مختلف موضوع

ڳالھيون پيٽ ورن ۾

ھن ڪتاب ۾ اھي بلاگ شامل آھن جيڪي مون سوشل ميڊيا جي جھان تي وقت بر وقت ونڊيا آھن. انھن بلاگن ۾ زندگيءَ جا مختلف موضوع ۽ اندر ۾ اٿندڙ سوال موجود آھن. عبدالرحمٰن پيرزادي صاحب جي بلاگز کي جڏھن پڙھجي ٿو تہ انھيءِ ۾ اسان کي تمام گھڻا موضوع بحث ھيٺ ايندي نظر اچن ٿا جنھن ۾ مذھب، سياست، سائنس، تعليم، صحت، زراعت، ادب، آرٽ، محبت، ماحوليات، نفسيات ءِ تاريخ سميت ٻيا بہ ڪيترائي موضوع شامل آھن.                       

  • 4.5/5.0
  • 79
  • 4
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book ڳالھيون پيٽ ورن ۾

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ليکڪ ۽ شاعر عبدالرحمٰن پيرزادي جي سوشل ميڊيا تي لکيل بلاگس تي مشتمل ڪتاب ”ڳالھيون پيٽ ورن ۾“ اوھان اڳيان پيش آھي.
ھن ڪتاب ۾ اھي بلاگ شامل آھن جيڪي مون سوشل ميڊيا جي جھان تي وقت بر وقت ونڊيا آھن. انھن بلاگن ۾ زندگيءَ جا مختلف موضوع ۽ اندر ۾ اٿندڙ سوال موجود آھن. عبدالرحمٰن پيرزادي صاحب جي بلاگز کي جڏھن پڙھجي ٿو تہ انھيءِ ۾ اسان کي تمام گھڻا موضوع بحث ھيٺ ايندي نظر اچن ٿا جنھن ۾ مذھب، سياست، سائنس، تعليم، صحت، زراعت، ادب، آرٽ، محبت، ماحوليات، نفسيات ءِ تاريخ سميت ٻيا بہ ڪيترائي موضوع شامل آھن.                       
ھي ڪتاب ڪنھن بہ اداري ناھي ڇاپيو پر سنڌ سلامت پاران ليکڪ جي ٿورن سان اي بوڪ ايڊيشن جي صورت ۾ اوھان اڳيان پيش ڪري رھيا آھيون.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

پنھنجي پاران

توھان جي اڳيان منھنجو قلمي پورھيو “ڳالھيون پيٽ ورن ۾“ حاضر آھي.
ھن ڪتاب ۾ منھنجا اھي بلاگ شامل آھن جيڪي مون سوشل ميڊيا جي جھان تي وقت بر وقت ونڊيا آھن.
انھن بلاگن ۾ زندگيءَ جا مختلف موضوع ۽ منھنجي اندر ۾ اٿندڙ سوال موجود آھن. منھنجي راءِ آھي جنھن سان ھروڀرو سھمت ھجڻ لازمي ڪونھي. ڀلو ڪيو وبا جو وقت ملي ويو ۽ مون پنھنجو پورھيو سھيڙي ڪتابي، شڪل ۾ گڏ ڪيو. ھاڻي اھو ڪتاب ڪو ناشر ادارو ڇاپيندو يا نہ، اھڙي ڪا خبر ڪانھي.
سنڌ ۾ ھڪڙو عجيب رواج آھي، پھريان لکو پوءِ پٽ سٽ ڪري، اوڌريون کڻي پنھنجو ڪتاب ڪنھن نالي واري پبلشنگ ھائوس جي نالي تي ڇپرايو ۽ وڃي بازر۾ وڪڻو. مان اصولي طور ان روش کي سٺو نہ سمجھندو آھيان ۽ ايئن ڪري بہ ڪونہ سگھندس.
ھن ڪتاب جو مھاڳ نوجوان سرمد کوسي لکيو آھي ۽ ڊاڪٽر عبدالحميد سومري جا ٻہ لفظ بہ شامل آھن.
اميد تہ منھنجي محنت توھان کي پسند ايندي.

عبدالرحمٰن پيرزادو
حيدرآباد

سنڌي سماج جي عڪاسي ڪندڙ بلاگز

ڪجھ ماڻھو پيشي جي لحاظ کان ڪنھن ھڪ شعبي سان لاڳاپيل ھوندا آھن پر ھو پنھنجي وسيع مطالعي ۽ مشاھدي ذريعي گھڻن ئي شعبن تي نہ رڳو نظر رکندا آھن پر انھن ۾ ڪافي معلومات ۽ مھارت بہ رکندا آھن. اسان جو محترم عبدالرحمٰن پيرزادو صاحب بہ انھن ماڻھن مان ئي آھي. پاڻ پيشي جي لحاظ کان تہ پبلڪ ھيلٿ جا ماھر ڊاڪٽر آھن پر پاڻ ھن ٽوڙ ڦوڙ جي شڪار ٿيل ڪيترين ئي بيمارين جي ور چڙھيل سماج تي ھر پاسي کان نظر رکن ٿا نـ رڳو نظر رکن ٿا پر پنھنجي اندر جي احساسن کي لفظن جي روپ ۾ ٻين ماڻھن تائين بـ پھچائين ٿا. منھنجي سامھون ھن وقت سندن ڪتاب "ڳالھيون پيٽ ورن" ۾ آھي جنھن ۾ پيرزادي جا مختلف وقتن تي سوشل ميڊيا تي لکيل بلاگ شامل آھن.
عبدالرحمٰن پيرزادو مونکي جھڙي طرح پنھنجي عملن مان بيباڪ لڳندو آھي بلڪل ساڳي طرح پاڻ مونکي پنھنجي لکڻين ۾ بہ بيباڪ لڳي ٿو بغير ڪنھن رک رکان جي يا انھيءِ سوچ جي تہ سامھون وارو ناراض ٿي پوندو پاڻ پنھنجي دل جي ڳالھ لکي ڇڏي ٿو.
عبدالرحمٰن پيرزادي صاحب جي بلاگز کي جڏھن پڙھجي ٿو تہ انھيءِ ۾ اسان کي تمام گھڻا موضوع بحث ھيٺ ايندي نظر اچن ٿا جنھن ۾ مذھب، سياست، سائنس، تعليم، صحت، زراعت، ادب، آرٽ، محبت، ماحوليات، نفسيات ءِ تاريخ سميت ٻيا بہ ڪجھ موضوع شامل آھن.
سندن زراعت جي حوالي سان بلاگز پڙھجن ٿا تہ انھن ۾ پاڻ پورھيت ڪلاس جو نمائندو ٿيندي، سندن جائز حقن جي ڳالھ ڪري ءِ ساڻن ٿيندي ظلم ءِ ناانصافين کي ڀرپور انداز ۾ نندي ٿو. پورھيت جو استحصال ڪندڙ ڌرين تي بہ بي خوف ٿي لکي ٿو. ھن جاگيرداري ءِ سرمائيداري جي ور چڙھيل سماج ۾ عورتن سان ٿيندڙ ناانصافين ءِ ڏاڊ تي بہ لکي ٿو. انھي حوالي سان پاڻ ھڪ ھنڌ لکي ٿو تہ سنڌي سماج عورت دوست ڪيئن ٿيندو؟ جڏھن نالي چڙھيا ترقي پسند سمجھيا ويندڙ اديب بہ جيڪڏھن عورت دشمن ھوندا تہ بنياد پرستن مان ڪھڙي اميد؟ ھاڻي سوچجي تہ پيرزادي صاحب جو اھو سوال تمام وڏي معنيٰ ءِ گھرائي رکي ٿو. اسان وٽ ھر ماڻھو جي اھا رڙ آھي تہ سماج ۾ ڪرپشن آھي. پيرزادو صاحب انھيءَ ڪرپشن جو بنياد سرمائيداراڻي نظام کي سمجھي ٿو. پاڻ لکي تو تہ سرمائيداراڻي سماج سماج ۾ معاشي سرشتي جو بنياد ئي ڪرپشن تي ٻڌل آھي انھيءَ مان سماجي، معاشي يا طبقاتي انصاف جي اميد رکڻ سمجھ کان ٻاھر آھي. پاڻ زرعي سماج ءِ جاگيرداراڻي سماج جي فرق کي بہ بيان ڪري ٿو. صحت جو موضوع بہ انتھائي اھم آھي. انھيءَ تي بہ ھن جي ڪتاب ۾ ڪافي بلاگز موجود آھن. جن ۾ پوليو، بڪين جي پيوند، غذائي کوٽ، مدي جي بخار، عالمي وبا ڪرونا ءِ ٻارن جي مختلف بيمارين جي علاج ءِ احتياط بابت ڪافي ڪارائتيون صلاحون موجود آھن. پيرزادو صاحب پاڻ ھڪ نظم و ضبط وارو ماڻھو آھي سو پاڻ صحت ڪارڪن جي ڊريس ڪوڊ تي بہ لکي ٿو ءِ سندس خيال آھي تہ اسپتال ۾ موجود عملي کي مخصوص پوشاڪ ۾ ھجڻ گھرجي، پاڻ صحت ءِ فاصلاتي تعليم جي موضوع تي واقعاتي تعليم، مراسلاتي تعليمءِ تعليم جي عنوانن سان لکي ٿو. اھي بلاگز پڙھڻ سان اسان کي اھا ڳالھ سمجھ ۾ اچي ويندي تہ اسان وٽ آن لائين تعليمي نظام ڪيڏو ڏکيو آھي؟ انھيء ۾ ڪھڙا مسئلا سامھون اچن ٿا؟ جڏھن تہ اسان وٽ ھرڪو بغير سوچڻ سمجھڻ جي انھيء ڳالھ تي زور پيو ڏي تہ تعليم آن لائين ھجي جديد دور آھي. پاڻ مجموعي طور تي سنڌ جي تعليمي معيار تي بہ لکي ٿو. پاڻ صحتمند سنڌ جو خواھشمند آھي. منھنجي ذاتي راءِ اھا آھي تہ سنڌ جو تعليمي معيار ھٿ وٺي خراب ڪيو پيو وڃي، انھن سببن . کان پيرزادو صاحب بخوبي واقف آھي پوءِ بہ اھا سندن سوچ آھي جو پاڻ انھيءَ معيار کي وقت سان بھتر ٿيندي ڏسي ٿو جنھن جي مثال ۾ ھو پنھنجي تعليم کي اولاد جي تعليم سان ڀيٽي ٿو. پان اظھار جي آزادي جي اھميت کي سمجھندي ڇوي ٿو تہ ماڻھن کي سوال ڪرڻ ڏيو. اچو تہ سوال ڪريون. يا وري موجودھ ٿيندڙ جڳاڙي صحافت تي بہ لکي ٿو . سندس موقف آھي تہ تنقيد بہ ڪا برائي ناھي. موسمي تبديلين ءِ انھن جو ماحول تي پوندڙ اثر بہ ھڪ اھم موضوع آھي جنھن تي *چيٽ چمڪيو نہ ڀلو* ۽ *جي مينھن وسي چيٽ تہ ان نہ ماپي کيت* جي نالي سان بلاگز لکيل آھن. مان جڏھن ھي بلاگز پڙھندو ٿو وڃان تہ سچ پڇو تہ مونکي ھي شاعراڻو نثر ٿو لڳي. ٻولي جي خوبصورتي کي بہ ڪمال سان برقرار رکيو ويو آھي. اسان جي لوڪ ڏاھپ، صحتمند روايتون ءِ انھن جا حوالا بہ ھنن بلاگز ۾ ملن ٿيون.
ھنن بلاگز ۾ ڀٽائي جي سرن ءِ سورمين جو ذڪر بہ آھي ءِ ھڪ اھم سوال بہ بحث ھيٺ آيل آھي عبدالطيف ڀٽائي کي سرڪار ڇو چوندا آھن انھيء حوالي سان ليکڪ لکي ٿو منھنجي ذاتي راءِ ۾ لطيف ان وقت جي حڪمرانن سرڪار سان برسريبڪار ھيو، ڀٽ واري علائقي ۾ سندس قيادت ۾ ھڪ متوازي سرڪار ھئي. ان مزاحمت دوران سندن مزاحمت جي ساٿين کي فقير خطرناڪ مھم تي ويندڙ کي گھوٽ ۽ پنھنجي اڳواڻ لاءِ سرڪار جو مخفف استعمال ڪندا ھئا. ان ڪري لطيف سرڪار جو استعمال لطيف جي فقيرن ۾ ھيو جيڪو بعد ۾ ادب ۾ آيو آھي ھي اھڙا سوال آھن جن تي سائنسي انداز ۾ تحقيق جي ضرورت آھي سڀ کان اھم ڳالھ تہ اسان جي سماج ۾ اھو مرض عام آھي تہ ھر ٻن مھينن کان پوءِ ڪنھن نہ ڪنھن اشو کي کڻي ماڻھن جو اصل مسئلن تان ڌيان ھٽايو ويندو آھي. پيرزادي صاحب انھي تي ڏاڊو ڀلو لکيو آھي تہ ھروڀرو ڇو ٿا پنھنجو وقت بي مقصد بحثن ۾ وڃايو سنڌ جو ورھاڱو ممڪن ئي ڪونھي .معروضي حالتون بہ اھڙي ڪم لاءِ مناسب ڪونھن مھرباني ڪري ماڻھن کي حقيقي مسئلن کان آگاھ ڪريو جن ۾ سڀ کان وڏو مسئلو ڀانت ڀانت جي شڪلين جي بنياد پرست سياسي جماعتن جو پيدا ٿيڻ جو آھي زرعي سڌارا_ جاگيرداري جو خاتمو
رياست طرفان تعليم جا موقف
رياست طرفان صحت جون سھولتون
پاڻي خاص ڪري پيئڻ جو پاڻي
وڌندڙ آبادي جو مناسب تدارڪ
وچڙندڙ بيمارين کان اڳواٽ بچاءَ
ماحول جي حفاظ
سنڌو درياء جو جياپو
ٻيلن جي زندگي
شاگرد، ھاري، مزدور کي تنظيمسازي جو حق
ياد رکجو طبقاتي سماجن ۾ جيڪڏھن وڌيڪ صوبا ٺاھڻ يا موجودہ وحدتن کي ٽوڙڻ جھڙو ڪو قدم کڄي بہ ٿو تہ اھو صرف ۽ صرف عالمي ۽ ملڪي مراعت يافتہ طبقي جي حق ۾ ھوندو. ھاڻي ڏسو تہ ھي ڪيڏو نہ اھم بلاگ آھي ھن وقت جڏھن ھي شيون لکي رھيو آھيان انھيء وقت بہ اسان جي چوڌاري اھڙا کٽراڳ جاري آھن.
پيرزادو صاحب ترقي پسند سوچ رکندڙ شخص آھي سو پاڻ اليڪشن ذريعي ايندڙ عوامي حڪومتن جو حامي آھي ۽ انھن ۾ سڌارن جي حوالي سان صلاحون بہ ڏي ٿو. پاڻ آزاد اميدوار جي خلاف آھي. جيڪو سرسي ڏسي عوام جي ووٽن جو سودو ڪري ٿو ڇڏي. پيرزادو صاحب چوي ٿو تہ ووٽ شخص کي نہ پر پارٽي کي ڏيو .اسان جڏھن ھي بلاگز پڙھون ٿا تہ اسان کي اھو احساس بہ ٿئي ٿو تہ سوشل ميڊيا جو درست استعمال ڪيئن ڪجي؟ پيرزادي صاحب انھيء جو ڀرپور استعمال ڪندي ھن بلاگز ذريعي عوام ۾ شعور ۽ آگاھي جي عمل کي جاري رکيو آھي جاڪا ڏاڊي ڀلي ڳالھ آھي
ھاڻي ايترن سارن موضوعن تي لکڻ سان اھو ظاھر ٿئي ٿو تہ عبدالرحمان پيرزادو صاحب انتھائي حساس ماڻھو آھي جنھن کي ٿوري بہ بي ترتيبي نٿي وڻي ۽ پاڻ ان خلاف ڀرپور احتجاج ڪري ٿو. جنھن جو مثال ھي بلاگز آھن. پيرزادي صاحب اھو ڏاڊو ڀلو ڪم ڪيو آھي جو پنھنجي ھنن ڇڙوڇڙ بلاگز کي ھڪ ھنڌ جمع ڪري ڪتابي شڪل ڏني آھي انھيء سان اھو فائدو ٿيندو جو اسان سنڌي سماج جي موجودہ اصل چھري کي ڏسي سگھنداسين. ڇو تہ ھي سنڌي سماج جي عڪاسي ڪندڙ بلاگز آھن مان ونھنجي اھا خوشنصيبي ٿو سمجھان جو پيرزادو صاحب مختلف وقتن تي منھنجي بہ ترتيب ڪندو رھيو آھي سو پنھنجي محسن جي ڪتاب تي ٻہ اکر لکڻ ڪنھن اعزاز کان گھٽ ناھن مون کي اميد آھي تہ ھي بلاگز ھر باشعور پڙھندڙ کي سندس دل جي ڳالھ لڳندي ۽ ڪجھ پڙھندڙن کان شايد ھضم بہ نہ ٿين

سرمد کوسو
بدين
2020-10-14

سنڌ جو بلاگر عبدالرحمٰن پيرزادو

جديد دور ۾ بلاگ ھڪ اھڙو ذريعو بڻجي ويو آھي جنھن ۾ پنھنجا خيال، معلومات، تجربا نہ صرف دنيا سان ونڊي، انھي جو فيڊ بئڪ وٺي سگهجي ٿو بلڪہ دنيا ۾ موجود ذري گهٽ پوڻا پنج لک نيٽ جو استعمال ڪندڙ دنيا سان ڏي وٺ بہ ڪري سگهجي ٿي.بلاگ ذريعي اڄڪلھ دنيا ۾ ڪاروبار ٿي رھيو آھي بلڪہ اھو پئسو پيدا ڪرڻ ۽ پئسو ڪمائڻ جو ڪارڻ بہ بڻجي رھيو آھي.دنيا ۾ ستر ڪروڙ جي لڳ ڀڳ بلاگر آھن جن مان ذري گهٽ چار ڪروڙ صرف آمريڪا ۾ آھن. بلاگ جو ذريعو استعمال ڪرڻ لاءِ انٽرنيٽ جو ڪنيڪشن ضروري ھجي ٿو. انٽرنيٽ جو استعمال ڪندڙن ۾ آمريڪا پھرين نمبر، يورپ ٻئي نمبر جڏھن تہ چين ۾ اھو استعمال 55 سيڪڙو جي قريب آھي. انڊيا ۾ 35 سيڪڙو ماڻھن جي انٽر نيٽ تائين رسائي آھي جڏھن تہ پاڪستان ۾ اھا مخلوق صرف 15 سيڪڙو آھي.جيئن تہ بلاگ، بطور ڄاڻ، تجربي، خيال، واپار جي ترويج ۽ ڏي وٺ ۾ انٽرنيٽ جي آمد کان پوءِ جو لقاءُ آھي انڪري انھي جي ھڪ طاقتور ھٿيار طور استعمال جي ڄاڻ بہ گهٽ ماڻھن وٽ آھي. پاڪستان ۾ بنھ گهٽ جڏھن تہ سنڌ ۾ تہ اھو استعمال اڃا بہ گهٽ آھي. انھي بلاگ کي پنھنجي مخصوص نقطہ نظر سان جنھن شخص سنڌ ۾ ڪاميابي سان استعمال ڪيو آھي انھي جو نالو عبدالرحمٰن پيرزادو آھي.
سنڌ ۾ ڪجھ ماڻھو بلاگ ڪن ٿا ليڪن ھڪ بلاگر جي حيثيت ۾ جيڪا سڃاڻ پبلڪ ھيلٿ جي ماڻھو، شاعر، ڪھاڻيڪار، ڪالم نويس رحمٰن پيرزادي جي سنڌ ۾ آھي اھا شايد ئي ٻئي ڪنھن جي ھجي. ڪراچي کان ڪشمور ۽ ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين بلاگ جي حوالي سان جيڪڏھن ڪنھن ماڻھووسيع ڄاڻ سڃاڻ ٺاھي آھي تہ اھو عبدالرحمٰن پيرزادو ئي آھي.
جيئن تہ بلاگ عالمي ويب سائٽ ذريعي پنھنجا خيال، تجربا، ڄاڻ دنيا تائين پھچائڻ جو ذريعو آھي. بلاگ ۾ سُرخي، شہ شُرخي بہ ھجي ٿي. بلاگ جو پيراگراف ۾ مختلف پوائنٽس يا بُليٽس ۾ ورھايل ھجي ٿو. بلاگ ۾ جيڪا پوسٽ ھوندي آھي ان ۾ مُنڍ، وچون سيڪشن ۽ پڇاڙي بہ ھجي ٿي. بلاگ ڪنھن ناول، مضمون، ڪھاڻي يا ڪالم بجاءِ مختصر ٿئي ٿو انڪري جلدي پڙھي بہ وڃجي ٿو تہ انجو اثر بہ اوترو جلدي ٿئي ٿو ۽ جيڪڏھن پاڻ سان جڙيل پڙھندڙ، ٻُڌندڙ سان ڳالھائجي ٿو تہ انجو فيڊبئڪ بہ جلدي اچي ٿو جيڪو انھي جي اھميت کي اجاگر ڪري ٿو. ھڪ بلاگر جي حيثيت ۾ عبدالرحمٰن پيرزادو تہ سوشل ميڊيا ۾ اڳ۾ ئي نروار ھيو ليڪن ڪورونا جي وبا جي آمد دوران ھن جي بلاگ کي غير معمولي پذريرائي ملي. ڪورونا جو مرض ھڪ خطرناڪ طريقي سان دنيا سميت سنڌ ۽ پاڪستان ۾ بہ آيو ۽ انجي آمد غيرمعمولي طور پراسرار ۽ ڀوائتي بہ ھئي. انھي معاملي ۾ دنيا جهان ۾ مونجھارا ھيا انھي موڙ ۽ موقعي تي جنھن طريقي بلاگ ذريعي عبدالرحمٰن پيرزادي سنڌ جي ماڻھن کي ڪورونا جي باري ۾ معلومات ۽ رھنمائي فراھم ڪئي اھا مثالي ھُئي. متِيُون منجهيل سرڪار جي ڀيٽ ۾ ڪورونا متعلق ڳالھ ٻولھ ۾ عبدالرحمٰن پيرزادي جو نالو حوالي طور ورتو پئي ويندو آھي. اھا مڃتا بہ آھي تہ اعزاز بہ آھي. ڪورونا جي باري ۾ ھن جا بلاگ الڳ ڪتاب جي صورت ۾ سھيڙجن پيا جن تي ٽيڪا ٽپڻي بعد ۾ ڪبي ۾ جڏھن تہ ھن وقت بلاگ تي مشتمل جيڪو ڪتاب زيربحث آھي انجو نالو ”ڳالھيون پيٽ ورن ۾“ آھي.اھو ڪتاب بلاگن تي مشتمل آھي.
” ڳالھيون پيٽ ورن ۾“ جيڪي بلاگ شامل آھن اھي مختلف وقتن تي مختلف موضوعن تي لکيا ويا آھن. عالمي سياسي صورتحال ھجي، ملڪي سياسي صورتحال ھجي، سماج جا پيچيدھ مامارا ھجن، انقلاب جي ڳالھ ھجي، علم فن ھجي، ادب ءِ ان ۾ بي ادبي جو ذڪر ھجي، تصوف ھجي ۽ تصوف جي نالي ۾ توھم پرستي جي تقليد ھجي، سرمائيدارانہ نظام جي کل لاھڻي ھجي يا روايتي انقلابي سياست تي ٽيڪا ٽپڻي ھجي، قومپرست سياست ھجي، صحافت يا آگاھي جي ڳالھ ھجي، ٻوڏ اچي وڃي يا سوڪ سنڌ کي ٺوٺ ڪندي ھجي. جيڪڏھن سوشل ميڊيا جو دورو ڪبو تہ انھن مامرن تي عبدالرحمٰن پيرزادي جو بلاگ ضرور ملندو جنھن ۾ موجود سندس ڳالھ نہ صرف وقتائتي، پيرائتي ھوندي بلڪہ ان ۾ ان جو حل بہ تجويز ڪيل ھوندو نہ صرف اھو بلڪہ ھو پنھنجي بلاگ جي بچاءُ ۾ ور کنجيل بہ محسوس ٿيندو. عبدالرحمٰن جي باقي لکڻين جيان سندس بلاگ جي خوبصورتي تُز ھجڻ آھي اھڙي تُز ڄڻ ڪنھن کي بندوق وھائي ڪڍجي. انھي بلاگ ۾ ٽوڪ بہ ھوندي ليڪن سندس ڳالھ توري تڪي ريسرچ ڪيل نظر ايندي جيڪو اسانجي سنڌي لکڻين ۾ گهٽ ملندو آھي. عبدالرحمٰن پنھنجي بلاگ ۾ شامل راءِ تان پٺتي نہ ھٽندو آھي ليڪن اتفاق سان ڪڏھن ڪڏھن جيڪڏھن پُٺتي ھٽيو بہ آھي تہ اھو سندس مڪمل اطمينان کانسواءِ ممڪن ناھي. سندس بلاگ عمومي طور نہ صرف ڪارائتا آھن ۽ مختلف معاملن تي وقتائتي رھنمائي بہ ڪندي ملن ٿا. گُذريل مارچ ۾ عورتن جي عالمي ڏينھن جي حوالي سان جڏھن ”منھنجو جسم منھنجي مرضي“ واري معاملي تي تڪرار پيدا ٿي ويو تہ معاملي جي اصل تھ تائين پھچائڻ جو ڪم بہ عبدالرحمٰن پيرزادي کنيو ۽ بلاگ ٺوڪي رکيائين تہ يورپ ۽ آمريڪا جي عورتزاد تحريڪ ۾ انھي نعري جو مقصد اصل ۾ جنسي بي راھ روي نہ بلڪہ پنھنجي صحت ۽ حالتن کي مد نظر رکندي حمل ڪيرائڻ سان عبارت آھي جنھنجي نہ صرف پاڪستان جي قانون ۾ اجازت آھي بلڪہ ملڪ ۾ ڪافي سارا ادار آھن جيڪي سرڪار جي مرضي سان صحت کاتي سان گڏجي ڪم ڪندي ، اڻ وڻندڙ “حمل ڪيرائڻ“ جي ڪم ۾ مصروف آھن.
ملڪ ۾ جاري بنيادپرستي ۽ دھشت گردي دوارن جڏھن قلندر جي درگاھ تي حملو ٿيو تہ سنڌ ۾ روشن خيال ماڻھن قلندر جي مزار تي ڌمال ھنئي ۽ تصوف کي مٿي تي چاڙھي ڇڏيو تہ عبدالرحمٰن جو بلاگ بہ اچي ويو جنھن ۾ ھن تصوف کي پروموٽ ڪرڻ تي شديد تنقيد ڪئي ۽ لکيائين تہ ”انھن سڀني ساٿين کي جن کي ھن سڄي کيڏ کي سمجهڻ جي سگھ آھي انھن تي لازم آھي تہ نوجوانن جي رھنمائي ڪن ۽ تصوف کي سماج اندرنئون آفيم ڪري استعمال ڪرڻ جھڙي انھي عمل کي بي نقاب ڪجي.”
”ميلو“، نالي بلاگ ۾ ھن ڪورونا جي وبا کان اڳ سرڪاري ڪامورڪي سرپرستي ۾ جيڪا ميلن جي ڌم ھئي انتي بہ ٽيڪا ٽپڻي ڪئي آھي .50 ءِ 60 جي ڏھاڪي ۾ ڄاول ٻار جي ذھن ۾ ميلي جو ٻُڌي ذھن تي ڇا تري ايندو ھيو انجي نقشبندي ليکڪ ڪجھ ھينئن ڪئي آھي.
”چوڏيل ،سرڪس، رڇ ءِ ڪتا
راڳ ،ناچُو، کوپري جي مٺائي
سُڪل تُوت ،چُوڙيون ،رانديڪا
ڀولڙي وارو فقير
سُرخي ،ڪجل،مُساڳ جو دُڪان
ٽانگو،ملاکڙو،ڪوڏي ڪوڏي
راڳ رنگ،ڀنگ چرس
بِشني ڳنڍِي ڇوڙ سپاھي...
(اچو تہ ميلا لڳائي سماج بدلايون)
”برابري يا سراسري“ نالي بلاگ ۾ ھڪ نئون نقطو بہ اٿاريل آھي. طبقاتي نظام جو مخالف تہ ليکڪ ھر ٻئي لکڻي ۾ محسوس ٿيندو آھي ليڪن ھن بلاگ ۾ ھو لکي ٿو تہ جيڪي ماڻھو برابري جي ڳالھ ڪن ٿا اھي اصل ۾ سماج کي سمجهڻ کان قاصر آھن انڪري سماج ۾ موجود بدحال ۽ پٺتي پيل طبقن خاص طور عورت کي برابري نہ بلڪہ سراسري جي ضرورت آھي جنھجو بنياد تعليم آھي جنھن ذريعي ماڻھو ڀرجهلو ٿي سگھي ٿو. ڪورونا جي وبا دوران ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ سوشل سيفٽي نيٽ ورڪ تحت ملڪي ۽ عالمي امداد جي حمايت بہ ھو انڪري ڪري ٿو جنھن کي وري سنڌ ۽ ملڪ جا ڪافي دانشور حضرات پنڻ بہ چون ٿا. ھو چوي ٿو تہ اھو سڀ ڪجھ نہ صرف ڪارائتو آھي بلڪہ عورت کي تنظيمڪاري جي عمل ۾ شريڪ ڪري ان عمل کي وڌيڪ سگهارو بنائڻ جي ضرورت آھي. ياد رکڻ گهرجي تہ عورتن کي ڀرجهلو ڪرڻ جي حوالي سان انھي پروگرام کي عالمي طور تي بہ مڃتا ملي چڪي آھي ڇو تہ عورت انھي عمل سان نہ صرف مالي طور ڀرجهلي ٿيڻ ڏانھن روان دوان ٿي آھي بلڪہ انھي سان مقامي گهريلو معاشي سرگرمي ۾ بہ واڌ ٿئي ٿي.
سندس ڪجھ بلاگ سرمائيداري ۽ سرمائيڪاري جي حوالي سان بہ آھن. ھو سرمائيداري کي دنيا سميت سنڌ لاءِ زھر قاتل سمجهي ٿو جڏھن تہ ھو سرمائيڪاري جو زوردار حامي آھي. ائين ئي ھو زرعي سڌارن جو بہ حامي آھي جيڪي صرف پني تي نہ بلڪہ حقيقت ۾ بہ ھن جي خيال موجب ھجڻ گهرجن. انڪري ھو تفصيل سان ڄاڻائي ٿو تہ زرعي سڌارن ۾ زمين جو حق ملڪيت، پاڻ ھارپي جو شرط، فصل جي چونڊ ۾ سھائتا، مارڪيٽ تائين رسائي جو نظام، ٻارن جي تعليم جو شرط، صحت ۽ تعليم جون جوڳيون سھوليتون، ھارين جا مثالي ڳوٺ آباد ڪرڻ، ھارين کي تنظيم جو حق، بنا وياج جي ٻج ۽ زرعي ٽيڪنالاجي تائين رسائي، گڏيل ھارپي جي تربيت، گڏيل ميويدار جهنگ پوکڻ جي تربيت، گهرو واڙيون پوکڻ جي تربيت ۽ پاڻي جي بھتر استعمال جي تربيت کي تمام ضروري سمجهي ٿو. انھن مول متن کي ھو سياست ڪندڙ ڌرين کي پنھنجي ايجنڊا ۾ شامل ڪرڻ جي ڳالھ بہ ڪري ٿو.
سندس ھڪ بلاگ زرعي جنسن جي کليل آزاد واپار متعلق بہ آھي. ھو لکي ٿو تہ ڪجھ عقل جا اڪابر سرڪار پاران زرعي جنسن جي قيمتن جي مقرري جا مخالف آھن. ھو مثال ڏيئي ٿو تہ ڪيئن ڪورونا جي وبا دوران يورپ جي ڪافي ملڪن ۾ کاڌي پيتي جي شين جي اڻاٺ ٿي ويئي جنھن جي موٽ ۾ شين جي موجودگي لاءِ خانگي شعبي ۾ موجود ڪافي صنعتن کي قوميائڻو پئجي ويو. انڪري ليکڪ ماڻھن کي گهرن ۾ ”گُنديون“ ڀري رکڻ جي صلاح بہ ڏئي ٿو.
پاڪستان خاص طور تي سنڌ شديد غذائي کوٽ جو شڪار آھي پنھنجي ڪجھ بلاگن ۾ ليکڪ انگ اکر ڏنا آھن. سنڌ ۾ غذائي کوٽ اڌو اڌ آبادي کي متاثر ڪيو آھي جڏھن تہ ڪجھ ڏھايون اڳ اھا غذائي کوٽ ٽيھ سيڪڙو ھئي. اڄڪلھ سنڌ جو ماڻھو قد بت ۾ جيڪڏھن بندرو ٿي رھيو آھي تہ انھي جو ڪارڻ بہ اھا غذائي کوٽ آھي ليکڪ انھي غذائي کوٽ کي ڪورونا سميت باقي سمورين وبائي بيمارين جي پاڙ سمجهي ٿو. انھي جو حل بہ انھن بلاگن ۾ ڄاڻايل آھي تہ زرعي سڌارن سميت سائنس۽ ٽيڪنالجي جي استعمال ۽ تعليم کي عام ڪندي، سنڌ ۾ موجود سبزين ميون جي مناسب پيداوار۽ استعمال، لوڪ ڏاھپ کي استعمال ڪندي انھي مسئلي کي حل ڪري سگهجي ٿو. ھو چوي ٿو تہ زراعت ڏانھن حڪومت جي سنجيدگي انھي مان مان بہ ظاھر آھي تہ سنڌ ۾ صرف ھڪ زرعي يونيورسٽي آھي جڏھن تہ ڪابہ باراني يونيورسٽي ناھي. ساڳي مامري کي بحث ھيٺ آڻيندي ھڪ ھنڌ لکي ٿو تہ حفاظتي ٽڪن جي پروگرام کي بہ سرڪار سميت ڪميونٽي کي سنجيدھ وٺڻ جي ضرورت آھي. ائين ھو صحت ڪارڪن جي ڊريس ڪوڊ جو بہ حامي آھي تہ جيئين مريض ۽ تيماردار ۾ فرق نظر آچي جنھن سان صحت جون سھولتون بھتر ٿينديون.صحت جي سھولتن ۽ مامرن متعلق ڄاڻ جي فراھمي ۾ ھو اڄ بہ صحت جي عالمي اداري WHO کي مستنند سمجهي ٿو. مٿي ڄاڻايل سمورا ٽاسڪ صرف بھتر منصوبہ بندي، سمجھ ءِ حڪومت ۽ ڪميونٽي جي باھمي تعاون سان پايہ تڪميل تي پھچائي سگهجن ٿا جنھن ۾ وڌيڪ فنڊ جي ڪا خاص ضرورت بہ ڪونہ ٿي پوي.
”صحتمند سنڌ“ نالي بلاگ ۾ ھو سنڌ حڪومت کي مفت ۾ مفيد مشورا ٿو ڏئي تہ جيڪي خاندان فيملي پلاننگ ڪن ٿا انھن جي نہ صرف مالي سھائتا ٿيڻ گھرجي بلڪہ انھن جي ٻارن جي صحت ۽ تعليم جو جوڳو بندوبست بہ ٿيڻ گھرجي جيڪا 18 سال عمر يعني نادرا جي شناختي ڪارڊ ٺھڻ تائين جاري رکڻ گهرجي. پڙھڻ ۽ ٻُڌڻ ۾ اھي ڳالھيون ننڍڙيون ۽ معمولي ٿيون لڳن ليڪن غور ڪجي تہ انھي جا اثر غيرمعمولي ۽ ھمہ گير آھن.
پنھنجي ڪجھ بلاگن ۾ ھن شاھ لطيف کي بہ نئين اک سان ڏسڻ جي ڳالھ ڪئي آھي. شاھ لطيف کي ڀٽائي ”سرڪار“ پئي سڏيو ويندو رھيو آھيو آھي جنھن متعلق ڪنھن لطيف شناس کان پڇا ڪبي تہ چيو ويندو آھي تہ اھو لطيف جي تعظيم ۾ چيو ويندو آھي. ليڪن عبدالرحمٰن جي راءِ جنھن کي ھو پنھنجي راءِ چوي ٿو تہ انھي لطيف سرڪار جي معني آھي ڪنھن رياست جو ڪارونھوار ھلائيندڙ بندوبست. ھن مطابق لطيف ان وقت جي حُڪمران سرڪار سان برسرپيڪار ھيو، ڀٽ واري علائقي ۾ سندس قيادت ۾ ھڪ متوازي سرڪار قائم ھئي ان مزاحمت جي ساٿين کي فقير ۽ خطرناڪ مھم تي ويندڙ کي گهوٽ سڏيو ويندو ھيو. سندس چواڻي ڀٽ جي الھندي علائقي ۾ ڏھ گهوٽن جون قبرون آھن جيڪي انھن خطرناڪ مھم تي ويندڙن جون قبرون آھن، ھو اھو دليل ڏئي ٿو تہ ڀٽ تي عام جي اک کان پري وسندي آباد ڪرڻ جتي لطيف سندس فقير، گهوٽ ۽ مريد ھجن انھي ڳالھ جو مظھر آھي تہ ڪا ڳالھ ھئي جيڪا لوڪ کان الڳ ٿي ڪئي پئي ويئي.
ڪڏھن ڳاڙھو گھوٽ ڪڏھن مڙھ مقام ۾ واري بيت کي مٿين خيال سان جوڙي پڙھجي تہ مفھوم ئي مٽجي ٿو وڃي ۽ جڏھن لطيف جي ھيٺ ڄاڻايل بيت تي نظر وجهجي ٿي تہ سندس ڳالھ تي غور ضروري ٿي وڃي ٿو..،
”گهوڙن ۽ گهوٽن جيئڻ ٿورا ڏينھڙا،
ڪڏھن منجھ ڪوٽن ڪڏھن راھي رڻ جا.“
ھتي ڄاڻايل گهوٽ اھو بلڪل ناھي جيڪو شادي ۾ لانئون لھي وني ماڻيندو آھي. ھي تہ اھڙو غير معمولي غير روايتي گهوٽ آھي جنھنجي گهوڙي سان ڀيٽ ٿيل آھي جيڪو ڪڏھن ڳاڙھو گهوٽ ڪوٽن ۾ قيد ٿئي ٿو تہ ڪڏھن وري رڻ جو راھي ٿئي ٿو. ھي اھو ئي گهوٽ آھي جيڪو ليکڪ جي راءِ ۽ خيال ۾ آباد آھي جنھن تي سچ بہ تحقيق جي ضرورت آھي .
ائين ئي ھڪ بلاگ ۾ لطيف جي سورمين ۾ ھن موکيءَ کي بہ شاھ جي سورمي ڄاڻايو آھي جيڪا ھونئن سورمي بجاءِ ڪو منفي ڪردار ٿو لڳي.
بلاگ جي مختصر مجموعي ۾ سياست جو بحث بہ چوٽ تي چڙھيل آھي جنھن ۾ ھڪ بلاگ ۾ ھو ڳالھائي ٿو تہ ڪٿي ائين تہ ناھي تہ آفريقي نسل جي جارج فلائيڊ جو پوليس ھٿان بيگناھ قتل دنيا ۾ اڀرندڙ طبقاتي بنياد تي سياست کي پٺتي ڪرڻ لاءِ ڪيو ويو ھجي ڇوتہ ان وقت نومبر 2020 جي آمريڪي چونڊن لاءِ مک ڊيموڪريٽڪ برني سينڊرس انتھائي ريڊيڪل سياست سبب آمريڪا ۾ ڇانيل ھيو. انھي قتل جي نتيجي ۾ عالمي طور اھم سوال نسلي متڀيد ۽ آمريڪا ۾ پوليس نظام ۾ بھتري اھم سوال ٿي سامھون آيا ۽ برني سينڊرس جو بيانيو پُٺتي رھجي ويو. ھن وقت اوپينين پول ۾ ٽرمپ پُٺتي ۽ ڊيموڪريٽڪ اميدوار جو بائيڊن ڪافي اڳتي آھي جنھنجي حق ۾ برني سنڊرس بنا ڪنھن سبب جي ھٿ کڻي ويو ھيو.
ليکڪ ارڙھين ترميم کي سنڌ ۽ خاص طور پيڙھيل قومن جي اھم حاصلات سمجهي ٿو انڪري ان خلاف ٿيندڙ سازشن خلاف خبردار بہ ڪري ٿو.
ھن جو ھڪ بلاگ ”رستو “ جي نالي سان بہ آھي جنھن ۾ ھو ڄاڻائي ٿو تہ جيڪڏھن اڳتي وڌڻو آھي تہ مذھب ءِ قومپرستي جي بدعت مان جان ڇڏائڻي پوندي ۽ سندس مطابق ڇوٽڪاري جو رستو صرف قومي جمھوري سوال کي سياست جو مرڪزي نڪتو بنائڻ سان ئي ممڪن آھي.قومي جمھوري پڌرنامي ۾ طبقاتي قومي سوال تي مربوط حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت آھي،عالمي جنگي سرمائيداري جي عھد ۾ سائنسي بنيادن تي معاشي نظام مرتب ڪرڻو پوندو ۽ جمھوري قيادت پٽاندڙ اجتمائي قيادت جو رستو ڪڍڻو پوندو.
سندس ھڪ بلاگ اندر اڌ ڪرڻ جهڙو آھي جنھن سان سندس ماضي جون سياسي يادون سلھاڙيل آھي ھو ڪجھ ماڻھن ڏي ميار موڪلي ٿو تہ اھي ماڻھو جنکي ”ڊينڊڙا “ سڏيو ويندو ھيو انھن مارون کائي بيعزتون سھي، ذلتون برداشت ڪري پنھجي سموري ڄمار رڳوسياست ۽ جدوجھد کي ھڪ لڙھي ۾ پروئيندي گُذاري انھن جو ذڪر ڪجھ دانشور اک ٽيٽ ڪن ٿا. سٺ جي ڏھاڪي جو سنڌ متحدھ محاذ ھجي، بزم صوفيا سنڌ ھجي، سنڌ قومي اتحاد ھجي يا سنڌي عوام جو قومي اتحاد، نيشنل عوامي پارٽي ھجي يا عوامي نيشنل پارٽي، سنڌي ادبي سنگت، سنڌ ھاري ڪميٽي، سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ بھتر سياسي ماحول امن قائم ڪرڻو ھجي يا ايم آر ڊي جي تحريڪ ھجي جدوجھد جي ھر ميدان ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي اڳڀرائي نظر ايندي. ليڪن کوڙ نالي ڪُٺيا دانشور سنڌ جي سياسي پورھيئي ۾ باقي ماڻھن جو ذڪر تہ ڪندا ليڪن سوڀو گيانچنداڻي، ڄام ساقي ۽ سندن پارٽيءَ انجي بي ضرر سياسي پورھيتن جو نانءُ وٺندي کين تپ چڙھي ويندو جن عمرون ڏنيون جوانيون ڏنيون ليڪن سودو نہ ڪيو نہ پنھنجو نہ پنھجي نظريئي جو نہ پنھنجي اصولن جو. جن جي نالن تي نان ڪلاسيفائيڊ پنن تي اڄ بہ ڳاڙھا دائرا لڳل آھن.
سنڌ جي بلاگر عبدالرحمٰن جا بلاگ دلچسپ بہ آھن تہ انھن ۾ دلبري بہ آھي جن ۾ چٿر، ٽوڪ بہ آھي. ميلن جي نالي ۾ ٿيندڙ پروگرامن ۾ سنڌ جي ثقافت جي واڌ ويجھ ٿئي ٿي جڏھن تہ تصوف جو بنياد پرستي خلاف ھڪ محدود ڪارج تي ڪافي ماڻھن جي راءِ ليکڪ کان مختلف آھي ليڪن اھو روزروشن جيان عيان آھي تہ سنڌ جي بلاگر عبدالرحمٰن کي پنھنجي وطن واسي ويڙھيچن لاءِ اٿاھ پيار آھي انڪري ھو ھر مامري تي ڳالھائي بہ ٿو تہ ڪن جا پردا چيري وجهندڙ رڙ بہ ڪري ٿو تہ جيئن اجهاڳ ڏوجهرن ۾ ڦاٿل سنڌ پنھجي وجود سان وڻ ويڙھي جيان وڪوڙيل ڏوجهري مان اُڪري پار پئي.پنھنجن غلطين جو ليکو چوکو ڪري ان مان سبق پرائي پنھنجي وسيلن،ڏاھپ جو مناسب استعمال ڪري تہ جيئين سندس ايندڙ نسل پاڪستان سميت دنيا جهان ۾ ڪنڌ کڻي ھلڻ جهڙيو ٿئي ۽ دنيا آڏو سرخرو ٿي اھو باور ڪرائڻ جي حقدار بہ ٿئي تہ ھي اھي ماڻھو آھن جن مھين جو دڙو تڏھن آباد ڪيو، ھڪ شاندار لازوال تھذيب کي تڏھن آباد ڪيو جڏھن دنيا جھان جي تھذيبن جو اڃا جنم ئي نہ ٿيو ھيو. اھا سنڌ ئي سنڌ جي بلاگر مھين جي دڙي ۽ سنڌو جي ڪڇ واري وسندي ٻلھڙيجي واسي سنڌ جي بلاگر عبدالرحمٰن پيرزاي جو خواب آھي ۽ خواب سچا بہ ٿيندا آھن بشرطيڪہ مومل ماڻڻ جي سچي نيت ھجي.اھا نيت سنڌ جي بلاگر عبدالرحمٰن پيرزادي جي بہ آھي.

حميد سُومرو
حيدرآباد 31 آڪٽوبر 2020

سائنسي سوچ رکندڙ هڪ ايڪٽيوسٽ

موهن جي دڙي جي ڀرسان ڪلاسيڪل ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ سان تعلق رکندڙ عبدالرحمٰن پيرزادوپروفيشن جي حوالي سان ڊاڪٽر ۽ سائنسي سوچ رکندڙ هڪ ايڪٽيوسٽ آهي، جيڪو عزم جي حوالي سان ترقي پسند خيالن جو ترجمان ۽ سماج جو هڪ متحرڪ فرد آهي. ٻلهڙيجيءَ جي گھڻن ماڻهن جيان هن به هي ڪتاب لکيو آهي، جيڪو اڄ اوهان جي هٿن ۾ ڳالهيون پيٽ ورن ۾ جي نالي سان آهي. هي سندس بلاگ تي لکيل، ليکن تي مشتمل ڪتاب آهي. توڙي جو هي بلاگ مايوسيءَ واري ماحول ۾ لکيا ويا آهن پر انهن کي پڙهڻ سان، اميد جو ڪرڻو نظر اچي ٿو، جيڪا هڪ سڄاڻ ليکڪ جي نشاني آهي.
عبدالرحمٰن پيرزادي جون تحريرون اجتماعي معاشي شعور جو پئمانو آهن ۽ شعوري بيداريءَ ڏانهن وک وڌائڻ لاءِ مواد آهن. پيرزادي جا بلاگ به سندس طبيت وانگر کرا، گھڻ رُخا ۽ جامع جهتن کي واضع ڪن ٿا، انسان کي اندران جھنجھوڙين ٿا ۽ ڄڻ بيٺل پاڻيءَ ۾ لهرون پيدا ڪن ٿا. بلاگ ڪڇان ته ڪافر کان وٺي، سنڌ، وفاق ۽ ٻيٽ تائين اهڙن موضوعن سان سلهاڙيل آهن, جن جو اثر معاشي، معاشرتي ۽ ثقافتي وهنوار تي سڌو سئون پئي ٿو. هنن بلاگ جو مجموعي جي صورت ۾ اچڻ، نوجوانن ۽ اسان پڙهندڙ کي هڪ ته انفرادي ۽ اجتماعي طور سوچ ۽ لوچ لاءِ آمادهه ڪرڻ جي ڪوشش آهي، ٻيو ته هي ليک ڪتابي صورت ۾ اچڻ سان هڪ Ready Refrence جو سبب پڻ بڻجن ٿا. جنهن جي ضرورت هن وقت تمام گھڻي آهي، کيس ان ڪاوش تي جَسُ هجي.

رياض شاهد دايو
ڪراچي سنڌ

حصو پھريون

ڪڇان تہ ڪافر

اڄڪلھ سنڌ ۾ پاپولسٽ دانشوري بہ جھڙوڪر واڻڪي ھٽ وانگر آھي. سنڌ جا مھان دانشور حضرات توھان کي ھر دور جو تجزيو ڪندي نظر ايندا پر متان ڪو اصليت جي پڇا ڪريو، جواب ۾ چوندا تہ کين انھن حالتن جي ڪا خاص خبر ئي ڪونھي جن تي پورو ڪتاب لکي ڇاپرائي ڇڏيندا. ھا ڪتاب ڇپرائڻ تان ياد، آيو مون جھڙو ڪو ليکڪ تہ اھو خواب کڻي مري ويندو تہ سندس ڪم ڪٿي ھٿيڪو ٿئي مطلب ڇپجي، ھي جن ھمراھن جا ھر مھيني ڪتاب پيا ڇپجن، انھن کي ڇپرائي ڪير ٿو ۽ اھي وڪجن ڪيئن ٿا، يار، اھڙا سوال ڪندئو تہ پوءِ، آيتون ئي ٻڌندئو.
ھا ڳالھ پئي ڪئيسين حالتن، ڪردارن ۽ سياسي ڌرين جي جن سنڌ جي سياسي ماحول ۾ ڪا، اٿل پٿل آندي يا ڪو اھڙو ڪردار ادا ڪيو جو کين ياد رکيو وڃي.
سنڌ جي سياسي ڪردارن تي جيڪڏھن نظر وجھو تہ توھان کي شروعات ۾ الھ بخش سومري، سوريھ بادشاھ، مسلم ليگي اڳواڻ(جن جا نالا مان ڄاڻي واڻي نٿو لکان جو وري نئون ممڻ مچي ويندو) ڪميونسٽ پارٽيءَ جا اڳواڻ ڪامريڊ جمال دين بخاري، ڪامريڊ صوڀو گيانچنداڻي، ڪامريڊ شانتا بخاري، ھجرت ڪري ويل ڪميوہسٽ اڳواڻ ۽ ھجرت ڪري آيل ڪميونسٽ اڳواڻ، ڄام ساقي، مير ٿيٻو، ھاري ڪميٽي ڪامريڊ حيدربخش جتوئي، قاضي فيض محمد، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر، مولوي نظير جتوئي، مولوي عبدالقادر ڪلھوڙو، قاضي محمد بخش ڌامراھ، سائين جي، ايم سيد ۽ ان جا پوئلڳ [بقول سندن جي، ايم سيد جا ڏنگا ٻار]، جيئي سنڌ جون مختلف شاخون، عوامي تحريڪ، رسول بخش پليجو ۽ ان جا پوئلڳ، پيپلز پارٽي، شھيد، ذوالفقار علي ڀٽو، شھيد شاھنواز ڀٽو، شھيد محترما بينظير ڀٽو، ان ساڳي ئي تلسل جي شاخ مير مرتضا ڀٽو، ڊاڪٽر ارباب کھاوڙ ۽ ان جا ساٿي مطلب تہ ڪيترا نالا ڳڻايون.
ھاڻي جيڪو بہ دانشور صاحب لکي ٿو اھو دانستہ يا نادانستہ انھي سياسي ڌر يا قوت جو ڪٿي ذڪر ڪرڻ بہ مناسب نٿو سمجھي جن جي سڄي ڄمار رڳو انھن ھيرن کي ھڪ لڙھيءَ ۾ پوئيندي گذري وئي. ڪميونسٽن جي صبر، برداشت، محنتن، صبر ۽ سياسي بصيرت سبب ئي سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ سڀئي دوست ڪنھن ھڪ ھنڌ جمع ٿيندا ھيا.
ڏٺو وڃي تہ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي ساٿين جي باربار ڪوششن باوجود سنڌ ۾ الڳ الڳ نظرين تحت ڪم ڪندڙ ڌرين کي گھڻو عرصو عوام جي بنيادي مسئلن تي گڏ ڪرڻ ڄڻ ناممڪن نہ تہ مشڪل ضرور ھوندو ھيو.
سٺ جي ڏھاڪي جو سنڌ متحدہ محاذ ھجي، بزم صوفيا، سنڌ اتحاد، سنڌي عوام جو قومي اتحاد، نعپ، عوامي نيشنل پارٽي، سنڌي، ادبي سنگت، سنڌ ھاري ڪميٽي، سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ بھتر سياسي ماحول ۽ امن لاءِ اتحاد، ايم آر ڊي جي جدوجھد، مطلب ھر دفعي توھان کي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي اڳڀرائي نظر ايندي. اھا پارٽيءَ جي پاليسي ھئي تہ اھا پسمنظر ۾ رھي دوستن کي اڳتي اچڻ جو موقعو فراھم ڪندي ھئي .
ھاڻي جيڪي دانشور حضرات صفا سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي تاريخ ۽ مستقبل جا، ڄڻ پاڻ ھرتو ٺيڪيدار لڳا ويٺا، آھن، انھن کان اھو تہ پڇي سگھجي ٿو تہ جي سگھارين ڌرين وٽ موجود باقي خبرون بہ کين ملي وڃن ٿيون تہ پو يار انھ ويچارن جن کي پليجو صاحب پيار مان 'ڊينڊڙا' سڏيندو ھو، انھن جي جئي کي ڇو ٿا لوڙھيو.
چون ٿا ڌڪ تہ دشمن جو بہ ڳائبو آھي. ھي تہ بي ضرر سياسي پورھيت ھئا جن پنھنجو ڄمارون، گھر ٻار سنڌ جي ماڻھن جي خدمت ڪندي واري ڇڏيا .

ھَڙَ
ڪميونسٽ پارٽيءَ جي جڏھن بہ ڪا تربيتي نشست ٿيندي ھئي يا ڪو سينئر دوست ساٿي ڪچھري ڪندو ھو تہ سندس سڄي ڳالھ ٻولھ جو تت ھوندو ھيو، مخالفن تي تنقيد ايتري ڪريو جنھن مان ڪا ھڙ حاصل ٿئي. سياسي اختلافن تي ھروڀرو ايترو بحث نہ ڪريو جو سماجي تعلقات خراب ٿي وڃن. گڏيل مفادن واري گھٽ ۾ گھٽ سياسي پروگرام تي اتحاد ٺاھيو. انھن ڏينھن ۾ تعليمي ادارن ۾ ھٿيارن جي زور تي قوم پرستن طرفان جھڙوڪ روزاني اسان تي ڪنھن نہ ڪنھن تعليمي اداري ۾ تشدد ٿيندو ھو، ان لاءِ چيو ويندو ھو تہ جيڪڏھن توھان تي ڪو تشدد ڪري ٿو تہ ان کي تشدد سان جواب ڏيڻ بدران ان پيدا ٿيل ماحول جو سياسي فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪريو، عام شاگردن جون ھمدرديون حاصل ڪريو، تنظيم کي سياسي طور سگھارو بڻايو. مختلف نظرين جي سياسي تنظيمن ۽ سندن ڪارڪنن کي گڏيل مقصد لاءِ گھٽ ۾ گھٽ گڏيل جدوجھد ڪرڻ جي ترغيب ڏيو. پاڻ کي منظر تان جيترو ٿي سگھي غائب رکو. انھن کي اڳوائي ڪرڻ جو موقعو ڏيو.
سڄي جمھوريت جي بحاليءَ جي جدوجھد جنھن کي ايم آر ڊي جي نالي سان ياد ڪندا آھيون. ان جي لاءِ ڪميونسٽ پارٽيءَ ڄام ساقي ڪيس دوران سڄي ملڪ جي انھن جمھوريت پسند سياستدانن کي ھڪ ھنڌ گڏ ڪيو جيڪي ھڪٻئي جي شڪل ڏسڻ لاءِ راضي ڪونہ ھئا. ملڪي، سطح کان وٺي، صوبائي، ضلعي ڇا تعلقي سطح تي بہ سڀني کي ھڪ ھنڌ گڏ ڪرڻ لاءِ ڏينھن رات لوڙيوسين. ذميواري اھا ھوندي ھئي تہ ماڻھن کي گڏ ڪيو، ٻين ڌرين جي سياسي ليڊرن جو تقريرون لکو، اسٽيج سيڪريٽري ٿيو، پر گرفتاريءَ کان بچو، ڄاڻي واڻي گرفتاريون نہ ڏيو. شاگرد، ھاري، مزدور، سياسي ڪارڪن سڀني ڏينھن رات محنت ڪئي. جڏھن تاريخ لکبي تہ اسانجو نالو نشان ئي ڪونہ ھوندو. تاريخدان اخباري خبرن مان گرفتار ٿيلن جا انگ اکر گڏ ڪري، شامل تنظيمن جي قوت جو ڪاٿو لڳائيندا. انھن کي ڪھڙي خبر تہ اسان سماج ۾ تبديلي ۽ سياسي اٿل پٿل جي ھڙ حاصل ڪرڻ لاءِ صفا فنا في اللہ ٿي ويا ھئاسين. جنھن 'ھڙ' جي آسري سڄي عمر ڪکن تي پير رکي ھلياسين. ھاڻي جي اھا سڄي ھڙ ملي بہ پئي تہ اسان وارو تہ جھڳو ئي جھڻ ٿي ويو.
سڄو ڍينگو ئي ڍيري.
کوڙيءَ کي ئي گھمرو.


ڪوڙو تون ڪفر سين
وڏيرو ھجي يا جاگيردار, پير ھجي يا سردار لفافي صحافي ھجي يا ڀتاخور قومپرست ,ڌنڌوڙي مزدور اڳواڻ ھجي يا ڪوڙو ڪميونسٽ سڀئي ڪردار رياستون پيدا ڪنديون آھن
حڪومتون مجبوري ۾ پالينديون آھن
سماج انھن جو ڪيتو لوڙيندا آھن
جيئن اسان سنڌ ۾ لوڙيون پيا
بيٺڪيت کان جديد بيٺڪيت تائين ڪجھ ڪردار وري بھروپ ۾ ھوندا آھن. بظاھر ڏاڍا، ايگريسو، سطحي سچار، ھر ڳالھ مڃائڻ لاءِ شروعات ئي ڪندا توھان جي تعليمي قابليت يا حالتن کي، سمجھڻ ۽ بيان ڪرڻ جي صلاحيت تي طنز ڪري ـ سوال اٿاري. پنھنجي علمي برتري پيدا ڪري
بظاھر جنھن جي مخالفت ڪندا تہ ايئن لڳندو ڄڻ سندن ازلي دشمن آھي. مڄاڻ انھي جي ونگار وھندي اھڙي لفاظي ڪندا جھڙو ڏوھ ئي اسان جي سمجھ جو آھي
اسان ڪنھن نيڪ دل، سٻاجھڙي ڪردار کي
ڪيڏو غلط پئي سمجھيو
سندن پورو مقالمو مذھب کان ٿيندو قوم تائين صرف ڏوھي جا پيرا لڪائڻ لاءِ ھوندو آھي

لٽل ماسڪو
ٻلھڙيجيءَ کي لٽل ماسڪوجو نالو جماعت اسلاميءَ جي پروفيسر اسداللہ ڀٽو بغز مان ڏنو. اھو الڳ بحث آھي.
اتي 4 ڳوٺ آھن حاجي لعل بخش شيخ , نوان شيخ , ڀليڏنو ابڙو ۽ ٻلھڙيجي.
ڳوٺ حاجي لعل بخش شيخ ۾ پرائمري اسڪول 1886 ۾ خليفي عبدالرحمان پيرزادي قائم ڪيو، جيڪو بعد ۾ خليفو محمود پيرزادوسنڀاليندو ھو. اھو اسڪول بعد ۾ مسلم اسڪول حاجي لعل بخش شيخ ۽ اڄڪلھ گورنمنٽ پرائمري اسڪول حاجيَ لعلَ بخش شيخ جي نالي سان قائم آھي. اھو خانگي اسڪول ھيو ۽ بنا ڪنھن فيس جي ٻار پڙھندا ھئا.
گھڻن کي ڏکيو لڳندو پر حقيقت اھا آھي تہ لٽل ماسڪو جي طنز سان گڏ اتي ھڪ مئخانو آيونام نھاد ترقي پسنديءَ چرس ۽ ڀنگ جو ملڻ مفتَ ڪري ڇڏي. اڄڪلھ انھي چرس ۽ ڀنگ ۾ وري شراب جوَ بہ واڌارو ٿيو آھي.
انھن چئني ڳوٺن جي تعليم ۾ انھي نالي يا لقب جو ڪوبہ ڪردار ڪونھي. ھا ايئن ٿيو آھي تہ ڏوڏي، ڀنگ، چرس ۽ شراب جي موالين کي عظيم ڪري پيش ڪيو ويو آھي.
جيئن تاريخ جي ھر ڪتاب ۾ ھوندو آھي, انھن استادن جوَ ڪو دڪو بہ داخل ڪونھيَ جن ھڙئون، وڙئون اھو تعليمي ماحول پيدا ڪيو. مان لکندم تہ شايد کوڙ پردہ نشين. اگھاڙا ٿيندا
ذڪر صرف انھن جو آھي جيڪي ٻاھر رھيا. جن اتي لوڙيو، جن وقت ڏنو، ڪم ڪيو انھنَ جي ڪنھن کي خبر ئي ڪانھي ڇو جو انھنَ جي مشھوري ءَ وارن وسيلنَ تائين رسائي ڪونہ ھئي ۽ نہ ئي آھي.
انھي حد تائين تہ جنھن شخص انھي ڳوٺَ جي زمين پنھنجي ھڙان خريد ڪري سڀني ڳوٺ وارن کي گھرج آھر جڳھ ڏني، انھي خليفي محمود جو بہ ڪو ذڪر ڪونھي .
ڳوٺ جي پھرين استاد, ڳوٺ جي استادن. بمبئي مان فائينل پاس ڪندڙ مردن، عورتَنَ ڇوڪرين جو اسڪول قائم ڪندڙ آمنتَ پھرين گريجويٽ 'پھرين'ماسٽرس, پھرين ھاءَ اسڪول ٽيچر,60 جي ڏھاڪي ۾ ڳوٺ سڌار تحريڪ جو آغاز ڪندَڙَ. 70 جي ڏھاڪي، ۾ ڊراما سوسائٽي قائم ڪندڙ. سنڌ ھاري ڪميٽَيَ, شاگرد سياستَ, 1980 جي ڳوٺ سڌار سنگتَ ڪو بہ، ڪير بہ ڪجھ بہ ڪونہ ھيو يا آھي.
بس، انھن جو ذڪر آھي جن جي تشھير جي وسيلن تي رسائي آھي

واقعو
ستر جي ڏھاڪي جو اکين ڏٺو واقعو ـ
''ٽيٽي فقير'' پنھنجي مرشد اڳيان مانيءَ جو دسترخوان رکندي، ھٿ ٻڌي عرض ڪيو
''بابا سائين ڪجھ خيال ڪيو، پيٽ اچي نڪ سان لڳو اَٿَوَ. ڦاٽي نہ پئي''
سڄي محفل ۾ ٽھڪڙو پئجي ويو.
چيائون فقير سائين جن جو ھجائتو خليفو آھي، مذاق پيو ڪري.

ترقي پسند اديبن جي ڪانفرنس
ترقي پسند اديبن جي گولڊن جوبلي ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب ڪراچي پريس ڪلب ۾ ٿي جنھن ۾ شيخ اياز جو لکيل گيت "ميرے ديدہ ورو، ميرے دانشورو" بيدل مسرور ڳايو.
ان گيت کي ڪانفرنس جو ترانو ڪري پيش ڪيو ويو ھو.
ان ڪانفرنس ۾ پاڪستان، ھند ۽ سنڌ جي نالي وارن ترقي پسند، اديبن شرڪت ڪئي
سڀني کان وڌيڪ پذيرائي ڪامريڊ صوڀي گيانچنداڻيءَ کي ملي، جنھن کي جڏھن صدارتي پينل ۾ شامل ٿيڻ لاءِ سڏ ڪيو ويو تہ لڳ ڀڳ 10 منٽ پنڊال تاڙين سان گونجندو رھيو ۽ ھرھڪ موجود منش پيرين اڀو بيٺو رھيو.
چانھ جي وقفي ۾ ڪامريڊ صوڀي، ابراھيم جويو کان شيخ اياز جي نہ اچڻ جو بڇيو، جنھن وراڻيو طبيعت خراب ھيس.
ھلندڙ ڪانفرنس دوران جڏھن ڪامريڊ صوڀو، شيخ اياز جي مزاج پرسيءَ لاءِ سندس گھر ويو تہ اياز چيس، طبيعت کي ڪجھ بہ ڪونہ ٿيو ھو، 'جوئي' سڄو احوال ڏنو ۽ واقعي چڱو ٿيو ڪونہ آيس. توکي جيڪڏھن ادبي ڪانفرنس ۾ مون کان وڌيڪ پذيرائي ملي تہ يار مان برداشت ڪونہ ڪري سگھندس.

چانڊڪا جون يادگيريو ن
شروعاتي ڏينھن
جڏھن اسان چانڊڪا ۾ 80 جي، شروعاتي ڏينھن ۾ سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۽ ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي سياست ڪندا ھئاسين، ان وقت قومپرست جيڪي انھن ملن کان بہ ٻہ ھٿ اڳتي ھئا، انھن تہ ڪڏھن 'سنڌ' کان پنھنجي گناھن جي معافي ڪونھي گھري. ھا، اڄڪلھ وڏا ترقي پسند ٿي پيا آھن

چانڊڪا جا ڪردار
ماما مڙس جي زبان آ,ڪو گڏھہ تہ ڪونھي جو گھُہَ ڪري بيھي رھي
(چانڊڪا جو ھڪ لازوال ڪردار، ڪنھن ڪنھن کي ياد آيو؟)
"چانڊڪا ۾ ھڪڙو ''شاگرد رھنما ''ھر دفعي جنرل باڊي ۾ خطاب ڪندي چوندو ھو "اڄ ھڪ ھڪاڻي ڪبي
پرنسپال وٽ پھچندي سندس پيرن تي ڪري پوندو ھو "ابو "آھين عزت رک ـ
"ٻاھر اچي گاريون ڪڍي چوندو ھو "مون چيو ھو ھڪ ھڪاڻي ڪبي

خالد محمود
خالد محمود سومرو، جميعت طلبہ اسلام جي نمائندگي ڪندي چانڊڪا ۾ پروگريسو اسٽوڊنٽس الائنس جو صدر ھيو.جنھن ۾ سپاف، ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن، پروگريسو جيئي سنڌ، سنڌي شاگرد تحريڪ شامل ھيون.
اھوMRD جي تحريڪ جو ثمر ھيو جو ھڪ پاسي JTI ترقي پسند قوتن سان سلھاڙيل ھئي ۽ ٻئين پاسي جمھوريت پسندن وڏي دل ڪري انھن کي پاڻ سان گڏ رکيو.
خالد محمود جڏھن سينيٽر ھيو، ان وقت عورتن جي مسئلي تي سندس موقف بہ اھو ئي ھيو جيڪو اڄڪلھ ان جي جماعت جو آھي.
سبق: ڌران ئي ڌاريا، مٽ مئيءَ جا نہ ٿيا

سترھين آڪٽوبر
ساٿي ٻارڙا سنگت طرفان سترھين آڪٽوبر 1984 تي مھين جو دڙو بڇايو ڪانفرنس رٿيل ھئي ۽ انھن ئي ڏينھن ۾ اسانجي ڪاليج طرفان ھائيجن ٽوئر رکيل ھئي .ھاسٽل جي ڪمري ۾ جڏھن مون حميد سومري کي ٻڌايو تہ مان ٽوئر جي لاءِ پئسا ڏئي نالو لکرائي آيـو آھيان تہ صفا ڪاوڙجي پيو .چيائين خبر بہ اٿئي ايڏو وڏو پروگرام رٿيل آھي، تون اسٽيج سيڪريٽري ھوندين پوءِ بہ ھروڀرو پنھنجي ٿو ھلائين
.مون چيو ھڪڙي پاسي ڏنگا ٻار پيا ڳالھيون ڪن تہ اسان اھا ڪانفرنس ڪرڻ ڪونہ ڏينداسين، ٻئي پاسي ڊپٽي ڪمشنر ھاشم ميمڻ بہ اجازتنامو جاري ڪونہ ٿو ڪري، يار مونکي تہ اھا ڪانفرنس ٿيندي نظر نٿي، سچي ھروڀرو گھمڻ جو .موقعو بہ تون وڃائيندين .منھنجي مڃ تون بہ ھل گڏ ھونداسي مزو ايندو.
حميد سومرو مڃڻ وارو ڪٿي ھو ۽ مان وري مڙڻ وارو ڪڏھن ٿيو ھيس .بس ايئن ٽوئر تي ھم ڪلاسين سان گڏ نڪري پياسين.
سترھين آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ علامہ اقبال اوپن يونيورسٽيءَ جي ھاسٽل ۾ يا گيسٽ ھائوس ۾ ھياسين چٽو ياد ڪونھي تہ اھا خبر آئي تہ ٽوڙي ڦاٽڪ تي حادثو ٿيو آھي، جنھن ۾ ڪجھ نوجوانن حياتيون بہ وڃايون آھن .اسان فيصلو ڪيو تہ پريس ڪانفرنس ڪري ان واقعي جي نندا ڪرڻ گھرجي پر ٽوئر ڪميٽيءَ دل نہ جھلي .ڌڻين بہ اھو چيو تہ ھي ڊينڊڙا شيطانگيري ٿا ڪن جي ھتي ٻڌجي پياسي تہ مالڪي ڪير ڪندو .
مھين جو دڙو بچايو ڪانفرنس تہ ضلعي انتظاميا ھڪ يا شايد ٻہ ڏينھن اڳ حڪمنامو جاري .ڪري بندش ھڻي ڇڏي ھئي پر پانڌيئڙن ۽ ٻين ڌر کي شايد وقت سر سُڌ نہ پئي ھئي.
جيڪو بہ ٿيو ڏاڍو خراب ٿيو، ان کانپوءِ اڳتي ڪوھ مري، پشاور، بحرين، ڪالام، لنڊي ڪوتل، خيبر تائين بس ڪٽڪ اسان جي .ٽوئر سان گڏ پئي ھليا .
ھڪ ڳالھ جيڪا اڃا تائين سيسراٽيون ڪڍيو ڇڏي، ھمراھن پوءِ بہ ھٿيار پنھوار دل تي خريد ڪيا


عبدالرحمٰن 'نقاش' ۽ انب گوپانگ
لنواري شريف جي لائبرريءَ مان شروع ڪيل عبدالرحمٰن نقاش جو سفر ۽ سندس انھن ڏينھن جي ھمسفر انب گوپانگ سان ستر جي ڏھاڪي ۾ ٿيل ملاقت کي الائي ملاقات بہ چئي سگھجي يا نہ.. اسان پانڌيئڙا جڏھن 'لنواري شريف' ڳوٺ ۾ اچي لٿا سين تہ شام جو ڏاڏو مون کي بازار جي ڏکڻ پاسي واري ان لائبرريءَ ۾ ڇڏي ويو جتي 'عبدالرحمان نقاش' ۽ 'انب گوپانگ' بہ موجود ھئا. وڌيڪ ڪجھ بہ ياد ڪونھي.

حلالي
مون 1986 ۾ ھڪ نامي گرامي ڌاڙيل سان ڪچي ۾ ڪچھري ڪئي،
کيس ھارين جي حال ۽ حقن نہ ملڻ جو ڏاڍو درد ھيو.
اھو ڌاڙيل علائقي ۾ ھارين سان انصاف ڪرڻ لاءِ مشھور ھيو.
جنھن بہ کري تي قبضو ڪندو ھيو، رڳو زميندار جو حصو کڻندو ھيو.
ھا باقي جنھن ڳوٺ جي ڀر ۾ رات پئي، اتي رات ملھائيندو ھو.
چوندو ھو وڏيرن کي نٿا جھلن، اسان ڪھڙو ڏوھ ڪيو.

اجُڪو
سنڌ ۾ بئراج ۽ نھري نظام انگريز سامراج ھتي جي زرعي استعداد کي لٽڻ لا ءَ قائم ڪيو. ڪجھ ناعاقبت انديش انھن آقائن جي تعريف ڪندي ناھن ٿڪبا .جن سنڌو ءَ جو اھو درياھي اچ وڃ جو سڄو نظام برباد ڪري ڇڏيو.
ياد رکجو انھي ساڳيَ دور ۾ انھن پنھنجي ملڪ ۾ اھو نظام قائم ڪيو ھيڪو اڄ سوڌو موجود آھي.
سنڌو درياھ ۾ پاڻي ءَ وارا جھاز 'ٻيڙا 'ھلندا ھئا. اھي سنڌ مھاساگر جي بندرن، ڪيٽي بندر ۽ شاھ بندر تان سازوسامان توڻي انساني چر پر لا ءَ استعمالَ ٿيندا ھئا.
سنڌو ندي ءَ جي بندرن 'جھرڪ'، 'سونڊا'، 'گدو'، 'آمري'، 'سيوستانَ'، 'دادو'، 'چڪرو' 'ويھڙ'، 'ڪاراڻي'، 'ٻلھڙيجي'، حسن واھڻ، 'عاقل'،َ 'سکر'، 'روھڙي ھزارين بندر ھئا جن وسيلي ڏيھ اندر توڻي ڏيھا ڏيھي وڻج واپار ٿيندو ھو.
سنڌوءَ ڪناري مشھور واپاري مرڪز ايئن ھوندا ھئا جيئن اڄڪلھ ڪا 'برانڊ' ھجي
'سيدپور''، 'خيرپور'، ''شاھ جمالَ''، 'ڪوٽڙي'' ان وقت جَا واپاري دڪا ''برانڊ ''آھنَ

ساروڻيون
سنگت جي اڪثريت جڏھن چانڊڪا ۾ پڙھائيءَ ۾ مگن ھئي. اسان وري سياست ۾ مگن ھياسين، سال بہ وڃايو. لطيف ميڊيڪوز، ايس اين ايس ايف، سنڌي ادبي سنگت چانڊڪا شاخ، ڊي ايس ايف. شاعري، تنقيدي نشستون، ادب، سياست، تقريربازي، ڊبيٽ بس، اھي ئي ڪندا رھياسين. ميڊيڪل جا ڪتاب رڳو امتحان ڏيڻ لاءِ پڙھياسين.
جڏھن وڃي گريجويشن ڪئيسين تہ ھائوس جاب مڙئي عزت ڀريو ڪيو، ڪجھ سکياسين. وري ستت ئي، سرڪاري نوڪري ملي وئي، ڪجھ عرصي کانپوءِ چانڊڪا ۾ موٽي اچي ماستر ٿياسين. اتي وري ماسترن جي تنظيم چانڊڪا ٽيچرس ايسوسيئيشن قائم ڪئي. جن ڏينھن ۾ سنگت ڪلينڪن يا ڪلينيڪل پوسٽ گريجويشن طرف پئي وئي مون بہ چائيلڊ ھيلٿ ۾ ڊپلوما ڪئي پر بعد ۾ سمجھ ۾ آيو تہ دڪان تي ويھي ڪنھن ٻار جي بيمار ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ منھنجي وس ۾ ڪونھي. ڀڄڻ ڪم وريام جو جي مصداق ڪلينڪل سائيڊ کي خدا حافظ چئي پبلڪ ھيلٿ ڏي ھلي پياسين. ان کانپوءِ وري اڳتي پڙھائيءَ ڪرڻ جي ڪڍ لڳاسين ھيلٿ ۾ ماسٽرس ڪري ورتي. ادب ۽ سياست تہ ڪاليج کان وٺي گڏ ھيو، ان ۾ وري سائنس، صحت، صحت جي سياست، صحت جي معاشيات، سماج جي صحت ۽ سوشل سائنس بہ شامل ٿي وئي.
جڏھن سرڪاري نوڪري ڪرڻ جي قابل نہ بچياسين تہ ان کي بہ اللہ حافظ چئي ھيلٿ سروسز، اڪيڊمي، آغا خان يونيورسٽي، سي پي ايس پي جھڙن تعليمي ادارن ۽ اقوام متحدہ جي ادارن يونيسيف، يو اين ايف پي اي، ڊبليو ايڇ او، ورلڊ بئنڪ جڳھ ڏني. اتي وري ھيلٿ، اڪانامڪس، سياست ۽ ڊپلوميسي جي خبر پئي. پوسٽ گرجويٽ سطح تي پڙھائڻ لاءِ وري ڪجھ گھڻو. ئي پڙھڻو ٿو پئي
ھاڻي سنگت کي اسان مان اميد آھي ان پراڻي ھم ڪلاسي، دوست يا واقفڪار جھڙي جيڪو پوئين بئنچن تي خاموش ويٺو ھوندو ھيو. سندن اميدن جي برعڪس جيڪا فخر، پڪ ۽ مھارت سان ڳالھ پيش ٿا ڪريون، ان کي ھو وري ڪجھ ٻيون سمجھي پنھنجي ڪاوڙ ڪڍڻ ۾ دير ئي نٿا ڪن.
ھاڻي ڪجي تہ ڇا ڪجي حق سچ جو ساٿ تہ ڏيڻو پوندو. باقي رھيا رٺل انھن کي بہ پرچائينداسين.

حصو ٻيو

شاگرد يونين

منھنجو 1978 کان 1981 تائين ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو ۽ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو جي شاگرد يونين ۾ متحرڪ ھجڻ جو تجربو آھي. ضيائي مارشل لا دوران بہ 3 دفعا چونڊون ٿيون ھيون، ليڪن جمھوريت دوست ڌرين جي ڪاميابي، شايد اقتدار ڌڻين کي قبول ڪونہ ھئي پھريان تعليمي، ادارن ۾ ھٿيار آيا پوءِ بندش انکانپوءِ جرمَ
مان ھيٺين نقطن سان متفق ناھيان. 1. شاگرد يونينز شاگردن جي تعليمي مسئلن ۽ مجموعي تعليمي صورتحال سان لاڳاپيل سوالن تي جدوجھد ڪرڻ بجا ءَ مکيه .سياسي تنظيمن جي معاملن ۾ وڌيڪ سرگرم رھيون.
2.انھن تعليمي ادارن ۾ تعليمي چٽا ڀيٽي ءَ وارن معاملن جھڙوڪ تعليمي نظام/ معيار، ڪورس، فين، ھاسٽلن وغيرہ کان .وڌيڪ وڏن سياسي معاملن تي وڌيڪ ڌيان ڏنو
حسڻ واھڻ ڍنڍَ
حسڻ واھڻ ڍنڍ، اسان جي ڳوٺ حاجي لعل بخشَ شيخ غلط العام ٻلھڙيجي کان 3 يا 4 ڪلوميٽر کن اتر اوڀر ۾ ھوندي ھئي جنھن کي ھاڻي سنڌو درياھ پائي ويو آھي.
مون اھا ڍنڍ ننڍي ھوندي ڏٺي ھئي . 1974 ۾ جڏھن مانَ مڊل اسڪول مھين جي دڙي ۾ اٺين ڪلاس ۾ پڙھندو ھوس تڏھن شايد آخري دفعو اسان اسڪولي ٻار، ڪجھ فنلينڊ جي سياحن سانَ گڏجي گھمڻ ويا ھئاسين.
مھين جي دڙي تي ايندڙ سياح جيڪي ضيائي مارشل لا کان اڳ جھجھيَ تعداد ۾ ايندا ھئا انھن لاءَ حسڻ واھڻ ڍنڍ ٻيڙي ۾ گھمڻ لاءَ ھڪ وڌيڪ ماڳ ھوندو ھو جيتوڻيڪ ڍنڍ تي ھڪڙو ننڍڙو اڪولتو 5 کان 10 ماڻھن جي سواري ءَ لائق بتيلو ھوندو ھو. ان کان علاوھ بند جي اندر ڪچي ۾ ھڪ کوھ تي ٻڌل نار ھوندو ھيو ۽ حسڻ واھڻ ڳوٺ ۾ ڪنڀرن جي آوي پڻَ سياحن جي دلچسپي ءَ جو مرڪز ھوندا ھئا.
ڍنڍ ۾ ًڪًڙھي تَوَڙي ڇاٽَ سان مڇي مارڻ پڻ سياحن لا ءَ دلچسپ نظارو ھوندو ھَو.َ حسڻ واھڻ ڳوٺ اڄڪلھ اڌ بند جي اندر آھي ۽ بعد ۾ بند جي اولھ طرف مھين جو دڙو ايرپورٽ جي اوڀر اتر ۾ وڌيو آھي

چئوماسو
ميگھ، برسارو, شھر جون گھٽيون, گھٽين ۾ بيٺل مينھن جو پاڻي . ڪالم نگار،صحافي, رٽائر پروفيس, ڊاڪٽر،انجنيئر, وڪيل, سياسي رھنما, قومي ڪارڪن, دوڪاندار. ٻار، ٻڍا، عورتون، مرد مطلب ھرڪو پريشان.
ڪالم نگار پروفيسر پنھنجي گھٽي ءَ ۾ ٺھيل قبضي واري بيٺڪ وٽ پئي ٻڌايو تہ بي ايمان ڪائوسلر، ٽائون ڪميٽي ءَ جي نالائق چيئرمن ۽ بدڪردار ميئر جي ڪري، اسان جو پاڙو ٻڏي ويوآھي انڪري ايندڙ اليڪشن ۾ اسان کي ووٽَ نہ ڏيڻ گھرجي

ڪڻڪ ۽ ٻير
ڪڻڪ جي فصل ۾ بيٺل ٻير ڌوڻي، ٻير ميڙڻ مھل جڏھن ھاري اچي ويندو ھيو تہ ان وقت ٻير ميڙڻ وارن ٻارن ۽ ھاريءَ جي حالت رڳو ياد ڪري سگھجي ٿي،
بيان ڪرڻ مشڪل آھي.

ڀٽائي ميوزم ڀٽ شاھ
ڀٽائي ميوزم ڀٽ شاھ تي 26 مارچ 2019 پنھنجي ٻارن کي ڀٽائي جي سٌرَ ڪاپائتي جي باري ۾ پئي ٻڌايم تہ, ھن راڳڻي ءَ ۾ ڪيئنَ ڀٽائيءَ ڪپھ کان ڀرتَ تائين جا سڀئي مرحلاَ بيان ڪندي، انَ ۾ ھارياڻي توڙي ھنرمنَد عورتَ جو عڪس چٽيو آھي.
ايئن ڪندي اتي موجود ثقافت کاتي جو ھڪ ملازم وارد ٿيو. چيائين اھو غلط آھي.''سرڪار ھنَ ۾ نبي پاڪ ۽ اللہَ تعالا جو ذڪر ڪيو آھي.''
مون وراڻيو "توھان کان ڪنھن پڇيو" ھمراھ ڪاوڙجي پيو.
ثقافت کاتي کي گھرجي تہ ميوزم اندر ڪنھن کي اھا اجازت نہ ڏين جو ڀٽائيءَ جي پيغام کي پنھنجي ڪم علمي جي ور چاڙھي.

ڳوٺ سڌار
اسان جڏھن ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا ورتي ھئي تڏھن ميڊيڪوز جو رواج ھو. ضيائي مارشل لا ۾ ڳوٺ سڌار تحريڪ جي نالي واري ھڪ تنظيم جوڙَيَ ڪجھ سياسي ڪارڪنن کي جزوقتي روزگار مھيا ڪيو ويو. مشرفي مارشل لا ۾ وري سول سوسائٽي ڦٽي نڪتي، ترقي جي نالي ۾َ سياسي ڪارڪنن کي ڪاروبار جو ڏس مليو. اڄڪلھ مارشل لا ظاھر ته ڪونہ ٿي آھي پر تبديلي پسندن کي سياسي نبض جانچڻ لا ءَ لڳي ٿو ميدان ۾ موڪليو ويو آھي. شروعاتي مُھرن مان ھڪڙي اڄڪلھ سڻڀي عھدي تي موجود آھي، باقي واري جو انتظار پيا ڪن.
اسان مان ڪيترن کي شايد اھا خبر نہ ھجي ـ ڳوٺ سڌار تحريڪ ون يونٽ ۽ ايوبي آپيشاھي جي بيسڪ ڊيموڪريسي واري نعري جو حصو ھئي. جنھن کي وري ضيائي دوَرَ ۾ جياريو ويو ھو. سنڌ ۾ مختلف وقتن تي ڳوٺ سڌار جي عنوان تحت سرڪاري سرپرستي ءَ ۾ غيرسياسي تحريڪون برپا ڪرڻ جو ڪوششون. ڪھڙن سببن ڪري ناڪام ٿيون. انھن سڀني جي پس منظر تي ڪا مستند تحقيق جيڪڏھن ڪنھن دوست جي نظر ۾ ھجي تہ مھرباني ڪري ونڊ ڪري
ڳوٺ سڌار، سنڌ سڌار تحريڪ ,
ڪراچي لوڪل گورنمنٽ,
ڳوٺ سڌار ھلچل برٽش سنڌ 1938
ڳوٺ سڌار تحريڪ - ايوبي مارشل لا 1960
ڳوٺ سڌار سنگت - ضيائي مرشل لا 1980
نوٽ : 1980 ۾ قائم ٿيل ڳوٺ سڌار سنگت ٻلھڙيجي، جنھن جو مان فائونڊر جوائنٽ سيڪريٽري ھيس، ان جو مٿي ذڪر ڪيل تحريڪن مان ڪنھن بہ مرڪزي تحريڪ يا سلسلي جو حصو ڪونہ ھئي .اھا ھڪ اڪيلي ڳوٺاڻي رجسٽرڊ غيرسرڪاري تنظيم .ھئي جنھن کي، اڻڄاڻايل سبب تحت غيرموثر ڪري موت جي ننڊ سمھاريو ويو.

ٺٽو ۲۰۰۴ کان ۲۰۰۷
District Program Officer MoH-UNFPA, 7thCP.
مون 2004 کان 2007 تائين ٺٽي، ضلعي ۾ ڪم ڪيو.
1. 15 عدد سرڪاري اسپتالن ۾ ليبر روم جي مرمت، گھربل سازوسامان، بين الاقوامي معيار جا آلات ۽ دوائن جي بندوبست سان 24ڪلاڪ روزانو، ھفتي جا 7 ڏينھن خدمتون آڇيندڙ ويم گھر قائم ڪرايا.
2. ضلعي اسپتال ۾ آپريشن ٿيئيٽر قائم ڪري ويم جي آپريشن جي سھولت قائم ڪئي. اتي نشي ڏيڻ وارو ڊاڪٽر ۽ گائناڪالاجسٽ مھيا ڪئي.
3. ضلعي اسپتال ۾ ٻارن ۽ نوزائيدہ جي وارڊن جي مرمت ۽ گھربل سامان فراھم ڪرڻ ۾ ھٿ ونڊايو.
4. ضلعي اسپتال ۾ امرجنسي وارڊ، جنرل سرجري وارڊ جي مرمت ۽ ليباريٽري قائم ڪرڻ ۾ ھٿ ونڊايو.
5. نرسنگ اسڪول جي مڪمل بحالي، پاڻيءَ جو بندوبست ڪري ان ۾ مڊوائفري اسڪل ليباريٽري قائم ڪرائي.
6. گائني ۾ پوسٽ گريجويٽ روٽيشن جي پنھنجي تصور کي آزمائشي طور لاڳو ڪيو.
7. ڊي ايڇ او آفيس، ۾ دوائن جو گدام قائم ڪرايو.
8. ڊي ايڇ ڊي سي ڪامپليڪس ۾ ڪانفرنس روم جي تزئين ۽ ان جي ھاسٽل جي مڪمل مرمت ۽ بحاليءَ جو ڪم ڪرايو.
9. ليڊي ھيلٿ ورڪرس کي وائرليس فونون ملڪيتي حقن سان وٺرائي ڏنيون
9. ليڊي ھيلٿ سپروائزرن کي موبائيل فونون مڪليتي حقن سان وٺرائي ڏنيون.
10. ڊي، ايڇ او کي ڊبل ڪيبن گاڏي ۽
11. پاپوليشن ويلفيئر، آفيسر کي سنگل ڪيبن گاڏي ڏياري.
12. پاپوليشن ويلفيئر طرفان ''موبائيل سروس يونٽ'' جو ڪامياب تجربو ڪيو، جنھن کي بعد، ۾ سنڌ حڪومت جاري رکيو.
13. ٺٽي ۾ DTC, MMC, DHPMT جي ماھوار گڏجاڻين جو بنياد رکيو
14. ڇوڪرين جي 7 پرائمري اسڪولن جي مرمت ڪرائي استاد، فرنيچر، ھاجت جي جاءِ ۽ چئو ديواريءَ جون سھولتون ڏئي تعليم جو سلسلو بحال ڪرايو ـ
15. ضلعي اندر 10 ھاءِ اسڪولن ۾ لائبرريون قائم ڪرايون، انھن کي فرنيچر ۽ ڪتاب وٺرائي ڏنا.
16. ضلعي حڪومت کي تعليم جو مھينو ملھائڻ لاءِ راغب ڪيو ۽ مدد ڪئي.
17. ضلعي ۾ 2 نان فارمل گرلس مڊل اسڪول قائم ڪرايا.
18. مڪليءَ ۾ ھينڊز کي ٽُڪَ جو ھنري مرڪز کولڻ ۾ مدد ڪئي.
19. سجاول ۾ 'ڪارچيو' جو ھنري مرڪز قائم ڪرايو.
20. ڪمپيوٽر سينٽر ميرپو بٺورو ۾ قائم ڪرڻ ۾ مدد ڪئي.
21. سجاول ۾ آغا خان اسپتال ۾ ھٿ ونڊايو.
22. پاڪستان ۾ پھريون ڀيرو ''ڪميونٽي مڊوائفري'' جي تصور تحت نصاب مرتب ڪرڻ، ملڪي، سطح تي پڙھائيندڙ عملي جي تربيت جو ڍانچو تيار ڪرڻ ۾ حصو ونڊرايو.
23..موجودہ DHIS جي ترتيب ۽ فيلڊ ٽيسٽنگ ۾ حصو ونڊرايو.
24. ليڊي ھيلٿ سپروائيزر جو تربيتي ڪراب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرايو.
25. ليڊي ھيلٿ ورڪر کي انجيڪٽبل ڪنٽراسيپٽو استعمال ڪرڻ جي پروگرام جو بنياد وجھڻ ۾ ھٿ ونڊرايو.
26. مقامي خاتون ڊاڪٽر، نرسون ۽ ايل ايڇ وي ڀرتي ڪرڻ جو تجربو ڪيو.
27. سجاول ۾ گھر تي وڃي ويم ڪرائڻ جو مرڪز قائم ڪيو.
28. ميرپو بٺورو اسپتال جي آپريشن ٿيئيٽر، ليبر روم ۽ لاڳاپيل وارڊن جي مرمت، سازوسامان فراھم ڪيو.
29. ميرپور ساڪرو اسپتال جي آپريشن ٿيئيٽر، ليبر روم ۽ لاڳاپيل وارڊن جي مرمت، سازوسامان فراھم ڪيو
30. سجاول اسپتال جي آپريشن ٿيئيٽر، ليبر روم ۽ لاڳاپيل وارڊن جي مرمت، سازوسامان فراھم ڪيو
31. گھارو اسپتال جي آپريشن ٿيئيٽر، ليبر روم ۽ لاڳاپيل وارڊن جي مرمت، سازوسامان فراھم ڪيو
32. ٻگھاڻ اسپتال جي آپريشن ٿيئيٽر، ليبر روم ۽ لاڳاپيل وارڊن جي مرمت، سازوسامان فراھم ڪيو
33. ڪيٽي بندر اسپتال جي آپريشن ٿيئيٽر، ليبر روم ۽ لاڳاپيل وارڊن جي مرمت، سازوسامان فراھم ڪيو
34. جھوڪ اسپتال جي آپريشن ٿيئيٽر، ليبر روم ۽ لاڳاپيل وارڊن جي مرمت، سازوسامان فراھم ڪيو
35. دڙو اسپتال جي آپريشن ٿيئيٽر، ليبر روم ۽ لاڳاپيل وارڊن جي مرمت، سازوسامان فراھم ڪيو
36. ٻيلو اسپتال جي آپريشن ٿيئيٽر، ليبر روم ۽ لاڳاپيل وارڊن جي مرمت، سازوسامان فراھم ڪيو
37. ٻنون اسپتال جي آپريشن ٿيئيٽر، ليبر روم ۽ لاڳاپيل وارڊن جي مرمت، سازوسامان فراھم ڪيو
38. جنگشاھي اسپتال جي آپريشن ٿيئيٽر، ليبر روم ۽ لاڳاپيل وارڊن جي مرمت، سازوسامان فراھم ڪيو
افسوس اھو رھيو تہ انھي عرصي دوران سواءِ پريس ڪلب ٺٽي جي نہ ڪو سياسي نہ وري سماجي گروھ، تنظيم يا فرد لھ وچڙ ۾ آيو.


حمايت
ڪجھہ سنگت کي اھا غلط فھمي آھي تہ مان پ پ پ جي غيرمشروط حمايت ٿو ڪريان
جنھن جي وضاحت ضروري آھي مان جمھوري سياسي عمل ۽ سنڌ جي سرڪاري وسيلن جو حمايتي رھيو آھيان.. اوڻاين جي نشاندھي مون مالڪاڻي حق سان ڪئي آھي، دشمنيءَ ۾ نہ.پنھنجي روزگار ۽ پروفيشنل ذميوارين دوران مون ملڪ جي مڙني صوبن ۽ وفاق جي ڪم ڪرڻ جوموقعو مليو انھن جي ڪم ڪرڻ جو انداز، سنڌ جي مسئلن ۽ وفاق جي روئين کي ويجھڙائي کان ڏٺو آھي.
سنڌ جي موقف کي بہ ڏٺو آھي.
اھو چئي سگھان ٿو تہ ان کي مون عوام دشمن ڪڏھن ڪونہ ڏٺو.
رھيو سوال طرز حڪومت، پنھنجا نوازڻ ۽ ڪرپشن جو تہ اھو چوندو ھلان مون سڄي پاڪستان ۾ ڪٿي بہ فرشتا ڪونہ ڏٺا. اھي سرڪار، اقوام متحدہ جا ادارا، غير سرڪاري تنظيمون (جن کي عرف عام ۾ NGO چيو ويندو آھي) يا صحافي ھجن. ھر جڳھہ تي حالتون ڪو چڱيون ڪونھن.
اھو اسان جو سماجي رويو بڻجي ويو آھي.
انھي سڄي صورتحال ۾ پاڪستاني وفاق اندر ننڍين قومن جو ڀرجھلو مون صرف پ پ پ کي ئي ڏٺو.
باقي توھان جو فيصلو
مون تي جھڙي بہ فتوا جاري ڪريو.
باقي رھيا الزام، اھي سڀئي اکين تي

سنڌ ميوزم
ڪالھ ۱۵ نومبر ۲۰۱۹ تي پرڏيھي مھمانن سان گڏ سنڌ ميوزم حيدرآباد وڃڻ ٿيو. چئوديواريءَ ۾ بند ميوزم واري حصي کي بھتر حالت ۾ ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي. جتي ترقياتي ڪم اڃا بہ جاري ھيو. پرڏيھي مھمانن سنڌ جي ثقافت ۽ تاريخ کي بھترين انداز ۾ محفوظ ڪرڻ کي ساراھيو. مڱڻھارن جي مجسمن کي ڪپڙا ڏکڻ پنجاب جا پھريل ھئا ۽ ڳچيءَ ۾ دھل بہ انھي علائقي جا ھين.
کليل ميوزم ۾ ترقياتي ڪم جاري ھيو.اتان 'نارُ'، 'گھاڻو'، چيڪلو ۽ ۳ عدد خوبصورت اوائلي ٿري ڏاند گاڏيون منظر تان غائب ڏسي ڏک بہ ٿيو. اڳي ھرڻيون بہ ھونديون ھيون، انھن جي جاءِ تي چنئورا ٺھيل ھئا. جن کي بہ قلف لڳل ھئا جيڪي کولڻ وارو ہہ ڪونہ لڌو.
'لانڍيءَ' تي خبر ناھي ڪھڙي عقلمند، 'اوطاق' جو بورڊ ھڻايو آھي. سامان سڄو ھڪ 'گھر' جو رکيل ھيو. تخطي وري اوطاق جي لڳل ھئي.
مک دروازي جي سڄي ھٿ واري ڀت تان ھارپي جا 'اوزار' جھڙوڪ ھر، ناڙي ھر، ڏانداري وغيرہ پڻ غائب ھئا. اتي تصويرون لڳيون پيون ھيون.نارُ تہ غائب ھيو پر کوھ کي ڏوڪيءَ سان پاڻي ڀرڻ واري چرخي ھڻي، ٿري طرز تي ٺاھيو اٿن، ھاڻ ان کوھ جي صفائي ڪير ڪندو؟ گندو پاڻي، مٿان ڀانت ڀانت جو ڪچرو، مڇرن جي ھيچري لڳي پئي ھئي.
کليل ميوزم واري حصي ۾ ھڪ 'کبڙ' جو خوبصورت وڻ ھوندو ھيو،جنھن مان پروڪي سال 'پيرون' کاڌا ھئا، اھو بہ غائب ھيو.
تصوف
ھن دور م 'تصوف' جھڙي منجھيل فلسفي جي انڌي تقليد ڪرڻ دراصل مذھبي انتھا پسند قوتن جي ھٿن ۾ کيڏڻ جي برابر آھي.
مذھب جنھن جو ڪارج برابري ۽ صحتمند سماجي ترقي ھجڻ گھربو ھو ان کي انسانن خلاف استعمال ڪيو پيو وڃي.
ھاڻ جڏھن اھا ڳالھ سج جيان ھر عام و خاص تي عيان ٿي چڪي آھي ان وقت ڀرندڙ سرمائيداري نظام پاران ھڪ نئون 'آفيم' وڏي زور شور سان 'تصوف' جي نالي ۾ متعارف ڪرائڻ جي ڪوشش آھي.
ڪنھن بہ طريقي سان سماج کي ايئن ڀلايو جيئن ماڻھو روزمرھ جي سماجي مسئلن تي سوچڻ ۽ ان لاءِ ڪنھن ڪارآمد سائنسي طريقي مطابق گڏيل جدوجھد ڪرڻ بدران اھڙي دڳ سان لڳل ھجي جنھن جي منزل انفراديت، ذاتي سڪون، سماج کان لاتعلقي تي وڃي انت ڪري.
ھڪ پاسي ـ تصوف جي نالي تي درگاھن ۽ انھن جي پيرن، خليفن، مجاورن توڻي نام نھاد فقيرن پاران ''سماجي ڀيل'' تي نظر ڊوڙايو.
ٻئي پاسي ـ ترقي پسند روشن خيال سڏائيندڙ انھن لکارين (جن کي مان جديد اداڪار طور سڃاڻندو آھيان) جون فتوائون پڙھو. انھن جو ڪھڙو ڏوھ پاپي پيٽ جو سوال آ روزي روٽي انھي پراجيڪٽ سان سلھاڙيل آھي.
ٽئين پاسي ـ ملڪي سرڪار سماجي ڀڃ ڊاھ، انتظامي نااھلي، مھاڪرپشن، اقرباپروري مطلب تہ ھر قسم جي ڏوھ کي انھي نئين 'تصوف' جي پيڪنگ ۾ کپائڻ جي چڪر ۾ رڌل نظر ايندي جتي گيڙو رومال ڳچي ۾ وجھڻ سان تعليم، صحت، پاڻي، روزگار مطلب سماج جا سڀ مسئلا پوئتي شخصي سڪون آدرش ۽ حاصلات ئي سڀ ڪجھ.
چوٿين پاسي ـ عالمي سرمائيداري اسٽيبلشمينٽ آمريڪا جي قيادت ۾ پنھنجي سفارتخاني طرفان 'صوفي' شامون ملھائڻ لاءِ وڏاوڏا پراجيڪٽ نوازي ترقي جي خواھشمندن (جيڪي اڄڪلھ پاڻ کي ترقي پسند ٿا چورائن) کي ميدان ۾ لاٿو آھي جيئن سماج جي اجتماعي سوالن کي انفرادي سڪون سان زائل ڪري سگھجي.
ھر طرف توھان کي انھن ملڪن (جيڪي دنيا اندر ھڪ طرفي جنگين ۾ رڌل آھن) طرفان صوفي ڪانفرنسون، راڳ رنگ جون محفلون، اخبارن ۾ اسپانسرڊ مضمون، ايستائين جو بلاگ پڻ ڪنھن نہ ڪنھن پراجيڪٽ جي ڪارڪرگي طور لکيا ٿا وڃن.
اھو ايئن آھي جيئن ڪنھن مھلڪ مرض جي مريض کي صرف مٿي جي سور لاھڻ لاءِ ترت اثر ڪندڙ دوا ڏئي عارضي طور مٿي جي سورکان ڇوٽڪارو ڏيارجي نہ ڪي مرض کان.
انھن سڀني ساٿين تي جن کي ھن سڄي کيڏ کي سمجھڻ جي سگھ آھي اھو لازم آھي تہ نوجوانن جي رھنمائي ڪن ۽ 'تصوف' کي سماجن اندر نئون "آفيم" ڪري استعمال ڪرڻ جي انھي عمل کي بي نقاب ڪن.

سَتوُ
ڪرپشن تي ڀانت ڀانت جا مثال، تبرا ۽ سوال ڪرڻ جو مطلب ٿيندو ''اسان سڄي عمر 'ڪڍي' ميڙيندي گذارينداسين'' ڪڏھن بہ فصل، لاب ۽ لاڀ جو نہ سوچينداسين.
ڪرپشن تہ اسان جھڙن ملڪن ۾ مروج معاشي نظام جي پيداوار آھي. اھو ڪيئن ممڪن ٿيندو جو اسان پوکيئون 'جوئر' ۽ بٽئيءَ مھل فرمائش ڪريون 'ڪڻڪ' جي. جيستائين اسان پنھنجي ملڪ جي معاشي نظام اندر موڙيءَ جا اصول، سرمائيڪاري ۽ سرمائيداري، پورھيئي، لياقت ۽ اجوري جا مروج اصول نہ بدلائينداسين 'ڪرپشن' موجود رھندي.
جديد سرمائيداراڻي معيشيت ۾'جنگ'ـ ڪاروبار، 'مذھب' ۽ ''قومپرستي'' ـ سَتوُ، ۽ بئنڪون ـ ھٿيار طور استعمال ھيٺ آھن.
برابري يا سراسري
برابري ھڪ اھڙو مفروضو آھي جنھن جو مطالبو ڪندڙ اصل ۾ لکت ۾ تسليم ڪندا آھن تہ "اسان سماج کي سمجھڻ کان قاصر ۽ ڀليل آھيون"
سماج ۾ جنھن جي روئيي جي سخت اڻاٽ آھي ۽ جنھن جي پوئتي پيل طبقن کي اشد ضرورت آھي، اھو آھي سراسري
سراسريءَ جو مطلب آھي، سماج ۾ موجود ''پوئتي رھايل طبقن بشمول عورت'' کي اھڙو ماحول ۽ موقعو فراھم ڪجي جيئن اھي سماج ۾ پاڻ ڀرا ٿي پنھنجو ڪردار ادا ڪندي، خودمختيار ۽ با اعتماد شھري بڻجي سگھن. جيستائين اسان باقي منزلون ماڻيون، تيستائين منھنجي نظر ۾ 'تعليم' اھڙو وسيلو آھي جنھن سان سماج ۾ موجود، اڻبرابريءَ جي عذاب کي ختم نہ تہ گھٽ ڪري سگھجي ٿو.
رڳو نمائشي قدم کڻڻ سان شايد ئي ڪو ان جگڙو ڳنڀير مسئلو حل ٿئي. ان لاءِ گڏجي ڪو اھڙو طريقو ڪڍو جو اسڪول کان ٻاھر ٻار، بنا ڪنھن صنفي مٿڀيد جي اسڪول ۾ داخل ٿي سگھن.
ان لاءِ عوام جي ملڪيتي ادارن جن کي غلط العام سرڪاري چوندا آھيون, ۾ پنھنجا ٻار بہ داخل ڪرايو ۽ انھن ادارن خلاف اجائي مھم پڻ بند ڪريو. جيئن ماڻھن جو انھن ادارن تي، اعتماد بحال بہ ٿئي ۽ پختو بہ ٿئي. جيڪڏھن ڪي ڪمزوريون آھن تہ اھي شموليت سان دور ڪري سگھبيون.
وڌيڪ نٿو پڄي تہ گھٽ ۾ گھٽ پنھنجي گھر کان شروع ڪريو!

هولي ـ سنڌ جو زرعي تھوار
سنڌيءَ ۾ ڪڻڪ جي داڻي جي ابتدائيح شڪل کي ''هولو'' چوندا آهن. ان وقت داڻي جو رنگ ڪڻڪائون ٿي ويندو آهي ۽ لذت اچي ويندي اٿس. ان حالت ۾ داڻو نرم ۽ رسيل هوندو آهي. شڪل بلڪل ڪڻڪ جي داڻي جي وٺي چڪو هوندو آهي. بس رس سڪڻ جي دير هوندي آهي. سڪل رس واري حالت ۾ داڻو نرم هوندو آهي ۽ ان وقت سنگ کي ''آڀون'' چئبو آهي
ڪڻڪ جا هولا ھٿ جي تريءَ تي مھٽي ڦوڪ ڏئي ڪچا کائبا آهن ۽ آڀون وري باھ تي سيڪي يا پچائي تريءَ تي مھٽي ڦوڪي کائبا آهن.
اسان ٻاراڻي توڙي جوانيءَ ۾ اهي. ٻئي مزا ماڻيا آهن
ڪونج ڪڻڪ جا هولا ۽ آڀون ڪهڙي ڳالھ ڪيان.
هي تھوار هاري پنھنجي ڪڻڪن ۾ اَنُ (هولو) پچڻ جي خوشيءَ ۾ ملھائيندا هئا جنھن هاريءَ جي ڪڻڪ ۾ هولا تيار ٿيندا هئا ان کي داڻن جو آسرو هوندو هو. هتان جا اڪثر شھري غير مسلم هئا ۽ ھندستان جي اڪثر مسلم اڪثريتي علائقن ۾ اها رسم ڪونہ هئي انڪري ٻاهران آيل ماڻھن لاءِ هي تھوار اوپرو هيو نتيجي ۾ اسان جي زرعي تھوار کي مذهبي رنگ ڏئي پرائو ڪيو ويو
اچو تہ پنھنجا تھوار ورايون
نوان تھوار قائم ڪرڻ سٺي ڳالھ آهي پر پراڻن کي ياد رکڻ پڻ اسان جو فرض آهي.

عوام دوست انقلاب
سرمائيدارڻين جمھوريتن مان اليڪشن ذريعي عوام دوست انقلاب لاطيني آمريڪا ۾ تہ برپا ٿيندي ڏٺا آھن. باقي اسان جي ايشيا ۾ ڪو مثال ڪونھي. ايستائين جو ڪيرالا بہ بنياد پرست فتح ڪري ويا.
جيڪڏھن ڏٺو وڃي تہ مڊل ڪلاس جو ڪردار اسان وٽ ڪھڙو رھيو آھي؟
جواب ملندو سدائين مايوس ڪندڙ.
ھن وقت جي سڀ کان وڏي گھرج آھي تعليم ـ ان لاءِ منظم ٿيڻ کانسواءِ فيس بوڪ جي سراب ۾ ڪو نتيجو نڪرڻ وارو ڪونھي. وڌندڙ بي ھنگم آبادي، نيون نيون بيماريون، کاڌخوراڪ جي اڻاٺ ۽ نئين ٽيڪنالاجي جي منفي اثرن کان صرف ۽ صرف تعليم بچائي سگھي ٿي.
تعليم رياست طرفان مفت فراھم ڪئي پئي وڃي. ان جي معيار کي بھانو بڻائي ٻارن کي سرمائيداري جي ڪوڙڪي خانگي اسڪولن حوالي ڪرڻ واري عمل جي رستا روڪ ڪرڻي پوندي.
ڇال ڏئي منزل تي پھچڻ واري روئيي کي پڻ مسلسل جدوجھد ۽ عمل سان تبديل ڪرڻو پوندو.
پنھنجي، اسڪولن، اسپتالن، راندين جي ميدانن، وڻن، رستن مطلب جنھن کي سرڪاري تا چئون ان ھر ملڪيت جي مالڪي ڪرڻي پوندي،
شموليت سان، قبضي سان نہ.
منھنجي عقل مطابق اھو ئي مناسب حل آھي

پروفيشنل
جن صرف 'سَنَدَ' حاصل ڪئي آھي.
اھي مستري ٿيڻ تيار ٿيا آھن.
جڏھن سيکڙاٽ طور ڪم شروع ڪندا تہ اڳتي ھلي 'مستري' ٿيندا. پنھنجي فن کي وڌيڪ نکاري ڪاريگر ٿيڻ لاءِ کين پنھنجي لاڳاپيل شعبي ۾ وڌيڪ علم ۽ ڄاڻ پڻ حاصل ڪرڻي پوندي ۽ گڏوگڏ عملي ڪم ۾ گھربل سطح جي مھارت حاصل ڪرڻ لاءِ محنت بہ ڪرڻي پوندي.
جيڪڏھن رڳو 'سند' جي زور تي قائم رھيا تہ سڄي ڄمار 'سيکڙاٽ' رھجي ويندا.
'ويڃ' ٿيڻ تہ درڪنار، مورڳو 'ڪويڄ' ٿي پوندا.
خدمت کان ڌنڌي جو سفر:
تعليم (پاڙھڻ) ۽ صحت (علاج يا ڪنھن مريض جي سارسنڀال ڪرڻ) جڏھن کان سرمائيداريءَ جي مھربانيءَ سان "خدمتن" مان مٽجي 'ڌنڌا' ٿيا.
اسرندڙ ملڪن(سماجن) ۾ پنھنجي واٽ وڃائي ويٺا آھن. ھاڻي نہ خدمت رھيا آھن ۽ نہ ئي وري ڪو ڍنگ جو ڌنڌو ٿي سگھيا آھن.

حصو ٽيون

ڀورائيءَ جا ڀال
زبان، نسل ۽ مذھب جي دڪانداريءَ کانپوءِ اڄڪلھ وري سنڌ کي سرمائيداري جو وکر پيو آڇجي. جنھن سرمائيداريءَ دنيا کي تاراج ڪيو آھي، اھا سنڌ کي ڪھڙا ھار پارائيندي.
زرعي سماج جڏھن صنعتڪاري ءَ کي ھٿي وٺائي صنعتي سماجن ۾ تبديل ٿيندا آھن تڏھن سماجي ترقي ٿيندي آھي ۽ سماج ۾ صنفي برابري، تعليم، صحت، روزگار جا وسيلا، روزبروز جون سھولتون(جن کي 'مڪاني' سھولتون چيو ويندو آھي) وغيرہ اجتماعي طور ميسر ٿينديون آھن.
اھا ساڳي صنعتڪاريءَ واري سماجي ترقي جڏھن سماج بدارن چند ھٿن ۾ موڙيءَ جي شڪل ۾ قيد ٿي سرمائيداريءَ کي جنم ڏيندي آھي تہ سماج لوڙيندا آھن.
سنڌ کي سرمائيڪاري ۽ صنعتڪاريءَ طرف سوچڻ گھرجي, گڏيل سرمائيڪاريءَ کي ھٿي وٺرائڻ گھرجي ۽ سرمائيداريءَ کان ھوشيار ھجڻ گھرجي.
جنھن سرمائيداريءَ دنيا کي تاراج ڪيو آھي، اھا سنڌ کي ڪھڙا ھار پارائيندي.

سرمائيداريءَ جي عينڪ ۽ زرعي سڌارا
سرمائيداريءَ جي عينڪ سان زرعي سڌارا ڪڏھن بہ بھتر قدم ڪونہ لڳندا. ان لاءِ ان ھاريءَ جي دماغ سان سوچڻو پوندو جنھن جنمن کان ٻئي جي ملڪيتي ٻنيءَ تي ھارپو ڪيو آھي.
ايتري تائين جو جنھن گھر ۾ ھو رھي ٿو اھو بہ ڪنھن ٻئي جي ملڪيتي ٻنيءَ ۾ آھي ۽ جڏھن چاھي کانئس خالي ڪرائي سگھي ٿو.
ھو جيڪڏھن پنھنجا ٻار اسڪول موڪلڻ بہ چاھي تہ اھو سندس وس ۾ ڪونھي.
استحصالي روايتن موجب ھاري ٻارين ٻچين غلاميءَ جي حد تائين نہ رڳو ٻنيءَ ۾ پر زميندار جي گھر بہ ڪم ڪرڻ لاءِ مجبور آھن.
سندن واحد ملڪيت پيٽ ڄاون ٻارن جو تعداد آھي، نتيجي ۾ مختصر خاندان ڄڻ ديواني جو خواب ٿي وڃي ٿو. غربت، ٻارن جي گھڻائي، زال جو ھرسال ڳورھارو ٿيڻ، ٻارن ۾ نہ ھجڻ جھڙو وقفو وري بيمارين جو گھر بڻجيو وڃي.
ھاريءَ جي خالي 'گندي' ان جو ثبوت آھي تہ ھو پنھنجي کائڻ جيتري بہ اپت ڪونہ ٿو کڻي.
پئسي وارن فصلن مان کيس ھارپو ڪونہ ٿو ملي، زميندار جي منشا مطابق مزدوري ملي ٿي جيڪا ڪنھن بہ لحاظ کان نام نھاد 'مارڪيٽ' جي اگھ کان گھڻو گھٽ ھوندي آھي.
سنڌ ۾ موجود بک، بدحالي ۽ غذائي ڪمي کي منھن ڏيڻ لاءِ بي زمين ھارين کي جيڪڏھن 16 ايڪڙ مالڪاڻي حق ۽ ھارپي جي شرط تي ملن ٿا تہ ان سان 'غربت' ۾ گھاريندڙ ھارين جو ڀلو ٿيندو.
باقي زرعي سڌارن کي جيڪڏھن ڇڙواڳ سرمائيداري [عالمي مارڪيٽ] جي نظر سان ڏسبو تہ اھو عمل سماج دشمن ئي نظر ايندو.
زرعي سڌارن جو اھو مطلب ڪڍڻ تہ رڳو زمين جا ڪاغذ ڪنھ. ھاريءَ ھي نالي منتقل ٿيندا مناسب ڪونھي.
زرعي سڌارن ۾:
① زمين جو حق ملڪيت
② پاڻ ھارپي جو شرط
③ فصل جي چونڊ ۾ سھائتا
④ مارڪيٽ تائين رسائيءَ جو نظام
⑤ ٻارن جي تعليم جو شرط
⑥ صحت ۽ تعليم جون جوڳيون سھولتون
⑦ نوان ھارين جا مثالي ڳوٺ آباد ڪرڻ
⑧ ھارين کي تنظيم جو حق ڏيڻ
⑨ بنا وياج جي ٻج ۽ زرعي ٽيڪنالاجيءَ تائين رسائي
⑩ گڏيل [اجتماعي] ھارپي [ڪاشتڪاري] جي تربيت
⑪ گڏيل ميويدار وڻن جا جھنگ پوکڻ جي تربيت
⑫ گھرو 'واڙيون' پوکڻ جي تربيت
⑬ پاڻيءَ جي بھتر استعمال جي تربيت
ھيءَ تصوير جنھن ۾ ھاريءَ جو سمورو ڪٽنب نٽھڻ اس ۾ ڪڻڪ جي لاباري تي آھي ان استحصال جو ھڪ نمونو آھي، جنھن کان ڇوٽڪاري جو واحد حل زرعي سڌارا آھن. زرعي سڌارن کي روڪڻ جا ڄاڻندي ۽ اڻڄاڻائيءَ ۾ ٿيندڙ جتن ٻيو نہ تہ گھٽ ۾ گھٽ اھو ضرور ثابت ڪن ٿا تہ اسان مسئلي کي اڻڌريو ٿي سمجھڻ بدران مٿاڇرو ڏسي ان تي قلم کنيو آھي.
ھونءَ بہ طبقاتي سماج ۾ ھاري، مزدور ۽ عورت تي تنقيد ڪرڻ سولو ۽ انھن جو پاسو کڻڻ ئي ڏکيو آھي. ساڻن گڏ بيھڻ ڄڻ ناممڪن ٿيو پوي.

گھٽ ۾ گھٽ بنيادي آمدني
ڪورونا جي ڪووڊ ـ ۱۹ قسم طرفان برپا ڪيل عالمي وبا جتي ملڪن جي صحت جي سھولتن واري معاملي ۾ پت وائکي ڪئي آھي، ايتري تائين جو اسپين صحت جي خانگي ادارن کي وبا جي ڏينھن لاءِ قومي ملڪيت ۾ وٺي ڇڏيو آھي.ھن عالمي وبا سرمائيداري معيشتن کي ھر شھريءَ لاءِ گھٽ ۾ گھٽ بنيادي آمدنيءَ جو رياست طرفان بندوبست ڪرڻ ۽ ضمانت ڏيڻ جو تصور پڻ اجاگر ڪيو آھي.
ان وقت جڏھن پوري دنيا جا معيشتدان، سياسي ڪارڪن، مزدور تنظيمون سوشل سيفٽي نيٽ تحت سماج جي ھيٺئين پرت کي ملندڙ مالي سھائتا کي گھٽ ۾ گھٽ بنيادي آمدنيءَ ۾ بدلائڻ جي گھر ڪري رھيا آھن، ان وقت سنڌ جو نام نھاد ساڃاھ وند وري ملڪ ۾ رياست طرفان انھيءَ سوشل سيفٽي نيٽ تحت ملندڙ ڀڳڙن مٺ واري مالي سھائتا کي ڪڏھن 'پنڻ'، ڪڏھن 'خيرات' يا وري سرڪاري 'امداد' ڪوٺي سنڌ ۾ ھلندڙ آيوڊين جي گھٽتاميءَ جو ثبوت ڏيڻ ۾ ڪوشان آھن.
رياست طرفان سوشل سيفٽي نيٽ تحت ملندڙ مالي سھائتا کي گھٽ وڌ ڳالھائڻ ۽ انھن بي پھچ خاندانن جي تضحيڪ ڪرڻ ڪٿان جي ساڃاھ وندي آھي.بجاءِ ان جي جو ويھي ماڻھن تي چٿرون ڪجن، انھن خاندانن مان انھن فردن کي جيڪي اڪثر عورتون آھن، ڪنھن تنظيمي رابطي جي شڪل ڏيڻ جي ضرورت آھي جيئن کين اھا مالي سھائتا گھر ويٺي ڏياري سگھجي ۽ ان جو مقدار رياست طرفان مقرر ڪيل گھٽ ۾ گھٽ ماھوار اجوري جي برابر ڪرائي سگھجي.
انھن خاندانن کي عوام جي ملڪيتي (سرڪاري) صحت ۽ تعليم جي سھولتن مان ڀرپور لاڀ حاصل ڪرڻ لاءِ تيار ڪجي. خاندان جو حجم مناسب رکڻ جو شعور، ادراڪ ۽ سھولتون حاصل ڪرڻ جي آگاھي ڏجي. اسان انھن لاءِ بدزبان استعمال ڪري کين پاڻ کان پري ڌڪي رھيا آھيون.
سرمائيداراڻوسماج ۽ ڪرپشن
سرمائيداراڻي سماج ۾ معاشي سرشتي جو بنياد ئي ڪرپشن تي ٻڌل آھي. ان مان سماجي، معاشي يا طبقاتي انصاف جي اميد رکڻ سمجھہ کان ٻاھر آھي.
جڏھن اسان جھڙن سرمائيداري معيشتن وارن ملڪن جو مالياتي نظام موڙيء َ ۾ واڌارو ڪرڻ تي ٻڌل آھي. رياستون، مرڪزي بئنڪون ۽ حڪومتون سرمائيڪارن کي اھو واڌو لاڀ حاصل ڪرڻ لاءِ نہ رڳو ھمٿائين پر مناسب ماحول بہ مھيا ڪن تہ انھن سماجن مان ھر طريقي سان منافعو يا فائدو حاصل ڪرڻ يعني ڪرپشن ڪيئن ختم ٿيندي.
ڇا اھي ملڪ، سماج، حڪومتون يا رياستون اھو چاھينديون تہ ھر حقدار کي پنھنجو مناسب حق ملندو رھي، جنھن کي "لياقت آھر پورھيو ۽ پورھيئي آھر اجورو" چئبو آھي. ڪڏھن بہ نہ ـــ
ان جو مطلب تہ 'ڪرپشن' ختم ڪونہ ٿيندي، رڳو عام کي بيوقوف بنائڻ لاءِ استعمال ٿيندي.
ڪجھہ ناعاقبت انديشن کي شايد اھو احساس ئي ڪونھي تہ 1973 جي آئين ۾ 18 ترميم جي طفيل پھريون ڀيرو پاڪستان ۾ صوبن جي حيثيت وفاقي رياستن جي جڙي آھي. جنھن ۾ ملڪيتن جو حق، تعليم، صحت، امن وامان، ثقافت، سياحت، تاريخي ماڳ مڪان، آبي ۽ معدني وسيلا وغيرہ انھن جي عملداريءَ ۾ آيا آھن. اسان کي ساحلن جي مالڪي جو مطالبو ڪرڻ گھرجي جيڪو بلوچستان سالن کان ڪندو اچي. انھي ڪرپشن واري منفي پروپيگنڊا جو شڪار ٿي، 18 ترميم تان ھٿ کڻڻ ايئن ٿيندو جيئن "ڌو دشمن جي گھر".

رينگٽ
سڄو ڏينھن رينگٽ پيو ھلي، سڀ ڪامورا مسيت جو ڪک، سڀئي سياستدان چور، سياسي پارٽيون ڪرپشن جا ادارا، عوام نسورو ڇسو، بيوقوف.
بس، ادا، شڪر ڪريو ھڪ اڌ رٽائر ٿيل ڪامورو ميدان ۾ رھنمائي لاءِ موجود آھي. ايئن نہ ھجي تہ سنڌ جو اللہ واھي.
سياستدان تہ بقول عام آھن ئي خراب ڇا ڪيون آمرانہ دورن ۾ ھڪ عجيب قسم جو رويو پيدا ٿيو آھي پر ٿوري نظر پنھنجي قطار تي بہ ڊوڙايو. منھنجو اشارو انھن عظيم ڪردارن ڏانھن آھي جيڪي ڌرتيءّ جي درد ۾ اڄڪلھ دورن جي بيماري ۾ مبتلا آھن. جن ماڻھن سالن جا سال انھن سياستدانن جا جوتا کنيا ۽ ماڻھن سان بيواجبيون ڪيون، ڪرن پيا يا پنھنجي اولادن کي اھو نيڪ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار پيا ڪن منھنجو مطلب سول سروس جا راشي ڪامورا، راشي ڊاڪٽر، راشي انجنيئر، نااھل پروفيسر، پوليس وارا، اينٽي ڪرپشن جي نالي ۾ ڪرپٽ عملدار، بيضمير جج، ڌنڌوڙي اڳواڻ، لفافي ورا صحافي. ڪو رھجي ويو ھجي تہ معافي جو طلبگار. انھن سڀني جا گفتا، ڌرتيءّ سان محبت، ڪرپشن تي ڪاوڙ پڙھي، ٻڌي کل تہ ٺھيو ماڻھو روئڻ جھڙو بہ نٿو بچي.
سنڌ ۾ تابعداري رڳو جاگيردارن، وڏيرن ۽ پيرن جي ٿورئي ڪرڻي آھي. ھتي تہ سياسي رھنما، صحافي ۽ ليکڪ بہ پيرن کان وڌيڪ معتبر آھن. اھي کاٻي ڌر جا ھجن، ساڄي ڌر جا، قومپرست ھجن توڻي رٽائر ٿيل ڪامورا، سياسي رھنمائن، صحافين ۽ ليکڪن جي حال، ماضي، اولادن جي عياشين، سندن ڪرپشن، سياسي توڙي، ادبي بي ايمانين، ويساھ گھاتين ويندي سندن جنسي ڏوھن جو رڳو سوال ڪريو تہ ڏنگجي ويندئو، ڄڻ ککر ۾ کڙو.
آزاد معيشت
سنڌ جا ڪجھ اڪابر زرعي زرعي جنسن جي کليل واپار جي حمايت ڪندا رھندا آھن. سندن موقف رھيو آھي تہ سرڪار زرعي جنسن جا اگھ بہ مقرر نہ ڪري، خريد ڪري مستقبل لاءِ گڏ ڪري بہ نہ رکي ۽ انھن جي آزاد تجارت ھجڻ گھرجي.
کين گھرجي تہ گھڙي کن پنھنجي قبلي آزاد معيشت جي داعي سرمائيدار معاشرن، اولھ جي ملڪن ڏي ڪنڌ ورائي ڏسن. جن جو پڻ اھو ئي ساڳو موقف ھوندو ھيو.
اڄڪلھ آمريڪا، ڪئناڊا ۽ يورپي ملڪ 'ماسڪ' جي امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ تي ٿا وڙھن.
ڊڄو انھي ڏينھن کان جڏھن وبائن سان گڏ ڏڪار بہ ھوندو.
زرعي ملڪن جي پيداوار اھا آزاد تجارت سک جي ڏينھن ۾ خريد ڪري کڻي ويندي، ڏکين ڏينھن ۾ سڏ بہ ڪونہ ورنائيندي.
ماڻھن کي گھرن ۾ 'اَنَ' جون 'گنديون' ڀري رکڻ جي صلاح ڏيو.
اگھ جي آسري تي مستقبل جون ضرورتون نہ کپايو.

عورتن جي عالمي تحريڪ ۽ سنڌ.
سنڌ جي ماڻھن، عورتن توڻي مردن کي عورتن جي حقن جي عالمي تحريڪ، ان جي مختلف محرڪن، مختلف سماجن جي اندروني تضادن ۽ صنفي روين متعلق قرارداون، نعرا ۽ نظم پڙھي، سمجھي انکانپوءِ پنھنجي سماجي مسئلن سان ھم آھنگ ڪرڻا پوندا.
رڳو ھل ھلان ۽ انڌي تقليد سان جوڳو سماجي تحرڪ پيدا ٿيڻ ممڪن ڪونھي.
مثال: ''منھنجو جسم، منھنجي مرضي''
ھي نعرو ٻار ڪيرائڻ جو حق گھرڻ لاءِ ھنيو ويندو آھي.

منھنجو جسم، منھنجي مرضي
جنس ـ اسم, جنس ـ صفت, جنس ـ فعل
ــــ
رضامندي, راضپو, خاموشي, لاچاري
ـــــ
ماڻڻ, حاصل ڪرڻ, مزو وٺڻ, لوڙڻ
ـــ
خوشي, تڪليف, بيوسي,
ــــ
پرڻو, شادي, ڪاڄ, منادي
انھن سڀني لفظن کي مرد ۽ عورت جي نظر سان ڏسڻو پوندو
ان کانپوءِ خبر پوندي تہ "منھنجو جسم، منھنجي مرضي" جي مراد ڇا آھي. سمجھ ۾ اچڻ جي ضمانت نٿي ڏئي سگھجي.
ڇو جو اسان جنھن سماج ۾ وڏا ٿيا آھيون ان ۾ عورت گگدام ڏسڻ جي عادت آھي.
8 مارچ
عظيم سنڌي ملا جن سان ڪالھ سڌڙيا ڪلھو ڪلھي ملايون بيٺا ھئا انھن جڏھن پنھنجي ذات ظاھر ڪئي آھي تہ ھاڻي گھٽ ۾ گھٽ اھي سڀئي جن ساڻن فوٽو ڪڍرائي پنھنجي اسٽيٽس تي رکيا ھئا، جيڪي انھن کي اپيلون ڪندا ھئا، اھي سڀئي گھٽ ۾ گھٽ معذرت تہ ڪن ۽ وچن ڪن تہ اڳتي ٻوليءَ جي بنياد تي ڪنھن بنياد پرست جي حمايت نہ ڪندا.
عورت جي حقن ڳالھ ڪندي عورتن خلاف ٿيندڙ صنفي متڀيد، سندس تعليم جي حق، مزدوريءَ عيوض اجوري جي حق ۽ مالڪيءَ جي حق کي بنيادي مطالبن ۾ شامل ڪن.

عورت جو موت
سبب ـ خانداني ملڪيت
مرداڻي سماج ۾ عورت ڪھڙي بہ طبقي جي ھجي، ان جي حيثيت زرعي سماج جي 'ڪَميءَ' کان ڪجھ گھٽ ئي ھوندي آھي.
[ڪمي] ھاري، مزدور، ڪنڀر، حجم، واڍو، لوھر پر يار ويندي ويندي ھڪ لاچار عورت سماج سان گڏ سنڌ جي صحت کاتي جي بہ پت وائکي ڪري وئي.
جنھن اسپتال ۾ کڻي، آيس، ان اسپتال ۾ نہ تہ ڪا عورت ڊاڪٽر ھئي، نہ ٽارچ، نہ مناسب اوزار، نہ وري موجود عملي ۾ جانچڻ جي صلاحيت.
سنڌي سماج عورت دوست ڪيئن ٿيندو
نالي چڙھيا ترقي پسند سمجھيا ويندڙ اديب بہ جيڪڏھن اعلانيہ عورت دشمن ھوندا تہ بنيادپرستن مان ڪھڙي اميد؟
چوڻيون
چيٽ چمڪيو نہ ڀلو
وٺو ڀلو نہ ڄيٺ،
راجا رٺو نہ ڀلو،
سرتو ڀلو نہ سيٺ.
چيٽ ۽ ڄيٺ: سنڌي مھينن جا نالا.
سرتو: سنگتي.
۱ - چيٽ جي مهيني ۾، آسمان ۾ ڪڪرن جو اچن ۽ کنوڻ کجي يا چمڪي تہ برسات جي لاءِ سٺو سنؤڻ ناهي.
۲ - ڄيٺ يا ويساک جي مھينن ۾ پيل برسات، ڏاڍو نقصان ڪندي.
۳ - راجا، جيڪڏهن رُسندو تہ فائدي بجاءِ، نقصان ڪندو.
۴ - سيٺ راضي هوندو تہ وڏو نقصان آهي. ڇو جو ناراض هوندو تہ فقط قرض تي سامان نہ ڏيندو. ان صورت ۾ ڏکيو سکيو وقت گذري ويندو. جيڪڏهن راضي هوندو ۽ گهڻي اوڌر ڏيندو تہ وياج چاڙهي لاھ ڪڍي ڇڏيندو.
مطلب:
۱ - مٿي بيان ڪيل چار ئي ڳالھيون، ڪنهن بہ صورت ۾ ڀليون ناهن.
۲ - چيتر چمڪيو نہ ڀلو، ويساک وٺو نہ ڀلو، سيٺ ٽوٺو نہ ڀلو، راجا رٺو نہ ڀلو.

جي مينھن وسي چيٽ، تہ اَنُ نہ ماپي کيٽ
ڪڻڪون سنگ جهليون پيون جهولنديون آهن. جي اُن مُند ۾ پئي برسات تہ اَن جو داڻو ٿلھو ۽ وِتَ وارو ٿيندو ۽ فصل سٺو لھندو.
ان کانسواءِ برسات جي ڪري زمينن کي قدرتي نموني نائٽروجن ۽ ٻيون ڪيميا حاصل ٿين ٿيون.
ڪيترا جيت جڻيا پڻ مرن ٿا، جيڪي کيتن لاءِ هاڃيڪار ۽ بيمارين جو ڪارڻ هوندا آهن.
چيٽ جي برسات سبب، جوئر ۽ ٻاجهر بہ جام پوکبي آهي. ان ڪري چيٽ جي برسات کي اَڻ مَئي اَنَ جو اهڃاڻ ڪري ڪوٺيو اٿن.

درياھي آمدورفت جو خاتمو
انگريز قابض ھٿ وٺي سنڌوءَ جي ٻنھي ڪنارن تي قائم 'بندر' برباد ڪيا.
اسان کي جنھن بئراجي نظام جو سَتُو پياريو ويو، اھو ٺاھڻ وقت موجود بندرگاھن جو ڪجھ بہ نہ سوچيو ويو، نتيجي طور اڄ اسان درياھ ۾ پاڻيءَ لاءِ مطالبا پيا ڪريون.
گھڙي کن سوچيو جيڪڏھن اھي تاريخي درياھي بندر قائم ھجن ھا تہ ڪنھن جي مجال ھئي جو درياھ جي وھڪري سان ھٿ چراند ڪري ھا.

اسان بہ عجيب پوک آھيون
'ڀيل' اھو عمل آھي جيڪو 'پوکيءَ' سان مشروط، آھي. ڀيل تہ زرعي سماج ۾ سڀني ٻڌي ھوندي.ڀيل ڪرائڻ يا ڀيل ٿيڻ لاءِ پوک پوکيل ھجڻ ضروري آھي. اھڙي پوک جنھن جي پوکيندڙ مالڪي بہ ڪندو ھجي.
ھڪڙي ڀيل تہ ھاري پاڻ ڀلي لاءِ ڪرائيندا آھن
جنھن جي ڌنارن کي باقاعدي دعوت ڏني ويندي آھي. ٻين ڀيل وري ڪو بدخواھ چوريءَ يا ڏاڍ ڪري دشمني پاڙڻ لاءِ ڪرائيندو آھي. ڀيل ڪرڻ يا ڪرائڻ لاءِ پالتو جانورن جو ڌڻ بہ گھربل ھوندو آھي.
مطلب جانورن جھڙڪ رڍن، ٻڪرين، ڳئن يا مينھن جو ڌڻ. ڌڻ معنا انھن جو ڪو ڌڻي يا ڌنار پر اسان وري اھڙي عجيب سماج جو حصو آھيون جو ھتي ماڻھن جو ڪو ڌڻ(منظم) تہ مشڪل سان ملندو پر 'ولر' [حجوم] جام ملندا.
اھي وري پرائي پوکيل کي ايئن ڀيليندا جيئن ڪتن جو ولر لوسڻ جي پوک کي ڀيليندو آھي. لوسڻ جي گاھ ۾ ڪتا جڏھن کيڏي کيڏي ڀيل ڪندا آھن تہ اھي گاھ ٿورئي کائيندا آھن، رڳوايئن گاھ جو ڪو ويسو ٻہ اھڙو ڪري ڇڏيندا آھن جو ھاري ويچاري کي ھٿ وٺي ڀيل ڪرائڻي پوندي آھي نہ پنھنجو ڀلو، نہ پوکيندڙ جو ڀلو بس رڳو گھاٽو ئي گھاٽو.

مان اڪيلو ناھيان
ھر ڪنھن جو پنھنجو سچ ٿيندو آھي. شخص جو پنھنجو، سماج جو پنھنجو.
ڪجھ مسئلا شايد بحث ڪرڻ سان منجھندا آھن. ڪڏھن بہ حل ڪونھن ٿيندا.
انڪري ڪنھن جي ذاتي عقيدي کي جيستائين ھو توھان تي مسلط نٿو ڪري، بحث جو موضوع نہ ھجڻ گھرجي.
خاص ڪري ان ماحول ۾ جڏھن توھان کي شڪ ھجي تہ اڳئين جي معلومات بہ توھان وانگر ٻڌسڌ تي ٻڌل آھي، ان وقت تہ بحث مباحثي کان پاسو ڪرڻ بھتر عمل آھي.
مٿان وري جڏھن اھا بہ پڪ ھجي تہ ان موضوع تي اڌوگابرو مان اڪيلو ناھيان، جوڙيوال بہ آھي تہ ان وقت انگريزيءَ جو پھاڪو ذھن تي اڀري ايندو آھي.
Oh! I have company
جنھن جو مطلب آھي "بيوقوف سان بحث صرف بيوقوف ئي ڪندو آھي"
مت ۽ ان جو مناسب استعمال
سائين ھيءَ سائنس آھي. جيڪڏھن ھرڪو پنھنجي پنھنجي حد ۾ رھندو تہ انسان ذات جو ڀلو ٿيندو.
مان پنھنجي موقف تي قائم آھيان. ھي پبلڪ ھيلٿ جو مسئلو آھي. انھن مان بہ اڳتي ڇا ٿيندو اپيڊميالاجسٽ ئي ٻڌائي سگھن ٿا. اسان ھيلٿ سسٽم اسپيشلسٽ بہ صرف اھو ٻڌائي سگھئون ٿا تہ ايندڙ يا بدلجندڙ صورتحال لاءِ ڪيئن اڳڀرائي ڪجي.
جيئن اسان اسان ڪنھن اکين جي بيمارين جي ماھر سرجن کي ڪنھن عورت جو جراحي وسيلي ويم ڪرائڻ جو حق نٿا ڏئي سگھئون، ايئن ڪرڻ سان ماءُ ۽ ٻار مطلب 'ٻن' انسانن جي زندگيءَ کي خطرو آھي.. ھتي تہ پوري دنيا جي ڪروڙين انسانن جي زندگين ۽ مستقبل جو سوال آھي. تيئن ئي ڪمپيوٽر جي، ماھرن کي اھو حق نٿا ڏئي سگھئون تہ اھي ھن سائنس جي بنيادن کان اڻواقف ھوندي سڄي دنيا جي مستقبل سان ويھي ھٿ چراند ڪن.
انھي ڏس ۾ دنيا ۾ صرف ھڪ ئي معتبر ۽ قابل ادارو آھي. اھو آھي صحت جو عالمي ادارو . ڀلي ان سان سياسي طور ڪنھن جا لک اختلاف ھجن، تيڪنيڪي طور اھو ئي، ادارو آھي جنھن جي ڳالھ 'حرفِ آخر' سمجھي ويندي. جيستائين ڳالھ آھي ھٿرادو عقل جي تہ اھا ايئن آھي جيئن سيون ٺاھڻ جي مشين. ان ۾ ڳوھيل ڪڻڪ جو ميدو وجھنداسين تہ سيون نڪرنديون. گوشت وجھنداسين تہ قيمو ٿي نڪرندو، جيڪڏھن مٽيءَ جو چاڻو وجھنداسين تہ نڪو قيمو نہ سيون، بالڪل ٻيون ڪجھ نڪرندو.
ھاڻي سوال اھو ٿو پيدا ٿئي تہ ان 'مت' کي استعمال ڪير ٿو ڪري.
اک الٽي ڌار
عبداللطيف ڀٽائي
عبداللطيف ڀٽائيءّ کي سنڌي سماج جي آئيندي لاءِ دنيا جي آڏو پيش ڪرڻ لاءِصحيح انداز ۾ مرتب ڪرڻو پوندو. اھو چوڻ تہ لطيف ڪو ڪم ڪار ڪونہ ڪندو ھو. ھڪڙي وڻ ھيٺان ويٺو ھوندو ھو. ايستائين جو مٿان واري وري ويس پر لطيف کي خبر ئي ڪونہ پئي. لطيف سنڌ جو ھڪ ذھين تخليقڪار ھيو. ڪھڙين سياسي ۽ سماجي حالتن پٽاندڙ ڀٽائي انساني آباديءّ کان پرڀرو 'ڪراڙ' ڍنڍ جي ڪپ تي وڃي ساٿين سميت 'ڀٽ' وسائي ھئي.
لطيف جنھن دور ۾ 'دنبورو' ايجاد ڪيو. ان دور ۾ دنيا اندر ڪھڙا ساز مروج ھيا. ڪھڙا نوان ساز ايجاد ٿيا، انھن ھم عصر سازن ۾ دنبورو ڪٿي بيٺل ھيو. اڄ جي دور ۾ ان جو ڪيترو ڪارج آھي. ڀٽائيءّ ڪھڙا نوان 'راڳ' ايجاد ڪيا. ڪيترن مروج راڳن ۾ جدت آڻي انھن جون شڪليون تبديل ڪئي ۽ انھن ۾ نواڻ آندي. ان دور ۾ دنيا اندر ڪھڙا 'راڳ'، 'سر' مروج ھيا، ايجاد ٿيا. سندس ھم عصر موسيقار ڪھڙا ڪھڙا ھيا؟ ھم عصر موسيقارن ۾ لطيف ڪٿي بيٺل ھيو ۽ آھي. اڄ جي دور ۾ انھن سرن ۽ راڳن جو ڪيترو ڪارج آھي.
سنڌ جي نوجوان محقق کي ڀٽائي انھن روين سان ٻيھر دريافت ڪرڻو پوندو يا ائين چئجي تہ حقيقي روپ ۾ دريافت ڪرڻو پوندو ـ
سنڌ جي يونيورسٽين کي لطيف شناسي، لطيفيات کي ھڪ سائنس جو درجو ڏيارڻ، ڀٽائي جي ھر تخليق تي ڪم ڪرڻ، ڀٽائي جي فڪر ۽ فلسفي سرن، راڳن، موسيقي، گائڪي، ڪردارن، سورمين، سورمن مطلب تہ ھر خيال کي سائنسي انداز سان ٻيھر لکڻو پوندو.

حصو چوٿون

ڀٽائيءَ کي 'سرڪار' ڇو چوندا آھيون؟
جيئن لطيف 'سرڪار'. لفظ 'سرڪار' جي معنا آھي ڪنھن رياست جو ڪارونھوار ھلائيندڙ بندوبست.
منھنجي ذاتي راءِ ۾. 'لطيف' ان وقت جي حڪمرانن ''سرڪار'' سان برسرِپيڪار ھيو.
'ڀٽ' واري علائقي ۾ سندس قيادت ۾ ھڪ متوازي 'سرڪار' ھئي.
ان مزاحمت دوران, سندس مزاحمت جي ساٿين کي 'فقير'.
خطرناڪ مھم تي ويندڙن کي 'گھوٽ' ۽ پنھنجي اڳواڻ لاءِ 'سرڪار' جو مخفف استعمال ڪندا ھئا. ان ڪري لطيف 'سرڪار' جو استعمال بہ لطيف جي فقيرن ۾ ھيو جيڪو بعد ۾ ادب ۾ آيو آھي.
ھي اھڙا سوال آھن جن تي سائنسي انداز ۾ تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آھي.

سُر سھڻي
سُر سھڻي داستان اٺين جو بيت ۔ ٽيون
آهِئين هُتِ اُماڻَ، ٻَڌُ تُرَهو تارِ جو؛
لَھريُون، لُڙَ، لَطِيفُ چئي، جَھليا جُنگَ جُواڻَ؛
اُونهي تَڙِ آگَھٽِيا، آڏي پائي آڻَ؛
جي پِيا مُنهن مهراڻَ، تن ٻانڊِيُنِ ٻيٽُ نہ اُڄَهي
آھئين ھت اُماڻَ:
ھتي تہ مھمان آھين، مسافر آھين
ٻَڌُ تُرَهو تارِ جو:
ماڻهوءَ جي مٿي يا قد کان اونھي پاڻيءَ مطابق ترڻ جو ترھو ٻڌ.
اونھي تڙ آگَھٽِيا:
اونھي پاڻيءَ واري پتڻ تان گھريا
آڏِي پائي آڻِ:
منزل متعين ڪرڻ، حد مقرر ڪرڻ
پِيا مُنهن مھراڻ:
جيڪي سنڌو نديءَ ۾ گھريا
ٻانڊِيُنِ (ٻانڊي):
سُڪل سنهڙي (ڪاٺي، ماڻهو)
اُڄَهي (اُڄَهَڻُ):
پسند اَچَڻ، وڻَڻ، آئڙڻ، سُٺو لڳڻ.
سمجھاڻي:
تون ھتي مسافر آھين، توکي ھن پار وڃڻو آھي. اونھي، تار پاڻيءَ وارو ترھو چيلھ سان ٻڌ، سنڌوءَ جي اونچين ھيبتناڪ لھرن جي آوازن ۽ گوڙ، چڱن ڀلن جا ارادا ٽوڙي ڇڏيا آھن.اونھي پاڻيءَ واري پتڻ تان گھڙين ٿو، سامھون ڪٿان نڪرندين، اھو بہ طئي ڪري وٺ. جيڪي سنڌوءَ ۾ گھريا، تن کي ٻيٽ بہ ٻانڊين ڪاٺين جيان ڪونہ جھليندو. ھن پار ڪناري تائين پھچڻ لاءِ رڳو پنھنجي ڪاريگري ۽ ھمٿ ڪم ايندئي.

سُر سامونڊي
سُر سامونڊي، داستان ٽئين جو بيت نمبر ٽيون
اسان اُڌارا، آڻي آوَنگَ چاڙِهيا؛
مُنهُن ڏيئِي مُون آئِيا، سَمُهان سِيارا؛
اُڀِرَنِ سيِڪارا، پَسو وَرَ ٻين جا
ـ *** ـ
ـ آوَنگُ(مذڪر).
رڌ پچاءُ جو ٿانوَ.
ـ آوَنگِ(مؤنث).
کاري جي مڇيءَ جو هڪ قِسم
ـ *** ـ
آونگ چاڙھڻ ـ
رنڌڻ ـ کاڌو تيار ڪرڻ.
''اڄ اسان اڌارو وٺي ڪني چاڙھي آھي''
اتي اڌار ـ ''سيڌو'' بہ ٿي سگھي ٿو،
سڪل مڇي بہ، تہ ''ڪْنيِ'' بہ
سمجھاڻي:
وني پنھنجي ور کي مخاطب ٿي چئي ٿي تہ:
ڪني( آونگ) تہ اوڌر وٺي بہ چاڙھيون ٿا، سيارو سامھون آھي(ياد رھي تہ اتر لڳڻ سان ئي سامونڊي وري سفر تي نڪرندا) تون اڃا ڪونہ موٽيو آھين، ٻين جيڏين کي ورن سان ڏسي جسم مان سيڪارا ٿا نڪرن . انھيءَ جو ڇا ڪيان. بس ھاڻي گھڻي ٿي وئي موٽي اچ.

سُر سامونڊي
سُر سامونڊي، داستان پھرئين جو بيت پھريون
پَڳَھَ پاسي گھارِ، آيَلِ! سامُونڊيُن جي؛
وجِھي جِيُ جَنجارِ، جِمَ وَڃَنِئِي اوهِري.
سمجھاڻي ـ
او منھنجي امان، انھن سامونڊين جي ٻيڙيءَ جي ويجھو ھج، لنگر جي آس پاس پئي گذار. پنھنجي ور سان ڪجھ گھڙيون گوڏي گڏجي گذار. (جي نہ اتر لڳو تہ) بنا موڪلائڻ جي ھليا ويندئي ۽ پوءِ ھٿ مليندي رھجي ويندينءَ ۽ پئي پاڻ کي پٽون پاراتا ڏيندينءَ. .

ڀٽائي جون اَٺَ سورميون
① سسئي: اڪيلي سر ڀنڀور کان پٻ جو سفر ڪيو
② سھڻي: ميھار سان عشق ڪيائين, دلو کڻي درياھ تري ويندي ھئي.
③ مارئي: زوري کنئي وئي، پر ھمٿ نہ ھاريائين، لالچون قبول نہ ڪيائين. 'کيت' سان نڀايائين.
④ مومل: سونھن جو سرِعام استعمال ڪري، راڄ لٽيائين. جڏھن راڻي سِيتل راء جي روپ ۾ سُومل سان گڏ سمھيل ڏٺي پوءِ بہ قتل نہ ڪيو ويو.
⑤ نوري: غريب ميربحر جي ڌيءُ راڻي ٿي پر ڪينجھر نہ ڇڏيائين
⑥ سورٺ: سورٺ پنھنجي وَرَ ''راء ڏِياچ'' سان گڏ تخت تي ويهندي هُئي
⑦ ليلا: ھار جي بدلي پنهنجي مڙس چنيسر کي پنهنجي هٿان وڃايو
⑧ موکي: پنھنجي ڇھڻ ڀيڻن سميت ڪلالڪو ڪاروبار ڪندي ھئي.

فاصلاتي ـ مراسلاتي ۽ واقعاتي تعليم
واقعاتي تعليم
واقعاتي تعليم ، پاڙھڻ جو اھو طريقو جنھن ۾ معلم ۽ کتابي الڳ الڳ جڳھن تي ھوندي بہ ھڪ ئي وقت ھڪٻئي سان ڳالھ ٻولھ ڪري سگھن.. ان لاءِ معلم ۽ کتابي ٻنھي وٽ ھڪ ئي وقت ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جي سھولت ۽ ڳانڍاپي جو ذريعو ھجڻ لازمي آھي.
مراسلاتي تعليم
مراسلاتي تعليم ، واقعاتي بہ ٿي سگھي ٿي يا شاگرد پنھنجي سھولت مطابق پھريان کان ريڪارڊ ڪري محفوظ ٿيل تعليمي مواد کي انٽرنيٽ يا ڪميوٽر وسيلي استعمال ڪري.
ان لاءِ معلم ۽ کتابيءَ جو ھڪ ئي وقت آمھون سامھون ھجڻ ضروري ڪونھي.
فاصلاتي تعليم
فاصلاتي تعليم وري مراسلاتي ۽ واقعاتي بہ ٿي سگھي ٿي يا وري تعليمي اداري پاران ڇپل مواد طور شاگردن لاءِ مھيا ڪيو وڃي، جنھن ۾ درسي ڪتاب، ورڪ بوڪ ۽ ڪارڪردگيءَ جو وچور رکڻ جو بوڪ شامل ھوندا آھن.
ان لاءِ معلم ۽ کتابيءَ جو ھڪ ئي وقت آمھون سامھون ھجڻ بہ ضروري ڪونھي.
کتابيءَ وٽ ڪمپيوٽر يا، انٽرنيٽ جي سھولت پڻ اختياري آھي.
اھو سڀ تڏھن ممڪن ٿيندو جڏھن اسان کتابين جي عمر مطابق انھن ۾ مھارتن ۽ قابليتن پيدا ڪرڻ لاءِ سندن تعليمي مقصدن ۽ پڙھائيءَ جي روزبروز منزلن کي مناسب ۽ متناسب انداز ۾ مرتب ڪنداسين. ھر مھارت کي قابليت تائين پھچائڻ لاءِ گھربل پڙھائي، مشق ۽ مناسب رھنمائيءَ جو جوڳو بندوبست ڪنداسين.
ھتي، اڄڪلھ بحث اھو پيو ھلي تہ بس وارو ڪريو شروع ڪريو. جيڪڏھن اسان کي فاصلاتي تعليم ڏانھن قدم کڻڻو آھي تہ اھو اٻھرائيءَ بدران ڪنھن ہظام تحت کڻڻ گھرجي جھڙي نموني کتابين لاءِ نصاب کي مرتب ڪرڻو پوندو، ايئن ئي وري کتابين کان اڳ اھو سڀ ڪجھ اسان کي استادن لاءِ پڻ لکت ۾ تيار ڪرڻو پوندو.
بالڪل اھڙي ريت جيئن ڪنھن افساني کي جڏھن ڊرامي ۾ سانچيو ويندو آھي تہ ڪردارن، انھن جا گفتا، سندن پردي تي ظاھر ٿيڻ، ڪپڙا، ڍنگ، ڳالھائڻ جو انداز، لھجو وغيرہ لکيو ويندو آھي جنھن کي اسڪرين پلي چئبو آھي.

کيتي سر سيتي:
کيتي ـ داڻي وارا فصل.
پائيندڙ تي کيتي
واڙي ـ ڀاڄي ڀتيءَ وارا فصل
نار تي واڙي
پوکي ـ فصل پوکڻ
راکي ـ فصل جي سنڀال ڪرڻ
جھار ھڪلڻ ـ پکي پکڻن کان فصل بچائڻ
راھي ـ فصل جي، اپت کڻڻ
لابارو ـ پڪل فصل لڻڻ
سٿريون ـ لڻيل فصل کي ڀاڪر جيتري مقدار ۾ گڏ ڪرڻ.
ديرو ـ سٿريون کڻي سنڀالي رکڻ
کِرِ ـ ٻنيءَ ۾ رھجي ويل فصل جا تيلا، جن ۾ سنگ ھوندا آھن، کر ميڙي ٻار ٻچو، غريب غربو ان ڪڍندو آھي.
ڳاھ ـ ديري مان فصل کڻي ڳاھ ڳاھڻ.
وائر ـ ڳاھيل فصل مان ھوا جي وسيلي داڻن کي گاھ کان ڌار ڪرڻ.
بٽئي ـ ھاري ۽ زميندار گڏجي، ان توري پنھنجو پنھنجو حصو کڻندا.
ٽويو ـ پير، فقير دعا لاءِ.
آھت ـ حجم، مڱڻھار، ڪنڀر، لوھر، ٻيڙيءَ وارو ميربحر فصل تي پنھنجي آھت مطلب اجورو وٺندا.
کِرَ ـ بٽئيءَ کانپوءِ اتي رھجي ويل ڪَڻِ، اھا بہ ميڙي ٻار ٻچو، غريب غربو کڻندو آھي.
ڪُڍِي ـ ٻنيءَ مان کِرِ ميڙي کڻڻ يا کِرَ ميڙڻ جي عمل کي ڪڍي ڪڍڻ چئبو آھي.
'لابارو'ـ فصل جي لڻڻ جو عمل
لابارو ڪندي 'سٿريون' ٺاهبيون آهن.
وري سٿريون گڏ ڪري 'گڏا' کڻبا آهن
جنھن کي 'ول کڻڻ' پڻ چئبو آهي،
جتي وري ول کڻي گڏ ڪبي آهي تنھنن کي 'ٻار' چئبو آهي.
ول کڻندي جيڪي سنگن جا تيلا ڪرندي ٻنيءَ ۾ رهجي ويندا آهن، انهن کي 'کِرُ'چئبو آهي.
هاري تيلو تيلو ڪري ميڙيندو آهي کِرُ هاريءَ جو هوندو آهي ان ۾ زميندار جو حصو نه ٿيندو آهي.
ٻار کانپوءِ 'ڳاھہ' ٻڌبو آهي. فصل کي ڳاھڻ کانپوءِ هوا ۾ ان 'وائر' ڪبي آھي.
وائرڻ سان ڪڻن مان مٽي يا دڌڙ ڪڍي صاف 'اَنُ' الڳ ڪبو آهي.
صاف ڪيل اَنُ جي کوڙيءَ کي 'ديرو' چئبو آهي.
ديري تان اھو اَنُ جڏھن توري، ٻوريون ڀري ھاري، ۽ زميندار، ۾ ورھائبو آھي تہ انھي عمل کي 'بٽئي' چئبو آھي.
بٽئي ڪندي ان جي کوڙيءَ جي تري ۾ مٽيءَ سان گاڏڙ جيڪي ان جا داڻا رهجي ويندا آهن ان کي 'ڪُڍي' چئبو آهي. جنهن کي هاري گڏ ڪري ڇڄ ۾ وجهي ڇنڊي مٽي ڪڍي صاف ڪندو آهي، ان کي ڪُڍي چئبو آهي. ڪڍي هاريءَ جي هوندي آهي هن ۾ بہ زميندار جو حصو نہ هوندو آهي.
ھاري ھاڻ پنھنجو ڪم ختم ڪندو.
ان کانپوءِ غريب ترين ماڻھو ان جڳھ تي اچي 'ڪڍي' ميڙيندا يا ڪڍندا. ڪو ڳاھ کان رھجي ويل سنگ، ديري يا کوڙ واري جڳھ تي بٽائي کانپوءِ رھجي ويل 'ڪڻ' ميڙي صاف ڪري کڻڻ وارو عمل کي 'ڪڍي' ڪرڻ چئبو آھي.

متان کليا آھيو
ايماندار
يار، ماڻھو ايترو بہ ايماندار نہ ھجي جو سڄي ڄمار سرڪاري نوڪريءَ تي پلٿي ھڻي ويھي رھي.

رھنما
مان جاگيرداريءَ جي خلاف سنڌي قوم کي متحد ڪري ان جي رھنمائي ڪرڻ ٿو چاھيان.
جيئن سنڌ جو ھر فرد ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا پڙھي لکي دنيا ۾ پنھنجو ۽ سنڌ جو ڪنڌ اونچو ڪن. ٿلھي ليکي مان ''وڏيرائپ'' کي سماجي برائي سمجھندو آھيان ۽ سنڌ مان جاگيرداري ۽ وڏيرائپ جي خاتمي لاءِ مون ھڪ غير سرڪاري تنظيم رجسٽر ڪرائي آھي ۽ آءُ ان جو عھديدار آھيان.
منھنجو والد صاحب ڳوٺ جو خانداني 'وڏيرو' ھيو، انھي نسبت سان مان بہ ''پيدائشي وڏيرو'' آھيان. جنھن تي مون کي فخر آھي. اسان اڃا تائين ڳوٺ جا 'معزز' وڏيرا ليکبا آھيون.
منھنجي راءِ ۾ 'بلاول' کي گھرجي تہ 'آصف' سان لاتعلقي جو اظھار ڪري 'پارٽيءَ' کي سگھارو ڪري، مستقبل سندس ھوندو.
نوٽ: جنھن کي بہ ھي ليک سندس شخصيت جي عڪاسي لڳي اھو مھرباني ڪري ٿڌي پاڻيءَ جو گلاس پي ڇڏي.
ڌرتيءَ جو اصلي پُٽُ
ان جو مطلب ٿيو 'اصلي' معنا 'وارث' يا قانوني 'مالڪ' پوءِ ڀلي گھر جا، ٽپڙ ٽڪي کپائي يا جوا، ۾ لٽائي اھو سندس پيدائشي حق ٿئي ٿو، انڪري 'اصلي' جيڪو ڪجھ بہ ڪن انھن کان پڇا ڪرڻ، ايستائين جو معلوم ڪرڻ بہ ٻئي ڪنھن جو حق يا اختيار ڪونھي.

ڀلائي
پرائي ڪافي عرصي کان بند پيل گاڏي [ويگن] جي چاٻي ٺھرائي ان کي بغير ڪرائي جي اسڪول وين ڪري ھلائڻ لاءِ چندو گڏ ڪرڻ کي سنڌيءَ ۾ ڇا چونداسين ـ [ڀلائي]

جڳ مشھور صحافي
مان ھڪ جڳ مشھور صحافي آھيان. مشھور اخبارن ۾ ڪالم لکندو آھيان. ڪڏھن ڪڏھن اخبارن جا ايڊيٽوريل بہ لکندو آھيان. روزانو ٽي وي چينلن تي بہ پروگرامن جي ميزباني ڪندو آھيان يا وري پروگرامن ۾ ماھر ٿي ويھندو آھيان.
مان سنڌ سان ٿيندڙ ويساھ گھاتين تي لکندو آھيان ۽ انھن خلاف سنڌي قوم کي متحد ڪرڻ ٿو چاھيان. انھي مقصد خاطر ڪافي سياسي، ادبي، ثقافتي ۽ غيرقانوني تنظيمن جو ميمبر، باني ۽ اڳواڻ بہ آھيان.
منھنجي آمدنيءَ جا ذريعا ڪي محدود تہ ڪونھن، ڌڻيءَ جا لک قرب پر مستقل طور مان ھڪ سرڪاري ملازم مطلب سنڌ حڪومت جي ماتحت کاتي جو ملازم آھيان. ڏسو پيريءَ ۾ پينشن بہ تہ گھرجي ھروڀرو اولاد جي اڳيان ھٿ ٽنگڻو نہ پوندو.
صحافي ھجڻ جو فائدو اھو آھي جو ان ڪري نوڪريءَ تي وڃان ئي ڪونہ، ڪو پڇندو بہ ڪونھي. جيڪڏھن ڪنھن جرئت ڪئي تہ اخبارن ۾ رڻ ٻاري ڏيندا آھيون.
منھنجي سوچ مطابق سنڌ جي حڪومت تي قابض ٽولو سنڌ دشمن آھي، انھن مان جند ڇڏائڻ تمام ضروري آھي. خاص ڪري اسان جي کاتي وارو وزير تہ بالڪل چٽ آھي. اڳيون شھري وزير اسان جو خاص خيال رکندو ھيو.
نوٽ: جنھن کي بہ ھي ليک سندس شخصيت جي عڪاسي لڳي اھو مھرباني ڪري ٿڌي پاڻيءَ جو گلاس پي ڇڏي.

پرائي ماڙي، پنھنجو جھڳو
پرائي ماڙي ڏسي پنھنجي جھڳي کي باھ نہ ڏيوـ
ڏٽن پوزين تي سڄي ڳوٺ کي گارگند نہ ڪريو ـ
دنيا تي ھڪ نظر ڦيرايو
عراق
شام
لبيا
يمن
افغانستان

لڳا پيا آھيون
پنھنجي وس آھر منھن ڏيون پيا.
وسئون تہ ڪونہ ٿا گھٽايون.
جيڪي دوست عوام جي ملڪيتي (سرڪاري) ھيپٽائيٽس ۽ ايڊز ڪنٽرول پروگرام جو ھٿ ونڊائين ٿا انھن جي بہ مھرباني، رڳو ايئن تاثر نہ ڏين تہ کانئن سواءِ سنڌ ۾ انڌير لڳو پيو آھي.
پاڻ تہ ڪنھن ھڪ ڳوٺ يا صحت مرڪز تائين ڪم پيا ڪن پر، اسان جا ملڪيتي ادارا سڄي سنڌ ۾ ڪم ڪن ٿا.
ڪوتاھيون آھن، انھن جي مثبت نشاندھي ڪرڻ اسان سڀني ڌڻين جو فرض آھي.

پاتال ۾ گڏ آھيون
اسان جو گڏيل مقصد 'متحد ٿيڻ' سان گڏ "منظم ٿيڻ" بہ ھجڻ گھرجي. رڳو ڪنھن سان پھر وھڻ وارو رويو مناسب ڪونھي. جيڪڏھن منظم ۽ متحد ٿيڻو آھي تہ رڳو ڪنھن ھڪڙي 'مذھب' جي معاملي تي ڇو؟ قومپرستي، نسل پرستي، جمھوريت دشمني، عورت دشمني، مزدور دشمني، سائنس دشمني، جھالت، موقعي پرستي ۽ ٻِدوئيءَ خلاف ھڪ ئي وقت منظم ٿيڻو پوندو. ڪووڊ پڄاڻان مسئلو رڳو مذھب ڪونھي، مٿي ڄاڻايل سڀئي رويا بشمول صوفيت جي سامھون نروار بيٺا آھن. اڪثريت جو سڀ کان وڏو مسئلو ٽن ويلن جي بُکَ، صحت جون سھولتون، معياري تعليم، پنھنجو جھڳو ۽ عزت ڀريو روزگار آھي. مذھب ۽ قومپرستي تہ ڀريل پيٽ جا چونچلا آھن. مبارڪن ڏيڻ ۽ مذمتون ڪرڻ واري مڊل ڪلاسي ثقافت مان جند ڇڏائڻي پوندي، جيڪڏھن نہ تہ پوءِ پاتال ۾ گڏ آھيون.
ڳالھائيون حق سچ
سڄو سچ، اڌ سچ تہ
اھا ڀينگ ڪئي آھي
ڌُرِ ٿيئون ڌُرِ، اڻڌريو مطلب
ڏاڍ ۽ ڏاڍي جو ساٿاري
سانڊن جو ساٿ ڇڏي
انھن کي وائکو ڪريون
ھر ڪنھن جي ھشيءَ تي
دوسو ٿينداسين تہ پوءِ
دھلاري تہ رڳو نچائيندا
ڪيستائين رڳو نچنداسين
عنايتون، رعايتون پننداسين
پنڻ جي پورھيئي مان
ڪو پَلَ ڪونہ ڀربا
رڳو جھول ئي ڀربا
ماٺِ نہ مُٺي ڀلي
نہ وري مِٺيِ ڀلي
سڏ کي سڏ ڪيئون
سڏ جو سڏ ورائيون
سڏ جو سڏ ورنائيون
سڏ جو پڙاڏو ٿيئون
اچو ماٺ جو روزو کوليئون
اچو تہ گڏجي ڳالھائيون
جيڪڏھن چپ رھنداسين
پاتال ۾ تہ گڏ آھيون

منجھيل سوال
آمريڪا ۾ 2020 جي نومبر، ۾ رٿيل صدارتي چونڊن لاءِ اميدواريءَ جو حق حاصل ڪرڻ جي ڊوڙ فبروري 2020 ۾ شروع ٿي، جنھن ۾ برني سينڊرس نالي واري سوشلسٽ اميدوار طبقاتي سوال اٿاريو ۽ معمول کان ابتڙ پذيرائي بہ حاصل ڪئي. مجموعي طور ھاڻوڪي متوقع اميدوار 'بائيڊن' کانپوءِ ٻئين نمبر تي ووٽ بہ حاصل ڪيا. ڏٺو اھو پيو وڃي تہ ھن سال واري صدارتي اليڪشن ۾ طبقاتي سوال جھڙڪ صحت، تعليم، روزگار ۽ اجھو نمايان ھوندا.
ٿيو ايئن جو ھڪ آفريڪي نسل جو آمريڪي شھري 'جارج فلائيڊ' پوليس ھٿان بيگناھ ماريو ويو جنھن جي نتيجي، ۾ نہ رڳو آمريڪا پر سڄي دنيا ۾ نسل پرستيءَ خلاف ھڪ اڀار آيو جنھن جي وھڪري ۾ طبقاتي سوال لڙھي ويو ۽ آمريڪا ۾ رٿيل نومبر 2020 جي صدارتي اليڪشن جو مک سوال ''پوليس جي نظام'' ۾ بھتري آڻڻ تائين محدود ٿي ويو.
مون کي ھڪڙي سوال منجھائي وڌو آھي، اھو سڀ ڪجھ اوچتو، پاڻ ھرتو ٿيو آھي يا اڳتي ھلي خبر پوندي تہ طاقتور ڌرين ڪنھن رٿابنديءَ سان 'برني' ۽ سندس ساٿين جي محنت کي لوڙھيو آھي.

ماڻھن کي ڳالھائڻ ڏيو
تنقيد ڪرڻ ۾ ڪا بہ برائي ڪونھي.
ڪنھن ناليواري مفڪر يا شاعر تي تنقيد ڪرڻ ۾ ڪا بہ برائي ڪونھي.
منھنجي ذاتي راءِ ۾ تہ 'ڀٽائي' بہ تنقيد کان آجو ڪونھي.
جنھن ڏينھن سماج اھو حڪم صادر ڪيو تہ فلاڻي، فلاڻي تي تنقيد حرام آھي، ان ڏينھن 'ادب' جا دروازا بند ٿي ويندا.
ماڻھن کي ڳالھائڻ ڏيو.
ھا جڏھن پاڻ ڳالھائيو يا انھن جي تنقيد جو جواب ڏيو تہ ايئن ڳالھايو جيئن توھان کانئن ڳالھائڻ گھرو ٿا. سھپ جو اھڙو ماحول پيدا ڪريو جيئن نئين پود ان مان ڳالھائڻ ۽ جواب ڏيڻ سکي.
ھڪ طرفا فيصلا صادر نہ ڪريو،
اھو پڙھندڙ کي فيصلو ڪرڻ ڏيو تہ
سچ ڇا آھي، ڪوڙ ڪھڙو آھي.
ڪير صحيح آھي، ڪير غلط.
ڪاوڙ ڪرڻ ڪٿان جو انصاف ٿيندو
جيڪڏھن ڪو اکين کان نابين اھو چئي تہ ھر طرف ڪجھ نظر ڪونہ ٿو اچي تہ ان تي ڪاوڙ ڪرڻ ڪٿان جو انصاف ٿيندو.
جيڪڏھن ڪو فرد اسان جي تخليقڪارن جي جنسي قصن ڪھاڻين تي پنھنجي راءِ ڏئي جيڪا اسان جي ذاتي راءِ کان مختلف ھجي تہ ان تي ڪاوڙ ڪرڻ ڪٿان جو انصاف ٿيندو.
جيڪڏھن ڪنھن فلسفيءَ کي غلط العام سياستدان سمجھيو وڃي تہ انھن نادان ماڻھن تي ڪاوڙ ڪرڻ ڪٿان جو انصاف ٿيندو.
جيڪڏھن ڪنھن افسانہ نگار کي غلط العام فلسفي سمجھيو وڃي تہ انھن نادان ماڻھن تي ڪاوڙ ڪرڻ ڪٿان جو انصاف ٿيندو.
جيڪڏھن ڪنھن سياسي ڪارڪن کي غلط العام ليکڪ ڪري سمجھيو وڃي تہ انھن نادان ماڻھن تي ڪاوڙ ڪرڻ ڪٿان جو انصاف ٿيندو.

لفظن جو استعمال
جڏهن انسان ڪاوڙ اچڻ تي پٿر جي بجاءِ لفظن جو استعمال ڪيو. اهو تھذيب جي آغاز جو اظھار هوـ
ڪجھ دوستن جون ڪرڀ ڀريون پوسٽون پڙھي اھو لکڻ جي، ضرورت محسوس ٿي تہ ھر ڪم يا منصوبو جنھن ۾ توھان ملازم يا منتظم جي حيثيت ۾ شامل آھيو، اھو دراصل عوامي نوعيت جو منصوبو ھوندو آھي.
توھان پنھنجي ڄاڻ آھر بالڪل بھترين طريقي سان پنھنجو فرض نڀايو ھوندو آھي مگر اھو چوڻ تہ ان تي ڪو بہ ٽيڪا ٽپڻي نہ ڪري يا بھتريءَ جي صلاح نہ ڏئي ڪٿان جي عقلمندي آھي.
جنھن ڏينھن سماج اھو حڪم صادر ڪيو تہ فلاڻي، فلاڻي تي تنقيد حرام آھي، ان ڏينھن بھتريءَ جا دروازا بند ٿي ويندا.
ماڻھن کي ڳالھائڻ ڏيو.
ھا جڏھن پاڻ ڳالھائيو يا انھن جي تنقيد جو جواب ڏيو تہ ايئن ڳالھايو جيئن توھان کانئن ڳالھائڻ گھرو ٿا.
سھپ جو اھڙو ماحول پيدا ڪريو جيئن نئين پود ان مان ڳالھائڻ ۽ جواب ڏيڻ سکي.
ھڪ طرفا فيصلا صادر نہ ڪريو،
اھو پڙھندڙ کي فيصلو ڪرڻ ڏيو تہ
سچ ڇا آھي، ڪوڙ ڪھڙو آھي.
ڪير صحيح آھي، ڪير غلط.

حصو پنجون


غلاميءَ جا سڱ
ڪجھ سنگت جو خيال آھي تہ انگريز ڦورن جي سنڌ تي ناجائز قبضي ۽ اسان سنڌين کي غلام بنائي ھڪ آزاد ملڪ مان بمبئيءَ جي، ضلعي جو درجو ڏيڻ کان اڳ سنڌ ۾ نہ ڪا لپي ھئي، نہ وري لکڻ پڙھڻ جو جوڳو بندوبست ھيو، نہ گرامر ھيو، نہ ڀٽائيءَ جو گنج ھو، مطلب صفا ڀينگ ھئي. جھڙوڪ سنڌي غارن ۾ اگھاڙا رھندا ھئا. انگريز بھادر وڏو قرب ڪري سنڌ فتح ڪئي. مير ۽ ھوشو شيدي بيوفوق ھئا جن انھن محسنن سان جنگ ڪئي.
وري انکانپوءِ ھروڀرو انگريز بھادر جي حڪومت کي ڪجھ چورن، ڌاڙيلن، ناعاقبت انديش ماڻھن وقفي وقفي سان تنگ ڪيو.
اسان کي انگريز بھادر ٻوليءَ جي لپي ڏني، گرامر ڏنو، اسڪول، اسپتالون، بئراج، ريلون، پليون، ٽرامون، موٽرون، جھاز، ڪھڙي ڪھڙي نعمت جو شڪريو ادا ڪريون.
ھيءَ جھالت، غربت، پسماندگي اھا تہ اسان جي انگريز صاحبن جون ورسيون نہ ملھائڻ جو نتيجو آھي.
وس پڄين تہ روھڙيءَ جي پٿر جودور، نيئنگ جا غار، آمري، مھين جو دڙو، ڪوٽ ڏيجي
مطب ھر موجود نعمت انگريز بھادر سان منسوب ڪري ڇڏين.
غلاميءَ کي جي سڱ ھجن ھا تہ شايد، اسان جي کوڙ سنگت انھي نعمت سان مستفيد ھجي ھا.
سنڌ ۾ انگريزن جي اچڻ کان اڳ سنڌي چئن لپين ۾ لکي ويندي هئي ، خداآبادي، ديوناگري، عربي فارسي ۽ گرمکي۔ انگريز اسان کان اسان جو ماضي کسي ورتو،
نئين الف ب ڏيئي پراڻي ٻولي ۽ سڄي تاريخ کي ختم ڪيو ويو،
ڀٽائي جي گنج کانسواء ورلي ڪو ماخذ ملندو جيڪو آڳاٽي سنڌي ۽ لپي ۾ لکيل هجي۔

جاڳو
ادارو قائم ڪرڻ، ڪنھن اداري جو پگھاردار ملازم ھجڻ ۽ ڪنھن اداري جو تاحيات ڊائريڪٽر ھجڻ
اھي ٽيئي بالڪل مختلف ڪردار آھن. اسان کي ھروڀرو بھلايو ٿو وڃي تہ فلاڻي فلاڻي صاحب اھو ادارو قائم ڪيو ۽ مثالن ۾ وري عوام جي ملڪيتي مطلب سرڪاري ادارن جھڙوڪ آءِ بي اي سکر، گمبٽ، ايس آءِ يو ٽي جو ذڪر ڪيو ويندو آھي. اسان جنھن دور ۾ رھون ٿا ان دور ۾ سرڪاري ادارن جي سربراھ جي رٽائر ٿيڻ جي عمر 60 سال مقرر آھي پر انھن ادارن ۾ وري شخصن کي تاحيات مقرر ڪيو ويو آھي. جڏھن تہ ٿيڻ ايئن گھربو ھيو تہ اھي غيرمعمولي صلاحيتن وارا انتظام ڪار، پروفيسر يا تعليمدان پنھنجي مقرر مدي اندر انھن ادارن ۾ پنھنجا جانشين تيار ڪن ھا يا بھترين تعليمي قابليت وارا فرد اتي اداري جي سربراھ لاءِ ٿيندڙ چٽاڀيٽيءَ ۾ حصو وٺي پنھنجي صلاحيتن سان انھن ادارن کي جدت بخشين ھا، ايئن ڪرڻ نہ ڏنو ويو.
ڇو؟
فردن کي تاحيات نوڪريون ڏيڻ لاءِ ۽ جدت جو رستو روڪڻ لاءِ. نتيجو اھو نڪتو جو نون ادارن ۾ بہ رٽائر ٿيندڙ ڪامورن، من پسند ماڻھن ۽ سفارشين کي بنا ڪنھن تعليمي قابليت جي ڀرتي ڪيو ويو آھي.
غيرصحتمند روايتون جيڪي شخصن جي گرد سحر قائم ڪري پيدا ڪيون وينديون آھن، اھي سماجن لاءِ ناسور، ثابت ٿينديون آھن.
جيٿرو جلد اسان روايتن مان جند ڇڏائي حقيقتن جي پوئواري ڪنداسين سماج ۾ مثبت تبديليون اينديون.
مون کي ذاتي طور، ٽنھي صاحبن لاءِ لک عزتون آھن مگر مان اھو تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ڪونھان تہ انھن پڄاڻان ادارا ڪونہ ھلي سگھندا.
ساٽِياڻيِءَ کي سورَ
ڀلو ٿئي سوشل ميڊيا، ڪوٽ سڳوري، مقتدر قوتن ۽ مالڪن جو جن اڳي پوءِ ڪري گھڻن جا نقاب اٿلائي چڏيا.
اسان ڊينڊڙا تہ بڻئون ئي بي قدريءَ جو شڪار ٿياسين، الائي ڪھڙا ۽ ڪيترا لقب ماڻيندا رھياسين.
ھاڻي بلاگ پڙھو تہ ھڪ پاسي مڻين ميارون ٻئين پاسي سنڌ اسيمبليءَ مان قرارداد پاس ڪرائڻ تي شاڀاس نہ ملڻ جو ڏک، مٿان وري ھر ڏک، درد ۽ مايوسيءَ جو ڪارڻ جمھوريت کي ثابت ڪرڻ جا جتن.
ڳالھ ڪيو رياست جي روئيي جي تہ جواب ايندو فلاڻي سياسي پارٽيءَ جي بہ فلاڻي اڳواڻ جي ڪري. اھو بہ اھڙي سياسي ڌر جنھن جي سنگت ڪڏھن حمايتي نہ رھي آھي.
جن سان 1940 کان وٺي پيچ پاتل اٿن، انھن کي وري وري ميارون ڏيندا تہ اسان تہ سدائين توھان سان گڏ ھوندا آھيون پر قدر ڪونہ ٿا ڪيو.
حاصل مطلب ''ساٽِياڻيِءَ کي سورَ 'بچي' پٽيوال جا"

شعور جي اڏام
ڪالھ ھڪڙي ھمراھ سان فون تي ڪجھ ڳالھيون ڪرڻ جو اتفاق ٿيو. حاصل مطلب جيڪو صاحب مون کي سمجھايو پئي اھو ڪجھ ھيئن آھي:
'کٽ' ۾ چار پاوا، ٻانھيون، سيرون، واڻ ۽ واڏڻ جيستائين الڳ الڳ سڃاتا ويندا، تيستائين 'کٽ' جي سڃاڻپ ممڪن ئي ڪونھي. سندس خيال ھيو تہ اھي 'پاوا' تہ بالڪل ھجڻ ئي نہ گھرجن. 'ٻانھيون' اجايو کٽ جي ڳچيءَ ۾ پئجي ويون آھن. 'واڻ' کي باھ ڏئي کٽ جو سِرُ بچائي سگھجي ٿو. 'واڏڻ' وجھي کٽ کي ھروڀرو اچي سوڙھو ڪيو اٿو.
اچو تہ سڀئي گڏجي 'کٽ' جو خير گھرئون.

ٻيڙو
سنڌ جو فلاڻن ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آھي.
ظاھر آھي، ٻيڙو تہ انھن کان ٻڏندو جيڪي ٻيڙي ۾ شامل ٿيندا، پير رکندا، درياھ ھجي يا سمنڊ ان جي لھرن سان مھاڏو اٽڪائي، ڏکيا سکيا گھير گھڙي ان ٻيڙي کي ھلائيندا ۽ استعمال ڪندا. باقي سُڪَ تي پلجندڙ ٻيڙو تہ ڇا ڪک بہ ڪونہ ٻوڙيندا.
ھاڻي پھريان اچي انھيءَ ٻيڙي ۾ شامل ٿيو پوءِ ڏسو ٻڏو آھي يا توھان جي ديد ۾ کوٽ آھي.

سنڌ جي مالڪي ڪيئن ٿيندي
سنڌ جي مالڪي تڏھن ٿيندي، جڏھن ھتي ھرڪو پھريان پنھنجي پنھنجي گھر، ڳوٺ، پاڙي ۽ شھر جي مالڪي ڪندو
يا
پنھنجو سڀ ڪجھ تياڳي، پاڙي واري جي گھر، پرائي پاڙي، پرائي ڳوٺ ۽ پرائي شھر جي مالڪي ڪرڻ نڪرندو.
سنڌ جي مالڪي ڪرڻي آھي تہ گھر کان شروع ڪريو. لڏپلاڻ سان مالڪي ڪونھي ٿيندي.

حليم بروھي اڪيلو ڪونھي
حليم بروھي ڪنھن فرد جو نالو ناھي رھيو، اھو ھڪ روئيي جو نالو بلڪہ صفت ٿي چڪو آھي. اھڙن بيباڪ ڪردارن سان سڄي سنڌ ڀري پئي آھي. رڳو اک ڦيرائي ڏسو. توھان کي ھر پاڙي، ھر ڳوٺ، ھر وسندي، ھر واھڻ، ھر شھر ۾ 'حليم' ملندو. ھا اھو فرق ضرور آھي تہ انھن سڀني بدنصيبن کي حيدرآباد ۽ خابرو ادارن تائين رسائي ڪونھي.
اچو تہ يڪ زبان ٿي چئون 'حليم' ڪير سڏائي.

گاج ندي
نئين گاج ۽ ڪاڇي ۾ پيدا ٿيل وھڪرن ۽ لڙھيل وسندين متعلق منھنجي معلومات اڻپوري، اڌوري ۽ غلط ھئي.مون کي ايئن خبر ملي تہ زراعت لاءِ برساتي پاڻيءَ کي روڪڻ لاءِ مقامي سطح تي ننڍا ننڍا بند ٻڌا ويا ھئا، جيڪي برسات جي وھڪري ۾ لڙھي ويا. ان سبب وسنديون جيڪي وھڪرن جي رستي ۾ ھيون لڙھي ويون.
فاروق سومري جي ٿوري اھو معلوم ٿيو تہ #گاج جيئن بلوچستان کان سنڌ ۾ داخل ٿئي ٿي اتي انگريزن جي قبضي واري دور کان گاج #بنگلو ٺھيل آهي ۽ جبل سان گڏ پاڻي جي رفتار کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ان وقت #تير_ڀت ٺاهي وئي هئي تہ جيئن پاڻيءَ جي وھڪري کي گھٽائجي ۽ پاڻي آھستي سڄي #ڪاڇي جي پٽن ۾ پکڙجي وڃي ۽ تيز وھڪري سبب ڪو نقصان نہ ڪري. سن 1995 ۾ #تير_ڀت ٽٽي هئي، جنهن کان پوءِ اها ٻيهر ٺاهي وئي. انھي ڀت سان گڏ واپڊا طرفان اضافي بند بہ ٻڌرايو ويو جنهن کي #ڊائيورشن_بند چون ٿا. اھو بند بہ نئين گاج جي وھڪري جي رفتار گھٽائڻ لاءِ ڏنو ويو آھي. هاڻي ٿيو ڇا آهي تہ ان ڊائيورشن_بند يا #گاج_بند جو واپڊا طرفان ڪرايل ناقص ڪم حادثي جو سبب ٿيو. ھن سال جيئن پاڻي جبل تان لٿو تہ اهو انھيءَ بند جي ڪجھ حصي کي لوڙھي ٽوڙي ويو، جنھن سبب پاڻيءَ جو وھڪرو تيزيءَ سان ڳوٺ ٻوڙيندو اچي #ايف_پي_بند سان لڳو. ان بند تي بہ سنڌ حڪومت جي آبپاشي کاتي وارن سالن کان ڪو مرمتي ڪم ناهي ڪرايو.
جوھي شهر کان اڳيان بند کي گهارو لڳو انڪري جوھي شهر ته بچي ويو آھي پر جوھي تعلقي جون ڪجھ يونين ڪائونسلون ان پاڻي جي گهيري ۾ آهن، جن جو تعداد وقت سان پڌرو ٿي ويندو. اهو آھي اصل قصو.
اسان ڪاڇي کان ٻاھريان ماڻهو سمجهئون پيا تہ #گاج_بند ۽ #ايف_پي_بند ڪا ساڳي ڳالھہ آهي ۽ ھي جيڪي ٻڏا آھن اھي ماڻهو گاج نئين جي وھڪري تي اچي ويٺا آهن.
حقيقت ايئن ڪونھي.
رڪاوٽ نہ ھجڻ ڪري پاڻي تيزيءَ سان منڇر ڏانھن وڌيو، جنھن نقصان ڪيو. جيڪڏهن گاج جو بند مضبوط هجي ها تہ اهو پاڻي اتان آهستي آهستي اڳتي اچي وري بہ ايف پي بند تائين پھچي ها ۽ منڇر ۾ وڏو وهڪرو وڃي ها پر ڳوٺ لڙھڻ کان بچن ھا ۽ ڪاڇو بہ سيراب ٿئي ها. هاڻي بہ ڪاڇو تہ سيراب ٿيو ۽ آباد بہ ٿيندو پر تيز وهڪري ڳوٺن جا ڳوٺ لوڙهي ڇڏيا.
ياد رھي تہ گاج بند واپڊا جي حوالي آهي ۽ ايف پي بند سنڌ حڪومت جي آبپاشي کاتي جي حوالي آھي.

مان شايد گونگو آھيان
عين ان وقت جڏھن مان ڊاڪٽر عرفانہ ملاح جو مسلمان ھجڻ وارو وڊيو بيان ٻڌي پنھنجي بيوسيءَ جو ڪاٿو ڪري رھيو ھوس،
ھڪ پراڻي دوست ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ فون ڪري سيد منورحسن جي وفات تي اھو چئي مون سان تعزيت ڪئي تہ ھو (منور حسن) بہ پنھنجي جوانيءَ ۾ تنھنجو ھم خيال رھيو ھو پر بعد ۾ اللہ تعالا کيس صحيح رستو ڏيکاريو ۽ ھن پنھنجي دنيا ۽ آخرت سنواري.

پھاڪا عورت ۽ طبقاتي ڀيد
اسان کي روزمرھ جي استعمال ۾ ڪمزور طبقن، ٻولي، نسل، ڪرت، عورت ۽ مذھب کان نفرت تي ٻڌل محاورا، چوڻيون ۽ پھاڪا استعمال نہ ڪرڻ گھرجن.
اھو پھاڪو جنھن ۾ 'عورت' ۽ 'تيل' جو ذڪر آھي، اھو مذھبي نفرت تي ٻڌل آھي. انڪري سڌريل سماج ۾ ان کي استعمال نہ ڪرڻ گھرجي.
'ڌوتي' لفظ بہ صنفي نفرت جو اظھار آھي
ان کي بہ سڌريل سماج ۾ استعمال نہ ڪرڻ گھرجي.

ريگيولر ڇو نٿا ڪريو
ٽوئٽر جي مالڪ آفيس جي ڊامريڪٽرن سميت ـ سڄو عملو ھڪ حال ۾ گھرائي کانئن پڇيو تہ ''ڀلا توھان 'ٽيچرس' کي ريگيولر ڇو نٿا ڇاپيو''
جڏھن کيس، معاملي جي حقيقت سمجھايئون تہ 'سنڌ' ۾ 'ماستر' ۽ ڀرتي ڪيئن ٿيندي آھي تہ چيائين، ابول! "ھاڻي سمجھ ۾ آيو تہ سنڌ ۾ ڪوڙي ڊوميسائيل تي ماستر ڀرتي ٿيا ھوندا"

ٿوڪ جا واپاري ۽ ريزڪي مسئلا
اسان وٽ سنڌ سميت پاڪستان ۾ سڀئي ترقي پسند پارٽيون 'ٿوڪ' جو ڪاروبار ڪنديون ھيون. انھن جو موقف ھوندو ھيو تہ بس، انقلاب ايندو سڀئي مسئلا حل ٿي ويندا. جيتوڻيڪ سماج جي مسئلن کي حڪومت ٺاھي حل ڪرڻ جي منجھن جا صلاحيت ڪونہ ھوندي ھئي ۽ نہ وري ڪڏھن کين اھا توفيق ٿي ھئي تہ ان طرف ڌيان بہ ڏين. انھن پارٽين جي مغزن مطابق اھي معمولي ۽ ريزڪي مسئلا انقلاب سان گڏ پاڻ ھرتو حل ٿي ويندا.
جيڪڏھن اک ڦيرائي ڏسجي تہ عوام جي اڪثر مسئلن جو حل 'پرچون' جي ڪاروبار ۾ آھي. روزگار، تعليم، خوراڪ، صحت، پاڻي، بجلي، سواري، روڊ ۽ رستا وغيرہ. اسان جا ترقي پسند، ماڻھن جي مسئلن تي سياست ڪڏھن ڪندا.
وصيت
اسان اھي سڀئي جن کي جيئري ئي گھٽ ٻڌو ۽ سمجھيو ويندو آھي، انھن سڀني کي طبقاتي سماج جي مراعت يافتہ سھولتن جھڙڪ 'وصيت' لکڻ، چوڻ يا خواھش ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گھرجي.
جيڪو سماج اڄ نٿو ٻڌي، اھو سڀان ڪٿي ٻڌندو.
بس اسان جي خواھشن کي کڻي پونئيرن ۽ ساٿين تي طنزون ۽ تبرا ضرور ڪندا.

اڄ جو سڏ
① تعليم ـ معياري تعليم ـ مادري زبان ۾ بنيادي تعليم.
② گڏيل زراعت(اشتراڪي زراعت) ـ سائنسي زراعت.
③ پبلڪ لميٽيڊ ڪمپنيون.
④ ٿنڪ ٽئنڪ
⑤ لابنگ
⑥ تحقيق ـ ترويج ـ تحقيق
انھن سڀني کان اڳ
تنظيم ـ
سياسي ڍ طبقاتي شعور ـ
بنياد پرستيءَ کان انڪار.

سوال
اسان ان سماج ۾ ٿا رھئون جتي
پي ايڇ ڊي اسڪالر،
سائنس جو استاد،
ڊاڪٽر ۽
انجنيئر
'سوال' ڪرڻ تي پريشان ۽ حقيقت بيان ڪرڻ تي ڪاوڙجي پوندا آھن.

راءِ
جڏھن ڪنھن بلاگ ۾ لکندڙ کليل لفظن ۾ لکي ٿو تہ اھا منھنجي ذاتي راءِ آھي. انجو مطلب اھو ھڪ مفروضو آھي. اھو ثابت بہ ٿي سگھي ٿو ۽ رد بہ ٿي سگھي ٿو. ياد رھي تہ مفروضو ئي ڪنھن جستجو جو بنياد وجھندو آھي.

سفا سوڙھو اچي ڪيو اٿن-
اڙي بابا جلدي ڪريو
اڄ ئي، بورڊ جو اجلاس گھرايو
ٽوئٽر جي مالڪ جو پگھر پئي وھيو.
ھڪڙي ڊائريڪٽر ڊڄندي پڇيس
سيٺ، خير تہ آھي.
سيٺ سرٻاٽ ڪندي چيس
اھو، سنڌ وارا ڊوميسائيل ڪير ٿو اشو ڪري
سفا سوڙھو اچي ڪيو اٿن


چلھي جو موت
اڄ وري ڏھن گھرن جي چلھن جو مرتيو ڪيو ويو ـ اھي ڏھ (10) ئي مزدورن جن کي صرف ان لاءِ قتل ڪيو ويو آھي تہ شايد اھي ڪا مخصوص ٻولي نہ ڳالھائيندا ھئا.
ڪيڏو عجيب ٿو لڳي ـ مزدور ـ زبان ـ قتل.
مزدور تہ مزدور ھوندو آھي ان جو ڪھڙو ديس ڪھڙي زبان. اھي قوم، ديس، زبان تہ ڀريل پيٽ جا چونچلا آھن ـ
اھي مزدور سکي ستابي سنڌ کان ٻاھر پرديس ۾ گھر جي چلھ ٻريل رکڻ جو بندوبست ڪرڻ ويا ھئا.
سنڌي مزدور جيڪو پنھنجي جوءِ ۾ ڪم ڪرڻ کان لنوائيندو آھي جو سماجي تاڃي پيٽو مزدور کي ڪو چڱي اک سان ناھي ڏسندو ان ڪري ٿورو پر ڀرو وڃي ڪمائڻ جي سنڌ اندر ھڪ نئين ريت جڙي پئي .
ھي واقعو سنڌين ۽ بلوچن وچ ۾ ڪو پيار جو سبب تہ نٿو بڻجي سگھي انڪري بلوچ ساڃاھ وندن کي اھڙن واقعن جي کليل مذمت بہ ڪرڻ گھرجي ۽ ساڻ اھو پڻ ڏسڻ گھرجي تہ انھن کي ڪيئن ختم ڪري سگھجي.
مزدور جو مــــــوت ڀلي بـــــک وگھي ٿئي
ڪاخانيدار جي اڍنگيروئيي جي ڪري ٿئي
مزدوري نہ ملڻ يا بيروزگاري ڪـــــري ٿئي
بيماري جو مناسب علاج نہ ملڻ ڪري ٿئي
ڪنھن تخريبڪــــــاري جي نتيجي ۾ ٿئي
ڪنھن حـــــادثي جـــي صــــــورت ۾ ٿئي
اھو سول سوسائٽي جي ميڻ بتي برگيڊ جو مسئلو ناھي
شايد ان تي نہ ڪو پراجيڪٽ ملندو نہ ئي فنڊنگ ٿيندي
مزدورن جي نالي تي ٺھيل تنظيمون مختلف سياسي پارٽين جون ذيلي تنظيمون آھن. اھي ڪو مظاھرو ڪو احتجاج ڪيئن ڪن سندن ليڊرن جو موقف خبر ناھي ڪيئن اچي ـ

ڪيرالا
سنڌو سڀيتا جي ڪميونسٽ سماج عوام جي تربيت ڪيئن ڪئي آھي. ان جو ھڪ ننڍڙو مثال ـ
ڪيرالا جي ھڪ ھوٽل ۾ ھڪ شخص ماني کائڻ ويو.
جڏھن ماني ٽيبل تي لڳي تن سنس نظر ٻاھر بيٺل ٻن ٻارن تي وڃي پئي جيڪي حسرت ڀرين نگاھن سان ھوٽل ڏي تڪي رھيا ھئا.
ھن اشارو ڪري ٻنھي ٻارن کي سڏ ڪيو، ڀر ۾ ويھاريو. ٻارن کان ماني جو پڇيائين، سندن پسند جي ماني گھرائي اھو انتظار ڪيائين جيسين ٻار کائي ڍئو ڪن.
بعد ۾ ھن پنھنجي لاءِ گھرايل ماني کاڌي.
جڏھن مانيءّ جو معاوضو(بل) ڏيڻ جو وقت آيو تہ بل ڏسي سندس اکيون ڀرجي آئيون ـ
بل جي بدران چئوڻو ٿيل ڪاغذ پيل ھو ان تي لکيل ھيو "اسان وٽ انسانيت جو ڪاٿو ڪرڻ واري ڪا مشين ڪونھي"

اچو تہ سوال ڪريون
ڀانت ڀانت جون ٻوليون
عجيب و غــــــريب آواز
ھيئن ڪري ڇڏينداسين
ھونءّ ڪري ڇڏينداسين
ھــــــي نڪري وڃــــي
ھـــــــو نڪري وڃــــي
چــــانڊڪــا جـا ڏينھن
يـــــــاد اچـــــي ويـــا

منھنجو سادو سوال
سنڌي مزدور ڪنھن ترقياتي منصوبي تي ڪم ڪرڻ ويا ھئا
اھو منصوبو خبرن مطابق ''عظيم چائنا پاڪستان راھداري'' جو حصو آھي جنھن کي CPEC ٿا چون.
ٻڌو ھيوسين اھڙن سڀني منصوبن تي ڪم ڪندڙن ملڪي توڙي غير ملڪي ڪارڪنن، مسترين، انجنيئرن، مزدورن، چوڪيدارن، ٺيڪيدارن جي حفاظت لاءِ دنيا جي بھترين فوج جو خاص دستو ترتيب ڏنو ويو آھي.
لڳي ٿو اھي سڀ حفاظت ۽ CPEC واريون خبرون ڪي افواھ ھئا.
جيڪڏھن منھنجي معلومات درست آھي ۽، اھي خبرون صحيح آھن تہ ڪو آھي جيڪو مون کي دڳ لائي ـ
ـ ھي مزدور ڪيئن ماريا ويا؟
ـ ان معاملي تي سنڌ سرڪار جون ايمبولنسون ڇو ٿيون ڳولھيون وڃن. واقعو تہ بلوچستان ۾ ٿيو ھيو؟
ـ جنھن ٺيڪيدار وٽ مزدور ڪم ڪندا ھئا ان جو نالو آھي FWO انھن کان پڇندي سنگت جا پر ڇو ٿا سڙن؟
ـ جن بلوچ تنظيمن ڏوھ قبوليو آھي اھي ويچارا لاچار ڪيئن ٿي ويا؟
ـ جن بلوچ تنظيمن مذمت ڪئي، آھي. اھي ڌر آھن يا مون وانگيان پري جا ڏکايل؟

وقت
وقت اچي ويو آھي تہ ھيڏي ھوڏي لٻاڙون ھڻڻ بدران ڪنھن
مدلل انداز ۾ گھٽ ۾ گھٽ نقطن تي مزدور کي گڏ ڪجي ـ
سياسي پارٽين جي پڇ لٽڪائو مزدور تنظيمن مان جند ڇڏائجي ـ
مزدورن جي زبان، رنگ، نسل، ڪم جي نوعيت، مذھب، فرقي جي بنياد تي ورھاست جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪجي ـ
مزدور جو محنت ڪرڻ جو حق.ـ
مزدور جو معاشي استحصال ـ
عسڪري ادارن ۾ ڪم ڪندڙ سولين مزدورن جي حفاظت ـ
مزدور جو يونين سازي جو حق ـ
مزدور جي اجرت جو مناسب ۽ متوازن ھجڻ
مقامي مزدور جو روزگار تي پھريون حق ـ
عمر رسيدھ مزدور جي سھائتا جو قانون ـ
مزدورن جي اولاد. لاءِ بورڊنگ اسڪول ـ
مزدور جي ڪم دوران غيرفطري يا حادثاتي موت جي صورت ۾ ھڪ جھڙو معاوضو ـ

قطار
سياستدان تہ بقول عام آھن ئي خراب ـ
ڇا ڪيون آمرانہ دورن ۾ ھڪ عجيب قسم جو رويو پيدا ٿيو آھي ـ
ٿوري نظر پنھنجي قطار تي بہ ڊوڙايو ـ
منھنجو اشارو انھن عظيم ڪردارن ڏانھن آھي جيڪي ڌرتيءّ جي درد ۾ اڄڪلھ دورن جي بيماري ۾ مبتلا آھن ـ
جن ماڻھن سالن جا سال انھن سياستدانن جا جوتا کنيا ۽ ماڻھن سان بيواجبيون ڪيون، ڪرن پيا يا پنھنجي اولادن کي تيار پيا ڪن اھو نيڪ ڪم ڪرڻ لاءِ.
منھنجو مطلب سول سروس جا راشي ڪامورا، راشي ڊاڪٽر، راشي انجنيئر، نااھل پروفيسر، پوليس وارا، اينٽي ڪرپشن جي نالي ۾ ڪرپٽ عملدار، بيضمير جج، NGO وارا ڌنڌوڙي اڳواڻ، لفافي ورا صحافي
ڪو رھجي ويو ھجي تہ معافي جو طلبگار ـ
انھن سڀني جا گفتا، ڌرتيءّ سان محبت، ڪرپشن تي ڪاوڙ پڙھي، ٻڌي کل تہ ٺھيو ماڻھو روئڻ جھڙو بہ نٿو بچي ـ

ڪجھ تہ ڪرڻو پوندو
اڄڪلھہ ھڪ نئون بحث ڇيڙيو ويو آھي تہ پنجين درجي تائين امتحان، مارڪون ۽ درجا بندي ختم ڪئي وڃي.
اھا ھڪ مناسب، وقتائتي ۽ بھترين تجويز آھي پر اھو ياد رکجو تہ تجويز ڪيل طريقي لاءِ ھيٺيان اپاءَ وٺڻا پوندا:
1. موجودہ 'نصاب' کي مڪمل تبديل ڪري، نئون نصاب ترتيب ڏيڻو پوندو.
2. استادن جي ڀرتيءَ جو موجودہ طريقو تبديل ڪرڻو پوندو.
3. استاد ٿيڻ لاءِ گھٽ ۾ گھٽ تعليم لاڳاپيل مضمون ۾ 'ماسٽرس' ۽ ساڻ ايڊيوڪيشن ۾ گريجويشن.
4. استاد جي گھٽ، ۾ گھٽ ابتدائي عمر 27 سال ڪرڻي پوندي.
6. گھٽ، ۾ گھٽ پنجاھہ سيڪڙو عورت ستاد ڀرتي ڪرڻا پوندا.
6. ٻارن لاءِ داخلا جي عمر 7 سال ڪرڻي پوندي.
7. ھر اسڪول ۾ راندين جو ميدان لازمي قرار ڏيڻو پوندو.
8. بنيادي تعليم ھر ٻار کي مادري ٻولي( اھا ٻولي جيڪا گھر ۾ ڳالھائبي ھجي) ۾ تعليم ڏيڻ جو بندوبست ڪرڻو پوندو.
موجودہ نصاب جي ترتيب ۽ پڙھائڻ جو طريقو امتحان وٺڻ وارو آھي. ان جو بنياد سمجھڻ گھٽ، ياد ڪرڻ وڌيڪ آھي.
مروج نصاب پڙھائيندي جيڪڏھن امتحان ختم ڪيا ويا تہ ان جا ڀيانڪ نتيجا نڪرندا.
***ڪجھہ دوستن جو خيال آھي تہ 60 ۽ 70 جي ڏھاڪن ۾ جڏھن اسان پرائمري تعليم حاصل ڪئي ان وقت ڪو بہ امتحان ڪونہ ٿيندو ھو.
عرض تہ اھو غلط العام تصور آھي.
ڪاغذن ۾ امتحان بہ ٿيندو ھو ۽ نتيجا پڻ مرتب ٿيندا ھئا،جيتوڻيڪ زميني حقيقتون مختلف ھيون.

عوامي، آگاھي
پاڪستان جھڙن ملڪن ۾ سگھارين ڌرين جا پاليل صحافي، رٽائرڊ جرنيل، رٽائرڊ ڪامورا ۽ آسري ۾ چٌور چٌور مڊل ڪلاسي گڏجي سياسي پارٽين جي اھڙي تصوير ڪشي ڪندا آھن ڄڻ ڪائنات جي سڀني مسئلن ۽ خرابين جو بڻ بڻياد ئي سياسي پارٽيون آھن.
انھن جي لاءِ سڀني کان وڌيڪ خراب سياسي پارٽي اھا ھوندي آھي جيڪا عوام کي پسند ھجي ـ
ھو سڀئي گڏجي اھو ثابت ڪرڻ ۾ رڌل ھوندا، آھن تہ ماڻھو بيوقوف، آھن ـ
ساڳئي وقت اھو راڳ بہ جاري رھندو آھي تہ اسان تہ عوامي آگاھي جي مھم ھلائي رھيا آھيون ـ

ڍوڍي جو خير گھرو
ملڪ ۾ صنعتڪاري ڀلي ڪريو
اھو نہ وسارجو تہ پوءِ بہ
ـ ملڪ جي عوام جي کاڌ خوراڪ لاءِ زراعت جي ضرورت رھندي.
ـ ماحول جي بھتري لاءِ ٻيلا بہ گھرجن.
ـ زرعي سڌارن کانسواءِ 'صنعت' جي نالي ۾ نئين جاگيرداري جو ڪاري وار ڪيئن سھبو.
ـ جيڪو ڪجھ بہ ڪيو، ھاريہ، کيت مزدورن ۽ انھن نئين رياستن ۾ موجود ڳوٺن جي لاءِ بہ قانون جوڙيو.
ـ انھن نئين رياستن ۾ موجود آبادين لاءِ بنيادي سھولتون جھڙوڪ تعليم، صحت، روزگار، پاڻي ۽ تفريح وغيرہ جي لاءِ بہ قانون جوڙيو.

ڪاوڙ، ملال، طعنا
جيڪڏھن توھان
ڪنھن راءِ سان متفق نہ ٿيو
پنھنجو مئوقف بيان ڪيو
نہ
ڏوراپا ڏيندا،
طنز ڪندا،
چٿرون ڪندا،
الرون ڪندا،
گھٽ وڏ ڳالھائيندا
انفرينڊ ڪري ڇڏيندا
ماڳھين بلاڪ ـ ـ

حصو ڇھون

راءِ بھادر

جو لقب انگريز سرڪار انھن غيرمسلم ڌرتي جي غدارن کي ڏيندي هئي جيڪي سندن وفادار هوندا هئا.
انھي ڪيٽگري جي مسلمان غدارن کي وري 'خانبھادر' جو لقب ملندو هو
جيڪو انھن ٻنھي کان سرس خدمتگذار نڪرندو هو
ان کي 'سر' جو خطاب ملندو هو
انھن خطابن سان گڏ زمينون،دربار ۾ ڪرسي، انعام اڪرام پڻ ملنداهئا
مطلب وطن جو غدار
قابض انگريز جو وفادار

پھاڪا
پھاڪا 'صنفي' ناانصافي تي ٻڌل پڻ ھوندا آھن. انھن کي روزمرہ جي گفتگو ۾ جيڪڏھن استعمال ڪرڻ ڇڏي ڏيون تہ ھوند فطري موت مري وڃن.
خاص ڪري اھڙا محاورہ جن ۾
ـ عورت کي ننديو ويو آھي.
ـ ڪنھن نسل تي چٿر ڪئي وئي آھي.
ڪنھن ٻولي کي ڪمتر چيو ويو آھي.
ـ ڪنھن مزدور کي نشانو بڻايو ويو آھي.
ـ ڪنھن ڪرت کي گھٽ چيو ويو آھي.

چِھِ، ٽانڊو ۽ ڄَرَ
سنڌ جي جنھن ڳوٺ ۾ نہ جي دکيل دونھينءَ کي 'ٽانڊو' چئبو تہ ڳوٺ جا ٻار بہ کلندا. ان دکندڙ (ٻرندڙ) دونھينءَ ۾ جيڪا گرم باھ نما شيءِ ھوندي آھي، ان کي سنڌيءَ ۾ 'چِھِ' چئبو آھي، چِھِ جيستائين خاڪ ۾ پوريل ھوندي دونھين وري دکائڻ جي ڪم اچي ويندي، جي ھوا لڳس تہ بس ٺھيو، اھا خاڪ ٿي ويندي.
سنڌ ۾ وري اڄڪلھ عجيب رواج نڪتو آھي. وساميل چلھ کي باھ جي ڄَرُ(شعلو) پيا چون.
انھن جا ھمنوا وري چون ٿا سائين ساڃھ وند آھي.

شفافيت
جيستائين 'منصب' تي مقرري 'لياقت' بدران 'عمر' يا حڪمران ڌرين سان ويجھڙائپ تي ٿيندي، تيستائين بھتري جي گنجائش نہ ھجڻ برابر آھي.

ساٿ
ميڻ بتيءَ واري ڌاڳي جي چوڌاري ميڻ نہ ھجي تہ اھو سڙي خاڪ ٿي ويندو. ڌاڳي کي ڄَرَ پيدا ڪري روشني ڏيڻ لاءِ 'ميڻ' جو ساٿ کپي.
جيڪڏھن وري ميڻ جي مدد لاءِ ڌاڳو نہ ھجي تہ ميڻ نہ ڄَرَ پيدا ڪندي، نہ وري روشني، بي مقصد سڙي ويندي، جنھن جي رَکَ بہ ڪونہ ٺھندي.
روشني ڏيڻ لاءِ 'ميڻ' کي وري 'ڌاڳي' جو ساٿ کپي.
سبق:
ڌاڳو ۽ ميڻ پنھنجي سر اڪيلا نہ 'ڄَرَ' ڪڍڻ جھڙا نہ 'روشني' ڏيڻ جھڙا. ھڪٻئي جو ساٿ ڏين تہ 'ڄَرَ' بہ ٺھي تہ 'روشني' بہ ٿئي.

ڀورائي
'سرمايو' جڏھن 'سرمائيدار' جي ھٿ چڙھندو تہ 'موڙي' ٿي صرف ۽ صرف استحصال جو سبب ئي بڻبو.
اھو 21 صديءَ جو الميو ٿيندو جڏھن سرمائيدارڻي سماج جي اثر ۾ اچي علم، دانش ۽ 'ڪتاب' کي ہہ 'سرمايو' ڪوٺينداسين.


ڪامريڊ مير محمد ٽالپر جي نانءِ
ساٿي توھان صحيح چوندا ھئا.
اسان کي ئي سمجھ ۾ ڪونہ آيو.
ھن ڪووڊ ـ 19 جي 'عالمي وبا' سڄي سنسار کي سمجھائي ڇڏيو.
''اسان جو حال صفا ھيڻو ٿي ويو آھي.
'مسلم' ٿا ڍڪيئون تہ
'ليگ' رھجيو وڃي.
جي نہ وري ليگ جو ٿا خيال ڪيون تہ مسلم مسئلو ٿو ڪري ''


سنڌ بہ سکر ٿي پوندي
سنڌ واقعي سکر ٿي پوندي،ان لاءِ اسان کي پنھنجو قبلو بہ درست ڪرڻو پوندو.
رڳو مارچ، ميلا، پريس ڪانفرنسون، بلاگ ۽ تبرا ڪو گھربل نتيجو ڪونہ ڏيندا.
اھو سڀ ڪجھ صرف ڪل وقتي طبقاتي جدوجھد سان ئي ممڪن آھي.
اسان ھلون تہ پيا، پر دڳ ڀلجي ويا آھيون.
اسان کي پنھنجي پسند جي ڪنھن نہ ڪنھن سياسي پارٽيءَ سان شامل ٿيڻو پوندو.
ھتي عجيب روش آھي.
چون ٿا سڀئي سياسي پارٽيون خراب آھن.
ان ڪري اسان رڳو مارچ، ميلا، پريس ڪانفرنسون، بلاگ ۽ تبرا ڪنداسين.
مطلب تہ ڪٿي ڪنھن تنظيم جو حصو ڪونہ ٿينداسين.
باقي عام جي مزاحمتي سگھ جو غلط، استعمال ڪري، سگھارين ڌرين لاءِ سھولتڪار جو ڪردار، ادا ڪندا رھنداسين.

لبيا
انھن کي بہ ساڳو سودو وڪيو ويو ھو
جيڪو سنڌ ۾ ھر ھٽ تي وڪامي ٿو ـ

لاب
سنڌ ۾ ڪڻڪ جو لابارو شروع ٿي ويو آھي ۽ ڪڻڪ ڏينھن، ٻن ۾ مارڪيٽ ۾ اچڻ شروع ٿي ويندي.
آڳاٽي فصل جو ڀرپور لاڀ حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ سرڪار کي ننڍن آبادگارن ۽ ھارين جي سھائتا لاءِ:
① ڪڻڪ جي 220 فصل جو اگھ مقرر ڪرڻ گھرجي.
② ھارين ۽ آبادگارن کي ستين فارم جي آڌار تي الڳ، الڳ باردانو جاري ڪرڻ گھرجي.
③ تعلقي سطح تي ڪڻڪ جي خريداريءَ لاءِ مرڪز کولڻ گھرجن.
④ ڪڻڪ ضلعي کان ٻاھر کڻي وڃڻ تي پابندي ھڻڻ گھرجي.
محبت ۽ پرڻو
محبت رڳو پرڻو (جنسي تعلق) ئي تہ ڪونھي.
اسان جنھن سماج ۾ رھون ٿا، اتي محبتون بہ اوتريون ئي بيوس آھن جيترو ھن سماج جو انسان.
"ڍور ھلن ٿا ھلر ھلو،
چٿجي جو پيو سڪل سلو
سڪل سلو ساھ اسانجو،
ماڻھوءَ ۾ ويساھ اسانجو
ماڻھو محبت وارا مور،
پاھ بکن ۾ ڄڻ ڪي ڍور"
بک رڳو ڳڀي جي ھجي تہ چئجي، ھتي تہ بک بہ ڄڻ 'انڊلٺ' آھي، الاجي ڪيترن رنگن جي، روپن جي، جھتن جي.

فردن جون غلطيون
صرف ھڪ شخص جي ضد ڪري اسلام ڪوٽ ۾ ٿرڪول جا سمورا انساني ڀلائيءَ جا ڪم خانگي شعبي حوالي ٿي ويا.
① اسڪول ـ سٽيزن فائونڊيشن حوالي. جيڪڏھن ايتري رقم شھر ۾ موجود سرڪاري تعليمي ادارن تي لعائجي ھا تہ ھوند سڀئي اسڪول، ڪاليج پاڻ ڀرا ٿي پون ھا.
② اسپتال ـ انڊس اسپتال حوالي. شھر ۾ موجود رورل ھيلٿ سينٽر مدد لاءِ ٻاڏائيندو رھيو.
③ گوڙاڻو جو دٻو [جنھن کي 'ڊيم' ٿا چون] ان جو ٺيڪو جنھن گادي نشين کي ڏنو ويڳ، انھي ٽڪي جو بہ ڪم ڪونہ ڪرايو [ڪم تہ خير ھيو بہ ڪونہ، نوڪري بچائڻ جي ڪوشش ھئي جيڪا بہ ڪونہ بچيس] اھو دٻو ٿر لاءِ اھڙو ناسور آھي جنھن جو ڪو علاج ڪونھي. [مٿان وري ليپو پوتي ايئن پيا ڪن جھڙوڪر اھو دٻو ٿر جي تقدير بدلائي ڇڏيندو
④ چيائون جٽادار ترقيءَ جو گڏيل قومن وارو پروگرام Sustainable development Goals ٿا لاڳو ڪريون، اھو بہ اڌوگابرو رڳو ھڪڙي تعلقي اسلام ڪوٽ ۾. ھاڻي جيڪر نہ ڪو انھي فلسفي کي ھڪ ڀيرو پڙھي تہ شايد ڪنڌ بہ ڪونہ کڻي سگھندوھتي نڪ جي پڪائي اھڙي جو وڃي ٿيا ست خير.
وري مٿان روز روز انھي شخص جا قصيدا ٻڌي ٻڌي ڪنن ۾ سور پئجي ويو آھي.

انسان:
مَنُشَ کي انسان ٿيڻ تائين سندس اجتماعي توڻي انفرادي سھائتا جي گھرج ھوندي آھي. اھا سماجن جي ذميواري آھي تہ اھي سندس سھائتا جاري رکن.
اھو ڪڏھن بہ وسارڻ نہ گھرجي تہ:
''ماڻھو بنيادي طورanimal kingdom جو ھڪ جاندار آھي''

ميلو
اھو لفظ جيئن ڪنھن 50 ۽ 60 جي ڏھاڪي ۾ ڄاول ٻھراڙيءَ جي ٻار جي ڪن تي پوندو تہ سندس ذھن تي ڪھڙا منظر تري ايندا:
چوڏھيل
سرڪس
رڇ ـ ڪتا
راڳ
ناچو
کوپري جي مٺائي
سڪل توت
چوڙيون
رانديڪا
ڀولڙي وارو فقير
سرخي، ڪجل، مساڳ جو دڪان
ٽانگو
ملاکڙو
ڪوڏي، ڪوڏي
راڳ ۽ رنگ
ڀنگ، چرس
بشني، ڳنڍي ڇوڙ
سپاھي
(اچو تہ ميلا لڳائي سماج جي تقدير بدلايون)

کٽراڳ
جمھوري ادارن خلاف نئون راڳ:
فلاڻي فلاڻي ليڊر جي تعليم ڪيتري آھي؟
صوبائي اسيمبليءَ جي ميمبر جي تعليم ڪيتري آھي؟
قومي اسيمبليءَ جي ميمبر جي تعليم ڪيتري آھي؟
سينيٽ جي ميمبر جي تعليم ڪيتري آھي؟
گورنر جي تعليم ڪيتري آھي؟
وزير جي تعليم ڪيتري آھي؟
وزير اعلا جي تعليم ڪيتري آھي؟
وزير اعظم جي تعليم ڪيتري آھي؟

تياڳي
سنڌ ۽ پاڪستان مان ھجرت ڪري آمريڪا، ڪئناڊا يا يورپ جي ڪنھن ملڪ جي شھريت اختيار ڪندڙ دانشورن ڏانھن:
ڪجھ پنھنجي نئين ملڪ بابت بہ لکو.
خاص ڪري موجودہ سياسي حالتون، جنگي جنون ۽ بين الاقوامي وڏيرائپ جي ڊوڙ.

ٻوسٽ
ھٿيارن جي عالمي سوداگرن جا مختلف شڪلين، رنگن، روپن ۽ نعرن وارا بنياد پرست ساٿاري سڄي دنيا خاص ڪري اسرندڙ ملڪن ۾ سانڊي وانگر رنگ مٽائيندي نظر ايندا.
انھن جا ھم آواز وري لبرل، ترقي پسند، انقلابي ۽ سامراج دشمن روپ ۾ چوگرد ڏسندي، ڊپ پيو ٿئي تہ ڪنھن تي اعتبار ڪجي ڪنھن سان اندر جي سلجي.
ڪالھ کان ڏسڻن وائسڻن چھرن جون پوسٽون ڏسي صفا ساھ ٿو منجھي. اھڙي گھٽيل، ٻوساٽيل ۽ غير يقيني صورتحال ۾ پاڻ سنڀالي وک کڻڻ ئي شايد وڏو ڪم آھي.

غير سياسي
دوستن کي گذارش:
يارو ڀلي اختلاف ڪيو
کُنڀُ چوڪَ تي نہ چاڙھيو
*****
سنگت کي گذارش:
'بلاگ' سمجھ ۾ نہ اچي
تہ ان تي ڪمينٽ نہ لکو
*****
دوستن کي گذارش:
يارو ڀلي اختلاف ڪيو
پنھنجا لٽا نہ لاھيو
****
دوستن کي گذارش:
يار ميار ڏيو
ڀَنڊيِ نہ ٻَڌو
سانحو
الميو اھو آھي تہ
جنھن کي قرض پکو کڻي
پڙھائيون ٿا،
اھو پرڏيھ ڪمائڻ ھليو ٿو وڃي.
وري وطن منھن بہ ڪونہ ٿو ڪري.

قتلام:
شھيد محترمہ بينظير ڀٽو جو قتل انھي سلسلي جي ڪڙي آھي، جنھن ۾
شھيد ذولفقارعلي ڀٽو،
شاھ فيصل بن سعود،
صدام حسين،
معمرقدافي ۽ ٻيا ڪيترا
پنھنجي ملڪن جي غريب عوام سان ڌوڪو ڪندي بہ مالڪن کان ڌوڪو کائي ويا.

ڪھاڙيا، ڪوڏاريا, گوڏر
ٻي سڀ ڇڏي ڳالھ
ڪھاڙيا، ڪوڏاريا
گوڏر، وڏي ڳالھ
ـ اياز ـ
ڪھاڙيا ـ وڻن جي واڍي يا ڇانگھڻ لاءِ ڪھاڙيا مزدور مطلب 'ڪھاڙي' پنھنجي کڻي ايندا.
ڪوڏاريا ـ واھن جي کاٽيءَ يا 'گارو' ٺاھڻ لاءِ ڪوڏاريا مزدور مطلب 'ڪوڏر' پنھنجي کڻي ايندا.
مون اھي ٻئي لفظ واھپي ۾ ٻڌا آھن.
باقي
گوڏر يا گوڏِيَرُ ـ اھو لفظ اڪثر ڪري طعني طور ٻڌو آھي.
ھونءَ درياھ ڪناري يا ڍنڍن ڍورن تي رھندڙ ڪٽنبن زالين، مردين گوڏ پائن، مطلب 'گوڏ' ٻئي صنفون پائينديون آھن.
اھڙا ڪٽنب اڪثر غربت جي بالڪل ھيٺين سطح تي ھوندا آھن. کين 'گوڏير' ڪوٺي، انھن جي ڪمزور معاشي حيثيت تي طنز ڪئي ويندي آھي.

ٻار کان فرد جو سفر
ھڪ ٻار کي فرد بنائڻ لاءِ رڳو ڪٽنب نہ سڄو ڳوٺ ذميوار ھوندو آھي.
ھر ڳوٺ جو ھڪڙو پنھنجو 'مزاج' ھوندو آھي.
ڳوٺ ۾ پليل اڪثريت ان جي نمائندگي ڪندي آھي.
باقي انفراديت کي رد نٿو ڪري سگھجي.

بيزاري
مصوريءَ جو ھي شاھڪار ان نفسياتي ڪيفيت کي ظاهر ڪري ٿو جنھن لاءِ دوستو وسڪي چيو:
"مون کي ھر وقت ماڻهن تي ڪاوڙ ڪونہ ايندي آھي، پر آءُ سندن موجودگي کي محسوس ئي ناھيان ڪندو."

شاعر ۽ شخص
ھن جو 'شاعر' ۽ 'شخص' بالڪل متضاد ڪردار آھن.
کيس جيڪڏھن شاعر طور ڏسنداسين تہ سڀني لاءِ بھتر رھندو.
باقي شخص کي بحث ھيٺ آڻينداسين تہ پو شايد شاعر کي بہ ڪٿي پناھ نہ ملي.
ڏات ۽ ڪردار 'ٻہ' بالڪل الڳ خاصيتون آھن.

اجتماعي سزا
مجال جو مسئلي جي سائنسي حل ڏانھن ھڪ وک بہ کڻئون.
سڄي دنيا اھو مڃي ورتو آھي تہ سماج کي گھرجي تہ ٻارن کي توليدي ۽ جنسي صحت(SRH) جي تعليم ۽ تربيت 9 سالن جي عمر کان مطلب 5 درجا پاس ڪرڻ کان پھريان مھيا ڪئي وڃي جيئن جوانيءَ ۾ قدم رنکندي کين جنسي، ۽ توليدي صحت متعلق جوڳي معلومات ھجي.
اسان اھڙو ڪجھ بہ ڪونہ ڪنداسين.
انتظار ڪنداسين تہ اھي ڪو غلط قدم کڻن تن جيئن انھن کي، اجتماعي سزا ڏيون.

صدا
اسان جو ڪم آھي صدا بلند ڪرڻ
جاڳندا رھجو ـ
جاڳندا رھجو
پر، جي جاڳائڻ لڳي پياسين
تہ ھڪ گھر تائين محدود ٿي وينداسين
اسان تہ پوري پاڙي لاءِ صدا ھڻندا آھيون
اھا بہ گھٽيءَ مان
جاڳندا رھجو ـ
جاڳندا رھجو

ھجرت
پنھنجو اباڻو وطن ڇڏڻ ڪو حادثو،زيادتي يا خواھش بہ ٿي سگھي ٿي.
اھڙن ماڻھن کي نئين ملڪ ۾ ''مھاجر'' چيو ويندو آھي.
انھن ماڻھن جي مخصوص سوچ ھوندي آھي، کين نئين ملڪ ۾ پير کوڙڻا ھوندا آھن ۽ مقامي اڪثريت کي پاڻ وڻائڻو ھوندو آھي.
سندن نفسيات اھا ھوندي آھي تہ مذھب يا قومپرستيءَ جو تڪڙو سھارو وٺي، اڪثريت جو حصو ٿي وڃجي.
اھي ڪٿي بہ ھجن ھميشہ ''پاپولر سياست'' جو حصو ھوندا آھن.
پنھنجي ٻارن جي تعليم ۽ تربيت ايئن ڪندا آھن جيئن اھي وري ڪنھن ٻئين شاھوڪار ملڪ ڏانھن ھجرت ڪري سگھن.

اگھاڙو سچ
ھڪ تصوير ''جين لون جريوم'' نالي مصور "اگھاڙو سچ" جي نالي سان منسوب ڪئي آهي.
هن شاھڪار کي ھن 1896 ع ۾ رنگيو هو.
اها تصوير ٻڌائي ٿي تہ سچائي ڪيئن ڪوڙ جي دام ۾ ڦاسي ٿي.
ڏند ڪٿا موجب هڪ ڏينهن ڪوڙ ۽ سچ پاڻ ۾ مليا
ڪوڙ، سچ کي چيو:اڄ تمام خوبصورت ڏينھن آهي!
سچ، شڪ ۾ پئجي ويو ۽ هن آسمان ڏانهن نظر وڌي ۽ محسوس ڪيو تہ اڄ واقعي ڏاڍو سٺو ڏينھن آهي ۽ موسم بہ خوبصورت آهي.
سچ، ڪوڙ سان ڏينهن گذارڻ جو فيصلو ڪيو.
شام جو گھمي ڦري جڏهن واپس موٽيا تہ ڪوڙ، سچ کي چيو:ھن ڦٽل کوھ جو پاڻي مٺو ۽ غسل لاء سٺو آهي، ان جو لطف حاصل ڪرڻ گھرجي؟
سچ کوھ جو پاڻي چکي ڏٺو، واقعي مٺو ھيو، ھن ڪوڙ جي وھنجڻ واري صلاح قبولي.
ٻنھي پنھنجا پنھنجا ڪپڙا لاٿا ۽ کوھ ۾ تڙ پئي ورتائون تہ اوچتو، ڪوڙ کوھ مان تڪڙو نڪتو، جلدي جلدي سچ جا ڪپڙا پائي کسڪي ويو.
سچ ويچارو ننگ ڌڙنگ کوھ مان نڪتو ۽ ڏاڍي ڪاوڙ مان ڪوڙ کي ھيڏي ھوڏي ڳولھڻ لڳو.
ايندن ويندن ماڻهن سچ کي اگھاڙو ڏٺو، انهن مان ڪيترن کي حيرانگي ٿي، ايتري قدر جو انهن منھن ٻئي طرف ڦيرايو تہ جيئن اهي سچ جي اوگھڙ نہ ڏسي سگھن.
ان کان پوء، سڄي دنيا ۾ ڪوڙ ڳالهائيندڙ کي سچ جا ڪپڙا پھريل آهن ۽ ماڻهو ان کي قبول ڪن ٿا، جڏهن اهي اڻڄاتل سچ ڏسڻ ۾ اچن ٿا.
ويچارو سچ رھندي دنيا تائين اگھاڙو رھجي ويو.

صاف گوئي
مسئلو انھن سان گھٽ،
اسان سان وڌيڪ ٿو لڳي.
ڪالھ تائين
جيسين اسان ساڻن گڏ ھياسين،
ڏاڍا سٺا ھيا
اسان کي بہ وڻندا ھئا
تعريفون ڪندي ٿڪبا ڪونہ ھئاسين
جڏھن کان چلھ ڌار ٿي ھو خراب ٿي ويا
بلڪہ. صفا بيڪار ٿي ويا.

سماج جو آئينو
سماج ڪيتري حد تائين برايون برداشت ڪندو.
اسان جڏھن آئينو استعمال ڪندا آھيون تہ ان جي ايترو ويجھو ايندا آھيون، جتي پنھنجو عڪس بھتر ڏسڻ ۾ اچي.
نہ صفا ويجھو، نہ وري گھڻو پري
ٻنھي، صورتن ۾ عڪس متاثر ٿيندو آھي.
سماج بہ ايئن ئي ڪندا آھن.
جڏھن عڪس ڌنڌلو ٿيڻ شروع ٿيندو آھي، ان وقت پاڻ کي روڪي، اڳتي يا پوئتي وڃي پنھنجي عڪس کي ڏسڻ لائق، خوبصورت بڻائيندا آھن.

جھمر کي قيد نہ ڪريو
جھمريون پائڻ، ھر سماج جو حصو ھونديون آھن.
اسان بہ ننڍي وڏي خوشيءَ جو اظھار اجتمائي توڻي انفرادي طور جھمريون پائي ڪندا آھيون.
اڄڪلھ 'جھمر' کي بہ ڪنھن مذھب، فرقي يا لباس جي طابع ڪرڻ جو نئون واءُ گھليو آھي.
پوءِ چوندا:
ھيءَ فلاڻي مذھب جي جھمر آھي.
ھيءَ فلاڻي فرقي جي جھمر آھي.
ھيءَ ملحدن جي جھمر آھي.
خواب ھجن آزا تہ ٻيون ڇا گھرجي.

ترجيح
ھڪڙو اکين کان وڏو پئي دڳ سان ويو.
سندس لٺ وڃي ڪنھن نرم شئي تي پئي.
نوڙي آڱر ٻوڙي چکي ڏٺائين.
اھو 'ڇيڻو' ھو.
چيائين:
چڱو ٿيو پير نہ ڀريو.
سبق ـ پير ڀريو تہ ڪير ڌوئاريندو
آڱر ڪنھن ڏٺي!

حصو ستون

سرٽيفڪيٽ

ڪجھ منھنجون حقيقتون آھن.
ڪجھ توھان جون حقيقتون آھن.
توھان جي پنھنجي منزل آھي.
منھنجي الڳ منزل آھي.
ماڻھن کي ساھ کڻڻ ڏيو.
ھرڪو پنھنجي انداز ۾ سوچيندو آھي.
توھان جي سوچڻ جو انساز مختلف آھي.
منھنجو انداز نرالو آھي.
ھيءَ دنيا ھم خيال نہ آھي،
نہ ٿيندي ۽
نہ وري ٿيڻ گھرجي.
رھيو سوال ڌرتيءَ سان محبت جو،
اھو سرٽيفڪيٽ توھان کان نہ گھرجي.
مون کي ثابت ڪرڻ جي ضرورت بہ ڪونھي.
ڳالھ ٻڌ
توھان جو مضمون سنڌيءَ ۾ لکيل آھي،
ھتي اڪثريت کي سنڌي پڙھڻ نٿي اچي،
مھرباني ڪري قومي ٻوليءَ ۾ لکو.
ڪالھ ثقافت جي ڏھاڙي تي اجرڪ ۽ ٽوپيءَ سان تصوير ڪڍرائيندڙ سنڌي منتظم حڪم جاري ڪيو.
مون لکي موڪليو:
مان صرف سنڌيءَ ۾ سوچي سگھندو آھيان،
سنڌي ئي اسان جي قومي ٻولي آھي.

سنڌ تي ماڪڙ جو حملو
ماڪڙ يا قدرتي آفتن تي حڪمت عملي ٺاھڻ ۽ وفاق جي اڪائين جي سھائتا ڪرڻ، وفاقي حڪومت جي ذميواري آھي.
وفاق جي سليڪٽيڊ خداترس حڪومت جھنگلي جيوت تي رحم کائيندي ماڪڙ لاءِ ڪجھ ڪرڻ تي راضي ناھي.
صوبن وٽ نہ لياقت، نہ وسيلا، نہ گھربل سھولتون.
گڏيل قومن جي ادارن کي گھرجي تہ اھي حالتن جو جائزو وٺي، انھي آفت کي منھن ڏيڻ ۾ مدد ۽ رھنمائي ڪن.

حق سچ
ھڪ سئو انڌن جو ٽولو
جيڪڏھن اھو فيصلو ڪري تہ
ھي مڙھ ھاٿيءَ جو ناھي،
ڪنھن مينھن جو آھي.
پوءِ بہ ھاٿيءَ جو مڙھ،
ھاٿي ئي رھندو

اسان جي رسمن تي تنقيد بند ڪريو
ھڪ تہ پڌر تي ٿا ھنگو
مٿان وري مٽي جو ٻُڪ وجھي ٿا ڇڏيوس.
ڀلي تہ ڪو ٻار ٻڍو ترڪي ڪري يا
ڪنھن ڳڀروءَ جو وڃي
انھي ٽانڊي تي پير پئي.
ڪجھ تہ رحم ڪريو
يا تہ اھو پڌر تي ھنگڻ وارو ڪم بند ڪريو
ڀلا جي نٿا مڙو تہ
مھرباني ڪري مٿان مٽي تہ نہ وجھوس،
ايندڙ ويندڙ ماڻھوءَ کي نظر تہ اچي
تہ ڪو دڳ ۾ 'ٽانڊو' بہ پيو آ.

سنڌ ۾ تعليم جو معيار
منھنجي تجربي مطابق سنڌ ۾ تعليم جو معيار وقت سان گڏ بھتر ٿيندو رھيو آھي.
مان اھو ان بنياد تي چئي سگھان ٿو جو مون سنڌ مان گذريل صديءَ دوران 80 جي ڏھاڪي ۾ ميڊيڪل جي تعليم حاصل ڪئي.
منھنجي ڪجھ ٻارن ھن صديءَ ۾ اھا مڪمل ڪئي آھي ۽ ڪجھ اڃا شاگرد آھن.
سندن پڙھڻ جو انداز، پڙھائيءَ ڏانھن رويو ۽ سکيا جو معيار جيڪڏھن مان پھنجي وقت سان ڀيٽيان ٿو تہ ٿلھي ليکي ھن وقت جو معيار بھتر ٿو لڳي.
جنھن ۾ بھتريءَ جي گنجائش موجود آھي جيئن اسان سنڌ مان عالمي معيار جا ڊاڪٽر پيدا ڪري سگھئون.

مينھن ۽ نينھن
سر سارنگ ۾ ڀٽائي جڏھن
'مينھن' ۽ 'نينھن' جو ذڪر ٿو ڪري تہ
اھي ٻيئي لفظي معنا سان گڏ
علامتن طور پڻ استعمال ڪري ٿو.
مينھن ـ برسات ـ سوچ ـ انداز ـ
نينھن ـ پيار ـ عزم ـ واعدو ـ ارپنا ـ

اوطاق
سنڌ جي، اوائلي سماج ۾ چلھ تي گڏجي ويھڻ جو رواج ھيو، جنھن جي مک ماءُ مطلب عورت ھئي.
اوطاق ـ سنڌي ۾ زرعي سماج جي، اوسر سان آئي، جنھن ۾ وري مرد، اھو بہ جيڪو پاڻ ھاري ڪونہ ھيو مک ٿيو.
آباديءَ جي بي ھنگم واڌ اوطاق جي جڳھ تي 'اوتاري'، 'مئخاني' يا ھوٽل کي اسرڻ جو موقعو ڏنو.
اوطاق کي صنعتي سماج ۾ ختم ٿيڻو ھو.
سنڌ ۾ اھا شھري سماج جي، اسرڻ سان ختم ٿيڻ لڳي.
طبقاتي سماج بہ چالاڪيءَ سان اھڙين تڪراري ريتن کي مذھب يا ثقافت جي لبادي، ۾ زندہ رلڻ جي ڪوشش ڪندو آھي.
صنعتي سماج ۾ مقامي سطح تي مختلف طبقن جون الڳ الڳ ڪلبون ھونديون آھن، جيڪي جھڙوڪ اوطاق يا وري اوتاري جو ڪم ڪنديون آھن.
استعماري سماج ۾ وري انھي ساڳي نالي 'ڪلب' کي سرمائيداري گماشتن جي اوطاق طور استعنال ڪيو ويندو آھي.

سنڌي سماج ۾ فنڪار جو رتبو
سنڌي سماج ۾ فنڪار جو رتبو روايتي طور تہ ڪو مانوارو ڪونہ رھيو آھي، پر سياسي جدوجھد جون داعي ڌريون انھي کي تسليم ڪونہ ڪنديون ھيون.
اڄڪلھ ھڪ اديب جيڪو ذات 'ڪنڀر' ٿو لکي ۽ سندس شھرت مذاح (مشڪري) آھي، اھو پنھنجي ئي سياسي لڏي جي ھڪ شاعر کي مڱڻھارن جي اولاد جو طعنو پيو ڏئي.
• ڪنڀر
• حجم
• مڱڻھار
• ڪوري
• موچي
• ماڇي
• ميربحر
• قاضي
• آخوند
• پيرزادو
• ڪاسائي
• کٽي
• ڊکڻ
• آرائين
• اوڏ
• جت
۽ ٻيا ڪيترا 'فن' آھن، جيڪي اڳتي ھلي 'ذات' جي شڪل وٺي چڪا آھن. انھن پيشاورن ۾ مڱڻھار ھجڻ ڇا ۾ گھٽ آھي يا وري ڪنڀرھجڻ ۾ ڪھڙي گھٽتائي.
طبقاتي سماج ۾ ھنرمند کي نيچ سمجھڻ جي روايت 21 صديءَ ۾ بہ اسان جو پيڇو ڪونہ ٿي ڇڏي.
اسان موسيقيءَ سان پيار جي ھام تہ ھڻندا آھيون پر فنڪار جي ڪڏھن بہ دل سان عزت ناھيون ڪندا.

وڪٽر جارا
چليءَ ۾ پنھنجي حق لاءِ 'چِلو' پچائيندڙ
جڏھن ''وڪٽر جارا'' جو ڳايل گيت
'امن سان جيئڻ منھنجو حق آ'
ڳائيندا تہ
ھٿيارن جي واپارين کي مرچ تہ لڳندا.
ـــــــــ
''وڪٽر جارا'' ڪير آھي؟
چليءَ جو شاعر، گٽارسٽ ۽ لوڪ فنڪار جنھن کي 1973 ۾ فوجي آمر پنوشي بيرحميءَ سان قتل ڪرايو ھو.
'جارا' جون آڱريون ڀڃي ۽ ان تي چٿرون ڪيون ويون تہ ھاڻي وڄاءِ 'گٽار'.
اڄ چليءَ، ۾ ھزارين ماڻھن گٽار وڄائي، 'جارا' جي ڌن تي گيت ڳائي دنيا تي واضح ڪيو تہ اسان پاڻ ۾ متحد آھيون. امن سان رھڻ اسان جو حق آھي
اگھوتريءَ جي جھيڙن کي انقلاب سان تشبيح ڏيڻ، ڏتڙيل طبقن جو انقلاب تان اعتبار گھٽائڻ جي ڪوشش آھي.
چليءَ وارن تہ ''وڪٽر جارا'' جي نقش قدم تي ھلندي الڳ اعلان ڪري ڇڏيو.

طبقاتي سماج جون غلط العام روايتون.
مطلب ـ
ڪنھن مزدور کي
سائين نہ چئجي.
اسان جي زرعي ڪلچر جو
بنياد ئي طبقاتي آھي.
جنھن ۾ ھنرمند کي
'ڪاسبي' ڪوٺيو ويو آھي.

خودساختہ دانشور جو اعلان
ھڪ خودساختہ دانشور جو اھم اعلان
اين جي او سماج لاءِ ھاڃيڪار آھن.
آءُ ٻن نيڪ ''اين جي اوز'' جو صلاحڪار ۽
ھڪ اين جي او جو سرپرست آھيان.

عجيب روش
جن صاحبن جا پنھنجا ٻار مھانگن خانگي اسڪولن ۾ پڙھن ٿا، اھي پوءِ پاڻ ڀلي ڪنھن سرڪاري اداري ۾ پاڙھيندا ھجن، ايئن ئي سوچن، سمجھن ۽ چون ٿا تہ سرڪاري اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ بالڪل پڙھائي ڪونھي.
حقيقت اھا آھي تہ اڄ بہ پروفيشنل ادارن ۾ 80 سيڪڙو ٻار، سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن مان اچن ٿا.

وقت کان اڳتي ھلڻ جي سزا
ڪجھ دانشورن جي فرمائش آھي تہ اکين تي کوپا ٻڌي، گھاڻي جي ڏاند وانگر جيڪڏھن سندن سياسي تجزئي کي تسليم نٿا ڪريو ۽ سندن پٺيان نٿا لڳو ۽ پنھنجو الڳ موقف ٿا رکو تہ ان کي اھو چئي رد ڪيو ويندو تہ توھان پيپلزپارٽيءَ جا ثناخوان آھيو.
توھان رعايتون ورتيون آھن يا انھن جا اميدوار آھيو.
سائين توھان بالڪل درست آھيو.
اسان کي ڪھڙي خبر تہ اٺ ڪھڙي ڪل ٿو ويھي.
توھان بالڪل حق تي آھيو.
سنڌ جي ماڻھن ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي
لياريءَ مان
تحريڪ لبيڪ ۽
تحريڪ انصاف.
لاڙڪاڻي مان
وفاقي حڪمران ڌر جي
'سانداڻي' کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪيو آھي.
ھاڻي ''پ پ پ'' جي لاءِ ڪو نئون حڪمنامو جاري ڪريو.
ھو بہ بس ڪن لائيون ويٺا اٿو رڳو توھان جي حڪم جي دير آ
صرف ھڪ نماڻو عرض
ڀاءُ، دل ۾ نہ ڪجو
توھان آھيو ڪجھ گھڻ پاسا انھي ڪري ھڪ ساھي مان بہ ڪجھ سوال ڪري ڇڏيان.
توھان ڪڏھن پيپلز پارٽيءَ جا ميمبر رھيا آھيو؟
ھا، اڄڪلھ ڪھڙي ملڪ جي شھريت اَٿَو؟
ھونءَ، آخري دفعو سنڌ ڪڏھن آيا ھئا؟

نئون دستور
ڪو سوال نہ پڇي جو سرمائيدارن، منشي سنڌي رکيا آھن.
ماڻھن سوال ڪرڻ شروع ڪيو آھي. خوش تہ انھي تي ٿيڻ گھرجي.
ثمر مبارڪ مند جي ڪم ۾ سنڌ حڪومت جو حصو ھيو؟ نہ
بلاڪ ھڪ ۾ سنڌ حڪومت جي ڀائيواري يا سرمائيڪاري آھي؟ نہ
بلاڪ 2 ۾ سنڌ حڪومت جي سرمائيڪاري آھي، اسان ڀائيوار آھيون. مالڪ آھيون. پڇئون ٿا تہ منشين کي ڪاوڙ ٿي لڳي.
منشي تہ ھڪ پاسي، انھن جا ياردوست تہ صفا بجلي لڳا پيا آھن.
خير، پوءِ بہ پڇندا رھنداسين.
ڪو هڪ مثال ـ
جنهن ۾ سنڌ جو مڊل ڪلاس،
ڪنھن تڪراري مامري ۾
'فرد' بدران 'اداري' سان بيٺو هجي.
ڪو هڪ مثال ـ
جنهن ۾ سنڌ جو مڊل ڪلاس،
ڪنھن تڪراري مامري ۾
'آجر' بدران 'عوام' سان بيٺا هجن.

خوشي
مالڪ جو ڪرم
چيائين مالڪ جو ڪرم،
اسان ھڪ ابي جي اولاد،
پاڻ ۾ 6 ڀائر آھيون.
ھر ڪنھن جو پنھنجو ڌار گھر آھي.

عجيب منتق نہ سمجھ ۾ ايندڙ عذر
پھريان شاگرد يونين ۽ سياست لاءِ بہ اھڙي ئي ٻولي استعمال ٿيندي ھئي.
اڄڪلھ وري بلدياتي سياست لاءِ بہ ساڳو راڳ جاري آھي.
سياسي ادارن کي ھر حال اندر زندھ رھڻ گھرجي.
جنھن کي، اھا ڳالھ سمجھ ۾ نہ اچي، اھو 19 صديءَ جي 'شيرف' جو حال ڪنھن فلم ۾ ڏسي يا پڙھي.
وقت انھن سڀني بيمارين جو علاج آھي.
جيئن جيئن تعليم بھتر ٿيندي، سياسي ادارا بہ بھتر ٿيندا ويندا.
شرط اھو آھي تہ اسان سڀئي شامل ٿيئون. جيڪڏھن اميدوار نٿا ٿي سگھئون تہ ووٽ فرض سمجھي ڏيون.
ميارون
'چِٽَ' جي گرميءَ جون ميارون سڀئي ڀلي 'سَرَ' کي ڏيو جو اھو بہ نسرندو، پنھنجي 'ڪُتِ' [ٻج] ھوا، ۾ پکيڙي پنھنجي وجود جي بقا جو اعلان ڪندو. اھو ٻج وري بھار ۾ ڪنڌيءَ، ڪناري ۽ ڪپن تي ڦوٽھڙو ڪري 'سَرَ' جي نسل جي بقا جو ضامن ٿيندو. سندس 'ڪانو' بہ قد ڪندو، ڪنھن ڇپر ۾ حصو ونڊائيندو، ڪٿي 'سارين جي پَليِ' ۾ ڪم ايندو، ڪٿي 'ڪنڌي' ، ڪٿي مَنَھَ ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيندو.
پر رڳو سر ٿورئي، فائدو تہ
'ونئڻ' ۾ پڪل 'گوگڙي' کي 'ڪپھ' ڪڍڻ ۾ بہ ٿيندو،
'ٻاجھري' جو سنگ بہ سک جو ساھ کڻندو ۽
'ساريون' بہ ڪجھ سنگ ۽ ساھ سارينديون.
نظر ڦيرائيندئو تہ 'ڪنول' بہ جام ٽڙيل ڏسبا ۽ ڪجھ ڀلو 'پٻڻن' جو بہ ٿيندو.
سوڳوار
فيس بوڪ واري سنڌ سوڳوار بہ طبقاتي رتبي تحت ٿيندي؟
اھا سوڳواري ڪو سماجي تحرڪ تہ ڪونہ پيدا ڪندي.
سنڌ کي عورت ۽ ٻارن جي لاءِ بنا طبقاتي متڀيد جي آواز بلند ڪرڻو پوندو.
موت تہ نجات آھي.
انھن جو بہ سوڇيو جيڪي جيئرا آھن پر
تپ دق( ٽي بي)، خوراڪ جي کوٽ سبب بندرا, EPI زريعي بيمارين کان بچاءُ جي سھولت نہ ھجڻ.
• ويم جي جوڳي سھولت نہ ھجڻ ڪري فسٽيولا ـ
• ھيپٽائيٽس
• ايڊز
• غربت
• جھالت
• تعليمي سھولتن جي کوٽ
• توليدي صحت ۽ حقن جي ڄاڻ جي کوٽ
• کاڌخوراڪ جي کوٽ جھڙن عذابن ۾ مبتلا آھن.

ڪالم نگار
ڪالم نگار جي ٻولي جي پختگي ۽ استعارن جي تعريف ڪندي عرض تہ صحت جون سھولتون ايئن ڪنھن فوٽو وانگر ڏسڻ سان سمجھہ ۾ نہ اچڻ فطري ڳالھہ آھي
ڪنھن بہ اسپتال جي ڪارڪردگي ان جي قائم ڪرڻ مھل مختص ڪيلَ بجيٽ، عملي، بسترن جيَ تعداد ۽ موجود حالتن کي سامھونَ رکي ئي ڏسي سگھجي ٿي.
اسپتال جي رپورٽ ۾ ڄاڻايل فوتگيون ان شھر، ضلعي ايستائين جو صوبي سان سلھاڙڻ بہ زيادتي ٿيندي.
اسان وٽ ھڪ عجيب رسم شروع ٿي آھي) جنھن جو شڪار ڏسڻا وائسڻا لکاري بہ ٿيندي نظر ٿا اچن (جنھن تحت سڄي سنڌ ۾ ڀينگ لڳي پئي آھي
لاڙڪاڻي ۾ ميڊيڪل ڪاليج ايستائين جو ميڊيڪل يونيورسٽيءَ کي بہ ايئن پيش ڪيو ويندو آھي جھڙوڪر ڪجھہ ھجي ئي ڪونہ.
اسان کي پنھنجي انھي روش تي نظرثاني َڪَرڻي پوندي.
مشڪل حالتن ۾ ڪم ڪندڙ ھزارين ھنرمندن جي دلجوئي ۽ ھمت افزائي ڪرڻي پوندي.
اھي ئي ادارا آھن جيڪي اسان کي مستقبل جا ڊاڪٽر، نرسون، صحت ڪارڪن ۽ اسپيشلسٽ تيار ڪري ڏيندا.
اھي ادارا ملڪي ۽ غيرملڪي سطح تي مڃيا وڃن ٿا.
انھن جو تعليمي سندون سڄي دنيا ۾ قابل قبول آھن
رڳو جج، ڪالم نگار ۽ صحافي انھن کي مڃڻ لاءِ تيار ڪونھن

عجيب بحث
نوابشاھ ضلعي جو نالو شھيد بينظيرآباد ڇو رکيائون
سائين، اھو انتظامي فيصلو آھي,
جيڪو وقت جي حڪومت ڪيو آھي
نہ سائين،
اھو بالڪل غلط ڪم آھي،
تاريخ سان ھٿَ چراند آھي وغيرہ وغيرہ
باقي، ڀلا، اھو تہ ٻڌايو؟
خان ڳڙھ - جيڪب آباد تي تہ ڪنھن کي سور ڪونہ ٿيو
نيروڻ ڪوٽ -حيدرآباد تي ڪنھن ڪجھ ڪونہ ڳالھائيو
ڀلا
سيوستان - سيوھڻ ڇو؟َ
چانڊڪا - لاڙڪاڻو ڇو؟
سيتا - رحماني ننگر ڇو؟
لب درياھ - ڏوڪري ڇو؟
لائلپور - فيصل آباد ڇو؟
رام باغ - آرام باغ ڇو؟
لالوکيت - لياقتَ آباد ڇو؟
ھاڻي ڄڻ سھڻن جي وات ۾ مڱ پيل آھن

رستو
سنڌ توڻي ھاڻوڪي پاڪستانَ ۾ مون کي تہ ڪو اھڙو اڪابر ڪونہ سجھي جنھن ڪو نئون سياسي، سماجي يا معاشي نظريو ڏنو ھجي جو ان جي ويھي ڪا سائنسي بنيادن تي ڇنڊڇاڻ يا نئين سر تحقيق ڪريون.
ڪجھ گذري ويل اڪابرن جون ڪيل دل جون ڳالھيون ھيون، جيڪي سچي دل سان ڪيون ھئائون، انَ جي موٽَ ۾ اھي عزت لھڻن ۽َ اسان سندنَ دلَ سانَ عزت ڪيون ٿا.
رھيو سوال اڳتي ڪيئن ڪجي؟َ
جيڪڏھن 21 صديءَ جي سماجي، سياسي ۽ معاشي منظرنامي تي ڪو صحتمند پروگرام جوڙڻو آھي تہ پوءِ گھٽ ۾ گھٽ نشيدار خيالن جھڙوڪ مذھب ۽َ قومپرستيءَ کان آزاد ٿيڻو پوندو.
موجودہ حالتن پٽاندڙ قومي جمھوري سوال کي سياست جو مرڪزي نقطو بڻائي نئين سر صفبندي ڪرڻي پوندي.
طبقاتي سوال پنھنجي جا ءِ تي موجود رھندو جنھن جو جوڳو حل قومي جمھوري حڪمت عملي تحت ڳولھڻو پوندو،روايتي تقليد سان ڪي جوڳا نتيجا ملڻ جي اميد رکڻ خام خيالي ھوندي.
قومي جمھوري پڌرنامي ۾ طبقاتي ۽ قومي سوال تي مربوط حڪمت عملي جو ھجڻ لازمي جز ھجڻ گھرجي.
عالمي جنگي سرمائيداريءَ جي موجودہ دور ۾ سائنسي بنيادن تي معاشي نظام مرتب ڪرڻو پوندو.
جديد غلامي ۽ نوآبادياتي منظرنامي ۾ پنھنجو قبلو طئي ڪرڻو پوندو.
جمھوري روايتن پٽاندڙ اجتماعي قيادت جو رستو ڪڍڻو پوندو.

حصو اٺون

وسڪاري کانپوءِ

برساتون تہ پاڻ سان گڏَ رڳو سونھن کڻي اينديون آھن. اھا جھڙ ڦڙ ھجي، گيچڻ مينھن ھجي يا وڏڦڙو ھجي.
اھي, وھڪر، نيون، نديون، ڍنڍون، ڍورا، تل، ترايون تحفي ۾ ڏينديون آھن.گسن تي، گوندرن ۾، رستن تي، جھرجھنگ، جبلن تي ساوا گاھ ڦٽي نڪرندا آھن. جن جو وري پنھنجي بقا لاءَ جلدي گل جھلي ٻجَ ڌرتيءَ حوالي امانت ڪرڻ جو مقابلو ھوندو آھي. وڻن جاَ ٻج ھڪ جڳھ کان ٻين جڳھ وھي وڃي ڦٽنداَ آھن.َ
انساني سماج جي روينَ ۽َ ترتيبَ انھنَ برساتن کي ڄڻ تہ سماج لاءِ آزار ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آھي.
طبقاتي سماج ۾ ڪچا، ڪکاوان، ھيٺاھين وارا گھر.
شھرن ۾ ڪچيون، غيرقانوني آباديون.
پاڻيءَ جي قدرتي وھڪرن تي ٺھيل آباديون.
زرعي زمينن تي قائم آباديون
گندي پاڻيءَ جي نيڪال جا نامناسب طريقا.
برساتي پاڻي ءَ جا بند پيل تاريخي دڳ.
ھرڪنھن آباديءَ جا پنھنجا مسئلا ۽ مامرا ھجن ٿا.

خواب ھجن آزاد تہ ٻيو ڇا گھرجي
جنھن ڏينھن سنڌو ماٿريءَ جا
موسمي ۽َ زرعي تھوارَ
اسان سڀني مذھبن جي قيدَ کان
آزاد ٿي ملھايا،
ان ڏينھن سنڌَ
مذھبي رواداري ءَ جي دور ۾
شامل ٿيندي.
باقي اڄڪلھ
اسان رڳو
مبارڪون ۽ واڌايون
لکي لکي پيا
پنھنجَ روح ريجھايئون.

چڙھيءَ جو گھوڙو
چڙھي ءَ جو گھوڙو
مطلب
جنھن تي ھن 'َرکي
ھڪڙو سوار سفر ڪري.
چڙھيءَ جي گھوڙي کي
'نال'َ ڪڏھن بہ ناھي ھڻائبو

حددخليون
ڪچي ۾ حددخليون جيڪي درياھَ جي پراڻن وھڪرن تي آباد آھن،انھن کي ڳوٺ ڪڏھن بہ ناھي چئبو.
اھي ڀاڻ چئبا آھن ۽ انھن جو پاڻيءَ ھيٺ اچڻ سٺو سنئوڻ ھوندو آھي.
مالوند، ڀاڳيا انھي موقعي تي خوشيءَ مان ڀت ڪندا آھن.
انھي عمل کي پاڻي اچڻ چئبو آھي.
اھا ٻوڏ ناھي چئبي
انھي ۾ ڪو بہ نقصان ڪونہ ٿيندو آھي.
ھا جيڪڏھن قابض ڌاريا آھن تہ
اھي پنھنجي ڪم علمي ۽ اڻڄاڻائي سبب
گھاٽوَ کائي ويندا آھن.

ميارو
جيئن ريل جي پليٽ فارم تي
ڳوٺاڻيون ڇوڪريون
ڪنھن اوپري مرد کان
برقعو ڪونہ ڪنديون آھن.
ھا
پر جي ڪنھن
ڳوٺ واري يا
سفر ۾ شريڪ سئوٽَ ماساتَ تي
نظر پوندي اٿن تہ
سٽ ڏئي برقعو ھيٺ ڪري ڇڏينديون آھن.
اھڙي ريت اڄڪلھ
سنڌ جا پراڻا سياسي ڪارڪن
فيس بوڪ تي ميارون ڏيندا آھن.

ڌڻ ـ ولرَ ـ وڳرَ
پالتو جانورن جو
'ڌڻ'
رولو جانورن جو
'ولر'
پکين جو
'وڳر'

ڪوئو ـ سوپاري ـ پساري
ھڪڙو ھمراھہ ڪمپيوٽر ھلائڻ سکيو. ھڪ اڌ ڪلام ٻڌئين، ڪو فلم ڏٺائين. بيان جاري ڪيائين
ھاڻي ريڊيو، ٽي وي ۽ سينيما جو دور ختم. ھرڪو ڪمپيوٽر جي اسڪرين تي ڪلامَ ٻڌندو، ناٽڪ ڏسندو.
وري ھڪ دفعي ڪو سولو سبق ڪنھن ٽيوب تان ڪمپيوٽر اسڪرين تي ڏٺائين. بيان جاري ڪيائين،
ھاڻي اسڪول ۽ ماستر جو ڪم ختم. ٻار ڪمپيوٽر کان پڙھندا ۽ سکندا .
وري ڪو ھڪ ڏينھن گوگل تان ڪنھن بيماريءَ جا تفصيل پڙھي ورتائين. بيان جاري ڪيائين،
ھاڻي ڊاڪٽر جو ڪم ختم.
ھرڪو پنھنجو علاج پاڻ ڪندو.
وحشي جبلتون
منھنجي مشاھدي مطابق
شڪاري جانورن جي سماجن ۾
غيرت صرف ٻن حالتن ۾ ٿيندي آھي:
1.جوءِ ـ ننگ –
پرڻي جي لاءِ
جنسي تعلق قائم ڪرڻ جو حق
2.جُوءِ ـ 'دنگ'-
شڪارَ جي لاءِ قبضي ھيٺ آيل علائقي لاءِ.
انسان بہ شايد انھن کان ئي سکيو آھي
وڌيڪ رھنمائيءَ جو طلبگار

خانداني
جاگيرداري سماج جو ڌپارو تصور.
فطري طور
ھر ٻار ھڪ خاندان ۾ جنم وٺندو آھي.
جڏھن کان
خاندان،
ذاتي ملڪيت ۽
رياست جو تصور آيو آھي
انسانن خاندان جي شڪل ۾
رھڻَ شروع ڪيو.
ھر انسان
ڪنھن نہ ڪنھن خاندان ۾ پيدا ٿيو آھي.
ھر ٻار خانداني آھي


ٺڪرَ ـ ٺڪريون ـ ٺانگرَ ـ ٺونگَرَ
مٽيءَ جو پڪل ٿانءُ ٺڪر جو چئبو.
جيڪڏھن ذراذرا ٿي ويندو تہ
ٺڪريون چئبو.
ٺڪر جو ٿانءُ جڏھن ٽٽي پوندو،
ان ۾ ڏارون پئجي وينديون
پر ذرا ذرا نہ ٿيندو
رڳو جنھن مقصد لاء ٺھيو
انھي ڪم نہ ايندو تہ
ٺانگر چئبو.
ٺانگر جو اھو ٽڪرو
جنھن ۾ جانور-ڪتي،ٻلَي کي کير،
پاڻي يا کاڌو ڏبو آھي تہ
ان کي ٺونگر چئبو آھي.

ڪمَچور
ڪم چور قومون ناھن ٿينديون.
ھا طبقا ڪم چور ٿيندا آھن.
طبقاتي سماجن ۾ جڏھن
وسيلن جي ورڇ
بيترتيب ھوندي آھي تہ
استحصالي طبقا جن طبقن جو حق کائيندا آھن
انھن کي ٽوٽي، جاھل،ڪم چور جھڙن لقبن سان نوازيندا آھن.
مذھب ۽ قوم پرستيءَ کي استحصالي طبقا پنھنجي ڍال طور استعمال ڪندا آھن.
مڊل ڪلاس وري ڏاڪڻَ طور استعمال ڪندو آھي.
ھاري، مزدور ۽ عورتن لاءَ وري انھن ٻنھي کي آفيم طور استعمال ڪيو ويندو آھي.

مارڪس
ڪنھنَ فيس بوڪَ فرينڊ لکيو:
سائين مون ھائي گيٽ قبرستان ۾
مارڪسَ کي سلام از مرگ ڪيو آھي،
توھانجي شڪايت پيو ڪري تہ
ختمو بہ ڪون
بخشوس
عرض ڪيم
ختم ٿئي تہ ختمو ڪريونس.
اڃا تہ جاري و ساري آھي
ڪٿي مارڪس ازَم
ڪٿي رد مارڪس ازَم
جيستائين
ھي سرمائيداراڻيون جمھوريتون رھنديوَن
جيسين طبقاتي نظام
اڪثريت تي اقليت کي
حاوي ٿيڻَ جو حق ڏيندو رھندو
جيستائين آدم زاد
مذھبَ ۽ قوم پرستي جي
نشي جو شڪار ٿيندا رھندا
مارڪس ۽ ان جا ساٿي
پنھنجو فرض نڀائيندا رھندا.
مارڪس مرڻوَ ئي ڪونھي.


جديد نو آبادي
نوآبادي ڇا ٿيندي آھي
پئسي،
سياست،
مذھب،
ٻولي،
نسل ۽/يا
ثقافت جي آڙ ۾
ڪنھن بہ ملڪ کي ڳيجھو بڻائي
ان جي سياسي معاملن،
پرڏيھي
پاليسين ۽
حڪمرانيءَ تي اثرانداز ٿيڻ
ھاڻي ڏسو تہ پنھنجو مٺڙو ملڪ
ڪھڙن ڪھڙن ملڪن جي
نوآبادي آھي.
جاڳندا رھجو
سياست
شاگرد سياست ـ ختم
مزدور سياست ـ ختم
ھاريَ سياست ـ ختم
نظرياتي سياست ـ ختم
ھاڻي ڪجھہ بہ ڪري
پاپولر يا عوامي سياست کي
بدڪردار ثابت ڪرڻو آھي.
آزاد اميدوار ۽
ڪجھہ شخص
ڏاڍا سٺا آھن.
سياسي پارٽيون خراب آھن.

سياسي سوچ جي ڪاميابي
سنڌي سماج جي
سياسي سوچ جي
ڪاميابي تڏھن ٿيندي
جڏھن
آزاداميدوار ھارائن.
سياسـي پارٽيون کٽن.
ووٽ جو صحيح حقدار
شخص نہ پارٽي

خبر ناھي افسوس ڪريون يا تڏو
اسان جو موضوع اھا پستي ناھي جنھن ۾ رٽرننگ آفيسر اميدوار کان اھو ڪونہ پڇيو تہ توھان پنھنجو اليڪشن وڙھڻ جو سبب يا منشور لکت ۾ جمع ڪرايو.
ھا ڪجھہ ڪلما ۽ ڪجھہ دعائون ضرور پڇيون ودون. اھو ڪونہ پڇيو تہ 1973 جي، آئين تحت، اوھان جيڪڏھن ڪامياب ٿي وڃو ٿا تہ توھان جي ذميواري ڇا ھوندي؟
ھا ھڪ اڌ نماز، خاص ڪري جنازو پڙھائڻ جو طريڪو ضرور پڇيو.
مطلب تہ اميدوار جيڪڏھن ڪامياب ٿي ويو تہ ختمو ڪڍڻ يا جنازو پڙھائڻ جھڙو تہ ھوندو ڪنھن آئيني ذميواري جھڙو ھجي يا نہ ھجي.

ڪامورا
سڀ ڪامورا مسيت جو ڪک
سڀئي سياستدان چور
سياسي پارٽيون ڪرپشن جا ادارا
عوام نسورو ڇسو، بيوقوف
شڪر ڪريو
ھڪ اڌ رٽائر ٿيل ڪامورو
ميدان ۾ رھنمائي لاءِ موجود آھي.
ايئن نہ ھجي تہ سنڌ جو اللہ واھي.

ڍينگو ئي ڍيري
سنڌ جي ڪجھہ سياسي ڌرين جو بالڪل اھو ساڳيو حال آھي جيڪو '1940' واري ڏھاڪي ۾ سنڌ جي سنڌي مسلم ليگي سياستدانن جو ھيو.
ياد ڪريو, بمبئي کان جند ڇڏائي اڃا 5 سال بہ ڪونہ ٿيا ھئا تہ وري ھڪ نئين وفاق ۾ بنا ڪنھن سوچ ويچار جي ھڪڙي مرشد ۽ ٻئين انگريچي بابو جي ڏٽن پوزين تي.
ھاڻ جڏھن منزل ئي ڌٻڻ ھوندي تہ رستو ڪھڙو ھوندو.
طبقاتي سماج ۾ صف بندي طبقن جي ٿيندي آھي.
ھتي ڍينگو ئي ڍيري.

نئين کچڻي
دوستو
ڪھاڻي ڪا مورڳو ئي ٻين اٿَوَ.
اصل مسئلو نہ ڊيم
نہ ئي تارڪينِ وطن آھن.
ملڪ ۾ ڪا نئين کچڻي پئي رٿجي.

فيصلو ڪرڻ مھل منجھائجي
پرڏيھہ ڀڄي ويل سنڌي جوڌا،
رٽائر ٿيل ڪامورا ۽
مايوس مھندار
سڄو ڏينھن صرف
ھڪ ڪرت سان لڳل آھن.
ڪجھہ بہ ڪجي پر عوام کي
صحيح فيصلو ڪرڻ مھل منجھائجي.
جيئن تنظيمن بدران
فردن کي ووٽ ڏئي اسيمبلي موڪلن
اسيمبلين ۾ فردن ۽
ايڪڙ ٻيڪڙ اميدوارن وارين پارٽين جو
واپار عام طور سولو ٿيندو آھي.

مڊل ڪلاس
سنڌ ۾ مڊل ڪلاس 1970 واري ڏھاڪي جي جمھوري دور ۾ پيپلز پارٽي جي معاشي پاليسين جو نتيجو تہ آھي
پر اھو بہ ياد رکجو ان دور ۾ پيپلز پارٽي جو مقابلو ڪھڙين نظرياتي سياسي ڌرين سان ھيو ۽
اڄ چوڌاري نظر ڦيرايو انھي ساڳي پيپلز پارٽي جو مقابلو ڪھڙي قسم جي سياسي سوچ سان آھي.

ان طرف بہ ڌيان ڏيو
دوستو ھن وقت "ٿر" ۾ ڏڪار جي صورتحال آھي.
انھن حالتن ۾ سنڌ جي 'ناري'، 'ڪاڇي'، 'ڪوھستان' ۽ ''اڇڙي ٿر'' وارن علائقن
بلوچستان جي علائقي 'دشت' ۽
پنجاب جي 'چولستان' ۾ پڻ ڏڪار جون حالتون آھن.
انھي صورتحال ۾ 'افغانستان' کي 'ڪڻڪ' تحفي ۾ ڏيڻ جي پٺيان ڪھڙا سبب آھن.
ان طرف بہ ڌيان ڏيو..........

پروپيگنڊا
سياسي پارٽين ۽ سندن اليڪشن اتحادن کي سندن پروگرام جي روشني ۾ ڏسڻ گھرجي.
عجيب قسم جي پروپيگنڊا آھي.
ھر سياسي جماعت عوام دشمن آھي.
ھر سياستدان بي ايمان، رشوتخور ڏوھاري آھي.
ھر آزاد اميدوار مسيت جو ڪک آھي.
اسان سڀني کي گڏجي شايد سياست دشمني جي غلط العام روئيي تي ڪم ڪرڻو پوندو.
ڪنھن بہ سياسي پارٽي يا اتحاد خلاف فتوا جاري ڪندڙ کان اھو سوال ڪرڻو پوندو تہ اھي ڪھڙا بنياد آھن جن مطابق 'الف' يا 'ب' جي مقابلي ۾ 'ڪ' يا 'گ' جي پٺڀرائي ڪريون.
عوام دوست پارليماني سياست
نام نھاد قومي توڻي طبقاتي انقلابن جون داعي ٽوليون گھڻو ڪري دڪان اڪلائي وڃي ڪم ڪار سان لڳيون آھن.
ناليوارا کاٻي ڌر جا اڳواڻ ڪنھن نہ ڪنھن NGO جا مک آھن.
رھيل سھيل کاٻي ڌر جي ڌڙن ۾ ايتري تنظيمي سگھہ ڪونھي جو اسيمبلي سطح تي فيصلي سازي جي مقام تي پھچي سگھن.
انھن اڪابرن عوام دوست پارليماني سياست جو نہ ڪڏھن سوچيو نہ ئي ساٿ ڏنو.
سڄي دنيا ۾ پاپولسٽن جي اڀار، پاڙيسري ملڪن ۾ بنيادپرستن جي حڪومتن ۽ افغانستان مھابي خصوصي سياسي سماجي حالتن پيپلزپارٽيءَ کي اڪلوتي قوت بڻائي ڇڏيو جيڪا ملڪي (فيڊريشن جي) سطح تي ننڍين قومن، پوئتي پيل طبقن ۽ ترقي پسند رجحانن جي ضامن بچي آھي.
ورھايل سماج
ٻوليءَ جي بنياد تي ورھائيل سماج جي ترقي ممڪن ئي ڪونھي. طبقاتي سماج ۾ اڪثريتي طبقي کي مادري ٻولي جي بنياد تي نشانو بنائڻ جي روش ترڪ ڪرڻي پوندي. سماج کي مسئلن جي بنياد تي منظم ڪرڻو پوندو. ٻولي، نسل، مذھب، ذات پات تہ صرف اڪثريتي طبقي کي ورھائڻ جو سبب بڻبيون.
پاڪستان کي گھڻ قومي رياست ۽ سنڌي ٻولي کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ جي جدوجھد ۾ سنڌي سماج کي بہ گھڻ ٻولي سماج تسليم ڪرڻو پوندو.
مادري ٻولين کي عزت ڏيڻي پوندي ۽ انھن جي بقا لاءِ پڻ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.

جاڳندا رھجو
پاڪستان ۾ مجموعي ۽ سنڌ ۾ خصوصي طور مخصوص قسم جي مھم ھلائي پئي وڃي تہ جيئن 1985 وانگر موقعي پرست قيادت اڀري اچي جنھن سان ڪو بہ سودو سستو ۽ آساني سان ٿي سگھي.
ياد رکجو ـعراق ۾ 'صدام' ۽ لبيا ۾ 'قدافي' خلاف بہ اھڙا ئي ملڪ ڇڏي ويل اڪابر ھٿ ڪري پروپيگنڊا ڪئي وئي ھئي. جھڙا اڄڪلھ اسان وارا ويٺا دڳ ڏيکارين.
سڄي جھان کان مبارڪون ورتيون ويون ھيون تہ عوام جي فتح ٿي آھي. نظر ڦيرائي ڏسو عراق، ۽ لبيا جو حال.
ياد رکجو,ڇڙواڳي ۽ عوامي فتح ھڪ ٻئي جو ضد آھن.
سياسي پارٽين خلاف ھر سطح تي پروپيگنڊا اسان جمھوريت پسندن جي خلاف سازش آھي. ان کان پاڻ بچائڻو آھي.
چونڊون سر تي
اسان جا نوان اڀريل سياسي دانشور پيا
ھوڪو ڏين ـ
ــــــــــــ تتر تيز، اڏام ــــــــــ
ادي وارن کي اھا خبر ئي ڪونھي تہ
تتر تہ تيز اڏامندو ئي ڪونھي.
تتر 'پيرڙيو' پکي آھي.
جڏھن ڪنھن مشڪل ۾ ھوندو آھي تہ
جھنگ ۾ زمين تي تيز ڀڄندو آھي

غير سياسي مشتري ھوشيار باش
ھي اھو جھيڙو اٿئي
جيڪو ڳنڍي ڇــــوڙ
ميلن ملاکڙن ۾ ڪندا آھن
نتيجو،
ڇڏائيندڙن جا کيسا صاف.

آزاد اميدوار
جمھوريت ۾ ايمان رڳو ووٽ ڏيڻ ڪونھي.
ان لاءِ ڪنھن بہ سياسي پروگرام سان متفق نہ تہ ويجھو ھجڻ لازم آھي.
'ڇڙواڳي' ڪنھن بہ شڪل ۾ جمھوريت جي لاءِ فائديمند ڪونھي.
جمھوريت ۾ ايمان جو ثبوت اھو ٿيندو تہ ڪنھن 'شخص' يا 'فرد' يا 'ذات' کي نہ پر ڪنھن پارٽي جي پروگرام کي ووٽ ڏنو وڃي.
آزاد 'اميدوار' کي ووٽ جو مطلب ٿيندو ڪنھن کي اھو حق ڏيڻ تہ ھو پنھنجي ذاتي مفاد عيوض اسان جي ووٽ جي ڀري بازار ۾ قيمت لڳائي. اھو ڪنھن بہ لحاظ کان جمھوري رويو ڪونھي.
ڪنھن بہ 'دلاسي'، 'دامي' يا 'دڙڪي' آزاد اميدوار کي ووٽ ڏيڻ کان کتو جواب
طبقاتي سماجن ۾ سرمائيداراڻي سياست جو ھڪڙو ئي چھرو آھي. عوام دشمني. ھا مھرا ۽ چھرا بدلبا رھندا آھن.
جديد بيٺڪيتن ۾ ھر اڀرندڙ سرمائيدار اقتدار مان حصو پنھنجو حق سمجھندو آھي. معروف نعرو 'ڪرپشن' خلاف جھاد ھوندو اٿن، جڏھن تہ سندن پنھنجي موجودہ حيثيت پڻ ساڳي ڪرپشن سبب ئي اڀرندي آھي

حصو نائون

اليڪشن

اليڪشن دروازي تي بيٺي آھي
ھروڀرو ڇو ٿا
پنھنجو وقت بي مقصد بحثن ۾ وڃايو.
سنڌ جو ورھاڱو ممڪن ئي ڪونھي.
معروضي حالتون بہ
اھڙي ڪنھن ڪم لاءِ مناسب ڪونھن.
مھرباني ڪري ماڻھن کي
حقيقي مسئلن کان آگاھہ ڪريو.
جن ۾ سڀ کان وڏو مسئلو
ڀانت ڀانت جي شڪلين جي
بنياد پرست سياسي جماعتن جي
پيدا ٿيڻ جو آھي.
زرعي سڌارا ـ جاگيرداري جو خاتمو
رياست طرفان تعليم جا موقعا
رياست طرفان صحت جون سھولتون
پاڻي ـ خاص ڪري پيئڻ جو پاڻي
وڌندڙ آبادي جو مناسب تدارڪ
وچڙندڙ بيمارين کان اڳواٽ بچاءُ
ماحول جي حفاظت
سنڌو درياھ جو جياپو
ٻيلن جي زندگي
شاگرد، ھاري ۽ مزدور کي
تنظيم سازي جو حق
ياد رکجو
طبقاتي سماجن ۾ جيڪڏھن وڌيڪ صوبا، ٺاھڻ يا موجودہ وحدتن کي ٽوڙڻ جھڙو ڪو قدم کڄي بہ ٿو تہ
اھو صرف ۽ صرف عالمي ۽ ملڪي مراعت يافتہ طبقي جي حق ۾ ھوندو

جامع رٿا
اسين سنڌو ندي جي پاڻين کي استعمال ڪرڻ جي جامع رٿا تجويز ڪريون ٿا.
سڀني صوبن اندر سنڌو جي پاڻي مان سندن جائز حصي جي پاڻين مان پاڻيءَ جا ذخيرا بحال ڪرڻ يا جوڙڻ.
ڪيٽي بندر تائين ڏينھن رات ٻارھوئي سنڌو جو وھڪرو بحال ڪري ان کي جھازرانيءَ جي لائق بنائڻ ۽ سنڌو مھا ساگر کي سنڌو درياھہ جي پاڻين مان سندس جائز حصو روزاني جي بنياد تي فراھم ڪرڻ.
سنڌوءَ جي ٻنھي ڪنارن سان ريل ۽ زميني آمدورفت جا ذريعا مھيا ڪرڻ.
سنڌو درياھہ جي بچاءُ بندن اندر زرعي سڌارن تي عمل ڪندي، زرعي زمين ۽ ٻيلن جي مالڪي جو حق مقامي ھارين جي حوالي ڪرڻ.
ڪنھن بہ قسم جي صنعتي زرعي سرمائيداري تي مڪمل بندش وجھڻ.
سنڌو نديءَ جي ٻنھي ڪنارن تي ھر 50 ڪلوميٽرن تي شھرين پاران مڪلمل اختيارين سان ننڍا ننڍي شھر آباد ڪرڻ.
سنڌو نديءَ جي ٻنھي ڪنارن تي بئراجن مان نڪرندڙ ڪئنالن ۾ وھندڙ پاڻين تي شھرن توڙي صنعتي علائقن سان متصل ننڍا ننڍا بجلي گھر اڏڻ.
مزدورن جي انتظام ھيٺ سنڌو نديءَ جي ٻنھي ڪنارن تي ھر 100 ڪلوميٽرن تي صنعتي زون قائم ڪرڻ.
سنڌو نديءَ جي ٻنھي ڪنارن تي ھر نئين شھر ۽ صنعتي علائقي ۾ سج ۽ ھوا مان بجلي پيدا ڪرڻ جا وسيلا قائم ڪرڻ.
ھر نئين شھر ۽ صنعتي علائقي ۾ پاڻي صاف ڪرڻ جا وسيلا قائم ڪرڻ.
اسڪول، اسپتال، راندين جو ميدان قائم ڪرڻ.
آتعميري بحث
سٺو تعميري بحث ٿي سگھي ٿو ـ
2013 کان 2018 تائين
سنڌ ۾ حڪومت بالڪل نالائق آھي ـ
سنڌ مان ڪيترا ماڻھو
ٻين صوبن ڏانھن لڏپلاڻ ڪري ويا؟
سنڌ ۾ ڪيترا ماڻھو
ٻين صوبن کان لڏپلاڻ ڪري آيا؟
خيبر پختونخوا مان ڪيترا ماڻھو
ٻين صوبن ڏانھن لڏپلاڻ ڪري ويا؟
خيبر پختونخوا ۾ ڪيترا ماڻھو
ٻين صوبن کان لڏپلاڻ ڪري آيا؟
سنڌ کان ڪيترا ماڻھو پنجاب لڏي ويا؟
پنجاب کان سنڌ ڪيترا ماڻھو لڏي آيا؟
سنڌ کان ڪيترا ماڻھو بلوچستان لڏي ويا؟
بلوچستان کان سنڌ ڪيترا ماڻھو لڏي آيا؟
سنڌ کان ڪيترا ماڻھو گلگت لڏي ويا؟
گلگت کان سنڌ ڪيترا ماڻھو لڏي آيا؟
سنڌ کان ڪيترا ماڻھو
خيبر پختونخوا لڏي ويا؟
خيبر پختونخوا کان سنڌ
ڪيترا ماڻھو لڏي آيا؟
ظاھر آ جتي سھولتون وڌيڪ ھونديون
ماڻھو اوڏانھن لڏيندا
اخباري خبرن تي لڏپلاڻ تہ ڪونھي ٿيندي
.

زرعي سماج ۽ جاگيرداري
زرعي سماج ۽ جاگيرداري ٻہ بالڪل الڳ عنوان آھن ـ
جڏھن تہ زرعي سماجن ۾ انفرادي ھارپو، گڏيل ھارپو، ايستائين جو اشتراڪي سماج جون خصلتون پڻ ملن ٿيون. زرعي سماج ۾ جاگيرداريءَ جو ڪوبہ مقام ڪونھي ھوندو. زرعي سماج ڪمزور طبقن جي گڏيل قوت تي ٻڌل ٿيندا آھن. انھن ۾ عورت برابري جي بنياد تي ھٿ ونڊائيندڙ ۽ حصيدار ھوندي آھي.
زرعي سماج پنھنجي بڻ بڻياد ۾ انسان دوست ھوندا آھن.
زراعت ملوڪيتي سماجن جي معيشيت جو بنيادي جز ھجي ٿي پر اھو زرعي سماج جو عڪس نٿو ٿي سگھي ـ

ڊرگھ ڍنڍ
ڊرگھ ڍنڍ، سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ تي 1815ع ۽ 1817ع وارين مھا ٻوڏن جي نتيجي ۾ وجود ۾ آئي.
اھا ڍنڍ، سنڌ جي ھاڻوڪي ضلعي قمبرـ شھدادڪوٽ ۾ موجود آھي.
1976ع ۾ ھيءَ ڍنڍ گڏيل قومن طرفان 'رامسر' سائيٽ طور تسليم ڪئي وئي
ڊرگھ ڍنڍ ھن وقت مرڻينگ حالت ۾ آھي.
سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ تي موجود شاندار ڍنڍون جيڪي ھزارين مسافر پکين ۽ انيڪ مڇين جي ميزباني ڪنديون آھن، بالڪل بري حال ۾ آھن.
انگريز قابض جيڪو بئراجي نظام ٺاھيو، ان جيئن سنڌوءَ ڪناري آباد بندر برباد ڪيا تيئن انھن ڍنڍن جو بہ قتل ڪيو.
اختلافي نوٽ
پاڪستان ۾ 1973 جي آئين مطابق 'چار' وفاقي اڪائيون، سنڌ، بلوچستان، خيبر پختونخوا ۽ پنجاب آھن. انھي آئيني بندش تحت سينيٽ ۾ چئني اڪائين جي ھڪ جيتري نمائندگي آھي.
جيڪڏھن اھو انگ وڌيو تہ آباديءَ جي لحاظ کان ننڍن رياستن جي نمائندگي ڪمزور ٿيندي.
جيڪڏھن ڪو نئون صوبو ٺاھڻو بہ آھي تہ اھو بنيادي اڪائيءَ جي آئيني حدن اندر ٺھڻ گھرجي ۽ ان کي سينيٽ ۾ الڳ اڪائي جي، حيثيت نہ ملڻ گھرجي.
آئين جي جنھن شق (239) جي ذيلي شق (4) جي تحت صوبا پيا ٺاھين
اھا شق صرف حدن ۾ ردوبدل جي لاءِ آھي.
ان شڪ تحت ڪو نئون صوبو قائم ڪرڻ ممڪن ڪونھي.
اھڙي مھم جوئي لاء ھاڻوڪي ملڪي آئين ۾ ترميم ڪرڻي پوندي
ڪجھ ناعاقبت انديشن جو خيال آھي تہ پنجاب کي چئن حصن ۾ ورھائڻ سان ننڍن صوبن کي فائدو ٿيندو.
ايئن ڪرڻ سان پنجاب سينيٽ ۾ ستن مان چار ووٽ حاصل ڪري وٺندو. جڏھن تہ ھن وقت صرف چئن مان ھڪ ووٽ اٿس

سنڌو نديءَ ۾ پاڻيءَ جي آمد
پاڪستان ۾ چئوماسي جون برساتون ھلي رھيون آھن.
سنڌوءَ ۾ ڇوڙ ڪندڙ ننڍا وڏا درياھ پنھنجي حصي جو پاڻي سنڌوءَ حوالي ڪري رھيا آھن.
سنڌو، راوي، ستلج، جھلم ۽ چناب درياھن ۾ وھڪرا ڪٿي وڏا ,ڪٿي وچولا ۽ ننڍا آھن. ملڪ ۾ پاڻيءَ جون ھٿرادو ڍنڍون منگلا ۽ تربيلا بہ ڀرجي چڪيون آھن جنھن ڪري انھن مان بہ جھجھي مقدار ۾ وھڪرا سنڌوءَ ۾ شامل ٿي رھيا آھن.
انکان سواء برساتي ننئيون پڻ مختلف جڳھن تان انھن درياھن ۾ ڇوڙ ڪري رھيون آھن. انھن وھڪرن ۾ ڪوھ سليمان ۽ کيرٿر جي پھاڙين واريون جابلو نديون بہ پنھنجو خراج شامل ڪري رھيون آھن.
اھي سڀئي وھڪرا سنڌو درياھ وسيلي سنڌ مھاساگر ۾ وڃي ڇوڙ ڪندا. انھي صورتحال ۾ سنڌوءَ جي بندن اندر قيد ٻنيون ٻيلا ھن سال وھڪرن جو مزو ماڻيندا. وارياسا بٺُ سيراب ٿيندا، ڍنڍون، ڍورا، وھڻيون، واھڙ سڀ مستفيد ٿيندا .
سنڌو درياھ کي سيراب ڪندڙ علائقن ۾ برساتن سبب نقصانن جا پڻ اطلاع آھن.
پاڻي درياھن، ٻيلن ۽ ڪچي جي معيشت کان وٺي آبي حيات، جھنگلي جيوت ۽ بئراجي علائقن لاء پڻ ڪارائتو آھي پر ڪو بدانتظامي جو گھارو نہ پئي جو ٻوڏ برپا ٿي وڃي
دريا ھ ۾ پاڻي چڙھي ئي مس ٿو تہ ھتي ھر طرف ٻوڏ، ٻوڏ پئي پوي،برسات ۾ ننئيون وھن ٿيون، رستي ۾ ايندڙ ھر شئ لوڙھن ٿيون ھتي وري ھر طرف ٻوڏ، ٻو ڏ پئي پوي.
دريا ھ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو کاڙيون سرھيون ٿينديون تمر جي ٻيلن کي جيئدان ملند و مڇيون، گانگٽ، پلا جام ٿيند ا ھتي ھر طرف پاڻي زيا ن پيو ٿئي. ياد رھي تہ 2010 جي برباديءَ جو سبب سکر کان ڄامشوري تائين بندن اندر غيرقانوني خانگي بند ختم تہ ڪونہ ٿيا مورڳو وڌيڪ مظبوط ڪيا ويا آھن. ان کان اڳ جو اھڙي ڪا صورتحال جڙي ان لاءِ واسطيدار ڌرين کي اڳواٽ ھوشياري وٺڻي يا وٺرائڻي پوندي جيئن درياھ جو چاڙھ ۽ آبڪلاڻي ڪنھن امڪاني ٻوڏ ۾ تبديل نہ ٿي وڃي


ڪاڇي وارن جي مدد ڪريو
سڌريل سماجن، دورانديش رياستن ۽ منظم ھاري، مزدور، عورتون ۽ سندن ساٿين جو اھوئي امتحان ھوندو آھي تہ اھي مشڪل حالتن مان پنھنجي ماڻھن کي روشن مستقبل جو دڳ ڏيکارين ۽ منزل تائين رھنمائي ۽ اڳوائي ڪن.
ڪاڇي جي وھڪرن سبب ٿيل انھي سڄي بربادي ۽ وارتا کانپوءِ جيڪڏھن بحالي بي ترتيب ٿي تہ اھو برباديءَ جو چڪر پيو ھلندو. ضلعي دادوءَ جي جوھي تعلقي جي ڪاڇي ۾ يونين ڪائونسلن ٽوڙ،پٽ گل محمد،ڊرگھ بالا،ساوڙو،ڇني،ٽنڊورحيم خان جا ذري گھٽ ٻہ لک ماڻھو نئين گاج، تڪي، نَري، ُڪُڪڙاني، کنڌاني،ھليلي، انگئي، نيئيگ ۾ آيل برساتي وھڪرن سبب لڙھي، ٻڏي، تباھي ۽ بربادي جو شڪار ٿي سڀڪجھ وڃائي پٽوڙي تي ويھي ويا آھن.ڪاڇي ۾ نہ بچيو آ ڪو گھر نہ تڙ،نہ ان، نہ داڻو، نہ روڊ، نہ رستو. ڪاڇي ۾ سندن الھ تلھ چٽ،جيون جو آغاز ٻڙُيءَ کان. ھاڻي انھن ماڻھن جي ٻي نہ تہ ايتري مدد تہ ڪئي وڃي جو اھي برساتي ندين کان مستقبل ۾ محفوظ رھي سگھن. جيڪڏھن اھي انھن ساڳن ڪکن، ڀانڻن ۽ آبادين ۾ رھيا تہ ھر چوٿين، پنجين سال ايئن ئي پيا برباد ٿيندا. سائنس ۽ انجنيئرنگ جي ترقيءَ مان لاڀ حاصل ڪندي، کين بھتر جڳھ تي منظم طريقي سان آباد ٿيڻ ۾ سھائتا فراھم ڪئي وڃي جيئن کين تعليم، صحت، پيئڻ جو پاڻي، گئس، بجلي ۽ ٻيون شھري سھولتون بہ ميسر ٿي سگھن.
آفت کي موقعو سمجھي مستقبل جي رٿابندي ڪرڻ لاءِ اچو تہ حڪومت ۽ سڀني وس وارن کي اپيل ڪريون تہ انھن ماڻھن کي جديد ڳوٺ!
ھا! روينيو کاتي کان منظور ٿيل مثالي ڳوٺ اڏڻ ۾ مدد ڪن.

ٻارن کان پورھيو ڪرائڻ
سندڌ ۾ عمومي ۽
حيدرآباد ۾ خصوصي طور
انساني، حقن جون
ڳالھيون ڪندڙ تنظيمون
خبر ناھي ڪو پيالو ڪري ويون يا
اھي بہ 'ترِڪي' پسنديءَ جي حوالي آھن.
ٻارن کان
پورھيو ڪرائڻ
واري ڏوھ جو بہ
ڪو حساب ٿيندو يا؟

ھڪ ڪلو ماکي -- چاليھ لک ڦيرا
ماکيءَ جي مک
گلن جا
چاليھ لک
ڦيرا پائڻ کانپوءِ
ھڪ ھزار گرام
ماکي
جمع ڪند ي .آھي

مانجھاندو
وقت لکڻ مھل
ٻہ مخفف استعمال ڪندا آھيون.
ھڪڙو'اي ايم' ۽
ٻيون 'پي ايم'
اھي بنيادي طور
لاطيني ٻولي جا مرڪب لفظ آھن،
جن جو بڻ آھي لفظ مرڊائيس
جنھن جي سنڌي ٿيندي
مانجھاندو يا منجھند.
اھڙي ريت اھي لفظ ٿيندا.
مانجھاندي کان اڳ 'اي ايم' ۽
مانجھاندي کانپوءِ 'پي ايم' .
انھن کي صبح ۽ شام چوڻ
غلط العام تصور آھي
ڪانون کان ئي سکئون
ڪانو جڏھن آکيري مان
ٻچا اڏائيندا، آھن تہ
انھن جي پھريداري ڪندا آھن،
ايستائين جو
جنھن مان بہ ٻچي کي
خطرو سمجھندا آھن،
ان کي ٺنھنگا ھڻي ڀڄائيندا آھن.
ٻيون نہ تہ ڀلا
ڪانون کان ئي سکئون.

نئون جنم
حليم بروھي مون کي
دل سان ڏاڍووڻدو آھي
پر يارھڪڙي ڳالھ چوان
ڪجھ ڀاڙيو ھيس
ايتري ھمٿ ڪانہ ساري سگھندو ھيم.
ھن ھفتي سڀئي مونجھارا ختم ڪري ڇڏيا
بالڪل نئين زندگي
نئون جنم نوان دوست


چاڪيءَ جو ڏاند
اسان جنھن سما ج ۾ رھئون ٿا اھو غلط العام تصورن سان سٿيو پيو آھي. انھن ما ن ھڪ تصور اھو بہ آھي تہ چاڪيءَ جو ڏاند ڪجھ بہ ناھي ڪندو، رڳو ھڪ دائري ۾ پيو گول گول ڦرندو آھي.اھو ڪم وٺڻ لاءِ چاڪي سندس، اکين تي کوپا چاڙھيندو آھي جيئن ھو نظر ايندڙ دنيا کان بي نيا ز پنھنجي ڪرت ۾ مصروف ھجي.
ھاڻي اچوتہ فرض ڪريون، چاڪي ڏاند جا اھي کوپا لاھي ڇڏي جيڪي شايد ڪجھ گھاڻن ۾ وھندڙ ڍڳن جا وقت سان لٿل بہ ھوندا ھئا تہ ڇا ٿيندو، ڏاند ٽاھ کائي دائري کان ٻاھر نڪرند و ۽ گھاڻو ڀڃي وجھندو
جيڪڏھن اھو غلط العام تصور مڃي وٺئون تہ چاڪيءَ جو ڏاند ڪجھ بہ ناھي ڪند وتہ پوءِ گھاڻي ۾ تيل ڪيئن نڪرندو آھي.
اھو ڏاند تيل ڪڍڻ جي عمل جو ھڪ ڪارگر حصو آھي ۽ سند س محنت جي طفيل اھو گھاڻو تيل ڪڍڻ لائق ٿيوآھي.
وري چوندا اھو ڏاند گول گول ٿو ڦري،
ڪا منزل نٿو ھڻي.
سوال اھو ھجڻ گھرجي تہ
منزل ڪھڙي آھي
تيل ڪڍڻ ـ
اھو تہ نڪري پيو
باقي پنڌ ڪري
جي، اڳتي نڪري وڃي ۽
گول گول نہ ڦري تہ
تيل تہ ڪونہ نڪرندو

نہ شينھن، نہ ھرڻي
سماج ۾ الاجي ڪيترا سچ، بخمل نما پھاڪن ۽ تشبيھن جي پوتڙين ۾ايئن لڪل ھوندا آھن جيئن ڪو بدصورت خنجر ڀرت ڀريل چمڙي جي ڍڪ ۾ لڪل ھوند و آھي.
اھڙيون ٻہ تشبيھون جيڪي سماج جي بدبودار صنفي روئيي کي ظاھر ڪن ٿيون اھي آھن
شينھن پٽ
ھرڻيءَ جھڙي ڇوڪري
ھاڻي ٿورو ٿڌيءَ دل سان انھن تشبيھن تي غور ڪريو مرداڻي بدبودار سماج ۾...
پٽاڻو اولاد پالبو ئي ان لاءِ تہ انسان نہ پر خونخوار جانور شينھن ٿئي ۽ ھرڻين جو شڪا ر ڪري.
ڌياڻو اولاد وري پالبو ئي ان لاءِ تہ ڪنھن نہ ڪنھن خونخوار جانور نما مرد جو ھرڻيءَ وانگر وڃي شڪار ٿئي
جيڪڏھن اسان جي نيت اھا ناھي تہ پواسان کي انھن تشبيھن، استعارن ۽ چوڻين تان ھٿ کڻڻو پوندو.
پنھنجي ٻارن کي پينگھي ۾ اھي لوليون ڏيڻ بند ڪرڻيون پونديون.
گھرن ۾ انسان پالڻ جي شروعات ڪرڻي پوندي .
اھي شينھن ۽ ھرڻي نما ٻار پالڻ بند ڪرڻا پوندا
انسان جي اولاد کي انسان ڪري پالڻو پوندو

تربيت
جيڪڏھن اسان جي يونيورسٽين ۾ پي ايڇ ڊي يا ان جي برابر واريون سندون رکندڙ بہ مستقبل جي پي ايڇ ڊي يا ان جي برابر واريون سندون حاصل ڪندڙ استاد شاگردن لاءِ جانور آھن تہ پوءِ ھن سماج کي ڪيئن بھتر ڪري سگھجي ٿو جيئن اھو ٻار، ڪمزور ۽ عورت لاءِ بہ اوترو ئي محفوظ ھجي جيترو مٿين طبقن جي باشندن لاءِ آھي
ھتي مان اھا ڳالھ واضح ڪندو ھلان تہ ٻار۽ عورت ڀلي ڪھڙي بہ طبقي سان تعلق رکندا ھجن، انھن لاءِ ھي سماج ھڪ نھائينءَ جيان آھي، جنھن ۾ ھر وقت پڄرندا رھندا، کين ھر وقت ٽانڊن ڀريل رستي تي اگھاڙين پيرين ھلڻو پوي ٿو. انھن کي اسان جو ساٿ ۽ سھائتا گھرجي
سماج کي رڳو تعليم سان ڪو بہ لاڀ نہ ملندو، اسان کي ٻارن خاص ڪري ڇوڪرن ج تربيت تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻو پوندوھي مردن جو سماج آھي، اھو رات وچـ۾ عورت دوست ڪونہ ٿيندو. ان لاءِ سخت قد م کڻڻا پوندا ۽ ثابت قدم رھڻو پوندو

سنڌ ـ وفاق ۽ ٻيٽ
ترقيءَ کي روڪڻ شايد ھن دور ۾ ممڪن ڪونھي، ھا، اھو ٿي سگھي ٿو تہ ان جو لاڀ حاصل ڪندڙ ھٿ ۽ ڌريون بدلجي وڃن.
اھڙو ئي ھڪ کيل سنڌ جي راڄڌانيءَ لڳ موجود سامونڊي ٻيٽن تي کيڏيو پيو وڃي
.جھيڙو اھو قطعي ڪونھي تہ اتي ترقي نہ ٿئي جھيڙو اھو آھي تہ گھڻو فائدو ڪنھن کي ملي، سنڌ يا وفاق.
ان سڄي کيل ۾ سرڪاري، نيم سرڪاري، غيرسرڪاري ۽ نظرنہ ايندڙ سڀئي ڌريو ن پنھنجو پنھنجو ڪم ڪرڻ ۾ رڌل آھن جيئن ڪيٽي بندر رٿا ۽ ذوالفقارآباد تي ٿيو ھو.
سوال اھو پڇڻو ھو تہ ماھيگيرن جي غيرسرڪاري تنظيم'فشر فوڪ فورم' ۽ مزدورن جو نيم سرڪاري ادارو 'پائلر' ڪنھن جي پاسي آھن.
جيڪڏھن اھي ٻيٽن تي وسندڙ ماھيگيرن جا گھڻ گھرا آھن تہ وفاق ۽ سنڌ حڪومت سان ويھي لاڳاپيل اسيمبلين مان اھڙو قانون منظور ڪرائين جنھن ھيٺ جڏھن بہ ۽ ڪير بہ انھن ٻيٽن تي آبادڪاري ڪري تہ اھو خيال رکي تہ اتي جي مقامي ماھيگيرن کي بنا ڪنھن معاوضي جديد شھري سھولتن سميت شھر ٻڌي ڏئي.
انساني آباديءَ جي صورت ۾ 60 سيڪڙو گھر، ملڪيتون، ڪاروبار ۽ زمينون صرف سنڌ جي ھاڻوڪن سن 2020 مستقل شھرين کي خريد ڪرڻ ۽ ملڪيت ۾ رکڻ جو حق ھوندو. اھي جيڪڏھن وڪڻڻ بہ گھرن تہ صرف مستقل باشندن کي ئي وڪڻڻ جا پابند ھوندا.
نئين شھر ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ تعليم لاءِ اسڪول قائم ڪرڻ لازمي ھوند و.
ٻيٽن ۽ اتي ٿيندڙ ترقيءَ کي سنڌ جي صوبائي قانون تحت ھلايو ويندو.
باقي ھرڳالھ تي ''مرسون مرسون سنڌ نہ ڏيسون ''ڪو صحتمند رجحان ڪونھي. انھي جذبي تہ فبروري 1843 ۾ مياڻيءَ جي ميدان ۾ سنڌ انگريزن ھٿان ھارائي ھئي.
ياد رھي تہ اھو نعرو قابض ٽالپر حڪمرانن جي ھڪ غلام سان منسوب آھي، جنھن کي نئين قابض انگريز جي ايسٽ انڊيا ڪمپني سرڪار 'جنرل' جو خطاب ڏنوھيو.
سنڌ جي سياسي شعور کي جيڪڏھن پاڪستان جي وفاق ۾ صحتمند، روشن خيال، ترقي پسند، عوام دوست ڪردار نڀائڻو آھي تہ ڪو نئون جذبو ۽ ڪا نئين حڪمت عملي مرتب ڪرڻي پوندي .
تاريخي طور ھارايل طريقا وري وري اپنائڻ ڪو سٺو رويو ڪونھي.