ڪتاب جو نالو: لاڙڪاڻو علمي، ادبي ۽ ثقافتي تاريخ
مصنف: رضوان گل
ڇپائيندڙ: لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي
ڪيٽيگري: لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 09 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 991 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 426 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”لاڙڪاڻوــ علمي، ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“ جو مرتب رضوان گل آهي جنهن ۾ لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي جي مختلف پروگرامن ۾ پڙهيل مقالن کي سهيڙيو ويو آهي.
هن ڪتاب ۾ شامل اڪثر مضمون لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي جي ڪانفرنسن ۽ سلسليوار پروگرامن ۾ پڙهيل آهن
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • • سنڌ سلامت پاران
  • • سرپرست پاران
  • • ناشر پاران
  • • مرتب پاران
  • مقالا

  • • موهن جي دڙي جون اڏاوتون : پروفيسر غلام حسين ڪٽپر
  • • موهن جو دڙو نالي جي حقيقت، تهذيب، ثقافت ۽ سماج : ڊاڪٽر احسان دانش
  • • مهين جي دڙي بابت مشهور ڏند ڪٿائون : عزيز منگي
  • • موهن جو دڙو : احمد علي ”صابر“ چانڊيو
  • • موهن جي دڙي جو ميوزم : پرهه سڪينه گاد
  • جهڪر جو دڙو : آصف رضا موريو
  • • لاڙڪاڻي جون ٻه اهم تاريخي عمارتون تجر بلڊنگ ۽ گومي ٻائي ليڊيز ڪلب : ذوالفقار راڄپر
  • • تعليم جو ارتقائي سفر ۽ لاڙڪاڻي ۾ جديد تعليم جي شروعات : مختيار سمون
  • • پنهنجو لاڙڪاڻو (يادگيريون، وسريل ماڳ ۽ ڪردار) : جيئل اوڏ
  • • تاريخ جو وساريل ورق جرنيل شاهه بهارو : جـميل گـاد
  • • سگهڙ محمد ملوڪ عباسي : احمد سلطان کوسو
  • • محبت ۽ مزاحمت جو انوکو سنگم افضل قادري : ڊاڪٽر فياض لطيف
  • • لاڙڪاڻي ضلعي جا گذريل 25 سالن کان شاعري ڪندڙ چند ناميارا شاعر : رياضت ٻرڙو

  • • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت پاران :


    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (157) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”لاڙڪاڻو: علمي، ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“ نامياري شاعر، ليکڪ، ڪهاڻيڪار، سنڌ سلامت جي محسن ۽ منهنجي استاد رضوان گُل جو مرتب ڪيل آهي.
    هي ڪتاب لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي پاران 2016ع ۾ ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون رضوان گُل جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلڻ سان گڏ هي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    • سرپرست پاران

    لاڙڪاڻو نه رڳو تاريخي، تهذيبي ۽ ثقافتي حوالي سان سنڌ جي شهرن ۽ ضلعن ۾ ممتاز مقام رکي ٿو پر سياسي، سماجي ۽ ادبي لحاظ کان به هي ضلعو نهايت زرخيز رهيو آهي. نه رڳو ماضي پر حال ۾ به تقريباً هر شعبي ۾ لاڙڪاڻو اسان کي اڳرو نظر ايندو. حقيقت ۾ هيءَ ليڊرن جي ڌرتي آهي. هن مٽيءَ مان جنم وٺندڙ ڪيترن ئي ڏاهن انسانن نه رڳو ملڪي پر بين الاقوامي سطح تي به پاڻ مڃرايو آهي.
    لاڙڪاڻي جي تاريخ جي سهيڙ جي سلسلي ۾ لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي لڳ ڀڳ گذريل ٽن ڏهاڪن کان پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي. سوسائٽيءَ طرفان هن وقت تائين ٿيل ڪانفرنسون، سيمينار ۽ ڇپيل ڪتاب ان ڳالهه جي گواهي ڏين ٿا ته هي ادارو ماضي کان حال تائين ڪيڏو متحرڪ رهيو آهي. سوسائٽيءَ جي سرپرست هجڻ ناتي منهنجي اها ڪوشش رهندي ته هن اداري کي اڃا به سگھارو ۽ متحرڪ بڻائجي ۽ تحقيق ۽ تحريڪ جا نوان دروازا کولي لاڙڪاڻي جي تاريخ جي مختلف رخن کي اجاگر ڪجي. اسان جو هي ڪتاب ”لاڙڪاڻوــ علمي، ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“ جنهن کي نوجوان لکيڪ رضوان گل ترتيب ڏنو آهي ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي.

    جاويد علي جاگيراڻي
    (ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو)
    سرپرست
    لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي


    • ناشر پاران

    تاريخ ۾ جڏهن به لاڙڪاڻي جي ادارن جو ذڪر ايندو اتي ”لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ“ جو ذڪر پڻ ضرور ٿيندو، ڇالاءِ ته هن سوسائٽيءَ گذريل 31 سالن کان پنهنجي وت وس آهر لاڙڪاڻي جي تاريخ تي مسلسل ڪم ڪيو آهي. هن سوسائٽي پاران لاڙڪاڻي جي تاريخ تي هن وقت تائين چار ڪتاب ”لاڙڪاڻو صدين کان“ (1995)، ”لاڙڪاڻو تاريخ جي آئيني ۾“ (2002)، ”لاڙڪاڻو تاريخي ۽ تحقيقي مطالعو“ (2005)، ”ويل نه وسريام“ (2006) ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن.
    ان کان علاوه هن اداري پاران ٻين پروگرامن جا سلسلا پڻ هلندڙ آهن جن ۾ ”وساريان نه وسرن“ جي سري هيٺ ٿيندڙ پروگرام ۾ لاڙڪاڻي جي علمي، ادبي، سياسي، سماجي ۽ ٻين شعبن سان لاڳاپيل شخصيتن بابت ليکڪ پنهنجا مضمون ۽ مقالا پيش ڪندا آهن. جڏهن ته سلسليوار پروگرام ”ورثو“ ۾ لاڙڪاڻي جي قديم آثارن، دڙن، ٺلهن، عمارتن ۽ ضلعي جي قديم علائقن بابت مقالا پڙهيا ويندا آهن.
    لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي پاران هن ڪتاب کان اڳ به لاڙڪاڻي جي تاريخ ۽ شخصيتن تي چار ڪتاب ڇپايا ويا آهن جن کي پڙهندڙن پاران مانائتي موٽ ملي آهي. اميد ته هي ڪتاب پڻ تاريخ سان دلچسپي رکندڙ پڙهندڙن وٽ قبوليت ماڻيندو.


    پروفيسر مختيار سمون
    سيڪريٽري
    لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي


    • مرتب پاران

    لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل پاران هن کان اڳ لاڙڪاڻي جي تاريخ بابت چار ڪتاب ڇپرائي پڌرا ڪيا ويا آهن ۽ هي ڪتاب پڻ انهيءَ سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. هن ڪتاب ۾ موجود مضمون ۽ مقالا لاڙڪاڻي جي علمي، ادبي، تهذيبي ۽ ثقافتي تاريخ جي حوالي سان نهايت اهميت جا حامل آهن. ڪتاب جي منڍ ۾ سنڌ جي عظيم تهذيبي ۽ تاريخي ورثي ۽ لاڙڪاڻي کي سڄي سنڌ ۾ سڃاڻپ بخشيندڙ تاريخي ماڳ موهن جو دڙو جي حوالي سان ڇهه مقالا / مضمون شامل ڪيا ويا آهن. هن ڪتاب ۾ شامل مقالن جي ترتيب ليکڪن جي سينيارٽي جي لحاظ کان نه پر مقالن جي موضوع جي مناسبت سان رکي وئي آهي.
    لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي گذريل 31 سالن کان پنهنجي محدود وسيلن آهر لاڙڪاڻي جي تاريخ تي ڪم ڪندي رهي آهي. هتي مان سوسائٽي جو مختصر تعارف ۽ اهم پروگرامن جو تفصيل ٻڌائڻ ضروري ٿو سمجھان ته جيئن اوهان پڙهندڙن وٽ هن سوسائٽي بابت به بنيادي ڄاڻ پهچي سگھي.
    لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي جو قيام 27 سيپٽمبر 1985 تي ٿيو. ان وقت لاڙڪاڻي ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر محمد هاشم ميمڻ هو جنهن جي ذاتي دلچسپي سبب ئي هي سوسائٽي وجود ۾ آئي. سوسائٽي جي بنيادي ميمبرن ۾ محمد هاشم ميمڻ، اختر علي قاضي، ڊاڪٽر حميده کهڙو، مهتاب اڪبر راشدي، ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ، پروفيسر عبدالمنان چانڊيو، ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ، ڊاڪٽر اياز قادري، عبدالحق زيب عاقلي، قربان علي بگٽي، انيس انصاري، خالد محمود کهڙو ۽ ڊاڪٽر سيد محمود شاهه شامل هئا.
    سوسائٽي جو پهريون چيئرمين محمد هاشم ميمڻ ۽ پهريون سيڪريٽري انيس انصاري هو. 1985 کان وٺي 2001 تائين هن سوسائٽي جا چيئرمين ان وقت جا ڊپٽي ڪمشنر رهيا. ان دوران لاڙڪاڻي جي مختلف تاريخي ماڳن مڪانن تي مطالعاتي دوار پڻ ٿيندا رهيا. سوسائٽي پاران لاڙڪاڻي جي مختلف محققن کان ڪيترن ئي تاريخي ماڳن تي تحقيق ڪرائي وئي بعد ۾ اهي مضمون اخبارن ۾ شايع پڻ ڪرايا ويا. انهن محققن ۾ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، انيس انصاري، هدايت منگي، ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ، ڊاڪٽر بشير احمد شاد ۽ ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر وغيره شامل آهن.
    1995ع ۾ ڊپٽي ڪمشنر شمس الدين جعفراڻي جي سرپرستي ۾ سوسائٽي پاران لاڙڪاڻي جي تاريخ تي هڪ نهايت ئي اهم ڪتاب ”لاڙڪاڻو صدين کان“ شايع ٿيو. جنهن ۾ 19 تحقيقي مقالا شامل ڪيا ويا. ان ڪتاب کي ان وقت جي سيڪريٽري ڊاڪٽر بشيراحمد شاد ترتيب ڏنو.
    20 نومبر 1999 تي پروفسير محمد يوسف شيخ ۽ ڊاڪٽر بشير احمد شاد سوسائٽي جي دستور کي حتمي شڪل ڏئي تيار ڪيو. 2001 ۾ سوسائٽي جي سرڪاري سرپرستي ختم ٿي، جنهن کانپوءِ پهريون چيئرمين پروفيسر محمد يوسف شيخ ۽ پهريون سيڪريٽري پرفيسر مختيار سمون کي چونڊيو ويو. سوسائٽي جي بورڊ آف مئنيجمينٽ جي گڏجاڻي ۾ لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڪمشنر کي سوسائٽي جو سرپرست مقرر ڪرڻ جو فيصلو ٿيو جنهن تحت سال 2016ع کان هسٽاريڪل سوسائٽي جو سرپرسٽ ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو آهي.
    لاڙڪاڻي ضلعي کي 2002 ۾ سئو سال م ڪمل ٿيا. ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي پاران ”لاڙڪاڻو صد ساله ڪانفرنس“ منعقد ڪرائي وئي، جيڪا ڪانفرنس لاڙڪاڻي جي علمي، ادبي تاريخ جي هڪ تمام اهم ۽ يادگار ڪانفرنس هئي. جنهن جي صدارت ناليواري عالم ۽ دانشور ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪئي جڏهن ته خاص مهمانن ۾ ڊاڪٽر حميده کهڙو ۽ ڪريم بخش خالد شامل هئا. ان موقعي تي سموري سنڌ مان چونڊ دانشورن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي ۽ ڪيترن ئي سنڌي توڙي اردو اخبارن ان ڏينهن تي هڪ ۽ ٻن صفحن جا لاڙڪاڻي جي تاريخ جي حوالي سان خاص ايڊيشن پڻ شايع ڪيا. ان ڪانفرنس ۾ لاڙڪاڻي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ 15 شخصيتن کي ”جيون مڃتا ايوارڊ“ پڻ ڏنا ويا. ان موقعي تي ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جو سهيڙيلLuminaries of Larkana ۽ ڪريم بخش خالد جو مقالو ”قائد اعظم لاڙڪانه مين“ پڻ سوسائٽي پاران ڪتابي صورت ۾ شايع ڪيا ويا. ان کان علاوه ٻين به ڪيترن ئي تنظيمن ننڍا وڏا ڪتابڙا ترتيب ڏئي سوسائٽي پاران ملهائجندڙ صد ساله ڪانفرنس جي موقعي تي پڌرا ڪيا.
    ان ئي ڪانفرنس جي موقعي تي لاڙڪاڻي جي تاريخ تي سهيڙيل هڪ ٻيو ڪتاب ”لاڙڪاڻو تاريخ جي آئيني ۾“ پڻ ڇپرائي پڌرو ڪيو ويو. ان ڪتاب ۾ 15 تحقيقي مقالا شايع ڪيا ويا جنهن کي ترتيب ان وقت جي چيئرمين محمد يوسف شيخ ڏنو. ان ئي ڪانفرنس جي موقعي تي لاڙڪاڻي ريلوي اسٽيشن جي ڊراءِ پورٽ جي سامهون واري چوڪ تي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ان وقت جي ضلعي ناظم خورشيد جوڻيجو جي هٿان ”لاڙڪاڻو مينار“ جي پيڙهه جو پٿر پڻ رکيو ويو.
    لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي پاران ”ٻي هسٽري ڪانفرنس“ 22 جنوري 2005ع ۾ منعقد ٿي جنهن جي صدارت سنڌ يونيورسٽي جي ان وقت جي وائيس چانسلر مظهرالحق صديقي ڪئي جڏهن ته مهمانِ خاص ناليوارو آرڪيالاجسٽ حاڪم علي شاهه بخاري هو. جنهن ۾ ناميارن دانشورن لاڙڪاڻي جي حوالي سان پر مغز تقريرون ڪيو ۽ مقالا پڙهيا. ان موقعي تي لاڙڪاڻي جي حوالي سان سوسائٽي پاران ڇپايل ڪتاب ”لاڙڪاڻو تاريخي ۽ تحقيقي مطالعو“ جي پڌرائي پڻ ٿي. ان ڪتاب کي ترتيب احسان دانش ڏني.
    لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي پاران مختلف وقتن تي ”لاڙڪاڻه ڪرانيڪل“ (نيوز ليٽر) پڻ شايع ڪرايا ويا آهن جن ۾ لاڙڪاڻي جي ماضي کان ويندي حال تائين جي تاريخي واقعن کي سهيڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
    لاڙڪاڻي جي ڌرتي مختلف شعبن ۾ خدمتون ارپيندڙ ڪيترن ئي اهم شخصيتن سان ڀري پئي آهي انهيءَ حوالي سان انهن مانائتن شخصيتن کي خراج پيش ڪرڻ لاءِ سوسائٽي پاران 11 اپريل 2004 کان وٺي پروگرامن جو هڪ سلسلو ”وساريان نه وسرن“ جي نالي سان شروع ڪيو ويو جنهن جا ڪيترائي پروگرام منعقد ٿيا جن ۾ لاڙڪاڻي جي ڪيترين ئي قدآوار شخصيتن بابت مختلف اديبن مقالا پڙهيا. سوسائٽي پاران انهن پروگرامن ۾ پڙهيل مقالن کي ترتيب ڏئي ڪتابي صورت ۾ پڻ پڌرو ڪيو ويو. لاڙڪاڻي جي 21 شخصيتن تي مشتمل ان ڪتاب جو نالو آهي ”ويل نه وسريام“ هن ڪتاب جو مرتب احسان دانش آهي. ان ڪتاب جي مهورت ”ٽين هسٽري ڪانفرنس“ ۾ ڪئي وئي جيڪا 27 اپريل 2007ع تي منعقد ٿي جنهن جي صدارت ناليواري دانشور شهزادي شيخ ڪئي جڏهن ته مهمانِ خاص ناميارو محقق ڊاڪٽر قاسم ٻگھيو هو.
    سال 2013ع کان لاڙڪاڻي جي تاريخي ماڳن بابت خاص پروگرامن جو سلسلو شروع ڪيو ويو جنهن جو مستقل عنوان ”ورثو“ رکيو ويو، ان پروگرام تحت مهين جي دڙي کان علاوه ٻين ڪافي تاريخي ماڳن بابت پروگرام منعقد ٿيا.
    ”چوٿين هسٽري ڪانفرنس“ 30 مارچ 2008ع تي منعقد ٿي. جنهن جي صدارت آثارِ قديمه جي ماهر سيد حاڪم علي شاهه بخاري ڪئي. ڪانفرنس ۾ سڄي سنڌ مان ڪهي آيل محققن لاڙڪاڻي جي تاريخ بابت تحقيقي مقالا پڙهيا.
    ”پنجين هسٽري ڪانفرنس“ 18 مارچ 2012ع تي منعقد ٿي جنهن جي صدارت شهزادي شيخ ڪئي. ڪانفرنس ۾ محققن پنهنجا تحقيقي مقالا پيش ڪيا. گذريل پنجن ڪانفرنسن ۾ سوسائٽي لاڙڪاڻي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ 20 اهم شخصيتن کي ”جيون مڃتا ايوارڊ“ ڏئي چڪي آهي.
    ”ڇهين هسٽري ڪانفرنس“ 13 مارچ 2016ع تي گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول جي آڊيٽوريم ۾ ٿي. جنهن ۾ هسٽاريڪل سوسائٽي پاران ڇپايل ٻن ڪتابن جي پڌرائي پڻ ڪئي وئي. جن مان هڪ ڪتاب اردو ٻوليءَ ۾ ”لاڙڪانه تاريخ و تهذيب“ جنهن کي مختيار سمون ترتيب ڏنو آهي اهو ڪتاب لاڙڪاڻي تي لکيل چونڊ مقالن جي اردو ترجمن تي مشتمل آهي جڏهن ته سنڌيءَ ۾ ڪتاب ”لاڙڪاڻوــ علمي، ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“ جو مرتب رضوان گل آهي جنهن ۾ لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي جي مختلف پروگرامن ۾ پڙهيل مقالن کي سهيڙيو ويو آهي.
    هن ڪتاب ۾ شامل اڪثر مضمون لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي جي ڪانفرنسن ۽ سلسليوار پروگرامن ۾ پڙهيل آهن. اميد ته اوهان مانائتا پڙهندڙ لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي جي هن ڪتاب کي به اسان جي ٻين ڪتابن وانگر قدر جي نگاهه سان ڏسندا، پڙهندا ۽ پنهنجي قيمتي راين کان آگاهه پڻ ڪندا.

    رضوان گل

    5 مارچ 2016
    لاڙڪاڻو


    مقالا

    • موهن جي دڙي جون اڏاوتون : پروفيسر غلام حسين ڪٽپر

    صاحب! هن مٽيءَ جي دڙي کي ڇو ٿا کوٽايو؟ محمد ادريس صديقيءَ جنهن ”واديئي سنده کي تهذيب“ ڪتاب لکيو آ چوي ٿو ته؛ اهو سوال کانئس هڪ بلوچ مزدور ان وقت ڪيو، جڏهن اسان رياست مڪران جي شهر پنجگور کان 30 ميل پري، هڪ دڙي جي ڊاڪٽر هنري فيلڊ سان گڏ محڪمه آثارِ قديمه پاڪستان طرفان کوٽائي ڪرائي رهيا هئاسون. اها 1954ع جي ڳالهه آهي، اهو دڙو درياهه رخشان جي ڪناري تي واقع آهي، ان وقت درياهه جي پيٽ مان صرف واري اڏامي رهي هئي. شايد ان مزدور جي اها سوچ هئي ته کوٽائيءَ مان حاصل ٿيندڙ ٺيڪراٽ مان ڇا حاصل ٿيندو. ادريس صديقي چوي ٿو ته مان چاهيو پئي ته ان مزدور کي مطمئن ڪندڙ جواب ڏيان پر شايد منهنجو جواب ان اڻ پڙهيل مزدور کي مطمئن نه ڪري سگھي ها. ان ڪري مان ان مزدور کي کلي ٽاري ڇڏيو. اهڙيءَ طرح اسان جڏهن ٻين دڙن تان ٺيڪراٽ گڏ پيا ڪيون ۽ ان وقت جي اسان کي ڪي انوکي وضع جا نادر ٿانون جا ٽڪرا ملن پيا ۽ اسان خوشيءَ ۾ نه پيا ماپئون ته اسان جي چوڌاري بيٺل ڌنار ۽ ٻيا ماڻهو اسان کي ڏسي کلن پيا، شايد هو اسان کي سِر ڦريو ۽ چريو پيا سمجهن. ان کان پوءِ ادريس صديقي ٻڌائي ٿو ته اسان بهاولپور هليا آياسون ۽ قديم هاڪڙي درياهه جي گذرگاه تان دڙن جي تلاش ڪئي سون ته اتي به ڪي اڻ پڙهيل توڙي پڙهيل نوجوان اسان جي بي مصرف صحرانوردي تي تعجب پيا کائن.
    ادريس صديقي ٻڌائي ٿو ته بهاولپور کان پوءِ اسان موهن جي دڙي تي آياسون ۽ جڏهن ستر فوٽ بلند اسٽوپا تي بيهي چوڌاري نظر ڦيرائي ته مان دل ۾ چوڻ لڳس ته ڪاش! اهي مٿيان سوال ڪندڙ پر تجسس ماڻهو جن سان منهنجو واسطو بلوچستان ۽ بهاولپور ۾ پيو هو هن اسٽوپا تي موجود هجن ها ته انهن جي سوالن جو جيئرو جاڳندو جواب ڏيان ها ته موهن جي دڙي جي ويرانين ۾ اسان جي شاندار ماضيءَ جي حسين تصوير ۽ اسان جي عظمت رفته جا نشان آهن جن کي متبرڪ سمجهي سنڌ جي مٽيءَ پنهنجي سيني ۾ سانڍي رکيو آهي. سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب برصغير جي تاريخ ۽ ثقافت جي پهرين سِرَ آهي. بدقسمتيءَ سان اردودان طبقي کي ان بابت گهٽ خبر آهي. ڪن غير سنڌي تاريخدانن سنڌو سڀيتا يا انڊس ويلي سولائيزيشن جي لفظ کي هٽائي پاڪستاني تهذيب جو اصطلاح ڪتب آندو آهي، جڏهن ته پاڪستان ان وقت وجود ۾ ئي ڪو نه آيو هو مثلاَ ابن حنيف پنهنجي ڪتاب ”سات دريائون ڪي سرزمين“ جي ٻي باب جي هڪ عنوان ۾ لکي ٿو ته ”پاڪستان اور عراق ڪه درميان هزارون سال پهلي تجارت اور چار هزار سال پهلي عراق مين پاڪستاني بستي...“ حالانڪه اهي ڳالهيون مهين جو دڙو ۽ سنڌو ماٿريءَ سان منسلڪ آهن. محمد طارق اسسٽنٽ پروفيسر آف هسٽري گورنمينٽ ديال سنگھ ڪاليج لاهور پنهنجي ڪتاب ”قديم رياستين ميدانِ جنگ مين“ ڏهين صفحي تي عنوان ڏنو آ پاڪستان 2000 سال ق.م“. حالانڪ ان وقت پاڪستان ته ڇا پر هندستان به بحيثيت ملڪ موجود نه هو.
    تاريخدانن، جي خيال مطابق تهذيب جو گهوارو اهي علائقا رهيا آهن جن جي زمين زرخيز ۽ پاڻي جهجهي انداز ۾ دريائن جي صورت ۾ موجود هجي، اهڙن علائقن ۾ 5 کان 6 هزار سال ق.م جي درميان انساني تهذيب جو بنياد پيو، فرات ۽ دجله دريائن تي بابلي ۽ سميري تهذيب جنم ورتو، نيل نديءَ جي ڪناري تي مصري تهذيب ۽ سنڌو نديءَ تي سنڌو سڀيتا جو بنياد پيو، ”ائن مورا“ Ann Mora ته ائين به چيو آهي ته جنهن وقت مصر ۾ پهريون اهرام ٺهي رهيو هو، ان وقت سنڌو سڀيتا پنهنجي عروج تي هئي. مشهور حديث آهي ته نيل، دجله، فرات ۽ سنڌو درياهه جنت مان نڪرن ٿا. سنڌو درياهه لاءِ ته اها ڳالهه باوثوق حيثيت رکي ٿي، ڇو ته سنڌو درياهه ڪيلاش ماٿريءَ مان نڪري ٿو ۽ ڪيلاش لفظ جي لغوي معنيٰ جنت ئي آهي.
    سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب، قديم مصري، بابلي ۽ سميري تهذيب جي گڏيل دائره ڪار کان به وڏي هئي، مصري تهذيب ۾ بادشاهن جا مقبرا ۽ عبادت گاه ته بهتر آهن پر شهري ايريا نهايت سادي ۽ بغير نظم و نسق جي ٺهيل آهي. بابلي تهذيب جي صورت حال به ساڳي آهي جڏهن ته موهن جو دڙو جي شهري منصوبه بندي اعليٰ درجي جي هئي. موهن جي دڙي جي شهر جي بناوت ۽ عمارتن مان ان جي ترقيءَ جو پتو پوي ٿو ته هي شهر وڏي سليقي ۽ هنرمنديءَ سان آباد ڪيو ويو هو. پهريائين ان جو نقشو تيار ڪيو ويو هوندو ۽ پوءِ ان نقشي مطابق شهر کي آباد ڪيو ويو هوندو. ويڪريون سڙڪون، پڪيون جڳهون ترتيب ڏنل گهٽيون ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته سنڌو ماٿريءَ جا قديم رهواسي شهر آباد ڪرڻ جي طريقن کان پوريءَ ريت واقف هئا ۽ شهري ضرورتن جي انهن کي پوري ريت ڄاڻ هئي، ان مان ماڻهن جي زندگيءَ جي معيار جي خبر پوي ٿي. گندي پاڻيءَ جي نيڪال خاطر ڍڪيل نالين جو هجڻ ٻڌائي ٿو ته مهين جي دڙي جا ماڻهو حفظانِ صحت جي اصولن کان پڻ واقف هئا. شهر جي کوٽائيءَ مان ڄاڻ ملي ٿي ته شهر هزارين سالن تائين آباد رهيو ۽ ڪن سببن جي ڪري ڪيترائي دفعا اجڙيو ۽ وري نئين سر آباد ٿيو ۽ هي خيال آهي ته هي شهر ست دفعا آباد ڪيو ويو. ڇو ته عمارتن جون سرون ۽ گارو ٻڌائي ٿو ته اهي مختلف دورن جا آهن ۽ هڪ عمارت جو بنياد ٻي عمارت جي بنياد تي رکيل آهي، اهڙيءَ ريت عمارتن جا ڪيترائي طبقا لڌا ويا آهن. موهن جي دڙي جا جيترا به آثار لڌا ويا آهن اهي پوري شهر جو صرف ٽيون حصو آهن ۽ شهر جا باقي ٻه حصا اڃا زيرِ زمين آهن.
    قديم آثارن جي ماهرن ۽ محققن دنيا جي تهذيبن جو اڀياس ڪري ڀيٽا ڪئي آهي ۽ اهي سڀ ان ڳالهه تي متفق آهن ته مهين جي دڙي جي گهرن جي اڏاوت ۾ ٽن مکيه ڳالهين جو خاص خيال رکيو ويو آهي، پهريون اڏاوتن جي مظبوطي، ٻيو رهواسين جو آرام ۽ آسائش، ٽيون ٻوڏن کان بچاء، مهين جي دڙي جي شهر ۾ جن شين جا بنياد ڏسڻ ۾ آيا آهن سي آهن گهر، درسگاه، اناج جا گدام، وڏو حوض، پئنچائت هال، غسل خانه، زيرِزمين ناليون، رستا ۽ گهٽيون، سرن جون بٺيون، ٻي ماڙ تائني ويندڙ کوهه، پاڻيءَ جي سبيل، ننڍا ڪمرا ۽ اسٽوپا وغيره. عمارتن جي بنياد جون چريون وڌيڪ هيٺ کوٽيون وينديون هيون، ڪمرن کي ٿڌو رکڻ ۽ ڇت جو بار برداشت ڪرڻ خاطر ڀتين کي ٿلهو ڪري ٺاهيو ويندو هو، گهرن جا دروازا ويڪرا ۽ اهڙي نموني ٺاهيا ويندا هئا جو گهٽيءَ مان گهر ۾ نظر نه پوي. موهن جي دڙي جا رهواسي وهنجڻ کي وڏي اهميت ڏيندا هئا ممڪن آ ته غسل سندن مذهبي رسم ۾ شامل هجي Great Bath جي ڀرسان ڏکڻ طرف هڪ گهٽيءَ ۾ اٺ غسل خانا ٺهيل آهن، هر هڪ وهنجڻ جي ڪوٺي 6×10 فوٽن جي آهي هر ڪوٺيءَ ۾ ڏاڪڻ ٺهيل آهي جنهن جو مقصد اهو ٿي سگھي ٿو ته مٿي ڪپڙا بدلائڻ يا وهنجڻ کان پوءِ اس تي ويهي سگھجي. غسل خانا ان انداز ۾ ٺهيل آهن ته جيئن هڪ غسل خاني مان ٻي غسل خاني ۾ نظر نه پوي. هر غسل خاني ۾ فرش بندي ٿيل آهي ۽ پاڻيءَ جي نيڪال جو جوڳو بندوبست آهي. موهن جي دڙي جي رهواسين ۾ سج گرهڻ، چنڊ گرهڻ ۽ چنڊ جي چوڏهين رات جو مرد ۽ عورتن ۾ وهنجڻ جو رواج هيو پر مرد Great Bath ۾ ۽ عورتون ڀرسان ئي ٺهيل ۽ ڍڪيل وهنجڻ وارين ڪوٺين کي استعمال ڪنديون هيون يعني عورتن ۽ مردن ۾ هڪ جڳهه تي وهنجڻ جو رواج نه هو، ان مان ماڻهن جي جسماني ۽ نفساني پاڪائيءَ جو اشارو ملي ٿو يعني جنسي ڇڙواڳي مڪروه عمل هئي.
    اسٽوپا ۽ Great Bath جي وچ ۾ هڪ گهٽي آهي جنهن کي ڌرمي گهٽي چيو وڃي ٿو، ان گهٽيءَ جي اولهه ۾ وڏو تلاءَ ٺهيل آهي، قديم آثارن جي ماهرن جو خيال آهي ته اهو تلاءَ ٻه هزار سال ق.م جو ٺهيل هوندو، اهو حوض اتر طرف 39 فوٽ ويڪرو ۽ 8 فوٽ اونهو آهي تلاءَ جي چوگرد پڪين سرن جو هڪ ٿلهو ٺهيل آهي ۽ ان ٿلهي جي چوطرف وري ورانڊو آهي، حوض جي اندر پاڻيءَ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڏکڻ طرف کان ڏاڪڻ ٺهيل آهي. ان ڏاڪڻ تي قيمتي ڪاٺ جا تختا مختلف مصالحن ذريعي چنبڙيل آهن. حوض جي ڀتين ۽ فرش ۾ اعليٰ قسم جون پڪيون سرون لڳل آهن ته جيئن پاڻي پاسن يا تري مان نه سمي، سرن جي تهن ۽ دروازن جي وچ ۾ ڏامر ۽ چيروليءَ جو گچ استعمال ٿيل آهي، جنهن ڪري حوض جي پائيداري ۽ خوبصورتيءَ ۾ هن وقت تائين ڪو فرق نه آيو آهي. حوض جي پاڻيءَ جي نيڪال واسطي حوض جي ڏکڻ اولهه واري ڪنڊ کان هڪ زيرِزمين نالو ٺهيل آهي جنهن جو منهن ساڍا ٽي فوٽ ويڪرو ٿيندو، نالو ٻه فوٽ ويڪرو ۽ ايترو اوچو آهي جو ماڻهو ان ۾ اندر داخل ٿي بيٺڙ صفائي ڪري سگھي ٿو، نالي جي شروعاتي منهن جي مٿان ڪاٺ جو تختو رکيل هوندو هيو، پاڻيءَ جي نيڪال واسطي ناليءَ جي مناسب ليول رکيل آهي. حوض جون ٻاهريون ڀتيون اٽڪل ڇهه فوٽ ٿلهيون آهن، حوض جي ڀرسان هڪ ڪوٺيءَ ۾ هڪ وڏو کوهه ٺهيل آهي شايد اهو کوهه حوض ۾ پاڻي ڀرڻ واسطي ٺهيل هو.
    موهن جي دڙي مان هن وقت تائين تقريبن ست سؤ کوهه لڌا ويا آهن، اهي الڳ الڳ ماپ ۽ شڪل وارا آهن گهڻا کوهه گولائي منهن وارا پر ڪجهه کوهه بيضوي شڪل وارا به آهن اهي سڀ کوهه گهرن ۾ اندر آهن پر ڪجهه کوهه اهڙا به مليا آهن جيڪي اڌ گهر ۾ اندر ته اڌ وري ٻاهر آهن، ٻاهر هجڻ جو سبب شايد اهو آهي ته جيئن انهن مان ٻاهران به پاڻي ڀري سگھجي. ڪافي کوهه گهر جي ٻي ماڙ جيترا اوچا به آهن، ان جو سبب اهو ٿي سگھي ٿو ته جيئن ٻي ماڙ تان به پاڻي آسانيءَ سان ڀري سگھجي، يا وري ان جو سبب زيرِ زمين پاڻيءَ جي سطح ۾ واڌ، سنڌو درياهه ۾ پاڻيءَ جي ٻوڏ ۽ گهرن جون هڪ ٻئي جي مٿان اڏاوتون آهن. شهر جي مٿين حصي مان صرف ڇهه کوهه مليا آهن، پئنچائت هال يا درسگاهه ۾ ڪو به کوهه نه مليو آهي وڏي حوض واري علائقي ۾ ٻٽين ڀتين وارو کوهه مليو آهي جنهن مان ان حوض کي پاڻي مهيا ڪيو ويندو هيو. جن گهرن ۾ کوهه مليو آ اتي غسل خانو به مليو آهي. موهن جي دڙي مان کوهه ايتري انداز ۾ مليا آهن جو موهن جي دڙي کي کوهن وارو شهر چئي سگھجي ٿو، جهڙي ريت موجوده حيدرآباد کي ڪنهن دور ۾ منگهن وارو شهر چيو ويندو هو. قرآن مجيد ۾ کوهن واري شهر يا ماڻهن جو ذڪر آهي اهو گمان ڪري سگھجي ٿو ته اهو اشارو موهن جي دڙي ڏانهن هجي. جن گهرن ۾ کوهه ۽ غسل خانا آهن انهن گهرن ۾ پاڻيءَ جي نيڪر لاءِ ناليون به ملن ٿيون، غسل خانن ۾ وهنجڻ جون دڪيون ۽ مٽڪن جا نشان ملن ٿا. بابلي ۽ سميري لوڪ پاڻيءَ جي مٿان کان هيٺ نيڪال ڪرڻ لاءِ سوراخ وارا مٽڪا استعمال ڪندا هئا ۽ اهي سوراخن وارن مٽڪن جو منارو ٺاهي مٿئن مٽ جي ذريعي پاڻي هيٺين مٽن مان نيڪال ڪندا هئا، پر موهن جي دڙي جا ماڻهو اهو ڪم پائيپ کان وٺندا هئا يعني ترقي يا فته طريقو استعمال ڪندا هئا.
    تاج صحرائي لکي ٿو ته ”مون جنهن به سياح يا لوڪل ماڻهوءَ کان موهن جي دڙي جي تعريف پڇي آهي ته ان مان هر شخص جو اهوئي جواب هو ته اتان جا کوهه ۽ ڍڪيل ڊرينيج سسٽم موهن جي دڙي وارن کي صفائيءَ خاطر گندي پاڻيءَ جي نيڪال جو وڏو اونو هو، هو انهن نالين کي سرن سان ڍڪيل رکندا هئا يا وري وڏا پٿر رکي نالين کي ڍڪيو ويندو هو، جيئن ته اهي پٿر موهن جي دڙي واري علائقي ۾ موجود نه هئا تنهن ڪري انهن کي شايد ٻيڙين رستي روهڙيءَ واري جابلو علائقي مان آندو ويندو هو. گهرن مان گندو پاڻي کڻي ايندڙ ننڍيون ناليون وڏين نالين ۾ ڇوڙ ڪنديون هيون، ڪٿي ڪٿي گندي پاڻيءَ جا حوض هوندا هئا جن ۾ مينهن جو پاڻي ڪٺو ٿيندو هيو، گهڻين جڳهن تي مٽيءَ جا پائيپ به استعمال ٿيل آهن جيڪي دنيا ۾ ٻي هنڌ ڪٿي به نه ملندا هئا. صفائي وارن حوضن ۾ ڏاڪڻيون هونديون هيون ته جيئن حوض جي تري تائين لهي انهن مان آٺريل گند صاف ڪري سگھجي، گند گڏ ڪرڻ لاءِ گند جا گُندڙا ٺهيل هئا جن مان جمع ٿيل گند ڪچرو ڪڍي مخصوص جڳهن تي اڇلايو ويندو هو.
    سر مارٽيمر ويلر جي لکيت موجب Great Bath جي اتر اوڀر ۾ هڪ تمام وڏي ۽ ويڪري عمارت جا کنڊر مليا آهن، اها عمارت 230 فوٽ ڊگهي ۽ 78 فوٽ ويڪري آهي. عمارت جي اندر هڪ صحن مليو آهي جيڪو 33 فوٽ هم چورس آهي ان صحن جي ٽن پاسن کان ورانڊا آهن عمارت جي اندر ڪيترن ئي ڪمرن جا بنياد به نظر ٿا اچن، عمارت جي اڏاوت مان معلوم ٿو ٿئي ته عمارت ۾ داخل ٿيڻ لاءِ دروازا هوندا ۽ عمارت ۾ اولهه طرف کان به دروازو هوندو، انهن سڀني دروازن جا بنياد ظاهر آهن.
    عمارت ۾ ٻن ڏاڪڻين جا آثار پڻ آهن. سرمارٽيمر ويلر ان کي وڏي پادريءَ جي رهائش گاه ٿو سمجهي ۽ محمد ادريس صديقي ان کي هڪ درسگاهه قرار ڏنو آهي، تاج صحرائي جي چوڻ موجب اهو پئنچائت گهر هوندو جنهن ۾ مکي ۽ پئنچ رهندا هوندا. تاج صحرائي چوي ٿو ته ”مون ذاتي طور تي اڪيلي سر يا ڊاڪٽر لوئيس فليم، ڊاڪٽر جانسل ۽ پروفيسر ويرارڊي جي رهبري ۽ رهنمائي ۾ خالص موهن جو دڙو جي تهذيب جا هڪ درجن کان به وڌيڪ ماڳ جهڙوڪ لوهم، جهڪر، چانهو وغيره گهميا آهن پر مون کي ڪنهن به هڪ ماڳ تان ڪو مندر يا ٻئي نموني جو عبادت گهر نه مليا آهن.“ هو چوي ٿو ته ”مان وڏي اعتماد ۽ يقين سان چوان ٿو ته سنڌو تهذيب جي اوائلي دور ۾ عياشي يا دهشتگردي پيدا ڪرڻ وارن ادارن جو ڪو وجود ڪو نه هو. موهن جي دڙي جي تهذيبي ماڳ مان ڪو به مندر يا مڙهي نه ملي آهي نه ڪي محل ۽ محلات.“ ادريس صديقي ان وڏي عمارت جي اندر ڪمرن کي شاگردن جي هاسٽل قرار ڏئي ٿو.
    ادريس صديقي ”وادئي سنده ڪي تهذيب“ ۾ لکي ٿو ته اسٽوپا کان هڪ رستو ڏکڻ اوڀر طرف وڃي ٿو ٿوري مفاصلي کان پوءِ هي رستو اوڀر طرف موڙ کائي اوڀر واري شاهراه سان ملي ٿو، اوڀر واري هيءَ شاهي سڙڪ دڙي جي کوٽيل علائقي کي ٻن حصن ۾ ورهائي ٿي هي ٻئي سڙڪون هڪ ٻئي کي ڪپڻ وقت گوني ڪنڊ ٺاهن ٿيون. هن علائقي ۾ لاتعداد گهر ۽ گهٽيون آهن، هي گهر خصوصي ڍنگ جا ٺهيل آهن، ايڇ- آر-ايريا جو گهر نمبر 8 دلچسپ نموني جو ۽ موهن جي دڙي جي وچين دور ۾ ٺهيل آهي هن جي ڊيگهه 85 فوٽ ۽ ويڪر 97 فوٽ آهي ۽ ڀتيون 5-4 فوٽ ٿلهيون آهن ۽ دروازو 10 فوٽ ويڪرو آهي، هن گهر جي کٻي طرف 32 فوٽ هم چورس اڱڻ آهي، عجيب ڳالهه اها آهي ته هن گهر جي پاڻيءَ جو نيڪال ڪنهن به گهٽيءَ ۾ ناهي بلڪه ان مقصد لاءِ صحن ۾ هڪ مٽڪو پوريل آهي تان ته سڄو گندو پاڻي ان ۾ وڃي جمع ٿئي، پهرين سڙڪ جي ٻي طرف 35 فوٽ اونهو کوهه آهي جنهن جون سرون V شڪل جون آهن، کوهه کي وڏي سليقي سان ٺاهيو ويو آهي ان ۾ سرون نهايت مظبوطيءَ سان لڳايل آهن، انهيءَ کوهه جي گهاٽ تي پاڻي کي ڪڍڻ واسطي رسين ڇڪڻ جا نشان اڃا تائين ظاهر ۽ چٽا آهن ۽ کوهه مان پاڻي ڪڍڻ وقت هارجندڙ پاڻيءَ لاءِ هڪ حوض ٺهيل هيو. وي-ايس ايريا کان اتر ۾ ڊي- ڪي ايريا آهي ياد رهي ته انهن ايريائين جا نالا انهن جي کوٽائي ڪرائيندڙ ماڻهن جي نالن پٺيان رکيا ويا آهن، ڊي- ڪي ايريا ڊڪشٽ جي نالي پٺيان آهي، هيءَ ايريا غالبن امير طبقي جي رهائش هئي، ان وسيع ايريا ۾ وسيع عمارتون آهن، هتي 35 فوٽ گهري کوٽائي ڪرڻ سان ڪافي عمارتون ۽ گهٽيون ظاهر ٿيون آهن.
    موهن جي دڙي جي کوٽائي ڪندي Great Bath کان اولهه ۾ هڪ وڏي ۽ ويڪري عمارت جا بنياد ظاهر ٿيا آهن 1950ع تائين ان عمارت کي حمام سمجهيو ٿي ويو جيئن ادريس صديقي پنهنجي ڪتاب ”وادئي سنده ڪي تهذيب“۾ ائين لکيو آهي پر 1950ع کان پوءِ جڏهن عمارت ڪرڻ کان پوءِ نروار ٿي ته آثارِ قديمه جي ماهرن ان وڏي عمارت کي اناج جو گدام قرار ڏنو. هن گدام ۾ اناج گڏ ڪرڻ لاءِ سائنسي طريقا اختيار ڪيل آهن ته جيئن اناج کي خراب ٿيڻ کان بچائي سگھجي. هي گدام 150 فوٽ اوڀر کان اولهه ڊگهو ۽ اتر کان ڏکڻ طرف 75 فوٽ هيو ۽ مستطيل شڪل ۾ ٺهيل هيو گدام ۾ اندر پڪين سرن جا ٿلها ٺهيل هئا، جيڪي 5 فوٽ اوچا هيا هي ٿلها مختلف ماپن جا آهن، پر ڏاڍو سليقه منديءَ سان ٺهيل آهن انهن ٿلهن تي اناج رکڻ لاءِ ڪاٺ جا تختا رکيل هئا ته جيئن اناج کي سيڪ کان بچائي سگھجي، انهن ٿلهن جي وچ ۾ اتر ڏکڻ ۽ اولهه اوڀر هڪ ٻئي کي ڪٽيندڙ لنگهه ٺاهيا ويا هئا ته جيئن هوا گدام جي اندر تري واري فرش تائين به پهچي سگھي ته جيئن گهِم جو تدارڪ ڪري سگھجي. گدام ۾ اندر اناج لاهڻ، سَٿِڻ، رکڻ ۽ کڻڻ جو مناسب بندوبست هوندو گدام جي ٻاهرين ڀتين کي پڪين سرن جا پشتا لڳل آهن، گدام ۾ اندر پهچڻ لاءِ ٻاويهه فوٽ ويڪري پڪين سرن جي ڏاڪڻ ٺهيل آهي ۽ گدام کان ٻاهر به اناج جي لاهڻ ۽ رکڻ جا دڪا ٺهيل آهن، اهو سڄو مناسب بندوبست موهن جي دڙي جي دور جي سنڌين جي سائنسي سوچ ۽ فن تعمير جا وزندار دليل ۽ ثبوت آهن. اناج هتان جي دولت جو معيار سمجهيو ويندو هو ۽ ڪاروباري ڏيتي ليتي ۾ سڪي جي جاءِ تي استعمال ٿيندو هو، مزدورن کي اجرت ۽ سرڪاري محصول به اناج جي صورت ۾ ادا ڪيو ويندو هو، اهڙا گدام اُر، دجله ماٿريءَ ۽ فرات ۾ به دريافت ٿيا آهن.
    موهن جي دڙي مان ڪاريگرن جا ڪوارٽر به دريافت ٿيا آهن ۽ انهن ئي ڪوارٽرن جي ڀرسان سورنهن بٺيون مليون آهن جن ۾ ٻارڻ جي طور تي ڪوئلو ۽ ڇيڻو استعمال ڪيو ويندو هيو، گمان آهي ته انهن بٺين ۾ ٽامي کي ڳاريو ويندو هو.
    اسٽوپا موهن جي دڙي جي ٻڌ دور جي عمارت آهي هن جي اوچائي ۽ ڪشش ماهرن کي گهڻو متوجه ڪيو آهي، هي اسٽوپا زمين کان ستر فوٽ بلند آهي، اسٽوپا جو منارو ڪري چڪو آهي، سندس ڍانچي جو صرف اڌ ئي بچيل حالت ۾ آهي، ڪنهن خزاني ڳولهيندڙ سون ۽ خزاني جي تلاش ۾ هن ۾ سورنهن فٽ گهرو کڏو کوٽيو هو، جنهن مان ان تلاش ڪندڙ کي سنگِ جراحت جو ٺهيل هڪ خاڪدان مليو، جيڪو ڀڳل حالت ۾ هو، اهو هن بيڪار سمجهي اڇلائي ڇڏيو هو، جيڪو بعد ۾ آثار قديمه جي ماهرن کي هٿ لڳو، انهيءَ اسٽوپا جي آثارن مان ئي ڪنول جي گل جي آسڻ تي ويٺل ٻڌ جي مورت جا ڪجهه ٽڪرا بر آمد ٿيا آهن. اسٽوپا جي عمارت موهن جي دڙي جي قديم عمارت جي ملبي مان تيار ٿيل آهي، کوٽائيءَ مان اها ڳالهه صاف ظاهر آهي ته ٻڌ ڌرم وارن انهن اسٽوپا جي بنياد کي قديم عمارتن جي بنياد تي ئي رکيو آهي. ان ٻڌ ڌرم جي مندر جي چوڌاري ويڪرو اڱڻ آهي، جنهن جي چئني طرفان ڀڪشوئن جي رهڻ جي لاءِ پڪن سرن جا حجرا ٺهيل آهن، جيڪي ٻن حصن تي مشتمل آهن، اندروني حصو آرام ۽ سمهڻ لاءِ ۽ ٻاهريون حصو ٻين ضرورتن جي لاءِ هوندو. انهن حجرن مان چوڪنڊيارا سڪا مليا آهن جيڪي ڪشان دور جي راجا واسديو (173-156ع) جي دور جا آهن ۽ اهي سنڌ ۾ ئي تيار ڪيل آهن ڇو ته اهي جهڪر ۽ موهن جي دڙي کان سواءِ ڪٿي به نه مليا آهن.
    بهرحال موهن جي دڙي متعلق آثار قديمه جي ماهرن جو رايو آهي ته سنڌو تهذيب ٽن مشهور تهذيبن مان هڪ آهي، سنڌو تهذيب سنڌو ماٿري جي پنهنجي تهذيب آهي، اها ٻئي هنڌان ڪٿان به نه آئي هئي، موهن جو دڙو ان تهذيب جو مرڪز ۽ گاديءَ وارو شهر هيو، موهن جو دڙو پراچين دور جو عظيم الشان شهر هو، سندس ان دور ۾ آدم شماري اٽڪل 35000 هئي، ان شهر جون حدون اڄوڪن حدن کان ٻه ڪلوميٽر پري هيون. ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ ”سنڌ جي تاريخ عرب دور“ ڪتاب ۾ لکيو آهي ته ايڇ- آر- هال جو چوڻ آهي ته سميري قوم سنڌو ماٿريءَ مان لڏ پلاڻ ڪري وڃي عراق وسايو، عراقي ڪتابن ۾ ان قوم کي انس سڏيو ويو آهي، اهو لفظ عربيءَ ۾ سڌريل انسان لاءِ ڪتب آيل آهي. تاج صحرائي چوي ٿو ته ”فونيشين يا فونيقي به سنڌو ماٿريءَ مان لڏ پلاڻ ڪري فلسطين ۾ آباد ٿيا، ڇو ته انهن جي ٺڪر جي ٿانون تي به هوبهو سنڌو تهذيب جي قديم ترين ٻوليءَ جهڙا اکر لکيل آهن، ان مان پڪي ثابتي ٿي ملي ته فونيقي به سنڌو لوڪ هئا ۽ سنڌ جي پڻين يا پڻي لوڪن جي اولاد هئا پڻي لفظ ئي بگڙي فونيقي ٿي ويو آهي، هونئن به پ، ف ۾ تبديل ٿيندي آهي جيئن پارسيءَ مان فارسي يا سپت مان هفت وغيره ۽ بابلي تهذيب ڪتبن ۾ سنڌو سڀيتا جي علائقن جانا لا ڏنل آهن، مڪران کي ماگان، ملتان کي ملوها ۽ سنڌ لاءِ دلمون جو نالو آيل آهي، هڪ سميري ڪهاڻيءَ ۾ دلمون يعني سنڌ جو ذڪر هيئن آيل آهي: دلمون جي سرزمين طلوع آفتاب جي جڳهه آ، دلمون پاڪ خطو آ، دلمون جي جڳهه تازي آ ۽ دلمون جي ڌرتي روشن آ، دلمون ۾ شينهن ڪنهن کي نه ڦاڙيندو آ، بگهڙ ڪنهن جانور کي ڌڻ مان نه کڻندو آ، پوڙهي عورت ۽ پوڙهو مرد ائين نه چوندا آهن ته پوڙها آهيون. مان مارٽيمر ويلر جي انهن جملن سان اختتام ڪندس ته انساني ڪوشش ۽ محنتن جي نتيجي ۾ اڏيل موهن جي دڙي وارو شهر دنيا جي تاريخ ۾ هميشه لاءِ هڪ لاثاني يادگار جي حيثيت سان قائم ۽ دائم رهندو.


    • موهن جو دڙو نالي جي حقيقت، تهذيب، ثقافت ۽ سماج : ڊاڪٽر احسان دانش

    دنيا ۾ جڏهن به متمدن قومن جي تهذيب ۽ تاريخ تي تحقيقي روشني وڌي وئي آهي تڏهن موهن جي دڙي جي تهذيب ۽ ثقافت کي اهميت واري نگاهه سان ڏٺو ويو آهي، ڇو ته موهن جو دڙو نه رڳو سنڌ پر سڄي جهان لاءِ عظيم تهذيب، تمدن ۽ ثقافت جو اهڃاڻ آهي. اسين سنڌ جا ماڻهو ان حد تائين خوش نصيب ضرور آهيون ته اسين دنيا جي ان عظيم تهذيب جا وارث آهيون جيڪا پنج هزار سال اڳ به پنهنجي اوج تي هئي، ان دور جي ماڻهن کي اٿڻ ويهڻ جو ڍنگ هيو ۽ صلح جو ۽ امن پسند هئا، اسين ان تهذيب جي پونئير هجڻ ناتي پنهنجو سِر فخر سان اوچو ته ڪيون ٿا. پر افسوس جو هن وقت تائين موهن جي دڙي تي تحقيقي حوالي سان اوترو ڪم نه ڪري سگهيا آهيون، جيترو ڪرڻ کپي. اسان جي عام ماڻهوءَ وٽ ته اڃا اها ساڃاهه به ڪونهي ته ”موهن جي دڙي جي اهميت ڪهڙي آهي!“ ڪاش کين ڪو سمجهائي ته اهي اگر ان کي بچائڻ لاءِ ڪجهه نه ٿا ڪري سگهن ته ان کي وڌيڪ برباد ڪرڻ ۾ ته هڪ ٻئي جا ڀاڱي ڀائيوار نه ٿين. اسين اڃا موهن جي دڙي جي نالي وارو سُٽُ به ڪو نه سلجهائي سگهيا آهيون. جيترا وات اوتريون ڳالهيون، ڪن پنهنجي سمجهه ۽ ساڃاهه آهر ته ڪن وري روايتن ۽ مفروضن جي بنيادن تي نالي جي اصليت ۽ حقيقت تي راءِ زني ڪئي آهي.

    دڙي جو اصل نالو:
    موهن جي دڙي جي نالي جي حوالي سان مختلف عالمن جي مختلف راءِ رهي آهي ۽ الڳ الڳ دليلن وسيلي هنن پنهنجي پنهنجي ڳالهه کي صحيح ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. نتيجي ۾ هن دڙي جا ڪيئي نالا پڙهڻ ۾ اچن ٿا، جن ۾ موهن جو دڙو، موئن جو دڙو، مئن جو دڙو، معن جودڙو، موعين جو دڙو، مُهن جو دڙو، مُهين جو دڙو، مهي جو دڙو وغيره شامل آهن.
    ڀيرومل مهر چند آڏواڻيءَ جي تحقيق مطابق هن دڙي کي عام طرح ”مُهن جو دڙ،“ سڏجي ٿو. آرڪيالاجي کاتي وارن انهي نالي جي معني ڄاڻائي آهي ”Mound of the Dead“ هن دڙي مان ظاهر آهي ته هو سمجهن ٿا ته اهو نالو اصل ۾ آهي ”مئن جو دڙو“ ۽ رڳو چُڪ کان “مئن“ بدران ”موهن“ لکيو اٿن. سرزمين تي وڃي ڪو پڇا ڪندو ته پڪ ٿيندس ته صحيح اچار آهي ”مُهن جو دڙو“ ۽ ڪي ”مهين جو دڙو“ به چون ٿا. ٻنهي جي معني آهي ”مات ٿيلن جو دڙو“. (1)
    موهن جي دڙي ڀرسان ڳوٺ ٻلهڙيجي جي رهاڪو نامياري ليکڪ انور پيرزادو هن دڙي کي ”مُهين جو دڙو“ سڏيو آهي ۽ ان لاءِ پنهنجا دليل پڻ ڏنا آهن. هن لکيو آهي ته ”۱۹۲۲ع ۾ انگريزن جڏهن هن دڙي جي اوسي پاسي ۾ ڳوٺ ٻلهڙيجي، حسن واهڻ، بگي ۽ ٻنڊيءَ مان معلوم ڪيو هوندو ته اتي جي ماڻهن کين ٻڌايو هوندو ته اهو ”مُهين جو دڙو“ آهي. اسان چوندا آهيون ”مهون“ هتان ٻه ڪلوميٽر آهي، وڃون ٿا ”مهين“، تي، وغيره وغيره .....اهو ٻڌي انگريزن ان نالي کي انگريزيءَ ۾(Mohen jo |Daro) لکيو هوندو. ان مان موهن لفظ جي معني وٺڻ نه گهرجي، ڇاڪاڻ ته موهن Mohanانگريزيءَ ۾ ٻئي طريقي سان لکيو ويندو آهي. (2)
    ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ لکيو آهي ته موهن جو دڙو اصل ۾ ”معن جو دڙو“ آهي، يعني معن قوم جو ڊٺل شهر. معن قوم عرب الباعره ۾ شامل آهي، جن عربستان مان نڪري دنيا جي مختلف ملڪن تي حڪومت ڪئي آهي. ڪتبن مان ظاهر آهي ته معن تبع ۾ سباجي قومن جو هن کان سواءِ سنڌ، ايران، عراق ۽ حبش (ائبيسينا) تي راڄ هو.(3)
    محمد ادريس صديقي لکي ٿو ته ”موهن جي دڙي جو مقامي نالو ”مئن جو دڙو“ آهي. کوٽائي ڪرڻ وارا ماڻهو مڪاني زبان نه ڄاڻيندا هئا. ”تن کي ’موهن‘ لفظ وڌيڪ سهڻو لڳو، تنهنڪري انهن موئن جي بجا ’موهن‘ جو لفظ استعمال ڪيو. هينئر اهو نالو ايترو ته عام ٿي ويو آهي، جو اصل نالي جي اهميت ئي نه رهي آهي. سنڌ ۾ باوجود هن جي ته اڳين حڪومت جي سرڪاري گزيٽ ۾ اصل نالي کي قانوني حيثيت ڏني وئي هئي، پر جيڪو غلط استعمال عوام ۾ عام ٿي ويو، ”سو اڄ مشهور آهي ۽ بين الاقوامي حيثيت حاصل ڪري چڪو آهي.“(4)
    ڀائي دوارڪا پرساد روچيرام شرما دڙي جي نالي بابت هن طرح لکيو آهي ”سنڌ جي هن قابل فخر کنڊر تي مهن جو دڙو نالو ڪيئن پيو؟ سنسڪرت جي انهي مش اکر کي پراڪرت ڀاشا ۾ مهه چيو ٿو وڃي. انهيءَ آڌار تي مهن جو دڙو معنيٰ قتل ٿيل ماڻهن جو دڙو يا ڍير. هن معنيٰ کي قبول ڪرڻ کان پوءِ اسان کي اهو ئي انومان ڪڍڻو پوندو ته هن کنڊر تي موهن جو دڙو نالو انهيءَ جي ڪري پيو، جو ماڻهن جي دلين ۾ اهو وشواس ويٺل هو ته انهي کنڊر تي قتل ٿيل (مهن) موجود آهن. باقي هي جو اڄڪلهه عام ريت هن جهوني کنڊر کي موهن جي دڙي جي نالي سان سڏيو ٿو وڃي سو سراسر غلط آهي.(5)
    هن دڙي جي اصلي نالي جي کوج جي حوالي سان سراج ان بحث کي هنن لفظن ۾ سلجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ”اسان جي ڪن عالمن محض تنگ دليءَ جي ڪري موهن جي دڙي جو نالو مٽائي موئن جو دڙو لکڻ ۽ چوڻ شروع ڪيو آهي. سندن استدلال اهو آهي ته تاريخي طرح موهن نالي ڪو به راجا سنڌ جي تاريخ ۾ نه گذريو آهي ۽ ٻيو ان دڙي کي اهو نالو هندن جو ڏنل آهي، ان ڪري اهو نالو مٽائي ’موئن جو دڙو‘ رکڻ گهرجي. جنهن مان اها معنيٰ نڪرندي ته اهو مئل ماڻهن جو دڙو آهي. اهڙي قسم جي هلڪڙي مذهبي تنگدليءَ جي بنياد تي سنڌ جي تاريخ سان اهڙا ويل وهائڻ ڪا نئين ڳالهه نه آهي. هندن ان تاريخ کي هندو بنائڻ شروع ڪيو ۽ مسلمانن ان کي اسلام قبولايو. موهن جي دڙي ۾ هروڀرو هندو نالو ”موهن“ ڳولڻ جي تڪليف ورتي وئي آهي. ان لفظ ”موهن“ جو هندو نالي ”موهن“ سان ڪو پري جو به واسطو ڪونهي. هي نالو اصل ۾ هڪ قبيلي جو نالو آهي ۽ ان دڙي جو اصل نالو هو. ”مهن جو دڙو“ جو وقت گذرڻ سان اچار ۾ وڌي واڌ کائي مهن مان ”موهن“ بنيو آهي. مهن هڪ قبيلي جو نالو هو جو مڇيءَ تي گذران ڪندو هو ۽ ٻيڙين ذريعي وڏي توڙي ننڍي پيماني تي مڇي ماري پنهنجو گذر ڪندو هو.“(6)
    مٿين راين جي روشنيءَ ۾ هتي آءٌ پنهنجي راءِ رکڻ به مناسب ٿو سمجهان، ڇو ته منهنجو تعلق موهن جي دڙي جي قريبي ۽ موجوده وڏي شهر لاڙڪاڻي سان آهي، تنهنڪري نه رڳو موهن جي دڙي متعلق مقامي ماڻهن جون ڏندَ ڪٿائون ۽ مفروضا ٻڌا آهن پر ڪيترائي دفعا دڙي تي وڃڻ ۽ آس پاس جي ڳوٺن ۾ رهڻ جو موقعو به مليو آهي. مٿي جن محققن ۽ عالمن جا رايا پيش ڪيا ويا آهن تن مان ڪيترائي رايا بي وزن آهن ۽ انهن محققن جا دليل قابل قبول نه آهن. محترم محمد ادريس صديقي مطابق ”کوٽائي ڪرڻ وارا ماڻهو مڪاني زبان نه ڄاڻيندا هئا، تن کي ’موهن‘ لفظن وڌيڪ سهڻو لڳو، تنهنڪري انهن موئن جي بجاءِ ’موهن‘ جو لفظ استعمال ڪيو.“ منهنجي خيال ۾ اهو ڪو پختو دليل نه آهي، هونءَ به ’موهن‘ ۽ ’موئن‘ ۾ تلفظ جي لحاظ کان ڪو گهڻو فرق نه آهي، جيڪڏهن انگريز لفظ ’موهن‘ اچاري سگهن پيا ته سندن لاءِ لفظ ’موئن‘ اچارڻ ڪو ڏکيو نه هو.
    محترم سراج الحق ميمڻ جي راءِ ۾ ”مسلمانن ’موهن جو دڙو‘ نالو ان ڪري نه قبوليو آهي جو اهو ڪنهن هندوءَ جو نالو ٿي سگهي ٿو.“ ايترو ضرور آهي ته ڪن عقيدتمندن يا انتها پسند هندن موهن لفظ کي شري ڪرشن مهراج جي هڪ نالي ’موهن‘ سان ملائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر مٿي بيان ڪيل راين ۾ خود ٻين هندو ليکڪن ڪاڪي ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي ۽ دوارڪا پرساد شرما ”موهن جو دڙو“ واري نالي کي رد ڪيو آهي. دوارڪا پرساد ته اڳتي هلي ان ڳالهه جي شديد لفظن ۾ ترديد ڪئي آهي ته لفظ ’موهن‘ جوشري ڪرشن مهراج جي نالي ’موهن‘ سان ڪو به تعلق نه آهي. تنهن ڪري ان نالي پٺيان مذهبي تنگ دليءَ واري ڳالهه مناسب نه آهي. ها البته سراج صاحب جو اهو امڪان قابل توجهه ۽ قابل تحقيق آهي ته پراڻي زماني ۾ ان شهر تي اهو نالو پيو.
    آءٌ ذاتي طور انور پيرزادي جي راءِ سان سهمت آهيان، هن جيڪي دليل ڏنا آهن انهن ۾ وزن آهي، موهن جي دڙي جي آس پاس وارن ڳوٺن مان اڄ به اگر ڪوئي هن دڙي جو نالو پڇندو ته مقامي ماڻهو کيس اهو ئي چوندا ته اهو ’مهين جو دڙو‘ آهي، ۽ علائقي ۾ اهو نالو صدين کان وٺي رائج آهي، مان سمجهان ٿو تحقيق جي حوالي سان زميني حقيقتن کي ڪافي اهميت هوندي آهي تنهن ڪري هن دڙي جو اصل نالو ’مهين جو دڙو‘ سمجهڻ کپي، هتي ٻي ڳالهه پڻ توجهه لائق آهي جنهن جو اشارو محترم سراج الحق ميمڻ پڻ ڏنو آهي سا اها ته ٿي سگهي ٿو ته هن دڙي تي ڪنهن پراڻي قوم جي نالي پٺيان نالو پيو هجي. تاريخ جا ورق ورائي ڏسبو ته سنڌ ۾ قديم دور کان ٻن قومن جو تاريخن ۾ ذڪر اچي ٿو،۱. جاٽ ۽ ۲ مهي يا ميد. اهو امڪان به رد نه ٿو ڪري سگهجي ته مهي قوم جنهن جي گذران جو اهم وسيلو مڇي مارڻ هو، سا اڳتي هلي ’مهي‘ مان نون جي اضافي سان ’مهين‘ بڻجي وئي هجي، اهڙي طرح اڳتي هلي ان قوم ۽ شهر جي برباديءَ کان پوءِ اهو هنڌ مقامي ماڻهن وٽ ’مهين جو دڙو‘ جي نالي سان مشهور ٿي ويو هجي..... پر ڇو ته هن دڙي کي هن وقت عالمي سطح تي ”موهن جو دڙو“ جي نالي سان شهرت ملي چڪي آهي تنهنڪري غلط العام يا غلط العوام ئي صحيح قبول ڪرڻو پوي ٿو، جيئن سيوستان کي سيهوڻ الور کي اروڙ طور قبول ڪيو ويو آهي.

    عظيم تهذيب، ثقافت ۽ سماج:
    اها حقيقت چٽي ڏينهن وانگر روشن آهي ته دنيا جون سموريون وڏيون تهذيبون درياهن جي ڪنارن تان ئي اسريون ۽ اڀريون آهن، ڇوته پاڻي جيئاپي جو اهڃاڻ آهي. درياءِ نيل کان وٺي درياءِ سنڌ تائين سمورين عظيم تهذيبن جا گھوارا درياهن جا ڪنارا رهيا آهن. جڏهن اسين سنڌ جي تهذيبي ۽ سماجي تاريخ جي جاچنا ڪندا سين ته اسان کي ان جون پاڙون به سنڌو درياهه جي ڪپ تي موهن جو دڙو جي قديم آثارن ۾ کتل نظر اينديون. تنهن ڪري ان ڳالهه کان ڪو انڪار نه ڪري سگھندو ته قديم زماني کان وٺي سنڌو ندي کي سنڌ جي معيشت ۽ معاشري ۾ شهه رڳ واري حيثيت حاصل رهي آهي. ”شروع کان وٺي مصر جي وادي ۽ سنڌو ماٿر جي حالتن ۾ تاريخدانن، سماجي علمن جي ماهرن ۽ جاگرافيدانن هڪجڙائي ڏٺي آهي ۽ جهڙي ريت مصر جي وادي کي عام طور تحفهءِ نيل ڄاتو ويندو آهي، ساڳي نموني سنڌو ماٿر کي ”مهراڻ جي موج“ چيو ويندو آهي، ڇو ته اهي ٻئي تهذيبون ۽ سماج تاريخ جي هر دور ۾ پنهنجي بقا ۽ ترقيءَ جي لاءِ درياءِ نيل ۽ سنڌو درياهه تي ئي انحصار ڪندا رهيا آهن.“ (7)
    موهن جو دڙو دنيا جي عظيم تهذيب جو گهوارو آهي. هن ڦٽل شهر جون ديوارون ۽ گهٽيون اڄ به سندس عظمت جون ڪهاڻيون ٻڌائين ٿيون. هن خاموش ڦٽل شهر جو نظارو عجيب طلسماتي ڏيک ڏئي ٿو. موهن جي دڙي جي کنڊرن اڳيان بيهي ٿوري دير لاءِ اکيون بند ڪري سوچجي ٿو ته هن عظيم شهر جي آبادي ۽ خوشحالي جو منظر اکين اڳيان ڦري اچي ٿو. جتي پورهيتن جي مٿن تي سائي گاهه جون ڀريون نّظر اچن ٿيون، ڏاند گاڏين جا چيڪاٽ ٻڌڻ ۾ اچن ٿا، هڪ پاسي نازڪ نفيس ۽ حسين نرتڪين جو ناچ ۽ ٻي پاسي کوهه تان پاڻي ڀريندي جيڏين سرتين جا ٽهڪ ..... سندن چيلهه ۽ مٿي تي رکيل گهاگهرون ڪيڏيون نه سونهن ٿيون، هڪ طرف نيروليءَ جي دڪان تي رنگن جي ڌنڪ ۽ رونق آهي ته ٻئي پاسي اناج جي گودامن ۽ بازارن ۾ ماڻهن جي پيهه.... پر اکيون کلڻ تي هڪ لک آباديءَ واري ان شهر ۾ هر طرف موت جهڙي خاموشي آهي....... موهن جي دڙي جو اسٽوپا، گهٽيون، دڪان، کوهه، وڏو تلاءُ، گهر، آڳر ۽ رستا اداسيءَ جو ويس اوڍيل نظر اچن ٿا. انهن ويران ۽ اداس کنڊرن کي ڏسي، سنڌو ماٿر جي انهن اوائلي انسانن کي دنيا ۾ تهذيب جي باني چوڻ ۾ ڪا هٻڪ نه ٿي ٿئي. موهن جي دڙي جي واسين جي مهذب زندگيءَ کي ڏسندي هن دور جي ماڻهوءَ جي شعور جا پردا کلن ٿا ۽ تاريخي حوالي سان انسان جي تهذيبي، معاشي، معاشرتي ۽ ذهني ارتقا جو به پتو پوي ٿو.
    موهن جي دڙي وارو سماج ثقافتي لحاظ کان انتهائي سرگرم ۽ هڪ اعتدال وارو سماج هيو. ”هن دڙي جي ثقافتي شين جي انڪشاف کان اڳ تاريخدان ائين وسهندا هئا، ته تاريخ جي ابتدا يونان کان ٿي، يورپ جا ڪي ليکڪ وري انهيءَ خوشفهميءَ ۾ مبتلا هئا ته برصغير جا ماڻهو تيسين جهالت ۽ اڻ ڄاڻائيءَ جي چادر تاڻيون سمهيا پيا هئا، جيسين يورپي قومن جي ڏاڏي پوٽن آرين غفلت جي ننڊ مان کين سجاڳ نه ڪيو.“ (8) اڄ اها ڳالهه سراسر من گھڙت ۽ گمانن تي مشتمل محسوس ٿئي ٿي.
    ”ول ڊيورانٽ(will durant) موهن جي دڙي جي ثقافت متعلق پنهنجو رايو ڏيندي لکيو آهي، ته ”اها ثقافت ڪنهن به ٻاهرين قوم جي ايجاد نه آهي، پر سنڌين جي ذهن جي پيداوار آهي، خاص ڪري مهرون، جيڪي بابل مان به هٿ آيون آهن. اهي سنڌين جون ٺهيل آهن.“ (9)
    مادي لحاظ کان ڏسجي ته: موهن جي دڙي مان هٿ آيل ساز و سامان، جهڙوڪ: اڻڻ، ڪپهه ۽ ان مان تيار ٿيندڙ ڪپڙو، ڪڻڪ ۽ ان جي آباد ڪرڻ جو طريقو، ڪنڀر جو چڪ ۽ ان تي ٺهندڙ ٺڪر جا ٿانءَ ۽ انهن جي چٽ سالي، ڏکڻ- مُنهان گهر ۽ تن ۾ استعمال ٿيندڙ پڪيون سرون، ڳهه ڳٺا ۽ انهن جو جڙاءُ، ڪاٺ جا ٻيڙا ۽ بيل گاڏيون ۽ زندگيءَ جي سفر جو مڙوئي سازو سامان اڄ به سنڌ ۾ پنهنجي وجود جون شاهديون پيش ڪري رهيو آهي ۽ ڌارين ثقافتن انهن زندگي جي مادي شين ۾ ڪا به تبديلي ڪا نه ڪئي.
    غير مادي ثقافت، جنهن جي دائري ڪار ۾ روحاني، ذهني ۽ نفسياتي لاڙا- جمالياتي ۽ جذباتي ڪيفيتون اوليت جون حامل آهن. جيڪڏهن انهن جو جائزو وٺنداسون ته اهي به مختلف ثقافتن ۽ مذهبن جي ميل جول جي باوجود، هنگامه آرائيءَ جو شڪار ڪونه ٿيون. البته اهو ضرور ٿيو ته جن ڳالهين کي بهتر ذهني هم آهنگيءَ جي قابل ڄاتو ويو، يا جن روحاني ۽ اخلاقي قدرن ۾ قدرتي طور جاذبيت ۽ موزونيت هئي. انهن جا نشان يقيناً سنڌ جي ثقافت ۾ نمايان نظر ايندا. ليڪن بنيادي طور قديم ورثي به پنهنجي وجود کي فنا ٿيڻ نه ڏنو، جو اڄ به سنڌين جي فطرت ۾ موجود آهي.“ (10)
    ان وقت (موهن جي دڙي جو) سماج ٻن وسيع طبقن ۾ ورهايل هو. مٿين طبقي ۾ حاڪم، امير امراء، سيٺيون ۽ سندن ’ڪوي _ پروهت‘ اچي ٿي ويا. هنن انهن منجھان ئي جنگجو پيدا ڪيا. جي هميشه پاڻ ۾ وڙهندا هئا، يا وري اوڀر پاسي اٿل کائي، وڙهندا وڙهندا وڃي گنگا ماٿريءَ کان نڪرندا هئا. سرواڻ يعني راجا چونڊبو هو ۽ ڪانئوسل جي ضابطي هيٺ رهندو هو. هن جي دولت سندس ماڻهو، گھوڙا رٿ، ڍور، ڍڳا، ويس وڳا، سون، هٿيار ۽ ٺٺ ٺانگر هئا. ڪڏهن ڪڏهن هو ٻين راجائن سان گڏجي ڪا جنگ جوٽيندو هو. هيٺين طبقي يعني وئشن ۾ ڪڙمي هئا، جي پنهنجن چوپائي مال جي ڌڻن ۽ ٻنين لاءِ پيا پاڻ پتوڙيندا هئا. ان کانسواءِ ڪوري، موچي، واڍا، ڌاتو _ ڪاريگر ۽ مڃار هئا.
    ماڻهو ساز جي سنگت تي نچندا، شرطون پڄائيندا ۽ جوئا ڪندا هئا. هو پرڻي ۽ مرڻي جا سرگس ڪڍندا هئا. پروهت وڏي ساٺ سنوڻ سان پوتر ’سوم رس‘ پيئندا هئا ته غريب غربو وري ’سورا‘ تي خوش هوندو هو، جيڪو بيئر جهڙو ٿئي ٿو.(11)
    ان وقت (موهن جي دڙي جو) سماج ٻن وسيع طبقن ۾ ورهايل هو. مٿاهين طبقي ۾ حاڪم، امير امراء، سيٺيون ۽ سندن ’ڪوي _ پروهت‘ اچي ٿي ويا. هنن انهن منجھان ئي جنگجو پيدا ڪيا. جي هميشه پاڻ ۾ وڙهندا هئا، يا وري اوڀر پاسي اٿل کائي، وڙهندا وڙهندا وڃي گنگا ماٿريءَ کان نڪرندا هئا. سرواڻ يعني راجا چونڊبو هو ۽ ڪانئوسل جي ضابطي هيٺ رهندو هو. هن جي دولت سندس ماڻهو، گھوڙا رٿ، ڍور، ڍڳا، ويس وڳا، سون، هٿيار ۽ ٺٺ ٺانگر هئا. ڪڏهن ڪڏهن هو ٻين راجائن سان گڏجي ڪا جنگ جوٽيندو هو. هيٺين طبقي يعني وئشن ۾ ڪڙمي هئا، جي پنهنجن چوپائي مال جي ڌڻن ۽ ٻنين لاءِ پيا پاڻ پتوڙيندا هئا. ان کانسواءِ ڪوري، موچي، واڍا، ڌاتو _ ڪاريگر ۽ مڃار هئا.
    ماڻهو ساز جي سنگت تي نچندا، شرطون پڄائيندا ۽ جوئا ڪندا هئا. هو پرڻي ۽ مرڻي جا سرگس ڪڍندا هئا. پروهت وڏي ساٺ سنوڻ سان پوتر ’سوم رس‘ پيئندا هئا ته غريب غربو وري ’سورا‘ تي خوش هوندو هو، جيڪو بيئر جهڙو ٿئي ٿو.(18)
    موهن جي دڙي وارو سماج طبقاتي سماج هجڻ باوجود هڪ پر امن سماج هيو، اهو ئي سبب آهي جو هن وقت تائين ٿيل کوٽائيءَ منجھان موهن جي دڙي مان عام واهپي جون شيون ته جام مليون آهن، پر هٿيار نه هجڻ جي برابر مليا آهن. عالمن مطابق موهن جي دڙي ۾ جنگي جوڌن جي موجودگيءَ وارو گمان تيسيتائين حقيقت نه ٿو ٿي سگھي جيسيتائين اتان وڌيڪ کوٽائي کان پوءِ ڪي جھجھا جنگي هٿيار نه ٿا ملن. اهو هڪ زرعي سماج هيو. هيٺيون طبقو عام طور هارپ وسيلي کيڙي کائڻ جو عادي هيو، شهري زندگيءَ ۾ هنر ۽ ڪاريگري جا ڪيئي مثال ملن ٿا، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته اهي نهايت محنتي ۽ هڏ ڀڳا ماڻهو هيا. امير طبقو حڪومت جو ڪار وهنوار سنڀالڻ سان گڏ رعايا جي سُک ۽ شانتيءَ جو ذميوار هيو. تنهن ڪري چئي سگھجي ٿو ته موهن جي دڙي جو سماج هڪ سکيو ستابو سماج هيو. سماجي ۽ معاشي استقامت لاءِ زراعت سندن اهم وسيلو هيو. انَ ۽ ڀاڄين جون پوکون ٿينديون هيون جنهن سبب اهو دور خوشحالي جو منظر پيش ڪري ٿو، جانورن جي پالنا کان علاوه انهن جو گوشت پڻ کاڌي لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو.
    موهن جي دڙي جا رهاڪو نه رڳو پُر امن ۽ خوش اخلاق پر خوش پوشاڪ ماڻهو هيا. پروهت کي اوڍيل چادر خود ان ڳالهه جي گواهي ڏئي ٿي. ان کان علاوه دڙي جي کوٽائي مان ڪپڙي جو هڪ ٽڪر پڻ مليو آهي، جيڪو ڪپهه مان تيار ٿيل آهي. ”ڪپهه لاءِ سنسڪرت زبان ۾ ”سنڌو“ لفظ استعمال ٿيل آهي، جنهن مان هي اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته پراڻي زماني ۾ ڪپهه جي پيداوار فقط سنڌ ۾ ئي ٿيندي هئي. اهڙي طرح بابلي زبان ۾ ڪپهه جي لاءِ ”سنڌو“ ۽ يوناني زبان ۾ لفظ ”سنڊن“ پڻ انهي ڳالهه جا دليل آهن ته ڪپهه سنڌ مان ڪچي مال ۽ ڪپڙي جي صورت ۾ انهن ملڪن ڏانهن موڪلي ويندي هئي. (12) هر ماڻهو پنهنجي سماجي ۽ معاشي حيثيت آهر ڪپڙا اوڍيندو هو. هيٺين طبقي جا ماڻهو سادو لباس استعمال ڪندا هئا، جڏهن ته امير امراءَ، زرق برق لباس زيبِ تن ڪندا هئا. ادريس صديقي مطابق ”عورتون عام طرح سان بدن جي هيٺين حصي تي گوڏ جي نموني جهڙو ڪپڙو (پَڙُو) پهرينديون هيون. (13) موهن جي دڙي مان جيڪي عورتن جا مجسما مليا آهن انهن مان ايترو ضرور محسوس ٿئي ٿو ته اهي ڳچي ۽ ڇاتيءَ کي هارن ۽ مالهائون سان ڍڪي ڇڏينديون هيون. ان کان علاوه به عورتن ۾ زيورن جو استعمال عام هيو، جيڪي مختلف ڌاتن، پٿرن ۽ عاج مان ٺاهيا ويندا هئا.
    موهن جي دڙي جي سڌريل سماج هجڻ جي گواهي اهي هار سينگار جون شيون، جهڙوڪه آئينو، سرميداڻيون وغيره جيڪي اڪثر عورتون استعمال ۾ آڻينديون هيون به ڏين ٿيون ته مختلف ڌنڌن ۾ استعمال ٿيندڙ اوزار ۽ وٽَ به ان جي خوشحالي جي ساک ڀرين ٿا. مسٽر ڊڪشٽ پنهنجي ڪتاب ”Pre historic Civlization of Indus Valley“ ۾ موهن جي دڙي جي سماجي ڍانچي کي هن طرح واضح ڪيو آهي: ”سنڌو ماٿريءَ جا صاحبِ علم شخص رڳو پنڊت، ويد، نجومي ۽ جادوگر هئا. حاڪمن ۾، حڪومت کي هلائڻ وارا عملدار ۽ شهر جي انتظام کي سنڀاليندڙ ٻيا ملازم هئا. هتي هڪ واپاري قوم آباد هئي. گھڻو ڪري ماڻهو ڪاريگر ۽ هنرمند هئا. هتي ڪڙمين، مهاڻن، ملاحن، ڳنوارن، ريڍارن، ڪوچوانن، گھر جي ڪم ڪار ڪرڻ وارن نوڪرن، سونارن، عقيق ۽ عاج جو ڪم ڪندڙ ڪاريگرن، ڪنڀرن، رانديڪن ٺاهڻ وارن ڪاريگرن، ٺاٺارن، رازن، مزدورن، ڪاٺيرن، سنگ تراشن ۽ مهرن ٺاهڻ وارن جي موجودگيءَ جا ڪي نه ڪي نشان ۽ شاهديون موجود مليون آهن.“ (14) انهن شاهدين جي بنياد تي اسين موهن جي دڙي واري سماج جو نقشو آساني سان چٽي سگھون ٿا. ان دور ۾ راڳ، رقص ۽ ساز جي موجودگيءَ مان پتو پوي ٿو ته اهو هڪ آزاد ۽ روشن خيال معاشرو هيو، جتي ساز ۽ سرود، رقص ۽ موسيقي کي پسند ڪيو ويندو هو. موهن جي دڙي جي آثارن مان مليل سمبارا جو بت ان ڳالهه جي گواهي ڏئي ٿو.
    سبط حسن مطابق ”آثار قديمه جي شهادتن مان سنڌو ماٿر جو جيڪو نقشو اڀري سامهون اچي ٿو اهو نهايت امن پسند ۽ ڪاروباري معاشري جو آهي، جيڪي گهڻا دولتمند نه هيا، ڇا لاءِ ته پيداوار جي اوازن جي گهٽتائي سبب پيداوار جو مقدار گهڻو نه هيو. ملڪ ۾ ونڊ ورڇ جي اصولن تي سختي سان عمل ٿيندو هيو. سونارا، ڪنڀر، ٺاٺارا، ڊکڻ، لوهر، رنگريز، وينجهار، دڪاندار ۽ واپاري سڀن جون برادريون ٺهي ويون هيون ۽ سڄو سماج طبقن ۾ ورهائجي ويو هو. لکڻ پڙهڻ جو هنر ٻين تهذيبن وانگر هتي پڻ جادو منتر ڪرڻ وارن پروهتن ۽ وڏ گهراڻن جي چند ماڻهن تائين محدود هيو. سنڌو ماٿر ۾ اموي نظام قائم هيو يعني حسب نسب ۽ ورهاست جو سلسلو ماءُ جي طرف کان هلندو هو. تنهنڪري معاشري ۾ عورت جو مرتبو مرد کان مٿانهون هيو ۽ عورتن جي مورتين جي گهڻائي ان ڳالهه جو دليل آهي ته هتان جي رهاڪن جي نظر ۾ عورت جي ذات فصل ۽ نسل جي پالنا جو محرڪ به هئي. تنهنڪري سندن سمورا عقيدا ۽ رسمون ڌرتي ماتا جي محور جي چوڌاري ڦرندا هئا.“ (15)
    تاج صحرائي لکيو آهي ته ”سنڌو تهذيب وارو سماج هڪ منظم سماج هو. اهو سماج، جو اقتصادي طور تي شاهوڪار هو، جنهن وٽ تمام گهڻا وسيلا هئا، جنهن ڪري تمام گهڻو تعداد پورهيتن ۽ هنرمندن جو ڪم ۾ لڳائي ٿي سگهيو. ان کان سواءِ ڏور ڏيساورن سان واپاري ناتا ۽ شين جي مٽا سٽا جو بندوبست به ڪري سگهيو ٿي. پنگتي ۽ پئنچائتي ۽ ڌرمي شاندار عمارتون، شهرن جي بيهڪ ۽ اڏاوت، شهر پناهون، اناج جا گدام، وهنجڻ جون جايون ۽ عام جام گهرو استعمال جون شيون کليل ۽ صاف دليل آهن ته سنڌ يا سنڌو سماج هڪ صاف سٿرو، شاهوڪار، فلاحي، منظم ۽ موثر سماج هو. اهو ته تاريخ کان اڳ واري دور جو سماج هو، جڏهن ته تاريخ جي وچين دور ۾ ’روزانو وهنجڻ‘ شاهوڪار ۽ وڏن گهراڻن ۾ عيب سمجهيو ويندو هو. (16)
    سنڌو ماٿر جي تهذيب ۽ موهن جي دڙي جي ماڻهن پنهنجي هنر، ڪاريگري ۽ ذهانت وسيلي سوين صديون اڳ ئي دنيا تي هڪ اهم ۽ نمايان قوم طور پنهنجي ڇاپ ڇڏي ۽ تهذيبي تاريخ ۾ پنهنجي عظمت جا نشان قائم ڪيا. اهو ئي سبب آهي جو اڄ به تاريخ عالم شاهد آهي ته موهن جي دڙي جي تهذيب، تمدن، ثقافت ۽ سماج دنيا جي مڙني متمدن قومن ۾ مرڪزي حيثيت رکي ٿو.

    حوالا

    1. ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي ”قديم سنڌ“ سنڌي ادبي بورڊ 1980ع ص 78
    2. انور پيرزادو ”متان وساريو“ انور پيرزادو اڪيڊمي 2007ع ص 60
    3. انيس انصاري ”سنڌو ماٿريءَ جو پراچين رسم الخط“ ڪتاب ”لاڙڪاڻو صدين کان“ (مرتب: ڊاڪٽر بشير احمد شاد) 1995ع ص 70
    4. محمد ادريس صديقي (حوالو ساڳيو) ص 37
    5. ڀائي دوارڪا پرساد روچيرام ”سنڌ جو پراچين اتهاس“ ڀاڱو ٻيو ص 47
    6. سراج ”سنڌي ٻولي“ ڇاپو پهريون اپريل 1964ع ص 20 ــ 119
    7. سيد مظهر جميل سندهي ادب (ميلانات، رجحانات، امکانات) اکادمي بازيافت 2004 ص 138
    8. شيدائي رحيمداد خان مولائي جنت السنڌ سنڌيڪا ٻيو ڇاپو 2006 ص 43
    9. قريشي حامد علي خانائي بهم جو ڀڙو ــــ ڳاڙهو ڀڙو (مقالو) ٽه ماهي مهراڻ 3 1985ع ص 214
    10. دانش احسان ”سنڌو سڀيتا جو عظيم ورثو ــ موهن جو دڙو“ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ص
    11. مرزا ممتاز ”سنڌ صدين کان“ مقالو: ’اوائلي آريائي دور ۾ سنڌ ۽ سنڌي‘ ـــ علي جعفري ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز 1982 ص 113
    12. صديقي محمد ادريس سنڌو ماٿر جي سڀيتا ـــ ترجمو: شمس سومرو سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ڇاپو ٻيو 1995 ص111
    13. ساڳيو ص 112
    14. Dikshit “Prehistoric Civlization of Indus Valley” p.3
    15. دانش احسان (حوالو ساڳيو) ص
    16. ساڳيو ص


    • مهين جي دڙي بابت مشهور ڏند ڪٿائون : عزيز منگي

    هن مقالي ۾ اسان جي ڳالهه جو محور ”مُهين جي دڙي بابت مشهور ڏندن ڪٿائون“ هوندو. ان حوالي سان سڀ کان اول ڏند ڪٿا جي وصف تي ٿوري روشني وجهنداسين.
    خدا جي ڳولا ۽ سندس سڃاڻ لاءِ، انسان ابتدا کان اڄ تائين ڪئين ڪشالا ڪڍيا آهن. انسان جي انهن ابتدائي ڪوششن ڏند ڪٿائن کي جنم ڏنو، جن مان ڪيتريون ئي ڪٿائون مذهب جي صورت اختيار ڪري ويون يا مختلف مذهبن جو حصو ٿي ويون.
    عالمگير مذهبن جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ دنيا جي تقريبن سڀني علائقن/ ملڪن ۾ ڏند ڪٿائون مذهبي حيثيت رکنديون هيون اڄ به دنيا جي وڏي آبادي ڏند ڪٿائن کي مذهبي حيثيت ڏئي ٿي ۽ ان ۾ ڄاڻايل خدائن، ديوتائن تي ايمان رکي ٿي. سزا ۽ جزا، جنت ۽ جهنم، نيڪي ۽ بديءَ جا جيڪي به تصور ڪٿائن ۾ ڄاڻايل آهن، انهن کي عقيدي جي لحاظ کان سچ سمجهيو ويو آهي.
    ننڍي هوندي کان مختلف ماڻهن جي واتان ٻڌندا ٿا اچون ته اهو دڙو جنهن کي مُهين جو دڙو ٿو سڏجي، اتي هڪڙو بادشاهه رهندو هو. هن جو نالو موهن هو. هڪ وڏي راڄ ڀاڳ ۽ دٻدٻي وارو راجا هو. سندس مُلڪ تي هن جي حڪومت عام لوڪن تي ڪو سٺو تاثر جوڙي ڪا نه سگهي هئي. راجا لاءِ مشهور هو ته هو عوام جو خيال رکڻ بدران مٿن ڏاڍ ۽ ڏمر سان حڪومت ڪندو هو. ملڪ جو خزانو حڪومتي ڪاروهنوار بدران راجا جي ذاتي عياشين ۽ شاهي خرچن تي صرف ٿيندو هو، جنهن ۾ شوق شڪار ۽ ناچ گانو اهم هو. راجا وٽ سهڻيون اپسرائون ۽ دوشيزائون محل ۾ موجود هونديون هيون ۽ هر وقت ساز ۽ سُرود جي محفل جاري و ساري رهندي هئي. راجا جي نظر جنهن به سونهن ديويءَ تي پوندي هئي، تنهن کي يا ته هو پنهنجي محل جي سونهن بڻائيندو هو يا وري عياشيءَ جو سامان.
    هُن پوري علائقي ۾ پڙهو ڏياري ڇڏيو هو ته، جنهن به ڇوڪريءَ جي وهانءَ جو ڪاڄ ٿيندو اُها سهاڳ رات سندس حرم خاني ۾ اچي رهندي ۽ ٻئي ڏينهن پنهنجي وَر سان گهر ويندي. اهو لقاءُ گهڻي وقت کان جاري هيو. نيٺ اهو ڏينهن به آيو، جو راجا جي ڀيڻ جي ڌيءُ جي جي شاديءَ جو ڪاڄ رچايو ويو جڏهن وهانءَ جون سڀ رسمون پوريون ٿيون تڏهن سڀني کي هِن ڳالهه جو انتظار هو ته، ڇا راجا پنهنجي ڪيل اعلان موجب ڀاڻج سان سهاڳ رات ملهائيندو؟ يا وري ڀيڻ جي ڌيءُ لاءِ پنهنجي اصولن جي برخلافي ڪندو!
    راجا پنهنجي اصولن جي برخلافيءَ بجاءِ ماڻهو موڪلي نئين ڪنوار کي محل ۾ گهرايو. اهڙو انياءُ ڏسي ڪنوار توڙي سندس ماءُ وڏي آهه و زاري ۽ گِريو ڪيو پر راجا هڪ به نه ٻُڌي ۽ پنهنجي هوڏ تي قائم رهيو، پر خدا اهڙي ڪرڻيءَ جي حق ۾ نه هو اُن جي خدائيءَ کي جوش آيو ۽ سندس ڏمر نازل ٿيو، جو سموري بادشاهي اونڌي ٿي تباهه ۽ برباد ٿي وئي ۽ زمين ۾ غرق ٿي وئي.
    اِها ڏند ڪٿا گهڻو عام ڪئي وئي آهي جو هر ٻيو ماڻهو ان جو ذڪر ڪندي ضرور ملندو ۽ ٻين تائين اهڙو قصو پهچائڻ کي فرض سمجهندو آهي.
    هِن سموري ڏند ڪٿا تي کوڙ سوال اڀرن ٿا جن کي پوءِ ذڪر هيٺ آڻيون ٿا ۽ انهن جا جواب پڻ ڏيون ٿا. پر ان کان اول ساڳي ڳالهه ۽ ڪجهه ٻيون به ڳالهيون حوالي طور هتي ڏيڻ ضروري ٿو سمجهان جن ۾ ان ڏند ڪٿا جو ذڪر اچي ٿو.
    منظور ڪوهياربرجستو اديب، ادب شناس ۽ ڪهاڻيڪار آهي. هن جي پهرين ڪهاڻي ڪتاب ”سج لهڻ کان پوءِ به...“ جي ٽائيٽل ڪهاڻي صفحي نمبر 39 کان شروع ٿئي ٿي. ان جو مرڪزي ڪردار سچيڏنو آهي جيڪو جهونڙو سائيٽ اٽينڊنٽ آهي. هُو مُهين جو دڙو گهمڻ ايندڙ مختلف مڪتبئه فڪر سان لاڳاپيل ماڻهن جا رَويا ۽ ذهني حالت ان ڪهاڻيءَ ۾ بيان ڪري ٿو.
    سچيڏني جي ڏاڏي ننڍي هوندي کيس جيڪو قصو ٻڌايو هو سو هن طرح بيان ٿو ڪري:
    ”وڏڙا ٻڌائيندا هيا ته اتي مهين جو شهر هيو.“ ”ابا جيڏو هيو شهر سهڻو، تهڙا هيا ماڻهو منهن مهانڊي وارا، مٿان وري هيو راجا ڪوڏيو ۽ بختاور ...... مهين جي هاڪ هئي..... ريسن کان ماڻهو مهين کي ڏسڻ ايندا هيا .... سڌون پيا ڪندا هيا ته شهر ۾ رهجي .... شهر ۾ رهڻ لاءِ منٿ ميڙ ٿيندي هئي..... جي مُکين جي پارت تي، راءِ راضي ٿيس ته پوءِ ڀلو ٿيو رهڻ واري جو ...... راڄ وارا کڻي جيءَ ۾ جايون ڏيندس .... ڦوڙيون ڪري پيا گهر ٺهرائيندس، ڌنڌي جو ڌڻي ڪندس...... ڏسندي ڏسندي اهو به مهين جو ٿي ويندو هيو ۽ مونهون ان جو .......“
    پوءِ ڏاڏي؟
    ”ٻچڙا، ڪو ته ڪلور ٿيو هوندو، جو سکيو ستابو مونهون اُجڙي ويو ۽ مهين وارن الائي ڪاڏي بر مُنهن ڪيو.“
    ”متان ائين ٿيو هجي، انهيءَ وقت ۾ به ڏاڍن ڏاڍ ڪيو هجي ۽ زورآورن زور آوريون؛“ هن اڄوڪي حالتن سان ڀيٽ ڪندي ڄڻ اندازو هنيون.
    منظور ڪوهيار هتي هڪڙي شيءَ لاجواب انداز ۾ ڏئي شروع ۾ بيان ڪيل ڏند ڪٿا کي رد ڪري ٿو، جنهن ۾ راجا کي ظالم ۽ سندس حڪومت کي رعايا لاءِ عذاب ڪوٺيو ويو آهي. منظور ڪوهيار پنهنجي ڪردار جي حوالي سان ان دور کي بهترين دور بيان ڪيو آهي. البته راجا يا بادشاهه جي هئڻ نه هئڻ تي اڳتي هلي بحث ڪريون ٿا.
    ساڳئي ڪهاڻيءَ ۾ پرائمري استاد پنهنجي شاگردن کي گهمائيندي هيئن ٿو چوي:
    ”اڙي شورئو!..... هي ٿوَ موهن جو دڙو! هتي اڻ آريا رهندا هئا! ڪچو گوشت کائيندا هيا... ٻڌوَ!؟“
    وري هڪ گول مٽول ڀيٽ وڏو پوليس وارو پنهنجي محبوبا کي هن ريت حوال ٿو ٻڌائي:
    گول مٽول مرد ڏاڪڻ چڙهندي هڪ وڏو ساهه کڻندي چيو ”اُف!“ ۽ پوءِ نوجوانڙي سان مخاطب ٿيندي چيائين:
    ”اڙي اهو ٿي راجا موهن داس جو بنگلو!“
    اُن اسٽوپا جي چوڌاري حجرن وارين ڪوٺين جي آثارن ڏانهن اشارو ڪندي پچيس،
    ”اهي ؟؟“
    ”اهي ـ اِتي راجا جو سپاهه رهندو هو.“
    ”اڙي اهو ته ٻڌاءِ ته هن بنگلي جي ڪچي ڀت تي بيهي راجا ڇا ڪندو هو؟“
    ”راجا ڇا ڪندا آهن؟!“
    ”مان کي ڪهڙي خبر ته ڇا ڪندا آهن.“
    ”اڙي ــ ديدار بازي ٻيو ڇا؟“ مرد اک هڻندي چيس.
    ”هون!“
    ”اُونئي، جوڻس ته وري ٻيڻي شوقين هئي.“
    ”نه، نه!“ نوجوانڙي کان شوق ۽ جستجو مان رڙ نڪري وئي.
    ”جوڻهس وري اهڙي سُرنگهه ٺهرائي هئي؛ جتان يار سان وڃي ملندي هئي......“
    ”ائي، ڪاٿي آ سُرنگهه ڏيکار؟“
    ”چڱو هِن ڀت تي چڙهي، اولهائين پاسي ڏي ڏس.“
    ڪجهه عالم سڳورا دڙو گهمڻ پهچڻ ٿا. منظور ڪوهيار هنن جي ڳالهه هن طرح ٿو پيش ڪري:
    عمر رسيده عالم سڳوري گوڏن جي سور جي دانهن ڪندي چيو ته، ”ابول! گوڏا ئي وٺجي ويا هن، ڪافر ڪيڏو نه مٿي رهندا هيا.“
    ”اڙي عبرت حاصل ڪيو، عبرت! هن منڪرن شهر مان.......“
    ”ڪتابن ۾ آيو ته، بادشاهه ڏاڍو ظالم، زاني، شرابي ۽ رب جو وڏو نافرمان هيو.... چوندو هيو مان رب آهيان!“
    ”هي سچو سمجهه ته شيطاني چرخو هو، مولانا محمد صادق!..... رَنا ڇيڪ ڇُڙيون وتنديون هيون...... گهر گهر ۾ ڇير پئي ڇمڪندي هئي، اڳيان رن ته پٺيان مرد .... محبت موڪلائي وئي.... مرد کي مرد کان نفرت ٿي وئي ........ پوءِ ته خدا جي رحمت کي اهڙو جوش آيو جو ملائڪ سڳورا موڪلي اهڙو قهر نازل ڪيائين، جوهي سڄو ڪفرستان، قبرستان ٿي ويو.“
    ساڳئي ڪهاڻيءَ ۾ موالين جو ٽولو دڙو گهمڻ پهچي ٿو. اهي ڪهڙا ٿا حوال ڪَٽين، اها ڪردار نگاري منظور ڪوهيار پاران ڪمال انداز ۾ چِٽيل آهي:
    نانگي فقير سِڱ کي وڄايو ته اتي بيٺل فقيرن کيس دل سان داد ڏنو،“ صدقا ڙي، صدقا نانگا!“
    ”ابا، هاڻي هيءَ ٿوَ راجا مهين جي ننگري، وڏي فقير، ڪاري ڏنڊي سان اشارو ڪندي سڀني فقيرن کي ٻڌايو.
    ”وڏا فقير هن کي ڪنهن اونڌو ڪيو هو؟“ هڪ فقير آثارن کي پنهنجي پر ۾ اونڌو سمجهندي سوال ڪيو.
    ”پنهنجي مرشد، ٻيو ڪنهن!“
    ”ڪيئن؟“
    ”اهو هيئن ته راجا هيو، آڙيڪاپ، جڏهن به شهر جي ڪا ڇوري جوان ٿيندي هئي ته ان کي اصلي هتي، جتي اسان بيٺا آهيون، گهرڙي گهوٽي ڦوڳ ڪري ڇڏيندو هيو.“
    ”پوءِ ڇا ٿيو جو، هڪڙي هئي پنهنجي مرشد سائينءَ جي مريدياڻي، ٺاهوڪي ڄڻ يمني عقيق....“
    ”اها مولائڻ........ وڏا فقير، مرشد سائينءَ جي مريدياڻي ڪيئن ٿي؟“
    ”اهو وڏو قصو آ، محبوب سائين!.... پوءِ جڏهن ان مولائڻ جو وارو آيو ته مولائڻ مرشد کي پاند جهلي سڏ ڪيو...... پنهنجو مرشد جلالي جلال ۾ اچي، هينئن جو ڏنڊو کڻي ڦيرايو ته سڄو ملڪ ئي اونڌو!“
    وڏي فقير جو ڏنڊو اسٽوپا جي پڳ جي ڏاکڻي پاسي اٽڪاءَ تي بيٺل سِر کي ٺڪاءُ ٿي ويو.
    ”پوءِ ڇا ٿيو مولائڻ جو؟“ هڪڙو فقير، جنهن غور سان قصو پئي ٻُڌو، تنهن وڏي فقير کان ڳڻتيءَ منجهان پڇيو.
    ”شينهن فقير، مرشد رڳو ان مولائڻ کي سرنگهه ٺاهي، جيئدان ڏنو، باقي ٻيا منڪر اصلي ڪٽو ٿي ويا.“
    ”ڪيو قادر، مرشد هو- هوت!.......“
    منظور ڪوهيار ساڳئي ڪهاڻيءَ ۾ لڳ ڀڳ ان ڏند ڪٿا کي مختلف ماڻهن ڪردارن جي واتان بيان ڪيو آهي. ڪجهه ڳوٺاڻن ۽ ڪاٽڪو انداز جي نوجوانن جو ذڪر هن ريت ٿو ڪري:
    مساڳ لڳل، ڪاري قميص ريشمي گوڏ پهريل نوجوان جنهن جي عمر ويهن پنجويهن جي وچ ۾ هئي، تنهن اسٽوپا جي چوٽيءَ تي چڙهندي هڪ وٽيل سٽيل قديلي جوان کي ٻڌايو، ”ادا، هي ٿئي مونهون!“
    ”ڀلا، هي جنهن تي بيٺاهون، اهو ڇاهي جانو؟“ قديلي جوان پڇيو.
    ”هي باشاهي ڪوٺو آ،“ جانوءَ جواب ڏنس.
    ”بادشاهه ڇا ڪندو هو، ڪوٺي تي؟“
    ”شام جو باشاهه ڪوٺي تي بيهي تاڙ ڪندو هو.“
    ”ڇا جي؟“
    ”ٻُڌوَ ڇا جي؟......“ جانوءَ ٻين ڏانهن منهن ڪندي، سندس اڻ واقفيءَ تي چٿر ڪندي ٻڌايس.
    ”اڙي تاڙو هو رنن جو، پيو ڇا!......“
    ”ها ائين چئه نه ....... هاڻي ڳوٽ ڀڳي.“
    ڪهاڻيءَ جي آخر ۾ هڪ بيورو ڪريٽ ۾ سندس ڪٽنب جو ذڪر آهي، جيڪي به زماني گرديءَ جو مظاهرو ڪن ٿا ۽ مُهين جي دڙي تي فقط تفريح لاءِ ۽ وقت گذارڻ لاءِ اچن ٿا ۽ سندن اولاد پڻ عام ماڻهن واري سوچ رکي ٿي. ڏسو ڪهاڻيءَ ۾:
    سائيٽ اٽينڊنٽ سچيڏني آخري ڀيرو نوجوان ڇوڪريءَ کي اسٽو پاجي پڳ تي بيهندي ڏٺو ۽ ٻُڌو هو:
    ”پاپا، هتان جا ڀائي بيوقوف هيا نه؟......... جو بنا ڇتين وارين جاين ۾ رهندا هيا.“
    سندس انهيءَ معصوم ۽ وڻندڙ اڻڄاڻائپ تي صاحب ۽ بيگم صاحبه کان بي ساخته ٽهڪ نڪري ويا هئا.
    اِهو هيو ڪِن پڙهيل لکيل ۽ زباني ٻڌل ڏند ڪٿائن جو ذڪر. هاڻي انهن جي ڪجهه ڇنڊ ڇاڻ ڪنداسين.
    ڏند ڪٿائون، بنيادي طور انسان تاريخ جو اهم ترين حصو آهن، جن کي پڙهڻ ۽ پروڙڻ هر باشعور انسان لاءِ بيحد ضروري آهي. هي ڪٿائون انسان جي شعوري تمدني تهذيبي ۽ مذهبي سفر جو ڀرپور داستان بيان ٿيون.
    يورپ ۾ مينا، فونيشن، ائٽراسڪن، يوناني، رومي، فرينچ، اسپيني ۽ انگريز شهنشاهتون، فوجي حڪمرانن، فوجي ڪارواين ذريعي قائم ڪيون. جن جا بنياد ظلم و جبر، قتل و غارت، ڦرلٽ، تباهي ۽ برباديءَ تي رکيل هئا. اهڙي طرح فوجي حڪمرانن پنهنجا گناهه لڪائڻ ۽ پنهنجي اقتدار کي مستقل رکڻ لاءِ مذهب ۽ ڏند ڪٿائن کان ڀرپور فائدو ورتوو. ظلم، زوري زبردستيءَ سان وڏيون وڏيون مملڪتون، شهنشاهتون قائم ڪندڙن لاءِ ضروري هو ته عوام کي پنهنجو غلام ۽ تابع رکڻ لاءِ مسلسل خوف، دهشت، رعب ۽ دٻدٻي کان ڪم وٺندا رهن.
    دنيا ۾ سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب جو ظهور هڪ انتهائي اهم ۽ عجب ۾ وجهندڙ انڪشاف هو. جنهن کان پوءِ ننڍي کنڊ جي سموري تاريخ چٽيءَ طرح پنج هزار سالن کان به اڳ جي ڳالهه بڻجي وئي.
    اڳي وارا ماڻهو حقيقت ۾ اسان جي سهولت لاءِ لکت ۾ ڪو خاص مواد باقائدي نه ڇڏي ويا آهن. سواءِ مُهرن (Seals) يا ٿانون وغيره تي اُڪريل اکرن جي، پر ان هوندي به انهن غير ارادي طور تي پنهنجي زندگيءَ بابت جيڪي نشان ڇڏيا آهن، اهي اسان جي مقصد لاءِ ڪافي آهن، جن مان اسان کي سندن زندگي ڪار وهنوار، کاڌي پيتي، ريتن رسمن، وڻج واپار هنر ۽ فن عمارت سازي ۽ سماجي حالتن بابت ٺيڪ نتيجا اخذ ڪرڻ يا انهن جو اندازو لڳائڻ ۾ گهڻي دِقت محسوس نٿي ٿئي.
    آرڪيالاجيءَ جي ڳرن اصطلاحن ۾ پٿرن، سِرن ۽ ٻين رديءَ جي شين بابت مٿاڇري راءِ ڏيڻ يا ڳالهائڻ ڪا تفريح جي ڳالهه ناهي ۽ نه ئي وري ان ۾ لفاظي، شاعري، تمهيد بازي ۽ مبالغا آرائيءَ کي ڪو عمل دخل آهي، هي سڌو سنئون ماضيءَ جو اڀياس آهي، جنهن ۾ حقيقتون گڏ ڪرڻ ۽ انهن جو سچو هجڻ وارو امڪان لازمي آهي.
    سڀ کان پهرين مٿين ڏند ڪٿائن کي رد ڏيڻ لاءِ هي دليل ڪافي آهي ته مُهين جي آثارن جي کوٽائيءَ مان ڪنهن به بادشاهت يا شهنشاهت جو نشان نه مليو آهي.
    البته مها پوڄاري ڪنگ پريسٽ ۽ ڊانسنگ گرل (ناچڻي) جا مجسما مليا آهن، سي به هڪ اڌ نه ڪِي گهڻي تعداد ۾. جي بادشاهي راڄ هجي ها ته جيڪو راجا ٻيو سڀ ڪجهه ڪري سگهيو پئي اهو پنهنجا مجسما گهر گهر نه رکرائي ها، ان حساب سان گهٽ ۾ گهٽ سندس سوين مجسما ته ملڻ ئي گهرجن ها.
    مُهين جي دڙي مان مليل شين ۽ آثارن مان چڱي طرح اندازو ٿئي ٿو ته اتي ڪو بادشاهي يا حڪمرانيءَ وارو مخصوص نظام نه پر اوائلي اشتراڪي ۽ جمهوري نظام رائج هو جنهن تحت چڱو مڙس يا مُکي هوندو جيڪو اتي اڳواڻ هوندو.
    ٻيو دليل اِهو ته، سڀني ڏند ڪٿائن ۾ راجا کي هندو ۽ ڪافر ڪري پيش ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هتي هندو مذهب نه پَر ٻُڌ ڌرم جي اسٽوپا جا آثار موجود آهن، جيڪي به مُهين جي اصل قدامت سان تعلق نٿا رکن.
    گوتم ٻڌ کي اندازن 2600 کن سالن ٿيا آهن جو هو ساڍا ڇهه سؤ قبل مسيح سان تعلق رکي ٿو. هندو مذهب جي ابتدا ۽ نشانيون ويدن مان ملن ٿيون جيڪي اندازن 1200 قبل مسيح ۾ لکيا ويا، انهن کي هاڻي تقريباَ 3500 / 3400 سال ٿين ٿا، پر مُهين جو دڙو 5000 کان 8000 سال پراڻو آهي ته پوءِ اتان جو مذهب هندو ڪيئن ٿيو ۽ پوءِ راجا هندو ڪيئن هو؟
    مُهين جي دڙي مان ڪنهن خاص هڪڙي شيءِ جي پوڄا جا نشان نه مليا آهن. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته انهن جو ڪو مخصوص مذهب نه ٿو ٿي سگهي. البته کين ماديت پرست ڪوٺي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته اُهي مادي شين ۽ مادي وجودن جي پوڄا ڪندا هئا. نانگ موت مار جِيوُ هيو ته ان جي پوڄا ڪيائون، وڻ کين ڇانَو ڏيندا هئا، ڪاٺيون مهيا ڪندا هُئا، طوفان کان مينهن کان، دشمن جانورن کان بچاءُ مهيا ڪندا هئا ته وڻن جي پوڄا ڪيائون. اهڙي طرح باهه يا اگني پوڄا، جَل پوڄا (پاڻيءَ جي) وغيره ڪندا هئا. ٻين لفظن ۾ ائين چئي سگهجي ٿو ته زندگيءَ کي آسان بنائيندڙ يا زندگيءَ جي وهنوار سان وابسته شين جي پوڄا ڪندا هئا. اِهي شيون ٻي ڳالهه آهي ته ڪنهن حد تائين ٻين مذهبن ۾ به پوڄيون ويون آهن. پر ان جو مطلب هي ناهي ته مُهين جي ماڻهن جو مذهب هندو ڌرم يا ٻُڌمت هو.
    ڪافي سال اڳ مون مشهور آرڪيالوجسٽ ڊاڪٽر احمد حسن دانيءَ جو آڊيو انٽرويو اُتاريو ۽ سنڌي ترجموڪ ڪيو هو. ان ۾ هن ٻڌايو هوته، مهين تي وڏي صوبي کان آيل هڪ ڪيوريٽر سياحن کي چوندو هو ته هي ڪافرن جو دڙو آهي، ان کي گهمڻ ڏسڻ گناهه آهي، هُو ٻچن جي روزيءَ واسطي هتان نوڪري ڪري پگهار کڻي رهيو آهي. هِن انٽرويوءَ ۾ هن ڳالهه جو اقرار ڪيو ته، جيڪي آفيسر يا قديم آثارن جا ماهر پنجاب يا سرحد مان هتي ايندا رهيا آهن انهن مُهين کي ڄاڻي واڻي نظر انداز ڪيو آهي. جنهن پٺيان مذهبي تنگ نظري ۽ ثقافتي مفاد ڪار فرما هوندا هئا.
    رڳو ٻين صوبن تي ڪهڙو ڏوهه ڏجي. هتي ته پنهنجن به پوئتي رهڻ ۾ ڪسر نه ڇڏي آهي. مان ڪجهه سال اول دوستن سان گڏجي دڙو گهمي پوءِ وڏي اتساهه مان هڪ ٻروچ ذات جي ڪيوريٽر سان ملڻ لاءِ شبستان هوٽل جي اوڀارين طرف قائم سندس آفيس ويس. کانئس وڌيڪ معلومات وٺڻ لاءِ سوال ڪيو ته هُن، جواب ڏنو، ”بابا توهان اجايو رُلي مُئا آهيو، هي به ڪا گهمڻ جي جاءِ آهي. خدا چڱو ڪيو جو هن شهر کي برباد ڪيائين ۽ ڪافرن کي پنهنجي انجام تي پهچايائين. منهنجو وس پُڄي ته هنن دڙن کي به برباد ڪري ڇڏيان.“ عجب جي ڳالهه هيءَ به هئي ته اُهو ڪيوريٽر ڏوڪريءَ جي ڀرسان جو رهاڪو هو ۽ سالن کان اُتان پهگار کڻندو رهيو. مطلب ته ڪافرن جي شهر ۽ ماڳ مڪان تان پهگار کڻڻ حلال سمجهندو هو پر سندن نشانين ۽ آثارن کي اسلام لاءِ خطرو سمجهندو هو.
    ان حقيقت کان منهن نٿو موڙي سگهجي ته مقامي ماڻهن پاران اهڙي قسم جي سوچ ڌارڻ يا راءِ ڏيڻ يا غلط بياني ڪرڻ جو جواز انتظامي قدمن جي اڻ هوند ڪري پيدا ٿئي ٿو. ان سلسلي ۾ اسان جي ماڻهن کي هر سطح تي اڻ ڄاڻ ۽ اٻوجهه رکيو ويو آهي. سندن ذهنن ۾ هٿرادو قصا ۽ ڪهاڻيون گهڙي، آثارن بابت نفرت ڦهلائڻ جهڙا عمل ڪيا وڃن ٿا. قديم آثارن وارو کاتو ۽ ثقافت کاتو ٻاهرين ملڪن جي سياحن ۽ سنڌ کان ٻاهران ايندڙ ماڻهن لاءِ معلوماتي ۽ سندن دلچسپيءَ ۽ رهنمائي ۾ اضافو ڪندڙ مددگار مواد (Literature) شايع ڪرائي کين مهيا ڪن ٿا پر مقامي لوڪن کي سنڌو ماٿريءَ جي هن عظيم اهڃاڻ سان گڏ ٻين اهڙن ماڳن بابت بنيادي ڄاڻ ڏيڻ ته پري پر اُلٽو کين مذهبي، اخلاقي ۽ سماجي وهمن، وسوسن ۽ اَبهامن ۾ جڪڙي ذهني طور مفلوج ڪرڻ جو سامان مهيا ڪيو وڃي ٿو ۽ ان جو نتيجو، سڀني آثارن جي مڪمل برباديءَ جي صورت ۾ ظاهر آهي.

    حوالا

    1. يوناني ڏند ڪٿائون“_ يوسف شاهين. 1989ع
    سنگم پبليڪيشن ڪراچي (صحفو 5-6).
    2. ”سج لهڻ کان پوءِ به“ منظور ڪوهيار 1995ع.
    نئون نياپو پبلشرس ڪراچي. (صحفو 40).
    3. ساڳيو (صحفو 41).
    4. ساڳيو (صفحو 43,44).
    5. ساڳيو (صفحو 45,46).
    6. ساڳيو (صفحو 50,51).
    7. ساڳيو (صفحو 51,52).
    8. ساڳيو (صفحو 55).
    9. يوناني ڏند ڪٿائون (صفحو 11).
    10. ساڳيو (صفحو 10).


    • موهن جو دڙو : احمد علي ”صابر“ چانڊيو

    حقيقت کي آڏو رکي سنڌو ماٿر جي شاندار ماضيءَ جي تهذيب کي اگر ويچار هيٺ آڻبو ته دنيا جون مهذب ۽ آسوديون جيڪي به تهذيبون آهن جن سمير، بابل، نينوا، مصر، گنڌارا ۽ سنڌو تهذيب تن ۾ سنڌو تهذيب جي هڪ خاص ۽ نمايان حيثيت رهي آهي ۽ صديون پراڻي تهذيب رهي آهي هڙپا ۽ مهين، جهڪر ۽ آمري سڀ جون سڀ ترقي يافته تهذيبون آهن.
    سنڌو ماٿر ۾ ملندڙ اهڃاڻن مان پرک پئي ٿي ته هتي عظيم ٻولي، عظيم ثقافت ۽ عظيم هنر، عظيم وسنديون هيون. پتل، ٽامي، عاج، پٿر ۽ ٺڪر جو سامان، شطرنج جون ساريون، رانديڪا، وٽ، مهرون، سڪا، زيورات، سپون ۽ ٻيو سامان جن ۾ چلها، پٿر جا گول اوزار جيڪي پاڇي جي ماپي مان وقت جو علم ڏيندڙ هئا، ڪونڊا، ڪپا ٺڪر جا اسٽول ٺڪر جا ٻيا برتن تن جن ۾ اناج ۽ پاڻيءَ جو ذخيرو ڪيو ويندو هئو. بند گهٽيون، ناليون، ڍڪيل کوهه وهنجڻ جا تلاءَ، بورچي خانه، ڪوٺا، هارين ۽ مزدورن لاءِ الڳ الڳ محلا، واڍن ۽ ڪاريگرن لاءِ الڳ، محافظن لاءِ الڳ ته عالمن حڪيمن لاءِ الڳ جايون، هڪ منصوبي تحت اهڙي ته تربيت ۾ جوڙيل هيون جو اڄ جي ترقي يافته دور ۾ اهڙيءَ طرح جي آرڪيٽيڪ جي فن تي رشڪ ڪري سگهجي ٿو. جڏهن ماڻهو غارن ۾ رهندا هئا، سنڌو ماٿر وارا هڪ خاص منصوبه بنديءَ تحت جوڙيل وستين ۾ آباد هئا. وٽن ٻولي هئي، هنرمندي هئي، وٽن حڪمرانيءَ جو واحد عظيم ترين نظام هئو. ضروري صنعتون، دفاعي صنعتون، زرعي ۽ واپاري هنرمندي سان مالا هئا. 240 ايڪڙ تي مشتمل مهين جو شهر دنيا جي دل تي تهذيبي اهڃاڻن ۾ مالا مال ٿو ڏسجي. 3500 ق.م آمري، 2500 ق.م ڪوٽ ڏيجي ۽ موهن جي دڙي مان دريافت تمام شين مان پرک ٿي پوي ته سنڌو تهذيب هڪ شاهوڪار تهذيب هئي جن جا رشته ميسوپوٽيميا، عراق، ايران ۽ ٻين تهذيبن سان هئا.
    اشوڪا جي زماني ۾ انهن تهذيبن تي اسٽوپا جوڙي ڄڻ قبضا ڄمايا ويا آهن. ورنه هي تهذيبون ٻڌ زماني کان به ڪيئي هزار سال جهونيون آهن. موهن کي اگر اڀياسي مطالعي هيٺ آڻبو ته پرک ٿي پوندي ته هتي هڪ ٻه نه بلڪ ٽي چار ڀيرا اٿل پٿل آئي آهي. هنن کنڊرات جي اندر ٻيون مدفون تهذيبون آهن. اگر اڄ جي دور ۾ انهن کي ظاهر ڪيو وڃي. اهڙا به اوزار آهن جن جي وسيلي مدفون تهذيبن جي جاچ وٺي سگهجي ٿي. ڪن عالمن ۽ محققن جي راءِ آهي ته ڪنان هيوڪ ”ترڪي“، جيروڪو ”فلسطين“ ۾ جيڪي شهر تعمير ٿيل هئا سي 7000 هزار کان 8000 هزار سال ق.م ۾ ٻڌايا وڃن ٿا، تن جي تعميرات ۽ سنڌوءَ جي تهذيب جي تعميرات ۾ اڻلکو فرق نظر اچي ٿو. 1500 ق.م جي سنسڪرت اشلوڪن ۽ پراڻن قياس آرائن مان پروڙپئي ٿي ته دنيا جو عظيم ترين تهذيب يافته شهر ”ان جو نالو ڇا به هئو“ جيڪو سنڌوءَ ڪناري ڪورئو کيتر (کيرٿر) ۽ هالاري پهاڙن جي لڳ (موهن جو دڙو) هڪ عظيم ترين تهذيب جو گهوارو آهي.
    1922ع کان 1925ع ۾ کوٽائي جي وقت ماهرِ آثار قديمه جي لڌل تهذيب (موهن جو دڙو) زندگي جي ارتقائي تاريخ جو حسين منصوبو هئو جنهن جو مثال چند تهذيبن مان ملي ٿو. جيڪا ڪانسي جي عهد سان تعلق رکي ٿي. جتي شيشي طور پتل کان ڪم ورتل آهي. زيوارت جي بناوٽ، ڪپڙي جي بناوت، سمبارا ۽ ڪنگ پريسٽ جي جسم تي چوڙيون، زيوارت ۽ اجرڪ مان معلوم ٿئي ٿو ته موهن جو دڙو تهذيب دنيا جي مهذب تهذيبن مان آسودي تهذيب هئي. قديم فارس جي پڪاني خط مان مٽيءَ جي ملندڙ فرحين ۽ لکت مان به سنڌو تهذيب جي ڄاڻ ملي ٿي. عرصه دراز ۾ مصر، عراق، فارس ميسوپوٽيميا ۽ سنڌ جي شهرن جا خاڪا ٿورڙي فرق سان واضع هئا. مصر جي احرامن مان ملندڙ ممي مٿان ململ جو ڪپڙو سنڌو جي صنعت جي ساک ٿو کڻي. ڪنگ پريسٽ جي بدن تي اجرڪ، ۽ ملندڙ قومي نشان روجهه پڻ هڪ خاص ثقافت ۽ هنرمندي جا اهڃاڻ ظاهر ڪن ٿا. تن ملندڙ اهڃاڻن مان تلوار، ڪوڏر، ڏاٽو، کُرپي ۽ چاڪو وغيره ڪين ٿا ملن. هتان پٿر جي ”اُچر“ ڪهاڙي، ڀالا ۽ نيزا مليا آهن. باقي تير، ٻاڻ وغيره به ڪين ٿا ملن جن مان پروڙ پئي ته سنڌو ماٿر وارا شڪار لاءِ اوزار جوڙيندڙ هئا، نه ڪي جنگ لاءِ. بحرحال سنڌو ماٿريءَ جو فن تعمير ۽ عام ٽيڪنيڪي طريقه ڪار هڪ اعليٰ ۽ انفرادي حيثيت رکندڙ آهي.
    سنڌ ڌرتي جتي وڻج واپار، طب، صفائي، ذهني لطافت، هنر علم فن اوج تي هئي. عالمن جي راءِ مطابق ڪلديا، سمير، اشور بابل، مصر جو قومون تهذيب جون نشانيون هيون. 1922ع ۾ سنڌوءَ جي الهندي ڪپ تي لاڙڪاڻي ضلعي ۾ جيڪي کنڊرات لڌا ويا تن کي ڏسي مهذب ۽ ترقي يافته دنيا جي ڏندن ۾ آڱريون اچي ويون. موهن جو دڙو ڪيترو جهونو آهي. تنهن بابت ڏاهن جي راءِ آهي ته هزارين سال ٽي چار ڀيرا نئين سر جوڙيو ويو ۽ تباهيءَ هيٺ آيو. موجوده دڙي جي عمر لڳ ڀڳ 5000 هزار سال ٿي ٻڌائي وڃي.
    کوٽائيءَ جو ڪم 1924ع ۾ شروع ٿيو ۽ 1931ع تائين جاري رهيو. سر جان مارشل ان جي نگراني ڪئي جيڪو هندوستان جو آرڪيالاجيڪل ڊائريڪٽر هو. هي دڙو ڪنجهو دور جو شهر (مهراڻ 1982 جلد 31 ص:148) هن دڙي جا کنڊر 240 ايڪڙن تي پکڙيل آهن.
    سر جان مارشل جڏهن شهر کي کوٽائي بعد ڏٺو ته تعجب ۾ پئجي ويو ته هاڻوڪي دور ۾ به اهڙو شهر ڪٿي ورلي هوندو جيڪو هڪ شاهوڪار تهذيب جو ڏيک ڏئي ٿو. هي اهو شهر هيو جتي جون عورتون ٻوهر ۽ گندو پاڻي ڪڍڻ لاءِ ڪا تڪليف نه ڪنديون هيون. ههڙي حسين شهر ۾ شايد ڪوئي بيمار ڪين ٿيندو هوندو. هيءَ سرزمين بهشت نما هوندي. هن تهذيب بابت ”ڪروسر“ متاثر ٿيندي چيو ته هيءُ شهر جنهن سرزمين تي آهي. ان لاءِ يقيني دعويٰ سان چئجي ٿو ته اهو برابر انسان ذات جو گهوارو آهي. تهذيب جو عروج هئو، جنهن جي تهذيب ساري دنيا لاءِ مهذب پڻو عام ڪيو. اها ڌرتي يقيني دعويٰ سان چئجي ٿو ته اهو برابر انسان ذات جو گهوارو آهي. تهذيب جو عروج هئو. جنهن جي تهذيب ساري دنيا لاءِ مهذب پڻو عام ڪيو. اها عظيم هندستان جي باتهذيب وادي سنڌ آهي.
    ڊاڪٽر سر اقبال مطابق سنڌ جو منهن اسلامي ملڪن ڏانهن آهي. پٺي هندستان ڏانهن مشابهت مصر جهڙي قديم تهذيب واري باشعور قوم سان سجيل آهي. جنهن مالڪ جي اوائلي تهذيب جڏهن ايڏي شاهوڪار هجي ۽ شاندار هجي. هتي جا غسل خانه ڍڪيل، ترتيبوار گهٽيون اونها کوهه، ڍڪيل نيڪال جون ناليون، سئمنگ پول، پڪيون، پختيون، ويڪريون ڀتيون، اسٽوريج خانه، ڪنهن ماهر تعميرات جي سالن جي محنت ٿي نظري. کوهه هڪ ماڙ کان ٻه ماڙ تائين پهچائڻ ۽ ٻه ماڙ کان ٽه ماڙ تائين آڻڻ. ورت ۽ ٻوڪن وسيلي پاڻي ڪڍڻ، موسم ۽ ماهيت جي فن جو انوکو انداز لڳي ٿو ته ڪنهن سائنسي رٿابندي سان اعليٰ ذهن رکندڙ آرڪيٽڪ، هي شهر 240 ايڪڙن تي تعمير ڪرايو هوندو. پٿرن سان پيڙهه کي پڪو رکڻ، سرن جا بٺا تيار ڪري پڪيون سرون لڳائڻ ۽ انهن ڀتين ۾ ڪچيون سرون ڏئي گھرن کي گرمي توڙي سردي کان بچائڻ، بدبوءِ کان بچڻ لاءِ هوادار ۽ وينٽليشن ڏيڻ. رنڌڻي، غسل خاني کي علحده بنائڻ ۽ حفاظت سان رکڻ. بند گهٽيون سَتُرَ سان هڪ ٻئي گهر طرف اچ وڃ، ٻه ٽي ماڙ گهرن جي بناوٽ هنرمندي جو ثبوت آهي. تلاءَ تي نظر ڌربي ته حيرت ۾ اچي وڃبو، جيڪو اڄ ڪلهه جي ڪنهن فائيو اسٽار هوٽل جي سئيمنگ پول کان گهٽ ڪين آهي. ان ۾ استعمال ٿيل سرون ڪنهن خاص قسم جي سنگ مرمر جو ڪم ڏين ٿيون. اهو تلاءُ 39 فوٽ ڊگهو، 23 فوٽ ويڪرو ۽ 9 فوٽ اونهو آهي. جنهن کي کوهن مان ٻوڪن ذريعي تازي پاڻيءَ سان ڀريو ويندو هئو. گٽهين جي ويڪر 09 فوٽن کان ويندي 34 فوٽن تائين آهي. جيڪي اڌ ميل ڊگهيون آهن.
    سارو شهر مستطيل بلاڪن ۾ ورهايل آهي. شهر جي اوڀر ۾ هڪ وستي آهي. جتي خاص ماڻهن جا محل آهي. ڏکڻ طرف ڪيتريون وستيون هيون جيڪي مزدورن، ڪاريگرن ۽ دفاعي ماڻهن جون هيون. جن کي درياءُ ڳهي ويو ۽ ڪي بچيل آهن. مرڪز ۾ اشوڪا، ٽيون ڀيرو ٻڌمت جو اسٽوپا جوڙايو ۽ محل بنايو. جنهن جي هڪ طرف مزارن جون جايون، ٻئي طرف مذهبي پيشوائن، عالمن ۽ شاگردن لاءِ ديوان ۽ هجرا هئا. هڪ خاص گونيا تي هنرمنديءَ سان جوڙايل شهر هئا پوري وستيءَ کي ڪو خاص نالو هوندو هو. سنڌو درياءَ تي واپارين جي ولوڙ ٿيندي هئي ٻيڙا ڀري وڻج واپار لاءِ ويندا هئا. ڪاسبي ۽ پورهيتن لاءِ پڻ پڪا گهر جوڙايل هئا. “The Life” مطابق هتي جي صفائيءَ جو انتظام آمريڪا جي جديد ترين شهر کان به وڌيڪ بهتر جوڙايل آهي.
    قديم سنڌ ۽ سنڌين جون اهي سڀ خوبيون جي کوٽائيءَ بعد سامهون آيون آهن. دڙي جي اندران لڌل شيون ته حيرت ۾ وجهندڙ آهن. پنج هزار سال يا ان کان اڳ ۾ ڪيڏا نه هنرمند انسان هئا. جو زندگيءَ جي پورائيءَ لاءِ هر مهارت کي ڪتب آندائون. تور لاءِ وٽ تارازيون، رهائش لاءِ پڪا گهر، ناليون، تلاءَ، کوهه، گهٽيون، ڏاڪڻيون، سينگار لاءِ شيشا ڦڻيون، سرمينداڻيون، راندين جو سامان. پاڻيءَ لاءِ دلا، مٽ گهاگهريون، ڪپا، ڪنگريون، ماٽيون، چاڏيون وغيره. اناج لاءِ ماٽا، سگريون، چلها، مارنگ، شڪار لاءِ اوزار، ڪاٺ ڪٽڻ لاءِ واهولا، ڪهاڙيون ۽ ڪارايون، سجاوٽ جي سامان سان گڏ ڳهه ڳٺا وغيره مطلب ته زندگيءَ جون سڀ ضروري شيون تيار ڪندڙ هئا.
    دنيا جا ڏاها انسان هن مهذب وستيءَ کي ڏسي اچرج ۾ گهريل آهن. هي شهر صحت ۽ سائنسي اصولن تي جوڙيل تهذيب ۽ تمدن جو گهوارو آهي قبل مسيح جا ماهر ڪيترا نه شاهوڪار ذهن رکندڙ هئا. سندن ڏاهپ ۽ ترقي يافته هئڻ ۾ ڪا به ڪثر باقي ڪانهي رهي. قديم آثار جي ماهرن ان ڳالهه کي مڃي ورتو آهي ته هتي جي مهذب واديءَ جا رهواسي 5000 سال جيڪي شاهوڪار ذهن هئا. تن جي حرفت ۽ هنرمندي کي اوس مڃڻو پوندو. جيڪي ڪاروبار، وندر، هنر تهذيب و تمدن ۽ صحت جي معاملن ۾ ڏاڍا ڏاها هئا. هن وستيءَ کي ڏسي پوري دنيا سنڌ جي مهذب پڻيءَ کي داد ڏي ٿي. اهڙا ٻيا به ڪيترائي دڙا، ڀڙا ۽ ماڳ آهن جيڪي پڻ سنڌ جي سڀيتا جي ساک ٿا کڻن. هڪ خاص ڳالهه ته سمير نينوا ۽ بابل جون تهذيبون مهين جي تهذيب جو ڏيک ڏين ٿيون. موهين جي لڌل شين مان ڪنگ پريسٽ جي سيني تي اوڙهيل اجرڪ جو نشان کليل ثبوت آهي ته اجرڪ به اوترو ئي پراڻو آهي جيتري هيءَ وادي، مصر جي احرامن ۾ ممي کي اوڙهيل ڪپڙو به سنڌ مان جوڙيل ٻڌائجي ٿو. پروفيسر ايڇ سائيس مطابق عراق جا محل به هتي جي اڏاوت کان متاثر ٿيل ڏيکارجن ٿا. هتي جا شهر عراق جي ”ار“ جي گهرن جي اڏاوت کان وڌيڪ خوبصورت مضبوط آهن.
    عراق جي سمير آثارن جي کوٽائي مهل اتان هن دڙي جون ٺهيل گهڻيون شيون مليون آهن. مسٽر ايڇ آر جو به خيال، مسٽر پروفيسر ايڇ سائيس جهڙو آهي ته ڏکڻ عراق مان لڌل شيون به سنڌ جي دڙي جهڙيون ۽ اتي جون آهن. ماهرن جو اهو به رايو آهي ته ”ڦيٿو“ ۽ ”هر“ سنڌ جي ايجاد آهي. پوکي جو رواج دستڪاري ۽ هنري کان وندر تائين، وڻج واپار کان ويندي گهرو صنعت جي مهارت ۾ ڏاڍا شاهوڪار آهن. ڪن ماهرن جو چوڻ آهي ته سنڌ ۽ سمير ٻئي تهذيبون ذري گهٽ همعصر آهن. واضع رهي ته موهين کان ماٿر کان اڳ ۾ دنيا جي قديم تريم تهذيب سمير کي ليکيو ويندو هئو، مگر هن کي کوٽائي بعد سمير تهذيب تي سنڌو تهذيب جو وڏو اثر نظر اچي ٿو.
    موهن جي دڙي مان جيڪي به نوادرات هٿ آيا آهن تن جي اڀياس بعد پوري دنيا جا ڏاها حيران آهن. مٿي ذڪر ڪيل زندگيءَ جي ڪارج لاءِ ته مهذب ۽ ترقي يافته هجڻ جو ثبوت ٿو ملي. ٻيو ته انهن نوادرات ۾ مورتيون جيڪي مليون آهن تن مان طب جي علم جي ڄاڻ پڻ ملي ٿي. وڻ سان گڏ جنهن ديويءَ جي شڪل آهي جنهن جي ڀر ۾ هڪ پڄاري ۽ هڪ جانور نظر اچي جيڪو قربانيءَ جو (سمبل) نشان ليکيو وڃي ٿو. تن جي ڀرسان 7 ساهڙيون قطار ۾ بيٺل نظرن ٿيون. ڪن مفڪرن جي راءِ آهي ته ديوي مسيحائي ٿي ڪري ست ئي ساهيڙيون ست بيماريون آهن.
    موهن جي ماڻهن کي دراوڙ به ڪري لکيو ويو آهي. ڪٿي ته وري اڻ آريه ”اڻ سڌريل“ طور به ظاهر ڪيو ويو آهي اگر فڪر سان جاچيو وڃي ته اُهي انسان جيڪي صدين اڳ ايترا مهذب هئا، سي اڻ سڌريل ڪيئن هوندا.
    دراوڙي ٻولين، گونڊي، ساورا، سنٿالي ۽ مهنداري وغيره ۾ به آهي، جنهن ۾ ٿانَو پچايا وڃن ٿا. سنڌيءَ ۾ ساڳيو لفظ استعمال ٿيل آهي سمبارا ناچڻيءَ کي چئجي ٿو، دنيا جي ڪجهه ٻولين جو اثر ان وقت به سنڌي تي نظر اچي ٿو.
    اڳ زماني ۾ قومون خاص ڪري آبي گذر گاهن جي ڪنڌيءَ ٿي هونديون هيون ۽ وڻج واپار به آبي رستي ٿيندڙ هئا. کڻي اک سان ڏسڻ بعد پروڙ ٿي پئي ته سنڌي صدين کان عظيم شان ثقافت، هنر، ٻولي، تهذيب رهڻي ڪهڻي جا امين هئا جيڪي ڌارين جي يلغارن سبب گهڻو ڪجهه وڃائي چڪا آهن. موهن جي دڙي جهڪر ۽ ڪاهوءَ جي دڙي جهڙيون هزارين وسنديون اهڙيون آهن جن جي اڀياس بعد اهو فخر سان چئي سگهجي ٿو ته اڻ آريه جو لفظ بي معنيٰ آهي ايڏي پروقار باتهذيب قوم کي اڻ سڌريل چئي پنهنجي ذهن الحقيري جو ثبوت ڏنو ٿو وڃي. اچو ته موهن جي سڀيتا کي ٻين سان ڀيٽي ڏسون. پوءِ هڪ راءِ قائم ڪريون ته مهين ماٿر جا رهواسيءَ يا سنڌ جا رهواسي اڻ سڌريل سماج جا فرد هئا يا دنيا جي ان سڌريل سماج جا جيڪي هزارين سال اڳ ايترا مهذب ۽ ڏاها هئا. سنڌ جي ماڻهن جي تعلقات جي پروڙ به موهين جي تهذيب مان ملي ٿي. وري موهين جي پيٽ مان هٿ آيل ڪوڏن، ٺڪرن، هڏن مورتين، سپن ۽ ڪوئلن جي اڀياس مان پرک پئي ته زمين دوز هئڻ جي صورت ۾ به 3 کان 5 هزار ق.م جا ڏسيا وڃن ٿا. سنڌ جي تهذيب سنڌوءَ جي وهڪري سبب ئي آهي. جيڪا ندي دنيا جي سترنهن وڏين ندين مان هڪ آهي.
    دنيا جون تهذيبون ندين جي ڪارڻ وجود ۾ آيون جي ڪڏهن مصر ۾ نيل، عراق ۾ فرات، ترڪستان ۾ جيحون ۽ سنڌ ۾ سيحون (سنڌو) نه هجن ها ته جيڪر ايڏيون تهذيبون جنم نه وٺن ها.
    ويدن جي چوڏهن منڊلن ۾ سنڌو جي ساراهه ڪيل آهي. جيڪا ٻه نه پر پنجهتر سلوڪن ۾ آهي جنهن ۾ مهراڻ جي موجزن جو ذڪر ٿيل آهي، جيڪا تمام آسودي تهذيب ٻڌائي ٿي وڃي. ڏاهن جي ڏس مطابق سنڌوءَ ڪپ جون تهذيبون دنيا جي تهذيبن کان به آسوديون هيون.


    • موهن جي دڙي جو ميوزم : پرهه سڪينه گاد

    موهن جو دڙو يونيسيڪو طرفان عالمي ورثو قرار ڏنو ويو آهي اهو هڙپا کان ڪي قدر بهتر سانڍيو ويو آهي تنهنڪري اهو پنهنجي تهذيب جي بهتر عڪاسي آهي قدامت جي لحاظ کان موهن جو دڙو غيرمعمولي شهر آهي ان جو نقشو رٿا بندي مطابق ٺهيل آهي جنهن ۾ گهٽين جو تاڃي پيٽو آهي، اهو سنڌو تهذيب جو عظيم ورثوآهي
    موهن جي دڙي جي کوٽائي دوران هٿ آيل شين کي هڪ هنڌ جمع ڪري رکڻ لاءِ ٻن ننڍن ڪمرن تي مشتمل عمارت 1652ع ۾ ٺاهي وئي ۽ انهن ئي ٻن ڪمرن واري عمارت ۾ Exhibitions ڪيا ويندا هئا.
    1952ع ۾ ٻوڏ جي ڪري ان پراڻي عمارت کي ڪافي نقصان پهتو جنهن ڪري موهن جي دڙي مان مليل تاريخي سامان کي به نقصان پهتو، جنهن کانپوءِ ٻه ماڙ بلڊنگ ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو ان عمارت جو نقشو فرينچ نقشه نگار مونس ايم ايڪورو ٺاهيو. ان ميوزم جي پيڙهه جو پٿر ان وقت جي تعليم جي وفاقي وزير مسز حبيب الرحمٰن 16 مارچ 1960ع تي رکيو. ميوزم کي ٺهڻ ۾ ڪافي سال لڳا جڏهن جڙي راس ٿي ته ان جو افتتاح ان وقت جي صدر محمد ايوب خان 20 جنوري 1967ع ۾ ڪيو. گرائونڊ فل مڪمل طور تي کليل آهي جيئن نوادرات کي اڳي وانگر ٻوڏ ۾ نقصان نه پهچي سگھي.
    ميوزم ۾ ڏاڪڻين تان مٿي چڙهجي ٿو ته ديوارن تي نقشا، پينٽنگ، ڊائيا گرامس ۽ ڪافي تاريخي شيون سجايل آهن، ميوزم جي هال ۾ اٽالين نقشا نگار Mr. Carali ۽ Mr. Salim جي ٺاهيل تصوراتي پينٽنگ هڪ مڪمل ديوار تي لڳل آهي جنهن ۾ موهن جي دڙي جي ماڻهن جي زندگي ۽ رهڻي ڪرڻي جي عڪاسي ٿيل آهي.
    ميوزم جي ٻنهي پاسن کان چاليهه شوڪيس ٺهيل آهن. جيڪي خاص طريقي سان ٺاهيا ويا آهن. هر شوڪيس جي مٿيئن پاسي کان هڪ جاري نما منگھ ٿيل آهي جتان سج جي قدرتي روشني داخل ٿئي ٿي، بجلي نه هئڻ جي صورت ۾ به ميوزم ۾ ڏينهن جو ڪائي لائيٽنگ جي ضرورت نه ٿي هجي. اهو پاڪستان جي ڪنهن به ميوزم ۾ پهريون تجربو هو ۽ بعد ۾ ٻين به کوڙ سارن پاڪستان جي عجائب گهرن ۾ اهو نمونو استعمال ڪيو ويو. هر شوڪيس ۾ هوا داخل ٿيڻ جا اهڙا منگھ آهن جيڪي اتي رکيل شين کي موسم جي گهم کان محفوظ رکن ٿا. ان قسم جا پهريان ٽي شوڪيس روالپنڊي سون ويلي مان دريافت ڪيل پٿرن جي نماء لاءِ چونڊيا ويا آهن ۽ سکر ڀرسان روهڙيءَ جي جبلن ۽ ڪوٽ ڏجي ۽ آمري مان هٿ آيل نوادرات ۽ مختلف شيون پڻ ميوزم جي انهن شوڪيسن ۾ موجود آهن جيئن ڏسندڙن کي موهن جي دڙي جي تهذيب کان اڳ واري دور جي ڄاڻ ملي ٿي سگهي.
    آمريءَ جي رکيل شين کان پوءِ موهن جو دڙو جو چوٿون شوڪيس، جنهن ۾ پراڻي دور جي بليڊ نما پٿر، پٿر جا بال، ٽامي جا اوزار، سڙيل ڪڻڪ جو نمونو، ٽامي جا ٿانو جيڪي ڀڳل ٽٽل حالت ۾ مليا آهن، پٿرن جا ٿانو، بادشاهه جو مجسمو، ڳهه ڳٺا، ڊانسگ گرل (سمبارا) ناياب مهرون، پٿر جا وٽ، جانورن جا هڏا، پٿر جا ڪولابا، پٿرن جا زيور، عاج جا زيور ۽ مخلتف قسمن جي ڌاتن مان ٺهيل زيور، آخري ٻن وڏن ڪنڊن تي وڏيون اَن رکڻ واريون ٺڪر جون گنديون ۽ پاڻي جا مٽ رکيا ويا آهن. ڏاند گاڏي ۽ ڳئون جو نمونو پڻ موهن جي دڙي جي ميوزم ۾ موجود آهي.
    ان ميوزم کي اڃا به محوظ بنائڻ جي ضرورت آهي جو ڪجهه سال اڳ اتان تمام قيمتي نوادرات چوري ٿي ويا هئا.


    جهڪر جو دڙو : آصف رضا موريو

    جهڪر جو دڙو
    ڪشن دورِ حڪومت جي عظيم تهذيب جهڪر جو نمائنده شهر

    جهڪر شهر جي آثارن جي جوڙجڪ :
    پاڪستان جي صوبي سنڌ جي شهر ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر کانپوءِ چوٿين وڏي شهر لاڙڪاڻي جي اولهه پاسي ويندڙ اهم شاهراهه انڊس هاءِ وي سان گڏ کاٻي طرف تقريبن 9 ڪلو ميٽر پري انساني تهذيب جو هي اهم باب جنهن کي اسان سنڌي زبان ۾ جهڪر جو دڙو يا جهوڪر جا دڙا چوندا آهيون، ڪجهه ڪچن دڙن جي صورت ۾ سم ڪلر ۽ جهنگلي گاهن جو ڪفن پائي ايندڙ ويندڙ ماڻهن جو ڌيان ڪجهه گهڙين جي لاءِ پنهنجي طرف ڇڪائيندو رهي ٿو، ڄڻ چئي رهيو هجي ته ”مان توهان جو قيمتي ورثو آهيان، منهنجي حفاظت ڪيو“! هي 2 اهم دڙا آهن ان لاءِ ڀرپاسي جي آبادين ۾ ان جا 2 ئي نالا مروج آهن جيئن ته وڏي دڙي کي “جهوڪر يا جھڪر جو دڙو“ ۽ ننڍي کي ”ولهي جو دڙو“ چيو ويندو آهي، انهن دڙن جي اولهه ۾ مٺو ديرو نالي هڪ ڳوٺ موجود آهي، ڏکڻ اولهه ۾ مشهور بزرگ حضرت يوسف شاهه جيلاني جي مزار، اوڀر ۾ لاڙڪاڻي وڃڻ وارو رستو، جڏهن ته اتر ۾ ميلن تائين سرسبز ٻنيون سبزي جي چادر پهريل آهي.

    جهڪر شهر جي قدامت:
    انهن دڙن جي کوٽائي مان هٿ ايندڙ شين مان معلوم ٿئي ٿو ته هن شهر جي قدامت عيسوي سن کان به ڪجهه سال پراڻي آهي، A dictionary of Archaeology جي مصنف داروڪ ويڊي ۽ ڊيوڊ ٽرمپ پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته ”جهڪر جو دڙو پٿر جي آخري زماني جي نشاني آهي.“ سنڌو ماٿري جي تهذيب تباهه ٿيڻ بعد سنڌ جي ڪجهه حصن ۾ نون شهرن جنم ورتو ۽ جنهن جو بهترين مثال چانهون جا دڙا آهن، جڏهن ته ڪجهه ماهرن پختو اندازو لڳايو آهي ته هي آبادي يقينن هڙپه دور ۾ به موجود هوندي.

    جهوڪر جا مختلف نالا :
    انهن آثارن کي جهڪر جو دڙو يا جهوڪر جو دڙو جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، پر ان شهر يا آثارن تي هي نالو ڪهڙي نسبت سان پيو اهو اڃان تائين اسرار بڻيل آهي، ان متعلق جيڪا به روايت اسان کي تاريخي ڪتابن ۾ ملي ٿي ان کي اسان جي سنجيده تاريخدانن جي تائيد حاصل آهي.
    اسان جي لائبريرين ۾ موجود مستند ترين ڪتابن جي جائزي مان معلوم ٿئي ٿو ته دڙي جو نالو جهوڪر ان لاءِ پيو، ڇو ته برسات ٿيڻ سان هي ڪچو دڙو ڪنهن حد تائين زمين ۾ گهري وڃي ٿو، يعنيٰ پنهنجي اوچائي گهٽ ڪري ٿورو جهڪي وڃي ٿو، ان لاءِ ان جو نالو جهڪر، جڪڙ يا جهوڪر، يعنيٰ جهڪڻ وارو دڙو پئجي ويو، لڳي ٿو ته جن محققن هي راءِ ڏني آهي انهن سچي تحقيق جي مشڪل ڪم کان پاڻ کي بچائڻ لاءِ هي ڳالهه جوڙي آهي، نه ته سچائي جي بنياد تي ان نالي جي حقيقت هي نه هئڻ گهرجي ڇو ته برسات ٿيڻ کانپوءِ نه صرف سنڌ بلڪه سڄي دنيا ۾ موجود قديم آثارن جون اوچايون اهڙي طرح گهٽ ٿي وڃن ٿيون جو انهن جي مٿانهين وارو ڪچو تهه برسات جي پاڻي سان آلي مٽي ٿي وهي وڃي ٿو، ته ڇا ان زميني حقيقت کي سامهون رکندي اسان هر دڙي کي جهڪڻ وارا دڙا چوڻ شروع ڪري ڏيون؟ پوءِ ته آڊهاٽ، ڌامراهه، رتوديرو، خيرپورجوسو، مهين جو دڙو وغيره جي دڙن کي به اهو ئي نالو ڏنو وڃي!؟ حقيقت ۾ هي تشريح عقلمندي واري ڪونه مڃي ويندي.
    ڪجهه ڪتابن ۾ هي روايت به ملي ٿي ته ”ان شهر تي جهڪر نالي هڪ راجا جي حڪومت هوندي هئي اهڙي نسبت سان هي آبادي ڪنهن دور ۾ جهڪر جو شهر سڏبي هئي ۽ جهڪر لفظ وقت سان گڏ بگڙجندو جهوڪر بڻجي ويو، ان لاءِ شهر ۾ ويرانيون آباد ٿيڻ کانپوءِ به ان تباه ٿيل کنڊرات کي جهوڪر جو دڙو چيو وڃي ٿو.“
    ان نالي متعلق هڪ ڪهاڻي هيئن به پڙهڻ لاءِ ملندي رهي ٿي ته هي دڙي وارو شهر راجا دلوراء جي دورِ حڪومت سان تعلق رکي ٿو، جڏهن ته ان دور ۾ هي علائقو پرامن هيو ان لاءِ راجا پنهنجا خزانه محفوظ ڪرڻ يا دفنائڻ لاءِ هي شهر آباد ڪرايو ۽ ان جو نالو جهڪر رکيو، ڪجهه مطالعا اسان کي هي ڳالهه به سمجهائيندي نظر اچن ٿا ته جهڪر وادي ء سنڌ ۾ رهڻ واري هڪ قوم هئي جنهن جي نسبت سان ان شهر تي جهڪر جو نالو پيو جيڪو صدين کان اڄ تائين موجود آهي.
    جهڪر نالي جي ان ٽنهي ڪهاڻين ۾ به محقق مونکي سچي تجزيه نگاري کان ڪم وٺندي نظر نه ٿا اچن، ڇو ته سڀني مستند سڏائيندڙ تاريخي ڪتابن ۾ سنڌ تي حڪومت ڪرڻ وارن سڀني گهراڻن ۽ ننڍن وڏن حڪمرانن جي نالن بابت ڪيترن ئي ڏينهن تائين وڏي محنت سان کوجنا ڪئي پر انهن ۾ ڪٿي به جهڪر نالي راجا جو ڪوئي به ذڪر نه ٿو ملي، ها البته هڪ ٻن قومن جي نالن جي ٿورڙي مشابهت جهڪر سان ملي ٿي، جيئن ته جکڙ، کجڙ پر سنڌ جي قديم يا جديد تاريخ ۾ حڪمراني جي حوالي سان انهن قومن يا ذاتين جو ڪوئي ذڪر نه ٿو ملي تنهنڪري هن دڙي کي انهن سان به نسبت نٿي ڏئي سگهجي.
    هي ڳالهه به عقل تسليم نه ٿو ڪري ته دلوراء پنهنجو خزانو دفنائڻ لاءِ هي شهر آباد ڪيو هوندو، ڇو ته هڪ ته: جهوڪر جي قدامت دلوراء کان هزارين سال پراڻي آهي، ٻيو: هي ته دلوراء جو پنهنجو دارالخلافه يا گاديءَ وارو هنڌ هڪ شاندار شهر هو ان کي ڪهڙي پئي هئي ته هو صرف پنهنجا خزانه دفن ڪرڻ لاءِ هي شهر آباد ڪري؟ ڇو ته سنڌ جي ڪنهن به مقامي لغت ۾ دفيني يا لڪل خزاني بابت ڪوئي به لفظ ”جهڪر“ سان نسبت يا واسطو نه ٿو رکي.
    سڀ کان وڌيڪ حيرت مونکي انهن محققن تي ٿيندي آهي جن لکي ڇڏيو ته ”ان شهر جهوڪر کي ميسو پوٽيما (موجوده عراق) جي قديم ترين شهر ”ار“ کان هجرت ڪري ايندڙ ماڻهن آباد ڪيو هو، مثال طور تي اسان مشهور محقق آزاد قاضي صاحب پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جو قديم ورثو“ پيج 202 تي لکيو آهي ته ” سنڌ ۾ جيڪا قوم ٻاهر کان آئي انهن پنهنجي نالن سان هتي شهر آباد ڪرايا جيئن ته ار سي آءِ قوم جي نالي سان ڪيترائي شهر آباد آهن، يعنيٰ ڪشمور، اروڙ، ڀنڀور وغيره ڏٺو وڃي ته جهڪر به ان ۾ شامل آهي.“
    ان ڳالهه کان ڪوئي انڪار ناهي ته سنڌ ۾ آباديون قبل از تاريخ کان وٺي هزارين سالن تائين آباد ٿينديون رهيون، پر ”ار“ ماڻهن جي هتي آباد ٿيڻ واري ڳالهه تاريخي ۽ هجرتي بنيادن تي درست تسليم ڪري نه ٿي سگهجي، ڇو ته ان دور ۾ جن سببن ۽ مقصدن جي تحت آباديون پنهنجي علائقن کان هجرت ڪنديون هيون، ان مان هڪ به مثال يا سبب تاريخ جي ورقن ۾ اهڙو نٿو ملي ته ”ڪنهن گروهه محض هجرت جي شوق ۾ ايترو ڊگهو فاصلو طئه ڪيو هجي“، ها جيڪڏهن هي ڳالهه ڪئي وڃي ته ”ڪوئي شخص يا خاندان هجرت ڪري سنڌ جي ڪنهن آباد شهر ۾ اچي آباد ٿي ويو ته مونکي تسليم ڪرڻ ۾ ڪائي هٻڪ نه ٿيندي.
    هي به هڪ حقيقت آهي ته انساني تهذيب جي بيشمار ماهرن ڪيترن ئي حوالن کان سميري تهذيب جي جنم ڀومي سنڌ کي ئي ڄاڻايو آهي. فرئنڪفرٽ جو چوڻ آهي ته ”ميسو پوٽيما“ جا قديم باشندا ايران جي مٿانهين واري ميداني علائقن کان آيا جنهن جي تهذيب سنڌ تائين پکڙيل هئي. ”ايران جي مٿانهين وارا ميدان سنڌو ماٿريءَ جا ئي هئا ۽ ايران جي مٿائين وارن پٽن ۾ سڀ کان قديم تهذيب به سنڌ ۾ ئي ملي ٿي. اهڙي طرح سميرين تهذيب جو هڪ ماهر مسٽر هال پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته ” سميري ماڻهن جي مشابهت ڀارت جي دراوڙن سان ملي ٿي، ان لاءِ سميري دراصل ڀارت واسي آهن جيڪي خشڪي يا سمنڊي رستي پرشيا (ايران) کان ٿيندا آيا، ٻه جاڙيون نديون دجله ۽ فرات هنن وادين ۾ پهتيون، جن جو اصل علائقو اکنڊ ڀارت ۾ شايد سنڌ جو موجوده خطو ئي هو جتان کان هو ايشيا مائينر پهتا هئا.“
    جهوڪر جي نالي متعلق مرحوم ايم ايڇ پنهور کان به پڇيو هو جيڪو مهين جو دڙو تي هڪ سيمينار جي سلسلي ۾ آيل هو. هن مونکي پيرس ان هوٽل کان فون ڪيو هو جتي هو پنهنجي بيگم سان گڏ ترسيل هو، هن به جهوڪر جي متعلق منهنجن خيالن جي حمايت ڪئي هئي.
    جهڪر شهر جي نالي بابت سڀ اندازا بي معنيٰ آهن، مون به پنهنجي طرفان پوري ڪوشش ڪئي آهي پر ڪا به اهڙي ٺوس حقيقت سامهون نه اچي سگهي جنهن کي بنياد بڻائي ڪائي حتمي ڳالهه ڪري سگهان ان لاءِ پنهنجي ڪم علمي جو اعتراف ڪندي هي فرض اهلِ علم ۽ دانشمند دوستن جي سپرد ڪيان ٿو.

    جهوڪر جي دڙو جي کوٽائي:
    صدين کان جهڪر شهر جا هي آثار مٽي جو لباس پهريل انهي جڳهه آرام پذير آهن پر ڪنهن ڪڏهن به ان تي ڪائي توجهه نه ڏني هئي. برطانوي دورِ حڪومت ۾ جڏهن 1911ع ۾ مهين جو دڙو جي تهذيبي ورثو منظرعام تي آيو ته دنيا جي قديم تاريخن ۾ مهذب ترين تمدن جي سند سنڌ کي حاصل ٿي جنهن هڪ هلچل مچائي ڇڏي.

    دڙن جي قسمت جاڳي پئي:
    راڪل داس بينرجي جيڪو قديمي آثارن جو هڪ ناميارو ماهر هيو هن 1918ع ۾ پهريون ڀيرو جهوڪر جي ان دڙي بابت تفصيلي کوجنا ۽ تفتيش ڪئي هئي. کيس هتان تمام گهڻيون اهڙيون شيون هٿ آيون جن جو تعلق ماضي جي مختلف دورن سان جوڙي سگهجي ٿو. ان لاءِ بينرجي برطانوي سرڪار کي پنهنجي رپورٽ ۾ لکيو ته: ”هي آثار تهذيبِ انساني جي هڪ اهم شهر جي شاندار دريافت ٿي سگهن ٿا، ان لاءِ انهن کي سرڪاري تحويل ۾ وٺي محفوظ ڪيو وڃي“. 3 سالن تائين ان جي رپورٽ نظرانداز ٿيندي رهي پر جڏهن 1921ع ۾ مهين جو دڙو جي کوٽائي جو ڪم وڏي زور شور سان شروع ٿيو ته هتي به قديمي آثار جي ماهرن ۽ سرڪاري ڪارندن جي اچ وڃ شروع ٿي، جڏهن هنن ڏٺو ته مهين جي دڙي تي پهچڻ کان ڪلاڪ پهريان ئي رستي تي هڪ گمنام دڙو پنهنجي طرف ڇڪي ٿو ته بينرجي جي رپورٽ کي وڌيڪ نظرانداز ڪرڻ ڏکيو ٿي پيو. انهي سال (1921ع) جهڪر جو دڙو سرڪاري حفاظت ۾ آيو ۽ ان کي قومي ورثو قرار ڏنو ويو. انگريزن جي لاءِ وڌيڪ دلچسپي جو باعث مهين جو دڙو جو وسيع شهر هو، سندن سڄو ڌيان ان جي ئي کوٽائي طرف هيو.
    پر ڪجهه سالن کانپوءِ 2 جنوري 1928ع ۾ آرڪيالوجي سروي آف انڊيا پنهنجي هڪ اسسٽنٽ سپرنٽنڊنٽ اين. جي مجمدار کي جهڪر جي دڙي جي کوٽائي جو سنيهو ڏنو. سنڌ ۾ قديمي آثار جي حوالي کان محنتي بنيادن تي جيتري کوٽائي مجمدار صاحب ڪئي ايتري اڄ تائين ڪنهن شخص ناهي ڪئي، ان صاحب وڏي دل ڄمائي جهڪر تي هڪ رپورٽ مرتب ڪئي جنهن ۾ شهر جي اوچائي کان علاوه هتان نڪرندڙ شين جي باري ۾ وڏي عرق ريزي سان کوجنا وارو ڪم ڪيو. .
    اين جي مجمدار 1935ع ۾ به هتي کوٽائي ڪرائي هئي. جنهن ۾ آساني جي لاءِ انهن کنڊرن کي ٻن حصن ۾ تقسيم ڪيو ويو هو يعنيٰ دڙو A ۽ دڙو B. اي دڙو ريل جي دٻي جي طرح ڊگهو ۽ سطح زمين کان 17 فٽ بلند هو جنهن جو هڪ سرو مٺو ديرو ڳوٺ کان شروع ٿي اوڀر ۾ واپڊا جي هاءِ ٽينشن لائين طرف هليو وڃي ٿو. ان دڙي ۾ رهائشي اعتبار کان 3 مختلف حصا ملن ٿا جن مان پهريون حصو پهلوي، ساساني، هن، برهمن ۽ ار دور جو آهي. ٻيو يعنيٰ وچيون حصو جيڪو دراصل Chalco-lithic دور سان تعلق رکي ٿو، جنهن ۾ عمارتن ۾ استعمال ٿيڻ واريون پڪيون سرون جيڪي مهين جو دڙو جي تعميرات ۾ به استعمال ڪيون ويون آهن.، اتي استعمال ٿيل آهن. جڏهن ته ان شهر جو ٽيون حصو مهين جو دڙو جي ثقافت جي نمائندگي ڪندي نظر اچي ٿو ڇو ته ان حصي کان مهين جو دڙو جي نمائندگي ڪرڻ واريون بي شمار شيون هٿ آيون آهن.
    ان دڙي کان 300 فٽ جي مفاصلي تي ڏکڻ ۾ 63 فٽ ڊگهو B دڙو واقع آهي جيڪو ساخت جي لحاظ کان چورس آهي جنهن جي وچ ۾ چئني طرف کان کليل هڪ ويڪري لاهين آهي جنهن بابت عام خيال آهي ته ٿي سگهي ٿو ته هي ڪائي قلعه گاه هئي. يا وري شهر ۾ چئني طرفن کان داخل ٿيڻ جا رستا هجن جن جي سطح وقت سان گڏ لاهينءَ جي شڪل اختيار ڪري وئي آهي. B دڙي جي لاءِ ائين به چيو وڃي ٿو ته ان جي تعمير بيضوي آهي، جنهن جي چوطرف مٽي جا ڊگها دڙا ڪنهن وڏي حفاظتي قلعي جي نشاندهي ڪن ٿا. انهي ۾ اندر هڪ چوڪنڊي عمارت جا نشان به موجود آهن. جنهن جي باري ۾ بينرجي جو خيال هو ته ”هي ڪنهن پراڻي اسٽوپا جي عمارت به ٿي سگهي ٿي“.
    مجمدار ان دڙي تي هڪ جڳهه اهڙي طرح کوٽائي ڪرائي هئي ته اسٽوپا جي ويجهو هڪ 10 باءِ 15 فٽ جو اونهو کوهه کوٽايو جڏهن ته 12 باءِ 145 فٽ جو ٻيو کوهه دڙي جو دامن ۾ کوٽايو هو. ٻئي کوهه جي کوٽائي سان دڙي جا ٽي مختلف تهه سامهون آيا. پهرين يعنيٰ مٿي واري تهه ۾ ڪچين پڪين سرن جي ملي جلي تعميرات موجود آهي. هتان ڪجهه سڪا ۽ پڪي مٽي جون مهرون به مليون آهن. وڏي دڙي جي مٿان هڪ ويڪرو ٺل بيٺل نظر اچي ٿو جيڪو يقينن ڪنهن دور ۾ ڪا وڏي عمارت رهي هوندي. بقول ڪجهه محققن جي ”ٿي سگهي ٿو ته هي عمارت هتان جي ڪنهن راجا جو محل هجي“.
    ان وسيع شهر جي کوٽائي کان پوءِ هڪ وڏي دروازي جا ٺلهه به نظر اچن ٿا. ان کان علاوه شهر جي چوطرف هڪ ڊگهي ديوار جا آثار به مليا آهن جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته ان شهر کي ٻاهرين حملا آورن جي حملي کان بچائڻ لاءِ هي قلعه بندي جوڙائي وئي هوندي.
    1974ع ۾ قديمي آثار واري کاتي انهن آثارن جي هڪ ڀيرو ٻيهر کوٽائي ڪرائي، جنهن مان تمام گهڻيون اهڙيون شيون به هٿ آيون جيڪي ثابت ڪن ٿيون ته ”هي شهر مهين جو دڙو جو همعصر آهي“.

    جهڪر جي دڙي جي کوٽائي مان ملڻ واريون شيون:
    جهڪر مان هٿ اچڻ واريون شين مان سنڌي، بلوچي ۽ وچ اوڀر جي تهذيبن جي جهلڪ ملي ٿي جڏهن ته انهن شين ۾ اوائلي تهذيب جون نشانيون مهرون، ٽامي جون ٽانچڻيون، ڪهاڙي جا ڦر ۽ ٻيو سامان هٿ آيو آهي. بينرجي کي به هتان مختلف قسم جون قديم شيون هٿ آيون هيون، جڏهن ته بعد ۾ مجمدار کي به بيشمار شيون مليون.
    انهي دڙي جي مٿيون تهه پهلوي ساساني، برهمن ۽ اربع واري دور جو ٿي سگهي ٿو. هتان ملندڙ شين ۾ بيشمار سڪن تي عجيب و غريب ديو مالائي شڪليون اڪريل آهن جن جي چوطرف امر روشني جون لاٽون نڪرندي نظر اچن ٿيون.
    مخصوص قسم جي ڳاڙهي مٽي مان ٺهيل ڪجهه مهرن تي ”شري کي پري هرسايا“ جا الفاظ ڪننده آهن جنهن جو مطلب هندستان ۾ ڳالهائيندڙ زبانن جي ماهرن متفقه راءِ سان ”سيوا کوپڙيون پائيندڙ“ ڪڍيو ويو هو. جڏهن ته ڪجهه اسڪالرن ان جي معنيٰ ” کوپڙين وارو جنگجو“ به ٻڌائي آهي. هندو مذهب ۾ هي لقب شو مهاراج جو ٻڌايو وڃي ٿو. ان مان هي ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته هنن مهرن ٺاهيندڙن جو تعلق هندن جي خاص فرقي ”شو پنٿين“ سان هو ڇو ته اهي ئي ماڻهو ”شو ديوتا “ جي پوڄا ڪندا هئا. ڪجهه ماهرن جو خيال آهي ته ”شري جو پري هرسيا “ جي لفظ لکڻ وارا هتان جا ماڻهو مهراگل جا پوڄاري هئا ڇو ته اهڙي قسم جا سڪا ايراني تاريخ ۾ چوٿين ۽ پنجين صدي ۾ انهي سان ئي منسوب ملن ٿا.
    هتان ملندڙ سڪن ۾ ڪجهه موٽا ۽ گول آهن جيڪي قندهار ۽ پشاور جي راجا واسديو (واسوديو) يا ان جي جانشينن جي دورِ حڪومت سان تعلق رکن ٿا. انهن سڪن تي اڪريل شخصيت شاهي لباس پهريل وڏي طمطراق سان بيٺل آهي. راجا واسديو جو تعلق ڪشن گهراڻي سان هو. هي گهراڻو دراصل چيني قوم جو حصو هئو جيڪو اندازن 170 قبل مسيح جي دوران هندستان هجرت ڪري آيو ۽ سڀ کان پهريان باختر فتح ڪيو ان کانپوءِ قابل درياءَ جي وادي ۽ بعد ۾ گندهارا پهتو ۽ انکي پنهنجي رهڻ لاءِ موزو سمجهندي اتي آباد ٿيو. مگر هن ٽيڪسلا جي بجاءِ پشاور کي پنهنجو دارلخلافه بڻايو هو. ڪشن گهراڻي جي حڪومت گندهارا ۽ سنڌو ماٿري جي آبادين تي تقريبن 2 سئو سالن تائين قائم رهي. راجا ڪنشڪ (100ع) جو تعلق به انهي خاندان سان هو.
    جهڪر جي مٿي واري تهه وٽان چئن مختلف قسمن جا ٿانو مليا آهن، جن مان هڪ گهري ڪاري رنگ ۽ لال رنگ جا آهن. ٻيا اهي جن تي روغندار مصالحي جي تهه چڙهيل آهي. ٽئين قسم جي ٿانون تي خوبصورت چٽساليءَ جو ڪم ڪيو ويو آهي جڏهن ته چوٿين قسم جي ٿانون تي اڀريل تصويرون ٺهيل آهن. هتان کان ڪجهه ساساني دور جي شراب پيئڻ جي لاءِ استعمال ٿيندڙ جام ۽ صراحيون به مليون آهن ۽ هڪ اهڙي تصويري مهر ملي آهي جهن تي پهلوي زبان جا ڪجهه الفاظ اڪريل آهن. انهن شين مان ثابت ٿئي ٿو ته جهوڪر جي ماڻهن جا خليج فارس جي قوم سان به تجارتي تعلقات هئا.
    هتان 5 صدي عيسوي جا سڪا به مليا آهن. ڪجهه مهرن يا ٿانون وغيره تي اربع ۽ برهمن دور جي نمائنده نشانين جهڙوڪ ڪنول جو گل، وڻن جون شاخون، جاميٽري جون شڪليون، سواستيڪا، ٽڪنڊا ۽ دائرا به لکيل مليا آهن. هتان ملندڙ هڪ پيالي تي عورت جي تصوير به ٺهيل آهي جنهن کي موسيقي جو هڪ اوزار به پڪڙيو آهي، وڻ جي پتن جهڙي شڪل وارو تامي جو ٺهيل ڀالو به مليو آهي. ان قسم جا ڀالا مهين جو دڙو جي کوٽائي مان به مليا آهن. ان کان علاوه ڪجهه اهڙا سڪا به هتان کان مليا آهن جن تي گپت دور حڪومت جي باقيات جهڙي تحرير آهي جيڪا شايد 5 صدي عيسوي واري دور کان گهڻي قديم نٿي مڃي سگهجي.
    جهڪر جي دڙي تي سرڪار طرفان مقرر چوڪيدار (الاهي بخش) کي ٽامي جو ٺهيل تقريبن هڪ فٽ ڊگهو خوبصورت گلدان مليو هو جيڪو پنهنجي اصلي صورت ۾ سبزي مائل زنگال ورتل هو. ڪجهه مهينن کانپوءِ اهو ئي گلدان مهين جو دڙو جي ليبارٽري ۾ رستم ڀٽو (اسسٽنٽ ڪيمسٽ) وٽ تڏهن ڏٺو هو جڏهن هو ڪافي صاف ٿي چڪو هو ان جي چوطرف گوتم اربع جون ڪيتريون ئي تصويرون ظاهر ٿي چڪيون هيون. ان گلدان جي هنري بناوٽ بلاشبه حيرت انگيز هئي. هتان هڪ مرد جو مجسمو به مليو آهي جيڪو سيني کان مٿي جي جسم تائين ٺهليل آهي. ان قسم جي مجسمن جون ڪجهه نشانيون جيئن ته پيشاني تي ڪونا بڻيل شمله، سيني تي پٺن جو مخصوص موڙ، کاٻي طرف منهن ڪري ڏيکاري وئي آهي، ڇاتي ويڪري ۽ ڏاڙهي سان، صاف چهرو هن قوم جي ماڻهن جي عڪاسي ڪري ٿو. تاريخ ٻڌائي ٿي ته ان قوم 5 صدي عيسوي ۾ سنڌ تي حملو ڪيو هو.
    جهڪر مان ملندڙ ٺڪر جي ٿانون تي اڪريل مختلف شڪلين جي جائزي وٺڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته 5 صدي عيسوي جي اڌ دوران اتر اولهه هندستان ۾ ايراني اثر و رسوخ رهيو آهي. هتان ساساني بادشاهن جي سون جا ٺهيل سڪا به دريافت ٿيا آهن. اهڙي طرز جا سڪا ڪنهن ٻئي جڳهه تان ناهن مليا. ان تي جيڪا بادشاهي شبيهه ڍلائي وسيلي ٺاهي وئي آهي ان جي پٽڪي يا دستار تي چنڊ ۽ ستارا اڪريل آهي. ان قسم جا خاڪا ۽ ترڪيبون ايراني حڪمران يزد گرد (پهريون) جي سڪن تي ملن ٿيون. جنهن سن 397ع کان 417ع تائين ايران تي بادشاهي ڪئي هئي. هتي ان امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي ته هي سڪا خاص طرح سنڌ ۾ هلائڻ جي لاءِ شاهي ضربخاني طرفان ٺاهيا ويا هئا.
    جھڪر جي دڙي تي قديمي آثارن واري کاتي پاران هڪ سائيٽ اٽينڊنٽ مقرر ڪيو ويو آهي پر هڪڙو چوڪيدار اڻ پڙهيل ماڻهو 137 ايڪڙ تي ڦهليل ان دڙي جي ڪيئن حفاظت ڪري سگهندو. اڪثر هتي گهمڻ وارن يا چوڪيدارن کي ٽٽل ٿانو، گونگا، مڻڪا، هڏين جا ٽڪر، ٽامي جا اوزار، پٿر جا چاڪو، لباس جا بٽڻ، گهرن ۾ استعمال ٿيندڙ ٿانو، ٽامي جا سڪا، منقش مهرون وغيره ملنديون رهن ٿيون.
    مان پاڻ به هر مهيني هڪ 2 دفعا ۽ خاص طور تي برسات کانپوءِ جهڪر جو هڪ ٻه چڪر ضرور لڳائيندو آهيان ڇو ته ناياب شيون گڏ ڪرڻ جو شوق رکندڙ طور مونکي هر مهيني يا هر دفعي اتان ڪيتريون ئي شيون هٿ اينديون آهن جن ۾ اڪثر خوبصورت نقش ونگار وارا مڻڪا، پتل جا بٽڻ، پٿر جا بليڊز وغيره شامل هوندا آهن، ٽٽل ٺڪرن جو ته شمار ئي نه آهي، هڪ دفعو مونکي هتان اٽو پيهڻ وارو پٿر جو جنڊ ۽ ٽامي جي ٺهيل جانورن جي ڳچي ۾ ٻڌڻ واري گهنٽي به هٿ آئي هئي. ان کان علاوه چيڪي مٽي جا ٺهيل مختلف سائيز جا بال جيڪي ڪرڪيٽ يا هاڪي جي بال کان ويندي والي بال جي سائيز جيترا وڏا بال وڏي تعداد ۾ ملندا رهندا آهن، جن جو وزن 10 کان 20 ڪلو تائين هوندو آهي. ننڍا بال ته يقينن کيڏڻ جي لاءِ استعمال ڪيا ويندا هوندا مگر وڏا بال ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن توب ۾ گولي جي طور تي استعمال ڪرڻ لاءِ ٺاهيا ويندا هجن.
    ان دڙي تي برطانوي دورِ حڪومت ۾ جيڪو ڪم ٿيو سو ٿيو، پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ ڪنهن لاڳاپيل ادارا هتي کوٽائي ته ٺهيو پر ڪو سيمينار ڪرائڻ به ضروري ناهي سمجهيو. البته جناب ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ ڪجهه کوٽائي جو ڪم شروع ٿيو هو، ان کان علاوه ڀٽو صاحب جهڪر جي دڙن جي بلڪل سامهون هڪ ايئرپورٽ ٺهرائڻ جي ڪوشش به ڪئي هئي.
    جهڪر جي آثارن جي موجوده صورتحال انتهائي مخدوش آهي. اهو ئي سبب آهي جو اسان جي تاريخ جو هي باب هر روز ڪٿان نه ڪٿان ٽٽندو، اکڙندو ۽ اجڙندو نظر اچي ٿو پر ان جي قيمتي حيثيت کان ناواقف ان جي وارثن کي ان تباهيءَ جو ڪو احساس ئي ناهي.
    دڙي جي ڏکڻ ۾ ڦهليل زرعي زمين جي مالڪن جهوڪر جي ننڍن وڏي دڙن کي ڪٽي ڪٽي پنهنجي زمينن جو حصو بڻائي ڇڏيو آهي. هاڻي ته هي زمينون وڏي دڙي جي دامن تائين پهچي ويون آهن. ٿي سگهي ٿو ته ايندڙ ڪجهه سالن ۾ هي دڙا به مهر گڙهه ۽ خيرپور جوسو جي دڙن جيان ناپيد ٿي وڃن. جهڪر جي اهم دڙن جي دامن ۾ پوکجندڙ چانورن جي فصل انهن آثارن کي سخت متاثر ڪيو آهي ڇو ته ان ۾ 12 مهينا پاڻي بيٺل رهي ٿو جيڪو آثارن کي اندر ئي اندر تباهه ڪندو رهي ٿو.
    ان دڙي جي چئني طرفن ۾ ڀر پاسي ڳوٺ آباد آهن اڪثر (خاص طور تي صبح جي وقت) مقامي ڳوٺاڻا جهڪر جي انهي دڙن ۾ لوٽو کڻي هتي هتي ويٺل نظر ايندا آهن. دڙي تي سڀ کان اونچي اسٽوپا سان مشابهت رکڻ واري جڳهه يا ٺل موجود آهي. خيال ونڊيو ويندو آهي ته هي ڪوئي محل، عبادت گاهه يا ڪائي ان قسم جي خاص عمارت هجي. يا وري ائين ٿي سگهي ٿو ته گوتم اربع جي راکهه جن هجرن ۾ رکي ويندي هئي ۽ انهي کي يادگار جي طور تي اسٽوپا جو نالو ڏنو ويو، هي به اهڙو ئي ڪوئي هجرو هجي.

    جهڪر جي دڙي واري شهر جي تباهي جا سبب:
    جهوڪر واديء سنڌ جي تهذيب جي آخري دور سان تعلق رکي ٿو. ان شهر جي تباهي متعلق به ڪابه حتمي معلومات اسانکي هاڻي تائين حاصل ناهي ٿي سگهي، البته مختلف ڪتابن جي تقابلي جائزي مان معلوم ٿئي ٿو ته خارجي حمله آورن، ڪنهن قاتل وبا، سيلاب، يا ڏڪر سبب هي شهر تباهه ٿيو هوندو. جڏهن ته ڪجهه تاريخ دانن جو خيال آهي ته جهڙي طرح زياده تر آبادين کي چاهي اها هڙپه، مهين جو دڙو هجي يا جهڪر وغيره آريا حمله آورن تاراج ڪيو. ٿي سگهي ٿو ته هتي به اهڙو ڪجهه ٿيو هجي.
    هڪ روايت مطابق جهڪر ۽ نٿراس شهر ۾ رهندڙ سڳا ڀائر هئا جڏهن ته ولهي ان جي ڀيڻ هئي. قديم دور ۾ سنڌو درياءُ يا ان جي ڪائي اهم شاخ جهڪر جي ويجهو وهندي هئي. هي به مڃيو وڃي ٿو ته قديم دور ۾ هڪ رستو بولان کان نڪرندي اڳتي 2 شاخن ۾ تقسيم ٿي ويندو هئو جنهن مان هڪ اروڙ کان ٿيندو ملتان تائين هليو ويندو هو جڏهن ته ٻيو جهڪر، مهين جو دڙو، سيوهڻ ۽ آمري وٽان ٿيندو ديبل تائين هليو ويندو هئو.
    سنڌ ۾ ان رستي ذريعي نه صرف بيشمار قومون اينديون رهيون بلڪه اهڙي رستي وسيلي ٻين ملڪن ۽ شهرن سان وڻج واپار ڪيو ويندو هئو. ان دور ۾ دريا جو پاڻي شهر جي حد بندين کي ڪٽيندو رهندو هو. ان لاءِ خطري جي پيش نظر يا وري سنڌوءَ جو رخ بدلائڻ سبب شهري آباديون هجرت ڪري چار ميل پري مغرب طرف هڪ جڳهه تي وڃي آباد ٿيون ۽ ان جڳهه جو نالو جهڪر جي ڀاءُ جي نالي سان نٿر جو ڳوٺ رکيو ويو. مگر اهي ماڻهو ان جڳهه تي به وڌيڪ عرصو نه رهيا ان لاءِ اها وسندي به وقت سان گڏ تباهه ٿي وئي پر اڄ به ان نٿر جي دڙي جا آثار جهوڪر جي دڙي کان ست اٺ ڪلو ميٽر پري واقع ڳوٺ خيرپور جوسو جي ويجهو ڏسي سگهجن ٿا.
    جهڪر جا هي دڙا جيڪي اسان جي تاريخ جو هڪ حصو، سماجي تشخص ۽ قومي ورثو آهن، صدين کان پنهنجي دامن ۾ سوين راز سنڀاليون ويٺا آهن. مهين جو دڙو جيان هي به سنڌ جي ابتدائي تاريخ جو هڪ اهم ماڳ آهي جنهن کي سمجهڻ سان نه صرف تاريخ جي گمشده ڪڙين کي ملائي سگهجي ٿو بلڪه اسان کي ان تباهه ٿيل وسندين ۽ آثارن جو سلسلو به سمجهڻ ۾ آساني ٿيندي جيڪو سنڌو درياءَ جي ڪنڌين تي هزارين دڙن جي صورت ۾ وکريل آهن.


    • لاڙڪاڻي جون ٻه اهم تاريخي عمارتون تجر بلڊنگ ۽ گومي ٻائي ليڊيز ڪلب : ذوالفقار راڄپر

    تجر بلڊنگ:

    1960ع جي ڏهاڪي دوران جڏهن لاڙڪاڻي جي شهرين جي هڪ وڏي اڪثريت جي گهرن ۾ ريڊيو اڻ لڀ هوندو هو، تڏهن ان دور ۾ شهري روڊن ۽ اهم چونڪن تي لڳل لائوڊ اسپيڪرن وسيلي سنڌي، اردو گانا، گيت، خبرون، گم ٿيل ٻارن جا پڙها ۽ ٻيا اعلان هڪ مقامي ريڊيو اسٽيشن وسيلي ٻڌندا هئا، اهو مقامي ريڊيو جنهن عمارت ۾ موجود هو، اها شهر جي وچ ۾ تجر بلڊنگ جي نالي سان مشهورآهي ۽ اڄ جنهن باغ کي جناح باغ چيو وڃي ٿو، ان جو به نالو تجر باغ هو. اسان خود اها تجر عمارت، پاڪستان نيشنل سينٽر جي ڀر ۾ ڏسندي وڏا ٿيا آهيون. شهر جي ڪجهه جهونن شهرين ايڊووڪيٽ امان الله شيخ ۽ سائين اعجاز پيرزادو ٻڌايو ته انهن پنهنجي اڀرندڙ جواني جي جوڀن جي ڏينهن ۾ شهر جي چؤڪن تي لڳل لائوڊ اسپيڪرن وسيلي تجر بلڊنگ ۾ موجود مقامي براڊ ڪاسٽنگ سروس وسيلي گانا، ملڪي ۽ مقامي خبرون ٻڌيون هيون.
    لاڙڪاڻي جي جهونن جي لکيل يادگيرين ۽ شهر جي تاريخ تي لکيل ڪتابن جهڙوڪ ”لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو“ موجب تجر عمارت سن ۱۸۳۲ ۾ ڪلهوڙا حڪمرانن جي دور ۾ خيرپور رياست جي وزير اعظم نواب ولي محمد خان لغاري جي لاش کي امانت طور دفن ڪرڻ لاءِ جوڙائي وئي هئي. بعد ۾ نواب صاحب جو لاش حيدرآباد نيو ويو، پر عمارت جي خوبصورتي ايتري ته دلڪش هئي جو جڏهن انگريز بادشاهه آيو ته انهن ان عمارت ۾ هڪ جائلس نالي سان لائبريري قائم ڪئي. بعد ۾ اها عمارت سالن جا سال ويران ۽ بي ڌياني جو شڪار رهي.
    پاڪستان ٺهڻ بعد ۱۹۶۰ جي ڏهاڪي ۾ ايوب جي مارشلا واري حڪومت ۾ ان ۾ مقامي ريڊيو قائم ڪيو ويو. ان بعد هي عمارت عدم توجهه جو شڪار رهي. مرحوم ذوالفقار ڀٽي جي وزيراعظم جي پوين سالن ۾ ان تاريخي عمارت جي وڃايل رونق کي ٻيهر بحال ڪرڻ لاءِ ڪجهه رنگ روغن شروع ڪري ڪم شروع ڪيو ويو، ان عمارت کي آرڪيالاجيڪل سائيٽ طور ظاهر ڪرڻ لاءِ ان کي پاڪستان نيشنل سينٽر جي تحويل مان ڪڍي آرڪيالاجي کاتي جي حوالي ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو. پرملڪ ۾ ضياءالحق جي مارشلا لڳڻ ڪري اهو ڪم اڌ ۾ رهجي ويو بعد ۾۱۹۸۰ جي مئي مهيني جي۲۰ تاريخ تي هڪ نوٽيفڪيشن وسيلي ان کي باقاعده آرڪيالاجي کاتي حوالي ڪيو ويو جڏهن ته تاريخ 7 آڪٽومبر ۱۹۸۱ ۾ هڪ لکت وسيلي شفقت حسين انڙ اسسٽنٽ ريزيڊنٽ ڊائريڪٽر پاڪستان نيشنل سينٽر لاڙڪاڻو مس سلمه سلطانه ڪسٽوڊين آرڪيالاجي موهن جو دڙو کي تجرعمارت حوالي ڪئي وئي. ان رڪارڊ موجب تجر بلڊنگ جي ايراضي ۱۳،۹۰۵ چورس فوٽ آهي. سال ۲۰۰۷ ۾ سپريم ڪورٽ ماڳن جي حفاظت لاءِ پنهنجا ريمارڪس ڏنا هئا ۽ گومي ٻائي ليڊيز ڪلب جي مسئلي تي جڏهن سپريم ڪورٽ پاڻ مرادو نوٽيس ورتو هو، تڏهن به ان قديم تاريخي ماڳن ۽ جاين مٿان قبضن جو نوٽيس وٺڻ جي ڳالهه ڪئي هئي.
    تجر بلڊنگ کي لاڙڪاڻي شهر اندر آرڪيالاجي سائيٽ جو خوبصورت مثال بنائڻ لاءِ اتي ننڍڙو ميوزم، لائبريري يا آرڪيالاجي جي آفيس قائم ڪئي وڃي. اتي موجود باغ جون حدون مقرر ڪري، عمارت کي ڪلر جي تباهي کان بچائڻ لاءِ اپاءَ ورتا وڃن ته جيئن اسان جو تاريخي ورثو محفوظ رهي سگھي.

    گومي ٻائي ليڊيز ڪلب:

    لاڙڪاڻي کان وٺي شڪارپور،جيڪب آباد کان وٺي حيدرآباد ۽ ٺٽي تائين سنڌ جا هزارين قديم ورثا يا ته ميسارجي ويا آهن، يا انهن تي قبضي خورن قبضا ڪري انهن جو تاريخي حسن ۽ نشانيون ختم ڪري ڇڏيون آهن. لاڙڪاڻي ۾ 1934 ۾ان دور جي عورتن جي تفريح ۽ ميل ملاقات لاءِ جوڙايل ”گومي ٻائي ليڊيز ڪلب“ موجود ضرور آهي، پر اهو ڪلب اڃا تائين سنڌ حڪومت جي قديم ثقافتي جاين جي لسٽ ۾ نه اچي سگهيو آهي ۽ اها پاڪستان ٺهڻ بعد مسلسل ڪيترائي سال بي وسي جي حالت ۾ رهي آهي. جيڪا ڪافي ڀيرا ته قبضي خورن جو به نشانو بڻجندي رهي آهي، پر ڪجهه سالن کان ڪنهن بهتر مالڪي هيٺ به اچي وئي آهي.لاڙڪاڻي شهر جي مرڪز گهنٽي ڦاٽڪ ۽ جناح باغ جي ڀر ۾ 1934 موجود گومي ٻائي ليڊيز ڪلب لاءِ موجود تاريخ موجب ان دور ۾ عورتن جي لاءِ اها ڪلب ان دور جي هندو برادري سان تعلق رکندڙ ڊپٽي ڪليڪٽر پنهنجي فوت ٿيل ڀيڻ ”گومي ٻائي جواهر مل“ جي ياد ۾ جوڙائي هئي ۽ جنهن جو افتتاح هڪ انگريز عورت مس جيمس ڪيو هو ۽ ان جي پهرين صدر انگريز ڊپٽي ڪليڪٽر جي زال مقرر ڪئي وئي هئي ۽ بعد ۾ هر ايندڙ ڊپٽي ڪليڪٽر جي گهر واري ڪلب جي صدر ٿيندي رهندي هئي، ڪلب جي هاڻوڪي چيئر پرسن ڊاڪٽر صبيحه مغل جي لکيل هڪ مضمون موجب ”ان ڪلب ۾ 1941 ۾ آخري وائسراءِ هند جي بيگم ليڊي ماوئنٽ بيٽن کي ڪلب طرفان آجياڻو پڻ ڏنو ويو هو، بعد ۾ پاڪستان ٺهڻ بعد گومي ٻائي ليڊيز ڪلب به سڄي سنڌ وانگر نراسائي جو شڪار رهي، جنهن کي 1952 ۾ شهر جي معزز خاندان جي هڪ وڪيل غلام حيدر مغل جي زال ۽ بيگم يار محمد جوڻيجو بيگم رعنا لياقت علي خان جي عورتن واري تنظيم اپوا جي پليٽ فارم تان ٻيهر اچي آباد ڪيو هو. ان کان سواءِ ڪلب ۾خان بهادر کهڙو، علي گوهر کهڙو، جمال الدين بخاري، عتيق الزمان، رفيق الزمان، فقير محمد جعفري جي گهر وارين ۽ بيگم اشرف عباسي ڪلب ۾ سرگرم هيون.
    ڊاڪٽر صبيحه مغل موجب اڄ به کيس ڪلب متعلق ننڍپڻ جو يادون تازيون آهن، ان دور ۾ به اتي مينا بازار، ٿيندڙ دعوتون، عورتن جي نيشنل گارڊ جو تقريبون ٿينديون هيون. ڊاڪٽر صبيحه مغل موجب کيس ننڍپڻ ۾ ان ڪلب ۾ ئي هڪ ڊريس شو ۾ مغل پرنس جو گيٽ اپ ڏنو ويو هو. ان بعد ٻئي دور ۾ بيگم قاضي اختر ڪلب جي جنرل سيڪريٽري ٿي. جڏهن ته بيگم عبدالرزاق سومرو، بيگم رضا محمد ڀٽو، بيگم ايس خان، بيگم فريده مغل، بيگم شڪيلا غالب، بيگم الطاف قادري ۽ آپا ڪنيز قادري اچي ڪلب کي سنڀاليو. ان کانپوءِ ۾ 1970 بعد ڪلب ويران ٿي ويو. ان جا باغ اجڙي ويا، عمارت کنڊر بڻجي وئي. گهڻا سال پوءِ جڏهن 2004 ۾ ان تي قبضي جي ڪوششش ڪئي وئي ته شهر جي هڪ سماجي تنظيم ارٿ لورس سوسائٽي طرفان ان جي خلاف مزاحمت ڪندي شهر جي باشعور ماڻهن ۽ تنظيمن جو اجلاس خاڪسار هائوس ۾ 8 مئي 2004 تي گهرايو ويو، جنهن ۾ ڪلب کي بچائڻ لاءِ لاڙڪاڻو بچايو ايڪشن ڪميٽي ٺاهي ان جو اڳواڻ ڊاڪٽر صبيحه مغل کي مقرر ڪيو ويو، ان پليٽ فارم تان ڪلب کي بچائڻ لاءِ بک هڙتال ڪئي وئي ۽ ريلي ڪڍي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪلب قبضي کان بچي ويو.گومي ٻائي ليڊيز ڪلب ته بچي ويو، پر اڃا تائين ڪلب کي ان جو ممتاز هوٽل وارو حصو واپس نه ٿي سگهيو آهي.بهرحال ڪلب کي بچائڻ بعد ڪلب جو رونقون ٻيهر موٽي آيون ۽ ان جا ٻيهر قاعدا قانون ۽ باڊيون جڙيون.
    5 آگسٽ 2005 ۾ ڊي سي احمد بخش کوکر ڪلب کي هلائڻ لاءِ هڪ ايڊهاڪ باڊي جوڙي، جنهن ۾ ڊاڪٽر صبيحه ارشد مغل کي چيئرپرسن، فيروزا کوکر کي جنرل سيڪريٽري مقرر ڪري، ڪلپنا ديوي، ڊاڪٽر فخرالنساءِ جوڻيجو، ڊاڪٽر مهه جبين مغل ۽ ٻين کي تنظيمي ڪميٽي جو ميمبر مقرر ڪيو ويو. جڏهن 2006 ۾ ضلعي ناظم محمد بخش آريجو مقرر ٿيو ته هن مسلم ق سان لاڳاپيل عهديدار عاليه رضوي کي ڪلب جو چيئر پرسن مقرر ڪيو ۽ نئين باڊي جوڙي، بقول ڪلب جي ميمبرن جي ان تي سخت اعتراض اٿاريا ويا. جڏهن ق ليگ جي حڪومت ختم ٿئي ته 2008 ۾ ڊاڪٽر صبيحه مغل کي ٻيهر پنهنجي عهدي تي واپس آندو ويو ۽ ڊاڪٽر اشرف عباسي، ڊاڪٽر فخرالنساء، بيگم عبدالرازاق سومرو ۽ ٻين کي تنظيمي ڪميٽي جو ميمبر مقرر ڪيو ويو، جن 2008ع ۾ باقاعدي چونڊون ڪرايون، جنهن ۾ صدرشب روز ميمڻ، جنرل سيڪريٽري شازيا جلباڻي ۽ ٻيون عهديدار چونڊجي آيون.
    اڳوڻي جنرل سيڪريٽري شازيه جلباڻي مطابق ڪلب کي سال 2008 ۾ رجسٽرڊ ڪرايو ويو هو. ڪلب ۾ بسنت کان وٺي سمر گالا، مچ ڪچهريون ۽ ٻيا فيملي ۽ ٻارن جا پروگرام ڪرڻ سان گڏ 8 مارچ عورتن جو عالمي ڏينهن به ملهايو ويندو آهي. ان موقعي تي موجود ڪلب جي راندين واري شعبي جي انچارج مسرت صديقي ٻڌايو ته ڪلب اندر راندين جا هفتا به منعقد ڪيا ويندا آهن ۽ اڳتي هلي جڏهن ڪجهه فنڊ مليا ته عورتن لاءِ رانديون کيڏڻ جا بهتر بندوبست ڪيا ويندا. ڪلب جي سرگرم ميمبر جهان آرا ڪلب جي اندر لائبريري جي حوالي سان ٻڌايو ته ڪلب ۾ لائبريري ضرور هجي، پر اها عوامي لائبريري نه هجي، نثار کهڙي اسان کي پبلڪ وومين لائبريري لاءِ چيو هو، پر اسان کيس انڪار ڪيو هو، اسان کي جيڪڏهن حڪومت ڪا مالي مدد ڪري ته ڪلب ۾ ڪافي ڪم ٿئي سگهن ٿا، ڪلب کي ڪينٽين ۽ ٻيا ڪمرا به گهرجن ۽ گهڻيون ٻيون ضرورتون پوريون ڪري سگهجن ٿيون.
    سنڌ اندر گومي ٻائي واحد قديم تاريخي عورتن جو ڪلب آهي، جنهن کي بچايو ته ويو آهي پر ڪلب کي مستقبل فنڊ ڏيڻ جو بندوبست ڪرڻ، ڪلب ۾ ڇوڪرين لاءِ لائبريري، ڪپيوٽرسينٽر، نيٽ ڪيفي کولڻ، راندين کيڏڻ لاءِ سهولتون مهيا ڪرڻ، ويهڻ ۽ آفيس سيڪريٽريٽ لاءِ ڪمرا ٺهرائي ڏيڻ جو بندوبست ڪرڻ گهرجي.


    • تعليم جو ارتقائي سفر ۽ لاڙڪاڻي ۾ جديد تعليم جي شروعات : مختيار سمون

    آڳاٽي زماني ۾ موجوده دور جيان ڪي با ضابطه طور تي اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽيون يا ٻيا پيشه ورانه تعليم ۽ سکيا جا ادارا ڪو نه هوندا هيا پر تڏهن به ٻار کي ڪامياب شهري ٿيڻ ۽ کيس زندگي کي سڦلي طريقي سان گذارڻ لائق بڻائڻ لاءِ، ان جي تربيت ۽ سنوارت ڪرڻ ۽کيس ڄاڻ ڏيڻ ضروري سمجهيو ويندو هيو. اُن تربيت ۽ تعليم جو گهڻومقصد اِهو هوندو هيو ته جيئن ٻار وڏو ٿي پنهنجي ماحول ۾ موجود چئلينجز سان مقابلو ڪري سگهي ۽ پنهنجي بقا لاءِ کاڌو پيتو حاصل ڪرڻ ۽ رهڻ ڪَهڻ جو بندوبست ڪرڻ جي لائق بڻجي سگهي. ان مقصد لاءِ قديم دور جي ٻار کي قدرتي آفتن ۽ جهنگلي جانورن کان پاڻ بچائيندي کاڌ خوراڪ حاصل ڪرڻ ۽ محفوظ طريقي سان جيئڻ جي تربيت ۽ ڄاڻ پڻ ڏني ويندي هئي.
    زندگيءَ جي ٻين شعبن سميت تعليم ۽ تربيت جي ابتدا پڻ قديم يونان جي ڪريڊٽ ۾ اچي ٿي. قديم دور ۾ اسپارٽا ۽ اٿينس يونان جون اهڙيون ٻه رياستون هيون جتي ڪيترن ئي ٻين ڳالهين سان گڏ اتان جي ٻارن جي تعليم ۽ تربيت جا طريقا ۽ انداز به هڪ ٻئي کان جدا جدا ۽ مختلف هيا. مثال طور اسپارٽا نسبتن ننڍي رياست هئي جنهن ڪري ان کي هميشه حملي آورن جو خطرو رهندو هيو، تنههڪري اتان جي تعليم جو مقصد چاڪ ، چوبند ۽ چست قسم جا ويرهاڪ پيدا ڪرڻ هوندو هيو جيئن اهي وقت ضرورت پنهنجي وطن جي حفاظت ڪري سگهن. ان لاءِ اهو ضروري هيو ته رياست اندر هر نئين ڄاول ٻار کي ستن سالن جي عمر ۾ رياست جي تحويل ۾ ورتو ويندو هيو ۽ انهن کي سخت جسماني تربيت هيٺ رکيو ويندو هيو. اهڙي تربيت دوران ٻار کي اڪثر ڪري اڃيو ۽ بکيو رکيو ويندو هيو ۽کيس هميشه خطرن سان کيڏڻ لاءِ آماده ڪيو ويندو هيو. هر ڏهين ڏينهن ٻآر کي سخت جسماني تشدد جو شڪار بڻايو ويندو هيو ته جيئن منجهس برداشت جي قوت ۾ اضافو اچي اهڙي عمل دوران ڪيترا ٻار مري به ويندا هيا. ارڙهن سالن جي عمر ۾ نوجوانن کي هٿيارن سيکارڻ جي سکيا ڏئي انهن کي رياست جي سرحدن کي سنڀالڻ ۽ حڪومتي ڪاروبار جي نگراني ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو ويندو هيو. ملڪ جو حڪمران به ان کي ئي مقرر ڪيو ويندو هيو جيڪو وڌيڪ سخت جان ۽ ويڙهاڪ هجي.
    ايٿينس ۾ پڻ تعليم جو مقصد ٻارن جي جسماني تربيت ڪرڻ هيو پر ان سان گڏوگڏ ٻار جي ذهني، اخلاقي ۽ جسماني نشونما لاءِ پڻ ڪوششون ورتيون وينديون هيون. ٻارن کي پڙهائڻ وارو ڪم زياده تر غلامن کان ورتو ويندو هيو جن کي پيڊاگاگ سڏيو ويندو هيو. اهڙي طرح قديم زماني ۾ دنيا جي ملڪن ۽ علائقن ۾ تعليم جو ڪو هڪ جهڙوڪ باضابطه انتظام ڪونه هيو پر هر هنڌ اتان جي حالتن ۽ ضرورتن آهر ٻارن جي تعليم ۽ تربيت ڪئي ويندي هئي.
    برِصغير انڊيا ۾ مذهبي تعليم جو عام رواج هوندو هيو ان لاءِ عبادتگاهن ۾ اهڙي تعليم جو بندوبست ٿيل هوندو هيو جتي اتان جا پنڊت، پادري ۽ ملان پنهنجي پنهنجي عقيدي موجب ٻارن جي ڄاڻ ۾ اضافو ڪندا رهندا هيا.
    جيتوڻيڪ اٽڪل ٽي سئو سال اڳ يا تاريخ جي ڪتاب ” تحفته الڪرام “ جي پڌري ٿيڻ کان پهريان ” لاڙڪاڻي“ جو نالو يا ان نالي سان قائم ڪنهن ڳوٺ يا شهر جو پتو کرو ڪو نه ٿو ملي، البته ان وقت به هن علائقي جنهنکي ” چانڊڪو“ سڏيو ويندو هيو، ۾ قائم ننڍن وڏن آبادين ۾ مذهبي تعليم جو عام رواج هوندو هيو. لاڙڪاڻي جي ٻه ٽي صديون اڳ واري سفر ۾ يا ان کان به اڳي واري هتان جي تعليمي منظرنامي تي نظر وجهبي ته هن علائقي ۾ آباديءَ جي مطابقت سان منظم ۽ دنوي تعليم جي ڦهلاءَ لاءِ سنجيده ڪوششون ٿيندي نطر اينديون پر اهي زياده تر مذهبي تعليم لاءِ ئي هيون. مٿال طور ڪلهوڙن جي دورِ حڪومت ۾ لاڙڪاڻي ضلعي واري ايراضيءَ ۾ چار مدرسه قائم هيا. ٽالپرن جي دور ۾ ضلعي لاڙڪاڻي واري علائقي ۾ نون مدرسه هيا. انگريزين جي ابتدائي دور ۾ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ پنجانوي مدرسا هيا پر پوءِ جيئن ئي انگريزي سرڪار هتي مضبوطي سان پنهنجا قدم ڄمائيندي وئي ته ان نظام ۾ تعليم ۾ پڻ تبديلي آڻي باضابطه طور دنوي ۽ جديد تعليم جي ڦهلاءَ جو بندوبست ٿيڻ لڳو. انهي حوالي سان باضابطه طور تي اسڪول متعارف ڪرايا ويا ۽ انگريزي تعليم کي زور وٺرائڻ جون ڪوششون ڪيون ويون. اهڙي طرح لاڙڪاڻي اندر جديد تعليم جي شروعات ٿي. هن مضمون جي طوالت ۽ وقت جي قلت جي مدِنطر ڳالهين کي سميٽي هتي صرف اهڙين ڪوششن جو نمونو پيش ڪرڻ لاءِ لاڙڪاڻي جي ٽن اسڪولن جو ذڪر ڪبو جتان ڪيترن ئي شاگردن علم جو فيض حاصل ڪري لاڙڪاڻي جي جديد تاريخ رقم ڪرڻ ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.

    ا. گورنمنٽ پراونشل ڊي سي هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو

    هن اسڪول جو پهريان نالو ” مدرسته السلام“ هيو جيڪو سن 1900ع ۾ ان وقت جي لاڙڪاڻي جي اسسٽنٽ ڪليڪٽر مسٽر جَي.ايڇ.وِي ٽپر لاڙڪاڻي جي زميندارن کان چندو ڪٺو ڪري بيڪر روڊ تي سِوِل اسپتال جي سامهون قائم ڪيو هو، جتي هاڻي ان ئي عمارت ۾ گورنمنٽ گرلس ڪاليج قا.ئم آهي. هي عمارت ٻه ماڙ هئي، هيٺئين حصي ۾ اسڪول جا ڪلاس هلندا هيا جڏهن ته مٿئين طبقي ۾ ٻارن جي رهائش جو بندوبست ٿيل هوندو هيو. هتي سنڌي ۽ انگريزي ۾ تعليم ڏني ويندي هئي. سال 1915_16 ۾ هن اسڪول ۾ ڪل ڇهاسي شاگرد هيا جن مان اڻونجاهه ٻار سنڌي ۾ ۽ ستٽيهه ٻار انگريزي ۾ تعليم حاصل ڪندا هيا. ٻارن کان سندن مالي حالت مطابق هڪ روپيو، چار روپيا يا اڍائي روپيا ماهانه فيس ورتي ويندي هئي. سال 1915_16 ۾ مدرسه اسڪول جو ڪل خرچ اٺ هزار ست سئو ڇهاسي روپيا ٿيا. ان مد ۾ اسڪول کي جيڪو چندو وصول ٿيو ان جو وچور هيٺئين ريت آهي.
    حڪومت طرفان فنڊ 1875 روپيا
    لاڙڪاڻو ميونسپالٽي طرفان فنڊ 500 روپيا
    ضلعي لوڪل باڊي طرفان فنڊ 2500 روپيا
    فيس ۽ جرماني جي اڳاڙي 707 روپيا
    چندو 200 روپيا
    مختلف مد مان 695 روپيا
    مدرسه اسڪول جو انتظام ضلعي ڪائونسل جي بورڊ هلائيندي هئي جنهن جو ضلعي جو ڪليڪٽر صدر ۽اسڪول جو پرنسپال سيڪريٽري هيا. اپريل 1948ع ۾ مدرسه اسڪول کي بند ڪري هتان جي شاگردن ۽ استادن کي گورنمنٽ هاءِ اسڪول موڪليو ويو ۽ هي بلڊنگ صرف بورڊنگ هاسٽل طور استعمال ٿيڻ لڳي. 1963ع ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاڙڪاڻي هن اسڪول ڊي سي هاءِ اسڪول جي نالي سان کي ٻيهر کولي ڊگري ڪاليج ڀرسان رائيس ڪئنال جي اوڀارين پاسي قائم نئين بلڊنگ ۾ شروع ڪيو جتي هيئنر چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج آهي. هن جو پهريون هيڊ ماستر محترم غلام رسول ڪلهوڙو صاحب مقرر ٿيو. مان پڻ هن اسڪول ۾ شاگرد جي حيثيت سان ڪلاس ستين ۾ اتي ئي داخل ٿيس ۽ بعد ۾جڏهن پهرين جون 1970ع تي سنڌ سرڪار سنڌ جي پنهجن ڊسٽرڪٽ ڪائونسل اسڪولن کي پنهنجي تحويل ۾ ورتو ته پوءِ هن اسڪول تي گورنمنٽ پراونشلائيزڊ ڊي سي هاءِ اسڪول جو نالو پيو. 1974ع ۾ هن اسڪول جي بلڊنگ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج حوالي ڪري هن کي اتان شفٽ ڪري سندس موجوده بلنڊنگ لڳ ميونسپالٽي لاڙڪاڻي ۾ قائم ڪيو ويو. اها بلڊنگ اڳ سرلا جي اسپتال جي نالي سان مشهور هئي . اسڪول جي انهيءَ شفٽنگ ۾ هن اسڪول جا شاگرد به سامان جي ڍوئي ۾ مددگار ٿيا هيا جن ۾ مان به شامل هيس ۽ 1976ع تائين ان ئي اسڪول ۾ پڙهيس جتان ميٽرڪ پاس ڪري فارغ ٿيس. اڄڪلهه هن اسڪول ۾ اٽڪل اسي استاد ۽ يارنهن سئو کن شاگرد آهن. مدرسه اسڪول مان پڙهي ويل شاگردن بعد ۾ پنهنجي ڪارڪردگي ذريعي وڏو نالو ڪمايو انهن ۾ اسٽيٽ بئنڪ پاڪستان جو اڳوڻو گورنر اَي جِي اين قاضي، علامه عمر بن دائود پوٽو، خانبهادر محمد ايوب کهڙو قابل ذڪر آهن.

    2. ميونسپل هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو

    لاڙڪاڻو گزيٽر 1919ع مطابق لاڙڪاڻو ميونسپل اسڪول 1867ع ۾ قائم ڪيو ويو جتي ڇهين جماعت تائين تعليم ڏني ويندي هئي. 1915ع ۾ هن اسڪول ۾ ٻه سئو اٺ ٻار پڙهندا هيا جن ۾ گهڻائي هندن جي هوندي هئي. سال 1915_16 ۾ هن اسڪول جي ڪل خرچ جو تخمينو نو هزار چار سئو ڏهه روپيا آهي جنهن ۾ حڪومت طرفان صرف ويهه هزار اڻياسي روپيا ڏنا ويا. ميونسپل هاءِ اسڪول جي پراسپيڪٽ مطابق ڊاڪ بنگلو لاڙڪاڻو جنهن ۾ هيئنر ميونسپل هاءِ اسڪول قائم آهي اتي ايجوڪيشن سوسائٽي هڪ اسڪول قائم ڪيو هو جنهن کي بعد ۾ 1926ع کان پوءِ لاڙڪاڻي جي ميونسپالٽي پنهنجي تحويل ۾ وٺي هلائڻ شروع ڪيو هيو ۽ اهڙي طرح هن تي ميونسپل اسڪول جو نالو پيو. 1948ع ۾ هن اسڪول جو درجو وڌائي مڊل اسڪول ڪيو ويو جتي خاص طور تي هندوستان کان هجرت ڪري آيل اردو ڳالهائيندڙ شاگردن کي داخل ڪيو ويندو هيو. 1954ع ۾ هن اسڪول جو درجو وڌائي هاءِ اسڪول ڪيو ويو. 1972ع ۾ هن اسڪول کي پڻ حڪومت سنڌ پنهنجي تحويل ۾ ورتو. هن اسڪول کي 1995ع ۾ هائير سيڪنڊري بڻايو ويو. هن وقت اسڪول ۾ اٽڪل هڪ سئو استاد ۽ اٽڪل تيرنهن سئو کن شاگرد آهن. هن اسڪول مان پڙهي نڪتل شاگرد جيڪي اعليٰ عهدن تي پهتا آهن انهن ۾ زبير احمد قدوائي سابقه چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ قربان علي عباسي سابقه تعلقه ناظم لاڙڪاڻو کان علاوه ٻيا ڪي ئي شامل آهن.

    3. گورنمنٽ پائليٽ هائير سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻو

    گورنمنٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو 1919ع ۾ قائم ٿيو. هي اسڪول سڀ کان پهريان موجوده ميونسپل هاءِ اسڪول جي موجوده بلڊنگ جيڪا اڳ ڊاڪ بنگلو طور مشهور هئي ۾ قائم ٿيو هيو. پهريان هي اسڪول اينگلو ورنيڪيولر اسڪول جي نالي سان شروع ٿيو جنهن کان بعد ۾ هن کي ترقي ڏئي 1924ع ۾ گورنمنٽ هاءِ اسڪول جو نالو ڏنو ويو. هن اسڪول جي موجوده بلڊنگ 1926ع ۾ ٺهي تيار ٿي ته اسڪول کي ان ۾ شفٽ ڪيو ويو جتي اڃا تائين هي اسڪول علم جو فيض عام ڪندو رهي ٿو. 1964ع ۾ اسڪولن ۾ ووڪيشنل ٽريڊ جو پائليٽ پراجيڪٽ شروع ٿيو تڏهن هن اسڪول جو به نالو تبديل ڪري گورنمنٽ پائليٽ سيڪنڊري هاءِ اسڪول رکيو ويو. 1994ع ۾ هن اسڪول جو درجو وڌائي هائير سيڪنڊري مقرر ڪيو ويو. 1919ع ۾ اسڪول جو پهريون هيڊ ماستر جناب ڊي وي مرچنداڻي هيو ۽ هاڻ موجوده پرنسپال محترم ديدار علي مغيري آهي. هن اسڪول ۾ اٽڪل هڪ سئو چاليهه استاد ۽ اٽڪل چار هزار ٽي سئو ارڙهن شاگرد آهن. هن اسڪول مان پڙهي ويل شاگردن ۾ پاڪستان جي نيشنل اسيمبلي جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر ڊاڪٽر بيگم اشرف عباسي سميت اٽڳڻيا نالا موجود آهن جن پنهنجي ڪارڪردگي جي ڪري وڏو مان ۽ مرتبو حاصل ڪيو آهي.
    لاڙڪاڻي ۾ موجوده دور ۾ جديد تعليم جي بندو بست جي صورتحال جو اندازو هيٺ ڏنل انگن اکرن مان لڳائي سگهجي ٿو. لاڙڪاڻي ۾ هن وقت نه رڳو سرڪاري تعليمي ادارا موجود آهن پر وڏي تعداد ۾ خانگي تعليمي ادارا پڻ وجود ۾ اچي چڪا آهن جتي پڻ شاگردن جو وڏو تعداد زير تعليم رهي ٿو. اڄڪلهه لاڙڪاڻي ضلعي ۾ سرڪاري اسڪولن جو ڪل تعدا يارنهن سئو ارڙهن آهي، جن مان هڪ هزار ٻٽيهه پرائمري اسڪول، ڇاهٺ مڊل اسڪول ۽ پندرنهن هائير سيڪنڊري اسڪول آهن. انهيءَ کان علاوه لاڙڪاڻي ضلعي ۾ هڪ ڪيڊٽ ڪاليج سميت پروفيشنل ايجوڪيشن لاءِ هڪ ميڊيڪل يونيورسٽي، هڪ انجنيئرنگ ڪاليج، هڪ ميڊيڪل ڪاليج، هڪ زرعي ڪاليج، هڪ ڪامرس ڪاليج ۽ ٻيا به ڏهه کن ڪاليج ۽ ٻيا ننڍا وڏا انسٽيٽوٽ ۽ ادارا موجود آهن. ساڳي طرح خانگي شعبي جا پڻ سوين اسڪول لاڙڪاڻي ضلعي جي شاگردن لاءِ جديد تعليم ۽ تربيت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهن ٿا.


    • پنهنجو لاڙڪاڻو (يادگيريون، وسريل ماڳ ۽ ڪردار) : جيئل اوڏ

    لاڙڪاڻي جي تاريخ تي گھري نظر وجهڻ سان معلوم ٿيندو ته هن باغن جي شھر جي ماڻھن تي قدرتي آفتن ۽ هٿ ٺوڪي نموني پيدا ڪيل مسئلن سبب ڪھڙيون ڪھڙيون تڪليفون آيون هتي انهن مان ڪجهه جو ذڪر ڪجي ٿو.
    ۱۹۲۰ع ڌاري لاڙڪاڻي وچ شھر ۾ باهه لڳي جنھن ۾ وڏو معاشي نقصان ٿيو ان ۾ لاڙڪاڻي جي سونھن کي ڪافي ڌڪ لڳو. ان واقعي کانپوءِ لاڙڪاڻي ۾ آنند شيوا منڊلي جو بنياد پيو.
    ۱۹۲۹ع ۾ قدرتي وبا ڪالرا جي بيماري پئي ۽ ان ۾ لاڙڪاڻي جا ڪيترا ڪونڌر مري ويا ۽ گهرن جا گهر اجڙي ويا. ڪيترائي سماجي ۽ مخلص ڪارڪن هن وبا دوران خدمت ڪندي وفات ڪري ويا جن ۾ بي لوث سماجي ڪردار ريجهو مل به هڪ هو.
    جنرل ايوب جي دور ۾ شايد ۶۰-۱۹۵۹ع دوران لاڙڪاڻي ۾ برسات سان گڏ طوفان آيو، رات جو وقت هيو، شھر ۾ جيڪي به روڊن ۽ رستن تي وڏا وڻ ۽ ڇانورا هئا، جيڪي انگريز ڊپٽي ڪليڪٽر فورڊ صاحب پنھنجي وقت ۾ پوکرايا هئا، جن جو هو شوقين هو سي سڀ پاڙئون پٽجي ويا ۽ بجليءَ جا وڏا وڏا پول به ڪري پيا ۽ ڪيترن جاين کي نقصان پھتو. پر لاڙڪاڻي جي Wooden Structure تي ٺاهيل جاين کي گهڻو نقصان ڪونه ٿيو. اهو به ڄڻ قيامت جو نظارو هيو.
    ۱۹ آگسٽ ۱۹۶۲ع جيڪو لاڙڪاڻي لاءِ نڀاڳو ڏينھن هيو جو لاڙڪاڻي جي وڏي ۽ مکيه بازار شاهي بازار کي خطرناڪ باهه لڳي ۽ مون کي ياد آهي ته اٽڪل ۱۰ کان ۱۵ ڏينھن مسلسل ڪوشش بعد وڃي باهه کي وسايو ويو. باهه وسائي بيھن پيا ته ٻئي هنڌان باهه ڀڙڪي اٿي پئي. سکر، جيڪب آباد، شڪارپور کان مدد لاءِ فائر برگيڊ گهرايون ويون هيون. هن باهه ۾ ۲۱ ڪپڙي ۽ سون جا دوڪان ۽ ۵-۶ گهر جيڪي ٻه ماڙ جايون هيون ۽ بازار جيڪا ڪاٺ جي پڃرن سان ڍڪيل هئي، سڙي خاڪ ٿي ويا. اولھه ۾ عبدالسلام آرائين جي دوڪان وٽ باهه اچي بيٺي ۽ ڏکڻ ۾ منھنجي ڀاءُ بخت راءِ اوڏ جي گهر وٽ اچي باهه رُڪي جيڪا برهمڻ حويلي جي مھڙ ۾ آهي.
    شروع کان وٺي شاهي بازار ڪاٺ جي پڃرن سان ڍڪيل هئي. ان خوفناڪ باهه کان پوءِ سموري بازار تان ڍَڪَ وارا پڃرا هٽايا ويا. باهه بازار جي ٻنھي پاسن کان دوڪان ۽ گهر ساڙيندي هلي. آءٌ ان وقت ميٽرڪ جو شاگرد هيس. دوڪانن ۽ گهرن ۾ شھتير، در دريون، ديال ۽ ساگوان ڪاٺ جون هيون. ان ڪري باهه تي ڪنٽرول ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو هيو. هن باهه جا شعلا تمام پري پري تائين ڏسڻ ۾ ٿي آيا. ان سڙيل بازار کي ٻيھر آمريڪي امداد ذريعي سرڪار ٺھرايو. ان وقت آمريڪا جو صدر جان ايف ڪينيڊي هيو. پيڙهه جو پٿر رکڻ دوران پاڪستان جو صدر فيلڊ مارشل ايوب خان ۽ ذوالفقار علي ڀٽو صاحب ٻئي گڏ هئا. صبح جو سوير جيئن مان ڏهي وٺڻ لاءِ نڪتس ته بازار ۾ مون ٻنھي صاحبن کي ڏٺو. ان وقت بازار ۾ رش ڪانه هئي شايد هي ٻنھي جو اوچتو پروگرام هيو. اهو پيڙهه جو پٿر هاڻي به موجود آهي جنھن تي ”Z.A Bhutto Minister of Industrial and Natural Resources, Govt: of Pakistan 30th Oct 1962” لکيل آهي ۽ مرحوم شمس الدين شيخ جي پراڻي بوٽن جي دوڪان جي ڀت تي لڳل آهي. ان دوڪان ۾ هينئر ڪپڙي جو دوڪان آهي.
    ۱۹۷۶ع ۾ غريب مقام ۾ ويٺل ۱۱۰ گهرن کي باهه لڳي ۽ سمورا ڪکاوان گهر سڙي خاڪ ٿيا ۽ سرڪار ۱۱۰ ڪوارٽر ۽ ڪجهه دوڪان تيار ڪرائي متاثر ماڻھن کي ڏنا، ان وقت ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جو وزيراعظم هيو. مان اوهان کي ٻڌايان ٿو ته اها غريب مقام ڪالوني ڪيئن وجود ۾ آئي.
    حقيقت اها آهي ته غريب مقام تمام وڏو قبرستان هيو. اتر طرف کان مڇي مارڪيٽ، ڏکڻ طرف بھار شاهه ۽ وچ ۾ سمورو قبرستان هيو. قبرستان جي چوڌاري Compound Wall ڏنل هئي. ماڻھن جي لتڙ ۽ اچ وڃ جي ڪري اتر طرف واريون قبرون ڊهنديون ويون ۽ اوڀر طرف به ميدان ٿيندو ويو. اتي ”ڪوڏي ڪوڏي“ ۽ والي بال جون ٽورنامينٽون ٿينديون هيون. ساڳي ئي پلاٽ تي ۱۹۶۲ع ۾ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ لاڙڪاڻه طرفان “District Fair 1962” ميلو لڳو. هي وڏي ۾ وڏو ڊسٽرڪٽ ميلو هيو، ان ۾ نجي اسٽال، سرڪاري کاتن جا اسٽال، جهولا، موت جو کوهه، چڙيا گهر ۽ هڪ سرڪس ”اولمپيا“ جنھن ۾ هاٿي هئا ۽ سرڪس ۾ ڪم ڪرڻ واريون ٻه غير ملڪي ڇوڪريون جوڊي ۽ سانڊرا هيون، جن ڪيترن نوجوانن کي چريو ڪري ڇڏيو هيو. هي ميلو تقريباً ۱۵ ڏينھن يا ان کان وڌيڪ هليو. ان ميلي اهو ڪم ڪيو جو رهيل کھيل قبرون به ماڻھن جي لتڙ ڪري پٽ ٿي ويون. ميلي بعد ماڻھن اتي اچي قبضا ڪرڻ شروع ڪيا. ڪچي پڪي اڏاوت ڪري رهڻ شروع ڪيو ۽ وڌي وڌي ۱۱۰ گهر ٿي ويا. چئي نـٿو سگهجي ته انھن گهرن کي قدرتي باهه لڳي يا هٿرادو ڏياري ويئي ته جيئن سرڪاري پڪا ڪوارٽر ٺھي ملن، اهڙي طرح سمورو قبرستان ختم ٿي ويو ۽ هينئر اتي هڪ جديد ڪالوني موجود آهي.
    محترمه بينظير ڀٽو کي روالپنڊي ۾ ۲۷ ڊسمبر ۲۰۰۷ع ۾ قتل ڪيو ويو، لاڙڪاڻي ۾ باهه ٻري ويئي، جنھن ۾ شھر جون سڀ بئنڪون ساڙيون ويون، سرڪاري آفيسون جن ۾ ٽريزري آفيس، نادرا آفيس، ريلوي اسٽيشن، پوسٽ آفيس وغيره ساڙيا ويا ۽ شھر ۾ هٿيارن جي دوڪانن کي ساڙيو ويو ۽ شرپسند هٿيار به کڻي ويا. شھر ۾ وڏي ڦرلٽ ٿي.

    گورنمينٽ هاءِ اسڪول جو ٺـهڻ:

    گورنمينٽ هاءِ اسڪول جي ٻه ماڙ بلڊنگ جي ٺاهڻ لاءِ هڪ لک روپيه سرڪار طرفان ۱۹۲۵ع ۾ سيٺ لکمي چند ولد نارائڻ داس کي ٺيڪي ۾ مليا. اها بلڊنگ ۱۹۲۶ع ۾ ٺھي تيار ٿي. اڃان اسڪول جي جاءِ مڪمل ٺھي ڪانه ته ٺيڪيدار جا پئسا ختم ٿي ويا. ان ڪم کي پوري ڪرڻ لاءِ سيٺ پنھنجي ۱۵-سئو ايڪڙ زمين ۽ ٻي ملڪيت کپائي اسڪول کي راس ڪرايو. ۱۹۲۵ع ۾ زرعي زمين جي قيمت ۴ روپيه في ايڪڙ هئي.
    رتيديري روڊ سان سيٺ کي پنھنجو لوهي چمنيءَ وارو سرن جو بٺو هيو اهي ئي سرون ڪتب آندائين. سرن جو مونوگرام (L.N) لکمي چند نارائڻ داس هوندو هو. اسڪول جي ٻه ماڙ بلڊنگ آهي، اسڪول جي هيٺين حصي ۾ هيڊ ماستر ۽ ڪلارڪن جي آفيس، ٽيچرس روم، ان سان گڏ هڪ وڏو آڊيٽوريم ۽ ۱۰ ڪشاده ڪلاس روم آهن. اسڪول جي مٿئين حصي ۾ وڏو ڊرائنگ هال، سائنس هال، ڪامرس هال ۽ ۸ ڪشاده ڪلاس روم آهن.
    اسڪول ۾ ٽي ڪاٺ جون وڏيون ڏاڪڻيون آهن جيڪي Teak Wood ساڳوان جي ڪاٺ مان ٺھيل آهن. اسڪول جي بلڊنگ ڏسڻ وٽان آهي ۽ سندس بيھڪ انگريزي “E” اکر وانگر آهي، اسڪول کي ٺھي ۸۴ سال ٿيا آهن پر پوءِ به توهان کي ائين معلوم ٿيندو ته هي تازو ٺھيل آهي. پراڻي اسڪول جي بلڊنگ ڀرسان ٻيا بلاڪ تازا ٺھيا آهن پر پوءِ به انھن جي ڪنسٽرڪشن زبون معلوم ٿيندي.
    سيٺ لکمي چند دڙي محلي جو رهواسي هيو ۽ مُکي ليکبو هيو. مون سيٺ صاحب کي بچپن ۾ ڏٺو. شڪارپور جو سيٺ خوشيرام، هريجن ٽرسٽ هلائيندو هيو، هيٺين طبقي جي ٻارن، هريجن، اوڏن، ڀيلن، سوچين ۽ بازيگرن جي اسڪول پڙهندڙ ٻارن کي اسڪالرشپ ڏيندو هيو جيڪا ۵ کان ڏهه روپيه ماهانو ملندي هئي ۽ موسم آهر ڪپڙن لاءِ (اسڪول ڊريس جيڪا پراڻي وقت ۾ مليش هوندي هئي) به ملندا هئا. سيٺ خوشيرام ان وقت به ۸۰ سالن کان مٿي عمر جو هيو ۽ هٿ ۾ وڏي لٺ ٽيڪي هلندو هيو، لاڙڪاڻي ڌرم شالا ۾ اچي رهندو هيو ۽ نياپو ڪري سڀني پڙهندڙ شاگردن کي گهرائي اسڪالرشپ ڏيندو هو يا وري ڪڏهن سيٺ لکمي چند جي اوطاق تي به اسڪالرشپ ڏيندو هو. مون اتان به اسڪالرشپ ورتي. مرحوم سيٺ لکمي چند جو پٽ ديوان مرلي رائل سئنيما جو مينيجر ۽ فلمن جو مشھور ڊسٽريبيوٽر رهي چڪو آهي ۽ هينئر اهو به پوڙهو ٿي چُڪو آهي.

    لاڙڪاڻي ۾ حاطا:

    ڪنھن جاءِ جي چوڌاري ڏنل ننڍي ڀت جي اندران آيل ميدان يا پڌر کي حاطو چيو ويندو آهي. اهڙا حاطا مون پنھنجي سانڀر ۾ لاڙڪاڻي ۾ ٻن جاين تي ڏٺا. هڪ جيلس بازار ۾ گڏهن جو حاطو، جيڪو ميونسپل جي ماتحت هيو جيڪو ٺيڪي تي ڏنو ويندو هيو. منھنجا ڀائر ۽ چاچي جن هفتي ڏهين يا پندرهين ڏينھن جڏھن به ڳوٺ کان لاڙڪاڻي، گهر جي سامان جي خريداريءَ لاءِ ايندا هئا ته پنھنجا گڏهه ان حاطي ۾ ٻڌي ايندا هئا ۽ ان خدمت عيوض هڪ آنو يا ٻه آنا رقم وصول ڪندا هئا. سامان خريد ڪرڻ ۾ سمورو ڏينھن لڳي ويندو هيو. زنانو ڪپڙو هڪڙي دوڪان تان ته مرداڻو ڪپڙو وري ٻئي هنڌان خريد ڪبو هيو مرچ هڪ هنڌان ته کار صابڻ وري ٻئي دوڪان تان وٺڻو پوندو هيو ۽ آخر ۾ وارو ايندو هيو سبزي وٺڻ جو. پٽاٽا هڪ هنڌان ته بصر ٻئي هنڌان. اهڙي نموني سموري بازار گهمي ڦري پوءِ سامان خريد ڪيو ويندو هيو. کائڻ پيئڻ جون شيون چکي پوءِ ورتيون وينديون هيون. مثلاً ڳڙ، مٺائي، کنڊ ڀڳڙا، نقل، ريوڙيون ۽ لائي وغيره جيڪا ٻارڙن لاءِ ورتي ويندي هئي.
    ڪپڙي وٺڻ جو به فن انھن ۾ نرالو ڏٺم ڇُرَ جو ڪپڙو يا رنگين ڪپڙو وٺڻ وقت رنگين ڪپڙي کي وات ۾ وجهي چٻاڙي پوءِ پاتل اڇي قميص يا چادر تي اهو چٻاڙيل ڪپڙو مھٽي ڏسندا هئا ته رنگ لھي ٿو يا نه؟ جيڪڏهن رنگ لھندو هيو ته ان دوڪان تان جلدي لھي وري ٻي دوڪان تي چڙهي ان ئي فارمولا کي استعمال ڪري پڪي رنگ وارو ڪپڙو وٺندا هئا. هونءَ به پراڻي دور ۾ اڄ واري دور وارا ڪپڙن ڌوئڻ وارا ڊٽرجن پائوڊر ڪونه هئا. سمورا ڪپڙا کار ۾ ڌوپبا هئا. ان ڪري ڪپڙي جي رنگ تي وڌيڪ خيال ڪيو ويندو هيو.
    اَنُ (ڪڻڪ يا ساريون) وٺڻ وقت ٿوري چپٽي کڻي (اناج جي هرهڪ جنس) هٿ جي تِريءَ تي رکي ٻيو هٿ مٿان رکي ان کي ٿورو مَھٽبو هيو ۽ ان کان پوءِ اُنَ جنس کي خريد ڪبو هو. خاص ڪري چانورن کي ته سنگهي به ڏسبو هيو ۽ پوءِ خريد ڪيو ويندو هو. اهڙي نموني انب ۽ گدرو به سنگهي پوءِ خريد ڪيو ويندو هيو. ان مان اُن جي مٺاڻ جي خبر پوندي هئي. مال متاع خريد ڪبو هو ته ان کي به جاچي جوچي پوءِ وٺندا هئا. گهوڙو، گڏهه، ٻڪري، رڍ، مينھن ۽ ڳئون وغيره وٺـڻي هوندي هئي ته پھريائين ان جا ڏند ڏسبا هئا، پوءِ هڏ ڪاٺ، ان جو رنگ جاچبو هيو (ڏند ڏسڻ سان سندس عمر جي خبر پوندي هئي.)
    ٻيو حاطو عظيم شاهه جي ڀرسان P.V School جي اتر ۾ روڊ جي ڏکڻ طرف هيو جتي ٻيرين جو وڏو باغ هيو، انھن ٻيرين جي وڏن وڻن جي هيٺان مون ڏاند گاڏيون بيھندي ڏٺيون. آءٌ ان وقت سن ۵۵-۱۹۵۴ع ۾ پي.وي اسڪول ۾ پڙهندو هيس. هينئر ان جاءِ تي رهائشي جايون ٺھي چڪيون آهن ۽ روڊ جي ڀر ۾ وڏا وڏا فرنيچر جا دوڪان جڙي ويا آهن.

    واشنگٽن ڊي سي بلڊنگ:

    بندر روڊ جتان شروع ٿيو، هن وقت اسان اُن چوڪ کي بئنڪ اسڪوائر چئون ٿا. نيشنل بئنڪ آف پاڪستان جي بلڊنگ جيڪا (محترمه بينظير ڀٽو جي شھادت وقت) هنگامن جي ڪري سڙي ويئي. اُن بلڊنگ جي آمھون سامھون هڪ اڇي رنگ جي بلڊنگ موجود آهي. ڪافي وقت اڳ ان ۾ حبيب بئنڪ هئي ۽ هينئر ان جڳھه ۾ NIB بئنڪ آهي. اوهان ان جڳھه کي غور سان ڏسندا ته اوهان کي ان جي بيھڪ واشنگٽن ڊي سي جي عمارت وانگر نظر ايندي ۽ ان جي ڀر ۾ يو بي ايل جي بلڊنگ آهي. ان پراڻي حبيب بئنڪ جي بلڊنگ امريڪن انجنيئر جي نقشي تي تيار ٿيل واشنگٽن ڊي سي جي عمارت وانگر ٺھيل آهي ۽ هوبھو ٻاهران جي مشابھت ڏئي ٿي ۽ هي جاءِ مستري فتح محمد سومري جي جوڙيل آهي. نواب غيبي خان جو پراڻو بنگلو به ان ئي مستري تيار ڪيو.
    ورهاڱي کان اڳ ان جاءِ ۾ ڊاڪٽر پوهو مل ۽ ڊاڪٽر عالم چند جن جي رهائش گاهه ۽ ڊاڪٽر پوهو مل جي اسپتال هئي. منھنجي مرحوم امڙ جو جڏهن به هتان گذر ٿيندو هو ته هن بلڊنگ کي غور سان ڏسندي هئي. هن وقت ان جاءِ جو مالڪ محمد پناهه شيخ آهي.

    بولس باغ يا ٽاور گارڊن:

    چيو وڃي ٿو ته لاڙڪاڻو باغن جو شھر هيو، واقعي لاڙڪاڻو باغن جو شھر هيو، مون پاڻ اهي باغ اکين سان ڏٺا ۽ انھن ۾ پاڻ کيڏيو آهيان پر هن وقت اهي موجود ڪونھن. جڏهن پراڻي اناج منڊي ڀرسان ڌنا سنگهه گهٽي ۾ رهائش هئي ته رهڻ واري جاءِ جي سامھون ميونسپل پارڪ هيو، ان کي ڊاهي ايم سي بي ٺاهي ويئي.
    جڏهن ڌنا سنگهه گهٽي ڇڏي برهمڻ حويلي کٽاڻ بازار ۾ رهائش ٿي ته بولس باغ ۾ کيڏڻ ٿيو پر هن تفريح واري جاءِ کي به ڊاهي ان ۾ ڪئنيڊي مارڪيٽ ٺاهيو ويو.
    بولس صاحب T.J. Bollus اپريل ۱۹۱۷ع کان ۱۹۱۸ع مارچ تائين لاڙڪاڻي جو ڪليڪٽر ۽ ميونسپل ڪاميٽي جو سربراهه رهيو، ٿي سگهي ٿو ته هي باغ بولس صاحب جي وقت ۾ جڙيو يا اهو باغ اڳ ۾ ئي هيو پوءِ ان کي بولس صاحب وڌيڪ سڌاريو ۽ سنواريو. ان ڪري ان باغ جو نالو بولس باغ پيو. جيئن لاڙڪاڻي وارو گيان باغ هينئر باغ ذوالفقار جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. بولس باغ ۾ وري هڪ سھڻو گهنٽا گهر هوندو هو جنھن جو نالو صاحب سنگهه ٽاور هو ۽ انھيءَ نالي واري ماڻھوءَ جي يادگيري ۾ ٺھرايو ويو هو ۽ انھيءَ جاءِ تي هينئر به موجود آهي.
    هن گهڙيال کي ۱۹۶۲ع تائين مون صحيح ٽائيم ٻڌائيندي ڏٺو هر ڪلاڪ کانپوءِ ان جو گنڊ وڄندو هو، ان گنڊ جو آواز ڪافي پنڌ تائين ٻُڌڻ ۾ ايندو هو. اتي گهنٽا گهر جي يادگيريءَ وارو پٿر به لڳل هو. جڏهن ان باغ کي اُجاڙي ڪئنيڊي مارڪيٽ ٺاهيو ويو ته ان گهنٽا گهر واري يادگار پٿر کي اُکاڙي ان ئي جاءِ تي ٻيو پٿر هنيو ويو.
    ياد رهي ته ۱۹۶۳ع ۾ آمريڪا جو جيڪو صدر هيو ان جو نالو جان ايف ڪينيڊي هيو. جنھن جي امداد سان ڪئنيڊي مارڪيٽ ٺاهيو ويو.

    سئنيمائن جو ڪمال ۽ زوال:

    ۱۹۶۵ع کان اڳ ۾ ايمپائر ۽ نگار سئنيمائن واري حصي واري ڌرتي شام کان وٺي ڄڻ ڌڏندي محسوس ٿيندي هئي. اتر کان ڊي. سي اسڪول کان وٺي ڏکڻ ۾ کھڙي جي پراڻي بنگلي تائين ماڻھن جا اڻ کٽ ميڙ نظر ايندا هئا، ايتري قدر جو رستي تي هلڻ به ڏکيو ٿي پوندو هو. خاص ڪري انھن ڏينھن ۾ اها حالت رهندي هئي جڏهن ڪا نئين فلم سئنيمائن ۾ لڳندي هئي، حالانڪ ان وقت آدمشماري به گهٽ هئي پر فلمن ڏسڻ وارن جي شوق ڪري وڏي رونق لڳل هوندي هئي. شھر کان علاوه ٻھراڙي ۽ ٻين شھرن کان به ماڻھو فلم ڏسڻ ايندا هئا. ان روڊ سان ٻه سئنيما گهر گڏ هئا هڪ نگار ۽ ٻيو ايمپائر.
    سئنيما گهرن جي ٻاهران روڊ تي ريڙهين جي الڳ رش هوندي هئي، جيڪي ڪمند جي ڳنڍيرين، مڱيرن ۽ نيزن سان ڀريل هونديون هيون. ان وقت ڪمند جي ڳنڍيري هڪ آني ۾ هڪ پاءُ، ان تي به گلاب جو پاڻي ڇڙڪيل. نيزا چئين آني ۾ هڪ آنو، هڪ آني ۾ مڱيرا ايترا ملندا هئا جو کيسو ڀرجي ويندو هيو. ان کان علاوه پاپڙ وارن جا هوڪا الڳ هوندا هئا. مٺائين ۽ پڪوڙن جا دوڪان الڳ. پان کائڻ وارن لاءِ مانڊليون الڳ هونديون هيون. چانھه وارا هوٽل الڳ. مطلب ته هر ڪنھن جي روزي سٺي ٿيندي هئي. ان وقت سئنيما تي هر روز، ۳ شو ۽ آچر واري ڏينھن تي ۴ شو ٿيندا هئا، صبح جو مارننگ شو جيڪو ۱۱ بجه شروع ٿيندو هو، جنھن ۾ گهڻو ڪري انگريزي فلمون هلنديون هيون، سين ڪونري جيمس بانڊ 007 جون فلمون ڊاڪٽر نو، ڊاڪٽر نو ڪي قاتل ڪي واپسي. ان وقت جون مقبول فلمون هيون، ٻيو مئٽني شو جيڪو ساڍا ٽي بجه منجهند جو هلندو هيو. سج لٿي کان پوءِ ۶ کان پوءِ ۶ کان ساڍا ۶ بجه تائين. ان کان پوءِ آخري شو ۹ بجي رات جو شروع ٿيندو هيو ۽ رات جو ساڍي ۱۲ ۽ هڪ بجي ختم ٿيندو هيو.
    فلمون اهڙيون جو هرهڪ شو هائوس فل ويندو هو ۽ فلم جي شوقينن کي هڪ ٻه ڏينھن ته عام دريءَ مان ٽڪيٽ ڪانه ملي سگهندي هئي ۽ پوءِ ٽڪيٽون بليڪ تي وٺڻيون پونديون هيون. رات وارن شوز تي هلندڙ فلم جي مشھور گانن تي سئنيما جا دروازا کولي ڇڏيندا هئا ته جيئن آواز ٻاهر پري پري تائين پھچي ته جيئن فلم بينن جون دليون هرکي پون. رش جي ڳالهه پئي ڪيم، رش ڇونه هجي، ايمپائر ۾ ويھڻ لاءِ ۱۱- سئو سيٽون هيون، نگار ۾ ۵۱۰ سيٽون هين ۽ اهڙي طرح هرهڪ شو ۾ ۱۶۱۰ ماڻھو ٽڪيٽون وٺي ٻئي شو جي ڏسڻ لاءِ تيار بيٺا هوندا هئا ۽ ان کان علاوه ٻيا واندا ماڻھو جيڪي فلمن جا پوسٽر به ڏسڻ ايندا هئا ۽ انھن جي رش هوندي هئي. اها حالت رائل روڊ سان به هوندي هئي رائل سئنيما ۾ ۶۰۰ ماڻھن جي ويھڻ جي گنجائش هئي ۽ اتي به ماڻھن جي وڏي رش هوندي هئي.
    منھنجي خيال ۾ فلم انڊسٽري جو زوال ۱۹۶۵ع کان شروع ٿيو، جڏهن هندوستان ۽ پاڪستان جي جنگ لڳي ۽ ان کان پوءِ هندوستاني فلمون پاڪستان ۾ هلڻ بند ٿي ويون. ريڊيو پاڪستان تان هندوستاني گانا به نشر ٿيڻ بند ٿي ويا. وري ٻيو ڪاپاري ڌڪ ضياء جي مارشل لا ۾ فلم انڊسٽري مٿان سينسر بورڊ جي تلوار لڙڪائي ڇڏي جنهن ڪري ماڻھن مان فلم ڏسڻ واري دلچسپي ختم ٿيندي ويئي. ان کان پوءِ وي سي آر، ٽي وي ۽ ڊش ڪلچر اچي ويو ۽ فلمي ڪاروبار بند ٿيڻ لڳو. ان ڪري سئنيما مالڪن سئنيمائون ڊهرائڻ شروع ڪيون ۽ ان جي مٿان مارڪيٽ، شاپنگ سينٽر ۽ پيٽرول پمپ ٺھرائڻ شروع ڪيا ۽ اهڙي ريت لاڙڪاڻي جي پنج سئنيمائن مان هڪ سئنيما ڪلوپيٽرا وڃي بچي آهي باقي نگار ۲۰۰۵ع ۾، ايمپائر ۲۰۰۴ع ۾، رائل ۱۹۹۲ع ۾ ۽ المنظر سئنيما ۲۰۰۶ع ۾ ڊاهي پٽ ڪيون ويون آهن.
    هينئر جڏهن به ايمپائر روڊ سان وڃڻ ٿيندو آهي، جتي اڳ اوج هيو اُتي هينئر ويراني نظر ايندي آهي. روڊ جي ٻنھي پاسي اوهان کي بجري ۽ سرن جا وڏا ڍير نظر ايندا هاڻي اُتي لوهه جا دوڪان کلي ويا آهن هاڻي ايتري وڏي چھل پھل به نظر ڪانه ٿي اچي ۽ نه ئي اهي رونقون آهن جيڪي سئنيمائن سبب هونديون هيون.

    لاڙڪاڻي جو هڪ يادگار ڪردار الهه ڏنو پڙهي وارو:

    پورو نالو الھه ڏنو سومرو پٽ عبدالمجيد سومرو، والدجو پيشو کٽڪو هيو. سندس رهائش ايمپائر روڊ تي کھڙي جي بنگلي جي سامھون واري گهٽي محلي علي گوهر آباد ۾ هئي. سندس اولاد اڃا به ساڳي جاءِ ۾ رهائش پذير آهي.
    جڏهن اڃا مسجدن ۾ لائوڊ اسپيڪرن جي استعمال جو رواج به ڪونه پيو هيو ۽ ان دور ۾ ميڊيا به ايتري تيز ڪانه هئي پر ان دور۾ الھه ڏنو پڙهي وارو هٿ ۾ لوهي توتارو کنيو پڙها ڏيندو نظر ايندو هيو. شروعات ۾ سائيڪل تي سوار ٿي پڙهو ڏيندو هو. ڪو گم ٿيل ٻار سائيڪل تي کڻي پڙهو ڏيندي ڏٺم ۽ ٻڌم ته هي ٻار ڪنھن جو آهي؟ اهڙي طرح هو گم ٿيل ٻارن کي سندن والدين تائين پھچائيندو هو، کيس پڙهي ڏيڻ ۾ وڏي مھارت حاصل هئي پاڻ ڀوڳائي طبيعت جو مالڪ هو ماڻھن جو توجهه پاڻ ڏانھن ڇڪائڻ جو به ماهر هو.
    اصل ۾ هي ميونسپالٽي جو ملازم هو، سندس ڊيوٽي شهر جي مختلف رستن تي لڳل فانوس ٻارڻ جي هوندي هئي. ان وقت زوار محمد بخش مڱڻھار لائيٽ انسپيڪٽر هيو ۽ سندس آفيس پراڻي پاور هائوس (جيڪو ميونسپل هاءِ اسڪول جي آمھون سامھون آهي) ۾ هئي. پراڻي وقت ۾ اهو پاور هائوس لاڙڪاڻي شھر کي بجلي پھچائيندو هيو. جتي بجلي نه پھتي اتي اهم چوراهن تي ۽ اهم پاڙن ۾ فانوس هئا جيڪي رات جي پھر ۾ ٻرندا هئا. زوار محمد بخش جو گهر نانو پڌر ۾ (برڪت شيخ جي گهر ڀرسان) هيو، سندس پونئير اڃا تائين به ساڳي جڳھه ۾ رهن پيا، جتان الھه ڏنو ڏاڪڻ ۽ گاسليٽ کڻي وڃي فانوس ٻاريندو هيو.
    گجڻ پور واري پل جيڪا جيلس بازار جي اتر ۽ اوڀر واري ڪنڊ تي گهاڙ مٿان اڏيل هئي. هن پل جي وچ تي ٻنھي پاسن کان سنگ مرمر جا ٻه وڏا بورڊ نصب ٿيل هئا ۽ انھن بورڊن مٿان روشنيءَ لاءِ وڏا فانوس موجود هئا، جيڪي گاسليٽ تي ٻرندا هئا. ان نوڪريءَ هوندي ئي پاڻ کي چاچي الھه ڏني پڙهي واري طور مشھور ڪرايو، پاڻ سماجي ڪارڪن کان علاوه خاڪسار تنظيم وارن سان به واسطو هوندو هوس. ۵۶-۱۹۵۵ع ڌاري هن کي هڪ ۵-۶ سالن جي ننڍڙي ڇوڪري ملي جيڪا رنگ جي چِٽي هئي سندس مائٽ شايد پٺاڻ هئا. ڪافي پڇا بعد به هِن ڇوڪريءَ جو ڪوبه وارث ظاهر نه ٿيو پوءِ اها ننڍڙي ڇوڪري چاچا الھه ڏني سان رهڻ لڳي. ڇوڪريءَ جي ملڻ بعد چاچي سائيڪل تي پڙهو ڏيڻ بند ڪيو پوءِ پيادل پڙهو ڏيندو هيو.
    هڪ هٿ ۾ ننڍڙي ڇوڪري هوندي هيس ۽ ٻئي هٿ ۾ توتارو. پڙها ڏيندو هو ته ڇوڪري هن سان وڙهندي هئي کيس هٿن ۾ چڪ پائيندي هئي، پر چاچا ڏاڍو صابرين ڏٺو، مارڻ وارو دھمان ڪري ڊيڄاريندو هوس. وقت ائين گذرندو رهيو، آخر هلندي هلندي اها ڇوڪري اچي جوان ٿي، الھه ڏنو عمر کان به ڍلجي چڪو هيو، هن جي اڳ ۾ ئي شادي ٿيل هئي ان گھرواري مان هڪ پٽ عبدالسميع ۽ هڪ نياڻي جي اولاد هئي. هن ڪوشش ڪئي ته اِن ڇوڪري جي ڪنھن سان شادي ڪرائجي پر ان کي وٺڻ لاءِ ڪوبه تيار ڪونه هو. جيلس بازار جي جامع مسجد جي پيش امام ۽ مفتي جي صلاح سان اِن ڇوڪريءَ سان پاڻ شادي ڪيائين.
    الله سائينءَ جي قدرت ۽ مھرباني سان چاچا الهه ڏني کي ان حسنه مائيءَ مان پنج پٽ ۽ هڪ ڌيءَ ڄائي جيڪي بلڪل نارمل آهن. نياڻي هڪ سٺي گهر ۾ ڏنل آهي، سندس مڙس پوليس آفيسر آهي، سندس ۵ پٽن جو تفصيل هيٺينءَ ريت آهي.

    ۱- وڏو پٽ عبدالغفار پوليس ۾ آفيسر آهي.
    ۲- ٻيو پٽ عاشق حسين پوليس ۾ اي ايس آءِ آهي.
    ۳- ٽيون پٽ معشوق علي وڊيو جو دوڪان هلائي ٿو.
    ۴- چوٿون نمبر پٽ ذوالفقار علي ميڊيڪل ريپريزنٽيٽو آهي.
    ۵- پنجون پٽ عبد الله هيڊ ڪانسٽيبل آهي.

    وڏي گهر واري مان جيڪو پٽ عبدالسميع هيو اهو زرعي بينڪ ۾ آفيسر هيو (پھريائين سنڌي ماستر پوءِ بينڪ ۾ نوڪري ڪيائين) جيڪو روڊ حادثي ۾ ۱۹۸۶ع ۾ وفات ڪري ويو. چاچو الھه ڏنو پنھنجي پٽ جو اهو سانحو برداشت نه ڪري سگهيو جنهن ڪري ٿوري وقت اندر ئي پاڻ به ۱۹۸۶ع ۾ وفات ڪيائين.
    مائي حسنه هينئر به حيات آهي سندس پٽن جي چوڻ مطابق هوءَ هينئر بلڪل خاموش رهندي آهي ۽ ٻارن سان ڏاڍو پيار ڪندي آهي.


    • تاريخ جو وساريل ورق جرنيل شاهه بهارو : جـميل گـاد

    سنڌ ڌرتي جا ماڻهو ڏکيا هجن يا سکيا، هو ٻنهي حالتن ۾ پنهنجي خطي تي ئي جيئندا ۽ مرندا آهن. دنيا جي هن حصي جي ماڻهن تي نوي سيڪڙو صوفين جي تعليم جو اثر رهيو آهي. هي جيئو ۽ جيئڻ ڏيو جا قائل رهيا آهن، هي اهنسا، رواداري، فراخدلي، غيرت، شرافت ۽ عدم تشدد جا پوڄاري رهيا آهن. ڪنهن سان اڳرائي نه ڪندا آهن. پر جڏهن هنن ڏٺو ته ڪو جابر ۽ ظالم پنهنجي مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ يا طاقت جي نشي جي گهوڙي تي سوار ٿي سندن وجود هن ڌرتي تي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، ته پوءِ خدا جي امن پسند ڌرتي کي ٽامڻي بنائڻ واري عدم تشدد جي پاليسي تي عمل ڪندي دودو، دولهه، دريا خان پنهنجي ڌرتي جي وجود جي ويرين سان وڙهيا ته ڪڏهن هوشو ۽ جرنيل شاهه بهارو به پنهنجي ڌرتيءَ جي تحفظ لاءِ ميدان ۾ لٿا.
    جرنيل شاهه بهارو ڌرتيءَ جي دشمنن لاءِ موت جو پيغام هو، هن ڌرتي جي مٿان ٿيندڙ ڪاهن کي ائين روڪيو جو جيڪي ملڪ ۽ انهن جا حڪمران سنڌين جي اهنسا، پيار، محبت، رواداري، مهمان نوازي، سهپ ۽ عدم تشدد واري پاليسي کي سنڌين جي بزدلي سمجهندا هئا. انهن جون به وايون بتال ٿي ويون. سنڌ جي تاريخ ۾ هي واحد سپهه سالار آهي جنهن 84 جنگيون وطن جي ويرين سان وڙهيون ۽ سڀني ۾ فتح حاصل ڪئي. اهڙو مثال سنڌ جي تاريخ ۾ ڪنهن ٻئي هيري جو نٿو ملي.
    شاهه بهاري بابت ڊاڪٽر سورلي صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ هڪ انگريز مسٽر جيمس جو بيان نقل ڪيو آهي ته ”شاهه بهارو، ميان نور محمد جو هڪ روشن خيال وزير هو، جنهن چانڊڪا ۾ ڪيترائي واه کوٽرايا هئا. مسٽر جيمس ٻئي هنڌ شاهه بهاري جي لشڪر بابت هن طرح لکي ٿو ته ”ميان نور محمد ڪلهوڙي جو وزير شاهه بهارو چانڊڪا جو منتظم هو. جنهن جي هٿ ڏهن هزارن تي مشتمل هڪ ڊويزن جا فوجي جٿا هئا. سنڌ گزيٽيئر اهو لکيو آهي ته شاهه بهارو نور محمد جو وزير هوندو هو جنهن لاڙڪاڻي تي حڪومت ڪئي جنهن وٽ ڏهه هزار ماڻهن تي مشتمل فوجي جٿا هئا، ان کان علاوه لاڙڪاڻي جي تاريخ بابت ڪتاب ترتيب ڏيندڙ گل محمد گاد جي 900 صفحن تي مرتب ڪيل ڪتاب ”لاڙڪاڻو ساه سيباڻو“ ۾ شاهه بهاري جي هڪ معتقد هوت بلوچ جيڪو فارسي جو وڏو شاعر ٿي گذريو، ان به پنهنجي شاعري ۾ شاهه بهاري جي خاصيتن کي ڳايو آهي. ان کي به تاريخي حوالي طور ڪم آڻي سگهجي ٿو، هوت بلوچ چوي ٿو ته ”شاهه بهار ايڪ بزرگ بهادر و بلاغت انتظام داتشن وصلاحيت حڪمراني دانده نائب بود، نيڪ صورت و سيرت و خدا ترس شخص بود، ور مملڪت ميان نور محمد چُون ملڪ افزده شدد آن وقت زير حڪمراني اين نائب لاڙڪاڻه در مشهور حصص مفڪ، شمار ڪرده مي شد زير حڪم شاهه بهار جمله بيت و پنج هزار سپايان لشڪر مي ماندند، جمله هشتاد و چهار جهنگائي ڪردو خدا اوراد رحم ظفر و نصرت ڪرده، سن يڪ هزار ويَڪ صد و پنجاهه وفات بافت ازخاد مانش هوت بلوچ يڪ مشهور شاهه در زيان فارسي بود“ ترجمون شاهه بهارو وڏو بهادر ۽ انتظام رکڻ جي قابليت ۽ حڪومت هلائڻ جي صلاحيت رکندڙ نائب هو. نيڪ صورت، سيرت ۽ خدا ترس شخص هو. ميان نور محمد جي حڪومت ۾ جڏهن ملڪ کي وڌايو ويو، تڏهن ان وقت هن نائب جي حڪمراني هيٺ لاڙڪاڻو ملڪ جي مشهور ۾ شمار ڪيو ويندو هو، شاهه بهاري جي حڪم هيٺ جملي 25000 پنجويهه هزار سپاهين جي لشڪر رهندو هو، ڪل 84 جنگيون ڪيائين، جن سڀني ۾ خدا کيس فتح ۽ نصرت نصيب ڪئي.“
    اهم لڙائي جا ميان نورمحمد ۽ قلات جي بروهين ۾ لڳي، تنهن ۾ شاهه بهاري هڪ سورمي جي حيثيت حاصل ڪئي. 1144ع ۾ بروهين عهد شڪني ڪري فريدآباد جي ڀر واري ڪاڇي جي زمين کي ڦريو، جنهن تي ميان نور محمد پاڻ پنهنجي سر انتقام وٺڻ خاطر لاڙڪاڻي ۾ منزل انداز ٿيو. ميان نور محمد پاڻ لاڙڪاڻي ۾ ويهي رهيو ۽ نامور سردار کي امير عبدالله خان سان جنگ ڪرڻ واسطي موڪليائين. چند بهرام جتي امير عبدالله خان اڳرائي ڪري آيو هو. شاهه بهارو ۽ مراد گنجهه به پورو لشڪر وٺي لڙائي لاءِ آيو هو شاهه بهارو هن فوج جو سالار هو، هيءُ فوج فتح پور ۽ ڪنوري ٿيندي لاڙڪاڻي پهتي، ان فوج جو تعداد چاليهه هزار هو. سخت لڙائي کان پوءِ هن جنگ ۾ عبدالله خان مارجي ويو ۽ اها سموري جنگ شاهه بهاري جي حڪمت عملي مطابق وڙهي وئي. ان جنگ کان پوءِ ڪيترن شاعرن شاهه بهاري جي بهادري ۽ حڪمت عملين کي ڏسندي سندس شان ۽ گيت چيا.
    هڪ سنڌي شاعر جمن چارڻ پڻ چيو: ”بازي بهارو شاهه کٽي ويو شير کنئون“ ان کان علاوه قلات جي بروهين کان سواءِ جن قومن سان شاهه بهاري کي منهن ڏيڻو پيو. انهن ۾ خلجي، سک ۽ ٻروچن جا ڪافي قبيلا ۽ افغاني شامل آهن، اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته جيڪڏهن شاهه بهارو لاڙڪاڻي ۾ نه هجي ها ته هي علائقو به افغاني پٺاڻن جي قبضي هيٺ اچي وڃي ها.
    شاهه بهاري جي جرئت واري هاڪ هئڻ ڪري ۽ پٺاڻن کي شڪارپور ٽپڻ جي جرئت ئي نه ٿي سگهي، مٿين حوالن مان پتو پوي ٿو ته جرنيل شاهه بهارو، ميان نور محمد جو هڪ بهادر جرنيل، وزير ۽ سورمو ٿي گذريو آهي. ڪلهوڙن جي حڪومت جي اڪثر لڙاين ۾ اڳرو رهيو ۽ سندس دليريءَ ۽ شجاعت سبب ميان نور محمد سنڌ ۽ سنڌ واسين کي ڪاميابي حاصل ٿي ۽ فخر کان ڌرتي واسين جو ڪنڌ اوچو ڪيو، مٿئين فارسي شعري حوالي موجب سندس حڪم هيٺ پنجويهه هزار پر ”سنڌ گزيٽيئر“، ”قديم سنڌ“ ۽ ”لاڙڪاڻي ساهه سيباڻي“ موجب سندس هٿ هيٺ ڏهه هزار سپاهين جو ڪٽڪ رهندو هو. شاهه بهاري پنهنجي وقت ۾ لاڙڪاڻي کي ترقي ڏيارڻ جون تمام گھڻيون ڪوششون ڪيون. پاڻ قلعه ٺهرايائين ۽ شهر ٻڌائين. لاڙڪاڻي جي اوڀر ۾ سندس قبي جي ڏکڻ ۾ گهاڙ واه جي ٻيءَ ڀر بهارپور ڀرسان هڪ ڦٽل قلعي جا آثار اڃا ڪجهه موجود آهن جو شاهه بهاري جي رهائش طور ڪم ايندو هو. قلعو اٽڪل ٽيهن 30 جريبن ۾ هو، جنهن کي چوڌاري وڏيون ديوارون ۽ چئني ڪنڊن ۾ چار منارا هوندا هئا. بهارپور لڳ جتي هاڻي زيتونن جا باغ آهن. اتي شاهه بهاري عورتن جي سامان وغيره جي خريداري لاءِ بازار به ٺهرائي هئي، بهرحال شاهه بهاري لاڙڪاڻي کي پنهنجي ترقي ۽ اوج ڪمال تي رسايو. لاڙڪاڻي جي رونق ۾ اضافو ڪيو ۽ پنهنجي بهادري ۽ جرئت جا مثال قائم ڪري سنڌي قوم جي ٻين خوبين کان علاوه جنگجو حيثيت کي به عملي طور تاريخ اندر ثابت ڪرائي ويو. شاهه بهاري 1149هه 1735ع تي وفات ڪئي.
    جرنيل شاهه بهاري جي ورسي 24 ربيع الثاني تي ملهائي ويندي آهي. شاهه بهاري جو مقبرو لاڙڪاڻي شهر لڳ ميونسپل ڪارپوريشن آفيس پويان گهاڙ واهه جي ڀَر تي آهي، هي مقبرو غلام شاهه ڪلهوڙي سن 1188ع هه مطابق 1773ع ۾ جوڙايو هو. مقبري جي عمارت 75 چورس فوٽ آهي. جنهن تي 39 چورس فوٽن جو قبو، مقبري جي اوچائي 48 فوٽ زمين کان 10 فوٽ مٿي مٿي ٿلهي تي تعمير ٿيل آهي، سندس مقبرو عاليشان آهي دروازي جي ڊزائن تي سنڌالاجي وارن پنهنجو مکيو دروازو ٺهرايو، پر افسوس ان ڳالهه جو آهي جو سنڌ جي هن هيڏي وڏي شخصيت جو مقبرو بي ڌيانيءَ جو شڪار آهي هي مقبرو غلام شاهه ڪلهوڙي سن 1188ع هه مطابق 1772ع ۾ جوڙايو هو، مقبري جي عمارت 75 چورس فوٽ آهي. جنهن تي 39 چورس فوٽن جو قبو، مقبري جي اوچائي 48 فوٽ زمين کان 10 فوٽ مٿي ٿلهي تي تعمير ٿيل آهي. سندس مقبرو عاليشان آهي، سندس دروازي جي ڊزائن تي سنڌ الاجي وارن پنهنجو مکيه دروازو ٺهرايو آهي مگر افسوس ان ڳالهه جو آهي جو سنڌ جي هيڏي وڏي هستيءَ جو مقبرو ائين بي ڌيانيءَ جو شڪار بڻيل آهي. مقبري جي چوڌاري سم ۽ ڪلر وڌي رهيو آهي برساتن سبب گنبذ ۾ به ڏار پئجي ويا آهن.


    • سگهڙ محمد ملوڪ عباسي : احمد سلطان کوسو

    محمد ملوڪ عباسي جنهن جي نالي شامل ٿيڻ کان بغير شايد سنڌ جي سُگهڙن جي تاريخ نامڪمل رهجي وڃي. منهنجي پهرين ۽ آخري ملاقات مرحوم سان منهنجي دوست محمد حسن ڪلهوڙو ويٺل عثمان ڪلهوڙو تعلقو ڏوڪري جي توسط سان ڪافي عرصو پهريان ٿي هُئي ۽ ان کان پوءِ منهنجي بدنصيبي چئو جو اهڙي قابل ۽ لائق فائق هستيءَ سان ٻيهر ملي نه سگهيس. مان ته سچ پچ پهرين ئي ملاقات ۾ سندس گرويده ٿي ويو هيس. ڇا ته سندس شخصيت هُئي ڇا ته سندس ڳالهائڻ ۽ ڪچهريءَ جو اُسلوب هيو. سندس قد ڊگهو، ڏاڙهي چاپئين ۽ اکين ۾ هڪ زبردست چمڪ هئي ۽ سندس چهري ۾ وڏي حشمت هئي ۽ ائين کڻي چوان ته به ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته شخصيت ۾ محمد ملوڪ مڪمل مڙس ماڻهو پئي لڳو. ايڏي وڏي شخصيت جو مالڪ هوندي به پاڻ پنهنجي نالي اڳيان فقير لکڻ کي پسند ڪندو هيو جيڪا ڳالهه سندس طبيعت جي عاجزيءَ جي نشاندهي هئي. سنڌ ۾ سُگهڙ، شاعر، ڀٽ ۽ ڀان ته قديم زماني کان هلندا پيا اچن پر سگهڙ واري شعبي کي جهڙي طرح مرحوم محمد ملوڪ عباسي اُجاگر ۽ روشناس ڪرايو شايد اڳ ائين نه هو. محمد ملوڪ عباسي هن فن کي تمام گهڻي ترقي وٺرائي ۽ سگهڙائپ جي ميدان ۾ پاڻ کي زبردست مڃرايو ۽ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڃي هن پنهنجو فن ۽ شاعري پيش ڪئي ۽ پنهنجي حيثيت ان شعبي ۾ مڃرائي ۽ سڄي سنڌ ۾ وڏو نالو پيدا ڪيو. نه صرف ايترو پر محمد ملوڪ عباسي سنڌي ادب ۾ چئن خوبصورت ڪتابن جو اضافو پڻ ڪيو جيڪي اڄ سنڌي ادب جي تاريخ جو هڪ بيش بها خزانو آهن.
    محمد ملوڪ عباسيءَ جو پهريون ڪتاب ”موتي مور ملوڪ جا“، سال 1989ع ۾ سنڌ سگھڙ سنگت ڀلائي تنظيم جي مدد سان ڇپجي پڌرو ٿيو، سندس ٻيو ڪتاب ”موتين مٺ ملوڪ جي“ ڇپيو جيڪو حاجي منور علي خان عباسي جي طرفان ڇپايو ويو جنهن لاءِ حاجي منور علي خان عباسي جس لهڻي. سندس ٽيون ڪتاب ”منهن مٿانهان جن جا“ پڻ عباسي خاندان طرفان ڊاڪٽر صفدر علي عباسي جي ڪوشش سان ڇپيو ۽ سندن ڇوٿون ڪتاب ”ماڻڪ موتي ملوڪ جا“ پڻ حاجي منور علي خان عباسي صاحب جن ئي ڇپرايو. هتي سندس چوٿين ڪتاب ”ماڻڪ موتي ملوڪ جا“ جي حوالي سان طور ڄاڻ جي ونڊ ڪريون ٿا.
    ”ماڻڪ موتي ملوڪ جا“ ڪتاب جي ٽائيٽل تي محمد ملوڪ جي تصوير آهي ۽ ڪتاب جو مهاڳ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو آهي. مهاڳ تمام مختصر پر جامع آهي ڄڻ ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب سمنڊ کي ڪُپڙيءَ ۾ بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ محمد ملوڪ عباسي کي سنڌ جي سُگهڙن جو اڳواڻ ڪوٺيو آهي، جيڪا هڪ وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي مهاڳ ۾ رقمراز آهي ته ”هن ۾ مور ملوڪ اڳتي وک وڌائي آهي ۽ موضوع توڙي معنيٰ جي لحاظ کان نوان نوان شعر، نظم ۽ بيت پڻ نئين انداز ۾ شائقين جي آڏو آندا آهن.“ سندس شاعريءَ جا گهڻائي رنگ ۽ روپ آهن جنهن ڳالهه، جاءِ، شخصيت مطلب ته جنهن به جذبي کيس متاثر ڪيو ان تي طبع آزمائي ڪئي اٿائون. جئين حاجي منور علي خان عباسي جن لاءِ لکيو اٿن:

    مون لکيو مارن مٺن لئه هي ڪتاب،
    ٿو لِکان هاڻي انهيءَ جو هي انتساب.
    هي ڪم نالي انهيءَ جي جيڪو صاحب،
    آ علم ۽ حلم ۽ سخا ۾ ٿيو لاجواب.
    نانءُ جنهن جو آهه منور ڄڻ مهتاب

    يار وري ڪنهنجي اهنج ۽ سنڌي قوم کي ايذاءُ ۾ ڏسي ڪالاباغ ڊيم جي حوالي سان لکي ٿو۔

    يا خدا ڪر تون ڪرم ڪالاباغ ڊيم جو گُمُ نامُ ڪر،
    جي سُڪائن سنڌ کي سي تون بُرا بدنام ڪر
    دير داتا ڪين گهرجي اڄ صبح جان شام ڪر،
    منهنجي مارن واسطي آقا تون روزي عام ڪري

    محمد ملڪ عباسي جي لکڻين جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. هڪ نعتِ رسول مقبول ﷺ ۾ ڪجهه هنيئن فرمايو اٿن.

    اَلا اَلا سبحان الله حبيبي صلوعَليٰ،
    نور محمد نور نبي يڪ برحق باني بسم الله
    حڪم خدا ڪيو يار هلي آ ڪجي ولادت واهه ولي آ،
    اول آخر شانُ علي آ احمد عربي اسدالله

    محمد ملوڪ جي شاعري ۾ رواني غضب آهي ۽ تاثير به تمام گهڻو آهي جو پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ ٻنهي تي هاڪاري اثر ٿئي ٿو. هڪ هنڌ چئي ٿو:

    مٺو نالو محمد جو عبادت آ خدا ڄاڻي،
    اسان تي روز رهبر جي عنايت آ خدا ڄاڻي
    ڪيا حاسد گهڻا حملا لکان ڇا مان لڪل ناهن،
    مگر روضو محمد صه جو سلامت آ خدا ڄاڻي
    نڪي زاهد نڪي ذاڪر نمازي نيڪ ڀي ناهيان،
    مون لئه صلوات سرور صه جي غينمت آ خدا ڄاڻي
    ڏسي روضو محمد صه جو ملوڪ موٽي مران سنڌ ۾،
    اهڙي منهنجي ته مارن سان عقيدت آ خدا ڄاڻي

    مٿيون بيت سندس ڌرتي ماءُ سان محبت جو چِٽو پٽو ثبوت آهي. محمد ملوڪ عباسي ظاهري طور سُگهڙ مگر اصل ۾ هو هڪ سچو انقلابي ۽ بي باڪ انسان هو. هڪڙي شعر ۾ ظالم وڏيري سان مخاطب ٿيندي چوي ٿو.

    ڏاڍا ڪيا ٿي ڏوهه وڏيرا ڏاڍا ڪيا ٿي ڏوهه،
    سالَ وسَايئي سوٽا سِرَ تي، هي لِڱ اسان جا لوهه،
    تنهنجي ٻنيءَ تي ٻچڙا ماريم، تتيءَ ٿڌي مان ڏونگر ڏاريم،
    رَتُ سڙي ويو ٻوٽا ٻاريم، پوءِ به ڇنڊين پيو ڇوهه وڏيرا.
    رات انڌيري وهندي وارا، سڀ لتاڙيم سارا ڪارا،
    ٻاجهه ڌڻيءَ ڪيم ڀريم ٻارا، پوءِ به ڪري وئين ڊوهه وڏيرا.
    هن کي ڪوڙا هُن کي گوليون، جيجل جون ڪيئي خالي جهوليون،
    خون انهي مان ڇڇڪن ڇوليون، رت ڏنا تو روح وڏيرا.
    توسان پنهنجو جهيڙو ناهي، راڄ اباڻا ڇڏ تون ٺاهي،
    ملوڪَ جو به مولا آهي، آهي تُنهنجي توه وڏيرا.

    محمد ملوڪ عباسي ڪمال جو ماڻهو ۽ بهترين سگھڙ هيو. هو پنهنجي فن جي ميدان ۾ پنهنجي سنڌ جي سڀني سگهڙن کان مٿاهون بيٺل نظر اچي ٿو نه صرف پاڻ اُتاهون بيٺل آهي مگر هو سنڌ جي هر ضلعي ۾ پنهنجا شاگرد به پئدا ڪري ويو آهي جيڪي سندس نالو روشن ڪندا رهن ٿا. سندس شاگردن ۾ محمد لقمان کوکر، محمد مٺل جهتيال، روشن علي ڪوري، عبدالحليم سومرو، محمد سومر سومرو، قائم الدين سهتو ميان، پيربخش مڱريو، الله ڏنو ابڙو، شبن خان کوکر، محمود حسين شر، رحمت الله عباسي، حاجي اقبال جوڻيجو، عبدالعزيز بلوچ، محمد حسن ماڇي، گلاب ڪلهوڙو، منظور علي سوهو ۽ محمد صالح عباسي کان علاوه سندس ٻه فرزند ممتاز علي عباسي ۽ غلام شبير عباسي پڻ سندس شاگردن جي فهرست ۾ شامل آهن.
    مرحوم استاد محمد ملوڪ عباسي سُگهڙن جي آسمان تي هڪ روشن ۽ چمڪندڙ ستارو آهي جنهن جو نالو سنڌ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ ۾ قيامت تائين زنده رهندو.


    • محبت ۽ مزاحمت جو انوکو سنگم افضل قادري : ڊاڪٽر فياض لطيف

    افضل قادريءَ جو جنم ضلعي لاڙڪاڻي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ دودي سنهڙيءَ ۾ 15 آگسٽ 1941ع تي حافظ احمد رحمت الله قادريءَ جي گھر ۾ ٿيو. افضل جو خاندان بنيادي طور عالم ۽ دين سان چاھ رکندڙ هو. سندس والد ۽ ڏاڏو وڏا ديني عالم، ادب پرور ۽ علم جي بحر مان پيتل پرش هئا. افضل جو والد مدرس، فقه ۽ حديث جي ججھي ڄاڻ رکڻ کان علاوه بهترين پرائمري استاد پڻ هو. ديني ۽ دنوي علم سان دلچسپي رکڻ سان گڏوگڏ پاڻ لاڏي ۽ سهري جو سٺو شاعر به هو. پرائمري استاد مان ترقي ڪري هاءِ اسڪول جي عهدي تان رٽائر ڪندڙ هو بزرگ صفت حافظ رحمت الله پنهنجي معاشي وت کان وڏي ڪٽنب جو اڪيلو سنڀاليندڙ ۽ گھر جي لڏي کي هلائيندڙ هو. محدود وسائل ۽ لامحدود گھرجن واري دور ۾ سندس گھر جي معاشي حالت ”آڻين ۽ چاڙهين“ جي مصداق هئي، پر پوءِ به مفلسي ۽ تنگدستيءَ جي باوجود هن پنهنجي اولاد جي تعليم ۽ تربيت ۾ ڪائي ڪسر نه ڇڏي. پنهنجي وڏي پٽ محمد ڪامل قادري (دبئي ۾ وٽنري آفيسر) کان وٺي محمد انور قادري (ريڊر ڊي ايس پي) ۽ افضل قادريءَ تائين سڀني کي چڱي تعليم ڏياريائين، پر افضل پنهنجي ارڏي ۽ هوڏي طبيعت ڪارڻ ڪائي اعلى تعليم حاصل ڪري نه سگھيو ۽ نه ئي ڪو سرڪاري اعلى منصب ماڻيو.
    افضل ديني ۽ پرائمري تعليم پنهنجي والد کان پنهنجي ڳوٺ دودي سنهڙيءَ ۾ حاصل ڪئي. مڊل ۽ سيڪنڊري گورنمينٽ پائليٽ هاءِ اسڪول مان پاس ڪيائين، جنهن کان پوءِ 1962ع ڌاري سکر وٽنري ڪورس ڪرڻ ويو. افصل جيئن ته ننڍپڻ کان ئي انتهائي خوددار، جذباتي ۽ نڊر هو. ٻِئي جي سهاري بدران پنهنجي ٻانهن جي ٻل تي يقين رکندو هو. هن پنهنجي جذباتي ۽ اٻهري طبيعت سبب پنهنجو تمام گھڻو نقصان ڪيو، ايتري تائين جو ٿوري گھرو معاشي پريشانين ۽ عدم سهائتا ڪارڻ هن ميٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ وڌيڪ پڙهڻ ئي ترڪ ڪري ڇڏيو ۽ وٽنريءَ جو ڪورس ئي سندس زندگيءَ جي آخري ڊگري ثابت ٿيو، ان کان پوءِ هو روزگار جي ڳولا ۾ لڳي ويو.
    تعليم ڇڏڻ کان پوءِ افضل روزگار جي تلاش ۾ تمام گھڻو ڀٽڪيو. وڏين ڪرسين تي ويٺل آفيسرن کان وٺي ڳوٺ جي وڏيرن، شهري سيٺن ۽ سرمائيدارن تائين هن هر هڪ کي آزمائي ڏٺو، پر سواءِ آسرن ۽ ڪوڙن ڏٽن جي کيس ڪجھ ڪين مليو، ايترو سو ٿيو، جو هن کي انهن وڏي منصب تي فائز آفيسرن، دولتمند وڏيرن ۽ سرمائيدارن جي مڪارين ۽ منافقين جو چڱو تجربو حاصل ٿيو. ان کان علاوه هن انهن دربدري جي ڏينهن دوران ٻهراڙيءَ جي چاڪي جي ڏاند وانگر زميندار جي قرض جي گھاڻي ۾ پيڙجندڙ هاري ۽ شهر جي ٽي بي ورتل مل مزدور جي ڪرب ناڪ موت جھڙي زندگيءَ جو انتهائي ويجھڙائي کان مشاهدو ماڻيو ۽ ان کان ڪافي متاثر پڻ ٿيو.

    سڄي زندگي آ، صرف رات هڪڙي
    نه گذري ٿي جيڪا، نڪي صبح ٿئي ٿو
    هميشه اڱڻ تي، انڌيرن جو گھيرو
    ديون جي اچ وڃ، ۽ چٻرن جو اڏرڻ
    اکين سان ڏسان ٿو، ته ڏاڍو ڊڄان ٿو
    پريشان آهيان ته ڪيئن رات ڪٽبي!
    (ٻريا رنگ رتول، ص74)

    آخر 15 آگسٽ 1962ع تي وڏي جاکوڙ ۽ ڪشالن کان پوءِ افضل کي سکر جي جانورن جي اسپتال ۾ اسٽاڪ اسسٽنٽ جي نوڪري ملي، هن جي گھر جي اڌ اجھاڻل چلھ ۾ اميد جا ٽانڊا جرڪڻ لڳا. هن جي ٿڪل وجود ۽ مايوس احساسن ۾ هڪ نئين اتساھ ۽ آجپي جنم ورتو. هن نوڪري کي ٽوڪري نه، پر پنهنجي ٻچن جي روزي ۽ روٽيءَ جو ذريعو ۽ پنهنجو فرض سمجھي پاڻ پتوڙيو. ٿڌي ڪوسي، پيرين پيادو توڙي سائيڪل تي ڪوهين ڏور ڳوٺن ۽ وسندين ۾ بيمار ڍورن جي مسيحائي ۽ پنهنجي حلال روزيءَ جي حاصلات لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو.
    هن ڪرپٽ، دقيانوسي ۽ روايت پرست سماج جو حصو بنجڻ واري زندگيءَ کان افضل قادري هميشه فاقن، مفلسي ۽ ڏکن واري، پر بااصول ۽ عزت نفس واري جياپي کي ترجيح ڏني. انهيءَ لاءِ هُن جاين کي رنگ ڪرڻ، ٻيڙين جي مانڊڙي ۽ ڪِرائي تي سائيڪلون هلائڻ کان وٺي مال جي مسيحائي تائين جا پورهيا ڪيا، پر ڪڏهن به ڪنهن اڳيان جھُڪيو نه، ۽ نه ئي وري ڪنهن مفاد جي خاطر پنهنجي اصولن جو سودو ڪيائين. 1964ع ۾ افضل جي بدلي مديجي ٿي، جتي ڪجھ عرصو رهڻ کان پوءِ 1967ع ۾ جيڪب آباد ۽ چڪ ڀرڪڻ جي اسپتالن ۾ کيس رکيو ويو. 1968ع ۾ سندس ٽرانسفر لاڙڪاڻي ٿي ۽ هو پنهنجي ڪٽنب سميت اچي لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير ٿيو.
    افضل قادري غريب ۽ مفلس ضرور هو، پر مصلحت پسند ۽ ڪنهن اڳيان جھڪڻ وارو نه هو. ان جي گواهي سندس مخالف به ڏيندا، ته هو انتهائي خوددار ۽ بي ڊپو شخص ۽ شاعر هو. افضل جو ننڍپڻ ڳوٺ دودي سنهڙي جي خوبصورت ۽ فطرت جي رنگينين سان مالا مال ماحول ۽ علم دوست خاندان جي اثر ۽ صحبت ۾ گذريو ۽ جواني شهر جي تنگ ڳلين ۽ اجنبي پيچرن تي مختلف سمتن ۾ سفر ڪندي. هن جانورن جي اسپتال ۾ اسٽاڪ اسسٽنٽ ۽ ان سان گڏوگڏ رنگ ساز هئڻ جي ناتي ڪيترن ئي ماڳن ۽ مڪانن جون مسافتون ڪيون. ان اڻانگي پنڌن ۽ پيچرن جي مسافتن ۾ کيس انيڪ تجربا ۽ مشاهدا نصيب ٿيا. جيون سفر ۾ کيس ڪيترائي ٻاهر ملان اندر ۾ ابليس، پرماري، پورهيت جو خون پياڪ استحصالي به مليا، ته حقيقي هڏ ڏوکي، همدرد ۽ زخمن تي محبت جي مرهم جا پها رکندڙ پُر خلوص ۽ پيار ڪندڙ ماڻهو به. افضل هڪ حسينا سان جنوني عشق به ڪيو، پر ان جي ٻاڦ ڪنهن عام کي نه ڏني. اندر ئي اندر ۾ ان مه جبين جي پيار جا پور پچائيندو ۽ سور سانڍيندو رهيو. استحصالي طبقي خلاف شديد نفرت ۽ هڪ حسينا جي محبت جي اڻ جھل جذبي افضل کي شاعر بڻايو ۽ شاعري وري کيس مظلوم ۽ پيڙيل طبقي سان سلهاڙي، انهن جي حق جي آواز جو طرفدار بڻائي ڇڏيو.

    ڪارو، ڀورو، کتري، شودر
    هر هڪ انسان آهي برابر
    ذات پات ۽ ننڍ وڏائي
    ڪوڙو چڪر آهي اجائي
    تون ڀي انسان مان ڀي انسان....
    ڪوڙين رسمن کان منهن موڙي
    پيار ڪيون انسانيت سان
    هر ڪاري ڀوري ماڻهوءَ سان
    هر کتريءَ سان هر شودر سان
    ڪنهن امن جي حامي حبشيءَ سان
    (ٻريا رنگ رتول، ص92)

    ڪرسٽومارلي جو چوڻ آهي ته، ”هر دل ۾ هڪ ڊيل لڪل هوندي آهي، جيڪا صرف خوبصورتيءَ جي لهرن تي رقص ڪندي آهي“ ۽ افضل جي مور جھڙي من ۾ لڪل ڪوتا جي ڊيل، محبت جي هڪ نفيس ڇهاءَ سان لفظن جي حسين لهرن تي رقص شروع ڪيو. ڏسندي ئي ڏسندي سندس نوٽ بوڪ جا پنا پوپٽ جي رنگن جھڙي سهڻي شعرن سان ڀرجندا ويا. افضل جون ابتدائي تخليقون روايتي رومانوي رنگ ۾ رڱيل نظر اچن ٿيون، پر جڏهن هُن لاڙڪاڻي جي ادبي ۽ تنقيدي تنظيم ”روح رهاڻ ادبي سنگت“ جي تنقيدي گڏجاڻين ۾ باقاعدي اچڻ شروع ڪيو، تڏهن سندس اندازِ بيان ۽ تخيل ۾ تخليقي پختگي سان گڏ اظهار ۾ جرئت ۽ مزاحمت جو عنصر پڻ عيان ٿيو، جنهن کيس ”مظلومن جي طرفدار ۽ مزاحمتي شاعر“ جي نئين شناخت عطا ڪئي.
    افضل قادري جذباتي ۽ جوشيلي هجڻ سبب، ابتدائي ڏينهن ۾ پاڻ تي ٿيندڙ تنقيد جو ڪک به برداشت نه ڪندو هو ۽ هر نقاد تي ڪاٽڪو بڻجي ڪڙڪي پوندو هو، ايتري تائين جو لقمان حڪيم جھڙي ڪهنه مشق شاعر ۽ شاعري جي بحر وزن جي ڄاڻو کي به نه بخشيائين. چون ٿا ته هڪ گڏجاڻيءَ ۾ افضل غزل پڙهيو، جنهن تي ٻين اديبن سان گڏ لقمان حڪيم پڻ چڱي تنقيد ڪئي. افضل ان وقت ته زهر جو ڍڪ پي ويو، پر ٻي ڏينهن سائيڪل جي هينڊل ۾ چمڪندڙ ڪهاڙي ٽنگي وڃي لقمان جي دوڪان تي لٿو ۽ پنهنجو ساڳيو غزل لقمان کي ڏئي چيائين ته ان کي درست ڪري ڏي. لقمان حڪيم عقلمند ماڻهو هو، جنهن معاملي جي نزاڪت کي سمجھي ورتو. ٻه ٽي ڀيرا غزل کي پڙهڻ کان پوءِ اهو افضل کي واپس ڪندي چيائين، يار! غزل ته انتهائي خوبصورت ۽ ڀرڀور آهي، بحر وزن ۾ به پورو آهي، ڪلھ رات شايد مان غزل پوريءَ طور پڙهي ۽ سمجھي نه سگھيو هوس، ان ڪري راءِ ڏيڻ ۾ غلطي ٿي وئي هوندي.
    افضل جي جذباتي ۽ ارڏي طبيعت جي حوالي سان سندس دوست ۽ سنڌ جو خوبصورت ڪهاڻيڪار رزاق مهر لکي ٿو ته، ”افضل اوائلي زماني ۾ اهڙي زندگي گذاريندو هو، جنهن ۾ ضد، ارڏائي ۽ ڪاوڙ گھڻي هئي. تن ڏينهن ۾ هو بندوق جو نشانو وٺي جيئري پکين جا ساھ قبض ڪندو هو ۽ ماڻهن ڏانهن به هن جو رويو سخت ۽ اڻ سهائيندڙ هوندو هو. شروع واري ڏينهن ۾ جڏهن هن سان ملڻ ٿيندو هو، ته پاڻ تي ضبط ڪري هن سان ڪچهري ڪرڻي پوندي هئي. افضل جو اهو روپ جيترو رکو ۽ ترش هو، پوئين زماني ۾ هن جو ٻيو روپ ان جي برعڪس هو. مان هن جي محبتن ۾ شريڪ رهيو آهيان. هو انتهائي پُرخلوص ۽ محبتي ماڻهو هو“(ماهوار ”ڪونج“، مئي 1994)
    وقت سان گڏ افضل جي سوچ، فهم، تجربي، مطالعي ۽ مشاهدي ۾ وسعت پيدا ٿي ۽ هن جي خيال جي ٽاريءَ تي فڪر ۽ فن جا نوان گونچ ۽ گل ٽڙيا، جن جي سڳنڌ ماحول کي معطر ڪيو. اڳتي هلي افضل جي اٻهري جذبات جي ڀڙڪندڙ باھ جھڙن روين تي مطالعي، مشاهدي ۽ تجربي جي پاڻيءَ جا ٿڌا ڇنڊا پيا. سندس تخليقن ۾ پختگي آئي ۽ هو تنقيد جي حقيقي مفهوم کان پڻ آشنا ٿيو، جنهن ڪري سندس شاعري کي نيون وسعتون ۽ موضوعاتي ندرتون نصيب ٿيون. افضل جي شعور ۽ تخيل ۾ ڌرتي ۽ ڌرتي واسين جي محبت جا رنگ رچي ريٽا ٿيا. هن جي شاعري مان روايتي موضوع جھڙوڪ گل ۽ بلبل، مسي ۽ مساڳ، نرگس ۽ سوسن، فارسي زدھ ترڪيبون، تشبيهون، استعارا ۽ لفظي تصنع ۽ تڪلفات جھڙيون شيون غائب ٿيڻ لڳيون ۽ ان جي جاءِ تي پسون ۽ پيرون، ملير ۽ مارون، انهن جا مسئلا، مزدور ۽ هاريءَ جي مفلسي، وڏيري ۽ سرمائيدار جو جبر ۽ استبداد جھڙا موضوع سندس شاعريءَ جو موضوع بڻيا ۽ هن جي شاعري مان مٽي جي خوشبو ۽ پورهيت جو پگھر جو واس اچڻ لڳو.
    افضل پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ پنهنجي شاعراڻي سفر ۽ ان جي حقيقي سمجھ بوجھ جي حوالي سان چوي ٿو، ”مون لکڻ جي جيڪا ابتدا ڪئي، اها اهڙي هئي، جنهن کي اڄ جڏهن ڏسان ٿو ته حيرت ٿي ٿئي. جڏهن مون کي ادب جي ڪارج ۽ ان جي وقعت جي پروڙ پئي، تڏهن مون روايتي ۽ اجائي لفاظيءَ کي ترڪ ڪري، زندگي ۽ ان سچائين کي پنهنجي شاعري جي اظهار جو ذريعو بڻايو. منهنجي نظر ۾ شاعري اها آهي، جنهن ۾ انسان ذات جي اهنجن ۽ سورن سان گڏوگڏ ظالم ۽ مفاد پرست ٽولي کي نفرت جو نشانو بڻائي عوام جي راءِ جي اظهار جو رستو هموار ڪيو وڃي“. ( ماهوار”هزار داستان“، مارچ 1992)
    افضل قادري شاعريءَ جي تخليق جي ابتدائي مرحلن مان گذرڻ کان پوءِ جنهن موڙ جي گس تي پنهنجي اظهار ۽ آواز جا پير ڌريا، اهو گس فلسطين جي محمود درويش کان وٺي چلي جي پئبلونرودا ۽ روس جي مينڊل اسٽام تائين جي سرجڻهارن ۽ باغين جو گس آهي، جنهن جي منزل امن، شانتي، پيار، محبت ۽ آزادي آهي، جنهن جي حاصلات لاءِ افضل آخري پساهن تائين پنهنجي قلم ۽ علم ذريعي استحصالي قوتن سان جھِيڙيندو رهيو.

    انساني قدرن جا قاتل چنگيزي
    چوڏهين سن جا، جابر ۽ آمر هلاڪو
    امن اڄ اوهان کان تقاضا ڪري ٿو
    ته توبن کي روڪيو ۽ ٽئنڪن کي روڪيو
    تشدد نه گھرجي، تشدد کي روڪيو....!
    (ٻريا رنگ رتول، ص86)

    افضل، زندگيءَ جو وڏو عرصو مفلسيءَ ۾ گذاريو، پر پنهنجن اصولن ۽ آدرشن تان ڪڏهن به دست بردار نه ٿيو. هو آخر تائين ”ڀلي بک ڀرم جي، شل نه وڃي شان“ جي سچائيءَ تي عمل پيرا رهيو، ايتري تائين جو پوين ڏينهن ۾ جڏهن ڪينسر جو موذي مرض سندس وجود کي وڪوڙي ويو، تڏهن به پنهنجي همت ۽ ثابت قدميءَ سان ان کي منهن ڏنائين. جيڪو سندس هڙ ۾ هو، لاتائين، پر ڪنهن اڳيان جھول نه جھليائين. توڙي جو اديب دوستن حڪومت کان سندس سهائتا جا مطالبا به ڪيا، پر هن پاڻ ڪڏهن پنهنجي بيماريءَ کي اشتهار بڻائي، ڪنهن جون کوکليون ۽ سستيون همدريون حاصل نه ڪيون.
    ڪينسر جھڙي اذيتناڪ مرض سان ڪافي عرصي تائين جھيڙيندي آخرڪار 12 مئي 1990ع تي افضل قادري جي ساھ جي تند ٽٽي پئي ۽ هو 48 ورهين جي عمر ۾ اسان کان وڇڙي اڻ ڏٺي ڏيھ ڏانهن هميشه لاءِ هليو ويو. هن سوڳوارن ۾ سوين دوستن کان سواءِ هڪ بيوھ، چار پٽ، ٽي نياڻيون، هڪ ڇپيل ڪوتا ڪتاب ”ٻريا رنگ رتول“، هڪ اڻ ڇپيل مجموعو ”احتجاج“ ۽ ٻيون ڪيتريون ئي رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيل تحريرون ۽ اڻ ڇپيل تخليقون پويان ڇڏيون. افضل قادري سدا بهار شخصيت جو مالڪ، سون غمن، ڏکن ۽ مايوسين باوجود هر دوست سان مرڪي ملندڙ ماڻهو، پنهنجن نيڻن ۾ لڙڪ لڪائي، ٻين جي ڳلن تان پنهنجي پيار ۽ پاٻوھ جي پاند سان لڙڪ اگھندڙ، پنهنجي قول ۽ فعل ۾ سچو شخص ۽ سراپا سرڪش شاعر هو.
    هن عمر ڀر محنت ۽ مزدوري ڪئي. شانَ ۽ مانَ جي جياپي کي ملهائتو سمجھيو. هن ڪائي دولت ۽ ملڪيت ڪونه ميڙي، زندگي ڀر دل جي مزدوري ڪئي ۽ شاعريءَ جي دولت سان پنهنجي من کي ريجھايو ۽ دنيا کي پڻ دل جي اها دولت بنا ڪنهن غرض ۽ اجوري جي، آڇي ۽ ارپي آهي.


    • لاڙڪاڻي ضلعي جا گذريل 25 سالن کان شاعري ڪندڙ چند ناميارا شاعر : رياضت ٻرڙو

    سنڌ جي ادبي تاريخ جو اڀياس ڪجي ٿو ته ڄاڻ ملي ٿي ته خاص ڪري شعر و ادب جي حوالي سان لاڙڪاڻي ضلعي کي اهم، نمايان ۽ اثرائتي حيثيت حاصل رهي آهي. جيڪڏهن سنڌ جي تفصيلي شعري تاريخ لکي وڃي ته ان ڳالهه جي مضبوط شاهدي ملي ويندي.
    لاڙڪاڻي کي هونءَ ته ٻين گھڻن ئي پيارن لقبن سان سڃاتو ويندو آهي، پر ان کي شاعرن جو آکيرو پڻ سڏيو وڃي ٿو. هتان جا ماکيءَ جهڙا مٺڙا ۽ رنگارنگي گلن جي شوخ ۽ ٿـڌن رنگن ۽ انهن جِي من کي معطر ڪندڙ انيڪ خوشبوئن جهڙا موهيندڙ سٻاجها ۽ سپورنج شاعرَ پنهنجن شعرن سان حَسين ۽ موهيندڙ آکيرا اڏيندا رهيا آهن، جن هن خطي سُوڌو هر ان هنڌ کي فيضياب ڪيو آهي، جتي جتي سنڌي ٻولي ۽ ان جا ترجما پهتا آهن. گذريل ويهين صديءَ ۾ ته سنڌي ادب ۽ شعر جي جيڪا خدمت لاڙڪاڻي ضلعي (جنهن ۾ موجوده نئين ضلعي قمبر-شهدادڪوٽ جو علائقو به شامل هو) جي شاعرن ڪئي آهي، ان جو اظهار هتي ٿيل ”سنڌ ادبي ڪانفرنسن“ توڙي ڇپيل رسالن، ڪتابن ۽ ڊاڪٽريٽ جي مقالن سميت ادبي جماعتن جي رجسٽرن جي داخلا مان سولائيءَ سان ڪري سگهجي ٿو. اهم ڳالهه هيءَ به آهي ته سنڌ ۾ لاڙڪاڻو ئي اهو ساهه سيباڻو شهر آهي جتان مشاعرن جو آغاز ٿيو. ڪهڙن ڪهڙن شاعرن جا نالا کڻجن! چؤڏسا لاڙڪاڻي جي زرخيز ڌرتيءَ تي انهن شاعراڻن آکيرن ۾ ڏات جا ڏيئا ٻري روشنيون پکيڙيندا رهيا آهن. انهن شاعرن جو ڳاڻيٽو ڪبو، ته اهو انگ سوَن ۾ وڃي بيهندو. انهن مان ڪيترن ئي شاعرن جو ذڪر لاڙڪاڻي بابت اڳ ڇپيل ڪتابن ۾ اچي چڪو آهي. هن مضمون ۾ انهن شاعرن جو ذڪر ڪجي ٿو جن، جيتوڻيڪ 1987-88ع ڌاري شآعريءَ جي شروعات ڪئي، پر 1990ع جي ڏهاڪي کان وٺي باقاعدگيءَ سان لکڻ شروع ڪيو ۽ شاعري جي آسمان تي اڀري آيا. هڪ ڳالهه واضح ڪجي ته انهن سڀني شاعرن جو ذڪر هن مضمون ۾ اچڻ ناممڪن آهي جن سنڌي يا اردو ٻوليءَ ۾ شاعري ڪئي آهي، ڇو ته اهو تمام وڏو موضوع آهي جنهن تي پورو ڪتاب لکي سگھجي ٿو. ان ڪري هتي، فقط سنڌيءَ ۾ شاعري ڪندڙ چند شاعرن جا تعارف پيش ڪجن ٿا، رهجي ويل شاعرن کي ٻئي مضمون ۾ شامل ڪيو ويندو. پڌرو هجي ته هن مضمون ۾ شامل شاعرن جي ترتيب سندن ڄم جي تاريخ موجب رکي وئي آهي.

    عنايت ميمڻ

    عنايت ميمڻ سنڌي ٻولي جو ڀلوڙ شاعر هجڻ سميت ڪهاڻيڪار، ڊراما نگار، مضمون نويس، ڪمپيئر ۽ منتظم آهي. سندس پورو نالو عنايت اللھ ولد محمد يعقوب ميمڻ آهي. هو 3 مارچ 1957ع تي، لاڙڪاڻي جي لاهوري محلي ۾ پيدا ٿيو. هن ايم اي ايڪانامڪس ۾ ڪئي آهي ۽ واپڊا ۾ ملازم آهي.
    عنايت ميمڻ لکڻ جي شروعات ڪهاڻيءَ سان 1985-86ع ڌاري ڪئي، جنهن کان پوءِ شاعري پڻ ڪرڻ لڳو. 1990ع م سندس شاعريءَ جو مجموعو ”محبتون ۽ فاصلا“ اِي بڪ جي روپ ۾ انٽرنيٽ تي اپلوڊ ڪيو ويو. سندس ادبي لاڳاپو سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻو شاخ ۽ رائيٽر ڪلب سان خاص طور رهيو آهي. هن جي هڪ اهم سرگرمي هر مهيني جي پهرين تاريخ تي مشاعرو منعقد ڪرائڻ آهي، جنهن سلسلي هيٺ 81 ماهوار مشاعرا منعقد ٿي چڪا آهن. سندس شاعري ڳائي پڻ وئي آهي. سندس رهائش لاهوري محلي لاڙڪاڻي ۾ آهي.
    فڪر، فهم ۽ ادراڪ کي ڇهي ئي نه ٿو،
    رڳو ٿو يار کي تڪي شاعر.
    سِڪ، سونهن ۽ پيار جا ڪري سودا،
    هي ڪهڙي واٽ ٿو وٺي شآعر.

    مختيار سمون

    مختيار سمون سنڌ جو ناليوارو شاعر ۽ نامور استاد آهي، جيڪو پيار ڀرين داخلي ڪيفيتن تي سهڻا شعر لکڻ سوڌو سماج جي خرابين کي به پڌرو ڪندڙ شاعري ڪري ٿو. هن وڏن سميت ٻارن لاءِ پڻ شاعري سرجي آهي.
    مختيار احمد ولد حڪيم يار محمد سمون 18 آگسٽ 1960ع تي، لاڙڪاڻي ضلعي جي تعلقي ڏوڪريءَ ۾ پيدا ٿيو. هن گريجوئيشن تائين لاڙڪاڻي ۾ تعليم پرائڻ کان پوءِ، ماسٽرس سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1986ع ۾ ۽ بِي ايڊ شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ مان ڪئي. هُو 1987ع ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو ۽ 1991ع کان وٺي سنڌ زرعي ڪاليج ڏوڪريءَ ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور پڙهائي رهيو آهي. هن 1992ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ تعليمي اداري ناليج سينٽر جو بنياد رکيو، جنهن جو ڊائريڪٽر آهي.
    مختيار سمي 1974ع ۾ ٻارن جي رسالن ۾ لکڻ سان شروعات ڪئي، پر وڏن جي شاعر طور 1990ع جي ڏهاڪي ۾ آڳيان آيو. هن نثر ۾ ڪالم ۽ مضمون، ۽ شاعريءَ ۾ غزل ۽ نظم سرجيا آهن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ”دنيا آهي گول“ (شاعري-1983ع)، ”ڌرتي روشن ٿيندي“ (شاعري-1990ع)، ”وفائون منتظر آهن“ (شاعري-1997ع) ۽ ”عورت: حق، حيثيت ۽ تشدد“ (ترتيب ڏنل مضمون-2008ع) شامل آهن. هو سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻو شاخ جو سيڪريٽري به رهيو، لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جو پڻ هُو ڪيتري ئي وقت کان سرگرم سيڪريٽري آهي. سندس رهائش لاهوري محلي لاڙڪاڻي ۾ آهي.
    ماڻھن جو رجحان بدلجي آھي ويو،
    ڳالھين جو عنوان بدلجي آھي ويو.
    گوليءَ جي ٻولي ٿو سڀ ڪو ڳالھائي،
    دردن جــــو درمـــان بــدلجي آھـي ويــــــو.

    زخمي چانڊيو

    زخمي چانڊيو مشهور قومي شاعر هو. هُو جوانيءَ ۾ ئي شهيد ٿي ويو، نه ته سنڌ جو ناليوارو قومي ۽ مزاحمتي شاعر هجي ها، ڇاڪاڻ ته سندس شاعريءَ ۾ ديس سان پيار، ماروئڙن سان محبت ۽ انهن جي حقن لاءِ آواز ڀرپوريت سان سمايل آهي. هُو سماج سڌارڪ، قومي ۽ ادبي ڪارڪن پڻ هو.
    زخميءَ جو پورو نالو ڄام خان ولد مولا بخش چانڊيو هو. هُو پهرين مئي 1961ع تي، تعلقي ڳڙهي ياسين (ضلعي شڪارپور) جي شهر ڊکڻ ۾ ڄائو. هن ابتدائي ۽ ثانوي تعليم ڊکڻ ۽ شڪارپور مان پِرائي، ايم.اَي. (اسلامڪ ڪلچر)، پِي.ٽِي.سِي ۽ بِي.ايڊ جي تعليم حاصل ڪئي. هُو 1996ع ۾ اولاد جي تعليم لاءِ لاڙڪاڻي لڏي آيو. هو 1979ع ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو، پوءِ سپروائيزر به رهيو، جنهن کان پوءِ ترقي ماڻي هاءِ اسڪول ۾ مقرر ٿيو.
    هن لکڻ جي شروعات 1984ع ۾ شاعريءَ کان ڪئي. سندس ادبي رهنمائي نالي وارن شاعرن نثار بزميءَ ۽ سرڪش سنڌيءَ ڪئي. هن شاعريءَ جي لڳ ڀڳ سڀني صنفن ۾ لکيو ۽ نثر ۾ ڪهاڻيون، مقالا، مضمون ۽ ڪالم لکيا. مٿس بغاوت جو ڪيس به داخل ٿيو. هن 1991ع ۾ س.ا.س ڊکڻ شاخ جو بنياد وڌو. هو س.ا.س ضلعي شڪارپور جو متحرڪ رابطا سيڪريٽري به رهيو ۽ سچوا سنڌ، آل سنڌ رسورس پرسن، گسٽا، جسقم ۽ هيومن رائيٽس ڪميشن جو اڳواڻ رهيو. کيس استاد بخاري ايوارڊ، سچوا ايوارڊ ۽ س.ا.س سنڌ پاران ”شهيد فهيم فاروق عباسي ايوارڊ“ ۽ ٻيا ڪيئي سرٽيفيڪيٽ مليا.
    زخميءَ جي شهادت 24 آڪٽوبر 2000ع تي لاڙڪاڻي ۾ ٿي. کيس آبائي قبرستان ۾، ملان جي ڳوٺ، تعلقي ڳڙهي ياسين ۾ دفنايو ويو. زخميءَ جي شهادت کان پوءِ، سندس ٻه ڪتاب ”شهر شهر زخمي“ (2001ع) ۽ ”ڏاڍو ساريندين“ (2006ع) ڇپيا آهن.
    سنڌُ سان آزار آ، ڏَس ڇا ڪجي!
    قوم سان تڪرار آ، ڏَس ڇا ڪجي!
    ڪيئن غيرن کي ڏجي مُنهن ۾ لغامُ؟
    پنهنجو ئي غدار آ ، ڏَس ڇا ڪجي!

    جواد جعفري

    جواد جعفريءَ جو شمار نئين ٽهيءَ جي نمائنده شاعرن ۾ ٿئي ٿو، جن وٽ پنهنجو مخصوص محبتي شاعراڻو انداز آهي. هن جا لفظ زندگي، پيار، وڇوڙي، ڏک ۽ درد جا نغما ڳائيندي نظر اچن ٿا، جن ۾ احساس ۽ اُڌما سمايل آهن ۽ پرينءَ پياري سان ملڻ جي تـڙپ موجود آهي.
    جواد حسين ولد انور حسين 6 ڊسمبر 1963ع تي، لاڙڪاڻي شهر ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم لاڙڪاڻي ۾ پرائڻ کان پوءِ، ايم اَي سياسيات (1993ع ۾) سچل آرٽس ڪاليج لاڙڪاڻي مان ۽ ايم ايڊ 1999ع ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام مان ڪئي. هُو 1988ع ۾ هاءِ اسڪول بنگل ديري ۾ جَي ايس ٽي مقرر ٿيو، 1995ع ۾ ميونسپل هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ بدلي ٿي آيو ۽ 1998ع ۾ ايڇ ايس ٽِي طور ترقي ماڻي.
    جواد جعفريءَ جو نانو نواز علي ”نياز“ جعفري پنهنجي وقت جو مشهور شاعر هو. جواد جعفري ان نسبت سان گهريلو ماحول ۽ شاعر دوستن جي صحبت ۾ 1987ع کان شاعري ڪرڻ لڳو. سندس ادبي رهنمائي س.ا.س شاخ لاڙڪاڻي جي تنقيدي گڏجاڻين ۾ ٿي، جنهن جو 88-1987ع کان ميمبر آهي. هن شاعريءَ ۾ سڀني صنفن ۾ لکيو آهي، پر غزل ۽ نوحه وڌيڪ سرجيا آهن. سندس غزلن جو مجموعو ”توکي چاهيوسي“ ڇپيل آهي. کيس سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻي پاران ”بهترين شاعر“ ۽ ٻيا ايوارڊ مليا آهن. هُو انجمن حسيني مرڪزي امام بارگاهه جعفريه لاڙڪاڻي جو سالار ماتمي دسته به آهي. سندس ناموريءَ جو ٻيو سبب ڪرڪيٽ به آهي، جنهن ۾ هُو لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ جو ڪوچ ۽ چيف سليڪٽر ۽ ماسٽرس ڪرڪيٽ ڪلب لاڙڪاڻي جو ڪئپٽن رهيو آهي. سندس رهائش جعفري پاڙي لاڙڪاڻي ۾ آهي.
    زندگيءَ ۾ آ ڪَمِي رهجي وئي،
    ڪا ته جيءَ ۾ آ ڪمي رهجي وئي.

    عڪسُ پنهنجو هُوءَ کڻي وئي پاڻ سان،
    آرســـيءَ ۾ آ ڪمي رهجي وئي.

    سميع ساجد جوڻيجو

    سميع ساجد غزل ۽ چَوسٽن جو شاعر چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو، جيتوڻيڪ هن ٻين صنفن ۾ به سٺو لکيو آهي.
    سميع احمد ولد علام سرور ’حاذق‘ جوڻيجو (شاعر) 1 اپريل 1963ع تي شڪارپور ضلعي جي تعلقي ڳڙهي ياسين جي ڳوٺ نم شريف ۾ پيدا ٿيو. سندس تعلق رتيديري شهر سان گھڻو رهيو آهي، جتي هو 2003ع ۾ لڏي اچي ويٺو. هن ايم.اَي، ايم ايڊ ۽ پِي.ٽِي.سِي جي تعليم حاصل ڪئي آهي ۽ تعليم کاتي ۾ استاد آهي.
    سميع ساجد لکڻ جي شروعات 1978ع ۾ ٻاراڻي شاعريءَ سان ڪئي. لکڻ ۾ سندس رهنمائي مشهور شاعرن نثار بزمي ۽ مقصود گل ڪئي آهي. هن نثر ۽ نظم ۾ لکيو آهي. سندس ٻاراڻي شاعريءَ جو ڪتاب ”لفظن جا پوپٽ“، 2007ع ۾ ڇپيو. سندس تعلق س.ا.س. رتوديرو سميت ڪيترين ئي تنظيمن سان رهيو آهي. کيس س.ا.س پاران ڪتاب تي مڃتا ايوارڊ ۽ ٻيا تعريفي سرٽيفيڪيٽ مليل آهن. هو ادبي خبرنامي ”سنگت نامو“ ۽ ماهوار ”پوپٽ“ جو ايڊيٽر به رهيو آهي. سندس رهائش رتيديري ۾ آهي.
    منهنجي تو سان محبت ساڳي،
    تنهنجي مون سان نفرت ساڳي.
    قائم رهندي دل ۾ ’ساجد‘!
    سنڌ امڙ جي عظمت ساڳي.



    عبدالحق ساريو

    عبدالحق ساريي جي شاعريءَ ۾ محبت جِي حسناڪيءَ، وڇوڙي جِي تڙپ ۽ ميلاپ جِي تمنا جو ڀرپور اظهار نثري نظمن جي صورت ۾ نظر اچي ٿو.
    عبدالحق ولد فقير راڻو 9 جولاءِ 1966ع تي، تعلقي ڏوڪريءَ جي ڳوٺ ٻِنڊي ۾ پيدا ٿيو. هن ايم اي (اردو)، ايم اي (اڪنامڪس) ۽ بِي ايڊ جي تعليم حاصل ڪئي. هُو 1997ع ۾ اردو جو ليڪچرر مقرر ٿيو ۽ 2011ع ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ٿيو. سندس مقرري ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۽ حيدر بخش جتوئي ڪاليج ڏوڪريءَ ۾ رهي.
    عبدالحق ساريي لکڻ جي شروعات نالي واري ڪهاڻيڪار رزاق مهر جي رهنمائيءَ هيٺ 1991ع ۾ ڪئي. هن ڪالم، ڪهاڻيون ۽ نثري نظم لکيا آهن. هُو سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪريءَ جو ميمبر ۽ 2006ع ۾ ڪائونسلر پڻ رهيو. سندس وفات 14 فيبروري 2015ع تي ٿي.
    سهڻيءَ جو پيار (نثري نظم)
    جي، سُهڻيءَ جو پيار،
    پَڪو نه هجي ها،
    ته هُوءَ،
    ڪَچو گھڙو کڻي،
    ڪُنن ۾ ڪاهي نه پوي ها!

    مختيار جاگيراڻي

    مختيار جاگيراڻي سنڌي ٻوليءَ جو سٺو شاعر آهي. مختيار احمد ولد عبدالرزاق خان جاگيراڻي 17 سيپٽمبر 1966ع تي، ڳوٺ گل محمد جاگيراڻي، تعلقي قنبر ۾ پيدا ٿيو. 1981ع ۾ سندس ڪٽنب لاڙڪاڻي لڏي آيو. هن ايم اي سنڌي ۽ ايل ايل بي جي تعليم حاصل ڪئي آهي، جڏهن ته صحت کاتي ۾، چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻي جي اڪائونٽس برانچ ۾ اڪائونٽنٽ طور مقرر آهي.
    مختيار جاگيراڻيءَ شاعريءَ جي شروعات 1998ع ڌاري ڪئي. هو سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي شاخ جي گڏجاڻين مان رهنمائي حاصل ڪندو رهيو آهي. هن غزل، نظم، گيت، ٽيڙو، ڪهاڻيون، خاڪا ۽ مضمون لکيا آهن. سندس شاعريءَ جو ڪتاب ”سڀ فريب آ“ 2012ع ۾ ڇپجي چڪو آهي. سندس رهائش، نور ٽائون شپ، لاڙڪاڻي ۾ آهي.
    وفا ڪجهه به ناهي،
    جفا ڪجهه به ناهي.
    قبر ڏي ڪَنايم،
    پُڇا ڪجهه به ناهي.

    اياز جاني

    اياز جاني سنڌ جي بهترين شاعرن ۾ ڳڻيو ويندو آهي. هن جي شاعريءَ ۾ فڪري ۽ فني خوبيون نمايان آهن. سنڌي شاعريءَ جو نئون لهجو هن جي تخليقن ۾ محسوس ٿئي ٿو. هو انهن شاعرن مان آهي جن نئين ٽهيءَ کي متاثر ڪيو آهي.
    اياز جانيءَ جو پورو نالو اياز حسين آهي. هو قربان علي ميمڻ جي گهر ۾ 4 آڪٽوبر 1967ع تي، لاڙڪاڻي جي رحمت پور محلي ۾ پيدا ٿيو. پر پاڻ ٻڌائي ٿو ته سرڪاري رڪارڊ ۾، ذات ’چنا‘ لکي وئي اٿس. اياز جانيءَ جو اباڻو ڳوٺُ خير محمد آريجا، تعلقو ڏوڪري آهي. سندس والد 1965ع ۾ لاڙڪاڻي شهر ۾ رهائش اختيار ڪئي، جتان 1970ع ۾ ڪوٽڙي لڏي ويا ۽ پوءِ نئين ديري اچي ويٺا، جتي هن ابتدائي تعليم پرائڻ کان پوءِ ايم اي سنڌي ادب ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان سيڪنڊ پوزيشن سان پاس ڪئي. هينئر ڪراچي يونيورسٽيءَ جي شاهه لطيف چيئر جي تحقيقي جرنل ”ڪلاچي“ ۾ ’ٻانهن ٻيلي‘ طور مقرر آهي. جڏهن ته ادبي رسالا ”سارس“، ”لهرون“ ۽ ”همرچو“ ايڊٽ ڪيا اٿائين. سندس شاعريءَ جو ڪتاب ”دراوڙ دل جي تنهائي“ 2016ع ۾ ڇپيو آهي.
    اياز جانيءَ لکڻ جي شروعات 1981ع ۾ ڪئي جڏهن سندس ڪهاڻي ماهوار ”گل ڦل“ ۾ ڇپي. سندس رهنمائي نالي وارن شاعرن مقصود گل ۽ آثم ناٿن شاهيءَ ڪئي آهي. پاڻ س.ا.س شاخ گلشن حديد سان سلهاڙيل آهي. کيس حضرت شهباز قلندر بهترين شاعر ايوارڊ مليل آهي. سندس رهائش، ڪراچيءَ جي گلشن حديد ٽائون ۾ آهي.
    خاموشيءَ ۾ هلڪو کڙڪو، ڳالهائي ٿو،
    ’دمُ ٿو گهٽجي، کوليو،‘ ڪمرو ڳالهائي ٿو.
    جانيءَ جو جوڀنُ تاسارو آهي، تڏهين،
    حق بخشايــل نــاريءَ جهڙو ڳالهائــي ٿـــو!


    سعيد ميمڻ

    سعيد ميمڻ سنڌ جي نالي وارن شاعرن ۾ اهم حيثيت رکي ٿو. سندس شاعريءَ ۾ جمالياتي سونهن پڙهندڙن لاءِ بيحد ڪشش رکي ٿي. سندس شاعريءَ کي سنڌ ۾ بيحد پسند ڪيو ويو آهي. هن جا ڊگھن رديفن وارا غزل خاص طور بيحد پسند ڪيا ويندا آهن، جڏهن ته هن پنجڪڙي تي به سٺي طبع آزمائي ڪئي آهي.
    سعيد 8 نومبر 1968ع تي، تعلقي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ عاقل ۾، مولوي ۽ استاد بشير احمد ميمڻ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. هن ايم.اَي. (پرائيويٽ) سنڌي ادب ۾ 1990ع ۾، پِي.ٽِي.سِي ۽ بِي. ايڊ ڪئي آهي. سعيد ميمڻ 1988ع کان پرائمري استاد طور تدريسي خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.
    سعيد کي شاعريءَ سان لڳاءُ ننڍپڻ کان ئي آهي. 1988ع ۾ سندس پهرين وائي ”عبرت“ مئگزين ۾ ڇپي. شاعريءَ ۾ سندس رهنمائي هاءِ اسڪول استادَ محمد هارون بلوچ ۽ نالي واري شاعر آتش سنڌيءَ ڪئي. سعيد ميمڻ نثر ۾ ڪجهه ڪهاڻيون، مضمونَ، خاڪا ۽ مهاڳ لکيا آهن. سندس 5 شعري مجموعا ڇپيا آهن: 1. نيڻ سفر ۾، 2. ڪاري بَر ۾ چنڊ، 3. خواب-چارا، 4. درد جون آيتون، 5. اسان جو عشق اڻپُورو، 6. آنءُ لهر سمنڊ جي، 7. ازل جو آڏاڻو.
    سعيد جو 1990ع کان وٺي س.ا.س لاڙڪاڻي شاخ سان تعلق رهيو آهي، جنهن جو ڪائونسلر به رهيو آهي. کيس ”ڪينجهر“ رسالي پاران ”ڪينجهر شاعر ايوارڊ“، س.ا.س ڄامشوري شاخ پاران ”علڻ فقير ايوارڊ“ ۽ س.ا.س محراب پور شاخ پاران ”استاد محبوب جوکيو ۽ استاد بخاري ايوارڊ“ مليا آهن. سندس مستقل رهائش ڳوٺ عاقل ۾ آهي.
    ڀٽڪندڙ آرزو نيٺ ڇا ٿي گهري؟
    دل وري هلڻ جا حوصلا ٿي گهري.

    ڪئن وفا جون حدون ’سعيد‘ اورانگهيون؟
    هوءَ اســـان کـان رکــڻ فـاصلا ٿــي گهـري.

    سرتاج جاگيراڻي

    سرتاج جاگيراڻي سنڌي ٻوليءَ جو سٺو ۽ احساساتي شاعر آهي، جنهنڪري ئي پوليس کاتي ۾ نوڪري هجڻ باوجود خوبصورت شعر سرجيندو رهي ٿو. سرتاج احمد ولد محمد نواز جاگيراڻي 15 نومبر 1967ع تي، ڳوٺ گل محمد جاگيراڻي، تعلقي قنبر ۾ پيدا ٿيو. 1981ع ۾ سندس ڪٽنب لاڙڪاڻي لڏي آيو. هن بِي اي تائين تعليم حاصل ڪئي آهي.
    سرتاج جاگيراڻي شاعريءَ سان مسلسل نڀائيندو اچي پيو. سندس شاعريءَ جا ٽي ڪتاب ”سپني ۾ سنسار“ (2002ع)، ”اکين جي شهر ۾“ (2010ع) ۽ ”هجوم جو درد“ (2013ع) ڇپجي چڪا آهن. سندس تعلق سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي شاخ سان رهيو آهي. سندس مستقل رهائش لاڙڪاڻي ۾ آهي.
    پري توکان پرين هاڻي رهڻ جو شوق ڪونهي ڪو،
    حياتي تو بنا گذري، جيئڻ جو شوق ڪونهي ڪو.
    ڏٺو توکي، پڙهيو توکي، ڇهيو توکي، چميو توکي،
    سوا تنهنجي پرين ٻئي در جهڪڻ جو شوق ڪونهي ڪو.

    پرهه سڪينا گاد

    پرهه سڪينا سنڌ جي سٺي شاعره آهي. لاڙڪاڻي ضلعي جي عورت شاعرائن ۾ سندس نالو اهميت وارو آهي. سندس نظم ۽ نثري نظم جاندار آهن.
    پرهه سڪينا ولد گل محمد گاد 26 جُون 1968ع تي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿي. سندس والد لاڙڪاڻي بابت مشهور ڪتاب ”لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو“ جو مرتب آهي. پرهه سڪينا ايم.بِي.،بِي.ايس. ۽ بِي.اَي جي تعليم حاصل ڪئي آهي.
    ڊاڪٽر پرهه سڪينا لکڻ جي شروعات نائين درجي ۾ پڙهائي دوران ڪئي. سندس لکڻ ۾ رهنمائي والد ۽ سندس ڀاءُ نسيم پارس گاد ۽ ايوب گاد ڪئي. هن نثر ۽ نظم ٻنهي ۾ لکيو آهي. پاڻ سياسي حوالي سان پڻ ڪافي سجاڳ رهي آهي، عورتن ۾ جاڳرتا آڻڻ لاءِ هن پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. پاڻ ليڊيز ڪلب لاڙڪاڻي سان پڻ لاڳاپيل آهي. کيس سيد الهندو شاهه ايوارڊ ملي چڪو آهي. سندس رهائش محلا قافلا سراءِ لاڙڪاڻي ۾ آهي.
    خواب ڏسڻ،
    مون ڇڏي ڏنا آهن
    جنهن جي ساڀيان ملڻي ناهي!
    جنهن جو انت ٿيڻو ناهي
    اهڙا خواب،
    ڀلا ڇو ڏسجن!!

    عزيز منگي

    عزيز منگي پنهنجي والدَ، سنڌ جي معروف اديب، صحافي ۽ ڪمپيئر هدايت منگيءَ جي نقشِ قدم تي هلندي، ادبي سفر طَي ڪري رهيو آهي. عزيز جي سڃاڻ جا مختلف حوالا آهن جن ۾ نيوز رپورٽنگ، ريڊيو ڪمپيئرنگ ۽ ادبي سرگرميون نمايان آهن، پر هن جذبن، احساسن ۽ امنگن کي اظهاريندڙ شاعريءَ سان به جيءُ سلهاڙيو آهي.
    عزيز 18 نومبر 1968ع تي، تعلقي ڏوڪريءَ جي ڳوٺ بگي ۾ پيدا ٿيو. هن ايم اي (سنڌي)، بِي ايڊ ۽ پِي ٽِي سِي ڪئي آهي. هُو نومبر 1990ع کان وٺي استاد طور سينٽ جوزف هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ پڙهائي پيو.
    عزيز لکڻ جي شروعات هدايت منگيءَ جي رهنمائيءَ هيٺ 1984ع ۾ ڪئي. سندس پهريون نظم ماهوار ”گل ڦل“ ۾ 1984ع ۾ ڇپيو. هن لڳ ڀڳ سڀني صنفن ۾ لکيو آهي. هُو 1984ع ۾ سنڌي ادبي سنگت (س.ا.س) شاخ بگي جو ميمبر ٿيو، 1990ع ۾ س.ا.س شاخ ڏوڪريءَ سان وابسته ٿيو ۽ 1994ع کان س.ا.س شاخ لاڙڪاڻي سان سلهاڙيل آهي ۽ ٽنهي شاخن ۾ مختلف عهدن تي سرگرم ادبي ڪارڪن رهيو آهي. کيس س.ا.س ڏوڪري شاخ پاران بهترين ڪارڪن ۽ بهترين شاعر جي شيلڊ ملي ۽ س.ا.س مرڪز پاران ضلعي لاڙڪاڻي جي بهترين شاخ طور س.ا.س ڏوڪريءَ جي سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾ ايوارڊ وصول ڪيو. عزيز ”ساٿي ٻارڙا سنگت“ تعلقي ڏوڪريءَ جو ميمبر پڻ رهيو آهي ۽ مُهين جو دڙو اڪيڊميءَ جو 2007ع کان باني ميمبر ۽ چيئرمئن طور سلهاڙيل آهي.
    عزيز 1991ع ۾ لاڙڪاڻي لڏي آيو. سندس رهائش ايئر پورٽ روڊ تي واقع مينهل آباد ڪالونيءَ ۾ آهي.
    رات به ڪـيـڏا سـورَ انـدر جـا جـاڳـي پـيـا،
    ڇرڪ ڀري سڀ منظر گھر جا جاڳـي پـيـا.

    شايد ڪـو انـيـاءُ ٿـيــو آ ڀـُــونءِ مــٿــان،
    جو ھِن ٻيھر گھنڊ مـنـدر جـا جـاڳــي پـيـا.

    مدهوش ڀٽو

    مدهوش جو شمار سنڌ جي اهم شاعرن ۾ ٿئي ٿو. هن جي شاعري ڇپي گھٽ آهي پر ڳائي گھڻي وئي آهي، جنهنڪري عوام تائين گھڻو پهتل آهي. هو مشهور نوحه ۽ قصيده لکندڙ به آهي. هُو صحيح معنى ۾ غزل جو شاعر آهي. سندس غزلن ۾ تغزل ڀرپوريت سان موجزن آهي.
    مدهوش ڀُٽي جو ڇٺيءَ نانءُ الطاف حسين آهي. هُو 6 نومبر 1969ع تي، تعلقي رتيديري جي ڳوٺ بنگل ديري ۾، عبدالرحمان ڀُٽي جي گهر ۾ پيدا ٿيو. هن انٽر سائنس تائين تعليم حاصل ڪئي، پوءِ والد جي وفات سبب اعلى تعليم پِرائي نه سگھيو. هُو 1995ع کان پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪمپني لميٽيڊ (PTCL) ۾، لاڙڪاڻي ۾، ملازمت ڪري رهيو آهي. هن وقت ٽيڪنيشن جي عهدي تي فائز آهي.
    هن شاعريءَ جي شروعات 84-1983ع ۾ ڪئي. سندس ادبي رهنمائي اسڪولي استاد، غلام نبي ”راهڪ“ ڀُٽي ڪئي. سندس سرجيل قصيده، نوحه ۽ غزل گھڻو مشهور آهن. هُو سنڌي ادبي سنگت رتي ديري شاخ جو ميمبر پڻ رهيو آهي. سندس رهائش بنگل ديري ۾ آهي.
    حالتن کان هارجي ٿي وئي نيلام دل.
    ڇا ڪُڇي ڪنهن جي اڳيان گونگــڙي گگدام دل.

    ياد جا اوٿـر اٿن، درد جا محشر مچن،
    ســـور سيني ۾ لڇــن، ڪيئن ڪــري آرام دل.

    عادل عباسي

    عادل عباسيءَ جو شمار سنڌ جي سڄاڻ ليکڪن ۾ ٿئي ٿو. هُو شاعر توڙي نثر نويس آهي. سندس شاعريءَ ۾ جديد رنگ ڀرپور سمايل آهي، جنهن ۾ فڪري ۽ فني رُخ ڌيان لهڻن ٿا.
    عادل عباسيءَ جو ڇٺيءَ نانءُ عبدالحق آهي. هُو محمد آچر ’مجاهد‘ عباسي جي گھر ۾ 2 جنوري 1970ع تي، ڳوٺ لعلو رائنڪ (تعلقي وارهه) ۾ پيدا ٿيو، جتي سندن رهائش هئي. سندس والد جي ڪراچيءَ بدلي ٿيڻ سبب هُو ڪراچيءَ لڏي ويا، جتي عادل عباسيءَ ابتدائي ۽ ثانوي تعليم پِرائي. هن ايم اَي سنڌي ادب ۾ 2000ع ۾ ڪئي. هُن 1989ع ۾ بهبود آبادي کاتي ڪراچيءَ ۾ ملازمت اختيار ڪئي. 1993ع ۾ سندس بدلي باڊهه ٿي، جتي مستقل طور رهڻ لڳو. 2006ع کان هُو لاڙڪاڻي ۾ مقرر آهي، جتي رهائش اٿس. هُو ريڊيو ڪمپيئر طور، ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي مختلف پروگرام پڻ ڪندو رهيو آهي.
    عادل عباسيءَ کي ادبي ماحول گهر ۾ مليو. هن 1992ع کان باقاعدي لکڻ جي شروعات ڪئي. شاعريءَ ۾ سندس رهنمائي والد محمد آچر ’مجاهد‘ ڪئي. هن شاعريءَ جي لڳ ڀڳ مڙني صنفن ۾ لکيو آهي، جڏهن ته نثر ۾ مضمونَ، ڪهاڻيون ۽ مهاڳ لکيا آهن. هُو سنڌي ادبي سنگت (س.ا.س) ڪراچي شاخ ۽ س.ا.س باڊهه شاخ سان لاڳاپيل رهيو، ۽ سيڪريٽري، ڪائونسلر، جوائنٽ سيڪريٽري ۽ خزانچي پڻ رهيو. هُو جاڳرتا لٽرري فورم باڊهه سان پڻ سلهاڙيل رهيو ۽ ان جو سيڪريٽري به رهيو. کيس سنڌ ڪلچرل ڪائونسل ڪراچي پاران 2000ع ۾ شاعر-ايوارڊ ڏنو ويو. هُو سياست ۾ به سرگرم رهيو آهي. سندس رهائش پراڻي ٽئنڪ چوڪ ويجھو لاڙڪاڻي ۾ آهي.
    خوشبو ڇو نه کڻي آئي آ تنهنجي ساهن جِي،
    ڪيڏي ڀاسي ٿي اڄ ظالم ۽ بيدرد هوا.

    رَتُ جي ڌَپ گُهلي ٿي پيئي اڄ به ڪراچيءَ ۾،
    ٿي پئي آهي شهر سڄي جي دهشت گــرد هـــوا.

    رياضت ٻرڙو

    سنڌي ٻوليءَ جو ليکڪ (شاعر، ڪهاڻيڪار، مضمون نويس)، مترجم، پبلشر ۽ ايڊيٽر آهيان. 27 فيبروري 1970ع تي، شوڪت علي ”شوق“ جي گهر ۾، قنبر ۾ پيدا ٿيس. ابتدائي تعليم قنبر ۾ پرائڻ کان پوءِ ايم.ايس سِي. (فزڪس، 1995ع)، ايم.اي. (سنڌي، 2000ع) ۽ ايم.ايڊ. (2000ع) جون ڊگريون حاصل ڪيون اٿم. 2014ع کان وفاقي اردو يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي مان ”سنڌي زبان ۾ لغت نويسيءَ جو تحقيقي مطالعو“ عنوان تحت پي ايڇ ڊي ڪري رهيو آهيان. 2001ع ۾ شاهه لطيف ڊگري ڪاليج قنبر ۾ فزڪس جو ليڪچرر ٿيس، جتان بدلي ٿي، نومبر 2008ع کان، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ فزڪس پڙهايان پيو.
    88-1987ع ۾ ترجمن وسيلي ادبي دنيا جي آڳنڌ تي پير ڌريم. گهر ۾ ادبي ماحول مليو. نثر ۾ رهبري نالي واري اديب ڀاءُ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي ڪئي ۽ شاعريءَ ۾ رهنمائي مشهور شاعر سرمد چانڊيي ۽ سنڌي ادبي سنگت قنبر جي تنقيدي گڏجاڻين ڪئي.
    تخليقي ڪتابن ۾ هڪ ڪهاڻي-ڪتاب ”پيار جي ڪهاڻي“ (1994)، ٻن شعري ڪتابن ”شام جي هوا“ (2004) ۽ ”ديوانِ رياضت“ (2005) ۽ ريڊيو اسڪرپٽ تي مشتمل ڪتاب ”واءُ وکيريا خيال“ (2012ع)، ايڊٽ ڪيل ۽ سهيڙيل تاريخي ڪتاب ”قنبر: هڪ اڀياس“ (2006) سميت ٻين سهيڙيل ڪتابن ”گريٽر ٿل ڪئنال ۽ ڪالا باغ ڊيم“ (2003ع)، ”تحفو“ (2006ع)، ”چانڊوڻا چمڪن“ (2007)، ”ڏات ڏيئا ٻاريا“ (2010ع) ۽ ”مون ڏات انوکي آندي آ“ (2012ع) سميت، ڊاڪٽر محبت جا 16 اهم ڪتاب، سندس وفات کان پوءِ سهيڙي ڇپرايا اٿم. ماهوار ”سائنس“، ”سائنسي سوچ“ پبليڪيشن، ”لکڻهار“، ”اڪيڊميڪا“، ”باک“، ”سنگت خبرنامي“ ۽ ”سنگت مخزن“ پرچن ۾ مختلف ذميواريون نڀايون اٿم.
    2009ع کان ماهوار ”سائنسي سوچ“ جو ايڊيٽر آهيان. 1989ع ۾ س.ا.س. قنبر ۾ پهرين شرڪت ڪيم، جنهن جو 5 ڀيرا سيڪريٽري رهڻ سميت ٻين عهدن تي مقرر رهيو آهيان. سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو 05-2004ع دوران مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري به رهيس. سائنسي، تعليمي ۽ سماجي طور ”موهن جو دڙو سائنس ڪلب“ قنبر کان وٺي ”ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي“ تائين مختلف عهدن تي سرگرم رهيو آهيان. پبلشنگ جي شعبي ۾ ”ڏاهپ پبليڪيشن قنبر“، ”ڏاهپ اڪيڊمي قنبر“، ”سنڌي ادبي سنگت قنبر“، ”ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر“ ۽ ”ڏاهپ پبليڪيشن لاڙڪاڻي“ پاران 50 کان وڌيڪ ڪتاب ڇپرايا اٿم. لاڙڪاڻي ۾، آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻي جو ميمبر ۽ آرڪائيوز شعبي جو چيئرمين (2015-2016)، لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جي بورڊ آف مينيجمينٽ جو ميمبر ۽ جوائنٽ سيڪريٽري ۽ انڊس لٽرري فورم (الف) جو جوائنٽ سيڪريٽري پڻ آهيان. فيبروري 2009ع ۾ لاڙڪاڻي لڏي آيم. هاڻ مستقل رهائش پروفيسرس ڪالوني، لاڙڪاڻي ۾ آهي.

    ٿڌِي اُس اکين تي پوي ٿِي پرين!
    چُمي ياد تنهنجي اچي ٿِي پرين!

    ڏِسِي نيٺ رهبو ته ’رياضت‘ جي دل،
    ڪڏهن تنهنجي دل سان ملي ٿِي پـرين!

    منور سولنگي

    منور سولنگي نئين ٽهيءَ جو ڀلوڙ شاعر آهي. منور جي شاعريءَ ۾ سٺي موضوعي پيشڪش نظر اچي ٿي ۽ فني نڀاءُ پڻ وڻندڙ اٿس.
    منور علي ولد روشن علي سولنگي 2 جُون 1971ع تي لاڙڪاڻي شهر جي محلي علي گوهر آباد ۾ ڄائو. هن ابتدائي تعليم لاڙڪاڻي ۾ ئي پِرائي جنهن کان پوءِ 1996ع ۾ مهراڻ يونيورسٽي نوابشاهه ڪئمپس مان اليڪٽريڪل ۾ بِي.اِي ڪئي. هن پرائيويٽ گريجوئيشن (B.A) پڻ ڪئي آهي. هن ڪجهه وقت خانگي ادارن ۾ ملازمت ڪئي ۽ بورڊ آفيس (BISE) لاڙڪاڻي ۾ ڪئليگرافر طور نوڪري پڻ ڪئي. هو 2009ع کان ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي سينئر براڊ ڪاسٽنگ انجنيئر ٿيو ۽ 2010ع کان لاڙڪاڻي ۾ مقرر آهي.
    منور لکڻ جي شروعات 1990ع ۾ شاعريءَ کان ڪئي، جنهن کان پوءِ نثر ۾ پڻ لکيو ۽ ترجمو ڪيو آهي. سندس هڪ ترجمو ڪيل ناول ”مريم“ (ليکڪ وحشي محمود آبادي) ڇپيل آهي. هو س.ا.س نوابشاهه جو سيڪريٽري رهيو. هو س.ا.س لاڙڪاڻو شاخ سان سلهاڙيل آهي. سندس رهائش علي گوهر آباد محلي ۾ آهي.

    ٽار جنهن تي گُل ٽڙيو هڪ ڀي نه هو،
    تنهن مٿان پوپٽ لٿو هڪ ڀي نه هو.
    نيڻ بُڪ ۾، ڌيان پر تو ڏي هيو،
    وقت ٿيو، اٿليو پَنو هڪ ڀي نه هـو.

    روبينه ابڙو

    روبينه ابڙو سنڌ جي نالي وارين شاعرائن ۾ اهم ۽ نمايان حيثيت رکي ٿي. هوءَ سنڌي شاعريءَ جو سگهارو نانءُ آهي. هن شاعريءَ سان مسلسل محبت وارو رشتو جوڙي رکيو آهي. مرداڻي سماج ۾ سرجندڙ شاعريءَ جي يَڪ رُخائيءَ ۾ روبينه ابڙو جي شاعري تازي هوا سمان ۽ تصوير جو ٻيو رُخ آهي، جنهن ۾ فڪر جا نرالا رنگ به آهن ته فن جي ڀرپور پيشڪش به آهي. سندس شاعريءَ جو مجموعو ”قدم کان عدم تائين“ 2016ع ۾ ڇپجي چڪو آهي.
    روبينه ابڙو ولد بشير احمد ابڙو جو جنم 24 آڪٽوبر 1971ع تي، ڳيريلي شهر (هاڻوڪي تعلقي باقراڻي) ۾ ٿيو. هن سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ تعليم پِرائي آهي ۽ بِي.ايڊ ۽ ايم.اَي سنڌي ادب ۾ ڪئي آهي. هوءَ لاڙڪاڻي ۾ تدريسي خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي.
    هن 1991ع کان لکڻ جي شروعات شاعريءَ سان ڪئي. سندس پهريون شعر ”عبرت“ مئگزين ۾ ڇپيو. هن اردوءَ ۾ پڻ شاعري سرجِي آهي. هن شاعريءَ جي لڳ ڀڳ مڙني صنفن ۾ لکيو آهي، پر خاص طرح سندس غزل، نظم ۽ وايون نمايان آهن. کيس مڃتا طور ”ڪينجھر ايوارڊ“ ۽ ”تنوير عباسي ايوارڊ“ ملي چڪا آهن. سندس رهائش لاڙڪاڻي ۾ آهي.

    عشق حقيقي، عشق مجازي،
    ڪعبي اندر جيئن نمازي.
    مارِ نغاري چوٽِ وَري ڪا،
    ٿي پئه دَم دَم مستُ دَرازي.

    منصور ابڙو

    منصور سنڌ جي سٺن شاعرن مان هڪ آهي، پر سندس شاعري گھٽ ڇپي آهي. منصور جي شاعريءَ ۾ زندگيءَ جا شوخ توڙي ٿڌا رنگ بيحد خوبصورتيءَ سان پکيڙيل آهن.
    منصور احمد ولد انور علي ابڙو 7 ڊسمبر 1971ع تي، لاڙڪاڻي شهر ۾ پيدا ٿيو. هن بِي ايس سِي آنرز (سلور ميڊل) ۽ ايم ايس سِي، زولاجي ۾، سنڌ يونيورسٽيءَ مان فيڪلٽي ٽاپ ڪندي پهرين پوزيشن حاصل ڪئي ۽ گولڊ ميڊل ماڻيو. هُو 1997ع ۾، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ڪنڌڪوٽ ۾ زولاجي جو ليڪچرر مقرر ٿيو. هو 2006ع کان وٺي ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ پڙهائي پيو ۽ هن وقت اسسٽنٽ پروفيسر آهي.
    هن شاعريءَ جي شروعات 1990ع ۾ ذاتي شوق سبب ڪئي. سندس ادبي رهنمائي نالي واري شاعر جواد جعفريءَ ڪئي. هُو سنڌي ادبي سنگت سنڌ يونيورسٽي شاخ جو ميمبر ۽ جوائنٽ سيڪريٽري پڻ رهيو آهي. سندس رهائش سچل ڪالوني، لاڙڪاڻي ۾ آهي.
    سُرمئي سرمئي شام ڄڻ ساري آ،
    اُڀ تي بادلن جي چترڪاري آ.
    پاڻ جھڙو ڪو پاڳل نه هوندو ڪٿي،
    آ بدن ميڻ ۽ سج سان يــاري آ.

    ڊاڪٽر فياض لطيف

    فياض لطيف سنڌ جي انهن شاعرن ۾ يقيناً شامل ڪري سگهجي ٿو جن سنڌي نظم سان خوب نڀايو آهي ۽ پنهنجي مخصوص حُسناڪ انداز سان اها گَهِرائي ماڻي آهي، جا نظم جي سڃاڻپ آهي. هن غزل به سرجيا آهن ۽ ترجما پڻ ڪيا آهن. فياض لطيف جا موضوعَ محبت، وڇوڙو، انتظار ۽ پرين جي يادِ آهن.
    سندس ڇٺيءَ نانءُ بشير احمد ولد محمد حسن چانڊيو آهي. هُو پهرين اپريل 1972ع تي ڳوٺ فقير محمد چانڊيي، تعلقي ڏوڪري ۾ پيدا ٿيو. هن ايم.اَي سنڌي ادب 1994ع ۾ ڪئي ۽ 2015ع ۾ ”شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ جماليات“ موضوع تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي مان ڊاڪٽريٽ ڪئي آهي. هن 1997ع ۾ پبلڪ اسڪول ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو ۽ 2002ع کان ليڪچرر سنڌي طور، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ تدريسي خدمتون سرانجام ڏئي پيو.
    فياض لطيف 1991ع ۾ شاعريءَ جي شروعات ڪئي. هن شاعريءَ ۾ نظم، غزل، بيت ۽ وايون لکڻ سميت ڪهاڻيون، مقالا، مضمون ۽ مهاڳ پڻ لکيا آهن. هُو سنڌي ٻوليءَ جو پهريون مترجم آهي جنهن مشهور فلسفي رجنيش اوشو جو ڪتاب ”خدا، زندگي، محبت ۽ موت“ نالي سان ترجمو ڪيو. ان کان سواءِ اوريانا فلاشي جو ڪتاب ”اڻ ڄاول ٻار ڏانهن خط“ (ترجمو)، ”اوشو جي آتم ڪهاڻي“ (ترجمو)، شاعريءَ جا ٻه مجموعا ”چنڊُ ڪڪر جي اوٽ“ ۽ ”دل جي خانه بدوشي“ ۽ ادبي خطن جو مجموعو ”خط، خوشبو، خواب“ ڇپجي چُڪا آهن. هُو س.ا.س شاخ ڏوڪري، لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي، سچل ادبي مرڪز ۽ انڊس لِٽرري فورم سان لاڳاپيل آهي. کـيـس ”ڪـيـنـجهــر تـرجـمـو ايـوارڊ“، ”فـقـيـر بـخـش عـلي ابـڙو ايــوارڊ“ ۽ ”پـيــر حسام الدين راشدي ايوارڊ“ ملي چڪا آهن. هُو سن 2000ع ۾ لاڙڪاڻي لڏي آيو. سندس رهائش مينهل آباد محلي لاڙڪاڻي ۾ آهي.

    جواني هُن تي لٿي جئين ئي،
    ڪَلي ڪلي ٿي نِکار وِکريو.
    ڪنول بدن جو ٻکيو ٻَــکن ۾،
    چُمي چُمي ٿـــي پيـار وِکـــريو.

    مهراڻ ڌامراهو

    مهراڻ ڌامراهو لاڙڪاڻي جو ناميارو شاعر آهي. مهراڻ ولد قائم الدين ڌامراهو 12 سيپٽمبر 1972ع تي، ڌامراهه ڳوٺ، تعلقي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. هن ايم اي تائين تعليم حاصل ڪئي آهي ۽ سوئي سائودرن گئس ڪمپني لاڙڪاڻي ۾ ملازم آهي.
    مهراڻ ڌامراهي 1992ع ڌاري شاعريءَ جي شروعات ڪئي. شاعريءَ ۾ سندس رهنمائي علي نواز ”ناز“، احمد علي ”صابر“ چانڊئي ۽ بدر ڌامراهي ڪئي آهي. هن نظم، غزل، بيت، وايون ۽ ٽيڙو لکيا آهن. سندس شاعريءَ جو ڪتاب ”اوهان ڇا پيار مان ڄاڻو“ ڇپجي چُڪو آهي. مهراڻ جو سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي شاخ ۽ سنگيت وديا سنگت سان تعلق آهي.
    مهراڻ ڌامراهو سن 2000ع ڌاري لاڙڪاڻي لڏي آيو. هاڻ سندس پيپلز ڪالوني لاڙڪاڻي ۾ آهي.
    اوهان ڇا پيار مان ڄاڻو، اوهان لاءِ پيار بي معنى!
    اسان هاڻي ڇڏيو ڄاڻي، اوهان جي سار بي معنى!
    ورهايون ٿا اسان هتڙي جفا جي موٽ ۾ ”مهراڻ“،
    لکن جو پيار هو جيڪو، سو اڄ بيڪار بي معنى!

    ڊاڪٽر احسان دانش

    احسان دانش معروف شاعر، ڪهاڻيڪار، مقاله نگار ۽ ڪالم نويس آهي. سندس تحريرن ۾ آيل ادبي ٻولي پنهنجو مخصوص لب و لهجو رکي ٿي. هن جي شاعري سماجي رخ سميت پيار ۽ محبت جا رند طَي ڪري ٿي.
    ڊاڪٽر احسان دانش جو پورو نالو احسان الحق پٺاڻ آهي. هُو 15 فيبروري 1974ع تي، لاڙڪاڻي شهر ۾، ناليواري اديب ڊاڪٽر بشير احمد ’شاد‘ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. هن ايم. اَي اردو ۽ ايم.اَي سنڌي ادب ڪئي ۽ 2015ع ۾ ”شاهه لطيف جي شاعريءَ جو سماجي ڪارج“ موضوع تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي مان ڊاڪٽريٽ ڪئي آهي. هُو 1998ع ۾ پبلڪ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ اردو جو ليڪچرار مقرر ٿيو ۽ 2002ع کان ليڪچرار سنڌي طور گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ تدريسي خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.
    احسان دانش 1988ع کان وٺي، گهر ۾ مليل ادبي ماحول سبب نثر ۽ نظم ۾ لکي رهيو آهي. سندس رهنمائي ڊاڪٽر ’شاد‘ ڪئي. سندس ججهي شاعري توڙي ڪهاڻيون، ڪالم، مضمون ۽ مقالا ڇپجي چڪا آهن. سندس ڪهاڻين جو ڪتاب ”بي سُڪون خواب جو سچ“ (2005ع)، سهيڙيل مقالن جو ڪتاب ”لاڙڪاڻو: تاريخي ۽ تحقيقي مطالعو“ (2005ع)، لاڙڪاڻي جي شخصيتن بابت مقالن جي سهيڙ ”ويل نه وسريام“ (2007ع)، شاعريءَ جو ڪتاب ”لفظن جي خوشبو“ (2010ع)، ۽ مُهين جي دڙي بابت سهيڙيل مقالن جو ڪتاب ”سنڌو سڀيتا جو عظيم ورثو موهن جو دڙو“ (2012ع) ڇپجي چڪا آهن.
    هُو سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻي، لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي، آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو ۽ انڊس لٽرري فورم سان لاڳاپيل آهي. ان کان سواءِ هُو ”ادبِ پاڪ“ انٽرنيشنل (اردو)، ماهنامي ”بي لاگ“ ڪراچي (اردو) ۽ نيوزليٽر ”شعور“ سان لاڳاپيل رهيو آهي. کيس ٻه ڀيرا ”ڊاڪٽر تنوير عباسي ايوارڊ“، ”شاهه لطيف ايوارڊ“، ”لاڙڪاڻو هسٽري شيلڊ“ ۽ ”شيخ اياز يادگار شيلڊ“ جي مڃتا سميت ڪيترائي تعريفي سرٽيفيڪيٽ ملي چڪا آهن. سندس رهائش سميع آباد محلي لاڙڪاڻي ۾ آهي.
    درد جِي ناءُ تي تري ويندس،
    زندگيءَ ڏي وري وري ويندس.

    ڇا ته تيزاب نگاهون تنهنجون!
    مان ته هڪ پل ۾ ئي ڳري ويندس.

    ابرار ابڙو

    ابرار ابڙو نئين ٽهيءَ جي شاعرن ۾ غزل لکندڙ شاعر طور سڃاڻجي ٿو. هن جي شاعريءَ ۾ سمايل پيار، وڇوڙي ۽ اڪيلاين جي داخلي ڪيفيتن کي محسوس ڪري سگهجي ٿو.
    ابرار حسين ولد رضا محمد ابڙو 21 مارچ 1974ع تي، لاڙڪاڻي ضلعي جي نئين ٺاهيل تعلقي باقراڻي (اڳ ڏوڪري) جي ڳوٺ ڳيريلي ۾ پيدا ٿيو. هن ايم اي سنڌي ادب ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ خيرپورميرس مان ڪئي آهي. هن سب ايڊيٽر طور روزاني ”عوامي آواز“ ۽ روزاني ”سنڌ سجاڳ“ ۾ ڪم ڪرڻ کان پوءِ ڪجهه وقت خانگي اسڪول ۾ به پڙهايو. 2007ع کان وٺي هُو ڳيريلي ۾ رهي پيو.
    ابرار لکڻ جي شروعات ذاتي لڳاءَ سبب 1996ع ۾ ڪئي ۽ س.ا.س ڳيريلي شاخ مان رهنمائي حاصل ڪئي. هن شاعريءَ ۾ بيت، وايون، نظم ۽ غزل لکيا آهن ۽ نثر ۾ ڪجهه ڪهاڻيون ۽ اڀياس پڻ لکيا آهن. سندس رهائش ڳيريلي ۾ آهي.
    نيڻ منهنجا ۽ لاڙڪاڻو هو،
    گڏ وڇوڙا ۽ لاڙڪاڻو هو.
    تنهنجي احساس جي هُئي خوشبو،
    ســاڻ پــاڇــا ۽ لاڙڪــاڻـــو هو.

    اقبال کوکر

    اقبال کوکر عام مشهوريءَ کان ڪُنڊائتو رهندڙ نوجوان شاعر آهي، جنهن ڪري ئي گهڻن پڙهندڙن لاءِ ڄڻ ته نئون نالو آهي، پر سندس شاعريءَ جي مطالعي سان پرکي سگهجي ٿو ته وٽس جذبن کي منظوم صورت ۾ بيان ڪرڻ جي خوبي موجود آهي.
    اقبال علي کوکر 23 فيبروري 1976ع تي، لاڙڪاڻي ضلعي جي وڏي ۽ مشهور ڳوٺ باڊهه جي ويجهو، ضلعي قنبر-شهدادڪوٽ جي تعلقي نصيرآباد جي هڪ ڳوٺَ مولوي فيض محمد کوکر ۾، اللھ ڏني کوکر جي گهر ۾ پيدا ٿيو.
    اقبال کوکر لکڻ جي شروعات پنهنجي مامي ۽ مشهور سگهڙ-شاعر لقمان کوکر سان لڳاءَ سبب 1995ع ۾ ڪئي. هن گهڻي ڀاڱي غزل، وايون ۽ بيت لکيا آهن. هُو س.ا.س شاخ باڊهه سان 1995ع کان لاڳاپيل آهي. هُو شاخ جو سيڪريٽري ۽ ڪائونسلر به رهيو آهي.
    ’گل‘ جي سونهن وڌائي شبنم ’ڳل‘ جي موهيڙي،
    ساري جڳ جي تو جوڀن ۾، سونهن سموهي، ڙي!
    جيئن ڏنو تو رخ تي پردو ايئن لڳو مون کي،
    سج جــي روشن ڪرڻن کي آ روڪيو ڪوهيڙي.

    شهمير سومرو

    شهمير نئين ٽهيءَ جي سٺن شاعرن ۾ پنهنجي جڳهه جوڙيندو پيو وڃي. هُو مسلسل لکي رهيو آهي ۽ پنهنجي شاعريءَ ۾ نواڻ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري پيو.
    شهمير علي ولد حاجي علي گل سومرو پهرين آگسٽ 1976ع تي، ڳوٺ سيد بچل شاهه، تعلقي باقراڻي ۾ پيدا ٿيو. شهمير ابتدائي تعليم بکي ديري ۽ ڏوڪريءَ ۾ پرائي. هن ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي مان بي ڪام ڪئي آهي. هو سرڪاري ملازمت بعد لاڙڪاڻي ۾ لڏي اچي ويٺو.
    هن لکڻ جي شروعات 1993ع ۾ ڪئي ۽ شاعريءَ جي مختلف صنفن ۾ لکيو آهي. هن س.ا.س ڏوڪريءَ جي ادبي گڏجاڻين مان رهبري حاصل ڪئي آهي. سندس شاعريءَ جو پهريون ڪتاب ”اکڙين جي ڀاڪر ۾“ ڇپجي چڪو آهي. هن جي رهائش لاڙڪاڻي جي مينهل آباد پاڙي ۾ آهي.

    نه ڪو سنگتي نه ڪا سرتي اسان جي زندگي آهي
    خريدي ڄڻ خزان ورتي اسان جي زندگي آهي
    اکيون پوڙهيون ويون بڻجي ڪنوارا خواب رهجي ويا
    کنـڊر بڻجي ويــل بستي اســان جــي زنـــدگي آهي

    ملهار چانڊيو

    ملهار نوجوان شاعر آهي. ملهار جا غزل ۽ وايون گھڻي ڀاڱي ننڍڙن وزنن تي لکيل آهن، جن ۾ ڄڻ ته ننڍا ننڍا تـز شعري جملا آهن، جيڪي پڙهندي وڻندڙ محسوس ٿين ٿا، مجموعي طور سندس شاعري تاثر ڇڏيندڙ آهي.
    ملهار جو ڇٺيءَ نانءُ غلام مصطفى آهي. هُو 20 جنوري 1977ع تي، تعلقي قنبر جي ڳوٺ لشڪري چانڊيي ۾، حسين بخش چانڊيي جي گهر ۾ پيدا ٿيو. هن سائنس ۾ گريجوئيشن (B.Sc.)، ايل ايل بِي ۽ اليڪٽريڪل ۾ ڊپلوما جي تعليم حاصل ڪئي آهي. هُو 2002ع کان واپڊا ۾، لاڙڪاڻي ۾، ملازمت ڪري رهيو آهي.
    هن شاعريءَ جي شروعات 1993ع ۾، نوجوان شاعر رضا بخاريءَ جي اتساهه ڏيارڻ تي ڪئي. هُن 2000ع ۾ هڪ ادبي رسالو ”نئون سفر“ پڻ جاري ڪيو، جنهن جي چيف ايڊيٽر طور ڪم ڪيو. کيس ماهوار ڊائجيسٽ ”هالار“ ۽ ”سنڌ رنگ“ طرفان ”مڃتا سرٽيفيڪيٽ“ پڻ مليا آهن.
    ملهار چانڊيي جو ڪٽنب سندس ننڍپڻ ۾ ئي لاڙڪاڻي لڏي آيو. هن وقت سندس رهائش شيخ زيد ڪالوني ۾ آهي.

    گھـر اڱـــڻ تي هيڪـلـــو وڻ،
    تنهنجـي اوسـيـئــڙي ۾ آ ڄـــڻ.

    هاءِ جـيــون تــو پـڄـاڻــان،
    جيئن هـجـــي ويـــران ڪــو رڻ.

    رضوان گل

    رضوان گل سنڌ جو سهڻو شاعر، ڪهاڻيڪار، مترجم ۽ ڪالم نگار آهي، سندس شاعريءَ ۾ شاعراڻي سادگي ۽ محبوبي ڪيفيت محسوس ڪري سگهجي ٿي. شاعري باوفا محبوبا جيان سندس حسين دل جي هٻڪاريل پڌر تي ناچ ڪندي رهي آهي.
    رضوان گل جو پورو نالو رضوان الحق پٺاڻ آهي. هُو 13 فيبروري 1977ع تي، لاڙڪاڻي شهر ۾، ناليواري دانشور ڊاڪٽر بشير احمد ’شاد‘ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. هن ايم.ايس.سِي جاگرافيءَ ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان فرسٽ ڪلاس ۾ ڪئي آهي ۽ 2001ع کان ليڪچرار طور گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ تدريسي خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.
    رضوان گل 92-1991ع کان وٺي نثر ۽ نظم ٻنهي ۾ لکيو آهي. لکڻ ۾ سندس رهنمائي سندس والد ڊاڪٽر بشير احمد ’شاد‘ ڪئي. سندس لکيل سوين ڪالم، ڪيترائي مضمون ۽ مقالا سنڌ جي مختلف تحقيقي ۽ ادبي رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجي چڪا آهن. ترجما پڻ سندس سڃاڻ ۾ شامل آهن. سندس 6 ڪتاب، جن ۾ مشهور ڪهاڻيڪار سعادت حسن منٽو جي ڪهاڻين جو ترجمو ”پنج ڏينهن“ (2005ع)، سنڌ جي مختلف علمي، ادبي شخصيتن بابت ”ساهت ڏيهه جا سرجڻهار“ (2011ع)، شاعريءَ جو مجموعو ”پيار جي پهرين بارش“ (2012ع)، جاگرافيءَ جي سنڌي ٻوليءَ ۾ پهرين ڊڪشنري ”جاگرافيءَ جي لغت“ (2012ع)، ”تخليقي ڪهاڻين جو ڪتاب ”سپنن جو انت“، لاڙڪاڻي جي تاريخ بابت سهيڙيل مضمونن جو ڪتاب ”لاڙڪاڻو تاريخ جي روشنيءَ ۾“ ۽ لاڙڪاڻي جي علمي، ادبي ۽ ثقافتي تاريخ بابت ڪتاب ”لاڙڪاڻوــ علمي، ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“ ڇپجي چڪا آهن.
    رضوان گل، نيشنل جيوگرافڪ سوسائٽي واشنگٽن جو اعزازي ميمبر، س.ا.س شاخ سنڌ يونيورسٽي هاسٽل شاخ جو سيڪريٽري، آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻي جو بنيادي ميمبر ۽ هڪ ڀيرو چيئرمين آرڪائيوز ڊپارٽمينٽ ۽ هن وقت چيئرمين شعبو ادب، لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي ۽ سچل ادبي مرڪز جو انفارميشن سيڪريٽري، انڊس جيوگرافيڪل سوسائٽي لاڙڪاڻي جو سيڪريٽري رهيو آهي. ان کان سواءِ هُو ”جيو مئگ“ لاڙڪاڻي جو ايڊيٽر ۽ نيوزليٽر ”شعور“ سان پڻ لاڳاپيل آهي. کيس عباسي ڪلهوڙا تنظيم سنڌ پاران بهترين مقالي نگار طور ”ڊاڪٽر تنوير عباسي ايوارڊ“ (2002ع)، ساس ڊکڻ پاران ”زخمي چانڊيو ادبي ايوارڊ“ (2015)، محبت اڪيڊمي پاران ”ڊاڪٽر محبت ايوارڊ“ (2015)، لاڙڪاڻو سنڌ فنڪار ويلفيئر ائسوسيئيشن پاران ”امن ايوارڊ“ ۽ سچل ادبي مرڪز توڙي س.ا.س قمبر شاخ پاران بهترين ڪهاڻيڪار جا تعريفي سرٽيفيڪيٽ ملي چڪا آهن. سندس رهائش سميع آباد محلي لاڙڪاڻي ۾ آهي.
    سڄو ڄامشورو ويو واسجي
    گھمي ٿي ائين گل هڻي ڇوڪري
    سڀئي ڇوڪريون مينهن جون ڄڻ ڪڻيون
    تون منهنجي حصي جي ڪڻي ڇوڪري

    جاويد شبير

    جاويد شبير معروف شاعر آهي. سندس شاعريءَ ۾ سمايل نئين لهجي کي ڀرپوريت سان محسوس ڪري سگهجي ٿو. هن جي غزلن ۾ سمايل سونهن پنهنجي تغزل سبب، شاعريءَ جي نرالي دنيا جوڙيندي نظر اچي ٿي.
    جاويد 15 آڪٽوبر 1977ع تي، تعلقي قنبر ۾ ميان شاهل محمد جي درگاهه لڳ، ڳوٺ گل محمد جاگيراڻي ۾، غلام شبير جاگيراڻي جي گهر ۾ پيدا ٿيو. سندس والد 1983ع ڌاري نوڪريءَ سانگي لاڙڪاڻي لڏي آيو، جتي جاويد شبير ابتدائي ۽ ثانوي تعليم پرائي. هن بِي.سِي.ايس پيٽرومين انسٽيٽيوٽ آف ڪمپيوٽر سائنس لاڙڪاڻي مان ۽ ايم.اَي. (پرائيويٽ) انگريزي ادب ۾ 2004ع ۾ نور آرٽس ڪاليج نصيرآباد مان ڪئي. جاويد شبير سنڌي چئنل ڪي ٽِي اين تي نيوز اسڪرپٽ ايڊيٽر ۽ شفٽ انچارج طور ۽ اين پِي آءِ ڊبليو (NPIW) قنبر ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر طور نوڪري ڪئي. هاڻ 2007ع کان وٺي هُو انٽرميڊئيٽ بورڊ (BISE) لاڙڪاڻي ۾ ڪمپيوٽر پروگرامر طور مقرر آهي.
    هن 1995ع ۾ شاعريءَ جي شروعات ڪئي. هن غزل، هائيڪا ۽ آزاد نظم لکيا آهن، جڏهن ته نثر ۾ مضمونَ ۽ ڪالم لکيا آهن. سندس شاعريءَ جا ٻه ڪتاب ”روپ به مايا، پريت به مايا“ ۽ ”فنا سواءِ سڀ فنا“ ڇپيل آهن. هو سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي شاخ سان لاڳاپيل رهيو آهي. سندس رهائش لاڙڪاڻي ۾ آهي.
    سوچن، سپنن ۽ يادن جا رانديڪا،
    هر هڪ ماڻهوءَ وٽ هِن ڪيڏا رانديڪا!
    سڀ کان پيارا جيڪي آهن ٻارن کي،
    سڀ کـان پهريون سي ئي ٽٽندا رانديڪا.

    نويد سنديلو

    نويد جو شمار سنڌ جي ڀلوڙ شاعرن ۾ ٿئي ٿو. هن غزلن، نظمن ۽ آزاد نظمن سميت بيت ۽ وايون به ڀرپور سرجيون آهن.
    نويد حسين ولد قربان علي سنديلو پهرين نومبر 1977ع تي، تعلقي ڏوڪريءَ جي ڳوٺ حڪيم سنديلي ۾ پيدا ٿيو. هُن فلسفي ۾ ايم.اي سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪئي. هُو ٽماهي ”Excellence“ جو ايڊيٽر رهيو. هن آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس ڪراچيءَ ۾ ڊڪشنري ۽ ٻين تعليمي رٿائن ۾ جونئر ايڊيٽر طور ڪم ڪيو، جتي کيس بهترين ڪم ڪرڻ تي اداري پاران ”ڪارڪردگي ايوارڊ“ پڻ ڏنو ويو. هُو نومبر 2011ع کان سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ فلسفي جي شعبي ۾ ليڪچرار طور مقرر آهي.
    نويد جي شاعريءَ جو مجموعو ”رابيل رُت مايا نگر“ ڇپيل آهي. جڏهن ته هڪ ڪتاب يوناني ڪلاسيڪي فلسفي تي ”Wings of Wisdom“ به ڇپيل آهي. ان کان سواءِ هُنَ پرڏيهي شاعريءَ جا ترجما به ڪيا آهن. هُو س.ا.س ڪراچي شاخ جو ميمبر رهيو آهي.
    سُرهو ساجن، اَرهو جَڳُ،
    مَڌُ بنا آ مُوڙهو مَڳُ.

    جھڙو هيل لڳي ٿو اَوجلُ،
    ايـئن نه ڄــاتو جيــون اَڳُ.

    سپنا گل قاضي

    سپنا گل جو شمار لاڙڪاڻي ضلعي جي اهم شاعرائن ۾ ٿئي ٿو. هن جي شاعريءَ ۾ درد جي ڪيفيت ڀرپوريت سان سمايل آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ جو استعمال خوبصورتيءَ سان ڪيل آهي.
    سپنا گل جو پورو نالو نائلا گل قاضي آهي. هو رتيديري شهر جي مشهور علمي ۽ ادبي ’قاضي ڪُٽنب‘ ۾، 8 ڊسمبر 1977ع تي پيدا ٿي. سندس والدُ سنڌ جو مشهور شاعر ۽ اديب مقصود گل آهي. هُن سنڌي ادب ۾ ايم.اي ڪئي آهي ۽ هن وقت گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ۾ ليڪچرار طور مقرر آهي.
    سپنا گل لکڻ جي شروعات 1990ع ۾ ڪئي. سندس ادبي رهنمائي مقصود گل ڪئي آهي. سپنا گل جي شاعري ڪيترن ئي رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجي مقبوليت ماڻي چُڪي آهي.
    آ ته پُراڻا زخم اکيليون،
    ياد ڪريون يادون البيليون.

    درد دکايل دل جون واديون،
    تو بن آهن اڄ به اڪيليون.

    حبدار سولنگي

    حبدار سولنگيءَ جو شمار سنڌ جي انهن نوجوان شاعرن ۾ ٿئي ٿو، جن ٿوري ئي وقت اندر هڪ سٺي ۽ مسلسل لکندڙ شاعر طور پنهنجي سڃاڻ ٺاهي ورتي آهي.
    حبدار علي سولنگي پهرين مارچ 1978ع تي، اڳوڻي لاڙڪاڻي تعلقي ۽ هاڻوڪي باقراڻي تعلقي جي معروف ڳوٺ ڳيريلٖي ۾، علي بخش سولنگيءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. هن ايم.اَي پرائيويٽ سنڌي ادب ۾ ڪئي آهي، جڏهن ته 2002ع کان ڳيريلي ۾ خانگي اسڪول ٽيچر طور پـڙهـايـائـيـن ۽ 2010ع کـان پـرائـري اسـڪـول اسـتـاد طــور پــڙهــائــي رهيو آهي.
    حبدار لکڻ جي شروعات پنهنجي شوق سبب 1996ع ۾ شاعريءَ سان ڪئي. نثر ۾ هن مضمون ۽ مقالا پڻ لکيا آهن. سندس ادبي رهنمائي نالي وارن ليکڪن رزاق مهر ۽ محمد علي پٺاڻ ڪئي آهي. سندس شاعريءَ جا ٻه ڪتاب ”سانت جو آواز“ ۽ ”خواب ٿا کولن اکيون“ ڇپيل آهن. جڏهن ته مرتب ڪيل ڪتابن ۾ مدد علي سنڌي بابت ”اداس روح ازل کان“ ۽ طارق عالم بابت ”صبح جو ستارو“ ڇپيل آهن.
    حبدار سولنگي س.ا.س شاخ ڳيريلو جو باني ميمبر ۽ سيڪريٽري آهي. سندس رهائش ڳيريلي ۾ آهي.
    نه پُڇ مون کان ته ڪهڙا حال آهن،
    اندر ۾ سَوَ خلائون، خال آهن.
    رُڳي هڪ رات ۽ هڪ ڏينهن اندر،
    هــزاريــن مـــوسمـون ، سَـوَ ســال آهـن.

    ساجد سنڌي

    ساجد سنڌيءَ جي شاعري پڙهندي جنهن ڳالهه جو احساس ٿئي ٿو اها هن جي شاعريءَ ۾ هڪ وجود طور شدت سان سندس موجودگي آهي. اهو ان ڪري به آهي جو جذبن جي طاقت هن جي شاعريءَ ۾ ليئاڪا پائي ٿي.
    سندس ڇٺيءَ نانءُ امام بخش ولد محمد صادق جاگيراڻي آهي. هُو 5- مارچ 1978ع تي، لاڙڪاڻي تعلقي جي ڳوٺ سچي بخش جاگيراڻي ۾ پيدا ٿيو. هن بِي.اَي ڪئي آهي، ۽ آرمي ڪلارڪ جي ٽريننگ آرمي اسڪول آف ڪلڊنا ڪوهه مري مان ڪئي آهي. گذريل ڪجھه عرصي کان هُو صحافت سان لاڳاپيل آهي. هُو ماهوار ”سورٺ“ حيدرآباد جو ايڊيٽر پڻ آهي.
    ساجد سنڌي 1991ع کان نثر توڙي نظم ۾ لکي رهيو آهي. هن شاعريءَ جي لڳ ڀڳ سڀني مروج صنفن ۾ لکيو آهي. نثر ۾ ڪهاڻيون، ڪالم، مقالا ۽ مضمون لکيا اٿائين. سندس هڪ شعري مجموعو ”تون، مان ۽ خدا“ ڇپيل آهي. جڏهن ته صحافي جاويد جوکئي بابت ڪتاب ”هاءِ هٺيلا هوڏي پريتم“ سهيڙيل آهي. هو هڪ صحافي جي حيثيت ۾ روزاني ”خبرون“، روزاني ”سوڀ“ ۽ ٻين اخبارن ۾ سب ايڊيٽر طور خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي ۽ هن وقت روازاني ”سنڌ سڪار“ ۾ به سب ايڊيٽر واري حيثيت ۾ ڪم ڪندي، ساڳي اخبار جو هفتيوار ادبي صفحو ”ڏات“ پڻ سهيڙي رهيو آهي. ساجد سنڌي، س.ا.س شاخ لاڙڪاڻي ۽ گلشن حديد ۽ حيدرآباد سان لاڳاپيل رهيو آهي. کيس ڪيترا ئي مڃتا سرٽيفيڪيٽ مليا آهن. هن وقت سندس رهائش حيدرآباد ۾ آهي.

    ابتدا ۽ انتها، فوٽ پاٿ تي.
    ڪيترا ٿيا واعدا، فوٽ پاٿ تي.

    روز ٿي تخليق وهنجي خون سان،
    روز ٿين ٿا حادثا ، فوٽ پاٿ تي.

    ملهار سنڌي

    ملهار سنڌي جي شاعريءَ ۾ سونهن سوڀيا جا رنگ به نظر اچن ٿا ته ٻوليءَ جو سهڻو استعمال پڻ. سندس سڃاڻپ سٺي شاعر سان گڏوگڏ هڪ متحرڪ ادبي ڪارڪن واري به آهي.
    ملهار جو اصل نالو محمد ڇٽل ولد دودو خان بوزدار آهي. هو 1 جنوري 1978ع تي رتيديري ۾ پيدا ٿيو. هن سنڌي ادب ۾ ايم.اَي ڪئي آهي ۽ هن وقت گورنمينٽ ڊگري ڪاليج رتيديري ۾ سنڌي جو ليڪچرار آهي.
    ملهار لکڻ جي شروعات 1992ع ۾ ڪئي. لکڻ ۾ سندس رهنمائي مشهور شاعر مقصود گل ڪئي. هن نثر ۽ نظم ٻنهي ۾ لکيو آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ”رانديڪو“ (ٻاراڻي شاعري)، ”ماڪ موتي ياد جا“ (شاعري)، ”ٻالڪ چنڊ ستارا“ (ٻاراڻي شاعري) ۽ ”عقيدت جا ڳوڙها“ (رتيديري جي شاعرن جي سهيڙ) شامل آهن. سندس تعلق س.ا.س. رتيديري ۽ شاهه لطيف لٽرري سوسائٽي رتيديري سان آهي. هو سال 2011-2012 لاءِ س.ا.س ضلعي لاڙڪاڻي جو رابطه سيڪريٽري آهي. کيس مختلف تنظيمن پاران ڪيترائي مڃتا ايوارڊ ۽ سرٽيفيڪيٽ مليل آهن. سندس رهائش رتيديري ۾ آهي.
    زماني مان رت جي اچي بوءِ ٿي،
    ڏسو ڪيئن ٿا انسان ماريا وڃن!
    اُتي ڪيئن ٿو ’ملهار‘ ڳولين امن،
    جتي روز ارمان ماريا وڃن!

    ساڀيان ياسر

    ساڀيان ياسر جو نالو نئين ٽهيءَ جي نمائنده شاعرائن ۾ شامل آهي. سندس شاعريءَ ۾ فطرت جا روپ ۽ رنگ سمايل آهن، جن مان روشني ۽ خوشبو پکڙجندي نظر اچي ٿي ۽ ايئن ٿو محسوس ٿئي ته هن پنهنجن سپنن جون ساڀيائون شاعريءَ جي سحرانگيز دنيا ۾ ماڻي ورتيون آهن.
    ادبي دنيا ۾ گذريل ڪيترن ئي سالن کان ”ساڀيان سانگيءَ“ جي نالي سان لکندڙ شاعره جو ڇٺيءَ نانءُ ساجده سانگي آهي. هوءَ سنڌ جي سهڻي شاعر ۽ ڪمپيئر ياسر قاضيءَ سان، ازدواج جي رشتي ۾ ڳنڍجڻ کان پوءِ ”ساڀيان ياسر“ جي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي. ساڀيان 2 نومبر تي، ناناڻي شهر شڪارپور ۾ پيدا ٿي. سندس اباڻو شهر نئون ديرو آهي. سندس والدُ مرحوم خدا بخش سانگي لاڙڪاڻي ضلعي جو معروف تعليمدان آهي. هن ايم اي (سنڌي) ۽ ايم ايڊ جي تعليم حاصل ڪئي آهي ۽ هن وقت هوءَ ڪراچيءَ جي هڪ سرڪاري ڪاليج ۾ سنڌيءَ جي ليڪچرار آهي.
    ساڀيان جي ادبي رهنمائيءَ ۾ سندس مامي ۽ غلام رسول ميمڻ جو وڏو هٿ رهيو، جنهن شڪارپور مان پنهنجي جاري ڪيل اخبار ”قرباني“ جي ادبي صفحي ۾ ساڀيان جي شاعري ”مارئي سانگيءَ“ جي نالي سان ڇاپي. ساڀيان شاعريءَ جي شروعات چوٿين درجي ۾ پڙهندي 1988ع ۾ ڪئي. هُن 1990ع واري ڏهاڪي ۾ ”ساڀيان“ تخلص پنهنجايو. ساڀيان جو پهريون شعري مجموعو ”اڃا ڪائنات جيئري آ“ 2007ع ۾ ڇپيو. سندس رهائش ڪراچيءَ ۾ آهي.
    ويا موڪلائي، عذابن جا گفتا،
    پرينءَ جو کنڊيريا، گلابن جا گفتا.

    اوهان جي نظر کي پڙهڻ ڪونه آيا،
    اسان جي نظر جي ، سرابن جا گفتا.

    ياسر قاضي

    ياسر قاضيءَ جون ڪيئي اهم سڃاڻپون آهن. انهن سڃاڻپن کي سهيڙبو ته هو سهڻو شاعر، ڀلوڙ مصور، مشهور ڪمپيئر ۽ براڊڪاسٽر، سنڌي ۽ انگريزي اخبارن/رسالن سان لاڳاپيل صحافي، محقق ۽ مترجم آهي. هُو رتيديري جي مشهور ادبي گهراڻي ’قاضي ڪٽنب‘ سان تعلق رکي ٿو.
    ياسر قاضيءَ 17 جنوري 1979ع تي رتيديري شهر، ضلعي لاڙڪاڻي ۾، سنڌ جي معروف ادبي گهراڻي ”قاضي خاندان“ ۾ جنم ورتو. سندس والد مقصود گل سنڌ جو سرموڙ شاعر آهي ۽ سندس ڏاڏو قاضي عبدالحئي ”قائل“ قادرالڪلام شاعر، استاد، صحافي، مصور ۽ سماجي ڪارڪن ٿي گذريو آهي. ياسر قاضيءَ قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاهه مان اليڪٽريڪل انجنيئرنگ جي ڊگري ۽ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان سنڌي ادب ۾ ماسٽرس جي ڊگري فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ۾ حاصل ڪئي.
    ياسر سب ايڊيٽر ۽ انچارج ايڊيٽوريل صفحي جي حيثيت سان روزاني” سنڌ سجاڳ“ ۽ روزاني ”عوامي آواز“ سميت انگريزي رسالي ماهوار Indus سان وابسته رهيو. هن ٻه سال شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ”ريسرچ آفيسر“ طور، هڪ سال وفاقي اردو يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ استاد طور، ساڍا ٽي سال وفاقي ثقافت کاتي، حڪومت پاڪستان جي اداري پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف دي آرٽس ۾ ”پروگرام ايگزيڪٽوِ“ ۽ ڪراچي دفتر جي سربراهه طور ذميواريون نڀايُون. ريڊيو سان سندس وابستگيءَ کي 16 ورهه ۽ ٽيليويزن سان وابستگيءَ کي 9 ورهه ٿي چُڪا آهن. کيس ”ڪي ٽي اين“ جي پهرين مرد ميزبان ۽ سنڌيءَ جي پهرين موسيقيءَ جي چئنل ”ڪشش“ ٽي ويءَ جي پهرين ميزبان هئڻ جو شرف پڻ حاصل آهي.
    ياسر زيبسٽ ڪراچي سان وابسته آهي. جڏهن ته ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تان به پروگرام پيش ڪندو آهي. سندس ادبي وابستگي پڻ ڪيترين ئي تنظيمن سان رهي آهي ۽ هن انيڪ ايوارڊ ماڻيا آهن.
    ياسر شاعريءَ جي شروعات 1988ع کان ڪئي. شاعريءَ ۾ سندس استادُ مقصود گل آهي. ياسرَ تقريباً هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي آهي. هن ٻارن لاءِ پڻ شاعري ڪئي آهي. سندس ٻارن جي شاعريءَ جا ٻه ڪتاب ”اُٺ ماما گوگڙو“ ۽ ”ٻيڙيءَ ۾ چنڊ“ ڇپجي چڪا آهن، جڏهن ته هڪ ڪتاب ”گل ڇنو گرنار جو“ پنهنجي والد مقصود گل جي لاڏاڻي کان پوءِ سندس باري ۾ سهيڙي ڇپرايو اٿائين. هُو اڄ ڪلهه روزاني ”شام“ حيدرآباد ۾ حالات حاضره جي مختلف موضوعن تي روزانو چوسٽو (قطعو) پڻ لکي رهيو آهي. سندس رهائش ڪراچيءَ ۾ آهي.
    صدين کان ٿا ٻڌون اغيار اوکا،
    مگر بعضي ٿين ٿا يار اوکا.
    اصل کان عشق جا اقرار اوکا،
    نويلي نينهن جا اظهار اوکا.

    ياسين چانڊيو

    نوجوان شاعرن ۾ ياسين چانڊيو سٺن شاعرن مان هڪ آهي. ياسين جي شعرن ۾ پرينءَ جا ٽهڪ، غزل جهڙي مُرڪ توڙي مرڪن جا پوپٽ، قتل ڪندڙ نظر توڙي غضب جي نظر، زلفن سان ڍڪيل چهرو، پايل ٻڌل پير، چاندنيءَ جو بدن، ڳل تي ڪنول جهڙي چُگهه جو نشان ۽ حسن جو جلوو خوب سمايل آهي.
    محمد ياسين ولد خادم حسين چانڊيو پهرين فيبروري 1980ع تي تعلقي باقراڻيءَ جي ڳوٺ آندل خان چانڊيي ۾ پيدا ٿيو. هن گريجوئيشن (BA) تائين تعليم حاصل ڪئي آهي. هُو پرائمري تعليم جي استاد طور باقراڻي تعلقي جي ڳوٺ محراب سنديلي ۾ مقرر آهي. پڙهائڻ سان وابستگيءَ سبب کيس تعليم کاتي پاران بيسٽ ٽيچنگ شيلڊ ڏني وئي آهي.
    ياسين چانڊيي 04-2003ع ۾ شاعريءَ جي شروعات ڪئي. سندس ادبي رهنمائي مشهور شاعر ۽ ڳيريلي ۾ ادبي ماحول جي سرواڻي ڪندڙ حبدار سولنگيءَ ڪئي آهي. هن خاص طور غزل ۽ وائيءَ ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو آهي. سندس رهائش ڳوٺ آندل خان چانڊيي ۾ آهي.
    ٽهڪَ تنهنجا گيت جي آهن مثل،
    مرڪ تنهنجي ڄڻ ته آ ڪوئي غزل.

    آءٌ تو ڏي ايئن ٿو ڇِڪجي اچان،
    ڄڻ هِنئين جي ڏورَ آ تو سان ٻڌل.

    مصطفى انڙ

    مصطفى انڙ نظم جو مشهور شاعر آهي. هن سنڌي زبان سان گڏ اردو ٻوليءَ ۾ پڻ لکيو آهي. غلام مصطفى ولد دُر محمد انڙ پهرين مارچ 1980ع تي ڳوٺ پراڻو آباد، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. هن ايم اي (سنڌي) جي تعليم حاصل ڪئي آهي ۽ هاڻ ايم فل ڪري رهيو آهي. سندس ملازمت 2002ع کان ايئر پورٽس سيڪورٽي فورس ۾ آهي. هينئر موهين جي دڙي ايئر پورٽ تي سب انسپيڪٽر طور مقرر آهي.
    مصطفى انڙ 2001ع کان شاعريءَ جي شروعات ڪئي، جنهن ۾ سندس رهنمائي تاج بلوچ ڪئي آهي. هن اسٽيج ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ سميت اسٽيج ناٽڪَ، ڪهاڻيون، خط، تاثر، تاثر لکڻ سميت ناول پڻ لکيو آهي، جڏهن ته شاعريءَ جي لڳ ڀڳ سڀني صنفن ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي. سندس رهائش اباڻي ڳوٺ ۾ آهي.
    رات ڪنهن رقص ۾ ٻڏل آهي،
    تارا گهنگهرن جيان پيا مرڪن،
    ٽهڪ ڏئي ڪائنات ٻهڪي پئي،
    اُڀ ڄڻ ڪنهن تنبو جيان ٿو لڳي،
    ماڪ جھمريون هڻي رهي آهي،
    سمنڊ اٿليون ڪري ٿو ڪڏڪارون،
    لهرون ڊوڙي ٻکيون ڪنارن سان.

    رضا بخاري

    رضا بخاريءَ جي خاص سڃاڻ سندس ننڍن وزنن تي لکيل خوبصورت غزل ۽ وايون آهن، جن ۾ نفيس احساس سمايل آهن. هن تروينيون پڻ ڀرپور لکيون آهن. سندس شاعريءَ ٿوري ئي وقت ۾ سٺي مقبوليت ماڻي ورتي آهي.
    رضا بخاريءَ جو پورو نالو سيد علي رضا شاهه آهي. هُو 7 آگسٽ 1980ع تي، لاڙڪاڻي ۾، شاعر سيد مدد علي شاهه ’منظر‘ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. هن بِي.اَي. (پرائيويٽ) سچل سرمست اورينٽئل اينڊ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڪئي آهي، ۽ ڪمپيئر طور ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي ڪم ڪرڻ سميت، بهبودِ آبادي کاتي لاڙڪاڻي ۾ سوشل موبلائيزر طور نوڪري ڪري رهيو آهي.
    رضا بخاريءَ کي شاعراڻو ماحول والد کان مليو. هُو 1995ع کان باقاعدي شاعري ڪري رهيو آهي جڏهن سندس پهريون غزل ماهوار ”نئين زندگي“ ۾ ڇپيو. هن شاعريءَ جي اڪثر صنفن ۾ لکيو آهي. سندس 4 شعري مجموعا ”شاعري تنهنجو بدن“، ”هوا جي بانسري“ ۽ ”چاندنيءَ جو آبشار“ (ترويني صنف تي پهريون سنڌي ڪتاب) ڇپيل آهن.
    کيس ماهوار ”ساٿي“ رسالي پاران 2002ع ۾ ”ٻارن جو بهترين شاعر“ ايوارڊ ڏنو ويو، جڏهن ته ڪيترن ئي رسالن پاران مڃتا سرٽيفيڪيٽ مليا اٿس. سندس رهائش شيخ زيد ڪالوني لاڙڪاڻي ۾ آهي.
    ڪوئي دانهن ڪري ٿو مون ۾،
    آخر ڪير مري ٿو مون ۾؟
    وارَ وکيري شام لٿي پر،
    سورج ڇـــو نه ٺــري ٿــو مـــون ۾!؟

    خالد چانڊيو

    نوجوان شاعر خالد جي شاعريءَ ۾ موضوعي ۽ فني ٻنهي قسمن جي سٺي پيشڪش موجود آهي. هن جا سرجيل غزل وڏن وزنن تي جڙيل آهن، جنهن سبب انهن ۾ اظهار اڻ چٽو نه ٿو رهي. سندس غزلن جا رديف به گھڻن لفظن تي مشتمل آهن ۽ اهي مرڪزي خيال کي پاڻ ۾ سمائن ٿا.
    خالد حسين ولد ڄام خان ’زخمي‘ چانڊيو 5 جنوري 1981ع تي، ڳوٺ جواب پور، تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. سندس ڪٽنب 1996ع ۾ لاڙڪاڻي لڏي آيو. هن ايم.اي سنڌي ۽ بِي.ايڊ جي تعليم حاصل ڪئي آهي ۽ 2009ع کان ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي پروڊيوسر طور ڪم ڪري رهيو آهي.
    خالد چانڊيي شاعريءَ جي شروعات ننڍپڻ ۾ ئي، 1991ع ڌارا ڪئي. سندس ادبي رهنمائي والد زخمي چانڊيي ۽ مشهور شاعر سرڪش سنڌيءَ ڪئي آهي. هن ڪجھ ڪهاڻيون ۽ مضمون پڻ لکيا آهن. سندس ادبي تعلق س.ا.س ڊکڻ شاخ، تعلقي ڳڙهي ياسين سان آهي، جنهن جو هو ڪائونسلر ۽ سيڪريٽري به رهيو آهي.
    خالد چانڊيي کي ريڊيو پاڪستان پاران مختلف موقعن تي بهتر ڪارڪردگيءَ جا سرٽيفيڪيٽ مليا آهن. سندس رهائش سچل ڪالوني، لاڙڪاڻي ۾ آهي.

    منهنجون آليون اکيون لاڙڪاڻو شهر،
    خواهشون اڌ مُيون لاڙڪاڻو شهر.
    ڇا ته واڪا، رڙيون، التجائون هُيون،
    لوڪ کي حيرتـون ، لاڙڪـــاڻو شهر.

    ياسر منگي

    نوجوان شاعر ياسر منگي ولد مظفر منگي 14 جُون 1981ع تي، ڳوٺ جکرا، تعلقي ڏوڪري ۾ پيدا ٿيو. هن ايم.اي سنڌي جي تعليم حاصل ڪئي آهي.
    ياسر منگيءَ شاعريءَ جي شروعات 2000ع کان ڪئي. سندس ادبي رهنمائي سـؤٽن عزيز منگيءَ ۽ حفيظ منگيءَ ۽ دوستن عادل عباسيءَ ۽ اصغر سنڌيءَ ڪئي آهي. هن غزل، نظم، وائيون ۽ ڪهاڻيون لکيون آهن. سندس ادبي تعلق س.ا.س باڊهه شاخ سان آهي. ياسر منگيءَ جي رهائش مدينه پاڙي، ڏوڪري شهر ۾ آهي.

    ياد توکي ڪري ڪري جانان!
    تنهنجو ياسر ٺري ٺري جانان!
    آئون سڏجڻ لڳس سچو مومن،
    تو تي ڪلما ڀري ڀري جانان!

    فرزانه ’بتول‘ جھتيال

    فرزانه بتول نوجوان شاعره آهي. هن جي شاعريءَ جون ابتدائي وکون جاري آهن، جن کي منزل تي پهچائڻ لاءِ ڏات ۽ ڏانءَ جي رند تي ڪافي پنڌ ڪرڻو آهي.
    فرزانه 2 فيبروري 1985ع تي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿي. هن ايم.اي. (سنڌي) ۽ بِي.ايڊ جي تعليم حاصل ڪئي آهي. هن لڳ ڀڳ 5 سال مهراڻ پبلڪ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ پڙهايو ۽ هڪ سال انٽرنشپ پروگرام تحت گرلس ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ پڙهايو. هينئر گرلس پرائمري اسڪول واپڊا ڪالوني لاڙڪاڻي ۾ استاد آهي. سندس شاعريءَ جو هڪ مجموعو ”سارون لارون ۽ سِڪ“ (2010ع) ڇپيل آهي.

    جڏهن برسات وسندي آهي
    ٿڌڙي هير لڳندي آهي،
    مٽيءَ واري خوشبو منهنجي،
    منَ کي ڪيڏي وڻندي آهي.

    مشوري اياز

    مشوري اياز نوجوان شاعر آهي، جنهن جي شاعريءَ جو ڪتاب ”آئينا عڪس جا“ 2008ع ۾ ڇپجي چڪو آهي. سندس پورو نالو اياز حسين مشوري آهي. سندس والد منظور احمد مشوري پڻ مشهور اديب آهي. مشوري اياز 23 جولاءِ 1989ع تي، رحمت پور محلي، لاڙڪاڻي شهر ۾ پيدا ٿيو. هن بِي ڪام، ايم اي (اڪانامڪس) ۽ ايم اي سنڌي جي تعليم حاصل ڪئي آهي، جڏهن ته ايل ايل بي (سال ٻئي) ۽ ايم فل جو شاگرد آهي.
    مشوري اياز 15 سالن جي ڄمار ۾ شاعري شروع ڪئي. سندس ادبي رهنمائي مشهور شاعر غلام نبي گل ڪئي آهي. هن غزل، وائي، ترويني، هائيڪو، چوسٽي، آزاد نظم ۽ نثري نظم جي صنفن ۾ لکيو آهي ۽ نثر ۾ تحقيقي مضمون لکيا آهن. سندس رهائش قاسم آباد، حيدرآباد ۾ آهي. سندس هڪ نظم ”انقلاب لڻنداسين اسان“ مان ڪجهه سٽون پيش ڪجن ٿيون:
    اسان جن خوابن جي
    لَهو سان آبياري ڪئي
    اسان ازل کان پوکيا جي
    هي نيڻن جي ڌرتي ۾
    اها موسم به اچڻي آ
    اهي سڀ خواب لڻنداسين
    ها انقلاب لڻنداسين!
    ها انقلاب لڻنداسين!

    ان کان علاوه هتي لاڙڪاڻي جي اهڙن ٻين شاعرن جا نالا شامل ڪجن ٿا جن 1990ع کان پوءِ شاعريءَ جي شعبي ۾ پنهنجي سڃاڻپ ٺاهي، اهڙن شاعرن ۾، مسرور پيرزادو، ادل سولنگي، امر پيرزادو، ممتاز عباسي، ناياب سرڪش سنڌي، خاور قبولائي، ساجد زخمي، پنهل، روشن گھانگرو، غوث پيرزادو، وشال، عيسى ميمڻ، شبير بروهي، ڪامل امداد جتوئي، روشن گھانگھرو، منٺار سولنگي، قلب سومرو، استاد گل دايو، ناصر قاضي، ساغر ابڙو، تصور ابڙو، سڪندر شيخ، رحمت پيرزادو، سنڌو پيرزادو، منظور منگي، اختر پيا، علي روشن شيخ، عاشق دايو، احمد آزاد، عبدالله شجاع، شيخ نديم، نويد ناز ڀٽي، مخمور رضا، عزيز بلال بروهي، امداد جوکيو، آمنه سومرو، شيخ فرازي، ميران پيرزادو، آمنه ابڙو، بدر انصاري، وفا صالح، رياض رفيع، عبدالنبي انجم، محسن جمالي، سرفراز سخي، ثناگر جمالي، محمود اياز ۽ ٻيا به ڪيترائي شامل آهن. جن شاعرن جا نالا هتي شامل نه ٿي سگھيا آهن، انهن کان اڳواٽ معذرت ڪجي ٿي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 741
    ڪتابن جو مشاهدو: 1149928
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 368033
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ