ۽ امن امان قائم رکيو. قاعدا قانون مقرر ڪيائون. جيڪي غريب ۽ امير لاءِ ساڳيا هئا. نتيجي ۾ سُڪون، پورهئي ۽ بهتر مستقبل خاطر اوسي پاسي جي ملڪن توڙي انڊيا ۽ چين کان ماڻهو لڏي اچي، پينانگ ۽ سنگاپور ۾ رهيا ۽ ڏسندي ئي ڏسندي اهي ٻئي ويران ٻيٽ سهڻا ۽ امير ٿي ويا. سنگاپور توڙي ملائيشيا جي حڪومت اڄ به انگريزن جي ان قول کي وٺيو ويٺي آهي ته امن امان قائم رکڻ ضروري آهي. عوام جي جان توڙي مال جو تحفظ فراهم ڪرڻ ضروري آهي. نتيجي ۾ اسان جهڙن ڪيترن ئي ملڪن جا ماڻهو اتي لڏي وڃڻ ۽ اتي واپار وڙي ڪرڻ کي خوش نصيبي سمجهن ٿا.
    سو بمبئيءَ ۾ به انگريزن اهو نمونو اختيار ڪيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي سورت شهر جا پارسي سيٺيون واديا ۽ ٽاٽا جهڙا، بمبئيءَ لڏي آيا ۽ اچي جهاز ٺاهڻ جا ڪارخانا کوليائون ۽ سندن جيڪو ڪجهه سورت ۾ بزنيس هو، اهو بمبئيءَ شفٽ ڪري آيا. اهڙيءَ طرح گجرات جا سونارا، لوهار ۽ ڪپڙو اُڻڻ وارا به بمبئيءَ کان اچي نڪتا. هر قسم جو ڪاروبار ۽ بزنيس بمبئيءَ ۾ وڌڻ لڳو. ايتري قدر جو مئڊا گاسڪر کان ايندڙ شيدين جو وڪرو به هتي ٿيڻ لڳو. 1817ع ۾ مرهٺن سان ويڙهه ۾ انگريزن جي فتح ٿيڻ بعد انگريزن بمبئيءَ جي ٻيٽن کي هڪٻئي سان ملائڻ لاءِ سمنڊ جي پاڻيءَ کي مٽيءَ سان ڀرڻ، روڊ رستا ٺاهڻ ۽ ٻيا انجنيئرنگ جا ڪمَ شروع ڪيا. 1845ع ڌاري ماهيم وارو رستو (Causeway) تيار ٿي ويو ۽ ست ئي ٻيٽ هڪٻئي سان ملي هڪ يڪو زمين جو Piece ٿي ويا.
    اڄ واري جيڪا وڪٽوريا ٽرميننس (VT) ريلوي اسٽيشن آهي، جنهن کي هاڻ CST (چتراپتي شيواجي ٽرمينس) سڏجي ٿو، ان جي سامهون آزاد ميدان آهي. اوڻهين صديءَ جي شروع تائين بمبئيءَ جي فورٽ واري علائقي ۾ رهندڙ ميهار ۽ ڌنار پنهنجيون مينهون ۽ ڍڳيون هن ميدان تي اچي چاريندا هئا، پوءِ 1838ع ۾ برٽش حاڪمن وهٽن جي مالڪن تي گاهه چارائڻ جي Grazing Fee رکي، جيڪا ڪيترا غريب ڀري نٿي سگهيا. انهن جي مجبوريءَ کي ڏسي سر جمشيد جي جيجي ڀائي پنهنجا ويهه هزار رپيا خرچ ڪري سمنڊ جي ڪناري تي ٺاڪر دوار واري علائقي ۾ ڪجهه چراگاهه خريد ڪري، هنن کي مفت ۾ مال چارڻ لاءِ ڏنا. اڳتي هلي هي علائقو “چرني” سڏجڻ لڳو. ايتري قدر جو جڏهن ريل جي لائين ٺهي ته هن علائقي جي ريلوي اسٽيشن جو نالو “چرني روڊ” رکيو ويو.
    بمبئيءَ جي وڌڻ ويجهڻ ۾ پارسين جو به وڏو هٿ آهي، ڪيترائي امير پارسي جيڪي سورت (گجرات) ۾ رهيا ٿي، انهن پنهنجا ڪاروبار سورت ۾ ختم ڪري بمبئيءَ ۾ اچي کوليا. پارسين جو “Tower of Silence” سيٺ مودي هجري واچا 1672ع ۾ ٺهرايو. پارسي پنهنجي مري ويلن جي لاش کي نه مسلمانن وانگر دفن ڪن ۽ نه وري هندن وانگر ساڙين. هُو ڪنهن پهاڙيءَ جي چوٽيءَ تي کُوهه نما گول ٺاهي ڇڏين، جيڪو Tower of Silence سڏجي. مائٽ مٽ جي مري وڃڻ تي، هُو هن جو لاش اتي وڃي ڦٽو ڪن، جنهن کي ٻن ٽن ڏينهن اندر ڪانگ، سرڻيون ۽ ڳجهون کائي ختم ڪن. اڄڪلهه هوائي جهازن جي گهڻي اچ وڃ ڪري ممبئيءَ توڙي ٻين شهرن ۾ ڪانگ ۽ سرڻ جهڙي پکي کي ماري ان جو تعداد گهٽ ڪيو ويو آهي، ان ڪري پارسين کي سخت شڪايت آهي، جو لاش کاڄي وڃڻ ۾ گهڻا ڏينهن لڳيو وڃن. ڪراچيءَ ۾ به پارسين جو اهڙو ٽاور ڊفينس مارڪيٽ ڀرسان هڪ ننڍڙي پهاڙيءَ تي موجود آهي. ممبئي يونيورسٽيءَ، جتي ليڪچر ڏيڻ لاءِ مون کي اتي جي گيسٽ هائوس ۾ رهڻو پيو، ان WRIC گيسٽ هائوس جي پارسي مئنيجر رستم داداڀائيءَ ٻڌايم ته اڄڪلهه اسان مان به ڪيترا پنهنجن مُردن کي ساڙين ٿا.
    “ڇو ڀلا؟” پڇيومانس.
    “هڪ ته ممبئيءَ جي آدمشماري ايڏي وڌي وئي آهي، جو اهي پراڻا ٻيلا يا وڻڪار ايتري نه رهي آهي، جتي هي پکي ساهه پٽي سگهن.” هن ٻڌايو، “ڪجهه ايئرپورٽ ۽ ڪمرشل جهاز سيکارڻ جي پرائيويٽ اسڪول وارن به هنن پکين کي ماري تعداد گهٽائي ڇڏيو آهي، ڇو جو سرڻن ۽ ڳجهن جهڙا هي وڏا پکي هوائي جهازن جي جيٽ انجڻين ۾ وڃي يا ڪاڪ پٽ جي شيشي سان لڳي حادثا برپا ڪن ٿا.”
    ان کان علاوه هڪ ٻي ڳالهه، جيڪا رستم ته نه ٻڌائي پر مون کي ٻين کان خبر پيئي ته ڪانگ يا سرڻيون وغيره جڏهن مُئل انسان جي گوشت جا ٽڪرا لامارا هڻي کڻن ٿا ته ڪڏهن ڪڏهن سندن چنبن مان انسان جون اکيون، آنڊا، جيرو ۽ دل وغيره ڇڏائجيو وڃن ۽ اهي ڀر وارن گهرن يا رستن تي وڃيو ڪرن. اڳ ۾ ته پارسين جو خاموشي جو ٽاور شهر کان پري سمجهيو ويندو هو، جيئن ڪراچيءَ وارو به، پر هاڻ مالابار ٽڪري تي به جتي ڪٿي گهر، پارڪ ۽ شاپنگ مال ٿي ويا آهن ۽ انهن جا مالڪ دانهون ٿا ڪن ته ڪانگ، ڪٻرون ۽ سرڻيون هنن جي گهرن ۾ انسانن جا عضوا ڦٽا ڪريو وڃن.
    بمبئيءَ ۾ ڄاول مشهور انگريزي ليکڪ ۽ شاعر ڪپلنگ (سڄو نالو جوزف رڊيارڊ ڪپلنگ)، جنهن جو گهر مالابار ٽڪريءَ تي، پارسين جي هن Tower of Silence کان ڪو پري نه هو، ان بابت ڪپلنگ کي ننڍپڻ جي اها ياد چِٽِي رهي ته، جڏهن هُو پنهنجي ماءُ سان گڏ گهر جي باغيچي ۾ پسار ڪري رهيو هو ته هن جي ماءُ کي ان باغيچي ۾ ڪنهن ٻار جو هٿ نظر آيو. “مون اهو هٿ کڻي ڏسڻ ٿي چاهيو پر منهنجي ماءُ مون کي سختيءَ سان چيو ته ان بابت توکي ڪوبه سوال پڇڻو ناهي.”
    رڊيارڊ ڪپلنگ 1865ع ۾ ڄائو ۽ 1936ع ۾ وفات ڪيائين. پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائين، جيڪي اسان وٽ ننڍي کنڊ ۾ توڙي برطانيا ۾ وڏي شوق سان پڙهيا وڃن ٿا، انهن مان ڪجهه هن ريت آهن: ’دي جنگل بڪ‘ شعرن جو ڪتاب “منڊالي”، “ڪِم” نالي هڪ ناول، گنگادين ۽ 1888ع جو افسانن جو ڪتاب (The Man who would be king)
    رڊيارڊ ڪپلنگ جو پيءُ لاڪ وڊ ڪپلنگ بت تراش (Sculptor) ۽ سٺو ڪنڀار (Pottery Designer) پڻ هو. پاڻ “سر جمشيد جي جيجي ڀائي آرٽس اسڪول، بمبئيءَ” جو پرنسپال ۽ آرڪيٽيڪچر اسڪلپچر جو پروفيسر پڻ هو .


    يمن جو عدن ۽ سنڌ، بمبئي انتظاميه ۾ هئا

    ايشيا توڙي آفريقا جي جنهن جنهن ملڪ ۾ انگريزن جي حڪومت رهي، اتي هنن اهو سٺو ڪم ڪيو ته سفر آسان ۽ تيز رفتار بنائڻ لاءِ ريل جا پٽا وڇائي ريل گاڏيون هلايون. سڄي ننڍي کنڊ ۾ ته ڇا سنگاپور، ملايا (هاڻوڪو ويسٽ ملائيشيا) هانگ ڪانگ جتي ڪٿي ريل جو بندوبست ڪيائون. ڪوالالمپور، اپوح، سنگاپور، ڪراچي، حيدرآباد، دهلي ۽ لاهور جي ريلوي اسٽيشنن تي مون کي وڏي مشابهت محسوس ٿيندي آهي. لڳندو آهي ته انهن کي ٺاهڻ وارا ساڳيا انجنيئر ۽ ڊزائينر آهن. انگريزن جا مختلف ملڪن جي شهرن ۾ جملي هزارين ميل ريل جا پٽا وڇايل آهن، پر انهن ريل جي پٽن جي شروعات ڪٿان ٿي؟
    پهرين پهرين ريل جي لائين سال 1853ع ٿاني ۽ بمبئيءَ جي وچ ۾ 35 ڪلوميٽر (21 ميل) وڇائي وئي. جنهن کي 1860ع تائين وڌائي گجرات جي شهر برودا تائين پهچايو ويو. ان تي جيڪا ريل گاڏي هلي ٿي، اها BB&CI لائين سڏي وئي ٿي. يعني بمبئي بڙودا ائنڊ سينٽرل انڊيا. 1869ع ڌاري بمبئيءَ کان آگبوٽ (ٻاڦ تي هلندڙ جهازن) جي سروس شروع ٿي وئي. گجرات کان ڪاٽن ريل رستي بمبئيءَ پهتي ٿي. جتان جهازن ذريعي لنڪا شائر (انگلينڊ) موڪلي وئي ٿي. اتي جي فئڪٽرين ۾ ڪپڙو ٺهي وري بمبئيءَ آيو ٿي ۽ انڊيا جي مختلف مارڪيٽن ۾ وڪرو ٿيو ٿي، نتيجي ۾ بمبئي شهر جي وڏي ڪمائي ٿِي ٿي، نه ته اهو سڀ ڪجهه سورت، بڙودا ۽ ٻين شهرن ۾ ڪم هليو ٿي. بمبئيءَ جي ترقي ڏسي اوسي پاسي جا ماڻهو بمبئيءَ ڏي لڏڻ لڳا ۽ بمبئي جي وئي آدمشماري وڌندي... نه فقط ڀر واري صوبي گجرات ۽ مهاراشترا جا پر سنڌ جا به ڪيترائي پورهيت، هنرمند ۽ تعليم يافته، خاص ڪري سنڌي هندو بمبئيءَ اچي رهيا ۽ بمبئيءَ مان پنهنجو ڪاروبار شروع ڪيائون. سنڌ تي، مياڻي ۽ دٻي جي لڙائين بعد، انگريزن جو قبضو 1843ع کان ٿي ويو هو. بلڪ سنڌ جو انتظام هلائڻ لاءِ سنڌ کي 1847ع ۾ بمبئي پريزيڊنسيءَ ۾ شامل ڪيو ويو. انڊيا ۽ اوسي پاسي جي ٻين ڪالونين جو انتظام هلائڻ لاءِ انگريزن، انڊيا کي پنهنجي حساب سان مختلف صوبن ۾ ورهايو هو، جنهن مان هڪ “بمبئي پريزيڊنسي” سڏيو ويو ٿي. اهو صوبو سترهين صدي ۾ ٺاهيو ويو هو، جنهن ۾ گجرات سان گڏ انڊيا جي ٻين رياستن جا حصا به ملايا ويا پئي. عروج وارن ڏينهن ۾ بمبئي پريزيڊنسيءَ ۾ گجرات جو سڄو صوبو، مهاراشترا جو اڌ کان وڌيڪ صوبو ۽ ڪرناٽڪا صوبي جو اتر- اولهه وارو حصو اچي ويو ٿي. 1843ع ۾ سنڌ کي فتح ڪرڻ بعد سڄو سنڌ صوبو (خيرپور رياست کان علاوه) پڻ بامبئي پريزيڊنسيءَ ۾ شامل ڪيو ويو ۽ ان کان 4 سال اڳ يمن جو بندرگاهه وارو شهر عدن پڻ (1839ع) ۾ بمبئي پريزيڊنسيءَ ۾ شامل ڪيو ويو هو. 1936ع ۾ سنڌ جو بمبئي پريزيڊنسيءَ کان الڳ ٿيڻ تائين اسان جي سنڌ جا شاگرد مئٽرڪ جو امتحان ڏيڻ لاءِ به بمبئيءَ ويندا هئا ۽ کين مختلف امتحانن جا سرٽيفڪيٽ ۽ ڊگريون بمبئي يونيورسٽيءَ طرفان ملنديون هيون.
    ڪيترن ماڻهن کي حيرت ٿيندي آهي ته سنگارپور، جنهن جي چوڌاري ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جا ٻيٽ آهن يا ٿورو اڳيان چين جو ملڪ آهي، ان ۾ ملئي ۽ چينين جو هجڻ ته صحيح آهي، پر ايترا تامل ڳالهائڻ وارا مدراسي ڪٿان آيا، جو ويندي سنگارپور جي قومي زبان ملئي، چيني ۽ انگريزي سان گڏ چوٿين زبان تامل آهي. اهو ان ڪري جو ملئي راجائن کان خريد ڪيل سنگاپور ٻيٽ جو انتظام انگريزن مدراس مان هلايو ٿي ۽ سنگاپور “مدراس پريزيڊنسي” صوبي ۾ ائين آيو ٿي، جيئن عدن (جنهن تي پڻ انگريزن جو راڄ هو). ان ڪري سنگاپور جي ڊيولپمينٽ لاءِ خاص ڪري روڊ ٺاهڻ، ريلوي لائين وڇائڻ ۽ جهنگن کي صاف ڪرڻ لاءِ برٽش انڊيا جي انگريز حڪومت مدراس پاسي جا ماڻهو سنگاپور موڪليا ٿي، جن جي مادري زبان تامل آهي. ائين ته چوڪيداري ۽ فوج لاءِ، دڪانداري ۽ واپار لاءِ انگريزن ننڍي کنڊ جي پنجابي مسلمانن ۽ سِکن، پٺاڻن ۽ سنڌي هندن ۽ گجرات صوبي جي مسلمان ۽ هندن کي به سنگاپور موڪليو پئي يا هُو پنهنجي مرضيءَ سان ويا ٿي، پر تاملن جو وڏو تعداد هو. اڄ به سنگاپور جي سرنگون روڊ (جنهن کي عام زبان ۾ لٽل انڊيا به سڏيو وڃي ٿو) دڪانن ۽ گهرن جا مالڪ سؤ سيڪڙو مدراس ۽ تامل ناڊو صوبن جا نظر ايندا.
    ٻن انگريز حاڪمن جي ڏينهن ۾ بمبئي ۽ ويندي سنڌ ۾ ڪافي ترقي آئي ۽ هنن حاڪمن جي نالن جا روڊ ۽ يادگار عمارتون اڄ به ممبئيءَ ۽ ڪراچيءَ کان سواءِ ٻين ڪيترن ئي شهرن ۾ آهن، جيڪي شهر بمبئي پريزيڊنسيءَ ۾ آيا ٿي، اهي آهن: لارڊ ايلفنسٽن، جيڪو 1853ع کان 1860ع تائين رهيو ۽ جنهن جي دور ۾ 1857ع وارو هنگامو به ٿيو هو ۽ ٻيو سر بارٽل فريئر جنهن جي ڏينهن ۾ بمبئيءَ وڏي ترقي ڪئي. سر بارٽل فريئر بابت هتي ٻه چار سٽون وڌيڪ لکڻ چاهيندس، جو هن جو سنڌ جي صوبي سان به واسطو رهيو ۽ اڄ واري سنڌي لکڻيءَ Script ۾ به هن شخص جون وڏيون ڪوششون آهن. ڪراچيءَ ۾ سندس نالي وارو روڊ ۽ فريئر هال عمارت (ميرٽ هوٽل جي سامهون ۽ جپان قونصل خاني سان لڳو لڳ) اڄ تائين سندس نالي سان قائم آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته فريئر پارڪ ۾ سندس يا شايد مهاراڻي وڪٽوريا جو جيڪو مجسمو لڳل هو، اهو هاڻ نظر نٿو اچي.
    سر بارٽل فريئر 1815ع ۾ انگلينڊ ۾ ڄائو. اسڪولي تعليم مڪمل ڪرڻ بعد 1834ع ۾ هن کي بمبئيءَ جي سول سروس ۾ رائيٽر جي حيثيت سان نوڪري ڏني وئي. انهن ڏينهن ۾ انگريز آفيسرن کي صوبي جي زبان سکڻي پوندي هئي، ان بعد کين نوڪري ملندي هئي. بارٽل فريئر مرهٺي پڙهيو ۽ امتحان پاس ڪرڻ بعد 1835ع ۾ کيس پوني جو اسسٽنٽ ڪليڪٽر مقرر ڪيو ويو (اڳتي هلي جڏهن کيس ڪراچيءَ ۾ رکيو ويو ته هن سنڌي زبان جو پڻ امتحان ڏنو). 1842ع ۾ هُو بمبئيءَ جي گورنر (سر جارج آرٿر) جو پرائيويٽ سيڪريٽري مقرر ٿيو. انگريزن جي هٿن ۾ سنڌ اچڻ بعد، 1850ع ۾ بارٽل فريئر کي سنڌ جو چيف ڪمشنر مقرر ڪيو ويو. 1851ع ۾ هن ماڊرن ٽپال کاتي جو بنياد رکيو ۽ ٽپال گهوڙن رستي ڪراچيءَ کان ٺٽي، جتان پوءِ حيدرآباد ۽ ويندي ملتان تائين پهچندي هئي.
    ڪراچيءَ ۾ فريئر هال ۽ روڊ کان علاوه فريئر ٽائون، جنهن جو مشهور پوليس ٿاڻو پڻ هن صاحب جي نالي آهي. کيس انگريز سرڪار طرفان SIR جو خطاب مليو ۽ 1862ع ۾ کيس بمبئيءَ جو گورنر مقرر ڪيو ويو، جتي پڻ هو مقامي ماڻهن جي خدمت جا ڪم ڪندو رهيو. پوني ۾ Deccan ڪاليج ۽ سول انجنيئرنگ جو ڪاليج سر بارٽل فريئر ٺهرايو. ممبئيءَ وارو فلورا فائونٽين هن جي ئي ياد ۾ ٺهيل آهي.
    1867ع ۾ هو پنهنجي وطن انگلينڊ روانو ٿي ويو، جتي 1888ع ۾ ٿيمس نديءَ جي ڪناري تي هن جي مجسمي جي نقاب ڪشائي شهزادي ويلس ڪئي.
    سر بارٽل فريئر جي زندگيءَ تي هڪ ڪتاب “هز لائيف ائنڊ ڪرساپانڊنس” جان ماريٽينو جو لکيل آهي، جيڪو 1895ع ۾ ڇپيو هو. سندس زندگيءَ تي هڪ ٻيو ڪتاب جيڪو ويجهڙائيءَ ۾ ڊي. پي. او ڪونر جو لکيل آهي. نالو اٿس The Zulu & The Raj- The life of Sir Bartle.
    بمبئيءَ ۾ توهان جو جي هفتو ڏيڍ رهڻ ٿئي ٿو ته مٿي بيان ڪيل فلورا فائونٽين ضرور ڏسجو، اها نه رڳو ڏسڻ جهڙي، پر ان اڳيان بيهي فوٽو ڪڍائڻ جهڙي شيءِ آهي. ان اڳيان فوٽو ڪڍائي واپسيءَ تي جڏهن ڪراچيءَ پهتس ته فريئر هال اڳيان به بيهي فوٽو ڪڍائڻ جو شوق ٿيو، پر خبر ناهي ڇو اتي بيٺل پوليس مون کي فوٽو ڪڍڻ کان منع ڪئي. دل ۾ سوچيم ته، ’اسان جي ملڪ ۾ جي ائين هر ڳالهه تي منع ٿيندي رهندي ته پوءِ ڌارين ملڪن جا ٽوئرسٽ اسان جي ملڪ ۾ ڌوڙ ايندا. پر ٿي سگهي ٿو اسان جي حڪومت طرفان يا واسطيدار اعليٰ عملدار طرفان منع نه ٿيل هجي. پوليس وارن ائين ئي پنهنجي لئه رکڻ لاءِ ٽرڙپائي ڪئي هجي.‘
    سر بارٽل فريئر جي ياد ۾، 1869ع ۾ ممبئيءَ ۾ ٺهيل هي فلورا فائونٽين، ممبئي جي ڏاکڻي حصي فورٽ ۾ آهي. هن کي ڏسڻ لاءِ ڪنهن به لوڪل ٽرين ۾ چڙهي ممبئيءَ جي ڪنهن به آخري اسٽيشن CST (چتراپتي شيوا جي ٽرمينس) تي يا چرچ گيٽ واري ريلوي اسٽيشن تي لهي پوءِ بس يا ٽئڪسيءَ ذريعي پنجن منٽن ۾ پهچي سگهو ٿا. ممبئيءَ جي ڏاکڻي حصي کي وڌيڪ صاف سٿرو رکڻ ۽ گوڙ کان بچائڻ لاءِ آٽو رڪشائن کي هن پاسي اچڻ کان منع آهي، سو صحيح بس ڳولڻ جي کٽراڳ کان بچڻ لاءِ ٽئڪسي ڪرڻ بهتر آهي، جيڪا هر وقت ۽ هر هنڌ جام ملي ٿي ۽ ڪراچيءَ جي مقابلي ۾ ڀاڙو به گهٽ اٿس. فلورا فائونٽين هتوتما چوڪ وٽ Hornby روڊ تي آهي، جيڪو رستو هاڻ ڊاڪٽر ڊي. اين. روڊ يعني ڊاڪٽر دادا ڀائي نورو جِي روڊ سڏجي ٿو. ممبئيءَ جو هي علائقو ڪمرشل علائقو آهي، جتي توهان کي دنيا ڀر جون بئنڪون نظر اينديون. ان کان علاوه ممبئيءَ جي هاءِ ڪورٽ، ممبئي يونيورسٽي، بمبئيءَ جي پراڻي سيڪريٽريٽ، بامبي اسٽاڪ ايڪسچينج سڀ اتي ئي آهن ۽ انگريزن جي زماني جون هي ڪراچيءَ جي بولٽن مارڪيٽ، امپريس مارڪيٽ، ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جهڙيون انڊو يورو (Indo Euro) اسٽائيل عمارتون ڏسي سگهجن ٿيون.
    فلورا فائونٽين بعد سگهوئي 1884ع ۾ بامبي ميونسپل ڪارپوريشن (BMC) بلڊنگ چتراپتي شيواجي ريلوي اسٽيشن جي سامهون ٺهي، جيڪا 255 فٽ ڊگهي ٽاور کان مشهور آهي. بمبئي ميونسپل ڪارپوريشن جو سنسڪرت ۽ انگريزيءَ ۾ لکيل موٽو هن ريت آهي.” ياتو ڌرما ستاتو جا يا” يعني “Where there is Righteousness, there shall be victory.”
    ڪراچي واري KMC بلڊنگ، جيڪا پڻ ڪافي سهڻي طرز جي ٺهيل آهي. 1930ع ۾ انگريزن ٺهرائي. جنهن سال (1984ع) بمبئي ميونسپل ڪارپوريشن بلڊنگ جو انڊيا جي وائسراءِ لارڊ رپان سنگِ بنياد رکيو، انهي سال ڪراچيءَ ۾ ميري ويدر ٽاور جي نقاب ڪشائي ٿي هئي. اسان وٽ ڪي ماڻهو اهو ئي سمجهندا آهن ته، ايم. اي. جناح روڊ (اڳوڻو بندر روڊ) ۽ آءِ. آءِ. چندريگر روڊ (اڳئين مئڪلوڊ روڊ) جي منهن وٽ ٺهيل هي ٽاور ڪُئين مئريءَ جي ياد ۾ آهي، پر اهو سِر وليم ايل. ميري ويدر صاحب جي نالي آهي، جيڪو 1868ع کان 1877ع تائين سنڌ جو ڪمشنر ٿي رهيو. هن ٽاور کي مشهور انگريز انجنيئر جيمس اسٽريچن ڊزائين ڪيو، جنهن جون ڊزائين ڪيل ڪراچيءَ ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي عمارتون آهن، جهڙوڪ ڊينسو هال، جهانگير ڪوٺاري بلڊنگ (ڪلفٽن تي)، ايمپريس مارڪيٽ صدر ۾ وغيره.


    جنهن جي مجسمي تي ڪانگ ويٺل ڏٺم

    گذريل مضمون ۾ سر بارٽل فريئر جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين ته هُو سنڌ ۾ ڪمشنر رهڻ بعد بمبئيءَ ۾ گورنر ٿي رهيو ۽ هن جي نالي ڪراچيءَ ۾ فريئر روڊ، فريئر ٽائون ۽ ميرٽ هوٽل سامهون فريئر هال پڻ آهي. بمبئيءَ ۾ سندس يادگار لاءِ فلورا فائونٽين آهي.
    فلورا فائونٽين جنهن روڊ تي آهي، ان جو نالو ڊاڪٽر دادا ڀائي نائورو جِي آهي. گذريل دفعي جڏهن انڊيا آيو هوس ۽ بڙودا شهر ۾ ترسيل هئس، ته اتي جي مشهور يونيورسٽي “مهاراجا سياج رائو” گهمڻ دوران شاگردن جي هڪ هاسٽل جو نالو “دادا ڀائي نائورو جِي” پڙهيو هئم.
    ممبئيءَ ۾ اچڻ سان پهرئين ڏينهن ئي جڏهن پوليس رپورٽ لاءِ ايئرپورٽ کان فورٽ جي علائقي ۾ پهتو هئس ته ايندي توڙي واپس ورندي CST (چترا پتي شيوا جي ٽرمينس) ريلوي اسٽيشن وٽ ڪنهن عمارت اڳيان هڪ عجيب قسم جي ٽوپي ۽ چشمي سان ڏاڙهيءَ واري مرد جو ڌاتو جو مجسمو (Statue) ڏٺو هئم. هي پير مرد بيحد مڻيادار ۽ رعبدار لڳي رهيو هو. اوسي پاسي جي وڻن تي ويٺلن ڪانگن مان رکي رکي ڪو هن جي مٿي تي اچي ٿي ويٺو ۽ سندس چهري تي پکين جي وٺين جا نشان ڪي سٺا نه لڳي رهيا هئا. مجسمي هيٺان هن شخص جو نالو وغيره پڙهڻ جي ڪوشش ڪيم، پر پڙهي نه سگهيس ۽ نه وري مون واري ڪار جنهن ۾ آءٌ سوار هوس ان جو ڊرائيور ٻڌائي سگهيو. انڊيا ۾ مجسما اڪثر مهاتما گانڌي ۽ جواهر لعل نهروءَ جا نظر اچن ٿا. ممبئيءَ جو شهر مهاراشترا صوبي ۾ هجڻ ڪري مهاراجا شيواجي جو Statue به ٿي سگهي ٿو، پر هي مجسمو انهن مان نه هو. هفتو کن پوني ۾ رهي پوءِ جڏهن ممبئيءَ آيس ته هن مجسمي وٽ ترسي پيس. ٻه چار فوٽو ڪڍيم ۽ پڇڻ تي معلوم ٿيو ته هيءُ ممبئيءَ جي هڪ پارسي “دادا ڀائي نائورو جِي” جو آهي. ان تي اندازو لڳايم ته هيءَ ضرور اهم شخصيت آهي، جنهن جي زندگي ۽ ڪمن جو احوال ضرور معلوم ڪجي. هونئن ته سورت ۽ ممبئيءَ جا ڪيترائي پارسي، سندن عوام جي ڀلائيءَ جي ڪمن کان نه فقط هندستان ۾ پر سڄيءَ دنيا ۾ مشهور آهن.
    ائين ته ڪراچيءَ جهڙي شهر ۾ به پارسين جي وڏي Contribution آهي، خاص ڪري خيراتي ڪمن ۽ تعليمي ادارن جي حوالي سان، پر جيئن ته NED (نادر جي ايدلجي ڊنشا) ڪاليج، هاڻ يونيورسٽي، ماما پارسي اسڪول وغيره.
    بهرحال ممبئيءَ جو هي پارسي دادا ڀائي نائورو جِي پنهنجي وقت جي هڪ اهم شخصيت ٿي گذريو آهي. پاڻ دانشور، تعليم ڏيڻ وارو، ڪاٽن جو واپاري ۽ انڊيا جي شروعاتي سياسي ليڊرن مان هڪ آهي. پاڻ 1825ع ۾ گجرات جي شهر نوسري ۾ “نائورو جِي پالن جي دوردي” نالي هڪ غريب آتش پرست ٻائي جي گهر ۾ پيدا ٿيو. دادا ڀائي نائورو جي پهريون ايشيائي ماڻهو آهي، جيڪو انگلينڊ جي هائوس آف ڪامن جو 1892ع کان 1985ع تائين MP (ميمبر پارليامينٽ) ٿي رهيو. پاڻ ۽ ڊنشا ايدلجي واچا جهڙا، انڊين نيشنل ڪانگريس جا بنيادي ميمبر هئا. داداڀائي بعد انڊيا جا ٻه ڄڻا ٻيا به، جيڪي پڻ پارسي هئا، برطانيا جي پارليامينٽ جا ميمبر ٿيا: هڪ سر منچر جِي مروانجي ڀائوناگري ۽ ٻيو سر سوراڀجي سڪلات والا. دادا ڀائيءَ کي به انگريزن “SIR” جو خطاب ڏنو، پر هن قبول نه ڪيو. شهنشاهه ايران جو ڏنل ايوارڊ به هن سٺن لفظن سان موٽائي ڏنو.
    داداڀائي نائورو جِي چئن سالن جو هو، ته سن 1829ع ۾ سندس پيءُ گذاري ويو. سخت غربت جي باوجود سندس ماءُ مانڪ ٻائيءَ کيس پڙهايو ۽ ان وقت جي رسمن مطابق هُو اڃان يارهن سالن جو ٻار هو ته سندس شادي گل ٻائي نالي ڇوڪريءَ سان ڪرائي ۽ سندس ماءُ پنهنجي سڄي زندگي پنهنجي پٽ جي ساٿي ۽ اتساهه ٿي رهي. دادا ڀائيءَ پنهنجي يادگيرين واري مضمون “The Days of My Youth’ ۾ پنهنجي ماءُ لاءِ لکيو آهي ته: ‘She made me what I am’.
    داداڀائي نائورو جِيءَ ممبئيءَ جي ايلفنسٽن ڪاليج مان تعليم حاصل ڪئي ۽ 25 ورهين جي ڄمار ۾ هُو ان ڪاليج جو 1850ع ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ۽ 1955ع ۾ مئٿس ۽ نئچرل فلاسافيءَ جو پروفيسر ٿيو. اعليٰ تعليمي ڪاليج، جنهن ۾ پڙهائڻ وارا سڀ انگريز هئا، انهن ۾ هيءُ پهريون انڊين رکيو ويو. توهان جو، جيڪڏهن ممبئيءَ اچڻ ٿئي ته ڪجهه عمارتون، جيڪي توهان کي ضرور ڏسڻ کپن، جيئن CST ريلوي اسٽيشن ۽ ان کان اڳيان دادا ڀائي نائورو جِي روڊ تي فلورا ڦوهارو ۽ ٿورو ئي اڳيان هي ايلفنسٽن ڪاليج آهي. مٿيون داداڀائيءَ وارو روڊ ان ڦوهاري وٽ هتاتما چوڪ سان ٿو ملي، جتان ڏکڻ ڏي ويندڙ مهاتما گانڌي روڊ تي هي خوبصورت عمارت وارو ڪاليج آهي. ان ئي روڊ تي، هن ڪاليج کان اڳ، راجا بائي ڪلاڪ ٽاور، ممبئي يونيورسٽي (فورٽ وارو ڪئمپس)، ڊي. ساسون لئبريري ۽ سيشن ڪورٽون آهن. اهو علائقو “ڪالا گهوڙا” سڏجي ٿو.
    داداڀائي نائورو جِي جن ڏينهن ۾ پڙهائي رهيو هو، انهن ڏينهن ۾ (1956ع ۾) هي ڪاليج اسڪول کان الڳ ٿيو، جيڪو پهريان ويهه سال کن اسڪول جي شڪل ۾ هو. هن ڪاليج جي بلڊنگ سر ڪائوسجي جهانگير جي ڏنل چندي مان ٺاهي وئي، جنهن جي مورتي داخل ٿيڻ واري در مٿان ٺهيل آهي ۽ هيءُ ڪاليج، بمبئيءَ جي انگريز گورنر مائونٽ اسٽئارٽ ايلفنسٽن جي نالي آهي. پاڻ 1808ع ۾ افغانستان ۾ سفير ٿي رهيو، ان بعد 1819ع ۾ بمبئيءَ جو گورنر ٿيو. پاڻ تاريخ نويس به هو. سندس تاريخ جو ٻن جلدن تي مشتمل ڪتاب “دي هسٽري آف انڊيا” تمام مشهور آهي. هونئن ممبئيءَ ۾ ايلفنسٽن نالي ايلفنسٽن سرڪل ۽ ريلوي اسٽيشن به آهي، پر اهي هن ايلفنسٽن جي ڀائٽيي لارڊ جان ايلفنسٽن نالي آهن، جيڪو پڻ 1850ع ۾ بمبئيءَ جو گورنر ٿيو.
    پڙهندڙن لاءِ هتي هڪ دلچسپ ڳالهه لکندو هلان جيڪا مون کي پڻ هن ڪاليج جي پروفيسر مهتا ٻڌائي ،ته پاڪستان جو آخري گورنر جنرل ۽ پهريون صدر اسڪندر مرزا پڻ هن ڪاليج مان پڙهيو هو. ڪرڪيٽ جا رانديگر وجي مرچنٽ، دتوفدڪر، ۽ اجيت واديڪر به هن ڪاليج جا شاگرد رهيا. بالي ووڊ جو اداڪار سنجي دت، سياسي ليڊر ڊاڪٽر امبيڊڪر ۽ فيروز شاهه مهتا، انڊيا جي سابق مس انڊيا ۽ بالي ووڊ جي ائڪٽريس سواروپ سمپت، ٽاٽا گروپ جو سرپرست ۽ ڪارخانن جو مالڪ جمشيد ٽاٽا پڻ هن ڪاليج جا شاگرد هئا. بهرحال انڊيا جي مختلف ادارن جا ڪيترائي اهم ماڻهو هن ڪاليج جا شاگرد آهن. ايتري قدر جو پروفيسر مِلر هڪ دفعي هن ڪاليج جي گرئجويئٽس لاءِ چيو هو ته:
    ‘It was impossible to be great in India without being an Elphinstonian’.
    منهنجي خيال ۾ اها اڄ به حقيقت آهي. بهرحال هن اعليٰ قسم جي تعليمي اداري کي قائم رهندي، اڄ ڏيڍ سؤ سالن کان به مٿي عرصو ٿي چڪو آهي، جهن جو پهريون انڊين پروفيسر دادا ڀائي نائورو جِي هو. ڪجهه عرصي بعد هن ڪاليج ڇڏي انگلينڊ ۾ بزنيس ڪيو، پر پوءِ هُن اتي جي “يونيورسٽي ڪاليج لنڊن” ۾ پڙهائڻ شروع ڪيو. اتي هُو مئٿس ۽ فلاسافيءَ بدران گجراتي زبان جو پروفيسر ٿي رهيو. 1874ع ۾ هُو انڊيا آيو ۽ کيس بڙودا جو وزيراعظم مقرر ڪيو ويو. 1886ع ۾ هُو انڊين نيشنل ڪانگريس جو صدر مقرر ٿيو.
    داداڀائي نائورو جِي هڪ دفعو وري انگلينڊ آيو ۽ اتي جي لبرل پارٽي Join ڪري سياست ۾ حصو ورتائين. 1892ع ۾ جيڪا اليڪشن ٿي، ان ۾ هيءُ پهريون انڊين شخص هو، جيڪو برطانيا جي پارليامينٽ جو ميمبر چونڊيو ويو. دادا ڀائيءَ لاءِ مشهور آهي ته هن کان جڏهن بائيبل تي ميمبرشپ جو قسم کڻايو ويو ته هن انڪار ڪيو، ڇو جو هُو عيسائي نه هو. ان تي هن کان پارسين جي پاڪ ڪتاب “خورده اويستا” تي قسم کڻايو ويو. هن جي اليڪشن ۾ محمد علي جناح صاحب پڻ مدد ڪئي. 1906ع ۾ داداڀائي نائورو جِي هڪ دفعو وري انڊين ڪانگريس جو صدر چونڊيو ويو. کيس انڊيا ۾ “Grand Old Man of India’ سڏيو وڃي ٿو. انڊيا جا مشهور سياستدان گوپال ڪرشنا گوکلي ۽ مهاتما گانڌي به هن جي شاگرديءَ ۾ رهيا. پاڻ 92 ورهين جي ڄمار ۾ 1917ع ۾ بمبئيءَ ۾ گذاري ويو، جيڪا هاڻ ممبئي سڏجي ٿي.
    دادا ڀائي نائورو جِي بيحد وڏي ڄمار ۽ ڪيترائي عهدا ماڻيا، جن مان ڪجهه جو مون هتي ذڪر نه ڪيو آهي. پڙهيل ڳڙهيل ۽ ذهين ته تمام گهڻو هو ۽ هن ڪيترائي ڪتاب پڻ لکيا، جن مان ڪجهه مشهور هي آهن:
    • The Manners and Customs of Parsees (1864)
    • The European and Asiatic Races (1866)
    • The wants and Means of India (1870)
    • Poverty and Un British Rule in India (1901)
    مٿي بيان ڪيل ڪاليج (ايلفنسٽن ڪاليج) جي لئبريري، جيڪا مون کي ممبئي يونيورسٽيءَ جي نهرو لئبريريءَ کان به وڏي لڳي، ان ۾ دادا ڀائيءَ جي مٿين ڪتابن مان هڪ “دي وانٽس ائنڊ مينس آف انڊيا” جو 1870ع وارو ڇاپو نظر آيو، جيڪو لنڊن جو ڇپيل آهي. هن ئي لئبريريءَ ۾ ڪيترائي اهڙا ڪتاب به نظر آيا، جيڪي دادا ڀائي نائورو جِي جي زندگيءَ تي ٻين لکيا آهن، انهن مان ڪجهه ليکڪ آهن: رستم پي ماساني، مُني راول، ايس. آر. بخشي، ديبندار ڪمار داس، زربانو گفرڊ، وغيره وغيره.
    پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ اهو به لکندو هلان، ته داداڀائي نورو جِي نه فقط انڊيا جي پر اسان پاڪستانين لاءِ به هڪ اهم شخصيت آهي، جو اسان جي ليڊر محمد علي جناح نه فقط هن جي عزت ٿي ڪئي پر هن کي پنهنجو سياسي استاد (Mentor) پڻ سمجهيو ٿي، اسٽينلي والپرٽ جي چوڻ مطابق:
    ‘In politics, Jinnah’s heroes remained Dadabhai Naoroji and another brilliant leader of Bombay’s Parsi Community, Sir Pherozeshah Mehta…...’
    (آڪسفورڊ يونائيٽيڊ پريس طرفان 1984ع ۾ ڇپايل ڪتاب “جناح آف پاڪستان” تان ورتل).
    ڪراچيءَ ۾ جناح جي مزار وٽ گهيري واري روڊ جو نالو هن پارسي سياستدان ۽ تعليمدان نالي “سر دادا ڀائي نائورو جِي روڊ” آهي. هيءُ مضمون لکڻ دوران منهنجو جناح جي مزار وٽان لنگهه ٿيو. اهو ڏسي افسوس ٿيو ته داداڀائي نائورو جي روڊ وارو سيمنٽ جو بورڊ ڪنهن ڀڃي ان جي جاءِ تي ٽين جو هڪ بورڊ هڻي ڇڏيو آهي، جنهن تي ڪنهن اسپري پينٽ سان لکي ڇڏيو آهي ته، “پيشاب ڪرنا منع هَي.” بورڊ کي ڊاهڻ واري شايد اهو سوچيو هجي، ته هڪ پارسي (باهه جي پوڄاريءَ) جي نالي روڊ ڇو هجي. ڊان اخبار جي مشهور پارسي ڪالم نويس ارڌشير ڪاواسجي ٻڌايو ته ان روڊ جو نالو محمد علي جناح جي وفات کان به هڪ سال اڳ رکيو ويو هو ۽ ان روڊ جي ڀر ۾ ئي اسان جو ليڊر آرامي آهي. اهڙيءَ طرح فريئر پارڪ جو به نالو بدلايو ويو آهي. منهنجي خيال ۾ اسان کي اهو ڏسڻ نه کپي ته ڪو پارسي آهي يا عيسائي. اسان کي اهو ڏسڻ کپي ته هن ڌرتيءَ ۽ ان جي ماڻهن جي ڪنهن گهڻي خدمت ڪئي آهي.
    هتي دادا ڀائي نائورو جِي جي انگلينڊ جي پارليامينٽ جو ميمبر ٿيڻ واري چونڊ بابت به لکندو هلان. دادا ڀائي نائورو جِي انهن اڳواڻ ميمبرن مان هو، جن انڊين نيشنل ڪانگريس ٺاهي. نائورو جِي انڊيا ڇڏي، جڏهن لنڊن وڃي رهيو هو، ته هن انگلينڊ جي هائوس آف ڪامنس جي ميمبر ٿيڻ لاءِ چونڊ ۾ حصو وٺڻ جو فيصلو ڪيو. 1892ع ۾ هن کي ان جي ڪاميابي نصيب ٿي ۽ برطانيا جي پارليامينٽ جو پهريون انڊين ميمبر قرار ڏنو ويو. چون ٿا ته هن چونڊ ۾ نائورو جِي کي سوڀارو بنائڻ ۾، ان وقت جي وزيراعظم لارڊ سئلسبريءَ جو هٿ هو، جنهن دراصل نٿي چاهيو ته هي ايشيا جو ماڻهو، سندن گورن جي پارليامينٽ جو ميمبر ٿئي. وزيراعظم سئلسبريءَ پنهنجي تقرير ۾ پنهنجي ملڪ جي انگريز عوام کي، نائورو جِي کي ووٽ نه ڏيڻ جي تلقين ڪئي ۽ هن کي “ڪارو” سڏيو. نائورو جِي کي ڪارو (Black Man) سڏڻ تي ماڳهين نائورو جِي انگريزن جو هيرو ٿي پيو ۽ انگريزن پنهنجي وزيراعظم جي ان نفرت جي مزاحمت ڪئي. دادا ڀائي نائورو جِي جو نالو گهر گهر جي ڳالهه ٿي پيو ۽ جنهن تڪ مان هُو اليڪشن ۾ بيٺو هو، ان جو مخالف اميدوار، جيڪو جيتوڻيڪ مقامي گورو انگريز ۽ حڪومت جي پارٽيءَ جو ماڻهو هو، پر بُريءَ طرح هارائي ويو. بقول ارڌشير ڪاواسجي جي:
    The British, whatever else they may be, believe in fair play and supporting the under dog.
    برطانيا جي هن وزيراعظم جي، انڊين باشندي دادا ڀائي نائورو جِي جي خلاف اها تقرير، سياست جو سبجيڪٽ پڙهندڙ شاگردن ۾ تمام مشهور آهي، خاص ڪري هيءُ ٽڪرو:
    … However great the progress of mankind has been and however for we have advanced in overcoming prejudices, I doubt if we have yet got to that point of view where a British constituency would elect a balck man...


    جئه موتياڻيءَ سان ملاقات

    اسان ممبئيءَ جي سيان (Sion) ريلوي اسٽيشن وٽ ٺهيل پُل تي، ڪجهه دير انتظار ڪيو ته ايتري ۾ جئه موتياڻيءَ جي ڪار پهچي وئي. هُن سان گڏ مون کي پوني وڃڻو هو. پوني ۾ دادا جشن واسواڻيءَ جي 90هين جنم ڏينهن تي جشن ملهائي رهيا هئا. ان جشن ۾ راڳ روپ جي محفلن کان علاوه هڪ “صوفيزم” تي سيمينار به ڪري رهيا هئا. هن جشن ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ساڌو واسواڻي مشن وارن دنيا ۾ رهندڙ ڪيترن ئي اديبن، شاعرن، آرٽسٽن ۽ ساڌو واسواڻيءَ جي مشن کي چاهڻ وارن کي دعوت ڏني هئي. مون کي ممبئي يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ ۽ ممبئيءَ جي مئرين اڪيڊميءَ جي انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ طرفان وزيٽنگ پروفيسر جي حيثيت ۾ اڳهين دعوت پهتل هئي. هاڻ جو پوني اچڻ لاءِ جڏهن چيو ويو ته مون کي ممبئيءَ کان وڌيڪ پوني وڃڻ جو شوق ٿيو. مون جيئن ئي هوش سنڀاليو ته پنهنجي ڏاڏيءَ ۽ پڦين کان پوني جون ڳالهيون ٻڌيون ته ڪيئن منهنجو والد ننڍو هو ته اسان جو ڏاڏو گذاري ويو. زمين سرڪار حوالي ٿي وئي، جيسين هُو وڏو ٿئي ۽ جيڪي ٿورو ڪجهه زمينن مان ملندو هو، ان مان ايتري پورت نه ٿيندي هئي، پر پوءِ هُنن ڀرت جو ڪم ڪري والد کي پوني جي ائگريڪلچر ڪاليج مان پڙهائڻ لاءِ فِيُن جو بندوبست ڪيو. پوني جي موسم، ماڻهو ۽ ماحول، پنهنجي حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ کان مختلف هو، سو اتي جون ڳالهيون منهنجو والد موڪلن ۾ اچي وڏي دلچسپيءَ سان پنهنجين ڀيڻن ۽ ماءُ سان ڪندو هوندو، جيڪي ساڳيءَ دلچسپيءَ سان ٻڌنديون هونديون، تڏهن ئي ته هنن کي چِٽيءَ طرح ياد ٿي ويون هيون.
    - ۽ هاڻ مون کان جڏهن ساڌو واسواڻي مشن جي ائڊمن آفيسر رجني آهوجا پوني مان فون ڪري پڇيو ته آيا منهنجي پوني اچڻ جي پڪ آهي يا نه، ته مون يڪدم وڏي خاطريءَ سان هائوڪار ڪئي.
    “پڪ؟” هن هڪ دفعو وري ڪنفرم ڪرڻ ٿي چاهيو، “مئڊم رجني پڪ سمجهه. بلڪ آءٌ ٻه ٽي ڏينهن پوني ۾ وڌيڪ رهي ان شهر جي گهٽي گهٽي گهمڻ ٿو چاهيان.” ۽ پوءِ يڪدم منهنجي وات مان اهو به نڪري ويو ته، “خبر اٿانوَ منهنجو پيءُ پوني جي ائگريڪلچر ڪاليج (هاڻ يونيورسٽيءَ) مان پڙهيو آهي. مون کي ان ڪاليج ۽ شهر ڏسڻ جو ڏاڍو شوق آهي.” اهو چوڻ بعد مون کي پاڻ ئي سٺو نه لڳو ته مون کي اهو چوڻ نٿي جُڳايو. مون کي جنهن سيمينار ۽ فنڪشن لاءِ گهرايو پيو وڃي، فقط ان ۾ دلچسپي وٺڻ ۽ واکاڻ ڪرڻ کَتِي ٿي، پر اها به حقيقت آهي ته پوني جو هيءُ ڪاليج منهنجي ڌيان ۾ نه هجي ها ته ممبئيءَ ۾ ليڪچر ڏيڻ وارو پروگرام به ڪئنسل ڪريان ها، ڇو جو پوني وڃڻ جي پڪ بعد ئي ممبئي يونيورسٽيءَ جي هيڊ آف ڊپارٽمينٽ ڊاڪٽر پروفيسر ٻلديو مٽلاڻي ۽ مئرين اڪيڊمي ممبئيءَ جي هيڊ ۽ مون سان گڏ سُئيڊن جي يونيورسٽيءَ مان پوسٽ گريجوئيشن ڪرڻ واري ڪئپٽن برجيندرا ڪمار سئڪسنا کي مون ممبئيءَ اچڻ لاءِ هائوڪار جو خط لکيو هو.
    ممبئيءَ کان پوني پهچڻ جي رهنمائيءَ لاءِ ساڌو واسواڻي مشن جي ڪو چيئرپرسن مئڊم ڪرشنا ڪماريءَ، مون کي ممبئيءَ ۾ رهندڙ بزنيس مئن جئه موتياڻيءَ سان لهه وچڙ ۾ اچڻ لاءِ چيو ۽ جئه کي فون تي ڳالهائڻ مان ئي محسوس ڪري ورتم ته، هُو تمام سٺي طبيعت جو آهي. هن مون کي پوني وڃڻ جو ڪو رستو ٻڌائڻ بدران يڪدم چيو: “سائين توهان فڪر ئي نه ڪريو. بس رڳو ممبئي ايئرپورٽ تي لهجو. منهنجو ڊرائيور توهان کي رپورٽنگ ۽ رجسٽريشن لاءِ پوليس اسٽيشن به وٺي هلندو ۽ ان بعد آءٌ پاڻ توهان کي پوني وٺي هلندس ۽ پوءِ واپسيءَ تي توهان جي دل چيو ته ڀلي اڪيلو باءِ ٽرين يا باءِ بس موٽجو.”
    اهو ٻڌي مون کي خوشي ٿي ۽ آءٌ سفر جو سوچڻ بدران سڪون سان پنهنجن ليڪچر ٺاهڻ ۽ صوفيزم تي سيمينار ۾ پيپر پڙهڻ ڏي ڌيان ڌرڻ لڳس. ممبئيءَ جي سيان پل وٽ جڏهن جئه موتياڻيءَ سان ملاقات ٿي ته ڏٺم ته هو خوب سيرت سان گڏ خوبصورت ۽ خوش مزاج ماڻهو پڻ لڳم. سچ ته اهو آهي ته پوني بعد ممبئيءَ آيس ته به آخري ڏينهن تائين هن سان ملندو رهيس ۽ سندس دلچسپ ڳالهيون ٻڌندو رهيس. هن شخص ۾ صبر ۽ شڪر جو جذبو ۽ سخاوت جو درجو ڏسي، مون کي حيرت ٿي ٿِي. سڄو ڏينهن غريب غربي جي ڪمن پٺيان لڳو رهيو ٿي. هن کي پنهنجي بزنيس جو به فڪر نٿي ٿيو.
    “دادا جو چوڻ آهي ته،” هُو چوندو هو، “جيترو ٿي سگهي ڏيو، ڏيو، ڏيو... ضرورتمندن جي مدد ڪريو. غريب کي پئسو ڏوڪڙ ڏيو، بيمار جي خدمت ڪريو.” ساڌو واسواڻي ۽ دادا جشن جي سچن پوئلڳن مان جئه موتياڻي به هڪ آهي.
    ساڌو واسواڻي مشن، جنهن جو ڪم خير خيرات ڪرڻ، هر غريب غربي لاءِ تعليم عام ڪرڻ ۽ مريضن ۽ ضرورتمندن جو علاج ڪرائڻ جهڙا ڪم آهن، ان مِشن جو جئه موتياڻي ممبئي برانچ جو جنرل سيڪريٽري آهي. سندس اسپتالن ۽ ڊاڪٽرن سان گهڻي ڄاڻ سُڃاڻ هجڻ ڪري، هُو هر وقت غريبن جي دوا درمل جي بندوبست ڪرڻ لاءِ پريشان رهيو ٿي. کيس ان ڪم ۾ سڀ کان گهڻي مدد “اوم پروڊڪشن” جي مالڪ مهيش منيال ڪئي ٿي. مهيش جي ڏاڏي ڪشن داس جو شڪارپور ۾ سيڌي جي سامان جو دڪان هو. سندس پيءُ لکميچند منيال سنڌ مان لڏي اچڻ وقت پهرين ممبئيءَ جي علائقي پاريل ۾ اچي رهيو ۽ پوءِ سيان (SION) ۾ Settle ٿيو. پاڻ پهريائين ڪپڙي مارڪيٽ ۾ ڪم ڪيائين، ان بعد پيپر مرچنٽ ٿيو ۽ ممبئيءَ جي فورٽ واري علائقي ۾ آفيس ۽ ڪاغذ جو گُدام کوليائين، جتي هاڻ سندس ٻه پٽ مهيش ۽ منوج ساڳيو ڪاغذ جو ڪاروبار هلائين ٿا. هتي اهو به لکندو هلان ته هتي ئي ڏوڏيجا پيپر مارٽ جي آفيس پڻ هئي، جنهن جو مالڪ لوڪرام ڏوڏيجا، سنڌيءَ جو ناميارو اديب ٿي گذريو آهي. سندس هڪ ڪتاب، “وساريو نه وسرن- منهنجو وطن منهنجا ماڻهو” بيحد مشهور ٿيو، جنهن ۾ هن 1912ع کان 1947ع تائين جو دلچسپ احوال لکيو آهي. حيدرآباد جي انڊس گلاس فئڪٽريءَ جي مالڪ لوڪرام، ممبئيءَ اچي ڪاغذ جو ڪاروبار ڪيو، جيڪو سندس وفات بعد پٽ گرڌاري هلائيندو رهيو. مهيش منيال کان خبر پيئي ته اڄ ڪلهه لوڪرام جا پوٽا پنهنجن وڏن جو ڪاروبار هلائين ٿا ۽ ڪجهه سال ٿيا ته هُو هتان پنهنجي آفيس شفٽ ڪري پوني وڃي رهيا آهن.
    بي پهچ ۽ بي سهارا مريضن جي مدد ڪرڻ اسان واري ميزبان جئه موتياڻيءَ جي اولين ترجيح رهي ٿي. اهي چاهي سنڌي هجن يا مقامي مرهٺا، هندو هجن يا مسلمان عيسائي... هُن، ضرورتمند انسانن جي مدد ڪرڻ پنهنجي ڊيوٽي سمجهي ٿي. جئه موتياڻيءَ ٻڌايو ته، “ٻن سالن کان اسان سنڌ جي ٻارن جي دل جون اهي آپريشنون ڪرائي رهيا آهيون، جيڪي پاڪستان ۾ نٿيون ٿين. ان ڪم لاءِ سنڌ گريجوئيٽ ائسوسيئيشن وارا اسان سان سهڪار ڪري رهيا آهن ۽ هيستائين اٺ کن ٻارن جون ڪاميابيءَ سان آپريشنون ٿي چڪيون آهن.”
    جئه موتياڻيءَ، جيتوڻيڪ مون کي سختيءَ سان منع ڪئي ته آءٌ دادا جشن واسواڻيءَ جي مشن مطابق جئه (۽ ٻيا ڪارڪن جيڪا خدمت ڪن ٿا) انهن جي تعريف ۾ ڪجهه نه لکان، جو هُو ان کي پنهنجو فرض ٿا سمجهن، پر ساڳئي وقت انڊيا کان موٽڻ بعد ڪجهه ٻارن ۽ انهن جي والدين سان ملاقات ٿي ته ڏٺم ته اُهي ساڌو واسواڻي مشن لاءِ دعائون ٿا ڪن ۽ سندن تعريف به ٿا ڪن ته هنن کي شاباس هجي، جو هنن نه فقط پئسو خرچ ڪيو، پر پنهنجو وقت به ڏنو. انهن ئي مرِيضن مان نئون جتوئي ڳوٺ جي ستين ڪلاس جي نياڻي اقصيٰ ارم آهي، جنهن کي گهر ۾ سونهن سڏين ٿا. هن جي والد وزير حسين سومري ٻڌايو ته هونئن ٻين ٻارن جي آپريشن تي ڏيڍ ٻه لک خرچ ٿو ٿئي، پر سندن ڌيءَ سونهن تي واسواڻيءَ وارن جو ٻيڻو ٽيڻو خرچ اچي ويو، جو پهرئين دفعي وڃڻ تي آپريشن ٿي نه سگهي، جو سونهن کي سائي (Jaundice) هئي. سو پهرين ان جو علاج هلندو رهيو ۽ اسان وطن موٽي آياسين ۽ پوءِ وري ٻيو دفعو اسان کي گهرايو ويو ۽ آپريشن ٿي. ٻئي دفعا سونهن جا ماءُ پيءُ به ويا، پهرئين دفعي مهينو ۽ ٻئي دفعي کين ٻه مهينا رهڻو پيو. هنن سڀني جي هوائي جهاز جي ٽڪيٽن، ممبئيءَ ۾ رهائش، کاڌي پيتي ۽ نانا واتي هاسپيٽل ۾ آپريشن وغيره جو سڀ خرچو واسواڻي مشن وارن ڏنو. سونهن جي والده ٻڌايو ته پئسو خرچ ڪرڻ کان علاوه جئه موتياڻي، سندس زال نيلو ۽ ڌيءَ خوشبوءِ اسان جي هر وقت سارَ سنڀال لهنديون رهيون ۽ اسان جو وڏو خيال رکيائون.
    آءٌ جنهن ڏينهن ممبئيءَ کان ڪراچيءَ موٽي رهيو هئس، ان کان هڪ ڏينهن اڳ به لاڙڪاڻي کان ماهنور نالي هڪ ڇهه ست سالن جي نياڻي پنهنجي پيءُ عبدالقيوم انصاريءَ ۽ ماءُ سان گڏ ممبئيءَ پهتي هئي، جنهن جي پڻ ناناوتي اسپتال ۾ دل جي آپريشن ٿيڻي هئي. مون ڏٺو ته هنن جي آڌرڀاءُ ۽ رهائش جي بندوبست ۽ ڊاڪٽرن سان صلاح مشورو ڪرڻ لاءِ سڄو ڏينهن جئه موتياڻي ۽ سندس دوست مهيش منيال ڊوڙندا رهيا. جئه موتياڻيءَ جي ممبئيءَ جي کار واري علائقي ۾ The Enterprise نالي پنهنجي ڪمپني آهي، جنهن کي هُو ۽ سندس وڏو ڀاءُ موهن موتياڻي هلائين ٿا. سندس باقي ٻه ڀائر سريندر ۽ سُنيل موتياڻي دبئيءَ ۾ بزنيس هلائين ٿا.
    جئه جي ڏاڏي رامچند موتياڻيءَ جو ميرپورخاص ۾ ڪاروبار هو. ورهاڱي بعد جئه جا والدين وشنداس موتياڻي ۽ پدما آئيداساني پهرين جوڌپور ۾ آيا، جتان پوءِ ممبئيءَ ۾ اچي Settle ٿيا. جئه جو والد 1979ع ۾ گذاري ويو، ان کان پوءِ جئه ۽ سندس ڀاءُ فئمليءَ جي بزنيس کي هلائين ٿا. جئه جي زال نيلو، هري رام مانجهاڻيءَ جي ڀيڻ ٿئي. هُو صاحب ميرپورخاص جو MPA آهي ۽ اڄڪلهه ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو. جئه جي وڏي ڀاءُ موهن (من) جي زال لليتا نيلو جي ڀيڻ ٿئي. جئه جي ننڍي ڀاءَ سُنيل (دبئي واري) جي زال ڀارتي ٽنڊي محمد خان جي ڪشن ڀوڄواڻيءَ جي ڌيءَ آهي.


    ممبئيءَ ۾ حيدرآباد سنڌ ڪاليج بورڊ

    ممبئيءَ کان پوني هلڻ لاءِ مون پنهنجي بئگ جئه موتياڻيءَ جي ڪار ۾ رکي، ساڌو واسواڻي مشن طرفان، پوني ۾ بندوبست ڪيل ٽن ڏينهن جي فنڪشن ۾ حصو وٺڻ لاءِ، ممبئيءَ جون سنڌي فئمليون هڪ ڏينهن پوءِ نڪرڻ واريون هيون، پر جئه موتياڻي منهنجي ڪري اڄ ئي پوني هلي رهيو هو. ساڻس گڏ سندس ڌيءَ، اي ليول جي شاگردياڻي “خوشبو” پڻ هلي رهي هئي ۽ هن سان گڏ پٺينءَ سيٽ تي ويٺل، مونا نالي وڏي ڄمار جي ليڊي ڊاڪٽر پڻ هئي، جنهن ٻڌايو ته هن کي اڄ به ياد آهي ته، “هُوءَ جڏهن 1938ع ۾ حيدرآباد جي ميران ٻائي اسڪول ۾ پرائمري ڪلاسن ۾ هئي ته ساڌو واسواڻيءَ پاڻ اچي ڪلاس ۾ هلندڙ پڙهائي چيڪ ڪندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن پاڻ اسان کي نصيحت ڀريون ڳالهيون ٻڌائيندو هو.” جئه ٻڌايو ته سندس زال جي طبيعت ٺيڪ نه هجڻ ڪري، هن ڀيري هُوءَ دادا جشن جو هي فنڪشن اٽينڊ نه پئي ڪري، نه ته هن قسم جا فنڪشن جتي ڪُنڊ ڪڙڇ کان آيل سنڌي فئمليون اچيو ٿيون گڏ ٿين، هوءَ هرگز مِس نه ڪندي آهي.
    جئه گاڏي اسٽارٽ ڪري اڳتي وڌائي ڇڏي. گاڏي ڪجهه دير سيان واري علائقي جي روڊن تي ئي هلندي رهي، جنهن سان گڏ جيڪو علائقو مليل آهي، اهو چيمبور سڏجي ٿو. آءٌ دريءَ مان SION ۽ چيمبور علائقي جون عمارتون، پارڪ، روڊ ۽ انهن جي سڃاڻپ لاءِ لڳل سائن بورڊ پڙهندو هلان ٿو.
    سيان ٽرومبي روڊ
    آيورويديڪ هاسپيٽل
    اشوڪ نگر،
    حاجي ملنگ نگر،
    راهل نگر،
    وشواگوتم نگر،
    شانتي نگر.... وغيره وغيره
    جيئن اسان وٽ پنجاب ڪالوني، دهلي ڪالوني، نيلم ڪالوني، شيرين جناح ڪالوني ۽ ٻيون ڪيتريون ڪالونيون آهن، جيڪي فقط ڪلفٽن جي علائقي ۾ اچن ٿيون.
    هڪ چؤنڪ جو نالو ’آڏواڻي چؤنڪ‘ لکيل هو، جيڪو پڪ ڪنهن سنڌي هندوءَ جي نالي هوندو. آڏواڻي فئمليءَ جا ڪيترائي ميمبر ممبئيءَ، بلڪ انڊيا ۾ مشهور آهن، جن جون ڪيترن ئي ڪمن ۾ پنهنجي ملڪ ۽ قوم لاءِ خدمتون ڪيل آهن. سڀ کان وڏي اهم شخصيت لال ڪرشنا آڏواڻي آهي، جيڪو 2002ع کان 2004ع تائين انڊيا جو ڊپٽي پرائيم منسٽر به ٿي رهيو ۽ اڄڪلهه لوڪ سڀا جي مخالف ڌر جو ليڊر آهي. پاڻ انڊيا جي BJP (ڀارتيا جنتا پارٽي) جو سينئر ليڊر آهي، بلڪ سندس پارٽي، ايندڙ چونڊن لاءِ هن جو نالو وزيراعظم لاءِ ڏيڻ جي سوچ رکي ٿي. هتي هڪ همراهه کي چيم ته، “آڏواڻي هيڏي وڏي عمر جو آهي، حڪومت جو ڪاروبار ڪئين هلائي سگهندو؟”
    ٺهه پهه وراڻيائين، “ايڏو ته پوڙهو ڪونهي. قائم علي شاهه جيڏو ٿيندو، اهو به ته سنڌ جي وزارتِ اعليٰ هلائي رهيو آهي.” مون ان ڏينهن محسوس ڪيو ته سياستدانن لاءِ شايد ڪا رٽائرمينٽ جي عمر جي حد مقرر ناهي. بهرحال مون کي قائم علي شاهه جي صحيح عمر جي خبر ناهي، پر لال ڪرشنا آڏواڻي 1927ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ڪشنچند آڏواڻيءَ جي گهر ۾ ڄائو. هن نيشنل ڪاليج حيدرآباد مان پڙهڻ بعد ايل ايل بي (وڪالت) جي ڊگري بمبئي يونيورسٽيءَ مان ڪئي.
    جئه موتياڻيءَ ٻڌايو ته اهو ننڍڙو چوراهو (چؤنڪ) لال ڪرشنا آڏواڻيءَ نالي نه ٿي سگهندو، بلڪل صحيح هوندو. هن جي نالي ڪو روڊ يا چؤنڪ ممبئيءَ جي ڪٿي وچ شهر ۾ هجڻ گهرجي. هي اسان ممبئيءَ جي پوڇڙ وٽ هئاسين، سمجهو ته ڪراچيءَ وارو ملير يا لانڍي هجي يا ماڙيپور يا ماچ ڳوٺ هجي. منهنجي ڌيان ۾ هڪ ٻه ٻيون آڏواڻي شخصيتون به هيون، جيئن ته ڊاڪٽر پورنيما آڏواڻي، جيڪا فزيوٿيراپسٽ به آهي ته قانون جي مضمون ۾ ڊاڪٽوريٽ به آهي. هُوءَ انڊيا جي نيشنل ڪميشن جي چيئرپرسن به رهي چڪي آهي ۽ ڪيترن ڪتابن جي ليکڪا پڻ آهي.
    خود لال ڪرشنا آڏواڻيءَ جي ڌيءَ پراتيڀا آڏواڻي به اهم شخصيت آهي. هوءَ يونين هوم منسٽر به رهي چڪي آهي. پاڻ ٽي وي جرنلزم کان به مشهور آهي. پاڻ جين چئنل تي کوج پروگرام جي ائنڪر ٿي ڪم به ڪيو اٿس ۽ شتروگن سنها سان ڪنهن سيريل ۾ 22 اپيسوڊ ڪيائين.
    ائين هتي جو هڪ رهاڪو پنکج آڏواڻي به آهي، جيڪو سنوڪر راند جو ورلڊ چئمپين آهي، پر اسان واري ميزبان چيو ته انهن مان ڪوبه ٿي نٿو سگهي. ٿي سگهي ٿو ته اهو چوراهو اشوڪ ۽ هيرو جي پيءُ مشهور بئريسٽر هوتچند آڏواڻيءَ نالي هجي، جو ان چؤنڪ جو سڄو نالو “ايڇ آڏواڻي چؤنڪ” آهي.
    اشوڪ ۽ هيرو ٻه ڀائر ممبئيءَ ۾ رهن ٿا. اشوڪ بزنيس مئن آهي ۽ هيرو پنهنجي پيءُ وانگر ممبئيءَ جو مشهور بئريسٽر آهي. سندن پيءُ هوتچند آڏواڻي ڏهاڪو کن سال اڳ گذاري ويو. منهنجي سندس زال (هيرو ۽ اشوڪ جي ماءُ) دادي ساوتريءَ سان ملاقات، پوني ۾ دادا جشن جي فنڪشن تي اوچتي ٿي. هوءَ انهيءَ گيسٽ هائوس جي بلڊنگ ۾ ٻئي فلور تي ٽِڪيَل هئي، جنهن جي چوٿين تي آءٌ رهيل هئس. نيرن تي وڃڻ لاءِ هُوءَ پنهنجين ٻن مرهٺي خدمتگار ڇوڪرين سان گڏ آهستي آهستي ٿي لفٽ اندر گهڙي ته مون کي سندس وڏي عمر ڏسي، سندس همت ۽ جذبي کي داد ڏيڻو پيو. جنهن ٽيبل تي هن کي سندس خدمت چاڪري ڪرڻ وارين ڇوڪرين ويهاريو، آءٌ به نيرن کڻي اتي اچي ويٺس ۽ کانئس اهو ٻڌي خوشي ٿي ته هُوءَ مشهور بئريسٽر هوتچند آڏواڻيءَ جي پتني آهي. مون سمجهيو ته هن نوي ورهين جي ڄمار واري عورت سان سوال جواب ڪندي مون کي ڪافي دِقت محسوس ٿيندي. هُوءَ ضرور آهستي ڳالهائيندي ۽ ٽيبل جي ٻئي پاسي ويٺل آءٌ، چڱيءَ طرح ٻڌي نه سگهندس يا وڏي عمر جي ڪري شايد هُوءَ ڪَنَن کان ڳري هجي ۽ منهنجي ڳالهه ٻُڌي يا سمجهي نه سگهي، پر جسماني طرح ڪمزور نظر اچڻ جي باوجود هُوءَ ڳالهائڻ ٻولهائڻ چُست ۽ ٻُڌڻ ۾ بلڪل سرل هئي. پاڻ ٻڌايائين ته هوءَ 1914ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ڄائي (يعني جيڪو مون سندس عمر جو نوي سال اندازو لڳايو ان کان به پنج سال وڏي نڪتي ۽ لال ڪرشن آڏواڻيءَ کان به تيرهن سال وڏي ٿي.) پاڻ 19 سالن جي هئي ته سندس شادي حيدرآباد جي مشهور وڪيل گوپالداس آڏواڻيءَ جي پٽ هوتچند سان ٿي. پاڻ ٻڌايائين ته هن مئٽرڪ ڪراچي جي هرديوي ٻائي ۽ وشن ديوي اسڪول مان ڪئي ۽ گريجوئيشن هندستان لڏي اچڻ کان اڳ بمبئيءَ مان ڪئي. کين ٽي پٽ ٿيا پر راجڪمار ننڍيءَ عمر ۾ گذاري ويو. باقي ٻه پٽ اشوڪ ۽ هيرو ممبئيءَ جا مشهور وڪيل ۽ بزنيس مين آهن. ساوتري جنهن کي سڀ عزت مان دادي سڏي رهيا هئا، جو مڙس بئريسٽر هوتچند آڏواڻي (جنهن جي نالي شايد هي چيمبور علائقي وارو چوراهو “ايڇ آڏواڻي چوڪ” سڏجي ٿو)، هڪ وڏو مُخيَر (Philanthropist) ٿي گذريو آهي، جنهن نه فقط حيدرآباد سنڌ ۾ تعليمي ادارا قائم ڪرڻ ۾ مدد ڪئي، پر هندستان جي ورهاڱي بعد ممبئيءَ اچي، اُتي به HSNCB (حيدرآباد سنڌ نيشنل ڪاليجيٽ بورڊ) قائم ڪيو، جنهن اداري هيٺ هڪ هڪ ڪري ڪيترائي ڪاليج ممبئي ۽ ان جي اوسي پاسي ۾ کوليا ويا. اڄ انهن ڪاليجن جو تعداد ٽيهن کان به مٿي آهي. پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪولن جو انگ ته ان کان به وڌيڪ آهي. سنڌين جا هي تعليمي درسگاهه نه فقط مختلف مضمون پڙهائڻ کان، پر سندن بلند معيار سببان سڄي هندستان ۾ مشهور آهن ۽ سڀ ممبئي يونيورسٽيءَ سان Affiliated آهن.
    هي بورڊ HSNCB (حيدرآباد سنڌ نيشنل ڪاليجيئيٽ بورڊ) پهرين 1921ع ۾ حيدرآباد ۾ جوڙيو ويو. انهن ڏينهن ۾ سنڌ “بمبئي پريزيڊنسيءَ” جي سنڌ ڊويزن سڏي وئي ٿي. ان وقت حيدرآباد ۾ هن بورڊ طرفان “رشي ڏيانند گدومل ڪاليج” کوليو ويو ۽ پوءِ ويهن سالن بعد هن بورڊ طرفان ڪامرس ڪاليج لاءِ سيڪشن ٺاهي وئي. ورهاڱي وقت “ڪي ايم ڪند ناني” ڪاليج جو پرنسپال هو. ممبئيءَ اچي هن پرنسپال ۽ دادي ساوتريءَ جي مڙس هوتچند آڏواڻيءَ HSNCB بورڊ کي قائم رکڻ ۽ ڪاليج ٺاهڻ لاءِ وڏي محنت ڪئي. هوتچند چندا گڏ ڪيا، Sponsors ڳوليا ۽ 1948ع ۾ باندرا جي علائقي ۾ ساڳئي نالي “رشي ڏيانند نيشنل ڪاليج” کوليو ويو. هن بورڊ (حيدرآباد سنڌ نيشنل ڪاليجيئيٽ بورڊ) جو ڪيتريون ئي ڏهايون هوتچند آڏواڻي صدر ۽ پرنسپال ڪندناني سيڪريٽري ٿي رهيو. هنن ڪاليجن ۽ بورڊ جا اهي ٻئي ڄڻا ٿنڀا ۽ سرواڻ سڏيا وڃن ٿا. اڄڪلهه هن بورڊ جي صدارت شري نرنجن هيراننداڻيءَ حوالي آهي، جيڪو بلڊنگ ڪنسٽرڪشن جي حوالي کان دنيا ۾ مشهور آهي ۽ ممبئيءَ ۾ سندس اڏايل هيراننداڻي باغ، اسپتال ۽ فلئٽن جا انبار آهن.
    باندرا ۾ بورڊ طرفان پهريون ڪاليج کُلڻ بعد 1954ع ۾ ممبئيءَ جي هڪ ٻئي خوبصورت علائقي ۾ ڪشنچند چيلارام ڪاليج کوليو ويو ۽ پوءِ ته نه فقط آرٽس جا ڪاليج، پر قانون، ميڊيڪل، انجنيئرنگ ۽ سائنس جا پڻ، آهستي آهستي پنهنجي مدد پاڻ ڪريو جي حساب سان، کُلندا ويا. جن لاءِ چندا توڙي خدمتون سنڌي هندن مهيا ٿي ڪيون، پر داخلا نه فقط سنڌي شاگردن کي پر هر زبان ۽ هر مذهب جي ٻارن کي ڏني وئي ٿي. ان ڪري هندستان ۾، خاص ڪري مهاراشترا صوبي ۾، عوام توڙي حڪومت، سنڌي ڪميونٽيءَ کي پسند ڪرڻ لڳي ۽ کين عزت جي نگاهه سان ڏٺو ٿي. هُو جتي به رهيا ٿي ته حڪومت تي بار هجڻ بدران هنن حڪومت جي مدد ڪئي ٿي ۽ خير خيرات ڪيا ٿي، خاص ڪري تعليمي ۽ صحت جي ڪمن ۾ هُو اڄ تائين دل کولي مدد ڪندا اچن.
    ممبئيءَ جي مٿين سنڌي بورڊ جي ڪاليجن مان ڪجهه ٻيا هن ريت آهن:
    • هاسارام ريجهومل (H.R) ڪامرس ڪاليج، چرچ گيٽ، ممبئي.
    • شريمتي مٺي ٻائي موتيرام ڪندناني (Smt. M.M.K) ڪامرس ڪاليج باندره، ممبئي.
    • شريمتي چاندي ٻائي همٿ مل منسخاني (Smt. C.H.M) آرٽس ۽ سائنس ڪاليج، الهاس نگر.
    • ڪندناني ڪاليج آف فارميسي، ورلي، ممبئي.
    • گوپالداس جهمٽ مل (G.J) آڏواڻي لا ڪاليج، باندره.
    • واٽومل انسٽيٽوٽ آف اليڪٽرانڪ انجنيئرنگ ۽ ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي، ورلي، ممبئي.
    • ٿڌومل شاهاڻي انجنيئرنگ ڪاليج، باندره ويسٽ، ممبئي.
    • L.H. هيراننداڻي ڪاليج آف فارميسي، الهاس نگر.
    • ناري گرشاهاڻي لا ڪاليج، الهاس نگر وغيره وغيره
    منهنجي ميزبان جئه موتياڻيءَ ڪجهه مشهور ماڻهن جا نالا به ٻڌايا، جيڪي هنن جي حيدرآباد سنڌ ڪاليجيئٽ بورڊ جي باندره چرچ گيٽ ۽ ورلي وارن ڪاليجن مان پڙهيا. ٻه چار نالا جيڪي هن وقت ياد اٿم هن ريت آهن.
    • مرحوم امجد خان، اسٽيج ۽ فلم ائڪٽر، جيڪو پنهنجي مزاحيه ۽ وِلين واري اداڪاريءَ کان مشهور هو. خاص ڪري هندي فلم ’شعلي‘ ۾ گبر سنگهه جي ڪردار ڪري نه فقط ننڍي کنڊ ۾ پر ملائيشيا، ٿائلينڊ ۽ سنگاپور پاسي به کيس سڀ سڃاڻن ٿا، جو اها فلم انهن ملڪن ۾ به ڏاڍي هلي. مون به بئنڪاڪ ۽ سنگاپور جي سئنيمائن ۾ ڏٺي.
    • ڊاڪٽر مسز اندرا هندوجا، مشهور سنڌي گائناڪالاجسٽ ۽ سڄي ڏکڻ ايشيا جي شروع جي ڊاڪٽرن مان هڪ آهي، جنهن In-Vitro Fertilisation ۾ ڪامياب تجربا ڪيا.
    • ڪرمنل لا جو ماهر، بمبئي هاءِ ڪورٽ جو وڪيل، مسٽر عبدالمجيد ميمڻ.
    • بمبئي جو مشهور دل جو سرجن، پهلاجاني.
    • مشهور ائڪٽر ۽ پارليامينٽ جو ميمبر، راجيش کنا.
    • دنيا جو پندرهون نمبر ۽ انڊيا جو ٽيون نمبر امير ترين ماڻهو، انيل امباني.
    • مشهور فلم ائڪٽر ۽ ڪاميڊين جاويد جعفري، جنهن جو اڄڪلهه SONY چئنل تي گانن ۽ ڊانس جو پروگرام “بوگي ووگي” ايندو آهي. پاڻ سيد جواهر علي جعفري (هن کي فلمي دنيا ۾ جگديپ سڏيو وڃي ٿو) جي گهر 4 ڊسمبر 1963ع ۾ ڄائو.
    • انڊين فلمن جو مشهور ڳائڻو سريش وادڪر، جيڪو انڊين ٽي ويءَ جي راڳ جي پروگرام “ساري گاماپا” جي مقابلي جو جج ٿيو. سندس پهريون گانو شايد لتا سان گڏ فلم “ڪروڌ” جو duet آهي: چل چميلي باغ ۾...
    سريش وادڪر جا ڪجهه ٻيا مشهور گانا:
    - اي زندگي گلي لگالي... فلم صدمه
    - رام تيري گنگا ميلي هوگئي... فلم رام تيري گنگا
    - سانجهه ڍلي گگن تلي... فلم اتساهه
    - گورون ڪي نا ڪالون ڪي... فلم ڊسڪو ڊانسر


    نَوي (نئين) ممبئيءَ جون خوبيون

    ممبئيءَ جي بزنيس مئن جئه موتياڻيءَ سان گڏ سندس ڪار ۾ آءٌ پوني وڃي رهيو هئس. اسان کان سواءِ پوئينءَ سيٽ تي جئه جي ڌيءَ خوشبوءِ ۽ ممبئي جي گرانٽ اسپتال جي گائناڪالاجسٽ ڊاڪٽر مونا (صحيح نالو موهنا) جوتواڻي به هئي. اسان اڃان ممبئيءَ جي چيمبور واري علائقي ۾ هئاسين، جتان پوءِ واشي پُل ٽپي نئين ممبئيءَ مان لنگهي ايڪسپريس هاءِ وي ذريعي پوني وڃڻو هو.
    “الطاف، دل ۾ نه ڪرين ته 15 منٽ کن رستي تي نئين ممبئي ساڌو واسواڻي اسڪول مان ٿيندا هلون؟” جئه موتياڻيءَ پڇيو.
    “سائين منهنجا ڀلي... مون کي ڪهڙو پوني پهچي جهاز هلائڻو آهي. آءٌ ته اهو ئي چاهيندس ته اهڙيون شيون ڏسي سگهان، جيئن انهن تي لکي سگهان.” مون جئه کي چيو.
    “توهان جو دهليءَ جي ساڌو واسواڻي گرلس اسڪول بابت لکيل احوال به مون توهان جي ڪتاب “دهليءَ جو درشن” ۾ پڙهيو هو”، جئه چيو، “هيءُ هڪ نئون اسڪول نيو ممبئيءَ جي هڪ غريب بستيءَ سانپاڙا (SANPADA) ۾ اسان سنڌين چندا جمع ڪرائي ٺهرايو آهي، جنهن ۾ ايندڙ سال کان پڙهائي شروع ڪرڻ جو پروگرام آهي.”
    ممبئيءَ جي آدمشماري وڌڻ ۽ وڌيڪ زمين نه هجڻ ڪري ٿاني ڪريڪ جي ٻئي پاسي مين لينڊ تي ممبئي نالي نئون شهر اڏايو ويو، جيڪو “نوي ممبئي” (NAVI Mumbai) سڏجي ٿو. ٿاني ڪريڪ (Thane Creek) سمنڊ جو حصو آهي، جنهن ۾ الهاس ندي اچي ٿي ڇوڙ ڪري ۽ ٿاني ڪريڪ بائڪلا، فورٽ ۽ ڪولابا وٽ وڃيو عربي سمنڊ سان ملي، جنهن جون ڇوليون ڪراچيءَ جي ڪنارن کي به ڇُهن ٿيون.
    ممبئيءَ واري پاسي بسنت پارڪ، ڪرشنا ريسٽورنٽ، نيپچون هوٽل، سينٽ ائنٿوني چرچ جهڙيون عمارتون لتاڙي ديونار بس اسٽاپ کان پوءِ V.N پورن روڊ ۽ سيان پان ويل هاءِ وي وٽان ٿيندا ٿاني ڪريڪ ٽپڻ لاءِ واسي پُل تي چڙهياسين. انهن شين کان علاوه SION يعني ممبئيءَ واري پاسي لوڪمانيا تلڪ اسپتال نالي عمارت وٽان پڻ لنگهياسين، جنهن جي مٿان L.T.M.G. Hospital به لکيل نظر آيو.
    جئه موتياڻيءَ ٻڌايوته ممبئي جي ٽن ميڊيڪل ڪاليجن مان هيءَ هڪ آهي، جتي جي پڙهائي دنيا ۾ اعليٰ مڃي وڃي ٿي. “ورهاڱي وقت هيءَ پنجاهه بسترن جي انڊين مليٽري اسپتال هئي. اڄ هيءَ اسپتال ڏيڍ هزار بسترن جي بيحد ماڊرن اسپتال آهي، جنهن جو موٽو Service through Excellence آهي ۽ ان تي عمل به ڪيو وڃي ٿو.”
    جئه اهو پڻ ٻڌايو ته هيءَ اسپتال اهم هاءِ ويز (ايسٽرن ۽ ويسٽرن ايڪسپريس هاءِ وي) جي ڀرسان هجڻ ڪري هتي رستي تي ٿيل حادثن وارا مريض گهڻا اچن ٿا ۽ هتي جو Trauma Ward هر سال ٽن هزارن کان مٿي سيريس قسم جي زخمين جو علاج ڪري ٿو.
    اسان جي ڪار واشي (VASHI) پُل ٽپي نوي ممبئي يعني نيو ممبئيءَ جي علائقي ۾ پهتي. نوي ممبئي ائين آهي، جيئن اسان وٽ نيو ڪراچي آهي. ڪراچي شهر جي آدمشماري وڌي ته ناظم آباد ۽ نارٿ ناظم آباد ٿيو ۽ ان بعد اڳتي جي زمين تي نيو ڪراچي اڏيو ويو. ممبئي جي شهر جي آدمشماري وڌڻ بعد ڪٿي نئون شهر اڏيو وڃي؟ ممبئي ته هڪ ٻيٽ وانگر آهي، جنهن جي چوڌاري عربي سمنڊ آهي يا الهاس نديءَ جهڙيون نديون ڊيلٽا ۽ ڪريڪ ٺاهي عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ٿيون ڪن. سمنڊ ڀري زمين ٺاهڻ يعني Reclaim ڪرڻ ڪو سستو ۽ سولو ڪم ناهي. اها بنايل زمين ته ڪولابا ۽ فورٽ واري علائقي کان به مهانگي پوي ٿي ۽ هتي انهن لکين بيروزگار ۽ غريب ماڻهن جي رهائش جو سوال هو، جيڪي ممبئي شهر ۾ پورهئي لاءِ اچن ٿا. توهان سرجاني ٽائون ۽ نيو ڪراچيءَ جي ماڻهن کي منهوڙي کان پري سمنڊ ڀري ته نه رهائي سگهندائو، ڇو جو اهڙيءَ طرح سمنڊ ڀري زمين ٺاهڻ تي ايڏو خرچ ٿو اچي جو ان زمين جو اگهه صدر ۽ آءِ آءِ چندريگر جي دڪانن کان به مهانگو ٿي وڃي. بهرحال ڪراچي، مدراس، ڪولمبو، جدي جهڙا بندرگاهه خوش نصيب آهن، جيڪي باقي ملڪ جي سرزمين سان ڳنڍيا پيا آهن، پر “ممبئي” نيويارڪ جي مئن هٽن، برانڪس، ڪئينس ۽ بروڪلن جي ٻيٽن جيان آهي، جيڪي آمريڪا جي باقي سرزمين سان پُلين ذريعي ڳنڍيا ويا آهن. سو ممبئي به هن واشي پُل ذريعي انڊيا جي باقي سرزمين سان ڳنڍي، اتي جيڪا ويران زمين هئي اتي نئين (NAVI) ممبئي اڏرائي وئي. اهو آهي ته انڊيا جي حڪومت هن نئين شهر کي وڏي رٿا ۽ سوچ ويچار سان ٺهرايو، جنهن جو ڪم 1972ع کان شروع ٿيو هو. اڄ نوي ممبئي، جنهن جي پکيڙ 180 کن چورس ڪلوميٽر آهي، دنيا جو وڏي ۾ وڏو رٿابنديءَ وارو شهر (Planned City) آهي.
    ممبئي ۽ نوي ممبئيءَ کي پاڻ سان ملائڻ لاءِ هڪ واشي برج آهي، جنهن ذريعي اسان نوي ممبئي پهتاسين ۽ ٻي ايرولي (Airoli) برج آهي. نوي ممبئي جيڪا ڪراچيءَ کان به وڏي آهي، اها مختلف حصن ۾ ورهايل آهي، جيئن ته واشي، نيرول، بيلاپور، خارگهر، اگراول وغيره جيئن ممبئيءَ جا سانتا ڪروز، ورلي، دادر، باندره، ڪولابا مختلف حصا آهن يا ڪراچيءَ جا ڪلفٽن، صدر، کارادر، گلشنِ اقبال وغيره. نيو ممبئيءَ جا سڀ کان سهڻا، اوچا ۽ ماڊرن علائقا واشي ۽ نيرول آهن. واشي King of Navi Mumbai سڏجي ٿو ۽ نيرول Queen of New Mumbai سڏجي. هونئن نوي ممبئي ان ضلعي ۾ نٿو اچي، جنهن ۾ ممبئي آهي، پر نوي ممبئي ٿاني ڪريڪ (سامونڊي درياهه) جي ٻي پار ٿاني Thane ۽ رائگاد Raigad ضلعن جو حصو آهي، جيئن ڪوٽڙي برج جي ٻئي پاسي، توڙي کڻي حيدرآباد جا ماڻهو ۽ انهن جا گهر آهن، پر اهي گهر ڄامشوري ضلعي ۾ اچن ٿا. تيئن ٿاني ڪريڪ جي هڪ پاسي ممبئي ضلعو آهي ۽ ٻئي پاسي ٿاني ضلعو. بهرحال جيڪا پيهه پيهان ممبئيءَ ۾ آهي، اها نوي ممبئيءَ ۾ نه آهي، تنهن هوندي به جئه موتياڻيءَ ٻڌايو ته نوي ممبئيءَ جي آدم شماري ويهه لکن کان مٿي آهي. نوي ممبئي ائين آهي، جيئن نيو ڪراچي، جنهن ۾ ظاهر آهي ٻين علائقن کان غريب ماڻهو روزگار لاءِ اچي رهن ٿا، پر ڪجهه ڳالهيون آهن، جيڪي نوي ممبئيءَ جون دنيا مڃي ٿي. بلڪ اهي سٺيون ڳالهيون انڊيا جي حڪومت جي ئي ڳنڍ ۾ ٻڌڻ کپن، جنهن جي سٺي رٿا ۽ انتظاميه جو سبب آهن ۽ جن کي سِکڻ ۽ فالو ڪرڻ لاءِ ملائيشيا ۽ سنگاپور جهڙن ملڪن جون حڪومتون به انڊيا جي نقشِ قدم تي هلن ٿيون ۽ پنهنجن شهرن جي ڊيولپمينٽ انڊيا جي رٿا جي Study ڪري ان موجب جوڙين ٿيون. انهن سٺين ڳالهين ۾ هڪ ته تعليم آهي، ڪيترن ئي رسالن ۽ اخبارن ۾ پڙهي چڪو آهيان ته نوي ممبئيءَ جا 96 سيڪڙو ماڻهو پڙهيل آهن. اها هڪ قابلِ داد ڳالهه آهي، جو نوي ممبئيءَ ۾ اڌ کان وڌيڪ مزور طبقو رهي ٿو، جيڪو آڻيون ۽ چاڙهيون جي پريشانين ۾ ڪٿي ٿو تعليم جو سوچي، پر نه... هتي توهان کي غريب کان غريب جا ٻار به پڙهيل ملندا، بلڪ ٺيڪ ٺاڪ تعليم يافته! شڪل جا سادا هوندا، ڪپڙا سادا هوندن. کاڌو خوراڪ سادو هوندن (جيڪو هتي جي اڪثر اميرن جو به سادو آهي) پر کين علم جام هوندو. غريب کان غريب گهر جون ڇوڪريون به گرئجوئيٽ هونديون ۽ هتي جو ڪو گرئجوئيٽ معنيٰ صحيح قسم جو تعليم يافته. اهو ئي سبب آهي جو يورپ، آمريڪا، ويندي عرب ۽ مسلم ملڪن ۾ به نرس ۽ ڪلارڪ جي ڪم کان ٽيچر، ڪمپيوٽر ورڪر ۽ بيبي سٽنگ لاءِ انڊيا جي پورهيتن ۽ ٽيڪنيشن جي گهڻي ڊمانڊ آهي.
    انڊيا جي ٻين شهرن وانگر نوي ممبئيءَ ۾ به ڪيترائي اسڪول آهن، جيڪي نه فقط سرڪاري آهن، پر ان کان وڌيڪ خيراتي آهن. هتي جي پارسي، عيسائي يا هندو وٽ پئسو ٿيندو ته هُو غريبن جي علائقي ۾ تعليمي ادارا ۽ اسپتالون کوليندو. نه فقط کوليندو پر انهن کي هلائڻ لاءِ صحيح قسم جا ماڻهو رکندو، جيڪي ايمانداريءَ سان ڪم ڪن. صحيح طرح ٻارن کي پڙهائين. نوي ممبئيءَ جي هڪ اهڙي ئي غريب علائقي سان پارا (SANPADA) ۾ ساڌو واسواڻي مشن وارن سنڌي سخي مردن کان چندا وٺي چاليهه کن ڪلاس رومن جو هڪ ٽماڙ اسڪول ٺهرايو آهي، جيڪو عمارت سازيءَ جي خيال توڙي سونهن ۽ هاءِ ڪلاس مٽيريل جي لحاظ کان، ڪراچيءَ جو ڪلفٽن وارو گرامر اسڪول ٿو لڳي، جنهن کي ڏسڻ ۽ ڪجهه سامان ڏيڻ لاءِ جئه موتياڻي، اسان کي هتي وٺي آيو هو. جيتري ايراضيءَ ۾ اسڪول جي بلڊنگ هئي، اوتري ٻي هئي، جنهن ۾ ٻارن جي راندين جو گرائونڊ ۽ ٻارن جي چهل قدميءَ لاءِ ڇٻر هئي. چوڌاري نظر ڦيرايم ته ڏهه ڏهه ماڙ غريباڻي قسمن جي فلئٽن جون ڪيتريون ئي عمارتون هيون. جئه ٻڌايو ته هي سڄو علائقو دلدل ۽ گند وارو Slum هو، جنهن کي سرڪار صاف ڪرائي هي هڪ هڪ ڪمري يا ٻن ٻن ڪمرن وارا سستا فلئٽ ٺهرايا آهن، جيئن ممبئي شهر ۾ پورهيو ڪندڙ غريب هي فلئٽ مسواڙ تي يا قسطن تي خريد ڪري، هتي نوي ممبئيءَ ۾ رهائش اختيار ڪن ۽ ٽرين ۽ بسين جو سٺو سلسلو هجڻ ڪري هنن کي ممبئي شهر پنهنجي Job تي پهچڻ ۾ تڪليف يا وقت جو زيان نٿو ٿئي. دل ۾ مون سوچيو ته هُو غريب ضرور آهن، پر هڪ طرف سرڪار هنن لاءِ اجهو ۽ سستي ٽرانسپورٽ مهيا ڪئي آهي، ته ٻئي طرف ممبئيءَ ۾ رهندڙ هنن سنڌي هندن ۽ ٻين قومن ۽ مذهبن جي سخي مردن هن قسم جا اعليٰ اسڪول کولي، غريبن لاءِ گهر جي در تي تعليم مهيا ڪئي آهي ۽ نه فقط ملڪ جا امير پر غريب به هن قسم جي انگريزي ميڊيم وارن اسڪولن ۾ پڙهي پنهنجو مستقبل بهتر بنائي سگهن ٿا. هن اسڪول جو نالو ساڌو واسواڻي انٽرنيشنل اسڪول آهي ۽ بلڪل دهليءَ واري اسڪول جي پئٽرن تي آهي، جنهن اسڪول “ساڌو واسواڻي انٽرنيشنل گرلس اسڪول” جو تفصيلي احوال آءٌ “دهليءَ جو درشن” نالي انڊيا جي سفرنامي ۾ ڪري چڪو آهيان. دهلي وارو فقط ڇوڪرين لاءِ آهي، پر هي ٻنهي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ آهي. هي اسڪول به ڪي جي ۽ نرسري کان ٻارهين ڪلاس تائين رکيو ويو آهي، پر جيئن ته هي اڃان هاڻ هن سال ٺهيو آهي، ان ڪري هن ۾ شروعات ڪرڻ لاءِ فقط نرسري کان ڪلاس ڇهين جي ٻارن کي داخلا ڏني وئي آهي. جئه ٻڌايو ته، “هر سال هڪ هڪ ڪلاس وڌائيندا وينداسين. ايندڙ سال ستون ڪلاس، پوءِ اٺون ۽ آخر ۾ ٻارهين تائين دنگ ڪنداسين. هن وقت پهريون سال شروع ڪرڻ تي 400 ٻارن داخلا ورتي آهي، جيڪي ڪلاس ون کان ڪلاس سڪس جا شاگرد آهن.”
    انڊيا ۾ هڪ ٻي ڳالهه نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته اتي ڳوٺن ۾ رهندڙن جو پگهار، ڪمائي (Income) شهر ۾ رهندڙن جيترو آهي، بلڪ ڪن ڳوٺن ۾ شهرن کان به وڌيڪ آهي، جيئن نوي ممبئيءَ ۾ هر فئملي جو ماهانو Average انڪم 9500 رپيا آهي ۽ نوي ممبئيءَ جي واشي علائقي جو 12300 رپيا آهي، جيڪو اسان جي 19000 رپين برابر ٿيو. ان جو ڪهڙو سبب ٿي سگهي ٿو؟ سڀ کان وڏو سبب اهو آهي جو India ۾ لا ۽ آرڊر (قانون ۽ امن امان) جي حالت بهتر آهي ۽ ڳوٺن ۾ به ڪارخانا ۽ فئڪٽريون آهن، جتي ڳوٺاڻن کي سٺو پگهار ملي ٿو. بلڪ ائين کڻي چئجي ته سٺي بچت ٿيو وڃي. مثال طور هالا يا سيکاٽ ڳوٺ جو ڪو مزور ڪراچيءَ جي فئڪٽريءَ ۾ ڪم ڪندو ته هن جي ايتري بچت نه ٿيندي، جيتري جيڪڏهن اها ساڳي فئڪٽري، سندس ڳوٺ هالا يا سيکاٽ ۾ هجي ها. هڪ اهو به سبب آهي جو اسان جي ڳوٺن جا ماڻهو غريب آهن. خاص ڪري سنڌ جي ڳوٺن جا، پنجاب ۾ ته وري به ڪيترائي ڪارخانا ۽ روزگار مهيا ڪرڻ جا ذريعا آهن. سنڌ جي ڳوٺن ۾ ته اوندهه انڌوڪار آهي، چاهي ڪنهن ڳوٺ مان ٻه ٻه ٽي ٽي وزير ٿيا هجن، وزيراعليٰ ٿيا هجن. ڳوٺن ۾ اسڪول وڏيرن ۽ ڀوتارن جون اوطاقون ٿي وڃڻ ڪري، ڳوٺ جي غريب ٻارن لاءِ صحيح تعليم به ناهي، جنهن کي حاصل ڪري هُو ڪٿي نوڪريءَ لاءِ مقابلو ڪري سگهن. انڊيا جي ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ به ڪراچيءَ جي ڪانوينٽ ۽ ماما پارسي اسڪولن جهڙا تعليمي درسگاهه آهن، جيڪي عيسائي، پارسين ۽ هندو مخيرن کوليا آهن، يا علائقي جي چونڊيل نمائندن، ڳوٺن جي وڏيرن ۽ ٻين اثر رسوخ رکندڙ ماڻهن جي ڪوششن سان کليا آهن ۽ اسان جي وڏيرن، ڀوتارن، وزيرن جا شوق ڇا آهن، اهي ڪنهن کان به لڪل نه آهن.


    ساڌو واسواڻي ۽ دادا جشن

    ملائيشيا ۾ جڏهن آءٌ صبح جي وقت دادا جشن جو ٽي ويءَ تي ليڪچر ٻڌندو هئس ته منهنجا ملئي دوست مون کان اڪثر پڇندا هئا ته، “اهو ڪمزور جسم ۽ جهيڻي آواز ۾ ليڪچر ڏيڻ وارو ڪير آهي؟ جنهن جي ڪلهن تي شال ۽ چپن تي خوبصورت مُرڪ آهي ۽ جنهن جي Mesmeric اکين ۾ عجيب ڪشش آهي.”
    ٻه سال اڳ نيو جرسي (آمريڪا) ۾ هئس ته منهنجي پاڙي واري ٽائون ۾ رهندڙ گهوٽڪيءَ جو رميش ٿارواڻي مون کي موڪل واري ڏينهن تي اڪثر ڪلوسٽر (Closter) شهر وٺي هلندو هو، جتي 494 دوري (Durie) ايوينيو تي ساڌو واسواڻي سينٽر آهي. هي سينٽر هڪ پراڻو Masonic مندر هو، جنهن کي هتي جي سنڌي ڪميونٽي خريد ڪري، ان جي مرمت ڪري، هي اڄ وارو ساڌو واسواڻي سينٽر ٺاهيو. هيٺين ليول تي رڌڻو ۽ ماني کائڻ يا گڏجاڻي وغيره لاءِ هال آهي. مٿين ماڙ تي ڪتاب پڙهڻ يا ليڪچر ٻڌڻ جي بندوبست لاءِ هال آهي، جيڪو گلابي رنگ جو آهي، جنهن ۾ وال ٽُ وال پرل رنگ جو غاليچو وڇايل آهي. هڪ پاسي کان ننڍي اسٽيج ٺهيل آهي، جنهن تي هن مشن، جنهن جو مقصد تعليم عام ڪرڻ ۽ ڏکويلن جي مدد ڪرڻ آهي، جي باني ساڌو ٽي. ايل. واسواڻيءَ جي پينٽنگ سوني فريم ۾ رکيل آهي. هن سينٽر جو انتظام هلائيندڙ مئڊم آشا جوتواڻيءَ ٻڌايو ته اهڙي ئي هڪ تصوير دادا جشن جي، ڏاڪڻ وٽ رکيل هئي، جيڪا دادا جشن جي چوڻ تي هٽائي وئي آهي. هن سينٽر تي هر آچر تي ميمبرن ۽ مهمانن جي ميٽنگ ٿئي ٿي، ڀڄنن ۽ ليڪچر جو پروگرام ٿئي ٿو. آخر ۾ سڀ گڏجي اتي تيار ڪرايل ماني کائين، جنهن کي پاڻ لنگر به چئي سگهون ٿا ته پرساد يا ‘Group Meal’ به. هر ٽئي آچر تي، آشا جوتواڻيءَ ٻڌايو ته، هو وئن ۾ کاڌو رکي نيوجرسيءَ جي Hackensack علائقي ۾ غريبن ۽ بي گهر ڪٽنبن کي پهچائين ٿا.
    جنهن جاءِ تي ساڌو ٽي. ايل. واسواڻيءَ جي سوني فريم ۾ تصوير ٽنگيل آهي، ان جي ڀرسان ڪتاب پڙهڻ لاءِ هڪ ٽيبل (Rostrum) رکيل آهي، جنهن جي مٿان ساڌو واسواڻيءَ جي بيتن جي مجموعي “نوري نماڻي” جي انگريزي ترجمي جي ڪاپي “Humble Nuri” رکيل آهي، جيڪا ساٽن جي ڪپڙي جي پوش سان سينگاريل آهي ۽ هر هفتي هن جو ڪجهه حصو پڙهيو وڃي ٿو. ساڌو واسواڻيءَ جو شاعراڻو تخلص “نوري” هو. “نوري نماڻي” جون چند سٽون:
    How can I describe thee?
    Pray give me the strength,
    That I install thee
    In my very being.
    None can write
    Thy full description & praise!
    None can fathom thee
    Nor can anyone comprehend
    Thy form or attributes …
    هي ڪتاب ايڇ. ٽي. ساڌواڻيءَ ترجمو ڪيو آهي. بهرحال هتي نيو جرسي، آمريڪا جي ساڌو واسواڻي سينٽر جي ڳالهه ان ڪري کڻي ويٺو آهيان، جو هڪ ڏينهن هن سينٽر تي ڪنڌڪوٽ (سنڌ) کان تازو آمريڪا آيل هڪ سنڌي هندو ڊاڪٽر مليو. هُو هن سينٽر تي پنهنجي ڪنهن دوست سان پهريون دفعو آيو هو. مون کي ساڌو واسواڻيءَ جي پينٽنگ جي تصوير ڪڍندو ڏسي مون کان پڇيائين ته، “هي ڪير آهي؟”
    “هي ڪير آهي؟” مون سندس سوال کي ورجائيندي هن ڏي حيرت مان ڏٺو، “ڇا تو ساڌو واسواڻيءَ جو نالو نه ٻڌو آهي؟”
    “نه”. هن وراڻيو.
    “ڪمال آهي!” مون چيو، “هي اهو سنڌي شخص آهي، جنهن سڄي هندوستان ۾ تعليم جي روشني پکيڙي. اڄ هن جي مختلف اسڪولن ۽ ڪاليجن مان هڪ لک کان مٿي گريجوئيٽ آهن.”
    منهنجي ڳالهه کي شايد هن ٽوڪ سمجهي ڪجهه دل ۾ ڪيو ۽ پنهنجي ناعلميءَ تي پڙدو رکڻ خاطر هن دليل ۾ وراڻيو، “پر سنڌ ۾ ته ساڌو واسواڻي مشن طرفان ڪوبه اسڪول ناهي، جتي تعليم جي سڀ کان گهڻي ضرورت آهي. ڇا ساڌو واسواڻي سنڌ ۾ ڄائو هو؟”
    منهنجي خيال ۾ سنڌ جي هن نوجوان ڊاڪٽر وانگر سنڌ جي نئين ٽهي، ساڌو واسواڻيءَ جي شخصيت ۽ سندس سماجي ۽ تعليمي خدمتن کان اڻ واقف آهي. ان ڪري هتي ساڌو واسواڻي ۽ سندس ڀائٽي دادا جشن جو مختصر احوال ڏيڻ ضروري سمجهان ٿو.
    ساڌو ٽي. ايل. واسواڻيءَ (سڄو نالو: ساڌو ٿانورداس ليلا رام واسواڻي، خداآبادي) 25 نومبر 1879ع تي حيدرآباد ۾ شري ليلا رام واسواڻيءَ جي گهر ۾ ڄائو. سندن ماءُ جو نالو ورن ٻائي هو. ساڌو واسواڻي جو ننڍپڻ تمام ڌرمي ماحول ۾ گذريو، جو گهر ۾ سندس ماءُ پيءُ صبح جو سوير اٿي پوڄا پاٺ ڪندا هئا. شري ليلا رام (ساڌوءَ جو پيءُ) ديوي ماتا جو پڪو devotee هو ۽ ماءُ گرباني جو صبح جو اٿي دور ڪندي هئي.سندس وڏا خداآباد کان حيدرآباد اچي رهيا.
    ساڌو واسواڻي ننڍپڻ کان ئي بيحد ذهين ۽ ڏاهو هو. اسڪول جي ڏينهن ۾ هُو پنهنجي ڪلاس جو هوشيار ۽ محنتي شاگرد هو. انهن ڏينهن ۾ سنڌ “بمبئي پريزيڊنسيءَ” ۾ آئي ٿي ۽ هن سڄي سنڌ مان پهريون نمبر حاصل ڪيو. ايم. اي. ڪرڻ بعد ساڌو ٽي. ايل. واسواڻي “ميٽروپوليٽن ڪاليج ڪلڪتي” جو پروفيسر ٿي رهيو، جيڪو ڪاليج اڄڪلهه ودياساگر ڪاليج سڏجي ٿو. ان بعد هُو لاهور جي ديال سنگهه ڪاليج جو پرنسپال ٿيو. تعليمي کيتر ۾ نوڪري دوران هن هميشه پنهنجي شاگردن منجهه اخلاقيات تي زور ڏنو. هن جو هميشه اهو قول رهيو ته، Character Building is Nation Building. آءٌ پنهنجي هڪ 30 سالا پراڻي سفرنامي “سي ئي جوڀن ڏينهن” ۾ ڪولمبو (سريلنڪا) جي شري متي ديوڪي جي ڳالهه ٻڌائي چڪو آهيان، ته ڪيئن هڪ ڏينهن سندس فليٽ تي ويٺا هئاسين ته هيٺ کيڏندڙ ٻارن مان هڪڙي ٻئي کي گار ڏني. جنهن تي هُوءَ يڪدم هيٺ لهي وئي ۽ ان ٻار کي دڙڪا ڏيئي سمجهايائين. اسان کي حيرت ٿي ته هن پرائي سنهالي ٻُڌ ٻار کي ڇو وڃي نصيحت ڪئي. موٽي اچڻ تي اسان جڏهن سبب پڇيس ته هن، حيدرآباد جي ميران ٻائي اسڪول جي پڙهيل ۽ ساڌو واسواڻيءَ جي پوئلڳ، ساڌوءَ جي مٿئين قول کي ورجائيندي چيو ته هي ٻار کڻي ڪنهن جو به هجي، پر هن ۾ اخلاق هجڻ ضروري آهي. سڀاڻي اهو اسان جو صدر به ٿي سگهي ٿو، ته وزيراعظم به ٿي سگهي ٿو.
    ساڌو واسواڻي مذهبن بابت اونهي مطالعي ۽ ڄاڻ ڪري 30 سالن جي ڄمار ۾ برلن (جرمني) “ورلڊ ڪانگريس آف رليجنس” اٽينڊ ڪرڻ ويو. اتي هن جيڪي تقريرون ڪيون انهن جي ٻڌڻ سان ڪيترا ئي گورا کانئس بيحد متاثر ٿيا، جن مان پوءِ ڪجهه ساڌو واسواڻيءَ جي “انسان ذات جي ڏکن کي مٽائڻ” واري مشن ۾ مددگار ثابت ٿيا. پاڻ جڏهن چاليهه سالن جو ٿيو ته سندس ماءُ گذاري وئي. هي اهو وقت هو جڏهن ساڌو واسواڻي لکڻ جي ڪم ۾ مشغول هو. سندس لکڻيون ايترو ته اثر واريون ثابت ٿيون جو، Mahatma Gandhi’s Young India اخبار جي پهرئين صفحي تي هن جي آرٽيڪل ڇپبي هئي. سندس سڄي ڄمار هڪ اصول جي چوڌاري ڦرندي رهي:
    “Be strong, Be manly, Spend your strength in the service of poor and broken one”.
    ساڌو واسواڻيءَ نالي چون ٿا ته ننڍي هوندي حيدرآباد ۾ هڪ ڪاسائيءَ جي دڪان اڳيان لنگهي رهيو هو ته ٻڪرين جي رڙين تي هن جي دل کي جُهٻي آئي ۽ هن ان ڏينهن کان ڪنهن به جانور يا پکيءَ جو گوشت کائڻ ڇڏي ڏنو ۽ سڄي زندگي ٻين کي به اها ئي نصيحت ڪندو رهيو. اڄ سڄي دنيا ۾ سندس جنم ڏينهن 25 نومبر کيMeatless Day طور ملهايو وڃي ٿو ۽ ڪيترا ماڻهو هن ڏينهن تي قسم کڻندا آهن ته هُو زندگيءَ جا باقي ڏينهن گوشت کي هٿ نه لائيندا.
    ساڌو واسواڻيءَ جي زندگيءَ جي سڀ کان وڏي خدمت “ميران تحريڪ” (Mira (Meera) Movement) آهي، جيڪا هن 1933ع ۾ حيدرآباد ۾ شروع ڪئي. جنهن جو ڪم تعليمي ميدان ۾ جاکوڙ ڪرڻ آهي. ان تحريڪ هيٺ حيدرآباد ۾ ميران ٻائي اسڪول کوليو ويو ۽ ورهاڱي بعد 1962ع ۾ “سينٽ ميران ڪاليج فار گرلس” کوليو ويو. هي انگلش ميڊيم اسڪول پوني جي مشهور واسواڻي چؤنڪ تي آهي، جنهن ۾ 5000 جي لڳ ڀڳ ڇوڪريون پڙهن ٿيون. ڪاليج جي سنڌي پرنسپال ڪرن جوتواڻيءَ ٻڌايو ته هن ۾ هر ذات ۽ زبان جون ڇوڪريون آهن، جن مان ڪيترن ئي غريب ڇوڪرين جي نه فقط في معاف آهي، پر کين ڪتاب ۽ ماني به ڏني وڃي ٿي. ڪيترين کي ته کِيسي خرچي به ڏني وڃي ٿي، جنهن خرچ جو پورائو پوني ۾ رهندڙ سنڌي بزنيس ڪميونٽي ڪري ٿي. پوني ۾ منهنجي رهائش جو بندوبست به هن ڪاليج واري روڊ جي سامهون واري گيسٽ هائوس ۾ هو ۽ مون کي هن ڪاليج جي نه فقط ڪجهه فنڪشن اٽينڊ ڪرڻ جو موقعو مليو، پر مٿين ڪلاسن جي اسٽوڊنٽس کي ليڪچر به ڏنم. هڪ ڳالهه نوٽ ڪيم ته پرنسپال ۽ مڙيئي پڙهائڻ واريون ماسترياڻيون بيحد ايمانداري ۽ محنت سان پڙهائي رهيون هيون. ٻه چار سنڌي ليڪچرارياڻيون هيون، باقي مرهٺي هيون. ڇوڪريون (Students) به بيحد disciplined ۽ هوشيار هيون، ڇو جو منهنجي ليڪچر بعد، هنن جيڪي مون کان سوال ڪيا ٿي اهي ذهين ۽ معلوماتي هئا. ڪاليج کي وڏو گرائونڊ هجڻ ڪري شاگردياڻين کي فوٽ بال ۽ والي بال راند کيڏڻ جو موقعو به ميسر آهي. ان کان علاوه جوڊو ڪراٽي به سيکاريو ويو ٿي.
    پوني ۾ هن سينٽ ميران ڪاليج کان علاوه ٻيا به پنج تعليمي ادارا آهن، جيڪي ساڌو واسواڻي مشن وارا هلائين ٿا، اهي آهن:
    • سينٽ ميران اسڪول (انگلش ميڊيم)
    • سينٽ ميران اسڪول (سنڌي ميڊيم)
    • سينٽ ميران پرائمري اسڪول (سنڌي ميڊيم)
    • سينٽ ميران بال ڀون
    • SVM ڪنڊر گارٽن
    ساڌو واسواڻي مشن جي وڏڙي ديدي رتنا واسواڻيءَ کان پڇيم ته، “هيءَ ميران ڪير آهي؟”
    “ميران ٻائي سورهين صديءَ جي مشهور اتر انڊيا جي بڪتي (devotional) شاعره هئي،” ديدي رتنا ٻڌايو، “اسان جي ڪميونٽيءَ جو ليڊر ساڌو ٿانورداس واسواڻي، ميران ٻائيءَ جو پوئلڳ (devotee) هو. هُو هن جي ذاتي ڪهاڻيءَ کان بيحد متاثر هو، جنهن نياڻي جي تعليم عام ڪرڻ چاهي ٿي، ان ڪري ساڌو واسواڻيءَ اسڪولن ۽ ڪاليجن جا نالا ميران ٻائي (St’ Mira) نالي رکيا.”
    “ساڌو واسواڻي مشن (SVM) جو تعليم کان علاوه ڳوٺن جو سڌارو، سنڌي ٻولي جي ترقي ۽ بيمار ۽ ضرورتمندن جي دوا درمل ۽ علاج ڪرائڻ پڻ آهي. پوني شهر ۾ ئي ڪيترا اهڙا صحت گهر آهن جن سان “ساڌو واسواڻي مشن” وارن جو واسطو آهي، جتي غريب ۽ ضرورتمند مريضن جو مفت علاج ٿئي ٿو. هنن سڀني ميڊيڪل سينٽرن جو قول (Motto) اهو ئي آهي. جنهن جي ساڌو واسواڻيءَ پرچار ڪئي ته:
    ‘Every patient is a picture of God
    To serve him is to worship God’.
    پوني ۾ هفتو کن رهڻ دوران هڪڙي ڏينهن SVM جي آفيسر نريش سنگهاڻي مون کي اهي اسپتالون ۽ دواخانا ڏيکاريا، جيڪي SVM طرفان موڪليل مريضن جو مفت علاج ڪن ٿا. اهي هن ريت آهن:
    • شانتي ڪلينڪ
    • منگهارام کيملاني ڊسپينسري
    • ساڌو هيرانند فري هوميوپئٿڪ ڊسپينسري
    • راڌا ڪرشنا ديا ڊسپينسري
    • انلئڪ ائنڊ ٻڌراني اسپتال. (هيءَ 150 بسترن جي اسپتال ڪوريگائون پارڪ ۾ آهي)
    • 175 بسترن واري ڪئنسر انسٽيٽيوٽ، وغيره
    پوني ۾ ساڌو واسواڻي مشن جي پوسٽل ائڊريس آهي:
    Sadhu Vaswani Misson
    10, Sadhu Vaswani Path
    Pune 411001, India
    ۽ ٽيليفون نمبر آهن: 0091-20-40064447-48
    ۽ فئڪس نمبر آهي: 0091-20-26127474
    سندن اي ميل ائڊريس هن ريت آهي:
    svm.admin@airtelbroadband.in
    ساڌو ٽي. ايل. واسواڻي، جيڪو هن تحريڪ جو باني هو، هن فاني دنيا مان 16 جنوري 1966ع تي لاڏاڻو ڪري ويو. حڪومت انڊيا هن جي ياد ۾ 25 نومبر 1969ع تي پوسٽ جي ٽڪلي به جاري ڪئي.
    ساڌو ٽي. ايل. واسواڻيءَ جي وفات بعد سندس مشن جو ڪم سندس ذهين ڀائٽيو دادا جشن خير خوبيءَ سان هلائيندو اچي. دادا جشن (سڄو نالو: جشن پهلاج راءِ واسواڻي) 2 آگسٽ 1918ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ پهلاج راءِ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. سندس ماءُ جو نالو ڪرشنا ديوي هو. ساڌو واسواڻي وانگر دادا جشن پڻ ننڍپڻ کان نهايت محنتي ۽ ذهين ٻار هو. پاڻ 13 سالن جي ڄمار ۾ سڀ کان گهڻين مارڪن سان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. سترنهن سالن جي عمر ۾ هن بامبي يونيورسٽيءَ مان B.Sc جي ڊگري حاصل ڪئي. M.Sc ۾ هن جي ٿيسز جو سبجيڪٽ هو:
    ‘The Scattering of X-Ray by Solids’
    سندس هيءَ ٿيسز ان وقت جي مشهور پروفيسر ۽ اعليٰ سائنسدان (جنهن کي Scientific Genius سڏيو ويو ٿي) سي. وي. رامائن assess ڪئي. دادا جشن ڪراچيءَ جي ڊي. جي. (ڏيا رام ڄيٺمل) سنڌ ڪاليج ۾ فيلو پڻ ٿي رهيو، پر پوءِ هُو سگهو ئي دنيا جا ڌنڌا ڇڏي پنهنجي گرو ۽ نيڪ چاچي ساڌو ٽي. ايل واسواڻيءَ جو پانڌيئڙو ٿي رهيو.
    دادا جشن بين الاقوامي ليول تي دانشور ۽ فلاسافر مڃيو وڃي ٿو. هن ڪيترن اهم هنڌن تي ڳالهايو آهي، جيئن ته لنڊن ۾ برٽش هائوس آف ڪامنس ۾، آڪسفورڊ ۾ گلوبل فورم آف اسپرچوئل ليڊرس ۾، شڪاگو جي ورلڊ پارليامينٽ آف رليجنز ۾، يونائيٽيڊ نئشنس ۾، وغيره وغيره. پاڻ 75 کن ڪتابن جو مصنف آهي، جن مان ڪجهه هن ريت آهن:
    • From Hell to Heaven.
    • Tear Drops (Poems).
    • Glimpses.
    • How to Overcome Tensions.
    • The Holy Man of Hyderabad.
    • Burn Anger Before Anger Burns you.
    • Why Do Good People Suffer.
    دادا جشن کي سندس ادبي ۽ سماجي خدمتن ڪري “يو- ٿانٽ” ايوارڊ به مليو آهي. پاڻ هن وقت 90 سالن جو آهي ۽ سندس هن جنم ڏينهن ملهائڻ جي سلسلي ۾ پوني ۾ رٿيل جشن تي مون کي به وڃڻ جو موقعو مليو ۽ هڪ ڏينهن (جنهن ڏينهن “صوفيزم” تي سيمينار هليو) صدارت لاءِ منهنجي عزت افزائي ڪئي وئي.


    ساڌوءَ جي “نوري نماڻي” بابت ڪجهه سٽون

    ساڌو واسواڻي، جنهن جو پورو نالو ٿانورداس ليلارام واسواڻي آهي (جنم 25 نومبر 1879ع، وفات 16 جنوري 1966ع) بقول ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي جي، سنڌي ساهتيه ۾ هڪ نرالي ۽ اعليٰ جاءِ والاري ٿو. هن کي ويهين عيسوي صديءَ جي يگ پرشن ۾ ليکجي ته انهيءَ ۾ ذرو به وڌاءُ نه ٿيندو. آدرش تعليمي سرشتو تيار ڪري عمل ۾ آڻڻ، چرتر نرماڻ ڪرڻ، سماج سڌار ڪرڻ، عام جنتا کي آتمڪ سنديش ڏيڻ، دکي جيون جي سهائتا ڪرڻ جهڙا ڪم سندس حياتيءَ جو مول مقصد هئا. هُو گيان ڀڳتي ۽ ڪرم جو ساکيات سروپ هئو. پراچين يگ جي رشين منين جي امرواڻيءَ جو هن نه فقط اونهو اڀياس ڪيو، پر ان تي عمل به ڪيو. سڄي دنيا هڪ ڪٽنب مثل آهي ۽ سنسار جا سڀئي ماڻهو هڪ پريوار جا ڀاتي آهن- اهو نياپو هن گهر گهر تائين پهچايو...
    ۽ بقول ڊاڪٽر آر. ايم. گوڌواڻي جي، ساڌو ٽي. ايل. واسواڻي هڪ انوکي شخصيت هو. هُو نه فقط درويش، شاعر ۽ فيلسوف سنت هئا، پر ان سان گڏ اعليٰ ودوان تعليمدان، سماج سڌارڪ، روحاني رهبر، دکين جا دوست ۽ مسڪينن جا مِتر هئا. ساڌو واسواڻي ننڍي هوندي کان نرالو ٻار هو. هن مئٽرڪ توڙي بي. اي. ۽ ايم. اي. جي امتحانن ۾ امتيازي پوزيشنون حاصل ڪيون. پاڻ ڪلڪتي جي وديا ساگر ڪاليج، لاهور جي ديال سنگهه ڪاليج ۽ ڪراچيءَ جي ڏيارام ڄيٺمل (D.J) سنڌ ڪاليج جو پرنسپال ٿي رهيو. سندس انگريزي ته ايڏي سٺي هئي جو شاگرديءَ وارن ڏينهن ۾ ان وقت (1895ع) جو مشهور پرنسپال هئسڪيٽ، ساڌو واسواڻيءَ لاءِ چوندو هو ته هن جو نالو ڊاڪٽر ائني بيسنت کان به وڌيڪ روشن ٿيندو. سندس اها اڳڪٿي اڳتي هلي سچ ثابت ٿي.
    ساڌو واسواڻيءَ، انگريزيءَ ۽ سنڌيءَ ۾ تمام گهڻا ڪتاب لکيا آهن، جيڪي نثر ۾ به آهن ته نظم ۾ به. سندن نظمن جو مجموعو ’نوري نماڻي‘ تمام گهڻي اهميت رکي ٿو، جنهن جو انگريزيءَ ۾ ‘Humble Nuri’ جي نالي سان ترجمو به ٿي چڪو آهي. سنڌي لوڪ ڪٿائن جي سورمين مان ’نوري نماڻيءَ‘ کان ساڌو واسواڻي ايترو ته متاثر ٿيو، جو هن پنهنجو تخلص ئي رکيو ’نوري!‘ ائين ته هن شاه لطيف ۽ مارئيءَ جي وطن جي حُب کي به ياد ڪيو آهي، ته ساميءَ جي ويدانتي واڻيءَ کي به نه وساريو اٿائين. ساڌو واسواڻي جي نوري نماڻي ڪتاب کي ’نوري گرنٿ‘ به سڏيو وڃي ٿو ۽ ساڌوءَ جا چاهيندڙ هن ڪتاب جو ائين قسم کڻن ٿا جيئن سِک گرو گرنٿ صاحب جو. بقول ڪشو منسکاڻيءَ جي:
    I regard the ‘Nuri Granth’ as a world scripture with a message. And it will thrill, it will inspire many an aspiring hearts.
    نوري گرنٿ انسان کي اها سکيا ڏئي ٿو ته توهين پياسي ٿيو. جيڪڏهن توهان چاهيو ته هي جنم جيڪو توهان کي مليو آهي، اهو سونو جنم “مانکه جنم درلڀ هئه، هوت نه بارو نبار!” هيري جئسا جنم امولڪ، هاٿ نه آوي پياري! وري وري ڪين ايندو. مَسين مَسين توهان کي مليو آهي، اهو توهين سڦل ڪريو. ان ڪري پنهنجي اندر پياس اٿاريو، سِڪ اٿاريو، سِڪ ۾ ويهي سڄڻ واسطي ڳوڙها ڳاڙيو، پرڀوءَ کي پائڻ واسطي اسان کي فقط پياس کپي، جيڪا ڳالهه ساڌو واسواڻيءَ گيت جي صورت ۾ ڪئي آهي:
    روئي روئي رات گذاريان،
    پياس ۾ پيئا! تو لاءِ پڪاريان!
    قسمت آهي وڏو وڇوڙو،
    دن رات دل ۾ آهي ولوڙو!
    نه جمنا جي لهرن آهي ايڏو پاڻي،
    جو منهنجي اکين آهي نوري نماڻي!
    اهو آهي “نوري گرنٿ” جو آواز: پياس اٿاريو!
    پڇاڙيءَ جا ڇهه سال ساڌو واسواڻيءَ بيماريءَ جي بستري تي گذاريا. نه اٿي سگهندا هئا، نه ويهي سگهندا هئا، نه پاسو ورائي سگهندا هئا، پر سندس چپن تي اهي اکر هئا: شڪر، شڪر، شڪر!
    واه واه جت وِهارين تون،
    فضل نوري نهارين تون،
    شڪر آهي شڪر تنهنجو!
    هڪ دفعي ساڌو واسواڻيءَ دهلي يونيورسٽيءَ ۾ “اسلام ۾ تعليم” جي عنوان تي ليڪچر ڏنو. ان وقت جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر حليم صدارت ڪئي. ساڌو واسواڻيءَ ليڪچر ۾ الائي ڪهڙيون ڪهڙيون ڳالهيون ٻڌايون. ٻڌڻ وارا حيرت ۾ پئجي ويا. ليڪچر پورو ٿيو ته ساڌو واسواڻيءَ کان پڇيائون:
    “توهان هندو آهيو يا مسلمان؟”
    ساڌو واسواڻيءَ وراڻيو: “آءٌ ٻنهيءَ جي وچ ۾ آهيان.”
    تڏهن کيس چيائون: “وچ ۾ ته آهي ڪجهه ڪين.”
    ساڌو واسواڻيءَ چيو: “صحيح ٿا چئو. آءٌ اهو ڪجهه ڪين ئي ته آهيان.”
    اها اٿو نوري گرنٿ جي سکيا. ڪڇ ڪين ٿيو! اسان سان ٿوري ڳالهه ٿئي ٿي ته اڀا ٿي ٿا بيهون. نوري گرنٿ چوي ٿو ته پياسي انسان جو اهو ڪم ناهي. پياسي انسان چاهي ٿو مان ڪجهه ڪين ٿيان!
    ڏيئي ساهه سڄڻا! سَرهي ٿيان:
    فنا ٿي اي نوري امرت پيئان!
    اڄ نوري منگي ٿي تو در مسڪين:
    مهر هيءَ هڪڙي ٿيان ڪڇ ڪين!
    ڏسين شال سڄڻا، اندر جي اُڪير:
    ڪرين شال مون کي فنا جو فقير!
    نوري گرنٿ ۾ ساڌو واسواڻي اهو به چوي ٿو ته، تون جنهن شاهن جي شاهه پرماتما جي کوج ۾ آهين، سو تون پاڻ آهين:
    ناهي توکان مٿي ڪوبه ٻيو،
    سلطان تون شاهن جو شاهه.
    نوري گرنٿ ۾ ساڳيو خيال ساڌو واسواڻيءَ هينئن به بيان ڪيو آهي:
    وڃين ڇو اي پياري!
    تون گنگا ڪناري،
    پنهل آهين پاڻ،
    ڪٿي ويٺو ڳولهين،
    ڪنهن کي ٿو ٻولين،
    پنهل آهين پاڻ.
    ساڌو واسواڻي نوري گرنٿ ۾ چون ٿا ته هي جهان خواب وانگر آهي. دونهين جي محل جي ڪا هستي ڪانهي. ڌن، جوڀن سڀ پاڇا آهن:
    جڳ سارو جئن رات جو سپنو
    هت ڏينهن ٻه چار اٿيئي رهڻو
    جڳ سارو اٿئي دونيهن محل
    پاڇا اٿيئي ڌن جو ڀن جواني
    بنگلا ماڙيون گاڏيون فاني
    ملڪ سارو اٿيئي موت مڪان
    ڇڏ ويسر ڪر ڪو ڌيان.
    ساڌو واسواڻيءَ جي ويچار موجب هي جڳ رڻ پٽ جيان آهي. ناڄاڻائي (Ignorance) جي ڪري جيئن هرڻ رُڃ ۾ واريءَ کي جل (پاڻي) سمجهي ڀٽڪي ڀٽڪي ساهه ڏيندو آهي، تيئن انسان به هن جڳ ۽ ان جي رونقن کي سڀ ڪجهه سمجهي پنهنجي حياتي برباد ڪري رهيو آهي.
    سمجهه جڳ سارو اٿيئي رُڃ،
    بنا گيان اتري نه اوديا جي اڃ.
    هي جڳ جُوٺو آهي ان ڪري ساڌو واسواڻي تاڪيد ڪري ٿو:
    “جوٺي جڳ کان من تون موڙ.”
    ساڌو واسواڻيءَ نوري نماڻي شعرن جي مجموعي ۾ انسان کي آگاهي ڏئي ٿو ته مٿرا، ڪاشي سڀ انسان جي من مندر ۾ آهي، هن کي گهرجي ته هُو پرڀو لاءِ پياس رکي، من مندر ۾ مالڪ جو مشاهدو ماڻي:
    اندر مٿرا اندر ڪاشي،
    پوءِ ڇو پيارا ڦرين بنواسي.
    اندر گوڪل اندر مٿرا،
    رهه روز فقط تون پياسي.
    ساڌوءَ جو يقين آهي ته انسان کي فقط پياس، تانگهه، سڪ ئي پرڀوءَ سان ملائيندي،. پريم کان سواءِ انسان جو جيئڻ بيڪار آهي:
    پريم بنا جيئڻ اجايو،
    پريم بنا نه سفر سجايو،
    بن ڀڳتيءَ ويٺو وقت وڃائين
    پريم بنا سڀ ڪوڙ ڪمائين.
    نوري گرنٿ (نوري نماڻي شعرن جي مجموعي) ۾ ساڌو واسواڻي پرماتما جي پار جي پانڌيئڙن کي ڪي صلاحون ڏنيون آهن. جن تي عمل ڪرڻ سان ساڌڪ سڦلتا جو سهرو ٻڌي سگهي ٿو:
    ستگر جي اسڪول ۾ سبق چار پڙهج،
    پڙهي، سچي پريم چاڙهيءَ مٿي چڙهج.
    پهريون سبق صدق سونهارو،
    ٻيو سبق سچ جو، سائينءَ پيارو،
    ٽيون سبق صبر جو، جيون جو آڌارو،
    چوٿون سبق سِيل جت، نوري چمڪي تارو.
    ساڌو پرڀوءَ کي پرارٿنا ڪندي چون ٿا:
    تون ٺاڪر مان در جي داسي،
    تون مالڪ مان مهر جي پياسي!
    آهين پتا تون اسان جي ماتا،
    جڳ جنني آهين جڳ داتا!
    نوري، شاهه لطيف جي سورمي، جنهن پنهنجي نياز نوِڙت حليمائي، خاڪساريءَ سان ڄام تماچيءَ جو پيار حاصل ڪيو. ساڌو واسواڻيءَ ان نوريءَ جي ڪردار جي نه صرف پنهنجي جِيون ۾ ساکي ڏني پر پنهنجو تخلص ئي “نوري” رکيو. ساڌوءَ جيڪي هزارين گيت چيا، انهن ۾ ’نوري‘ تخلص استعمال ڪري نوريءَ کي نهال ڪري ڇڏيائون:
    مندون موٽي آيون، تون نه موٽئين هوت،
    دم دم آهه دل کي لڳي تنهنجي چوٽ،
    هاڻ موٽ منهنجا گهوٽ، نه ته نوري ويندي وسامي.
    ساڌو واسواڻي پنهنجن شاگردن ۽ چاهيندڙن کي چيو ته جڏهن منهنجو ساهه هي جسم ڇڏي وڃي ته سندس رچيل الوداع جو گيت ڳائجو. اڄ اهو گيت ساڌو جي اسڪولن ۾، آشرمن ۾ ۽ ڪيترن گهرن ۾ ڳايو وڃي ٿو. ان جون ٻه ٽي سٽون هن ريت آهن:
    اچو هاڻي! اچو هاڻي! منهنجا پيارا وطن واسي!
    وٺان موڪل اوهان کان ٿي، آهيان آسيس لاءِ پياري!
    خدا حافظ، خدا حافظ!
    وڃڻ جي ويل آئي آ، ٿئي ٿو ڏينهن اڄ پورو،
    بازيگر جي آ هيءَ بازي، ختم ٿيو کيل سمورو.
    خدا حافظ، خدا حافظ!


    ممبئي پوني ايڪسپريس وي

    نَوي (نئين) ممبئي جي سانپارا علائقي ۾ ساڌو واسواڻي انٽرنيشنل اسڪول ڏسڻ بعد اسان اتي ڪو گهڻو نه ترسياسين. اسان پوني ڏي روانو ٿيڻ لاءِ ’ممبئي پوني ايڪسپريس روڊ‘ تي چڙهڻ جي ڪئيسين. ايترو آهي جو منهنجي چوڻ تي اسان جي ميزبان جئه موتياڻيءَ اڌ ڪلاڪ کن نوي ممبئيءَ جي رستن تي ڪار کي ڊوڙايو جيئن مون کي هن نئين رٿابنديءَ سان ٺهيل (planned) شهر جي آئيڊيا ٿي سگهي. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته نيو ممبئيءَ کي مون نيو ڪراچيءَ جيئن ٿي سمجهيو، جنهن ۾ ڪيتريون ئي بنيادي شيون غير موجود آهن، جنهن جو فقط نيو (نئون) نالو آهي. ان کان ته هاڪس بي پاسي ٺهيل پرويز مشرف ڪالوني هزار دفعا بهتر آهي. بهرحال نيو ممبئي واقعي نئين لڳي ٿي، جنهن جا واشي ۽ نيرول جهڙا علائقا پراڻي ممبئيءَ جي به ڪيترن علائقن کان سٺا آهن ۽ جتي ڪٿي انگريز ۽ گورا يورپي ٽوئرسٽ، خاص ڪري هتي جي مشهور چؤنڪ اتساو وٽ ٺهيل ڦوهاري جي چوڌاري ۽ انڊين کاڌن جي ريسٽورنٽن اڳيان نظر اچي رهيا هئا. سانپارا ريلوي اسٽيشن جي سامهون flavours نالي ريسٽورنٽ، ۽ ان جي ئي ويجهو نانومل ڀوڄمل ائنڊ ڀاڳچند تاراچند نالي ريسٽورنٽ، جنهن جي نالي هيٺان لکيل هو “گجراتي ۽ پنجابي فوڊ” نيو ممبئيءَ جي علائقي واشي ۾ هوٽل اباٽ، هوٽل ساگر، بيلاپور ۾ سري ڪرشنا ۽ ساءِ سنجوگ هوٽلون... جي ها، نيو ممبئيءَ جي هڪ علائقي جو نالو بيلاپور آهي جيئن پاڻ وٽ ناظم آباد يا گلشنِ اقبال.
    جئه موتياڻيءَ ٻڌايو ته نئين ممبئيءَ ۾ ڏسڻ وٽان به ڪيتريون ئي جايون آهن، جهڙوڪ ساگر وهار گارڊن جيڪو واشي ريلوي اسٽيشن وٽ ڪريڪ سان ڳنڍيل آهي. نئين ممبئيءَ جي نيرول علائقي ۾ پاراسڪ پهاڙي. مينهوڳيءَ جي موسم ۾ خار گهر جي جابلو علائقي ۾ پانداوَ پادا واٽر فال ڏسڻ جهڙا آهن. جئه موتياڻيءَ ٻڌايو ته جي نيو ممبئيءَ جو مٿاهينءَ تان نظارو پسڻو هجي ته پوءِ کار گهر جي پهاڙين تان ڏسجي.
    آءٌ پوني مان جڏهن واپس ممبئي آيس ته اتي ڪيترائي پاڪستاني ٽوئرسٽ نظر آيا، جن ٻڌايو ته هُو نئين ممبئيءَ ۾ رهن ٿا، جو اتي هوٽلن جي مسواڙ گهٽ آهي. دراصل هي ائين آهي جيئن ڪو نوڪري اسلام آباد ۾ ڪري، پر رهي راولپنڊيءَ ۾. ڇو جو راولپنڊيءَ ۾ اسلام آباد جي مقابلي ۾ سستائي آهي. اهو ئي حال هتي آهي. راولپنڊيءَ کان اسلام آباد وري به سواري ايڏي سستي ۽ آسان ناهي جيتري هن پاسي. نيو ممبئي شهر جي مختلف علائقن واشي، سانپارا، نيرول، بيلاپور، خنديشور، کارگهر ۽ پانويل وغيره کي ٻه ريلوي لائينون ڳنڍين ٿيون. ممبئيءَ جي هاربر لائين واري ريل نيو ممبئيءَ تائين وڌائي وئي آهي. يعني ممبئيءَ جي ڪُرلا، سيان، دادر يا مٽنگا کان چڙهه ته اڌ ڪلاڪ اندر گاڏي اچيو واشي، سانپارا، نيرول (نيو ممبئي) کان نڪري. ان کان علاوه بسون الڳ ٿيون هلن ۽ ڪو ڀلي نيو ممبئيءَ ۾ رهي، هُو جلدي ممبئيءَ جي ڪنهن به علائقي ڪولابا کان انڌيري تائين گهٽ ڀاڙي ۽ ٿوري وقت ۾ پهچيو وڃي... پر ان هوندي به پاڪستان کان ايندڙ ٽوئرسٽن کي آءٌ اها ئي صلاح ڏيندس ته هڪ ٽوئرسٽ کي شهر جي مرڪزي علائقي ۾ رهڻ کپي، پوءِ ڀلي هُو ڪنهن سادي هوٽل ۾ رهي، جيئن جنهن وقت چاهي، ٻاهر نڪري هيڏانهن هوڏانهن پنڌ ئي گهمڻ لاءِ نڪري سگهي. بس ۽ ٽرين جي چڪر ۾ ئي نه پوي.
    آءٌ نيو ممبئيءَ جي ڪنهن به علائقي جي ريلوي اسٽيشن ڏسي نه سگهيس، پر سڀ نئي ممبئيءَ جي ريلوي اسٽيشنن جي تعريف ڪن ٿا، جيڪي بيحد ماڊرن ۽ بين الاقوامي معيار جون ٺاهيون ويون آهن.
    ٻي ڳالهه ته نيو ممبئيءَ ۾ به تعليمي ادارا تمام گهڻا آهن ۽ اتي جي رهواسين کي ممبئيءَ جو رخ نٿو ڪرڻو پوي. خار گهر واري علائقي مان لنگهڻ وقت ريان انٽرنيشنل، اپيجي (Appejay) ۽ بال ڀارت اسڪولن لاءِ جئه ٻڌايو ته اهي انڊيا جا بهترين اسڪول آهن. ان کان علاوه ان ئي علائقي ۾ ڪيترائي ڪاليج به نظر آيا. جهڙوڪ: ڀارتي ودياپيت انجنيئرنگ ڪاليج، نئشنل انسٽيٽيوٽ آف فئشن ٽيڪنالاجي، ITM، انسٽيٽيوٽ آف مڪينيڪل انجنيئرنگ، يرلا ميڊيڪل ڪاليج، اي. سي. پٽيل ڪاليج آف انجنيئرنگ، وغيره وغيره.
    ممبئيءَ بعد “پوني” مهاراشٽرا صوبي جو وڏو شهر آهي، هر ڳالهه ۾... واپار وڙي ۾، جهونين تاريخي جڳهين ۽ تعليمي اداران ۾، ثقافت ۽ ماڊرن ڳالهين ۾... پوني، ممبئيءَ کان 160 ۽ 180 ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي آهي. جنهن جو مدار ان ڳالهه تي آهي ته توهان ممبئيءَ مان ڪٿان ٿا نڪرو؟ فورٽ ۽ ڪولابا کان يا کار، Sion، انڌيريءَ کان. جيئن ڪراچيءَ جي ڪياماڙيءَ کان ۽ سهراب ڳوٺ کان حيدرآباد جي فاصلي ۾ 20 کن ڪلوميٽرن جو فرق اچيو وڃي. پوني به حيدرآباد وانگر ممبئيءَ جي ڏکڻ ۾ آهي پر، اهو آهي ته پوني ڪوئيٽا وانگر مٿاهين Altitude تي آهي، ان ڪري جتي ممبئيءَ ۾ سيءُ صفا نٿو پوي اتي پوني ۾ ٻه ٽي مهينا (نومبر، ڊسمبر ۽ جنوريءَ ۾) ڪوٽ پائڻ جهڙو سيءُ پوي ٿو.
    ممبئيءَ کان پوني هوائي جهاز ۾ به وڃي سگهجي ٿو ته بسون، ٽئڪسيون ۽ ريل گاڏيون به هلن ٿيون. انڊيا ۾ ريل گاڏيءَ جو سفر (هيٺاهين ڪلاس ۾) تمام سستو آهي، ان ڪري غريب غربي، مزور ۽ پورهيت لاءِ وڏو سُک آهي. هڪ شهر کان ٻئي شهر ڏي يا شهر جو شهر ۾ جام ٽرينون هلن ٿيون ۽ وڏي ڳالهه ته ڪافي حد تائين وقت جي پابندي قائم رکن ٿيون. ميزبانن ۽ مائٽن کي پنهنجي مسافرن جو استقبال ڪرڻ لاءِ سڄو ڏينهن انتظار ڪرڻ بدران، پنج ڏهه منٽ مس ٿو ترسڻو پوي. ممبئيءَ ۽ پوني جي وچ ۾ هلندڙ ايڪسپريس ٽرينون چار ڪلاڪ کن وٺن ٿيون. منهنجو پوني کان ممبئيءَ باءِ ٽرين موٽڻ جو ارادو هو، ائڊوانس ۾ ٽڪيٽ به ورتم پر پوءِ آخري وقت تي باءِ بس آيس. پوني ريلوي اسٽيشن تي ٽڪيٽ هڪ ڏينهن اڳواٽ موٽائي ڏنم ته قانون موجب ڏهه سيڪڙو ڪٽي، باقي پئسا ان وقت ئي موٽائي ڏنائون. پوني کان ممبئيءَ بس يا ٽرين دادر بس اسٽاپ يا ريلوي اسٽيشن تي ڇڏي ٿي. ريل جي ٽڪيٽ وٺڻ ۽ موٽائڻ وقت هتي جي ريل گاڏين جا خوبصورت نالا پڙهندو رهيس، جيڪي ڪجهه هن ريت آهن:
    • ڪنيا ڪماري ايڪسپريس
    • اندرياني ايڪسپريس
    • پراگهتي ايڪسپريس
    • ڪوئمباتور ايڪسپريس
    • دکن ايڪسپريس
    • مهالڪشمي ايڪسپريس
    انهن گاڏين کان علاوه ٻه ٽي ٻيون ٽرينون، جيڪي روزانو ممبئي ۽ پوني جي وچ ۾ هلن ٿيون. ان کان علاوه “ممبئي پوني دکن ڪُئين” ۽ “ممبئي پوني پئسينجر” جهڙيون ڪجهه آهستي هلندڙ ٽرينون به آهن، جيڪي ممبئي ۽ پوني جي وچ ۾ ننڍين اسٽيشنن تي به بيهن ٿيون. ريل جي AC فرسٽ ڪلاس جي ٽڪيٽ 300 رپيه کن آهي سا به هاڻ وڌائي وئي آهي. باقي هيٺاهين ڪلاس جي تمام گهٽ رکيل آهي جيئن ممبئيءَ ۾ لوڪل ٽرين جو فرسٽ ڪلاس جو ڀاڙو 80 رپيه آهي ته عام ڪلاس جو فقط 6 يا ست روپيا آهي. ممبئيءَ ۽ پوني وچ ۾ سرڪاري بسن جو ڀاڙو 90 رپيا آهي ۽ ايئرڪنڊيشن بس جو 140 آهي ۽ پرائيويٽ هلندڙ بس جيڪا تمام گهڻي آرام ده آهي، ان جو 180 رپيا آهي. پوني کان ممبئيءَ ٽئڪسيون به هلن ٿيون جيڪي ٽي چار ڄڻا گڏجي ڀاڙي تي ڪري سگهن ٿا ۽ پنهنجي مرضيءَ سان رستي تي لونا والا ۽ کنڊالا جهڙن هنڌن تي ٿوري دير ترسي سگهن ٿا. ان لاءِ هتي جي ائمبسڊر ٽئڪسيءَ جو ڀاڙو 1000 رپيا آهي ۽ پدمني ٽئڪسيءَ جو 800 رپيا آهي. جيڪو ٽي يا چار مسافرن وچ ۾ Share ڪرڻ سان اڍائي يا ٽي سئو رپيا ٿو ٿئي.
    ممبئيءَ کان پوني وڃڻ لاءِ ٻه رستا آهن. هڪڙو پراڻو، جيئن ڪراچيءَ کان حيدرآباد وڃڻ لاءِ ٺٽي کان ڦرندو وڃجي ٿو، اهو “ممبئي پوني نئشنل هاءِ وي” يا فقط NH4 سڏجي ٿو. هن تي تمام گهڻي ٽرئفڪ ٿي رهي جو واٽ تي ايندڙ هر ڳوٺ هن سان ڳنڍيل آهي ۽ هن تان بيل گاڏيون، ٽرئڪٽر ۽ لاريون موٽرون هلن ٿيون. جئه موتياڻيءَ، منهنجي هوسٽ ٻڌايو ته ان تان هلڻ تي پوني پهچڻ ۾ گهٽ ۾ گهٽ چار پنج ڪلاڪ لڳن ٿا.
    پوني پهچڻ لاءِ ٻيو رستو جيڪو ڇهه ست سال اڳ ٺهي راس ٿيو ۽ ڪراچي حيدرآباد سپر هاءِ وي وانگر آهي، بلڪ ان کان گهڻو بهتر ۽ نظارن سان ڀرپور، جو هي ڇهن قطارن وارو رستو ڪيترن ئي جبلن تان ۽ انهن جي سرنگهن (tunnels) مان ٿيندو پوني پهچي ٿو. هن پاسي مينهوڳيءَ ڪري چوڌاري ملائيشيا وانگر ساوڪ لڳي پئي آهي. چون ٿا ته سانوڻيءَ ۾ هي سفر اڃان به سهڻو لڳي ٿو. پوني دراصلplateau تي آهي، يعني جبلن تي ٺهيل ميدان تي. پوني ويندي وقت رستي تي کنڊالا ۽ لووانا جهڙيون ٻه ٽي هل اسٽيشون به اچن ٿيون جتي ترسِي اسان فرحت ورتي.
    هي رستو ممبئي پوني ايڪسپريس وي “نوي ممبئي” جي علائقي پنويل (panvel) کان شروع ٿئي ٿو ۽ پوني وٽ ديهو (Dehu) روڊ تي اچيو ختم ٿئي، جيڪو 93 ڪلوميٽر يعني 58 ميلن جو فاصلو ٿئي ٿو. ان بعد پوني شهر تائين پهچڻ لاءِ ٻه ٽي عام رستا آهن. انهن 93 ڪلوميٽرن جي ايڪسپريس وي تي پنجن هنڌن تي سامهون جبل اچن ٿا جن ۾ سرنگهون (tunnels) ٺاهيون ويون آهن. انهن سرنگهن ۾ گهڙڻ وقت تصويرون ڪڍيم جن جي داخلا واري منهن تي انهن جا نالا لکيل آهن. ڀاتان، ماداپ، ادوشي، کنڊالا ۽ ڪمشيت.
    جئه موتياڻيءَ، اسان جي ميزبان ٻڌايو ته انهن ۾ سڀ ۾ وڏي سرنگهه “ڀاتان” آهي، جيڪا هڪ ڪلوميٽر کان ٿوري ڊگهي آهي. ممبئي کان پوني ويندي وقت خالاپور وٽ ٽال ڏيڻو پيو، جيڪو ڪارن لاءِ 140 رپيا آهن ۽ ٽرڪن ۽ ٽرالرن لاءِ 940 رپيا آهي.
    ممبئيءَ کان پوني توهان ٽئڪسيءَ ۾ به اچي سگهو ٿا. ممبئيءَ جي دادر علائقي مان ڪيترين ئي ڪمپنين جون ٽئڪسيون پوني لاءِ روانيون ٿين ٿيون يا فون ڪري انهن کي گهر گهرائي سگهو ٿا، جيئن اسان وٽ ايئرپورٽ تي هڪ يا ٻن ڪمپنين جون ريڊيو ٽئڪسيون هلن ٿيون. ممبئيءَ مان هلندڙ ٽئڪسين جي ڪجهه ڪمپنين جا نالا هن ريت آهن:
    • ڪول ڪئب
    • ميرو ڪئب
    • ممبئي ٽئڪسي
    • ڊوميسٽڪ ايئرپورٽ ڪئبس، وغيره.


    کنڊالا جو اِڊلي ۽ ڊوسا

    اسان ممبئيءَ کان نئين ممبئي آياسين، جتان پوني پهچڻ لاءِ “پوني ممبئي ايڪسپريس وي” اختيار ڪيوسين. هي هاءِ وي پانويل (panvel) وٽان شروع ٿئي ٿو. جئه موتياڻي، ڪافي رفتار سان ڪار هلائي رهيو هو ۽ لڳو ٿي ته هن جو پوني اچڻ وڃڻ لڳو رهي ٿو. ڪلاڪ اندر اسين کوپالي نالي شهر ۾ پهتاسين. جئه مون کان ۽ پٺيان ويٺل ڊاڪٽر مونا ۽ سندس ڌيءَ کان کوپالي پهچي ڪجهه کائڻ پيئڻ لاءِ پڇيو بلڪ زور ڀريو، پر پٺيان ويٺل ٻنهي ليڊيز چيو ته اڳتي لوناوالا يا کنڊالا ۾ ٿا هلي چانهه پيئون. مون کي بک لڳي هئي جو آءٌ ڄڻ ته صبح کان روزي ۾ هئس.صبح جو گهران فقط چانهه پي نڪتو هئس. ڪراچي ايئرپورٽ تي به فقط چانهه پيتم. خبر ناهي ڇو هن سفر ۾ مون کي صبح کان ٽينشن ٿي رهيو هو، ته انڊيا هڪ اوپرو ملڪ آهي، جتي آءٌ اڪيلو وڃي رهيو آهيان. خبر ناهي ممبئي پهچڻ سان ڪو منهنجي آڌر ڀاءُ لاءِ ايندو به يا نه ۽ جي موتياڻي يا پروفيسر ٻلديو مٽلاڻي اچن به ٿا ته مون نه هنن کي پهرين ڏٺو آهي ۽ نه واقفيت آهي. ٿي سگهي ٿو هُو منهنجي ايتري مدد نه ڪري سگهن. انهن سوچن ۽ پريشانين ڪري منهنجي بک مري چڪي هئي، جو هوائي جهاز ۾ مليل بسڪيٽ ۽ سموسا به نه کاڌم ۽ پوءِ پوليس آفيس ۾ ’رپورٽنگ‘ لاءِ ڊوڙندا رهياسين، جيڪا انڊيا توڙي پاڪستان ۾، مسافرن جي ڀلائيءَ خاطر گهٽ، پر ذليل ڪرڻ لاءِ ئي ڪئي وڃي ٿي. جئه جو ڊرائيور مانيءَ لاءِ پڇندو رهيو هو پر کيس ڪوڙ ڪري چيم ته جهاز ۾ لنچ ڏنائون. هاڻ جڏهن جئه کي بيحد فرينڊلي پسي ۽ جهڙالي موسم ۾ چوڌاري بورگهاٽ جي ساوڪ سان ڀريل جبلن کي ڏسي ٽينشن ختم ٿي وئي هئي ته هاڻ چانهه کان وڌيڪ ڪجهه کائڻ تي دل چئي رهي هئي. جئه کان پڇيم ته، “توهان جو کنڊالا ڪڏهن ايندو؟”
    جئه ٽهڪ ڏئي چيو ته، “بس اڌ ڪلاڪ اندر... توهان پڪ کنڊالا نالو ٻڌو هوندو؟”
    “ها... غلام فلم ۾ عامر خان ۽ راني مُڪرجي جو گانو، ’آتي ڪيا کنڊالا؟‘ ٻڌي کنڊالا ياد ٿي ويو آهي. جيئن شعله فلم ۾ هيما مالني جي واتان ’بيلاپور‘ ٻڌو هوم ۽ اڄ بيلاپور کان لنگهڻ وقت خبر پيئي ته اهو بيلاپور هتي نئين ممبئيءَ ۾ آهي.”
    جئه موتياڻيءَ ياد ڏياريو ته کنڊالا جو ذڪر 1975 جي ڪلاسڪ فلم “ڇوٽي سي بات” ۾ به اچي ٿو، جنهن ۾ اشوڪ ڪمار هڪ رٽائرڊ فوجي ڪرنل جو پارٽ ادا ڪيو آهي، جيڪو کنڊالا ۾ رهي ٿو.
    کنڊالا (Khandala) ۽ لوناوالا هڪٻئي کان ٽن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ڪوهه مري ۽ ايوبيه وانگر هِل اسٽيشنون آهن. ائين سمجهو ته هي هل اسٽيشنون ممبئيءَ کان 96 ڪلوميٽر ۽ ٻئي پاسي پوني کان 64 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهن. کنڊالا ۽ لوناوالا سطح سمنڊ کان 622 ميٽر- يعني ٻه هزار کن فوٽ بلنديءَ تي آهن. هي جبل (ٽڪريون) ساهيادري جبلن جي قطار جو حصو آهن. هي ٻئي هِل اسٽيشنون 1871ع ۾ سر ايلفنسٽن ايجاد ڪيون، جيڪو انهن ڏينهن ۾ بمبئيءَ جو گورنر هو. اسان سان گڏ سفر ڪندڙ ڊاڪٽر مونا ٻڌايو ته لوناوالا سنسڪرت جي لفظ لوناولي مان نڪتو آهي، جيڪو هتي جي آسپاس وارين غارن Bhaja Caves, Karla Caves۽ بيدسا غارن لاءِ استعمال ٿئي ٿو.
    جئه چيو ته، “ڪنهن ڏينهن هلجو ته توهان کي اهي غارون ڏيکاريان ۽ کنڊالا جا ٻه جهونا قلعا ’لوها گاد‘ ۽ ’ويساپور‘ پڻ.”
    جئه پنهنجي ڪار هڪ ٻن ريسٽورنٽن بعد، نيٺ هڪ اڳيان اچي پارڪ ڪئي. خوبصورت ۽ ماڊرن نموني جون هي ريسٽورنٽون، بين الاقوامي معيار جا واش روم، وردين ۾ بئرا ۽ خدمتگار ڇوڪريون، اعليٰ نموني جو ماڊرن پيٽرول پمپ، چوڌاري جبلن توڙي ماٿرين ۾ چهچ ساوڪ ۽ ٿڌڪار... ائين ٿي لڳو ڄڻ اڄ جي ماڊرن ملائيشيا ۽ سنگاپور جو ڪو هاءِ وي اسٽاپ هجي هي رونقون ۽ امن امان جي حالت، هر هڪ کي پنهنجي پسند جي گندي ڪپڙي پائڻ جي آزادي ۽ سواءِ ايران جي باقي ايشيائي ملڪن کان سستائي... حق تي انڊيا اچڻ لاءِ دنيا جاٽوئرسٽ ماندا آهن.
    واش روم مان واندو ٿيڻ کان پوءِ اسان اچي هڪ اهڙي ريسٽورنٽ ۾ ويٺاسين، جنهن جي چوڌاري رنگين شيشي (Tinted Glasses) جون ڀتيون هيون، جن مان اسان چوڌاري ايندڙ گاڏيون ۽ انهن مان لهندڙ مسافر ۽ پري کان وهندڙ ايڪسپريس وي به ڏاسندا رهياسين.
    جئه پڇيو، “ڇا کائيندؤ؟”
    “جيڪي توهان کائينداؤ.” وراڻيومانس.
    “آءٌ ته اڊلي ڊوسا کائينديس” ڊاڪٽر مونا چيو.
    “آءٌ به اڊلي ڊوسا.” جئه چيو.
    “ته پوءِ سائين آءٌ ڪجهه ٻيو ئي کائڻ چاهيندس.” مون يڪدم دخل اندازي ڪئي. ايتري ۾ آرڊر وٺڻ واري ڇوڪري ڪاپي ۽ پين سان آئي ۽ آرڊر وٺڻ لڳي. جئه جي ڌيءَ خوشبوءِ، ’بگ برگر‘ جو آرڊر ڏنو ۽ مون هن کي ويجيٽيبل سئنڊوچ لاءِ لکرايو. جئه ٻڌايو ته هن ريسٽورنٽ ۾ چڪن جون سئنڊوچون به ملن ٿيون، پر مون هميشه وانگر پرديس ۾، خاص ڪري سفر ۾ گوشت جهڙين شين کي avoid ڪرڻ چاهيو ٿي ۽ اها ئي ڳالهه ٻين کي به چوندو رهان ٿو ته سفر ۾ کاڌي ۽ پاڻيءَ جو خيال رکو. مڇي يا گوشت گهٽ واپرايو. خاص ڪري هوٽلن ۾ کائڻ وقت.
    “الطاف، اڊلي يا ڊوسا ٽراءِ ڪري ڏسو. ڏاڍا سٺا ٿا ٿين.” جئه مون کي چيو.
    “تمام هلڪو کاڌو اٿانوَ.” ڊاڪٽر مونا چيو، “دال ۽ چانورن جي خمير (fermentation) مان ٺاهيا ٿا وڃن. هي ڏکڻ هندستان جو خاص کاڌو آهي.”
    آءٌ مرڪندو رهيس. نيٺ ٻڌايومان ته آءٌ انهن ڏکڻ هندستان جي کاڌن کان چڱيءَ طرح واقف آهيان، جو منهنجو ڏهن سالن کان مٿي عرصو ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ انهن تامل، مليالم، ڪنڙ ۽ تيلگو ڳالهائڻ وارن مدراسين، بئنگلورين ۽ ٻين تامل ناڊو جي رهاڪن جي وچ ۾ رهڻ ٿيو آهي ۽ انهن جا ڪافي کاڌا ٽيسٽ ڪيا اٿم. اڊلي ۽ ڊوسا جهڙيون شيون واقعي جلد هضم ٿيڻ واريون آهن، پر هن وقت مون کي بک کي ڏڍ ڏيڻ لاءِ ڪاچيز (پنير) ۽ مکڻ جي تهه وارين سئنڊوچن جي ضرورت هئي.
    ممبئي يونيورسٽيءَ ۾ جڏهن اچي رهيس ته ڪنهن ڪنهن ڏينهن صبح جو ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻيءَ جي ڀاءُ پروفيسر منوهر سان يونيورسٽيءَ جي ڪئنٽين ۾ نيرن لاءِ ويندو هوس. پروفيسر منوهر روزانو الهاس نگر کان 60 کن ڪلوميٽرن جو ٽرين ذريعي سفر ڪري ڪُرلا (Kurla) ريلوي اسٽيشن تي لهندو هو، جتان بس ذريعي ممبئي يونيورسٽيءَ پهچندو هو. صبح جي وقت ڪئنٽين اڌ کان وڌيڪ ڀريل هوندي هئي. گهڻو ڪري سڀ شاگرد هوندا هئا. انهن ۾ ڪي اڊلي ناريل جي چٽڻيءَ سان کائي رهيا هوندا هئا ته ڪي ڊوسا کائي رهيا هوندا هئا. پروفيسر منوهر هر دفعي اُڦراٽو گهرائيندو هو. آخري ڏينهن تي چيومانس، “يار منوهر! سڄو جهان اِڊلي ڊوسا پيو کائي، ڪنهن ڏينهن ته پاڻ به اُڦراٽي بدران اهي شيون کائون.” کِلي وراڻيائين، “يار هنن سنهڙن مرهٽن جو خبر ناهي ان مان ڪيئن ٿو پيٽ ڀرجي؟ پاڻ سنڌي اهو جي کائون ته ڪلاڪ اندر وري بک لڳي.”
    بهرحال هوٽل وارا اسان مان هر هڪ لاءِ گر ماگرم شيون کڻي آيا. ڊاڪٽر مونا لاءِ آيل چئن اِڊلين مان، چکڻ لاءِ ٻه مون کي ڏيڻ لڳي. مون هڪ وٺي ٽيسٽ ڪئي ته سٺي ٺاهيل هئي. ساڻس گڏ چٽڻيون به سٺيون هيون. آخر ۾ اسان سڀني ڪافي گهرائي. اها پڻ بهترين هئي. تنهن جي معنيٰ ته ڪوهه مريءَ کان ننڍي ڳوٺ کنڊالا جي هڪ بس اسٽاپ تي به هر قسم جي شيءِ بين الاقوامي معيار جي موجود آهي ۽ قيمت به تمام واجبي! جيڪا هڪ پاڪستاني، سريلنڪن ۽ بنگلاديشي غريب ٽوئرسٽ کي به گهڻي نه لڳي.
    اڊلي گول نان ختائيءَ وانگر ٿئي ٿي ۽ ڊوسا چپاتي کان وڏي سائيز جو ڪڙڪ ٿئي ٿو، جيڪو گول رول ٿئي ٿو. اڊلي ڊوسا، وادا ۽ پاپڙن ۾ مختلف داليون استعمال ٿين ٿيون. اڊلي ۾ ٻه حصا چانور ۽ هڪ حصو ارد جي دال ٿئي ٿي. اهي ٻئي شيون پهرين پاڻي ۾ پسايون وڃن ٿيون پوءِ ان کي جنڊ ۾ يا سل بٽي تي پيهي، پيسٽ ٺاهي وڃي ٿي ۽ پوءِ هن مڪسچر کي سڄي رات ڇڏيو وڃي ٿو ته اهو خميرزده ٿئي يعني منجهس fermentation ٿئي. جيئن انگوري رس (مٺاڻ) رکڻ سان خميرزده ٿي شراب (Ethyl Alcohal) ٿيو پوي. بهرحال هي چانورن ۽ دال جو ڳُٺل اٽو، صبح تائين ڦولجي، ٻيڻو ٽيڻو ٿيو وڃي. ان جا گول بسڪيٽ ٺاهي پريشر ڪُڪَر يا ڪنهن ٻئي اهڙي ٿانوَ ۾ رکيا وڃن ٿا، جنهن جي تري ۾ رکيل پاڻي، باهه تي ٻاڦ بڻجي، هنن بسڪٽن کي پچائي سگهي. ٻين لفظن ۾ اڊلي Steam ذريعي رڌي وڃي ٿي. 20 کان 25 منٽن ۾ تيار ٿيو وڃي.
    ڊوسا ۾ به ساڳي قسم جي خميرزده چانورن ۽ دال جي پيسٽ استعمال ٿئي ٿي، پر اهو اڊلي وانگر ٻاڦ تي رڌڻ بدران تئي تي فراءِ ڪيو وڃي ٿو. انڊيا توڙي سري لنڪا پاسي دوسا، اڊلي، وادا (واهدا، واهدي ۽ واهدائي به سڏجي) ۽ ويندي پاپڙ وغيره ۾ ارد جي دال (black lentil)استعمال ٿئي ٿي. اسان وٽ سنڌ ۾ انهن شين مان فقط پاپڙ ٺهن ٿا، جيڪي گهڻو ڪري مڱن جي دال مان ٺاهيا وڃن ٿا. ملائيشيا ۾ اسان جي پاڙي ۾ رهندڙ سري لنڪا جي تامل ڪئپٽن رُڊرا ڪمار جي گهر ۾ “مسالا ڊوسا” ٺاهيا ويندا هئا، جن ۾ پٽاٽن ۽ بصرن جي مسالن ۾ تيار ڪيل ڀاڄي به ڀري ويندي هئي. بهرحال انهن مسالا ڊوسائن جا به قسم آهن، جن کي اسان جا پاڙي وارا تامل انهن کي ميسور مسالا ڊوسا سڏيندا هئا. جڏهن ڊوسا سان گڏ ناريل (کوپري) جي چٽڻي ۽ بصرن جي چٽڻي موڪليندا هئا ته ان کي نئنگلوري ڊوسا سڏيندا هئا ۽ جڏهن انهن ڊوسائن ۾ اندر، ڳاڙهن مرچن جو تهه هڻي تيار ڪندا هئا ته ان کي لاجونتي ڊوسا سڏيندا هئا. ملائيشيا ۽ سنگاپور جي سائوٿ انڊين هوٽلن ۾ مختلف نالن وارا ڊوسا ملن ٿا، جيئن ته تِلور ڊوسا (بيضي وارو ڊوسا) تِلور ملئي لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ بيضو آهي. هن ڊوسا ۾ آمليٽ بيضي جو تهه ڏنو وڃي ٿو، جيئن اسان وٽ اُڦراٽي ۾ آمليٽ بيضو وڌو وڃي ٿو يا عرب دنيا ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪن ۾ مرتباڪ ٺاهيو وڃي ٿو. اسان وٽ اُڦراٽو يا عرب ملڪن ۾ مرتباڪ ڪڻڪ جي اٽي مان ٺاهيا وڃن ٿا، پر ڏکڻ هندستان توڙي سري لنڪا ۾ ڊوسا ۽ اڊلي وغيره ۾ چانورن جو اٽو استعمال ٿئي ٿو. دراصل انهن ملڪن ۾ توڙي ملائيشيا، سنگاپور ۽ انڊونيشيا وغيره ۾ ٻارهوئي مينهن وسڻ ڪري رڳو چانورن جي پوک ٿئي ٿي، ان ڪري هتي هر شيءِ چانورن مان ٺاهي وڃي ٿي. اسان وٽ سَيُون، نوڊل، اسپاگهيٽي وغيره ڪڻڪ مان ٺهي پر مٿين ملڪن ۾ توڙي هانگ ڪانگ جپان ۾ چانورن مان ٺهن، جو ڪڻڪ اسان جهڙن ملڪن مان اوڏانهن وڃي ٿي ۽ اتي ڪڻڪ جون شيون مهانگيون ٿين ٿيون.
    ڊوسا جا ڪجهه ٻيا قسم به آهن:
    چلي ڊوسا- جنهن ۾ ڳاڙها مرچ پون ٿا. گيهه ڊوسا- جيڪو ٿوپا يا نيئي ڊوسا به سڏجي، جيڪو تيل بدران گيهه ۾ فراءِ ڪيو وڃي ٿو. اهڙي طرح بٽر ڊوسا (مکڻ وارو ڊوسا) به ٿئي.
    فئملي ڊوسا، هي وڏو ڊوسا ٿئي- ٻن کان ٽن فٽن تائين.
    ڪاغذي ڊوسا، هي ڪاغذ وانگر سنهو ڊوسا ٿئي. جيئن پاڻ وٽ گيهه ۾ فراءِ ٿيل ٿلهو اڦراٽو به ٿئي ته سنهو ڊگڙ ۽ ڦُلڪو به ٿئي.
    چائو چائو ڊوسا، هي شايد ملائيشيا جي ايجاد آهي، جنهن ۾ چيني نوڊل به وڌيون وڃن ٿيون.
    هتي کنڊالا جي ريسٽورنٽ تي مختلف ڊوسا جا نالا پڙهيم، جيڪي ڪجهه هن ريت هئا:
    • روا ڊوسا (Rava Dosa)
    • ويلا ڊوسا، جنهن بابت ڊاڪٽر مونا ٻڌايو ته ان ۾ ڪجهه کنڊ وجهي مٺو ٺاهيو وڃي ٿو.
    • مُوتائي ڊوسا، هي ملائيشيا وارو تلور ڊوسا آهي. تامل زبان ۾ بيضي کي موتائي (Muttai) سڏجي ٿو.
    • ادائي ڊوسا، هي ارد، چڻن ۽ مڱن جي دال کي ملائي ٺاهيو وڃي ٿو.
    • اپام ڊوسا، هن ۾ ڌؤنرو ملايو وڃي ٿو.
    پوني بعد جڏهن ممبئي يونيورسٽيءَ ۾ اچي رهيس ته هڪ ڏينهن ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي جي سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ بحث دوران ڀر واري ڪنهڙ (Kannada) ڊپارٽمينٽ جي پروفيسر ونڪت ٻڌايو ته اڊلي ۽ ڊوسا ڏکڻ هندستان جي خاص ڊشن مان آهن. جن جو ذڪر سن 920 جي هڪ لکيل ڪنهڙ زبان جي ڪتاب ۾ به آهي ۽ ان کان علاوه مانا سولاسا ۾ به آهي.
    مانا سولاسا (Manasollasa) سڪا دور جي سنسڪرت ۾ لکيل هڪ قسم جي انسائڪلوپيڊيا آهي، جيڪا سوميسورا ٽيئن (ڏکڻ هندستان جي بادشاهه، جنهن 1126ع کان 1138ع تائين حڪومت ڪئي) 1129ع ڌاري لکي. هن بادشاهه (Somesvara III) جي حڪومت ڪرڻ کان وڌيڪ، لٽريچر سان دلچسپي هئي. سندس لکيل ماناسولاسا هڪ سئو چئپٽرن ۾ ورهايل آهي. هر چئپٽر الڳ الڳ سبجيڪٽ بابت آهي، جيئن ته بادشاهت ڪيئن حاصل ڪجي؟ ان کي قائم ڪيئن رکجي؟ حاڪم کي عيش ڪيئن ڪرڻ کپي؟ ان کان سواءِ هن ۾ هندستاني آرٽ، عمارتسازي، رڌ پچاءُ ۽ کاڌن، ڳهه ڳٺن، راندين، راڳ روپ ۽ ناچن بابت معلومات ڏنل آهي.


    12 سال پگهار نه وٺڻ واري ڊاڪٽرياڻي

    کنڊالا ڇڏڻ وقت سج لهي ويو هو. اسان جو ميزبان جئه موتياڻي، جيڪو گاڏي هلائي رهيو هو، تنهن ٻڌايو ته هاڻ پوني پهچڻ ۾ ڏيڍ ڪلاڪ کن مس آهي. ديهو (Dehu) روڊ تائين، هي “ممبئي، پوني ايڪسپريس وي” هلندو، ان بعد پاڻ ساڄي پاسي وارو روڊ وٺي، شيواجِي نگر کان وڃي نڪرنداسين، جيڪو پوني جو مرڪزي علائقو آهي.
    “واپسيءَ تي جي الطاف پاڻ سان ممبئيءَ موٽيو، ته هن کي نئشنل هاءِ وي NH4 تان وٺي هلنداسين” ڊاڪٽرمونا، جئه موتياڻيءَ کي چيو.
    “ڇو ڀلا ان رستي تان؟” مون ڊاڪٽر مونا کان پڇيو.
    “ان ڪري ته جيئن ان رستي تي تاريخي شهر ڪارجات (Karjat) ۽ کوپولي (Khopoli) ڏسي سگهين” مونا چيو.
    ڪارجات ۽ کوپولي NH4 رستي تي ائين آهن، جيئن ڪراچيءَ کان حيدرآباد ويندڙ نئشنل هاءِ وي تي مڪلي ۽ ٺٽو آهن. جئه ٻڌايو ته “ڪارجات” الهاس نديءَ جي ڪناري تي هڪ خوبصورت شهر آهي، جيڪو ٽوئرزم، تعليمي ادارن ۽ فلمي شوٽنگ کان مشهور آهي. “ڪارجات” ممبئي جو ئي هڪ ڇيڙو سمجهجي، جيئن لانڍي ڪراچيءَ جو آهي، پر هي شهر اسان جي روهڙي ۽ ڪوٽڙيءَ وانگر ريلوي جنڪشن جو شهر آهي، جتي CST (ڇتراپتي شيواجي ٽرمينس) ريلوي اسٽيشن ممبئيءَ کان لوڪل ريل گاڏيون به اچن ٿيون ته کوپولي، پانويل ۽ پوني کان ايڪسپريس ٽرينون به پهچن ٿيون. جيئن اسان وٽ ملتان جو حلوو ۽ حيدرآباد سنڌ جي رٻڙي مشهور آهي، تيئن ڪارجات جو سموسي پڪوڙي جهڙو “ودا پاو” (Vada pao) مشهور آهي. ان ۾ پٽاٽي جي ڀاڄي وڌي وڃي ٿي. مختلف شهرن ڏي ويندڙ هاءِ وي به هن شهر سان ڳنڍيل آهن. ڪارجات، ممبئيءَ جي سئنٽا ڪروز، ڪُرلا، Sion يا باندار کان 50 کن ڪلوميٽر ٿيندو.
    ڊاڪٽر مونا ٻڌايو ته، “ڪارجات ۾ ٽوئرسٽن لاءِ سڀ کان وڏي ڪشش ۽ ڏسڻ وٽان جاءِ آرٽ ڊائريڪٽر نتن ڊيسائيءَ جو “ND Studio” آهي. انڊيا جا ٽاپ ڊائريڪٽر هن فلمي اسٽوڊيو ۾ پنهنجين فلمن جي شوٽنگ لاءِ اچن ٿا.”
    جئه ٻڌايو ته ڪارجات ۾ هاليووڊ جي ٻن فلمي ڪمپنين والٽ ڊزني ۽ Twentieth Century fox جا ڪافي پراڻا فلمي اسٽوڊيو آهن ۽ انهن جي ڪيترين فلمن جي شوٽنگ هتي ٿئي ٿي.
    اهڙيءَ طرح ممبئي ــ پوني واري پراڻي رستي تي اسان جي ٺٽي وانگر کوپولي شهر آهي، جتي مسافر ڪجهه دير ترسي ٿڪ ڀڃن ٿا.
    ڊاڪٽر مونا ٻڌايو ته انگريزن جي دورِ حڪومت ۾ هن شهر کي ڪئمپولي (Campolee) سڏيو ويو ٿي. ان بعد هن جو نالو کوپولي پيو، جيڪو هتي جي مقامي زبان مرهٺيءَ جو لفظ آهي. کوپي معنيٰ جهوپڙي ۽ اوالي معنيٰ قطار يعني گهڻين جهوپڙين جي قطار. مرهٺي زبان جو مشهور ليکڪ “ڊگهي” (R.V.dighe) هن شهر کوپولي ۾ ئي رهندو هو.
    ممبئيءَ ۾ جئه موتياڻيءَ جي ڪار ۾ چڙهڻ وقت مون کي ڊاڪٽر مونا بيحد Serious قسم جي لڳي رهي هئي، پر هاڻ کيس خوش مزاج ۽ فرينڊلي ڏسي پڇيم، “ڊاڪٽر مونا مون توهان کي ميڊيڪل جو ڊاڪٽر سمجهيو ٿي پر توهان جي مختلف ڳالهين جي معلومات مان لڳي ٿو ته توهان Ph.D واريون ڊاڪٽر آهيو؟”
    “توهان پهرين صحيح سمجهيو هو.” ڊاڪٽر مونا کلندي چيو، “آءٌ Gynaecologist (زناني بيمارين جي) ڊاڪٽر آهيان.”
    ڊاڪٽر مونا به پوني ۾ ساڌو واسواڻيءَ وارن جو فنڪشن اٽينڊ ڪرڻ لاءِ هلي رهي هئي. سندس رهائش به ساڳئي گيسٽ هائوس ۾ هئي، جتي منهنجي رهڻ جو بندوبست ٿيل هو. هن سان روزانو فنڪشن ۾، يا مانيءَ تي ڊائننگ هال ۾ ملاقات ٿيندي رهي ٿي. هڪ امير، وڏي مانَ مرتبي ۽ اعليٰ خاندان سان سندس تعلق هوندي به مون هن کي بيحد Humble، غريبن جي خدمت ڪرڻ واري، ضرورتمند انسانن جي مددگار ۽ هيڏي وڏي عمر جي باوجود محنتي ۽ پورهيت محسوس ڪيو. هوءَ ساڌو واسواڻي ۽ دادا جشن جي قولن تي عمل ڪرڻ وارن مان هڪ آهي. هن جي ٻن ڀيڻن ايشوريءَ ۽ نرملا ته شادي به نه ڪئي ۽ سڄي عمر پوني ۾ رهي ساڌو واسواڻي مشن طرفان خير جي ڪمن ۾ غريب ماڻهن ۽ بيمارن جي خدمت لاءِ پنهنجي سڄي زندگي ارپي ڇڏي. پوني ۾ منهنجي ساڻن ۽ ٻين به ڪيترين وڏي عمر جي عورتن ۽ نوجوان ڇوڪرين سان ملاقات ٿي، جيڪي ايشوري ۽ نرملا وانگر، ساڌو واسواڻي مشن جي اسڪولن ۽ اسپتالن ۾ غريب ٻارن، بيمارن ۽ بکايلن جي مدد ڪنديون رهن ٿيون. انهن ۾ هڪ ڪالي نالي اسرائيل جي به ڇوڪري هئي. اهڙيءَ طرح ڪيترائي مرد به پنهنجي زندگيءَ جو مقصد خلق جي خدمت ڪرڻ کي سمجهي، هن مشن سان وابسته آهن، جن ۾ هڪڙو جئه موتياڻيءَ جو مائٽ انجنيئر راجيش آئيداساني به آهي، جنهن سان ملاقات پڻ ٿي. هُو وڏي پگهار تي آسٽريليا ۽ انگلينڊ ۾ مليل نوڪرين جي آفرن کي ٺڪرائي، هتي فقط اجهي ۽ روٽيءَ تي، مفت ۾ Maintenance جو ڪم ڪري ٿو. سندس پيءُ شيتل ۽ ماءُ لڪشمي ديوي به پوني آيل هئا، جن جو هُو اڪيلو اولاد آهي. شيتل (جنم تاريخ 8 فيبروري 1932ع) ٻڌايو ته هن جو پيءُ پوهومل آئيداساني مانجهند جو رهاڪو هو ۽ سندس زال (يعني راجيش جي ماءُ) لڪشمي ديوي جو پيءُ واڌو مل ٽنڊي آدم جو وڏو واپاري هو. شيتل جو ڏاڏو (يعني انجنيئر راجيش جو پڙڏاڏو) ڏيارام آئيداساني “راءِ صاحب” هو.
    بهرحال پاڻ ڊاڪٽر مونا جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين، جنهن ٻڌايو ته سندس صحيح نالو ڊاڪٽر موهنا آهي پر مٽ مائٽ ۽ واقفڪار کيس ڊاڪٽر مونا سڏين ٿا.
    “منهنجي پيءُ جو نالو ٽوپڻ داس جوتواڻي (جنم 1904ع ۽ وفات 1968ع) آهي ۽ ماءُ جو نالو ٽلي آهي،” ڊاڪٽر مونا ٻڌايو، “منهنجا ناناڻا ٽهلراماڻي آهن. منهنجي ناني جو نالو ٿانوڻ داس ٽهلراماڻي آهي ۽ منهنجو مامو ليکراج ٽهلراماڻي شروعاتي سنڌي انجنيئرن مان آهي، جيڪو 1925ع ۾ انگلينڊ مان B.E جي ڊگري حاصل ڪري آيو ۽ سکر بئراج ٺاهڻ ۾ هن جو وڏو هٿ آهي.
    ڊاڪٽر مونا جي پيءُ ٽوپڻ داس ايس. جوتواڻي (ايس مان مراد سندس پيءُ يعني ڊاڪٽر مونا جي ڏاڏي جو نالو سکرام داس آهي) به انگلينڊ مان 1928ع ۾ سول انجنيئرنگ ۾ B.E ڪئي هئي. ڊاڪٽر مونا ٻڌايو ته سندس ڏاڏي کي سيوهڻ ۾ وڏيون حويليون هيون. هُوءَ پاڻ دادوءَ ۾ 21 سيپٽمبر 1932ع تي ڄائي، جو انهن ڏينهن ۾ سندس پيءُ (انجنيئر ٽوپڻ داس جوتواڻي) جي نوڪري دادوءَ ۾ هجڻ ڪري مونا جي ماءُ دادوءَ ۾ رهي ٿي.
    “دراصل اسان جو هن پاسي، پوني، احمد آباد، بڙودي ۽ بمبئي ننڍي هوندي کان اچڻ وڃڻ ٿيندو رهيو ٿي.” ڊاڪٽر مونا هڪ ڏينهن پوني ۾ نيرن تي ٻڌايو، “منهنجو هڪ چاچو ڊاڪٽر وليرام جوتواڻي Leps هو ۽ 1947ع کان اڳ ريلوي طرفان ٽرانسفر ٿي بڙودا (گجرات) آيو هو.”
    ڊاڪٽر مونا ٻڌايو ته سندس چاچي جي وڏي ڌيءَ ڊاڪٽر سرسوتي، جيڪا هينئر 88 ورهين جي آهي، تنهن کي حيدرآباد شهر ۾ نوڪري ملي، جتي هن ڏيڍ سال جو Condensed ڪورس ڪري MBBS جي ڊگري حاصل ڪئي.
    “مون پرائمري تعليم حيدرآباد مان حاصل ڪئي.” ڊاڪٽر مونا ٻڌايو، “مون کي ياد آهي ته ساڌو واسواڻي پاڻ اسان جي ڪلاس ۾ اچي بيهندو هو ۽ ڏسندو هو ته اسان جي پڙهائي سٺي پئي ٿئي يا نه. گهر ۾ به موٽي اچي هوم ورڪ ڪبو هو، بلڪ ماءُ پيءُ ڪجهه وڌيڪ ئي پڙهائيندا هئا. ان ڪري ننڍي هوندي کان وٺي اسان ڀائرن ڀينرن ۾ محنت جي عادت پيئي ۽ اسان هر امتحان ۾ سٺي پوزيشن حاصل ڪئي.”
    ڊاڪٽر مونا مئٽرڪ ممبئي يونيورسٽيءَ مان اچي ڪئي ۽ MBBS به ممبئيءَ جي ان وقت توڙي اڄ جي بهترين ڪاليج “گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج” مان 1955ع ۾ ڪئي. سندس شادي ڪشن جوتواڻيءَ سان MBBS ڪرڻ بعد ٿي. کيس ٻه ٻار آهن. وڏو ٻار ڌيءُ ڊاڪٽر سوني آهي، جيڪا آمريڪا جي شهر سئن فرانسڪو ۾ رهي ٿي جنهن کي پڻ ٻه ٻار آهن. پٽ روي ساڻس گڏ ممبئيءَ ۾ رهي ٿو.
    ڊاڪٽر مونا جون ٻه ڀيڻون... اندرا جيڪا 78 سالن جي آهي ۽ ٻي ڊاڪٽر ڪرشنا جنهن جو مڙس آمريڪن هو ۽ ڪجهه سال اڳ گذاري ويو ۽ هڪ ڀاءُ چندرو... آمريڪا ۾ رهن ٿا. اندرا جي شادي هيرانند ڀٽاڻيءَ سان ٿي. هُو لاس اينجلس ۾ رهن ٿا ۽ ٽي ٻار اٿن. سندس ڀاءُ چندرو نيويارڪ ۾ رهي ٿو ۽ ٽريول ايجنسيءَ جو ڪاروبار اٿس ۽ هڪ ٻيو ڀاءُ ڀرت پڻ نيويارڪ ۾ رهي ٿو.
    ڊاڪٽر مونا جي هڪ ٻي ڀيڻ روما جيڪا چندرو گدواڻيءَ جي زال آهي، پڻ پوني ۾ رهي ٿي ۽ هڪ اسڪول جي پرنسپال آهي. ان کان سواءِ سندس ڪوشيلا نالي ڀيڻ پڻ پوني ۾ آهي ۽ پريتم شبلاڻيءَ جي زال آهي.
    ڊاڪٽر مونا ٻڌايو ته سندس ناناڻا بوبڪ پاسي ٽلٽي ڳوٺ جا آهن. ڊاڪٽر مونا گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج مان ڊگري حاصل ڪرڻ ۽ هائوس جاب ڪرڻ بعد مختلف اسپتالن ۾ ڪم ڪيو، جنهن مان 20 سال کن ميونسپل هاسپيٽل ۾ نوڪري ڪئي اٿس ۽ ڪجهه سال چمبور ۽ کار جي اسپتالن ۾ ڪم ڪيو اٿس. ڊاڪٽر مونا جي نيڪيءَ واري خاني ۾ سڀ کان وڏي ڳالهه اها آهي، ته هن ڪلياڻ ڪئمپ جي هڪ خيراتي اسپتال ۾ هڪ نه، ٻه نه، پورا ٻارنهن سال بنا پگهار جي نوڪري ڪئي ۽ غريبن جي خدمت ڪئي. پاڻ هن وقت 75هون سال به ٽپي وئي آهي، پر اڄ به صبح کان شام تائين مريضن جو علاج ۽ آپريشنون ڪري ٿي. ان معاملي ۾ ڊاڪٽر مونا جي ڀينرن ايشوري ۽ نرملا کي ٿو ڀيٽجي ته هنن ته ڄڻ سڄي عمر خلق جي خدمت حوالي ڪري ڇڏي. ايشوري جيڪا ڊاڪٽر مونا کان چار پنج سال وڏي آهي ۽ هن وقت اسيءَ کان به ٽپي وئي آهي. ساڌو واسواڻيءَ جي حيدرآباد وارن ڏينهن کان وٺي تعليم ۽ ميڊيڪل جي دنيا ۾ غريبن ۽ ضرورتمندن جي خدمت ڪندي پئي اچي ۽ ائين هيءَ عمر اچي ٿي اٿس ۽ ساڳيو حال سندس ٻي ڀيڻ نرملا جو آهي. پوني ۾ ٻنهي ڀينرن سان ملي مون کي بيحد خوشي ٿي.


    گرانٽ کان ڊو ميڊيڪل ڪاليج تائين

    گذريل مضمون ۾ 75 ورهين جي ڄمار جي ممبئيءَ جي مشهور گائناڪالاجسٽ ڊاڪٽرياڻي مونا جوتواڻيءَ جو احوال لکيو اٿم. هُن، اسان سان گڏ ممبئي کان پوني جو سفر ڪيو ۽ پوني ۾ دادا جشن واسواڻيءَ جي 90هين برٿ ڊي جي موقعي تي هفتو کن هلندڙ فنڪشن ۽ سنڌي سميلن اٽينڊ ڪيو. ڊاڪٽر مونا پنهنجي زندگيءَ جو احوال ٻڌائڻ دوران وڏي فخر سان ٻڌايو ته هن ڊاڪٽريءَ جي ڊگري MBBS, ممبئيءَ جي ميڊيڪل ڪاليج، “گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج” مان پڙهي حاصل ڪئي.
    ممبئي موٽڻ تي مئڊم سرلا ناري ڪرپلاڻي سان ملاقات ٿي، هُوءَ به وڏي فخر سان ٻڌائي رهي هئي ته سندس مڙس ڊاڪٽر ناري ۽ پٽ ڊاڪٽر ديپڪ ٻئي ممبئيءَ جي گرانٽ ميديڪل ڪاليج جا گريجوئيٽ آهن. ڊاڪٽر ناري ڪرپلاڻي ٻه سال اڳ 80 ورهين جي ڄمار ۾ گذاري ويو سندس پيءُ ڊاڪٽر منگهن مل حيدرآباد جو مشهور ڊاڪٽر ۽ سرجن ٿي گذريو آهي. پاڻ وڏو قابل ۽ غريبن جو هڏ ڏوکي ڊاڪٽر هيو، جنهن جي ساک حيدرآباد جا جهونا اڄ به ڏيندا آهن. هن وٽ جن ڊاڪٽرن ڪم سکيو، انهن جي به ماڻهو تعريف ڪن ٿا. ڊو ميڊيڪل ڪاليج ڪراچي جي اوائلي شاگردن مان هالا نوان جو ڊاڪٽر محمد عابد ميمڻ به هڪ آهي. ڊاڪٽر عابد ٻڌايو ته ڊاڪٽر منگهن مل جو پٽ ڊاڪٽر ناري ڪرپلاڻي به هنن سان گڏ ڊو ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا ورتي هئي، پر پوءِ ڊاڪٽر ناريءَ کي ممبئيءَ جي گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا ملڻ تي سندس پيءَ ممبئيءَ موڪلي ڇڏيو. پوءِ سگهو ئي هندوستان جو ورهاڱو ٿيو، پر ڊاڪٽر منگهن حيدرآباد ۾ ئي رهيو. هتي اهو به لکندو هلان ته ڊو ميڊيڪل ڪاليج جي ان شروع واري بئچ ۾ ڊاڪٽر محمد عابد ميمڻ وارن سان گڏ لاڙڪاڻي (ڳوٺ وليد) جي ڊاڪٽر مسز اشرف عباسي به هئي. کيس وڏا ٻه ٻار حاجي منور علي عباسي ۽ انجنيئر اختر عباسي ڄاول هئا. ان بعد هن ڊو ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا ورتي. جيتوڻيڪ هوءَ ڳوٺ جي هئي، هڪ زميندار جي زال هئي، ته به هن پنهنجي ڪاليج ۾ اول پوزيشن حاصل ڪئي. سندس پٽ اختر عباسي، جيڪو ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ منهنجو ڪلاس ميٽ هو، اهو به پڙهائيءَ ۾ اهڙو ئي هوشيار هو.
    هن 1963ع ۾ انٽر سائنس جي امتحان ۾ حيدرآباد جي سنڌ بورڊ (ان وقت سڄي سنڌ لاءِ اهو ئي سيڪنڊري بورڊ آف ايڊيوڪيشن هو) ۾ ٽاپ پوزيشن حاصل ڪئي.
    بهرحال هتي پاڻ ممبئيءَ جي گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين، جنهن بابت هتي ڪجهه مختصر احوال لکڻ ڪو بي مهل نه ٿيندو.
    انگريزن جي اچڻ تائين، ڪٿي هيون يورپي دوائون يا ڊاڪٽر؟ ننڍي کنڊ توڙي اوسي پاسي جي ملڪن ۾ اهي ئي جڙيون ٻوٽيون، يوناني ۽ آيورويدڪ علاج ٿيا ٿي يا سُتي ڦڪيءَ ۽ ٽوڻي ڦيڻي تي ڪم هليو ٿي. برٽش ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ وارن انڊيا ۾ رهندڙ پنهنجن گورن (يورپين) جي علاج لاءِ انڊين ميڊيڪل سروس (IMS) 1764ع ۾ ئي قائم ڪئي. بمبئي، ڪلڪتي ۽ مدراس ۾ اسپتالون هيون، جن کي انگريز ڊاڪٽرن هلايو ٿي. 1835ع ۾ ڪلڪتي ۾ پهريون ميڊيڪل ڪاليج “ميڊيڪل ڪاليج بنگال” نالي انگريزن کوليو، جيڪو پوءِ ميڊيڪل ڪاليج ڪلڪتا جي نالي سان سڏيو ويو. انهي ئي سال مدراس ۾ به ميڊيڪل ڪاليج کوليو ويو. پورن ڏهن سالن بعد بمبئيءَ ۾ 1845ع ۾ هي گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج کوليو ويو، جنهن لاءِ بمبئيءَ جي گورنر سر رابرٽ گرانٽ وڏي جاکوڙ ڪئي ته مقامي ماڻهو، جن کي انگريز Nativesسڏيندا هئا، اهي يورپي ميڊيڪل سائنس کان واقف ٿين ۽ ڊاڪٽر بڻجن.
    سر رابرٽ گرانٽ 1834ع ۾ بمبئيءَ جو گورنر ٿيو ۽ هن پهرئين ڏينهن کان هن ڪاليج قائم ڪرڻ لاءِ هڪ طرف ڪلڪتي جي انگريز حڪومت سان لکپڙهه شروع ڪئي ته ٻئي طرف شهر جي معزز ۽ امير ماڻهن سان صلاح مشورا الڳ شروع ڪيا. سر جمشيتجي جيجي ڀائيءَ اسپتال ٺهڻ لاءِ هڪ لک رپيا ڏنا، جيڪي اڄ جي پنجاهه ڪروڙ رپين کان به مٿي ٿيا. گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج سان اٽيچڊ اها اسپتال جيڪا پارسي سيٺ جمشيتجي جيجي ڀائي جي نالي سان Sir J.J.Hospital سڏجي ٿي اڄ به مشهور آهي. ميڊيڪل ڪاليج ٺهڻ جو اجازت نامو پهچڻ کان هفتو کن اڳ بمبئيءَ جو هي گورنر سر رابرٽ گرانٽ گذاري ويو، پر اڄ تائين اهو ڪاليج سندس نالي سان قائم آهي. سر بارٽل فريئر وانگر سر رابرٽ گرانٽ به بمبئيءَ ۾ مشهور هو، جو هن بمبئيءَ جي سُڌاري ۽ واڌاري لاءِ ۽ عوام جي خدمت لاءِ ڪيترائي اهم ڪم ڪيا. سندس نالي گرانٽ روڊ ريلوي اسٽيشن به آهي. ان اسٽيشن ڏي ايندڙ رستي جو نالو هاڻ گرانٽ بدران مولانا شوڪت علي رکيو ويو آهي.
    گرانٽ روڊ ريلوي اسٽيشن، بمبئيءَ جي ڏکڻ واري حصي ۾ آهي، جنهن سان شهر جون ڪيتريون ئي مشهور جايون ڳنڍيل آهن جهڙوڪ: گام ديوي، گرگائون، چوپاٽي، بابل ناٿ، مالابارهل، پيڊر روڊ، نانا چوڪ، چور بازار وغيره.
    سررابرٽ گرانٽ 1779ع ۾ انڊيا ۾ ئي ڄائو، جتي سندس پيءُ چارلس گرانٽ “ايسٽ انڊيا ڪمپني” جي ڊائريڪٽرن جو چيئرمين هو. پاڻ 1795ع ۾ ڪئمبرج مان تعليم حاصل ڪئي هئائين ۽ مشهور وڪيل ۽ سياستدان ٿي رهيو. 1832ع ۾ پاڻ جج ائڊوڪيٽ جنرل چونڊيو ويو ۽ 1834ع ۾ بمبئيءَ جو گورنر مقرر ٿيو. جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته ممبئيءَ جو هيءُ ميڊيڪل ڪاليج، جنهن لاءِ گورنر گرانٽ وڏي ڪوشش ڪئي، شروع ٿيڻ کان اڳ سندس اوچتو موت ٿي پيو. پاڻ پوني جي ويجهو دپوري (Dapori) شهر ۾ وئڪيشن ملهائي رهيو هو، ته مٿس مرگهي (Cerebral apoplexy)جو حملو ٿيو ۽ گذاري ويو. ڪاليج ٺهڻ تي انڊيا جي مشهور سنسڪرتي اسڪالر جگن ناٿ شنڪر شيٺ حڪومت کي اهو، Proposal ڏنو، ته هن ممبئي واري ميڊيڪل ڪاليج جو نالو گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج رکيو وڃي.
    گرانٽ ڪاليج ۾ بنا ڪنهن ذات پات ۽ رنگ ڀيد جي 16 کان 20 سالن جي عمر جي هوشيار ۽ سٺي ڪردار وارن ڇوڪرن جو انٽري ٽيسٽ وٺي کين داخلا ڏني وئي ۽ پهرين بئچ پهرين نومبر 1845ع ۾ شروع ٿي. جيتوڻيڪ انهن ڏينهن ۾ (1843ع) ۾ سنڌ انگريزن جي حوالي ٿي چڪي هئي، پر سنڌ صوبي ڏي انگريزن به ڪو خاص ڌيان نه ڏنو. ان جو اندازو ان مان لڳائي سگهو ٿا ته سنڌ ۾ پهريون ميڊيڪل ڪاليج “ڊو ميڊيڪل ڪاليج ڪراچي” هڪ سئو سالن کان پوءِ 1946ع ۾ کُليو. هي ڪاليج پهرين ڪجهه سالن لاءِ حيدرآباد ۾ ميڊيڪل اسڪول ٿي رهيو، جنهن کي پوءِ 1941ع ۾ ڊگري ڪاليج جو Status ڏنو ويو. ان بعد 1943ع ۾ هڪ ڪميٽي ٺاهي وئي، جنهن ڊوميڊيڪل ڪاليج جي رٿاپيش ڪئي. هن ڪميٽيءَ ۾ ان وقت جو وزيرِ صحت هرميندس واڌواڻي، سول اسپتالن جو انسپيڪٽر جنرل ڪرنل جي. اي. گري ۽ ايگزيڪيوٽو انجنيئر اڀيچند پڻ شامل هو. هي ڪاليج ٻن سالن تائين N.J.V اسڪول جي بلڊنگ ۾ هلندو رهيو، ان بعد نومبر 1946ع ۾ اهو، اڄ واري بلڊنگ ۾ شفٽ ٿيو. اهو ئي حال باقي اڄ واري پاڪستان جو هو. البت لاهور ۾ فقط هڪ ميڊيڪل ڪاليج “لاهور ميڊيڪل ڪاليج” جي نالي سان هو، جيڪو 1860ع ۾ ٺهيو، جنهن جو درجو 1911ع تائين اسڪول برابر هو. 21 ڊسمبر 1911ع تي هن کي ڪاليج ۽ ڊگري ڏيڻ جي يونيورسٽيءَ جو درجو ڏنو ويو ۽ سندس نالو “ڪنگ ايڊورڊ ميڊيڪل ڪاليج” رکيو ويو.
    اهڙيءَ طرح يونيورسٽين جو حال ڏسجي ته پاڪستان ٿيڻ وقت فقط پنجاب يونيورسٽي لاهور هئي، جيڪا انگريزن ڪلڪتا، مدراس ۽ بامبي يونيورسٽي ٺاهڻ بعد 1882ع ۾ ٺاهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته لاهور جي هيءَ يونيورسٽي تعليم جي اعليٰ ادارن مان هڪ هئي، جنهن سان ورهاڱي تائين موهندار ڪاليج پٽيالا، سينٽ اسٽيفن ڪاليج دهلي ۽ ٻيا ڪيترا انڊيا جا مشهور ڪاليج لاڳاپيل (affliated) هئا. ايشيا جا ٻه مشهور نوبل ايوارڊ يافته ڊاڪٽر هرگوبند خورانا ۽ ڊاڪٽر عبدالسلام هن يونيورسٽيءَ مان پڙهيا. ڊاڪٽر هرگوبند هن يونيورسٽيءَ مان 1943ع ۽ 1945ع ۾ B.Sc ۽M.Sc ڪئي ۽ کيس 1968ع ۾ فزيالاجيءَ ۾ نوبل پرائيز مليو ۽ ڊاڪٽر عبدالسلام 1946ع ۾ هن يونيورسٽيءَ مان مئٿس ۾ M.A ڪئي ۽ کيس 1979ع ۾ فزڪس ۾ نوبل پرائيز مليو.
    اسان واري سنڌ يونيورسٽي، پاڪستان جي ٻيو نمبر جهوني يونيورسٽي آهي، جيڪا پاڪستان ٺهڻ (1947ع ) کان 1951ع تائين ڪراچيءَ ۾ رهي، جتي هن جو ڪم فقط امتحان وٺڻ هو. 1951ع ۾ حيدرآباد ۾ شفٽ ٿيڻ بعد هُوءَ هڪ مڪمل يونيورسٽيءَ وانگر ڪم ڪرڻ لڳي. ان بعد سندس سائنس جي فئڪلٽي 1961ع ۾ ڄامشوري واري نئين ڪئمپس ۾ شفٽ ٿي ۽ پوءِ 1970ع ۾ باقي ڊپارٽمينٽ به اوڏانهن شفٽ ٿي ويا.
    انڊيا جي بامبي يونيورسٽي، اسان جي سنڌ يونيورسٽيءَ کان تقريباً هڪ سئو سال اڳ 1857ع ۾ وجود ۾ آئي. 1860ع ۾ گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج ۽ ٻيا ٽي ڪاليج (ايلفنسٽن ڪاليج، ڊيڪن ڪاليج ۽ گورنمنٽ لا ڪاليج، ممبئي) بامبي يونيورسٽيءَ طرفان recognize ڪيا ويا. گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج طرفان ڏني ويل G.G.M.C (گرئجوئيٽ آف گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج) ڊگري بدران بامبي يونيورسٽي L.M (لائسنس آف ميڊيسن) ڏيڻ لڳي، جنهن بعد L.M.&S. (يعني لائسنس آف ميڊيسن ائنڊ سرجري) ڊگري ڏيڻ لڳي ۽ پوءِ آخرڪار MBBS ڊگري (بيچلر آف ميڊيسن ۽ بيچلر آف سرجري) ٿي.
    پهرين جنگِ عظيم کان پوءِ گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج بمبئيءَ ۾ شاگردن جو تعداد تمام گهڻو ٿيڻ لڳو، جنهن سان گڏ Sir J. J. هاسپيٽل ۾ سهولتون به وڌايون ويون اُن لاءِ سر جمشيت جي جيجي ڀائي (Sir Jamsetjee Jeejebhoy) جي ٽرسٽ طرفان وڏو چندو (donations) ڏنا ويا. 1892ع ۾ جي جي اسپتال ۾ جيڪو زنانو وارڊ ٺاهيو ويو، ان جو نالو پارسي وارڊ رکيو ويو، جو جمشيتجي پارسي هو. 1866ع ۾ بمبئيءَ جي هڪ ٻئي امير واپاري پارسيءَ “سر ڪواسجي جهانگير” جي طرفان ڏنل چندي مان اکين جي اسپتال ٺهرائي وئي. گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج ۾ دائين ۽ نرسين جي پڙهائيءَ جي کوٽ هئي، سو انهن جي تعليم ۽ پرئڪٽس لاءِ موتلي بائي ۽ ڪاما البيلس اسپتال گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج سان 1923ع ۾ ملائي وئي. 1958ع ۾ GMC (گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج) ۽ J.J.H. (جمشيتجي جيجي ڀائي هاسپيٽل) جون عمارتون ڊاهي ست ماڙ بلڊنگ اڏي وئي. اڄ اها بائڪلا (Byculla) ۾ 44 ايڪڙن تي آهي، جنهن ۾ گهڙڻ لاءِ 14 دروازا آهن.
    ممبئيءَ جي مشهور پيڊر روڊ تان ايندي ويندي ڊاڪٽر ديش مُک مارگ (روڊ) وٽ هڪ اتاهين عمارت جسلوڪ هاسپيٽل نظر اچي ٿي. هن اسپتال لاءِ ممبئيءَ جي هڪ سنڌي سيٺ لوڪومل پئسا ڏنا، پر ٺهرائڻ جو ڪم ڊاڪٽر شانتي لال مهتا جي حوالي ڪيو ويو هو، جيڪو گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج جو گرئجوئيٽ ۽ پهريون انڊين گولڊ ميڊلسٽ آهي. هن اسپتال جو نالو جسلوڪ سيٺ لوڪومل ۽ سندس زال جسوتي ٻائيءَ جي نالن تان ورتل آهي. هن اسپتال جو افتتاح 6 جولاءِ 1973ع تي اندرا گانڌيءَ (ملڪ جي وزير اعظم) ڪيو.


    مشرق جو آڪسفورڊ - پوني

    انڊيا جو پوني (Pune) شهر به هڪ عجيب ۽ دلچسپ شهر آهي. سندس گهٽيون، رستا، محلا، بلڊنگون ڪجهه ڪجهه حيدرآباد جي هيرآباد ۽ صدر واري علائقي جو ڏيک ڏين ٿيون يعني اڄ کان چاليهارو سال اڳ وارو حيدرآباد. هينئر سال کن اڳ حيدرآباد ويس ته شهر جي ڊٺل حالت، اوورفلو گٽر ۽ جتي ڪٿي انڪروچمينٽ ڏسي ڏاڍو افسوس ٿيو. انڪروچمينٽ جتي ڪٿي عام آهي، پر جنهن ملڪ ۾ قانون جي بالادستي آهي، اتي گهٽ آهي. اهو ئي سبب آهي جو سنگاپور، ملائيشيا، جپان، هانگ ڪانگ يا يورپ جي ملڪن ۾ نه برابر آهي. گاڏين لاءِ ويڪرا رستا آهن، ماڻهن جي هلڻ لاءِ فٽ پاٿ خالي آهن، دڪانن ۽ گهرن جون ٻاهريون دِڪيون به سندن بائونڊري لائين اندر آهن. انڪروچمينٽ ۽ قانون جي معاملي ۾ انڊيا ۾ به ڪافي حد تائين سختي آهي. ان ڪري ممبئي ۽ پوني جي چاڪيواڙه ۽ لِي مارڪيٽ جهڙن جهونن علائقن مان به ٽرئفڪ اهڙو ئي سولائيءَ سان گذري ٿي، جهڙو اڄ کان منو صدي کن اڳ.
    هي شهر پوني (Pune) جيڪو جپان جي شهر ڪوبي (Kobe) يا موجي (Moje) وانگر لکيو وڃي ٿو، جنهن کي انگريز پونا (Poona) سڏيندا هئا ۽ سنڌ جا رهاڪو اڄ به پونو (Poonu) سڏين ٿا. ڪجهه اڄ جي ڪلفٽن واري علائقي جهڙو به لڳي ٿو. گهڻي بارشن پوڻ ڪري سڄو پونو ساون، وڏن ۽ گهاٽن وڻن سان جهنجهيو پيو آهي. ۽ پوني جي ٻي خصوصيت اها آهي ته هي شهر خط استوا جي ويجهو آهي، ان ڪري هتي ممبئي، ڪاليڪٽ، ڪوچين ۽ ڪولمبو وانگر ٻارهوئي گرمي هجڻ کپي، پر پوني سطحِ سمنڊ کان 560 ميٽر، يعني 1700 فٽ مٿي هجڻ ڪري سياري وارن مهينن ۾ سيءُ به پوي ٿو. پوني Plateaue تي آهي يعني ويسٽرن گهاٽ وارا جبل هن هنڌ تي ائين هڪٻئي سان ملي ويا آهن، جو مٿاهين ليول تي ميدان ٿي ويو آهي.
    پوني تي قدرت ته مهربان رهي آهي، پر انگريز سرڪار جون به مٿس وڏيون مهربانيون رهيون آهن. جنهن هتي بهترين روڊ رستا، ريلون ۽ ٽپال گهر ٺاهيا. سڀ کان وڏي ڳالهه ته ڪيترائي تعليمي درسگاهه ٺاهيا. ممبئي ۽ پوني جي ڪيترن ڪاليجن کان هڪ سئو سال کن پوءِ 1843ع ۾ سنڌ انگريزن جي حوالي ٿي. ان بعد سئو سالن ۾ يعني 1947ع ۾ ورهاڱي تائين، فقط ڊو ميڊيڪل ڪاليج ٺهيو، سو به آخري سالن ۾. ان بابت هن کان اڳ وارن مضمونن ۾ لکي چڪو آهيان. سو ان حساب سان انڊيا جا ڳوٺ اسان جي شاهه پنجو سلطان، ٻيٽو جتوئي، جهانگارا باجارا جهڙن ڳوٺن يا ويندي هالا نوان، راڻيپور ۽ روهڙي جهڙن شهرن کان وڌيڪ ئي بهتر ٿيڻ کپن ۽ پوني تي ته انگريزن اها به نوازش ڪئي، جو هن کي گاديءَ جو هنڌ بڻايو. بامبي پريزيڊنسيءَ جو گورنر، انگريز بهادر، سانوڻيءَ واري موسم ۾، سڀني آفيسن جا فائيل ۽ آفيسر ساڻ کڻي پوني اچي رهندو هو، يعني سال جا ڇهه مهينا کن بمبئي گاديءَ جو شهر هو ته ڇهه مهينا پوني. پوني ۾ ڪيترائي مشهور ڪاليج هڪ سئو سالن کان به پراڻا آهن ۽ انهن مان هڪ ائگريڪلچر ڪاليج لاءِ لکي چڪو آهيان، ته اتان منهنجي والد گل محمد شيخ B.Sc ڪئي.
    بهرحال تعليم جي معاملي ۾ دنيا، انڊيا جي حڪومت کي Credit ڏئي ٿي، جو انگريزن جي وڃڻ بعد هن نه فقط انهن درسگاهن کي تباهيءَ کان بچايو، پر انهن کي بهتر کان بهتر رکندا اچن ۽ شهر ۾ ڪيترائي نوان ۽ اڄ جي ضرورت موجب ٽيڪنالاجيءَ جا ڪاليج، اسڪول ۽ يونيورسٽيون کوليون. اڄ پوني جي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ مختلف اسڪول ۽ ڪاليج نظر اچن ٿا. جن ۾ ڪيترن ئي ڌارين ملڪن جا شاگرد پڻ تعليم حاصل ڪن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو پوني کي “مشرق جو آڪسفورڊ” (Oxford of the East) ۽ آڪسفورڊ آف انڊيا سڏين ٿا. پوني ۾ آٽو موبائيل گاڏين جا به ڪيترائي ڪارخانا آهن، جنهن ڪري هن شهر (Pune) کي Detroit of Indiaپڻ سڏين ٿا ۽ هاڻ هي شهر “پوني” روز بروز انفارميشن ٽيڪنالاجي جي تعليمي ادارن ۽ ڪارخانن کان به مشهور ٿي رهيو آهي، ان ڪري هن شهر کيQueen of Deccan به سڏين ٿا.
    پوني اسان کي پهچندي پهچندي رات ٿي وئي هئي. ظاهر آهي ممبئيءَ مان ٻين اڍائي بجي کان پوءِ نڪتاسين. اسان جي ميزبان جئه موتياڻيءَ، جيتوڻيڪ تيز رفتاريءَ سان گاڏي پئي هلائي، پر ظاهر آهي رستي تي نئين (نوي) ممبئيءَ ۾ به ڪلاڪ کان وڌيڪ ترسڻ ٿي پيو، جو اتي ڪجهه دير ساڌو واسواڻي انٽرنيشنل اسڪول جي هن سال مڪمل ٿيل عمارت ڏٺيسين. ان بعد نَوي ممبئيءَ جي ڪجهه علائقن سانپارا، واشي، نيرول، بيلاپوري، پان ويل مان ٿيندا، پوءِ “پوني ــ ممبئي ايڪسپريس وي” تي چڙهياسين. اهو ايڪسپريس وي به ائين آهي، جيئن ڪراچيءَ کان حيدرآباد سپرهاءِ وي، پر اسان وٽ بارش نه برابر ٿي ٿئي، ان ڪري سڄي واٽ رڻ پٽ ۽ ٺوڙها، ناسي ڀورا جبل آهن ۽ پوني ويندي وقت ساوڪ ئي ساوڪ آهي. چئن پنجن هنڌن تي جبلن جي اندر سرنگهون ٺاهي، رستو ڪڍيو ويو آهي ۽ ٻي ڳالهه ته جيئن جيئن پوني ڏي وڃجي ٿو، تيئن تيئن سطح سمنڊ کان مٿاهون ٿيندو وڃجي، جو پوني شهر جبلن تي آهي.
    ايڪسپريس هائي وي تي به ڪلاڪ کن کنڊالا ۾ ترسياسين، جيڪو سمجهو ته حيدرآباد ويندي اسان جو نوري آباد وارو اسٽاپ ٿيو. کنڊالا انڊيا جي هڪ خوبصورت هِل اسٽيشن آهي. “ممبئي ــ پوني ايڪسپريس وي” پان ويل شهر وٽ، ڪلام بولي کان شروع ٿئي ٿو ۽ پوني پاسي ديهو (Dehu) روڊ تي ختم ٿئي ٿو ۽ اهو 93 ڪلوميٽر آهي. “ديهو روڊ تي ايڪسپريس وي جي ختم ٿيڻ بعد پوني شهر ۾ پهچڻ لاءِ ٻه رستا آهن.” جئه موتياڻيءَ ٻڌايو، “ هڪ ته سڌو هلڻ سان، نگري جي انڊسٽيريل ٽائون مان ٿي، پوني شهر ۾ پهچي سگهجي ٿو پر اتي ٽرئفڪ جئم هجڻ ڪري پاڻ پوني وارو باءِ پاس کڻنداسين.”
    ديهو روڊ پهچڻ بعد، جئه ساڄي پاسي وارو “پوني باءِ پاس” روڊ اختيار ڪيو. رستي تي پوني جي ٻن مشهور ندين مان هڪ مُولا (Mula) ندي ڪراس ڪئيسين. مُولا نديءَ جو ٻڌي مون کي حيرت ٿي، جو ان ساڳئي نالي واري ندي اسپين ۾ به آهي، ته اسان وٽ پاڪستان ۾ به. پاڪستان ۾ هيءَ ندي بلوچستان ۾ وهي ٿي ۽ جهل منگسي ضلعي جي شهر گانداوا وٽ هن نديءَ تي نؤلانگ ڊئم ٺهڻ جي ڳالهه هلي رهي آهي.
    جئه موتياڻيءَ ٻڌايو ته، “انڊيا جي هيءَ مُولا ندي هتان ويسٽرن گهاٽ وارن جبلن مان نڪري ٿي ۽ پوني شهر مان وهندڙ هڪ ٻي ندي مُوٺا (Mutha) ۾ وڃيو ملي.” مُولانديءَ لاءِ بائلاجسٽن جو چوڻ آهي ته هن ۾ هڪ سئو کان مٿي مڇين جا قسم آهن. تنهنجي معنيٰ ته هن نديءَ کي گند ڪچري کان بچائي صاف سٿرو رکيو ويو آهي. ٻي ڳالهه ته هيءَ ندي (Mula) ويسٽرن گهاٽ جبلن مان نڪرندڙ هڪ ٻي وڏي ندي، ڀيما (Bhima) جي شاخ آهي، جيڪا 725 ڪلوميٽر ڊگهي آهي ۽ مهارا شٽرا، ڪرناٽڪا ۽ انڌرا پرديس صوبن مان وهي ٿي.
    بهرحال اسان “ممبئي پوني ايڪسپريس وي” بعد “پوني باءِ پاس” ڏئي اڳتي پوني شهر ڏي وڌي رهيا هئاسين. شاستري نگر وٽ اسان پود فاٽا (Paud Phata) روڊ وٽ پهتاسين، جنهن جي ساڄي پاسي گرو راج سوسائٽي آهي ۽ کاٻي پاسي رام باغ ڪالوني نظر آئي. M.I.T. سائنس ڪاليج بعد اسان ڪاروي (Karve) روڊ تي آياسين، جنهن روڊ تي کاٻي مڙياسين. پاسن تي “سن جيون هاسپيٽل” ۽ “انا صاحب وومين يونيورسٽيءَ” جا بورڊ نظر اچي رهيا هئا.
    مٿي بيان ڪيل ڪاروي روڊ ۽ انا صاحب ڪاليج، انڊيا جي مشهور سماج سڌارڪ مها رشي ڪاروي (سڄو نالوDhondo Keshav Karve) نالي آهي، جنهن کي عوام پيار مان انا سڏيو ٿي. انا مرهٺي زبان ۾ عزت ۽ پيار جو لقب آهي، جيڪو ڀاءُ يا پيءُ لاءِ استعمال ٿئي ٿو. مهارشي ڪاروي هن صوبي مهاراشٽرا جي هڪ اهم شخصيت ٿي گذريو آهي، جنهن عورتن جي حقن لاءِ ۽ معاشري ۾ اعليٰ مقام ڏيارڻ لاءِ سڄي زندگي جفاڪشي ڪئي. هن عورتن جي تعليم عام ڪرڻ لاءِ ڪيترائي درسگاهه پڻ کوليا، جن مانSNDT وومين يونيورسٽي هڪ آهي. هن SNDT (شريمتي ناٿي ٻائي دمودار ٺاڪرسي) وومين يونيورسٽيءَ لاءِ کيس وڏو چندو (1920ع ۾15لک روپيا) سر وشالداس ٺاڪرسي ڏنو.
    ڪاروي انا صاحب هندستان مان ستيءَ جو رواج (يعني مڙس جي مري وڃڻ تي هن جي زال کي ساڙڻ) ختم ڪرڻ ۽ بيواهه زالن کي شادي ڪرڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي. انا صاحب پاڻ به گودُو ٻائي رن زال سان شادي ڪئي. پاڻ 1858ع ۾ مهاراشٽرا صوبي جي رتناگري ضلعي ۾ ڄائو ۽ 105 ورهن جي ڄمار ۾ 1962ع ۾ وفات ڪيائين. پاڻ ممبئيءَ جي ايلفنسٽن ڪاليج مان مئٿس ۾ گرئجوئيشن ڪيائين ۽ 1891ع کان 1914ع تائين پوني جي فرگوسن ڪاليج ۾ پڙهايائين. 1916ع ۾ جڏهن هن کي جاپان جي وومين يونيورسٽي ٽوڪيو جي خبر پئي، ته هن به ان ئي سال پوني ۾ عورتن جي يونيورسٽيءَ جو بنياد وڌو، جنهن جو پوءِ 4 سالن بعد، SNDT وومين يونيورسٽي نالو رکيو ويو. هندستان جي حڪومت مها رشي ڪاروي جي خدمتن جي مڃتا ۾ کيس ملڪ جو وڏو سول ايوارڊ “ڀارت رتنا” 1958ع ۾ ڏنو. جڏهن پاڻ پُورن هڪ سؤ ورهين جو ٿيو هو.
    اسان سان گڏ سفر ڪندڙ ڊاڪٽر مونا ٻڌايو ته مها رشي ڪاروي انا صاحب جي چئن پٽن مان ٻه پٽ رگهوناٿ ڪاروي ۽ دنڪار پڻ مشهور پروفيسر ٿيا. هڪ مئٿس جو ۽ ٻيو ڪيمسٽريءَ جو. مطالعي جي شوقينن لاءِ هتي اهو لکندو هلان ته دنڪار ڪاروي جي ٻن لکيل ڪتابن مان The New Brahmans:5Maharashtrican Families پڙهڻ وٽان آهي. ساڳي وقت مهارشي انا صاحب جو ننڍپڻ جي يادگيرين جو دلچسپ ڪتاب Looking Back جيڪو 1936ع ۾ ڇپيو، سو به پڙهڻ وٽان آهي. هن ڪتاب جي آخر ۾ پاڻ لکن ٿا ته،
    ...Here ends the sroty of my life. I hope this simple story will serve some useful purpose.
    ڊاڪٽر مونا ٻڌايو ته هن سان اسپتال ۾ ڪم ڪندڙ مرهٺي ڊاڪٽرياڻيون مها رشي انا صاحب جي هڪ ٻئي ڪتاب “آتما وروتا” جي به تعريف ڪن ٿيون، جيڪو مرهٺي زبان ۾ آهي.
    مها رشي ڪاروي تي به ڪيترائي ڪتاب لکيل آهن، جن مان هڪ گنيش چندورڪار جو ڪتاب مارڪيٽ ۾ عام آهي. هن ڪتاب جي مهورت 18 اپريل 1958ع (مها رشي جي جنم ڏينهن تي) ممبئيءَ جي برابورن اسٽيڊيم ۾، ملڪ جي وزيرِاعظم جواهر لعل نهرو پاڻ ڪئي هئي. ان جي چئن سالن کان پوءِ مها رشي گذاري ويو.


    سميتا پاٽل ڪهڙو سک پهچايو

    “پوني”، مهاراشٽرا صوبي جو ممبئيءَ کان پوءِ ٻئي نمبر تي وڏو شهر آهي ۽ سڄي انڊيا ۾ اٺون نمبر وڏو شهر آهي. سندس آدمشماري اڌ ڪروڙ کان مٿي آهي. هتي جا ماڻهو چون ٿا ته پوني نالو پونيا نگري لفظ مان نڪتو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي “نيڪ ڪمن جو شهر” پونا ڏهين صديءَ جي شروعات ۾ هڪ ننڍڙو ائگريڪلچرل علائقو هو، جنهن کي پونيا وشايا ۽ پونڪ وشايا جهڙن نالن سان سڏيو ويو ٿي. تيرهين صديءَ ڌاري جڏهن هي شهر سلطانن جي حڪومت هيٺ هو ته “ڪسب پوني” يا “پونا واديءَ” جي نالن سان سڏيو ويو ٿي ۽ پوءِ انگريزن جي حڪومت دوران هن شهر کي پونا (Poona) سڏيو ويو. هاڻ ڪجهه سالن کان هي پوني (Pune) سڏجڻ لڳو آهي، جيئن انڊيا جي شهرن تي انگريزن جا رکيل نالا بڙودا، مدراس، بنارس وغيره هاڻ اصلوڪن نالن ودودرا، چنائي، ورناسي سڏيا وڃن ٿا.
    اڄ جو هي پوني شهر تاريخي جاين، مندرن ۽ سڀ کان گهڻو تعليمي درسگاهن جي ڪري مشهور آهي. ممبئيءَ کان پوني اچڻ وقت جنهن به روڊ تان ڪار لنگهي ٿي، ته مون سان گڏ ويٺلن جئه موتياڻيءَ ۽ ڊاڪٽر مونا مون کي ڪاليج يا اسڪول ڏيکاريا ٿي، جيئن ڪاروي روڊ تان لنگهڻ وقت هن ٻڌايو ته هتي شمرائو ڪلمدي هائوس اسڪول، اڀي نَو اسڪول، SNDT عورتن جي يونيورسٽي، MIT جونيئر ڪاليج آف سائنس ائنڊ آرٽس، اڀا صاحب گاروار ڪاليج، DS هوميو پئٿي ميديڪل ڪاليج، مئٽرڪس بزنيس اسڪول جهڙا تعليمي ادارا آهن. پوني ۾ هفتو کن ۽ اهڙا ممبئيءَ ۾ ڏهه ڏينهن کن رهڻ دوران ممبئي يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچر ڏيڻ کان سواءِ ٻين به ڪيترن ننڍن وڏن اسڪولن ڪاليجن کي ڏٺم، انهن جي شاگردن ۽ استادن سان مليس. مون پاڻ به نوڪريءَ جا آخري ويهه سال کن ماستري ڪئي آهي، سو ڪنهن به تعليمي اداري جي ڊسيپلين ۽ تعليمي معيار جي خبر شاگردن جي ڳالهائڻ ٻولهائڻ مان ٿيو وڃي. آءٌ اهو ئي اندازو لڳائي سگهيو آهيان ته هتي انڊيا ۾ تعليمي معيار بيحد مٿاهون آهي. اهو ئي سبب آهي جو ڪيترا انڊين، جيڪي واپار ۽ نوڪرين ڪري ولايت ۾ رهن ٿا، اهي به پنهنجا ٻار انگلينڊ يا آمريڪا ۾ پڙهائڻ بدران هيڏانهن انڊيا پنهنجي وطن موڪلين ٿا، خاص ڪري اسڪول ۽ ڪاليج ليول تائين، جتان هو گهٽ ۾ گهٽ MBBS,B.E ۽ پوسٽ گريجوئيشن تائين پڙهي وٺن، پوءِ ڀلي اعليٰ تعليم يعني Ph.D وغيره لاءِ ٻاهر وڃن. شاگردن جي رهائش لاءِ بيحد سٺو ۽ امن امان وارو انتظام آهي، جنهن ڪري ماءُ پيءُ کي پٺيان فڪر نٿو رهي. اهو ئي سبب آهي جو ڇوڪريون به هاسٽلن ۾ رهيون پيون آهن ۽ هُو شهر ۾ گهمڻ ڦرڻ لاءِ نڪرن ٿيون تڏهن به پاڻ کي محفوظ سمجهن ٿيون. مقامي انڊين ته ڇا ولايت کان آيل ٽوئرسٽ ڇوڪريون به هتي جي کنڊالا، هردوار، ڀيما شنڪر ۽ مهابليشور جهڙن ڳوٺن ۾ اسڪرٽ پايو پيون هلن.
    هتي پوني، ممبئي توڙي بڙودا دهلي پاسي، ڪيترائي انگريزن، پارسين ۽ سنڌي هندن جا ٺهيل ناليرا اسڪول ۽ ڪاليج آهن. مثال طور ڪيترائي انگلينڊ جا جهونا ۽ ناليرا اسڪول جيڪي انگريزن انڊيا ۾ به سؤ سال کن اڳ ٺهرايا، انهن جو تعليمي معيار اڄ به اهڙو ئي بلند آهي، بلڪ ڪيترا تعليمي ادارا ته انگلينڊ جي ساڳين نالن وارن ادارن کان به بهتر آهن. اسان وٽ اوچين عمارتن، ٽاءِ وارين يونيفارمن ۽ وڏين فين جو فئشن ته وڌندو پيو وڃي پر تعليم جي معيار تي ڌيان نه پيو ڌريو وڃي. اسان وٽ سٺن ۽ devoted ٽيچرن جي به کوٽ آهي ته ساڳئي وقت ٻارن جي والدين کي بهeducate ڪرڻ جي ضرورت آهي ته هُو به پنهنجن ٻارن تي ڌيان ڏين، رڳو اسڪول جي مِسُن (ٽيچرن) تي نه ڀاڙين. گذريل ڏهن سالن کان اسان جي ملڪ ۾ اهو ٽرينڊ به آيو آهي ته شهرن توڙي ڳوٺن ۾ انگريزي نالن وارا اسڪول پيا کُلن، جيئن ماڻهو سمجهن ته اهي ولايتي اسڪول آهن ۽ پڙهائي سٺي هوندي.
    انگريزن جي دور جو هڪ آڳاٽو ڪاليج فرگوسن هتي جي شيواجِي نگر ۾ آهي. جتان، پوني ۾ رهائش دوران، روز لنگهڻ ٿيندو هو. هي ڪاليج به هڪ سؤ سالن کان پراڻو آهي ۽ انڊيا جي ڏهن بهترين ڪاليجن مان هڪ آهي. هي 1885ع ۾ ان وقت جي گورنر سر جيمس فرگوسن جي نگراني هيٺ ٺهيو ۽ ان جي ئي نالي سان مشهور آهي. سر جيمس نالي ڏکڻ آسٽريليا ۾ “جيمس ٽائون” به آهي، جتي هُو 1868ع کان 1873ع تائين گورنر ٿي رهيو. سنڌ جي ميرپور خاص ضلعي ۾ به هن صاحب نالي جيمس آباد نالي شهر هو، جيڪو هاڻ ڪوٽ غلام محمد سڏجي ٿو. پاڻ 1880ع کان 1885ع تائين بمبئيءَ جو گورنر ٿي رهيو، انهن ڏينهن ۾ سنڌ “بمبئي پريزيڊنسيءَ” جو ڄڻ هڪ ضلعو هئي.
    سرجيمس فرگوسن اسڪاٽلينڊ جي شهر اينڊنبرگ ۾ 1832ع ۾ ڄائو ۽ رگبي اسڪول ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مان تعليم حاصل ڪيائين. هُو ٻه دفعا پارليامينٽ جو ميمبر به ٿي رهيو. ان بعد کيس آسٽريليا جو گورنر بنايو ويو. ان بعد نيوزيلينڊ جو ٿيو ۽ 1880ع ۾ هن کي بمبئيءَ موڪليو ويو. 1885ع ۾ رٽائرڊ ٿيڻ بعد هُو انگلينڊ آيو، جتي هُو وري هڪ دفعو هائوس آف ڪامن ۾ پارليامينٽ جو ميمبر ٿيو. 1907ع ۾ هُو جئميڪا جي شهر ڪنگسٽن ۾ موڪلون ملهائي رهيو هو ته ان وقت جي آيل زلزلي ۾ هُو دٻجي ويو. سر جيمس فرگوسن جو پٽ چارلس ۽ پوٽو برنارڊ فرگوسن پڻ نيوزيلينڊ جا گورنر جنرل ٿيا.
    پوني جي هن ڪاليج (فرگوسن ڪاليج) جو افتتاح انگريزي جي مشهور شاعر وليم ورڊس ورٿ جي پوٽي ڪيو، جنهن جو نالو پڻ وليم ورڊس ورٿ هو. پاڻ انهن ڏينهن ۾ بمبئيءَ جي ايلفنسٽن ڪاليج جو پرنسپال هو. 128 سالن جي عرصي ۾ هن پراڻي ڪاليج مان خبر ناهي ڪهڙا ڪهڙا مشهور ماڻهو تعليم حاصل ڪري نڪتا هوندا، جن مان اسان جي هڪ دلپسند اداڪارا سميتا پاٽل به آهي. ڪاليج جي پرنسپال کِلندي ٻڌايو ته سونالي ڪلڪرني، پوجا باترا ۽ منجيري فدنيس به هتان گرئجوئيشن ڪئي آهي ۽ ملڪ جا ٻه سابق وزيراعظم نريشمارائو ۽ وي پي سنگهه به هن ڪاليج ۾ ئي پڙهيا آهن.
    “ائين ته جنهن ڪاليج (ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو) مان آءٌ پڙهيو آهيان، ان مان اسان جي ملڪ جو صدر آصف علي زرداري، اسيمبلي جي اسپيڪر فهميده مرزا جو مڙس ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا، ڊاڪٽر آثم، لياقت جتوئي ۽ ڊاڪٽر ارباب رحيم به پڙهيا آهن پر جي اسان جي ملڪ جي ڪا ريما، صائمه يا ميرا جهڙي فلمي ائڪٽريس يا شازيا خشڪ، شهنيلا علي، ديبا سحر يا امبر جهڙي ڪا ڳائڻي ان ڪاليج مان پڙهي ها ته مون کي وڌيڪ فخر ٿئي ها.” مون کِلندي کيس چيو.
    “ڇو ڀلا؟”پرنسپال صاحب حيرت مان پڇيو.
    “ان ڪري جو سياستدان ته ڪڏهن جيلُن ۾ آهن ته ڪڏهن ريلُن ۾! ڪڏهن عوام لاءِ پيارا آهن ته ڪڏهن گارين لائق! پر فنڪار ته هميشه ماڻهن جون دليون جيتين ٿا. هُو پنهنجي فن ذريعي ڏکويل انسانن جي مُنهن تي مُرڪون پکيڙين ٿا.” مون چيو.
    “پوءِ سميتا پاٽل سدا سرڳواسڻ هجي، ان ڪهڙيون توهان کي خوشيون پهچايون؟” ڪيمسٽري ڊپارٽمنٽ جي پوڙهي پروفيسر پرساد پڇيو.
    “هائو يار! سوال ون ملين ڊالر جو ڪيو اٿانوَ،” مون مرڪندي چيومانس، “سميتا پاٽل جا آرٽ موويز ۾ غمگين ڪردار ڏسي دل کي آٿت ٿيندي هئي، ته هن دنيا ۾ اهڙا انسان به آهن، جن جي ڏکن غمن اڳيان اسان جون تڪليفون ڪجهه به نه آهن ۽ اهو سوچي دل کي راحت رسندي هئي.”
    ان رات ممبئيءَ کان پوني اسان ڪاروي روڊ تي اچڻ بعد اهو سڌو وٺي اچي هڪ چوراهي وٽ پهتاسين، جتي ٻن پاسن کان فرگوسن ڪاليج روڊ (جنهن تي مٿي بيان ڪيل فرگوسن ڪاليج آهي) ۽ جنگلي مهاراج روڊ اچيو ٿا ملن ۽ ساڄي پاسي پوني جي ٻي مشهور ندي مُٿا (Mutha) مٿان سمڀاجي پُل آهي. سمڀاجي پُل ٽپڻ بعد اتان ٽي رستا ڦٽن ٿا. لڪشمي روڊ، تلڪ Tilak روڊ ۽ لال بهادر شاستري روڊ، اسان سمڀاجي (Sambhaji) پُل ٽپڻ بعد لڪشمي روڊ تي آياسين، جنهن جي پاسن کان شيواجي روڊ آهي، جتان مهاتما ڦول منڊي وٽان مرزا غالب روڊ به شروع ٿئي ٿو، پر اسان لڪشمي روڊ تي ئي رهياسين، تان جو اچي جواهر لعل نهرو روڊ کان نڪتاسين.
    مُٿا نديءَ جنهن مٿان ٺهيل سمڀاجي پل ٽپي اسين لڪشمي روڊ تي آياسين اها پڻ پوني شهر مان وهي ٿي ۽ ٿورو اڳيان هتي جي ٻي ندي مُولا (Mula) سان ملي هڪ ٿيو وڃي ۽ هيءَ “مُولا ــ مُٿا” گڏيل ندي اڳتي هلي ڀيما نديءَ سان وڃيو ملي. اسان وٽ سڄو مدار سنڌو نديءَ تي آهي. ان کي جي ڪو مٿان روڪي ٿو يا وهڪرو گهٽائي ٿو ته سڄي صوبي جو فصل تباهه ٿيو وڃي ٻين اکرن ۾ ايڪانامي کي وڏو ڇيهو رسيو وڃي، پر هيڏانهن انڊيا جي ڪيترن ئي صوبن ۾ بارشون هڪ طرف پون ٿيون ته ٻئي طرف هر صوبي ۾ ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون نديون آهن. رڳو مهاراشٽرا صوبي ۾، جنهن ۾ ممبئي ۽ پوني جهڙا شهر اچيو ٿا وڃن، ويهارو کن نديون آهن. انهن مان هڪ جو نالو ڏهيسر به آهي. ڪجهه ٻيون نديون جن جا نالا ٻڌڻ ۾ آيا ٿي، جهڙوڪ گوداوري، پورنا، ڪنڊالي، واشي شتي، وائن گنگا، اندراوتي، مٺي، اوشيورا وغيره. مٺي ۽ اوشيورا نديون ممبئيءَ مان وهن ٿيون ۽ پووائي ۽ تلسي ڍنڍن کي پاڻي پهچائين ٿيون. جن ڍنڍن مان ممبئيءَ کي پاڻي سپلاءِ ٿئي ٿو. ڏهيسر ندي به ممبئيءَ جي مٿان اتر مان لنگهي ٿي ۽ گورائي ڪريڪ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي، جيڪا ڪريڪ عربي سمنڊ ۾ ڇنڊجيو وڃي.


    اجهو توهان مسلمان اهڙا آهيو

    پوني شهر مان لنگهندڙ مُٿا (Mutha) نديءَ کي ٽپڻ لاءِ فقط سمڀاجي (Sambhaji) پُل نه آهي پر جوشي پُل، چاون پُل ۽ ٻيون به ڪجهه پُليون آهن، پر اسان کي لڪشمي روڊ تي اچڻ لاءِ اها پُل ٽپڻي پيئي. سمڀاجي پُل کان سواءِ جنگلي مهاراج روڊ تي سمڀاجي پارڪ پڻ آهي. سمڀاجي مهاراج هڪ چوواٽي جو به نالو آهي، جتان جنگلي مهاراج روڊ ۽ فرگوسن ڪاليج روڊ شروع ٿين ٿا. سمڀاجي هن صوبي مهاراشٽرا جي هڪ اهم شخصيت آهي. پاڻ (سڄو نالو: سمڀاجي راجي ڀونسلي) 1657ع ۾ ڄائو ۽ مرهٽا سلطنت جي باني شيواجي ڇتراپتيءَ جو وڏو پٽ هو. مرهٺي زبان ۾ ڇتراپتيءَ جي لفظي معنيٰ “وڏو بچائيندڙ” يعني عوام جو ابو، بادشاهه ٿيو. شيواجي جي مرڻ بعد سمڀاجي “ڇترا پتي” يعني بادشاهه ٿيو.
    سمڀاجي هڪ لاجواب شخصيت ٿي گذريو آهي ۽ هن صوبي مهاراشترا جي ماڻهن لاءِ جيڪي مرهٺا سڏجن ٿا ۽ مرهٺي زبان ڳالهائين ٿا، سمڀا توڙي هن جو پيءُ، شيواجي ، هڪ هيرو جي حيثيت رکي ٿو. مٿي اتر هندستان ۾ جيڪي حڪومت ڪري رهيا هئا مغل، لوڌي، سلطان وغيره، سڀ ڌاريا هئا. هنن جو مذهب، زبان، ڪلچر مقامي ماڻهن کان مختلف هو. هنن ڌارين ملڪن کان اچي هندستان تي قبضو ڪرڻ وارن بادشاهن دهلي يا آگري ۾ رهي ڪري، هيٺ ڏکڻ طرف به پنهنجو ڌاڪو ڄمائڻ چاهيو ٿي (۽ ڪڏهن ڪڏهن گجرات، راجستان، اسان واري سنڌ پاسي يا اڃان هيٺ، هيڏانهن مهاراشترا تائين هنن کي سوڀ به حاصل ٿي ٿي) پر ڪڏهن ڪڏهن رکي رکي ڏکڻ هندستان پاسي اهڙي قيادت پيدا ٿي پئي ٿي، جنهن دهليءَ جي حاڪمن کي ٽوٽا چٻايا ٿي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته هُو “جيڪي قبضي ۾ آهي، اهو ئي ڪافي آهي.” جو سوچي، اتي ئي اتر هندستان جي علائقن تي راج ڪري خوش ويٺا هئا ۽ ٻيو ته هنن کي عياشين ۽ محلاتي سازشن کان به فرصت نٿي ملي. ٻين کي زوريءَ مسلمان بنائڻ يا اسلام جون ڳالهيون ڪرڻ وارا هي دهليءَ جا مغل حاڪم، يا افغانستان پاسي کان محمود غزنويءَ جهڙا پاڻ کي بت شڪن سڏائڻ وارا شهنشاهه، خبر ناهي پاڻ هڪ وقت به نماز پڙهندا هئا يا نه. مغلن جهڙن پاڻ کي “شريف ۽ سچو مسلمان” سڏائڻ وارن بادشاهن جي اها حالت هئي جو حڪومت خاطر پنهنجي پيءُ ۽ ڀائرن کي به قتل ڪندا وتيا. هنن جون اکيون ڪڍي جيلن ۾ رکيائون. سندن حڪومت ڪرڻ ڪا عوام جي خدمت ڪرڻ نه هئي پر ذاتي عياشي هئي، جنهن ۾ رنون ۽ شراب، محل ۽ ماڙيون اچي ويا ٿي. عوام مان عيش فقط انهن چند ماڻهن ڪيو ٿي، جيڪي سندن چمچا ٿِي هليا ٿي.
    پوني جي پاد فٽا علائقي جي “درگا ڪافي هائوس” ۾ چانهه پيئندي هڪ نوجوان مرهٺي وڪيل جذبات ۾ اچي چيو ته، “اسان ڪنهن کي حاڪم نٿا مڃون. نه مغلن کي نه انگريزن کي. اسان لاءِ ڇپريا ڇانوَ هئا ته اسان جا پنهنجا ڇپراپتي شيواجي ۽ سمڀاجي هئا.”
    مرهٺا حڪومت جي باني شيواجي جو هي وڏو پٽ سمڀاجي، جنهن جي نالي پوني ۾ روڊ، پارڪ ۽ چوواٽو آهي. سنسڪرت زبان جو عالم هو. ان کان علاوه کيس ٻيون به ست زبانون اينديون هيون، جن ۾ مادري زبان مرهٺي، تامل، گجراتي، هندي ۽ انگريزي وغيره شامل هيون. هُو ننڍي هوندي کان ئي بيحد ذهين ۽ بااخلاق هو. ايتريقدر جو 1674ع ۾ جڏهن شيواجي جي تاجپوشي ٿي رهي هئي، ته مختلف رياستن کان آيل نواب ۽ ٻيون اهم شخصيتون هن سترنهن سالن جي نينگر کي ڏسي تمام گهڻو متاثر ٿيا هئا. “سمڀاجي” جي شاعري اڄ به وڏي شوق سان پڙهي وڃي ٿي. هن مرهٺيءَ ۽ هنديءَ ۾ به شعر چيا پر سندس گهڻي ناموس، سنسڪرت ۾ لکيل شعرن جي ڪتاب “ٻڌ ڀوشن” جي ڪري آهي.
    سمڀاجي انتظاميه ۽ سياست جي ڪمن ۾ به ماهر هو. پنهنجي پيءُ شيواجي جي راڄڌاني ڇڏي اورنگزيب بادشاهه جي فوجي ڪمانڊر دلير خان سان وڃي ملڻ به سندس هڪ زبردست سياسي چال مڃي وڃي ٿي ۽ هن مغلن جي حملن کان پنهنجي پيءُ جي حڪومت ۽ پنهنجي جنم ڀوميءَ کي بچائي رکيو. شيواجي ۽ سمڀاجي جي حڪومت ۾ اتر هندستان تي راڄ مغل بادشاهه اورنگزيب جو هو. اورنگزيب 1658ع کان 1707ع تائين حڪومت ڪئي. هن تخت خاطر پنهنجي ڀائرن جو قتل ڪيو ۽ پيءُ شاهجهان کي تخت تان لاهي قيد حوالي ڪيو. شاهجهان جو 1666ع ۾ قيد ۾ ئي موت ٿيو، يعني هُو اٺ سال کن جيل ۾ رهيو. هتي اهو به لکندو هلان ته جنهن سال، 1627ع ۾ شاهجهان هندستان جي تخت تي ويٺو، ان سال شيواجي ڄائو هو.
    1681ع ۾ مهاراجا شيواجي جي وفات بعد سمڀا جي تخت تي ويٺو. اڃا سال به ڪو مس گذريو ته اورنگزيب جي پٽ سلطان محمد اڪبر پنهنجي پيءُ سان بغاوت ڪري هيڏانهن ڏکڻ ۾ سمڀاجي وٽ اچي پناهه ورتي ۽ مغل سلطنت جو تاج حاصل ڪرڻ لاءِ فوجي مدد گهري. مغل بادشاهه سال کن اڳ 1680ع ۾ دکن تي حملو ڪري چڪو هو ۽ هن اعلان ڪيو هو ته هُو شيواجيءَ جي ٺاهيل مرهٺا حڪومت کي ناس ڪندو. اورنگزيب جي فوج ۾ چار لک ويڙهاڪ هئا يعني سمڀاجي جي فوج کان ڏهوڻي وڌيڪ هئي ۽ اورنگزيب جي مغل سلطنت پکيڙ ۾ سمڀاجي جي راڄ کان، 15 دفعا وڏي هئي. اورنگزيب جيتوڻيڪ اهو ئي سمجهيو ته هُو چند ڏينهن ۾ نه ته هفتن ۾ مرهٺا راڄ تي قبضو ڪري وٺندو، پر سمڀاجي ۽ هن جا ماڻهو 27 سالن تائين وڏي دليريءَ سان وڙهندا رهيا ۽ 1707ع ۾ اورنگزيب جي وفات تائين هيءَ جنگ هلندي رهي، ان وچ ۾ هندستان جو خوفناڪ ڏڪار 87-1686ع ۾ ٿيو. 1689ع ۾ سمڀاجي پنهنجن ڪمانڊرن سان سنگاميشور شهر ۾ ميٽنگ ڪري نڪري رهيو هو ته اورنگزيب جي هڪ ڪمانڊر مڪرب خان مٿس حملو ڪري جهلي ورتو. مهاراجا سمڀاجي کي جڏهن اورنگزيب آڏو پيش ڪيو ويو ته هُو بيحد خوش ٿيو ۽ تخت تان هيٺ لهي هن نئين قيديءَ کي غور سان ڏسڻ لڳو. اهو نظارو مرهٺي شاعر ڪوي ڪلاش پنهنجي نظم ۾ پيش ڪيو آهي، جيڪو اڄ تائين سڄي مهاراشٽرا صوبي ۾ ڳايو وڃي ٿو. هن سمڀاجي جي همت ۽ بي خوف اکين ۾ نظر ايندڙ چمڪ ۽ ملڪ ۽ عوام لاءِ سر ڏيندڙ جوڌي جي قرباني جي تعريف ڪئي آهي. اورنگزيب، سمڀاجي ۽ شاعر ڪلاش کي ذليل ڪرڻ لاءِ کين مسخرن جي ڊريس پارائي شهر ۾ پريڊ ڪرائي. ان بعد ٻنهي کي اونڌو ڪري اٺن سان ٻڌو ويو ۽ مغل سپاهين هنن تي پٿرن، گپ ۽ ڇيڻي جو وسڪارو ڪيو. اورنگزيب، سمڀاجيءَ کي چيو ته، “توکي جان جي امان هن شرط تي ڏيندس ته پنهنجن سڀني قلعن جون چاٻيون ۽ لڪل خزانو منهنجي حوالي ڪر، جن مغل سپاهين تنهنجي مدد ڪئي انهن جا نالا اسان جي حوالي ڪر ۽ پنهنجو هندو ڌرم ڇڏي اسلام قبول ڪر.” ممبئي يونيورسٽيءَ جي M.A جي مرهٺي شاگردياڻي ڪومل ارون، جيڪا اها ڪهاڻي ٻڌائي رهي هئي، تنهن وڏي فخر سان چيو ته، “اسان جي ڇتراپتي سمڀاجيءَ پنهنجو ڌرم بدلائڻ کان انڪار ڪيو ۽ مهاديو (لارڊ شيوا) جي واکاڻ ۾ ڳائڻ لڳو. “اورنگزيب، بادشاهه سمڀاجي ۽ ڪوي ڪالاش کي وحشياڻي طريقي سان ٽارچر ڪري مارڻ جو حڪم ڏنو. ان کان پوءِ هنن جي جسم جو هڪ هڪ عضوو، اکيون، زبان، ننهن جسم کان پٽي ڌار ڪيا ويا ۽ پوءِ چون ٿا ته هنن کي چِيري ٻه اڌ ڪيو ويو هو. پنهنجو ڌرم نه ڇڏڻ ۽ موت کي قبول ڪرڻ تي هن کي ڌرم وير جو خطاب ڏنو ويو يعني ڌرم جو بچائيندڙ.” ڪومل چيو ۽ مون ڏي اهڙين نگاهن سان ڏٺو ڄڻ مون کي چئي رهي هجي (يا شايد مون کي ائين لڳو) ته اجهو توهان مسلمان اهڙا آهيو. ملائيشيا، انڊونيشيا، فلپين ۾ ته مقامي ماڻهن مسلمانن جو سٺو اخلاق ڏسي، اسلام قبول ڪيو، پر ننڍي کنڊ ۾ ملسمان حاڪمن جو اجهو اهو حال هو. هاڻ هن کي ڪير ٻڌائي ته اسلام ته اهو به نٿو چوي ته ڀائرن کي قتل ڪريو ۽ پيءُ کي قيد ۾ رکو. هي اورنگزيب، اهو بادشاهه هو جنهن سِکن جي نائين گرو تيغ بهادر کي به قتل ڪرائي سِکن ۽ مسلمانن جي سٺن تعلقاتن کي خراب ڪيو. نادر شاهه، محمود غزنوي ۽ تيمورلنگ جهڙن مسلمان حاڪمن، جن اسلام جي نالي ۾، ڌارين ملڪن جي ماڻهن کي ماريو ساڙيو ۽ سندن ملڪيت لُٽي پنهنجي وطن افغانستان ۽ ايران وڃي عيش ڪيو. انهن پنهنجي مسلمان عوام سان به اهڙو ئي ظلم ۽ تعديون ڪيون، جو سندن موت تي سندن مائٽن ئي مٺايون ورهايون.
    سمڀاجي جي موت بعد سندس ڀاءُ راجارام مرهٺن جو سردار ٿيو. مرهٺن جي گاديءَ جو شهر “راءِ گاد” مغلن جي حوالي ٿي ويو ۽ “سمڀاجي” جي زال ۽ پٽ کي مغل بادشاهه جي درٻار ۾ پهچايو ويو. “پر سمڀاجي جي دليراڻي موت ۽ کيس تڙپائي تڙپائي مارڻ وارن نظارن، ٽڙيل پکڙيل مرهٺا قوم کي هڪ ڪري ڇڏيو.” ڪومل ٻڌايو، “مرهٺا قوم ۾ ايڏو جوش ۽ جذبو اچي ويو جو اورنگزيب پنهنجي وفات (1707ع) تائين، يعني ٻيا به 18 سال مرهٺن سان وڙهندو رهيو پر مرهٺن جو ايڪو نه ٽوڙي سگهيو. اڄ به اسان پهلوان قوم سڏجون ٿا.”
    1737ع ۾ يعني سمڀاجي جي ڀيانڪ موت کان پورا 50 سال پوءِ، مرهٺن جي فوج دهليءَ ۾ داخل ٿي اتر انڊيا ۾ هندو راڄ کي وري قائم ڪيو. اهو 1192ع جو سال هو جڏهن دهليءَ تي محمد غوريءَ پرٿوي راج چوهان تي حملو ڪري هندو راڄ تي قبضو ڪيو هو ۽ هاڻ اٽڪل ڇهه سو سالن بعد مرهٺا سلطنت انڊيا تي منو صدي کن وري راڄ ڪيو، جيڪو پوءِ ائنگلو ــ مرهٺا جنگين ۾ 1818ع ۾ انگريزن جي حوالي ٿي ويو.
    سو انڊيا ۾، خاص ڪري هن صوبي مهاراشٽرا ۾ (جنهن ۾ ممبئي ۽ پوني اچيو ٿو وڃي) سمڀاجي ۽ سندس پيءُ شيواجي ائين آهي، جيئن اسان وٽ جناح جنهن جي نالي هر شهر جو اهم رستو يا ايئرپورٽ آهي. بلڪ شيواجي ۽ سندس پٽ سمڀاجي، مرهٺن جا نه فقط سياسي ليڊر هئا پر ڌرمي طور پڻ، تڏهن ته سمڀاجي کي ڌرم وير به سڏين ٿا. ممبئيءَ ۾ هڪ ٻن هنڌن تي سندن نالن جا رستا نظر آيا خاص ڪري انڌيري ويسٽ ۾ جتي NS فادڪي ۽ سحر روڊ اچيو ٿا ملن، اتي سمڀاجي نگر آهي جنهن جي ڀر ۾ ٽاٽا هائوسنگ ڪالوني ۽ وجي نگر آهن. اهڙيءَ طرح ممبئيءَ جي اتر واري علائقي ملند (Mulund) ۾ پڻ موتي نگر جي ڀرسان، لال بهادر شاستري روڊ تي سمڀاجي نگر آهي.


    دادا جشن هنن لاءِ ڄڻ پير پاڳارو ٿيو

    گذريل مضمون ۾ پوني جي “سمڀاجي” پُل تان مرهٺي حاڪم شيواجي جي پٽ سمڀاجي جو ذڪر نڪري پيو. ان رات پوني پنهنجي منزل تي پهچڻ لاءِ اسان سمڀاجي چؤڪ بعد سمڀاجي پُل ٽپي، لڪشمي روڊ تي آياسين جيڪو ڪافي وڏو آهي ۽ روي وار پيٿ، گنيش پيٿ، نانا پيٿ ۽ ڀاواني پيٿ لتاڙي ساڄي کاٻي کان وهندڙ رستي جواهر لعل نهرو پاٿ سان اچي لڳو. پوني جو شهر مختلف حصن (Sections) ۾ ورهايل آهي، جيڪي (Peth) سڏجن ٿا ۽ پوني جا ڪجهه رستا روڊ ٿا سڏجن ته ڪجهه مارگ ۽ پاٿ (Path). جيئن پاڻ وٽ شاهراهه، بليوارڊ ۽ خيابان پڻ سڏجن ٿا. جواهر لعل نهرو پاٿ (روڊ) تي اسان کاٻي مڙياسين ۽ اچي “ائمبيدڪر” چوڪ وٽ پهتاسين جتان پوءِ هو تاتما چؤڪ ۽ پوءِ ساڌو واسواڻي چؤڪ آيو. ان کان اڳ هڪ موليڊنا روڊ به آيو. ڪراچيءَ ۾ به شايد هن نالي وارو موليڊنا روڊ آهي. اها خبر نه پئجي سگهي ته اها شخصيت پارسي آهي يا آغا خاني وغيره. ساڌو واسواڻي چؤڪ کان ٿورو اڳيان پوني ريلوي اسٽيشن پاسي آغا خان روڊ پڻ آهي. هن چوڪ جي هڪ پاسي واري روڊ جو نالو ساڌو واسواڻي پاٿ ۽ سڌو وهندڙ روڊ جو نالو ڊاڪٽر ائني بسنت روڊ آهي. هن چؤڪ جي هڪ ڪنڊ وٽ سينٽ ميران انٽرنيشنل اسڪول آهي، جيڪو ساڌو ٽي ايل واسواڻيءَ سنڌ ڇڏي پوني پهچڻ تي ٺهرايو. رستي جي ٻئي پاسي چار ماڙ گيسٽ هائوس آهي، جيڪو گروڪل سڏجي ٿو.
    جئه موتياڻي، جنهن سان گڏ آءٌ ممبئيءَ کان پوني پهتو هئس ۽ جنهن کي ساڌو واسواڻي مشن جي انتظاميه منهنجي رهائش جي بندوبست لاءِ به چيو هو، اهو مون کي پهرين موليڊنا روڊ تي، هوٽل ساگر پلازا ۾ وٺي آيو، جنهن سان لاڳو (Bund Garden) روڊ تي دستور اسڪول، پونا ڪلب ۽ واديا ڪاليج آهن.
    “ٻيا ايندڙ مهمان ڪٿي رهندا؟” مون پڇيو.
    “اهي ساڌو واسواڻي چؤڪ واري گيسٽ هائوس ۾ رهندا پر توهان ڀلي هتي رهو، متان اوڏانهن Uneasy محسوس ڪريو.”
    آءٌ سمجهي ويس ته گيسٽ هائوس (گروڪل) ۾ جيئن ته مانيءَ ۾ گوشت يا بيضي مڇي جهڙي شيءِ نٿي Serve ڪئي وڃي، ان ڪري هي مون مسلمان کي هوٽل ساگر پلازا جهڙي هوٽل ۾ رهائڻ ٿا چاهين، جنهن جي وڏي ۽ خوبصورت لابيءَ مان اها فائيو اسٽار هوٽل نه ته فور اسٽار هوٽل ضرور لڳي رهي هئي.
    “يار جئه، آءٌ خبر ناهي ڪهڙن ڪهڙن هنڌن تي رهيو آهيان، سو تون منهنجو گهڻو فڪر نه ڪر ۽ اتي ئي رهڻ ڏي جتي ٻيا به رهندا، جيئن آءٌ انهن سان به هر وقت ملندو رهان.” مون جئه کي چيو ۽ هُو وري واپس ساڌو واسواڻي چؤڪ تي آيو. مون کيس سمجهايو ته آءٌ پاڻ کي وڏو مهمان نه پر هڪ ننڍڙو جرنلسٽ ٿو سمجهان ۽ جرنلسٽ جو ڪم سُک جي زندگي حاصل ڪرڻ نه، پر اسٽوري لکڻ لاءِ گهڻي کان گهڻو مواد هٿ ڪرڻ آهي.
    جئه چيو ته اڄوڪي ڏينهن تي ساڌو واسواڻي مشن ۾ دادا جشن ليڪچر ڏيندو آهي. ڪمري تي سامان رکي اچ ته هلي پهچون ۽ هن سان ملي سگهون. رسيپشن وارن مون کي چوٿين فلور جي هڪ ڪمري جي چاٻي ڏني.
    اٽيچڊ باٿ روم کان علاوه لکڻ پڙهڻ لاءِ ٽيبل ڪرسي ۽ ٽيبل لئمپ، فرج ۽ ايئرڪنڊيشنر، ٽوال ۽ چئمپل به ڪمري سان گڏ هئا! ٻيو ڇا کپي. هيٺ مٿي لاءِ تِکي هلندڙ لفٽ، ڪمري جي وڏي دري ساڌو واسواڻي چؤڪ ڏي ٿي کُلي، يعني جنهن وقت مهمان بور ٿئي رستن تان لنگهندڙ ٽرئفڪ ۽ ماڻهو ويٺو ڏسي. روڊ جي ٻئي پاسي کان سينٽ ميران گرلس اسڪول جو ميدان. چوراهي جي ٻئي پاسي... هڪ طرف هي گيسٽ هائوس ٿيو ته ٻئي طرف پانچ پير بزرگن جي روڊ سان گڏ درگاهه، جنهن جي ٽن ڏينهن جي عرس جو اڄ پهريون ڏينهن هو ۽ مسلمانن سان گڏ هندو عقيدتمند پڻ اچي وڃي رهيا هئا. قوالين جي رڪارڊنگ زور شور سان وڄِي رهي هئي. ان سان گڏ هڪ مجاور نغارو به وڄائي رهيو هو. آءٌ جلدي جلدي بئگ ڦٽي ڪري. منهن کي ٻه چار پاڻيءَ جا ڇنڊا هڻي، لفٽ ذريعي هيٺ پهتس. جئه ڪار ۾ ئي منهنجو انتظار ڪري رهيو هو.
    “هلو ته ڏسي اچون ته دادا جو ليڪچر هلي پيو يا هليو ويو.” جئه چيو. مون به اهو ئي چاهيو ٿي ته دادا جشن کي هميشه ٽي ويءَ جي اسڪرين تي ئي ڏٺو اٿئون، اڄ پري کان ئي سهي پر حقيقت جي زندگيءَ ۾ به ڏسجي ته ڪيئن ٿو لڳي! پر جڏهن اتي پهتاسين ته جنهن هال ۾ هُو ليڪچر ڏئي رهيو هو اهو ته ماڻهن سان فُل هو، پر چوڌاري ويڪرا ورانڊا به ڀريا پيا هئا. ان بعد ميدان هو جتي به چوڌاري ماڻهو هئا، جيڪي سڀ پٽ تي پلٿي ماري دادا جو ليڪچر چوڌاري رکيل وڏي اسڪرين وارين ٽيوِيِن ذريعي ٻڌي رهيا هئا. يعني اسان کي اتي ئي ويهي دادا جشن کي هتي سندس شهر پوني ۾ به ٽي ويءَ تي ئي ڏسڻو پوندو. فرق فقط اهو هو ته ٽي وي جي Sony يا ڪنهن ٻئي چئنل تان، هُو هندي يا انگريزيءَ ۾ ليڪچر ڏئي ٿو، پر هتي هُو سنڌيءَ ۾ ڏيئي رهيو هو. اها ته حيرت نه ٿيم ته ٻڌڻ وارن سنڌين جو هزارن ۾ تعداد هو، جو انڊيا ۾ الهاس نگر بعد سنڌي هندن جو وڏو تعداد ممبئي ۽ پوني ۾ آهي.
    جئه چيو، “اچو ته جُتِي لاهي پوءِ اندر هلڻ جي ڪريون.” مون دل ۾ چيو درويش طبيعت جئه اجايو منهنجي ڪري تڪليف ٿو وٺي. هڪ ته اندر هال ۾ ڇا ورانڊن ۾ ئي تِرَ ڇٽڻ جي جاءِ ناهي، ٻيو ليڪچر ختم ٿيڻ تي هي جو ماڻهن جو سمنڊ پلٽبو ته اسان کي ڪٿي ٿي پنهنجي جُتي ملي. اڄڪلهه جُتيون سڀ هڪجهڙيون ٿي پيون آهن (يا شايد اسان هاڻ اهڙا پوڙها ٿي ويا آهيون) جو مسجد مان نڪرڻ وقت به ڪيترن جا ئي چپل پنهنجي چپل جهڙا لڳندا آهن، پر پوءِ هتي مون ڏٺو ته ايران جي مذهبي جاين وانگر جتي جُتي لاهڻ ضروري ٿئي ٿو، اتي اهڙو بندوبست ٿيل آهي ۽ ان ڪم لاءِ مقرر ٿيل رضاڪار (والنٽيئر) اسان کان جُتيون وٺي رسيد خاطر نمبر وارو ٽوڪن ڏنو ٿي ۽ ساڳئي نمبر وارو هڪ ٻيو ٽوڪن جُتيءَ سان گڏ رکيو ٿي. يعني ڪنهن وقت به ڪو به ٽوڪن ڏيکاري پنهنجو بوٽ وٺي سگهي ٿو ۽ ڪنهن جا به جوتا هيٺ مٿي نه ٿي سگهن. ٻي ڳالهه ته اسان واري جئه کي پوني جي سڄي انتظاميا سڃاتو ٿي ۽ هيڏانهن هوڏانهن بيٺل والنٽيئرن اسان کي اندر گهڙي اچڻ تي رستو ٺاهي پئي ڏنو.
    اسان ورانڊو لتاڙي اندرين هال ۾ گهڙياسين. سڄو هال ماڻهن سان سٿيل (Packed) هو. ويٺلن جيئن تيئن ڪري اسان کي پنهنجي قطار ٽپائي اڳيان اڳيان ڪيو. تان جو اسان سڀني کان اڳ، يعني پهرين قطار کان اڳيان اچي ويٺاسين، جتان ڏهاڪو کن فٽن بعد اسٽيج ٺهيل هئي. اسٽيج تي رکيل 12 فٽ کن ڊگهي ساڌو T.L واسواڻيءَ جي سفيد پٿر واري مجسمي (Statue) اڳيان دادا جشن ليڪچر ڏئي رهيو هو. هن جي ليڪچر جا آخري ڪجهه منٽ وڃي بچيا هئا، پر هن جي wind up مان لڳو ته هن جو اڄ جو عنوان “خير جا ڪم ڪرڻ ۽ انسان ذات جي مدد ڪرڻ” آهي. آخر ۾ هن جا ٻڌايل ٻه مثال، هن وقت به ياد اٿم.
    ...سنڌ ۾ زال کي ٻانهن به سڏجي ٿو، جنهن جي بچاءَ لاءِ مرد سر ڌڙ جي بازي لڳائين ٿا. چوڻي مشهور آهي ته زن ۽ زمين مُئي مارائي بنا نه ڏجي، پر اڄ جو انسان ايڏو مطلبي (Selfish) ٿي پيو آهي جو سندس ٽنگ ٻانهن ۾ رڳو ٿورو ڌڪ لڳي ٿو، ته هن کي ان جو وڏو فڪر ٿيو پوي ته منهنجي ٻانهن مان سُور لهي باقي هُوءَ ٻانهن (گهرواري) مري ته ڀلي مري وڃي.
    “ٻئي کي خوشيون ڏئي توهان خوشيون حاصل ڪري سگهو ٿا.” جي سلسلي ۾ هن جيڪا ڪهاڻي ٻڌائي اها سندس ڪتاب “101Stories for you and me” ۾ به ڇپجي چڪي آهي. ڪنهن عورت جو مڙس گذاري ويو، جنهن سان هن کي بيحد گهڻو پيار هو. مڙس جي موت کان پوءِ هن کي ائين لڳو ڄڻ هن جي مٿان ڏکن جا جبل ڪري پيا هجن. مهينا گذري ويا پر هن جي چپن تي مرڪ نه آئي. هڪ ڏينهن هن جيئن ئي گهر جي دري کولي ته هن کي هيٺ گهٽيءَ ۾ ٻه ٻار نظر آيا. ڦاٽل ڪپڙن ۽ پيرن اگهاڙا، جنهن مان هُو بيحد غريب ٿي لڳا. هُوءَ پنهنجي محلات جهڙي گهر کان ٻاهر آئي ۽ هنن کان پڇيائين، “توهان جا ماءُ پيءُ ڪير آهن؟”
    “اسين يتيم آهيون.” هنن وراڻيو.
    “توهان جي ڪير نگهباني ڪري؟” هن پڇيو.
    “پاڙي جا ماڻهو اسان کي ڪڏهن ڪڏهن کائڻ لاءِ ڏيندا رهن ٿا ۽ اهڙيءَ طرح اسان جو وقت پيو گذري.”
    ٻارن جي ڏکن جون ڳالهيون ٻڌي، هن عورت کان پنهنجو غم وسري ويو. هُوءَ ٻارن کي ڊپارٽمينٽل اسٽور تي وٺي وئي ۽ کين چيائين، “جيڪي وڻناوَ اهو کڻو ــ ڪپڙا، جوتا، بسڪيٽ، ٽڪيون... جيڪي ڪجهه توهان کي پسند اچي.”
    ٻارن کي يقين نه پيو اچي ته هُو اصل دنيا ۾ آهن يا خواب پيا ڏسن. هنن جيئن ڪا شيءِ کنئي ٿي ته هنن جي خوشي ڏسڻ وٽان هئي ۽ هنن جي خوشيءَ جو ڪجهه حصو ڄڻ لڪ چوريءَ ۾ هن عورت جي دل ۾ داخل ٿي رهيو هو. هن عورت کي، ٻارن کي خوش ٿيندو ڏسي هڪ سڪون محسوس ٿي رهيو هو. هن کان پنهنجو غم وسري ويو ۽ ڪيترن مهينن بعد اڄ پهريون دفعو هن جي چهري تي هڪ سدا بهار مرڪ ۽ تازگي اچي وئي هئي...
    دادا جشن هن جملي تي زور ڏيندي چيو ته، “جيتري گهڻي خوشي اسان ٻين کي رسائينداسين، ايتري ئي گهڻي، بلڪ ان کان به وڌيڪ اها خوشي اسان ڏي موٽڻ جي راهه اختيار ڪندي.”
    دعائن بعد ليڪچر ختم ٿيو ۽ دادا جشن سڀني کي هٿ ٻڌي وڃڻ جي اجازت ورتي. مون ڏٺو ته ڪيترائي ماڻهو هن سان ملڻ لاءِ آتا هئا. اڳين قطارن ۾ ويٺلن مان ته ڪيترن اڳيان وڌڻ جي به ڪوشش ڪئي ۽ هڪ ٻه دادا سان هٿ ملائڻ ۾ ڪامياب به ٿيا پر ان دوران ڪيترن ئي والنٽيئر مردن ۽ عورتن دادا جي چوڌاري دائرو ٺاهي، کيس پٺئين پاسي کان ٻاهر نڪرڻ ۾ سهوليت مهيا ڪئي. هي ڄڻ هنن لاءِ ’پير پاڳارو‘ ٿيو بلڪ ان کان به مٿي، جو پير پاڳاري سان ايڏي عقيدت جو، ڳوٺاڻا ۽ گهٽ پڙهيل ئي اظهار ڪن ٿا، پر هيڏانهن دنيا جا اعليٰ تعليم يافته، امير سيٺيون ۽ ڪارخانيدار هئا. عمر ۾ هي پير پاڳاري کان به 8 سال وڏو ٿيو. هن ڀيري جنم ڏينهن تي پير پاڳاري کي ڏٺم. هُو ڪافي ڪمزور لڳي رهيو هو، پر تنهن هوندي به ڳالهائڻ ۾ کڙو تڙو هو. دادا جسماني طرح به ڏاڍو نٻل ۽ ڪمزور لڳي رهيو هو. ڳالهائڻ ۾ به ايڏو کڙو نه هو يا شايد دادا جو جوانيءَ جي ڏينهن کان وٺي ڳالهائڻ جو اهو اسٽائيل رهيو هجي. دادا نوي سالن جو ٿي ويو آهي بلڪه ٻئي ڏينهن تي ٿيڻ وارو هو، جنهن جي ملهائڻ لاءِ سندس پرستار ۽ اسان جهڙا شاعر ۽ اديب اچي گڏ ٿيا هئا.
    دادا جشن ڀل ته جسماني طرح ڪمزور ٿي ويو هجي، پر ذهني طرح هُو اڄ کان 65 سال اڳ وارو نوجوان جشن آهي، جنهن ڪاليج ۾ نمبر کنيا.


    ويزا حاصل ڪرڻ ۾ بئڊلَڪ

    ان رات پوني پهچڻ سان جئه موتياڻي ساڌو واسواڻي مشن جي ليڪچر هال ۾ وٺي آيو، جتي دادا جشن ليڪچر ڏئي رهيو هو. دادا جشن، ساڌو T.L (ٿانو رداس ليلارام) واسواڻي جو ڀائٽيو ٿئي ۽ هُو ساڌو واسواڻيءَ جي مشن، تعليم عام ڪرڻ، بيمارن جي خدمت ڪرڻ ۽ بهتر صحت بنائڻ، غريبن ۽ ضرورتمندن جي مدد ڪرڻ، جي پرچار ڪندو اچي. هن ڏس ۾ انڊيا ۾ رهندڙ سنڌي، خاص ڪري ممبئي ۽ پوني جا، گهڻي کان گهڻي سخاوت جو مظاهرو ڪندا رهن ٿا. انهن جي چندن مان SVM (ساڌو واسواڻي مشن) وارن انڊيا ۾ ڪيترائي اسڪول، خاص ڪري ڇوڪرين جا اسڪول، (ڇو جو ساڌو چوندو هو ته عورت جي تعليم يافته ٿيڻ سان سڄو گهر علم جي روشنيءَ سان منور ٿي ويندو ۽ ٻين لفظن ۾ اسان جي سوسائٽي سڌريل ٿي پوندي.) اسپتالون ۽ غريب گهر کوليا آهن. دادا جشن گريجوئيشن ڪرڻ بعد خدمتِ خلق شروع ڪئي آهي ته هو اڄ نوي سالن جو اچي ٿيو آهي. مون سندس پهريون ليڪچر ملائيشيا ۾ اڄ کان ويهه سال اڳ ٻڌو. مون کي سندس لهجي مان ئي محسوس ٿيو ته هُو سنڌي آهي. جهيڻو ۽ شرميلو آواز، طبيعت ۾ نهٺائي ۽ نوِڙت، جسم ۾ ڪمزور نظر آيو ٿي. هن انسان کي پوءِ ٻين ملڪن ۾ Sony چئنل تان ڏسندو رهيس ٿي. هن جي ليڪچر ۾ نصيحتون ۽ مختلف مذهبن جي سٺاين جون ڳالهيون هونديون آهن. جيتوڻيڪ دادا جشن پنهنجي ليڪچر ۾ اسلام جي سٺين ڳالهين ٻڌائڻ کان لنوائي ٿو. هُو جيتوڻيڪ سنڌي ڳالهائڻ لاءِ زور ڀري ٿو ۽ سنڌ لاءِ پنهنجي بي انتها پيار جو اظهار هر وقت ڪندو رهي ٿو، پر سنڌي مسلمان جي هُو گهٽ ئي ڳالهه ڪري ٿو، پر تنهن هوندي به هن جي ليڪچر ۾ دلچسپي ۽ ڪشش هجڻ ڪري مون کي هُو ٻڌڻ لاءِ مجبور ڪندو رهيو آهي. مون هن شخص کي جيئرو جاڳندو ڏسڻ ٿي چاهيو. هن جي چاهڻ وارن ۽ مريدن (devoutee) جو سڄيءَ دنيا، خاص ڪري انڊيا ۾، ايڏو ته وڏو تعداد آهي جو اسان جهڙي هڪ عام ماڻهوءَ جو هن سان ملڻ ناممڪن ئي رهي ٿو. اهڙن ماڻهن سان هوائي جهازن ۽ يورپ، جپان ۽ هانگ ڪانگ پاسي جي وڏين هوٽلن ۾ ئي اوچتو ملاقات ٿي وڃي ته ٻي ڳالهه آهي، پر اڄ مون کي جئه نه فقط هن جي اڳيان پهرين قطار ۾ اچي ويهاريو پر ليڪچر ختم ٿيڻ تي، جڏهن ماڻهو اٿي کڙا ٿيا ۽ دادا جي هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ اڳيان ڳاهٽ ٿي دادا جي چوڌاري سڪيورٽي گارڊن ۽ رضاڪارن جي گهيري کي ٿي ٽوڙيائون، ته مون کي جئه ٻانهن ۾ هٿ وجهي چيو ته هيڏانهن اچو ته توهان کي دادا سان ملايان. هُو هال مان مون کي اولهه واري ورانڊي ۾ وٺي آيو، جتي دادا جي سيڪريٽري ڪرشنا ڪماريءَ اسان کي ڀر واري ڪمري ۾ وڃڻ جو اشارو ڪيو ۽ مون کي کيڪاريو. هن کي جئه طرفان اڳهين منهنجي اچڻ ۽ دادا سان ملڻ لاءِ چيو ويو هو. ان ڪمري ۾ ٻه ٻيا به دهليءَ کان مهمان آيل هئا. دادا جيئن ئي ان ڪمري مان لنگهيو ته انهن مان هڪ کي ملايو ويو. دادا هن جي ڳالهه ٻڌي هن کي دعا ڏني. هُو غريب بيمارن جي علاج لاءِ هڪ وڏي رقم ڏيڻ جي خبر ٻڌائڻ آيو هو. ان بعد دادا سان مون کي ملايو ويو. مون کي حيرت ٿي ته دادا جشن منهنجا ڪجهه سفرناما پڙهيا آهن. خاص ڪري پهاڪن وارو ڪتاب “رُٺي آهي گهوٽ سان” جيڪو مون طرفان فقط Compilation آهي.
    دادا جشن خير عافيت بعد ٻين کي چوڻ لڳو ته، “مون کي خوشي آهي ته سنڌ جي پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن مان ڪو هڪ ته آيو.” مون کِلندي ٻڌايومانس ته پڙهيل ڳڙهيل ته اتي رهجي ويا آءٌ پاڻ جاهل اچي نڪتو آهيان، جنهن جو ڪم، ويندڙ مسافرن کي See off ڪرڻ هو. ڪرشنا ڪماري ۽ جئه موتياڻي جن کي ان ڳالهه جي خبر هئي، کِلڻ لڳا ته هن ڀيري جيڪي پوني جو هي جشن ۽ سيمينار اٽينڊ ڪرڻ لاءِ اچي رهيا هئا، سڀ پڙهيل ڳڙهيل ۽ وڏا اديب ۽ شاعر هئا، پر ڪن سببن ڪري ۽ ٿوري وقت هجڻ ڪري کين سندن سرڪاري آفيسن مان موڪل نه ملي سگهي. ان بابت ڪجهه هتي لکڻ ضروري سمجهان ٿو، جيئن هڪ مسافر کي خاص ڪري اهڙي کي جنهن لاءِ مقرر تاريخ تي پهچي ڪو سيمينار يا ڪورس اٽينڊ ڪرڻ ضروري آهي ته هُو سفرجا ڪاغذ وقت اندر مڪمل ڪري سگهي.
    منهنجي پوني وڃڻ، بلڪ انڊيا جي هن چڪر جو ڪريڊٽ حيدرآباد جي نوجوان شاعر، اديب، پبلشر ۽ فزڪس جي گريجوئيٽ موهن مڪواڻا کي ڏيڻ ٿو چاهيان، جيڪو مون کي هن دعوت بابت فون ڪري نه پڇي ها ته مون کان اها مِس ٿي وڃي ها. ٻه هفتا کن اڳ پوني مان، ساڌو واسواڻي مشن (SVM) طرفان هن دعوت (invitation) جو اِي ميل خط آيو ته مون ان کي اهم نه سمجهي کولي پڙهڻ بدران delete ڪري ڇڏيو، پوءِ جڏهن موهن پڇيو ته آءٌ پوني هلان ٿو يا نه.
    “خير ۾؟” مون حيرت مان پڇيو.
    “پوني ۾ دادا جشن جي 90 هين سالگرهه جي موقعي تي هفتو کن مختلف فنڪشن ٿي رهيا آهن، جن مان هڪ ڏينهن صوفيزم تي به سيمينار ٿيندو، جنهن ۾ آءٌ، امر جليل، ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ، قاضي خادم پيپر پڙهنداسين. توهان کي به صوفيزم تي پيپر پڙهڻ لاءِ دعوت ڏني اٿن.” موهن جيڪو پاڻ کي “مدهوش” سڏائي ٿو يڪساهيءَ ٻڌائي ويو.
    “يار دعوت نامو ته آيو هو پر مون پڙهيو نه هو. ان جي ڪاپي مون ڏي فارورڊ ڪر ۽ اهو ته ٻڌاءِ ته ٻيا ڪير ڪير هلي رهيا آهن؟”
    “هتان ٻيا اسحاق سميجو، سنڌ يونيورسٽي جو V.C مظهرالحق صديقي، مهرالنساء لاڙڪ، ڊاڪٽر رخسانا پريت، تاج جويو ۽ نصير مرزا به هلي رهيا آهن. هفتو کن پوني ۾ رهنداسين ۽ هفتو کن اجمير، آگره وغيره به گهمنداسين.”
    موهن مدهوش جيڪي نالا ٻڌايا، انهن مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو. ادا مظهر صديقي شايد نه هلي سگهي، جو يونيورسٽيءَ جي ڪمن ڪارين ۾ ايڏو بزي ٿو رهي، جو هُو پنهنجي شيڊيول مان ٻه هفتا ڪڍي نه سگهندو. باقي ماڻهن مان جي اڌ به هلن ته منهنجي اهڙي گروپ سان گڏ هلڻ وڏي خوش نصيبي ٿيندي، جو هي سڀ سنڌ جا اهم ماڻهو آهن. تعليم يافته، اديب، شاعر ۽ سنڌ جي تاريخ، ماڳن، رسم و رواج ۽ ثقافت کان واقف آهن. سنڌ مون گهمي ناهي پر اهڙي گروپ جي ماڻهن سان مون کي هفتو به ساٿ ملي وڃي، ته آءٌ گهڻو ڪجهه پرائي سگهان ٿو. هن عمر ۾ باءِ ٽرين وڃڻ نه چاهيندس پر مون يڪدم موهن کي چيو ته، “يار مون کي به پاڻ سان وٺي هلجو چاهي بس ۾ وڃو، ٽرين ۾ وڃو يا هوائي جهاز ۾.”
    “اسان کي به توهان سان گڏ هلڻ ۾ مزو ايندو. انڊيا جي ڪيترن ئي شهرن جي ويزا لاءِ اپلاءِ ڪنداسين.” موهن چيو.
    “يار آءٌ توهان وانگر جوان نه آهيان جو گهڻن شهرن ۾ هلي سگهان. آءٌ فقط پوني ۽ ممبئيءَ ۾ رهڻ پسند ڪندس،” مون موهن کي چيو،” توهان ڀلي آگري، احمدآباد، مدراس يا دهلي هليا وڃجو. پوءِ مون کي اتي جون خبرون ۽ تجربا ٻڌائجو ته مون کي لکڻ لاءِ مواد ملي ويندو.”
    دراصل گهمڻ جي معاملي ۾ آءٌ ڪڏهن به ان ڳالهه جي فيوَر ۾ نه رهيو آهيان ته ٿورن ڏينهن ۾ گهڻا شهر گهمجن. ڪيترا ماڻهو چوندا آهن ته اسان کي فلاڻي ٽريول ايجنسيءَ نوَن ڏينهن ۾ ست ملڪ گهمايا، ڪولمبو (سريلنڪا)، پينانگ (ملائيشيا)، بئنڪاڪ (ٿائلينڊ)، سنگاپور، منيلا (فلپين) وغيره وغيره ۽ آءٌ دل ۾ سوچيندو آهيان ته اهو ڪهڙو گهمڻ ٿيو. اهڙي تڪڙ ۾ ماڻهو ڇا ٿو ڏسي سگهي! مون نَوَ سال کن جهاز کي ملائيشيا جي بندرگاهن ۾ آندو رهيو ٿي ۽ اهڙا نَوَ سال لڳاتار ملائيشيا ۾ رهي ڪناري جي نوڪري ڪيم ته به لڳي ٿو ته ڪيتريون ئي شيون ڏسڻ کان رهجي ويون. ڪيترين ڳالهين جو جائزو وٺڻ رهجي ويو. سو منهنجي نظر ۾ ڪو چوي ته آءٌ هفتي يا ٻن هفتن ۾ انڊيا جي ڇهه ست شهرن ۾ ويس ته معنيٰ هُو رڳو ايئرپورٽ ۽ هوائي جهاز ئي ڏسندو رهيو يا اسٽيشنون ۽ بس اسٽاپ ئي ڏسندو رهيو ۽ ٻيو اُهي هوٽلون جتي هن کي راتيون گذارڻيون ٿي پيون. بلڪ ايڏو سفر ڪرڻ وارو ٿڪل ماڻهو ڏينهن جو به ڳپل حصو هوٽل جي ڪمري ۾ وڃايو ڇڏي ۽ جيڪڏهن توهان پنهنجي سفر جو احوال قلمبند ڪرڻ چاهيو ٿا، ته رڳو گهمڻ بدران لکڻ کي به وقت ڏيو، ٻيو نه ته ٻن ڏينهن بعد اڌ ڏينهن کن خاص خاص ڳالهين جون Points نوٽ ڪريو.
    موهن مدهوش سان منهنجي پهريون فون ذريعي ملاقات ٿي ۽ پوءِ ڪراچيءَ ۾ روبرو پڻ. موهن حيدرآباد ۾ رهي ٿو. سندس وڏن جو ڳوٺ به حيدرآباد (اڄ وارو ٽنڊو ولي محمد) رهيو آهي. ورهاڱي وقت هو لڏي توڪل علي ميرجت ڳوٺ ۾ وڃي رهيا، جتان پوءِ 1973ع ۾ وري موٽي حيدرآباد آيا. موهن جو جنم 8 مارچ 1972ع ۾ ٿيو. پاڻ مئٽرڪ حيدرآباد جي نور محمد هاءِ اسڪول مان ۽ انٽر مسلم ڪاليج مان ڪرڻ بعد سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتائين. موهن لاءِ سندس ڪلاس ميٽ ٻڌائين ٿا ته هُو ننڍپڻ کان پڙهائيءَ ۾ هوشيار رهيو آهي. ڪيترا دفعا پنهنجي ڪلاس ۾ پهريون نمبر به آيو. هن کي سائنٽسٽ ٿيڻ جو شوق هو. هن M.Sc به فزڪس ۾ ڪئي ۽ هن ڪٿي نوڪري ڪري ريسرچ ورڪ به ڪرڻ چاهيو ٿي، پر جيئن اسان جي ملڪ ۾ ٿيندو رهيو آهي، ته ميرٽ واري جو ورلي ڪو قدر ٿئي ٿو. موهن سٺي رزلٽ جي باوجود نوڪري حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو. هن حيدرآباد جي ڪجهه ڪاليجن ۾ ٻه ٽي سال پڙهايو، ان بعد نوڪري ڇڏي حيدرآباد جي مشهور پبلشر “روشني پبليڪيشن” جي مالڪ علي نواز گهانگهري سان گڏ ٻه سال ڇپائيءَ جو ڪم ڪيو. ان بعد “ڪويتا پبليڪيشن” نالي ڇپائيءَ جو پنهنجو ادارو کوليو. پاڻ سنڌ جي سٺن پبلشرس مان هڪ آهي ۽ هيستائين 48 ڪتاب ڇپي چڪو آهي. ’امرتا‘ جهڙا ادبي رسالا به هن جي اداري طرفان ڇپجن ٿا.
    موهن کي چيم ته، “ٻه هفتا اسان ضايع ڪري ڇڏيا باقي وڃي ڪو مهينو بچيو آهي. ويزا جو ڇا ٿيندو؟”
    “مون ٻين دوستن کي به چئي ڇڏيو آهي،” موهن چيو، “منهنجو هڪ دوست آهي، اهو ويزا لڳرائي ڏيندو.”
    “ڀلا آءٌ به پنهنجو پاسپورٽ تو ڏي موڪليان؟” مون پڇيو.
    “سائين ڀلي موڪليو.” موهن چيو ۽ دل ۾ مون سوچيو ته اهو ته پاڻ سٺو . لڳي ٿو موهن جو ڪو مائٽ مٽ يا گهاٽو دوست انڊيا جي هاءِ ڪميشن ۾ آهي. ان وٽ پاسپورٽ پهچڻ تي هو ان ئي ڏينهن واسطيدار کاتي جي عملدارن کان ٺپا هڻائي ڏيندو، جيئن ٻه سال کن اڳ دهلي وڃڻ وقت، اسان جي ڪلاس ميٽ انڪم ٽئڪس ڪمشنر نوَل راءِ اوڏ هڪ ڏينهن ۾ ويزا لڳرائي ڏني هئي. اتي مون کي ياد آيو ته پاسپورٽ سان گڏ هن ڪجهه فارم به اسان کان ڀرايا هئا، جيڪي هن ڀيري به ته اسان کي ڀرڻا آهن.
    “موهن فارم به ته ڀرڻا آهن. اهي توهان موڪليندؤ يا هتان آءٌ حاصل ڪري پاسپورٽ سان گڏ موڪليان؟” مون پڇيو.
    “ها سائين اهي به ڏسان ٿو.” موهن وڏي اعتماد سان هر ڳالهه هر مسئلي لاءِ ها سائين ها سائين... سڀ ٺيڪ ٿي ويندو چوندو رهيو.
    ٻن ڏينهن کان پوءِ وري فون ڪيومانس:
    “موهن ويزا لاءِ Application form ؟”
    “سائين اڃان ٻه چار سرڪاري آفيسر موڪل لاءِ apply ڪري رهيا آهن، پوءِ فارمن جو بندوبست ٿا ڪريون.” موهن وراڻيو ۽ آءٌ مطمئن ٿي ماٺ ٿي ويس. گذريل پنج ڇهه سالن کان اسان جي اديبن ۽ شاعرن جا ٽولا انڊيا پيا وڃن. قمبر شهباز، تاجل بيوس، ماهين هيسباڻي، نصرت لاشاري ۽ ٻيا ته خبر ناهي ڪيترا دفعا سرڪاري ۽ غير سرڪاري دورن تي انڊيا جا شهر گهمي آيا آهن. موهن مدهوش ته ٿي سگهي ٿو ته اڃان به گهڻا دفعا ويو هجي، جو هن جا ته مائٽ به اتي هجن، جن سان پڻ هُو انڊيا ملڻ لاءِ ويندو رهندو هوندو، پر ان هوندي به منهنجو اهو اصول رهيو آهي ته جيترو جلد ويزا ۽ سفر جي سواري ۽ ٽڪيٽ جو بندوبست ڪري ڇڏجي اوترو سٺو. ڀلا جي کڻي اسان کي ويزا آخري هفتي ۾ ملي وڃي ته به بس يا ٽرين جي ته ٽڪيٽ ته نه ملي سگهندي، جو انهن سوارين جو محدود تعداد آهي ۽ انهن جون سيٽون مهينو مهينو اڳ بڪ رهن ٿيون ۽ ويندي هوائي جهاز جي ٽڪيٽ به ڪڏهن ڪڏهن نٿي ملي. بهرحال چُپ ٿي ويس.
    ٻه ڏينهن رکي وري فون ڪيم ته، “موهن! ڇا ٿيو؟”
    “بس اڄ ڪراچي اچي نصير مرزا سان به ملان ٿو ته هن کي پنهنجي آفيس مان موڪل ملي يا نه. سائين مظهر الحق صديقيءَ سان ته اڃان contact نه ٿي سگهيو آهي...”
    مون کي حيرت به ٿي ته پنهنجو پاڻ تي کِل به آئي ته وقت آهي سو تيزيءَ سان گذرندو وڃي ۽ اسين چاڪيءَ جي ڍڳي وانگر رڳو گول پيا ڦرون ۽ اتي جو اتي آهيون ۽ ٻي ڳالهه ته ڪنهن به نئين جاءِ تي سفر ڪرڻ لاءِ آءٌ اتي جي تاريخ، جاگرافي ۽ ٻيون ڳالهيون چڱيءَ طرح پڙهي نڪرندو آهيان. اهم شهرن جا نقشا ۽ روڊ رستا پڻ ڪافي حد تائين ياد ڪري نڪرندو آهيان، جيئن اتي پهچڻ سان مون کي اوپرائپ محسوس نه ٿئي. سو جڏهن کان مون موهن سان هلڻ جي commitment ڪئي ۽ پوني به اطلاع ڪيم، تڏهن کان خبر ناهي ممبئيءَ بابت ڪيترو پڙهي چڪو هئس. ممبئيءَ جون اهم جايون، انهن پٺيان تاريخي پسمنظرَ... ويندي ممبئيءَ جي لوڪل ۽ هاربر ريلوي لائين جون اسٽيشنون ويٺو ياد ڪريان، ته جيئن ڪهڙي علائقي ۾ وڃڻ لاءِ ڪهڙي ريلوي اسٽيشن تي لهجي. ريلوي اسٽيشن، چرچ گيٽ، ان بعد گرانٽ روڊ، ان بعد مهالڪشمي، ايلفنسٽن روڊ، دادر، ماهيم، باندرا، کار، سانٽا ڪروز، وِلي پارلي، انڌيري، جوگيشوري، گرگائون... وغيره وغيره.
    مون کي پنهنجو پاڻ تي ترس اچڻ لڳو ته آءٌ هفتي کان ڏينهن رات ويٺو بمبئي ۽ پوني کي خيالن ۾ رکي، انهن جي جاين، رستن، اسڪولن، اسپتالن، بيچن (Beaches) ۽ پارڪن جا نالا ۽ انهن سان وابسته ڳالهيون ياد ڪريان، ڄڻ سول سروس جو امتحان ڏيڻو هجيم ۽ هوڏانهن آخري وقت تي خبر پوي ته ويزا جو ڪم نه ٿيو آهي يا ٽرين يا هوائي جهاز ۾ وڃڻ لاءِ سيٽ ئي نه پئي ملي ته مهيني کن جي محنت ئي برباد ۽ هاڻ ته واقعي وڌيڪ پڙهڻ تي به دل نٿي لڳي. آخر مون کي هڪ ڳالهه ڌيان ۾ اچي وئي ۽ يڪدم موهن کي فون ڪيم.
    “يار موهن اهو ته ٻڌاءِ ته توهان انڊيا ڪيترا دفعا وڃي چڪا آهيو؟”
    “سائين هڪ دفعو به نه.” موهن جواب ڏنو.
    “ڀلا ٻئي ڪنهن ملڪ ڏي؟” مون پڇيو.
    “ڪيڏانهن به نه. هي پهريون دفعو هلي رهيو آهيان.” موهن چيو.
    مون دل ۾ چيو ته پوءِ هن شريف ماڻهوءَ جو ڏوهه ناهي ۽ کيس سمجهايم ته وقت باقي ٽي هفتا وڃي بچيو آهي، جيڪو ڪجهه به نه آهي. پاڻ کي فارم ڀري پاسپورٽ ۽ ٻيا گهربل ڊاڪيومينٽ جلد موڪلڻ کپن، جيئن ڪنهن شيءِ تي اعتراض ورتو وڃي يا ٻي ڪا شيءِ گهري وڃي ته وقت اندر موڪلجي. ڇو جو بس توڙي هوائي جهاز جي ٽڪيٽ به تڏهن ملي سگهندي، جڏهن اسان جي پاسپورٽ تي ويزا لڳل هوندي ۽ بهتر ته ائين ٿيندو ته هر هڪ الڳ apply ڪري جو هر هڪ جو مختلف ڪيس آهي. ڪو سرڪاري آفيسر آهي، ڪو ريٽائرڊ آهي، ڪو پهريون دفعو هلي رهيو آهي. ڪو اڳهين ٿي آيو آهي، جنهن کي شايد ٻيو دفعو وڃڻ لاءِ يڪدم اجازت ڏين يا روڪي به ڇڏين. اهي سڀ ڳالهيون موهن سان مون ان ڪري ڪيون، جو موهن جو ڪو انڊين هاءِ ڪميشن ۾ سُڃاڻو نه هو، پر اسلام آباد ۾ ڪو دوست هو. سو اهڙي صورت ۾ ان ڏي پاسپورٽ موڪلڻrisky هو، جو هن کي نه ملي يا هن تائين پاسپورٽ پهچي پر هاءِ ڪميشن تائين کڻي وڃڻ تائين ڪٿي ڪري پوي، گم ٿي وڃي ته توهان کي ته ڪوبه ليگل ڪور ناهي. ان کان ته ٽي چار سئو رپيا في ڏئي Fedex ڪوريئر سروس هٿان موڪلجي، جيڪي توهان کي توهان جي ڪاغذن جي رسيد ڏين ٿا ۽ ويزا لڳڻ يا نه لڳڻ بعد توهان کي توهان جا ڊاڪيومينٽ هٿن ۾ ڏين ٿا.
    موهن کي چيم ته، “دل ۾ نه ڪرين ته آءٌ ڀلا پاڻ هيڏانهن ڪراچيءَ کان ٽراءِ ڪريان ۽ جيڪا معلومات ۽ فارم ڀرڻ لاءِ چون اهي توهان ڏي به موڪليان؟”
    ٻئي ڏينهن آءٌ فيڊيڪس جي آفيس ۾ پهتس، جيڪا شاهراهه فيصل تي نرسري کان ٿورو اڳيان آهي. فيڊيڪس، آمريڪا جي ڪوريئر سروس آهي، جيڪا DHL وانگر خط پٽ ۽ تحفا تحائف دنيا جي هڪ ڪنڊ کان ٻيءَ تائين، ٿوري وقت ۾ ۽ حفاظت سان پهچائي ٿي، جيئن اسان وٽ TCS، OIC ۽ ليوپرڊ وغيره ڪوريئر سروس مشهور آهن ۽ پوسٽ آفيس جنهن جو سلوگن يا موٽو ديانتداري ۽ ايمانداري آهي، ان جي چور بازاري ۽ بدديانتيءَ کان بچڻ لاءِ ڪجهه وڌيڪ پئسو خرچ ڪري، اسين پنهنجا خط پٽ TCS يا ڪنهن ٻي پرائيويٽ ڪوريئر سروس ذريعي موڪليون ٿا. اڄ کان ڏهاڪو سال کن اڳ تائين ويزا لڳرائڻ خاطر ضرورتمند ان ملڪ جي سفارتخاني يا قو نصل خاني ۾ پهچي ويا ٿي، پر هاڻ بدامنيءَ جي ڪري ڪيترن ملڪن جي ويزا سندن ڪراچي، لاهور يا ڪوئيٽا جي قونصل خانن مان ملڻ بدران فقط سفارتخانن مان ملي ٿي، جيڪي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ آهن. جتي پڻ هاڻ ڊائريڪٽ وڃي نٿو سگهجي. ان لاءِ هنن فيڊيڪس، آمريڪن ايڪسپريس جهڙا ادارا مقرر ڪيا آهن، جتي ويزا لاءِ پاسپورٽ ۽ درخواست جا فارم جمع ڪرائي سگهجن ٿا. جيئن آمريڪا ۽ ڪئناڊا لاءِ آمريڪن ايڪسپريس وٽ وڃجي ٿو، جن جي آفيس شاهين ڪامپليڪس بلڊنگ ۾ آهي. انگلينڊ، انڊيا ۽ شايد فرانس لاءِ فيڊيڪس وارن وٽ اچڻو پوي ٿو، جيڪي توهان کي ويزا لاءِ گهربل ڊاڪيومينٽ آڻڻ لاءِ چون ٿا ۽ توهان جي پاسپورٽ سان گڏ ان ملڪ جي سفارتخاني ڏي اسلام آباد موڪلين ٿا ۽ هفتي ٻن بعد هنن کان واپس گهرائي توهان کي اچي کڻڻ لاءِ فون ڪن ٿا.
    واري اچڻ تي رسيپشن تي ويٺل آفيسر مون کي فارم ڏيندي ٻڌايو ته اهو ڀري ان سان گڏ شناختي ڪارڊ جي فوٽو ڪاپي ۽ انگريزي ترجمو، بئنڪ جي اڪائونٽ جي Statement ڪاپي، سرڪاري آفيسر آهيو ته آفيس طرفان اجازت نامو، گهر جي لائيٽ ۽ ٽيليفون بل جي ڪاپي ۽ پاسپورٽ فلاڻي تاريخ تي اچي جمع ڪرائجو ۽ اها تاريخ، جيڪا مون کي لکت ۾ ڏني وئي اها ٻن مهينن بعد جي هئي. پڪ ڪرڻ تي وري ساڳي ٻڌائي وئي.
    “پر جنهن سيمينار ۾ شرڪت لاءِ وڃي رهيو آهيان ان ۾ ته باقي ٽي هفتا کن وڃي بچيا آهن.” ٻڌايومان.
    “اسان سمجهو ته توهان وزٽ ويزا لاءِ ٿا وڃو،” واسطيدار عملدار ٻڌايو، “ان لاءِ ايڏي ڊگهي لسٽ آهي، جو گهٽ ۾ گهٽ ٻن مهينن جو waiting پيرڊ آهي. باقي سيمينار يا ميڊيڪل لاءِ توهان سڀاڻي ئي ڏئي سگهو ٿا. ان لاءِ فارم به جدا آهي ۽ بئنڪ جيStatement ۽ بجلي جي بل جي به ضرورت ناهي. ان بدران توهان کي سيمينار يا ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ جو دعوت نامو ڏيڻو پوندو ۽ جيڪڏهن ڪو علاج يا آپريشن لاءِ وڃي رهيو آهي ته ان کي ڊاڪٽر جو سرٽيفڪيٽ ڏيڻو پوندو.”
    ان کان علاوه جيڪي اهم ڳالهيون فيڊيڪس ڪمپنيءَ وارن ٻڌايون ۽ گهر پهچي حيدرآباد موهن وارن کي ٻڌائڻ ضروري هيون، اهي هن ريت هيون:
    • ويزا وارو Application فارم هٿ سان لکڻ بدران ٽائيپ ڪرڻو آهي، نه ته قبول نه ڪيو ويندو.
    • شناختي ڪارڊ جو انگريزي ترجمو خاص فارم تي ڪرائڻو آهي، جيڪو ٻاهر مين روڊ تي ويٺل ٽائيپ ڪرڻ وارن کان ملي سگهي ٿو.
    • اهو انگريزي ترجمي وارو فارم ڪورٽ مان اوٿ ڪمشنر کان Attest ڪرائڻو آهي.
    • ويزا جي درخواست فارم ۾ گهر جي ائڊريس اها هجڻ کپي جيڪا شناختي ڪارڊ تي ڏنل آهي. هيءَ هڪ اهڙي ڳالهه آهي، جيڪا هر ملڪ ۾ ضروري آهي، پر اسان وٽ ائين ڪٿي آهي. خود منهنجي ڪارڊ تي ڀاءُ جي گهر جي ائڊريس ڏنل آهي. بهرحال هاڻ پنهنجي شناختي ڪارڊ کي صحيح ڪرائڻ بدران بهتر آهي ته ويزا فارم تي اها ڀاءُ جي ئي ائڊريس لکان ۽ اهي سڀ ڳالهيون موهن کي به ٻڌائڻ چاهيم ٿي، ته جيئن هُو گهربل ڊاڪيومينٽ صحيح طرح ڀري موڪلين ۽ پهرئين دفعي ۾ ئي هنن کي ويزا ملي وڃي. بار بار درستي ڪري ڪاغذ موڪلڻ جو وقت نه هو.
    “مون کي پنهنجي گروپ جي ساٿين لاءِ فارم ملي ويندا” مون هنن کان پڇيو. امرجليل ۽ نصير مرزا ته ڪراچيءَ ۾ رهن ٿا. اهي ته هتي اچي وٺي سگهن ٿا. گهٽ ۾ گهٽ موهن، اسحاق سميجو، قاضي خادم، مهرالنساء لاڙڪ، ڊاڪٽر رخسانا ۽ اڪبر سومرو جن لاءِ ته وٺي موڪليان، جو هُو حيدرآباد ۾ آهن. فارم وٺي ٻاهر نڪتس. ترجمو ۽ ٽائيپ ڪرڻ وارن جي ڳولا ۾ پڇائيندو نرسريءَ کان وڃي نڪتس، پر پوءِ موٽي اچان ته اتي ئي مين روڊ جي ڪنڊ ۾ هڪ بڙ جي وڻ هيٺان ٽي ڄڻا کن ڀڳل ٽائيپ رائيٽرن سان تڏي تي ويٺا هئا. انهن مان هڪ Application فارم ٽائيپ ڪرڻ بعد ٻڌايو ته، “شناختي ڪارڊ جو ترجمو به هُو ڪري ڏيندو، جنهن لاءِ هن وٽ خاص فارم آهي. پر اوٿ ڪمشنر کان Attest ڪرائڻ لاءِ ته ڪورٽ ڏي وڃڻو پوندم.” مون هن غلط ٽائيپ ڪندڙ اسڪول کان ڀاڄوڪڙ کان پڇيو، جنهن Phase جي اسپيلنگ Fez لکي هئي ۽ لين جي لائين لکي هئي ۽ ٻڌايائين ته ماسترن جي مارن ڪري هن مئٽرڪ ۾ پڙهڻ ڇڏي ڏنو هو.
    “سر! اوٿ ڪمشنر جو فڪر نه ڪريو. اهو به ڪم ٿي ويندو.”
    هن تسلي ڏني.
    “پر اڄ ئي ٿي وڃڻ کپي مون وٽ وقت ٿورو آهي.” مون چيو.
    “سائين فڪر ئي نه ڪريو. هينئر جو هينئر اهو ڪم به ڪرائي ڏيندس.” هن چيو.
    مون سمجهيو ته ڀر وارن فليٽن ۾ يا سامهون ڪنهن آفيس ۾ ڪو اوٿ ڪمشنر هجي، جنهن کان هُو صحيح ڪرائي وٺي، پر پوءِ خبر پيئي ته هن وٽ جيڪي شناختي ڪارڊ جو ترجمو ڪري لکڻ لاءِ خوبصورت رنگين فارم آهن، انهن تي اڳهين اوٿ ڪمشنر جي صحيح ۽ ٺپو لڳو پيو آهي. هن هڪ دفعو وري غلط سلط اسپيلنگ سان منهنجو نالو ۽ ائڊريس ۽ ٻيو ڪجهه، جيڪي منهنجي شناختي ڪارڊ تي لکيل هو. يعني ڄم جي تاريخ، ڪارڊ جي جاري ٿيڻ جي تاريخ وغيره وغيره، اهو لکيو ۽ ان جو اُجورو سؤ رپيا ورتو.
    “هاڻ ڳالهه ٻڌ ههڙا ٺپا لڳل ڇهه کن ڪورا فارم ڏي، جو مون کي حيدرآباد موڪلڻا آهن.” چيومانس.
    “انهن لاءِ 600 ڏيو.” هن چيو.
    “ايترا نه باقي 200 کپنئي ته ڏيانءِ.” مون چيو ۽ هن ٽي سؤ تائين اچي پوءِ اڍائي سئو تي راضي ٿي ويو، مون ان ئي وقت هي سڀ ڪاغذ ۽ پنهنجي ڀرايل فارم جي نموني خاطر فوٽو ڪاپي ڀر واري گهٽي ۾ موجود ٽي سي ايس آفيس مان موهن ڏي موڪلي ۽ فون ڪيومانس ته هاڻ ڪم آسان اٿئي. جلدي هن ريت فارم ڀري هتي ڪراچيءَ ۾ Fedex وران وٽ اچي جمع ڪرائي.
    ويزا فارم ۾ هڪ ڪالم اهو به هو ته اسان انڊيا ڪيئن ٿا وڃڻ چاهيون؟ باءِ ايئر، لاهور کان ڦرندا بس ذريعي يا باءِ ريل کوکرا پار کان؟ اهو ڪالم ڀرڻ لاءِ مون گهر پهچي موهن سان صلاح ڪئي. کوکراپار کان ريل گاڏي ريگيولر نه هئي. ڪڏهن وئي ٿي ته ڪڏهن ٻه ٻه هفتا نٿي وئي، سو اتان وڃڻ بيڪار هو، جيتوڻيڪ ممبئي يا احمد آباد ۽ بڙودا ميرپور خاص کان ويجها آهن. لاهور کان ڦري وڃڻ ۾ وڏو سفر آهي. موهن ٻڌايو ته سندس حيدرآباد جا ساٿي ڪڏهن لاهور کان باءِ روڊ هلڻ جي ڳالهه ٿا ڪن ته ڪڏهن باءِ ايئر هلڻ جو پروگرام پيا ٺاهين. انهي وچ ۾ منهنجي قاضي خادم ۽ ڊاڪٽر رخسانا سان به ڳالهه ٿي. هنن باءِ روڊ لاهور کان ڦري هلڻ کي بهتر سمجهيو ٿي. واقعي باءِ روڊ گهمڻ جو مزو ئي پنهنجو آهي، پر مون ايڏي وڏي سفر جي پاڻ ۾ همت نٿي سارِي، جو ڪراچيءَ کان لاهور، لاهور کان دهلي ۽ دهليءَ کان احمد آباد ۽ احمد آباد کان پوني پورن پنجن ڏينهن جو سفر ٿو ٿئي. ميرپورخاص کان باءِ ٽرين هلڻ کي مون خوش نصيبي ٿي سمجهيو، جو اهو 24 ڪلاڪن جو مس سفر ٿئي ها ۽ سڀني سان خبرچار ڪندي هلجي ها. پروفيسر ڊاڪٽر قاضي خادم اسان جي ڳوٺ جي صاحب جو وڏو فرزند آهي. مون کان سال کن ننڍو ٿيندو، جو سندس ڄم جي تاريخ 21 نومبر 1945ع آهي، پاڻ سال 1966ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان بي اي آنرز ڪيائين ۽ 1967ع ۾ سنڌيءَ ۾، 1970ع ۾ انگريزيءَ ۾ M.A ڪيائين. سال 1984ع ۾ سنڌيءَ ۾ Ph.D ڪيائين. سندس ٿيسز جو عنوان هو “سنڌ جا داستان.” پاڻ ڇهه سال سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڊپارٽمينٽ جو چيئرمين ٿي رهيو ۽ ست سال کن ڊين ٿي رهيو. اڄڪلهه علامه غلام مصطفيٰ قاسمي چيئر جو ڊائريڪٽر ۽ وزيٽنگ پروفيسر آهي. قاضي خادم صاحب گذريل چاليهه سالن کان مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ لکندو اچي يعني گهٽ ۾ گهٽ ايتري عرصي کان ته آءٌ کيس پڙهندو اچان. سندس ڪيترائي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، جن مان ٻه ته ناول آهن، ٻه افسانن جا مجموعا، چار پنج ترجمن جا ڪتابَ، ڊرامن جو مجموعو ۽ تازو سال کن اڳ هڪ انگريزيءَ ۾ ڪتاب The Glorious Past ڇپجي چڪو آهي، پر سڀ کان گهڻو قاضي خادم جي جن لکڻين مون جهڙن پڙهندڙن کي موهيو آهي، اهي سندس “ساروڻيون” آهن، جيڪي ڪيترن ئي مهينن کان ايڊيٽر فقير محمد ڍول جي ماهوار رسالي ’امرتا‘ ۾ ڇپجي رهيون آهن.
    ڊاڪٽر رخسانا (شاعراڻو تخلص “پريت”) سنڌ جي مشهور قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر دودي مهيريءَ جي زال آهي. ڊاڪٽر رخسانا قابل ليڪچرار محمد صديق چنڙ جي گهر ۾، ڪنڊياري شهر ۾ ڄائي. ٻارن جي تعليم خاطر محمد صديق نوابشاهه اچي رهيو، جتي جي پولي ٽيڪنڪ ڪاليج ۾ پاڻ ايڪانامڪس پڙهايائين ٿي. رخسانا بنيادي تعليم نوابشاهه مان حاصل ڪرڻ بعد اتي جي ئي ميڊيڪل ڪاليج مان MBBS ڪئي ۽ اڄڪلهه حيدرآباد جي دارالامان جي وومين ميڊيڪل آفيسر آهي. سندس هڪ ڀيڻ غزالا چنڙ B.E سول انجنيئرنگ ۾ ڪرڻ بعد ائگريڪلچر انجنيئر آهي ۽ ٻي ڀيڻ ريحانا مئٿس ۾ M.Sc ڪرڻ بعد هاڻ حيدرآباد جي ڪنهن ڪاليج ۾ پڙهائي ٿي. سندس ڀائرن عبدالرحمان ۽ عزيزالرحمان به M.Sc ڪئي ۽ پنهنجي والد جي پيشي، يعني تعليم تدريس سان وابسته آهن. ڊاڪٽر رخسانا “وومين ائڪشن فورم” حيدرآباد جي بنيادي ميمبر آهي ۽ سنڌي ادبي سنگت جي پڻ ميمبر آهي. وقت بوقت مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ سندس ڪالم، مضمون ۽ شعر ايندا رهن ٿا. سندس شاعريءَ جو هڪ مجموعو “پياسي ساڀيان، جل ٿل خواب” 1997ع ۾ ڇپجي چڪو آهي. سندس گهوٽ ڊاڪٽر دودو مهيري، “سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ” جو سيڪريٽري جنرل رهي چڪو آهي، اڄڪلهه جلال شاهه جي پارٽي “سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ” جو مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري آهي ۽ سندس ڄم جو سال 1956ع آهي.
    ويزا جو فارم، فوٽو، دعوتنامون ۽ پاسپورٽ کڻي ٻئي ڏينهن 500 رپيا کن في سان گڏ فيڊيڪس جي آفيس ۾ ڏئي آيس ته ويزا لاءِ انڊيا جي هاءِ ڪميشن ڏي موڪلين. سفر جي طريقي ۾ مون هوائي جهاز واري خاني کي ٽِڪ ڪيو، هونئن مون کي هن پروگرام جي خبر نه هئي، پر هاڻ آءٌ هر صورت ۾ هلڻ لاءِ ذهني طرح تيار ٿي ويس. هڪ ته منهنجي لاءِ انڊيا جي شهر پوني ان ڪري ڪشش رکي ٿي جو هن شهر مان منهنجي والد گل محمد شيخ ائگريڪلچر سائنس ۾ ڊگري حاصل ڪئي هئي ۽ ننڊپڻ ۾ مون هن شهر بابت، پنهنجي ڏاڏيءَ کان، وڏي شوق سان ڳالهيون ٻڌيون هيون. هن پنهنجي اڪيلي پٽ کي اعليٰ تعليم لاءِ پوني جهڙي ڏورانهين شهر ۾ موڪلي ڇڏيو هو، جڏهن ته ان وقت هالا کان حيدرآباد وڃڻ به ڏاڍو دشوار هو. پوني جي هن دعوت جي ملڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ ڪنهن ملڪ جي نئشنل ڊي جي دعوت ۾، الاهي بخش سومرو صاحب منهنجي پير گوهر علي شاهه سان ملاقات ڪرائي هئي. پير صاحب کي ڪراچيءَ ۾ دوائن جا ڪارخانا آهن. هن ٻڌايو ته منهنجو والد جڏهن پوني ۾ پڙهندو هو ته کيس اکين ۾ تڪليف هوندي هئي، “هُو هاسٽل ۾ هر وقت اکين ۾ ڊڀ (ديسي دوا) وجهندو رهيو ٿي، اکين جي تڪليف باوجود هُو پڙهائيءَ ۾ هر وقت اول آيو ٿي.”
    پوني ۾ مون دادا جشن کي به ڏسڻ چاهيو ٿي، جو سندس ليڪچر ڪيترن سالن کان فقط ٽي ويءَ تي ٻڌندور هيو هئس. ٽي سال کن اڳ، هُو سنڌ ۾ آيو هو، پر آءٌ پاڪستان کان ٻاهر هئس ۽ هينئر پوني ۾ کين گهٽ ۾ گهٽ ڏسڻ جو سٺو موقعو هو. گذريل سال ٻن کان، ممبئي يونيورسٽيءَ وارا سفرنامي تي ليڪچر ڏيڻ لاءِ ۽ ممبئيءَ جي مئرين اڪيڊمي وارا (جن جا پروفيسر جهازي، سئيڊن جي يونيورسٽيءَ ۾ منهنجا ڪليگ هئا) مئرين انجنيئرنگ تي ليڪچر ڏيڻ لاءِ مون کي وزيٽنگ پروفيسر جي حيثيت ۾ گهرائي رهيا هئا، هاڻ جو مون کي پوني جي دعوتنامي جي خبر پيئي ته مون هنن کي ممبئيءَ ۾ رهڻ لاءِ به هائوڪار ڪري ڇڏي ۽ هنن منهنجي پروگرام جو شيڊيول ٺاهي شاگردن ۾ به ورهائي ڇڏيو، يعني هاڻ مون کي هي پروگرام ڪنهن به صورت ۾ ڪئنسل نه ڪرڻ کپي.
    مون کي پنهنجي ويزا واري درخواست ۾ هوائي جهاز ۾ سفر ڪرڻ جي Choice لکندي افسوس ضرور ٿيو جو هاڻ آءٌ پروفيسر قاضي خادم، اسحاق سميجو، موهن مدهوش، نصير مرزا، مهرالنساءِ ۽ ڊاڪٽر رخسانا پريت جهڙن پڙهيل ڳڙهيل استادن، اديبن ۽ شاعرن سان گڏ سفر ڪري نٿي سگهيس، جو هُو باءِ ٽرين هلڻ جو سوچي رهيا هئا. بهرحال مون کي اها خوشي ضرور هئي ته هنن سان انڊيا ۾ روز ڪچهري ٿيندي رهندي، جنهن ۾ هنن کان انڊيا گهمڻ جا تجربا معلوم ڪرڻ کان علاوه سنڌ جي پهرين يونيورسٽي (سنڌ يونيورسٽي)، حيدرآباد شهر ۽ ڳوٺن جي خبرن کان علاوه ادب ۽ شاعريءَ تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي رهندي.
    پنهنجو پاسپورٽ، ويزا جي درخواست ۽ ٻيا ڊاڪيومينٽ جمع ڪرائڻ وقت فيڊڪسن وارن ٻڌايو ته، “هفتي اندر جواب اچيو ٿو وڃي ۽ اسان توهان کي فون ڪري ٻڌائينداسين، پر جي ڏهه ڏينهن ٿي وڃن ته پوءِ اسان کي فون ڪري معلوم ڪجو.”
    حيدرآباد مان موهن ۽ پوني مان ريٽا شاهاڻيءَ فون ڪري مون کي ٻڌايو ته، “پوني ۾ جيڪو سيمينار ٿي رهيو آهي، ان ۾ انڊيا ۽ ٻين ملڪن جا ڪجهه سنڌي به صوفيزم تي پيپر پڙهي رهيا آهن، سنڌ مان ڊاڪٽر پروفيسر قاضي خادم، امرجليل، نصير مرزا ۽ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ پڻ پڙهندا، توهان به ان عنوان تي پيپر پڙهڻ لاءِ لکي اچجو.”
    مون کي ممبئيءَ ۾ ممبئي يونيورسٽيءَ ۾ “سفرنامي” تي ۽ انڊيا جي مئرين انجنيئرنگ تعليمي درسگاهه ۾ جهاز سازي (Naval Architecture) ۽ مئرين انجنيئرنگ تي ليڪچر ڏيڻا هئا، سو پوني وارو هفتو مون آزاد گذارڻ چاهيو ٿي. منهنجي ڳالهه موهن مڃي، ريٽا شاهاڻيءَ کي پڻ سمجهايو. آءٌ پنهنجو پاڻ کي هلڪو ڦلڪو محسوس ڪرڻ لڳس. اسٽيج تي هڪ هنڌ ٻڌجي وهڻ بدران آءٌ هيٺ Audiance سان گڏ ويهي، جنهن سان وڻيم ان سان ڪچهري ڪري سگهيس ٿي، فوٽو ڪڍي سگهيس ٿي، موڊ ٿي ته ڪلاڪ کن هال کان ٻاهر نڪري ڪنهن ريسٽورنٽ مان ڪافي يا گاڏي واري کان ناريل جي رس وٺي سگهيس ٿي. مون کي اڃان به وڌيڪ سڪون ٿيو، جڏهن هفتو يا ڏهه ڏينهن ڇا، ٽن ڏينهن بعد فيڊڪس وارن کان فون آيو ته منهنجو پاسپورٽ هنن وٽ پهچي ويو آهي ۽ وڃي کڻان. سندن آفيس ۾ پهچڻ کان اڳ شڪ هيم ته متان ڪنهن ڊاڪيومينٽ جي کوٽ ڪري اسلام آباد ۾ موجود انڊين هاءِ ڪميشن اعتراض Objection) ) نه ورتو هجي، پر لفافو کولي پاسپورٽ ڏٺم ته ويزا لڳل هئي، دل ئي دل ۾ سوچيم ته انڊيا جي سفارتخاني جا آفيسر چڱا معتبر ۽ Efficient آهن، ضرور دهليءَ ۾ اسان جي سفارتخاني جا به ائين هوندا. ڇو جو هتي هر ڪم Reciprocal سسٽم تي هلي ٿو. تنهن جي معنيٰ ته انديا جي ويزا حاصل ڪرڻ ايڏو مشڪل ناهي, جيڏو ان کي هيبتناڪ بڻايو ويو آهي. ان جو مطلب اهو به ٿيو ته انڊيا ۽ پاڪستان جون حڪومتون واقعي هڪٻئي سان دوستي چاهين ٿيون، هُو ٻنهي ملڪن جي عوام لاءِ سهوليتون پيدا ڪرڻ چاهين ٿيون، هُو اسان کي دشمن يا جاسوس سمجهڻ بدران دوست سمجهن ٿيون، پر افسوس جو انڊيا ۾ ٻه هفتا رهڻ دوران مون کي اهو محسوس نه ٿيو. مون کي اها Feeling نه ٿي ته هُو ڪو اسان کي سچو دوست سمجهن ٿا، عوام کڻي اسان سان سٺو هلي ٿي، پر سرڪاري ليول تي هُو انگريز يورپين ويندي عرب، ايرانين ۽ ملائيشيا وارن جي ته وڏي ’آؤڀڳت‘ ڪن ٿا، پر اسان پاڪستانين کي شڪ جي نگاهه سان ڏسن ٿا. اسان جو پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو انڊيا گهمي اچڻ بعد منهنجي ان ڳالهه سان ضرور سهمت ٿيندو. مون کي خبر ناهي ته انڊيا کان پاڪستان ايندڙ ٽوئرسٽن جو، اسان جي ملڪ جي حڪومت ۽ سرڪاري ڪامورن بابت ڇا خيال هجي. يا شايد آءٌ گهڻو وقت جپان، ملائيشيا، چين ۽ سئيڊن جهڙن ملڪن ۾ رهيو آهيان ۽ سٺن وقت ۾، ان ڪري مون کي زياده Expectation جي عادت ٿي پئي هجي.
    مون گهر پهچي پوني ۾ هلندڙ سيمينار جي انچارج ريٽا شاهاڻي ۽ ساڌو واسواڻي مشن جي ورڪنگ چيئرپرسن ڪرشنا ڪماريءَ کي فون ڪيو ته مون کي ويزا ملي وئي آهي ۽ ڪراچيءَ کان ممبئي اچڻ لاءِ PIA جي ٽڪيٽ ورتي آهي. هنن مون کي ٻڌايو ته، “اسلام آباد ۾ انڊيا جي سفارتخاني کي اسان به هن فنڪشن کان آگاهه ڪيو آهي ۽ توهان جي ويزا لاءِ پڻ کين نالا ڏنا آهن، ته جيئن توهان وقت تي پهچي وڃو.”
    ان بعد مون، موهن کي ٻڌايو ته “مون کي ويزا ملي وئي آهي، هاڻ توهان بنا دير جي پنهنجا ڪاغذ، ويزا لاءِ اسلام آباد موڪلي ڏيو، جيئن ويزا لڳڻ بعد توهان لاهور کان دهلي ويندڙ بس جي ٽڪيٽ وٺي سگهو.”
    آءٌ سيمينار شروع ٿيڻ کان ٻه ڏينهن اڳ ڪراچي ڇڏي رهيو هئس پر بس ذريعي لاهور ۽ دهليءَ کان ڦري پوني پهچڻ لاءِ هنن کي گهٽ ۾ گهٽ پنج ڏينهن اڳ حيدرآباد ڇڏڻ کتِي ٿي. مون کين ٻڌايو ته ريٽا شاهاڻي ڪوشش ۾ آهي، ته توهان جي پوليس رپورٽنگ به معاف ٿي وڃي، ڇو جو هنن منهنجي ڪيس ۾ اها ضروري ڪري ڇڏي آهي.
    ويزا ۽ ٽڪيٽ وٺڻ بعد آءٌ ڄڻ ته آزاد پکي ٿي پيس. ٻين سڀني ڪمن کي پاسيرو رکي انڊيا بابت پڙهندو رهيس. ممبئي ۽ پوني شهر جون مشهور جايون ۽ انهن جا تاريخي پسمنظر، انهن شهرن جي جاگرافي ۽ سياسي تاريخ بابت، جيڪو جيڪو مواد مليو ٿي اهو پڙهڻ لاءِ حاصل ڪيم ٿي. انهيءَ وچ ۾ منهنجي هڪ شاگرد جو ڪراچيءَ کان پرٻهرو جهاز خراب ٿي پيو، جنهن تي هُو چيف انجنيئر هو. هي اهو جهاز هو جنهن کي جوانيءَ جي ڏينهن ۾ يعني جهاز جي جوانيءَ جي ڏينهن ۾ چيف انجنيئر جي حيثيت ۾ مون به هلايو هو. سندس ڪيترن ئي مسئلن کان واقف هئس ۽ هن شاگرد (هاڻ دوست) جي چوڻ تي بوٽ ذريعي سندس جهاز تي هليو ويس، واندو ته ويٺو ئي هئس. جهاز هلڻ بعد ٽئي ڏينهن ڪولمبو آيو ۽ ڪجهه ڏينهن ڪولمبو (سري لنڪا) ۾ رهڻ بعد ڪراچي ڏي ايندڙ، هن جي ڪمپنيءَ جي ٻئي جهاز ۾ موٽي آيس. انڊيا وڃڻ ۾ هاڻ ٽي ڏينهن وڃي بچيا هئا، پڪ هيم ته موهن وارا باءِ بس لاهور کان روانا ٿي چڪا هوندا. تنهن هوندي به گهر پهچي، موهن جي خبر چار معلوم ڪرڻ لاءِ سندس آفيس فون ڪيم، ٻن ٽن گهنٽين بعد فون سندس اسسٽنٽ نه، پر پاڻ ئي کنيائين.
    “ڇو ڀلا موهن اڃان هتي آهيو ڇا؟” مون حيرت مان پڇيو.
    “نه يار اسان سان ڪجهه پرابلم ٿي پيو آهي ۽ هاڻ نه پيا وڃون.” موهن ٻڌايو ۽ پوءِ گذريل هفتي ٻن ۾ جيڪي ڪجهه ٿيو، ان جو احوال ٻڌايو جيڪو مختصر طور هن ريت آهي ۽ هتي لکڻ جو مقصد فقط هيءُ آهي ته ڪڏهن ڪڏهن نصيب ۾ داڻو پاڻي ناهي ته هيئن به ٿي سگهي ٿو. اسحاق سميجي ۽ نصير مرزا صاحب جي پاڪستان کان ٻاهر وڃڻ واري موڪل اڃان نه آئي هئي سو وقت جي ٿورائيءَ ڪري هنن هن دفعي هلڻ جو ارادو لاهي ڇڏيو. امرجليل کي به هتي ڪو ٻيو فنڪشن اٽينڊ ڪرڻو هو، جنهن لاءِ جيئن ته هُو اڳهين ڪمٽمينٽ ڪري چڪو هو، ان ڪري هُن هِن دفعي انڊيا هلڻ کان معذرت ڪئي. باقي چئن ڄڻن جو هلڻ جو پروگرام پڪو هو. موهن، پروفيسر قاضي خادم صاحب، ڊاڪٽر رخسانه پريت ۽ مهرالنساءِ لاڙڪ صاحبه. انهن سڀني جا فارم ۽ پاسپورٽ موهن حيدرآباد مان فيڊڪس جي آفيس مان موڪلڻ چاهيا ٿي ته هنن ٻڌايو ته اهو ڪراچي واري آفيس مان ئي ٿئي ٿو، ٻيو ڏينهن جمعي جو هو، موهن حيدرآباد کان نڪتو پر ڪراچيءَ ۾ هنگامن ڪري هُو سهراب ڳوٺ وٽ ٽرئفڪ جئم ۾ ڦاسي پيو ۽ پوءِ جڏهن مس مس شاهراههِ فيصل وٽ، فيڊيڪس آفيس ۾ پهتو ته آفيس جو وقت ختم ٿي چڪو هو. ٻيو ڏينهن ڇنڇر جو هو ۽ هي آفيسون هفتي ۾ ٻه ڏينهن ڇنڇر ۽ آچر بند رهن ٿيون. موهن سوچيو ته هاڻ وري سومر ڏينهن اچي جمع ڪرايان سو ان کان بهتر آهي ته اسلام آباد هليو وڃان جيئن وقت بچي پوي. موهن اسلام آباد سڀني جا فارم ۽ پاسپورٽ ڏئي رسيد وٺي آيو. هنن چيس ته هفتي کن کان پوءِ رسيد موڪلي گهرائي وٺجانءِ.
    موهن حيدرآباد موٽي اچي سڀني کي خوشخبري ٻڌائي، پر هاڻ اهو فيصلو ٿيو ته وقت ٿوري ۽ ڊگهي سفر ڪري پروفيسر قاضي خادم صاحب ۽ ٻيو به ڪو هڪ باءِ ايئر وڃڻ چاهين ٿا، جيڪو هنن جو سٺو فيصلو هو، جيئن آءٌ شروع ۾ به لکي چڪو آهيان ته حيدرآباد سنڌ کان لاهور، دهلي ۽ احمدآباد بڙودا کان ڦري پوني (مهاراشٽرا) پهچڻ وڏو سفر آهي، خاص ڪري وڏي عمر وارن لاءِ ۽ عورت ذات لاءِ. اڃان به رستي تي دهلي، لکنو، جئپور، آگرو، ناگپور، احمدآباد، بڙودا، گوا وغيره مان ٻن ٽن شهرن ۾ ڏينهن ٻه رهي آرام ڪري پوءِ جي اڳتي وڃجي ته بهتر آهي.
    بهرحال موهن اسلام آباد کان موٽي انڊيا جي هاءِ ڪميشن وارن کي لکيو ته هنن مان ڪجهه باءِ ايئر ۽ ڪجهه باءِ روڊ انڊيا وڃڻ ٿا چاهين پر سفارتخاني وارن ٻڌايو ته جيئن ته هُو گروپ جي شڪل ۾ سفر ڪري رهيا آهن، ان ڪري سڀني کي هڪ ئي نموني سان سفر ڪرڻو پوندو. ان تي باءِ ايئر وارن وڃڻ جو پروگرام ڪئنسل ڪري ڇڏيو، جيئن باءِ روڊ وارا ڀلي هليا وڃن پر ويزا آفيس وارن اها به ڳالهه نه مڃي ۽ هنن کي چيائون ته يا ته سڀ وڃن يا هڪ به نه. نتيجي ۾ هي ٺهيل ٺڪيل پروگرام معمولي غلطيءَ جي ڪري رهجي ويو. ٻين جن ٻڌو انهن به چيوته انڊيا جي سفارتخاني جي اها غيرمناسب ڳالهه آهي، پر هتي پڙهندڙن لاءِ ان ڳالهه ڪري هي احوال لکيو اٿم ته اهو قانون هر ملڪ جو آهي ۽ اها غلطي هر هڪ کان ٿي وڃي ٿي ۽ ڪيترن موقعن تي پرديس ۾ پريشانيءَ جو سبب پيدا ٿئي ٿو. ويجهڙائيءَ ۾ هڪ فئملي ٻارن سميت عُمري لاءِ ويزا لڳرائي، جڏهن وڃڻ جو وقت آيو ته ٻارن ۾ هڪ ڇوڪريءَ، جنهن مئٽرڪ ڪئي هئي ان جي ڪاليج ۾ داخلا جو اعلان ٿيو، ماءُ پيءُ هن کي ڇڏي، ٻين ٻارن سان عُمري تي روانا ٿي ويا. واپسيءَ تي جدي مان جڏهن هُو ڪراچيءَ لاءِ موٽي رهيا هئا ته سندن پاسپورٽن تي Exit جو ٺپو هڻڻ وقت اميگريشن پوليس ان ڇوڪريءَ جو پڇيو، جيڪا ڪاليج ۾ داخلا شروع ٿيڻ ڪري ڪراچيءَ ۾ ئي رهجي ويئي هئي.
    “اها ته ڪراچي ۾ ئي آهي، هوءَ اسان سان نه آئي، سندس پاسپورٽ به هن ئي وٽ آهي.” ماءُ پيءُ ٻڌاين، پر اميگريشن وارا مطمئن نه ٿيا، هنن چيو ته سندن ڪمپيوٽر ۾ ٻين ٻارن سان گڏ هن جو نالو به گروپ ويزا ۾ شامل آهي. ان معمولي غلطي ڪري هنن مسافرن کي جدي جي هوائي اڏي تي 24 ڪلاڪ پريشان ٿيڻو پيو پوءِ به چڱو جو سندن ڪو مائٽ سعودي حڪومت ۾ آفيسر هو، تنهن رياض کان اچي هنن لاءِ گئرنٽي ڏني تڏهن هنن کي ڇڏيو ويو.
    ان ئي قسم جو هڪ ڪيس مون سان به ٿي چڪو آهي، جيڪو پڻ پڙهندڙ جي ڄاڻ ۽ اهڙن موقعن تي خبردار رهڻ لاءِ بيان ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو. هيءَ گهڻا سال اڳ جي ڳالهه آهي 1977ع ڌاري جي، جڏهن اسان جو جهاز سنگاپور ۾ بيٺل هو. سنگاپور هڪ ننڍڙو ٻيٽ آهي، جيڪو ملائيشيا جي سرزمين کان ٻن ميلن جي فاصلي تي مَس ٿيندو. منهوڙو ٻيٽ به ڪياماڙيءَ کان گهڻو پري آهي. هي ٻيٽ ملائيشيا کي ويجهو هجڻ ڪري، هڪ ڊگهي پُل ذريعي، ان سان ڳنڍيل آهي. اها پُل Cause Way سڏجي ٿي، جنهن مٿان لاريون بسون ۽ ڪارون به هلن ته ريل گاڏي به. سڄو ڏينهن رات هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ ماڻهو پيا اچن وڃن. ملائيشيا ۽ سنگاپور جا شهري ته پاسپورٽ بنا فقط شناختي ڪارڊ تي هي بارڊر ڪراس ڪن، اسان ڌارين لاءِ پاسپورٽ ضروري آهي، جيڪو فقط ڏيکارڻو پيو ٿي، سو به ڪنهن ڪنهن جو کولي ڏٺائون ٿي، نه ته فقط ٻاهرين جهلڪ ڪافي هئي. پاڻيءَ جي جهاز تي سفر ڪندڙ “جهاز هلائيندڙ” پاسپورٽ بدران C.D.E ڪتاب تي سفر ڪن، پر انهن جي فئملين لاءِ پاسپورٽ رکڻ ضروري ٿئي ٿو، آءٌ زال ۽ ٻن ٻارن سان گڏ هئس. ٻار ننڍا هئا ان ڪري انهن جا نالا ماءُ جي پاسپورٽ تي درج ٿيل هئا. صبح جي وقت جڏهن اسان جو جهاز تي هجڻ ضروري هوندو هو، ته ان جهاز تي سفر ڪندڙ آفيسرن جون زالون شهر گهمڻ هليون وينديون هيون. ڪڏهن ڪڏهن ته بس يا ٽئڪسي ذريعي ڪازوي ٽپي ٻئي پاسي ملائيشيا جي شهر جوهربارو ۾ هليون وينديون هيون. منهنجي زال جڏهن به سنگاپور کان ملائيشيا ويندي هئي ته ٻارن کي گاڏيءَ ۾ گهلڻ بدران کين جهاز تي ئي ڇڏي اڪيلي هلي ويندي هئي. هڪ ڏينهن ملائيشيا يعني جوهربارو کان سنگاپور موٽي رهي هئي ته بارڊر وٽ (يعني پُل تي) سندس پاسپورٽ جي چيڪنگ تي ملائيشيا جي اميگريشن ٻارن جو پڇيو، جو پاسپورٽ ۾ ٻارن جو به نالو هو. هنن سمجهيو ته اهي شايد ملائيشيا ۾ ڇڏي پئي موٽي. ڇو ته ائين به ڪيترا دفعا ٿيو آهي جو ماڻهو پاڻ يا ٻارن کي ٻين ملڪن ۾ مائٽن وٽ ڪجهه عرصو ڇڏي، پوءِ انهن جو پاسپورٽ ٺهرائي وٺندا هئا، بهرحال چڱو جو سنگاپور هڪ ننڍڙو ٻيٽ آهي ۽ بارڊر کان جتي اسان جو جهاز بيٺل هو اڌ ڪلاڪ جو به پنڌ ناهي ۽ اميگريشن پوليس وارن هڪدم پڪ ڪري ورتي ته ٻار جهاز تي آهن، بهرحال ان کان پوءِ يڪدم اهو ڪم ڪيوسين جو ٻارن جو پاسپورٽ ڌار ٺهرائي ورتوسين، جيڪو اڄڪلهه ٺهرائڻ آسان آهي، پر تن ڏينهن ۾ بيحد ڏکيو ڪم هو، پر اسان جهاز وارن لاءِ اهو بيحد ضروري هو ڇو جو ڪنهن ملڪ ۾ ڪو ٻار بيمار ٿي پوي ۽ جهاز کي اتان نڪرڻو پوي ته ماءُ فقط ان ٻار سان گڏ ان ملڪ جي اسپتال ۾ ترسي پوندي ۽ ٻيو ٻار ته پيءُ وٽ جهاز تي هجي. جيئن ان بعد ان قسم جو حادثو ڪئپٽن عالم جي جهاز تي ٿيو، جنهن ۾ سندس زال بلقيس وفائي زخمي ٻار سان گڏ هيليڪاپٽر ذريعي ڊربن (سائوٿ آفريڪا) هلي وئي ۽ باقي ٻار پاسپورٽ ڌار ڌار هجڻ ڪري جهاز تي پيءُ سان گڏ ترسي پيا. سو آءٌ هتي اهو ئي چوندس ته نئين ڄاول ٻار جو به پاسپورٽ الڳ ٺهرائجي ۽ گروپ ۾ سفر ڪرڻ وقت سڄي گروپ کي ساڻ رکجي.
    چوندا آهن ڪونه آهن ته ڪڏهن مسئلا ٿيندا آهن ته يڪا ٿيندا آهن. يا “مُٺ مُٺ سُورن سڀ ڪهين، مون وٽ وٿاڻان” وارو حساب مُوهن سان به ٿي پيو. موهن پهريون دفعو انڊيا هلي رهيو هو، هن کي انڊيا ڏسڻ جو سڀ کان گهڻو شوق هو. پهرئين ڏينهن کان پئي چيائين ته ممبئي ۽ پوني ته هلنداسين پر آگري، اجمير ۽ مهابليشور به هلنداسين. هن سان گڏ هن جي گروپ وارا به پهريون دفعو هلي رهيا هئا، پر شايد هنن جو داڻو پاڻي نه هو. نه وڃڻ کان علاوه جڏهن هنن سڀ ڪجهه ڪئنسل ڪري انڊيا جي سفارتخاني کان پنهنجا پاسپورٽ واپس گهرائڻ ٿي چاهيا، ته خبر پيئي ته دنيا جي جهنجهٽن ۾ موهن کان انهن جي رسيد گم ٿي ويئي آهي ۽ انڊيا جي سفارتخاني جو اهو ئي ضد ته پاسپورٽ هُو تڏهن ڏئي سگهن ٿا، جڏهن اوريجنل رسيد ڏيکاري وڃي. دراصل اهو به ڪيترن ئي ملڪن جو قاعدو آهي، خاص ڪري جپان وارن سان ته منهنجو ڪيترائي دفعا واسطو پيو آهي. ويزا لاءِ هُو تازو ۽ پراڻا سڀ پاسپورٽ گهرندا، جنهن لاءِ هڪ رسيد ڏيندا. پاسپورٽ وٺڻ وقت ضروري ناهي ته درخواست گذار پاڻ وڃي، سندن رسيد سان گڏ ڪير به ويندو ته هُو ان کي پاسپورٽ ڏئي ڇڏيندا. ان ڪري هُو بار بار تاڪيد ڪندا آهن ۽ اها ئي ڳالهه هتي آءٌ پنهنجي پڙهندڙن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته سفارتخانن مان ان قسم جي مليل رسيد توهان هٿيڪي رکو.
    آخرڪار ٻيو ڪو چاڙهو نه ڏسي موهن کي وري اسلام آباد وڃڻو پيو جيئن پاڻ حاضر ٿي پاسپورٽ وٺي سگهي، پر انڊيا جي سفارتخاني طرفان کيس فقط سندس پاسپورٽ ڏنو ويو ۽ کيس چيو ويو ته هُو هر پاسپورٽ فقط مالڪ کي ڏئي سگهن ٿا، ان حالت ۾ هر مالڪ کي اسلام آباد اچي پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي، پاسپورٽ واري صحيح ڪري پنهنجو پاسپورٽ کڻڻو پوندو.
    ان بعد ڇا ٿيو اها مون کي خبر ناهي، جو ممبئيءَ لاءِ ڪراچي ڇڏڻ جو منهنجو اهو آخري ڏينهن هو.


    پوني جون نقاب پوش

    ڪراچيءَ کان نڪرڻ کان اڳ، ممبئيءَ ۾ مون کي وٺڻ لاءِ ايندڙ مسٽر جئه موتياڻيءَ مون کي اهو سٺو مشورو ڏنو ته ممبئي پهچڻ سان ايئرپورٽ جي ٻاهران ڪنهن دڪان تان موبائيل فون جي سِم وٺي ڇڏجو، جيئن هڪٻئي سان ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي. ان لاءِ هن ٻڌايو ته دڪاندار پاسپورٽ جي ڪاپي ۽ ٻه فوٽو گهرندا، جيڪي پاڻ سان کڻي اچجو.
    ممبئي ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪتس ته جئه جو ڊرائيور بيٺو هو جنهن چيوته اها ڪنهن ٻئي دڪان تان ئي کڻي وٺنداسين. ممبئيءَ ۾ پوليس رپورٽنگ بعد جئه يڪدم هيڏانهن پوني وٺي آيو ۽ دادا جشن ۽ ساڌو واسواڻي مشن جي ڪارڪنن سان ملائي، مون کي جڏهن گيسٽ هائوس ۾ وٺي آيو ته ڊنر بعد کيس ٻڌايم ته، “موبائيل فون لاءِ اڃان Sim خريد نه ڪري سگهيو آهيان ۽ هڪ ٻه شيون ٻيون به خريد ڪرڻيون اٿم.” دراصل مون کي هڪ ته ٽُٿ پيسٽ خريد ڪرڻي هئي، جيڪا ڪراچي ايئرپورٽ تي سيڪيورٽي وارن منهنجي هئنڊ بئگ مان ڪڍي ورتي هئي، اڄڪلهه خبر ناهي ڇو ڪابه پاڻيٺ جهڙي شيءِ، پئسينجر کي پاڻ سان گڏ هوائي جهاز ۾ کڻڻ نٿا ڏين.
    ممتازالحق، خالد ليا يا بلال حيدر جهڙو ڪو پيٽارو جو هوشيار پائلٽ ڪلاس ميٽ مليو ته ان کان ان جو سبب پڇندس ته اهي شيون کڻڻ سان جهاز کي يا توهان کي جهاز اڏئڻ ۾ ڪهڙو خطرو ٿو ٿئي؟ ٽُٿ پيسٽ کان علاوه مون ڪنهن به قسم جي بسڪيٽن جو پئڪيٽ ۽ کير جو دٻو وٺڻ چاهيو ٿي، اهي شيون منهنجي لاءِ هر ڌارئين ملڪ يا ڪنهن ڌارئين جي گهر ۾ رهڻ دوران ضروري هونديون آهن. ڇو جو ننڊ منهنجي وس ۾ نه آهي، ڪڏهن ننڊ ڦٽي پوندي آهي. خاص ڪري نئين جاءِ تي پهرين رات پوءِ سڄي رات پڙهندي گذرندي آهي. ڪڏهن وري ڪو اهڙو سٺو ڪتاب ملي ويندو آهي، جنهن کي پورو ڪرڻ بنا سمهڻ تي دل نه چوندي آهي ۽ اهڙي صورت ۾ بک لڳڻ تي کير يا بسڪيٽ منهنجي لاءِ بهترين عياشي آهي، پر جي ننڊ اچي به وڃي ٿي ته صبح جو سوير اٿڻ تي ههڙن هنڌن يا ڪنهن ڌارئين جي گهر ۾ صبح جو سوير ته ڪو نيرن نه ڪرائيندو. اها ٻي ڳالهه آهي ته پوني جي هن گيسٽ هائوس ۾، جنهن ۾ منهنجي ڪمري جي دريءَ مان چوراهي تي بيٺل ساڌو واسواڻيءَ جو Statue نظر اچي رهيو آهي ۽ جنهن جي هيٺان انگريزي، هندي، مرهٺي ۽ سنڌيءَ ۾ لکيو پيو آهي ته “اي دل! نه ڪر فڪر: ڪر شڪر، ڪر شڪر!” صبح جو سوير اٺين بجي کان به اڳ نيرن جو ڪم شروع ٿيو وڃي. ان کان علاوه گيسٽ هائوس کان ٻاهر نڪر ته جڳهه جڳهه تي چانهه بسڪيٽن، اڊلي ڊوسن جا اسٽال لڳا پيا آهن. پاڪستان، انڊيا، سري لنڪا، نيپال ۽ بنگلاديش ۾ اها وڏي لئه آهي. صبح جو پنجين بجي کان هر ڪو پورهيت، مزور ۽ سرڪاري آفيسر اهڙن اسٽالن تان چانهه ۽ ٻه پاپا کائي پنهنجي ڪم، ڊيوٽي يا نوڪريءَ لاءِ روانا ٿيو وڃن. ملائيشيا، سنگاپور توڙي ايران ۽ مصر پاسي اهو سُک ناهي. اتي ڪاري سليماني چانهه، قهوو ۽ ڪافي ته مليو وڃي پر اسان جهڙي ڌوڌپتي چانهه نه، جنهن جا اسين عادي ٿي ويا آهيون.
    جئه پنهنجو Pet جملو “فڪر ئي نه ڪريو” ورجائيندي، ٻاهر بيٺل هڪ همراهه کي “چندرو” پڪاري سڏيو ۽ اسان کي هڪٻئي سان ملايو. “هي چندرو موهيناڻي اسان جو پوني جو بهترين دوست آهي. سندس گهر به هتي ويجهو آهي، آءٌ به هتي ئي هوندس پر جي نظر نه اچان ته چندرو ته آهي ئي آهي ۽ هن جي سڄي عمر پوني ۾ گذري آهي.” چندروءَ پنهنجي ويسپا موٽرسائيڪل ڪنڊ ۾ پارڪ ڪري مون لاءِ ٽئڪسي ٿي گهرائي.
    “چندرو! هل ته تنهنجي ويسپا تي ئي هلون.” مون چيو ۽ چند منٽن بعد اسان پوني جي رستن جو سير ڪري رهيا هئاسين. سالن بعد موٽرسائيڪل تي سواري ڪندي مزو اچي رهيو هو. چندرو پهرين مون کي موبائيل فون وارن جي دڪان تي وٺي آيو. چندروءَ ٻڌايو ته هي دڪان سندس سنڌي دوست جو آهي، دڪاندار وڏي مانَ سان ويهاريو ۽ يڪدم چانهه گهرايائين. مون سمجهيو ته هُو اسان کي ائين ئي ڪاغذن بنا سِم ڏئي ڇڏيندو، پر هن اسان کان نه فقط فارم ڀرائي ان تي صحيح ورتي پر پاسپورٽ جي ڪاپي ۽ ٻه فوٽو (هڪ پنهنجي رڪارڊ لاءِ هڪ پنهنجي هيڊ آفيس لاءِ ) ورتا. ان بعد اسان جي ضرورت مطابق 300 رپين کن جي Sim ڏني، جنهن ۾ 250 رپين کن جو بئلنس هو. مون ان ئي وقت پاڪستان فون ڪرڻ چاهيو ٿي، پر معلوم ٿيو ته ان ۾ اڃان سگنل نه آيو آهي.
    “مون واسطيدار آفيس ۾ توهان جي پاسپورٽ جو نمبر ۽ ممبئيءَ ۾ پهچڻ جو ٽائيم فون ذريعي ٻڌايو آهي، جيئن ئي هُو اميگريشن آفيس مان ڪنفرم ڪندا ته سگنل اچي ويندو ۽ توهان فون استعمال ڪري سگهو ٿا. اُميد ته اڌ ڪلاڪ اندر ڪم ٿي ويندو.”
    مون دل ۾ سوچيو ته دنيا ۾ شايد اسان جو ئي ملڪ آهي، جتي جنهن کي وڻي موبائيل فون جي سِم دڪان تان ائين وڃي حاصل ڪري ٿو، جيئن پٽاٽا بصر. ان آزاديءَ ڪري اسان جي ملڪ ۾ ڪيڏو نقصان ٿيو آهي. ڌاڙيل، دهشتگرد، لوفر، لفنگا جنهن کي وڻي تنهن کي غلط فون يا ميسيج موڪليندا رهن ٿا. ايندڙ فونن جو توهان ڪو ٽرئڪ نٿا رکي سگهو. آمريڪا (USA) جهڙي ملڪ ۾ به توهان بندوق پستول ته بنا شناخت جي خريد ڪري سگهو ٿا، پر موبائيل فون جي سم لاءِ پنهنجو گرين ڪارڊ يا پاسپورٽ ڏيکارڻو پوي ٿو، ته جيئن توهان موبائيل فون ذريعي ڪنهن کي گار گند ڪريو، ڌمڪي ڏيو، Threat ڪريو يا اخلاق کان ڪريل ميسيج موڪليو ته خبر ته پئجي سگهي ته توهان ڪير آهيو؟ ۽ ٻي ڳالهه ته انڊيا ۾ توهان جي رهائش معلوم ڪن ٿا. جيڪڏهن آءٌ انڊيا جو شهري نه آهيان ته ڪهڙي هوٽل يا گيسٽ هائوس ۾ رهيل آهيان، جنهن جي شاهدي ڪنهن مقامي ماڻهوءَ کي ڏيڻي پوي ٿي. اسان وٽ ڪو حادثو ڪري پنهنجي گاڏي ڇڏي ڀڄي ويندو، پٺيان پوليس گاڏيءَ جي رجسٽريشن نمبر مان گهر جي ائڊريس معلوم ڪندي ته خبر پوندي اهو گهر ئي ڪونهي يا ڪنهن ٻئي جو گهر آهي يعني غلط ائڊريس لکيل آهي. ساڳيءَ طرح شناختي ڪارڊن تي به غلط ائڊريس ڏيڻ عام آهي يا ڏنل ائڊريس تبديل ٿيڻ تي نئون شناختي ڪارڊ نه ٺهرايو آهي، يعني شناختي ڪارڊ ۾ درستي نه ڪرائي آهي. اهڙي طرح ڪنهن شناختي ڪارڊ ذريعي ان جي مالڪ جو گهر ڳولڻ محال ٿيو پوي. ملائيشيا توڙي جپان ۽ سئيڊن جهڙن ملڪن ۾ به (جتي منهنجو گهڻو رهڻ ٿيو) پنهنجي صحيح ائڊريس ڏيڻ ضروري هوندو هو. اتي ڪو غلط ائڊريس ڏئي نٿو سگهي، غلط ائڊريس ڏيڻ سان سندس ئي نقصان ٿئي ٿو. توهان سوچيندا هوندا ته اهو ڪئين؟ اهو هن ريت جو توهان جڏهن پنهنجو پاسپورٽ ٺهرايو ٿا يا Renew ڪرايو ٿا، يا ڪا ڪار يا ٻي شيءِ خريد ڪريو ٿا ته ان جا ڪاغذ توهان کي هٿن ۾ ملڻ بدران توهان جي شناختي ڪارڊ تي ڏنل ائڊريس تي پوسٽ ڪيا وڃن ٿا. اهڙيءَ طرح ويندي توهان جي پاس ڪيل امتحانن جا سرٽيفڪيٽ يا ڊگريون توهان جي گهر رجسٽرڊ پوسٽ ڪيون وڃن ٿيون، ته جيئن پڪ ٿئي ته توهان جي اها ئي ائڊريس آهي ۽ توهان جي صحيح مان خبر پوي ته توهان ئي اتي رهو ٿا. منهنجي خيال ۾ اهي ٻه ڳالهيون ملڪ ۾ وڏي حد تائين ڏوهه گهٽايو ڇڏين.
    اڌ ڪلاڪ کن بعد، جنهن وقت اسين دڪان تان بسڪيٽ ۽ کير وغيره وٺي رهيا هئاسين ته منهنجي موبائيل فون تي چندرو جي دڪاندار دوست جو فون آيو، ته هاڻ آءٌ فون استعمال ڪري سگهان ٿو.
    انڊيا ڪنهن زماني ۾ کاڌي پيتي جي شين کان سستو هو، ان وقت اسان جي ملڪ ۾ به سستائي هئي. ٽي سال کن اڳ جڏهن دهلي ۽ بڙودا ۾ ٻه مهينا رهيو هئس تڏهن به ڪيتريون کاڌي جون شيون پاڪستان کان به مهانگيون لڳيون هيون ۽ هينئر کير جو دٻو ۽ بسڪيٽ وٺندي، اندازو لڳايم ته اهي شيون اڃان به مهانگيون ٿي ويون آهن. ويتر اسان جي رپئي جو قدر ڪرڻ ڪري اسان کي هر شيءِ ڏيڍوڻ قيمت تي لڳي ٿي، جو انڊيا جي رپئي لاءِ اسان کي ڏيڍ رپيو ڏيڻو پوي ٿو ۽ هاڻ جڏهن پنهنجي ملڪ ۾ پهچي هي سفرنامو لکي رهيو آهيان ته اسان جي رپئي جو قدر اڃان به ڪرڻ ڪري انڊيا جي رپئي جي اڌ برابر وڃي ٿيو آهي. معنيٰ اسان پاڪستانين کي انڊيا ۾ هر شيءِ جي قيمت جا ٻيڻا رپيا ڏيڻا پوندا، پر جيڪڏهن انڊيا کان ڪو پاڪستان ايندو ته ان لاءِ هن کي اسان جي هر شيءِ سستي لڳندي، جو هن کي پاڪستاني هر قيمت لاءِ پنهنجا رپيا اڌ قيمت جيترا ڏيڻا پوندا. انڊيا ۾ رهڻ دوران هڪ ٻي ڳالهه به نوٽ ڪيم ته انڊيا جون ڪيتريون ئي کاڌي پيتي جون شيون، تُهِي (اسپغول) ۽ نمڪو کان بسڪيٽ ۽ دٻن ۾ پئڪ ٿيل ڊراءِ فروٽ بيحد صاف سٿرو ۽ اعليٰ جنس جو آهي، شايد اهو ئي سبب آهي، جو هتي ايندڙ ڌارين ملڪن جا ٽوئرسٽ کاڌي پيتي جون شيون به انڊيا کان گهرائين ٿا.
    چندرو موهيناڻي سان گڏ سندس ويسپا موٽرسائيڪل تي پوني شهر جي ڪجهه رستن تي رات جو ڏهين بجي ڌاري سير ڪندي ٻن ٽن ڳالهين ڏي ڌيان ويو. هڪ ته شهر ۾ اها ئي رونق نظر اچي رهي هئي، جيڪا شام جي وقت هجي. ڪيترن رستن تي مختلف ڊريسن ۾ (پر گهڻيون سٿڻ قميص ۾ ۽ ڪجهه ساڙهي، اسڪرٽ ۽ جينز ۾) ڇوڪريون پنهنجن بواءِ فرينڊس سان، فئملين سان يا اڪيلي سِر فُٽ پاٿن ۽ شاپنگ سينٽرن ۾ چڪر هڻي رهيون هيون. ان جو مطلب آهي ته امن امان جي حالت بهتر آهي. ستر واري ڏهاڪي جي شروع وارن سالن تائين ڪراچي به ههڙن شهرن مان هڪ هو. انهن سالن ۾ منهنجو جهاز چوٿين پنجين مهيني ڪراچيءَ، هفتي ٻن لاءِ ضرور آيو ٿي. منهنجي جهاز تي، رات جو ٻارهين تائين ڊيوٽي هوندي هئي. ڊيوٽي بعد جهاز تي ماني کائڻ بدران صدر ۾ اچبو هو، ڪلاڪ اڌ چڪر هڻي، ڪنهن هوٽل يا روڊ تي لڳل دڪان تان ماني کائي، پوءِ ٻين ٽين بجي بندرگاهه ڏي رخ ڪبو هو. ڪو ڊپ ڊاءُ نه هو، ڪا ڦُرلُٽ نه هئي، ڪيترائي ڌارين ملڪن جا جهازي به سڄي رات ڪراچيءَ ۾ پيا رلندا هئا، خاص ڪري نيپيئر روڊ وٽ، جتي ڳائڻ وڄائڻ به هلندو هو، پر هاڻ ڪراچي اهو شهر ٿي پيو آهي، جنهن لاءِ فارين جهازن جي ڪمپنين جا مالڪ پنهنجن جهازي آفيسرن کي چتاءُ ٿا ڏين، ته ڏينهن جو به ڪراچي شهر ۾ نه نڪرو ۽ اندرينءَ سنڌ ڏي ته هرگز نه. اهڙيون وارننگس ستر واري ڏهاڪي ۾ نيويارڪ ويندا هئاسين، ته اسان کي ملنديون هيون، ڇو ته نيويارڪ جا برانڪس ۽ بروڪلن وارا علائقا ڏوهن جي ڪري خطرناڪ سمجهيا ويندا هئا.
    پوني شهر ۾ رکي رکي ڍڳي گاڏي به نظر اچي ٿي. پوني شهر ۾ هڪ ڌارئين جو ڌيان موٽرسائيڪل هلائيندڙ ڇوڪريون به ڇڪائين ٿيون، جيڪي سڄي منهن ۽ مٿي کي ڪپڙي سان ويڙهي ائين لڳن ٿيون ڄڻ نقاب پوش هجن. بلڪ پهرين ته مون سمجهيو ته اهي شايد مسلمان ڇوڪريون آهن، پر پوءِ معلوم ٿيو ته اُهي شهر جي مٽي، دونهين ۽ اس کان پنهنجو چهرو ۽ وار بچائين ٿيون.


    چندروءَ سان پوني جا چڪر

    پوني ۾ رهندڙ اسان جي سنڌ ۾ جنم وٺندڙ داد جشن واسواڻي توڙي هن جي سرڳواسي چاچي ساڌو ٽي ايل واسواڻيءَ جو درجو پير مرشد جهڙو آهي، جن جا نه فقط انڊيا ۾ پر سڄيءَ دنيا ۾ لکين مريد آهن. داد جشن هن عمر ۾ به ، جڏهن هُو نوي سالن کي اچي پهتو آهي، هنن جي آمهون سامهون بيهي يا وڊيو ٽيپ ۽ ٽي وي چئنلن ذريعي پنهنجا نصيحت ڀريا واعظ انهن مريدن تائين پهچائي ٿو. سندس خواهشون پوريون ڪرڻ لاءِ هن جا مريد به سون روپي جا ٿيلها ڀري ڏين ٿا. هن جون خواهشون پنهنجي لاءِ محل ماڙيون اڏڻ ناهن، رنون ۽ ناچ گانا نه آهن، شراب ۽ جوا ناهي پر غريبن جي مدد ڪرڻ آهي، تعليم عام ڪرڻ آهي ۽ بيمارن جي ٽهل ٽڪور ڪرڻ آهي. هن پير کي جيڪي پئسا ملن ٿا، ان مان اسڪول ۽ ڪاليج ٺهرائي ٿو، ڇوڪرن لاءِ به ته ڇوڪرين لاءِ به. پاڻ به (دادا جشن ۽ ساڌو ٽي ايل واسواڻي) پنهنجي وقت جا اعليٰ تعليم يافته ۽ پروفيسر رهي چڪا آهن. ساڌو واسواڻي مرڻ گهڙيءَ تائين تعليم پرائڻ لاءِ نصيحتون ڪندو رهيو ۽ اڄ تائين دادا جشن به اهو ئي سبق ڏيندو اچي. اڄ انڊيا ۾ سنڌي هندو سؤ سيڪڙو تعليم يافته آهن، هر هڪ سنڌي نوڪري يا واپار ذريعي روزگار پاڻ ڪمائي ٿو ۽ ڪو سنڌي هندو توهان کي فقير نظر نه ايندو. هن پير جي چوڻ تي سنڌي سيٺين انڊيا جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ ڪارخانا ۽ فئڪٽريون هڻي، اسپتالون ۽ اسڪول کولي ڪيترن غريبن لاءِ روزگار مهيا ڪيو آهي. ڪاش اسان وٽ به ڪي اهڙا پير پيدا ٿين، جيڪي دادا جشن وانگر اڇي شال ۽ چئمپل ۾ گذارو ڪن، ڦِنگي دال سان اڌ ڊگڙ مانيءَ جو کائي، ڌڻيءَ جو ٿورا مڃين. عوام کي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪن ۽ غريبن، بيمارن ۽ ضرورتمندن جي مدد ڪن. ممبئيءَ جو جهڙو، جئه موتياڻي، دادا جشن جو سٺو مريد هو اهڙو ئي پوني جو چندرو موهيناڻي مون کي لڳو. هو ڪوهه قاف جي جن وانگر حاتم طائيءَ جو هر سوال پورو ڪرڻ لاءِ آتو نظر آيو ٿي. هُو جيتوڻيڪ ٻين سيٺين وانگر وڏو امير نه هو، پر سندس دل تمام وڏي هئي، جنهن ۾ پيار، محبت ۽ وڏن لاءِ عزت ڀريل هئي. پوني ۾ پوليس رپورٽنگ لاءِ به مون کي اڪيلو ڇڏڻ بدران آفيس مان موڪل وٺي، مون کي موٽرسائيڪل تي وٺي هليو جتي پورو وقت منهنجي حاضري ۾ بيٺو رهيو.
    “يار چندرو تون اجايو مون لاءِ هيڏي تڪليف ٿو وٺين.” چيومانس.
    “نه سائين توهان اسان جا وڏا آهيو، توهان دادا جا مهمان آهيو، جنهن جا اسان تي لکين ٿورا آهن. توهان جي ڪم اچڻ کي ته آءٌ پنهنجي خوش نصيبي ٿو سمجهان.” هُو وراڻيندو هو.
    چندرو چاليهه کن ورهين جو جوان آهي، شايد جسماني هاٺي اهڙي اٿس يا سڄو ڏينهن موٽرسائيڪل تي هلڻ ڪري ڪافي صحتمند لڳي ٿو. پهرئين ڏينهن کان وٺي مون کي چوندو رهيو ته “سائين هڪ ويلو مانيءَ جو اسان جي گهر به هلي کائو.” آخري ڏينهن تي گهڻو زور ڀرڻ تي چيومانس: “چندرو مانيءَ بدران فقط چانهه پيارين ته هينئر ئي هلان.” ڏاڍو خوش ٿيو. سندس گهر پهچي خوشي ته مون کي به ٿي جو سندس قابل پڙهيل ڳڙهيل ۽ مشهور شخصيت پيءُ ليکراج موهيناڻي سان ملاقات ٿي، جيڪو دادا جشن جي تمام ويجهو رهيو آهي.
    ليکراج جو پتا (۽ چندرو جو ڏاڏو) ايسر داس بيگراج موهيناڻي، راڻيپور سنڌ جو رهاڪو هو. هن ڪجهه سال ميرن وٽ نوڪري ڪئي. ان بعد اجمير ۾ “بي ليلارام ائنڊ سنز” ۾ اڪائونٽنٽ ٿيو. سندس لاهور ۽ مسوري ۾ پنهنجا دڪان پڻ هئا. چندرو جي والد ليکراج ٻڌايو ته هن جي ڄم جي تاريخ 6 مارچ 1937ع آهي. ورهاڱي وقت هو ڏهن سالن جو هو ته اجمير آيو، جتي سندس پيءُ نوڪري ڪئي ٿي، ان بعد هو مسوري آيا، تنهن کان پوءِ ناسڪ ۾ اچي رهيا. “1954ع ۾ مون مئٽرڪ ڪئي.” چندرو جي پيءُ ليکراج ٻڌايو، “1960ع ۾ پوني ۾ اچي B.A ڪيم ان بعد اتان ئي بي. ڪام ڪيم.”
    ان وقت جون ڳالهيون ڪندي هن ٻڌايو ته، “1961ع ۾ پوني ۾ ايڏي ته وڏي ٻوڏ آئي جو پوني جو اڌ شهر ٻڏي ويو هو.”
    ليکراج کي ٻه ڀائر هري رام ۽ ڪنهيا لعل آهن. ڪنهيا لعل به هتي پوني ۾ رهي ٿو. سندس اڪيلي ڀيڻ نانڪي (يعني چندرو جي پڦي) پنهنجي مڙس ڪرم چند سان گڏ راجستان ۾ رهي ٿي.
    چندروءَ جي والده ايشوريءَ ٻڌايو ته هن جي پتا جو نالو ڀائي ديارام آهي ۽ هنن جو اصل ڳوٺ ميرپور ماٿيلو آهي. کين پنج ٻار ٿيا جن ۾ چندرو اڪيلو پٽ آهي باقي چار ڌيئرون آهن، جن مان وڏي اوشا جي شادي پير جي ڳوٺ وجي ڪمار هنس سان ٿي. ٻي مالا آهي جيڪا هنن سان گڏ رهي ٿي ۽ پوني جي سينٽ ميران اسڪول ۾ پڙهائي ٿي. ٽين ڀيڻ ڪويتا جي شادي ڪمار ساڌواڻي سان ٿي آهي ۽ چوٿين ڀيڻ ريٽا جي خيرپور ميرس جي ڄيٺواڻي فئمليءَ جي ڀڳوان ڪمار سان ٿي.
    چندرو جي گهر چانهه تي هنن انگور ۽ اسٽابيري ميوو پڻ رکيو هو. هنن ٻڌايو ته هي فروٽ هن صوبي مهارا شٽرا جو ئي آهي، انگور ۽ اسٽابيري ٿڌن علائقن جو ميوو آهي، مهاراشٽرا ۾ ڪيتريون ئي هل اسٽيشنون ۽ سطح سمنڊ کان بلند علائقا آهن، جتي اونهاري ۾ به ٿڌڪار رهي ٿي. هنن ٻڌايو ته انگور تاس گاﺂن جا آهن ۽ اسٽابيري مهابليشور جي آهي.
    انهيءَ ۾ ڪوشڪ ناهي ته پوني شهر ۾ مون لاءِ چندرو وڏي مدد ۽ Guide هو. هُو پوني ۾ ڄائو، نپنو ۽ سڄي عمر پوني ۾ گذارڻ ڪري پوني جي گهٽيءَ گهٽيءَ کان واقف آهي.”دادا جشن جو ڪير به مهمان اچي ٿو ته ان جي خدمت ڪرڻ آءٌ پنهنجي ڊيوٽي سمجهان ٿو.” چندروءَ ٻڌايو.
    پوني جون مختلف جايون گهمڻ لاءِ مون هر وقت چندروءَ سان صلاح ٿي ڪئي ته اهي ڪٿي آهن، ڪيئن وڃجي ۽ انهن کي ڏسڻ لاءِ ڪهڙو وقت صحيح رهندو. چندرو پنهنجي موٽر سائيڪل تي ويهاري جلدي جلدي پهرين انهن گهٽين ۽ رستن جا چڪر ڏياري ايندو هو، جن تي ٺهيل مسجدون، مندر، پراڻيون عمارتون، سئنيمائون ۽ شاپنگ سينٽر مون ڏسڻ ٿي چاهيا ۽ پوءِ انهن مان چونڊ جاين تي آءٌ آٽو رڪشا ذريعي پهچي ويندو هئس ۽ پنهنجي مرضيءَ مطابق ٿورو يا گهڻو وقت ترسي فوٽا ڪڍندو هئس ۽ مقامي ماڻهن سان خبرچار ڪندو هوس. چندرو مون کي لِي مارڪيٽ، کوڙي گارڊن، بمبئي بازار، لياقت آباد ۽ حيدرآباد جي ريشمي گلي ۽ فقير جي پڙ جهڙين سوڙهين گهٽين ۾ به پنهنجي موٽرسائيڪل تي وٺي هليو ٿي، جيڪي گهٽيون ڪنهن جي ڪار يا ڀاڙي جي آٽو رڪشا ۾ به نه ڏسي سگهان. ڪا اهڙي عمارت يا ايمپريس مارڪيٽ جهڙي بازار وري گهمڻ چاهيندو هئس ته ان جو نالو نوٽ ڪري ٿي ورتم ۽ پوءِ ٻئي ڏينهن رڪشا ۾ يا پنڌ پهچي ويس ٿي. هڪ ڳالهه نوٽ ڪيم ته پوني ۾ تمام گهڻا فارينر اچن ٿا تاريخي جايون ڏسڻ لاءِ، نائيٽ لائيف Enjoy ڪرڻ لاءِ، اوشو جي Mediation سينٽر لاءِ، اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ داخلائون وٺڻ لاءِ... ۽ ان ڪري هتي هوٽلون به هر قسم جون آهن ۽ تمام گهڻيون. ڪن هوٽلن جا نالا عجيب يا دلچسپ هجڻ ڪري هن وقت به ياد اٿم. موليڊنا روڊ تي هوٽل اروڙا ٽاورس، هوٽل سينٽرل پارڪ ۽ ڀرسان هوٽل ساگر پلازا، راجيو گانڌي پارڪ ۾ هوٽل ليمن ٽري، ڪوريگائون روڊ تي هوٽل سن ائنڊ سئنڊ، گرين پلازا ۽ تاج بلوڊائمنڊ، جنگلي مهاراج روڊ تي هوٽل سپنا ۽ سندرين هوٽل... وغيره وغيره. هتي فائو اسٽار هوٽل جي روز جي مسواڙ 8000 کان 16000 انڊين رپيا آهي، يعني پنهنجا ڏيڍوڻا پئسا ٿيندا، فور کان ٿِري اسٽار هوٽل جي مسواڙ 4000 کان 1200 تائين آهي، جيئن سائوٿ ڪورٽ، سريا ولا، سمارٽ ان، لوٽس، هوٽل، ميرو وغيره سستين هوٽلن مان آهن.
    هتي پوني ۾ رستن تان لنگهندي بئنڪون به جام نظر اچن ٿيون، ڪي ته اهڙيون بئنڪون آهن جن جا نالا مون ڪڏهن نه ٻڌا ۽ نه دهلي يا بڙودا ۾ هن کان اڳ نظر آيون. لڳي ٿو پوني واپار جي نوعيت کان اهم شهر آهي. ڪجهه اهڙيون نوَن نالن واريون بئنڪون هن ريت آهن: اربن بئنڪ، ڪنارا بئنڪ، ڪاسمس بئنڪ، وش ويشور بئنڪ، ميسور بئنڪ، مودي بئنڪ، سنڌ پنجاب بئنڪ، تريمورتي بئنڪ، سرسوتي بئنڪ، سنگالي بئنڪ، مسلم ڪوآپريٽو بئنڪ، مهاراشٽرا بئنڪ، ماها بئنڪ، جنتابئنڪ وغيره. پوني ۾ بئنڪن ۽ هوٽلن کان به وڏو تعداد اسپتالن جو نظر اچي ٿو، جنهن ۾ گهڻيون تڻيون خيراتي ۽ غريب ماڻهن جي علاج لاءِ آهن ۽ ان کان وڏو انگ اسڪولن ۽ ڪاليجن جو آهي. ڪيترائي تعليمي ادارا انگريزن جي دور کان هلندا اچن. جن جي سونهن سوڀيا سان گڏ پڙهائيءَ جو معيار به قائم رکيو ويو آهي. سينٽ ائنڊريوز، سينٽ ائنٿونيس، سينٽ ايڊورڊ، سينٽ فارم، سينٽ فرانسز، سينٽ هيلين، سينٽ جان، سينٽ مئري، سينٽ پال، سينٽ فلپس، سينٽ ونسينٽ جهڙا ڪيترائي مشنري اسڪول اڃا تائين پوني ۾ هلي رهيا آهن. هتي هندن جو وڏو تعداد آهي، ٻئي نمبر تي مسلمان ۽ پوءِ عيسائي آهن. جيترا هندو آهن ان حساب سان گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ ننڍو مندر آهي، پر مسجدن جو ايڏو تعداد ناهي. چيو وڃي ٿو ته هندستان ۾ مذهب جي آزادي آهي، پر ائين ته ڪو جتي ڪٿي مسجد ٺهرائي ڏيکاري، جيئن مندر آهن يا ائين ڪٿي به رستي يا پارڪ ۾ ڪير به نماز پڙهندي نظر نه آيو، جيئن هندو رستي تي رکيل ڪنهن مورتيءَ کي ايندي ويندي ’پرنام‘ ڪن ٿا. سمجهو ته ڪلفٽن يا ناظم آباد جيڏي وڏي علائقي ۾ هڪ يا ٻه مسجدون مَس آهن، جن ۾ جمعي جي نماز تي ئي نمازين جو هجوم نظر اچي ٿو، چندروءَ جيڪي ٽي چار مسجدون ڏيکاريون، اهي مسجدون نه پر درگاهون ۽ ڪن بزرگن جون مزارون هيون، جيئن ’بابا جهان کي درگاهه‘، ’شادل بابا درگاهه‘، ’سيد احمد علي شاهه جي مزار‘... وغيره وغيره. منهنجي رهائش واري جاءِ ساڌو واسواڻي چوڪ وٽ به روڊ تي ’پنج پير‘ نالي درگاهه هئي، جتي نماز گهٽ پر فلمي ڌنن تي قواليون گهڻيون پئي وڳيون، اهي ڏينهن انهن ’پنجن پيرن‘ جي عرس جا ڏينهن هئا ۽ مسلمانن توڙي هندن انهن جي قبرن توڙي ڀتين ۽ دروازن کي ائين پيو چُميو جيئن ان قسم جو شرڪ اسان وٽ سچن ڪوڙن پيرن فقيرن جي مزارن تي ٿئي ٿو. ڪنهن به سچي پير يا مرشد ائين نه چاهيو هوندو ته ماڻهو نمازون ۽ روزا ڇڏي، سندن قبرن کي چُمن ۽ عورتون ۽ مرد ڀنگ چُڪو پِي مستيءَ ۾ نچن ۽ فلمي گانن، “تو ٿورا ميٺا هي ٿورا سا ڪڙوا هي” ۽ “روپ تيرا مستانا...” جهڙن گانن جي ڌُنن تي قواليون ڳائين. اتي گوا جي هڪ مسلمان فئملي ملي. ماءُ پنهنجي جوان ڌيءَ نسرين کي پنهنجي پٽ سان گڏ وٺي، هتي حاضري ڀرڻ آئي هئي.
    “ٻڌو اٿم ته هتي جيڪو حاضريءَ لاءِ اچي ٿو، هي پير ان جون دل جون مرادون پوريون ڪن ٿا.” ماءُ چيو.
    “ڪيئن ڀلا؟” مون پڇيو.
    “ڏسو ته ڪيترا هندو به هتي هنن پِيرن جي قدمن ۾ ويٺا آهن. يعني قبرن جي پيرانديءَ کان ويهي قبرن تي نرڙ رکيو ويٺا آهن.” ماءُ چيو.
    نسرين ۽ سندس وڏو ڀاءُ ارشاد ڪافي پڙهيل ڳڙهيل هئا، ارشاد اتي گوا ۾ نوڪري ٿو ڪري ۽ نسرين هينئر M.Sc ڪئي آهي. سندس ماءُ ٻڌايو ته هن کي نسرين جي شاديءَ جو وڏو فڪر آهي. ان ڪري هُو جنهن ڪاني ڪرامت واري پير فقير جو ٻڌي ٿي ته ان جي مزار تي حاضر ٿئي ٿي ۽ التجا ڪري ٿي ته نسرين جي جلد شادي ٿئي ۽ کيس سٺو گهوٽ ملي.
    هتي اهو هڪ قسم جو ڪلچر نظر اچي ٿو، ته هندو توڙي مسلمان، گهوٽ جي ڳولا کان گهوڙن جي ڊوڙ تائين، لڪي بانڊ کان جوا ۾ بازي کٽڻ لاءِ اهڙن پيرن، پنڊتن، مندرن درگاهن ۽ فال ڪڍڻ وارن وٽ پهچي ٿو.
    چندرو، مون کي ساس باغ نالي مندر ڏي پڻ وٺي هليو، جنهن ۾ شري سڌوي نايڪ جي مورتي رکيل آهي، جنهن لاءِ هن ٻڌايو ته هي ديوتا هر هڪ جي دل جون مرادون پوريون ڪري ٿو. مون ڏٺو ته هن مندر ۾ ماڻهن جو ميلو متل هو. چندروءَ ٻڌايو ته روزانو ڏهه هزار کن سوالي، هن شهر پوني ۽ سڄيءَ انڊيا کان اچن ٿا. خاص ڏينهن تي روزانو اڌ لک کان به گهڻا ماڻهو اچن ٿا. وڏا وڏا سياستدان ۽ وزير مشير هن ديوتا شري سڌوي نايڪ جي blessing حاصل ڪرڻ لاءِ هن پاڪ مندر ۾ اچن ٿا. مندر جي هڪ نوجوان ٻائي ٻڌايو ته ارڙهين صديءَ ۾ پاروتي پهاڙيءَ تي شري ديو ديوشوار جي مندر ٺهڻ بعد، شريمانت نانا صاحب پيشوا هن پهاڙيءَ جي آس پاس واري علائقي کي خوبصورت بنائڻ جي خيال کان، هن جبل جي قدمن ۾ ڍنڍ جي وچ ۾ هڪ ٻيٽاري تي هڪ خوبصورت باغيچو “سرس باغ” ٺاهيو. ان ۾ پوڄا لاءِ مندر ٺاهيو، جنهن ۾ “شري سڌوي نايڪ گجانان” جي مورتي اچي رکي، جنهن ڀڳوان جي هن شروع کان پوڄا ڪئي ٿي. سارس باغ شهر جي وچ ۾ سوارگيٽ واري علائقي ۾ آهي. پاروتي روڊ، بالاجي وشواناٿ پيشوا (BVP) روڊ ۽ گرو جي روڊ وغيره سڀ سارس باغ وٽان لنگهن ٿا.


    پيشوائن، قذاقن ۽ انگريزن جو راڄ

    پوني، جنهن کي انگريزن پونا سڏيو ٿي، مهاراشٽرا صوبي جو هڪ اهم شهر آهي، هي هڪ جهونو شهر به آهي ته ماڊرن به. جيئن ڪراچي پاڪستان جو ڪمرشل Capital سڏجي ٿو. تئين پوني مهاراشٽرا صوبي جو ڪلچرل ڪئپيٽل سڏجي ٿو. پوني جا سندس سونهن، ماڊرن هجڻ ۽ بهتر آبهوا جي ڪري هتي جي ماڻهن ڪيترائي پيار جا نالا رکيا آهن جيئن ته “Queen of Deccan” “پينشن تي لٿل ماڻهن لاءِ جنت (Pensioners Paradise) ۽ تعليمي ادارن جي گهڻائيءَ ڪري پوني کي “آڪسفورڊ آف دي ايسٽ” سڏين ٿا. پوني جي هڪ پراڻي باشندي چيو:
    “Pune has had glorious past, an innovative present and inevitably will have a great future.”
    هن شهر پوني، پنهنجي مٿان راڄ ڪندڙ، ڪئين گهراڻا ڏٺا آهن. تفصيلي تاريخي رڪارڊ راشتراڪت گهراڻي جي حاڪمن جو آهي، جن هن شهر تي اٺين صديءَ ۾ راڄ ڪيو. ان بعد يدوا حاڪمن نائين صديءَ ۾ حڪومت ڪئي، جن جي حڪومت ختم ٿيڻ تي هي شهر مسلمانن جي قبضي ۾ به آيو، پر پوني، جنهن کي پونيا (پاڪ جاءِ)، پناڪا ديشا، پناڪا وادي، قصبه پوني ۽ ٻين نالن سان سڏيو ويو ٿي مرهٺي حاڪم ڇترا پتي شيواجيءَ جي ڪري گهڻو مشهور ٿيو، جڏهن هُو پنهنجي ماءُ سان گڏ 1935ع ۾ هتي اچي رهيو. مرهٺن جي هن هيرو شيواجيءَ جي حڪومت مضبوط ٿيڻ بعد، دهليءَ جي مغل حاڪمن جا به ڪَنَ کڙا ٿيا، انهن ڏينهن ۾ هي شهر “پوني وادي” نالي هڪ ڳوٺڙو هو. شيواجي پنهنجي ماءُ جيجا ٻائيءَ سان جنهن محل ۾ اچي رهيو، اهو لال محل سڏجي ٿو. هن هڪ طرف پنهنجي حڪومت کي مضبوط ڪيو ۽ ٻئي طرف پوني شهر کي وڌايو، پوني جو مشهور قصبه گنپتي مندر لاءِ چون ٿا ته اُهو شيواجيءَ پاڻ ٺهرايو. شيواجِيءَ جي وفات بعد سندس پٽ سمڀاجِي تخت تي ويٺو، جنهن جي قتل بعد هي شهر مغل شهنشاهه اورنگزيب جي هٿ ۾ آيو. مغلن هندستان تي حڪومت دهليءَ مان هلائي ٿي. هيڏانهن پوني ڏي پيشوا (وزيراعظم) حڪومت ڪندا رهيا ۽ سياسي طرح هڪ زبردست طاقت بنجي هاڻ مغلن سان مهاڏو اٽڪائڻ لڳا، پيشوائن جي پويان مقامي ماڻهن يعني مرهٺن جو ساٿ هو.
    پوني جي ڀرسان جيڪو سنهاڳڙهه جو قلعو ڏسو ٿا، ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ اورنگزيب ٽي سال 1700ع کان 1703ع تائين شهر کي گهيري ۾ رکيو ۽ مغلن ۽ مرهٺن جي وچ ۾ دوبدو لڙائي لڳي رهي، جنهن ۾ اورنگزيب جو پٽ ۽ وارث شهزادو مُوهيل مڪ مارجي ويو، جنهن جي ياد ۾ اورنگزيب پوني جو نالو مُوهي آباد رکيو. ان وقت جي مرهٺي حاڪم شاهوءَ وڏي دليريءَ سان مقابلو ڪيو ۽ راجڳڙهه کي پنهنجي قبضي ۾ ڪري ورتو، پر 1712ع ۾ ماتا (Small Pox) ٿيڻ ڪري هُو مري ويو. هن جي موت بعد، هن جو وزير پيشوا بالاجي وشواناٿ مرهٺن جو تاج ڌڻي ٿيو. هيءُ به سٺو سياستدان هو، هن مغلن سان ’ڪجهه ڏئي ڪجهه وٺي‘ ٺاهه ڪيو ۽ 1718 کان هنن پيشوائن جي مهاراشٽرا ۾ حڪومت جاري ٿي، پر بالاجي گهڻو جيئرو نه رهيو ۽ 1721ع ۾ گذاري ويو.
    بالاجي جي وفات بعد سندس وڏو پٽ ’باجي رائو‘ جنهن کي پيشوا جو خطاب مليو، سو تخت و تاج جو ڌڻي ٿيو. هونئن هيءَ مختصر تاريخ لکڻ جي ضرورت ان ڪري سمجهان ٿو، ته اسان پاڪستانين لاءِ يعني سنڌ، پنجاب توڙي بلوچستان ۽ سرحد جي رهاڪن لاءِ انڊيا جي تاريخ فقط اتر انڊيا جي تاريخ سمجهي ٿي وڃي، جنهن تي جن سلطانن، لوڌين يا مغلن حڪومت ڪئي. انهن جو اڄ واري پاڪستان جي شهرن ٺٽي ۽ حيدرآباد کان ملتان ۽ لاهور تي به اثر رهيو ۽ اسان جي هيٺئين ڪلاسن جي شاگردن کان وٺي يونيورسٽيءَ جا شاگرد شير شاهه سوري، ابراهيم لوڌي، بابر، همايون، اڪبر ۽ شاهجهان، جهانگير جهڙن بادشاهن کان واقف آهن. انهن جي نالن تي، اسان وٽ يا انڊيا جي اتراهن رياستن ۽ ڪشمير پاسي روڊ، عمارتون ۽ علائقا آهن، ماڻهن جا به نالا آهن، پر انڊيا جي ڏکڻ ۾ خاص ڪري مهاراشٽرا صوبي جي مرهٺن لاءِ شيواجي ڀونسلي، سمڀاجي، بالاجي، باجي رائو جهڙا راجا ۽ حاڪم ائين هيرو آهن جيئن سنڌين وٽ هوشو شيدي! شير شاهه، بابر، لوڌي، محمود غزنوي وغيره وري به انگريزن وانگر ڌاريا هئا، جن ننڍي کنڊ جي ڌرتيءَ تي اچي ڦُرلُٽ، عياشي ۽ حڪومت ڪئي. شيواجي، سمڀاجي، باجي رائو جهڙا مرهٺا حاڪم، جيڪي ڀلي اسان مسلمانن کي نه وڻن، پر هن ڌرتيءَ جي رهاڪو مرهٺن جا ته پنهنجا هئا، جن پنهنجي ڌرتيءَ کي غيرن کان بچائڻ لاءِ ۽ اتي جي عوام جي سک لاءِ پنهنجي جان قربان ڪري ڇڏي. ممبئي ۽ پوني ۾ رهندڙ ڪيترن سنڌي هندن ۽ گجراتين ٻڌايو ته هن صوبي (مهاراشٽرا) ۾ ڏينهون ڏينهن قوميت جو جذبو وڌندو وڃي ۽ هُو جتي ڪٿي نهرو ۽ گانڌيءَ کان به وڌيڪ شيواجي جي مورتي (Statue) ڏسڻ پسند ڪن ٿا.
    بالاجيءَ جي مرڻ بعد سندس وڏو پٽ باجي رائو مرهٺن جو حاڪم ٿيو. هن حاڪم لاءِ چيو وڃي ٿو ته هُو وڏو مهم جُو ۽ دلير هو. هن پنهنجي مرهٺا سلطنت کي 1734ع ۾ مالوا جا علائقا هٿ ڪري، اترطرف وڌايو ۽ پنهنجي ڀاءُ “چيمن جي” کي پورچو گالين سان وڙهڻ لاءِ موڪليو، جنهن ۾ هن کي وڏي سوڀ حاصل ٿي ۽ 1739ع تائين پورچو گالي ميدان ڇڏي ڀڄي ويا ۽ کين لڪڻ جي جاءِ نه پئي ملي. باجي رائو 1740ع ۾ گذاري ويو. پٺيان هن ٽي پٽ ڇڏيا: بالاجي باجي رائو جيڪو پيشوا يعني حاڪم ٿيو، ٻيو رگهوناٿ راءِ جنهن پوءِ پنهنجي مرهٺن کي ڇڏي انگريزي سان وڃي ساٿ ڏنو ۽ ٽيون جنارڌن رائو جيڪو ننڍي عمر ۾ گذاري ويو.
    بالاجي باجي رائو، پوني کي پنهنجي حڪومت جو مرڪز بڻائي، پوني ۽ ان جي پسگردائيءَ کي ڏاڍو ٺاهيو. ماڻهن کي پوک لاءِ سهوليتون مهيا ڪري ڏنيون، جنهن سان خوشحالي پيدا ٿي. شهري انتظام کي بهتر بڻايو. 1750ع تائين هي علائقو ڏاڍو پُرسڪون لڳو پيو هو، ان بعد 1751ع ۾ مغل وڃي فرينچن سان مليا (هنن مرهٺن جي دوستي ڇڏي ڏني، جيڪي هڪ صديءَ تائين مغلن جو ساٿ ڏيندا پئي آيا.) مرهٺا وڏي جوش ۽ همت سان وڙهيا ۽ مڪمل طور تباهيءَ کان بچي ويا ۽ پوءِ بالاجي باجي رائو پنهنجي ڀاءُ رگهوناٿ رائو کي پاڻ سان ملائي ڀر وارن صوبن گجرات ۽ ڪرناٽڪا جو وڏو حصو پنهنجي صوبي مهاراشٽرا سان ملائي ورتو. انهي دوران خبر پيئي ته يورپ ۾ انگريزن ۽ يورپين جي وچ ۾ ڇتي ويڙهه شروع ٿي وئي آهي. ننڍي کنڊ جي تاريخ جو جائزو وٺبو ته هڪ ڳالهه نمايان لڳندي ته حڪومت حاصل ڪرڻ لاءِ ۽ تاج و تخت حاصل ڪرڻ لاءِ اهڙا ڪيترائي مثال ملندا، جو پٽ پيءُ کي، ڀاءُ ڀاءُ کي قتل ڪري ڇڏيو، يا هڪ ڀاءُ بادشاهه ٿي ويو ته ٻئي هن کان تخت کسڻ لاءِ هن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو. ڪيترن بادشاهن غريب عوام کي ٻن حصن ۾ ورهائي خونريزيون ڪرائي ڇڏيون. نعرا ڀلي هنن ڇا به هنيا هجن ته هو عوام جي خدمت ڪرڻ چاهين ٿا، پر هنن کي پنهنجي عياشيءَ جي ئي لوڙ لڳل هوندي هئي. هُو پاڻ کي وڏا مذهبي سڏائيندا هئا پر ڪم غير مذهبي هين. تخت حاصل ڪرڻ خاطر ڀاءُ ڀاءُ جو مقابلو نه ڪري سگهندو هو ته ننڍي کنڊ ۾ موجود انگريزن، فرينچن يا پورچو گالين کان مدد حاصل ڪرڻ لاءِ هليا ويندا هئا، جيڪي ننڍي کنڊ ۾ پنهنجو پير ڄمائڻ لاءِ اهڙين نينڍُن لاءِ آتا هوندا هئا ۽ اڳواٽ معاهدن تي پڪيون صحيحون وٺي ڇڏيندا هئا، ته جي توهان کي پنهنجي ڀاءُ (يا پيءُ يا سوٽ) کان بادشاهت جو تاج وٺي ڏنوسين ته تنهنجي حڪومت جو هيترو حصو اسان جي حوالي ٿيندو.
    تخت ۽ تاج حاصل ڪرڻ لاءِ بادشاهن، حاڪمن ۽ نوابن جي اولاد نه فقط يورپي گورن کان مدد ورتي ٿي، پر ملڪ ۽ اوسي پاسي جي ڌاڙيلن ۽ غنڊن، پرويندي سامونڊي قزاقن (Pirates) کان به مدد ورتي ٿي، جن پوءِ سندن جيئڻ به جنجال ڪيو ٿي، نه فقط ننڍي کنڊ جي مقامي راجائن ۽ حاڪمن پر ويندي يورپين به ڌارين جي ڌرتيءَ تي قبضو ڪرڻ ۽ ان جي عوام کي غلام بنائڻ لاءِ ڌاڙيلن ۽ ڦورن کي پنهنجو يار بنايو ٿي. سامونڊي ڦورن (Pirates) جو تفصيلي احوال آءٌ سامونڊي ڪهاڻين واري ڪتاب “موج نه سهي مڪڙي” ۾ ڪري چڪو آهيان. هتي فقط ڪوناجي نالي هڪ سامونڊي ڌاڙيل (قزاق) جو مختصر احوال لکندس، جنهن جو شيواجي ۽ سمڀاجي مرهٺا راڄ ۽ مهاراشٽرا صوبي سان گهڻو واسطو رهيو.
    ڪوناجي (جنهن کي انگريزي ۾ Konhaji ۽ Conajee اسپيلنگ سان لکيو وڃي ٿو) آفريڪا جو شيدي مسلمان هو، پر هن انڊيا جي اولهه واري ڪناري تي ماڻهن جا ٻيڙا ڦريا. پاڻ مرهٺي، هندي ۽ عربي سٺي ڳالهايائين ٿي ۽ سترهين ۽ ارڙهين صديءَ جي ڪامياب قذاقن (Pirates) مان هڪ هو. هن 1690ع ۾ مرهٺا سلطنت جي نيوي جو ليڊر ٿي به ڪم ڪيو. بهرحال هندستان ۾ پير ڄمائڻ لاءِ، انگريزن جي برٽش ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ هن قزاق کي ريهي ريڀي ۽ وڏيون وڏيون لالچون ڏيئي، پنهنجا مقصد حاصل ڪيا، ان بعد انگريزن هن کي پڇيو به ڪونه. پنهنجي خواريءَ جو بدلو وٺڻ لاءِ ڪوناجيءَ قزاقن جو ٽولو ٺاهيو ۽ 1710ع ڌاري بمبئيءَ جي ڪناري کان ٻاهر رهي، انگريزن جو جيڪو به جهاز نظر آيو ٿي ان جي ڦرلٽ شروع ڪري ڏني. بمبئيءَ جي ڏکڻ ۾ وجي درگ نالي هڪ ٻيٽ آهي، ڪوناجي وارن پنهنجي ڦُر جو سامان اتي لڪايو ٿي، انگريز جهازي هن جي وڏي ٽولي سان پڄي نه سگهيا. 1792ع تائين ڪوناجيءَ انگريزن جي واپار جي ڀينگ ڪري ڇڏي، پوءِ نيٺ ان وقت ڪمپنيءَ جي بمبئيءَ واري گورنر قزاق ڪوناجي کي ڀُنگ ڏيڻ جي آڇ ڪئي، ته هُو فرينچن، پورچوگالين، مغلن جي جهازن جي ڀلي ڦر ڪري، پر برطانيا جي جهازن جو نالو نه وٺي. ڪوناجيءَ انگريزن جي ڳالهه نه مڃي، هُو هر جهاز جي نه فقط ڦُر ڪندو رهيو، پر پنهنجو عملو به وڌائيندو رهيو. 1716ع تائين جڏهن بمبئيءَ جو گورنر چارلس بون هو، ڪوناجيءَ مرهٺا ڪناري تي پنهنجا 20 کن اڏا ٺاهي ورتا هئا، جتي هن جا ماڻهو ڦُر ڪيل مال سان گڏ اچي لڪا ٿي. چارلس بون، ڪوناجي جي اڏن تي وڏي طاقت سان حملا ڪرايا پر ڪوناجي طرفان سندس هر حملو پسپا ڪيو ويو ٿي.
    1729ع ۾ ڪوناجي جي وفات بعد هن جي ٻن پٽن سمڀاجي ۽ مناجيءَ قزاقي (Piracy) جو ڪم سنڀاليو ۽ ڪاميابيءَ سان جاري رکيو. 1736ع ۾ انگريزن جي جهاز “The Derby” جي ڦُر به هن ٽولي ڪئي، جنهن جهاز لاءِ چيو وڃي ٿو ته ان تي ايڏو ته سونُ هو جو انگريزن جي ايسٽ انڊيا ڪمپني سڄي سال ۾ ڪمايو هو. ان بعد انگريزن سامان ۽ مسافرن جي جهاز سان گڏ هڪ جنگي جهاز به موڪليو ٿي، پر ان هوندي به سمڀاجي ۽ مناجي ڀائرن جا ٽولا ڦُر ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ٿي، ويتر 1743ع ۾ هنن جي ماٽيلي ڀاءُ تُولاجي، جيڪو پڻ ناميارو قزاق هو، ان به اچي هنن جو ساٿ ڏنو ۽ انگريزن لاءِ باهه ٻاري ڏني. انگريز، هاڻ هندستان جي شهرن تي قبضو ڪرڻ بدران في الحال پنهنجن جهازن کي قذاقن جي حملن کان بچائڻ ۾ لڳي ويا. اتي انهن حالتن ۽ نازڪ وقت تي، جڏهن انگريزن جي بيوسي ڏسڻ وٽان هئي، “بالاجي باجي رائو” جي ناراض ڀاءُ رگهوناٿ رائو پنهنجن ڪجهه مرهٺي قبيلن سان گڏ اچي انگريزن سان ساٿ ٺاهيو ۽ جيئن ته رگهوناٿ وارا مقامي ماڻهو هئا ۽ هُو هنن قذاقن جي اڏن ۽ مٽن مائٽن کان واقف هئا، ان ڪري هنن قذاقن تي جيڪي حملا ڪيا ٿي اهي ڪامياب ثابت ٿيا ٿي. انگريز به پوءِ شير ٿي ويا ۽ قذاقن جو هڪ هڪ اڏو تباهه ڪندا ويا ۽ ويندي آخري طاقتور اڏو، وجي درگ ٻيٽ وارو به 1755ع ۾ ڪموڊور وليم جيمس جي هٿ ۾ اچي ويو، تُولاجي جهلجي پيو ۽ کيس جيل موڪليو ويو، سندس گڏ ڪيل سموري ملڪيت بمبئي موڪلي وئي.
    انڊيا جي اولهه واري ڪناري تي ڦرون ڪندڙ هي قذاق: ڪوناجي، سمڀاجي، مناجي ۽ تُولاجي، جيتوڻيڪ انگريزن جي تاريخ ۾ نفرت جي نگاهه سان ڏٺا وڃن ٿا، پر هتي جي مقامي ماڻهن (مرهٺن) لاءِ هُو هيمون ڪالاڻيءَ وانگر هيرو جي حيثيت رکن ٿا، جن سندن ڌرتيءَ کي انگريزن جي قبضي ڪرڻ کان گهٽ ۾ گهٽ ڪجهه سال روڪي رکيو. هنن قزاقن جي تباهي انگريزن لاءِ وڏي ڪاميابي ثابت ٿي ۽ هُو هميشه وانگر هاڻ انهن مرهٺن کي کنگهڻ به نه لڳا، جن هنن جي مدد ڪئي. هر روز ويا پنهنجي طاقت وڌائيندا ۽ پکيڙيندا. 1761ع ڌاري مرهٺن جي سلطنت جو زوال شروع ٿيو، جڏهن پاڻيپٽ جي لڙائيءَ ۾ مغل حاڪم حيدر عليءَ مرهٺن کي شڪست ڏني. هن خبر ان وقت جي پيشوا حاڪم بالاجي باجي رائو کي سخت صدمو پهچايو ۽ ان بعد هُو سگهو ئي پوني جي پاروتي ٽڪري واري مندر ۾ وفات ڪري ويو. مرهٺا راڄ بالاجي باجي رائو جي ڏينهن ۾، سمجهو ته وڏي اوج تي هو. هُو “نانا صاحب پيشوا” به سڏيو ويو ٿي.
    بالاجي باجي رائو جي مرڻ بعد سندس ٻيو پٽ ماڌورائو پيشوا ٿيو پر سندس چاچي رگهوناٿ رائو (جيڪو انگريزن سان ملي ويو هو) کيس انتظامي ڪمن ۾ منجهائي رکيو، آخر ٻيو ڪو چاڙهو نه ڏسي 1768ع ۾ ماڌورائو پنهنجي چاچي رگهوناٿ کي جيل ۾ وجهي ڇڏيو. انهيءَ سال مغلن پوني شهر جي تباهي پڻ ڪئي هئي. هونئن هتي جا ماڻهو ٻڌائين ٿا ته ماڌوراءِ جيڪو هتي جي زبان ۾ ٿورالي يعني اعظم (The Great) به سڏيو وڃي ٿو، هڪ نيڪ انسان، غريبن جو همدرد ۽ انصاف پسند حاڪم ٿي گذريو آهي. 1771ع ۾ هو سخت بيمار ٿي پيو ۽ ٻئي سال وفات ڪيائين. بالاجي باجي رائو جو ٽيون پٽ نارائن رائو پيشوا ٿيو ۽ تخت تي ويٺو. 1773ع ۾ سندس چاچو رگهوناٿ جنهن کي مڌوراءِ جيل ۾ وڌو هو، اهو مغلن جي مدد سان ٻاهر نڪري آيو. ان بعد رگهوناٿ جي زال آنند ٻائيءَ اٽڪل ڪري نارائن رائو کي پوني جي شنيوار وادا ۾ قتل ڪري ڇڏيو. ان بعد رگهوناٿ پيشوا ٿي ويٺو ۽ هن انگريزن سان ڪيترائي معاهدا ڪيا، جن ۾ هنن پيشوا لاءِ گارڊ ۽ فوجي ڏنا ٿي ۽ رگهوناٿ هنن کي مهاراشٽرا صوبي جي ڌرتيءَ جو حصو ۽ پئسو مهيا ٿي ڪيو. انهن ڏينهن ۾ پوني جو شهر، مرهٺي وزير نانا فدنيس جي هٿن ۾ هو، جنهن 1800ع ۾ وفات ڪئي.
    1782ع ۾ رگهوناٿ رائو جي مرڻ بعد ٻه پٽ ۽ ٻيا ٿوري ٿوري عرصي لاءِ پيشوا ٿيا پر فقط نالي ۾. اصل ۾ حڪومت انگريزن جي هٿ ۾ ايندي وئي، جن 1803ع ۾ احمدنگر جو قلعو هٿ ڪيو ۽ 1804ع ۾ جنرل ويلسلي اهو اعلان ڪيو ته دکن ۾ وڳوڙ پکڙيل آهي، ان ڪري ملٽري راڄ لڳايو. 1818ع ۾ پوني جو شهر انگريزن جي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ حوالي ڪيو ويو، اڳتي هلي 1856ع ۾ انگريزن پوني جي ميونسپالٽي ٺاهي.
    ويهين صديءَ جي شروع وارن سالن ۾ جڏهن سڄي هندستان ۾ انگريزن جي خلاف نفرت وڌي وئي ۽ آزاديءَ جي گُهر وڌڻ لڳي ته مهاتما گانڌيءَ انگريزن خلاف “Non Violence” مهم شروع ڪئي ته پوني جي هزارين ماڻهن ان “چَلي جائو” (Quit India) تحريڪ ۾ حصو ورتو. مهاتما گانڌيءَ کي انگريزن، هن شهر پوني جي آغا خان محل ۾ ٻن سالن لاءِ نظر بند رکيو، جتي سندس زال گذاري وئي. بهرحال اڳتي هلي انگريزن ننڍي کنڊ جي پچر ڇڏي 220 سال اڳ يعني 1778ع ۾ هي شهر جيڪو پوناڪا وادي نالي هڪ 15 گهرن جو ڳوٺڙو هو، اهو برٽش راج ۾ بمبئي پريزيڊنسيءَ جو ٻيو Capital رهيو ۽ اڄ “آڪسفورڊ آف دي ايسٽ” ۽ “Queen Of the Deccan” سڏجي ٿو.


    ڊاڪٽر ڪيلڪر ميوزيم ۽ شنيوار وادا

    پوني ۾ هفتو کن رهڻ دوران هڪ ڏينهن چندرو موهيناڻي سان گڏ، هُن جي موٽرسائيڪل تي، شهر جي سوڙهين گهٽين جو سير ڪري رهيو هئس ته پوني جي مرڪزي علائقي شڪر وارپيٿ ۾، مندر چؤڪ کان گوتيرام ڪڇي چوڪ ڏي ويندي چندروءَ، مهاتما ڦولي مارڪيٽ وٽ هڪ جهوني ميوزيم وٽ پنهنجي ڦٽڦٽي بيهاري. منهنجي خيال ۾ ان روڊ جو نالو “باجي رائو” روڊ هو.
    “سائين توهان جهڙي ليکڪ کي انڊيا جو هي مشهور ’راجا ڪيلڪر‘ ميوزيم ضرور ڏسڻ کپي.” چندروءَ چيو ۽ منهنجي جواب بنا هن پنهنجي لاءِ ۽ منهنجي لاءِ ٽڪيٽ به خريد ڪري ورتي. آءٌ نه نه ڪري ميوزيم ڏسڻ لاءِ گهڙيس، خاص ڪري جڏهن مون کي خبر پيئي ته چندروءَ ۽ هتي جي ماڻهن لاءِ ٽڪيٽ فقط 8 روپيه آهي ۽ اسان ڌارين لاءِ هن 80 رپيا ڀري آهي، ته هاڻ شريف ماڻهو چندروءَ جا پئسا حلال ڪرڻ لاءِ هي ميوزيم ڏسڻ ضروري ٿي پيو. پر يارو هيءَ شيءِ ته واقعي به ڏسڻ جهڙي آهي، جنهن لاءِ ٽي چار ڪلاڪ نه پر ٽي چار ڏينهن به ٿورا آهن! مون وانگر هوائي چڪر ڏيڻ وارا سڄي عمر حاتم طائيءَ جي جِنَ وارو سوال ورجائيندا رهندا ته هڪ دفعو ڏٺو اٿم ٻيو دفعو ڏسڻ جي حسرت آهي. توهان، جيڪڏهن تاريخ، ميوزڪ، آرڪيالاجي جهڙين شين جا شوقين آهيو ته پوءِ هن “رجا ڊِنڪار ڪيلڪر ميوزيم” لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ٻه ٽي ڏينهن پاڇي ڪري اچو. نه ته به 80 رپيا خرچ ڪري مون وانگر تڪڙو چڪر ڏئي گهٽ ۾ گهٽ ڊنڪار ڪيلڪر جي تعريف ڪري، هن جي روح کي خوش ڪري سگهو ٿا، جنهن اڪيلي ماڻهوءَ پنهنجي کيسي مان خرچ ڪري، هندستان جي ڪنڊ ڪنڊ مان هي تاريخي شيون گڏ ڪيون آهن! جن جو تعداد ويهه هزار کن ٿئي ٿو ۽ جنهن لاءِ هُو پنهنجي زندگيءَ جا سٺ سال ڳوٺ ڳوٺ، گهٽي گهٽي رُليو. لڳي ٿو ته انگريزن وانگر انڊيا ۾ به اهڙن سخي مرهٺن، گجراتين، پارسين، ڪرسچنن، سنڌي هندن جو وڏو تعداد آهي، جيڪي عوام جي ڀلائي، تعليم ۽ صحت لاءِ پنهنجو ڌن اسڪول ڪاليج، اسپتالون، مندر، ميوزيم ۽ مسافرخانا ٺاهڻ ۾ لڳائين ٿا.
    ڊاڪٽر راجا ڊنڪار ڪيلڪر، جنهن کي هتي جا ماڻهو، پيار مان “ڪاڪا” به سڏين ٿا، 1896ع ۾ پوني ۾ ڄائو ۽ 94 ورهين جي ڄمار ۾ 1990ع ۾ وفات ڪيائين. ميوزيم جي گائيڊ ٻڌايو ته “ڪاڪا ۽ سندس زال ڪملاٻائي ڪيلڪر (جيڪا کانئس 6 سال ننڍي هئي ۽ 1980ع ۾ وفات ڪيائين) کي فقط هڪ ڌيءَ ريکا هري آهي جنهن کي پرڀا تائي به سڏين ٿا.”
    “ڊاڪٽر ڪيلڪر کي راجا نالي هڪ پٽ به هو جيڪو ننڍي ڄمار ۾ گذاري ويو، جنهن جو ڊاڪٽر ڪيلڪر کي ايڏو ته صدمو رسيو جو هن سوچيو ته آخر هي ڌن دولت ڪنهن لاءِ پيو ميڙيان؟”
    “پوءِ؟” مون گائيڊ کان پڇيو.
    “ڪاڪا صاحب سوچيو ته اهو ڪي ڪريان جنهن سان منهنجو ۽ منهنجي پٽ جو نالو ٿئي ۽ عوام ۽ وطن کي هميشه فائدو رسي.” گائيڊ ٻڌايو، “هُو باقي عمر انڊيا جي هڪ هڪ شهر ۾ رلندو رهيو ۽ هن کي جتي به ڪا جهوني ۽ تاريخي شيءِ نظر آئي ٿي، اها خريد ڪيائين ٿي.”
    ڊاڪٽر ڪاڪا واقعي پنهنجي زندگيءَ جو مقصد هي ميوزيم ٺاهڻ ۾ وقف ڪري ڇڏيو. اڄ روزانو هزارين سياح، ريسرچ ڪندڙ شاگرد، تاريخ جا ڄاڻو انڊيا جي شهر شهر ۽ دنيا جي مختلف ملڪن کان هن ميوزيم کي ڏسڻ لاءِ اچن ٿا، جيڪو ڪاڪا صاحب 1962ع ۾ مهاراشٽرا صوبي جي هڪ سرڪاري ڊپارٽمينٽ آرڪيالاجي حوالي ڪري ڇڏيو. اسان وٽ سرڪاري شين جو قدر نه ڪيو ويندو آهي، اهڙن عجائب گهرن، لئبريرين، ميوزيمن ۽ قيمتي پکين ۽ جانورن جي سنڀال لاءِ مقرر ڪيل آفيسرن کي فقط پنهنجي پگهار وٺڻ سان واسطو هوندو آهي. هي ميوزيم ڏسي مون کي پير حسام الدين راشديءَ سان ٿيل پنهنجي آخري ملاقات ياد ٿي اچي. رات جي مانيءَ تي اسان کان سواءِ هدايت بلوچ، افتخار عارف ۽ مهتاب اڪبر راشدي ۽ هن جو گهر وارو پڻ هئا. پير حسام الدين صاحب ڏاڍي ڏک مان چيو ته، “پير علي محمد راشدي صاحب جون ۽ پنهنجيون پڻ، ڪيتريون ئي شيون سنڌ جي هڪ سرڪاري اداري کي Donate ڪيون اٿم، ته جيئن هُو ان جو خيال ڪن، قدر ڪن ۽ ايندڙ ٽهي کي انهن ذريعي تاريخي ۽ ادبي معلومات رسائين، پر افسوس جو هيترن سالن بعد ڄامشوري وڃي ڏٺم ته اهي شيون جيئن جو تيئن کوکن ۾ پيون آهن، ٿي سگهي ٿو ڪيترن کي اڏوهي به لڳي وئي هجي...”
    اسان وٽ اهو ئي حال تاريخي جاين جو آهي. حيدرآباد جو پڪو قلعو ڏسو، موهن جو دڙو، ڪوٽڏيجي ڏسو... انهن شين جي ٺاهه جوڙ بدران ڀڃ ڊاهه گهڻي آهي، ماڻهن ويندي مڪليءَ جي قبرستان تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي... ڪنهن کي درد نٿو ٿئي.
    پوني جو هي راجا ڪيلڪر ميوزيم 36 حصن ۾ ورهايل آهي، جنهن ۾ مختلف آرٽ جون آڳاٽي دور جون شيون رکيل آهن. ٿانوَ ٿپا، ديڳڙا، شمعدان ۽ ڏيئا، دٻا، مخبا، قلمدان، سوپاريون ڀڃڻ جا ڪرئڪر، پاندان، پيڪدان، جيڪي مختلف زميندارن، جاگيردارن ۽ نوابن جي درٻار ۾ استعمال ٿيا ٿي. مختلف هٿيار، نيزا، تير ڪمان، ڍالون، بندوقون، توبچيون وغيره، جيڪي مختلف ڌاتن، مڇيءَ جي ڇلرن ۽ مانگر مڇ جي کَلُن مان ٺهيل آهن ۽ مغلن ۽ مرهٽن جي دورِ حڪومت ۾ استعمال ٿيا ٿي.
    ميوزيم جي پهرين ماڙ تي مختلف قسمن جا ميوزڪ جا ساز ۽ سُرندا آهن، مون کي پڪ آهي ته محمد قاسم ماڪا، نصير مرزا ۽ مرحوم ممتاز مرزا جهڙا ميوزڪ جا ڄاڻو هي شيون ڏسي وڌيڪ enjoy ڪري سگهن ها. ڪي ڪي ته عجيب Collections آهن، جيئن ته مختلف قسمن جا تالا جيڪي مختلف ماپن ۽ شڪلين جا آهن، هڪ تالي ۾ زال مڙس ڀاڪر ۾ اچيو وڃن ۽ اهڙا ئي عجيب ۽ اوگهڙ وارا Nut Cracker پڻ آهن. ٻين شين کان علاوه هڪ ڪمرو “مستاني محل” نالي پڻ آهي. “مستاني” مرهٺا حاڪم باجي رائو پيشوا جي ڪنيز هئي. ان جي ڪمري سان بلڪل ملندڙ جلندڙ ڪمرو ڊاڪٽر ڪيلڪر هن ميوزيم ۾ ٺاهيو آهي، بهرحال ههڙي ميوزيم ڏسڻ لاءِ ان جو شوقين ۽ قدردان هجي ۽ ٻيو ته هن وٽ وقت ئي وقت هجي. اسان جي ذهن تي ڪا فلم ڏسڻ جو پروگرام ڇانيل هو ان ڪري اتان نڪري شيوا جي نگر ۾ Man gala سئنيما وياسين، جتي مرهٺي فلم هلي رهي هئي. ان بعد يونيورسٽي روڊ تي (راهول) سئنيما ٿيٽر ۾ جائزو وٺڻ آياسين، آخر ۾ موليڏنا روڊ تي West End سئنيما ۾ اچي “جوڌا اڪبر” فلم ڏٺي سين.


    پوني جو شنيوار وادا .....

    فلم جوڌا اڪبر جي ڳالهه پوءِ ٿا هلي ڪريون هتي پوني جي هڪ ٻي ڏسڻ وٽان محل نما قلعي شنيوار وادا (Shaniwar Wada) جو ذڪر پهرين ڪجي، جيڪو پوني ۾ ٻن ڏينهن لاءِ آيل مسافر کي به ڏسڻ کپي، پوءِ ڀلي کڻي اندر جي هر شيءِ نه ڏسجي پر ٻاهران باجي رائو روڊ، جهونا بازار روڊ يا شيواجي روڊ تان لنگهڻ وقت ڪجهه منٽ بيهي هن قلعي جي خوبصورت ٻاهرين دروازن ۽ ڀتين جو نظارو ضرور ڪجي. هي قلعو شنيوار وادا، جنهن اندر محل ٺهيل آهي، پوني جو ائين Icon آهي، جيئن ڪراچي ايمپريس مارڪيٽ، ٽاور يا جناح جي مزار.
    شنيوار وادا مرهٺا سلطنت جي وزيراعظمن جي رهائش لاءِ 1732ع ۾ ٺهرايو ويو هو، شنيوار مرهٺي زبان ۾ ڇنڇر کي سڏين ۽ وادا معنيٰ گهر، آستان وغيره. هي محل پوني شهر جي وچ ۾ ڇهه ايڪڙن تي، مرهٺا سلطنت جي باني حاڪم ڇترا پتي شيواجي، ان بعد سندس پٽ سمڀاجي ۽ پوءِ جڏهن ڇترا پتي شاهو تخت ۽ تاج جو مالڪ ٿيو ته هن جي پيشوا، يعني وزيرِاعظم باجي رائو هن محل شنيوار وادا جو بنياد رکيو. هن محل لاءِ ٽيڪ جهڙو عمدو ڪاٺ، پٿر ۽ چُن انڊيا جي مختلف علائقن مان گهرايا ويا بعد ۾ ايندڙ پيشوائن هن محل ۾ ڪافي واڌارو آندو ۽ چوڌاري قلعو پڻ ٺهرايو. اٽڪل هڪ سئو سالن بعد 1828ع ۾ هن محل کي باهه لڳي، جنهن جي سببن جي اڄ ڏينهن تائين خبر پئجي نه سگهي آهي، انهي هن محل کي ڪافي نقصان رسايو پر انڊيا حڪومت هن شنيوار وادا کي سياحن جي ڏسڻ لاءِ برقرار رکندي اچي، ڇو جو هي قلعي اندر محل آرڪيالاجي جي خيال کان وڏي اهميت رکي ٿو.
    شنيوار وادا کي پنج وڏا دروازا (Gates) آهن، انهن مان هڪ جنهن جو منهن اتر ڏي دهليءَ طرف آهي “دلي دروازو” سڏجي ٿو. هن دروازي جا طاق بيحد وڏا ۽ مضبوط آهن، جيئن ان مان پالڪين سميت هاٿي به گذري سگهن ۽ دشمن جي لشڪر جي هاٿين جي حملي کان بچڻ لاءِ هن دروازي ۾ هڪ هڪ فٽ جا لوهي ڪِلا لڳل آهن، جيئن اهي ڪِلا هاٿين جي مٿن ۾ گهڙي وڃن. هتي جي گائيڊ ٻڌايو ته مرهٺو حاڪم ڇتراپتي شاهو چوندو هو ته دهلي ڏي کُلندڙ هي دروازو ائين هجي، جيئن بهادر سپاهين جون ڇاتيون ۽ نه گَپَ گاري جو، جنهن لاءِ هن مرهٺي جملو ٻڌايو: “ڇاتيچي، ماتيچي، ناهِي.”
    ٻئي دروازي جو نالو “مستاني درواجو” آهي. مرهٺي ۾ دروازي کي درواجو ٿا سڏين، مستانيءَ لاءِ مٿي لکي چڪو آهيان ته پيشوا باجي رائو، جنهن شنيوار وادا جو بنياد رکيو ان جي محبوبا (Concubine) هئي. هي دروازو اتر ڏي کُلي ٿو ۽ هي دروازو فقط مستانيءَ جي اچڻ وڃڻ لاءِ هو! چئبو ته پراڻي زماني جي حاڪمن جا به اهي ئي ڪم هئا، يعني زالون گهر جي زنان خاني ۾ ڌوڙ پيون پائين، پاڻ ڳائڻين، ناچڻين ۽ نخريلي نارين سان ڳجهن محلن ۽ ڪوٺن تي پيا راتيون گذارين ۽ عيش ڪن. بهرحال اسان کي ڪو اعتراض ناهي جو هنن مرهٺن جي حاڪمن پنهنجي ڌرتي ۽ عوام جو به خيال رکيو ٿي، غريبن جي سکن ۽ روزگار لاءِ هنن ڇا ڇا نه ڪيو، اهو ئي سبب آهي جو عوام، هنن کي پرپٺ گاريون ڏيڻ بدران سندن عزت ۽ احترام ڪري ٿو.
    هڪ دروازي جو نالو “کڙڪي درواجو” به آهي، هڪ دروازو جيڪو ڏکڻ اوڀر طرف کُلي ٿو “گنيش درواجو” سڏجي ٿو، جنهن تي اهو نالو گنيش رنگ محل تان پيو، جيڪو محل هن دروازي جي ڀرسان آهي، جنهن قبصه گنپتي مندر ۾ ويندڙ عورتون اچي رهنديون هيون.
    پنجين دروازي جو نالو جمڀل دروازو آهي جيڪو “نارائن درواجو” به سڏجي ٿو. هي دروازو ڏکڻ ڏي کُلي ٿو ۽ هي دروازو محل ۾ ايندڙ ٻانهين ۽ ڳائڻين لاءِ هو.
    هن قلعي اندر ڪيترائي محل آهن. گائيڊ هڪڙي محل لاءِ ٻڌائي رهيو هو ته اهو ناچاچا ديوان خانا آهي يعني ڊانس هال، هڪ جو نالو “جُونا آرسا محل” يعني جهونو آرسي محل پڻ آهي، مرهٺي جا ڪيترا لفظ سنڌي سان ملن ٿا جيئن گجراتي ۽ ڪڇيءَ جا سنڌيءَ سان ملن ٿا. ظاهر آهي ڪڇ ۽ گجرات ڏکڻ سنڌ سان ائين مليو پيو آهي ،جيئن پنجاب جو سرائڪي بيلٽ اتر سنڌ سان. اهو ئي سبب آهي جو منهنجو والد مرحوم گل محمد شيخ پوني ۾ پڙهڻ ڪري، مرهٺي سٺي ڳالهائي سگهيو ٿي. مون کي پڪ آهي ته کين مرهٺي سمجهڻ ۾ ايتري محنت نه ڪرڻي پئي هوندي، جيتري مون کي بنگال ۾ مئرين انجنيئرنگ پڙهڻ دوران بنگالي سکڻ ۾ ٿي، جو بنگالي جا ايترا لفظ سنڌيءَ سان نٿا ملن، جيترا مرهٺي ۽ گجراتيءَ جا سنڌيءَ سان ملن ٿا.


    پوني ۾ اديبن ۽ شاعرن سان ملاقات

    پوني پهچڻ تي رات ساڌو واسواڻي چؤڪ تي سينٽ ميران گرلس اسڪول جي سامهون واري گيسٽ هائوس ۾ گذاري، صبح جو ڏهين بجي ڌاري پاڪستان ۽ انڊيا جي قانون موجب مقامي پوليس اسٽيشن تي رپورٽنگ لاءِ پهتس، هر پاڪستانيءَ کي انڊيا جي ڪنهن به شهر ۾ پهچڻ سان، پوليس آفيس ۾ پنهنجو نالو درج ڪرائڻو پوي ٿو ته “آءٌ هتي بس، ٽرين يا هوائي جهاز ذريعي پهتو آهيان ۽ منهنجي فلاڻي هنڌ (هوٽل، گهر يا گيسٽ هائوس وغيره) ۾ رهائش آهي.” اها رپورٽ شهر ۾ پهچڻ بعد 24 ڪلاڪن اندر ڪرائڻي پوي ٿي. پوليس آفيسر ان جي تصديق خاطر، توهان کي ان فارم تي ٺپو هڻي ڏئي ٿو، جيڪو ڪراچيءَ کان ممبئي ايئرپورٽ تي پهچڻ سان انڊيا جو اميگريشن کاتو توهان جي حوالي ڪري ٿو.
    رپورٽنگ جو ڪم لاهي گيسٽ هائوس ۾ پهتس ته مهيش آئيداساڻي ٻڌايو ته، “انڊيا جي مشهور سنڌي ليکڪا ريٽا شهاڻي جي گهر سڀاڻي جي فنڪشن جي انتظام جي ميٽنگ آهي، پاڪستان جي نمائندي جي حيثيت ۾ توهان به هلو.”
    “چئبو ته اڃان تائين سنڌ کان ٻيو ڪوبه نه پهتو آهي؟” مون پڪ ڪئي.
    “نه، ٿي سگهي ٿو شام تائين ڪو اچي وڃي.” مهيش ٻڌايو. مهيش ۽ سندس زال مينو هتي ئي رهن ٿا ۽ بنا ڪنهن پگهار جي هن گيسٽ هائوس جو انتظام هلائين ٿا. اسان جي سُک ۽ رهائش کي بهتر کان بهتر رکڻ لاءِ هُو هر وقت اسان کان اسانجي راءِ پڇندا رهيا ٿي. مهيش مون کي ريٽا شهاڻيءَ جي گهر پهچائڻ لاءِ، ڪنهن دوست کي فون ڪيو، جيڪو پنجن منٽن ۾ پنهنجي ڪار ۾ اچي پهتو، مون کي ڏاڍو افسوس ٿيو ته منهنجي آزادي ختم ٿي وئي، مون سان گڏ حيدرآباد جا ٻيا به ساٿي (موهن مدهوش، اسحاق سميجو، پروفيسر قاضي خادم ۽ امرجليل جن) اچن ها ته هي ڪم هُو پيا ڪن ها ۽ آءٌ هڪ بئنڪ بينچر ٻار وانگر آزاديءَ سان گهمندو ڦرندو رهان ها.
    ريٽا شهاڻيءَ جي گهر پهتس ته هُن وڏي حب ۽ احترام سان منهنجو آڌر ڀاءُ ڪيو. اتي موجود ٻن همراهن جو ريٽا تعارف ڪرايو ته هُو هندستان جا وڏا شاعر ۽ اديب آهن، جيڪي ممبئيءَ جي ڀرسان سنڌين جي رهائش واري شهر الهاس نگر کان هتي آيا هئا. هڪ وڏي عمر جو نارائڻ ڀارتي هو، جيڪو مشهور پبلشر به آهي، نارائڻ ڀارتيءَ جا ڪجهه ڪتاب هند سنڌ ۾ تمام گهڻو پڙهيا وڃن ٿا جهڙوڪ “هو جمالو”، “سنڌ جي لوڪ ڪلا”، “سنڌ جو ڪلچر”، “سرءُ جا پن” وغيره.
    نارائڻ ڀارتيءَ سان گڏ، کانئس ڪجهه ننڍو ٽيڪچند مست هو. ٽيڪچند مست به سنڌي ادب جو مشهور شاعر ۽ اديب آهي، سندس شاعري جي ڪجهه مجموعن جا نالا هن ريت آهن:
    • ڪنهن سان اوريان حال
    • اچ پيار ڪريون
    • نگاهون
    • مسڪراءِ
    ۽ سندس ڪهاڻين جا ڪتاب آهن:
    • حسين پڙاڏا
    • رنگين پڙاڏا
    • هي بمبئي آ پيارا
    • ڄڻي ڦاٿاسين ٻار
    سنڌي ادب ۾ ناولن جو تعداد تمام گهٽ آهي، ٽيڪچند مست جو پڻ هڪ عدد ناول آهي جنهن جو نالو آهي: “شاديءَ جا لڏون” پاڻ ٻڌيائين ته هُو سنڌ جو ڳوٺ چوهڙ جماليءَ ۾ 15 مارچ 1938 ع تي ڄائو ۽ نارائڻ ڀارتيءَ کان چار سال کن ننڍو آهي.
    نارائڻ ڀارتي، جنهن کي پنهنجو پبلشنگ ادارو آهي جنهن ۾ سنڌي ڪتاب ۽ رسالا پڻ ڇپجن ٿا، تنهن ٻڌايو ته الهاس نگر ۾ سڀ کان گهڻا سنڌي اديب ۽ شاعر رهن ٿا، جن مان جيڪي هي فنڪشن ۽ سيمينار اٽينڊ ڪرڻ لاءِ پوني ۾ پهتا آهن، اهي هن ريت آهن:
    • ايم ڪمل (مولچند ڪمل) جنهن کي ادبي انعام به ملي چڪو آهي.
    • پروفيسر هيرو شيوڪاڻي، سنڌي ادب جو نقاد (Critic) آهي.
    • جگديش لڇاڻي- اديب
    • نند ڇڳاڻي- اديب
    • لتا ٽهلياڻي- شاعره
    • ڊاڪٽر ديال آشا- شاعر (پاڻ Ph.D آهي)
    • نند هندوجا - شاعر ۽ اديب
    • اندرا پونا والا- شاعره ۽ ڪهاڻيڪار
    • تارا ميرچنداڻي- شاعره
    ۽ آءٌ جنهن وقت گيسٽ هائوس مان نڪري ريٽا شهاڻيءَ جي گهر ڏي اچي رهيو هئس ته ان وقت گيسٽ هائوس جي در وٽ، الهاس نگر جي هڪ ٻي ادبي شخصيت هري پنکج سان منهنجي پهريون ڀيرو ملاقات ٿي. ٽيڪچند مست ٻڌايو ته هندستان جو مشهور سنڌي ليکڪ ۽ نقاد هيرو شيوڪاڻي پڻ هن جو ڳوٺائي آهي، يعني هُو به ٺٽي ضلعي جي ڳوٺ، چوهڙ جماليءَ جو آهي. هيرو جو سنِ پيدائش 6 جنوري 1935ع آهي، پاڻ B.A آنرس ۽ M.A هنديءَ ۾ ڪرڻ بعد الهاس نگر جي “آر. ڪي تلريجا” ڪاليج جو پرنسپال ٿي رهيو. ستر واري ڏهي ۾ جڏهن سنڌ ۾ انڊيا جو سنڌي رسالو ’ڪونج‘ ۽ ٻيا ڪتاب عام ملندا هئا، تڏهن هيرو شيوڪاڻي (پيءُ جو نالو تيرٿداس) جو ڪهاڻين جو ڪتاب “زندگي ۽ ڪئڪٽس” ۽ ٻيو ادبي تنقيد جو ڪتاب “جدت جو مفهوم ۽ سنڌي ڪهاڻي” تمام مشهور هئا. لال سنگهه اجواڻيءَ جو انگريزيءَ ۾ سنڌي ادب جي تاريخ جو ڪتاب History of Sindhi Literature جو سنڌي ترجمو پڻ هيرو ڪيو آهي. جنهن تي هن کي، يعني سنڌيءَ ۾ سٺو ترجمو ڪرڻ تي، ساهتيه اڪادمي ايوارڊ پڻ مليو آهي. اسان وٽ شايد اهڙا ايوارڊ نه آهن، نه ته اسان وٽ به ڪيترائي سٺا ترجمي ڪرڻ وارا آهن، جن جا ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ، سنڌيڪا ۽ روشني پبليڪيشن وارن ڇپايا آهن. اسان وٽ اهڙن اديبن جي لسٽ ڊگهي آهي، پر هن وقت، توڻي کڻي Out of the way، ٻن جا نالا هتي لکڻ بي مهل نٿو سمجهان، جن جا ترجما ٿيل ڪتاب هن هفتي پڙهي پور ڪيا اٿم ۽ سندن سٺي ترجمي ۽ محنت کي داد ڏيڻ چاهيان ٿو ته، هڪ اسان جو نوجوان پيٽارين ادا سراج ميمڻ جو پٽ ڊاڪٽر امجد سراج آهي، جنهن ڊاڪٽر فهميده حسين جو ڪتاب انگريزيءَ ۾ Image of Sindhi Woman جي نالي سان ترجمو ڪيو آهي ۽ ٻيو اسان جو دوست قمر شهباز آهي جنهن رام بخشاڻيءَ جو انگريزيءَ ۾ لکيل آتم ڪٿا جو ڪتاب Taking The High Road جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي ۽ سنڌي اڪادمي، دهليءَ وارن “آکيرا آڪاس ۾” نالي سان شايع ڪيو آهي. قمر سنڌيءَ مان انگريزيءَ ۾ ته کوڙ ترجما ڪيا آهن ۽ بنا شڪ جي قمر شهباز، سراج ميمڻ ۽ مظهر صديقيءَ جي انگريزي سٺي آهي، پر هيءُ پهريون دفعو ڄاڻ ٿي ته قمر شهباز کي سنڌيءَ ۾ ترجمي ڪرڻ جي به وڏي قابليت آهي.
    بهرحال هتي هيري شيوڪاڻيءَ جي ڳالهه هلي رهي هئي، جيڪو سٺي معيار جو نقاد آهي. سندس ڪتاب “زندگي ۽ ڪئڪٽس” سنڌ ۾ پڻ ڇپيو آهي.
    ريٽا جو گهر بوٽ ڪلب روڊ تي آهي، جيڪو شهر جي وچ ۾ هوندي به پُرسڪون علائقو آهي، گهر اڳيان چڱو خاصو باغيچو آهي، پوني، جتي ملائيشيا وانگر بهترين Soil آهي، بهترين موسم آهي، مينهوڳي آهي، جهوني کان جهونو ائگريڪلچر ڪاليج آهي. اتي ڀلا سٺا ۽ سهڻا گل ٻوٽا ڪيئن نه هجن. گهٽ مينهن ۽ گرمي هوندي ٽنڊي ڄام ۾ جڏهن گُلڪاري ٿي سگهي ٿي، ته هتي ڇونه؟ اسان ڪجهه دير ريٽا جي لڳايل ٻوٽن ۽ ولين جو جائزو وٺي ڊرائنگ روم ۾ اچي ويٺاسين، جتي سندس مرهٺي Maid (ڪم واري) سموسا، ڪچوريون ۽ پاپڙ کڻي آئي، مون چانهه پيتي ۽ ٻين شربت. ريٽا ٻئي ڏينهن ٿيندڙ سيمينار ۽ ادبي فنڪشن جي انچارج هئي. ڪهڙا ڪهڙا اديب ۽ شاعر اچڻا هئا، ڪهڙن کي اسٽيج تي ويهڻو هو، ڪهڙن کي پيپر پڙهڻو هو... ان بابت هُوءَ اسان سان Discuss ڪري فيصلو ڪندي وئي. هن اهو به ٻڌايو ته امرجليل، موهن ۽ درمحمد جيتوڻيڪ هن فنڪشن لاءِ نه پيا اچن، پر هنن پنهنجا پيپر ڏياري موڪليا آهن، جيڪي پڙهيا ويندا. اسٽيج تي ٽيڪچند مست، ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻي، پروفيسر لڇمڻ خوبچنداڻي ۽ ديدي رتنا واسواڻيءَ کي ويهڻو پوندو. مون کي اهو ٻڌي خوشي ٿي ته اسٽيج تي ويهڻ جي قيد کان مون کي آزادي ملي. ڪنهن جو پيپر بور لڳو ۽ ٻڌڻ تي دل نه چيو ته ٿوريءَ دير لاءِ ٻاهر جو چڪر به هڻي سگهبو، هڪ هنڌان اٿي ٻئي هنڌ ويهي ڀر وارن سان خبرچار پڻ ڪري سگهبي. اهي ئي ته شيون آهن، جيڪي مون کي سفرنامو لکڻ لاءِ مواد مهيا ڪن ٿيون، يعني مون لاءِ، هڪ سفرنامو لکڻ واري لاءِ، يا هڪ جرنلسٽ لاءِ ڪنهن واقعي جي رپورٽ لکڻ لاءِ سرگس ۾ گهوٽ ٿيڻ بدران ڄڃ جو هڪ عام ڄاڃي ٿيڻ بهتر آهي. ٽن چئن ڪلاڪن جي سيمينار ۾ ڪلاڪ کن کڻي آءٌ فضيلت سان هڪ هنڌ ويهان، هڪ ٻن جو پيپر ٻڌان ۽ پنهنجو پيپر اسٽيج تي اچي پڙهان، باقي ٽي ڪلاڪ کن، آءٌ آيل مهمانن مان ڪجهه اهم، دلچسپ ۽ ڪشش رکندڙن (عورتن توڙي مردن) سان ملي، سندن زندگيءَ بابت ڪجهه ڳالهيون نوٽ ڪري سگهيس ٿي، پر ائين ٿي نه سگهيو، ريٽا مون کي سنڌ کان آيل وڏو پير مرشد سمجهي، وڏي عزت سان چيو ته “الطاف صاحب! توهان کي نه فقط اسٽيج تي ويهڻو پوندو، پر ان ادبي نشست جي صدارت به توهان کي ڪرڻي پوندي.”
    ريٽا جي ان فيصلي تي مون ڪافي Resist ڪيو ۽ پنهنجي جان آزاد ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. کيس ياد ڏياريم ته “مون پهرئين ڏينهن کان اهو پئي چيو ته آءٌ فقط هي فنڪشن اٽينڊ ڪرڻ لاءِ ايندس ۽ پيپر به نه لکي ايندس، پر پوءِ سنڌ کان گهٽ مهمانن جي هلڻ جو ٻڌي مون کي پيپر لکڻو پيو، پر هاڻ هن صدارت واري رُتبي کان مون کي بچائي.”
    دل ۾ سوچيم ته هيٺ Audiance ۾ ويهڻ بدران مٿي اسٽيج تي به کڻي ويهجي، جتي مهمانن سان ملڻ جو ته موقعو نه ملندو پر گهٽ ۾ گهٽ آءٌ گذريل ڏينهن جي سفر جو احوال پنهنجي منهن لکڻ لاءِ ته Set ڪندو رهندس. ٻين کي ڪهڙي خبر ته آءٌ تقريرون پيو ٻڌان يا خيالن ئي خيالن ۾ سفرنامي جي پلاٽ جي بيهڪ پيو جوڙيان، پر صدر ٿيڻ معنيٰ “وڏي سزا”، جنهن ۾ توهان کي چاهي ڪنهن جي تقرير پسند اچي يا نه اچي، پر ٻڌڻي پوندي، جيئن آخر ۾ Wind Up ڪرڻ مهل، هر هڪ جي تقرير جو تت ٻڌائي ٽيڪاٽپڻي ڪرڻي پوي ٿي.
    ريٽا چيو ته، “هاڻ آءٌ ڇا ڪريان! توهان واقعي پهرئين ڏينهن کان Lime Light ۾ اچڻ نٿي چاهيو، پر توهان کان سواءِ ٻيو ڪو آهي به ڪونه.”
    مون ٽهڪ ڏيندي چيو، ته نارائڻ ڀارتي، ٽيڪچند مست، گوبند خوشحالاڻيءَ جهڙا جهونا ۽ وڏا اديب ۽ شاعر هوندي، توهان هڪ ناکئي (جهازيءَ) کي صدر ٿا چونڊيو!
    “دادا جشن جو چوڻ آهي ته هن فنڪشن جو صدر سنڌ کان آيل مهمان کي ڪيو.” ريٽا چيو.
    “بس ڪنهن نموني مون کي ان ٻڌجي ويهڻ کان بچائي” مون ريٽا کي هڪ دفعو وري زور ڀريو.
    “چڱو هيئن ٿا ڪريون،” ريٽا چيو، “صدارت جو اڃان اعلان نٿا ڪريون، فنڪشن شروع ٿيڻ ۾ اڃان 24 ڪلاڪ آهن. ٿي سگهي ٿو، ان دوران سنڌ کان ڪو اديب يا شاعر اچي نڪري. رخسانا پريت يا مهرالنساء لاڙڪ اچي وئي ته ان کي ئي کڻي صدر ڪنداسين.”
    ڊاڪٽر رخسانا چنڙ (تخلص پريت ) ۽ زبيده گرلس ڪاليج جي پروفيسر مهرالنساء لاڙڪ سنڌ جي ننڍي ٽهيءَ جون مشهور ڪالم نويس ۽ شاعر آهن. ڊاڪٽر رخسانا “پريت” بابت ڪجهه سٽون پهرين ئي لکي چڪو آهيان. مهرالنساءِ لاڙڪ به اڄڪلهه حيدرآباد ۾ ئي رهي ٿي، سندس اصل ڳوٺ ڀٽ شاهه آهي، جتان هن بنيادي تعليم حاصل ڪرڻ بعد 1978ع ۾ پرائيويٽلي M.A پوليٽيڪل سائنس ۾ ڪئي. ان بعد B.Ed ۽ M.Ed سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪئي ۽ ايڪانامڪس ۾ .M.A ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ڪئي. ننڍپڻ کان کيس لکڻ جو شوق آهي ۽ سندس تعليم، عورتن جي حقن ۽ ڪرنٽ افيئرس تي ڪالم، مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپندا رهن ٿا. شاعري هر صنف تي ڪري ٿي، جيڪا انڊيا مان نڪرندڙ ادبي رسالي ’ڪونج‘ ۾ به ڇپندي رهي ٿي. هڪ اهڙو ئي تازو ڇپيل ’ڪونج‘ رسالو ريٽا شاهاڻيءَ جي ڊرائنگ روم ۾ رکيل هو، جنهن جي صفحي 78 تي مهرالنساءِ، ادل سومري ۽ بخشل باغيءَ جي شاعري ڏنل آهي، آءٌ مهرالنساء جي هڪ غزل جون ڪجهه سٽون هتي ڏيان ٿو:
    نه مسجد ۾ نه مندر ۾ ملي ٿو،
    خدا آدم جي اندر ۾ ملي ٿو.
    اذيت، ڀوڳنا، هي ڏک ۽ سک،
    لکيل هر ڪنهن، مقدر ۾ ملي ٿو.
    ڪٿي آ چين اهڙو، جهڙو دل کي،
    سَکِي! ويهي تنهنجي ڀر ۾ ملي ٿو.
    ساڳئي صفحي تي مهرالنساء جو اهو نظم پڻ آهي، جيڪو هن شهيد بينظير ڀٽو کي خراجِ عقيدت طور پيش ڪيو آهي:
    دنيا ۾ نه تنهنجو، آ ڪوئي نظير،
    تون مشرق جي دُختر، تون سنڌ جو ضمير.
    تون موهن جو مٽي جو مقدس سُواس،
    اچي تو مان ٻاگهل جي جرئت جو واس،
    تون ڳڙهيءَ جي، ڳوڙهي مٽيءَ جو پيام
    اي شهيدِ وطن، توتي لک لک سلام...
    چوي ٿو ملڪ جو هي ڪروڙين عوام،
    اي شهيدِ وطن، توتي لک لک سلام...
    پوني جي هن سيمينار ۾ موجود وينا شرنگيءَ ٻڌايو ته مهرالنساءِ جي ڌيءَ بينش (جنهن کي گهر ۾ ماها سڏين ٿا ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪمپيوٽر سائنس ۾ B.S c ڪري رهي آهي)، پڻ شاعره آهي ۽ هن جا شعر سندس ادبي نالي ماها ورياماڻي جي نالي مختلف رسالن ۾ اچن ٿا. مهرالنساء جي پنهنجي ذات لاڙڪ آهي، پر سندس عمرڪوٽ جي رهاڪو مڙس محمد قائم جي ذات ورياماڻي آهي.
    وينا شرنگيءَ ٻڌايو ته هن جي مهرالنساء لاڙڪ ۽ ٻين سنڌي ليکڪائن سان ملاقات ٻه سال اڳ دهليءَ ۾ ٿي هئي، جڏهن هُو سيمينار اٽينڊ ڪرڻ لاءِ آيون هيون.


    محتاجيءَ کان اڳ جڳ مان اٿارج

    ريٽا شهاڻيءَ انڊيا ۾ سنڌيءَ جي برک ليکڪا آهي، سندس ڪيترائي ڪتاب هند ۽ سنڌ ۾ ڇپيا آهن، مون به ويجهڙائيءَ ۾ سندس حيدرآباد جي ڪويتا پبليڪشن طرفان ڇپايل ٽي کن ڪتاب پڙهيا آهن، جن ۾ هڪ سندس يادگيرين (Memories) جو ڪتاب “سڄاڻ جون سمرتيون” آهي، ٻيو ڪهاڻين جو مجموعو “رشتن جو رقص” آهي ۽ ٽيون سندس آتم ڪٿا جو ڪتاب “ٻپهريءَ جا ٻه پل” آهي. سندس ٽيهه کن ڪتاب ٿيندا، جن ۾ ڪجهه سفرناما به آهن، سندس هڪ سفرنامو “سفر در سفر”، جنهن جو مهاڳ مون لکيو آهي، اڄڪلهه حيدرآباد ۾ ڇپائيءَ هيٺ آهي، سندس ڪيترائي مضمون، ڪهاڻيون ۽ سفرناما سنڌ جي سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾، خاص ڪري ماهوار ’سوجهرو‘ ۽ ماهوار ’امرتا‘ ۾ ڇپجندا رهن ٿا.
    ريٽا شهاڻيءَ 24 آگسٽ 1934ع تي حيدرآباد جي هڪ پڙهيل لکيل فئملي “ملڪاڻي” ۾ عالمچند اڌارام جي گهر ۾ ڄائي. هُوءَ هن وقت 74 سالن جي آهي يعني امرجليل کان به ٻه سال وڏي ٿي، جو امرجليل 1936ع ۾ ڄائو آهي. پر تصوير ۾ ڏسندائو ته ريٽا شڪل صورت ۽ صحت ۾ توڙي لکڻ جهڙي مشغلي ۾، امرجليل وانگر فٽ فاٽ آهي. مون کيس پهريون دفعو پوني ۾ اچي ڏٺو آهي. تاج بلوچ ۽ تاجل بيوس وارا، جن ريٽا شهاڻيءَ کي جوانيءَ جي ڏينهن ۾ ڏٺو، اهي ٿا ٻڌائين ته جوانيءَ ۾ هُوءَ بيحد حسين ٿي گذري آهي، بهرحال فزيڪل سونهن سوڀيا ته هڪ ڏينهن آخر ختم ٿئي ٿي، پر ريٽا شهاڻيءَ جي سدا بهار لکڻين مان هميشه هُڳاءُ ايندو رهندو ۽ اهي هميشه جوان ۽ خوبصورت رهنديون.
    ريٽا (سندس پيءُ جو نالو عالمچند اڌارام ملڪاڻي) جي شادي جيتورام ٺاڪرداس شهاڻيءَ جي پٽ وشنوءَ سان 20 آڪٽوبر 1957ع ۾ ممبئيءَ ۾ ٿي، ريٽا سنڌ جي مشهور اديب ۽ پروفيسر منگهارام يو ملڪاڻيءَ جي ڀائٽي ٿئي، سندس سهرو جيتورام حيدرآبادي عامل هو جنهن جو 1926ع کان پوني ۾ “ماڊرن بُڪ اسٽال” نالي دڪان هو. پاڻ پوني جي هڪ مشهور شخصيت ٿي گذريو آهي، ايتري قدر جو پوني ۾ هن جي نالي “شهاڻي چؤڪ” پڻ آهي، جيتورام هندستان جي آزادي جي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو هو. هُن پنهنجي پٽ وشنَو (ريٽا جي مڙس) سان گڏ جيل به ڪاٽيو، وشنوءَ جي ڀيڻ (يعني ريٽا جي هڪ نڻان) ستي شهاڻي پوني جي مشهور ڪاليج “فرگوسن ڪاليج” جي انگريزي جي پروفيسر آهي ۽ ٻي ڀيڻ سندري لنڊن ۾ ڊاڪٽر آهي.
    ريٽا شهاڻيءَ کي ٻه ٻار آهن، هڪ پٽ ڪمار شهاڻي، جيڪو هتي پوني ۾ بزنس ڪري ٿو، ڌيءَ ماڌوري ڪپور، جنهن کي هوءَ لليتا سڏي ٿي، پوني جي هڪ اسڪول جي هيڊمسٽريس آهي ۽ سندس مڙس جو نالو انيل آهي.
    ريٽا شهاڻيءَ لاءِ فقط ايترو لکي بس نٿو ڪرڻ چاهيان، دراصل جنهن فئملي “ملڪاڻيءَ” سان ريٽا شهاڻيءَ جو واسطو آهي، اها سنڌ جي بيحد مشهور فئملين مان هڪ آهي، جنهن تي ڪجهه وڌيڪ لکڻ ضروري سمجهان ٿو. سندس چاچي پروفيسر منگهارام يو (اڌارام) ملڪاڻيءَ وٽ اسان جا ڪيترائي ڏاها ۽ دانشور پڙهيا، جن مان محمد ابراهيم جويو صاحب پڻ هڪ آهي. ملڪاڻي صاحب لاءِ هڪ هنڌ ابراهيم جويو صاحب لکي ٿو ته “...پروفيسر ايم. يو. ملڪاڻي منهنجو مهربان ۽ دل گهريو استاد هو، ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچي ۾ 1934ع کان 1938ع تائين مون هن وٽ تعليم حاصل ڪئي.”
    پروفيسر منگهارام، ان بعد ريٽا جو پيءُ عالمچند ۽ ٽيون ننڍو ڀاءُ موتي رام، راءِ بهادر اڌارام ملڪاڻيءَ جا پٽ ۽ ديوان شيوڪرام ملڪاڻيءَ جا پوٽا هئا، منگهارام 1896ع ۾ ۽ عالمچند 1901ع ۾ حيدرآباد ۾ ڄاوا. ٿورو جيڪڏهن ملڪاڻي فئمليءَ جي تاريخ ۾ وڃبو ته ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ جي “سنڌ جي هندن جي تاريخ” مطابق ملڪاڻين جو وڏو ڏاڏو “ملڪ مل” هو، جنهن تان سندس فئمليءَ جو نالو ’ملڪاڻي‘ پيو. حيدرآباد جي جنهن گهٽيءَ ۾ هُو رهيو، اها اڄ به ملڪاڻي گهٽي سڏجي ٿي. ملڪ مل جي اولاد مان صاحب راءِ فارسيءَ جو ناميارو شاعر ٿي گذريو آهي، صاحب راءِ ملڪاڻيءَ لاءِ مشهور آهي ته ميرن جي شادي توڙي غميءَ جي موقعن تي هُو اهڙا عمدا فارسي شعر جوڙيندو هو، جو ميرن کي موهي رکندو هو ۽ کيس ميرن کان وڏا انعام ملندا هئا.
    ديوان صاحب راءِ ملڪاڻيءَ جو پٽ منشي آوتراءِ ملڪاڻي تاريخ ۾ خاص ڪري ميرن جي تاريخ ۾، اهم شخصيت ٿي گذريو آهي، جيتوڻيڪ اسان واري پوني جي ليکڪا ريٽا شهاڻي منشي آوتراءِ جي پوٽي يا پڙپوٽي نه هئي، پر آوتراءِ جي ڪزن “ديوان شيوڪرام” جي پڙپوٽي ۽ راءِ بهادر اڌارام جي پوٽي هئي. منشي آوتراءِ ملڪاڻي (ڄم جو سال 1820ع) مير صوبدار خان جو مالي وزير هو. 1843ع ۾ جڏهن سر چارلس نيپيئر سنڌ فتح ڪئي، تنهن وقت ميرن جو خزانو حيدرآباد واري قلعي ۾ هو ۽ خزاني جون ڪُنجيون منشي آوتراءِ وٽ هيون. چاٻين لاءِ سر چارلس نيپيئر حيدرآباد جي ملڪاڻي گهٽيءَ ۾ ويو، پر منشي آوتراءِ ڪُنجيون ڏيڻ کان صاف انڪار ڪندي چيو:
    “جيسين مون کي منهنجن حاڪمن (ميرن) جو حڪم نه ملندو، تيسين مان ڪُنجيون پنهنجي هٿان نه ڇڏيندس.”
    منشي آوتراءِ اهڙو ايماندار ۽ ساک وارو هو، جو ميرن جي ڏيڍيءَ تائين کيس وڃڻ جي موڪل هوندي هئي. انگريزن، ميرن کي قلعي مان ڪڍائي گدو بندر واري بنگلي ۾ نظربند رکيو، جتان پوءِ کين ڪلڪتي موڪلڻو هئن. ميرن جي زالن کي ڏيڍيءَ تان گدو واري بنگلي ۾ روانو ڪرڻ جو ڪم منشي آوتراءِ ملڪاڻيءَ جي سپرد ڪيو ويو. منشيءَ، زالن کي ڪڍڻ کان اڳ سورنهن کن ڏوليون هيرن جواهرن جون ڀري ٻاهر ڪڍيون، جيڪي ميرن وٽ سلامت پهچي ويون. ان بعد سترهين ڏولي نڪرڻ وقت انگريزن کي شڪ پئجي ويو ۽ آوتراءِ کي جيل ۾ رکڻ ۽ شوٽ ڪرڻ جو دڙڪو ڏنو، پر پوءِ کيس 800 رپيا ماهياني پگهار تي گهٽ ۾ گهٽ هڪ سال لاءِ انگريزن وٽ نوڪري ڪرڻ جي آڇ ڪئي، جيئن انگريز مقامي حڪومت جي انتظام کان واقف ٿي سگهن. 1843ع ۾ هڪ سئو رپيا به وڏي ڳالهه هو، پر منشي آوتراءِ آڇ قبول نه ڪئي ۽ چيو، “ٻن مالڪن جي نوڪري ساڳئي وقت ڪري ڪين سگهندس.” ياد رهي ته ان وقت منشي آوتراءِ جي عمر فقط 23 سال هئي. منشي آوتراءِ ملڪاڻيءَ کي ٻه پٽ ٿيا، وڏو ديوان چيتن رام وڪيل ٿيو ۽ ان جو پٽ نارائڻ داس به وڪيل ٿيو. آوتراءِ جو ٻيو پٽ ديوان گوبند بخش، جنهن جي ڄم جو سال 1850ع هو، تنهن 17 سالن جي ڄمار ۾ 1867ع ۾ مئٽرڪ ڪئي، انهن ڏينهن ۾ مئٽرڪ ڪرڻ به وڏي ڳالهه سمجهي ويندي هئي ۽ هر ڪو نه ڪري سگهندو هو، گوبند سٺي پوزيشن ۾ مئٽرڪ ڪئي ۽ سنڌي، اڙدو، فارسي ۽ پشتو جو به ڄاڻو هو. کيس ڪوٽڙيءَ جي ائنگلو ورنيڪيولر اسڪول جو هيڊ ماستر مقرر ڪيو ويو. سندس قابليت جي ڪري سنڌ جي نامياري وڪيل خانبهادر ميان حسن عليءَ هن کان خانگيءَ طرح انگريزي سکي. بعد ۾ گوبند وڪالت پڙهي سکر ۾ وڪالت ڪئي. سندس پٽ لوڪومل ملڪاڻيءَ (ڄم جو سال 1880ع) تعليم حاصل ڪرڻ بعد نوڪري نه ڪئي، پر انگريز سرڪار کيس 20 سال کن آنرري مئجسٽريٽ جو عهدو ڏنو ۽ 37 سالن لاءِ هو حيدرآباد جي ميونسپالٽي جو مشير ٿي رهيو. کيس پراڻين شين گڏ ڪرڻ جو وڏو شوق هو، سنڌ جي وزيرِاعظم سر غلام حسين هدايت الله، سنڌ جي پهرئين گورنر سرلانسيٽ گرهام، ان بعد سر هيوڊو گورنر ٿيو، ان سان پڻ سٺا تعلقات هيس. هُو صاحب هن وٽ ملڻ لاءِ هلي ايندا هئا ۽ هن جون گڏ ڪيل شيون اچي ڏسندا هئا.
    بهرحال مٿي بيان ڪيل صاحب راءِ، منشي آوتراءِ، چيتن راءِ، ديوان گوبند بخش، لوڪومل وغيره “ديوان آڏومل ملڪ مل” جي وڏي پٽ گوپال داس ملڪاڻيءَ جو اولاد هئا، ملڪ مل جنهن تان ملڪاڻي ذات شروع ٿي، جي اڪيلي پٽ آڏومل کي ٻه پٽ هئا، هڪڙو گوپالداس (جنهن جي خاندان جي ڪجهه اهم ماڻهن جي مٿي ڳالهه ٿي) ۽ ٻيو پٽ ديوان گدومل هو جنهن جي پوٽي ديوان شيوڪرام جي ريٽا شهاڻي پڙپوٽي آهي. ديوان شيوڪرام 1848ع ۾ حيدرآباد ۾ ڄائو ۽ حيدرآباد شهر جو پهريون سٽي ماجسٽريٽ ٿيو. پاڻ ڪيترائي عهدا ماڻيائين، پر گهڻو وقت مختيارڪار ٿي رهيو، سندس ديهانت 1908ع ۾ ٿيو.
    ديوان شيوڪرام جي زال ڄيٺي ٻائي (ڄم جو سال 1847ع، ديهانت 1923ع) ۽ جوت اخبار جي ايڊيٽر پرمانند ميوارام جي زال ڄيٺي ٻائي ڀينرون هيون. ديوان شيوڪرام جو وڏو پٽ ديوان اڌارام (يعني ريٽا شهاڻيءَ جو ڏاڏو) 1869ع ۾ ڄائو، مئٽرڪ بعد ميڊيڪل ڪاليج ۾ گهڙيو، پر صحت سٺي نه هجڻ جي ڪري هن کي پڙهائي اڌ ۾ ڇڏڻي پيئي، ياد رهي ته انهن ڏينهن ۾ اوسي پاسي ۾ فقط بمبئيءَ ۾ گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج هو ۽ ٻيو ڪلڪتي ۽ مدراس ۾. ديوان اڌارام پوءِ سڄي عمر زمينداري ڪئي ۽ 68 ورهين جي ڄمار ۾ 1928ع ۾ وفات ڪيائين. کيس، ٽي پٽ ٿيا، وڏو پٽ پروفيسر ايم. يو (منگهارام اڌارام) ملڪاڻي جي نالي سان مشهور ٿيو، ادبي ۽ تعليمي دنيا ۾ منگهارام ملڪاڻي ( ريٽا شهاڻيءَ جو چاچو ) هڪ وڏو نالو آهي. پاڻ 24 ڊسمبر 1896ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو. هُو مشهور عالم، اديب، نقاد، تاريخ نويس، اسٽيج اداڪار ۽ ٽيچر ٿي گذريو آهي. هن پنجاهه کن ناٽڪ لکيا ۽ ڪيترن ۾ پاڻ اداڪاري ڪري نالو ڪڍرايو. 1923ع ۾ حيدرآباد ۾ “رابندر ناٿ لٽرري ۽ ڊرامٽڪ ڪلب” برپا ڪيائين، جنهنجو افتتاح بنگالي زبان جي جڳ مشهور شاعر ۽ اديب رابندر ناٿ ٽئگور پنهنجي هٿن سان حيدرآباد ۾ اچي ڪيو هو. رابندر ناٿ پهريون ايشين آهي، جنهن کي سندس شاعريءَ جي مجموعي ’گيتانجلي‘ تي نوبل پرائيز مليو. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي ڪافي عرصو ڊي جي (ڏيارام ڄيٺمل) سنڌ ڪاليج سان وابسته رهيو، ورهاڱي کان پوءِ هُو ڀارت لڏي ويو، جتي بمبئيءَ ۾ “جئه هند” ڪاليج ۾ پروفيسر مقرر ٿيو، جتان 1962ع ۾ رٽائرڊ ڪري ڪلڪتي وڃي رهيو. ناٽڪن کان علاوه سندس ٻيا به ڪيترائي ڪتاب لکيل آهن جهڙوڪ، گم ٿيل صندوقڙي (ناول ترجمو)، پريت جا گيت (ٽئگور تان ترجمو)، ادبي اصول (تنقيد)، پڇمي ياترا (آمريڪا جو سفرنامو) سنڌي نثر جي تاريخ، جوانيءَ جا جذبا، پيريءَ جون يادون (نظماڻو نثر)، ڀارت ۾ سنڌي ساهت جو جائزو... وغيره وغيره. پاڻ بمبئيءَ ۾ پهرين ڊسمبر 1980ع ۾ ديهانت ڪري ويو، ديهانت کان اڳ هُو پوني ۾ ريٽا شهاڻيءَ جي گهر ۾ ئي رهيل هو. ريٽا شهاڻي پنهنجي يادگيرين واري ڪتاب “سڄاڻ جون سمرتيون” ۾ لکي ٿي ته، “هڪ ڏينهن نيرن جي ٽيبل تي مون ويٺي ويٺي ٻه سٽون لکي ورتيون ۽ دادا کي ڏيکاريم. (ريٽا جا ڀاءُ ڀيڻ پروفيسر منگهارام کي دادا منگهو سڏيندا هئا).
    لاچاريءَ کان تون ڀڳوان بچائج،
    محتاجيءَ کان اڳ جڳ مان اٿارج.
    منهنجو شعر ٻڌي دادا آگ بگولو ٿي ويو، چوڻ لڳو، “مون کي ڏسي ٿي ڪويتا لکين؟ ڪير ٿو چوي ته مان لاچار آهيان؟ موت جي ڳالهه ان سان ڪبي آهي جو مرڻ وارو هوندو آهي، مان مرڻ وارو ٿوري ئي آهيان؟”
    آءٌ چپ ٿي ويس ۽ وري موت ۽ ٻڍاپي جي ڳالهه ڀلجي به زبان تي ڪانه آندم.
    ريٽا شهاڻيءَ جي هن يادگيرين واري ڪتاب ۾ هن ڪيترائي خط پروفيسر ملڪاڻيءَ جا پڻ ڏنا آهن، جيڪي هن کيس لکيا. اديب دوست چوندا آهن ته ريٽا کي ادب ۽ شعر و شاعري سندس چاچي کان ورثي ۾ ملي آهي. ريٽا کي سندس ادبي خدمتن ڪري ڪيترائي ايوارڊ ملي چڪا آهن. کيس 1997ع ۾ “نامور عورت ليکڪا ايوارڊ” مليو، R.T ٽرسٽ پاران 1998ع ۾ “ادبي خدمتن جي مڃتا” جو ايوارڊ مليو، مهاراشٽرا ساهتيه اڪيڊميءَ پاران “ادب جو لائيف اچيومينٽ ايوارڊ “ 1998ع ۾ مليو ۽ “سوال ئي سوال” ٻارن جي ڪهاڻين جي مجموعي تي نئشنل ڪائونسل پاران ايوارڊ (سال 2000ع) ۾ مليو.


    پوني وارو آغا خان محل

    ممبئيءَ بعد مهاراشترا صوبي جي هن ٻئي نمبر وڏي شهر پوني ۾ ڪيتريون ئي تاريخي جايون ۽ جُهونا مندر، باغيچا، ڪاليج ۽ عمارتون آهن جن کي ڏسڻ لاءِ انڊيا جا شهري ۽ ڌارين ملڪن جا ٽوئرسٽ اچن ٿا، پاڪستان کان ايندڙ گهمڻ جي شوقينن کي، خاص ڪري آغا خانين (اسماعيلين) کي پوني ۾ “آغا خان پئلس” ضرور ڏسڻ کپي، جنهن جي تاريخ ۽ عمارت سازيءَ جي حوالي کان تمام وڏي حيثيت آهي.
    پوني جي پروادا علائقي ۾ فٽز گرالڊ پُل جي اڳيان، هتي جي اهم رستي “پوني نگر روڊ” تي هي تاريخي محل، آغا خانين (اسماعيلين) جي حاضر امام (يعني 49هين امام) شهزادي ڪريم الحسيني آغا خان چهارم (يعني چوٿين) جي ڏاڏي امام سلطان محمد شاهه، آغا خان سوم (يعني ٽئين)، 1892ع ۾ ٺهرايو.
    آغا خان سوم (امام سلطان محمد شاهه) اسماعيلين جو 48هون امام 1877ع ۾ ڪراچيءَ ۾ آغا خان دوم جي گهر ۾، سندس ٽين زال نواب عاليه شمس الملڪ کي ڄائو، جيڪا ايران جي قاچار خاندان جي شهنشاهه فتح علي شاهه جي پوٽي هئي. آغا خان سوم جو پاڪستان ٺهڻ ۾ وڏو حصو آهي، پاڻ آل انڊيا مسلم ليگ جي بنياد رکڻ وارن مان هڪ هو ۽ ان جو پهريون صدر ٿي رهيو، ان کان علاوه ليگ آف نئشنز جو 1937ع ۽ 1938ع ۾ صدر ٿي رهيو، کيس اسماعيلين جي مذهبي رهنما جي حيثيت سان سندس والده نه فقط ديني ۽ مشرقي تعليم ۾ ڀڙ ڪيو، پر يورپي تربيت پڻ ڏني، هُو Eton ۽ ڪئمبرج جو شاگرد به ٿي رهيو.
    1885ع ۾ جڏهن سلطان محمد شاهه ستن سالن جو هو ته سندس والد آغا خان دوم (ٻيو) گذاري ويو ۽ کيس اسماعيلين جو امام مقرر ڪيو ويو. پوني وارو هي محل هن پنڌرهن سالن جي ڄمار ۾ ٺهرايو. 1942ع ۾ جڏهن انگريزن خلاف هندستان جي ماڻهنQuit India (انڊيا مان وڃو) تحريڪ هلائي هئي، ته انگريز سرڪار، مهاتما گانڌي، سندس زال ڪستور ٻائي ۽ سندس سيڪريٽري مهاديو ڀائي ديسائيءَ کي هن محل ۾ 9 آگسٽ 1942ع کان 6 مئي 1944ع تائين نظربند رکيو هو. مهاديو ڀائي ۽ گانڌيءَ جي زال ڪستور ٻائي انهن نظربنديءَ وارن ڏينهن ۾ محل ۾ ئي مري ويا، جن جي سماڌي (راک) هن محل ۾ ئي رکيل آهي. ماڻهو عقيدت جو نذرانو پيش ڪرڻ لاءِ ۽ گانڌي جي رهائش جو يادگار ڏسڻ لاءِ هتي اچن ٿا. هن محل ۾ فوٽن جي گئلري ۽ ميوزيم به آهي، جنهن ۾ هتي رهڻ دوران گانڌيءَ جون استعمال ڪيل شيون رکيل آهن، جن ۾ ٿانوَ، ڪپڙا، پنا، پينسلون، ويندي ٽوال، مالها ۽ چمپل پڻ. اهو ڪمرو جنهن ۾ ڪستور ٻائي زندگيءَ جا آخري پساهه کنيا، اها ٽيبل جنهن تي گانڌي ماني کائيندو هو ۽ اهو ڪمرو جنهن ۾ گانڌي پنهنجي پوٽيءَ کي سائنس جا سبق پڙهائيندو هو ۽ اهو خط جيڪو گانڌيءَ پنهنجي سيڪريٽريءَ جي مرڻ تي لکيو هو... وغيره، اهي شيون ماڻهو ڏسڻ لاءِ هتي اچن ٿا. ڪستور ٻائي جي راک ۽ ان اڳيان رکيل ڪتبي واري ڪمري جي ڀرسان هڪ دڪان به آهي، جتي هٿ جو اُڻيل کدڙ جو ڪپڙو پڻ وڪامي ٿو. ياد رهي ته انگريزن جي ڪارخانن کي نقصان رسائڻ لاءِ گانڌيءَ هندستان ۾ اها تحريڪ پڻ هلائي ته ولايتي ڪپڙو پائڻ بدران چرخي تي پاڻ ڪَتي ڪپڙو ٺاهيو، ان سان انگلينڊ جي ايڪاناميءَ کي وڏو ڇيهو رسيو هو.
    پوني مان وهندڙ مُولا (Mula) نديءَ جي ڀرسان هي هڪ سؤ سال پراڻو محل، مهاتما گانڌي ۽ ان جي زندگيءَ جو يادگار هجڻ کان سواءِ عمارت سازيءَ جو پڻ نادر نمونو آهي ۽ سندس فوٽو ڪڍڻ بنا رهي نٿو سگهجي. سلطان محمد شاهه ۽ آغا خان سوم هي محل اوسي پاسي جي علائقن جي مزورن کي روزگار مهيا ڪرڻ لاءِ ٺهرايو هو، جن جي حالت ڏڪار جي ڪري رحم جوڳي ٿي وئي هئي، موجوده آغا خان چوٿين (شهزادي ڪريم الحسيني) 1969ع ۾ مهاتما گانڌيءَ جي مان ۾ ۽ سندس فلسفي جي شان ۾ هي محل هندستان جي حڪومت کي Donate ڪري ڇڏيو.
    هي شهر پوني، اسماعيلي شيعا مسلمانن لاءِ، نه فقط هن محل ڪري اهميت رکي ٿو، پر هي اهو شهر آهي جتي سلطان محمد شاهه (آغا خان سوم) جي پهرين شادي 2 نومبر 1896ع تي پنهنجي سوٽ (آغا خان اول جي پوٽي) شهزادي بيگم سان ٿي هئي.
    سندس ٻي شادي 1908ع ۾ مونٽي ڪارلو جي بيلي ڊانسر ڪليوپ ٽيريسا (1926ع- 1888ع) سان ٿي جنهن مان کيس ٻه پٽ مهدي خان (وفات 1911ع) ۽ علي سولو من (1960ع- 1911ع) ٿيا. ٽيريسا لاءِ چون ٿا ته شاديءَ کان اڳ مسلمان ٿي هئي ۽ “شهزادي آغا خان” سڏبي هئي.
    ٽيريسا جي وفات بعد آغا خان ٽئين 1929ع ۾ هڪ فرينچ عورت ائنڊري جوزفين (1976ع- 1898ع) سان شادي ڪئي، جيڪا شهزادي ائنڊري آغا خان سڏبي هئي، هن مان کيس هڪ پٽ شهزادو صدرالدين آغا خان ڄائو، 1943ع ۾ ائنڊري جي طلاق ٿي وئي، ان بعد 1944ع ۾ آغا خان سوم پنهنجي سيڪريٽري يوووني بلانچي سان جنيوا سئٽزرلئنڊ ۾ شادي ڪئي، پاڻ “Miss lyon 1929” ۽ “مس فرانس 1930ع” به رهي چڪي هئي، مسلمان ٿيڻ وقت سندس نالو اُمِ حبيبا رکيو ويو، 1954ع ۾ سندس مڙس هن کي “ماتا سلامت” جو لقب عطا ڪيو.
    جيئن شروع ۾ لکي چڪو آهيان ته آغا خان سوم (سلطان محمد شاهه) هڪ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو هو، هن جا ڪيترائي ڪتاب ۽ مضمون لکيل آهن. ان وقت جي مسلمان پيرن، شاهن، وڏيرن، سردارن ۽ جاگيردارن کي ڏسبو ته هُو فارسيءَ جا ڄاڻو مس هوندا هئا، پر آغا خان سوم مشرقي توڙي مغربي تعليم جو ڄاڻو هو. سندس ٻه ڪتاب مارڪيٽ ۾ عام ملن ٿا، جيڪي پڙهندڙن کي Recommend ڪندس:
    هڪ “India in Transition” جنهن ۾ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان اڳ انڊيا جي سياست جو احوال آهي.
    ٻيو The Memoris of Aga Khan اها آغا خان سوم جي آتم ڪٿا آهي.
    آغا خان سوم جي 1957ع ۾ وفات بعد امامت جي ذميواري، هن جي پٽ بدران پوٽي ڪريم آغا خان کي سونپي وئي، جيڪو اڄ ڏينهن تائين اسماعيلين جو حاضر امام آهي ۽ آغا خان چهارم (يعني چوٿون) سڏجي ٿو، آغا خان سوم جي وفات وقت شهزادي ڪريم جي عمر 20 سال هئي، ڏاڏي جي وصيت موجب سندس پيءُ پرنس علي خان يا چاچي پرنس صدر الدين آغا خان بدران کيس 49هون امام بنايو ويو، ان بابت آغا خان سوم پنهنجي وصيت نامي ۾ سبب ڄاڻايو آهي ته...
    “...دنيا جي تيزيءَ سان بدلجندڙ حالتن ڪري، خاص ڪري جيڪي ڪجهه ويجهڙائيءَ وارن سالن ۾ ٿي گذريو آهي، جنهن ۾ اٽامڪ سائنس جون ايجادون به ٿيون آهن، آءٌ ان فيصلي تي مطمئن آهيان ته شيعا مسلم اسماعيلي ڪميونٽيءَ جي بهتريءَ لاءِ اهو ضروري آهي ته منهنجي مرڻ بعد ڪو اهڙو نوجوان امام ٿئي، جيڪو هن نئين دور جي پيدائش هجي ۽ امامت جي ذميواريءَ کي بهتر نموني سان نباهي سگهي...”
    آغا خان سوم جي انهن ويچارن ڪري پرنس ڪريم (آغا خان چوٿون) “اٽامڪ ايج جو امام” پڻ سڏيو وڃي ٿو، پرنس ڪريم پاڪستان جي آزاديءَ جي اهم ليڊر پرنس علي خان ۽ سندس پهرين زال، فرانس ۾ جنم وٺندڙ شهزادي تاج الدوله (اصل نالو جون باربرا 1997ع-1908ع) جي گهر، جنيوا (سئٽزرلئنڊ) ۾ 13 ڊسمبر 1936ع تي جنم ورتو، کيس شهزادو امين نالي هڪ ڀاءُ به ٿيو.
    1949ع ۾ سندس والدين جي طلاق ٿي ۽ پرنس علي خان هڪ آمريڪن فلم ائڪٽريس ريٽا هيورٿ سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس هڪ ڌيءَ شهزادي ياسمين آغا ٿي، جيڪا پرنس ڪريم جي پيئيتي ڀيڻ ٿي.
    پرنس ڪريم آغا خان جو ننڍپڻ ڪينيا جي گاديءَ واري شهر نئروبيءَ ۾ گذريو، شروعاتي تعليم هن گهر ۾ ٽيچر ذريعي حاصل ڪئي. هن جي ڏاڏي آغا خان سوم عليڳڙهه يونيورسٽيءَ جو هڪ اسڪالر مصطفيٰ ڪمال ٻنهي ڀائرن: پرنس ڪريم ۽ پرنس امين کي رکي ڏنو. ڪريم آغا خان بعد ۾ سئٽزرلئنڊ مان تعليم حاصل ڪئي ۽ 1959ع ۾ هارورڊ يونيورسٽيءَ مان اسلامي تاريخ ۾ BA آنرس ڪئي. 2005ع ۾ کيس “آمريڪن يونيورسٽي بيروت” طرفان اعزازي طور ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري ڏني وئي، ڪيترن کي شايد اها خبر نه هجي ته 1960ع ۾ ترڪي ۾ ۽ 1964ع ۾ ايران ۾ جيڪي اولمپڪس رانديون ٿيون هيون، ان ۾ پرنس ڪريم آغا خان Skiing ۾ حصو ورتو هو.
    پرنس ڪريم آغا خان 1969ع ۾ هڪ انگلش فيشن ماڊل ساراح (Sally) ڪروڪر پول سان پئرس ۾ شادي ڪئي، جيڪا بيگم سلمه آغا سڏي وئي ٿي، هيءَ شاديءَ 25 سالن تائين هلي ۽ کين ٽي ٻار ٿيا: شهزادي زهرا آغا (ڄم جو سال 1970ع)، شهزادو رحيم آغا خان (ڄم جو سال 1971ع) ۾ شهزادو حسين آغا خان (ڄم جو سال 1974ع)، سندن طلاق 1995ع ۾ ٿي، جنهن بعد ڪريم آغا خان ڊاڪٽر گئبريل، ليننجن جي شهزادي سان 1998ع ۾ شادي ڪئي، شاديءَ کان اڳ هُوءَ مسلمان ٿي ۽ اسلامي نالو انارا رکيو، جيڪو عربي لفظ نور (روشني) مان نڪتل آهي، هُوءَ هاڻ بيگم آغا خان به سڏجي ٿي، هن مان آغا خان کي هڪ پٽ پرنس علي محمد آغا خان (ڄم جو سال 2000) آهي، پرنس ڪريم آغا خان دنيا جي امير ترين ماڻهن مان آهي، هن جو ساليانو انڪم 300 ملين ڊالر چيو وڃي ٿو، هن کي ڪيتريون ئي هوٽلون ۽ هوائي جهازن جون ڪمپنيون آهن، هن جي ذاتي ملڪيت انگلينڊ جي راڻي ايلزبيٿ کان به گهڻي آهي.


    فارين ٽوئرسٽ ڇا ٿا چون؟

    انڊيا گهمڻ لاءِ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جا ماڻهو اچن ٿا. خاص ڪري بمبئيءَ ۾ ته فارين ٽوئرسٽ جو ڪاٿو ئي ناهي، هوٽلن ۾، پارڪن ۾، جُهونن مندرن ۽ کنڊرن ۾، ريلوي اسٽيشنن ۽ بازارين ۾، جتي ڪٿي گهمڻ جا شوقين نظر اچن ٿا، آمريڪا ۽ يورپي ملڪ جا گورا مرد ۽ عورتون ته پري کان پڌرا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ملائيشيا، انڊونيشيا، ٿائيلينڊ، تائيوان، جپان، ڪوريا ۽ فلپين پاسي جا مني نڪ، ننڍي قد وارا ۽ چيني مهانڊن جا آهن، توڙي ڪاري رنگ جا آفريڪن ٽوئرسٽ به نظر اچن ٿا، جن ۾ ڪيترا ته تعليم لاءِ به انڊيا اچن ٿا. ملائيشيا ۽ ايران جهڙن ملڪن ۾ اعليٰ قسم جا ڪاليج هوندي به اتي جا ڪيترا شاگرد انڊيا ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اچن ٿا، جو انڊيا ۾ خاص ڪري هتي ممبئيءَ ۾ ته ڪيترائي انگريزن جي دور جا اعليٰ معيار ۽ ناموس وارا ڪاليج آهن، جن جو انگريزن جي وڃڻ بعد به ساڳيو بلند معيار برقرار رهندو اچي. ڪيترا ماڻهو هتي جُهونيون عمارتون ڏسڻ اچن ٿا، جن کي اڄ تائين اهڙي ته صاف سُٿري حالت ۾ رکيو ويو آهي، جهڙو اڄ کان ڏيڍ سؤ سال اڳ انڊيا جي گورنر ايلفنسٽن يا سر بارٽل فريئر انهن جو افتتاح ڪيو هو، ته نظر آيون ٿي. ٽوئرسٽن جي رهائش لاءِ هر قسم جون ۽ مناسب مسواڙ واريون انيڪ هوٽلون آهن، سواريءَ لاءِ انيڪ ٽئڪسيون، بسيون، ريل گاڏيون ۽ آٽو رڪشائون آهن، لوڪل ٽرين جو سفر ته تمام سستو رکيو ويو آهي. ٿورو تصور ڪريو سرجاني ڳوٺ يا صفوران ڳوٺ کان ڪياماڙيءَ تائين ڀاڙو فقط ڇهه رپيا هجي ۽ ماڻهو اڌ ڪلاڪ اندر پهچي وڃي (ڇو جو ريل گاڏيون رش اور ۾ به ساڳيءَ تيز رفتاريءَ سان هلن ٿيون) ته پوءِ ٻيو ڇا کپي؟ مهانگي ۾ مهانگي سواري ٽئڪسي آهي، پر ان جو ڀاڙو ايڏي سفر جو هڪ سئو رپين کان به گهٽ هجي، ته اسان جي ملڪ کان ته سستو ٿيو. اسان وٽ ته ٽئڪسي وارا اُبتي کَلَ ٿا لاهين ۽ شل نه ڪو اڇي چمڙيءَ وارو ڪو گورو انگريز يا يورپي سندن ٽئڪسيءَ ۾ چڙهي. ٽئڪسيءَ وارن جو وَسُ پڄي ته هن جا ڪپڙا به لهرائي وٺن. اسان وٽ ڪراچيءَ ۾ امن امان جي حالت اهڙي خراب آهي، جو ڌاريو ته ڇا شل نه ڪو پاڪستاني به آڌيءَ رات بعد ايئرپورٽ تي پهچي، ٽئڪسي ڪري گهر ڏي روانو ٿئي. در وٽ مس پهچندو ته مٿان ڌاڙيل ٻي ڪار ۾ پهچي ويندس ۽ ولايت کان آندل سامان ته ڇا پاسپورٽ به کسي ويندس. ممبئي ڪو مڪو مدينو ڪونه آهي، هتي جي پوليس ٿاڻن يا ڪورٽن تي قلف چڙهيا نه پيا آهن، ڏوهه هتي به ٿيندا رهن ٿا، پر ايتري ۽ ان پئماني تي باهه ٻريل ناهي جيتري اسان وٽ آهي، ڏسان پيو ته رات جو دير دير تائين دڪان کُليا پيا آهن، پر سون جي دڪانن ٻاهران به ڪو گن مئن ناهي. ڪنهن ڪنهن دڪان ٻاهران يونيفارم ۾ گارڊ ضرور آهي، پر ان جي هٿن ۾ فقط ڏنڊو آهي. آڌيءَ رات کان پوءِ به دير دير تائين ڇوڪرا ڇوڪريون، هر قسم جي لباس ۾ چو پاٽي ۽ جو هو بيچن (سامونڊي ڪنارن) تي پڪنڪ پيون ملهائين. اڪيليون اڪيليون ڇوڪريون سئنيما هالن مان، آخري شو ڏسي بسين يا ٽئڪسين ۾ رات جو ٻين يا ٽين بجي گهر پيون پهچن. سڄي رات ٽوئرسٽ پيدل يا ٽئڪسين ۾ ممبئيءَ جي رستن تي پيا هلن، جو ظاهر آهي سڄي رات ممبئيءَ جي ايئرپورٽ يا بس اسٽاپن تي ڌارين ملڪن يا انڊيا جي مختلف شهرن کان مسافر پيا اچن وڃن.
    پارڪن ۾، سامونڊي ڪنارن تي، هوٽل جي رسيپشن هالن ۾، ريلوي اسٽيشن ۽ ايئرپورٽ تي، ڪنهن واندي ٽوئرسٽ کي، خاص ڪري گوري يورپي يا آمريڪن کي ڏٺم ٿي ته هن کان ممبئيءَ بابت سندس راءِ ضرور پڇيم ٿي.
    “آءٌ پهريون دفعو انڊيا آئي آهيان” اسپين جي شهر بارسلونا جي هڪ عورت ٻڌايو، جيڪا پنهنجي آفيس ۾ ڪم ڪندڙ ٻين عورتن سان گڏ ٻن هفتن جي ٽوئر تي ايشيا جا ڪجهه ملڪ گهمڻ لاءِ نڪتي هئي. ممبئي سندن پهرين منزل هو ۽ هاڻ هُو هتان بئنڪاڪ لاءِ رواني ٿي رهي هئي، “ممبئيءَ ۾ گندگي ۽ بدبوءِ ڏاڍي آهي، ڪن ڪن هنڌن تي ماڻهن جي ايڏي رش آهي، جو ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي ٿي ٿئي، گهم ۽ گرمي به گهڻي آهي.”
    ظاهر آهي اسپين وارن کي ته ايشيا جو هر شهر سندن شهرن جي مقابلي ۾ ائين لڳندو، پر ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته بمبئيءَ واريون اهي شڪايتون اسان جي لاهور ۽ اسلام آباد جي رهاڪوءَ کي ته محسوس ٿين ٿيون، پر ڪراچيءَ وارو به ممبئيءَ پهچي اها ڳالهه ڪري ٿو.
    “ممبئي ۾ اچڻ کان اڳ رهائش واري هوٽل جو تفصيلي پتو ۽ انٽرنيٽ تان نقشو پرنٽ ڪري پاڻ سان کڻي نڪرجي.” هڪ فرينچ ٽوئرسٽ ٻڌايو.
    “ڇو ڀلا؟” پڇيومانس
    “ان ڪري جو ٽئڪسي ڊرائيور کي اها هوٽل ڳولهڻ ۾ آساني ٿئي” هن ٻڌايو، “ممبئي جهڙي شهر ۾، جيڪو دنيا جي وڏن شهرن مان هڪ آهي، هزارين هوٽلون آهن، آءٌ ممبئيءَ جي ڪولابا واري علائقي ۾ بينٽلي هوٽل ۾ رهيس. منهنجو هوائي جهاز رات جو ٻين بجي ممبئي ايئرپورٽ تي پهتو، ايئرپورٽ واري علائقي “سانٽا ڪروز” کان “ڪولابا” ڪافي پري آهي ۽ ٽئڪسيءَ ۾ اٽڪل ڪلاڪ لڳي ٿو، پر ان رات منهنجو ٽئڪسي ڊرائيور پورا ٻه ڪلاڪ ممبئيءَ جي رستن تي ڊوڙائيندو رهيو، ڪڏهن ڪنهن کان ٿي پڇيائين ته ڪڏهن ڪنهن کان.”
    “ڀلا هتي انڊيا ۾ رهائش مسواڙ جي مقابلي ۾ ڪيئن لڳي؟” مون پڇيو.
    “بيحد Reasonable آهي. توڙي ٽئڪسي به، فرانس ته ڇا ايشيا جي ملڪن کان به سستي آهي. ملائيشيا، ٿائيلينڊ، هانگ ڪانگ، سنگاپور ۾ ته ايتري سفر جو ڀاڙو ٻيڻو ٽيڻو آهي، دراصل مون Ascot هوٽل ۾ رهڻ چاهيو ٿي، جيڪا اتي ئي ڪنڊ تي آهي پر اها منهنجي بجيٽ کان ڪجهه مهانگي آهي، Bentley’s Hotel هڪ هاسٽل وانگر آهي.”
    “ڀلا هوٽل ۾ يا هوٽل کان ٻاهر ڪنهن قسم جي چوري چڪاريءَ جي شڪايت ته نه رهي؟”
    “نه، سڪيورٽيءَ جي خيال کان ممبئيءَ ۾ مون کي ڪنهن به قسم جو مسئلو درپيش نه آيو آهي. بس پنهنجو عقل استعمال ڪجي ۽ پنهنجي هر شيءِ تي نظر رکجي. پئسا ڏوڪڙ آءٌ هميشه پنهنجي چيلهه سان ٻڌل پائوچ ۾ کڻي هلان ٿو ۽ پنهنجي بئگ کي تالو هڻي پوءِ گهمڻ لاءِ هوٽل جي ڪمري مان نڪران ٿو.”
    “توهان جي خيال ۾ هتي ممبئيءَ جهڙي شهر ۾ ٻين ڪهڙين شين لاءِ خبردار ٿجي؟” مون پڇيو.
    “پنهنجي مرضيءَ جي هوٽل ۾ رهجي ۽ پنهنجي مرضيءَ جي ريسٽورنٽ ۾ ماني کائجي. ٽئڪسي يا آٽو رڪشا ڊرائيورن جي چوڻ تي هرگز نه لڳجي، ڇو جو هُو توهان کي اهڙين هوٽلن ۾ وٺي هلندا، جتي هنن جو هوٽل وارن سان اڳهين ڪميشن جو حساب رٿيل ٿئي ٿو. پنڻ لاءِ ڪو ٻار يا فقير اچي ته ان کي لنوائي ڇڏجي، ڇو جو جنهن وقت توهان هڪ کي خيرات ڏيندائو ته پوءِ هڪٻئي جي پويان توهان کي اهڙا ته چُهٽي پوندا جي توهان جو پنهنجو گهمڻ ڦرڻ ئي ختم ٿي ويندو. ان کان علاوه ڪو تصوير ڪڍائڻ لاءِ راضي ٿو ٿئي، ته هُو اها اميد ٿو رکي ته توهان هن کي پنج يا ڏهه رپيا خرچي طور ڏيندؤ.”
    “صحيح ٿا چئو، ان کان علاوه ٻيو ڪي ڪجهه؟”
    “جنهن علائقي ڪولابا ۾ آءٌ رهيل آهيان، اها شاپنگ جي خيال کان سٺي جاءِ آهي. وڏن اوچن دڪانن کان علاوه فٽ پاٿ تي ڪيترائي گاڏن وارا ۽ پٽ تي ويٺل گهوريئڙا نظر اچن ٿا، جيڪي هر شيءِ سستي ڏين ٿا. سرڪاري اسٽورن تان جيڪي “ڪاٽيج انڊسٽري” جي نالي سان مشهور آهن، ڪا خريداري ڪرڻ اجائي آهي، جو اتي هر شيءِ تمام مهانگي ملي ٿي ۽ ساک جو سرٽيفڪيٽ جيڪو ڏين ٿا، اهو به هڪ ردي پني تي لکيل ٿئي ٿو. خريداري هميشه اتان ڪجي جتان مقامي ماڻهو ڪن ٿا ۽ ڪابه شيءِ خريد ڪريو ته ان جو اگهه ضرور گهٽ ڪرايو. هڪ ڪم جي ڳالهه ٻڌايان ته ڪابه شيءِ توڻي کڻي توهان کي پسند اچي پر شڪل اهڙي ٺاهيو ڄڻ ڪا خاص سٺي ناهي ۽ مهانگي آهي، ڄڻ ته توهان کي ان جي ضرورت نه هئي، پر لنگهندي سارُو توهان ائين ئي بنا ڪنهن مقصد جي کڻي قيمت پڇي ۽ دڪان تان لهڻ لاءِ تيار ٿي وڃو. هونئن ههڙن هنڌن تي اڻ لکيل قاعدو اهو آهي ته دڪاندار طرفان ٻڌايل اگهه جو اڌ ٻڌائجي، دڪاندار اهو اگهه ٻڌي توهان کي ڪاوڙ مان ائين گهوري ڏسندو، ڄڻ توهان هن جي وڏي بي عزتي ڪئي هجي، پر اهو به هڪ نمونو آهي جيڪو هر دڪاندار ڪري ٿو ۽ پوءِ توهان جي وڃڻ تي وري پاڻ ئي سڏي ٿو، پوءِ هُو کڻي توهان جي ٻڌايل اڌ قيمت تي نه ڏئي پر ته به ڪافي گهٽ قيمت تي توهان کي اها شيءِ ملي ويندي.”


    جئپور ڇو پسند ڪيو وڃي ٿو؟

    هونئن گلف يا سعودي عرب جا امير عرب هيڏانهن مشرق ڏي نه ايندا هئا. هُو موڪلون ملهائڻ، شاپنگ ڪرڻ ۽ عياشيءَ لاءِ مصر جو رخ رکندا هئا يا ترڪيءَ جو. جتي ڪيترن سعودين جا “سمر هائوس” به ٺهيل آهن، گهڻي کان گهڻي همت ڪندا هئا ته انگلينڊ ويندا هئا پر هاڻ نائن اليون کان پوءِ ڏسان پيو ته هُو ملائيشيا اچڻ لڳا آهن ۽ ان کان به وڌيڪ هتي ممبئيءَ ۾ نظر اچي رهيا آهن. هڪ ڳالهه آهي ته ملائيشيا ۾ عرب گهڻو ڪري فئملين سان اچن ٿا ۽ هتي ڇڙا ئي ڇڙا نظر اچن ٿا. ستين جون کان سيپٽمبر جي آخر تائين عربي سمنڊ کان لڳندڙ چـﺂماسي وارين هوائن (Monsoons) جي موسم آهي ۽ ممبئيءَ ۾ سخت مينهوڳي ۽ اونهاري ڪري يورپ پاسي جا ٽوئرسٽ اچڻ بند ٿيو وڃن. هونئن به يورپ پاسي وارا پنهنجي ملڪ جي سخت ٿڌ کان فرحت وٺڻ خاطر ايشيا جي ملڪن ڏي سياري ۾ اچن ٿا. سو هي مينهوڳيءَ وارا ٽي چار مهينا ممبئي ٽوئرسٽن کان خالي رهي ٿي ۽ هنن ڏينهن ۾ جيڪي ٽوئرسٽ اچن ٿا، انهن جي شاپنگ سستي ٿئي ٿي. بهرحال يورپي ٽوئرسٽن جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ هاڻ عربن جي هر شوق پوري ڪرڻ جا هتي بندوبست ڪيا ويا آهن، اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪنهن به عرب کان ممبئي اچڻ جو سبب کڻي پڇ ته هُو اهو ئي ٻڌائيندو ته آءٌ ممبئيءَ جو مينهن ڏسڻ لاءِ آيو آهيان. جيئن اسان جي پاڪستانين کان بئنڪاڪ يا پتايا ۾ پڇندو هئس ته گهمڻ لاءِ ٿائيلينڊ کي ڇو ترجيح ڏني اٿانوَ ته هُو اهو ئي جواب ڏيندا هئا ته سامونڊي بيچن (ڪنارن) جو لطف وٺڻ خاطر، ڄڻ ڪراچيءَ ۾ ڪلفٽن، هاڪس بي، سئنڊس پٽ آهن ڪونه.
    بهرحال ملائيشيا وانگر، توهان جو سانوڻيءَ جي موسم ۾ ممبئيءَ اچڻ ٿئي ته پاڻ سان ڌوپ ڇٽي (Umbrella) ضرور آڻجو، جيئن مينهن ۽ اس کان بچاءُ ٿي سگهي، ممبئي جي چرچ گيٽ ريلوي اسٽيشن تي ٻن آمريڪن عورتن سان اها ڳالهه ڪيم ته هنن مان هڪ ٺهه پهه چيو:
    “ممبئي ۾ اچڻ وقت پاڻ سان ٻه شيون آڻڻ ضروري آهن.”
    “ڪهڙيون؟” پڇيومانس.
    “هڪ مڇرن ۽ منگهڻن جي لاءِ اسپري ۽ ٻيو ٽئاليٽ پيپر جو رول جنهن مان هر هر پني ڀور ڦاڙي پگهر اگهجي.
    ممبئيءَ ۾ تقريباً سڄو سال گرمي ۽ گهم جي ڪري پگهر ٽِمندو رهي ٿو ۽ جيڪڏهن توهان حساب ڪتاب ۾ ڪچا آهيو ته پاڻ سان هڪ عدد ڪئلڪيوليٽر به کڻي هلندا ڪريو، جيئن خريداريءَ وقت پنهنجي ملڪ جا پئسا انڊين ڪرنسي ۾ تبديل ڪري، شيءِ جي سستي يا مهانگي هجڻ جو اندازو لڳائي سگهو.”
    “ممبئيءَ ۾ ڇاڇا ڏسڻ گهرجي؟” مون پڇيو.
    “توهان کي جيڪڏهن وقت ۽ پئسو آهي ته آءٌ توهان کي اها صلاح ڏيندس ته ممبئيءَ مان نڪري جئپور شهر هليا وڃو. مون کي ڪيترن ئي ماڻهن چيو ته جئپور ۾ آهي ئي ڇا، پر انڊيا جا جيڪي شهر دهلي، گوا، آگرا، ممبئي وغيره گهميس، انهن سڀني ۾ مون کي جئپور پسند آيو. “اميدڀون” اتي جي بهترين هوٽل آهي، اسين ٻه ڄڻيون هيون سين ۽ اسان کي روز جي مسواڙ 25 ڊالر ڏيڻي پئي ٿي. هوٽل جي سروس بهترين هئي. کاڌو بهترين هو، صاف سٿرو سئمنگ پول هو ۽ هوٽل پڻ صاف سٿري هئي، هوٽل جي انتظاميا اسان جو ائين ٿي خيال رکيو ڄڻ اسين راڻيون هجون. توهان جو جي ان هوٽل ۾ وڃڻ ٿئي ته منظور ڊرائيور نالي پڇا ڪجو، هُو تمام سٺو گائيڊ آهي، بيحد چرچائي ۽ مناسب ڀاڙو وٺڻ وارو آهي. اسان کي هُو شاپنگ لاءِ به صحيح هنڌن تي وٺي هليو، مون ڪجهه جيولري خريد ڪئي، جيڪا مون کي ايتري گهٽ اگهه تي شايد ٻيو ڪٿي نه ملي سگهي. پنج منڊين ۽ هڪ اوچي پٿر واري هار جا مون کي فقط 150 ڊالر ڏيڻا پيا. ان کان علاوه 28 ڊالرن ۾ 8 جوڙا سئنڊل خريد ڪيم، جيڪي هن شهر جي خاص سُوکڙي آهن.”
    جئپور جي مڙيئي ڪا ڳالهه آهي جو مون ڏٺو آهي ته راجستان جي گاديءَ وارو اهو شهر، ڪيترن ئي فارينرن کي وڻي ٿو، جيتوڻيڪ سونهن، Entertainment ۽ تاريخي نوعيت کان انڊيا ۾ دهلي، ڪلڪتو، امرتسر، گوئا، ممبئي، بڙودا ۽ ٻيا ڪيترائي شهر آهن، پر جئپور کي پنهنجي هڪ ڪشش آهي. هن شهر جون گلابي رنگ جون عمارتون يا خوبصورت هوا محل نالي محلات جون تصويرون دنيا جا ماڻهو وڏي شوق سان ڏسن ٿا. هونئن ته راجستان ۽ گجرات جا شهر اسان سنڌ جي رهاڪن لاءِ ان ڪري به دلچسپيءَ جو سبب آهن جو اهي اسان جي پاڙي جا شهر آهن، سندن ڪلچر توڙي زبانون گجراتي، ڪڇي، راجستاني وغيره سنڌ جي بارڊر وارن شهرن ۾ به ڳالهايون وڃن ٿيون. ڏٺو وڃي ته خيرپور يا گهوٽڪيءَ کان جيترو لاهور آهي، ان کان به ويجهو جئپور شهر آهي. اجمير، پشڪار، بارمار ۽ جوڌپور ته اڃان به ويجهو آهن ۽ انڊيا جا جيسلمير جهڙا شهر ته سنڌ جي بارڊر جي ائين ويجهو آهن، جيئن لاهور ۽ امرتسر... جن ڏينهن ۾ اڃان هوائي جهاز ۽ لاريون موٽرون نه هيون ۽ ماڻهو پنڌ يا اُٺن تي سفر ڪندا هئا، تن ڏينهن ۾ سنڌ جي ماڻهن جي گجرات ۽ راجستان جي شهرن ڏي گهڻي اچ وڃ هئي. شاه لطيف به هن پاسي گهڻو گهميو آهي. هن پنهنجي بيت ۾ بيڪانير، ڪڇ ڀوڄ ۽ ٻين گجرات ۽ راجستان جي شهرن جو گهڻو ذڪر ڪيو آهي.
    بهرحال پاڻ جئپور جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين، جئپور لاءِ چون ٿا ته، “مهاراجا سوائي جئه سنگهه” هي شهر 1727ع ۾ اڏايو ۽ هن کي پنهنجي گاديءَ جو شهر مقرر ڪيو، ان کان اڳ ڀروارو شهر امبر هو جيڪو جئپور کان فقط ڇهه ميل پري آهي.
    مهاراجا جئه سنگهه 1699ع کان 1744ع تائين حڪومت ڪئي. آدمشماريءَ جي وڌڻ ۽ امبر ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ڪري، هن راجا جئه سنگهه پنهنجي نالي سان جئپور شهر اڏايو. شهر کي نوَن حصن ۾ ورهايو، جن مان ٻن ۾ محلات ۽ سرڪاري جايون ٺهرايون، باقي ست حصا عوام حوالي ڪيا، حفاظت جي خيال کان شهر جي چوڌاري اتاهيون ۽ ٿلهيون ڀتيون ڏياريون، جن ۾ ست دروازا ٺهرايا جن مان ٽي دروازا جن جا مُنهن سندس وڏن جي سلطنت ڏي کليا ٿي، انهن جا نالا سورج، چاند ۽ ٽئين جو زوراور سنگهه اڄ تائين مشهور آهن. هن شهر جون گهٽيون اڄ جي واشنگٽن D.C شهر وانگر اوڀر اولهه ڏي آهن يا اتر ڏکڻ ڏي. سج لهڻ تي شهر جا دروازا بند ڪيا ويا ٿي ۽ صبح جو سج اڀرڻ تي کوليا ويا ٿي. جئپور لاءِ چيو ويندو آهي ته انڊيا جو پهريون Planned يعني رٿابنديءَ سان ٺهيل شهر آهي.
    هي راجا، مهاراجا جئه سنگهه، مئٿس ۽ سائنس جو به ماهر هو ۽ هن، اُن وقت جي ماهر بنگالي برهمڻ اسڪالر وڌيا ڌر ڀٽا چاريا سان صلاح مشورو ڪري، جئپور جي عمارتن کي صحيح طرح ٺهرايو، جيتوڻيڪ ان وقت يعني 1727ع ۾، اڃان موٽر ڪارون ايجاد نه ٿيون هيون، پر هن هر هڪ رستو ويڪرو ڪري ٺهرايو. 1853ع ۾ جڏهن انڊيا تي برٽش انڊيا ڪمپنيءَ جو راڄ هو ته انگلنڊ جو شهزادو ويلس (Prince of Wales) جئپور گهمڻ لاءِ آيو هو. هن جي آجيان ڪرڻ لاءِ سڄي شهر جي عمارتن کي گلابي ڪيو ويو هو، اڄ به جئپور جون ڪيتريون ئي عمارتون، سرڪاري بلڊنگس ۽ محل گلابي رنگ قائم رکندا اچن، انهن ڏينهن ۾ شهر جي ويڪرن رستن تي حڪومت طرفان شمعدان ٻاريا ويا ٿي. عوام جي علاج لاءِ ڪيتريون ئي اسپتالون هيون، روزگار لاءِ ڪيترائي لوهه ۽ ماربل جا ڪارخانا هئا يعني هيءَ اڄ کان ڏيڍ سؤ سال اڳ جي ڳالهه پيا ڪريون، 1868ع ۾ آرٽ جو اسڪول کوليو ويو. ان کان سواءِ ٽي ڪاليج اڳهين هئا، جن ۾ هڪ سنسڪرت جو ڪاليج، جيڪو 1865ع ۾ کوليو ويو هو ۽ هڪ ڇوڪرين جو، جيڪو 1867ع ۾ کُليو. پئسي جي سيڙپ ڪرڻ لاءِ ڪيترائي امير رهيا ٿي، خاص ڪري جيٽ ۽ مارواڙي واپاري.
    تعجب جي ڳالهه اها آهي جو جئپور اڄ به امن امان توڙي تعليم جي لحاظ کان اعليٰ درجي جو شهر آهي. ڇا توهان سوچي سگهو ٿا ته اسان جي سکر جيڏي شهر جئپور ۾ اڄ پنجويهه انجنيئرنگ جا ڪاليج آهن، 27 بزنيس مئنيجمينٽ انسٽيٽيوٽ، 15 فارميسي ڪاليج، 4 هوٽل مئنيجمينٽ انسٽيٽيوٽ، 3 ميڊيڪل ڪاليج ۽ 6 ڊينٽل ڪاليج آهن. ان کان سواءِ 8 يونيورسٽيون آهن، جن مان هڪ انڊيا جي بيحد مشهور راجستان يونيورسٽي آهي ۽ هتي جي NIMS يونيورسٽي، جئپور انڊيا جي وڏين يونيورسٽين مان هڪ آهي.
    توهان شايد اهو سوچيندا هوندا ته سکر يا حيدرآباد جهڙي شهر جي ايڏي آدمشماري ته نٿي ٿئي، جو هيترا ڪاليج ۽ يونيورسٽيون ڀريل رهن؟ دراصل ڳالهه هيءَ آهي ته هن شهر جي امن امان (Law & Order) جي حالت تمام بهتر هجڻ ڪري انڊيا جي ڪيترن شهرن جا والدين پنهنجا ٻار، تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ جئپور ٿا موڪلين. هر ڪاليج جون هاسٽلون شاگردن سان ڀريون پيون آهن، ان کان سواءِ ٻاهرين ملڪن جا شاگردَ، جيڪي انڊيا جي ٻين شهرن ۾ به آهن، پر هتي جئپور ۾ تمام گهڻا آهن.
    توهان جو، جيڪڏهن جئپور وڃڻ ٿئي ته جئپور جي مٿئين راجا جي ابن ڏاڏن جي تخت وارو پراڻو شهر ’امبر‘ ضرور ڏسجو ۽ ان ئي راجا (مهاراجا جئه سنگهه، جيڪو ماهر فلڪيات به هو) Observatory جنتر منتر، هوا محل، البرٽ ميوزيم، برلا مندر، رام باغ محل (جيڪو هينئر لگزري هوٽل آهي) ۽ سيسوديا گارڊن ضرور ڏسجو.


    گوبند خوشحالاڻيءَ کان جڳديش لڇاڻي تائين

    پوني اچڻ کان اڳ منهنجي ڪا انڊيا جي سنڌي اديبن سان ايتري واقفيت نه هئي. چند جهونن اديبن جا ڪتاب يا ’ڪونج‘ رسالي ۾ سندن ڪهاڻيون ضرور پڙهيون هئم پر ملاقات ڪنهن سان به نه ٿي هئي. ايتريقدر جو انڊيا وڃڻ کان اڳ جڏهن تاج بلوچ چيو ته پوني ۾ لڇمڻ ڪُومل يا هن جي دوست گوبند خوشحالاڻيءَ سان ملجانءِ ته مون کيس يڪدم ٻڌايو ته منهنجي ساڻن واقفيت ناهي. هيترن ماڻهن ۾ کين ڪيئن سڃاڻي سگهندس. پوني ۾ ٽي ڏينهن، جيڪو دادا جشن جي 90هين جنم ڏينهن جي خوشيءَ ۾ فنڪشن هليو، ان ۾ هزار کان به مٿي مهمان هئا. ان کان سواءِ ٻه ٽي هزار پوني جا رهاڪو به شامل هئا. انهن سڀني ۾ لڳو پئي ته گهڻائي اديبن ۽ شاعرن جي آهي، يا گهٽ ۾ گهٽ مون سان اديب ۽ شاعر ملي رهيا هئا. مون کي ان وقت سمجهه ۾ نه اچي رهيو هو ته ڪير ڪيڏي پيماني جو اديب يا شاعر آهي، پر اهو ڪم آءٌ ضرور ڪندو رهيس ته جيڪو جيڪو مليو ٿي ان کان سندس وزيٽنگ ڪارڊ ورتم ٿي يا سندس نالو، فون نمبر ۽ اِي ميل ائڊريس پنهنجي پاڪيٽ سائيز ڪاپي تي هن کان لکارايم ٿي. لکڻ دوران هن جي تصوير به ڪڍي ورتم ٿي. ڏهاڪو کن ته اهڙا به اديب ۽ شاعر مليا جن پنهنجا ڪتاب به مون کي ڏنا. ٽن ڏينهن جي وڏي ميلي بعد جڏهن سڀ هليا ويا ۽ آءٌ ئي رهجي ويس ته پوني ۾ رهائش جا باقي ڏينهن، ممبئيءَ وارو هفتو ۽ پوءِ هتي اچي انهن اديبن جا سندن ڏنل ڪتاب، هِتان هُتان هٿ ڪيل سندن ٻيا ڪتاب ۽ انهن اديبن بابت اسان جي سنڌ جي اديبن شاعرن، تاج جويو، قمر شهباز ۽ تاجل بيوس جهڙن کان پڇندو رهيس، جو اهي ٻه ٽي دفعا انڊيا ۾ ادبي ڪانفرنسون اٽينڊ ڪرڻ لاءِ انڊيا وڃي چڪا هئا يا انڊيا جا سنڌي اديب هتي آيا ٿي ته هنن اڳيان اڳيان وڌي هنن جي آجيان ڪئي ٿي.
    پوني پهچڻ سان پهرئين ڏينهن ئي گوبند خوشحالاڻي مون سان ملڻ لاءِ منهنجي ڪمري ۾ آيو. پاڻ به ان ئي گيسٽ هائوس ۾ رهيل هو ۽ احمد آباد (گجرات) کان آيل هو. ساڻس گڏ احمد آباد جو هڪ بزنيس مئن نندلال خانچنداڻي پڻ هو. هُو اهو ڪتاب وٺڻ آيو هو جيڪو ڪراچيءَ کان سوجهرو رسالي جي ايڊيٽر تاج بلوچ مون هٿان هن لاءِ موڪليو هو. ڪراچي ڇڏڻ کان ٻه ڏينهن اڳ تاج بلوچ فون ڪيو.
    “انڊيا وڃين پيو، هڪڙو قرب ته ڪر. هڪڙا ٻه چار ڪتابڙا ته منهنجي دوستن لاءِ کڻي وڃجانءِ.” هن چيو.
    “بلڪل اکين تي،” مون وڏي دل سان هائوڪار ڪئي، “پر تاج پنجن يا ڇهن کان وڌيڪ ڪتاب نه ڏجانءِ. يقين ڪر آءٌ پنهنجا ڪتاب ئي نه پيو کڻيو وڃان.”
    “ڀلا پنج کڻي ويندين؟” تاج پڇيو.
    “ها. ها. پنج صحيح آهن. ڀلا ڏبا ڪنهن کي؟” مون پڇيو.
    “ان جو فڪر نه ڪر... لڇمڻ ڪُومل، گوبند يا ڪو ٻيو توکان وٺي ويندو.” تاج چيو. ۽ پوءِ جڏهن شام ڌاري تاج پنج ڪتاب کڻي آيو ته اهي پنج نه پر پنجاهه هئا!
    ڪتاب برابر پنج هئا، پر آءٌ اهو چوندس ته اهو ڪتاب ٽن چئن ڪتابن برابر هو. تاج بلوچ اسان جي مشهور اديب ۽ ريسرچ اسڪالر گل حسن ڪلمتيءَ جو تازو لکيل ڪتاب “ڪراچي- سنڌ جي مارئي”، کڻي آيو هو، جيڪو 800 کن صفحن جو وڏي سائيز جو آهي. جنهن سائيز جو مهراڻ يا سوجهرو رسالو ٿئي ٿو. نه کڻي وڃڻ لاءِ ڏاڍيون دانهون ۽ ڪُوڪُون ڪيم پر تاج مڙيئي هڪ ڪتاب چنبڙائي ويو جيڪو هينئر گوبند خوشحالاڻيءَ حوالي ڪيم. ويندي وقت گوبند پنهنجو ڪتاب “ملڪ ته منهنجو” مون کي ڏئي ويو، جيڪو 300 کن صفحن جو آهي ۽ سال ڏيڍ اڳ “سنت ڪنور فائونڊيشن” وارن احمد آباد مان ڇپرايو آهي. هي هڪ قسم جو ناول آهي، جنهن جو ماحول پنج هزار سال اڳ جو آهي جنهن ۾ سنڌو سڀيتا (Indus Civilization) جي اوج واري زماني کي چِٽيو ويو آهي. ان ڪري هي ناول تاريخي ناولن جي قطار ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. ڪتاب جو مهاڳ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڊائريڪٽر شوڪت شورو لکيو آهي.
    آديپور (انڊيا) جي مشهور سنڌي ليکڪ پروفيسر هيرو شيوڪاڻيءَ جا هي جملا ياد ٿا اچن ته، “هڪڙا ليکڪ هوندا آهن، ان ڪري لکندا آهن، ٻيا لکندا آهن، ان ڪري ليکڪ بڻجي پوندا آهن. منهنجي خيال موجب، پهرئين قسم وارن ۾ ڏات ننڍپڻ جي وقت کان ئي هوندي آهي، ٻيا لکڻ جو ڏانءُ سکي وٺندا آهن ۽ پوءِ شايد وقت گذرڻ سان منجهن ڏات به اچي ويندي آهي. گوبند خوشحالاڻي پهرئين قسم وارن ليکڪن ۾ اچي ٿو...”
    بهرحال گوبند خوشحالاڻيءَ لاءِ اهو چيو وڃي ٿو ته هُو هڪ ڪامياب ناول نگار آهي. سنڌي ناول جي تاريخ تي نظر وجهبي ته ورهاڱي کان پوءِ، سنڌ جي ڀيٽ ۾ هند ۾ سنڌي ناول وڌيڪ ترقي ڪئي آهي. گوبند مالهي ۽ موهن ڪلپنا جهڙن اديبن ڪيترائي ناول لکي سنڌي ناول کي وڏي سگهه ۽ وسعت بخشي آهي. گوبند خوشحالاڻيءَ جيتوڻيڪ ننڍپڻ کان لکڻ شروع ڪيو (سندس پهرين ڪهاڻي 1955ع ۾ ممبئي جي هڪ رسالي “نيو سنسار سماچار” ۾ ڇپي جڏهن هو 15 سالن جو هو ۽ نائين ڪلاس ۾ پڙهيو ٿي.) نوڪري شروع ٿيڻ بعد هن جيتوڻيڪ مطالعو جاري رکيو پر لکڻ ڇڏي ڏنو ۽ 30 کن سالن جي ٽُٻيءَ بعد هن وري لکڻ شروع ڪيو. هيستائين سندس پنج ناول ڇپجي چڪا آهن، جن جا نالا هن ريت آهن:
    • هڪ دفعو وري
    • پيار ۾ پاڻ ڪهڙو
    • هرديڳي چمچا
    • پاڻ هُرتڙيون مايون (هي ناول 2002ع ۾ احمد آباد، انڊيا ۾ ڇپيو ۽ گذريل سال حيدرآباد جي ڪويتا پبليڪيشن وارن پڻ ڇپرايو).
    • گلستان غليظ ٿي رهيو آهي
    مٿين ناولن بعد سندس تاريخي ناول “ملڪ ته منهنجو” ڇپيو آهي.
    بهرحال، گوبند خوشحالاڻي، جديد ناول نگارن ۾ هڪ اهم ناول نگار طور اُڀريو آهي، جنهن جي ناولن ۾ سنڌي ڪٽنبي جِيوَن جا عڪس، شهري زندگيءَ ۾ رشتن ناتن جي ڀڃ ڊاهه، تجسس، انتظار، جاسوسي ۽ excitement پيدا ڪندڙ جذبا نظر اچن ٿا.
    گوبند جو سڄو نالو گوبند ڪوٽومل خوشحالاڻي آهي، پاڻ 25 جنوري 1940ع تي موري جي “ابڙاڻ” نالي ڳوٺ ۾ ڄائو. پاڻ انگريزي ادب ۾ گريجوئيشن ڪرڻ بعد انشورنس انسٽيٽيوٽ آف انڊيا جي فيلوشپ حاصل ڪيائين. زندگيءَ جو وڏو حصو “نيو انڊيا انشورنس ڪمپني” ۾ ڪم ڪيائين، هاڻ احمد آباد ۾ پنهنجو بزنيس سينٽر اٿس. پاڻ ٻڌايائين ته هن وقت سندس ٻه ڪتاب ڇپائيءَ هيٺ آهن:
    Chachnamah Retold (چچنامو اڄ جي انداز ۾) انگريزيءَ ۾ آهي ۽ ٻيو آهي “دل ڪر درخت دستور” هي سنڌي ناول اڄ جي ڪارپوريٽ سرڪل/ ڌنڌي ۾ ناجائز پرئڪٽس جي اوگهڙ جي سلسلي ۾ آهي.
    پوني ۾ سيمينار شروع ٿيڻ کان هڪ ڏينهن اڳ، آءٌ ان گيسٽ هائوس، جنهن ۾ ٽڪيل هوس، جي گرائونڊ فلور تي ٺهيل ڊائيننگ هال ۾ ٻين مهمانن سان گڏ چانهه پي رهيو هئس ۽ مختلف شهرن کان ايندڙ مهمانن کي به ڏسي رهيو هئس، ته اتي هڪ ٽئڪسي مان اسان جي عمر جو هڪ همراهه پنهنجي زال سان گڏ لٿو. رسيپشن تي پنهنجو نالو لکائي، ڪمري جي چاٻي وٺي، سامهون اسان ويٺلن سان ملڻ لاءِ آيو. “مون توهان جا ڪجهه سفرناما پڙهيا آهن. عبرت ۽ عوامي آواز ۾ توهان جا ڪالم پڙهندو آهيان. مون کي ڪالهه ئي توهان جي اچڻ جي خبر پيئي ۽ توهان لاءِ هڪ ڪم کڻي آيو آهيان. ’نه‘ نه ڪجو.” هُو يڪ ساهيءَ چئي ويو. ان بعد پنهنجو تعارف ڪرايائين ته پاڻ ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻي آهي. آءٌ چپ ئي رهيس. ڪاش قاضي خادم، تاج جويو، اسحاق سميجو يا نصير مرزا جهڙو ڪو همراهه مون سان گڏ هجي ها، جن جو سنڌ يونيورسٽي ۽ حيدرآباد سنڌ جي ادبي سرڪل سان واسطو هجڻ ڪري ۽ انڊيا هن کان اڳ اچڻ ڪري هندستان ۾ رهندڙ سنڌي اديبن سان واقفڪاري آهي. انڊيا اچڻ کان اڳ آءٌ هوم ورڪ ڪري آيو هئس پر فقط ممبئي ۽ پوني جي تاريخ، جاگرافي، گهمڻ جي جاين بابت. انڊيا ۾ رهندڙ سنڌي اديبن ۽ ادب بابت ڪا معمولي ڄاڻ به نٿي رکيم. منهنجي لاءِ اهم اديبن ۽ شاعرن جا نالا به نوان ۽ اوپرا هئا. سوچيو هئم ته سنڌ کان هلندڙ ٻين ساٿين کان ٻن ٽن اهم اديبن جو معلوم ڪري، پنهنجي طئي شده سفرنامي ۾ انهن جو احوال لکندس، پر هاڻ مون کي اڪيلي سِر مُنهن ڏيڻو پيو ٿي ۽ جنهن سان مليس ٿي ان اڳيان پنهنجي چوپڙي وڌايم ٿي ته مهرباني ڪري هن تي پنهنجو نالو لکو، جو ڪيترن جا نالا هڪ دفعو ٻڌڻ سان سمجهڻ ۽ پوءِ ياد رکڻ، مون لاءِ مسئلو هو. ان کان علاوه هڪڙن جا نالا ٻين سان مُنجهائي ٿي ويس. چڱو جو ڊجيٽل ڪئميرا ساڻ هيم ۽ هرهڪ جون تصويرون ڪڍندو ويس ۽ ٿوري ٿوري دير بعد ڪنڊ پاسي ۾ وڃي مليل مهمانن جا سندن هٿ اکر لکيل نالن هيٺان لکي ٿي ڇڏيم ته ڳاڙهي قميص وارو، بليو ٽاءِ وارو، وڏين مُڇن وارو، جئڪيٽ وارو وغيره وغيره، جيئن بعد ۾ انهن فوٽن جون پرنٽ ڪڍرائي، انهن تي پين سان صحيح نالا لکي ڇڏيان. باءِ دي وي ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻي جو فوٽو ڳولڻ مون لاءِ بنهه آسان هو، جو هيترن مهمانن ۾ ڊاڪٽر جڳديش ئي هڪڙو هو جيڪو سنڌي شلوار قميص ۾ هئو، نه ته ٻيا اسين سڀ پتلون ۾ هئاسين.
    بهرحال سچي ڳالهه اها آهي، ته سالن کان اهو ٻڌي ٻڌي هنن لاءِ ته جڳديش لڇاڻي، لڇمڻ مولچند خوبچنداڻي، نند لعل خانچنداڻي، گوبند خوشحالاڻي ۽ رامچنداڻي، ڪيولرام گوپلاڻي يا ٻلديو مٽلاڻي جهڙا نالا آسان هئا. هنن کي پاڻ منهنجو نالو ڏکيو ۽ اوپرو لڳندو هوندو جيڪو مرليڌر گنگواڻي يا اسان جي پيٽارو جي ڪٽ نمبر ون (Kit no One) جهڙو نالو رميش ڪمار ڀيرواڻي هجي ها ته هنن کي سولو لڳي ها. اهو ان ڪري جو سواءِ انهن جي جن منهنجا ڪالم يا ڪتاب پڙهيا آهن، ٻين مون کان ٻه ٻه ٽي ٽي دفعا ڪري ٿي نالو پڇيو ۽ ڪيترن ته آخر ۾ اهو به چيو ٿي ته توهان سنڌي آهيو. هڪ دفعو ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻيءَ به ٻڌي ورتو ۽ ڪا دير کِلندو رهيو. جڳديش، سنڌ جي سڀني اديبن ۽ شاعرن کي سڃاڻي ٿو، تنهن کي پاسيرو ٿي چيم ته منهنجو نالو وري به سولو آهي، چڱو جو هتي شمشير الحيدري، زرار پيرزادو، سحر امداد حسيني، گل حسن ڪلمتي يا ذوالفقار هاليپوٽو نه آهي.
    ڪمري تي پهتس ته جڳديش لڇاڻي، پنهنجي نئين ڪتاب “پوان شل قبول” جو ٽائيپ ٿيل مسودو کڻي آيو.
    “سائين هي منهنجو سنڌ جو سفرنامو آهي،” جڳديش پنا منهنجي حوالي ڪري چيو، “منهنجي اها خواهش آهي ته هن تي پيش لفظ توهان لکي ڏيو.”
    “حاضر سائين... بلڪل لکندس.” چيومانس، “پاڪستان پهچي پهرين اهو ڪم ڪندس.”
    “نه يار ائين نه. هتي ئي مون کي لکي ڏيو.” جگديش چيو. منهنجي سمجهائڻ جي باوجود هُو ٻارن واري ضد تي قائم رهيو.
    “ڊاڪٽر صاحب! توهان پاڻ سوچيو ته اهو مون سان ڪيڏو ظلم ٿيندو،” مون هڪ دفعو وري هن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، “آءٌ پهريون دفعو هن شهر پوني ۾ آيو آهيان ۽ آءٌ اهو ئي چاهيندس ته هڪ هڪ منٽ گهمڻ ڦرڻ ۾ لڳايان. توهان جو ڪتاب پڙهڻ ۽ پوءِ ان تي صفحو ٻه لکڻ تي منهنجا گهٽ ۾ گهٽ پنج ڇهه ڪلاڪ يعني اڌ ڏينهن هليو ويندو.” پر ڊاڪٽر جڳديش ڪنهن به طرح سان راضي نه پئي ٿيو. ساڳئي وقت منهنجي لاءِ به اها اعزاز جي ڳالهه هئي، پوءِ نيٺ لکڻ جو وعدو ڪري اهو سوچيم ته هاڻ هڪ يا ٻه راتيون گهٽ ننڊ ڪري، ڊاڪٽر جڳديش جو سفرنامو پڙهي ان تي مهاڳ لکندس. اهو به سٺو ٿيو جو ڊاڪٽر جڳديش جو ڪتاب مون کي بيحد دلچسپ لڳو ان ڪري ان کي پڙهڻ ۾ ٽارچر محسوس نه ٿيو. مون کيس پهرين رات ئي لکي صبح جو نيرن تي اچي ڏنو. کيس واقعي جلدي هئي، جو آءٌ جيئن ئي واپس وطن وريس ته مهيني اندر جگديش جو ڇپيل ڪتاب مون کي پوسٽ ذريعي مليو. هي ڪتاب “پوان شال قبول” سنڌ جي ماڳن، مڪانن گهمڻ بابت سفرنامو آهي، جيڪو هن 2004ع ۾ ’شاهه، سچل، سامي ادبي ڪانفرنس‘ ۾ شريڪ ٿيڻ واري سفر دوران لکيو. اها ڪانفرنس سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (SGA) پاران ڪراچيءَ ۾ ڪوٺائي وئي هئي، جنهن ۾ جڳديش لڇاڻي، نند جويري، موتي پرڪاش، ستيش روهڙا، چندرو ڏاسواڻي، سندر اگناڻي، هيرو شيوڪاڻي، ارجن حاسد، واسديو موهي، گوبند خوشحالاڻي، ڄيٺو لالواڻي، ومي سدارنگاڻي، رشمي راماڻي، شريڪانت صدف، جهمون ڇڳاڻي ۽ ٻيا آيا هئا.
    ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻي (سندس سڄو نالو جڳديش سوڀراج لڇاڻي) پير جي ڳوٺ ۾ 4 ڊسمبر 1939ع ۾ ڄائو يعني مون کان پنج سال وڏو ٿيو پر يقين ڪريو هُو ڏسڻ ۾ بيحد سمارٽ ۽ ننڍو لڳي رهيو هو. ڊاڪٽر جگديش سنڌ ڇڏڻ بعد الهاس نگر ۾ ئي رهيو ٿو. سنڌو ايڊيوڪيشن سوسائٽيءَ مان اسڪولي تعليم حاصل ڪرڻ بعد، هن پونا ۽ ممبئي يونيورسٽين مان اعليٰ تعليم حاصل ڪئي. هُن ايم. اي سنڌي ۽ ايم. اي هنديءَ ۾ ڪرڻ بعد سنڌي ادب ۾ پي. ايڇ. ڊي. ڪئي اٿس. ساندهه چاليهه سال پڙهائڻ بعد 2002ع ۾ شهيد دنيچند ڪالاڻي ڪاليج کلڻ تي هن کي ان جو پرنسپال رکيو ويو. هي ڪاليج آرٽس، ڪامرس ۽ سائنس جو آهي. منهنجي پڇڻ تي ته هن ماستري پيشو ڇو اختيار ڪيو؟ جي جواب ۾ هن وراڻيو ته، “اهو منهنجو پيار آهي، منهنجي حياتي آهي، منهنجي پسند آهي...”
    ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻي نه فقط ڪهاڻيڪار آهي پر ٻارن جو ليکڪ، ايڊيٽر، نقاد، ٽيلي وڊيو ۽ اسڪرپٽ رائيٽر پڻ آهي. سندس ڪيترائي ڪتاب آهن، جن مان ڪجهه هن ريت آهن:
    • خاموش زندگي (ڪهاڻيون)
    • ادبي شناس
    • سنڌي ادب جي روپ ليکا
    • اصول ۽ آلوچنا
    • نئون ساهت
    • ساهت سروپ
    • شاهه ۽ صوفي مَت
    • سنڌي ڪهاڻيءَ جي اوسر
    ۽ ٻاراڻي ادب جا به جڳديش ڏهن کان مٿي ڪتاب لکيا آهن. جهڙوڪ:
    • جهرڪيءَ لڌو ٽڪو
    • روپ نگر جي راج ڪماري، وغيره.
    ڊاڪٽر جڳديش کي مهاراشٽر رياست جي سنڌي ساهتيه اڪادمي پاران 1988ع ۾، سندس ڪتاب ’ساهت جي پرک‘ تي ايوارڊ مليو. ان کان علاوه سندس ٽيلي اسڪرپٽ “جوڳي جادو لائي ويا” تي ڀارت سرڪار پاران، دهليءَ ۾ 1989ع ۾ ايوارڊ مليو. هينئر ويجهڙائيءَ ۾ “نئشنل ڪائونسل فار پروموشن فار سنڌي لئنگويج” پاران پڻ ايوارڊ ڏنو ويو آهي.


    يوز ٿا ڪن سنڌي ورڊس، انگلش لئنگوئج ۾!

    گذريل مضمون ۾ لکيو اٿم ته پوني پهچڻ سان پهرئين ڏينهن ئي تاج بلوچ جو دوست گوبند خوشحالاڻي مون کان گل حسن ڪلمتي جو تازو ڇپيل ڪتاب “ڪراچي- سنڌ جي مارئي” وٺڻ آيو، جيڪو تاج هن لاءِ مون هٿان موڪليو هو. گوبند خوشحالاڻيءَ سان گڏ پنجاهه ورهين کن جو سندس هڪ دوست نندلعل خانچنداڻي پڻ هو. مون اها ڳالهه نوٽ ڪئي ته نندلعل تمام صاف سنڌي ڳالهائي رهيو هو. صاف سنڌيءَ مان منهنجو مطلب اهو آهي، ته هُو اها سنڌي ڳالهائي رهيو هو جيڪا اسان وٽ سنڌ ۾ ڳالهائي وڃي ٿي ۽ مون کي چڱيءَ طرح سمجهه ۾ اچي رهي هئي.
    انڊيا ۾ رهندڙ سنڌي هندن جي ننڍي ٽهي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ هندي پڙهڻ ڪري هنن جي سنڌيءَ ۾ هندي ۽ سنسڪرت جا گهڻا لفظ اچي ويا آهن، جيئن اسان وٽ سنڌي زبان ۾ عربي ۽ فارسيءَ جا ايترا ته لفظ اچي ويا آهن جو انهن مان ڪيترا اسان جي سنڌ ۾ رهندڙ ڳوٺاڻن کي به سمجهه ۾ نٿا اچن. بهرحال منهنجي پڇڻ تي نندلعل ٻڌايو ته هُو سنڌ مان لڏي انڊيا ويجهڙائيءَ ۾ آيو آهي، ان ڪري هن جي سنڌي اڃا اسان جهڙي آهي. نندلعل ٻڌايو ته هن جو 1951ع ۾ خيرپور ميرس جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ جنم ٿيو. هن مهراڻ يونيورسٽيءَ مان 1974ع ۾ مڪينيڪل انجنيئرنگ جي ڊگري حاصل ڪئي. ان بعد ڪراچي، لاڙڪاڻي ۽ شڪارپور ۾ مختلف جاب ڪيا. 1980ع ۾ هُو گجرات رياست جي احمد آباد ۾ اچي settle ٿيو، جتي هنن جا مختلف ڪارخانا آهن.
    نندلعل سان وري ملاقات نه ٿي سگهي، جو هُو ٻئي ڏينهن سيمينار اٽينڊ ڪرڻ بعد پنهنجي ڳوٺ احمد آباد هليو ويو. پوني ۾ منهنجي هفتي رهڻ دوران ٽي ڏينهن ته سيمينار، راڳن جي محفل ۽ ٻيا فنڪشن هلندا رهيا ۽ اهي ٽي ڏينهن پوني ۾ رهندڙ سنڌين ۽ انڊيا جي مختلف شهرن ۽ دنيا جي مختلف ملڪن کان آيل سنڌين جا ميڙا لڳا رهيا. ڪي ته آمريڪا ۽ يورپ جي ڏورانهن ملڪن کان به آيل هئا، جن ۾ سنڌ جي ڳائڻي ماسٽر چندر جو پٽ مهيش چندر پڻ هو، جيڪو نيو جرسي آمريڪا کان آيو هو ۽ هڪ فئملي مالمو سئيڊن کان به آيل هئي، جتي جي يونيورسٽيءَ مان مون مئرين انجنيئرنگ ۾ پوسٽ گريجوئيشن ڪئي آهي، پر هنن سان خبرچار ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته هُو مون کان به اڳ اتي رهيل هئا. سندن ٻار لس سئيڊش زبان ڳالهائي ٿي. کين سنڌي به سمجهه ۾ آئي ٿي ۽ ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪيائون ٿي پر مون ڏٺو ته سندن والدين جن کي سنڌي آئي ٿي انهن به سنڌي گهٽ ڳالهائي ٿي ۽ اهو ئي حال ٻين سنڌين جو به هو، جيڪي مقامي (يعني پونا جا) هئا يا ٻاهران آيل هئا. هنن گهڻو تڻو انگريزي يا اڙدو (هندي) ۾ ڳالهايو ٿي ۽ اها ئي هڪ ڳالهه هئي، جنهن لاءِ مون ڏٺو ته نَوي ورهين جو دادا جشن پنهنجي تقريرن توڙي ڳالهه ٻولهه ۾ ورجائيندو رهيو ته بابا سنڌيءَ ۾ ڳالهايو، پنهنجي ٻوليءَ ۾ نه ڳالهائيندؤ ته اولاد سِکي نه سگهندو. پر مون ڏٺو ته ڊائيننگ هال ۾ يا فنڪشن ۾ ويٺل، جيڪي سڀ سنڌي هئا، انهن رکي رکي هندي يا انگريزيءَ ۾ ڳالهايو ٿي. فلمن ۾ اميتاڀ بچن، شاهه رُخ، ڪرينا ڪپور يا ڪترينا ڪيف جيڪا هندي ڳالهائين ٿيون، اها وري به اسان جي اڙدو سان ملي ٿي ۽ اسان کي آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچيو وڃي، پر اسان جي ڪجهه سنڌي يارن جي هندي توڙي سنڌي اهڙي ته ڏُکي آهي جو منجهس سنسڪرت جي ڪيترن لفظن جي معنيٰ پڇڻي ٿي پيئي. ان ڳالهه تي ٿي سگهي ٿو ته انڊيا ۾ رهندڙ سنڌي اعتبار نه ڪن، جو هُو اها زبان (سنسڪرت، مرهٺي ۽ گجراتي لفظن واري) ڳالهائي ڳالهائي، هنن کي احساس نه ٿيندو هجي، جيئن اسان کي فارسي ۽ عربي لفظن واري سنڌي ڳالهائي اها به نٿي سوچ اچي ته انهن ڌارين ۽ اوپرن لفظن لاءِ اسان وٽ پنهنجي سنڌي زبان جا بهتر لفظ موجود آهن، جيئن اڄ جي هڪ سنڌي اخبار جي پهرئين صفحي تي آيل خبرن جي عنوانن (سُرخين) جا هي ٽڪرا پڙهو:
    • ٽوڙيل ضلعا پراڻي حيثيت ۾ بحال ڪنداسين.
    • محمد خان هوتي احتجاجن مستعفي.
    • وڪيلن جي تحريڪ جو احترام آهي. معلومات فراهم ڪنداسين...
    ساڳيءَ طرح انڊيا ۾ ڳالهائي ويندڙ سنڌيءَ جو حال آهي. ممبئي يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچر بعد اتي جا شاگرد، استاد ۽ مهمان مون کان سنڌيءَ ۾ سوال ڪري رهيا هئا. هنن جي جملن ۾ ڪيترائي اهڙا لفظ هئا، جيڪي مون کي سمجهه ۾ نه پئي آيا، پر بهرحال سوال جو مطلب سمجهي ٿي ويس ۽ جواب ڏنم ٿي. هڪ سنڌي عورت جيڪا شايد مهمان هئي يا ٿي سگهي ٿو ڪنهن اسٽوڊنٽ جي والده، اهڙو ته سوال پڇيو جو آءٌ هڪو ٻڪو ٿي ويس ته هيءَ سنڌيءَ ۾ ڳالهائي رهي آهي يا مرهٺي، ڪنهڙ، سنسڪرت يا اڃا ڪنهن ٻي زبان ۾! منهنجي ڀر ۾ ويٺل پروفيسر ڊاڪٽر ٻلديو يڪدم منهنجي پريشاني سمجهي ويو ۽ اُٿي مون کي مخاطب ٿي چيائين ته، “بهتر ٿيندو ته محترمه جي پڇيل سوال کي توهان لاءِ سليس سنڌيءَ ۾ ورجايان ته مئڊم پڇي رهي آهي ته، “هن ٽيڪنالاجيءَ جي دور ۾ اسان جي سنڌي زبان جو ڇا مستقبل آهي؟”
    ڊاڪٽر ٻلديو هينئر ويجهڙائيءَ ۾ سنڌ کان لڏي هتي انڊيا آيو آهي، ان ڪري هن جي سنڌي زبان اها ئي آهي، جيڪا اسان ڳالهايون ٿا. هونئن به هن جو واسطو سنڌي ادب سان آهي. هن جي سنڌيءَ ۾ سنسڪرت، گجراتي ۽ مرهٺي لفظن بدران فارسي ۽ عربيءَ جا لفظ گهڻا آهن، جيڪي اسان سنڌ جا سنڌي به استعمال ڪريون ٿا. بهرحال هيءَ هڪ عجيب ڳالهه هئي، جو هڪ سنڌيءَ جي پڇيل سوال جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿي رهيو هو. مون کي يڪدم اهو جوڪ ياد اچي ويو، جيڪو کِلندي، مون پنهنجي audience کي ٻڌايو ته، “هڪ سنڌي زبان جو پروفيسر سنڌي ٻوليءَ جي مستقبل بابت ڏک جو اظهار هن ريت ڪري رهيو هو:
    مون کي افسوس آهي انهن سنڌين تي جيڪي يوز ٿا ڪن انگلش ورڊس، سنڌي لئنگوئيج ۾...”
    بعد ۾ ممبئي يونيورسٽيءَ جي هيڊ آف سنڌي ڊپارٽمينٽ پروفيسر ڊاڪٽر منوهر داس چيو ته شايد شيخ اياز هن دور جي اڳڪٿي ڪئي هجي ته، “منهنجي مرڻ کان پوءِ منهنجو پوٽو منهنجي قبر مٿان هٿ کڻي اڙدو ۾ دعا گهري رهيو آهي.”
    خير سنڌي ته منهنجي به اهڙي سٺي ناهي جهڙي هئڻ کپي. ان جو سبب اهو آهي جو آءٌ نه فقط سڄي عمر وطن کان ٻاهر رهيو آهيان پر سنڌي ڳالهائڻ وارن سان گڏ به گهٽ رهيو آهيان. هڪڙي ڳالهه آهي ته سنگاپور، ملائيشيا، سريلنڪا ۽ جپان جهڙن ملڪن ۾ منهنجو سنڌي هندن سان ڪافي ملڻ جلڻ رهيو آهي پر هنن جي سنڌي به مون کي اهڙي ئي پاڻ جهڙي لڳي، چاهي سنگاپور جو هرڪشن ڀوڄواڻي هجي يا يڪوهاما جو پمو، ڪولمبو جي ديدي ديوڪي هجي يا هانگ ڪانگ جو سيتل ۽ ڪوالالمپور جو لاکياڻي، هنن سڀني جي سنڌي اهڙي هئي جهڙي منهنجي. اهو شايد ان ڪري به هجي جو هو پنهنجي سنڌيءَ ۾ جيڪي ملئي،جپاني يا انگريزي جا لفظ ملائيندا به هئا ته انهن کان آءٌ به واقف هوس، پر هتي انڊيا ۾ اچي مون هتي جي ڪيترن سنڌين کان نوان لفظ سکيا آهن، جيڪي هنن سنڌيءَ ۾ ڳالهائڻ دوران استعمال ڪيا ٿي. آءٌ اهڙن لفظن جون معنائون ممبئي يونيورسٽيءَ جي سنڌي پروفيسر ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻيءَ کان هر وقت پڇندو رهيس، جيڪو پوني پڻ سيمينار اٽينڊ ڪرڻ لاءِ آيو هو. ٿي سگهي ٿو ته سنڌ ۾ رهندڙ منهنجي پڙهندڙن لاءِ نئين ڄاڻ پيدا ڪن:

    اڌياپڪ - تعليم دان
    ساپڪ - لاڳاپو
    وگيان - سائنس
    جڳياسا - ڳولا
    وارتائون - قصا
    يگ - دور
    ٻال ساهتيه - ٻاراڻو ادب
    اسٿرتا - مضبوطي
    شڪتي - سگهه
    نرت ڪلا - ناچ
    راڄنيتي - سياسي
    مانوجاتي - انسان ذات
    سنگرهه - مجموعو
    آجيوڪا - گذر سفر
    سنگهرش مئه حالتون - جاکوڙي حالتون
    ڪلا - فن
    ڪلاتمڪ - فني
    چيتناتمڪ - شعوري
    وچترتا - چالاڪي
    اسٿتين - حالتون
    آتم هتيا - آپگهات
    ارٿ - مقصد
    منووگيان - نفسيات
    يوگدان - Contribution
    سنسڪار - وهم
    گهٽنائون - واقعا
    جاتيه پڇاڻ - قومي سڃاڻپ
    انڀو - مشاهدو
    سانسڪرتڪ - تهذيبي

    سچي ڳالهه ته اها آهي ته اهڙا لفظ مون فجي، برمودا ۽ لاس پاماس (ڪَناري) ٻيٽن تي رهندڙ سنڌي هندن جي واتان ٻُڌا. اهي هندي ۽ سنسڪرت جا لفظ جيئن منهنجي لاءِ ڏکيا آهن، تيئن مون کي لڳي ٿو ته ورهاڱي وقت سنڌي ڇڏي انڊيا ۾ رهندڙ سنڌين لاءِ اڄ جي سنڌي اخبار ۾ استعمال ٿيندڙ ڪيترائي فارسي ۽ عربيءَ جا لفظ اوپرا ۽ ڏکيا ثابت ٿيندا هوندا.


    پئسو لڌم پٽ تان...

    گذريل مضمون ۾ پاڻ خيرپور جي نند جي ڳالهه ڪئيسين، جيڪو 1980ع ۾ سنڌ کان لڏي هتي انڊيا آيو. هي نند لعل آهي. سنڌي ادبي دنيا ۾، خاص ڪري شعر و شاعريءَ ۾ هڪ ٻيو به نند آهي، جنهن جو سڄو نالو نند هريرام جويري آهي، پر هو ادبي نالي “نند جويري” سان هِند سنڌ ۾ مشهور آهي.
    نند پهرين جولاءِ 1937ع تي شڪارپور ۾ ڄائو. هُو پيشي جي لحاظ کان جوهري (Diamond Merchant) آهي، پر سندس ادبي حيثيت هڪ شاعر، نقاد ۽ نثرنگار جي آهي. سندس شعرن جو هڪ ڪتاب “چؤواٽي تي” ڇپيل آهي. جنهن کي 1992ع ۾ سينٽرل هندي ڊائريڪٽوريٽ طرفان ايوارڊ پڻ مليل آهي. هي ڪتاب 1990ع ۾ ڇپيو هو، جنهن جو پيش لفظ شيخ اياز لکيو. سندس شاعريءَ ۾ وطن لاءِ سِڪ ظاهر آهي. هو پنهنجيون roots ۽ تشخص (Identity) ڳولڻ لاءِ بيچين آهي. بقول شيخ اياز جي “نند جويري، ڌرتيءَ کان جلاوطن ٿي، جتي ڪٿي پنهنجي شڪارپور کي ڳولي رهيو آهي. شڪارپور، سنڌ ۾ نند لاءِ ماتا جي ٿڻ وانگر هئي. هُو منهنجو ۽ ساميءَ جو ڳوٺائي آهي ۽ ٻنهي جو ساءُ هن جي ڪويتا ۾ ملي ٿو...”
    نند جويريءَ جو هڪ ڪهاڻين جو ڪتاب “ننگا کيت، هڪ رات” 1960ع ۾ ڇپيو هو ۽ هاڻ ويجهڙائيءَ ۾ سندس ٻيو شاعريءَ جو ڪتاب “شاعر شاهه جو چٽُ” ڇپيو آهي، جنهن ۾ سندس 50 نظم آهن. نند جويري بنيادي طور ادبي نقاد آهي. هن پنجاهه کن ادبي تنقيدي مضمون لکيا آهن، جيڪي ادبي مخزنن، سپون، ڪونج، سنڌو، جوت وغيره ۾ باقاعدگيءَ سان ڇپبا رهيا آهن. نند جويري ’نئين ڪويتا‘ جي اهم شاعرن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. پاڻ ممبئيءَ جي ڊيسائي روڊ تي شيام نيواس ۾ رهي ٿو، پر ممبئيءَ ۾ رهائش دوران منهنجي ساڻس ملاقات نه ٿي سگهي. آءٌ اهو ئي سمجهندو رهيس ته هُو دهليءَ ۾ رهي ٿو. شيخ اياز، امرجليل ۽ شمشير الحيدري جي هن همعمر، سنڌ کان انڊيا ايندڙ شاعرن اديبن جي بهترين ميزبان ۽ اعليٰ پايي جي هن شاعر سان بهرحال ملاقات نه ٿي سگهي. ان جو نه رڳو مون کي پر کيس به افسوس آهي، جنهن جو اظهار هن مون کي لکيل پنهنجي خط ۾ ڪيو آهي. سندس خط ۽ تازي شاعري پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ هتي ڏئي رهيو آهيان:

    مانوارا الطاف شيخ!
    توهان ممبئيءَ آيا. توهان سان ملاقات ڪونه ٿي سگهي. جنهن جو سدائين افسوس رهندو.
    جڏهن سنڌي هندو، سنڌ ۾ هئا، ته هنن جي زندگيءَ ۾ سڀاڻي جو ڪو فڪر ڪونه هو. هنن کي سڀاڻي جي پڪ هئي. هنن جي زندگيءَ ۾ نتِيَتا (Eternity) هئي. هنن جو جِيوَن نِتُ (هميشھ/ لڳاتار) ۾ هو، جنهن سبب زندگيءَ ۾ Continuity ۽ سلامتي هئي، پر ورهاڱي کان پوءِ، 1947ع کان پوءِ سلامتي (Security) هند جي هندو سنڌيءَ جي جيون ۾ اچانڪ اَنتِيَتا ٿي ويئي، جنهن سبب جِيوَن ۾ ڪا سيڪيورٽي ڪونه رهي. هنن لاءِ هر کن نئون هو. صبح جو گراهه هو ته منجهند جي Challenge هئي. هر کن ۾ للڪار هئي. مانيءَ جي ڪا خبر ڪونه هئي. منجهند جي ماني هئي ته رات جي ڪا پڪ ڪونه هئي. سنڌ ۾ سنڌيءَ سان نِتُ هو، هند ۾ سنڌيءَ سان اَنتُ هو. هند ۾ سنڌيءَ اَنتَ ۾ نِتُ اڏيو آهي. اها ئي منهنجي ڪويتا جي زباني آهي...نند جويري

    مان کن کن جو پانڌي
    هرکن نئين هئي
    مقابلو نسچت هو.
    پيسو پٽ تي پيو نه هو
    پيسو پٽ ۾ پوريل هو.
    هرکن نئين هئي
    مقابلو نسچت هو.
    مون هٿ هلائي
    پيسو ڪڍيم پٽ مان
    پيسي ورتم گاهُه
    ڪجهه گاهه ڏنو گانءِ کي
    ڪجهه گاهه ڏنو پيٽ کي
    هرکن نئين هئي
    مقابلو نسچت هو.
    ڪجهه گاهه گانءِ کي
    ڪجهه گاهه ڏنو پيٽ کي
    پيٽ ڏني همٿ
    گانءِ ڏنو کير
    کير ڏنو امان کي
    امان ڪئي آسيس
    همٿ ۽ آسيس سان
    مون کنيو ڇَٻو
    ڇٻي ڏني پِڙي
    پِڙيءَ ڏني هٽڙي
    هَٽڙيءَ مان هَٽ ٿيو
    هٽ جوڙي
    مون جوڙيو ڪي سي ڪاليج
    مون جوڙيو جسلوڪ
    هرکن نئين هئي
    مقابلو نسچت هو.
    ڪي سي ۽ جسلوڪ
    مون ڏنو پرجا کي
    پرجا ڪونه ڏنو
    ڪو گهوڙو؟
    هرکن نئين هئي
    مقابلو نسچت هو.
    مون کي کپندو هو
    ڪو گهوڙو
    هرکن نئين هئي
    مقابلو نسچت هو.
    کِنَ سڃاڻي
    نِتُ ڇڏي
    مان انِتَ جو
    پانڌي ٿيس
    پانڌي رهندي
    پنڌ ئي پنڌ ۾
    مون
    انت ۾
    نت اڏيو.
    هرکن نئين هئي
    مقابلو نسچت هو.
    پوءِ ڇا جي ڌرتي ناهي
    دنيا جي هر ڪنڊ ۾ مان
    نت نئون اَجهو اڏيندس
    جتي هوندس سنڌ اڏيندس
    مان کن کن جو پانڌي آهيان.
    هرکن نئين هئي
    مقابلو نسچت هو.
    نِت ڇڏي مان
    اَنتَ جو ناچو آهيان
    نچندي نچندي
    هر کن مان
    اَنت ۾
    نئون نِتُ اڏيندس
    نِتُ نئون سنڌ اڏيندس.
    هرکن نئين هئي
    مقابلو نسچت هو...
    (نند جويري)
    هتي اهو لکڻ ضروري ٿو سمجهان ته اڄڪلهه جي دور ۾ جڏهن ٻارن توڙي وڏن کي گانا ۽ راڳ ٻڌڻ لاءِ خبر ناهي ڪيترا ٽي وي چئنل ۽ ريڊيو اسٽيشنون ٿي پيون آهن، اتي اسان جي ٻالڪ شايد ئي اهو اصلي ڳيچ “پئسو لڌم پٽ تان...” ٻڌو هجي، جيڪو ننڍپڻ ۾ اسان هر وقت ڳائيندا رهندا هئاسين. ننڍن ڀائر ڀينرن کي پينگهي ۾ ويهاري روزانو “پئسو لڌم پٽ تان...” يا “واه ڙي تارا گول تارا...” يا “جو کير پيئي سو وِير ٿئي...” جهڙن راڳن کي پيا ورجائي خوش ٿيندا هئاسين. گهرن ۾ نه ٽي وي هوندي هئي نه ريڊيو. ڪڏهن ڪنهن چاچي مامي جي شادي ٿيندي هئي ته ڳوٺ جي اتم ڪلاڪار “ڦاپو مڱڻهار” يا “آمون شيدياڻيءَ” کان سُريلا توڙي بي سُرا راڳ ٻڌي پيا خوش ٿيندا هئاسين. هينئر ته انهن کي ڪير به نه پڇي، پر ڏاٺين ڀڳل ڦاپو مڱڻنهار ان دور ۾ مصر جي اُم الڪلثوم ٿي لڳي، ته آمون شيدياڻي آمريڪا جي مئڊونا کان گهٽ نه هئي.
    سو اڄ جي نئين ٽهيءَ لاءِ، جيڪا مٿين راڳ “پئسو لڌم پٽ تان...” کان شايد اڻ واقف هجي، اهو گيت هتي ڏيڻ ضرور سمجهان ٿو. ملائيشيا ۾ رهندڙ سنڌين پڻ پنهنجي هن سال جي “سنڌي ڊائريڪٽريءَ” ۾ سنڌي ڳهن، سنڌي ڪاڄن ۽ ٻين شين سان گڏ هي گيت ڏنو آهي، جيڪو هن ريت آهي:
    پئسو لڌم پٽ تان،
    پئسي ورتم گاهه.
    گاهه ڏنم گانءِ کي
    گانءِ ڏنو کير
    کير ڏنم امان کي
    امان ڏنو لولو
    لولو ڏنم ڪانءَ کي
    ڪانءَ ڏنو کنڀ
    کنڀ ڏنم راجا کي
    راجا ڏنو گهوڙو
    گهوڙي تي چڙهي گهم، چڙهي گهم،
    چندن ڦٽاڪو،
    جيئي منهنجو ڪاڪو،
    ڪاڪو ويو ماڙيءَ تي،
    وڇونءَ ڏنگيس ڏاڙهيءَ تي.


    خوشيءَ کي غم ڏسي چهڪڻ لڳو...

    اڄڪلهه جڏهن آءٌ انڊيا جو هي سفرنامو ڪراچيءَ ۾ لکي رهيو آهيان، ته هتي ديوي ناگراڻيءَ جي ڪوتائن جي ڪتاب “سنڌ جي آءٌ ڄائي آهيان” جو چوٻول هلي رهيو آهي. هي ڪتاب سنڌ ادبي اڪيڊمي ڪراچيءَ وارن ايڊيوڪيشنل پريس ڪراچيءَ وارن کان ڇپرايو آهي، جنهن جو مهاڳ سنڌي ادبي سڀا، پوني جي صدر گوورڌن شرما “گهايل” لکيو آهي. ان کان سواءِ ڪتاب جي شروع ۾ پوني جي ايشوري جوتواڻي، لنڊن جي گيتا راج، ڪراچيءَ جي اظهر ٻانڀڻ ۽ نصير سومرو پڻ ديوي ناگراڻيءَ جي شخصيت ۽ شاعريءَ تي لکيو آهي. شاعريءَ جي هن ڪتاب “سنڌ جي آءٌ ڄائي آهيان” تي برسات اخبار جي سب ايڊيٽر غوث پيرزادي ماهاڻي سنڌي رسالي ’امرتا‘ ۾ “سنڌ جا ساهه کڻندڙ شاعره: ديوي ناگراڻي” جي عنوان سان اڀياس (Review) لکيو آهي.
    ديوي ناگراڻيءَ سان منهنجي پوني ۾ پهرين ڏينهن ئي نيرن تي ملاقات ٿي. آءٌ ماسٽر چندر جي پٽ مهيش چندر سان بيٺو هئس ته ديوي نانگراڻيءَ اچي پنهنجو تعارف ڪرايو. ساڻس گڏ سندس ڀاڻيجي اوشا جيسواڻي به هئي، جنهن لاءِ ديويءَ ٻڌايو ته هُوءَ سئيڊن ۾ رهي ٿي، جتي منهنجو جهاز اڪثر ويندو رهيو ٿي ۽ جتان مون جهازن جي انجنيئرنگ (Marine) جي اعليٰ تعليم حاصل ڪئي. ديويءَ ٻڌايو ته هُوءَ اڄڪلهه پنهنجي ڌيءَ وٽ نيو جرسيءَ ۾ رهي ٿي، جتي چندر جو پٽ پڻ رهي ٿو. هُوءَ، مهيش ۽ ٻيا ڪيترائي، آمريڪا کان هِتي پوني، دادا جشن جي 90هين سالگره ملهائڻ لاءِ آيل آهن.
    ديويءَ جو جنم ڪراچيءَ ۾ 1941ع ۾ ٿيو. سندس پيءُ ڪشن چند لالواڻيءَ جو ڳوٺ ٽنڊو آدم هو. سندس ناناڻا ديوناڻي هئا. ورهاڱي کان پوءِ ديويءَ وارا اجمير آيا، جتي ديويءَ پرائمري تعليم حاصل ڪئي. ان بعد وڌيڪ تعليم حيدرآباد دکن جي سينٽ فرانسز اسڪول ۽ نظام ڪاليج مان حاصل ڪئي. سندس شادي 1961ع ۾ ڀوڄ راج ناگراڻيءَ سان ٿي، جنهن جا وڏا لاڙڪاڻي کان ممبئيءَ اچي رهيا. شاديءَ بعد ديوي به چاليهه سال ممبئيءَ ۾ رهي. کيس ٽي ٻار آهن. وڏي ڌيءَ ڪويتا شڪاگو ۾ رهي ٿي ۽ ڪنهن اسپتال ۾ اڪائونٽنٽ آهي. ٻي ڌيءَ نرملا نيو جرسيءَ ۾ رهي ٿي، جنهن وٽ ديوي ناگراڻي ٽڪيل آهي. هُوءَ ڪمپيوٽر جي ايڪسپرٽ آهي. ديويءَ جو ننڍو ٻار ديپڪ به نيو جرسيءَ ۾ رهي ٿو ۽ بزنيس ڪري ٿو.
    ديوي ناگراڻيءَ لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن شعر و شاعري دير سان شروع ڪئي، پر جلد مشهور ٿي وئي. بقول گوورڌن شرما جي ديويءَ جي باشعور شاعري جو سبب سندس ڏات ۽ ڏاهپ جي سنجيدگي آهي.
    ديويءَ جو هڪ خوبصورت غزل آهي:
    بي وفا هيءَ زندگي، پوءِ ڀي لڳي پياري مون کي،
    غم ڀنل آهي خوشي، پوءِ ڀي لڳي پياري مون کي.
    ديوي ناگراڻيءَ جي شاعريءَ لاءِ گوورڌن شرما جو چوڻ آهي ته سندس شاعريءَ جو ڪئنواس وسيع آهي. لکڻ سندس محض شوق ناهي، سندس درديلي دل ۾ جيڪو غبار آهي اهو غزل، نظم، وائي، گيت وغيره جا ويس پهري، ساراهه جوڳي پيشڪش جي پُراثر رنگن سان نکريل آهي.
    ديوي ناگراڻيءَ کي چيم ته پنهنجي سفرنامي ۾ جيڪڏهن تنهنجو ذڪر اچي وڃي ته نموني خاطر تنهنجو ڪهڙو غزل لکان؟ هيٺ سندس پسند تي سندس غزل لکي رهيو آهيان، جيئن نَوَن پڙهندڙن کي ديوي ناگراڻيءَ جي شاعريءَ جي Idea ٿي سگهي:
    غزل:
    جنهن لُٽيو سو به اڄ لُٽيل آهي،
    هرڪا هستي ونڊيل ونڊيل آهي.
    سرد فطرت لهو ۽ ماڻهو ٿيا،
    برف ڄڻ ڪا ڄميل ڄميل آهي.
    زندگيءَ آ انهيءَ کي هارايو،
    جنهن جي هر شرط هِت کٽيل آهي.
    ناهه ڪا روڪ ٽوڪ لڙڪن تي،
    اک ۾ درياهه ڄڻ ڀريل آهي.
    ٻوڏ لڙڪن جي سڀ وهائي وئي،
    پُڇ نه ’ديوي‘ ته ڇا بچيل آهي؟
    ديوي ناگراڻيءَ بابت غوث پيرزادو ماهوار ’امرتا‘ ۾ لکي ٿو ته: “ديوي نانگراڻي، شاعريءَ جي سمورين صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي ۽ سڀني صنفن ۾ هن پنهنجي داخلي احساسن کي دٻجڻ نه ڏنو آهي. هن بحر، وزن ۽ جماليات جي چڪر ۾ ڦاسي، پنهنجي حقيقي احساسن ۽ جذبن کي قربان نه ڪيو آهي. اها هڪ تخليقڪار جي فتح آهي، ته هُو جيڪو چوڻ چاهي اهو چئي وڃي!”
    ۽ ديوي ناگراڻيءَ جي هڪ ٻي ڪويتا جا ڪجهه شعر:
    وقت جو رُخ وقت سان مِٽجڻ لڳو،
    آدمي خود کي خدا سمجهڻ لڳو.
    اڄ خزان، اينديون بهارون پوءِ وري،
    ماڻهو، موسم وانگيان مَٽجڻ لڳو.
    دل ٽٽڻ جو مون ڏٺو ماتم جو ڪلهه،
    اڄ خوشين جو سو ڪفن پهرڻ لڳو.
    اڄ خوشي غم ۾ نه شامل ٿي اچي،
    ڪالهه خوشيءَ کي غم ڏسي چهڪڻ لڳو.
    ديوي ناگراڻيءَ نه فقط سنڌ ۾ پر هنديءَ (اڙدو) ۾ به شاعري ڪئي آهي. سندس هندي شاعريءَ جا ٻه ڪتاب تمام مشهور آهن:
    • چراغِ دل
    • دل سے دل تک
    مٿيان ٻئي ڪتاب غزلن جا مجموعا آهن ۽ اهڙيءَ طرح سنڌيءَ ۾ به سندس غزلن جا ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، جن مان هن وقت مون وٽ هيٺيان ڪتاب موجود آهن:
    • سنڌ جي آئون ڄائي آهيان،
    • غم ڀنل خوشي،
    • آس جي شمع، ۽
    • اڏر پکيئڙا.


    سنڌ منهنجي امان!

    پوني ۾ هلندڙ جشن ۾ جتي صبح جو ادبي ۽ سماجي ڪانفرنسون هلنديون رهيون، اتي شام جو راڳ رنگ جون محفلون به ٿيون ٿي. جن ۾ مختلف سنڌي راڳي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا رهيا. هر رات راڳ جي محفل جي شروعات انڊيا جي مشهور سنڌي ڳائڻي ڪاجل چندرامانيءَ، تاجل بيوس جي هن غزل سان ڪئي ٿي:
    سنڌ منهنجي امان! سونهن تنهنجيءَ مٿان،
    ڇا لکي ڇا لکان؟ ڇا لکي ڇا لکان؟
    ۽ جڏهن ڪاجل اهو گيت شروع ڪيو ٿي ته سڀ اُٿي کڙا ٿيا ٿي. مون کي به ڏاڍو وڻيو ٿي. مواد جي لحاظ کان به ته سُر ۽ ڪمپوزنگ جي خيال کان به. مون ته اهو پوني ۾ اچي پهريون دفعو ٻڌو جيتوڻيڪ پوءِ مون کي خبر پيئي ته اهو عابده پروين، بيدل مسرور ۽ ٻين به ڳايو آهي ۽ اها به مون کي ڪراچيءَ موٽي خبر پيئي ته اهو اسان واري تاجل بيوس جو لکيل آهي. مون ڏٺو پئي ته تاجل بيوس انڊيا جي اديبن، شاعرن ۽ سنڌي ڳالهائيندڙن ۾ ڏاڍو مشهور آهي. سندس اهو گيت ۽ ٻيا اسم به، دهلي، ممبئي، الهاس نگر ۽ هتي پوني ۾ ٿيندڙ سنڌي سميلن، ميلن ۽ سيمينارن ۾ خوب ڳايا وڄايا وڃن ٿا. تاجل بيوس پاڻ به هتي ڪيترا دفعا اچي چڪو آهي ۽ ڪيترائي شاعر ۽ اديب تاجل جي خير خبر مون کان پڇندا رهيا. تاجل هتي جي ڪيترن همعصر ليکڪن تي هائيڪو ۽ ٽيڙو نما شعر به لکيا آهن، جنهن لاءِ جڳديش لڇاڻيءَ جهڙا بيحد ٿورائتا ٿي ڏٺا، ته تاجل بيوس جهڙي اعليٰ شاعر پنهنجي شاعريءَ ۾ کين ياد ڪري امر بڻائي ڇڏيو آهي. پوني ۾ آخري رات بستر تي ليٽندي ڪا دير آءٌ اهو سوچيندو رهيس ته، “گھر کی مرغی دال برابر” وارو حساب آهي. اسان آهيون جو تاجل بيوس کي وٺ ئي نٿا ڏيون. رڳو ٿا مٿس ۽ سندس شاعريءَ تي چرچا ڀوڳ ڪريون ۽ هتي جي قدردانن لاءِ تاجل بيوس ته پير مرشد بڻيو ويٺو آهي. ٻئي ڏينهن ممبئي پهچي تاج بلوچ کي فون ڪيم ته گوبند خوشحالاڻي کي سندس ڪتاب پهچائي ڇڏيم.
    “انڊيا جي اديبن سان ملي، مزو آيئي؟” تاج پڇيو.
    “انهن کي ڇڏ”، مون تاج کي جواب ۾ چيو، “مون کي اهو ٻڌاءِ ته تاجل بيوس جو گهر توکان ڪيترو پري آهي؟”
    “ڇو ڀلا آهي ته خير؟” تاج وائڙو ٿي پڇيو.
    “ڪراچي پهچڻ سان آءٌ هن وٽ ڪرٽسي ڪال لاءِ وڃڻ چاهيان ٿو. ههڙي وڏي شاعر سان قمر شهباز ۽ پاڻ چرچا ڪندا رهون ٿا.” مون يڪساهيءَ تاج کي چيو.
    “ابا آهي ته خير؟ پاڻ به ته چرچا ڪندو رهي ٿو، پر تون ايڏانهن پوني ۾ ڪنهن جي پڃاري وڃي لڳئين؟” تاج کِلندي چيو.
    ڪراچي پهچي آءٌ تاجل بيوس جي گهر ويس ۽ کيس ٻڌايم ته انڊيا جي سنڌي ماڻهن جي دلين ۾ تو لاءِ ڪيڏي عزت آهي.
    پوني ۾ هفتو کن فنڪشن سيمينار هلندا رهيا، جنهن ۾ هندستان کان سواءِ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن کان سنڌي اديب، شاعر، ڳائڻا ۽ آرٽسٽ اچي گڏ ٿيا هئا، جيئن مهيش چندر ۽ ديوي ناگراڻيءَ لاءِ لکي چڪو آهيان ته هُو آمريڪا جي رياست نيو جرسيءَ کان آيا هئا. سواءِ ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻيءَ جي ڪنهن کي به شلوار قميص ۾ نه ڏٺم. جڳديش کي هڪ ڏينهن گيسٽ هائوس جي ميس ۾ چيم ته هي سنڌي جوڙو تاجل بيوس ته نه ڏنو اٿئي. وڏا ٽهڪ ڏئي هُو ڪا دير کِلندو رهيو. سندس زال ۽ اوسي پاسي ۾ ويٺل سڀ وائڙا ٿي ويا، ته مون هن کي هڪڙي جملي ۾ اهڙو ڪهڙو چرچو ٻڌايو آهي، جنهن تي هو کِلَ ۾ کَيرو لڳو پيو آهي. ياد رهي ته ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻيءَ تي تاجل بيوس جو هڪ شعر آهي ته:
    صبح سبايو،
    جوڙو مون جڳديش جو،
    اڳٺ ڀي آ مون اُڻايو.
    اهڙائي ٽن سِٽن وارا شعر، جن کي اسان وٽ سنڌي توڙي اڙدو ادب ۾ ’جپاني هائيڪو‘ سان مشابهت ڏني وڃي ٿي، تاجل بيوس پنهنجن ڪيترن ئي اديب دوستن لاءِ اهڙا هائيڪا چيا آهن، جيئن:
    هيري ٺڪر لاءِ،
    هر، هر هند ۽ سنڌ ۾،
    واٽون پيو واجهاءِ.
    سنڌي فنڪاره اما لالا لاءِ تاجل لکي ٿو:
    اُما لالا ڪاڻِ،
    آندي اٿم اجمير ۾،
    سنڌڙيءَ جي سرهاڻ.
    ۽ هڪ ٻيو:
    نانڪ جي پاڻي
    اما لالا هند ۽ سنڌ ۾
    راڳن جي راڻي.
    سريش ڪيسواڻيءَ لاءِ تاجل لکي ٿو:
    ڪيسواڻي سُريش،
    لکيل لوح قلم ۾،
    سچ، حق جو سنديش.
    رينو عيدناڻي، بقول تاج بيوس جي، “معاشي ۽ سماجي حوالن سان هڪ سگهاري، سگهڙ ۽ ڀاڳن ڀري عورت آهي. هُوءَ سنڌيت پرست به لڳي رهي هئي، جنهن تي ٽِه سٽا جوڙي، مون کيس مُرڪن سان مالامال پئي ڪيو...”
    رينو عيد ناني
    آڇي پئي آسيس مان
    مکڻ ۽ ماني.


    عيد ناڻي رينو
    ڪري آئي ڪلجڳ ۾
    اکيون آئينو.
    ۽ آخر ۾ ڪشور جهامناڻيءَ تي تاجل بيوس جو لکيل ٽِه سِٽو:
    ڪشور جهامناڻي
    ايندو شهر ڀنڀور ۾
    اَوس آرياڻي.
    بهرحال تاجل بيوس جا ٽِه سٽا ڪنهن کي پسند هجن يا نه، پر سندس گيت “سنڌ منهنجي امان! سونهن تنهنجيءَ مٿان...” نه رڳو هند سنڌ ۾ وڏي ڌوم مچائي آهي، پر آمريڪا ۾ ٿيندڙ SANA ۽ انگلينڊ ۾ سنڌ ورلڊ ڪانگريس جي ميلن سميلن ۾ پڻ اهو خوب ڳايو وڃي ٿو ۽ اڄڪلهه هي مضمون هتان دبئيءَ مان لکڻ دوران، هتي جي هڪ سنڌي فنڪشن ۾ پڻ ان کي امريتا رائچنداڻيءَ ڳائي داد وصول ڪيو. دبئيءَ ۾ رهندڙ ڊاڪٽر عبدالقادر سرڪيءَ ٻڌايو ته تاجل بيوس جي هن ڪلام جي ڌُن سنڌيءَ جي مشهور فنڪار ۽ موسيقار گهنشام واسواڻيءَ ٺاهي آهي. جنهن جون ڪيتريون ئي ڊسڪون ۽ ڪئسٽون رليز ٿيل آهن، جيئن: سچل سرمست، سڪ ساجن جي دولهه شاهه جا دولها، جهولي لال جهولي لعل وغيره. جن مان ڪجهه ته انڊيا جي مشهور رڪارڊنگ ڪمپني Tips ۽ CBS طرفان جاري ٿيل آهن. کيس ڪيترائي ايوارڊ مليل آهن. گهنشام واسواڻي 1954ع ۾ ممبئيءَ ۾ ڄائو ۽ ممبئيءَ مان ئي B.Sc ۽ وڪالت جا امتحان پاس ڪيائين. هن راڳ ۽ موسيقيءَ جي ابتدائي سِکيا پنهنجي پيءُ سنتداس واسواڻيءَ کان حاصل ڪئي، جيڪو پڻ شاستريه سنگيت جو ڄاڻو هو. گهنشام، ممبئيءَ جي علائقي باندرا (ايسٽ) ۾ ئي رهي ٿو.
    تاجل بيوس جو هڪ ٻيو ڪلام “منهنجي سنڌ سدا سوڀاري آ، هيءَ ڌرتي مون نه ڌاري آ.” پڻ هند سنڌ ۾ مشهور آهي. مون اهو به انڊيا جي هڪ نوجوان فنڪار گريش واسواڻيءَ کان ٻڌو، پر “سنڌ منهنجي امان!” ٻڌندڙن کي رئاڙيو رکي. تاجل بيوس جو اهو ڪلام پنهنجي پڙهندڙن لاءِ هيٺ ڪاپي ڪريان ٿو:
    سنڌ منهنجي امان!
    سنڌ منهنجي امان! سونهن تنهنجي مٿان،
    ڇا لکي ڇا لکان، ڇا لکي ڇا لکان؟
    هڪ قلم هڪڙو مان، ڪيئن پورو پوان،
    ڇا لکي ڇا لکان، ڇا لکي ڇا لکان؟
    هن ڪنڌيءَ تي ڪُڏيو جو ابهم ٻار آ،
    ڪنهن ته جيجل جو جاني اکين ٺار آ،
    هي جو ٻالڪ سڀاڻي جو معمار آ،
    اِن جي ٻوليءَ ۽ لوليءَ تان صدقي وڃان.
    تنهنجي ماڻهن کي سيني ۾ سانڍيو وتان،
    تنهنجي لاڻن لَون کي به چندن چوان،
    شال تنهنجي ئي ڪُک مان پيو هر هر ڄمان،
    کير تنهنجو پيان، وَير تنهنجو وٺان.
    هُوءَ منڇر کُٽي ڪيئن جا کُٽڻي نه آ،
    هُوءَ ڪينجهر رُسي ڪيئن جا رُسڻي نه آ،
    هُوءَ سنڌو سُڪي ڪيئن جا سُڪڻي نه آ،
    ڪَرُ کڻي ڪالهه آئي جا ڪيلاش کان.
    ٿر جي ٿوهر مٿان، جهنگ جهر تي لکان،
    مينهن جي بوند تي، سائي سَرَ تي لکان،
    ڏاٽي، ڪوڏر، کُرئي، گهوٻي، هر تي لکان،
    تنهنجو نالو وٺي توتي لکندو رهان.
    هُوءَ جا “بيوس” بُکن تي مڙهي منڊ ٿي،
    اڄ به جوٽي اَسُر جو اُٿي جنڊ ٿي،
    جا گرم کير ۾ پئي گڏي کنڊ ٿي،
    اُن سهاڳڻ کي مان ڪيئن نه سجدو ڪيان.
    منهنجي خوش نصيبي چئجي جو انڊيا مان موٽڻ بعد مون سڄو ڏينهن اچي تاجل بيوس سان گڏ گذاريو. ٽيهارو سال کن اڳ جڏهن منهنجو جهاز ڪراچيءَ ايندو رهندو هو ته آءٌ ٻارن سان گڏ تاجل جي گهر ويندو هئس. انهن ڏينهن ۾ تاجل جو گهر گارڊن روڊ تي هوندو هو. هُو هميشھ ڳانا پايو ويٺو هوندو هو. ايتريقدر جو منهنجي گهر جا ڀاتي تاجل بيوس کي ڳانن وارو سڏيندا هئا. ان وقت کيس ٻه يا ٽي ٻار هئا ۽ هاڻ هُو پوٽن ڏُهٽن وارو ٿي ويو آهي. سندن ننهن اسان لاءِ گرم گرم ماني پچائِي. تاجل مون کي پراڻيون تصويرون ڏيکاريندو رهيو. موڪلائڻ وقت مون کي پنهنجا ڪجهه ڪتاب تحفي ۾ ڏنائين، جن مان هڪ جيڪو شاعريءَ جو هو، ايڏو ته ٿلهو هو جو اهو شاهه جو رسالو ٿي لڳو. اڄ افسوس ان ڳالهه جو ٿي رهيو اٿم ته اها منهنجي تاجل سان آخري ملاقات هئي. پاڻ بلڪل ٺيڪ ٺاڪ هو. اوچتو کيس ڏينهن لڳي ويو، هفتو کن اسپتال ۾ رهڻ بعد 13 ڊسمبر 2008ع تي گذاري ويو.
    تاجل بيوس جو سڄو نالو تاج محمد سمون آهي، هُو 1938ع ۾ خيرپور ضلعي جي ڳوٺ پير حيات شاهه ۾ ڄائو ۽ بنيادي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۽ گمبٽ هاءِ اسڪول مان حاصل ڪرڻ بعد سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايڪانامڪس ۾ M.A ڪئي. تعليم پوري ڪرڻ بعد هن پنهنجي ڳوٺ ۾ ماستري ڪئي ۽ انگريزي سبجيڪٽ پڙهايو. بعد ۾ تاجل سرڪاري ڪامورو به ٿي رهيو ۽ رٽائرڊ ٿيڻ کان اڳ تائين رجسٽرار پاڪستان حڪومت ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري به ٿي رهيو. پاڻ سنڌي ۽ اڙدوءَ ۾ تمام گهڻي شاعري ڪئي اٿس ۽ سندس شاعري پاڪستان ۽ انڊيا ۾ ڪيترن ئي ڳائڻن ڳائي آهي. پاڻ 44 ڪتابن جو مصنف آهي، جنهن مان 34 ڇپجي چڪا آهن. انهن ۾ هڪ اڙدو شاعريءَ جو مجموعو “اندازِ بیان اور” به اچي وڃي ٿو. تاجل بيوس کي سندس وصيت موجب چوکنڊي جي قبرستان ۾ دفنايو ويو. کيس چار پٽ: سليم، نديم، ذوالفقار ۽ بلاول آهن ۽ ست ڌيئون: نورجهان، سهڻي، سنڌو، ڪنول، بينظير، صنم ۽ خوشبو آهن.


    مٺن سُرن وارا نالا ۽ ذاتيون

    پوني ۾ هلندڙ راڳ رنگ جي محفلن ۾ ماسٽر چندر جي وڏي پٽ مهيش چندر به چڱو ملهايو. منهنجي ساڻس نيو جرسي (آمريڪا) ۾ ٻه ٽي دفعا سنڌي پروگرامن ۾ ملاقات ٿي چڪي هئي، جتي هو پنهنجي ننڍي ڀاءُ گوپال وٽ رهيل هو. مهيش ۽ گوپال ٻنهي پنهنجي پيءُ وانگر راڳ ۽ موسيقيءَ ۾ وڏو نالو پيدا ڪيو آهي. مهيش ته نه فقط سنڌي فلمن ۽ راڳ جي محفل ۾ پر هندي ڳالهائيندڙن ۾ به ايترو ئي پسند ڪيو وڃي ٿو. هُو ممبئيءَ جي شيواجي پارڪ واري علائقي ۾ رهي ٿو، پر مختلف سنڌي ۽ هندي فنڪشنن ۾ حصو وٺڻ لاءِ هُو اڪثر دبئي، لنڊن، براڊ فورڊ ۽ آمريڪا جي شهرن ۾ به نظر اچي ٿو.
    اسان جيئن ئي هوش سنڀاليو ۽ پاڙي جي هڪ گهر ۾ فونو (گراموفون) آيو، ته ماسٽر چندر ۽ جيوڻي ٻائيءَ جا راڳ ٻڌاسين. هي پنجاهه واري ڏهاڪي جا شروع وارا سال هئا. ماسٽر چندر اسان جو فئوريٽ ڳائڻو هو ۽ اڄ ڏينهن تائين رهيو آهي. سندس ڪيترائي راڳ اسڪول جي ڪتابن وارن بيتن کان وڌيڪ ياد ٿي ويا هئا. مون چندر کي 1980ع يا 1981ع ڌاري ملائيشيا ۾ ڏٺو. ڪوالالمپور جي سنڌين ماسٽر چندر کي ممبئي مان گهرائي راڳ جي محفل ڪئي هئي. منهنجو جهاز پورٽ ڪلانگ (ڪوالالمپور ڀرسان بندرگاهه) ۾ آيل هو ۽ گلوب سلڪ اسٽور (تن ڏينهن جو “بلي بلي” شاپنگ سينٽر) جي مالڪن مان سيٺ وڪيومل لاکياڻيءَ مون کي گهرايو هو. فوني ۽ ريڊيو جي اسپيڪرن بدران ڊائريڪٽ ماسٽر چندر جي واتان جڳ مشهور راڳ ٻڌي عجيب محسوس ٿي رهيو هو ڇو جو چندر نه فقط پنهنجا راڳ ٿي ٻڌايا، پر انهن جي وچ وچ ۾ ٽوٽڪا به ٿي ٻڌايا. ’اڃا ته ائٽ مان ننڍڙي آهيان...‘ ۽ جڏهن چور جهلجي ٿو پوي ته چندر راڳ روڪي ٻڌندڙن کي چيو ته چور کي جڏهن مئجسٽريٽ وٽ وٺي ويا ته هن جون وايون بتال ٿي ويون. ذري گهٽ بيهوش ٿي ٿيو... پوءِ هوش ۾ آڻڻ لاءِ هن کي ٿڌي پاڻيءَ جا ڇنڊا هنيائونس، پتاشن جو شربت...
    “ڪوڪا ڪولا پياريائونس.” اسان ٻڌندڙن مان ڪنهن چيو.
    “ماٺ ڪري ويهه،” چندر رهڙ ڏيندي چيس، “ڪٿي هئي تن ڏينهن ۾ ڪوڪا ڪولا؟”
    “وسڪي.” ڪنهن ٻئي چيو.
    “اها به تن ڏينهن ۾ ڪانه هئي.” چندر چيو.
    “ڀلا ڀنگ...”
    ...پر چندر ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري پنهنجو راڳ جاري رکيو. وري هڪ راڳ ۾ “ٻن مان چار بنائڻ وارا سنڌي...” چوڻ وقت محفل ۾ ويٺل هڪ رڙ ڪئي، “ڇا...؟”
    “رپيا ٻيو ڇا.” چندر چيس.
    “مون سمجهيو ٻار.” هن کلندي چندر کي وراڻيو.
    “ها. ها. اهي به،” چندر چيو، “انهن ۾ به سنڌي گهٽ نه آهن. توهان پاڻ ڏسو ته هتي ملايا ۾ اچڻ وقت توهان ڪيترا هُيئو؟ هينئر ٽيڻا چؤڻا نه ته ٻيڻا اڍائوڻا ضرور هوندؤ.”
    هڪ دفعو وري ٽهڪڙو شروع ٿي ويو. چندر سان گذاريل هن راڳ جي محفل ۾ سڄي رات ڀوڳ چرچا ٿيندا رهيا. هن محفل جي آڊيو ڪيسٽ جون خبر ناهي مون ڪيتريون ڪاپيون ٺهرائي سنڌ ۾ پنهنجن دوستن کي ڏنيون. مون وٽ به گهر ۾ الڳ ڪئسٽ هئي ته ڪار ۾ الڳ. هر وقت ٻڌندو رهيس ٿي... پوءِ خبر ناهي ته ڪيڏانهن هيٺ مٿي ٿي وئي. ٿي سگهي ٿو ڪوالالمپور يا سنڌ ۾ ڪنهن وٽ اها ڪئسيٽ اڃا به هجي ۽ آءٌ اهو وري ٽيپ ڪرائي سگهان.
    ملائيشيا جي سنڌي سيٺين اهو ئي پڪو پهه ڪيو، ته چندر کي هر سال ملائيشيا گهرائيندا رهنداسين، پر افسوس جو چندر وري نه اچي سگهيو. صحت صحيح نه هجڻ ڪري هُو ممبئيءَ کان ٻاهر نه نڪري سگهيو ۽ 1984ع ۾ گذاري ويو:
    ڇڏي پنهنجي سنڌونديءَ جا ڪنارا
    اباڻا اَجها ۽ ڇَنا پيارا پيارا
    پراڻن پَکن کي پٽيندا وڃن ٿا
    پکي باغ پنهنجو ڇڏيندا وڃن ٿا
    وطن کان جدا ٿي لڏيندا وڃن ٿا
    وڃن ٿا وڃن ٿا، وطن کي ڇڏيندا وڃن ٿا...
    ڇڏي قطب، بيدل ۽ بيڪس جا ديرا
    ڇڏي شاهه، سامي، ڌر پٽ جا پيرا
    درازن کان اڄ هُو ٿيندا وڃن ٿا
    پکي باغ پنهنجو ڇڏيندا وڃن ٿا...
    ماسٽر چندر کي هند ۾ “سنڌ جو تان سين” چيو وڃي ٿو. سنگيت آچاريه ماسٽر چندر (The Music Maestro of Sindh) 27 ڊسمبر 1907ع تي ٺارو شاهه ۾ ڄائو. سندس تعلق هڪ زميندار گهراڻي سان هو ۽ ماءُ پيءُ کي اڪيلو ٻار هو. مئٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ هُن پڙهائي بند ڪري پنهنجو ناتو ميوزڪ سان جوڙيو، جيڪا ڳالهه جيتوڻيڪ سندس والدين جي خواهش جي خلاف هئي.
    چندر لاءِ چون ٿا ته هن کي پنهنجي ان قابليت جي خبر تڏهن پيئي، جڏهن هُو ٻارنهن سالن جو ٻار هو ۽ سائيڪل جي مرمت ڪندي هُن پهريون راڳ ڳايو هو.
    ماسٽر چندر کي ڳائڻ جي ڪلا پنهنجي مامي بالا سجن داس کان ملي، جنهن جو ڳوٺ ۾ مندر هو. هن چندر کي تحفي ۾ هارمونيم وٺي ڏنو، جنهن کيس ميوزڪ ۽ ڳائڻ جي دنيا ۾ اڳتي وڌايو. ڪجهه وڏو ٿي چندر راڳ جي وڌيڪ سکيا امير خان ۽ عاشق خان کان ورتي، جيڪي ان وقت جا قابل ڪلاسيڪل ڳائڻا ۽ ميوزيشن هئا.
    چون ٿا ته هڪ دفعي سُريلي آواز جي مالڪ ڀڳت ڪنور رام چندر کي ڳائيندي ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کيس هن فيلڊ ۾ نالو پيدا ڪرڻ جي دعا ڪئي. هن جي ڳالهه اڳتي هلي سچ ثابت ٿي ۽ ماسٽر چندر ميوزڪ جي دنيا ۾ ليجند ثابت ٿيو.
    ماسٽر چندر، ماءُ پيءُ کي اڪيلو ٻار هجڻ ڪري هن جي والدين نٿي چاهيو ته سندن پٽ تعليم وٺي ڊاڪٽر انجنيئر ٿيڻ بدران محفلن ۾ ڳائيندو وتي، هن جي ننڍي عمر ۾ شادي ڪرائڻ (جيڪا Arranged Marriage هئي) جو مقصد به اهو هو ته هن جي ڳائڻ تان دل کٽي ٿئي، پر ائين ٿي نه سگهيو. پورن ٻن سالن بعد هن جا راڳ رڪارڊ ٿيڻ لڳا. ان وقت هن جي عمر ٻاويهه سال هئي.
    1934ع ۾، هن بمبئيءَ جي فلم انڊسٽريءَ ۾ هيرو جي حيثيت سان قدم رکيو ۽ Movie tone پروڊڪشن جي فلم “موت کا طوفان” ۾ ڪم ڪيو. ان فلم جا پروڊيوسر هئا واسواڻي ۽ مير چنداڻي. فلم جو ڊائريڪٽر مسٽر هينري نالي يورپين هو. فلم جي هيروئن ڪانتا ٿي هئي. انهن ڏينهن ۾ پلي بئنڪ سنگرس جو رواج نه هو. هيرو کي پاڻ ڳائڻو پوندو هو. ماسٽر چندر پنهنجي پهرين فلم ۾ ئي سٺي پرفارمنس ڏني. ان کان پوءِ ته ماسٽر چندر راڳ جي دنيا ۾ پنهنجي وک پٺتي نه ڪئي. هن پنهنجا راڳ “هزماسٽرس وائس” گراموفون ڪمپنيءَ وٽ رڪارڊ ڪرڻ جي ائگريمينٽ ڪئي. چندر پهريون سنڌي هو جنهن کي هن رڪارڊنگ ڪمپنيءَ ڏهه سيڪڙو ڪميشن رائلٽيءَ طور ڏني ٿي. چندر اڳتي هلي هزماسٽر وائس رڪارڊنگ ڪمپنيءَ جو ڊائريڪٽر پڻ بنيو.
    ماسٽر چندر جو اڄ به مٺو آواز هند سنڌ ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ جتي جتي سنڌي آهن گونجندو رهي ٿو. چندر منهنجو ننڍپڻ کان فئوريٽ سنگر رهيو آهي. ڊگهن ۽ ٿڪائيندڙ سامونڊي سفرن تي هن جا راڳ مون لاءِ هميشه وندر ۽ اتساهه ڏياريندڙ رهيا آهن.
    ماسٽر چندر هڪ عام ماڻهوءَ لاءِ ڳايو ٿي. هارين نارين، ڪمين ڪاسبين، مزورن پورهيتن لاءِ، جن هميشه اهو محسوس ٿي ڪيو ته ماسٽر چندر هنن جي دلين جي ڌڙڪن ۽ احساسن کي express ڪري ٿو. چندر جا راڳ انسانذات لاءِ آهن. اڄ به چندر کي هندو توڙي مسلمان شوق مان ٻڌن ٿا. هن ٻنهي مذهبن جي ماڻهن لاءِ سُک ۽ شانتي گهريا ٿي:
    سنڌ جو اڳوڻو شان عجب هو
    راحت هئي ڄڻ راضي رب هو
    رهندو هندو ۽ مومن گڏ هو
    هڪ ٻئي کي ڏيندو سڏ ۾ سڏ هو...

    بقول آمريڪا ۾ رهندڙ ڊاڪٽر اين آڏواڻيءَ جي:
    Truly it goes to the credit of Master Chander that not only he made the profession look respectable but also made singing as a vehicle of conveying various messages to the society at different times. He sang musical notes in praise of Hindu-Muslim unity when the occasions demanded.
    چندر جي راڳ جون ڪجهه سِٽون ياد ٿيون اچن:
    پرديسي هت روئندا هوندا
    ڳوڙهن سان منهن ڌوئندا هوندا
    ڌارين ۾ ڪيئن سوهندا هوندا
    سور هزارين پوئندا هوندا.
    چندر کي هر ملڪ جي امير سنڌين پاڻ وٽ رهڻ لاءِ پنهنجي خوش نصيبي ٿي سمجهيو. هن کي ممبئيءَ ۾ به هر سُک مهيا هو، پر هُو آخر تائين وطن جي وڇوڙي ۾ تڙپندو رهيو:
    چندر عمر شل وطن ۾ گذري
    وطن کان شل دشمن به نه وڇڙي
    جو دم گذري وطن ۾ گذري
    جي دم نڪري ته به وطن ۾ نڪري.
    اڄ ماسٽر چندر اسان وٽ نه آهي، پر سندس پٽ مهيش چندر پنهنجي پيءُ جي نقش قدمن تي هلي غزل ڳائڻ ۾ نالو پيدا ڪيو آهي. سندس ٻيو پٽ گوپ نيويارڪ آمريڪا ۾ رهي ٿو. جڏهن به نيويارڪ يا هڊسن نديءَ جي ٻئي پار نيو جرسيءَ ۾ سنڌين جي ڪا محفل ٿئي ٿي ته گوپ پنهنجي سُريلي آواز سان سنڌي راڳ ڳائي، پنهنجي پيءُ جي ياد ڏياري ٿو ۽ هيڏانهن، سريلنڪا ۽ ملائيشيا پاسي وري مهيش ئي گهڻو نظر اچي ٿو ۽ پاڻ ملهائي ٿو.
    مهيش چندر 3 سيپٽمبر 1942ع تي ٺارو شاهه (ضلعي نوابشاهه) ۾ ڄائو ۽ ٻارنهن سالن جي ڄمار ۾ پنهنجي پيءُ جي تربيت سبب ڳائڻ لڳو. شروع جي ڏينهن ۾ مهيش کي لتا منگيشڪر اڳيان غزل ڳائڻ جو موقعو مليو، جنهن هن جو نالو HMV رڪارڊنگ ڪمپنيءَ کي recommend ڪيو ۽ سندس غزلن جو پهريون رڪارڊ “سلسلہ زلف کا جب مکھ پے بکھر جاتا ہے” رليز ٿيو. هن رڪارڊ مهيش کي تمام گهڻي مشهوري ڏني. ان بعد يڪدم لتا، مهيش کي مرهٺي فلم ’ساڌي مانسي‘ ۾ ڪم جو موقعو ڏنو. انهن ئي ڏنهن ۾ هن کي هندي فلم ’مئخانا‘ جي ٽائيٽل گاني ڳائڻ جو پڻ موقعو مليو.
    مهيش، انڊيا ۾ ان وقت تمام گهڻي مشهوري ماڻي، جڏهن اوشا کنا جي ميوزڪ ۾ “پتھروں کا شہر” فلم جو ٽائيٽل گانو هُن کي ڳائڻ لاءِ مليو. سنڌي گانن ۾ مهيش جو پهريون راڳ “سج اُڀر نه تون، شل رات هجي” هو. انڊيا ۾ مهيش کي “Singer with Velvet Voice” جي لقب سان به سڏيو وڃي ٿو. بقول تاج جويي جي مهيش هڪ ورسٽائل، نامور راڳي ۽ ڌنون ترتيب ڏيندڙ آهي.


    شهدادڪوٽ جي شهزادي

    پوني ۾ جن اهم اديبن ۽ شاعرن سان مليس وينا شرنگي به انهن مان هڪ آهي. وينا هند توڙي سنڌ جي هڪ مڃيل ليکڪا، سڄاڻ ۽ باڪردار عورت، سماج سڌارڪ ۽ سرحدن جي لڪير جي ٻنهي پاسي وڇڙيل دلين جي ميلاپ لاءِ هڪ پُل طور سڃاتي وڃي ٿي. هُوءَ هڪ ئي وقت شاعره، براڊڪاسٽر، ڪهاڻيڪار، مضمون نويس، مقالانگار ۽ ڪالمسٽ به آهي ته سيلاني ۽ سياح به. سندس 2002ع ۾ ڇپيل “وايون وڻجارن جون” نالي يورپ جو سفرنامو، خاص ڪري اسپين جو سفر جتي وينا جا ٻه ڀائر اشوڪ ڪمار ۽ ڪانتيش ڪمار رهن ٿا، پڙهندڙن کي بيحد پسند آيو. وينا جا مختلف سبجيڪٽن تي ڪيترائي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، جن مان ڪجهه هن ريت آهن:
    • ڪيئن وساريان ويڙهيچن (يادگيريون)
    • منهنجي پيشي جا گل و خار (مضمون)
    • پکا ۽ پنهوار ڏٺي مون ڏينهن ٿيا (سنڌ جو سفرنامو)
    • اڌ کليون اکيون (ڪهاڻيون)
    • زندگي هڪ ناٽڪ (سفرنامو)
    • واسنا جو واسينگ (ڪهاڻيون)
    • اجنتا جي مورت (شاعري)
    • ليهه لداخ (سفرنامو)
    • تون ڇپر تون ڇانءَ (مضمون)
    • منهنجا معصوم سڄڻ (مونولاگ)، ۽ ڪجهه ٻيا ڪتاب.
    وينا شرنگي اڙدو ۽ هندي ۾ به لکندي رهي ٿي. سندس ڪيتريون ئي ڪهاڻيون، مضمون ۽ شاعري لاهور جي اڙدو رسالي ماهِه نو ۾ ۽ دهليءَ جي رسالي قومي آواز ۾ ڇپبي رهي ٿي.
    وينا شرنگي ننڍي کنڊ جي ورهاڱي بعد 16 فيبروري 1948ع تي پنهنجي اباڻي ڳوٺ شهدادڪوٽ ۾ مهراج گوپي ڪرشن شرنگيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. پاڻ بنيادي تعليم شهدادڪوٽ مان حاصل ڪيائين ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪيئين ۽ ان بعد 1971ع ڌاري انڊيا لڏي وئي، جتي هن جو چاچو شنڪرلعل ۽ وڏو ڀاءُ اميش چندر رهيا ٿي. پارٽيشن کان اڳهين وينا جو هي ڀاءُ اميش ۽ ٻيو اشوڪ، جيڪو اڄڪلهه اسپين جي گاديءَ واري شهر مئڊرڊ ۾ رهي ٿو، پنهنجي سؤٽ سڀاش سان گڏ ديرادون ۾ پڙهيا ٿي. اميش پهريائين دهلي ميونسپل آفيس ۾ ايڊمنسٽريٽو آفيسر ٿي رهيو ۽ آخر ۾ دهلي جي اسسٽنٽ ڪمشنر جي حيثيت ۾ رٽائرڊ ٿيو. اميش کي ٻه پٽ ڌروو (چارٽرڊ اڪائونٽنٽ) ۽ يڌشتر (MBA ) آهن، جيڪي پڻ دهليءَ ۾ رهن ٿا.
    اشوڪ واپس اچي سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1961ع ۾ جيولاجي ۾ گريجوئيشن ڪئي ۽ ان بعد ڪوئيٽا ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جي حيثيت سان ڪجهه سال نوڪري ڪئي ۽ 1964ع ۾ استعيفيٰ ڏئي لنڊن هليو ويو، جتي چارٽرڊ اڪائونٽنٽ جي ڊگري حاصل ڪيائين ۽ 1970ع تائين اتي ئي رهيو پر پوءِ بزنيس سان دلچسپي هجڻ ڪري اسپين هليو ويو، جتي سندس اليڪٽرونڪس جو بزنيس آهي. سندس زال ماريا نالي اسپيني آهي. کين هڪ ٻار سوسنا نالي ڌيءَ آهي. اشوڪ سان وينا شرنگي جو ٽيون ڀاءُ ۽ وينا کان ٻه سال ننڍو ڪانتيش به اسپين ۾ رهي بزنيس ڪري ٿو. ڪانتيش به سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايڪانامڪس ۾ ايم. اي ڪئي ۽ ڪجهه سال پاپوليشن پلاننگ ۾ نوڪري به ڪئي، پر پوءِ 1974ع ۾ استعيفيٰ ڏئي ڀاءُ وٽ اسپين هليو آيو. انهن ئي ڏينهن ۾ منهنجو جهاز اسپين جي بندرگاهه بارسلونا ۾ ۽ جڳ مشهور اسپيني ٻيٽن ڪَناري آئلنڊس (Canary Islands) جي وڏي ٻيٽ ۽ بندرگاهه لاس پاماس ۾ ايندو رهيو ٿي، جتي جو احوال آءٌ پنهنجن شروعاتي سفرنامن ۾ ڪري چڪو آهيان، ته اسپين ۾ سنڌ جا ڪيترائي هندو بزنيس مين رهن ٿا ۽ هُو نه فقط ورهاڱي کان پوءِ هنن پٽن ڏي آيا، پر ان کان به اڌ صدي اڳ آيا، جن جي ستر واري ڏهاڪي ۾ ٽين جنريشن سان منهنجي ملاقات ٿيندي رهي ٿي. کيئناڻي جهڙن واپارين جا ته جبرالٽر ۾ به دڪان هئا، جيڪو پهرين اسپين جي قبضي ۾ هو، پر پوءِ هانگ ڪانگ وانگر هڪ وڏو عرصو انگريزن حوالي رهيو.
    وينا شرنگيءَ جو ڪزن سڀاش، جيڪو وينا جي ڀائرن سان گڏ ننڍپڻ ۾ ديرادون ۾ پڙهندو هو، اهو پوءِ انڊيا ۽ يورپ جي هڪ اهم شخصيت بڻيو. سڀاش انڊيا مان فلسفي ۾ ايم. اي. ڪرڻ بعد جرمن ٻوليءَ ۾ ماسٽرس ڪئي ۽ هو يورپ جي مختلف يونيورسٽين ۽ميڙاڪن ۾ هندو مَت جي فلسفي تي جرمن ۽ فرينچ ٻولين ۾ ليڪچر ڏيندو رهيو. يورپ ۾ رهي هن فرينچ زبان تي به دسترس حاصل ڪري ورتي هئي. انهن زبانن ۾ سڀاش جا ڪتاب به آهن... چون ٿا ته سڀاش جا آخري ڏينهن ڏاڍا ڏکايل گذريا. هن جو هڪ يورپي عورت سان عشق ٿي پيو، جنهن جو انت خير خوشيءَ بدران ناڪامي جي صورت ٿي ۽ سڀاش آهستي آهستي ڊپريشن ۽ تنهائيءَ جو شڪار ٿيندو ويو. کيس پوءِ دهلي وٺي آيا، جتي سال 2002ع ۾ سندس ديهانت ٿيو.
    سڀاش جو پيءُ يعني وينا جو چاچو شنڪر لعل شهدادڪوٽ ۾ ئي رهيو ۽ شهدادڪوٽ جو پهريون وڪيل هو. دراصل شهدادڪوٽ کي ٺاهڻ ۾ وينا شرنگيءَ جي پيءُ مهرا گوپي ڪرشن جو وڏو هٿ آهي. پاڻ شهدادڪوٽ جو پهريون گريجوئيٽ آهي. هن شهدادڪوٽ جي ميونسپالٽيءَ جو بنياد رکيو، جنهن جو پاڻ پهريون صدر ٿيو. سندس جنم به هن ئي شهر ۾ 1910ع ۾ ٿيو ۽ اها گهٽي نمبر 99/1803 اڄ مهراج گوپي ڪرشن محلا جي نالي سان سڏجي ٿي. وينا جي ڏاڏي مهراج رامچند شرنگيءَ کي تعليم جو وڏو اونو هو. هن وينا جي پيءُ کي پرائمري تعليم شهدادڪوٽ مان ڏيارڻ سان گڏ پاڻ گهر ۾ وينا جي پيءُ کي گرمکي ۽ هندي لکڻ پڙهڻ سيکاري ۽ پوءِ کيس 1936ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ موڪليو.
    وينا جي پيءُ مهراج گوپي ڪرشن کي سياسي، سماجي ۽ تعليمي ڪمن سان وڏي دلچسپي هئي. هن مولانا محمد علي جوهر ۽ مولانا شوڪت علي جوهر جهڙن کي شهدادڪوٽ گهرايو. مهراج گوپي ڪرشن، سوڀي گيانچنداڻي سان گڏ Law پڙهيو. 1965ع واري جنگ دوران شيخ اياز، سوڀي گيانچنداڻيءَ سان گڏ ٽيون مهراج گوپي ڪرشن هيو، جيڪو به ٽي مهينا کن سکر جي سينٽرل جيل ۾ رهيو. مهراج جي زندگيءَ ۽ سندس سماجي خدمتن بابت احوال ميونسپل ايمپلائيز يونين لاڙڪاڻي طرفان “لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو” ۾ ڏنل آهي. هي ڪتاب 800 کن صفحن جو آهي ۽ 1984ع ۾ ڇپيو آهي. ان کان علاوه “شاداب شهدادڪوٽ” ڪتاب ۾ به مهراج جي خدمتن جو احوال آهي، جيڪو لاڙڪاڻي جي ايڊيشنل سيشن جج اسلم شيخ جو لکيل آهي. تازو شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور مان سوشالاجي ۾ ايم. اي ڪندڙ شهداڪوٽ جي شيخ جاويد سنڌيءَ به پنهنجي ٿيسز ۾ مهراج گوپي ڪرشن ۽ ان جي فئملي بابت تفصيلي احوال لکيو آهي. ڊاڪٽر شيخ جاويد جي ٿيسز جو عنوان آهي:
    The Social, Administrative and literary services of Maharaj Gopi Krishan for Shahdadkot, Sindh.
    بهرحال ٻيون ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي، پر وينا جي والد مهراج گوپي ڪرشن جي تعليم لاءِ چاهت تعريف جوڳي آهي. اڄ جڏهن جتي ڪٿي ڪاليج يونيورسٽيون آهن ته به ڪيترائي شهرن جا ڇوڪرا به صحيح طرح علم خاطر تعليم نٿا حاصل ڪن. مهراج شهدادڪوٽ ۾ رهي ڪري نه فقط پنهنجن پٽن کي پر نياڻين کي به تعليم جي زيور سان آراسته ڪيو. وينا جي باقي ٻن ڀينرن پروميلا ۽ شاليني به شهدادڪوٽ مان ئي گريجوئيشن ڪئي ۽ اهي ٻئي دهليءَ ۾ پنهنجن مڙسن سان گڏ رهن ٿيون. شهدادڪوٽ ۾ اڄڪلهه وينا جا فقط ٻه ڀائر رميش لعل ۽ راجيندر رهن ٿا. ٻئي Law جا گريجوئيٽ آهن. راجيندر سان منهنجي هن مضمون لکڻ دوران ڪراچيءَ ۾ ملاقات ٿي. هن ٻڌايو ته هن جي زال سيما انڊيا جي شهر جبلپور جي آهي ۽ کين ٻه ڌيئون واسودا ۽ ڊڪشا آهن. واسودا دهلي يونيورسٽيءَ مان هوٽل مئنيجمينٽ ۾ گريجوئيشن ڪئي ۽ اڄڪلهه دبئيءَ ۾ نوڪري ڪري ٿي، جتي سندس ننڍي ڀيڻ ڊڪشا امريڪن يونيورسٽيءَ مانInterior Decoration ۾ گريجوئيشن ڪري رهي آهي.
    رميش شهدادڪوٽ ۾ زمينداري، بزنيس ۽ وڪالت ڪري ٿو ۽ اتي جي هندو پنچائت جو صدر به آهي. سندس زال ارواشي ۽ راج (راجنيدر) جي زال سيما ٻئي ڀينرون پڻ آهن. رميش کي سدارٿ ۽ ڪپل نالي ٻه پٽ آهن. ڪجهه سال اڳ اغوا جو بدنصيب واقعو رميش جي پٽ ڪپل سان ٿيو هو. هُو ڪراچي جي سٽي اسڪول ۾ پڙهيو ٿي، جتان هن کي ڳوٺ جا ئي ڇوڪرا اغوا ڪري ويا هئا، جن وٽ هُو چار مهينا کن يرغمال رهيو. هن واقعي جو ڏک هندو توڙي مسلمان برادري ۾ هڪجهڙو محسوس ڪيو ويو. ڪپل اڄڪلهه دهليءَ ۾ پڙهي رهيو آهي.
    وينا شرنگيءَ جي ناناڻي آڪهه به پڙهيل ڳڙهيل هئي. سندس ماءُ ستي ديوي ڪراچيءَ جي مشهور جيٽلي فئمليءَ مان هئي. وينا جو مامو واسديو جيٽلي ورهاڱي وقت سکر ۾، ايڊيشنل سيشن جج هو ۽ وڏو مامو چندرسين جيٽلي ڪراچيءَ جي سياست ۾ تمام گهڻو active رهيو. سندس ڪلاس ميٽ مشهور تعليمدان بي. ڪي. شيخ (جيڪو هندوءَ مان مسلمان ٿيو هو) پڻ هوندو هو. يوسف هارون، محمود هارون، حاتم علوي ۽ گبول صاحب سندس سياسي ساٿي هئي. ڪراچيءَ جي اولڊ ٽائون جي هڪ گهٽي ’گنگاڌر لين‘، وينا شرنگيءَ جي پڙ ناني (يعني سندس ناني سهج رام جيٽلي جي پتا) جي نالي سان اڄ تائين قائم آهي.
    وينا شرنگيءَ جي ماءُ ستي ديويءَ نه فقط گهر جي ڪمن ڪارين کي منهن ڏنو ۽ ٻارن کي پڙهايو، پر لوڪل سياست ۾ به حصو ورتو. پاڻ عورتن جي حقن ۽ ملڪ جي آزاديءَ لاءِ جاکوڙيندڙ عورتن جي تحريڪ ’ناري منڊلي‘ جي هيڊ هئي ۽ سماجي ۽ سياسي مسئلن جي حل ڪرڻ ۾ حصو ورتو ٿي. پاڻ انگريزن جي خلاف تحريڪ Quit India (انڊيا ڇڏيو) واري تحريڪ ۾ به ڀرپور حصو ورتو. سمجهو ته ستي ديوي پنهنجي وقت جي ٻي عطيه دائود، امر سنڌو يا عرفانا ملاح هئي.


    وينا vs هيلن

    سچي ڳالهه اها آهي، ته پوني ۾ وينا شرنگي سان ملاقات کان اڳ مون نه سندس ڪو ڪتاب پڙهيو هو ۽ نه ڪا هن جي فئملي ۽ سندس انڊيا ۾ نوڪريءَ جي ڄاڻ هيم. مون سندس نالو 1989ع ڌاري ملائيشيا ۾ هڪ سنڌي اديب کان ٻڌو، جيڪو هن سان سنگاپور يا شايد دهليءَ ۾ ملي آيو هو ۽ سندس ادبي خدمتن کان وڌيڪ، هن جي سونهن سوڀيا جي تعريف ڪري رهيو هو. ايتريقدر جو مون سان گڏ ملائيشيا ۾ نوڪري ڪندڙ درٻيلي جي ڪئپٽن احمد حسين مخدوم هن کي چرچي ۾ چيو ته وينا شرنگي مڃون ٿا ته سنڌي ليکڪائن ۾ حَسِين هوندي، پر هُوءَ ڪيترا جهاز لانچ (Launch) ڪري سگهي ٿي؟ ان تي هُو مُنجهي پيو هو ته ڪهڙو جواب ڏيان.
    جيئن گرمي يا سرديءَ جو درجهءِ حرارت (پد) ٿرماميٽر جي ڊگرين ذريعي ٻڌايون ٿا، يا اسٽيٿا اسڪوپ ذريعي دل جي ٿڙڪڻ جو انگ ٻڌايون ٿا، بلڪ ڪنهن مقرر يا معياري شيءَ سان ٻي شيءِ جي ڀيٽ ڪريون ٿا، تيئن اڄ کان پنجاهه سال کن اڳ جڏهن بنگلاديش جي شهر چٽگانگ ۾ جهازرانيءَ جي تعليم وٺندا هئاسين ته اسان لاءِ حسن جو معيار “هيلن” هوندي هئي، جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ سندس عاشق هڪ هزار جهاز لانچ ڪرايا هئا يعني مقابلي لاءِ هُو هڪ هزار جهاز ويڙهاڪن ۽ جنگجو سپاهين جا ڀري ويو هو.
    جهاز سمنڊ ۾ هلڻ کان اڳ پهرين خشڪ گوديءَ ۾ ڪاٺي ڪاٺي ڪري ٺاهيو وڃي ٿو. ان بعد جهاز کي خشڪ گوديءَ مان ڌڪو ڏيئي سمنڊ ۾ لاٿو وڃي ٿو ۽ ان عمل کي جهاز جي لانچنگ سڏجي ٿو.
    يوناني مِٿ ۾ هيلن جو قصو مشهور آهي ته هُوءَ بيحد سهڻي هئي، جنهن سان هر رياست جو شهزادو شادي ڪرڻ لاءِ آتو هو بهرحال هن جي شادي مينيلوس سان ٿي، جيڪو مائٽن کي اڪيلو ٻار هجڻ ڪري اسپرٽا (Sparta) سلطنت جو بادشاهه ٿيو. ڪجهه سالن بعد ٽراءِ (Troy) بادشاهت جو شهزادو پئرس (جيڪو اليگزنڊر به سڏيو ويو ٿي) هيلن سان شادي رچائڻ لاءِ اسپرٽا پهتو. ڪن جو چوڻ آهي ته حَسِين ترين ديوي يعني هيلن پاڻ به پئرس کي چاهيو ٿي ۽ پنهنجي پهرئين مڙس ۽ ان مان ڄاول ڌيءَ کي به ڇڏڻ لاءِ تيار هئي. سندس يار پئرس کيس اسپرٽا مان ڀڄائي، پنهنجي شهر ٽراءِ ۾ وٺي آيو. بعد ۾ مينيلوس ٻين يوناني بادشاهن کي به شامل ڪري، ٽراءِ شهر تي حملو ڪيو، جنهن لڙائيءَ کي “ٽروجن جي لڙائي” (Trojan War) سڏجي ٿو. هن قصي ۽ لڙائيءَ جو تفصيلي احوال هومر پنهنجن ٻن ڊگهن نظمن Epic Cycle ۽ Iliad ۾ ڪيو آهي.
    1927ع ۾ جڏهن اڃا آواز واريون فلمون نه نڪتيون هيون، ته The Private life of Helen تي فلم ٺهي هئي، جيڪا جان ارسڪن جي ناول Helen of Troy تان ٺاهي وئي هئي، پر هيلن کي گهڻو مشهور انگريز شاعر ڪرسٽافر مارلوو پنهنجي شعر “دي فيس دئٽ لانچڊ...” ذريعي ڪيو، جنهن جون پهريون ٽي سٽون اسان کي به اسڪول جي ڏينهن کان ياد آهن، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته شاعر کي خواب ۾ يا شايد خيالن ۾ جڏهن هيلن سندس سامهون بيٺل نظر آئي ته هن چيو:
    ڇا هي آهي اهو چهرو, جنهن لاءِ هڪ هزار جهاز لاٿا ويا؟
    ۽ ايليم شهر جا آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ ٽاور ساڙيا ويا؟
    منهنجي مِٺي هيلن!
    پنهنجي هڪ چُميءَ سان مون کي به لافاني بنائي ڇڏ.
    Was this the face that launch’d a thousand ships,
    And burnt the topless towers of llium?
    Sweet Helen!
    Make me immortal with a kiss.
    هيلن کي حاصل ڪرڻ لاءِ يونان جا بادشاهه ٽروجن جي لڙائيءَ ۾ خبر ناهي ڪيترا جهاز هاڪاري ويا هئا، پر هتي شاعر ڪرسٽافر مارلوو پنهنجي شاعراڻي خيال کان هڪ هزار جو انگ استعمال ڪيو آهي، جيڪو اسان جهڙن جهازرانن، هيلن جي سونهن جو معيار رکيو آهي، جيڪا يوناني mythology جي ديوين ۾ حسين ترين راڻي (ديوي) مڃي وئي ٿي.
    پاڻ هتي سنڌيءَ جي مشهور ليکڪا، شاعره ۽ مٺي سُر واري وينا شرنگي جي ڳالهه پئي ڪئي، ته پوني ۾ ساڻس ملڻ تائين مون کي هن بابت گهڻي ڄاڻ نه هئي. مون سندس نالو اڄ کان 20 سال اڳ ملائيشيا ۾ هڪ سنڌي اديب کان ٻڌو، جنهن وينا جي حُسن جي به تعريف ڪئي هئي. پوني ۾ پهرئين ڏينهن نيرن تي جن ٻين سنڌي اديبن، شاعرن ۽ فنڪارن سان ملاقات ٿي، انهن ۾ وينا شرنگي به شامل هئي، پر ان وقت ماڻهن جي ميڙاڪي ۾ آءٌ وينا جو نالو ٻڌي سگهيس ۽ نه سندس شڪل ياد رکي سگهيس. شام جو آءٌ گيسٽ هائوس جي ٻاهران ساڌو واسواڻي چوڪ وٽ بيهي ساڌوءَ جي مورتيءَ جي تصوير ڪڍي رهيو هئس، ته پري کان هڪ عورت جيڪا ڪٿان خريداري ڪري موٽي رهي هئي ۽ سندس هٿ ۾ شاپنگ بئگ هئي، منهنجي ويجهو اچي سنڌيءَ ۾ چيو، “الطاف صاحب توهان مورتيءَ جي اڳيان ٿي بيهو ته توهان جي ڪئميرا سان توهان جي تصوير ڪڍان.”
    دراصل مون به اهو ئي چاهيو ٿي ته ڪو راهه ويندڙ منهنجي تصوير ڪڍي. هن عورت کي خبر ناهي ڪيئن اها ڳالهه دل ۾ آئي! ۽ ڇا هن سان پهرين ڪٿي ملاقات آهي، جو هُوءَ منهنجي نالي کان به واقف لڳي ٿي. مون لاءِ اها حيرت جي ڳالهه هئي. ان ڪري هن جيئن ئي فوٽو ڪڍيو ته چيومانس، “معاف ڪجو مون توهان کي نه سڃاتو؟”
    “اڃا صبح ته نيرن تي مليا آهيون. آءٌ وينا شرنگي آهيان ۽ دهليءَ کان هتي آئي آهيان.”
    “وينا شرنگي!” مون کي ملائيشيا جي ڳالهه ياد اچي وئي. مون هن کي غور سان چتائي ڏٺو. سٺ سالن جي عمر ۾ به هُوءَ سنهي، سمارٽ ۽ سهڻي لڳي رهي هئي.
    مون کيس کِلندي ملائيشيا واري ڳالهه ٻڌائي ۽ پوءِ چيومانس، “توهان ته اڄ به سؤ ٻه سؤ جهاز لانچ ڪرائي سگهو ٿا.”
    وينا منهنجي چرچي کي وڏي دل سان چرچي طور ئي ورتو ۽ ٻڌايو ته سندس ماءُ پنهنجي وقت جي هڪ بيحد سهڻي عورت هئي.
    ان ۾ڪو شڪ ناهي ته وينا شرنگيءَ جي ماءُ مئڊم ستي ديوي جيٽلي خوبصورت ناري ٿي گذري آهي، جنهن لاءِ وينا پنهنجي اسپين، انگلينڊ ۽ آمريڪا واري سفرنامي “وايون وڻجارن جون” ۾ صفحي 98 تي لکيو آهي ته، “امڙ جي جوانيءَ جون تصويرون ڏسي لبن تي واهه! واهه! اچيو وڃي. اکيون وڏيون ويڪريون. رونش ٺاهوڪا. قد بت تمام سٺو. چهرو چنڊ جهڙو خوبصورت! خوشبوءَ سان ته کين بيحد پيار هو...”
    پوني ۾ رهائش دوران هڪ ڏينهن وينا شرنگيءَ کي چيم، “وينا هڪ ڳالهه ته ٻڌائي؟”
    “ڪهڙي؟” هن پڇيو.
    “تون شادي شده نه آهين؟”
    “نه. مون شادي نه ڪئي.” وينا چيو.
    “ڇو ڀلا! توهان جهڙي سهڻي ۽ تعليم يافته کي ڪو پسند جو ڇوڪرو نه ملي سگهيو ڇا؟ اولاد بهتر تربيت يافته هجڻ لاءِ توهان جهڙين عورتن کي ته ضرور شادي ڪرڻ کپي.”
    “دراصل ڳالهه اها ناهي ته مون شادي نٿي ڪرڻ چاهي.” وينا ٻڌايو، “ڳالهه اها آهي ته اسان هندن ۾ ذات پات جو وڏو چڪر آهي. اسين برهمڻ آهيون ۽ هتي نئين ڏيهه ۾ ڪو جوڳو ڇوڪر ڳولڻ مشڪل ٿي پيو. ڪو برهمڻ ڇوڪر مليو به ٿي، ته هن جي مائٽن کي وهم ۽ وسوسا ٿي ٿيا ته خبر ناهي هيءَ اڪيلي ڇوڪري، جنهن جا والدين سنڌ ۾ آهن، برهمڻ جاتيءَ سان تعلق رکي ٿي يا نه... ۽ ائين پوءِ وقت جو پکيئڙو اُڏرندو رهيو ۽ اچي هيءَ عمر ٿي آهي.”
    وينا شرنگيءَ جي ڪويتائن جو ڪتاب “اجنتا جي مُورت” هند سنڌ ۾ بيحد مشهور آهي، جنهن جا ڪيترائي حصا اڙدو ۽ هنديءَ ۾ به ترجمو ٿي چڪا آهن. نموني خاطر سندس هڪ ڪويتا ڏئي رهيو آهيان، جيڪا لاهور مان نڪرندڙ اڙدو رسالي ’ماهِه نو‘ ۾ پڻ “بابل کے آنگن میں” جي عنوان سان ڇپجي چڪي آهي:
    منهنجي سفر جو آغاز،
    ۽ منهنجي منزل جو انت،
    امڙ تنهنجو غير موجودگيءَ ۾،
    ان وقت ٿيو جڏهن،
    ورهين پڄاڻان،
    پنهنجي اباڻي اڱڻ ۾ پير پاتم.
    ويڙهيچن ۾ اهڙو واءُ وريو،
    جنهن پنهنجي نفرت جي دز سان،
    رشتن ناتن کي لَٽي ڇڏيو.
    سڀ ڪجهه پنهنجو هوندي به،
    پنهنجو ڪجهه به نه آهي،
    اباڻن جي سائي جي محرومي،
    تصور ڪندي ئي،
    اکڙين مان آب ڇلڪڻ بدران،
    موتي بڻجي،
    اتي ئي اٽڪي پيو.
    اڌمن جي آنڌي،
    طوفان جو روپ ڌاري،
    من اندر پيهي ويو.
    ۽ وينا شرنگيءَ جي پسند تي سندس هڪ ٻي ڪويتا جون چند سٽون:
    مان گهاٽي وڻ جي ڇانوَ آهيان،
    هر راهي رهگذر لاءِ،
    راحت آهيان،
    پر پوءِ به هر ڪنهن،
    منهنجا ڇوڏا لاٿا آهن.
    وينا شرنگيءَ کي ننڍي هوندي کان ئي ادب، تقرير ۽ تحرير سان شوق هوندو هو. هُن ڀارت ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب لاءِ تمام گهڻو جاکوڙيو آهي. مارئي تنظيم کان علاوه پاڻ دهلي سنڌي اڪيڊميءَ جي گورننگ باڊي ۽ لٽريري ڪميٽيءَ جي ميمبر طور خدمتون سرانجام ڏيندي رهي آهي. پاڻ هند توڙي سنڌ ۾ منعقد ٿيل، ڪيترين ڪانفرنسن ۽ ادبي ميڙاڪن ۾ شرڪت ڪري چڪي آهي. ان کان سواءِ 1990ع ۾ آمريڪا ۾ سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا SANA طرفان سڏايل ڪانفرنس ۽ 1995ع ۾ ورلڊ سنڌي ڪانگريس طرفان لنڊن ۾ سڏايل ڪانفرنس ۾ پڻ شرڪت ڪري چڪي آهي.
    وينا شرنگيءَ کي ادبي ۽ فني خدمتن عيوض ڪيترائي انعام، ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آهن. جن ۾ 1994ع ۾ دبئيءَ جي ايسٽوري ٻائي فائونڊيشن طرفان مليل “Women of the year” جو خطاب، 1995ع ۾ ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻيءَ جي ياد ۾ مليل گولڊ ميڊل ۽ آل انڊيا سنڌي سدا رنگاڻي جي ياد ۾ مليل گولڊ ميڊل ۽ آل انڊيا سنڌي ڪلچرل سوسائٽي جئپور راجستان طرفان مليل ٽرافي شامل آهي. کيس بينظير ڀٽو صاحبه جي انٽرويو وٺڻ جو اعزاز پڻ حاصل آهي.


    هند سنڌ جو سيٺ ڏوڏيجا

    پوني ۾ رهي، پوني جي هڪ جهوني صحافي، اديب ۽ واپاري لوڪرام ڏوڏيجا جو ذڪر نه ڪرڻ ناانصافي ٿيندو. جناب لوڪرام ڏوڏيجا جيتوڻيڪ چار پنج ڪتاب لکيا ۽ اهي به وڏيءَ عمر ۾، پنجهتر سال گذرڻ بعد پر سندس هڪ ڪتاب “منهنجا وطن منهنجا ماڻهو” هند سنڌ ۾ تمام گهڻو مشهور ٿيو ۽ ٻنهي هنڌن ڇپيو ويو.
    هن ڪتاب ۾ لوڪرام سنڌ جي تاريخ، سنڌ جا جانور خاص ڪري ٿر جا نانگ ۽ بلائون، ريگستان ۾ مور ۽ هرڻ ٿيڻ جا سبب، باز سان هرڻ شڪار ڪرڻ جا طريقا، ڪوهستان جا مرد ۽ عورتون، سنڌ ۾ تيرٿ ۽ زيارتون، سنڌ جي شهرن، گهٽين ۽ حويلين جو ماحول، شڪارپور جا مانجهي مرد، سنڌي ٻولي ۽ ادب، هندو زالون، سنڌ جا مختلف کاڌا، ويندي بِهه، لوڙهه، پٻڻ، گيدوڙن، ليسوڙن، ڀنگ، ڀوڻينڊن، پاپڙن ۽ پڪوڙن جو ذڪر ٿيل آهي. ان کان علاوه، هن ڪتاب ۾ سنڌي هندن ۽ مسلمانن جي ذاتين بابت، ريتن، رسمن ۽ رواجن بابت، هنرن ۽ ڌنڌن بابت، چورن ۽ ڌاڙيلن، ڪڃرين ۽ ڀڳتن بابت دلچسپ ڳالهيون آهن. ان کان علاوه سنڌ ۾ ٿيندڙ ميلن ملاکڙن، ڪڪڙن ۽ تترن جي ويڙهه، گهوڙن ۽ ڏاندن جي شرطن کان بي جوڙ شادين، ڇوڪري بازي (Homosexuality)، مُلن مولوين، پيرن مرشدن، پنڊتن ۽ ساڌوئن بابت حيرت انگيز ڳالهيون ڏنل آهن. هي ڪتاب انڊيا ۾ پهرين ديوناگري سنڌيءَ ۾ ڇپيو. ان بعد پنج سال رکي، 1983ع ۾ عربي لکت وار سنڌيءَ ۾ ڇپيو، جيڪا اسان وٽ سنڌي ۾ لکت ۾ اچي ٿي. 575 صفحن جي هن ڪتاب ۾ ڪيترائي صفحا رنگين ۽ بليڪ ائنڊ وائيٽ تصويرن جا آهن. ڪي تصويرون ته اسڪيچ ورڪ واريون به آهن. ڏهن سالن بعد 1993ع ۾ هي ڪتاب سنڌ ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد وارن پڻ ڇپرايو. ڪمپيوٽر تي ۽ سنهي ۽ ڳُتيل ڇپائي هجڻ ڪري هن سنڌ واري ايڊيشن ۾ 412 صفحا آهن.
    هن ڪتاب ۾ ذڪر ڪيل حالتن جو عرصو مصنف جي سانڀر يعني 1912ع کان 1947ع تائين سمجهڻ کپي، جنهن لاءِ مصنف لوڪرام لکي ٿو ته ننڍپڻ جا ڏينهن، خاص ڪري 1920ع ۾ پئسي ۾ ڏاڍي برڪت هئي. ٻن رپين ۾ چانور ۽ ڏيڍ رپئي ۾ ڪڻڪ جو مڻ ۽ چار آنن ۾ سير گوشت ملندو هو.
    لوڪرام ڏوڏيجا جا جيڪي ڪتاب منهنجي نظرن مان گذريا آهن اهي هن ريت آهن:
    • منهنجو وطن منهنجا ماڻهو
    • اپڻي گهوٽ ته نشا ٿيوي
    • ورهاڱي جون لڱ ڪانڊاريندڙ آکاڻيون
    • سڪارٿو سفر
    • مهاڀارت، وغيره.
    لوڪرام (سڄو نالو لوڪرام پيسُومل ڏوڏيجا) سنڌ جي شهر شڪارپور ۾ 4 نومبر 1907ع ۾ ڄائو. سندس پيءُ پيسومل ڏوڏيجا جو به جنم شڪارپور ۾ (1870ع) ۾ ٿيو. لوڪرام 26 سالن جو هو ته سندس پتا 1933ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ گذاري ويو. لوڪرام بنيادي تعليم شڪارپور مان ورتي، جيڪو شهر تن ڏينهن ۾ نه فقط سنڌ هند ۾ پر ايشيا ۽ آفريڪا جي اوڀر ڪناري وارن ملڪن ۾ ناميارو شهر سمجهيو ويو ٿي. “انهن ڏينهن ۾”، بقول لوڪرام جي “ڪارون ۽ ريلون نه هيون. قافلن ذريعي واپار هلندو هو. ايران، خراسان، ترڪستان، سمرقند بخارا ۽ روس وغيره جا واپاري اُٺن، گهوڙن ۽ خچرن تي مال رکي اڙانگا جابلو پنڌ ڀوڳي هندستان جي پهرين مکيه شهر شڪارپور ۾ اچي ساهه پٽيندا هئا.” شڪارپور ۾ ڪيترائي اسڪول هئا. هوپ فل اڪيڊمي لوڪرام جي ڄمڻ کان به ست سال کن اڳ 1900ع ۾ شروع ٿي چڪي هئي. ان کان اڳ شڪارپور ۾ 1873ع ۾ هاءِ اسڪول کُليو هو، جنهن جو پهريون هيڊ ماستر مرزا صادق علي (مرزا قليچ بيگ جو وڏو ڀاءُ) ٿيو هو. 1918ع ۾ جڏهن لوڪرام ڏوڏيجا ان اسڪول ۾ پڙهندو هو ته انهن ڏينهن ۾ ان اسڪول جو هيڊ ماستر ديوان خوبچند چئناڻي هوندو هو، جنهن جو پٽ حشمت بمبئي هاءِ ڪورٽ جو چيف جج ۽ بمبئيءَ جو گورنر به ٿيو. سنڌجو گورنر سر غلام حسين هدايت الله به ان هيڊ ماستر وٽ پڙهيو هو. انهن اسڪولن کان سواءِ لوڪرام جي ڏينهن ۾ شڪارپور ۾ ٽيون اسڪول “نيو ايرا ماڊل هاءِ اسڪول” جي نالي سان به کُليو هو.
    بهرحال تعليم مڪمل ڪرڻ بعد لوڪرام پنهنجو اباڻو ڌنڌو يعني واپار وڙو شروع ڪيو. لوڪرام لاءِ مشهور آهي ته 1922ع ۾ جڏهن هُو تيرنهن سالن جو ڇوڪرو هو ته هن کي ساڌو ٿيڻ جو شوق ٿيو ۽ هڪ ڏينهن هُن پنهنجي دوست جي. وي. ڏيساڻيءَ سان گڏ، گهر ڇڏي هماليا جي جبلن ڏي روانو ٿيڻ جو ارادو ڪيو، پر رستي تي بيمار ٿي پوڻ ڪري، هُو هردوار شهر ۾ ترسي پيا، جتي لوڪرام جو وڏو ڀاءُ هن کي ڳوليندو ڳوليندو اچي نڪتو ۽ لوڪرام کي وٺي واپس شڪارپور موٽي آيو.
    لوڪرام ٻه شاديون ڪيون. پهرين 1930ع ۾ موهن داس منيال جي ڌيءَ بستي منيال سان جنهن مان فقط هڪ پٽ گرڌاري لعل ٿيس. ان بعد ٻي شادي مٿرداس روهڙا جي ڌيءَ ڪملا سان 1932ع ۾ ٿيس. ٻئي شاديون شڪارپور ۾ ٿيون. ڪملا مان کيس ست ٻار ٿيا، جن مان پرهلاد، ڀڳوان، راڻي، بنسيدر ۽ سرسوتي شڪارپور ۾ ڄاوا ۽ سڀدرا ۽ منوهر پوني ۾ ڄاوا.
    لوڪرام تعليم ختم ڪرڻ بعد الائيڊ بئنڪ ڪراچيءَ ۾ ڪلارڪ طور ڪم شروع ڪيو. ان سان گڏ “سنڌ اسٽيشنري مارٽ” جي نالي سان اسٽيشنري جو ڌنڌو به جاري رکيو. 1940ع ۾ هن پنهنجي ڀيڻوئي ڪرمچند، دوست ڪنيا لعل ساولداس ۽ مسٽر وليچا سان گڏجي حيدرآباد ۾ انڊس گلاس فئڪٽري لڳائي.
    انگريز ڪرنل ٽاڊ جي جوڙيل راجستان جي اتهاس ۾ ڏوڏا نالي هڪ نهايت حشمت واري حاڪم جو ذڪر آهي، جيڪو عيسوي ڇهين صدي ڌاري ٿي گذريو آهي. هُو هڪ رواجي سردار جو پٽ هو، پر پنهنجي سورهيائيءَ ۽ دٻدٻي سان هاڻوڪي جيسلمير ۽ بهاولپور ويجهو حڪومت برپا ڪئي هئائين. هن راجا ڏوڏا جو اولاد سندس ئي نالي پٺيان سڏجي ٿو. راجا ڏوڏا کي ٻارنهن پٽ هئا، جي سندس چالاڻي کان پوءِ پاڻ ۾ نه ٺهي هليا ۽ سڄي حڪومت ئي ڊانواڊول ٿي وين. هن وقت امرتسر، ملتان، لوئر پنجاب، بهاولپور ۽ شڪارپور ۾ ڏوڏا خاندان جا ڪيترائي گهر آهن، جيڪي پنهنجي گهراڻي جي هستي قائم رکندا آيا آهن...
    ڪاڪي ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ جو جيڪو “سنڌ جي هندن جي تاريخ” تي ورهاڱي کان سال کن اڳ، ٻن جلدن تي مشتمل ڪتاب لکيو آهي، ان ۾ شڪارپور جي هن خاندان ڏوڏيجا جو پڻ ذڪر ڪيو آهي. هو لکي ٿو ته:
    “شڪارپور ۾ ڏوڏيجن جا اٽڪل ٻه سؤ گهر آهن، جن مان پنجاهه کن گهر ڀائي سنتداس ڏوڏيجا جي اولاد جا آهن. (سنتداس ڏوڏيجا اسان واري اديب لوڪرام ڏوڏيجا جو پڙ ڏاڏو ٿيو، جيڪو 1785ع ۾ ڄائو هو ۽ 1867ع ۾ ديهانت ڪري ويو.) ڀائي سنتداس جو پتا ڀائي رهنداس ڏوڏيجا (1811ع-1731ع) هڪ وڏو واپاري هو ۽ عيسوي ارڙهين صديءَ جي آخر ڌاري ٿي گذريو آهي. سنتداس جي پٽ تاراچند کي شڪارپور ۾ ٽامي ۽ پتل جي ديڳين ٺاهڻ جو وڏو ڪارخانو هوندو هو. شڪارپور جا ٺاٺارا ۽ تاراچند جون ديڳيون هنڌين ماڳين مشهور هونديون هيون. قنڌار، قلات ۽ ايران کان قافلا انهن ديڳين خريد ڪرڻ لاءِ ايندا هئا.
    ڀائي تاراچند کي ست پٽ هئا، جن مان لوڪرام جو پيءُ پيسومل ٽئين نمبر تي هو. لوڪرام جي وڏي چاچي ليکراج، قنڌار، چمن ۽ قلات جي پٺاڻن سان واپار ڪندي، سڄي عمر ڪوئيٽا ۾ گذاري ۽ 1921ع ۾ گذاري ويو. لوڪرام جا ٻيا چار چاچا (چيلارام، جيرامداس، ڊيڊارام ۽ ٽوپڻ داس) بلخ، بخارا، سمرقند وغيره ايندا ويندا رهيا ٿي، جتي هنن جون واپاري ڪوٺيون قائم هيون ۽ چڱو ناڻو ڪمايُن ٿي. هن آڪهه جي وڏن جون هنڊيون، دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ هلنديون هيون. ٽوپڻداس ۽ ڊيڊارام پنهنجن ستن پٽن، ننهن ۽ گهر واريءَ سميت 1935ع واري ڪوئيٽا جي زلزلي ۾ زمين ۾ دٻجي ويا. رڳو ٻه نياڻيون بچيون، جن جي ورهاڱي کان سال ٻه اڳ شڪارپور ۾ ئي شادي ٿي وئي.
    لوڪرام جي پيءُ پيسومل کي ننڍي لاڪون وديا پرائڻ ۽ سنسڪرت سکڻ جو گهڻو چاهه هوندو هو. مئٽرڪ جو امتحان به سنسڪرت ۾ پاس ڪيائين، سو به ان وقت جڏهن سنڌ ۾ عام طرح فارسي پاڙهڻ ۾ ايندي هئي ۽ سنسڪرت سيکارڻ جو اسڪولن ۾ بندوبست ئي ڪونه هوندو هو. ڀيرومل مهرچند آڏواڻي “سنڌ جي هندن جي تاريخ” ۾ لکي ٿو ته اڳتي هلي پيسو مل سنسڪرت ۾ ايتري قدر ته قابل ٿيو، جو وقتي سنڌ جا ڪي پنڊت پنهنجون مشڪلاتون کانئس حل ڪرائيندا هئا. پاڻ لاڙڪاڻي ۾ ڪجهه وقت هندي سيکارڻ لاءِ هڪ نائيٽ اسڪول کولرايائين. اوڻهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ وڪالت جو امتحان ڏيئي، لاڙڪاڻي ۾ پنجٽيهه ورهيه وڪالت ڪيائين. هُو ميراڻي پوشاڪ پائيندو هو ۽ عام طرح “ديوان پيسومل” سڏبو هو. لاڙڪاڻي جي بار ايسوسيئيشن جو سيڪريٽري هو ۽ ڪجهه وقت صدر به ٿي رهيو. سندس ديهانت 1931ع ۾ ٿيو.
    سو مٿين ڳالهين مان ڏٺو وڃي ته شڪارپور جي هي ڏوڏيجا فئملي، خاص ڪري ديوان پيسومل ڏوڏيجا نه فقط بزنيس ۾ پر تعليم ۾ به مٿاهان هئا، جنهن جو اثر لوڪرام تي به ٿيو. هن نوڪري ڪئي، ڪاميابيءَ سان ڌنڌو (اسٽيشنري جو) هلايو، ڪارخانو هلايو، (حيدرآباد جي انڊس گلاس فئڪٽري ۾ ڇهه سؤ کن ماڻهن ڪم ڪيو ٿي ۽ 250 قسم جون بوتلون ۽ گلاس ٺهيا ٿي، جن جو وڪرو نه فقط سنڌ ۾ پر بمبئي، جوڌپور، اڌيپور، اجمير، ڪاٺياواڙ، گجرات، مدراس، دهلي، راولپنڊي، پشاور، افغانستان ۽ آفريڪا جي شهرن ۾ به ٿيو ٿي.) لوڪرام کي تعليم حاصل ڪرڻ ۽ مطالعي جو شوق به پيءُ کان ورثي ۾ مليو. مرڻ گهڙيءَ تائين ڪتاب پڙهندو رهيو. منهنجي ساڻس 1980ع کان وٺي سندس وفات (1988ع) تائين خط و ڪتابت رهي. هُو هر وقت ڪتابن بابت لکندو رهيو ته کيس سنڌ ۾ ڇپيل ڪتاب موڪليا وڃن، جيڪي هُو وڏي غور سان پڙهندو هو. پاڻ جيڪي ڪتاب لکيائين، جن جو شروع ۾ ذڪر ڪري چڪو آهيان، سي زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ لکيائين. لوڪرام جو وڏو پٽ گرڌاري لعل ڏوڏيجا به پنهنجي زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ ڪجهه ڪتاب، خاص ڪري سفرناما لکيا. سندس وفات سن 2000ع ۾ پوني ۾ ٿي. گرڌاري لعل 1931ع ۾ شڪارپور ۾ ڄائو ۽ ورهاڱي کان پوءِ 1953ع ۾ ممبئيءَ ۾ لڇمڻ داس بجاج جي ڌيءَ لاجونتي سان شادي ڪيائين، جيڪا 1934ع ۾ شڪارپور ۾ ڄائي هئي. گرڌاري لعل جي والده (يعني لوڪرام جي پهرين زال) ستي منيال ٻار جي ڊليوري وقت گذاري وئي ۽ 12 سالن جي ڄمار تائين کيس سندس بيواه پڦيءَ نپايو. گرڌاري لعل جرنلسٽ ٿيڻ ٿي چاهيو پر فئمليءَ جي مجبورين جي ڪري هن کي ڪاغذ جو اباڻو ڌنڌو ڪرڻو پيو، جيڪو اڄ به ’نوبل مارٽ‘ نالي پوني ۾ قائم آهي ۽ سندس پٽ هريش ڏوڏيجا هلائي ٿو. گرڌاري لعل ’پونا ڪاليج آف انجنيئرنگ‘ مان مڪينيڪل انجنيئرنگ ڪئي. گرڌاري لعل جي چاچي (يعني لوڪرام جي ننڍي ڀاءُ) ديوان ڪرمچند به انجنيئرنگ B.E ڪئي هئي ۽ اهو سال 1936ع هو. ديوان ڪرمچند 8 سال کن سرڪاري نوڪري ڪئي، ان بعد ٺيڪيداري ڪيائين ۽ لوڪرام سان گڏ انڊس گلاس فئڪٽريءَ ۾ ڀائيواري به ڪيائين.
    1947ع ۾ هندستان جي ورهاڱي تي لوڪرام ڏوڏيجا، ڪراچيءَ مان لڏي ممبئيءَ اچي رهيو، جتي هن ڪاغذ جو واپار شروع ڪيو ۽ “نوبل پيپر مارٽ” نالي ڪاغذ جي ٽريڊنگ ڪمپني شروع ڪيائين. آهستي آهستي اها وڌڻ لڳي ۽ هن پنهنجن ٻين مائٽن کي شامل ڪري احمد آباد، سولاپور، سڪندرآباد ۽ پوني ۾ انهي جون برانچون کوليون، بعد ۾ نوبل ڪمپنيءَ جي هيڊ آفيس ممبئيءَ مان شفٽ ڪري پوني ۾ رکي وئي، جنهن کي لوڪرام جو پٽ گرڌاري لعل ۽ هاڻ گرڌاري لعل جو پٽ هريش هلائي ٿو. مختلف قسمن جي ڪاغذن جي وڪري کان سواءِ وٽن هندي، مرهٺي، انگريزي، گجراتي ۽ ويندي سنڌيءَ ۾ به ڇپائي ٿئي ٿي. پني، ڇپائي ۽ فوٽو اسٽيٽس جي ڪم ۾ هريش سان گڏ سندس وڏو ڀاءُ پرڪاش به مدد ڪري ٿو. ڏٺو وڃي ته ڪاغذ جو هيءُ ڪاروبار، جيڪو اڄ کان 85 سال اڳ لوڪرام ڏوڏيجا شروع ڪيو هو، سو اڄ سندس ٽين جنريشن، بلڪ چوٿين جنريشن به قائم دائم رکيو اچي. چوٿين جنريشن ان ڪري جو لوڪرام جا پوٽا پرڪاش ۽ هريش اڄ 52 ــ 53 سالن جا ٿي ويا آهن جن جا پٽ، اڪشي پرڪاش، ڪشياپ پرڪاش، نيها هريش ۽ شارط هريش به 28 کان 24 سالن جا اچي ٿيا آهن ۽ فئمليءَ جي ڪمن ڪارين ۾ حصو وٺي رهيا آهن.


    مون کي عربي گهوڙي نه سمجهيو وڃي

    هن کان اڳ واري مضمون ۾ پاڻ پوپٽي هيراننداڻيءَ جي به ڳالهه ڪئي آهي، بلڪ هڪ سنڌي بزنيس مئن ۽ اديب شري لوڪرام ڏوڏيجا جا پوپٽيءَ جي شاعريءَ بابت ويچار ڏنا آهن، جيڪي هن مون کي پنهنجي خط ۾ لکيا. پوپٽيءَ جي شاعري خاص ڪري سندس نظم “دُن هيٺان دٻلي” Vulgar هو يا نه اها ڳالهه بحث واري آهي. مختلف وقتن يعني دور ۽ ماحول جو به وڏو اثر ٿئي ٿو. 1974ع ۾ اسان جي جهازران ڪمپنيءَ جي اوساڪا برانچ واري ٽائپيسٽ عورت، جيڪا سوشل سائنس جي شاگرد هئي، جپانين جي نئين ٽهيءَ تي افسوس ڪندي چيو هو ته، “اسين ننڍيون هيونسين ته پهريون دفعو ٽي ويءَ جي ٽئاليٽ پيپر جو ڪمرشل (اشتهار) ڏسي شرم کان اسين چونديون هيونسين ته زمين ڦاٽي ته اندر هليو وڃجي ۽ اڄ پئڊس نيٽيڪس وغيره جا اشتهار ڏسي به ڪنهن کي شرم حيا نٿو اچي.”
    بهرحال اها 1974ع جي ڳالهه هئي. خبر ناهي اڄ جڏهن نئين صديءَ جا به ڏهه سال ختم ٿيڻ تي آهن، اها عورت ڪٿي آهي، جيئري هوندي ته حيرت کائيندي هوندي ته اڄ سندن ملڪ جپان ۾ ته ڇا گُهونگهٽ اوڍيل ملائيشيا ۽ ٿائيلينڊ ۾ به ٽي وي تان ڪنڊون جا اشتهار اچن ٿا. خير مون ته پوپٽيءَ جو اهو نظم پڙهڻ کان اڳ ئي لوڪرام صاحب کي لکيو هو ته، لڳي ٿو توهان غلام نبي مغل ۽ ماڻڪ جا افسانا نه پڙهيا آهن. پوپٽيءَ جو اهو نظم ’ڪونج‘ رسالي ۾ به ڇپيو هو ۽ انڊيا جي ڪافي اديبن ۽ شاعرن واويلا مچائي هئي، ته هڪ ڪنواري ڇوڪري ٿي ڪري هن قسم جي شاعري ٿي ڪري، جيڪا ڳالهه لوڪرام به لکي آهي. هڪ سوال: ڇا ڪا عورت شادي شده ٿي پوءِ ڀلي ان قسم جي شاعري ڪري؟ بهرحال پوپٽي هيراننداڻيءَ جو هڪ ليکڪا جي حيثيت ۾ توڙي هڪ عورت جي حيثيت ۾ وڏو مان مرتبو آهي.
    پروفيسر پوپٽيءَ سنڌي ادب جي هر شاخ ۾ پاڻ موکيو آهي. هُوءَ لاڳيتو اڌ صديءَ تائين لکندي رهي. انهيءَ سلسلي ۾ هن مضمون، مقالا، تنقيد، لسانيات، شخصيات، ناول، ڪهاڻي، سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس، ويدن جو فلسفو ۽ گيتا جا گيان (سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل) وغيره تي لکيو آهي. گذريل صديءَ جي آخر تائين هندستان جي سنڌي ادب ۾ جيڪي ٽي ليکڪائون ڇانيل رهيون، انهن ۾ پوپٽي هيراننداڻي، ڪلا پرڪاش ۽ سندري اتم چنداڻي آهن. انهن ۾ وري سڀ کان گهڻو پوپٽيءَ لکيو ۽ مشهوري ماڻي. منهنجي ساڻس ملاقات فقط هڪ دفعو ۽ اها به اوچتي سنگاپور جي هاءِ اسٽريٽ ۾ هرڪشن ڀوڄواڻي ۽ هريرام دياني سان گڏ 1983ع ۾ ٿي، جڏهن آءٌ ملائيشيا اچي رهيو هئس ۽ هر هفتي جا موڪلن وارا ڏينهن سنگاپور هوندو هئس، جتي جي هاءِ اسٽريٽ ۾ ڪيترائي سنڌي هندو بزنيس مئن ۽ پاڪستاني خريدار دڪانن يا انڊين ريسٽورنٽن ۾ ملندا هئا. هرڪشن ڀوڄواڻي يونيورسٽيءَ جي ڊگرين بنا تعليم يافته ماڻهو هو، جنهن جي هر پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو ۽ اديب سان دوستي هئي. سندس احوال مون پنهنجي سنگاپور وارن سفرنامن: ’سنگاپور ويندي ويندي‘، ’سنگاپور ٿو سڏ ڪري‘، ۾ لکيو آهي. هريرام ديانيءَ جي ڌيءَ لتوءَ جي اڳتي هلي پوني ۾ رهندڙ لوڪرام ڏوڏيجا جي پٽ هريش سان شادي ٿي. کين يعني هريش ۽ لتوءَ کي ٽي ٻار: نيها، اميش ۽ شرت آهن، جيڪي هتي پوني ۾ رهن ٿا ۽ پنهنجي پيءُ کي ڪاغذ جي بزنيس ۾ مدد ڪن ٿا. مئڊم پوپٽي هانگ ڪانگ ۽ ڪوريا ويندي سنگاپور ۾ ڪجهه ڏينهن لاءِ پنهنجي ڀاءُ وٽ ترسي هئي، جنهن جي زال چيني آهي. بلڪ ان جي ڌيءَ يعني پوپٽيءَ جي ڀاڻيجيءَ جي (1983ع) ۾ هڪ سنگاپوري چينيءَ سان شادي ٿي رهي هئي، جنهن کي اٽينڊ ڪرڻ لاءِ هُوءَ سنگاپور آيل هئي. مون کي ياد آهي ته هُوءَ اسان جي سنڌي ليکڪن ۽ پروفيسرن: ادي ماهتاب، ڊاڪٽر غلام علي الانا، قمر شهباز ۽ حميد سنڌيءَ جن جو بار بار پڇي رهي هئي.
    پوپٽي (سڄو نالو پوپٽي رامچند هيراننداڻي) جو ننڍپڻ هڪ غربت ۽ محنت جي ڪهاڻي آهي. پوپٽي ڏهن سالن جي هئي ته سندس پيءُ جيڪو فاريسٽ ڊپارٽمينٽ ۾ هو، گذاري ويو. ان وقت سندس ماءُ جي عمر 32 سال هئي ۽ هن کي نپائي وڏو ڪرڻ لاءِ ست ٻار هئا. هن وٽ جيڪي ڳهه ڳٺا هئا، سڀ وڪڻي حيدرآباد ۾ گهر وٺي ٻارن کي اتي اچي پڙهايو.
    پوپٽي 17 سيپٽمبر 1924ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائي ۽ هن جو ننڍپڻ اتي ئي گذريو. پرائمري تعليم ڪراچيءَ مان مڪمل ڪرڻ بعد پوپٽيءَ مئٽرڪ حيدرآباد جي ڪندن مل گرلس اسڪول مان 1939ع ۾ ڪئي. انٽر جو امتحان انهن ڏينهن ۾ ساڌو واسواڻيءَ جي کوليل ميران ڪاليج مان ڏنو، جنهن نالي وارو هي پوني جو تعليمي ادارو سينٽ ميران گرلس اسڪول ساڌو واسواڻيءَ هتي پوني ۾ پڻ اچي کوليو. بي. اي. جو امتحان بنارس هندو يونيورسٽيءَ مان 1943ع ۾ پاس ڪيو. چئبو ته اسان ڄاواسين (نومبر 1944ع ۾) ته اسان جي هيءَ عظيم ليکڪا بي. اي. ڪري چڪي هئي ۽ هاڻ ايم. اي. جا ڪلاس اٽينڊ ڪري رهي هئي. ورهاڱي بعد هُوءَ گهر وارن سان گڏ ڀارت لڏي وئي، جتي ايم. اي. جو امتحان پاس ڪيائين.
    پتا جي وفات ۽ غربت ڪري، پوپٽي مئٽرڪ ۾ هئي، ته ٽيوشن پڙهائڻ لڳي. مئٽرڪ کان پوءِ ڪُندن مل گرلس هاءِ اسڪول ۽ پگٽ گرلس هاءِ اسڪول ۾ ٽيچر ٿي نوڪري ڪيائين. هُوءَ ميوزڪ ٽيچر پڻ ٿي رهي آهي. ورهاڱي کان پوءِ ڀارت ۾ نئشنل ڪاليج ۾ پارٽ ٽائيم ڪم ڪيائين، جتان ايم. اي ڪيائين ۽ پروفيسر ٿي. هن کي موسيقيءَ سان به ننڍي لاڪون شوق رهيو آهي ۽ هن سنڌي توڙي هنديءَ ۾ ڪيترائي ڀڄن پڻ ڳايا. پوپٽيءَ جي سڄي زندگي جدوجهد ڪندي گذري. پيءَ جي وفات کان پوءِ ڀائرن، ڀينرن ۽ ماءُ کي سنڀالڻ وغيره جو سڄو بار هن جي مٿي تي رهيو.
    پوپٽي هڪ اهم ليکڪا مڃي وڃي ٿي. هن سنڌي ادب ۾ چاليهن کان مٿي ڪتاب لکيا، جن مان ڪجهه هن ريت آهن:
    ناول: 1. منجو، 2. حسرتن جي تربت، 3. جيءَ ۾ جهوري، تَن ۾ تات، سيلاب زندگي.
    ڪهاڻين ۽ افسانن جا ڪتاب: 1. رنگين زماني جون غمگين ڪهاڻيون، 2. ڪلي گلاب جي، ساگر شراب جو، 3. مون توکي پيار ڪيو، 4. خزان جو دور پورو ٿيو، 5. اسين هِت توهان هُت، 6. زندگيءَ جي پوٽڙي.
    مضمونن جا ڪتاب: 1. هڪ پشپ پنڌرهن پنکڙيون، 2. ڀارت جي استري، 3. مان ڇا آهيان، 4. ٻولي منهنجي ماءُ. 5. سنڌي ڪالهه ۽ اڄ، 6. چرڻ چٽڪڻ چت ۾، 7. ۽ زنده سا قوم رهندي.
    ان کان علاوه پوپٽيءَ جا ڪيترائي ڪتاب تنقيد، شاعري، ڊراما، لسانيات ۽ ٻين موضوعن تي مشهور آهن. سندس آتم ڪٿا “منهنجي حياتيءَ جا سونا روپا ورق” تي کيس انڊيا جي ساهت اڪيڊميءَ طرفان انعام به ملي چڪو آهي. هي ڪتاب سنڌي ساهت گهر حيدرآباد وارن به ڇپرايو آهي. سنڌ توڙي هند ۾ پوپٽي پهرين سنڌي عورت آهي، جنهن پنهنجي آتم ڪهاڻي لکي آهي.
    پوپٽي پنهنجين ڪهاڻين ۾ سماج ۾ پرڻيل، اڻ پرڻيل وڌوائن ۽ وئشيائن جي ماحول کي نهايت ئي سهڻي ۽ اثر انداز نموني بيان ڪري ٿي. هُوءَ چوي ٿي ته، “عورت شادي ٽن سببن جي ڪري ڪندي آهي. هڪ ته کيس گڏ گذارڻ جو پڪو آسرو ملندو آهي ۽ ٻيو ته کيس گرهستي هلائڻ جو اڌيڪار ملندو آهي ۽ ٽيون ته هن کي پنهنجي ممتا ڪنهن هٿان هارڻ جو وجهه ملندو آهي...”
    پوپٽيءَ جي فئمليءَ جو هندو عامل ڪميونٽيءَ سان تعلق هو. عامل هميشھ پنهنجي ٻارن کي پٽن توڙي نياڻين کي، اعليٰ تعليم ڏيڻ جي حق ۾ رهيا آهن. ساڳئي وقت عاملن ۾ ڪنواريتن کان ڳرو ڏيج (dowry) حاصل ڪرڻ جو رواج رهيو آهي. پوپٽي هميشھ ڏيج کي لعنت سمجهيو ۽ ان جي خلاف رهي. هُوءَ ان عنوان تي پنهنجي ماءُ سان ڊگها بحث ڪرڻ لڳي. هڪ دفعي سندس ماءُ کيس چيو ته تون ڏيج جو ڪوبه فڪر نه ڪر، “آءٌ پنهنجو اباڻو گهر وڪڻي گهوٽيتن جي گهربل رقم کين ڏينديس.”
    “سوال ئي نٿو پيدا ٿئي منهنجي امڙ،” پوپٽيءَ پڪي ارادي سان ماءُ کي چيو، “آءٌ اهو هرگز نه چاهينديس ته مون کي عربي گهوڙي سمجهيو وڃي، جنهن جي مٿان رکيل سونا سنج ڏسي سوار موهت ٿئي.”
    هڪ دفعي ته پوپٽيءَ کي سندس ماءُ شاديءَ لاءِ سختيءَ سان چيو ۽ هن آڻ مڃي شاديءَ لاءِ هائوڪار ڪئي، پر پوءِ جڏهن پوپٽيءَ کي خبر پيئي ته هن جي ماءُ گهوٽ جي گُهر تي هن کي پئسا ڏنا آهن، ته هُوءَ سڌو ڇوڪري وٽ پهتي ۽ هن کي صاف صاف چيو ته جيئن ته هُوءَ کانئس وڌيڪ پڙهيل آهي ۽ سندس پگهار به کانئس گهڻو آهي، ان ڪري هن کي کپي ته هُو پوپٽي کي dowry ۾ پئسو ڏسي ۽ جيڪڏهن هُو نه ڏيندو ته هُوءَ هن سان شادي نه ڪندي. ان شام جو گهوٽيتن کي ڪنواريتن کان ورتل سڀ شيون واپس ڪرڻيون پيون. پوپٽيءَ کي پنهنجي ماءُ کي سمجهائڻو پيو، ته هُوءَ اهو هرگز نٿي چاهي ته هڪ بيڪار رواج يا رسم جي ڪري، هن کي ائين بي عزتو ڪيو وڃي. هُوءَ چاهي ٿي ته هن کي هڪ انسان سمجهي عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي.
    پوپٽيءَ اڪيلو رهڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن لاءِ جيتوڻيڪ هن کي ڪيترو ئي احساس ڏياريندا رهيا ته هن سوسائٽيءَ ۾ عورت جو ڪوبه خيال نٿو رکيو وڃي. هن پنهنجي آتم ڪٿا ۾ به ان ڳالهه جو اظهار ڪيو آهي، ته ادبي گڏجاڻين ۾ به سندس واتان ٻڌو ويو ته:
    “In our society a woman is made to suffer not on account of any vice in her character but because of her virtues.”
    پوپٽيءَ، زندگيءَ جا آخري سال ڪئنسر جهڙي موذي مرض جي تڪليف ۾ گذارڻ بعد 16 ڊسمبر 2005ع تي ديهانت ڪري وئي.
    پوپٽي هيراننداڻيءَ تمام خوبصورت شاعري ڪئي آهي، سندس جتي “دُن هيٺان دٻلي” نظم تمام گهڻو گوڙ ۽ اُڌم مچايو. اتي “مان بي گهر سنڌڻ” جهڙا نظم هر گهر ۽ هر محفل ۾ ڳايا وڄايا وڃن ٿا. اهو شعر بيحد پسند ڪيو وڃي ٿو جيڪو هن ريت آهي:
    مان بي گهر سنڌڻ
    اڪبر اعظم جي درٻار
    ۽ حسن جي سرڪار
    پوءِ به
    انارڪليءَ کي جيئري ئي دفن ٿيڻو پيو
    ڀارت جي دلهن ـ دهلي
    ۽ منهنجي گهر جوڙڻ واري اعليٰ “موهن جي دڙي”
    واري سڀيتا
    پوءِ به
    مان ـ سنڌڻ
    بي گهر بڻجي در در ٺوڪريون کائي رهي آهيان.


    ڇا ڀارت ۾ سڀ سُک آهي...؟

    هونئن هڪ عام ٽوئرسٽ، دهلي، آگره، ممبئي، اجمير، بنارس جهڙن شهرن مان ٿي، اها ئي راءِ قائم ڪري ٿو ته انڊيا ۾ سُک چين لڳو پيو آهي. خاص ڪري هڪ پاڪستانيءَ کي اهو وڌيڪ لڳي ٿو، جڏهن هُو انڊيا جي ماڻهن جي زندگي پنهنجي ملڪ جي ماڻهن سان ڀيٽي ٿو. هن کي ته سريلنڪا ۾ به سڪون لڳي ٿو، جتي تامل ٽائيگرن جي هيڏن هنگامن هوندي به هن کي ڪولمبو، ڪئنڊي توڙي سريلنڪا جي ننڍن شهرن ۾ رات جو دير دير تائين مارڪيٽون کُليل نظر اچن ٿيون. ڪيترن ئي يورپ ۽ ايشيا جي ملڪن جا ٽوئرسٽ مختلف ويسن وڳن ۾، ويندي مني اسڪرٽن ۾ ڇوڪرين کي ڪولمبو جي گهٽين ۾ گهمندو ڏسي ٿو، جيڪي ڳالهيون عرصو ٿيو ته ڪراچي جهڙي شهر ۾ به ناپيد آهن. توڙي کڻي يورپي يا جپاني ۽ سنگاپور جي لحاظ کان دهلي، ممبئي يا ڪولمبو جي امن امان جو معيار ڪِريل هجي، پر هڪ پاڪستاني خاص ڪري ڪراچيءَ جي اورنگي ٽائون، قائد آباد، سهراب ڳوٺ جي رهاڪو يا گهوٽڪي، جيڪب آباد، قمبر ۽ ڪنڌڪوٽ جي رهاڪوءَ لاءِ انڊيا ۽ سريلنڪا جا مٿيان شهر به پُرسڪون ثابت ٿين ٿا، جتي کين رات جو دير تائين گهمندي به ڪو قتل نٿو ڪري، اغوا نٿو ڪري، ٻٽون يا موبائيل نٿو ڦري ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته انڊيا جي حڪومت اسان جي حڪومت کان وڌيڪ پختي آهي. پوليس ۽ ٻين ادارن ۾ ايڏي ڪرپشن ناهي، ماڻهن ۾ تعليم آهي، ويندي اُتي جا ڳوٺاڻا ۽ غريب به تعليم يافته آهن ۽ هاڻ گذريل ڏهاڪو کن سالن ۾ ته انڊيا جي ايڪاناميءَ جوگراف به مٿي ٿيو آهي جنهن مان هڪ عام ماڻهوءَ کي به فائدو رسيو آهي ۽ هُو خوشحاليءَ ڏي وڌيو آهي. انڊيا مون کي ان ڏڏ شاگرد وانگر لڳي ٿو، جنهن کان جڏهن انسپيڪٽر آف اسڪول جي چوڻ تي ڪلاس ٽيچر پڇيو ته ڏهه واڌو ڏهه گهڻو ٿيو ته جواب ۾ هن وراڻيو:
    “چوويهه.”
    “شاباس!” ماستر صاحب هن جي پٺي ٺپري داد ڏنس. ان تي انسپيڪٽر صاحب حيرت مان ماستر کي چيو ته، “هن ته غلط جواب ڏنو. ڏهه ۽ ڏهه ته ويهه ٿيندا.”
    “ها سائين صحيح آهي،” ماستر چيو، “پر هي شاگرد بهتريءَ ڏي وڌي رهيو آهي. ڪالهه ان ساڳئي سوال جي جواب ۾ هُن اٺاويهه چيو هو.”
    سو اسان کي انڊيا به بهتريءَ ڏي وڌندو نظر اچي رهيو آهي. جتي جتي گند جا ڍير هئا اتي پارڪ ٺهندا وڃن، جتي جُهڳيون ۽ جهوپڙيون هيون ۽ اوورفلو ٿيندڙ گٽر ۽ ڪرفتي هئي، اتي هاءِ رائيز عمارتون ۽ پڪا رستا ٺهندا وڃن ۽ ’ساڌو واسواڻي مشن‘ جهڙن خيراتي ادارن طرفان اتي جي رهندڙ غريبن ٻارن لاءِ مفت ۾ تعليم مهيا ڪندڙ ماڊرن طرز ۽ سهوليتن وارا اسڪول کُلندا وڃن، جن جو مقابلو اسان جي ڪراچيءَ جا بيڪن هائوس ۽ سٽي اسڪول به نٿا ڪري سگهن. دهلي، ممبئي ۽ ڪلڪتي جهڙن ڳتيل آدمشماريءَ وارن شهرن جي ماڻهن کي سستي سواري مهيا ڪرڻ لاءِ اعليٰ قسم جي بسُن، ميٽرو ٽرامن ۽ لوڪل ٽرينن جو نه فقط تعداد وڌندو وڃي، پر ان کي هلائڻ وارا ادارا ۽ اهلڪار به سٺي نموني هلائي رهيا آهن. هنن بهتر کان بهتر سسٽم رکيو آهي، مثال طور ممبئي شهر ۾، جتي هزارين ماڻهو ريل گاڏين ۾ سفر ڪن ٿا، انهن جي ٽڪيٽ جي چيڪنگ لاءِ جپانين وانگر اهڙي چڪاس ۽ سختي رکي وئي آهي، جو ڪوبه بنا ٽڪيٽ جي سواري ڪري ريلوي کاتي جو نقصان ڪرڻ لاءِ ٻه دفعا سوچي ٿو، ڇو جو بنا ٽڪيٽ سفر ڪرڻ جي جرم ۾ هُو سزا کان بچي نٿو سگهي. ساڳئي وقت شهر جي غريبن کي سستي ٽڪيٽ مهيا ڪرڻ لاءِ هنن اميرن جي ٽڪيٽن جو اگهه وڌائي ڇڏيو آهي. هر ٽرين ۾ ٻه ڪلاس رکيا ويا آهن. هڪ لوور ڪلاس ته ٻيو اپر ڪلاس. مثال طور ممبئيءَ ۾ چرچ گيٽ کان کاريا سانٽاڪروز، جيڪو سمجهو ته ڪياماڙيءَ کان نيو ڪراچيءَ جيترو سفر ٿيو، لوور ڪلاس جي ٽڪيٽ 6 رپيا آهي ته اپر ڪلاس جي 90 رپيا رکي وئي آهي. ٻئي ڌريون خوش. غريب پئسو بچائڻ ۾، امير پنهنجو Status Symbol قائم رکڻ ۾، ته هنن عام ماڻهن کان الڳ فرسٽ ڪلاس ۾ سفر ڪيو. بسُن ۽ ريل گاڏين جو تکو ۽ آرامده سفر هجڻ ڪري، ڪيترائي آفيسر توڙي امير ماڻهو پنهنجيون ڪارون ڪڍي رستن تي ٽرئفڪ جئم ڪرڻ بدران ريلُن ۽ بسُن ۾ سفر ڪن ٿا.
    بهرحال ان جو ڪو اهو مطلب به نه آهي، ته راوي انڊيا لاءِ سڀ سُک ۽ چين لکي ٿو. شام جي اخبار وٺي پڙهندو آهيان، ته ڪيترن ڏوهن ۽ دهشتگردين جون خبرون نظر اينديون آهن. انڊيا جون ڪجهه رياستون لاهور، اسلام آباد ۽ ڪوه مريءَ وانگر بهتر امن امان ۽ گهمڻ ڦرڻ لائق آهن، ته ڪن جو حال جيڪب آباد ۽ گهوٽڪيءَ وارو آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪيتريون ئي تنظيمون ۽ ادارا اهڙا آهن، جن ۾ سڀ کڻي دهشتگرد نه به هجن، پر حڪومت جي خلاف ڏڦيڙ قائم رکندا اچن. خاص ڪري انڊيا جي ڪشمير ۾ جنهن کي پاڻ مقبوضه ڪشمير سڏيون ٿا، اوڀر وارين رياستن: آسام، ناگالئنڊ، تريپورا، ميگهالايا وغيره. اهڙين تنظيمن مان ڪجهه جا نالا جيڪي نوٽ ڪري سگهيو آهيان يا ياد پيا اچن سي ڪجهه هن ريت آهن:
    - شِو سينا (شو جي فوج)
    - بجرنگ دل
    - درگا واهيني
    انڊين ڪشمير سان واسطو رکندڙ تحريڪون:
    - حزب المجاهدين
    - لشڪر طيبه
    - جميعت اَلمجاهدين
    - اخوانِ مجاهدين
    - تحريڪِ حريتِ ڪشمير
    - البدر
    - البرق
    - اسلامي انقلابي محاذ، وغيره
    آسام سان تعلق رکندڙ:
    - بودو لبريشن ٽائيگر BLT
    - ديما هالوم دائوگا DHD
    - تيوا نئشنل انقلابي فورس
    - اسلامڪ سيوڪ سنگهه ISS
    - مسلم ٽائيگر فورس
    - آدم سينا
    - آل آسام اڊيواسي سرڪشا سميتي،
    ناگالئنڊ سان تعلق رکندڙ:
    - اساڪ معيوا NSCN (IM)
    - کپلانگ NSCN (K)
    - تريپورا مڪتي فورس
    - تريپورا ڊفينس فورس، وغيره
    ميگهالايا سان واسطو رکندڙ:
    - هائني وٽريپ نئشنل لبريشن
    - پيپلز گوريلا آرمي، وغيره.


    حُسن جو مقابلو کٽيندڙ سنڌي ڇوڪري

    پوني ۾ شام جي وقت ائني بسنت روڊ تي واڪ ڪندي ساڌو واسواڻي چوڪ تي، هڪ سنڌي فوٽوگرافر جي دڪان تي راجيش نالي هڪ سنڌي بزنيس مئن پنهنجا فوٽو کڻڻ آيو هو. هن ٻڌايو ته هن جي ذات عيدناڻي آهي ۽ هُو لاڙڪاڻي جا رهاڪو آهن. هندستان جي ورهاڱي وقت هن جا والدين ۽ ٻيا مائٽ بمبئيءَ لڏي لڏي آيا. اتان پوءِ ڪي هتي پوني هليا آيا ته ڪي بڙودا ۽ ڪي ٻاهر هليا ويا. هن پنهنجي فئمليءَ جي تاريخ ٻڌائيندي چيو، “ديوان عيدن مل جنهن جي نالي پٺيان اسان سڏجون ٿا، تنهن کي ٽي پٽ ڦٻيا سنگهه، ڏيارام ۽ گربو مل هئا. انهن جي نسل مان مسٽر جڳت راءِ وڪيل ولد ديوان نيڻومل مختيارڪار، ديوان منگهومل ايسرداس رنگون وارو، ڊاڪٽر آسودومل باگمل ۽ ٻيا مکيه آهن.”
    سنڌيءَ جو مشهور ليکڪ ۽ مؤرخ ڀيرومل مهرچند آڏواڻي پنهنجي ڪتاب ’سنڌ جي هندن جي تاريخ‘ ۾ لکي ٿو ته عيدناڻي، ڪرپلاڻي، مير چنداڻي ۽ واسواڻي اهي چار پاڙا ملتان کان سنڌ ۾ آيا هئا.
    عيد ناڻي صاحب جو ذڪر هن وقت آءٌ ان ڪري کڻي ويٺو آهيان، جو گذريل 25 سالن کان هر سال جيڪو نيويارڪ ۾ سهڻين ۽ ذهين ڇوڪرين جو Miss Teen New York جو مقابلو ٿيندو آهي، ان ۾ سڄي نيويارڪ رياست مان پهريون دفعو سَنا نالي هڪ ايشين ڇوڪري حُسن ۾ اول نمبر آئي آهي، جنهن ڪري آمريڪا ۽ آمريڪا کان ٻاهر رهندڙ ايشين ڪميونٽي ته خوش ٿي آهي، پر انهن ۾ به سڀ کان گهڻو سنڌي هندو خوش ٿيا آهن، جو سَنا هڪ سنڌي ڇوڪري آهي ۽ سندس ذات عيدناڻي آهي، جنهن جو ذڪر مٿي ڪيو اٿم. ان سلسلي ۾ نيويارڪ ٽائيم اخبار ۾ ان جي نمائنديءَ مس تِروشا پڻ مختصر احوال لکيو آهي:
    “نيويارڪ ۾ ٽائيمس اسڪوائر ۾ ڦرندي سيفورا وٽ سَنا سان ملاقات ٿي وئي،” تِروشا لکي ٿي، “مون هن سنڌي ڇوڪريءَ کي پاڻ سان گڏ ڪافي پيئڻ جي دعوت ڏني ۽ ريسٽورنٽ ۾ ويهي کانئس حال احوال پڇيو.”
    سَنا پاڻ بابت تروشا کي جيڪي ڪجهه ٻڌايو، ان مان ڪجهه ڳالهيون هن ريت آهن:
    • مون گذريل سال به نيويارڪ جي هن حسن جي مقابلي ۾ حصو ورتو هو، پر آءٌ ٻئي نمبر تي آيس.
    • منهنجو تعلق سنڌ جي عيدناڻي فئملي سان آهي. منهنجا ڏاڏاڻا ميهڙ جا آهن ۽ ناناڻا حيدرآباد جا.
    • منهنجا ماءُ پيءُ لکنؤ ۾ ڄاوا، جتان منهنجو پيءُ 1977ع ۾ نيويارڪ اچي رهيو. 1981ع ۾ هُو واپس انڊيا ويو ۽ شادي ڪري منهنجي ماءُ کي وٺي آيو.
    • منهنجا ماءُ پيءُ سنڌي ڳالهائين ٿا. آءٌ سنڌي سمجهي ته سگهان ٿي پر ڳالهائي نٿي سگهان.
    • اسان جي نيويارڪ ۾ تمام وڏي فئملي آهي ۽ اسان سڀ ڌرمي ۽ سنڌي فنڪشن باقاعدگيءَ سان ملهايون. منهنجا ماءُ پيءُ ته چيٽي چنڊ به ڌوم ڌام سان ملهائين. گهر ۾ اسان اڪثر سائي ڀاڄي شوق سان کائون. منهنجو پيءُ سنڌي اخبار پڙهڻ جو وڏو شوقين آهي.
    • آءٌ تعليم ختم ڪرڻ بعد ٽي وي ائنڪر ٿيڻ چاهيان ٿي. ٿي سگهي ٿو آءٌ ماڊلنگ به ڪريان. مون اڄڪلهه Syracuse يونيورسٽيءَ ۾ داخلا لاءِ اپلاءِ ڪيو آهي.
    • سَنا عيدناڻي هن وقت 18 سالن جي آهي. هن کان جڏهن پُڇيو ويو ته بالي ووڊ طرفان جيڪڏهن هن کي ڪنهن فلم ۾ هيروئن بنجڻ لاءِ دعوت ڏني ويندي، ته هُوءَ قبول ڪندي يا نه؟ هن وراڻيو ته هن لاءِ هن وقت اهو اهم آهي ته هُوءَ سڄي آمريڪا جي Miss Teen USA ٿيڻ لاءِ ڪوشش ڪري.


    انڊيا گهمڻ تي دل چوي ٿي پر...

    پوني ۾ پهرئين ڏينهن صبح جو سوفيزم تي سيمينار رکيو ويو، جيڪو منجهند جو ٻين بجي تائين هليو. جيئن شروع ۾ لکي آيو آهيان، ته هن ادبي سيشن جي صدارت جي پڳ منهنجي مٿي تي رکي وئي. ساڌو واسواڻي مشن وارن دادا جشن جي 90هين سالگره ملهائڻ جي موقعي تي دنيا جي سڏايل سنڌي اديبن، شاعرن ۽ فنڪارن جي هن ڪنوينشن جي صدارت جي عزت سنڌ کان آيل مهمان کي بخشي ٿي. مون سان گڏ هلندڙ امرجليل، پروفيسر قاضي خادم، تاج جويو ۽ نصير مرزا جهڙن برک اديبن ۽ شاعرن مان جيئن ته ڪوبه اتي پهچي نه سگهيو، ان ڪري هنن وٽ ٻي ڪابه چوائس نه هئي ۽ مون جهڙي ناکئي کي به اهم سمجهيو، پر جي مون کان به وڌيڪ جاهل هجي ها ته هُو ان کي به اها عزت بخشين ها، جيڪا ڪنهن شخص لاءِ نه پر سنڌ جي مڙني اديبن ۽ شاعرن لاءِ هڪ Symbolic اظهار هو.
    هن سيمينار جي ڪارروائي ريٽا شهاڻيءَ هلائي ۽ دادي مسز رتنا واسواڻيءَ آيل مهمانن جو آڌرڀاءُ ڪيو، بقول سندس لفظن هُن ’سواگت‘ ڪيو. ڊاڪٽر لڇمڻ خوبچنداڻيءَ سڀ کان پهرين پيپر پڙهيو ۽ صوفيزم ۽ ويدانيت تي ڳالهايو. سندس پيپر جو عنوان هو ڀڳتي ڌارا.
    الهاس نگر کان آيل ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻيءَ جي تقرير جو عنوان ’تصوف‘ هو. اسان جي حيدرآباد جي ڪويتا پبليڪيشن واري موهن مدهوش. هن ڪنوينشن لاءِ جيڪو پيپر لکيو هو، ان جو عنوان هو ’تصوف: اڄ جي پڪار‘ پر جيئن ته هُو پاڻ پوني پهچي نه سگهيو ان ڪري سندس فيڪس ڪيل هيءُ پيپر هن فنڪشن جو انتظام هلائيندڙ ريٽا شهاڻيءَ پڙهي ٻڌايو. اهڙيءَ طرح لاڙڪاڻي کان ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو پيپر گوورڌن شرما گهايل پڙهيو. پيپر جو عنوان هو ’اچو ته سچل کان پڇون!‘ ممبئي يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڊپارٽمينٽ جي هيڊ ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻيءَ ’سچل جو سنيهو‘ عنوان تي پنهنجو پيپر پڙهيو. ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻيءَ جا ڪيترائي ڪتاب ممبئي توڙي حيدرآباد سنڌ ۾ ڇپجي چڪا آهن ۽ ڊاڪٽوريٽ ڪرڻ وقت هن جي ٿيسز جو واسطو به سچل ۽ شاهه جي شاعريءَ سان رهيو. هن ڪنوينشن لاءِ امرجليل کي به اچڻو هو ۽ پوءِ جڏهن ڪنهن ڪم ڪري هن نه اچڻ جو فيصلو ڪيو ته مون ڏٺو ته آخر تائين ريٽا شهاڻي کان ٽيڪچند مست ۽ وينا شرنگيءَ کان گوبند خوشحالاڻيءَ تائين هن جي مقالي جو انتظار ڪندا رهيا ۽ پوءِ جڏهن ڪنوينشن هلندي هن جو اِي ميل پهتو، ته هتي جي آفيس جي ڪمپيوٽر ۾ اهي Fonts نه هجڻ ڪري، ان جو پرنٽ آئوٽ نه نڪري سگهيو يا گهٽ ۾ گهٽ ان وقت بندوبست نه ٿي سگهيو جو کڻي ڪو مهمانن کي پڙهي ٻڌائي. بهرحال بعد ۾ امرجليل جو پيپر ممبئيءَ مان نڪرندڙ سنڌي ادبي ٽماهي رسالي “سپون” ۾ ڏنو ويو. هي رسالو پروفيسر رام پنجواڻي لٽرري ۽ ڪلچرل سينٽر پاران موري روڊ، ماهيم مان نڪري ٿو. هن رسالي جو ايڊيٽر جنهن کي هتي ’سمپادڪ‘ سڏين ٿا، ٺاڪر چاولا آهي. اهو ساڳيو مقالو سنڌ ۾ به ماهوار ’امرتا‘ ۾ ڇپيو ويو آهي. هن مقالي جو عنوان آهي: ’منهنجو روح اوهان وٽ آهي.‘ هن مضمون جي آخر ۾ امرجليل لکي ٿو:
    “هن دفعي مجبورين مون کي اوهان تائين پهچڻ نه ڏنو آهي، پر، اها مجبوري منهنجي جسم جي آهي، سرير جي آهي، روڳي وجود جي آهي. اهڙين مجبورين کان منهنجو روح آزاد آهي. اڄ به منهنجو روح اوهان وٽ آهي.”
    هن صبح واري سيشن بعد آيل مهمانن لاءِ سينٽ ميران گرلس ڪاليج جي گرائونڊ تي لنچ جو بندوبست هيو. آءٌ هن لنچ تي غير حاضر هئس. ٻئي ڏينهن ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻيءَ ٻڌايو ته ڪيترائي مهمان جن مون کي سيمينار دوران اسٽيج تي ويٺل ڏٺو هو، تن مون سان ملڻ ٿي چاهيو. اسٽيج تان لهڻ مهل سنڌي ادبي سڀا پوني جي فائونڊر صدر گوورڌن شرما “گهايل” مون کي هڪ ڪنڊ ۾ بيهاري، ٻئي ڏينهن صبح جو پوني جي اگروال ڪالوني ۾ ٿيندڙ مشاعري جو دعوت نامو ڏنو ۽ مون کي ان فنڪشن لاءِ وٺي اچڻ لاءِ ڪنهن ماڻهوءَ تي ڪم پڻ رکيو. مون پاڻ اهڙو ادبي فنڪشن اٽينڊ ڪرڻ چاهيو ٿي، ته جيئن گهڻي کان گهڻن ادبي ماڻهن سان ملي سگهجي. مون کي اهو فنڪشن اٽينڊ ڪرڻ ۾ ڪوبه آر يا اعتراض نه هو جڏهن ڏهين بجي ڌاري مون کي سندن ماڻهو ساڌو واسواڻي چوڪ تان جتي جي گيسٽ هائوس ۾ آءٌ رهيل هئس، مشاعري واري بابا جان چونڪ تي وٺي ٿي هليو... پر سڀني کي حيرت ٿي ته آءٌ ان مشاعري ۾ نه آيس ۽ سندن ماڻهو جڏهن گيسٽ هائوس ۾ ڏهين بجي ڌاري پهتو ته اتي به نه هئس. البت شام مختلف فنڪشنس ۾ ۽ ڊنر تي مان ڪجهه مهمان (انڊيا جا سنڌي اديب) پڇندا رهيا پر آءٌ چُپ رهيس.
    هاڻ ان Suspense واري ڳالهه کي معلوم ڪرڻ لاءِ هڪ دفعو وري منهنجو شروعاتي چئپٽر ياد ڪيو، جنهن ۾ پوليس رپورٽنگ بابت لکيو اٿم، ته اسان پاڪستانين کي انڊيا جي هر شهر ۾ پهچڻ تي 24 ڪلاڪن اندر پوليس آفيس ۾ اطلاع ڪرڻو پوي ٿو ۽ اهو شهر ڇڏڻ وقت وري اطلاع ڪرڻو پوي ٿو ته هاڻ اسان بس يا ٽرين رستي اهو شهر ڇڏي ٻئي ۾ پيا وڃون. ڏٺو وڃي ته يورپ يا جپان ۽ ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ اهو ڪم ٻن منٽن جو به نه آهي، پر اسان وٽ پاڪستان توڙي انڊيا ۾ هر هڪ مسافر جو تيل ڪڍيو ڇڏين، خاص ڪري جي اهو مسافر بنگلاديش يا پاڪستان جو آهي. رپورٽنگ ۾ ڇا ٿو ٿئي؟ ايئرپورٽ تان حڪومت هند طرفان مليل فارم تي پنهنجو نالو ۽ ان شهر ۾ پهچ جو وقت لکي صحيح ٿي ڪرڻي پوي. جيڪا معلومات پوليس آفيس ۾ ويٺل ايس آءِ پنهنجي رجسٽر ۾ نوٽ ڪري، فارم تي صحيح ڪري اسان کي واپس ٿو ڪري يعني هاڻ توهان اهو فارم کڻي اهو شهر گُهمو ڦرو. هاڻ ٿيڻ کي ته اهو ڪم ٻن منٽن ۾ ٿيو وڃي، پر مون کي ٻڌايو ته اهو واسطيدار پوليس آفيسر ئي غير حاضر آهي ته توهان ڇا ٿا ڪري سگهو؟ وري جڏهن هُو آفيس ۾ نازل ٿئي ٿو ۽ ان جو ڪلارڪ توهان کان فارم ۽ پاسپورٽ وٺي صاحب جي ٽيبل تي رکي ٿو پر صاحب ان ڪم کي ترجيح ڏيڻ بدران ٻين ڪمن ۾ لڳو رهي ٿو ته توهان ڇا ٿا ڪري سگهو؟
    آءٌ صوفيزم واري سيمينار ۾ محفل جو صدر بڻجي ته ويٺو هئس پر هر وقت اهي پئي دعائون گهريم ته سيمينار ختم ٿئي ته پوليس اسٽيشن تي فارم صحيح ڪرڻ لاءِ پهچان. گذريل شام جو ستين بجي تائين ويهاري موٽائي ڇڏيو هئائون ۽ هاڻ اڄ شام ڌاري 24 ڪلاڪ ٿيڻ وارا هئا ۽ منهنجي فارم تي پوليس جي Entry جو ٺپو لڳڻ ضروري هو. منهنجي ممبئيءَ واري ميزبان جئه موتياڻيءَ به اهائي صلاح ڏني ته سيمينار بعد سڌو پوليس آفيس هليو وڃان. ان ڪري مون لنچ لاءِ به انتظار نه ڪيو. رڪشا ڪري سڌو پوليس اسٽيشن پهتس. هڪ ٻه ٻيا به سنڌ جا ۽ بنگلاديش جا مسافر مون کان اڳ ويٺا هئا. چيائون ته صبح کان انتظار پيا ڪريون ’صاحب‘ نه آيو آهي. آءٌ به چُپڙي ڪري ڪاٺ جي بينچ تي ويهي رهيس. بک به ڏاڍي لڳي رهي هئي. هنن کان پڇيم ته هتي ڪو ڪيڪ بسڪيٽن واري جو دڪان يا پيڍي آهي.
    “اجهو ته سگريٽ ۽ ڇولا وڪڻڻ وارو آيو.” هنن ٻڌايو.
    ڇولن وارو ته نه آيو، ڪجهه دير بعد ٿالهه ۾ پٽاٽا ۽ گدامڙيءَ جو مڪسچر وڪڻڻ وارو آيو، جنهن کان پٽاٽا ۽ ڊبل روٽي جيڪا ڪنهن زماني ۾ هالا جا ڊُگا ٺاهيندا هئا، وٺي ڪنڊ ۾ اچي کاڌم، مزو اچي ويو. سيمينار ۾ صدر ٿيڻ جي ٽينشن ۾ صبح جو نيرن به نه ڪئي هيم. بک جي ڪري هاڻ چڪر پئي آيا. سچ چيو اٿن ته بک بڇڙو ٽول داناءَ ديوانا ڪري. موهن، قاضي خادم، ڍول فقير (فقير محمد ڍول ـ ايڊيٽر ماهوار ’امرتا‘) گاڏي کاتي جي غيبات جهڙي ربي چيمبر جي آفيس ۾ ويهي، توڙي مهرالنساءِ لاڙڪ ۽ ڊاڪٽر رخسانا پريت جهڙيون واڌو واهه جون ڇوڪريون، جيڪي هن سفر ۾ مون سان گڏ شامل هيون، پر آخري وقت تي هلي نه سگهيون، سوچي رهيون هونديون ته آءٌ اڪيلي الائي ڪهڙا پيو عيش ڪندو هوندس! بس رڳو اهو سوچي رهيو هئس ته هينئر به جي واسطيدار پوليس آفيسر اچي وڃي، ته ڏهن منٽن ۾ اسين سڀ فارغ ٿي وينداسين ۽ مون کي گهر (گيسٽ هائوس) وڃي ڪلاڪ سوا سمهڻ لاءِ ملي ويندو. منهنجي همعمر سنڌين ۾ ننڍي هوندي کان جيڪا مائٽن منجهند جو سمهڻ واري عادت وڌي، سا هن عمر ۾ به نٿي نڪري. ڪٿي به يڪساهيءَ سڄو ڏينهن ڪم نٿو ڪري سگهجي، جو ٻپهريءَ کان پوءِ گهيرٽ اچي ٿو. چڱو جو ننڍي ٽهي ان عادت کان بچيل آهي، جو اڄڪلهه هنن لاءِ اسڪول صبح ۽ شام ٻن قسطن ۾ هجڻ بدران يڪو هڪ دفعو صبح جو 8 کان هڪ يا ٻين بجي تائين آهي.
    توهان سوچيندا هوندا ته واسطيدار پوليس وارو نه هو، ته اسان ان جي ڪنهن ٻئي ساٿي يا اعليٰ پوليس عملدار کي ئي کڻي چئون ها. جي ها، ائين به ڪيوسين... پر هنن اسان کي يعني اسان پاڪستاني ۽ بنگلاديشي ٽوئرسٽن کي حقارت مان ڇڙٻ ڏيئي چيو ته، “هلي ويهو. اجهو ٿو اچي. ميٽنگ ۾ ويل هوندو.” ان دوران آءٌ رڪشا ڪري ساڌو واسواڻي مشن جي آفيس پهتس، جن اسان کي انڊيا اچڻ جي دعوت ڏني هئي. اتي ويٺل ائڊمن آفيسر مس رجني آهوجا مون سان همدردي ڪئي ۽ منهنجي صلاح موجب هن مون کي آفيس جي ليٽر هيڊ تي خط لکي ڏنو ته هي اسان جو اهم مهمان آهي... وغيره وغيره ۽ هن کي مهرباني ڪري جلد واندو ڪيو وڃي.
    خط کڻي واسطيدار پوليس آفيسر جي باس کي اچي ڏنم، پر هن تي ڪو اثر نه ٿيو. ٻه لفظ پڙهي خط کڻي ٽري ۾ ڦٽو ڪيائين ۽ مون ڏي بنا ڏسڻ جي مون کي چيائين، اڌر چل ڪر بيٺو... يعني جتي پهرين ويٺي ڌوڙ پاتانوَ، اتي ئي وڃي ويهي رهو. “بنا ڏسڻ جي” مان منهنجو خبر ناهي ڇا مطلب هو ته هو منهنجي اڇي ڏاڙهيءَ کي ڏسي ڪجهه خيال ڪري ها ڇا؟ ڏاڙهي ڪري ته ويتر هرهڪ کي اوساما جو چيلو ۽ دهشتگرد ٿا سمجهن. ممبئيءَ جي CST ريلوي اسٽيشن سامهون ڊگهين عمارتن وٽان لنگهندي، هڪ پراڻي عمارت جي entrance وٽ پنو پينسل ڪڍي انگريزن جي ڏينهن جي ڪنهن جهازران ڪمپنيءَ جي جهوني عمارت جو، ان تي لکيل سن ٿي نوٽ ڪيا ته گيٽ جو دربان مون وٽ اچي پڇي ٿو، “ڪير آهين؟”
    “ٽوئرسٽ آهيان.” وراڻيومانس.
    “ڪٿي جو؟”
    “پاڪستان جو.”
    “مسلمان آهين؟” هُو منهنجي ڏاڙهيءَ کي غور سان ڏسي پڇي ٿو ۽ پاسپورٽ گهري ٿو. پاسپورٽ هميشه گهر ڇڏي شهر گهمڻ نڪرندو هئس، پر ان ڏنهن چڱو جو پاسپورٽ ۽ ويزا جو فارم گڏ هوم.
    هن مون کان پاسپورٽ وٺي پنهنجي سيڪيورٽي آفيسر کي فون ڪيو ۽ مرهٺي ۾ ڪجهه چوندو رهيو ۽ منهنجي پڇڻ تي ته آخر ڳالهه ڇا آهي؟ ته چوڻ لڳو، “آپ غیر ملکی ہمارے ملک کی عمارتوں کو غور سے کیون دیکھ رہے ہیں۔۔۔؟” هاڻ سائين ڏيو مُنهن! سيڪيورٽي آفيسر پهتو ۽ منهنجو پاسپورٽ ۽ ويزا ڏسي مون کي ڇڏيو ويو يعني باعزت بري ڪيو ويس پر آءٌ اهو ئي سوچڻ لڳس ته ان ڏينهن پاسپورٽ نه هجي ها يا اهو وڏو سيڪيورٽي عملدار به گيٽ تي بيٺل مرهٺي دربان جهڙو هجي ها ته جيسين فيصلو ٿئي، تيسين مون کي گهٽ ۾ گهٽ اڌ ڏينهن ٿاڻي تي ويهاري اجايو وقت ضايع ڪن ها ۽ پڙهندڙن کي ٻڌي حيرت ٿيندي ته انڊيا (۽ ٿي سگهي ٿو ته اسان جي ملڪ) جي پوليس ۽ سيڪيورٽي عملدارن جي ان قسم جي بيوقوفاڻا سوچن ۽ ذهني اختراع جي ڪري اسان جي ملڪ جا ڪيترائي معصوم ٽوئرسٽ انڊيا جي جيلن ۾ پيا سڙن... ڪو داد فرياد ناهي. سڀ کان آسان الزام جاسوسيءَ جو هڻي، ڪنهن کي به جيل حوالي ڪري ڇڏڻ ۽ هوڏانهن هرڪو ڏسي رهيو آهي ته گورن ملڪن جا ٽوئرسٽ ڀلي ڪهڙيون به کُلئي عام بداخلاقيون ڪندا وتن، پر اهي اسان جي غريب ايشيائي ملڪن جا لاڏلا آهن.
    مون اهو ئي سوچيو ته شام تائين پوليس رپورٽنگ جي فارملٽي پوري ٿي ويندي، پر ان ڪم لاءِ مقرر ٿيل پوليس آفيسر نه آيو، سو نه آيو ۽ شام جو ستين بجي اسان کي ٻئي ڏينهن صبح جو اچڻ لاءِ چيو ويو. تنهن جي معنيٰ ته ٻيو ڏينهن به برباد ٿي ويو. هاڻ ته 24 ڪلاڪن کان به مٿي ٿي ويو. بنا ٺپي جي شهر به گهمي نٿو سگهجي. ڪا گهڙي ڪهڙي ڪا گهڙي ڪهڙي!؟ ڪٿي ڪو سرڪاري اهلڪار اوچتي چڪاس ڪري وٺي ته اسان مهمانن سان گڏ ميزبان به سُورن ۾. اهڙي حالت ۾ مشاعري ۾ يا ڪنهن ٻي دعوت ۾ وڃڻ تي ڪهڙي دل چوندي؟
    ٻئي ڏينهن صبح جو ساڌو واسواڻيءَ جي آفيس طرفان ڏنل هڪ برجستو آفيسر چندرو موهناڻي ڏنو ويو... پر پوليس اسٽيشن پهچي ڏٺم ته هُو به بيوس لڳي رهيو هو ۽ صبر کان ئي ڪم وٺڻ جي تلقين ڪري رهيو هو. ظاهر آهي درياهه جي ڪناري تي رهي ڪيئن ٿو ڪير مانگرمڇ سان وير رکي. ڪير هنن پوليس وارن سان بحث ڪري. هڪ ڌارئين ٽوئرسٽ کي ڇا مجال. تِکو ٿيڻ تي هُو ٺپو هڻڻ کان انڪار ڪري سگهن ٿا يا ٺپو هڻي ڪلاڪ بعد جاسوسي جي ڪيس ۾ جهلي سگهن ٿا، جنهن جهڙو ڪو سولو بهانو ته آهي ئي ڪونه. ٿاڻي تي مار موچڙو ڪري انڊيا جي پوليس (۽ ٿي سگهي ٿو اسان جي پوليس به) خبر ناهي ڪيترن معصومن کي جڙتو ڏوهن لاءِ نه فقط هائوڪار ڪرائي ڇڏي، پر هنن جو ذهني توازن به وڃائي ڇڏيو. ان ڪري مِٺي به ماٺ ته مُٺي به ماٺ. في الحال گهمڻ ڦرڻ ڇُٽو پوليس اسٽيشن جي بينچ تي ئي وقت گذارڻو پيو. مشاعري وارا به ڇا سوچيندا ته سنڌ کان هڪڙو ئي مهمان ته آيو هو، سو به غائب ٿي ويو.
    بهرحال شام جو ٽين بجي ڌاري اهو پوليس آفيسر اوچتو وارد ٿيو. حق جي ڳالهه ڪبي هُو سٺي اخلاق سان پيش آيو. اسان سمجهيو ته هُو رشوت وٺڻ جي چڪر ۾ هوندو، پر هن بنا ڪنهن اهڙي اشاري ڏيڻ جي ڪاغذ صحيح ڪري ٺپو هڻي ڏنو. هن ٻڌايو ته هن جي ذمي ٻيون به ڊيوٽيون آهن، جن جا هُو فرض ادا ڪري رهيو هو. بهرحال هڪ ڳالهه مون نوٽ ڪئي ته اسان جا سنڌي هندو ميزبان جيتوڻيڪ وڏا پئسي وارا آهن، خير جا ڪم ڪرڻ ڪري هر رياست جي حڪومت هنن جي عزت به ڪري ٿي. هنن جو حال ائين آهي جيئن اسان وٽ آغا خانين توڙي بوهرين جي به ڪافي هلي ٿي، جو اسان وٽ سرڪاري ڪامورا سنڌي ڳالهائيندڙ يا اڙدو ڳالهائيندڙ هنن جو ۽ هڪٻئي جو خيال رکن ٿا، پر انڊيا ۾ ڀانت ڀانت جون زبانون ۽ ذهنيت رکندڙ ماڻهو آهن، خاص ڪري اهڙن کاتن ۾ جن جو واسطو فيڊرل گورنمينٽ سان آهي. مرهٺي ۽ تامل آفيسر ايترا همدرد نٿا سمجهيا وڃن، جيترا گجراتي ۽ سک. بهرحال انڊيا ايندڙ پاڪستانين کي منهنجي اها ئي صلاح آهي ته هنن کي جي انڊيا وڃڻو به آهي ته پوليس رپورٽ معاف ڪرائي نڪرن، جنهن تي اجائي گِھِلَ ۽ وقت جو ضايع زيان ٿئي ٿو. ٻئي ڏينهن ڪيترائي اديب ۽ شاعر مون کان پهرئين ڏينهن لنچ تي ۽ ٻئي ڏينهن مشاعري تي غير حاضر رهڻ جو سبب پڇندا رهيا، پر هاڻ هڪ هڪ کي ڪير ٻڌائي ته ٻن ڏينهن کان معمولي ڪم لاءِ پوليس اسٽيشن تي ذليل ٿيندو رهيس ۽ هاڻ پوني ڇڏڻ وقت وري ساڳئي عذاب مان گذرندس. بقول هڪ سنڌي اديب جي “سائين حقيقت اها آهي ته پاڪستان هندستان دوستي فقط کوکلو نعرو آهي. عوام ضرور چاهي ٿو ته دوستي رهي، هڪٻئي وٽ گهمڻ وڃون، پر سرڪار چاهي ئي ڪانه ٿي...”


    پوني ۾ آيل ڪجهه اهم سنڌي مهمان

    پوني ۾ سنڌين جي ڪنوينشن ۾ نه فقط ادبي سيشن هو پر ڳائڻ وڄائڻ، مزاحيه خاڪن، ڊرامن، دادا جشن جي ڪتاب جي رونمائي جهڙا پروگرام به هلندا رهيا. آءٌ جيئن ته پوني ۾ ٻه ٽي ڏينهن وڌيڪ رهي پيس، ان ڪري ڪيترن ئي آيل مهمانن ۽ مقامي سنڌي اديبن، شاعرن، صنعتڪارن، سماجي ورڪرن، تعليمدانن ۽ ڌرمي، سياسي سرڪاري ماڻهن سان ملندو رهيس، جيڪي انهن فنڪشنن ۾ آيا ٿي يا گيسٽ هائوس ۾، جتي آءٌ رهيل هئس هڪ ليکڪ جي حيثيت ۾. خاص ڪري سفرناما لکڻ جي شهرت ڪري، مون ڏٺو ته اسان جا پوني وارا ميزبان ’ساڌو واسواڻي مشن‘ جي انتظاميا توڙي ٻين سنڌي ادبي ۽ ساهتيه ادارن جا سرپرست ۽ ميمبر مون کي پنهنجا ادارا گهمائڻ ۽ پنهنجين achievements بابت ٻڌائيندا رهيا، جيئن مون کي به گهڻي کان گهڻو لکڻ لاءِ مواد ملي وڃي ۽ ساڳئي وقت هنن جي به سڃاڻپ ٿي وڃي. جنهن وقت به دادا جشن جي مون تي نظر پئي ٿي، هن مون کان پڇيو ٿي ته آءٌ هنن جي مهمان جي حيثيت ۾ هتي پوني ۾ سٺو وقت پيو گذاريان يا نه؟ سندس اها وڏي مهرباني چئبي، جو هن ميلي جهميلي ۾ فقط آءٌ ته نه هئس، پر سوين اهڙا مهمان هئا جيڪي هندستان جي ٻين شهرن ۽ دنيا جي مختلف ملڪن کان، دادا جي دعوت تي، دادا جو جنم ڏينهن ملهائڻ لاءِ پوني کان اچي نڪتا هئا. دادا جا خاص پوئلڳ ۽ هن جي تمام گهڻي عزت ڪندڙ: جئه موتياڻي، چندرو مهناڻي، سُميت گيهاڻي، نريش سنگهاڻي، راجيش عيداساڻي ۽ ٻيا هر وقت مون کان ڪم ڪار جو يا ڪچهري ڪرڻ جو پڇندا رهيا ٿي. ممبئيءَ کان مون کي پنهنجي ڪار ۾ پوني وٺي ايندڙ جئه موتياڻيءَ ته هر هڪ کي سڃاتو ٿي ۽ ڪوشش ڪري هر اهم ماڻهو مون سان ملايو ٿي. مون پنهنجي ڪئميرا جئه موتياڻيءَ حوالي ڪري چيومانس ته، “سائين بس فوٽو ڪڍندا وڃو جيئن بعد ۾ انهن فوٽن ذريعي هڪ دفعو وري واقفيت ڪرائجو ۽ واقعي فوٽن مان اهو وڏو فائدو آهي ۽ انهن کي series wise ڏسڻ سان ياد اچيو وڃي، ته پهرين ڪنهن سان مليس؟ ان بعد جنهن جا به فوٽو ڪڍيم ٿي ته چندرو ۽ جئه جي مدد سان هر فوٽو جي پٺيان انهن ماڻهن جا نالا، شوق ۽ ٻيون خاص ڳالهيون لکي ڇڏيم ٿي. ڪيترن کي ته بي شرم ٿي ملڻ وقت ئي پنهنجو نوٽبڪ وڌائي ٿي ڏنم، ته سائين مهرباني ڪري پنهنجو نالو، فون نمبر ۽ اِي ميل ائڊريس لکي ڏيو نه ته مون پوڙهي ماڻهوءَ کان وسري ويندو ۽ پوءِ اها ئي ڪوشش ڪندو رهيس ته اهم ماڻهن جون تصويرون، ان ئي ڏينهن پرنٽ ڪرائي سندن نالا، نمبر ۽ ائڊريسون لکي ڇڏيان.
    پهرئين ڏينهن صبح وارو سيمينار اٽينڊ ڪري، پوليس رپورٽنگ لاءِ پوليس اسٽيشن تي وڃي ويٺس، پر رات وارو فنڪشن ضرور اٽينڊ ڪيم. ان فنڪشن ۾ مسٽر پريم تولانيءَ سان ملاقات ٿي، جيڪو انڊيا جي ’سنڌي سکشا ساهتيه سنگت‘ جو صدر آهي. ان کان سواءِ مسٽر ديپڪ چندواڻيءَ سان مليس، جنهن لاءِ لاڙڪاڻي کان ممبئيءَ لڏي آيل ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻيءَ ٻڌايو ته ديپڪ ايم. اي. گولڊ ميڊلسٽ ۽ ’هندواسي‘ پرچي جو ايڊيٽر آهي. انهيءَ محفل ۾ ايشور ڪرپلاڻي به هو، جنهن پوني ۾ “سنڌي سيوا دل” جو بنياد رکيو. سنڌي سيوا دل (Sindhu Seva Dal) جي آفيس پوني جي ڀاواني پيٺ واري علائقي جي امرجيوتي سوسائٽي ۾ آهي. پاڻ ٻڌايائين ته هن اداري جو اڄڪلهه صدر راجو ٿاڪواڻي ۽ نائب صدر هريش هيم راجاڻي آهي. انهيءَ رات ماڻهن جي مجمعي ۾ مسٽر دنيش ٽهلياڻي ۽ مشهور وڪيل پورنيما آڏواڻي سان پڻ ملاقات ٿي. دنيش ممبئيءَ کان پوني آيو هو ۽ هُو ڪيترين سنڌي ايسوسيئيشنس جو ڪميٽي ميمبر آهي. پورنيما ’راشتريا مهلا آيوگيا‘ جي سرپرست آهي، پاڻ هتي جي مشهور وڪيل پڻ آهي. هُوءَ عورتن ۽ غريبن کي حق ڏيارڻ ۽ ڏيج ڏيڻ يا وٺڻ جي خلاف مهم هلائي رهي آهي. ان کان علاوه انهن عورتن جي بچاءَ لاءِ به ڪم ڪري رهي آهي، جن جي ساهرن کي جڏهن خبر پوي ٿي ته هُو پٽ بدران نياڻي ٻار کي جنم ڏيڻ واريون آهن، ته هنن جي زوريءَ ابارشن ڪرائي وڃي ٿي، جنهن سبب هنن جو موت ٿئي ٿو.
    هن محفل ۾ مسٽر ڪنهيا لعل گدواڻي پڻ موجود هو. ڪنيها لعل انڊيا جي اسيمبليءَ جو ميمبر پڻ رهي چڪو آهي. هن پنهنجي تقرير ۾ اها ڳالهه ڪئي ته ڌڻيءَ جي مهربانيءَ سان سڄي هندستان ۾ اڄ ڪوبه سنڌي پنندي نظر نٿو اچي. هر هڪ پورهيو ۽ محنت ڪري پنهنجو پيٽ پالي ٿو. بلڪ هُو انڊيا جي ٻين ڪميونٽين جي به مدد ڪري ٿو. خيراتي اسپتالن، اسڪولن ۽ ڪميونٽي ڀلاين ۾ دل کولي چندا ۽ خيرات ڏئي ٿو. سنڌين جي ان سخاوت جي انڊيا ۽ انڊيا کان ٻاهر رهندڙ به واکاڻ ڪن ٿا. هن کان پوءِ پروفيسر ديال به تقرير ڪئي. پروفيسر ديال (سڄو نالو ڊاڪٽر ديال آشا) هڪ تمام وڏو ليکڪ آهي. سندس سنڌي، هندي ۽ انگريزيءَ ۾ اٽڪل پنجاهه کن ڪتاب ڇپجي چڪا آهن ۽ تازو دبئيءَ ۾ رهندڙ سنڌين جي هڪ واپاري گروپ “رام ائنڊ وينا بخشاڻي فائونڊيشن” جي سرواڻ مسٽر رام بخشاڻيءَ هن سال جي ’ايشوري ٻائي لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ‘ لاءِ ڊاڪٽر ديال آشا جو نالو منتخب ڪيو آهي.
    انهن کان علاوه هن محفل ۾ دهليءَ کان آيل وينا شرما به تقرير ڪئي ۽ جئپور کان آيل جسٽس اندراسين ايسراڻي پڻ موجود هو، جنهن دراصل هن شام جو افتتاح ڪيو. جسٽس ايسراڻي انڊيا جي سنڌي ڪائونسل جو صدر به آهي. هن دادا جشن جي تمام گهڻي واکاڻ ڪئي ته دادا سڄي ڄمار انسانذات جي ڀلي ۾ وقف ڪري ڇڏي آهي. ساڳي ڳالهه هتي جي سابق سنڌي MP (پارليامينٽ جي ميمبر مسٽر سريش ڪيسواڻيءَ ڪئي).
    ٻئي ڏينهن جي فنڪشن جي شروعات دبئيءَ جي ڪامياب واپاري ڀڳوان شلواني تقرير سان ڪئي. هن تقريب ۾ دبئيءَ جو هڪ آڳاٽو ۽ وڏو واپاري مولراج منگهناڻي پڻ موجود هو. (سندس تفصيلي احوال دبئيءَ واري سفرنامي ۾ ڪندس.) ڪشو منسکاڻيءَ پنهنجي تقرير ۾ علي نواز وفائي اسٽائيل ۾ چيو ته سنڌي پنجن لفظن جو مرڪب آهي.
    S – Self Confidence
    I – Intelligence
    N – Nationalism
    D – Determination
    H & I – Hardworking Individuals
    ڪشو منسکاڻي الهاس نگر جي چاند ٻائي ڪاليج جو وائيس پريزيڊنٽ آهي، جيڪو ڪاليج هن جي ڪٽنب جي ڀاتين ٺهرايو آهي. مٿين کان علاوه ڊاڪٽر هريش ميرچنداڻي ۽ هيرو ٿارياڻي ۽ مسز اندو شاهاڻي پڻ موجود هئا، جن تقريرون ڪيون يا ساڌو واسواڻيءَ جا ٻول ٻڌايا. ڊاڪٽر هريش ميرچنداڻي جيڪو حيدرآباد دکن کان آيو هو، تنهن لاءِ چندروءَ ٻڌايو ته هُو ميڊيڪل جو ڊاڪٽر هو، پر دادا جي چوڻ تي هن ڊاڪٽري ڇڏي اسڪول هلايو ۽ اڄ هُو ماهر تعليمدان آهي ۽ مسٽر هيرو ٿارياڻي ڪمپيوٽرن جو ايڪسپرٽ انجنيئر ۽ سنڌو درشن جو ايم. ڊي. آهي. مسز اندو شاهاڻي، ممبئيءَ جي ايڇ. آر. ڪاليج جي پرنسپال آهي. هن محفل جي ڪمپيئرر مس منجو نچاڻي هئي، جيڪا ممبئيءَ جي ڪي. سي. ڪاليج جي پرنسپال آهي.
    هن محفل ۾ ڀَڄَن، وپن شيواڻيءَ ڳايا ۽ آخري راڳ مسز ڪاجل چنديراماڻيءَ ڳايو. ڪاجل پڻ تاجل بيوس جو لکيل غزل “سنڌ منهنجي امان” ڳايو، جنهن تي سڀ ماڻهو اُٿي بيٺا. جئه موتياڻيءَ ڪاجل سان گڏ منهنجو فوٽو ڪڍڻ مهل ٻڌايو، ته ڪاجل چندريماڻي سنڌيءَ جي اهم اديب رام پنجواڻيءَ جي پوٽي پڻ آهي.


    پوني پاسي جا سنڌي اديب

    پوني ۾ هفتو کن رهيس، جنهن دوران ساڌو واسواڻي مشن طرفان هلندڙ ادبي، سماجي، ميوزيڪل سيمينار ۽ ڪنوينشن به اٽينڊ ڪندو رهيس. منهنجي خيال ۾ پوني ۾ سنڌي اديبن، شاعرن ۽ فنڪارن جو هي وڏي ۾ وڏو ميڙاڪو هو، جنهن ۾ نه فقط انڊيا جا پر ڌارين ملڪن جا سنڌي پڻ اچي گڏ ٿيا هئا. پاڪستان کان به ويهارو کن مهمانن جي اچڻ جو پروگرام هو، پر جيئن شروع ۾ لکي چڪو آهيان ته وقت جي کوٽ ڪري ڪيترا پنهنجين آفيسن مان موڪلون يا انڊين هاءِ ڪميشن مان ويزا حاصل ڪري نه سگهيا. عجب اتفاق آهي جو سنڌ کان فقط آءٌ اٽينڊ ڪري سگهيس، جيتوڻيڪ هن پروگرام جو اطلاع مون کي سڀ کان آخر ۾ مليو، پر هُو ڇا چوندا آهن ته سڀ داڻي پاڻيءَ جو حساب آهي. منهنجي قسمت ۾ شايد پوني جو پاڻي لکيل هو ۽ انڊيا جي سنڌي اديبن، شاعرن ۽ فنڪارن سان ملاقات ڪرڻي هئي. خاص ڪري دادا جشن واسواڻيءَ سان جنهن کي هن کان اڳ فقط ٽي ويءَ تي ڏٺو ۽ ٻڌو هئم. دادا جشن کان علاوه هن جي ويجهو رهندڙ ۽ هن جي مشن کي هلائڻ لاءِ پنهنجي جان ۽ مال فدا ڪرڻ وارن مان ڪجهه ماڻهن سان ملاقات ٿي وئي ۽ ڪيترن سان ته بيحد چڱي طرح روز ٿيندي رهي ٿي، جيئن ديدي رتنا واسواڻي، ڪرشنا ڪماري ٿڌاڻي، رجني آهوجا، مهيش ۽ سندس پتني گيتا منيال، جئه موتياڻي، ڊاڪٽر مونا ۽ سندس ڀينرون ايشوري ۽ نرملا، مهيش ۽ مينو آئيديساني، چندرو ۽ سندس پتا ليکراج موهيناڻي، سينٽ ميران اسڪول جي هيڊ ماسترياڻي ڪرن جوتواڻي وغيره وغيره.
    آيل مهمانن جي رهائش جو بندوبست ساڌو واسواڻي چوڪ وٽ سينٽ ميران اسڪول جي سامهون واري چار ماڙ گيسٽ هائوس ۾ هو. مون کي سنڌ کان آيل اڪيلو مهمان ڏسي، هنن وڌيڪ عزت بخشڻ لاءِ، مون کي موليڏنا روڊ تي ڪنهن فائيو اسٽار هوٽل ۾ رکڻ چاهيو ٿي، پر مون گيسٽ هائوس ۾ رهڻ کي ترجيح ڏني ۽ اهو بهتر ڪيم جو اتي منهنجي هر وقت مهمان اديبن، شاعرن ۽ اهم شخصيتن سان هر وقت ملاقات ٿيندي رهي ٿي، خاص ڪري مانيءَ جي ٽائيم تي. نندلعل خانچنداڻي، ڀڳوان باباڻي، ڪملا بوٽاڻي، پشپا منواڻي، موهن چئناڻي، هري پنکج، ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتي، وينا شرنگي، مدن جماڻي (فلم ڊائريڪٽر)، هرگوبن پرسرام، ديا لاکي، اندرا شبنم (اندو شهدادپوري)، ليکراج خيراجاڻي، لالچند خيراجاڻي، ايم. ٽي. گنگواڻي، گوبند ڀارواڻي، گوبند رامچنداڻي، ڪيولرام گلراجاڻي، پريم تولاڻي ويندي نَوي ورهين جي دادي ساوتري آڏواڻي (مشهور وڪيل هوتچند آڏواڻي جي پتني، اشوڪ ۽ بئريسٽر هيرو جي ماءُ) سان ملاقات هن گيسٽ هائوس ۾ ٿي ٿي.
    پوني ۾ رهائش دوران هڪ ڳالهه نوٽ ڪيم ته جيئن جيئن سج مٿي چڙهيو ٿي اديبن شاعرن جو تعداد وڌندو رهيو ٿي. لنچ تي اهو انگ عروج تي هوندو هو، پر شام جو ڊنر تي 50 سيڪڙو به نه رهندو هو. ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻي (جيڪو پڻ مون سان گڏ هن گيسٽ هائوس ۾ ٽِڪيل هو) ٻڌايو ته ڪيترائي اديب هتي جي اوسي پاسي جا آهن ۽ تيز رفتار بسُن ۽ ريل گاڏين ۾ هُو شام جو پنهنجي ڳوٺ کنڊاوالا، لوناوالا، مهابليشور، پنچگاني، ڪولهاپور، سولاپور ۽ ويندي ڪلياڻ، الهاس نگر ۽ ممبئيءَ موٽيو وڃن.
    ڪيترائي سنڌي هندو ورهاڱي کان اڳ ئي هندستان جي مختلف شهرن ۾ نوڪري توڙي واپار وڙي خاطر رهيل هئا. ورهاڱي بعد هنن جو وڏو تعداد اڄ واري گجرات ۽ مهاراشٽرا رياستن جي شهرن ۾ اچي رهيو، جيڪي سنڌ صوبي کي ويجهو به آهن. پاڻيءَ واري جهاز ۾ سفر ڪرڻ وقت پهرين انهن رياستن جا بندرگاهه اچن ٿا، انهن رياستن جون زبانون گجراتي، ڪڇي ۽ مرهٺي وغيره سنڌيءَ سان ڪافي ملن ٿيون. سنڌ هڪ ضلعي جي حيثيت سان بامبي پريزيڊنسيءَ سان گڏ وڏو عرصو رهيو (جيئن سنگاپور مدراس سان). ورهاڱي کان اڳ نه فقط هندو سنڌي، پر ڪيترائي مسلمان شاگرد پڻ عليڳڙهه پري هجڻ ڪري، انڊيا جي مٿين رياستن ۾ ويا ٿي، جيئن شروع ۾ لکي آيو آهيان ته منهنجي والد گل محمد شيخ، پوني جي ايگريڪلچلر ڪاليج مان گريجوئيشن ڪئي ۽ منهنجي سهري مظهر حسين گهلوءَ جهونا ڳڙهه (گجرات) مان وڪالت ڪئي. سو اڄ به گهڻي کان گهڻا سنڌي ممبئي، بڙودا ۽ پوني جي آسپاس رهن ٿا.
    پوني ۾ سنڌين جون ڪيتريون ئي ادبي، سماجي، واپاري، ميوزيڪل ۽ ثقافتي جماعتون ۽ ادارا آهن، جن مان هڪ سنڌو سيوا دل بابت گذريل مضمون ۾ لکي چڪو آهيان. پوني جي روي وار پيٺ (Raviwar Peth) واري علائقي مان لنگهنديSindhi Yuva Manch جو بورڊ نظر آيو، جنهن لاءِ پروفيسر ٻلديو مٽلاڻيءَ جي شاگرد ڀوڄراج ليکواڻيءَ ٻڌايو، ته اهي ڪلچرل ۽ ڳائڻ وڄائڻ جا پروگرام arrange ڪن ٿا ۽ هن سنڌي يووا منچ جو اڄڪلهه صدر اشوڪ واشومل هاسيجا آهي ۽ نائب صدر نانڪ ٽيڪمداس هوندلاڻي آهي. ان کان علاوه موليڏنا روڊ تي، ڪلوور سينٽر وٽ ’ڀارتيا سنڌو سڀا‘ جا بورڊ پڻ نظر اچن ٿا. اها پڻ سنڌين جي ڪلچرل ايسوسيئيشن آهي.
    منهنجي خيال ۾ پوني ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ رهندڙ ڪجهه سنڌي ليکڪن جا هتي نالا ڏيڻ بي مهل نه ٿيندا. پوني جو هڪ ڪلفٽن جهڙو سهڻو علائقو ڪوريگائون پارڪ نالي آهي، جتي رجنيش ڀڳوان جو دنيا ۾ مشهور ’اوشو انٽرنيشنل ميڊيئشن ريسورٽ‘ به آهي. هي علائقو شيشا ڪيفي، سلڪ روٽ، بلو نيل ندي، گولڪونڊا، دي ييلو چِلي، Curve ۽ آرٿرس ٿيم جهڙين ريسٽورنٽن ۽ جرمن بيڪريءَ کان به مشهور آهي، اتي هڪ سنڌين جي ڪالوني ’واسواڻي نگر‘ به آهي. ڪجهه اديب اتان به آيا ٿي. پرسو جيسارام گدواڻي پڻ ڪوريگائون پارڪ کان آيو ٿي. گدواڻي صاحب ڊيڪن ڪاليج پوسٽ گريجوئيٽ اينڊ ريسرچ انسٽيٽيوٽ مان سنڌي لنگئسٽڪ جي ريڊر جي حيثيت ۾ 1996ع ۾ رٽائرمينٽ حاصل ڪيائين. سندس لکيل ڪتابن مان ڪجهه هي آهن:
    • شاهه جي شاعري
    • سنڌ جا ٽيهه سال
    • سنڌي ٻوليءَ جي زيارت
    • ڳجهارتون
    • سنڌي لوڪ ورثو
    • اچو ته سنڌي سکون وغيره.
    پوني جي نشاط ٽاڪيز جيڪا پوني جي نانا پيٺ واري علائقي ۾ آهي، اتي ’پريم آڏواڻي فرينڊس سرڪل‘ نالي ادارو آهي، جيڪو سنڌي ڪتاب ڇپي ٿو. پرسو جيسارام گدواڻيءَ جا ڪتاب پڻ هن ئي اداري ڇپيا آهن. هتي اهو به لکندو هلان ته پوني جو شهر جن مختلف علائقن ۾ ورهايل آهي، اهي پيٺ (Peth) ٿا سڏجن، جن جو تفصيلي احوال ڪٿي ٻئي هنڌ ڪنداسين.
    66 ورهين جو گوورڌن شرما جنهن جو ادبي تخلص ’گهايل‘ آهي سنڌي ادب ۽ سنڌي لٽرري فنڪشن جي اهم شخصيت آهي، جنهن سان پوني ۾ روزانو ملاقات ٿيندي رهي ٿي. گوورڌن شرما، پوني جي سنڌي ادبي سڀا جو گهڻي وقت کان صدر رهندو اچي. گوورڌن شرما، پوني جو ئي رهاڪو آهي ۽ پوني جي هڪ سنڌي علائقي ’ڪلياڻي نگر‘ ۾ سندس گهر آهي. پاڪستان ۾ ڪيترائي اديب سندس فون نمبر پڇندا رهيا آهن ۽ ٻين جي سهوليت لاءِ هتي سندس فون نمبر 26608752-020 لکي رهيو آهيان. پوني جو ڪوڊ نمبر 020 آهي. جيئن ڪراچيءَ جو 021 ۽ حيدرآباد سنڌ جو 022 آهي. ممبئيءَ جو به 022 ئي آهي. انڊيا ملڪ جو 0091 آهي، جيئن پاڪستان فون ڪرڻ لاءِ ٻاهرين ملڪن کان 0092 پهرين ملايون ٿا.
    گوورڌن شرما ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف آهي. جهڙوڪ:
    • ڇڏ سکي سرگم
    • اهي مور ڀلي مرڪن
    • ڪونجون ٿيون ڪرڪن
    • ڪلام جو سپاهي
    • ميڙي چونڊي
    گوورڌن شرما، ’مڪان خالي آهي‘ ۽ ’عمر مارئي‘ جهڙا ڊراما پڻ لکيا آهن. جن جا ڪتاب پڻ ڇپجي چڪا آهن. هنن کي ڪيترائي ايوارڊ ۽ انعام ملي چڪا آهن.
    گوورڌن شرما ۽ ڪجهه ٻين سنڌي اديبن مون کي پنهنجا ڪتاب سوکڙيءَ طور ڏيڻ جي مهرباني ڪئي، پر اهي سڀ ممبئي يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڊپارٽمينٽ جي شاگردن کي ڏئي ڇڏيم. ڊپارٽمينٽ جي هيڊ ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻيءَ چيو: “سائين هي ڪتاب هيڏن وڏن اديبن توهان کي وڏي خلوص مان ڏنا آهن، جيڪي هتي ڇڏي پيا وڃو؟”
    “ان ڪري جو آءٌ نٿو چاهيان ته ممبئي ايئرپورٽ تي توهان جو ڪسٽم ڊپارٽمينٽ مون کي گهڻي وزن کڻڻ ڪري تنگ ڪري ۽ ٻيو ته هتان آءٌ گهر موٽڻ بدران شايد ايران هليو وڃان.” ٻڌايومانس.
    “پوءِ چئو ته هنن ڪتابن مان ڪجهه توهان کي پوسٽ ڪريان جيئن توهان پڙهي سگهو.” ٻلديو چيو، جنهن لاءِ مون سندس ٿورا مڃيندي چيو،”توهان پوسٽ ڪرڻ جي تڪليف نه ڪريو، پڙهڻ لاءِ مون کي اتي پاڻهي ملي ويندا.” ۽ پوءِ ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻيءَ کي ٻڌايم ته مون وٽ پنهنجي لئبريري ته بنهه ناهي. جڏهن ڪنهن سنڌي ڪتاب پڙهڻ جي ضرورت پوندي اٿم ته ٽن ماڻهن جي در جو ڪڙو کڙڪائيندو آهيان ۽ انهن مان ڪنهن نه ڪنهن وٽان اهو ڪتاب ملي ويندو آهي. اهي ماڻهو آهن:
    • ڪراچيءَ ۾ رکيل مورائي جيڪو برسات اخبار سان وابسته آهي.
    • حيدرآباد ۾ تاج جويو، جيڪو صاحب سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ جو سيڪريٽري آهي.
    • لاڙڪاڻي ۾ مختيار سومرو، جيڪو “ناليج سينٽر” جو سرپرست آهي.
    پوني جي ’سنڌي ادبي سڀا‘ جو نائب صدر ڇاٻلداس ميلاڻي آهي. هي صاحب پوني جي راستا پيٺ واري علائقي ۾ رهي ٿو ۽ ادبي مضمونن جي ڳٽڪي ’ڀڳتيءَ ۾ شڪتي‘ ڪتاب جي ڪري مشهور آهي. ميلاڻيءَ کان علاوه مسز رتنا به هن اداري جي نائب صدر آهي. رتنا جو تخلص ’رولاڪ‘ آهي ۽ پاڻ ادبي ۽ فلمي دنيا جي مشهور شخصيت آهي. هن سنت پارو شاهه تي سنڌيءَ ۾ فلم ٺاهي آهي. پاڻ ڪيترن ئي ڪتابن جي ليکڪا آهي، جيئن:
    • محبت جي منزل
    • پٿرن ٿي رنو
    • هڪ رات جو راهي
    • سنجها جي سواري
    • قلم منهنجي جون قاتل اکيون
    • ڏوهه ڪنهنجو.... وغيره
    رتنا رولاڪ جي رهائش پوني ۾ ساڌو واسواڻي چوڪ جي ويجهو موليڏنا روڊ تي ئي آهي.
    سنڌي ادبي سڀا جو خزانچي هرڪشن جمناداس سامتاڻي آهي، جيڪو هوٽل شريمان جي ڀرسان ’بُند گارڊن روڊ‘ تي رهي ٿو. سامتاڻي صاحب لاءِ ڪيترن اديبن ٻڌايو پئي ته، ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ ۾ ايڪسپورٽ آهي ۽ عربي توڙي ديوناگري سنڌي لکڻيءَ ۾ ڪتاب يا مئگزين ڇپرائي ڏيڻ ۾ هي ڪافي مدد ڪري ٿو. سندس ٻن ڪتابن جو چڱو ذڪر هلي رهيو هو. هڪڙو ’تيز هوائون‘ جيڪو ناول آهي ۽ 1997ع ۾ ڇپيو، ٻيو ’دنيا رنگ رنگيلي‘ جيڪو افسانن جو مجموعو آهي ۽ سال 2000ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب تي کيس نئشنل ڪائونسل فار پروموشن آف سنڌي لئنگويج وارن طرفان ايوارڊ به ملي چڪو آهي. پوني مان نڪرندڙ سنڌي رسالي ’ورثي‘ ۾ سندس شاعري به ايندي رهي ٿي.


    پوني پاسي جا ڪجهه ٻيا اديب

    پروفيسر ٻلديو فتحچند ’ديپ‘!

    هي صاحب هن وقت 67 سالن جو ٿيندو ۽ پوني جي “نوين هند هاءِ اسڪول ائنڊ جونئر ڪاليج” جو رٽائرڊ پرنسپال آهي. هي انهن ماڻهن مان آهي، جيڪي نج فارم ۾ سنڌي ڳالهائين ۽ لکن ٿا. پاڻ M.A ۽ B.Ed آهن. ايم. اي. سنڌيءَ ۽ هنديءَ ۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن سان حاصل ڪيائون. سندس شاعريءَ جو ڪتاب ’زندگيءَ جي راهه تي‘ هتي جي ادبي حلقن ۾ مشهور آهي. ان کان علاوه ڪيترن ڊرامن ۾ سندس ڊائريڪشن آهي ۽ انهن مان ڪجهه ۾ پاڻ اداڪاري به ڪئي اٿن. سنڌين جي هڪ علائقي ميران هائوسنگ سوسائٽيءَ ۾ شنڪرشيٽ روڊ تي رهائش اٿن.

    اندرا پونا والا!
    آڪاشواڻيءَ تان ٻارن لاءِ ڊراما پيش ڪندڙ، سنڌي ليکڪا اندرا ٻلديو ٻڌراڻي سندس ڪتاب ’پشپ چمن جا‘ کان پڻ مشهور آهي.
    اندرا نالي هڪ ٻي ليکڪا جو پڻ هن شهر پوني سان واسطو آهي، بلڪ هُوءَ ته سڏجي ئي پونا والا ٿي جيئن راز ناٿن شاهي، مومن مليرائي يا سيف ٻنوي! اندرا پونا والا، جيڪا پنهنجو پاڻ کي پنهنجي پيءُ جي ڳوٺ جي نالي سان شهدادپوري پڻ سڏائي ٿي، پوني جي هنن محفلن ۾ صبح شام آئي ٿي ۽ ٻڌايائين ته هُوءَ هتي شيواجِي نگر علائقي جي ماڊل ڪالونيءَ ۾ رهي ٿي ۽ سندس شاعراڻو تخلص ’شبنم‘ آهي. ان حساب سان ڏٺو وڃي ته سندس نالو الله بخش ’سرشار‘ عقيلي يا حاجي شاهه ’هموطن‘ سيتائي کان به وڏو ٿي ويو يعني شريمتي اندرا پونا والا شهدادپوري ’شبنم‘.
    سندس ڪجهه ڪتاب هن ريت آهن:
    • شبنمي قطره
    • سالن جو سک
    • عبادت... وغيره

    پروفيسر ايشوري جوتواڻي!

    پاڻ ساڌو واسواڻي پاٿ تي ئي رهي ٿي ۽ هن پنهنجي سڄي عم ساڌو واسواڻي جي مشن پٺيان وقف ڪري ڇڏي آهي. سندس احوال شروع ۾ ڊاڪٽر مونا واري چئپٽر ۾ لکي چڪو آهيان، جو ساڻس ۽ جئه موتياڻيءَ سان گڏ آءٌ ممبئيءَ کان پوني آيو هئس. ايشوريءَ جي هن وقت عمر 80 سال کن ٿيندي، پر اڃا تائين لکندي رهي ٿي. سندس ڪيترائي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، جن مان گهڻا مشهور هي آهن:
    • محبت جو تياڳ
    • الفت جي آڳ
    • ڪرامتي ڪوتڪي
    • ڪوتڪي گلدستو
    • ڪامل جون ڪهاڻيون
    • آکاڻيون پورب ديشن جون
    • امر چترا ڪٿا
    • امنگن جا آبشار
    • ڇتراپتي شيواجي... وغيره
    ايشوري جوتواڻي اٺن ڀائر ڀينرن مان سڀ ۾ وڏي آهي. ايشوريءَ جو پتا ٽوپڻ داس جوتواڻي 1904ع ۾ ڄائو ۽ پهريون سنڌي انجنيئر هيو، جنهن 1928ع ۾ انگلينڊ مان B.E جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ ايشوريءَ جي مامي ليکراج ٽهلراماڻيءَ به انگلينڊ مان انجنيئرنگ جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ سکر بئراج ٺاهڻ وارن انجنيئرن مان هڪ هو. ايشوريءَ جون ٽي ڀيڻون ڪوشيلا شبلاڻي، نرملا جوتواڻي (هن به شادي نه ڪئي ۽ ايشوريءَ وانگر سڄي عمر ساڌو واسواڻي مشن هيٺ غريبن ۽ ڏکويلن جي خدمت ڪندي رهي آهي) ۽ روما گدواڻي پوني ۾ ئي رهن ٿيون. روما گدواڻي پوني جي هڪ اسڪول جي پرنسپال هئي، پر هي سِٽون لکڻ وقت ايشوريءَ کان معلوم ٿيو ته هن کي ڊائريڪٽر ايڊيوڪيشن مهاراشٽرا جي عهدي تي مقرر ڪيو ويو آهي.

    ڊاڪٽر ڪنيهالعل ليکواڻي!

    هيءُ پوني ۾ نگر روڊ تي رهي ٿو. گرامر ۽ ڊڪشنرين سان واسطو رکندڙ ڪيترائي ڪتاب هن جا لکيل آهن. جيئن:
    • غير سنڌي ٻالڪن لاءِ سنڌيءَ جو بنيادي اڀياس
    • پنهنجي ٻولي سنڌي
    • اچو ته سنڌي سکون
    • ادبي گلدستو
    • بنيادي سنڌي- انگريزي- هندي ڊڪشنري
    • بنيادي سنڌي- انگريزي ڊڪشنري
    • سنڌي تصويري ڊڪشنري
    • Basic Sindhi Grammer
    • سنڌياتا جي سڳنڌ.

    ڊاڪٽر لڇمڻ خوبچنداڻي!

    سنڌي ادبي ۽ ساهت جو هڪ اهم نالو آهي. پاڻ هن وقت 73 سالن جو ٿيندو. رٽائرمينٽ وقت پاڻ يونيورسٽي آف هوائي، آمريڪا جو پروفيسر آف لنگسٽڪس هو. ڊاڪٽر خوبچنداڻيءَ کي ڪيترائي قومي ۽ بين الاقوامي ايوارڊ ملي چڪا آهن. پاڻ زبان، تعليم ۽ ثقافت تي ڪيترائي ڪتاب انگريزيءَ ۾ لکيا اٿن ۽ ڪجهه سنڌيءَ ۾ پڻ جيئن، ’سنڌي سماج ۽ ڀاشا و گيان.‘
    ڊاڪٽر خوبچنداڻيءَ Ph.D جي ڊگري آمريڪا جي يونيورسٽي آف پينسلوانيا مان حاصل ڪئي ۽ هونو لولو هوائي ۾ پڙهائڻ کان سواءِ سنگاپور ۽ سوڊان جي يونيورسٽين ۾ پڻ پڙهايو آهيس.آمريڪن بايوگرافيڪل انسٽيٽيوٽ طرفان ڊاڪٽر لڇمڻ خوبچنداڻي Man of the year پڻ چونڊجي چڪو آهي. پاڻ اڄڪلهه سنڌو چئريٽيبل ٽرسٽ جو چيئرمين آهي. مون کي ساڻس پهرئين ڏينهن ئي ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻيءَ ملايو. آءٌ اسٽيج تان لهي ساڻس اچي ويٺس. انهن يادگار گهڙين جون تصويرون فلڪر ۽ گوگل جي Images تي نظر اچي سگهن ٿيون.

    تارا ميراچنداڻي!

    نارنگي باغ روڊ پوني جي هيءَ رهاڪو هند سنڌ ۾ مشهور آهي. سندس ڪيترائي ڪتاب ممبئي يونيورسٽيءَ جي سينٽرل لئبرري (جواهر لعل نهرو لئبرريءَ جي فرسٽ فلور تي نظر آيا.) ڪجهه جا نالا هن ريت آهن:
    • ڪومايل ڪَلِي
    • آئينو ۽ عڪس
    • رٻڙ جي گُڏي
    • الجهيل تندون ريشم جون
    • لهرن جي گونج
    • وساريا نه وسرن
    • سورج جي پهرين ڪِرڻ... وغيره

    چوهڙ لعل ڪيسواڻي!

    چوهڙ لعل ڪيسواڻي پڻ پوني جو شاعر آهي ۽ گرونانڪ نگر ۾ رهي ٿو. پاڻ سنڌيءَ ۾ ڪيترائي شعر ۽ غزل چيا اٿس.

    تولارام راهيجا!

    تولارام راهيجا، جنهن جو تخلص ’لالي‘ آهي. پوني جي ڀر واري ڳوٺ پمپري ۾ رهي ٿو. سندس سنڌي، مرهٺي ۽ انگريزي ۾ سوين مضمون آهن ۽ 5 کن ڪتاب به آهن. کيس ڪيترائي انعام ۽ ايوارڊ ملي چڪا آهن.


    ڀڳوان کلناڻي ’ساقي‘!

    ڀڳوان کلناڻي “ساقي” پوني شهر ۾ ساڌو واسواڻي چوڪ جي بلڪل ويجهو واڪنگ ڊسٽنس تي رهي ٿو. سندس ڇپيل ڪتاب ڪجهه هن ريت آهن:
    • خاموشين سان ڳالهيون
    • مستي پرينءَ جي
    • گستاخيون... وغيره
    سندس هڪ ڪتاب انگريزيءَ ۾ Bubbles of Life نالي پڻ آهي.

    شاڪُو کلناڻي!

    شاڪُو کلناڻيءَ جو پڻ پوني سان واسطو آهي. سندس ٻه ڪتاب هن ريت آهن:
    • پهرين وک
    • ڪي گل ڪي گاهه

    گوپ درياڻي ’ڪمال‘!

    گوپ درياڻي ’ڪمال‘، پاڻ پوني جي سناگاگ اسٽريٽ تي رهن ٿا. سندس ڪجهه ڇپيل ڪتاب هن ريت آهن:
    • زندگي جا چار ڏينهن (ناول)
    • چورايل خوشيءَ جو سُک (ڪهاڻيون)
    • هاءِ منهنجي نظر
    • سرحد تي گل (شاعري)
    • ننڊ ڦٽل (شاعري)
    • واپسي (شاعري).

    رڪمڻي سندر چئناڻي!

    رڪمڻي سندر چئناڻي، پاڻ شنڪرشيٽ روڊ تي ميرا ڪالونيءَ ۾ رهي ٿي. پاڻ اعليٰ پئماني جي ليکڪا آهي، جنهن سان مون کي ايشوري جوتواڻيءَ متعارف ڪرايو. رڪمڻيءَ جو تخلص توهان کي به پسند ايندو. اهو آهي ’رُسڻي‘. رڪمڻيءَ جا ڪيترائي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، جن مان ڪجهه هن ريت آهن:
    • گيت پريت جا
    • احساس
    • درد جو آواز
    • قسم پيار جو
    • جدايون
    • نيون راهون
    • سنڌي ناول ۾ ناري
    • پيار
    • مون کي چنڊ کپي
    • ورهاڱي کان پوءِ ڀارت ۾ سنڌي ليکڪائون
    • ماڻهو... وغيره وغيره.

    سريچند ’سنگدل‘!

    سريچند ’سنگدل‘، سنڌ جي اديبن وانگر انڊيا ۾ به ڪيترن اديبن جا تخلص آهن. سريچند جو تخلص “سنگدل” آهي. سريچند جا ڪجهه ڪتاب هن ريت آهن:
    • سرڳ جي آغوش ۾
    • دلڙي ٿي دانهون ڪري (ناول)
    • درد جو درياهه (ڪهاڻين جو مجموعو)
    هڪ ڳالهه نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته اسان وٽ سنڌ ۾ شاعري، افسانن، آتم ڪٿائن، سفرنامن، يادگيرين تي جيترا ڪتاب ڇپيا آهن انهن جي مقابلي ۾ ناول نه برابر ڇپيا آهن، پر انڊيا ۾ رهندڙ سنڌي اديبن مان ڪيترن ئي ناول لکيا آهن. هتي جيڪو مون پوني جي سنڌي اديبن جو ذڪر ڪيو آهي، ان مان ڪيترن ئي ناول لکيا آهن.
    سريچند ’سنگدل‘ پوني ڀرسان هڪ ننڍڙي ۽ سنڌين جي حوالي سان مشهور شهر پمپري (Pimpri) ۾ رهي ٿو، جتان جو رهاڪو تولارام راهيجا ’لالي‘ به آهي. ان کان علاوه پروفيسر ڪويتا ٽهلياڻي به پمپري جي آهي. هُوءَ پوني يونيورسٽي جي ڊپارٽمينٽ ’سنڌي سبجيڪٽس اڀياس منڊل‘ جي چيئرپرسن آهي.
    پمپري جيتوڻيڪ الڳ شهر آهي. پر پوني جي ويجهو هجڻ ڪري پوني سان ائين گڏيل لڳي ٿو، جيئن اڄڪلهه ڪراچي لانڍي يا کڻي چئجي ته حيدرآباد ڪوٽڙي. بلڪ جيئن ڪوٽڙي ۽ ڄامشورو هڪٻئي سان مليا پيا آهن. تيئن پمپري ۽ ان جي ڀر وارو ٽائون چنچواد (Chinchwad) آهي. ايتريقدر جو پمپري ۽ چنچواد جي ميونسپالٽي به هڪ آهي، جيڪا ’پمپري چنچواد ميونسپل ڪارپوريشن‘ PCMC سڏجي ٿي.
    پمپري ۽ چنواد پوني شهر جي اتر اولهه ۾ آهي ۽ پراڻي پوني ممبئي هاءِ وي تي آهي، جيئن لانڍي پراڻي ’حيدرآباد ڪراچي هاءِ وي‘ تي آهي. پمپري، پوني، ناسڪ، اورنگ آباد، ممبئي ۽ نانگپور وغيره مهاراشٽرا صوبي جا شهر آهن، سو ظاهر آهي هتي مرهٺي زبان هلي ٿي، پر ڪلياڻ ۽ الهاس نگر وانگر پمپريءَ ۾ به ٻئي نمبر تي گهڻي سنڌي ڳالهائي وڃي ٿي، جو هندستان جي ورهاڱي کان پوءِ انڊيا جي سرڪار سنڌ کان لڏي آيل سنڌين جي وڏي تعداد کي پمپري شهر ۾ رهايو هو، جيڪو ان وقت ته هڪ ڳوٺ وانگر هو، پر پوءِ ان ڳالهه جي هر هندستاني ۽ ڌاريون اعتراف ڪري ٿو، ته الهاس نگر ۽ ڪلياڻ وانگر پمپريءَ کي به سنڌي بزنيس مئن ۽ ڪارخانيدار وڌايو ۽ اڄ واري اوج تي رسايو آهي. اڄ پمپري انڊيا جو خوشحال، امير ۽ مشغول ڪمرشل شهر آهي.
    پمپريءَ ۾ ڪيترائي موٽرن (آٽو موبائيل) جا ڪارخانا آهن: بجاج آٽوز، مهندرا نَوي اسٽار، ٽاٽا موٽرس، ڪائنيٽڪ انجنيئرنگ وغيره. هيوي انڊسٽريءَ جا به ڪيترائي ڪارخانا آهن، جهڙوڪ فوربس مارشل، الفالاول، سانڊوڪ، KSB پمپ وغيره. دبئيءَ ۾ هاڻ ٺهندڙ انفارميشن ٽيڪنالاجي سٽي وانگر پمپري ۾ “راجيو گانڌي انوٽيڪ پارڪ” نالي علائقو آهي، جتي IBM، ڪي پي ٽي آءِ، ڪمنس، وائپرو جهڙيون ڪيتريون ئي بين الاقوامي شهرت جون ڪمپيوٽر ڪمپنيون ۽ انهن جا ڪارخانا آهن.
    پمپريءَ کان پري بمبئيءَ ڏي کانڊالا ۽ لونا والا اچي ٿو. اهي ٻئي هِل اسٽيشنون آهن ۽ پوني ۽ ممبئيءَ جي وچ ۾ آهن. انڊيا جا ڪجهه سنڌي اديب اتي به رهن ٿا ۽ هنن لاءِ ممبئيءَ يا پوني وڃڻ ائين آهي جيئن نوري آباد يا ٺٽي کان ڪراچي يا حيدرآباد وڃڻ. هُو ڏينهنڪ اچي وڃي سگهن ٿا.

    هيملتا بجاج!

    لونا والا ۾ رهندڙ اهڙين اديبن مان هيملتا بجاج هڪ آهي. هُوءَ هتان نڪرندڙ سنڌي عورتن جي ڊائريڪٽريءَ جي ايڊيٽر آهي. سندس ڪجهه ڇپيل سنڌي ڪتاب هن ريت آهن:
    • جن ڀوت موڪل تي
    • ناريءَ جو سنگهرش
    • ڪنهن سان پنهنجا سُور سليان
    • پيسي جي گڏي.


    پوني جا پيٺ (Peth)...

    انڊيا جو پوني شهر، جنهن کي انگريزن جي دور ۾ پونا (Poona) سڏيو ويو ٿي ۽ هتي رهندڙ ڪيترائي سنڌي هندو هن کي “پُوڻي” سڏين ٿا مُولا ۽ مُوٿا نالي ٻن ندين جي ڪنارن جي وچ ۾ آهي. ڪوهه مري ۽ ايوبيه وانگر ڪجهه مٿاهين Altitude تي هجڻ ڪري ممبئي ۽ ٻين اوسي پاسي جي شهرن کان هتي گهٽ گرمي آهي. گهڻي بارش ۽ جابلو علائقو هجڻ ڪري چوڌاري ساوڪ ۽ سهڻا نظارا آهن. جيئن انگريز سرڪار وارا اونهاري جا ڪجهه مهينا پنهنجن ڪلارڪن، پٽيوالن ۽ فائيلن سميت شمله شهر جي ٿڌڪار ۾ وڃي گذاريندا هئا. اهڙيءَ طرح ممبئيءَ جو گورنر ۽ ٻيا سرڪاري ڪامورا پنهنجن نوڪرن چاڪرن سان پوني پهچي ويندا هئا.
    پوني جي مشهوري انگريزن جي دور کان به گهڻو اڳ جي آهي ۽ هي شهر ڪافي آڳاٽو ۽ تاريخي آهي. 1630ع ۾ شاهي گهراڻي جي راڻي جيجا ٻائي پنهنجي پٽ شيواجيءَ سان هتي اچي رهي هئي. “دادوجي ڪونڊيو” نالي هڪ برهمڻ فوجي ۽ وفادار صوبيدار کي مهاراشٽرا جي حاڪم شاهاجيءَ، جيجا ٻائي ۽ ننڍڙي ٻار شيواجي سارسنڀال لاءِ رکيو، جنهن پوني ۾ “لال محل” نالي محلات پڻ ٺهرايو ۽ مرهٺا سلطنت جي گادي راجگاد شفٽ ٿيڻ تائين پوني جو هي محلات مرهٺا سلطنت جو شاهي محل ٿي رهيو.
    هتي جا ماڻهو وڏي عقيدت سان ٻڌائين ٿا ته جن ڏينهن ۾ جيجا ٻائي پنهنجي پٽ شيواجيءَ سان گڏ پوني جي جنهن علائقي ۾ اچي رهي، انهن ڏينهن ۾ ٻار ڪجهه ڍڳين کي چارڻ لاءِ هن جي پاڙي ۾ وٺي آيا، جن کي گنپتي ديوتا جو پتلو ملي ويو، جنهن کي رنگ ڏيئي پوڄا پاٺ شروع ڪري ڏني. مهاراجا شيواجيءَ جي ماءُ جيجا ٻائيءَ هن کي هڪ نيڪ فال ڳالهه سمجهي، هڪدم مندر ٺهرائڻ جو فيصلو ڪيو. اهو مندر “قصبه گنپتي مندر” جي نالي سان سڏجي ٿو. گنپتي دراصل هندن جي گنيش ڀڳوان جو ٻيو نالو آهي، جيڪو هاٿيءَ جي منهن سان ٿئي ۽ جيڪو هندو ڌرم موجب انسانن جا مشڪل آسان ڪري ٿو. هتي جي هڪ مرهٺي پنڊت، جيڪو پوني ريلوي اسٽيشن وٽ پپر جي وڻ هيٺ مليو، ٻڌايو ته گنيش ڀڳوان کي مهاراشٽرا ۽ هندستان جي ڏاکڻين رياستن ۾، جتي تامل، تيلگو ۽ مليالم جهڙيون زبانون ڳالهايون وڃن ٿيون، وناياڪا ۽ پيلائييار به سڏجي ٿو. پوني ۽ ممبئيءَ ۾ گنيش سان وابسته ڪيترائي تهوار ٿين ٿا ۽ پوني شهر کي ته سڏين ئيCity of Ganesh (گنيش ديوتا جو شهر).
    پوني ۾ ڪيترائي مندر آهن، بلڪ پوني مندرن جو شهر به سڏجي ٿو. پوني ۾ تاريخي نوعيت جي شنيوار وادا ضلعي کان ٿورو پرڀرو “داگدو سيٺ حلوائي گنپتي مندر” آهي، جيڪو پڻ گنيش ڀڳوان کي منسوب ٿيل آهي. ممبئيءَ کان آيل سُميت گيهاڻي، جنهن هي مندر ڏيکاريو، تنهن ٻڌايو ته، هي مندر سڄي مهاراشٽرا ۾ مشهور مندر آهي، جنهن ۾ هر سال پير ڀرڻ لاءِ هتي جو وزيراعليٰ به اچي ٿو، جڏهن هن ديوتا جو “گنيشو تساو” نالي ڏهه ڏينهن جشن هلي ٿو. هي مندر پوني شهر جي مشهور حلوائي داگدو سيٺ امير ترين واپاري ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ 1893ع ۾ ٺهرايو هو. مندر ٺهرائڻ کان هڪ سال اڳ هن سيٺ جو پٽ مري ويو هو ۽ پنهنجي گروءَ جي چوڻ تي هن گنيش ديوتا جي مورتي ٺهرائي. بعد ۾ هن “حلوائي گنپتي ٽرسٽ” به قائم ڪيو. مندر ۾ جيڪو گنيش جو اهم پتلو رکيل آهي، اهو هڪ ڪروڙ رپين ۾ انشوئر ٿيل آهي.
    هتي دراصل پڙهندڙن لاءِ ڪجهه سِٽون، پوني جي پيٺن (علائقن) بابت لکڻ چاهيان ٿو. جيئن دنيا جا مختلف شهر مختلف علائقن، ڪالونين يا Sections ۾ ورهايل هوندا آهن، تيئن پوني شهر ۾ توهان کي پيٺ (Peth) جو لفظ ٻڌڻ ۾ ايندو. پيٺ دراصل مرهٺي زبان جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي پاڙو، علائقو وغيره. مزي جي ڳالهه اها آهي ته اهو لفظ توهان کي فقط پوني ۾ ئي ٻڌڻ ۾ ايندو، جيتوڻيڪ مهاراشٽرا ۾ ته ٻيا به انيڪ شهر آهن.
    پوني شهر ڏٺو وڃي ته ٽن چئن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. هڪ پراڻو پوني، جنهن کي سينٽرل پوني يا مرڪزي پوني سڏيو وڃي ٿو جتان پوني شروع ٿيو. جيئن ڪراچيءَ جو سمجهو ته ميٺادر، کارادر، چاڪيواڙا، موسيٰ لين وغيره آهي. صدر وارو علائقو ۽ بولٽن مارڪيٽ وغيره پوءِ جو شهر آهي، جنهن کي انگريزن جي دور جو ڪراچي به سڏي سگهجي ٿو. ان بعد پاڪستان کان پوءِ جي دور جي ڪراچي آهي، جنهن ۾ PECH سوسائٽيءَ کان وٺي ناظم آباد، گلشنِ اقبال، گلستانِ جوهر وغيره اچي وڃن ٿا. تيئن سينٽرل پوني (قديمي پوني) بعد Inner پوني سڏجي ٿو، جنهن ۾ جيمخانا، شيواجي نگر، ڪوريگائون پارڪ، سوارگيٽ، پاروتي، سئلسبري پارڪ ۽ گلتيڪدي وغيره اچي وڃن ٿا. ان بعد جيڪو چوڌاري شهر آهي، اهو آئوٽر پوني سڏجي ٿو، جنهن ۾ نيون ڊيولپ ٿيل شيون آهن، جيئن کڙڪي، گنيش کِنڊ، پاد روڊ، شنڪر نگر، لُلانگر، فاطمه نگر، هدپنسر ۽ وشرانت وادي وغيره.
    پوني ۾ آيل ٽوئرسٽ جو گهڻو واسطو مرڪزي پوني يعني قديمي پوني سان ئي پوي ٿو ۽ هي علائقو جن پاڙن يا حصن ۾ ورهايل آهي انهن پاڙن يعني پيٺن جو تعداد سترنهن آهي. هي علائقو يعني هي سترنهن پيٺ ان وقت جا قائم ٿيل آهن، جڏهن هتي مرهٽن ۽ پيشوائن جي حڪومت هئي، يعني سترهين ۽ اوڻهين صديءَ جي وچ اندر. هنن پيٺن مان ستن جا نالا ته هفتي جي ستن ڏينهن سان آهن، جيڪي مرهٺي زبان ۾ سوموار (سومر)، منگلوار (اڱارو)، بدوار (اربع)، گرووار (خميس)، شنڪروار (جمع)، شنيوار (ڇنڇر) ۽ روي وار (آچر) پيٿ سڏجن ٿا. اڄ کان ستر اَسي سال اڳ جڏهن منهنجو والد پوني جي ايگريڪلچر ڪاليج ( هاڻ يونيورسٽي) ۾ پڙهندو هو، تڏهن پوني شهر جو گهمڻ ڦرڻ، جاين جڳهين، هوٽلن مندرن ۽ شاپنگ جي خيال کان قصبه پيٺ بلي بلي علائقو هوندو هو، جيئن انهي وقت ۾ اسان وٽ چاڪيواڙي وارو علائقو ڪراچيءَ جو وچ شهر هو ۽ جتان جي اوسي پاسي وارن علائقن لي مارڪيٽ، کجور مارڪيٽ، جوڙيا بازار، جهونا مارڪيٽ ۽ کوڙي گارڊن جهڙن خريد و فروخت جي جاين تان نه فقط سنڌ پنجاب جا پر بلوچستان جي ڏورانهن علائقن جا ماڻهو به اچي خريداري ۽ وڪرو ڪندا هئا، پنهنجن دوستن ۽ مٽن مائٽن سان هوٽلن ۾ ملاقات ڪندا هئا. ڪريم بخش نظاماڻي صاحب جي آتم ڪٿا ’ڪيئي ڪتاب‘ ۾ پڙهيم ته هُو گهمڻ ڦرڻ جي شوق يا راڳ رنگ يا ملڻ ملاقات لاءِ بمبئيءَ ويندو هو يا لي مارڪيٽ جي ڪنهن هوٽل ۾ اچي رهندو هو. ان وقت ڪراچيءَ جي چهل پهل ۽ رونق وارو علائقو چاڪيواڙو ۽ لي مارڪيٽ هئا، جتي ٻارهوئي جشن ۽ ميلو متل هوندو هو. اهو ئي حال پوني جي قصبه پيٺ جو هو، پر افسوس جي ڳالهه اها آهي جو سياستدانن جي ڪوتاهين ۽ ڌيان نه ڌرڻ ڪري اڄ ڪراچيءَ جا اهي پراڻا، اصلوڪا ۽ رونق وارا علائقا تباهه ٿي ويا آهن بلڪ جرم جا اڏا ٿي پيا آهن، جتي جا رهاڪو توڙي خريد و فروخت لاءِ ويندڙ گراهڪ خوف جي زندگي گذارين ٿا. هيڏانهن پوني جو قصبه پيٺ پراڻي زماني جي سوڙهين گهٽين باوجود دڪانن، مندرن ۽ ٽوئرسٽن کان ٻهڪي ٿو، جتي ڏينهن رات رونق ئي رونق آهي. ڀانت ڀانت جي شين جا دڪان، مٺائين ۽ ڪيڪن بسڪيٽن جا دڪان، ٿانوَن ۽ رانديڪن جا دڪان، فاسٽ فوڊ ۽ پورين، پڪوڙن ۽ اڊلي ڊوسن جون ريسٽونرٽون، رنگين ڪپڙن ۾ انڊين ۽ يورپي عورتون... هتي جي گهٽين مان لنگهندي جتي ماڊرن دنيا جو احساس ٿئي ٿو، اتي ڄڻ ائين لڳي ٿو ته ڄڻ ماڻهو گذريل زماني ۾ جهاتي پائي رهيو هجي، جڏهن ننڍي کنڊ تي انگريزن جي حڪومت هئي. آءٌ به هي علائقو هڪ دفعو اڪيلي رڪشا ۾ گهمي آيس ۽ هڪ دفعو منهنجي چوڻ تي پوني جي اهم شخصيت ۽ ليکڪا ريٽا شاهاڻي مون کي وٺي هلي ۽ هُوءَ هن علائقي (قصبه پيٺ) جون ڪيتريون ئي جايون جڳهيون ۽ مندر تاريخي نوعيت جي حوالي سان ٻڌائيندي هلي.
    ريٽا ٻڌايو ته اڳئين زماني ۾ هر پيٺ جو هڪ ماڻهو انچارج هوندو هو، جيڪو “مهاجن” سڏبو هو ۽ هن جو ڪم پنهنجي پنهنجي پيٺ جو انتظام سنڀالڻ هوندو هو. گهرن ۾ پاڻي موڪلڻ جي بندوبست کان وٺي دڪان، بازارين، ڌرم شالائن ۽ ٻين سهوليتن جو ذمو انهي جي حوالي هوندو هو. ساڳئي وقت ماڻهن کان ٽئڪس وٺي حڪومت کي پهچائڻ ۽ مندر ۽ مارڪيٽون اَڏرائڻ پڻ اُن جو ڪم هوندو هو.
    قصبه پيٺ، پوني جو پهريون علائقو آهي ۽ اهو چوڏهين صديءَ ۾ قائم ٿيو. قصبه گنپتي مندر به هن ئي علائقي ۾ آهي، ان کان سواءِ پوني جي مشهور عمارت ’لال محل‘ به هن پيٺ ۾ ئي آهي.
    پوني جي هن سنڌي جشن ۾، ممبئيءَ کان آيل شريمتي راڌيڪا، جيڪا ان ئي گيسٽ هائوس ۾ رهيل هئي، جنهن ۾ آءٌ ٽِڪيل هئس. راڌيڪا ٻڌايو ته اسان واري گيسٽ هائوس وارو علائقو، جيڪو ساڌو واسواڻي چوڪ سڏجي ٿو ۽ جتي سينٽ ميران گرلس اسڪول آهي ۽ اڳتي هتاتما چوڪ، سرسوتي ڪالوني، مودي ڪالوني ويندي ڦولي چوڪ پراڻي پوني يعني سينٽرل پوني ۾ نٿو اچي. اهو پوني جو اِنر سرڪل وارو علائقو آهي. پراڻي پوني کان پوءِ جواهر لعل سرڪل وارو علائقو آهي، جيڪو پراڻي پوني کان پوءِ جواهر لعل نهرو پاٿ کان شروع ٿئي ٿو ۽ مٿي موٺا نديءَ جي ڪناري سان وڃيو لڳي ۽ هيٺ سارس باغ واري گنيش مندر، نانا شنڪر شيش ۽ لعل بهادر شاستري روڊ سان وڃيو لڳي. پوني جي ريلوي اسٽيشن کان سنجي گانڌي روڊ وٺي اچجي ته پهرين منگلوار پيٺ ٿو اچي، جنهن جي کاٻي پاسي درياه جي ڪپر سان مليل قصبه پيٺ آهي ۽ منگلوار پيٺ جي هيٺان يعني ڏکڻ ۾ هڪٻئي پويان سوموار پيٺ، نگيش پيٺ، راستا پيٺ، نانا پيٺ، گنيش پيٺ، ڀاواني پيٺ ۽ آخر ۾ مونن پورا گنگ پيٺ آهي. هوڏانهن قصبه پيٺ جي هيٺان روي وار پيٺ ۽ شني وار پيٺ وغيره آهن.


    سودي خاطر سنبهي...

    هن کان اڳ پوني جا پيٺ يعني پاڙن جي ڳالهه ڪندي، شريمتي راڌيڪا جو نالو پڻ آيو، جنهن سان ساڌو واسواڻي چوڪ واري گيسٽ هائوس ۾ ملاقات ٿي. راڌيڪا (جنهن جو سڄو نالو مسز راڌيڪا ڪشن محبوباڻي آهي) ڪا شاعره يا ليکڪا نه آهي، پر دادا جي انهن عقيدتمندن مان آهي، جيڪي پري پري کان سفر ڪري دادا جشن واسواڻيءَ جو ديدار ڪرڻ ۽ نصيحت ڀريون ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ پوني آيا هئا.
    راڌيڪا ۽ سندس ٻارن رام ۽ ڪنچن سان ملي، جتي خوشي ٿي اتي حيرت پڻ! حيرت ان ڳالهه جي ته هيءَ دنيا ڪيڏي ننڍي آهي ۽ هيءَ عورت جنهن جو ٻالڪپڻو پينانگ (ملائيشيا) ۾ گذريو، جتي اڄ کان ٽيهه چاليهه سال کن اڳ جڏهن اسان جو جهاز ملائيشيا جي هن بندرگاهه پينانگ ۾ پهچندو هو، ته اسان سندن Vogue نالي دڪان تي شاپنگ ڪرڻ لاءِ ضرور پهچي ويندا هئاسين ۽ شاپنگ کان سواءِ دڪان جي مالڪ (يعني راڌيڪا جي پِتا) مرلي هاسارام سرتاني سان ڪچهري ڪندا هئاسين. مرلي هاسارام انهن سنڌين مان هو، جنهن جي فئملي هندستان جي ورهاڱي وقت يعني 1947ع ۾ نه پر ان کان گهڻو گهڻو اڳ سندس پڙ ڏاڏي اوڻهيئن صديءَ ڌاري حيدرآباد سنڌ کان هتي پينانگ ۾ اچي بزنيس شروع ڪيو، جيئن ڪوالالمپور جي گلوب سلڪ شاپنگ سينٽر جي مالڪ تان سِري ڪشوءَ بابت ملائيشيا وارن سفرنامن (’ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه‘، ’جت جر وهي ٿو جال‘ ۽ ’12 سال بعد ملائيشيا‘) ۾ لکيو اٿم. دراصل ڪشوءَ جو پيءُ ڄيٺانند راڌيڪا جي پِتا مرلي هاسارام سرتانيءَ جو سٺو دوست هو، پر سرتانيءَ وارا ملائيشيا ۾ گهڻو اڳ آيا. تانسري ڪشوءَ جو پيءُ به جيتوڻيڪ ورهاڱي کان گهڻو اڳ آيو، پر سرتانيءَ وارن کان پاءُ صدي پوءِ 1928ع ۾ آيو ۽ هن اچڻ سان پهرين سيگامت شهر ۾ دڪان کوليو ۽ پوءِ ڏهاڪو کن سالن بعد ڪوالالمپور جي باتو روڊ تي اچي گلوب سلڪ اسٽور نالي دڪان کوليو. هي روڊ اڄڪلهه “جالان تنڪو عبدالرحمان” سڏجي ٿو. شروع وارن ڏينهن ۾ يعني ستر جي ڏهاڪي ۾ جڏهن آءٌ جهاز تي هئس ۽ منهنجو جهاز پينانگ ۽ پورٽ ڪلانگ (ڪوالالمپور) ويندو رهندو هو، ته انهن ڏينهن ۾ ڪشوءَ جو پيءُ ڄيٺانند ۽ راڌيڪا جو پيءُ مرلي هاسارام سرتاني جيئرا هئا. بعد ۾ 1982ع ڌاري جڏهن آءٌ ڏهه سال کن لاءِ ملاڪا (ملائيشيا) وڃي رهيس ته انهن ڏينهن ۾ هي ٻئي گذاري چڪا هئا. راڌيڪا وارن جو پينانگ وارو دڪان هاڻ هن جو ڀاءُ پشو مرلي هاسارام هلائي ٿو. پشو ۽ راڌيڪا پينانگ ۾ ئي ڄاوا. راڌيڪا پرائمري ۽ هاءِ اسڪول تعليم پينانگ مان حاصل ڪرڻ بعد ملائيشيا يونيورسٽي ڪوالالمپور مان بي. اي. آنرس ڪئي.
    راڌيڪا ٻڌايو ته سندس شادي 1975ع ۾ ڪشن سندر داس محبوباڻيءَ سان ممبئيءَ ۾ ٿي. محبوباڻيءَ وارا ورهاڱي بعد حيدرآباد کان لڏي ممبئيءَ اچي Settle ٿيا هئا. راڌيڪا ٻڌايو ته سندس سهرو (يعني ڪشن جو پيءُ) سندر داس دَتارام محبوباڻي ورهاڱي کان اڳ ڪراچيءَ ۾ اسڪول جو ٽيچر هو. راڌيڪا شاديءَ بعد ممبئيءَ جي ڏاکڻي علائقي ڪولابا ۾ اسٽرانڊ روڊ تي رهي ٿي. کيس ٻه ٻار، هڪ پٽ رام ۽ هڪ ڌيءَ ڪنچن آهن، جيڪي پڻ ساڻس گڏ پوني آيا هئا. هُو تعليم ختم ڪري چڪا آهن ۽ ٻئي ممبئيءَ ۾ نوڪري ڪن ٿا.
    ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ رهندڙ سنڌي، راڌيڪا جي مڙس ڪِشن سندرداس محبوباڻيءَ جي هڪ ڪزن ڪشور محبوباڻيءَ کي ضرور سڃاڻندا هوندا. ڪشور محبوباڻي اڄڪلهه نئشنل يونيورسٽي آف سنگاپور جي لي ڪئان يئو اسڪول آف پبلڪ پاليسي جو ڊين آهي.
    ڪشور محبوباڻيءَ جو پِتا ورهاڱي کان پوءِ حيدرآباد سنڌ مان لڏي سنگاپور اچي رهيو، جتي 1948ع ۾ ڪشور ڄائو. ڪشور فلسفي ۽ تاريخ جو شاگرد ٿي رهيو. پڙهائيءَ ۾ هوشيار هجڻ ڪري ڪشور محبوباڻيءَ کي 1967ع ۾ صدارتي اسڪالر ملي. هن 1971ع ۾ سنگاپور يونيورسٽيءَ مان فلاسافيءَ ۾ بي. اي. آنرز، فرسٽ ڪلاس فرسٽ حاصل ڪيو. ان بعد ڪئناڊا جي ڊالهوسي يونيورسٽيءَ مان 1976ع ۾ ايم. اي. جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ 1995ع ۾ ڊاڪٽوريٽ ڪيائين.
    1971ع کان وٺي 2004ع تائين ڪشور محبوباڻيءَ سنگاپور جي فارين سروسز ۾ نوڪري ڪئي، جتي آخر ۾ هُو سنگاپور طرفان يونائيٽيڊ نئشن ۾ سفير به ٿي رهيو. ان کان اڳ ۾ هُو ڪمبوڊيا، ملائيشيا ۽ آمريڪا ۾ سفير ٿي رهيو.
    هونئن ڪشور محبوباڻي سنگاپور ۽ ملائيشيا کان ٻاهر هڪ ليکڪ ۽ جرنلسٽ جي حيثيت سان وڌيڪ سڃاتو وڃي ٿو ۽ هن جا مضمون سنگاپور جي اخبارن ۽ رسالن کان علاوه نيويارڪ ٽائيمز اخبار ۽ وال اسٽريٽ جرنل ۾ به ايندا رهن ٿا. ڪشور جا ٽي ڪتاب ايشيا توڙي آمريڪا ۾ تمام گهڻو مشهور ٿيا آهن:
    1. Can Asian Think?
    2. Beyond the Age of Innocence
    3. The New Asian Hemisphere
    راڌيڪا سان پوني جي گيسٽ هائوس ۾ هڪڙي ڏينهن نيرن تي، ملائيشيا ۽ سنگاپور جون ڳالهيون ڪندي اتي جي ڊائننگ هال ۾ ڪم ڪندڙ هڪ مرهٺي بورچياڻيءَ، جنهن صاف سنڌي ٿي ڳالهائي، چرچي يا شايد ٽوڪ طور راڌيڪا کي چيو ته، “چڱو جو هندستان جو ورهاڱو ٿيو ۽ توهان سنڌين کي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ڪاروبار ڄمائڻ جو موقعو مليو.” جنهن تي راڌيڪا هن کي ٻڌايو ته، “هن جا وڏا ورهاڱي وقت نه پر ان کان گهڻو گهڻو اڳ ملائيشيا ۾ وڃي رهيا، جڏهن ملائيشيا ’ملايا‘ هو، جڏهن ملايا جا شهر ۽ اتي جون حالتون اسان جي ننڍي کنڊ جي ڳوٺن کان به بدتر هيون. اسان جي وڏن حيدرآباد، شڪارپور، بڙودا ۽ بمبئيءَ جهڙا شهر، جن ان وقت پئرس ۽ لنڊن جو مقابلو ٿي ڪيو، اهي ڇڏي روزگار ۽ ڪاروبار ڄمائڻ لاءِ ملايا وڃي زندگي گذاري، جتي پيئڻ لاءِ هائجنڪ پاڻي نه هو، جتي مليريا ۽ ٽائفائيڊ جو راڄ هو، جتي نانگ بلائون ۽ وڇون ۽ سؤپيريون عام هيون...
    منهنجي خيال ۾ راڌيڪا بلڪل صحيح چئي رهي هئي. سٺ واري ڏهي جي آخري سالن کان، جڏهن مون مئرين انجنيئر جي حيثيت سان مختلف جهازن تي سفر شروع ڪيو ته نه فقط ملائيشيا، سنگاپور، هانگ ڪانگ، سريلنڪا ۽ ڪويت عراق ۾، پر برمودا، بهاما، لاس پاماس (ڪناري ٻيٽ)، سينيگال، موزمبق جهڙن ڏورانهن ٻيٽن ۽ اڻ سڌريل آفريڪي ملڪن ۾ مون کي ڪيترائي اهڙا سنڌي دڪاندار مليا، جن جي اتي ٻِي يا ٽِي به جنريشن هئي يعني هُو ويهين صديءَ جي شروع ۾ يا ان کان به اڳ انهن هنڌن تي پهتا. پينانگ جي ڄايل هن راڌيڪا محبوباڻيءَ جي به ملائيشيا ۾ هيءَ چوٿين جنريشن آهي. سندس شادي ممبئيءَ ۾ ٿي، پر سندس ڀاءُ پِشو پينانگ ٻيٽ جي بشپ اسٽريٽ تي اڃان تائين بوتيڪ جو Vogue نالي دڪان هلائي ٿو. پِشو جو ڏاڏو هاسارام 1860ع ۾ حيدرآباد ڇڏي، هتي پينانگ آيو هو ۽ سندس نالو پينانگ جي تاريخ ۾ موجود آهي. انگريزيءَ جو ليکڪ امرجيت هاسارام ۽ ٻين سنڌي هندو واپارين لاءِ جيڪي آڳاٽي دور ۾ هتي پينانگ ۽ سنگاپور ۾ اچي رهيا، لکي ٿو ته...
    “Sindhis are shrewd and aggressive business communities, who left their native homeland, Sindh in the early nineteenth century to seek, their for tunes overseas...”
    پينانگ ۾ ته نه فقط راڌيڪا وارا پر ٻيا به ڪيترا اهڙا سنڌي دڪاندار ملندا هئا، جن گهڻو اڳ هتي اچي ديرو ڄمايو هو. جن مان ڪجهه احوال، جيئن ته ’چيپ جان‘ واري سنڌي دڪاندار جو ۽ ٻين جو، ملائيشيا وارن سفرنامن ۾ لکيو اٿم. هندستان جي ورهاڱي بعد ته اڃان به گهڻا سنڌي مختلف ملڪن ۾ اچي ويا، پر دولترام ۽ پرمانند برادرس وارا، واسيامل وارا پيانگ ۾ ۽ پوهومل وارا ڪوالالمپور ۾ ۽ پارواڻي وارا ملاڪا ۾ 1920ع ۽ 1930ع جي وچ ۾ آيا هئا. پارواڻين بابت ’مڪلي کان ملاڪا‘ واري سفرنامي ۾ لکي چڪو آهيان. 1947ع ۾ (يعني ورهاڱي کان اڳ) ملايا (اڄ واري ملائيشيا ۽ سنگاپور) ۾ ورتل آدمشماريءَ مطابق 728 سنڌي رهيا ٿي ۽ ان جي مقابلي ۾ پارسي 98 هئا ۽ مرهٺا 556 هئا.
    بهرحال سنڌي واپارين، دڪانن ۽ ڪمپنين جي، مختلف ملڪن ۾ موجودگيءَ جو بهترين مثال ’چوٽيرام ائنڊ ڪمپني‘ آهي، جنهن جي آفيس جو وڏو بورڊ ۽ دڪان ڪوالالمپور جي خوبصورت علائقي جالان تنڪو عبدالرحمان تي گلوب سينٽر جي کاٻي پاسي آهي. ملئي زبان ۾ جالان معنيٰ ’هلڻ‘ به آهي ته ’روڊ‘ يا ’رستو‘ به. هن ڪمپنيءَ جا دڪان مون کي ڪيترن ئي ڏورانهن ملڪن ۽ ٻيٽن تي نظر آيا آهن ۽ هن ڪمپنيءَ بابت آءٌ پنهنجي ڪنهن آفريڪي سفرنامي ۾ به مختصر طور لکي چڪو آهيان، ته سنڌ جي واپاري سيٺين جي چوٽيرام گهراڻي پنهنجي واپار جي پهرين شاخ، اڄ کان 135 سال اڳ 1875ع ۾ انڊونيشيا جي شهر جڪارتا ۾ کولي. ان بعد 1882ع ۾ سنگاپور ۾، 1888ع ۾ هانگ ڪانگ ۾، 1893ع ۾ يوڪوهاما (جپان) ۾، 21 سالن بعد هنن جپان ۾ ’چوٽيرام ۽ ڪمپني‘ جي ٻي برانچ ڪوبي شهر ۾، 1951ع ۾ پئرس ۾ آفيسون ۽ دڪان کوليا، 1953ع ۾ دبئي ۽ نيويارڪ ۾، 1956ع ۾ لاگوس ۾، 1957ع ۾ ڪوالالمپور ۾ جڏهن جالان تنڪو عبدالرحمان (روڊ) سيمينٽ جو نه پر پٿرن جو ٺهيل هو ۽ ان روڊ جو نالو ’باتو روڊ‘ هو، معنيٰ پٿرن وارو رستو. چوٽيرام ائنڊ ڪمپنيءَ جون وڌيڪ برانچون 1 960ع ۾ جبرالٽر ۾ کليون ۽ 1961ع ۾ لاس پاماس ۾، 1966ع ۾ سيول (ڪوريا) ۾، 1967ع ۾ مئڊرڊ (اسپين) ۾، 1968ع ۾ بئنڪاڪ ۾ ۽ 1971ع ۾ تائپي (تائيوان) ۾. اهڙيءَ طرح ٻين سنڌي هندن جون واپاري ڪوٺيون مختلف ملڪن ۾ کُلنديون رهيون. مختلف ملڪ ۾ ٽِڪِي، ڌنڌي هلائڻ کان به گهڻو گهڻو اڳ هُو واپار وڙي لاءِ ويندا رهيا ٿي ۽ پئسو ڪمائي موٽي آيا ٿي ۽ اهو سلسلو شاهه لطيف کان به اڳ جو شروع ٿيل هو، تڏهن ته شاهه صاحب به هنن ماڻهن ۽ ماڳن جي ڳالهه ڪئي آهي، خاص ڪري لنڪا، عدن ۽ جاوا ته واپار ۽ ڪمائڻ جا ڳڙهه هئا، جتي يورپ کنڊ کان انگريز، ڊچ، پورچوگيز ۽ فرينچ به اچي نڪتا, پر هي سنڌي واپاري ۽ انڊيا جي صوبي گجرات جا انهن هنڌن تي اڳهين موجود هئا. چون ٿا ته گجرات جي راجا ڪسم چتر پنهنجي پٽ ڀرو وجي ساويچال کي جاوا وڃڻ لاءِ 1610ع ڌاري ڇهه جهاز ۽ پنج هزار ماڻهو ڏنا, جن ۾ هر قسم جا پورهيت، واپاري ۽ سپاهي هئا. انهن ڏينهن ۾ گجرات جو وڏو حصو سنڌ اندر هو ۽ سنڌي به ان وقت کان جاوا ايندا ويندا رهيا ٿي ۽ جَجهو ناڻو ڪمائي آيا ٿي. ننڍي هوندي سنڌي ڪتاب ۾ هڪ بيت پڙهبو هو ته:
    سودي خاطر سنبهي، جيڪي ويا جاوا،
    ڪري وڻج واپار سي، سگهو ٿيا ساوا،
    اڻ ميو ڌَنُ اتان، سو جو ڪمائين،
    پاڻ ته کائين تن جا پويان پڻ کائين.

    شاهه لطيف جو شعر آهي:
    لنڪا لنڪا ڪن، لئه لنڪا جي اوهريا،
    سُڻي سون لنڪا جو، سک نه سامونڊين.
    پوني ۾ شايد ڪنهن شاهه جو ان سلسلي ۾ هڪ ٻيو شعر ٻڌايو جيڪو عجب اتفاق آهي، جو منهنجي لاءِ ته نئون آهي. ٿي سگهي ٿو ڪنهن ٻئي شاعر جو هجي:
    سودي ڪارڻ سنڀري، ويهون وڻجارن،
    ويا چين بينگال ڏي، ماڻڪ رکي من.


    مان ڪيئن ڀلا کِلان؟

    پوني جي گيسٽ هائوس ۾ رهڻ دوران، منهنجي لفٽ ۾ توڙي ڊائننگ هال ۾ ٻين سان ته ڪڏهن ڪڏهن ملاقات ٿِي ٿي پر عجب اتفاق آهي جو ٻن ڄڻن سان منهنجي روز ملاقات ٿي ٿي، ٻنهي ڄڻن جي وڏن جو واسطو منهنجي ڀر وارن ڳوٺن (ڀٽ شاهه ۽ شهدادپور) سان هو ۽ ٻئي مشهور شاعر آهن. هڪ محترمه اندرا شبنم ۽ ٻيو ڀڳوان ٻاٻاڻي.
    اندرا شبنم لاءِ ڪجهه سِٽون پهرين به لکي چڪو آهيان. سندس نالو اندرا ٽيڪچند شهدادپوري آهي ۽ ادبي نالو اندرا شبنم پوناوالا آهي. سندس جنم 1950ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ٿيو. پاڻ بي. اي. ۽ بي. ايڊ. (انگريزي) ۾ ڪرڻ بعد 23 سال ماسترياڻي ٿي رهي. سندس ٻه ڪتاب ڇپجي چڪا آهن.
    ’شبنمي قطرا‘ (شاعري)، جيڪو 1991ع ۾ ڇپيو ۽ ٻيو 1999ع ۾ ڪهاڻين جو مجموعو ’عبادت‘ ڇپيو. کيس شاعريءَ جي ڪتاب تي 1996ع ۾ دهلي سنڌي اڪيڊميءَ پاران انعام ملي چڪو آهي. مون کي جيتوڻيڪ شاعريءَ سان گهڻي دلچسپي ناهي، پر محترمه اندرا شبنم ۽ سائين ڀڳوان ٻاٻاڻي مون کي هر وقت پنهنجو ڪونه ڪو شعر ٻڌائيندا رهيا ٿي. مزي جي ڳالهه اها ته مون جهڙو بدذوق ماڻهو به سندن ڪجهه شعرن مان لطف حاصل ڪرڻ لڳو ۽ ٻنهي کان مون ڪجهه شعر لکرائي ورتا. هڪ ٻه شعر پڙهندڙن جي دلچسپيءَ خاطر هتي دُهرائي رهيو آهيان. ٿي سگهي ٿو اهي شعر اندرا شبنم جي شاعريءَ جي مجموعي ’شبنمي قطرا‘ ۾ اچي چڪا هجن، يا بنهه نوان هجن.
    دنيا سان پيار منهنجو، اکري بيان ڪونهي،
    ڌرتيءَ مثال سُندر، ٻيو ڪو جهانُ ڪونهي.
    ماڻهو جتي محبت، هڪٻئي سان نِت ونڊين ٿا،
    ان کان وڌيڪ پوتر، ڪو آسٿان ڪونهي.
    زخمن جا گل ٽڙن ٿا، سورن ۾ آ سڳنڌي،
    غم جو نشو چڙهي ٿو، اُن جو بيان ڪونهي.
    ڌرتيءَ جي دل نوازي، سڀ مُرڪ، لُڙڪ پيارا،
    سُک، دک جو ههڙو سندر، ٻيو ڪو مڪان ڪونهي!
    ڪو درد آهي مُبهم، نَس نس ۾ آ سمايل،
    پر درد کي ڇُلڻ لئه، ڪو رازدان ڪونهي.
    اندرا پوناوالا ’شبنم‘ لاءِ هري دلگير هڪ هنڌ لکيو آهي ته، “جذبات جو ٻيو نالو ’اندرا پوناوالا‘ آهي. هيءَ لکندي به جذبات سان آهي ته ادبي محفلن ۾ پنهنجون رچنائون پڙهندي به اُتساهه ۽ اُمنگ سان آهي. سندس جذبات سمنڊ جي ڇولين وانگر آهي ۽ من جي موجُن لاءِ ڪوبه قانون ڪونهي، ڪابه بندش ناهي. کيس سڀ ڪجهه نئون کپي، پراڻن پيچرن تان هُوءَ هلڻ لاءِ تيار ناهي. پنهنجي نئين دنيا ۾ به هُوءَ نوَن ويچارن، نين سوچُن، نوَن لفظن، نئين انداز ۽ نئين اظهار لاءِ ڳولا جاري رکي ويٺي آهي... هُوءَ اوندهه ۾ ڪائي نئين جوت جڳائڻ چاهي ٿي، پر ’نئين‘ جي تلاش آسان ناهي، سو به خاص ڪري گهريلو استريءَ لاءِ... هُوءَ استرين (عورتن) جي حقن لاءِ وڙهندڙ هڪ باغي شاعره آهي... حقيقتن جي پٿريليءَ ۽ ڪَنڊن سان ڀريل راهه تان هُوءَ چنڊ، تارن ۽ گلن تي ڪوتائون لکڻ نٿي چاهي، پر ان هوندي به سندس دل پيار ۾ ڀنل آهي...”
    اندرا ’شبنم‘ جو هڪ خوبصورت آزاد نظم آهي... جنهن جو عنوان آهي: ’ڀتين کي به ڪَنَ آهن!‘
    اڄ مان توکي اهو چيو ڌيءَ!
    جو منهنجيءَ ماءُ،
    منهنجي عمر جي هوندي چيو.
    سڀاڻي تون به اهوئي چوندينءَ،
    پنهنجيءَ ڌيءَ کي،
    جڏهن منهنجي عمر جي ٿيندينءَ...
    اهو ئي ته هڪ ورثو آ،
    آزمودن جو... نه نه... سماج جو،
    باهه ۾ جلي، ذلت سهي،
    اُپمان سهي، ظلم ڏسي،
    چپ چاپ رهڻ، ڪجهه نه ڪُڇڻ،
    ڏوليءَ ۾ چڙهي وڃڻ،
    چکيا تي ٻاهر نڪرڻ!
    هُش! ڇا ٿي چوين؟ ’نه مڃينديس!‘
    ڪجهه نه چئه،
    ڀتين کي به ڪَنَ آهن!
    اندرا شاديءَ بعد پوني ۾ ئي رهي ٿي. ساڌو واسواڻي چوڪ کان بلڪل ويجهو شيواجي نگر جي ماڊل ڪالونيءَ ۾ اپارٽمينٽ اٿس. کيس ٻه ٻار پٽ ڌيءَ آهن. پٽ راڪيءَ ڊبل MBA ڪئي آهي ۽ هتي پوني ۾ ئي جاب ڪري ٿو ۽ ڌيءَ پنڪي ’ماس ڪميونيڪيشن‘ ۾ گريجوئيشن ڪري رهي آهي. اندرا جو پِتا ٽيڪچند نيڀن داس شهدادپور جا هجڻ ڪري شهدادپوري سڏجن ٿا. سندس پيءُ جو ورهاڱي کان اڳ هانگ ڪانگ ۾ بزنيس هو. هي گهراڻو ورهاڱي کان گهڻو پوءِ ممبئيءَ لڏي آيو. اندرا جو نانو راجا رام آسواڻي لاڙڪاڻي جو بزنيس مئن جنهن جو ڪاروبار ڪيترن ئي ملڪن ۾ هلندو اچي، جنهن جي سارسنڀال اڄڪلهه سندس پٽ (يعني اندرا ’شبنم‘ جو مامو) مٿرادس آسواڻي هلائي ٿو. منهنجي پوني ۾ هجڻ دوران اندرا ٻڌايو ته سندس ڪجهه نوان ڪتاب ڇپائيءَ هيٺ آهن. هي صفحا لکڻ مهل جڏهن فون تي کانئس هڪ دفعو هن مضمون ۾ آيل نالن ۽ تاريخن جي درستي ڪرايم ته پاڻ ٻڌايائين ته انهن مان ڪي ڪتاب پوني ۽ ممبئيءَ جي مارڪيٽ ۾ اچي ويا آهن ۽ هُوءَ ڪوشش ڪندي ته ڪنهن جي هٿان انهن جا Set سنڌي لئنگوئج اٿارٽي حيدرآباد ۽ سنڌ ڪلچر ڊپارٽمينٽ لاءِ ڏياري موڪليندي. اهي ڪتاب آهن:
    • سَلڻ جو سک (آزاد نظمن جو مجموعو)
    • جاڳيل ضمير (آزاد نظم)
    • ضمير پنهنجو پنهنجو
    پوني جي گيسٽ هائوس ۾ منهنجي ڀڳوان ٻاٻاڻيءَ سان به ملاقات ٿيندي هئي، جيڪو ڀوپال کان آيو هو ۽ اتي ئي مون سان گڏ ان گيسٽ هائوس ۾ ٽِڪيل هو. هڪ ٻه دفعو گيسٽ هائوس کان سينٽ ميران گرلس اسڪول تائين واڪ لاءِ به نڪتاسين. ڀڳوان ٻڌايو ته هن جا وڏا ڀٽ شاهه ۾ رهيا ٿي، جتان لڏي ڀوپال آيا. جتي جي هڪ شهر بئرا ڳڙهه ۾ سندس 5 آڪٽوبر 1954ع تي جنم ٿيو. سندس پِتا جو نالو سرڳواسي شري لڌارام ٻاٻاڻي ۽ ماتا جو نالو رڪمڻي ديوي آهي.
    ڀڳوان ٻاٻاڻيءَ بي ڪام ڪرڻ بعد بئنڪ جي نوڪري ڪئي ۽ هاڻ ويجهڙائيءَ ۾ سينيئر بئنڪ مئنيجر جي حيثيت سان رٽائرمينٽ ورتي اٿس. پاڻ جيتوڻيڪ ڪيترن ئي ليکڪن جي سنڌي ڪهاڻين، مضمونن ۽ ناٽڪ جو هندي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو آهيس، پر ساڳئي وقت هندي ۽ انگريزي ٻولين جي چونڊ ناٽڪن جو به سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو اٿس. هڪ شاعر جي حيثيت سان پاڻ فقط شاعري ڪئي اٿس. سندس شاعراڻو تخلص ’بندو‘ آهي. سندس گيتن، غزلن ۽ نظمن جو هڪ مجموعو ’مان ڪيئن ڀلا کِلان‘ شايع ٿي چڪو آهي، جيڪو ڪتاب مون لاءِ ڀڳوان وٽ ان وقت نه هو، پر ان جا مون کي خبر ناهي ڪيترا شعر ٻن ٽن ڏينهن اندر ٻڌايا، جن مان ڪجهه ڪجهه وڻڻ به لڳا، شايد ڀڳوان ٻاٻاڻيءَ جي خوبصورت ادائيگي جي ڪري. ايتريقدر جو آخري ڏينهن تي چيومانس ته ڪتاب ڀلي نه موڪلجانءِ. ٻڌايل شعرن مان هڪ ٻه لکي ڏي، جيئن منهنجي سفرنامي ۾ تنهنجو ذڪرِ خير اچي ته انهن مان ڪو هڪ اڌ ڏئي سگهان ۽ منهنجا پڙهندڙ تنهنجي شاعريءَ جو قدر ڪري سگهن:
    تمنا!
    منهنجو ورثو، منهنجو ماضي
    مون ڏٺو ناهي، صرف ٻڌو آهي؛
    ۽
    محسوس ڪيو آهي اُن جو وجودُ
    وڏڙن جي واتان
    اوطاقن ۾ ٿيندڙ
    ڪچهرين، قصن ۽ ڪهاڻين ۾،
    مون پَسيو آهي ان جو عڪس
    بابا ۽ امان جي اکين ۾ ترندڙ ۽ چمڪندڙ
    ساروڻين ۾
    مان هاڻي...
    پنهنجي حال کي
    ماضيءَ ڏانهن موڙڻ چاهيان ٿو،
    اباڻي مٽيءَ سان ناتو جوڙڻ
    چاهيان ٿو،
    پرکڻ ٿو چاهيان وڏڙن جي
    اُن سِڪ ۽ حُب کي
    اي وقت!
    ڇا مون کي اهڙو موقعو
    نصيب ڪرائي سگهندين؟
    ڀڳوان ٻاٻاڻي ’بندو‘ کي ڊرامن سان به تمام گهڻي دلچسپي رهي آهي. پاڻ کڻي ڪو ڊرامو (ناٽڪ) لکيو ناهيس، پر هندي ۽ انگريزيءَ جا ڪيترائي ناٽڪ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا اٿس. ڪيترن سنڌي ناٽڪن ۾ پاڻ اداڪاري به ڪئي اٿس. پاڻ ناٽڪ سنسٿا ’درپن‘ جو پايو وجهندڙ ميمبر آهي. تعليمي سنسٿا ’لڪشمي ديوي وڪيومل شراف ايجوڪيشن سوسائٽيءَ جو جوائنٽ سيڪريٽري پڻ آهي. کيس مڌيه پرديش سرڪار جي ساهتيه پريشد پاران ڪويتائن جي مجموعي ’مان ڪيئن ڀلا کِلان‘ تي انعام ملي چڪو آهي. ان کان سواءِ ’جهولي لال اتسو سمتي‘ ۽ ’روٽري ڪلب برهانپور‘ پاران ساهتيه انعام ملي چڪو آهي. ڀڳوان ٻاٻاڻي ’بندو‘ جو هڪ ٻيو خوبصورت غزل آهي:
    پنهنجي ڌرتيءَ تان جو ڌڪاڻو،
    تنهنجو ٿيندو ڪٿ نه پڇاڻو.
    جنهنجون پاڙون ئي پٽجي ويون،
    تنهنجو پُختو ناهه ٺڪاڻو.
    ڪين اُهو ٻج فصل ڪو ڏيندو،
    وکڙي ويو جو هِت هُت داڻو.
    راند روند لئه هر شيءِ حاضر،
    ٻار ماءُ بن، پر آ نماڻو.
    ماءُ وڃائي، جان بچايئي،
    پوءِ به چوائين خود کي سياڻو!
    ’بندا!‘ ڀاڳ ڦٽل اٿئي ڪيڏو،
    ڪين ڏٺو تو وطن اباڻو.
    ڀڳوان ٻاٻاڻيءَ ٻڌايو ته هن تمام گهڻا شعر لکيا آهن، جيڪي مختلف رسالن ۾ ايندا رهن ٿا، جيتوڻيڪ هيستائين هن جو فقط هڪ مجموعو ’مان ڪيئن ڀلا کِلان‘ ڇپيو آهي. هن مجموعي جي ٽائيٽل وارو غزل هن ريت آهي:
    هي شهر اڄ اُداس آ، مان ڪيئن ڀلا کِلان؟
    هر شخص بدحواس آ، مان ڪيئن ڀلا کِلان؟
    مهانگائي ماري رهي آ، ڏس ڪيئن غريب کي،
    ميسر نه ڏڌ گلاس آ، مان ڪيئن ڀلا کِلان؟
    دوکو ۽ بي حيائي نظر چؤطرف اچي،
    سچو نه آسپاس آ، مان ڪيئن ڀلا کِلان؟
    ڪرسي رڳو کپي نڀاڳن کي عيش لاءِ،
    سڀ ڪجهه ٿيو خلاص آ، مان ڪيئن ڀلا کِلان؟
    مذهب ۽ راڄنيت منجهائي ٿي ملڪ کي،
    ٿيو ڌار هڏ کان ماس آ، مان ڪيئن ڀلا کِلان؟
    ’بندو‘ چَري ٿو ڏينهن سڄو ڦل فروٽ، ته به،
    هر هر چوي اُپاسُ آ، مان ڪيئن ڀلا کلان؟


    هِتان هُتان جون ڳالهيون

    لوناوالا وٽ غيبات - دل ڏاريندڙ سچي ڪهاڻي.
    ممبئيءَ کان پوني اچڻ وڃڻ لاءِ ٻه ٽي رستا آهن. هڪ ته هي نئون رستو ’ممبئي پوني ايڪسپريس وي‘ جنهن تان منهنجو اچڻ وڃڻ ٿيو، جيڪو رستو جبلن کي ٽُڪي، سڌو ۽ ويڪرو ٺاهيو ويو آهي، جيئن سمجهو ته ڪراچيءَ کان حيدرآباد سپر هاءِ وي آهي ۽ ٻيو پراڻو نئشنل هاءِ وي جيڪو ٺٽي کان ٿيندو حيدرآباد پهچي ٿو. ان کان علاوه ممبئيءَ کان پوني وڃڻ لاءِ هڪ پراڻو رستو آهي، جيڪو ٻهراڙيءَ مان ٿيندو وڃي ٿو ۽ گهڻو ڪري ويران رهي ٿو. هڪ ڏينهن سِکن جون مزيدار ڳالهيون ڪري رهيا هئاسين، ته ممبئي يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڊپارٽمينٽ جي چيئرمين ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي رڙ ڪري چيو ته، “هڪ مزيداري ڳالهه ٿو ٻڌايانوَ. مون به ڪالهه انٽرنيٽ تي پڙهي هئي.”
    ٻلديو مٽلاڻيءَ جي اها پڙهيل خبر هن ريت هئي:
    هڪ همراهه جنهن کي ممبئيءَ کان پوني وڃڻو هو، تنهن فيصلو ڪيو ته ايڪسپريس وي وٺڻ بدران هي پراڻو ٻهراڙيءَ وارو رستو وٺان جيئن قدرتي نظارو به ڏسندو وڃان. اها حقيقت آهي ته سپر هاءِ وي (ايڪسپريس وي) تان ويندڙ قدرتي سونهن جو لطف ماڻي نٿا سگهن. بهرحال ممبئي پوني جي وچ ۾ ڪوه مري جهڙو پهاڙي علائقو به آهي ۽ جيئن اسان وٽ ڪراچي ۽ حيدرآباد وچ ۾ نوري آباد ۽ ٺٽو آهي، تيئن پوني ۽ ممبئيءَ جي وچ ۾ ڪوه مري ۽ ايوبيه جهڙيون هِل اسٽيشنون کنڊالا ۽ لونا والا آهن پر کنڊالا ۽ لونا والا هڪٻئي جي ويجهو آهن.
    بهرحال مٿيون همراه ممبئيءَ کان پوني پراڻو رستو ڏئي پئي ويو ته سج لٿي مهل لونا والا وٽ هن سان هي اڻٽر حادثو پيش آيو. سندس ڪار جو اسٽيرنگ سسٽم خراب ٿي پيو ۽ گاڏي هڪ کڏي ۾ وڃي ڦهڪو ڪيو. گاڏيءَ کي ته ڪافي نقصان رسيو ۽ هلڻ کان ويهي رهي پاڻ جيتوڻيڪ بچي ته ويو، پر في الحال رڻ ۾ رلي ويو، جو پري پري تائين هن کي ڪا وسندي، ڪو ڳوٺڙو نظر نه پئي آيو. ٻي ڪا واهه نه ڏسي هُو روڊ جو ڪنارو ڏيئي، ان آسري تي هلڻ لڳو ته من ڪا سواري اچي لنگهي ۽ کيس لفٽ ملي وڃي. چوڌاري اوندهه ڪارونڀار ڇانئجي چڪي هئي. ويتر مينهن جي اوچتي وسڪاري ۾ هُو پُسي هڪ طرف ويو ته ٻئي طرف سيءَ سندس جسم ۾ ڏڪاڻي اچي پيدا ڪئي. هُو ان آسري تي اڳيان وڌندو ويو ته من ڪنهن ڳوٺ تائين وڃي پهچي. رات گذرندي وئي پر ڪا گاڏي به رستي تان نه گذري. اتي اوچتو هن کي پاڻ ڏي هڪ ڪار ايندي نظر آئي. هن جي ويجهو پهچي اها آهستي ٿي ۽ هن جي ڀرسان اچي بيهي رهي. بنا ڪنهن سوچ سمجهه جي همراهه ڪار جو پويان دروازو کولي پاڻ کي کڻي سيٽ تي سٽيو. ڪار چُرڻ لڳي. هن منهن تان پاڻيءَ جا ڇنڍا، هٿ سان اگهي، اڳيان جهڪي گاڏيءَ هلائيندڙ جا ٿورا ٿي مڃڻ چاهيا ته هُو وائڙو ٿي ويو. ڊرائيور سيٽ تي، توڙي ڀر واري سيٽ تي ڪوبه بني بشر نه هو، پر گاڏي اڳيان وڌي رهي هئي. گاڏي هلائڻ وارو ته ڪير به نه پر گاڏيءَ جي انجڻ جو به آواز نه هو. همراهه سامهون رستي ڏي نهاريو. اڳيان هڪ موڙ اچي رهيو هو پر گاڏي سڌي وڃي رهي هئي. “منهنجا مولا هاڻ ڇا ٿيندو.” موت کي بلڪل سامهون ڏسي هُو رب کان دعا گهرڻ لڳو.
    هي اڃان خوف ۾ ئي هو ته اجهو ٿي گاڏي هيٺ کاهيءَ ۾ ڪري ته اتي دريءَ ۾ ڪنهنجو هٿ ظاهر ٿيو جنهن ڪار جي اسٽيرنگ ويل کي ٿورو ڦيرو ڏنو! ڪار موڙ وٽ کاهيءَ ۾ ڪرڻ بدران موڙو کائي رستي تان صحيح هلڻ لڳي ۽ هن ڏٺو ته جتي به رستي ۾ ڪو موڙ آيو ٿي ته دريءَ جي ٻاهران هٿ آيو ٿي ۽ انهي هٿ رستي جي موڙ موجب اسٽيرنگ ويل کي ڦيرو ڏنو ٿي ۽ ڪار سلامتيءَ سان آهستي آهستي هلندي رهي. همراه هي سڀ ڪجهه ڏسي حيرانيءَ ۽ خوف وچان بيهوش ٿي ٿيو. آخرڪار هن کي سامهون بتيون نظر آيون. هن پنهنجي اندر همت پيدا ڪئي ۽ بنا انجڻ، بنا آواز ۽ بنا ڊرائيور جي آهستي هلندڙ هن ڪار جو دروازو کولي، هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ بدران وٺي لُوهه پاتي. هو سڄي طاقت سان بتين ڏي ڊوڙيو. هي هڪڙو ننڍرو شهر هو، جتي پهچڻ سان هن کي سامهون هڪ ٺيلو (داٻو) نظر آيو، جتي پهچي هن ڪجهه پيئڻ لاءِ گهريو پر ٻي گهڙيءَ هُو ڪمزوريءَ سبب ڪرِي پيو. آهستي آهستي ڪري اُٿيو ۽ ڪجهه گهڙيون اڳ پيش آيل هن خوفناڪ حادثي جي رواداد ٺيلي واري کي ٻڌائڻ لڳو، پر اڳلي طرفان ڪا ورندي نه ٻڌي هُو ماٺ ٿي ويو.
    ...۽ اتي، ان گهڙي سنتا سنگهه ۽ بنتا سنگهه ٺيلي (دڪان) ۾ داخل ٿيا. سنتا سنگهه هن نيم بيهوشيءَ جي عالم ۾ بيٺل جوان ڏي اشارو ڪري، بنتا سنگهه کي چيو: “اڙي ڏس! هي ته اهو ئي ٿڪل جوان آهي جيڪو ٽپ ڏيئي پنهنجي خراب ٿيل ڪار ۾ گهڙي پيو هو جڏهن پاڻ ان کي ڌڪا ڏئي وٺي پئي آياسين.”
    (اميد ته پڙهندڙ مٿين ڳالهه سمجهي ويا هوندا. ٺيلي نما هوٽل جا سِک مالڪ پنهنجي خراب ٿيل ڪار کي ڌڪي وٺي پئي آيا ته رستي تي همراهه ان ۾ چڙهي پيو ۽ هن کي دريءَ مان جيڪو هٿ ٿي نظر آيو سو هنن سکن مان هڪ جو هو.)


    منهنجي دل ڇو ٻڏي رهي هئي...

    پوني لاءِ چيو ويندو آهي ته Plateau تي آهي. پلئٽو جاگرافيءَ جو لفظ آهي، جنهن لاءِ سنڌي يا اردو جي لفظ جي ڄاڻ مون کي ناهي. ڪجهه ڊڪشنرين ۾ ان لفظ جي معنيٰ لکيل آهي، ’ميدان مرتفع‘ يا ’سطحِ مرتفع‘ بهرحال پلئٽو مٿاهين علائقي کي سڏجي ٿو. ڪٿي ڪٿي جابلو قطارن جا ڪجهه جبل هڪ ٻئي سان اهڙيءَ طرح مليل ٿين ٿا، جو انهن جي مٿاهين حصي تي وڏو ميدان ٿيو وڃي. پوني شهر هڪ اهڙي مٿاهين علائقي تي آهي، جنهن جي ڀرسان ٻه نديون نڪري پوني وٽ ملي هڪ ٿي اڳتي وهن ٿيون. سمنڊ کان مٿاهين سطح تي هجڻ ڪري هتي ايتري گرمي نٿي ٿئي، جيتري ممبئي يا ٻين هيٺاهين وارن شهرن ۾ ٿئي ٿي، جيئن پاڻ وٽ جيڪب آباد، سبي، مستنگ ۾ کڻي گرمي هجي پر ڪوئيٽا ۾ ٿڌڪار رهي ٿي، جو ڪوئيٽا سطحِ سمنڊ کان اُتاهين آهي.
    جن ڏينهن ۾ منهنجو پوني ۾ رهڻ ٿيو، اهو فيبروريءَ جو مهينو هو ۽ جيتوڻيڪ انهن ڏينهن ۾ جڏهن پوني اچڻ لاءِ آءٌ ممبئيءَ ۾ لٿس ته ممبئيءَ ۾ چڱي خاص گرمي هئي. پوني ۾ کڻي اهڙي نه هئي، پر سياري جي مهيني جي هجڻ ڪري اهڙي به ٿڌڪار نه هئي، جو ڪوٽ يا سوئيٽر پائي هلجي. بهرحال ڪجهه هٻس ۽ Humidity ڪري منجهند تائين ڪاڙهو ضرور محسوس ٿي ٿيو، پر شام ڌاري پوني جي رستن تان ٿڌڙي هير ۾ واڪ ڪندي يا رڪشا ۾ وڻن ۽ ساوڪ سان جهنجيل شهر جو سير ڪندي مزو آيو ٿي. انڊيا جي ٻين شهرن وانگر مون لاءِ ته هن شهر پوني ۾ به ڪيتريون ئي شيون نيون ۽ عجيب هيون. رستن تي هلندڙ مردن توڙي عورت جا ويس وڳا ۽ سندن ذات نيات ۽ طبقاتي معاشيات جو اظهار ڪندڙ چهرا... جهوپڙيون ۽ بنگلا، مندر ۽ ملٽي اسٽوري عمارتون، گيڙو ڪپڙن ۾ ساڌو ۽ منهن تي نقاب چاڙهي موٽر سائيڪلون هلائيندڙ ڇوڪريون، فٽ پاٿ تي مڇيون وڪڻندڙ مهاڻيون ۽ ٽرئفڪ جئم ڪندڙ ’ڳئون ماتائون.‘
    جتي منهنجي رهائش هئي يعني ساڌو واسواڻي چوڪ جي هڪ ڪنڊ تي، اتان پوني جي ريلوي اسٽيشن به ويجهي هئي ته ڪيترائي سئنيما هال به واڪنگ ڊسٽنس تي هئا. سرڪاري آفيسون، ڪاليج، اسڪول به اتي ئي هئا ته وڏا وڏا شاپنگ سينٽر به. منهنجي ڪمري جي دري ساڌو واسواڻي چوڪ ڏي هئي، سو ڪمري مان به هر وقت چئني رستن تي نظر ڦيرائيندو ٿي رهيس. ساڌو واسواڻي چوڪ تي اسان جو گيسٽ هائوس ڊاڪٽر ائني بيسنت روڊ تي هو، جنهن جي ٻئي پاسي سينٽ ميران گرلس اسڪول هو، جنهن ۾ ڪي. جِي. نرسري کان ٻارهين ڪلاس تائين ڇوڪريون پڙهيون ٿي ۽ صبح جو ننڍا ٻار پنهنجن مائٽن سان ۽ وڏيون ڇوڪريون ٽولن ۾ پنڌ، رڪشائن، بسُن ۽ ٽئڪسين ۾ اچڻ شروع ٿينديون هيون، هُو ڪلاس موجب مختلف يونيفارمن ۾ هونديون هيون ۽ هر هڪ کي اسان جي شاگردن وانگر ڪتابن جا ڳوٿرا هوندا هئا. اسڪول ٽائيم ۾ يا ڪڏهن موڪل بعد هنن جي راندين... خاص ڪري تڪونڊو ۽ جوڊي ڪراٽي جا به ڪلاس ٿيندا هئا.
    ساڌو واسواڻي چوڪ جي ٻِيءَ ڪنڊ تي يعني اسان جي گيسٽ هائوس واري ڪنڊ جي بلڪل مخالف پاسي هڪ ننڍڙي درگاهه هئي، جيڪا پنجن پيرن جي درگاهه سڏي وڃي ٿي، جتي سڄو ڏينهن قواليون هليون ٿي ۽ مسلمان توڙي هندو قبرن کي چُمڻ لاءِ ايندا رهيا ٿي. آءٌ جنهن وقت به لکڻ پڙهڻ جي ڪم کان واندو ٿيس ٿي، يا ٿوري دير ننڊ ڪري فريش محسوس ڪيم ٿي ته هيٺ ڊائننگ هال ۾ هليو آيس ٿي، جتي ڪي نه ڪي اديب، شاعر يا ٻيا سنڌي مهمان ڪچهري ۽ خبرن چارن لاءِ ملي ويا ٿي. ڪڏهن ڪڏهن ته هتي جي ڪچن ۾ به هليو ويس ٿي، جتي رڌا پچاءُ جو ڪم سنڌي ۽ مرهٺي عورتن ڪيو ٿي. سالن کان ساڌو واسواڻي جي تحريڪ ۽ خير جي ڪمن سان وابستا هجڻ ڪري، هنن مرهٺي عورتن به سنڌي سمجهي ۽ ڳالهائي ٿي ۽ هنن کان سندن زندگيءَ جون ۽ سنڌين بابت سندن احساسن بابت پڇندو رهيس ٿي. هتي جي سڀني ماڻهن کي سنڌي هندن بابت اهوئي احساس آهي ته هُو جهيڙو جهٽو نٿا ڪن، ڌيرج سان ڳالهائين ٿا، منجهن سَهپ (tolerance) جو تمام گهڻو مادو آهي، هُو سٺا ۽ محنتي واپاري ۽ پورهيت آهن، سڀ کان وڏي ڳالهه ته هُو جتي رهن ٿا خير جا ڪم ڪن ٿا ۽ غريبن ۽ ضرورتمندن جي مدد ڪن ٿا. جتي سنڌي رهن ٿا اهو ڳوٺ ۽ اتي جا ماڻهو خوشحال ٿين ٿا. ڪلياڻ، الهاس نگر، پمپري، نوي ممبئي ان جا چند مثال آهن. جيڪي سنڌي سوداگر (بزنيس) ۾ نه آهن، اهي اعليٰ تعليم يافته آهن. هُو ملڪ يا سوسائٽيءَ تي بار نه آهن پر پاڻ هڙؤن ۽ وڙؤن ڏين ٿا. اهڙا ماڻهو جيتوڻيڪ ٿورين گهٽ خاصيتن ۽ خوبين وارا اسان جي ملڪ ۾ جيڪڏهن آهن، ته اهي پارسي ۽ آغا خاني آهن.
    پوني ۾ روزانو شام جو ٻاهر نڪري ڪجهه وقت ساڌو واسواڻي چوڪ وٽ اچي بيهندو هئس، جنهن جي وچ تي ساڌوءَ جي مورتي آهي ۽ هيٺان سنڌيءَ ۾ ’نه ڪر فڪر، نه ڪر فڪر، نه ڪر فڪر‘ لکيل آهي. ڪنڊ تي ڪنهن بس سروس ڪمپنيءَ جي ٽڪييٽ آفيس ڀرسان ريسٽورنٽ ۾ يا ٿورو اڳيان کوکي واري کان چانهه وٺي سوچيندو هئس، ته ڪهڙي طرف واڪ ڪجي. ڊاڪٽر ائني بسنت روڊ اولهه ڏي وٺي ايمبڊڪر ويلسي روڊ تائين هليو وڃجي يا اوڀر طرف اڳتي وڃي سر مانيڪجي مهتا روڊ تي چڙهجي. هڪ ڏينهن اهو وٺي اڳتي کاٻي پاسي بندر گارڊن روڊ تي هليو ويس، جتي اڄ جو ماڊرن سئنيما هال Inox هو، جنهن ۾ جوڌا اڪبر فلم هلي رهي هئي. جيڪا مون ان سئنيما ڏٺي. ساڌو واسواڻي چوڪ کان جيڪي رستا اتر ۽ اولهه ڏي وڃن ٿا، انهن ۾ اتر واري جو نالو ساڌو واسواڻي روڊ آهي ۽ ڏکڻ طرف ويندڙ رستو ساڌو واسواڻي پاٿ آهي، جيڪو اڳيان موليڏنا روڊ سان وڃيو ملي. اتي موليڏنا روڊ تي هڪ طرف دوراب جيزمال آهي ته ٻئي پاسي ڪاڪادي مگنم مال ۽ ٿورو اڳيان هڪ پاسي ڪلوور سينٽر آهي، ته مگنم مال واري پاسي هتي جو هڪ مشهور اسڪول سردار دستور نوشيروان گرلس هاءِ اسڪول آهي ۽ اڳيان ساڄي پاسي اروڙا ٽاورس آهن، جن جي هيٺان شاپنگ سينٽر آهن، جن تائين آءٌ پنڌ ئي پنڌ وڃي نڪرندو هئس. ڪڏهن هتان فوٽو به پرنٽ ڪرائيندو هئس. واپسيءَ تي موليڏني روڊ تي ’ڪافي هائوس‘ ريسٽورنٽ ۾ ڪافي يا چانهه ضرور پيتم ٿي. ان ريسٽورنٽ جي ڀرسان هڪ دڪان آهي. ’ڪراچي والا‘ سندس نالي منهنجو هر وقت ڌيان ڇڪايو ٿي. آخري ڏينهن تي گهڙي ويس. هي دڪان مرلي ڏاسواڻي ۽ روهت ڏاسواڻي نالي سنڌين جو هو، جنهن ۾ مختلف قسمن جا هئنڊي ڪرافٽ ۽ ڳهن جا نمونا وڪري لاءِ رکيل هئا.
    هڪ ڏينهن سردار دستور نوشيروان گرلس هاءِ اسڪول ۾ به گهڙي ويس. ان ڏينهن اسڪول جي ڇوڪرين کي تقرير ڪرڻ جو شوق پيدا ڪرڻ لاءِ ڊبيٽنگ هئي. اهو ٻڌي ته منهنجو واسطو به ٽيچنگ سان آهي اسڪول جي انتظاميا مون کي به عزتون ڏئي، کڻي اڳينءَ قطار ۾ ويهاريو. ڇوڪرين جي انگريزي لهجي، توڙي انگريزي زبان جي ڄاڻ، تقرير جي طريقي ۽ دليل بازيءَ مان محسوس ڪيم، ته تعليم ۾ انڊيا واقعي اسان کان زور آهي، اسٽوڊنٽس محنتي آهن، ماسترياڻيون ايماندار ۽ devoted آهن ۽ ضرور والدين به پنهنجن ٻارن کي وقت ڏين ٿا، سندن پڙهائي ۽ پروگريس ڏي ڌيان ڏين ٿا. هڪ ٽيچر جي حيثيت سان آءٌ سمجهي سگهان ٿو ته جيستائين اهي ٽئي ڄڻا پنهنجو پنهنجو فرض نه نڀائيندا، تيسين تعليم جو معيار بلند ٿي نه سگهندو.
    پوني جي هن سردار دستور نوشيروان گرلس هاءِ اسڪول جي هڪ ماسترياڻيءَ ٻڌايو ته، “هي هڪ سؤ سالن کان به پراڻو آهي ۽ فيبروري 1893ع ۾ ٺهيو هو.”
    اسڪول جي ڀت تي اسڪول جو موٽو اُڪريل هو:
    Humata Hukta Hvarestha.
    جنهن جي هڪ ماسترياڻيءَ ٻڌايو ته معنيٰ آهي:
    Good Thoughts, Good words, Good Deeds.
    جيئن اسان وٽ ماما پارسي اسڪول ۽ NED جهڙا تعليمي ادارا پارسين ٺهرايا آهن، تيئن پوني ۾ رهندڙ پارسين هن قسم جا تعليمي ادارا هن شهر ۾ هڪ صدي اڳ ٺهرايا. اها ڳالهه جيڪا اسان کي اڄ به سمجهه ۾ نٿي اچي، اها هنن پارسين اڄ کان سؤ ڏيڍ سال اڳ محسوس ڪئي ته اسان جي سوسائٽي ۽ ملڪ جي ترقي تعليم ذريعي ئي ٿي سگهي ٿي. هنن پنهنجي خرچ تي هي اسڪول ٺهرايا، جيئن سنڌ کان لڏي آيل ساڌو واسواڻيءَ، مائي ميران گرلس هاءِ اسڪول جهڙا تعليمي ادارا پوني، دهلي، ممبئي ۽ ٻين شهرن ۾ ٺهرايا ۽ تعليم جو معيار سرڪاري اسڪولن کان به اعليٰ رکيائون.
    مٿئين پارسي اسڪولن کان علاوه هتي پوني ۾ ڇوڪرن جو اسڪول پڻ آهي، جيڪو هڪ وڏي عالم پارسي شخص شمس العلماء سردار خانبهادر ڊاڪٽر هوشانگ دستور جي ياد ۾ ٺهيل آهي، جيڪو سن 1912ع ۾ ٺهيو. ڊاڪٽر هوشانگ پارسين جو وڏو ٻائو ٿي گذريو آهي. هُو هن شهر پوني ۾ 1838ع ۾ ڄائو ۽ 1908ع ۾ وفات ڪيائين. هندو سنڌين وانگر پارسي ماڻهو به تعليم ۾ ڪيترو اڳيان اڳيان هئا، ان جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته ڊاڪٽر هوشانگ ايم. اي، پي ايڇ ڊي ۽ C.I.E هو ۽ سندس پيءُ دستور جما سپجي ايدلجي، جيڪو 1798ع ۾ گجرات جي شهر نواسري ۾ ڄائو، اهو به زيند آواستا ۽ پهلوي جو وڏو اسڪالر هو ۽ دکن هندستان جي پارسين جو وڏو ٻائو چونڊيو هو.
    پوني ۾ هن دستور فئمليءَ جي مٿين ٻن اسڪولن کان علاوه هڪ ٽيون اسڪول سردار دستور پرائمري ائنڊ نرسري اسڪول به آهي، جيڪو 1953ع ۾ کليو. ههڙن ملڪن جي تعليمي درسگاهن ۽ انهن جي اسٽوڊنٽس کي ڏسي منهنجي دل هميشه اها تمنا ڪندي آهي، ته ڪڏهن اهو ڏينهن ايندو، ڪڏهن اهڙي حڪومت ايندي، ڪڏهن اسان جي سنڌ ۾ اهڙا پير، مير، وڏيرا، ڀوتار، سردار پيدا ٿيندا جيڪي ههڙن اسڪولن کي جنم ڏيندا. ڊبيٽ بعد مختلف ڇوڪرين جون ٽوليون مون سان گڏ فوٽو ڪڍرائينديون رهيون. هڪ ڊگهو عرصو ٽيچنگ سان واسطو هجڻ ڪري ۽ ڪجهه ڪتابن جي ليکڪ جي حيثيت سان هُو مون سان فوٽو ڪڍرائيندي فخر محسوس ڪري رهيون هيون، پر منهنجي دل ڄڻ ٻُڏي رهي هئي، جو پنهنجي وطن جي مُرجهايل تعليمي نظام جو ڏک هڪ طرف ٿي رهيو هو، ته ٻئي طرف دل ۾ اها حسرت ڪَر کڻي رهي هئي، ته ڪاش هي پوني بدران کپري، جهڏي، گمبٽ، سجاول، قمبر يا ميهڙ، مٽياري، سيوهڻ ۽ هالاڻيءَ جهڙي سنڌ جي شهر ۾ پَسي رهيو هجان ها.


    بڙودا ۾ سنڌين جا مشهور اسڪول

    پوني جي رستن تي رُلڻ جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين، جنهن ۾ مون کي ڪافي مزو آيو ٿي. جايون جڳهيون، روڊ رستا ۽ انهن مٿان هلندڙ ڪارون، بسون، ٽيمپو (مزدا بار گاڏيون) ويندي ڍڳي گاڏيون ۽ هڪ دفعو ته هاٿيءَ جي سواريءَ کي به ڪلڪرني روڊ تي ڏٺم، ان کان سواءِ ايندڙ ويندڙ، ڪنهن دڪاندار، گاڏيءَ واري، خومچي وارن سان زوريءَ خوش خير عافيت ڪري، سندس بزنيس ۽ ذاتي زندگيءَ بابت احوال ورتم ٿي. هڪ ڳالهه نوٽ ڪيم ته انڊيا ڪو امير ملڪ ناهي، ڪٿي ڪٿي اسان کان به وڌيڪ غربت آهي، پر گهر جو هر ڀاتي نوڪري يا ڪنهن پورهئي ۾ لڳو پيو آهي ۽ هڪ عام ماڻهوءَ ۾ اهو فرق آهي، ته اسان وٽ گهڻائي انهن جي آهي جيڪي رپيو ڪمائين ٿا ته ٻه رپيا خرچين ٿا يعني هٿ ڦاڙ هجڻ ۽ بيجا خرچن ڪري اسان جا ماڻهو قرضي ۽ هر وقت پريشان آهن ۽ انڊيا جا هندو توڙي مسلمان، عيسائي توڙي سک سوڙ آهر پير ڊگهارين ٿا. هنن جون اهم ترجيحات تعليم- يعني فقط ڊگريون نه پر صحيح علم حاصل ڪري صحيح طرح نوڪري ڪجي، سخت محنت ڪجي، پورهئي جو پئسو فضول ڳالهين تي خرچڻ بدران پهرين اجهي لاءِ جستجو ڪجي. ڀلي شهر کان پري ٻهراڙيءَ ۾ هڪ ڪمري جو سهي، پر پنهنجو گهر هجڻ کپي. انڊيا جا امير ۽ وڏي نالي وارا، خيراتي اسڪول ۽ اسپتالون کولي غريبن جو ڀلو ڪن ٿا، انڊيا جي حڪومت عوامي ٽرانسپورٽ جو بندوبست ڪري ٿي ۽ ڀلي ڪو غريب شهر کان پري رهيو پيو هجي، پر هُو بس يا ٽرين ذريعي پنهنجي نوڪري يا جاب تي پهچيو وڃي. ممبئي يونيورسٽيءَ جي گيسٽ هائوس ۾ رهڻ بدران مون ڏٺو ته شاگرد ۽ شاگردياڻيون ته بسن، ٽرينن ۽ سائيڪلن تي آيون ٿي، پر اڌ کان وڌيڪ پروفيسر، ويندي ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻيءَ جهڙا هيڊ آف ڊپارٽمينٽ به بسن ۾ اچي بس اسٽاپ کان سندن آفيس تائين ايندي ويندي ٻه ميل کن پنڌ ڪيو ٿي. ان سان نه فقط هنن جو پئسو بچي ٿو، پر صحت به صحيح رهي ٿي ۽ منجهن ٽيڙي ۽ غرور به گهڻا ڪَرَ نٿو کڻي.
    انڊيا جا شهر يورپ توڙي ڏور اوڀر جي شهرن کان بلڪل مختلف لڳن ٿا. انڊيا جي رستن تان هلندي ماڻهو عجيب رنگَ، ويس وڳا، خوشبوئون (۽ بدبوئون پڻ تمام گهڻيون) ۽ آواز پسي ٿو. سنگاپور جو سرنگون روڊ يا ملائيشيا جو جامع انڊيا روڊ ننڍڙو انڊيا ضرور سڏجي ٿو، جو اتي انڊيا جا ماڻهو ۽ انهن جا دڪان آهن، پر اتي توهان کي پوني وانگر ڍڳي گاڏي نظر نه ايندي، اڌ اگهاڙو ساڌو نظر نه ايندو، مرزيل ڪتا ۽ گٽر جي گند ۾ اڌ ڀريل سوئرَ (مرون) نظر نه ايندا، فٽ پاٿن تي گتي جي دٻن مان ڇت ٺاهي مٿي مان جون ڪڍندڙ ماءُ ڌيئون نظر نه اينديون...
    هڪ ڏينهن جئه موتياڻيءَ سان ساڌو واسواڻي پاٿ تي واڪ ڪندي جنرل پوسٽ آفيس جي ٻاهران هڪ ناريل وڪڻندڙ عورت کان پيئڻ لاءِ ڪچو ناريل ورتوسين.
    “جئه هن عورت جو فوٽو ڪڍي سگهان ٿو؟” مون جئه موتياڻيءَ کان پڇيو.
    “بلڪل بلڪل.” هن چيو، “ويندي پٺيان فٽ پاٿ تي ستل فئمليءَ جو به ڪڍي سگهين ٿو. وڌ ۾ وڌ هن جي ٻارن کي پنج ڏهه رپيا يا انهن جا بسڪيٽ وٺي ڏينِ.”
    ان ڪري مون جهڙا فوٽن جا شوقين انڊيا ۾ اچي خوب فوٽا ڪڍن ٿا. هڪ هنڌ جهوپڙين جا فوٽو ڪڍندي منهنجي پڇڻ تي انهن ۾ رهندڙ عورتن مان هڪ چيو ته فوٽو ڪڍڻ سان اسان فائدي ۾ رهون ٿا.
    “اهو ڪيئن؟” مون پڇيو.
    “هن قسم جا فوٽو ڏسي ڪيترائي يورپي ۽ ولايت ۾ رهندڙ اسان جي ملڪ جا امير ۽ مخير حضرات (Philanthropists) اسان جي مالي مدد ڪن ٿا. اسان کي گهر ٺهرائي ڏين ٿا، اسان غريبن جي صحت لاءِ خيراتي اسپتالون ۽ دواخانا کولين ٿا.”
    ...پر هاڻ ممبئيءَ جي دهشتگردي بعد حالتون اهي نه رهيون آهن ۽ اسان جي ملڪ وانگر اتي به عام فوٽوگرافيءَ تي سختي ڪئي وئي هوندي، خاص ڪري پاڪستانين ۽ افغانين کي وڌيڪ خيال رکڻ کپي ۽ ڪوبه ڪم قانون جي خلاف يا بنا اجازت جي نه ڪرڻ کپي.
    پوني ۾ ساڌو واسواڻي چوڪ جتي آءٌ رهيل هئس، اتان پوني جي ريلوي اسٽيشن به سڏ پنڌ تي هئي. هن چوڪ کان اتر ڏي ويندڙ ساڌو واسواڻي روڊ وٺي پرنس آغا خان روڊ تي آيس ٿي، جتي پوني جي ريلوي اسٽيشن ۽ بس اسٽاپ آهي. ريلوي اسٽيشن جي بلڊنگ اڳيان هڪ وڏي پپر جي وڻ جي چوڌاري رکيل بينچ تي ويهڻ ۾ سڀ کان گهڻو مزو آيو ٿي. ڄڻ ڪا فلم پئي هلي. ڀانت ڀانت جا ماڻهو عجيب بئگن، ٿيلهن، هڙن ۽ ڳوٿرين سان پوني اسٽيشن تي لهي، هن پپر جي وڻ اڳيان لنگهي ٽئڪسي يا رڪشا ۾ وڃي چڙهيا ٿي ۽ ڪي ٻين شهرن ۾ وڃڻ لاءِ ايندا رهيا ٿي... سک، ڪشميري، تامل، مرهٺا، بنگالي، عورتون، مرد، ٻار، غريب، امير... مختلف ويس وڳن ۽ ميڪ اپ ۾ ايندا رهيا ٿي ۽ هڪڙا ويا ٿي ته ٻيا آيا ٿي. پپر جي وڻ هيٺان ويٺل ڄڻ مفت جي فلم پيو ڏسي. اتي ئي آغا خان روڊ وٽ هڪ دفعو آشيرواد هوٽل ۾ ۽ هڪ دفعو سمرت ۾ ويهي چانهه پيتم.
    ڪجهه دير واڪ ڪرڻ بعد ڪنهن رڪشا يا ٽئڪسيءَ کي بيهاري، ان جي ڊرائيور جي مرضيءَ تي پوني شهر جو ڪو نئون ڪُنڊ پاسو ڏسڻ لاءِ نڪري پيس ٿي. انڊيا ۾ اهي سواريون به سستيون آهن ۽ مون ساڻن ٻه ڪلاڪ کن گهمائڻ جو حساب رکيو ٿي، جنهن ۾ هيٺ لهي فوٽو به ڪڍيم ٿي ته ڪنهن سان خبرچار به ڪيم ٿي. اهڙيءَ طرح ڪڏهن ڪوري گائون پارڪ ڏي وڃي نڪتس ٿي ته ڪڏهن ’مُولا موٿا‘ ندي پار ڪري ڦولي نگر ۽ شانتي نگر کان وڃي نڪتس ٿي. ڪڏهن، خاص ڪري رڪشا ۾ پوني شهر جي پراڻن علائقن نانا پيٺ، گنيش پيٺ، شڪرواز پيٺ، ويندي سباش نگر ۽ سارس باغ (گنيش مندر) کان وڃي نڪتس ٿي يا وري اتان پل ذريعي موٿا ندي ٽپي گرگوسن روڊ، ڀنڊاڪر روڊ ۽ جنگلي مهاراجا روڊ کان نڪتس ٿي. ڊرائيور کي ڪجهه پئسا ڪمينٽري ڪرڻ جا وڌيڪ ڏنم ٿي، جيئن جتان جتان لنگهي اتان جي عمارتن، علائقن ۽ تاريخي جاين بابت پنهنجي معلومات موجب مون کي ٻڌائيندو هلي. ڪن شين جا نالا پنهنجي ننڍڙي ڪاپي تي به نوٽ ڪندو ٿي ويس، جيڪي گيسٽ هائوس ۾ پهچي اتي رهندڙ سنڌي اديب مهمانن ۽ مقامي سنڌي ميزبانن کان پڇيم ٿي... خاص ڪري چندرو موهيناڻي، پروفيسر ٻلديو مٽلاڻيءَ جي پوني جي شاگرد ڀوجراج ليکواڻي، مهيش آئيداساني ۽ هن جي زال مينو کان، وشنو چانگراڻي ۽ موهن چئناڻيءَ کان، ڪڏهن ڪڏهن آفيس ۾ ڪم ڪندڙ ڇوڪريون: ڪويتا کتري، ريکا ڀاٽيا، ڀڄن ڳائيندڙ شيلا سپي ۽ مسٽر نوين به مون کي پوني بابت ٻڌائيندا رهيا ٿي.
    هتي ٻه چار سِٽون پوني جي هن گيسٽ هائوس ۾ رهندڙ مهمان هرگوبن پرسرام لاءِ لکڻ ضروري سمجهان ٿو. هرگوبن شاعر يا اديب ته نه آهي، پر هڪ ماهر تعليمدان ۽ انگريزي زبان جو ڄاڻو ضرور آهي. پاڻ سڄي عمر درس و تدريس جي ڪمن ۾ لڳائي اٿس، ايتريقدر جو شادي به نه ڪيائين. هن وقت سندس عمر ستر سالن کان مٿي آهي. هرگوبن سڀني مهمانن ۾ وڏي ڏاڙهيءَ ڪري نمايان هو. مون جهڙا ننڍڙي ڏاڙهيءَ وارا ته ڪيترائي هئا، پر هرگوبن جي هيڏي وڏي ڏاڙهي ڏسي مون کي مٿس سِک هجڻ جو گمان ٿيو. پهرين ڏينهن ئي نيرن تي هن کي ڏسي مون اندازو لڳايو ته هن ميلي ۾ سنڌي ڳالهائڻ وارن کان سواءِ ٻيا به آهن، جنهن ڪري جلسي توڙي جشن جي ڪارروائي هندي (اڙدو) يا انگريزيءَ ۾ هلي.
    ڊائننگ هال ۾ هرگوبن ۽ منهنجي ٽيبل جي وچ ۾ ٻيون به ٻه ٽيبلون هيون. نيرن بعد چانهه لاءِ اُٿيس ۽ هرگوبن سان ملڻ لاءِ سندس ٽيبل وٽان لنگهيس ته هُو ڀر ۾ ويٺل الهاس نگر جي لکي جادوداس آئلداس ’جشناڻي‘ ۽ هن جي پتني ديا سان سنڌيءَ ۾ ڳالهائي رهيو هو. وڏي عمر جي باوجود سندس آواز کڙو تڙو هو. جشناڻي ۽ سندس زال ديا سان ٿوري دير اڳ ملي چڪو هئس، جن ٻڌايو هو ته هنن جا وڏا ضلعي شڪارپور جي هڪ ڳوٺ ’قاسم ڳوٺ‘ ۾ رهندا هئا. جشناڻيءَ منهنجي ڄاڻ هرگوبن سان ڪرائي ته الطاف به پاءُ صديءَ کان ٽيچنگ پروفيشن ۾ آهي ۽ هينئر به هتان پوني مان ٿي ممبئي يونيورسٽي ۽ ممبئي مئرين اڪيڊميءَ ۾ هفتي کن لاءِ ليڪچر ڏيڻ لاءِ وڃڻو آهي.
    هرگوبن ٻڌايو ته هن جو جنم 26 آڪٽوبر 1936ع تي روهڙيءَ ۾ ٿيو. سندس پيءُ پرسرام ڪراچيءَ جو هو ۽ ماءُ ديوي ٻائي بجاج روهڙيءَ جي هئي. “هندستان جي ورهاڱي بعد اسين بڙودا ۾ آياسين. اسان جو اباڻو ڌنڌو واپار آهي، سو بڙودا ۾ اچي دڪان کوليوسين، پر مون کي پڙهائڻ جو ننڍپڻ کان شوق هو سو جيئن ئي حيدرآباد واري ماستر لڌارام بڙودا ۾ اچي اسڪول کوليو، ته مون دڪانداري ڇڏي ان وٽ پڙهائڻ شروع ڪيو. سمجهو ته اهو سال 1954ع جو هو جڏهن کان مون پڙهائڻ شروع ڪيو ۽ اڄ تائين پڙهائيندو اچان. ان کي اڄ 56 سال ٿيا آهن...”
    هرگوبن پرسرام لُل کي اڄڪلهه پنهنجو تعليمي درسگاهه آهي جنهن جو نالو “Lulla Classes Institute” آهي، جيڪا گجرات رياست جي بڙودا شهر جي ڊانڊيا بازار ۾ آهي. هرگوبن جو هي تعليمي ادارو مون انٽرنيٽ تي به ڏٺو ۽ مون کي ائين ٿو لڳي، جيئن پاڻ وٽ پاڪستان ۾ ٽيوشن سينٽر آهن.
    مٿي هرگوبن، جنهن حيدرآباد سنڌ جي ٽيچر ’ماستر لڌارام‘ جي ڳالهه ڪئي آهي، تنهن کان اسان جي اڄ جي ٽهي شايد اڻ واقف هجي مون کي به هن اعليٰ ٽيچر لڌارام بابت حيدرآباد جي اڄڪلهه جي مشهور وڪيل ڪاڪي ڪشنچند ڀارواڻيءَ ۽ جهمٽ ڄيٺانند ٻڌايو.
    ماستر لڌارام (سڄو نالو لڌارام موهن داس چنديراماني) جون 1893ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو ۽ حيدرآباد جي مشهور اسڪول گرداسمل هندو هاءِ اسڪول جو پرنسپال هو. هُو هڪ آدرشي ٽيچر مڃيو ويو ٿي.
    هندستان جي ورهاڱي ۽ لڏپلاڻ بعد گجرات ۾ Settle ٿيل سنڌين پنهنجن ٻارن جي تعليم خاطر ماستر لڌارام کي بڙودا اچڻ تي مجبور ڪيو، جتي هن ’سنڌي هندو هاءِ اسڪول بڙودا‘ جي نالي سان اسڪول شروع ڪيو، جيڪو پوءِ ’ماستر لڌارام هاءِ اسڪول‘ جي نالي سان سڏجڻ لڳو. اڄ هي اسڪول گجرات جي سڄي صوبي جي اعليٰ اسڪولن مان هڪ آهي.
    ماستر لڌارام هوميوپيٿي جي علم کان به واقف هو. سنڌ ۾ جنهن سنياسيءَ کيس اها ڄاڻ ڏني، ان ماستر لڌارام کان وعدو ورتو ته هُو مريضن جو مفت علاج ڪندو. لڌارام بڙودا پهچي اسڪول هلائڻ کان سواءِ هن ڊانڊيا بازار ۾ هڪ دڪان مسواڙ تي ورتو ۽ شام جو روزانو چار ڪلاڪ بنا في وٺڻ جي، مريضن جو علاج ڪندو هو. سندس علمي ۽ سماجي خدمتن جي ڪري گجرات حڪومت کيسJustice of Peace مقرر ڪيو. انهن ڏينهن ۾ هيءَ هڪ وڏي عزت ۽ رتبي جي ڳالهه هئي.
    ماستر لڌارام پنهنجي سڄي زندگي پڙهائڻ ۽ ماڻهن جي خدمت ڪرڻ جي ڪمن ۾ وقف ڪري ڇڏي. پاڻ هڪ مڪمل انسان هو، هڪ سٺو مڙس، هڪ سٺو ٽيچر، هڪ سٺو پيءُ ۽ هڪ سٺو ماڻهو. 6 ڊسمبر 1953ع تي سندس لاڏاڻو ٿيو. بقول ڪشنچند ڀارواڻيءَ جي:
    ...He was committed educationist, who genuinely thought and believed that all his students were his children. He cared and loved them...


    پوني جا ڪجهه روڊ رستا

    پوني جون ڪجهه گهٽيون ۽ رستا هن وقت به ياد اٿم. انهن تان واڪ ڪندي مون کي اهو ئي مزو آيو ٿي، جيڪو سنگاپور ۽ پينانگ جي روڊن تان، لنڊن ۽ ممباسا جي رستن تان آيو ٿي. پوني هڪ تاريخي شهر آهي ۽ جيڪڏهن توهان کي تاريخ جي معلومات آهي يا توهان سان گڏ ڪو سٺو گائيڊ آهي ته پوءِ توهان کي ائين لڳندو ڄڻ توهان رستن تان نه پر تاريخ جي ورقن تان ٻرانگهون ڀري رهيا آهيو. هتي ڪجهه روڊن جا نالا لکي رهيو آهيان. توهان جو به مون وانگر پوني ۾ هفتو يا ڏهه ڏينهن کن رهڻ ٿئي ته شام جي وقت انهن روڊن جي ڪجهه حصن تان واڪ ضرور ڪجو. ٿڪجي پئو ته رڪشا ۾ ئي سير ڪجو. دنيا ۾ انڊيا کان وڌيڪ سٺي سواري فقط ايران ۾ آهي ۽ جي توهان مون وانگر پوڙها نه پر جوان آهيو ته پوءِ ته توهان لاءِ بس ۾ سفر ڪرڻ به آرامده ۽ دلچسپ آهي. بسون ڪافي خالي هلن ٿيون ۽ توهان کي لهڻ چڙهڻ يا سيٽ هٿ ڪرڻ ۾ ڪا دقت نه ٿيندي. بلڪ توهان کي مردن، عورتن، شاگردن ۽ ڇوڪرين کي گڏ گڏ بس ۾ چڙهندو ۽ آرام سان ويهندو ڏسي حيرت ٿيندي. منهنجي لکڻ جي ضرورت ناهي، توهان کي پاڻ ئي محسوس ٿيندو ته انڊيا ۾ به اسان وانگر غربت ضرور آهي پر ڪِن ڪِن ڳالهين ۾ هُو اسان کان وڌيڪ civilized لڳن ٿا. هنن جي بسن ۾ اهي واهيات گانا نٿا هلن، جيڪي اسان جي اسلامي جمهوريت ۾ هلن ٿا، هنن جا بس ڊرائيور (آءٌ شهر ۾ هلائيندڙ بس ڊرائيورن جي ڳالهه ٿو ڪريان) پوليس جي ڊپ کان، مالڪ جي ڊپ کان فضيلت سان بس هلائين ٿا ۽ بس ڪنڊيڪٽر نه ته سوارين سان اڍنگي زبان ڳالهائين ٿا ۽ نه مهلو ڪمهلو ٽپڙ کنهن ٿا.

    ڪاروِ روڊ (Karve Road):
    پوني شهر ۾ هي رستو ڪراچيءَ جي ايم اي جناح روڊ وانگر سڀ کان ڊگهو ۽ مشغول ترين لڳي ٿو. پوني مان وهندڙ موٿا نديءَ جي بلڪل Parallel هي رستو سمڀاجي مهاراج چوڪ کان شروع ٿئي ٿو. هتان ئي پوني جا ٻه ٻيا اهم رستا جنگلي مهاراج روڊ ۽ گرگوسن روڊ پڻ نڪرن ٿا. Karve روڊ تان هڪ ڏينهن رڪشا ۾ چڙهي لنگهيس. رستي تي گنيش نگر وٽان ٿيندو ڪاروِ نگر تائين هليو وڃي ٿو. هن رستي تي ڪيتريون ئي اسپتالون، ڪلينڪون، بئنڪون ۽ خاص ڪري تعليمي ادارا نظر اچن ٿا. انهن مان ڪجهه اهم هن ريت آهن: ابا صاحب گار وار ڪاليج، اڀيناو وڌيالا، ڪلمادي شام رائو وغيره. هڪ ڏينهن هن روڊ تي ڪنچن ڀاون وٽ اجمير جي مشهور سنڌي ليکڪا ڪملا بوٽاڻي پڻ شاپنگ ڪندي نظر آئي. هُوءَ ديالداس بختياڻيءَ جي ڌيءَ ۽ ڪشن بوٽاڻيءَ جي زال آهي ۽ پوني ۾ ان ئي گيسٽ هائوس ۾ مهمان طور رهي ٿي، جنهن ۾ آءٌ ٽڪيل هوس. هن Karve روڊ لاءِ ٻڌايو ته هي روڊ انڊيا جي هڪ مهان شخصيت ’مهارشي ڊاڪٽر ڍونڊو ڪاروِ‘ نالي آهي. ڊاڪٽر ڍونڊو ڪاروِ 1858ع ۾ ڄائو. هُو هڪ سوشل ريفارمر هو، جنهن سڄي عمر عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙيندي گذاري. ڊاڪٽر ڪارو انهن شروع جي ماڻهن مان آهي، جن انڊيا ۾ عورتن جي تعليم کي عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ بيواهه عورتن کي وري شادي ڪرڻ لاءِ همٿايو. انهن سماجي خدمتن جي بدلي ۾ انڊيا حڪومت ڊاڪٽر ڪاروِ کي انڊيا جو سڀ کان وڏو سِول ايوارڊ ’ڀارت رتنا‘ عطا ڪيو. هي ايوارڊ ڊاڪٽر صاحب کي 1958ع ۾ ڏنو ويو، جڏهن هن جي عمر پورا سؤ سال هئي. پاڻ 104 ورهين جي ڄمار ۾ 1962ع ۾ وفات ڪيائين.
    ڊاڪٽر ڪاروِ ٻه شاديون ڪيون. هڪ ته انهن ڏينهن جي رسم موجب ننڍي هوندي هئي. ان جي وفات بعد ڊاڪٽر ڪاروِ ٻي شادي هڪ بيوه عورت سان ئي ڪئي. پاڻ ايلفنسٽن ڪاليج بمبئيءَ مان مٿئس ۾ ڊگري حاصل ڪيائين ۽ پوني جي فرگوسن ڪاليج ۾ پڙهايو. جپان ۾ عورتن جي يونيورسٽي کلڻ بعد ڊاڪٽر صاحب پوني ۾ به 1916ع ۾ عورتن جي يونيورسٽي شروع ڪئي. ان کان علاوه عورتن جا ٻيا به ڪيترائي ادارا قائم ڪيا.
    اجمير جي هن سنڌي ليکڪا ڪملا بوٽاڻيءَ ڊاڪٽر ڪاروِ لاءِ ٻڌايو ته هن جي ٻارن به وڏو نالو پيدا ڪيو. چئن پٽن مان وڏو رگهوناٿ پيءُ وانگر مئٿس جو پروفيسر ٿيو. ٻيو پٽ ڊنڪار ڪيمسٽريءَ جو پروفيسر ٿيو، جنهن جي زال اراوتي مشهور ائنٿرا پولاجسٽ ۽ ليکڪا آهي. اراوتي برما ۾ ڄائي ۽ پوني ۾ وڏي ٿي. 1928ع ۾ هن ممبئي يونيورسٽيءَ مان سوشالاجيءَ ۾ ايم. اي. ڪئي ۽ برلن جرمني مان 1930ع ۾ Anthropology ۾ ڊاڪٽوريٽ ڪئي. اراوتي، پوني جي ڊيڪن ڪاليج ۾ ڪيترائي سال هيڊ آف ڊپارٽمينٽ رهي.
    ڪملا بوٽاڻيءَ انهيءَ روڊ تي، اسٽيٽ بئنڪ وٽ هڪ ڪتابن جي دڪان تي ڊاڪٽر ڪاروِ جي ننهن اراوتيءَ جا ڪجهه ڪتاب کڻي مون کي اهي پڙهڻ جو مشورو ڏنو، جيڪي اتان ته خريد نه ڪيم پر پوءِ ڪراچيءَ جي ريگل بس اسٽاپ تان هڪ ٻه ملي ويو. توهان کي به پڙهڻ جو شوق هجي ته اتان يا ڊفينس جي آچر بازار مان اهڙا ڪتاب توهان کي سستي اگهه ۾ ملي سگهن ٿا. بهرحال اراوتي جنهن جو سڄو نالو Irawati Karve آهي، جا هي ڪتاب بيحد مشهور آهن. خاص ڪري انڊيا جي صوبي مهاراشٽرا ۾ رهندڙن کي ته ضرور پڙهڻ کپن.
    • Hindu Society ـ an interpretation
    • Kinship Organisation in India
    • Maharashtra ـ Land and People
    هتي اهو به لکندو هلان ته پوني جي هن ڪتابن جي دڪاندار ٻڌايو ته اراواتي جون ٻه ڌيئون به ليکڪائون آهن. هڪ گوري ديشپانڊي جيڪا افسانا ۽ شعر لکي ٿي ۽ ٻي جئه نمبڪر جيڪا فقط ڪهاڻيون لکي ٿي. فلوريڊا آمريڪا ۾ رهندڙن جي معلومات لاءِ اهو لکندو هلان ته جئه جي ڌيءَ، يعني اراواتيءَ جي ڏهٽي نندني نمباڪر يونيورسٽي آف فلوريڊا جي هڪ ذهين ۽ قابل شاگرد آهي.
    پوني جي Karve Road واري هن شخصيت ڊاڪٽر ڍونڊو ڪيشوِ ڪاروِ ۽ هن جي اولاد جون تعليمي ۽ سماجي خدمتن جي حوالي سان ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن، پر هتي آخر ۾ ڊاڪٽر صاحب جي ٽئي پٽ ڊاڪٽر شنڪر ڪاروِ بابت ايترو لکندس ته هن پنهنجي زندگيءَ جو وڏو حصو ڪينيا جي بندرگاهه واري شهر ممباسا ۾ گذاريو ۽ هُو انگريزن جي دورِ حڪومت ۾ ممباسا جو هڪ مڃيل ڊاڪٽر آهي. هن جي 80هين جنم ڏينهن تي ڪينيا حڪومت ڊاڪٽر شنڪر کي عزت بخشڻ لاءِ پوسٽ جي ٽڪلي جاري ڪئي.
    منهنجي پيٽارو جي ڪلاس ميٽن: خيرپور جي شوڪت جماڻي ۽ آدم جي انشورنس واري رميش ڪمار (ڪٽ نمبر ون) جن وٽ اسڪول ڏينهن کان ٽپال جون ٽڪليون گڏ ڪرڻ جو شوق آهي، مون ڏي مٿين ٽڪلي موڪلڻ جو وعدو ڪيو آهي، ٿي سگهي ٿو منهنجن ڪتابن جو پبلشر ان کي هن مضمون سان گڏ ڇاپڻ جي گنجائش ڪڍي سگهي.

    ڪلڪرني روڊ:
    هي روڊ به پوني جي اهم رستن مان هڪ آهي، جيڪو پوني جي ٻهراڙيءَ واري علائقي ڏي هليو وڃي ٿو جيئن کڻي سمجهو ته نارٿ ناظم آباد ۽ نيو ڪراچي کان سرجاني ٽائون ويندڙ رستو. ڪلڪرني روڊ هن صوبي مهاراشٽرا (جنهن ۾ پوني، ممبئي، ناگپور، سولاپور، ڪولهاپور، اورنگ آباد وغيره اچي وڃن ٿا) جي مشهور مرهٺي افسانا نگار جي. اي. ڪلڪرني (گروناٿ اباجي ڪلڪرني) جي نالي سان آهي. سندس ڪهاڻين تي انڊيا سرڪار طرفان ’ساهتيه اڪيڊمي ايوارڊ‘ به ملي چڪو آهي. ڪلڪرنيءَ پرائمريءَ کان پوسٽ گريجوئيشن انڊيا جي شهر بيلگائون مان ڪئي ان بعد ڌارواد جي ڪاليج ۾ چاليهه سال کن انگلش جو پروفيسر ٿي رهيو. پاڻ سڄي عمر شادي نه ڪيائين ۽ زندگيءَ جا آخري ڏينهن پوني ۾ گذاريا.
    ڪلڪرني روڊ تي ڪيترائي اُڀرندڙ پروجيڪٽ نظر اچن ٿا. رهائشي فلئٽن جون اتاهيون عمارتون جهڙوڪ ڪرشنا، سواپنا شلپا، ملٽيپليڪس مووي ٿيٽر (جهڙوڪ؛ City Pride، ڪارخانا، فئڪٽريون، سنگم پريس، جوشي ريلوي ميوزيم، شاپنگ سينٽر، وغيره)

    ڀنڊاڪر روڊ:
    هي روڊ ڀنڊاڪر انسٽيٽيوٽ جي سامهون شروع ٿئي ٿو ۽ لڪي ريسٽورنٽ وٽ ختم ٿئي ٿو. هي روڊ ۽ انسٽيٽيوٽ ملڪ جي هڪ وڏي اسڪالر ۽ سماج سڌارڪ آر. جي. گنڊاڪر (سڄو نالو پروفيسر راما ڪرشنا گوپال ڀنڊاڪر) نالي آهن. پاڻ 1837ع ۾ رتناگري ضلعي ۾ ڄائو ۽ 1925ع ۾ پوني ۾ وفات ڪيائين. ڀنڊاڪر ممبئي يونيورسٽيءَ جي شروعاتي گريجوئيٽس مان هو، جنهن 1863ع ۾ ايم. اي. ڪئي. ان بعد ممبئيءَ جي ايلفنسٽن ڪاليج ۽ پوني جي ڊيڪن ڪاليج ۾ پڙهايو. 1894ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر جي حيثيت سان رٽائرمينٽ حاصل ڪئي. ڀنڊاڪر اوورينٽل انسٽيٽيوٽ، پوني پروفيسر ڀنڊاڪر جي نالي 1917ع ۾ قائم ڪئي وئي.
    ڀنڊاڪر روڊ تي ڪيتريون ئي مشهور ۽ تاريخي شيون آهن جهڙوڪ Spencer Daily ۽ Tru- Mart جهڙا شاپنگ سينٽر آهن. گڊلڪ ۽ رنگولي جهڙيون ويجيٽرينين ريسٽورنٽون آهن. هن روڊ تي هڪ ٻوڙن جو اسڪول به آهي. انگريزن جي ڏينهن جا شان و شوڪت وارا ’ڊيڪن جيمخانا ڪلب‘ ۽ ’PYC جيمخانا ڪلب‘ به هن روڊ وٽ آهن. Sana Dairy نالي هڪ جهوني کير مکڻ جي ڊيئري به هن روڊ تي آهي. مرهٺي زبان جو ناليرو ليکڪ، تقريرون ڪندڙ، ائڪٽر ۽ ڪاميڊين پُولا ديش پانڊي جو گهر به هن روڊ تي آهي.
    ايف سي روڊ (F.C. Road):
    هي روڊ اهو آهي، جنهن تي منهنجي والد صاحب گل محمد شيخ پنهنجن سنڌي ۽ مرهٺي دوستن سان گڏ ضرور واڪ ڪئي هوندي. گذريل صديءَ جي ٽئي ڏهاڪي جي آخري سالن ۾ ۽ چوٿين ڏهاڪي جي شروع وارن سالن ۾، جڏهن منهنجو والد پوني جي ايگريڪلچر ڪاليج (هاڻ يونيورسٽيءَ) جو شاگرد هو، ته ان علائقي ۾ هي ئي وڏو ۽ سٺو روڊ ليکيو ويو ٿي، جيڪو تن ڏينهن جا شاگرد وٺي پونا مان وهندڙ موٿا نديءَ جي ڪناري تي آيا ٿي. انهن ڏينهن ۾ پوني جو شهر ڪراچيءَ وانگر محدود هو ۽ هن ڪاليج جا شاگرد موڪل واري ڏينهن تي خريداري يا ماني کائڻ لاءِ قصبه پيٺ، شانيواروادا ۽ شنيوار پيٺ تائين ايندا هئا جن جون ڳالهيون، منهنجو والد پنهنجي والده ۽ هن جي ڀاءُ کي خطن ذريعي ۽ روبرو اچي ٻڌائيندو هو. سندن والد يعني اسان جو ڏاڏو جوانيءَ ۾ ئي گذاري ويو، جڏهن منهنجو والد ٻئي ڪلاس ۾ هو، پر سندس والده يعني اسان جي ڏاڏيءَ (جنهن پاڻ ته پهريون ڪلاس به نه پڙهيو هو) پنهنجي اڪيلي پٽ لاءِ چاهيو ٿي ته هُو اعليٰ کان اعليٰ تعليم حاصل ڪري. موڪلن تي موٽڻ مهل هُوءَ پنهنجي پٽ جون ڳالهيون وڏي غور سان ٻڌندي هئي. اسان ڄاواسين، وڏا ٿياسين ته به هن کي پوني جون ڳالهيون ياد هيون ۽ پوني جا پيٺ، موٿا ۽ مُولا ندين جا نالا ۽ ڪجهه مرهٺي لفظ پهريون دفعو اسان کانئس ٻُڌا ۽ اهوئي سبب آهي جو پوني اچڻ جو پروگرام مون ڪنهن به صورت ۾ ڪئنسل نٿي ڪرڻ چاهيو. پوني ۾ ٽئڪسين ۾ چڙهندي يا وڏين هوٽلن ۾ جئه موتياڻي ۽ ريٽا شهاڻيءَ جون دعوتون کائيندي، منهنجي اکين ۾ ڳوڙها اچي ٿي ويا. منهنجو پيءُ جڏهن هن شهر ۾ پڙهيو ٿي ته هُو يتيم هو، غريب هو. سندس ڀيڻون يعني منهنجيون پڦيون ڀرت جون ٽوپيون ۽ پوتيون ٺاهي، کيس ڪاليج جي في لاءِ پئسا موڪلينديون هيون. ننڍپڻ ۾ يعني صغير هجڻ جي صورت ۾ زمينون سرڪار وٽ هيون، جن مان ڪورٽ ذريعي تمام ٿورو پئسو مليو ٿي. ان ڪري منهنجي پيءُ هن شهر ۾ هنن رستن تي پنڌ ئي پنڌ هليو. مجبوريءَ جي حالت ۾ ڪنهن سستي هوٽل ۾ ماني کاڌي ٿي، نه ته هاسٽل جي سادي مانيءَ تي به خوش هو. هن انهن حالتن ۾ رهي نه فقط پڙهيو پر هر سال ٽاپ ڪيو. اکين جي تڪليف هوندي به هن جي اعليٰ هئنڊ رائيٽنگ هئي، جنهن جو ذڪر سندس همعمر، دوست ۽ ڪراچيءَ ۾ گڏ پڙهندڙ سيد غلام مصطفيٰ شاهه ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ هميشه ڪندا آهن. افسوس ان ڳالهه جو ٿيندو اٿم ته اڄ جو ٻار سڀ سُک هجڻ جي باوجود تعليم ۾ ايترو پٺتي ڇو آهي؟ جيتوڻيڪ اڄ جي ڪنهن به ٻار جي ماءُ اسان جي ڏاڏيءَ جهڙي اڻ پڙهيل نه هوندي...
    ايف. سي. روڊ جو نالو هن روڊ تي هڪ اعليٰ معيار جي ڪاليج “فرگوسن ڪاليج” تان پيو آهي، جيڪو 1885ع ۾ کُليو هو.


    هر سهڻي ائڪٽريس هن تي اَڪن ڇَڪن

    گذريل مضمون ۾ پوني جي ڪجهه اهم رستن جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين، جن تان واڪ ڪندي، يا پوني جي جهونن علائقن مان گهمندي، ائين لڳي ٿو ڄڻ تاريخ جي ورقن ۾ ڪو جهاتيون پيو پائي. خاص ڪري پوني جا پراڻا علائقا ته منهنجي لاءِ ان ڪري به اهم آهن، جو منهنجو پيءُ تعليم دوران هن شهر ۾ رهيو ۽ ضرور هنن روڊن، رستن، گهٽين ۽ پاڙن مان لنگهيو هوندو، خاص ڪري ايف. سي. روڊ (فرگوسن ڪاليج روڊ) جيڪو ايگريڪلچر يونيورسٽيءَ وٽ شروع ٿئي ٿو ۽ منهنجي والد گل محمد شيخ، يونيورسٽي اٿيڪا آمريڪا مان ايگريڪلچر سائنس ۾ ماسٽرس ڪرڻ کان اڳ هتان پوني جي هن ايگريڪلچر ڪاليج مان بي. ايس. سي. ڪئي هئي، جيڪو ڪاليج هاڻ يونيورسٽيءَ جو درجو رکي ٿو، جيئن ڄامشورو جو مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج هاڻ يونيورسٽي آهي.
    فرگوسن ڪاليج جنهن تان هن روڊ تي اهو نالو پيو آهي. پوني جو 125 سال پراڻو ڪاليج آهي، جيڪو بمبئيءَ جي گورنر سر جيمس فرگوسن جي نالي آهي. جيمس فرگوسن 1880ع کان 1885ع تائين بمبئيءَ جو گورنر ٿي رهيو. ان کان اڳ هي صاحب نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا جو به گورنر رهي چڪو هو. فرگوسن جو پٽ چارلس ۽ پوتو بانرڊ ٻئي ڄڻا اڳتي هلي نيوزيلينڊ جا گورنر جنرل ٿيا. فرگوسن پاڻ 74 ورهين جي ڄمار ۾، سن 1907ع ۾ جئميڪا (ويسٽ انڊيز) ۾ موڪلون گذاري رهيو هو ته زلزلي ۾ دٻجي مري ويو. سر جيمس فرگوسن نالي پوني جي هن شهر کان علاوه ڏکڻ آسٽريليا ۾ ’جيمس ٽائون‘ نالي شهر پڻ آهي.
    پوني جو هي فرگوسن ڪاليج ان ڪري به مشهور ۽ تاريخي آهي جو هن مان ڪيترائي اهم سياسي ماڻهو جن جو انڊين نئشنلسٽ ڪانگريس، انڊين نئشنلسٽ موومينٽ ۽ سوشلسٽ موومينٽ سان رهيو، تن هن ڪاليج مان تعليم حاصل ڪئي. فلمن جي شوقينن لاءِ اهو به لکندو هلان ته روهيني ڀاٽي (ڪٿڪ ڊانسر) منجيري فدنيس (جاني تو يا جاني نا واري ائڪٽريس)، پوجا باترا (مس انڊيا 1993ع ۽ فلمي ائڪٽريس)، سميٽا پاٽل (فلمي ائڪٽريس)، شريرام لاگو (فلم ائڪٽر) پڻ هن ڪاليج جا گريجوئيٽ آهن. انڊيا جا وزيرِاعظم نراشيمهارائو ۽ وشواناٿ پرتاب سنگهه، هندو مهاسڀا جو صدر ونياڪ دمودار ساوارڪر ۽ سنڌي ڪانگريس ليڊر جيوترام ڀڳوانداس ڪرپلاڻي پڻ هن ڪاليج مان پڙهيا آهن.
    پاڪستان جي پڙهندڙن لاءِ اهو به لکندو هلان، ته هن ڪاليج ۾ لئبارٽريز، ليڪچر هال ۽ ڪانفرنس رومن کان علاوه ٻائي جرٻائي واديا نالي هڪ تمام وڏي لئبرري به آهي، جنهن جي گرائونڊ فلور تي ٽن لکن کان مٿي ڪتاب آهن ۽ فرسٽ فلور تي شاگرد ۽ ٻين ملڪن کان آيل اسڪالر ويهي پڙهن ٿا ۽ هڪ ئي وقت 400 ماڻهن جي ويهڻ جي گنجائش آهي. انڊيا جي واديا فئملي اها مشهور فئملي آهي، جنهن جي بزنيس مئن نيويلي واديا، محمدعلي جناح صاحب جي ڌيءَ دينا سان شادي ڪئي، جنهن مان کين نسلي واديا پٽ ٿيو ۽ ڪجهه عرصو اڳ ڪراچيءَ مان دينا پنهنجن پوٽن (يعني نسلي واديا جي پٽن) نيس ۽ جهانگير سان جناح جي مزار تان حاضري ڀري وئي هئي، جنهن جو احوال شروع ۾ ڪري چڪو آهيان. منهنجي پڇڻ تي لئبريريءَ جي انچارج ٻڌايو ته “جرٻائي” نيس واديا جي ماءُ ٿئي.
    پوني جي هن رستي (يعني فرگوسن ڪاليج روڊ) تي برٽش قونصل لئبريري به آهي، جنهن جي سامهون ٽائيمز آف انڊيا اخبار وارن جي آفيس به آهي. هن روڊ تي سويرا، وئشالي ۽ روپالي ٽي پراڻيون ۽ مشهور ريسٽورنٽون آهن، جيئن هن روڊ جي ٻيءَ ڪنڊ تي لڪي ريسٽورنٽ هئي. هي ريسٽورنٽون ڪجهه ائين آهن، جيئن ڪنهن زماني ۾ حيدرآباد سنڌ ۾ ڪيفي جارج يا ڪراچي هوٽل جنهن ۾ شهر جا اديب، شاعر، فنڪار چانهه ۽ سموسي يا بن مکڻ تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهي ڪچهري ڪندا هئا. پوني جي هيءَ لڪي ريسٽورنٽ ته ڪجهه سال ٿيا ته 2006ع ۾ ڊاٺي وئي، جنهن لاءِ مشهور آهي ته انڊين فلمن جو هيرو ديو آنند گذريل صديءَ جي پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ جڏهن هُو پنهنجو ڪئريئر ٺاهڻ واري جدوجهد ۾ هن شهر ۾ رهيو ٿي، ته هن لڪي ريسٽورنٽ ۾ ئي اچي ويٺو ٿي. اهڙيءَ طرح ٻي مشهور ريسٽورنٽ گڊلڪ ڪيفي ۾ 1935ع کان چانهه ۽ مسڪا بن هلندو اچي. روپالي ۽ وئشالي ۾ ويجيٽرينين کاڌو serve ڪيو وڃي ٿو. ايف. سي. روڊ تي پاپيولر بڪ هائوس، انٽرنيشنل بڪ سروس ۽ ساگر آرڪيڊ به پراڻا ۽ مشهور دڪان آهن. هن ئي روڊ تي هانگ ڪانگ لين نالي هڪ سوڙهي گهٽي ننڍن دڪانن کان مشهور آهي ۽ هن ۾ مون کي ڪافي فارينر خريداري ڪندي نظر آيا. ڪنهن زماني ۾ ڪراچيءَ جي بوهري بازار ۽ ڪوآپريوٽو مارڪيٽن ۾ به ائين فارينر ۽ ڌارين ملڪن جا جهازي خريداري ڪندي نظر ايندا هئا. ان کان سواءِ هن روڊ تي دنيشور پادوڪا چوڪ ۽ تڪارام پادوڪا چوڪ وٽ مندر ڏسڻ لاءِ پڻ ملڪي ۽ غير ملڪي ماڻهو پوني اچن ٿا. چون ٿا ته پوني جي هن لوڪلٽي ۾ سڀ کان مهانگا گهر ۽ فلئٽ آهن.
    ٻه اکر اسان جي جوانيءَ جي ڏينهن جي هيرو ديو آنند تي لکڻ چاهيان ٿو، جنهن لاءِ مٿي لکي چڪو آهيان ته هُو پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ جڏهن پوني ۾ هو ته لڪي ريسٽورنٽ ۾ اچي ويهندو هو، جيئن سٺ واري ڏهاڪي ۾ طارق اشرف، حميد سنڌي ۽ امرجليل جهڙن ليکڪن کان وٺي مصطفيٰ قريشي ۽ محمد علي (زيبا جي مڙس) جهڙا فلمي ائڪٽر حيدرآباد جي ’ڪراچي ريسٽورنٽ‘ ۾ نظر ايندا هئا.
    اڄ جو نوجوان جيڪو بالي ووڊ جي اڀي ديول، نيل نتن، مڪيش، اڌيان سمن، رنڀير ڪپور يا ڪترينا ڪيف، بپاشا ڀاسو، دپيڪا پرڊيڪون ۽ آشا تاڪيا جهڙن ائڪٽرن ۽ ائڪٽريسين کان واقف آهن، انهن کي شايد ئي اها ڄاڻ هجي ته اڄ کان اڌ صدي اڳ راجڪپور ۽ دليپ ڪمار بعد ديو آنند ئي ننڍي کنڊ جي فلمي شوقينن جي دلين تي راڄ ڪيو ٿيو. 1960ع ۾ جڏهن آءٌ مئٽرڪ ۾ هئس ته ان وقت جي فلمي رسالي فلم فيئر ۾ ديو آنند جا فوٽا ۽ خبرون پڙهبيون هيون. تن ڏينهن ۾ پاڪستاني سئنيما گهرن ۾ انڊين فلمون هلنديون هيون ۽ پيٽارو کان هلي حيدرآباد جي راحت، نيو مئجسٽڪ ۽ شهاب سئنيمائن ۾ ديو آنند جون فلمون ڏسندا هئاسين ۽ ديو آنند وانگر قميص جو مٿيون بٽڻ به بند ڪري هلندا هئاسين.
    ديو آنند (سڄو نالو ڌرم ديو پشوريمل آنند پر هن فلمي دنيا ۾ فقط ديو آنند سڏرايو) 1923ع ۾ ڄائو ۽ هن وقت 87 ورهين جو ٿيندو. فلم ڊائريڪٽر چيتن آنند هن جو وڏو ڀاءُ ۽ وجي آنند ننڍو ڀاءُ آهي. هندي ۽ انگريزي فلمن جو مشهور ڊائريڪٽر شيکر ڪپور، ديو آنند جي ڀيڻ شيل ڪنتا جو پٽ آهي.
    ديو آنند گورنمينٽ ڪاليج لاهور مان انگريزيءَ ۾ گريجوئيشن ڪئي، ان بعد هن کي فلمن جو شوق بمبئيءَ وٺي آيو. هن جي پهرين فلم 1946ع واري ’ہم ایک ہیں‘ جنهن جي شوٽنگ هن شهر پوني ۾ ٿي هئي، جتي هن جي دوستي پنهنجي ساٿي ائڪٽر گرودت سان ٿي. ان بعد ان دور جو مشهور فلم ائڪٽر اشوڪ ڪمار بمبئي وٺي آيو ۽ بمبئي ٽاڪيز پروڊڪشن جي فلمن جو هيرو بنايائينس. منهنجا همعمر، اشوڪ ڪمار کان چڱيءَ طرح واقف هوندا. مون به هن جي پهرين فلم 1954ع ۾ هالن جي سئنيما ۾ ’بھائی بھائی‘ ڏٺي هئي. بمبئي ۾ ديو آنند جي پهرين فلم 1948ع ۾ ضديءَ نالي ٺهي، جنهن ۾ ساڻس گڏ ڪامني ڪوشل ڪم ڪيو آهي. هن فلم وڏي ڪاميابي ماڻي ۽ ديو آنند جي وڏي ڌاڪ ويهي وئي. ان بعد 1951ع جي ’بازي‘ فلم به هِٽ ٿي، جنهن ۾ ساحر لڌيانويءَ جو لکيل گانو ’تدبیر سے بگڑی ہوئی تقدیر بنا دے‘ تمام پسند ڪيو ويو. ان بعد جال، راهي، آنڌيان فلمون ميدان تي آيون ۽ فلم ’ٽئڪسي ڊرائيور‘ ته تمام گهڻي مشهور ٿي. ديو آنند سان گڏ هيروئن گهڻو ڪري ڪلپنا ڪارتڪ رهي ٿي. اڳتي هلي هنن پاڻ ۾ شادي ڪئي ۽ 1956ع ۾ کين پهريون ٻار سنيل ڄائو. ان بعد به ديو آنند فلمن ۾ ڪم ڪندو رهيو ۽ منيم جي، C.I.D، پيئنگ گيسٽ فلمن ديو آنند کي تمام گهڻو مٿيرو ڪيو.
    انهيءَ دور ۾ انڊين فلمون دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به مشهور ٿيڻ لڳيون خاص ڪري انهن ملڪن ۾ جتي جتي انڊينز جي گهڻائي هئي. ديو آنند جي فلم ’ڪالا پاني‘ ۽ ’گائيڊ‘ (جنهن ۾ هن وحيده رحمان سان گڏ ڪم ڪيو آهي) اسان ممباسا، بيروت ۽ سنگاپور جهڙن بندرگاهن ۾ ڏٺيون، جتي هنن فلمن جو عربي يا ملئي زبان ۾ ترجمو به لکجندو رهيو ٿي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ديو آنند فلمن ۾ وڏو عرصو ڪم ڪيو. ائين ته اڄڪلهه اها ڳالهه اميتاڀ بچن لاءِ به چئي سگهون ٿا، پر هو عمر مطابق ڪن فلمن ۾ پيءُ جو ته ڪن ۾ ڏاڏي جو به پارٽ ادا ڪري ٿو، پر ديو آنند کي هميشه هيرو جو پارٽ ادا ڪرڻ جو شوق آهي. وار کڻي ڪارا ڪرائي ٿو پر ڳچيءَ جو ماس ته پيو لڙڪيس، ڳالهائڻ ۾ به پيو سهڪي، پر هر فلم ۾ ڪا نت نئين ڇوڪري پڪڙي پنهنجي فلم ۾ آڻي ٿو، جيڪا هن تي فدا ٿيڻ جا محبت جا ڊائلاگ هڻي ٿي. هي اسان جو ديو آنند صاحب ٽوپلي کي ٽنڊ تي رکي ان اظهار جي عڪاسي ڪري ٿو، ته هُو ڇا ڪري ڇوڪريون هن تي ڇتيون ٿي پيون آهن. هن جي بيزاريءَ جي باوجود هن تي مرن ٿيون ۽ هن سان پيار ڪرڻ لاءِ آتيون آهن. ’جويل ٿيف‘ فلم ۾ ته حسينائن جي ڊگهي قطار وٺي آيو هو، جنهن ۾ هيروئن وجينتي مالا کان علاوه تنوجا (ڪاجل جي ماءُ)، انجو مهيندرا، فريال، هيلن وغيره سڀ هن تي مرن ٿيون. اهي فلمي ائڪٽريسون جيڪي هاڻ اسان وانگر ڏاڏيون نانيون ٿي ويون آهن، بهرحال انهن ڏينهن ۾ ته فلمي رسالن جي ٽائيٽل ڪورن جون شهزاديون هيون. سندس 1970ع واري فلم ’جاني ميرا نام‘ هٽ وڃڻ بعد ديو آنند پنجاهه رويهن جي ڄمار ۾ هري راما هري ڪرشن فلم ٺاهي، جنهن ۾ زينت امان کي نه صرف فلم ۾ هيروئن کنيائين پر هن کان مِني اسڪرٽ ۾ اداڪاري ڪرايائين. بس هن آخر تائين رومانٽڪ هيرو جو رول ٻئي کي ڏيڻ بدران پاڻ وٽ ئي رکيو. هڪ ٻي فلم ’تيري ميري سپني‘ ۾ ديو صاحب ممتاز کي هيروئن طور وٺي آيو. اها فلم اسان هانگ ڪانگ ۾ ڏٺي. فلم ته پسند آئي، پر اسان جي هڪ جهازران دوست ڪئپٽن مظهر زيديءَ کي ممتاز سان ڏاڍي همدردي ٿي. جهاز تي موٽڻ لاءِ اسٽار فيريءَ جو انتظار ڪندي هُن چيو هو: ’ڇوريءَ کي فلم ۾ يڪدم هيروئن ٿيڻ تي خوشي ته ٿي هوندي پر هن کي پڪ اها خبر نه هوندي ته هن کي ماس لڙڪيل پوڙهي ديو آنند سان ڪم ڪرڻو پوندو.” اهڙيءَ طرح 1978ع ۾ جڏهن ديو صاحب سٺ سالن جي ويجهو اچي ٿيو ته پنهنجي نئين فلم ’ديس پرديس‘ لاءِ ٽينامنيم نالي هڪ ننڍي نيٽي هيروئن وٺي آيو، پر هيرو پاڻ ئي ٿيو. فلم ته کڻي سٺي هئي، پر اسان کي هاڻ ديو آنند سندس انهن ڪمن ڪري نه وڻڻ لڳو. سوچڻ جي ڳالهه آهي، اسان هيڏا جهاز هليو اچيو مختلف بندرگاهن کان نڪرون، پر اسان سان ڪا ڇوڪري مٺا ٻول ڳالهائڻ لاءِ به تيار نه، پر دنيا جي هر سهڻي فلم ائڪٽريس اسان جي پيئرن جي هم عمر ديو آنند تي اڪن ڇَڪن! ان دوران راجيش کنا ۽ اميتاڀ بچن جهڙا هيرو به اسڪرين تي اچي ويا ۽ اسان جو ڌيان انهن ڏي وڌيڪ وڃڻ لڳو، اسان لاءِ اهي فئوريٽ هيرو ۽ رول ماڊل ٿيڻ لڳا ۽ ديو آنند اوترو ئي جلد اسان جي دلين تان ميسارجڻ لڳو ۽ اها به حيرت جي ڳالهه آهي ته ديو آنند فلمون ٺاهيندو رهيو، پر ’ديس پرديس‘ فلم جي هٽ ٿيڻ بعد سندس اَسي، نوي ۽ ٻه هزار واري ڏهاڪي واريون سموريون فلمون فيل ويون. هن جي تازي ۽ آخري فلم ’مسٽر پرائيم منسٽر‘ آهي، جيڪا ديو آنند 2005ع ۾، يعني 83 ورهين جي ڄمار ۾ ٺاهي. بهرحال ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ديو آنند جون فلمون بهترين گانن کان مشهور آهن ۽ انهن مان ڪيترائي گانا اڄ به وڏي شوق سان ٻڌا وڃن ٿا.


    تخلص وارا ڪجهه اسانجا شاعر

    پوني ۾ صوفيزم تي هلندڙ سيمينار ۾ حيدرآباد سنڌ جي ڪويتا پبليڪيشن واري موهن مدهوش جو لکيل پيپر ’تصوف: وقت جي پڪار‘ جڏهن ريٽا شهاڻيءَ پڙهي بس ڪيو، ته راجڪوٽ جي نوجوان ڇوڪري ڪويتا کتريءَ مون کان پڇيو ته، “مدهوش جي معنيٰ ڇا آهي؟”
    “مدهوش معنيٰ جيڪو هوش ۾ نه هجي.” ٻڌايومانس، “جيئن ڪو گهڻو شراب پيئڻ ڪري Senseless ٿي وڃي ته ان کي مدهوش سڏجي ٿو.”
    ڪويتا ڊگهو ساهه کڻي چيو، “عجيب ذات آهي!”
    مون کلندي ٻڌايومانس ته اها ذات ناهي، پر اهو هڪ شاعر جو تخلص آهي، جيئن تاجل جنهن جو غزل ’سنڌ منهنجي امان...‘ ڪاجل چنديراماڻيءَ ڳائي ٻڌايو، ان جو تخلص ’بيوس‘ آهي، جيتوڻيڪ هُو هڪ اهم ۽ وس وارو سرڪاري ڪامورو آهي ۽ حڪومت جو سڪيريٽري آهي، پر هُو پاڻ کي ’بيوس‘ ٿو سڏائي. تخلص، هڪ شاعر جي کڻي چئجي ته پنهنجي feeling آهي، ته هُو پاڻ کي ڪيئن ڏسڻ ٿو چاهي.”
    بقول ارون ٻاٻاڻيءَ جي، نالي ۾ ڇا آهي؟ خاص ڪري تخلص ته ڪجهه به ٿي سگهي ٿو ۽ تخلص نه فقط اسان جي سنڌي شاعرن ۾ مشهور آهي، پر هن جو رواج فارسي ۽ عربي ادب ۾ سالن کان هلندو اچي ۽ سڄي هندستان ۾ پڻ عام آهي. ويندي ذوالفقار سيال جهڙو شاعر به پنهنجي شاعريءَ ۾ زلفي تخلص استعمال ڪري ٿو. ريٽا شهاڻيءَ جي گهر جڏهن پهريون دفعو آءٌ ٽيڪچند سان مليس ۽ ريٽا اسان جو هڪٻئي سان تعارف ڪرائيندي، جڏهن ٽيڪچند لاءِ چيو ته هي ’مست‘ آهي ته ڪجهه گهڙين لاءِ آءٌ به حيرت ۾ پئجي ويس ته ريٽا هي ڇا چئي رهي آهي. ٽيڪچند ’مست‘ سنڌي ادب ۽ شاعريءَ ۾ وڏو نالو آهي ۽ ريٽا سمجهيو ته هن صاحب جو فقط تخلص ٻڌائڻ سان آءٌ سمجهي ويندس، پر جيئن ته آءٌ ٽيڪچند مست جي شاعريءَ کان اڻ واقف هئس، ان ڪري ريٽا جي ’مست‘ چوڻ تي مون کي هن جو تخلص ڌيان ۾ نه آيو.
    ڪالهه ڪراچيءَ ۾ رهندڙ دادوءَ جي وڪيل صحبت بلوچ جو موبائيل فون تي ميسيج آيو. ڪِلڪ ڪري سندس نياپو پڙهيم ته لکيل هو ته اڄ کان مون کي صحبت تنها سڏيو وڃي. پهرين ته ڳالهه ئي سمجهه ۾ نه اچي ته رومن انگريزي ۾ لکيل TANHA ڪهڙو لفظ آهي. نيٺ فون ڪيومانس ته ٻڌايئين ته اهو لفظ تنها آهي معنيٰ اڪيلو.
    “ڇو شاديءَ جو ارادو نه اٿئي ڇا؟” مون پڇيو.
    “شاديءَ بعد به پاڻ کي تنها سڏائيندس.” هن چيو.
    “پر آخر ڇو؟”
    “ان ڪري جو مون شاعري شروع ڪئي آهي ۽ پنهنجو تخلص ’تنها‘ رکيو اٿم.” هن ٻڌايو.
    “شابس هجئي وڪيل صاحب! توکي ٻيو ڪو تخلص ئي هٿ نه آيو.” چيومانس.
    “بس سائين مون کي اهو وڻيو. آءٌ پاڻ کي ’تنها‘ سڏائڻ چاهيان ٿو.”
    “ٺهيو سائين اسان بس ڪئي.” کلندي چيومانس.
    سو ڳالهه اها آهي ته تخلص جي معاملي ۾ هرهڪ جي پنهنجي پسند آهي. اهو به ضروري ناهي ته هر شاعر لاءِ تخلص ضروري آهي. تاج بلوچ، تنوير عباسي، نعيم دريشاڻي، ريٽا شهاڻي، نند جويري، امداد حسيني، شمشير الحيدري، عنايت بلوچ ۽ هدايت بلوچ جهڙا ڪيترائي وڏا شاعر آهن، پر هنن جو ڪوبه تخلص ناهي، پر ڪي صحبت بلوچ وانگر پاڻ کي اڪيلو، مسافر، راهي ويندي سنڌي، فدا، پرديسي (بلاول)، پياسي (پيرل)، مسڪين (جهان خان کوسو)، هالائي (انور، سوز)، مورائي (راشد، بشير) سڏائين ٿا. هاٽ ميل ڊاٽ ڪام يا جي ميل ڊاٽ ڪام جي ID وانگر به نه آهي ته هڪ شاعر ڪو تخلص چونڊيو ته اهو ان لاءِ reserve ٿي ويو، ٻيو ڪو شاعر اهو ساڳيو تخلص نٿو رکي سگهي. جيئن مدهوش تخلص نه فقط موهن مڪواڻا جو آهي پر احمد خان جو به آهي جنهن لاءِ سڪرنڊ جي خادم حسين چانڊيو لکيو آهي ته احمد خان ’مدهوش‘ فقط عشق جي دنيا ۾ مدهوش گذاريندو آهي، باقي عام زندگيءَ ۾ هوش و حواس ۾ رهندو آهي ۽ سندس هڪ خوبصورت شعر آهي ته:
    نيڻ پنهنجا ڄمائي ڄمائي ڏٺم،
    ڍءُ نه ٿيو ڪنڌ ٻيهر ورائي ڏٺم.
    پُرڪشش تو جيان ڪونه آيو نظر،
    ماڻهو ماڻهوءَ سان اک ملائي ڏٺم.
    اهڙيءَ طرح اسان جي وڪيل صاحب صحبت بلوچ پنهنجو تخلص ’تنها‘ ته رکيو آهي، پر ساڳيو تخلص “تنها” اسان جي ڳوٺ هالا جي سيد سيف الله شاهه بخاريءَ جو به تخلص آهي. سيف ’تنها‘ بخاري، ڊاڪٽر ممتاز بخاريءَ جي گهر ۾ 1977ع ۾ ڄائو ۽ ويهن ورهين جي ننڍڙي ڄمار ۾ ئي اسان کان جدا ٿي ويو. سندس شاعريءَ جو ڪتاب ’سرس آهي سونهن ۾‘ سندس وفات بعد 1997ع ۾ ڇپيو. نموني خاطر سندس ٻه شعر هن ريت آهن:
    گهائجي ويل دل جي زخمن جا نشان رهجي ويا،
    ۽ ڳلن تي تنهنجي مٺين جا نشان رهجي ويا.
    *
    ڏٺا مون دنيا جا عجيب اسرار هت،
    نه ڪوبه ڪنهنجو سڄڻ يار هت.
    مزي جي ڳالهه اها ته ’بيوس‘ تخلص به فقط اسان جي يار تاجل جو نه هو، پر ٻين جو به هو. جيئن باڊهه جي شاعر شيرل خان ولد حاجي محمد سومر نوناريءَ جو تخلص ’بيوس‘ هو. هو پاڻ کي شيرل ’بيوس‘ باڊاهي سڏائيندو هو. ائين ئي اندرا ’شبنم‘ شهدادپوري پوناوالا آهي، جنهن جو تخلص ’شبنم‘ آهي، شهدادپور سندس وڏن جو ڳوٺ ۽ پوني ۾ پاڻ هاڻ رهي ٿي. سو شيرل به پنهنجي تخلص ’بيوس‘ سان گڏ پنهنجي ڳوٺ باڊهه جو نالو به لڳايو آهي. سندس شاعري نه فقط سنڌ ۾ پر بلوچستان ۾ به مقبوليت حاصل ڪئي ۽ سندس ڪلام هرهڪ جي چپن تي هوندو هو. نموني خاطر هڪ شعر هتي ڏجي ٿو:
    لبن تي دم ڏسي دلبر پڇڻ اچجانءِ خدا نالي،
    ڪنهن ڪم جي بهاني سان ملڻ اچجانءِ خدا نالي.
    اچڻ تنهنجي کان اڳ ۾ وڃي دم دلربا نڪري،
    ڪفن کولي مٺا مُهڙو ڏسڻ اچجانءِ خدا نالي.
    ان کان به جهونو شاعر ديوان ڪشنچند ولد تيرٿداس کتري ٿي گذريو آهي، جنهن جو تخلص پڻ ’بيوس‘ آهي. ڪشنچند بيوس 1885ع ۾ لاڙڪاڻي شهر جي لاهوري محلي ۾ ڄائو. ڪشنچند بيوس جي شاعريءَ کان منهنجي عمر جو هر سنڌي واقف هوندو، جن ننڍي هوندي پرائمري اسڪول جي ڪتابن ۾ سندس مشهور نظم ’جهوپڙي‘ ضرور پڙهيو هوندو.
    الله شال مَ جُهري غريبن جي جهوپڙي...
    اڄ اهو شعر درسي ڪتابن ۾ نظر نٿو اچي.
    ڪشنچند ’بيوس‘ ڪانگريس ۽ خلافت جي تحريڪن جو به سرگرم ڪارڪن ٿي رهيو. پاڻ مهاتما گانڌيءَ جو عقيدتمند ۽ هندو مسلم ايڪتا جو حامي پڻ هو. هوندراج دکايل ۽ پروفيسر رام پنجواڻيءَ جهڙا سندس شاگرد ٿي رهيا هئا. پاڻ 1947ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ پرلوڪ پڌاريو. سندس هڪ شعر آهي:
    جهونا اچن سڌير مٺي هير جا هتي،
    ايندي لهي وڃن دک دلگير جا هتي.
    سو اهو ضروري ناهي ته ساڳئي تخلص وارو هڪڙو ئي ماڻهو هجي. ساڳئي تخلص وارا ٻه ٻه ۽ ٽي ٽي ته ڇا، ڪن تخلص وارا چار چار شاعر به آهن، جيئن ’خادم‘ تخلص وارا شاعر آهن:
    امام بخش ’خادم‘ بدوي، جيڪو 1861ع ۾ شڪارپور ۾ ڄائو ۽ سنڌي ۽ فارسيءَ ۾ شعر چيائين ۽ 1918ع ۾ وفات ڪري ويو.
    وڃي ٿي وڇوڙي ۾ سڀ زندگاني،
    پوَئي مهر مرسل پسايو پيشاني،
    گهڻا سال گذريا تنهنجي لاءِ سِڪندي،
    ڪندي آهه زاري پئي زندگاني.
    داد محمد ’خادم‘ بروهي، 1940ع ۾ ڄائو. کيس پنجن ٻولين تي مهارت آهي ۽ پنجن ئي ٻولين (سنڌي، پنجابي، اڙدو، سرائڪي ۽ براهوي) ۾ لکي ٿو. نثر ۽ نظم کان علاوه صحافت سان پڻ واسطو اٿس. پاڻ سنڌي اخبار ’کيرٿر‘ ۽ مستونگ مان نڪرندڙ براهوي اخبار ’ايلم‘ سان منسلڪ آهي.
    محمود ’خادم‘ 1985ع ۾ ميرو خان (ضلعي لاڙڪاڻي) ۾ ڄائو. پاڻ 1960ع ۾ وفات ڪري ويو ۽ لاڙڪاڻي ۾ دفن آهي. سندس هڪ شعر آهي:
    ڪري ويٺو جو توسان همسري تڏهن زماني ۾،
    ٿيو آ شرم کان ڏس داغ ڪارو ماهه تابان ۾.
    حسين بخش ’خادم‘ سروري مشهور ڪافي گو شاعر۽ مهان راڳي ٿي گذريو آهي. پاڻ 1930ع ۾ سيوهڻ جي هڪ ڳوٺ آراضيءَ ۾ ڄائو، پر اسان کيس سڄي عمر هالا ۾ مخدومن وٽ ڏٺو. سندس ريڊيو پاڪستان تان مخدوم طالب الموليٰ ۽ مخدوم امين فهيم ۽ ٻين شاعرن جا ڳايل ڪلام اڄ به سدابهار آهن ۽ بيحد پسند ڪيا وڃن ٿا. پاڻ 1992ع ۾ وفات ڪيائين، سندس هڪ شعر آهي:
    ويهه، وڃ مَ منهنجا پرين، منهنجي ساعت ڪين سري،
    رهه ڪا رات ’خادم‘ وٽ، ڪامل قرب ڪري،
    مٿان مِٽي وري، پوءِ تون وڃڻ جون وايون ڪجانءِ.
    ارون ٻاٻاڻيءَ پنهنجي انگريزي مضمون “What is in a name” ۾ پاڻ لاءِ ٻڌائي ٿو ته، “مون جڏهن سنڌيءَ ۾ لکڻ شروع ڪيو ته مون به هڪ عدد تخلص ڳوليو. انهن ڏينهن ۾ آءٌ تمام گهڻو خوش ۽ کلمک هئس ان ڪري آءٌ پاڻ کي ’سرڳواسي‘ سڏائڻ لڳس. مون پنهنجي استاد کان ٻڌو هو ته جنت يا جهنم ڪي جاگرافيائي حدون نه آهن، پر انسان جي اندر جا احساسات آهن. سو جڏهن به ڪو خوش ۽ خاموش آهي ته هُو سرڳ (جنت) ۾ آهي. منهنجي ماتا جيتوڻيڪ ان کي چرچي ۾ ئي ورتو، پر ان هوندي به مون کي اهڙو تخلص اختيار ڪرڻ کان منع ڪئي، جو سرڳواسي يا مرحوم مري ويل ماڻهوءَ لاءِ استعمال ٿئي ٿو. نتيجي ۾ آءٌ اڃان تائين بي تخلص آهيان...”
    هندستان جي ورهاڱي وقت 15 سالن جو نارائڻ پرياني جڏهن سنڌ ڇڏي ڀارت ڏي لڏي رهيو هو، ته هن پنهنجي دوست ۽ شاعريءَ جي استاد هري دلگيرکان جڏهن پنهنجي لاءِ ڪنهن بهترين تخلص جي صلاح ورتي ته هن ٺهه پهه چيس ته “جيئن ته تون هاڻ انڊيا لڏي پيو وڃين ان ڪري پاڻ کي ڀارتي سڏاءِ.” اهڙيءَ طرح هُو نارائڻ پرياني مان ڦري نارائڻ ڀارتي ٿي ويو.
    هونئن ڀارتي فقط نارائڻ ناهي، سنڌيءَ جو مشهور شاعر ۽ اديب گورڌن جو به تخلص ڀارتي آهي. گورڌن ڀارتيءَ جو هن وقت هڪ خوبصورت شعر ڌيان ۾ پيو اچي:
    هُتڙي مينهن وسن هِتڙي نيڻ ٽِمن،
    مون کي مارُن جا پل پل پُور پون.
    هري دلگير لاءِ ارون ٻاٻاڻي پنهنجي مضمون ۾ لکي ٿو ته، “هري دلگير کي زندگيءَ ۾ دير سان احساس ٿيو ته هن جو تخلص دلگير، جنهن جو مطلب غم ۾ ٻُڏل يا کڻي چئجي مايوسي (despair) آهي، اهو ته هن جي سوچ ۽ اعتقادن جي پوئواري هرگز نٿو ڪري... پر هاڻ دير ٿي چڪي هئي. هڪ دفعو چونڊيل تخلص هميشه لاءِ رهي ٿو. هر سٺو اديب