مهاڳ: ڀرندڙ وقت جو نوحو
وقت بيهي نٿو...
نارَ وانگر ڦِري،
کوُههَ مان ٿو ڪڍي،
لوٽڙيون آبَ جون،
ڀوُنءِ سيرابُ ٿئي،
زندگيءَ جو روان،
جيئن رهي قافلو،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
وقت ڇا آهي؟
جواب سادو ئي آهي. وڇوٽي. ٻن لقائن جي وچ تي. ڄمڻ ۽ مرڻ جي وچ وارو وقفو. ٻيو ڪجھ به نه آهي، اصل ۾ اهوئي وقت آهي. ان پيدا ٿيل لقائن جي وچ ۾ جيڪي به حادثا رهيا ۽ ان ۾ مليل ڏک، سک، اذيتون، عذاب ۽ تجربا. جن مان حاصل ٿيندڙ نتيجا، جيڪي زندگيءَ کي معنيٰ ڏين ٿا.
شَهَرَ موُنهان ڪري،
ڳوٺَ دونهان ڪري،
ڪنهنکي ارپي خوشيون،
ڪنهن جون جھڙپي خوشيون،
ڪنهن کي راهون ڏسي،
ڪنهن کان واهون کسي،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
ڪو وقت هُيو، لاڙڪاڻو ائين نه هو، جيئن هاڻِ آ. ڪا مصروفيت ڪانه هئي. ڪو گوڙ نه هو. ڪو شور نه هو. چئوطرف وڻ ئي وڻ، باغ ئي باغ هئا. سڳنڌ هئي. ساڙُ نه هو. تو وٽ هي آ. مونوٽ هي آ. تو وٽ هي ڪونهي. مونوٽ هو ڪونهي. ڪا ريس نه هئي. رڳو محبت جي مَٽا سَٽا هئي. پاڙن ۾ رهندڙ سڀ محبتن جي رشتن ۾ ئي ٻڌل هوندا هئا. سڄو معاشرو نيرولي۽ جي بازار جيان رنگبرنگي. سچايون هيون. ماهيڙن جي مکڻ کانوٺي پٻڻ جي پَنَ ۾ ملندڙ لوڻياٺي _ پڪل ڪَتَلَ تائين ڪو هنگامو نه هو. صرف مختلف پکين جون مٺيون مٺيون لاتيون. رات جي سانت ۾ گھوڙي جي ٽاپوليءَ جي ميوزڪ. ائين نه هو، جيئن اڄ آهي. اڄ جو معاشرو مارڪيٽ جي اشارن تي آهي. ڪنهن کي پنهنجو ذهن ڄڻ آهي ئي نه. رڳو، پرائي چوائس تي هلجي ۽ هٿ ۾ کنيل رنگبرنگي شاپر ۽ برانڊيڊ بوٽ ۽ سوٽ.
جي به چهرا ڏٺا،
تِنِ ۾ چهرا ٻيا،
ڀي لڪل مون ڏٺا،
جن ۾ ٿورا سڄڻ،
باقي سڀئي ڏڄڻ،
واتَ رت سان ڀريل،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
اڳ هرڪو سادگيءَ ۾ سهڻو ۽ اڇو اجرو هُيو. کرو ۽ سچو هو.
سَوَ الا باههِ جا،
روحَ ۾ ٿا ٻَرن،
دلبريءَ جي گھڙي،
مونکان کسجي وئي،
سارو جيون ٿيو،
باههِ جو سمنڊ آ،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
هي اهو دور هو، جو هر ماڻهوءَ جي هٿ ۾ ڪتاب هوندو هو. شهرن جا شهر، ڳوٺن جا ڳوٺ ماڻهن ۽ نظرين هيٺ سڃاتا ويندا هئا. جيئن ٻلهڙيجي،. لطيف جا پارکو ۽ ڪامريڊ، جن جي ڪري ڳوٺ لِٽل ماسڪو سڏجڻ لڳو. آگاڻي ڳوٺ، ملڪ آگاڻي ۽ ڪيهر شوڪت ڪري ته سڃاپجندڙ، پر ننڍڙو چيني ڳوٺ. جتي پرائمري اسڪول ۾ انگي حسابن جا پراڻا درجا نه، پر نوان درجا ته، “جي هڪ ڪامريڊ ويهن منٽن ۾ ٽي وڏيرا ماري ٿو ته ڪلاڪ ۾ گھڻا وڏيرا ماريندو؟”
ان ماحول جا اسان سميت محمد علي پٺاڻ به اثر قبوليا.
1974 ع جو زمانو. اسانجي لاهوري محلي واري گھر جي وشال اوطاق جي اڱڻ تي “گلن جهڙا ٻارڙا” جي هڪ تقريري مقابلي ۾ محمد علي پٺاڻ حصو وٺي ٿو ۽ اتان کان ٻارڙن جي سجاڳيءَ لاءِ مختلف مقابلن ۽ سکڻ ۽ سيکارڻ جي عمل ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لڳي ٿو.
ان دور کي مان سجاڳيءَ جو دور سمجھندو آهيان. جنهن ۾ پڙهڻ هو. لکڻ هو. انقلابن جا پوندڙ اثر هئا. قومون وڙهي رهيون هيون پنهنجي حقن لاءِ. پنهنجي ڪلچر ۽ ٻوليءَ لاءِ. دنيا ۾ ٿيندڙ ظلم خلاف آواز هئا.
سج ڪرڻن منجھان،
چنڊَ تارن منجھان،
نيڻ ڌرتيءَ کي ڏئي،
باههِ، پاڻي، هوا
۾ وجھي ساههُ نئون،
چاههُ ئي چاههُ نئون،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
تڏهن لاڙڪاڻو دنيا کان الڳ نه هو. هر جدوجهد جو حصو هو. دنيا bipolar هئي. ترقي پسند ۽ رجعت پسند ٻه الڳ ۽ هڪٻئي جا ابتڙ هئا. واجد،رزاق مهر ۽ محمد علي پٺاڻ جي ٽمورتي ترقي پسند ڌڙي سان سلهاڙيل. واجد جي مزاحمتي شاعري ڪر موڙي اٿي هئي. رزاق هڪ ري ايڪشنري ڪهاڻيڪار ٿي پيدا ٿيو ۽ محمد علي پٺاڻ انهن ٻنهي جا اثر قبول ڪيا.
انهن ئي ڏينهنِ ۾ ڪيهر شوڪت ڪراچيءَ کان ايندو ته سڀني کي گڏ ڪندو هو. بحث ٿيندا هئا جديد ادب تي، عالمي ادب تي. ڪيهر شوڪت دوستو فسڪي جي ناولن تي، انهن جي ڪردارن تي انتهائي گھرائي سان ڳالهائي انهن جي پڙهڻ جو اتساهه جاڳائي ويندو هو. البرٽ ڪاميو جي فلاسافي تي وسيع مطالعو رکندو هو. هو ان دور جو وڏو ۽ جديد ڪهاڻيڪار هو. هو جڏهن به لاڙڪاڻي جي ياترا تي ايندو، ته لازمي طور تي سنگت کي آگاڻي ڳوٺ جي زيتونن جي باغن، ناري جي ڍنڍن ۾، مڇين جي شڪار ۽ دادو ڪئنال ۾ سنجھين هيٺان تڙڳڻ جا مزا وٺرائيندو هو. راتين جو ملڪ آگاڻيءَ جي اوطاق تي کير ڀت سان گڏ ڪاڪي ارباب جون طبقاتي جدوجهد جي ڳوٺاڻي انداز ۾ تشريح ڪرڻ ۽ ڪيهر شوڪت ۽ ملڪ آگاڻيءَ جي اشارن ڪناين ۾ پنهنجي عشقن جا قصا ڪرڻ. وقت وڏو ظالم. هر شيءِ کي لُٽي ويو. ڦري ويو. نه رهيون اهي قرب ڪچهريون. نه رهيا رزاق مهر جا وڏا وڏا ٽهڪ، واجد جا رساما ۽ ناراضگيون، ملڪ آگاڻيءَ جون دعوتون ۽ ڪيهر شوڪت جا ڳئوري آواز ۾ پر مغز بحث.
مَهَرَ جا درد ۽
لڙڪ واجد سندا،
پارَ ڪيهر جا ٿيا،
دانهن ٿي ملڪ جي،
چيخ روشن تنيو،
هي ته اتهاسُ ها!،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
1979 ع کانپوءِ سنڌ هڪ دهشتناڪ دور ۾ داخل ٿي وئي. مارشلا جو قهري ڪارو دور. اسانجو انور پيرزادو ڪراچيءَ مان مسقل طور لاڙڪاڻي پهچي ٿو ۽ محمد علي پٺاڻ ان جي دوستن جي حلقي ۾ وڌيڪ ويجھو ٿي وڃي ٿو. انور جي اها خوبي، ته جنهن سان لائيندو، ان سان نڀائيندو. لطيف سائينءَ سان سندس سڪ ۽ عقيدت آخر تائين رهي. لطيف کي نئين انداز سان پڙهڻ ۽ پرجھڻ ۾ انور جو ڪمال هو. “ور وائيءَ جو جي لهين” ۾ هن نوان دڳ ڳولهي ڏنا. محمد علي پٺاڻ انهن ڏينهنِ ۾ انور جي شاعريءَ جون ڊائريون پڙهيون ته ان جو وڏو اثر قبول ڪيائين. جيڪو هن کي ڪهاڻي کان شاعريءَ ڏي وٺي آيو.
هوُ جو انور هُيو،
منهنجو رهبر هُيو،
جنهن جي دل ۽ اکر،
ڪوئي مانڊاڻ ها،
چنڊ چانڊاڻ ها،
هَئهِ، ويو سو کَسيون!،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
وقت جي وڏي وٿ اهائي آهي ته ان جي هر وک انت ڏي آهي. ڊهڻ ڏي آهي.
بيل گاڏيءَ مٿان،
ريلَ گاڏيءَ مٿان،
ٿو مسافر ڪري،
ٻُڪَ ۾ گل ڀري،
حادثن ۾ ڀسم،
کيلُ سارو ختم،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
ڪابه شيءِ وس ۾ نه ٿي رهي. وقت گذرڻ سان اها هٿن مان کسڪي ٿي وڃي. مٽيون مائٽيون، دوستيون، دلبريون، محبتون صحبتون ۽ نه اها طاقت رهي، نه توازن.
جَڳَ جو، وقت جو،
ڪيڏو آهي مِٺو،
پَلُ پري هڪ ٿيڻ،
ڄڻ ته ڪسجي وڃڻ،
ڀانئي مخلوق ٿي،
هو نه ڪنهن جو رهيو،
وقت بيهي نٿو...
وقت بيهي نٿو...
ڪائنات ته هميشه وڌندي ٿي رهي ۽ ڌرتيءَ تي جيئن پوءِ تيئن ترقي تيز کان تيز ٿيندي پئي وڃي. روڊ رستا، سواريون هوندي سوندي به ملاقاتو مهل سان نه ٿين. اها سڪ نه هجي. ڪائنات ۾ پکي به پريشان هجن. ڪو وڻ نه ٽِڻُ. بٽڻ دٻائڻ سان دنيا ۾ ٿيندڙ لقاءَ ان مهل ساڳئي ٽائيم تي ئي ڏسجن. پر ماڻهو سڀ هوندي به هرهنڌ اڪيلو. سڀ ڪجھ هوندي به ڪجھ نه آهي. ڪجھ نه آهي.
[b]اخلاق انصاري،
[/b]تاريخ:
5 جون 2018 ع لاڙڪاڻو.