سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪ حليم بروھيءَ جي ڪالمن/مضمونن/لکڻين جو مجموعو ”حليم لکيو“ اوھان اڳيان پيش آھي، جنھن جو مرتب نور جوڻيجو آھي.
مھاڳ ۾ محمد ابراھيم جويو صاحب لکي ٿو ”حليم بروھيءَ جون لکڻيون ھو بھو سندس طبيعت جون ئي ترجمان لڳنديون ھيون ۽ عام جام ۽ وڏي چاھ سان پڙھيون وينديون ھيون. ھن ڪتاب ۾ اھڙيون پنجاھ کن لکتون روزانا ڪاوش مان کڻي، سنڌ يونيورسٽي جي ٽن لائق شاگردن نور جوڻيجو، تصنيف جتوئي ۽ ديوداس گڏجي ڪتابي صورت ۾ پڌريون ڪيون آھن. سندس مضمونن جو ھي مجموعو پڙھندڙن لاءِ دلچسپ، معنيٰ دار ۽ سندس ان پيار ڀريءَ انوکي شخصيت جي لکڻين کي سمجهڻ لاءِ شاھد چئي سگهجي ٿو.“
ھي ڪتاب 2011ع ۾ ينگ لٽرري سوسائٽي، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي وتايي جي گهر جي دوستن جي سھڪار سان پيش آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي