شاعري

وقت بيهي نٿو

’وقت بيهي نٿو‘ محمد علي پٺاڻ جي هڪ طويل نظم تي آڌاريل آهي، جنهن ۾ ماضي قريب ۾ ـــــ ستر واري ڏهاڪي کان اَسي واري ڏهاڪي تائين ـــــ [1970-1980ع] پنهنجي هڪ جيڏن سان گهاريل گهڙين جو ذڪر آهي. ذڪر ڇا آهي، هڪ جيئري جاڳندي سنڌ جي سماج جي تاريخ آهي. رياضت ٻرڙو لکي ٿو: ”ان ۾ ٿورو واڌارو ڪجي، ته محمد علي پٺاڻ جي طويل نظم جا شعر صرف هڪ ڏهاڪي جي تاريخ ناهن، پر گذريل چاليهن سالن جي عڪاسي ڪندڙ آهن“.
  • 4.5/5.0
  • 682
  • 210
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book وقت بيهي نٿو

سڀ حق ۽ واسطا محفوظ

ڪتاب جو نالو: وقت بيهي نٿو ...
شاعر: محمد علي پٺاڻ
صنف: طويل نظم
ڇاپو: پهريون
ڇاپي جو سال: 2018 ع
لي آئوٽ سيٽنگ: وحيد علي پٺاڻ
ٽائيٽل: آفتاب سرهيو
ڪمپوزنگ: محمد امين ڪلهوڙو
بيڪ ٽائيٽل فوٽوگرافي: طالب چنو
ڇپائيندڙ: ڪونج اڪيڊمي ڪراچي
قيمت: 300

ڊجيٽل ايڊيشن: 2020ع
سنڌ سلامت ڪتاب گهر
books.sindhsalamat.com

ارپنا

ننڍي ڀاءُ جهڙي عزيز
علي بخش پٺاڻ
جي نالي

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”وقت بيھي نٿو“ اوھان اڳيان پيش آهي. ھي ڪتاب ھڪ طويل نظم تي مشتمل آھي جنھن جو تخليقڪار ناميو ليکڪ، شاعر ۽ افسانا نگار محمد علي پٺاڻ آھي.
ڊاڪٽر آفتاب ابڙو لکي ٿو: ”ڪتاب ’وقت بيهي نٿو‘ محمد علي پٺاڻ جي هڪ طويل نظم تي آڌاريل آهي، جنهن ۾ ماضي قريب ۾ ـــــ ستر واري ڏهاڪي کان اَسي واري ڏهاڪي تائين ـــــ [1970-1980ع] پنهنجي هڪ جيڏن سان گهاريل گهڙين جو ذڪر آهي. ذڪر ڇا آهي، هڪ جيئري جاڳندي سنڌ جي سماج جي تاريخ آهي.“ رياضت ٻرڙو لکي ٿو: ”ان ۾ ٿورو واڌارو ڪجي، ته محمد علي پٺاڻ جي طويل نظم جا شعر صرف هڪ ڏهاڪي جي تاريخ ناهن، پر گذريل چاليهن سالن جي عڪاسي ڪندڙ آهن“.
هي ڪتاب ڪونج اڪيڊمي، ڪراچي پاران 2018ع ۾ ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آهيون محمد علي پٺاڻ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

سڃاڻپ

نالو: محمد علي پٺاڻ
والد جو نالو: حبيب الله پٺاڻ
ڄم جي تاريخ: 03 فيبروري 1962ع
ڄم جو هنڌ: لاڙڪاڻو
پرائمري تعليم: گورنمينٽ پرائمري اسڪول محلو غوث پور ، لاڙڪاڻو
سيڪنڊري تعيلم: گورنمينٽ پائلٽ هاءِ اسڪول، لاڙڪاڻو
انٽر: گورنمينٽ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻو
بي اي: سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو، سنڌ
ايم اي (سنڌي ادب): سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو، سنڌ
شادي: 1987ع
اولاد: هڪ نياڻي روحي بانو پٺاڻ
لکڻ جي شروعات: 1974ع کان ٻارن جي لاءِ ڪهاڻين ۽ شاعريءَ کان

[b]ڇپيل ڪتاب:
[/b]اکيون آلا چنڊ (نثري نظم) 1988ع،
عاشورا آهن (شاعري) 1995ع،
اگهيا اوجاڳا (وايون) 2000ع،
ڀڳو آرس اکڙين (شاعري) 2001ع،
Fluttering Feelings (Poetry) 2011 translated by: Jam Jamali
اڇي رات ڪارو چنڊ (ٽي وي ڊراما سيريز) 2016ع
مونکي آههَ اٿاريو (شاعري) 2016ع
ميندي لهڻ کان اڳ ۾ (ڪهاڻيون) 2016ع
وقت بيهي نٿو... (طويل نظم) 2018ع

[b]اڻڇپيل ڪتاب:
[/b]
سئو لفظ سئو ڪهاڻيون، ايرينگ (فائيو ڊيز ٽي وي ڊرامه سيريل)، چمپل ڳنڍايو (ڪهاڻيون) منهنجو ڏک (شاعري) واٽ وڃائي جن (ناول)، ڌوٻي گهاٽ (ناول)، ڀٽائيءَ ۽ بلهيٰ شاه جي ديس ۾ (سفر نامو)، وهڪرو (انفرادي ٽي وي ڊراما)، پسي بازاريون (ڪالم)، انصاف (ٽي وي ڊراما سيريز)، ڌڪ دنگي، هل ناکئا (ڪالم)، يادگيريون سنڀال (خاڪا)، ڌرتتي (ٽي وي ڊرامه سيريل)، ڏکي ۽ ڏونگر (ڪالم)، اوڌر جي ماءُ (اسٽيج ڊراما)، ٻاروچو ڀنڀور جو (انٽرويوز)، مونکي به وٺي هلو (ڪهاڻيون)، اٺون نڪاح (اسٽيج ڊرامو)، ڌوٻي گهاٽ (ناول) اڀي اڀاريام (تبصرا، مضمون، اخباري فيچر ۽ مهاڳ)، تڪرار (ٽي وي ڊراما سيريل)، کاهيءَ جي وچ ۾ (ناوليٽ)

[b]سهيڙيل ڪتاب:
[/b]
ڊاڪٽر بيگم اشرف عباسيءَ جي آتم ڪهاڻي “جيڪي هلن هيکليون”، سوڀي گيانچنداڻيءَ جي آتم ڪهاڻي “روشنيءَ جي پنڌ ۾”

[b]ٽيليڪاسٽ ٿيل ڊراما سيريز:[/b] انصاف (سنڌ ٽي وي 2004)، اڇي رات ڪارو چنڊ (ڪي ٽي اين 2005).

[b]ٽيليڪاسٽ ٿيل انفرادي ڊراما:[/b] وهڪرو (ڊائلاگن کان سواءِ)، قومي شاعر، بک بڇڙو ٽول، پاڻيءَ جا شهيد، جيئڻ ڪارڻ جيڏيون، همٿ، پنجوڙ (مرڪزي خيال رزاق مهر جي اسٽيج ڊرامي ايف آءِ آر تان ورتل) ڪاري ڪٿي آهي (ڪهاڻي / امر جليل) ساڳيو ئي سوال (ڪهاڻي/ ايشور چندر)، انڌو خواب (ڪهاڻي / اخلاق انصاري)
اڻ ٽيليڪاسٽ ٿيل ٽي وي ڊراما: ڌرتتي (سيريل)، هَٺ (انفرادي ڊرامو)، بيوسي (انفرادي ڊرامو)، ايرينگ (فائيو ڊيز سيريل) توتان بند بدا ٿيو (ڪهاڻي / امر جليل)، تڪرار (ڊراما سيريل) پڙلاءُ (ڪهاڻي / امر جليل)
ڳايل شاعري: رحمان مغل (سرمد سنڌي)، عاشق نظاماڻي، رحمت ميرالي، شبانه ڪوثر، نظير سمون، شفيق منگي، محمد بچل عباسي، هادي بخش عباسي، پروان علي (مشتاق شيخ)، سهڻو شيخ
ايڊيٽر: ”ڏات“ پبليڪيشن، لاڙڪاڻو، ”مرڪ“ پبليڪيشن ۽ ماهوار ”ڪونج“، لاڙڪاڻو
نوڪري: اسسٽنٽ پروفيسر ،گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو
رهائش: گهر نمبر 913/1 ويجهو مسجد خضرا، محلو دڙي، لاڙڪاڻو
فون: 03003414407 – 03312291073

مهاڳ: ڀرندڙ وقت جو نوحو

وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
نارَ وانگر ڦِري،
کوُههَ مان ٿو ڪڍي،
لوٽڙيون آبَ جون،
ڀوُنءِ سيرابُ ٿئي،
زندگيءَ جو روان،
جيئن رهي قافلو،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
وقت ڇا آهي؟
جواب سادو ئي آهي. وڇوٽي. ٻن لقائن جي وچ تي. ڄمڻ ۽ مرڻ جي وچ وارو وقفو. ٻيو ڪجھ به نه آهي، اصل ۾ اهوئي وقت آهي. ان پيدا ٿيل لقائن جي وچ ۾ جيڪي به حادثا رهيا ۽ ان ۾ مليل ڏک، سک، اذيتون، عذاب ۽ تجربا. جن مان حاصل ٿيندڙ نتيجا، جيڪي زندگيءَ کي معنيٰ ڏين ٿا.
شَهَرَ موُنهان ڪري،
ڳوٺَ دونهان ڪري،
ڪنهنکي ارپي خوشيون،
ڪنهن جون جھڙپي خوشيون،
ڪنهن کي راهون ڏسي،
ڪنهن کان واهون کسي،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
ڪو وقت هُيو، لاڙڪاڻو ائين نه هو، جيئن هاڻِ آ. ڪا مصروفيت ڪانه هئي. ڪو گوڙ نه هو. ڪو شور نه هو. چئوطرف وڻ ئي وڻ، باغ ئي باغ هئا. سڳنڌ هئي. ساڙُ نه هو. تو وٽ هي آ. مونوٽ هي آ. تو وٽ هي ڪونهي. مونوٽ هو ڪونهي. ڪا ريس نه هئي. رڳو محبت جي مَٽا سَٽا هئي. پاڙن ۾ رهندڙ سڀ محبتن جي رشتن ۾ ئي ٻڌل هوندا هئا. سڄو معاشرو نيرولي۽ جي بازار جيان رنگبرنگي. سچايون هيون. ماهيڙن جي مکڻ کانوٺي پٻڻ جي پَنَ ۾ ملندڙ لوڻياٺي _ پڪل ڪَتَلَ تائين ڪو هنگامو نه هو. صرف مختلف پکين جون مٺيون مٺيون لاتيون. رات جي سانت ۾ گھوڙي جي ٽاپوليءَ جي ميوزڪ. ائين نه هو، جيئن اڄ آهي. اڄ جو معاشرو مارڪيٽ جي اشارن تي آهي. ڪنهن کي پنهنجو ذهن ڄڻ آهي ئي نه. رڳو، پرائي چوائس تي هلجي ۽ هٿ ۾ کنيل رنگبرنگي شاپر ۽ برانڊيڊ بوٽ ۽ سوٽ.
جي به چهرا ڏٺا،
تِنِ ۾ چهرا ٻيا،
ڀي لڪل مون ڏٺا،
جن ۾ ٿورا سڄڻ،
باقي سڀئي ڏڄڻ،
واتَ رت سان ڀريل،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
اڳ هرڪو سادگيءَ ۾ سهڻو ۽ اڇو اجرو هُيو. کرو ۽ سچو هو.
سَوَ الا باههِ جا،
روحَ ۾ ٿا ٻَرن،
دلبريءَ جي گھڙي،
مونکان کسجي وئي،
سارو جيون ٿيو،
باههِ جو سمنڊ آ،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
هي اهو دور هو، جو هر ماڻهوءَ جي هٿ ۾ ڪتاب هوندو هو. شهرن جا شهر، ڳوٺن جا ڳوٺ ماڻهن ۽ نظرين هيٺ سڃاتا ويندا هئا. جيئن ٻلهڙيجي،. لطيف جا پارکو ۽ ڪامريڊ، جن جي ڪري ڳوٺ لِٽل ماسڪو سڏجڻ لڳو. آگاڻي ڳوٺ، ملڪ آگاڻي ۽ ڪيهر شوڪت ڪري ته سڃاپجندڙ، پر ننڍڙو چيني ڳوٺ. جتي پرائمري اسڪول ۾ انگي حسابن جا پراڻا درجا نه، پر نوان درجا ته، “جي هڪ ڪامريڊ ويهن منٽن ۾ ٽي وڏيرا ماري ٿو ته ڪلاڪ ۾ گھڻا وڏيرا ماريندو؟”
ان ماحول جا اسان سميت محمد علي پٺاڻ به اثر قبوليا.
1974 ع جو زمانو. اسانجي لاهوري محلي واري گھر جي وشال اوطاق جي اڱڻ تي “گلن جهڙا ٻارڙا” جي هڪ تقريري مقابلي ۾ محمد علي پٺاڻ حصو وٺي ٿو ۽ اتان کان ٻارڙن جي سجاڳيءَ لاءِ مختلف مقابلن ۽ سکڻ ۽ سيکارڻ جي عمل ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لڳي ٿو.
ان دور کي مان سجاڳيءَ جو دور سمجھندو آهيان. جنهن ۾ پڙهڻ هو. لکڻ هو. انقلابن جا پوندڙ اثر هئا. قومون وڙهي رهيون هيون پنهنجي حقن لاءِ. پنهنجي ڪلچر ۽ ٻوليءَ لاءِ. دنيا ۾ ٿيندڙ ظلم خلاف آواز هئا.
سج ڪرڻن منجھان،
چنڊَ تارن منجھان،
نيڻ ڌرتيءَ کي ڏئي،
باههِ، پاڻي، هوا
۾ وجھي ساههُ نئون،
چاههُ ئي چاههُ نئون،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
تڏهن لاڙڪاڻو دنيا کان الڳ نه هو. هر جدوجهد جو حصو هو. دنيا bipolar هئي. ترقي پسند ۽ رجعت پسند ٻه الڳ ۽ هڪٻئي جا ابتڙ هئا. واجد،رزاق مهر ۽ محمد علي پٺاڻ جي ٽمورتي ترقي پسند ڌڙي سان سلهاڙيل. واجد جي مزاحمتي شاعري ڪر موڙي اٿي هئي. رزاق هڪ ري ايڪشنري ڪهاڻيڪار ٿي پيدا ٿيو ۽ محمد علي پٺاڻ انهن ٻنهي جا اثر قبول ڪيا.
انهن ئي ڏينهنِ ۾ ڪيهر شوڪت ڪراچيءَ کان ايندو ته سڀني کي گڏ ڪندو هو. بحث ٿيندا هئا جديد ادب تي، عالمي ادب تي. ڪيهر شوڪت دوستو فسڪي جي ناولن تي، انهن جي ڪردارن تي انتهائي گھرائي سان ڳالهائي انهن جي پڙهڻ جو اتساهه جاڳائي ويندو هو. البرٽ ڪاميو جي فلاسافي تي وسيع مطالعو رکندو هو. هو ان دور جو وڏو ۽ جديد ڪهاڻيڪار هو. هو جڏهن به لاڙڪاڻي جي ياترا تي ايندو، ته لازمي طور تي سنگت کي آگاڻي ڳوٺ جي زيتونن جي باغن، ناري جي ڍنڍن ۾، مڇين جي شڪار ۽ دادو ڪئنال ۾ سنجھين هيٺان تڙڳڻ جا مزا وٺرائيندو هو. راتين جو ملڪ آگاڻيءَ جي اوطاق تي کير ڀت سان گڏ ڪاڪي ارباب جون طبقاتي جدوجهد جي ڳوٺاڻي انداز ۾ تشريح ڪرڻ ۽ ڪيهر شوڪت ۽ ملڪ آگاڻيءَ جي اشارن ڪناين ۾ پنهنجي عشقن جا قصا ڪرڻ. وقت وڏو ظالم. هر شيءِ کي لُٽي ويو. ڦري ويو. نه رهيون اهي قرب ڪچهريون. نه رهيا رزاق مهر جا وڏا وڏا ٽهڪ، واجد جا رساما ۽ ناراضگيون، ملڪ آگاڻيءَ جون دعوتون ۽ ڪيهر شوڪت جا ڳئوري آواز ۾ پر مغز بحث.
مَهَرَ جا درد ۽
لڙڪ واجد سندا،
پارَ ڪيهر جا ٿيا،
دانهن ٿي ملڪ جي،
چيخ روشن تنيو،
هي ته اتهاسُ ها!،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
1979 ع کانپوءِ سنڌ هڪ دهشتناڪ دور ۾ داخل ٿي وئي. مارشلا جو قهري ڪارو دور. اسانجو انور پيرزادو ڪراچيءَ مان مسقل طور لاڙڪاڻي پهچي ٿو ۽ محمد علي پٺاڻ ان جي دوستن جي حلقي ۾ وڌيڪ ويجھو ٿي وڃي ٿو. انور جي اها خوبي، ته جنهن سان لائيندو، ان سان نڀائيندو. لطيف سائينءَ سان سندس سڪ ۽ عقيدت آخر تائين رهي. لطيف کي نئين انداز سان پڙهڻ ۽ پرجھڻ ۾ انور جو ڪمال هو. “ور وائيءَ جو جي لهين” ۾ هن نوان دڳ ڳولهي ڏنا. محمد علي پٺاڻ انهن ڏينهنِ ۾ انور جي شاعريءَ جون ڊائريون پڙهيون ته ان جو وڏو اثر قبول ڪيائين. جيڪو هن کي ڪهاڻي کان شاعريءَ ڏي وٺي آيو.
هوُ جو انور هُيو،
منهنجو رهبر هُيو،
جنهن جي دل ۽ اکر،
ڪوئي مانڊاڻ ها،
چنڊ چانڊاڻ ها،
هَئهِ، ويو سو کَسيون!،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...

وقت جي وڏي وٿ اهائي آهي ته ان جي هر وک انت ڏي آهي. ڊهڻ ڏي آهي.
بيل گاڏيءَ مٿان،
ريلَ گاڏيءَ مٿان،
ٿو مسافر ڪري،
ٻُڪَ ۾ گل ڀري،
حادثن ۾ ڀسم،
کيلُ سارو ختم،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
ڪابه شيءِ وس ۾ نه ٿي رهي. وقت گذرڻ سان اها هٿن مان کسڪي ٿي وڃي. مٽيون مائٽيون، دوستيون، دلبريون، محبتون صحبتون ۽ نه اها طاقت رهي، نه توازن.
جَڳَ جو، وقت جو،
ڪيڏو آهي مِٺو،
پَلُ پري هڪ ٿيڻ،
ڄڻ ته ڪسجي وڃڻ،
ڀانئي مخلوق ٿي،
هو نه ڪنهن جو رهيو،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...

ڪائنات ته هميشه وڌندي ٿي رهي ۽ ڌرتيءَ تي جيئن پوءِ تيئن ترقي تيز کان تيز ٿيندي پئي وڃي. روڊ رستا، سواريون هوندي سوندي به ملاقاتو مهل سان نه ٿين. اها سڪ نه هجي. ڪائنات ۾ پکي به پريشان هجن. ڪو وڻ نه ٽِڻُ. بٽڻ دٻائڻ سان دنيا ۾ ٿيندڙ لقاءَ ان مهل ساڳئي ٽائيم تي ئي ڏسجن. پر ماڻهو سڀ هوندي به هرهنڌ اڪيلو. سڀ ڪجھ هوندي به ڪجھ نه آهي. ڪجھ نه آهي.

[b]اخلاق انصاري،
[/b]تاريخ:
5 جون 2018 ع لاڙڪاڻو.

وقت بيهي نٿو



وقت بيهي نٿو،
وقت بيهي نٿو...
لڙڪ جي بوندَ ۾،
لَهَرَ ڪنهن سمنڊ ۾،
ڳَلَ ڪنهن تِرَ مٿان،
ڀوُنءِ بنجرَ مٿان،
امن ۾، جنگ ۾،
گھاٽي ڪنهن جھنگ ۾،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...




وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
شَهَرَ موُنهان ڪري،
ڳوٺَ دوُنهان ڪري،
ڪنهن کي ارپي خوشيون،
ڪنهن جون جھڙپي خوشيون،
ڪِنِ کي راهون ڏسي،
ڪِنِ کان واهون کسي،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...

مونهان = مُهين جو دڙو



وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
جيئن وهندڙ نديون،
اک ڇنڀ ۾ صديون،
ايئن گذري ويون،
ڄڻ ته اڏري ويون،
ٿي پکي اڀ ڏي،
نيرڙي نِڀَ ڏي،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...



وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
تيرَ ڪنهنکي ڏئي،
جھيرَ ڪنهنکي ڏئي،
ماڳ ڪنهن کان ڦري،
ڀاڳ ڪنهن کان ڦري،
ڪنهنکي رنج ۽ الم،
ڏئي رڳو غم ئي غم،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...











وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
توُڻِ تاڪُنِ بڻي،
سِرُ تِريءَ تي کڻي،
سُڃَ ۾ هڪ عزم،
جنهنجو نالو ڀرم،
پيرَ ٻيئي پِٿوُن،
پوءِ به اڳتي ڇِڪيون،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...



وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
ٿَرَ ۾ ٿي ڪَڪَرُ،
بَرَ ۾ ٿي بَحَرُ،
واٽ ۾ ٿي وِڇوُن،
پيرَ ۾ ٿي ڪَڇوُن،
نيڻَ نِرمل مگر،
ڪڇ ۾ ڪاتيون رکيِ،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...




وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
ماءُ جون لولڙيون،
ڀيڻ جا لاڏڙا،
زال جون سڀ خوشيون،
اَکِ اَڻيِءَ ۾ وجھي،
چنڊَ ڏي ٿو کَڻي،
ڦولَ وانگر ڇَڻي،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...



وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
هيِ عجب مامرو،
عشق جو دائرو،
ايتروئي وڏو،
جيترو هيِ جهان،
لوڪَ جي سوچ جي،
شاههَ رَڳَ سان ڳنڍي،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...





وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
انتظاريون ڏئي،
بيقراريون ڏئي،
لڙڪ موتي ڪري،
ٽهڪ ٽانڊا ڪري،
رِڻَ رت سان رَڱي،
ڪينَ ڪنهنجي مَڃي،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...



وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
بيلَ گاڏيءَ مٿان،
ريلَ گاڏيءَ مٿان،
ٿو مسافر ڪري،
ٻُڪَ ۾ گل ڀري،
حادثن ۾ ڀسم،
کيلُ سارو ختم،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...






وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
سچ جي نانوَ کي،
قرب جي ڇانوَ کي،
ٻاجھ جي ساوڪن
سان سلهاڙي رکيِ،
مرڪ جا چَپَ ٿيِ،
چنڊُ ٿيِ ۽ چَليِ
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...




وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
سِجَ ڪِرڻن منجھان،
چنڊَ تارن منجھان،
نيڻ ڌرتيءَ کي ڏئي،
باههِ، پاڻي، هَوا
۾ وجھي ساههُ نئون،
چاههُ ئي چاههُ نئون،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...











وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
ٻارَ ۾ توتِڙو،
ٿي ڪو آوازُ هو،
پيرَ ۾، پنڌ ۾،
ٿي ٿو رهبر هلي،
خواب ڏئي، ساڀيا
لَئهِ ڪو ويساههُ ڏئي،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...





وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
آ جوان ئي جوان،
ڪين پوڙهو ٿئي،
جيوُ ڀوڳي وڃي،
موت ڀيڙو ٿئي،
معجزن سمنڊ جيان،
جنهن ۾ لمحا ٻُڏَنِ،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...







وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
غَمُ گھڻو آ پرين،
ڪَمُ گھڻو آ پرين،
هَٿُ هَٿَ ۾ ته ڏي،
ڇا خبر موت ٿئي،
هِڪُ دفعو پاڻَ ۾،
هِڪُ ٿيِ ٿا وَڃون،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...




وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
نارَ وانگر ڦِري،
کوههَ مان ٿو ڪڍي،
لوٽڙيون آبَ جون،
ڀوُنءِ سيرابُ ٿئي،
زندگيءَ جو رَوان،
جيئن رهي قافلو،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...









وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
ڪِٿِ پَٿَرَ تي اُڪَرَ،
ڪِلِڪَ ڪِٿِ هَٿَ ۾،
مَسُ بنا رت سان،
ٿي پئي سَچُ لکي،
سَچُ، جيڪو سدا،
مَچَ ٻاري پيو،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...




وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
هُنَ کي ڏاوَڻُ نه ڪو
۽ نه ڪا ڪوڙڪي،
هَٿَ هزارين سندس،
جيڪي چاهن جتي،
ڪائناتون اڏنِ
۽ نه چاهن، ٽٽنِ،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...









وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
پيارُ ڏوهي هِتي،
دارَ جنهن لَئه سَوين،
هارَ، صديون ڪئين،
جيتَ لمحو نه ڪو،
وقت جي برف کي،
وقتُ ڳاري نٿو،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...




وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
فيس بوڪ تي ڏٺي،
تنهنجي تصويرَ جيئن،
دل سندا لڙڪ سڀ،
نرڙ تي پگھرُ ٿي،
اوچتو ويا مِڙي،
تون وئينءَ جھوُرِ ٿي،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...








وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
قيدُ جيون جو ڏئي،
ڀيدُ جيون جو ڏئي،
ساري مخلوق کي،
رات کي، ڏينهن کي،
ڪنهن ته ڊرامي جيان،
جنهن ۾ منظرَ مَٽي،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...



وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
فيصلو آ وڏو،
ٿورو سوچڻ ته ڏي،
ٺيڪ آ ڌارَ ٿا،
پاڻ ٻيئي ٿيون،
پنڌ هيکل پرين،
پيرَ ڪيئن پوءِ ڪندا!؟،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...











وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
علم ۽ عقل جا،
سَوَ خزانا کڻي،
سوجھرو ماڻهپي جو
ڏئي سوچَ کي،
ڀاءُ ٿي ڀائريءَ
جا اڏي پيچرا،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...




وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
وارَ، وَڻَ جيترا،
راز هو ايترا،
پنهنجي مُٺِ ۾ کڻي،
هِنَ جهان جو سَفَرُ،
ڪنهن به ساهيءَ سِوا،
ٿو پيو جاري رکي،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...









وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
ڪِٿِ هَماليه، ڪِٿي،
قَدُ ماڻهوءَ سندو!،
جنهن کي پَٽَ تان کڻي،
ايئن وڌائي پيو،
جو ڏسي حيرتن،
کي ٿي حيرتَ وٺي،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...





وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
شانَ کي، مانَ کي،
تختَ کي، تاجَ کي،
پنهنجي ڀاڪر ڀري،
جنتن جون خوشيون،
ٿو عنايت ڪري.
ڪِٿِ ٿو ڀِتِ سان هَڻي،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...







وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
ٻولَ، ٻوليون سَوين،
ماءُ لوليون سَوين،
هو ڏئي لوڪَ کي،
جانور کان اتم
آدميءَ کي ڪري،
رنگَ ڀونءِ ۾ ڀَري،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...




وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
سڀڪو سمجھي ائين،
هوُ رڳو ئي سندس،
ڪَلَ ٿي تڏهين پوي،
مُنهن مَٽي هن جڏهن،
مَڻَ مِٽيءَ ۾ ڇڏي،
دَڳُ آ پنهنجو وَتو،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...











وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
مارئي هيکلي،
جنهن جي وَسَ ۾ نه ڪجھ،
تنهن کي ڏئي حوصلو،
رُڪَ فولادَ جي،
عمر جي ڪوٽ ۾،
اڄ به طاقت ڏئي،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...






وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
مَکِ ماکيءَ سندي،
رَسُ گلڙن منجھان،
ڏس، کڻي چَپَ سان،
پوءِ مانارَ کي،
ساري سنسار کي،
ڪيئن مِٺو ٿي ڪري،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...







وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
گھيڙُ جنهن آ پڇيو،
ٿيڙُ ان کي ڏئي،
ماڳَ کان ڪوههَ سَوَ،
ٿو پري پيو ڪري،
جو پڇڻ ري گھِڙي،
تنهن سان گڏجيِ پيو،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...






وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
جوڙُ جنسارَ سان،
جوڙجي ڪيئن، اهو،
درسُ ڏي ٿو ڳُجھو،
جنهن هنڊايو هِنئين،
سَفَرُ پنهنجو انهي،
اَمَرُ ڀونءِ ۾ ڪيو،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...






وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
هر پکيءَ لات ۾،
ٻولُ هن جو ٻُري،
وِڄُ ڪيري ڪِٿي،
زورُ هن جو ٻُري،
پَرَ جلن، ڪيههَ ڪا،
عرش ڏي ٿي اُڏي،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...






وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
ڪاٿي منصف بڻي،
ٿو ڪري فيصلا،
ڪاٿي رهزن بَڻي،
ٿو ڪُهي قافلا،
ڀونءِ کي ڀونچالُ ۽،
سَوَ ڏئي زلزلا،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...








وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
سورَ کائي سبب،
ٿئي نسل واڌ جو،
فرض ڪيو خاص سو،
وقت هر ماءُ جو،
جنهن سان ٻَهَڪيِ اها،
جنم نئون ٿي وٺي،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...







وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
ڏات ڏيئو بڻي،
ذهن انڌڪارَ کي،
ٿي تَڙي ۽ ڌِڪي،
پوءِ ٿا رستا ٺَهَنِ.
درد دل جا جتان،
منزلن کي رَسن،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...





وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
ڪو ڄَمي جيئن ٿو،
موت انوقت کان،
ڏينهن ان جا ڳَڻي،
ٿو پيو پيڇو ڪري،
هو جتي ڀي ڪريو،
وَجھُ مليو، وارُ ٿيو،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...






وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
ڪيرُ ڀَلِ ڪجھ چوي،
هو نه خاموش آ،
هن کي اهڙي زبان،
جيڪا سمجھي هوا،
رُخ طئي ٿي ڪري
۽ اڏي ٿي جهان،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...







وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
پيرَ هن کي نه هَنِ،
هَٿَ هن کي نه هَنِ
ڪونه چهرو، ڪو نَڪُ
۽ نه ظاهر وجود،
تيز تَرِ پر گھڻو،
پيو ٿو اڳتي وڌي،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...






وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
وَڻَ نه آهن ته ڇا،
ٽاڪَ ويلي پرين،
ڇانوَ ڪڪرن سندي،
وک وک ٿو ڏئي،
بوند برسات ٿي،
رقص گڏ ٿو ڪري،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...







وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
مونکي ڇَڏِ، مان وڃان،
ويهجڻ موت آ،
وهڪرو اَڄُ ٿِيَڻُ،
آئون چاهيان پيو.
سمنڊ سان ميلُ ٿئي،
سَڦَلُ جيون ٿئي،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...






وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
رِڻَ اهي ئي اڳيان،
سورما ٿيا نوان،
هَڪَلَ ساڳي اها،
حق جي، سچ جي،
بس، فرق جي رهيو،
سوچَ هَٿيارَ جو،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...








وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
پيارَ جا چِٽَ چِٽي،
هو مٽيءَ ٿانوَ جيان،
دل جي آويءَ اندر،
ٿو پچائي ڪري،
جيڪي جرڪن سدا،
هن جيان ٿي اَمَرُ،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...





وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
ڪنهن به طاقيي جيان،
هو ڳجھي هَٿَ سان،
ٿي ڪهاڻيون ڪئين،
پيو ٿو کُلندو وڃي،
واءُ جھوٽو بڻي،
پيو ٿو گھلندو وڃي،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...






وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
آرسيءَ ۾ ڏٺو،
پنهنجو چهرو جڏهن،
چَپَ چوري پڇيم،
پاڻَ کان، تون ڪِٿي،
تنهجو جوڀن ڪِٿي،
۽ هو بچپن ڪِٿي؟،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...




وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
ٿي نه ڪجھ تون ٻِيو،
ساههَ دَرياههَ جو،
بس، مُهاڻو ٿِجان،
دل جو راڻو ٿِجان،
ماڻهپو سيرَ مان،
جيئن تون تاري سگھين،
وقت بيهي نٿو
وقت بيهي نٿو...









وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
ڏونگرن کان ڏڪيِ،
جا نه پٺتي هٽيِ،
ان جو سونهون نه ٿيو
۽ نه ٻيلي ٿيو،
ٿيو ته تاريخ ۽،
ڪو ٿيو داستان،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...







وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
سِرُ مَٿي ڪين آ،
سُرُ مَٿي آ ڏياچَ،
ڪنڌُ چارَڻُ جتان،
ڀي چوي تون اتان،
ڪجھ به سوچڻ بنا،
ڪوري هڪدم ڏجان،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...








وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي اگر،
مان پڇان هن کان،
بَمَ بارود ڇو،
ايترا هِنِ ٺهيا،
ڪيترائي دفعا،
جيئن ڀسم ٿئي دنيا،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...







وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
درد هر ديسَ جا،
ٿي ڪو طوفانُ هو،
ڪَکَ پَنَ جيان کڻي،
۽ اڏاري وڃي،
ڪاش، ايئن ٿي پوي،
سَڌَ پنهنجي اها،
شالَ پوري ڪري،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...




وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
شامَ ويلا ٿيا،
باکَ ميلا ٿيا،
باغ جي بينچ تي،
ڪيئي واعدا ٿيل
۽ ٿيل ڪي وَچَنَ،
ٿي نه پورا سگھيا،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...






وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
چنڊَ کان ڀي حَسين،
گلَ گُلابيءَ کان وَڌِ،
ڏندَ موتيءَ سَمان،
قَدُ مُنڊيءَ ٽِڪِ جيان،
ڪنهن کي ڏيئي، هلي،
پوءِ خزان کي مڙهيون،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...







وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
ڪُنَ قهري اڳيان،
مينهن طوفان ڀي،
جنهن ۾ ٻيڙيءَ سان گڏ،
تون سلامت رهين،
ٻيڙياتا، ٻَڌَئيِ،
هَڙَ ۾ ثَمَرُ سو،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...







وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
هڪ کي ماري، ٻِئي
سان کڻي ساههُ ٿو،
وقت جو ايئن ئي،
ٿو پيو ماپو ٺَهي،
جنهن ۾ ڪائي وِٿيِ،
هو نٿو ڪِٿِ وجھي،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...






وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
کيلَ پُتليون اسان،
جنهن جا ڌاڳا سندس،
هَٿَ ۾ ٿا رهن،
ٿو چَوي ٿا کِلوُن،
ڏُکَ ڏِئي، لڙڪَ ٿي،
ڳَلَنِ تي ٿا ڪِرُون،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...





وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
ٿئي وڇوڙو گھَڙيِ،
هيئن نه صديون ٿئي،
لڙڪ بوندون ڳَلَنِ
کان ڇِڄيِ ڌارَ ٿِي،
ٽَهَڪَ ٿئي هر پَهَرُ،
مَهِڪي جيون سَڄو،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...








وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
سِجَ جو تاءُ ٿي،
برف ۾ ٿو نچي،
روپُ ڌاري وڏو،
آبشارن سندو،
جنهن سان ڪيئي نديون،
ٿي پيو ٿو وَهي،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...






وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
ٽين دنيا جي پُکي،
مرضَ ايڏا گھڻا،
قرض ڏاڍا گھڻا،
هاءِ ٿي بيوسي،
لعنتون مفلسي،
ڇو ٻُهاري نٿو!؟،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...







وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
جَڳَ جو، وقتُ جو،
ڪيڏو آهي مِٺو،
پَلُ پَري هِڪُ ٿِيَڻُ
ڄڻ ته ڪُسجي وَڃَڻُ،
ڀانئي مخلوق ٿيِ،
هوُ نه ڪنهن جو رهِيو،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...





وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
مرڪ وِڄُ جي جھَلَڪَ،
تنهنجي ڳجھڙي ادا،
ڄڻ ته بجلي پئي،
ڊوڙي بُتَ جي اندر،
هَئه، عجب بي خودي،
ڪيڏو موهي پئي،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...







وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
باههِ گھر کي لڳي،
ماءُ بيهوش ٿي،
ڌيءُ ٿي ڪوئلو،
هوش آيو جڏهن،
هونگڙون، هاءِ ڙي،
سي به ڪوئلو ٿيون!،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...








وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
ڪيئن ناول پڙهان،
ڪا ڪهاڻي پڙهان،
يا پڙهان شاعري،
سڀ ۾ نيڻ تو،
وارَ کولي ڇڏيا،
هوشُ ڪونهي رهيو،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...







وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
سرجري جسم جي،
آههِ ممڪن مگر،
سرجري خواب ۽
خواهشن مرض جي،
ٿي نه ممڪن سگھي،
هَٿَ مٿي تي رکي،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...







وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
ذاتِ جو، پاتِ جو،
زورُ هِتِ راتِ جو،
پيار جي هَٿَ بتي،
جي ٻري ٿي ڪِٿي،
واءُ گل ٿي ڪري،
ماءُ گل ٿي ڪري!،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...






وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
مَنَ اجرا ٿين،
هر دغا، گندگي،
ڌارَ تِنِ کان ٿئي،
جيئن ايندڙ گھڙيون،
مينهن جون ٿي ڪڻيون،
ڀاڪرن ۾ ڀَرِنِ،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...





وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
ويڄُ جي ٿئي حبيبُ،
مرض سڀ دور ٿين،
ان جو نَڪُ پيٽَ کان،
ڪيڏو ڏس، هيٺ آ،
ڏوڪڙن سان ڪُهي،
ٿو پيو ماڻهپو،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...







وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
عشق مجبورُ آ،
روشنين جي صدي،
۾ به بي نورُ آ،
راههَ ۾ باهيون،
خواب ٿا خاڪ ٿين،
سِجُ ٿئي ٿو لَڄيِ،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...






وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
جَرُ کارو ٿيو،
زهر ٿا پيا پيئون،
گند ڪچري مٿان،
زندگين جو سَفَرُ،
ڪو نه سرڪار کي،
تِرُ ڀي ڪو جھُٻو،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...







وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
جو ٽَڪي جو ٿِيو،
وقت جي ٿُڪَ جو،
ٿي نِشانو ويو،
سِجَ ڀونڊو ڏنو،
ديسَ ٺوڪَرَ هنئي،
واءُ گِهلي ڪَڍيو،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...





وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
چَوَڻ ڪنهن ڪونه ڪيو،
لفظ ٿيا دربدر،
سمنڊَ ۾ بَمَ ۽
ڪنهن نه گوليون وڌيون،
زندگيءَ جو ڏيئو،
اَجَلَ جي هَٿَ ۾!،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...








وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
وَسُ ڪيڏو به ڪيان،
ڪجھ نٿو ٿي سگھي،
پيرَ پُٺتي مُڙِي،
شَهَرَ موهين اندر،
ٿي نه داخل سگھنِ،
ڇو ته وڌندي اڳيان،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...

موهين = مهين جو دڙو







وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
برقي رفتارَ سان،
ڏس، ٿي دنيا وڌي،
اک ماڻهوءَ جي اڄ،
هڪڙو راڪيٽ ٿي،
چنڊَ کان اڳڀرا،
سيرَ پئي ٿي ڪري،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...







وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
تِرُ به پنهنجي خَبَرَ،
سَچُ پَوي ڪونه ٿي،
باخبر ٿو رهي،
منهنجي رَڳَ رَڳَ کان هوُ،
آئون حيرانُ ٿِيان،
هوُ نه حيرانُ ٿِيو،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...







وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
چُهنبَ ۾ هر پکيءَ،
کي ٿو داڻا ڏئي،
جِيتُ جَڻِيو تڳي،
هُنَ جي مِهِرَ سان،
سارَ سڀ جي لهيِ،
ٿو سَڀِنِ سان جيئي،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...



وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
چورَ جوتختُ ۽
بختَ نابود ٿئي،
عدل انصاف جو،
بولُ بولُ بالا ٿئي،
نقلي هرڪنهن دوا،
جو ٿئي خاتمو،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...






وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
وَڻَ چوٽيءَ مٿان،
هڪڙو آکيرڙو،
بازَ جا ٻئي چنبا،
ڪنهن پکيءَ جي ٻچنِ
سان ويا گڏ کَڻيِ،
وَڻُ پيو ٿو روئي،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...






وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
ٿاڻا گھاڻا ٿيا،
ڇوته قانونَ جي،
ڀيلَ اُتِ ٿي ٿئي،
چورَ جون ڪوڏيون،
هٿڪڙيون ساڌَ جون،
اڄ به بڻجن پيون،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...







وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
ڪوبه روڪي نٿو،
پيا ٿا جرگا ٿين،
فيصلو عَدُلَ جو،
عَدُل اکين اڳيان،
ڏاڍ جي زور تي،
پيو ٿو چيٿاڙجي،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...







وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
جنهن کي مذهب ڏنو،
حَقُ آ چونڊَ جو،
غيرتن ڪوٽ ۾،
تنهن کي مڃجي نٿو،
“ڪارو ڪاري” چئي،
سي ڪُٺا ٿا وڃن،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...







وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
اسپتالون وڏيون،
پنهنجي سرڪار جون،
مرض جن جي هٿان،
ڪين گھٽجي سگھيا،
ڇو ته رشوت اتي،
اڀ کي ٿي ڇُهي!،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...






وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
جنهن جو ٿيڻو هُيو،
ٿي نه ان جو سگھيس،
لڙڪ نيڻن ڀري،
دل ۾ دانهون ڪري،
واٽ منزل ڇڏي،
واٽ ٻي مون وتي،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...






وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
جي به چهرا ڏٺا،
تِنِ ۾ چهرا ٻيا
ڀي لڪل مون ڏٺا،
جِنِ ۾ٿورا سَڄَڻَ،
باقي سڀئي ڏَڄَڻَ،
واتَ رت سان ڀريل،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...







وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
سَوَ الا باهه جا،
روح ۾ ٿا ٻرن،
دلبريءَ جي گھڙي،
مونکان کسجي وئي،
سارو جيون ٿيو،
باههِ جو سمنڊ آ،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...






وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
تانَ تنبورَ جي،
ٿي ٻُري ڀِٽَ تان،
هو ڀٽائي نه آ،
پر رسالو رهيو،
وقت جي ڳاٽَ سان،
جيڪو وڌندو رهيو،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...







وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
مستُ ٿي تون سَچَلَ،
سَچَ جي جوشَ سان،
ڪوڙَ جي مُنهِن مَلين،
اڄ به دانگي پيو،
سِجَ جون جھُمريون،
چنڊُ مرڪي پيو،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...







وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
مَٽَ سامي سندءِ،
علم جي آبَ سان،
ڪَٽُ ڪورنِ پيا،
موههَ مايا سندا،
ميرَ ڌوئن پيا،
جرڪي جيئن ماڻهپو،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...






وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
اڄ نه سوڀو رهيو،
روشنيءَ پنڌ ۾،
هٿ ڇڏائي ويو،
جيستائين هيو،
شينهن جي رَڙ ڪا،
جاري ساري هُئي،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...

سوڀو = سوڀو گيانچنداڻي






وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
شيخ جي شاعري،
فڪر انگيز ٿي،
سنڌ جي سينڌ جو،
اهڙو جھومر بڻي،
جنهن سان ڪيئي صديون،
روشني روشني،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...

شيخ = شيخ اياز


وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
دردَ ابڙي جمالَ،
ٿي ڪو اهڙو مثالُ،
ڪاغذن تي چِٽيا،
جن کي ڪڏهين زوال،
ڪونه اچڻو ٿيو،
لڙڪ پيرين پَوَنِ،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...






وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
قادري او اياز،
تنهنجو عالم پڻو
۽ ڪهاڻي پڻو،
جوت پنهنجي کڻي،
رنگ پنهنجا کڻي،
منهنجي رڳ رڳ رچيو،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...








وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
هو جو انور هُيو،
منهنجو رهبر هُيو،
جنهن جي دل ۽ اکر،
ڪوئي مانڊاڻ ها،
چنڊ چانڊاڻ ها،
هَئهِ، ويو سو کسيون!،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...

انور = انور پيرزادو







وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
راشدي ذوالفقار،
پير جي ڳوٺ ۾،
ڪيڏي مَڻيا سندس،
مُکَ مان پئي بَکي،
پيارُ ڪيڏو ڏنئين،
دل جو درياههُ هو،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...




وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
مَهَرَ جا درد ۽،
لڙڪ واجد سندا،
پارَ ڪيهر جا ٿيا،
دانهن ٿي مَلَڪَ جي،
چيخَ روشن تنيو،
هي ته اتهاس ها!،

وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...

مهر = رزاق مهر
ڪيهر = ڪيهر شوڪت
ملڪ = ملڪ آگاڻي
روشن تنيو = روشن علي تنيو



وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
مون هدايت ڏٺو،
ايڪويهين صدي،
جنهن جو مُکڙو ڏِسڻ،
کان ٿي محروم هئي،
باههِ جو هو قلم،
سَچَ جو مَچُ هو،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...

هدايت = هدايت منگي


وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
ايڏي ڪاوڙ نه ڪَرِ،
تاجُ آن، تاجَ جو،
ڪو ڀَرَمُ يارَ رَکُ،
فون کَڻُ، ٻولَ ڪي،
مونتي مرهم ڪري،
دل مٿان يارَ رَکُ،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...

تاج = تاج بلوچ




وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
ٿي وفا جو غزل،
يا ته ٿي گل جو،
ويسُ ململ ڪري،
مونڏي اچجان پرين،
تِنِ جي لهجي جيان،
مون ۾ رچجان پرين،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...

وفا = وفا ناٿن شاهي
گل = اياز گل





وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
زور طوفانُ آ،
ترس امدادَ تون،
ڏات ڏيئي کي ڍَڪِ،
هَٿَ جو ڪوٽُ ٿي،
ڇو ته ان سان سڄيِ،
سنڌ جرڪي پئي،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...

امداد = امداد حسيني





وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
هڪڙو بادل ته آ،
جنهن جي هٿ ۾ پرين،
هڪ نه ڪيئي ڪنول،
جي ڪهاڻيون امَرُ،
ڍنڍَ سينوارَ جون،
سنڌُ سنسارَ جون،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...

بادل = بادل جمالي




وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
بدر ابڙا، جَبَلَ،
تنهنجا ڀائر ٿيا،
ٿَرَ جون سڀ ڀِٽون،
تنهنجيون ڀينرُ ٿيون،
جن جي لوئيءَ جي لَڄَ،
تون رکيو پيو اچين،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...





وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
“ساههُ مُٺِ ۾” لِکي،
جيڪو ماڻڪ ويو،
جنهن به کولي پڙهيو،
ساههُ مُٺِ ۾ اچي،
ان جو گھُٽبو ويو،
جھنگُ آ باههِ جو،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...







وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
باکَ جيئن آ ڦٽي،
چئوسِٽو ادل جو،
جاڳَ جا نيڻ ٿي،
هڪڙي اخبار سان،
منهنجي خوابن جا دڳ،
ٿو اجاري پيو،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...

ادل = ادل سومرو





وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
ابڙو انور جگرُ،
شاعري ۽ نثرُ،
جنهن جو جادوءَ سَمان،
مَنُ ٿو موهي وجھي،
تيرَ جهڙو اثرُ،
روح ڏاري وجھي،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو..






وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
ڀيڻ مهتاب تون،
ڪو دلاسو ته ڏي،
مونکي آٿت ته ڏي،
ديسَ کان درد هي،
ڌارَ ٿيندا يا ايئن،
وقت هلندو پيو،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...

مهتاب = مهتاب اڪبر راشدي





وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
بيههُ هڪ پل نصيرَ،
نرڙُ تنهنجو چُمان،
سمنڊُ جنهن جي اندر،
نثر جو، نظمَ جو،
پيو ٿو ڇوليون هڻي
۽ رُڪي ڪينَ ٿو،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...

نصير = نصير مرزا





وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
زيب سنڌي وري،
مونکي ڀاڪر ۾ ڀَرِ،
لاڙڪاڻو پيو،
مونکي کائڻ اچي،
تو سوا ڀاءُ اڄُ،
ٿي نه منهنجي سَري،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...






وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
تاج جويا مِٺا،
پيارَ تنهنجي جي مان،
راههَ پيو ٿو ڏسان،
ڪو بهانو ڪري،
آءُ منهنجي تڏي،
پوءِ متان نا هُجان!،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...







وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
رات مختيار سا،
ڳالهه تعليم جي،
ٿي ڪئي اڳ جيان،
ساڳئي جوشَ سان،
جنهن سِوا ديسُ هي،
ڪينَ ٿيندو سَگھو،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...

مختيار = مختيار سمون








وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
شيخ انور به آ،
درد جو جنهن انگاسُ،
هڪ ڪهاڻي لکي،
جنهن ۾ ڳوڙها لکين،
روحَ کي لوڻُ ڏئي،
زخمُ کي پيا پَٽِنِ!،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...


وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
هُو علي، “يا علي”،
جيڪو چئي پِڙَ لٿو،
سوچ تبديل ٿئي،
درد جي ديسَ جي،
ڪوبه ڀوتارُ جيئن،
سنڌ جو وارث نه ٿئي،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...

علي = علي قاضي







وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
هي جو آفتاب آ،
سو به هن دور جو،
آههِ اهڙو ڪَوي،
جنهن جي هر سِٽَ جو،
درد نوحو ٿيو،
منهنجو سونهون ٿيو،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...

آفتاب = آفتاب سرهيو


وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
منگي اعجاز جو،
قلمُ ڄڻ ٿي سنڌو،
سنڌ جي سينڌ کي،
ساوڪون پيو ٿو ڏي،
جو رڪاوٽ بڻيو،
تنهن کي ٻوڙيون وڃي،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...







وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
گاد هوُ جو ايوب،
آ لطيفي ٿيو،
ڀِٽَ ڌڻيءَ جو وٺي،
پيچرو ٿو وڃي،
مان مٿس گھورَ ٿِيان،
دل چوي ٿي اهو،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...






وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
لوڪَ کي ٿي پئي،
مونتي ڪاوڙ گھڻي،
آئون انور جيان،
ڇو پيو سوچيان،
پيچرا پيارَ جا،
ڇو نوان ٿو گھڙيان،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...

انور = انور پيرزادو






وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
هو “چنو” جنهنکي ٿا،
ماڻهو “طالب” چَوَنِ،
سو اجھو مون ٿِيو،
ڏک جو، درد جو،
لڙڪ جنهن سان ملي،
ٽَهَڪَ ٿي ٿا وڃن،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...





وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
دل چيو ڄامَ سان،
ويهي روئان مگر،
هن کي فرصت ڪِٿي،
هو ته مصروف آ،
يارَ هن جا گھڻا،
آئون ڪاڏي وڃان!؟،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...

ڄام = ڄام جمالي






وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
شَرُ پوپٽ هيو،
جنهن جو گل مان ٿِيس،
نانءُ هن جو علي،
ڪِٿِ به ڪڏهين ڀلي،
ويرُ انسانَ سان،
ڪونه هو هُنَ رکيو،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...

شر = علي ڏنو شر




وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
ڪونهي منٺار اڄ،
ڪنهن ڏي بس ۾ چڙهي،
نئين ديري وڃان،
لڙڪ پيو ڳاڙيان،
لاڙڪاڻي ۾ مان،
ٿي ويس هيکلو!،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...

منٺار = منٺار سولنگي





وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
ٿو وڃان ڀِٽَ تي،
دل ڀريل آ گھڻي،
ڪونهي ات اڄ ملاحُ،
پر برادي ته آ،
جنهن جي سيني لڳي،
مان روئڻ ٿو گھُران،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...

ملاح = الهه رکيو ملاح
برادي = برادي قمبراڻي



وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
راڄپر هوُ ڪريم،
منهنجو پاڙيسري،
ننڍپڻ ۾ مليو،
جنهن هي ڏيئي قلم،
سوچ جي سفر کي،
سورَ سان هو ڳنڍيو،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...




وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
ڪيرُ اخلاق کي،
هي نياپو ڏِئي،
زندگي ايتري،
هاڻي ڪونهي رَهي،
ڇَڏِ رُساما ڪيون،
پيارُ هَرَ هَرَ وري،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...

اخلاق = اخلاق انصاري







وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
گم ٿي آن ويو،
مُنهن نه تنهنجو بشيرَ،
سالَ کان مون ڏٺو،
تون ڪِٿي ٿو وَسين،
سِڪَ ڏاڍي لڳي،
اَچُ، اَڄُ ئي مِلون،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...

بشير = بشير چانڊيو (ڪاوش جو سرڪيوليشن مئنيجر)




وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
کوسو سلطانُ جو،
دير سان آ مليو،
پر لڳي ٿو ائين،
ڪيئي صديون اسان،
اڳ به گھاريون هيون،
پيارَ جي پيچ ۾،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...

کوسو سلطان = احمد سلطان کوسو



وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
مهل سانجھي هُئي،
ٿي پکي موٽيا،
پنهنجي واهيري ڏي،
مالُ ڀي جھنگَ مان،
پئي وٿاڻين وريو،
منهنجو افضل نه هو!،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...

افضل = افضل قادري






وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
ٿو مڌر گيلري،
اڄ بند مان ڏسان،
رنگَ رضوان جا،
لاڙڪاڻو ڇڏي،
ويا ڪراچيءَ هليا،
قدر ڪنهن ڪونه ڪيو!،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...

رضوان = رضوان عمراڻي





وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
هو علي بخش آ،
جنهن ۾ ٿم آسرو،
سنڌ جي لوڪ جيان،
منهنجي تاريخ جي،
واڳ هٿ ۾ ڪري،
پنڌ جيڪو ڪندو،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...

علي بخش = علي بخش پٺاڻ




وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
حسن کي ٿو چوان،
ساههَ ۾ مونجھ آ،
کَڻُ طبيبن ڏي تون،
ڪَرِ ڪو حيلو مِلي،
وقت مونکي گھڻو،
حالُ ڪونهي رهيو،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...

حسن = حسن پٺاڻ




وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
روحي بانو مِٺي،
روشني مونکي ڏي،
ماءُ کي سَڏ نه ڪَرِ،
لڙڪ هن جا متان،
مونکي لوڙهي وَڃَنِ،
سَڏ واڪو نه ڏيان،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...

روحي = روحي بانو پٺاڻ
روشني = روشني پٺاڻ



وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
جان محمد ادا،
مرتضيٰ ڀاءُ تون،
سَڏِ اعجاز کي،
آخري آ سَفَرُ،
آههِ شاهدُ ڪٿي،
پنڌ منهنجو پُڳو،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...

جان محمد = جان محمد عباسي
مرتضيٰ = مرتضيٰ ڪلهوڙو
اعجاز = اعجاز ڪلهوڙو
شاهد = شاهد عرف محمد امين ڪلهوڙو

وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
آيو عاشق مٿان،
جنهن ڏسي آ چيو،
دير ڇوٿا ڪيو،
ٻاجھ مالڪ ڪري،
جيئن بَچيِ هي ڪَويِ،
درد سڀ جا لکي،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...

عاشق = عاشق عرف الاهي بخش پٺاڻ




وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
پٽ نه مونکي وحيدَ،
پٽ توکي ڪيم،
گھر جي پارٽ اٿئي،
روحي ۽ روشني،
شهربانوءَ مٿان،
ڇانوَ هر پَلِ ڪجان،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...

وحيد= وحيد علي پٺاڻ
روحي = روحي بانو پٺاڻ
روشني= روشني پٺاڻ
شهربانو = شهربانو پٺاڻ