سائنس، علم ۽ رسالا

وبا جا ڏينھن

ھي ڪتاب سنڌ جي نامياري پبلڪ ھيلٿ اسپيشلسٽ عبدالرحمٰن پيرزادي جي ڪورونا وائرس جي وبا بابت لکيل بلاگن تي مُشتمل آھي.
ڪتاب”وبا جا ڏينھن“ ۾ شامل بلاگ انھي وبا جي نالي ۾ بَوا کان بچائڻ ۽ انجي ڄاڻ ڏيڻ ۾ انتھائي ڪارآمد ثابت ٿيا آھن.انھن بلاگن ۾ ٻُڌايل آھي تہ ڪورونا ڇا آھي، انھي جون لِڇون ڪيتريون آھن، انھيءَ مرض جون علامتون ڪھڙيون آھن اھو ڦھلجي ڪيئن ٿو، انھي جو علاج آھي يا نہ، انھي جو بچاءُ ڪيئن ممڪن آھن.انھي تي موسمن جو اثر ٿئي ٿو يا اھي ڳالھيون صرف ڌُڪا آھن. ڪورونا جي سلسلي ۾ سماجي دُوري ۽ لاڪ ڊائون ڪيترو موثر ذريعو آھي
Title Cover of book وبا جا ڏينھن

آفتون پاڻ سان گڏ موقعا بہ کڻي اينديون آھن

ھاڻوڪي عالمي وبا بہ کوڙ موقعا گڏ کڻي آئي آھي، اھو اسان جي لياقت جو امتحان ۽ اسان مٿان ذميواري آھي تہ انھن موقعن کي مستقبل جي لاءِ ڀرپور انداز ۾ استعمال ڪريون ۽ پنھنجي عوامي ملڪيتي ادارن کي سگھارو ڪيئون. انھن ادارن کي وري اسان غلط العام سرڪاري چئي ڄڻ ڌڪي ڌاريون ڪري ڇڏيندا آھيون ڇو تہ بيٺڪيت جي زماني ۾ 'سرڪاري' ملڪيتن کي 'دشمن جي' ملڪيت سمجھيو ويندو ھيو.
ڳالھ پئي ڪئيسين تہ آفتون پاڻ سان گڏ موقعا بہ کڻي اينديون آھن، جيئن سکر شھر ۾ شڪي ماڻھن لاءِ الڳ ٿلڳ رکڻ (Quarantine) ۽ اڪيلو رھائڻ (isolation) جا مرڪز قائم ڪيا ويا آھن جتي شڪي ماڻھن جون ٽيسٽون ڪري، انھن مان جن ۾ بيماري ظاھر ٿي آھي انھن جي طبي سھائتا ڪئي ويندي. ان ماڳ سکر شھر ۾ غلام محمد مھر ميڊيڪل ڪاليج موجود آھي ۽ سڏ پنڌ تي خيرپور ميڊيڪل ڪاليج پڻ موجود آھي پر پي سي آر ٽيسٽن لاءِ ورتل نمونا ھيليڪاپٽر ذريعي ڪراچيءَ موڪلڻا پيا. ٻن ميڊيڪل ڪاليجن ھوندي افرادي قوت جو نہ ھجڻ تہ ممڪن ئي ڪونھي ھجڻ تہ اوزار ۽ مشينون بہ گھرجن، باقي رھيون ڊائگنوسٽڪ ڪٽس, پر جي مشينون بہ گھرجن تہ شايد ھيليڪاپٽر جي خرچ کان گھٽ موڙيءَ سان اھي ٻئي فراھم ڪري ٻن ميڊيڪل ڪاليجن، انھن سان لاڳاپيل اسپتالن ۽ ٻن انتظامي ضلعن ۾ جديد ليباريٽري جو وجود ۽ ڪورونا جانچڻ جي سگھ پيدا ڪري سگھجي ٿي. ڪھڙن سببن جي ڪري ايئن نٿو ڪيو وڃي، ان تي سنجيدگيءَ سان سوچڻ گهرجي
سماجن ۾ جڏھن بہ ڪا غير معمولي صورتحال جھڙوڪ ايمرجنسي پيدا ٿيندي آھي تہ اھا پاڻ سان گڏ ڪيترا ئي موقعا بہ ميسر ڪندي آھي. جيئن 2005 جي ٻوڏ ڪاڇي جي عورت کي، 2010 جي ٻوڏ ۽ 2011 جي برساتن سڄي سنڌ جي عورت کي ويم گھر تائين رسائي مھيا ڪئي. اھڙي ريت ڪورونا وائرس جي موجودہ صورتحال بہ پاڻ سان گڏ موقعا پيدا ڪندي جن جو بھتر استعمال اھي ڌريون ڪري سگھنديون جن جي تياري ٿيل ھوندي.
جيئن نئين اسپتال کي ابتدائي طور ڪورونا لاءِ استعمال ڪبو، ان جو فائدو ڪنھن سنڌ جي عوامي ملڪيت واري سرڪاري يونيورسٽيءَ بدران انڊس اسپتال يا آغا خان اسپتال حاصل ڪري ويندي ۽ نتيجي ۾ ھڪ وڌيڪ خانگي اسپتال جڙندي. اھڙي ريت وائرس جي تشخيص (test) جي سھولت بہ ڪو نہ ڪو خانگي ادارو ئي وٺي ويندو جنھن لاءِ سڄو گھربل سامان ۽ رقم جو بندوبست سرڪار ڪندي.
سنڌ جي عوامي ملڪيت وارين يونيورسٽين ۾ جيسين ڪاروبار لاء صلاحڪاري ۽ اڳواٽ تياريءَ جو شعبو قائم ڪونہ ٿيندو، اھي ڪاروباري ذھنيت جي خانگي ادارن کان پوئتي ئي نظر اينديون.
سنڌ جو وڏو وزير، چيف، سيڪريٽري ۽ صحت جي وزير، پنھنجي سنڌ سرڪار جي صحت کاتي جي عملدارن يا عوام جي ملڪيتي يونيورسٽين جي نمائندن بدران، ڪراچي شھر جي ٻن خانگي اسپتالن جي نمائندن سان گڏ سنڌ جي ماڻھن کي ڪورونا وائرس کان بچائڻ جو تدبيرون پيا ٻڌائين.