ٻاراڻو ادب

سنڌي ٻاراڻي ادب جي تاريخ (جلد ٽيون)

ھن اھم تحقيقي ڪتاب جي ٽئين جُلد ۾ ٻارن جي علمي ادبي تنظيمن، اخبارن جي ھفتيوار ٻاراڻن صفحن، ڊرامن ۽ ريڊيو ٽي وي پروگرامن جي تحقيقي جائزي تي مشتمل آھي. ڪتاب ۾ ٻارن جي خالص علمي، ادبي تنظيمن، سنڌي اخبار جي ھفتيوار صفحن،  اخبارن جا ٻاراڻا صفحا ھلائيندڙ انچارج، ايڊيٽرز ۽ تنظيمن جي اڳواڻن جو تعارف پڻ ڏنل آھي. ورھاڱي کانپوءِ ھندستان ۾ شايع ٿيل اخباري صفحن جو تفصيلي جائزو پڻ ڏنو ويو آھي.

  • 4.5/5.0
  • 57
  • 7
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • خالد آزاد
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌي ٻاراڻي ادب جي تاريخ (جلد ٽيون)

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪ خالد آزاد جو لکيل تحقيقي ڪتاب ”سنڌي ٻاراڻي ادب جي تاريخ (جلد ٽيون)“  اوھان اڳيان پيش آھي.
ھن اھم تحقيقي ڪتاب جي ٽئين جُلد ۾ ٻارن جي علمي ادبي تنظيمن، اخبارن جي ھفتيوار ٻاراڻن صفحن، ڊرامن ۽ ريڊيو ٽي وي پروگرامن جي تحقيقي جائزي تي مشتمل آھي. ڪتاب ۾ ٻارن جي خالص علمي، ادبي تنظيمن، سنڌي اخبار جي ھفتيوار صفحن،  اخبارن جا ٻاراڻا صفحا ھلائيندڙ انچارج، ايڊيٽرز ۽ تنظيمن جي اڳواڻن جو تعارف پڻ ڏنل آھي. ورھاڱي کانپوءِ ھندستان ۾ شايع ٿيل اخباري صفحن جو تفصيلي جائزو پڻ ڏنو ويو آھي.
ھي ڪتاب 2016ع  ۾ سنڌي لينگيوئيج اٿارٽي،، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جي پي ڊي ايف اسڪين ڪاپي صاحب خان سورھ ميراڻيءَ  جي سھڪار سان اوهان سان شيئر ڪجي ٿي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي