ڊائريءَ جا ورق / نثري ٽڪرا

جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي

شيخ اياز جي هن ڪتاب ۾ سندس 22 خط ۽ نوٽبڪ جا ڪجهہ ورق آندل آهن، جن ۾ سندس انوکا ۽ تازا فڪري نڪتا بہ موجود آهن. مختلف قسم جي ذهني ڪيفيتن وارن خطن کي تاريخ پٽاندڙ هڪ هنڌ پيش ڪيو ويو آهي. مثلاً پھريان ٻہ خط سنڌ جي لافاني عظمت کان متاثر ٿي ۽ سنڌي عوام سان دلي وابستگيءَ جي جذبي هيٺ لکيا ويا آهن، انھن کان پوءِ ڇھہ خط ٽيڪسلا، ڪوهہ مري ۽ ڀوربن مان، ٽيڪسلا جي قدامت ۽ بي مثل فن کان متاثر ٿي ۽ ان جي پس منظر ۾ اردو، پنجابي ۽ بنگالي ادب متعلق، ملڪ جي عام انسانن جي دک ڀري زندگيءَ جي مشاهدي تي لکيل آهن. هن مجموعي ۾ اياز پنھنجي ننڍپڻ جا واقعا، مٺيون ۽ ڪڙيون يادگيريون ۽ ڊائريءَ جا نوٽ بہ بيان ڪيا آهن. ڪتاب جو مھاڳ نامياري اديب ۽ ڏاهي محمد ابراهيم جويي لکيو آهي. هيءُ ڪتاب سوڀي گيانچنداڻي جي نانءُ ڪيل آهي. 

  • 4.5/5.0
  • 181
  • 74
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر ۽ نثرنگار شيخ اياز جي خطن ۽ نوٽبڪ جي ورقن تي مشتمل ڪتاب ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
شيخ اياز جي هن ڪتاب ۾ سندس 22 خط ۽ نوٽبڪ جا ڪجهہ ورق آندل آهن، جن ۾ سندس انوکا ۽ تازا فڪري نڪتا بہ موجود آهن. مختلف قسم جي ذهني ڪيفيتن وارن خطن کي تاريخ پٽاندڙ هڪ هنڌ پيش ڪيو ويو آهي. مثلاً پھريان ٻہ خط سنڌ جي لافاني عظمت کان متاثر ٿي ۽ سنڌي عوام سان دلي وابستگيءَ جي جذبي هيٺ لکيا ويا آهن، انھن کان پوءِ ڇھہ خط ٽيڪسلا، ڪوهہ مري ۽ ڀوربن مان، ٽيڪسلا جي قدامت ۽ بي مثل فن کان متاثر ٿي ۽ ان جي پس منظر ۾ اردو، پنجابي ۽ بنگالي ادب متعلق، ملڪ جي عام انسانن جي دک ڀري زندگيءَ جي مشاهدي تي لکيل آهن. هن مجموعي ۾ اياز پنھنجي ننڍپڻ جا واقعا، مٺيون ۽ ڪڙيون يادگيريون ۽ ڊائريءَ جا نوٽ بہ بيان ڪيا آهن. ڪتاب جو مھاڳ نامياري اديب ۽ ڏاهي محمد ابراهيم جويي لکيو آهي. هيءُ ڪتاب سوڀي گيانچنداڻي جي نانءُ ڪيل آهي. 
هن ڪتاب جو پھريون ڇاپو ڊسمبر1963ع ۾ غلام رباني آگري، حيدرآباد مان ڇپايو، جنھن تي ايوبي آمريت 1964ع ۾ پابندي وڌي.  1983ع ۾ ھي ڪتاب ھندستان مان ساھت سڀا پبليڪيشن، الھاس نگر پاران ڇپايو ويو جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي صاحب خان سورھ ميراڻي  جي سھڪار سان پيش آھي.
بعد ۾  ھي ڪتاب نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد، 1998ع ۾ شايع ڪيو، جڏهن تہ  روشني پبليڪيشن، ڪنڊياري 2008ع ۾ پڻ شايع ڪيو. هي ڪتاب شيخ اياز جي نثري تخليقن جي پھرئين جلد ۾ ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ پاران مئي 2010ع ۾ پڻ شامل ڪيو ويو آهي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

انتساب

سوڀي گيانچنداڻي جي نان


- عاشق زھر پياڪ، وھہ ڏسي وھسن گهڻو
- شاھہ

مهاڳ

1955ع جي شروع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي رسالي ”مهراڻ“ جي ايڊيٽر جي حيثيت ۾، سنڌي اديب دوستن کي خط لکيم، جن ۾ کين گذارش ڪيم ته وقت بوقت علمي ۽ ادبي نوع جا خط اسان ڏانهن لکي موڪلين، جيئن اهي ”مهراڻ“ ۾ ، ان خاص عنوان هيٺ شايع ڪري سگهجن، ۽ ”مهراڻ“ ۾ اهو هڪ مستقل ۽ خصوصي عنوان قائم ٿي وڃي. منهنجي عزيز دوست ”اياز“ کي چڱي من ۾ پيئي، ۽ هڪڙو نهايت پيارو خط لکي موڪليائين، جو هن مجموعي جي صفحي 133 تي ڏنل آهي. ان هڪڙي خط کي ڪافي نه سمجهي، کانئس اهڙن ٻين خطن جي گهر ڪيم، ۽ اهو سلسلو ائين شروع ٿيو، ۽ اياز جا پهريان پنج خط ”مهراڻ“ 1955ع جي ”اونهاري“ واري پرچي ۾ ”اسان جي شاعر جا خط“ عنوان هيٺ پيش ڪيا ويا، جن مان پهرئين خط کان علاوه چار خط پڻ هن مجموعي ۾ (صفحي 134، 136، 138، ۽ 142 تي) شامل ڪيا ويا آهن. ان کان پوءِ، اياز جا ٽي خط ”ادب لطيف“ جي عنوان هيٺ ”مهراڻ“ 1955ع جي ”سرءُ“ واري پرچي ۾ پيش ڪيا ويا، جي پڻ هن مجموعي جي صفحي 145، 149 ۽ 152 تي موجود آهن. اهڙيءَ ريت سواءِ هڪ خط جي، جو هتي صفحي 123 تي آندل آهي، هن ڪتاب جا باقي 21 خط پهريائين . ”مهراڻ“ ۾ ئي شايع ٿيا: انهيءَ لحاظ کان، اياز جو هيءُ ڪتاب گويا ”مهراڻ“ جي ئي ”دين“ آهي.
اياز جي پهرين پنجن خطن شايع ٿيڻ تي، ڪن سنڌي ادبي حلقن ۾ عجيب تاءُ پيدا ٿيو، جو تپي تپي، ڪافي دير کان پوءِ ڪجهه قدر وڃي ماٺو ٿيو. ڪن خاص اخبارن ۾، ادبي تنقيد جي نالي ۾، ادارين ۽ مضمونن جا لاڳيتا ۽ ڊگها سلسلا شايع ٿيا، جن ۾ ادب گهٽ ويڻ وڌيڪ ۽ تنقيد بدران تهمت بازي زيادهه هئي. ڪن صاحبن ”اسان جي شاعر جا خط“ عنوان مان، لفظن جي آڙ وٺي، اها به تهمت گهڙي ورتي ته ”مهراڻ“ وارا رڳو اياز کي ئي ”اسان جو شاعر“ سمجهن ٿا ۽ ٻئي ڪنهن کي شاعر تسليم ئي نه ٿا ڪن. ”مهراڻ“ ۾ ٻين شاعرن جو شعر به پيش ٿيندو رهيو، پيش ٿيندو ٿو رهي، ۽ ان ۾ ٻين شاعرن ۽ نثر نويسن جا ادبي خط به شايع ٿيندا رهيا، ۽ شايع ٿيندا ٿا رهن. پر اها ڳالهه ويچار ۾ ڪانه آندي ويئي، ۽ اهي قلم ۽ قرطاس جا صاحب اياز جي خلاف، ”مهراڻ“ جي خلاف، ۽ هر انهيءَ ڳالهه جي خلاف، جنهن کي هنن نه سڃاتو ۽ نه سٺو، پنهنجي تحرير بازيءَ جا جولان ڏيکاريندائي رهيا. سهپ جو مادو ۽ سڃاڻپ جي صلاحيت، جيئن زندگيءَ جي ٻين ڳالهين ۾ تيئن ادبي سرچاءَ لاءِ پڻ بنيادي ضرورت جو درجو رکي ٿي. خود دار ۽ صاحب ڪمال شخصن ۾، خود پسنديءَ جي جيڪي سو زياده هجڻ سبب، اڪثر هيءُ سهپ جو مادو ۽ سڃاڻپ جي صلاحيت قدري گهٽ ٿئي ٿي. حساس دليون هڪ ڀيرو بگڙي بيهن، ته انهن جي وري ريجهڻ ۽ سرچڻ لاءِ وقت گهرجي. بهرهال ورهاڱي واري سال 1947ع کان پوءِ خاص طرح سنڌ جي سنڌي ادبي دنيا ۾، جيڪا چو پاسي ماٺ پئجي ويئي هئي، تنهن ۾ اياز جي شعر ۽ اياز جي نثر جي طفيل هڪ ڀيرو وري هلچل پيدا ٿي، ۽ سنڌي ادب جيڪو پنهنجي بي مثل ڪلاسيڪي شاعرن ۽ نثر نويسن جي گود ۾ ننڊ مان اکيون کولي، هيڏانهن هوڏانهن ڏسي، آرس ڀڃي، وري پرڀات جي مٺيءَ هير تي ٻيهر سمهي رهيو هو، تنهن اياز جي ان آواز تي پاسو ورايو ۽ پنهنجي آئينده لافاني زندگيءَ ۾ هاڻي پير رکيو آهي، اياز ان جي هن صبح صادق جو پهريون نديم ۽ پهريون پورهيت آهي.
اياز جڏهن پنهنجي هن ڪتاب جي مهاڳ لکڻ لاءِ مون کي چيو، تڏهن سچ پچ ته آئون منجهي پيس ته ڇا لکجي ۽ ڪيئن لکجي. اياز ۽ سندس ادب تي گذريل ڏهن پندرهن سالن ۾ ايترو ڪجهه لکيو ويو آهي، ۽ اڪثر مخالفت ۾ لکيو ويو آهي، جو محض رسمي تعارف طور مٿس يا سندس ادب تي ڪجهه سٽون لکي ڇڏڻ ڪا معنيٰ ڪانه ٿيون رکن. ۽ جيڪي ڪجهه واقعي لکڻ گهرجي، تنهن جي لکڻ جي، سندس ئي ڪتاب جي مهاڳ طور، منهنجي خيال ۾ گنجائش به ڪانهي _ خاص طور هن حالت ۾، جڏهن مون کي اها خبر آهي ته اهو ڪتاب، جيڪو سچ پچ پڙهڻ لائق آهي ۽ پڙهندڙ لاءِ ان ۾ اجهل ڪشش موجود آهي. تنهن جي مهاڳ کي پڙهڻ جي تڪليف ڪو وٺي به ڪونه ٿو، ۽ ڪنهن کي وٺڻ به نه گهرجي.
اياز جي هن ڪتاب ۾ سندس 22 خط ۽ سندس نوٽبڪ جا ڪجهه ورق آهن، جن ۾ سندس شاعرانه ٻولي به آهي ۽ سندس انوکا ۽ تازهه دم فڪري نڪتا به موجود آهن. خطن جي ترتيب تاريخ وار فقط ايتري قدر آهي، جو هڪ ئي قسم جي ذهني ڪيفيت وارن خطن کي هڪ هنڌ تاريخن پٽاندر پيش ڪيو ويو آهي. مثلاً، پهريان ٻه خط (ص 1 _ 25) سنڌ جي لافاني عظمت کان متاثر ٿي ۽ سنڌي عوام سان دلي وابستگيءَ جي جذبي هيٺ لکيا ويا آهن. انهن کان پوءِ ڇهه خط (ص 26 _ 63) ٽيڪسلا، ڪوهه مريءَ ۽ ڀوربن مان، ٽيڪسلا جي قدامت ۽ بي مثل فن کان متاثر ٿي ۽ ان جي پس منظر ۾، اردو، پنجابي ۽ بنگالي اديب متعلق ۽ ملڪ جي عام انسانن جي دک ڀريءَ زندگيءَ جي مشاهدي جيڪا سندس حساس روح کي اذيت رسائي آهي، تنهن بابت لکيل آهن. ۽ اهڙيءَ ريت ص 64 کان ص104 تائين چار خط ص 105 کان 122 تائين هڪ خط مشرقي بنگال جي سندربن مان لکيل، ض 133 کان ص 152 تائين سڀ کان اول لکيل اٺ خط، سندس جدا جدا روماني ڪيفيت جي عڪاسي ڪن ٿا. هڪڙي خط ۾ جيڪو ص 123 کان 132 تائين آيل آهي، اياز پنهنجي ننڍپڻ جا واقعا ۽ مٺيون مٺيون ۽ ڪڙيون ڪڙيون چند يادگيريون بيان ڪيون آهن. ڪتاب جي ص 155 کان ص 183 تائين اياز جي نوٽبڪ مان جسته جسته ڪي اقتباس پيش ڪيل آهن.
سنڌي ادب ۾ هيءُ ڪتاب پنهنجو نوع جو پهريون ڪتاب آهي. ادبي خط ادب جي هڪ اهڙي پياري صنف آهي، جنهن جي نثر ۾ شعر، شعر ۾ پنهنجائپ، ۽ پنهنجائپ ۾ دل جي گهراين جي اپٽار ملي سگهي ٿي. بشرطيڪ لکندڙ دلي اخلاص، خالص جذبي، نئين نگاهه ۽ سجاڳ دل جو صاحب هجي. جڳ مشهور فرانسيسي مصور پال گاگن (1848 _ 1903) جنهن جي زندگي ايڏي ته شديد غربت ۾ گذري، جو هڪ هنڌ پنهنجي وڇڙيل زال کي پنهنجي ۽ پنهنجي معصوم پٽ ”ڪلووس“ متعلق لکندي چوي ٿو، ”ڪلووس جي ڳڻتي نه ڪج. هن جي عمر جا ٻار دک ڪونه سڃاڻن، بشرطيڪ کين ٿوري پيار ڪرڻ وارو ڪو هجي. باقي کاڌي جي ڳالهه، سو اها ڪا مشڪل ڳالهه ڪانهي: کائيندي، چڱو چڱو گرهه آءٌ هن لاءِ ڇڏي ڏيندو آهيان.... آءٌ ڪاٺ جي تختي تي پنهنجي سفر جي کٿي ۾ ويڙهيو ليٽيو پيو آهيان. ڏينهن جا ڏک ۽ رات جو اوجاڳو ٻيئي هڪٻئي کي برابر توريو بيٺا آهن..... منهنجي کيسي ۾ ويهه پئسا هئا، ۽ ٽن ڏينهن کان اسان اوڌر تي سڪل روٽي پئي کاڌي آهي:“ _ جنهن جي مرڻ کان پوءِ سندس تخليق ڪيل هڪ هڪ تصوير هزارن کان لکن رپين ۾ وڪاڻي؛ _ فرانس جو هي عظيم مصور پال گاگن پنهنجي هڪ دوست ڏانهن ان پنهنجي شديد غربت جي حالت ۾ پنهنجي تازي تخليق ڪيل تصوير بابت لکندي، هڪڙي خط ۾ چوي ٿو: ”ماڻهوءَ جي هٿن جي حاصلات ئي ان ماڻهوءَ جي تشريح آهي.“ اياز جو هيءُ ڪتاب اياز جي ”هٿن جي حاصلات“ آهي. اياز جي تشريح اياز جا هي خط آهن.

_ محمد ابراهيم جويو
حيدرآباد
25 ڊسمبر 1963ع

خط

---

سکر مان جون ۽ جولاءِ 1961ع ۾ لکيل ٻہ خط

1
_________

ڪئينس روڊ، سکر
22 جون 1961ع

ادا،
ڪالهه سارو ڏينهن اروڙ ۾ گذريو. اسان محمد بن قاسم جي تعمير ٿيل مسجد وٽ بيهي هيٺ تليءَ جي ميدان ڏانهن ڏسي رهيا هئاسين، جتي راڻي لاڏي عربن سان وڙهندي مئي هئي، ته ان وقت مينهن ڦڙيون وسيون ۽ ڪاريون گهٽائون آسمان ۾ زخمي هاٿين وانگر راڙا ڪنديون، ڌوڪينديون آيون. منهنجو دوست هڪ پهاڙي ٻوٽو پٽي آيو ۽ مون کي ڏيکاري چيائين ته ”هي سنگهي ڏس.“ مون ان کي سنگهيو ته ان مان تکي تکي سهاڳ رات جهڙي سڳنڌ اچي رهي هئي. هن مون کي ٻڌايو ته ان ٻوٽي کي اروڙ جا رهواسي ”مدن _ مست“ چوندا آهن.
”ڄاڻين ٿو ته مدن ڪنهن جو نانءُ آهي؟“ مون پڇيو.
”نه.“
”مدن ڪام _ ديو کي چوندا آهن.“
”تڏهن ته ان ٻوٽي سان سنڌ جي نهايت دردناڪ ڪهاڻي وابسته آهي!“
”ڪهڙي ڪهاڻي؟“
”ان وقت سنڌو، اروڙ جي ڀرسان وهندي هئي. ڪپ تي قلعو هو، جنهن ۾ راجها ڏاهر جو رنگ محل هو. راجا ۽ راڻي هندوري ۾ ويٺا هئا ۽ راج جوتشيءَ کي پنهنجون پنهنجون جنم _ پتريون ۽ هٿ جون ريکائون ڏيکاري رهيا هئا. اوچتو جوتشيءَ گهٻرائجي چيو، ”راڻي تون ستي نه ٿيندينءَ!“
”اهو ته وڌيڪ چڱو، مون کي گهوٽ هٿن سان چکيا تي چاڙهي ايندو.“
”نه، ائين به نه ٿيندو. تنهنجو گهوٽ تو کان اڳي مرندو، پر پوءِ به تون ستي نه ٿيندينءَ.“
”اهو ڪيئن؟“
”ورڌاتا جو ليک آهي، ان ۾ وڌيڪ اونهو ته ڪوئي وڃي نٿو سگهي، پر گرهه ۽ ريکائون ائين ٿيون چون ته راجا توسان ڪجهه وقت آهي ۽ پوءِ توکان هميشه لاءِ وڇڙي ويندو. ۽ تون جنم جنم جي چوراسي لک ڦيري ۾ هن کي ڳولي ڳولي ٿڪجي پوندينءَ.“
”جوتشي بابا، ائين ڇو؟“ راڻيءَ چيو.
”اها ٻوجهه مون کي نه آهي ۽ نه ڪنهن انسان کي هوندي. مان ڀانيان ٿو ته هن جي رت تي ڪنهن اهڙي پاپيءَ جو پاڇو پوندو جو هو توکان پري پري ڀڄندو وتندو، ۽ تون ڄمڻ مرڻ جي ڦيري ۾ هن کي پائي نه سگهندينءَ“.
”جوتشي اڃا هٿ ڏسي رهيو هو ته مها منتريءَ اچي خبر ڪئي ته ڪائي اجنبي سئنا ديس تي ڪاهي آئي آهي، ۽ بهتر ائين ٿيندو ته ڪجهه سئنا سان سنڌوءَ جي ٻيءَ ڀرتي، انهن جو اڳ وٺي مقابلو ڪيو وڃي. گهڙي نه گذري ته رڻ گجيو، راڙو ٿيو، ڀالا ۽ بڙڇيون ڌرتيءَ تي چلڪندا وڌيا ۽ سنڌي سئنا ٻيڙن تي درياءُ پار ڪري، ٻيءَ ڀر پهتي.“
”ان رات راڻيءَ لاڏيءَ سوچيو ته هيءَ آخري ملاقات هئي، وري اهڙي رات نه ايندي هوءَ ڏاهر سان ڇپر _ کٽ تي سمهي، نکٽ ڏسندي رهندي. هن کي اهي راتيون ياد آيون، جي هن ڏاهر سان گذاريون هيون _ اهي راتيون جن جي گهڙي گهڙي امر هئي، اهي راتيون جڏهن جن جي چوٽيءَ چمپا جون ڪليون ڇڻي، پتيون ٿي، کهنبي جي چادر تي پکڙجي وينديون هيون ۽ ڏاهر جون آڱريون هن جي وارن ۾ ڦرنديون، هن کي کاڏيءَ تائين اينديون هيون ۽ هن جا چپ چمپا ڪليءَ وانگر کڄي ڏاهر جي چپن تائين ايندا هئا، ۽ پوءِ آدجڳاد جي آگ، سرير جي سرڳ جي آگ، چنڊ جي چکيا، ڄر، ڄڀيون، ۽ آخر اونهي اونهي اُماس! اها آگ وري نه ٻرندي!“
”هن رات جو سپني ۾ ڏٺو ته مدن پنهنجو تير ڪمان کڻي، هن کان دور دور ڀڄندو ٿي ويو.“
”ڀنڀرڪي جو هن کي خبر پيئي ته سنڌي سئنا هارايو آهي، ڏاهر ماريو ويو آهي، ۽ عرب درياءُ ٽپي، تليءَ جي ميدان ۾ مورچا هڻي ويٺا آهن. لاڏي زرهه پاڻي، باقي سئنا سوڌي ميدان ۾ آئي. سنڌي شينهڻ، وار مٿان وار ڪيو، ڳچين ڳچ اڏاڻا، ڌڙ ڌڌڙ ۾ ڦٿڪڻ لڳا. هن جو هاٿي ڌوڪيندو، دشمن جون صفون چيريندو وڃي رهيو هو، ته اوچتو هن جي نظر هڪ سپاهيءَ تي پئي ۽ هن جي اکين اڳيان رات وارو سپنو ڦرڻ لڳو. مدن! لاڏيءَ رڙڪئي، ”مدن“ ترس! مدن، تنهنجي ٻاڻ بنا جيون بي معنيٰ آهي. اوچتو هن جي پٺيءَ ۾ تير کپي ويو ۽ هوءَ پالڪيءَ مان ڦيراٽي کائي ڪري پئي ۽ سنڌڙِيءَ جنگ هارائي.
”چون ٿا ته جتي لاڏيءَ جي رت ڪري هئي، اتي پهريون ڀيرو مدن _ مست جا ٻوٽا اڀريا هئا ۽ ان وقت کان اروڙ ۾ رسم آهي ته سنڌي ڪنواريون پرڻي رات، اهي ٻوٽا سيرانديءَ کان رکي سمهنديون آهن.“
”عجيب ڪهاڻي آهي!“
بارش زور سان پوڻ لڳي. اسان مسجد وٽان تيزيءَ سان وک وڌائي ۽ ڪجهه پنڌ تي هڪ ڦٽل مندر ۾ ٿوريءَ دير لاءِ ترسيا سين. منهنجي دوست سامهون ٻن پٿرن ڏانهن اشارو ڪري چيو ته ”انهن متعلق روايت آهي ته اهي ٻه ڪافر هئا، جن کي ڪنهن وليءَ بد دعا ڪري، پنڊ پهڻ ڪري ڇڏيو هو.“ مون کلي هن کي چيو ته ”اها ڳالهه وسهڻ جهڙي ته نظر نٿي اچي؛ جي ائين هجي ها ته جنهن وقت مان هنن جي ڀرسان لنگهيس ان وقت هو ضرور زندهه ٿي پون ها ۽ منهنجي آجيان ڪن ها.“
وڏڦڙو وسي رهيو هو. سانجهي، پنهنجي سانورڙيءَ سونهن سان ڇم ڇم ڪندي ٿي آئي. منهنجو ڌيان ڪنهن کوهه جي پاتار ۾ پيهي ويو هو ۽ ان جي پاڻيءَ ۾ چنڊ ستارن جي پاڇي کي حقيقي سمجهي ڳولي رهيو هو. تاريخ جي ارتقا سمجهه کان ڪيتري نه پري آهي! ڪوئي ڪوئي امڪان کان بعيد واقعو ان جي واڳ موڙي، ان کي ڪيترو نه منزل کان هٽائي ٿو ڇڏي! تاريخ ۾ ڪنهن به شعوري قوت جي تلاش اجائي آهي. واقعي ”غالب“ جو اهو شعر ته ”وقت جو گهوڙو ڊوڙي رهيو آهي ۽ نه ان جي واڳ ۾ هٿ آهي ۽ نه رڪاب ۾ پير.“ تاريخي نقطه نظر کان ڪيترو نه صحيح آهي! هن ننڍي کنڊ جي تاريخ، مارڪس جي جدلياتي ماديت ( Dialectical Materialism) کي ڪهڙو نه غلط ثابت ٿي ڪري: هتان جي تاريخ فقط اتفاقي حادثن جو هجوم آهي، جنهن ۾ ڪوئي ارتقائي شعور (Evolutionary Consciousness ) نظر نه ٿو اچي. جيڪڏهن مون سان ڪو به ڪنهن ڪائناتي ارتقا، مادي يا غير مادي تي بحث ڪري، ته مان هن کي فقط هي جواب ڏيان ته ”مون کي خبر آهي ته سنڌوءَ بنا ڪنهن سبب جي وهڪرو ڦيرائي، اروڙ کي ناس ڪري ڇڏيو. “
مينهن جي بيهڻ جو ڪو امڪان نظر نه ٿي آيو. رعد زور سان رڙيون ٿي ڪيون، ڄڻ ته ڪوئي زخمي شينهن گجي رهيو هو. پريان بجلي ٽڙڪاٽ ڪندي ڪري، ۽ پهاڙين جا هانوَ ڦاڙي پاتار ۾ پيهي وئي. اسان سوچيو ته رات جي انڌاري کان اڳ ڪالڪا جي گفاتائين پهچي وڃون؛ ۽ پوءِ مينهن ۾ ڀڄندا، پٿرن تي ٿڙندا ٿاٻڙندا، اچي گفا وٽ پهتاسين. گفا جي ٻاهران ڪوٺي هئي، جنهن ۾ ٻه ڏياٽيون ايتري سڪون سان ٻري رهيون هيون، گويا انهن جي جوت کي ڪائي پرواهه نه هئي ته ٻاهر تيز هوا، طوفان، مينهن ۽ گجگوڙ آهي ۽ بجلي ٽڙڪاٽ ڪندي ڪري رهي آهي. اتي هڪ ٻڍڙو سنت ويٺو هو، جنهن اٿي اسان جي آجيان ڪئي. هن کي پانڊيچريءَ جي اربندو گهوش جهڙي ڇڊي ڏاڙهي ۽ سنهي هاٺي هئي، ۽ هن جون اکيون ٻن ڏياٽين وانگر ٻري رهيون هويون.
”بابل هن ويلا هتي ڪيئن آيا آهيو؟“ هن پڇيو.
”ڪالڪا ديويءَ کي ڏسڻ آيا آهيون، بابا.“ مون جواب ڏنو. هن منهنجي مينهن ۾ ڀنل مغربي لباس کي حيرت سان ڏسي پڇيو، ”بابل تون مسلمان آهين؟“
”نه بابا، مان انسان آهيان؛ مان مسلمان، هندو، عيسائي، يهودي، آتش پرست، سڀڪجهه آهيان ۽ ساڳئي وقت ڪجهه به نه آهيان. مان هن اروڙ جي صديون پراڻي مٽي آهيان، مان مدن _ مست آهيان، مان ڪالڪا جي گفا آهيان، جنهن ۾ هڪ نه پر هزارين ديويون آهن، جن کي مون گهڙي، ڇلي، سنواري سينگاري، ساري عمر پوڄيو آهي. بابا، تون ان کي ڇا ڪندين ته مان ڪير آهيان! شايد مان خود به ان جي تلاش ۾ آهيان ته مان ڪير آهيان! بهرحال، مان تو وٽ مهمان آهيان. شايد تون اها ڳالهه محسوس ڪري سگهين ته مان مهمان آهيان، ڇو ته اها ڳالهه منهنجي ڪنهن به هم وطن محسوس نه ڪئي آهي؛ شايد تون منهنجي آجيان ڪرين، هڪ ويراڳي راڳيءَ جي، جنهن جي ساري عمر سونهن جي سوداءَ ۾ گذري آهي، جنهن جي گهڙيءَ گهڙيءَ ۾ پيار جي پيڙا آهي، جنهن سارو وقت انسان ۽ ان جي امن جا گيت ڳايا آهن.“
ٻڍڙي سنت منهنجي مستڪ تي هٿ رکي چيو، ”بابل، تون ته مينهن ۾ ڀڄي ويو آهين؛ هان، هن انگوڇي سان منهن مٿو اگهه.“
اسان ٻنهي وار سڪايا ته هن چيو، ”بابل پست جي ڏوڏين جو ڪاڙهو پيئندؤ؟ مون وٽ چاءِ ته ڪانه آهي.“
”ها بابا، اهڙي ڪائي شيءِ ڏي جنهن سان ساري سُڌ ٻُڌ هلي وڃي. ڄاڻ وڏي ڏائڻ آهي ۽ ڪيتري وقت کان منهنجي هيانوَ کي کائيندي رهي آهي.“
اسان ڪاڙهو پيتو ته هن پڇيو، ”ديويءَ کي نمسڪار ڪندؤ.“
”ها بابا“، اسان جواب ڏنو.
پوءِ هن هڪ ڏياٽي پاڻ سان کنئي ۽ هڪ مون کي هٿ ۾ ڏيئي چيائين ته ”منهنجي پٺيان اچو.“
ٻڍڙو سنت اڳيان، اسين پٺيان. گفا ۾ ڪجهه اڳتي وياسين ته ڪجهه چمڙا پر ڦڙڪائيندا اڏريا. ڪاريءَ ٻاٽ ۾ ڏياٽين جا پاڇا پٿرائينءَ ڇت تي ائين پئجي رهيا هئا، ڄڻ اروڙ جون امرآتمائون صدين کان پوءِ ننڊِ مان جاڳيون هيون. ٻڍڙي ڏياٽي ڀت تائين آڻي اسان کي ديويءَ جي مورتي ڏيکاري جا پٿر جي ڀت ۾ اڪريل هئي. ديوي شينهن تي سوار هئي. ان وقت منهنجي دماغ تي ڪاڙهي جو ڪافي اثر ٿيو هو. منهنجي اکين اڳيان اهوسارو منظر ائين ٿي لڳو، گويا تاريخ جي بي معنيٰ چؤڏول ۾ منهنجو بي بنياد ” فلسفه“ حيات ڦري رهيو هو. مون نشي ۾ ٽهڪ ڏيڻ شروع ڪيا. ”هاها هيءَ ڪاري گفا، چمڙا هي فقط ٻه ڏياٽيون، هي پٿر ۾ اڪريل شير، جنهن ۾ ڪائي گجگوڙ ڪوئي ڇلانگ نه آهي! هاهاها! سڀ بي معنيٰ سڀ بي معنيٰ! هيءَ ديوي، جنهن کي فقط مان ۽ منهنجو دوست ۽ هي اروڙ جو نستو ساهه ڏسي رهيو آهي، ۽ هوءَ ٻاهر واچ، وڄ، وڏ _ ڦڙو! هاهاهاها....“
ٻڍڙو سنت گهٻرائجي ويو. هن سوچيو ته مان ڏوڏين جو عادي نه آهيان ۽ ان ڪري مون کي زياده نشو ٿيو آهي. هو پٺتي موٽيو ته اوچتو ڪجهه چمڙا پر ڦڙ ڪائيندا اچي ڏياٽين سان لڳا ۽ ٻئي ڏياٽيون وسامي ويون. منهنجا ٽهڪ بند ٿي ويا. چوڌاري اٿاهه، بي انت، اونهي اوندهه هئي، موت جهڙي هيبت خيز تاريڪي! زندگيءَ ۾ پهريون دفعو مون چڱيءَ طرح محسوس ڪيو ته موت ڇا هوندو؛ تاريڪي، بي حد وحساب تاريڪي، جنهن ۾ مان ۽ منهنجي ديوي، ٻيئي جذب ٿي ويندا سين.
اسين هٿوراڻيون هڻندا، گفا جي منهن تائين پهتاسين. ٻاهر بارش بيهجي وئي هئي ۽ نيري آسمان ۾ لکين ڏياٽيون جلي رهيون هيون. ٻڍڙي سنت آسمان ڏانهن ڏسي ڪجهه سلوڪ پڙهيا، ۽ پوءِ اسان کان پڇيو، ”بابل، نشو ڪجهه وڌيڪ ته نه ٿيو آهي؟“
”بابا، مان ساري عمر نشي ۾ رهيو آهيان، مون لاءِ نشو ڪائي نئين ڳالهه نه آهي.“
”ڪجهه ڪلام ٻڌندؤ؟“
”ها بابا، پر ڪنهن جو ڪلام ٻڌائيندين؟“
”جنهن جو چئو، روحل فقير جو، ڪبير داس جو، ميران ٻائي جو، جنهن جو چئو!“
جيستائين ٻڍڙي چپڙيون ۽ يڪتارو کنيو، تيستائين مان ڪبيرداس جو هڪ دوهو جهونگارڻ لڳس:
آئو ساجن موهنا، پلڪ موند توهي ليئون
نا مين ديکهون اور ڪو، نا توهي ديکهن ديئون
(ان جو لفظي ترجمو لطيف سائينءَ نهايت مٺڙيءَ ٻوليءَ ۾ ڪيو آهي:
ونين ۾ ٿي ويهه ته آئون واري ڍڪيان،
توکي ڏسي نه ڏيهه، آئون نه ڏسان ڪي ٻيو.
ايتري ۾ ٻڍڙي مون کي ڪنجهون هلائڻ لاءِ ڏنيون ۽ چيو ، ”بابل، تون ته هندي دوهو ڳائي رهيو آهين!“
”ها بابا، مون کي هندي دوهي سان بيحد محبت آهي. هندي دوهي جهڙي من جي مٺڙي پيڙا ڪنهن به ٻئي شعر ۾ نه آهي.“
ٻڍڙي پوءِ چپڙيون ۽ يڪتارو هلائڻ شروع ڪيو، ۽ مون ۽ منهنجي دوست ڪنجهون هلايون. ٻڍڙي جي گلي مان پهرين جهيڻو ”ها آآ“ نڪتو ۽ پوءِ هن جي آواز جون ڇوليون وڌنديون وييون، ۽ وڃي ڪَتيءَ جي ڪپر سان لڳيون.
هو ڳائي رهيو هو.
سانجهه پڙي دن بيتوي، چڪوي ديهان روءِ،
چل چڪوا او ديس ڪو، جهان رين نه هوءِ.
(شام ٿي، ڏينهن لهي ويو؛ اهو ڏسي چڪوريءَ روئي چڪور کي چيو ته ”انهيءَ ديس هل جتي رات نه ٿيندي هجي!“) ڪبير داس جا دوها ڳائي، ٻڍڙو، رحيم خانخانان جو ڪلام ڳائڻ لڳو:
رحمن ڌاگا پريم ڪا جن توڙو چٽڪاءِ جاءِ،
ٽوٽي سي جڙي نهين، بيچ گانٺ، پڙ جاءِ
(رحمن، پريم جو ڌاڳو چپٽين سان ڇنڻ جي ڪوشش نه ڪر، اهو ڌاڳو جي ڇني ڳنڍبو به ته وچ ۾ ڳنڍ رهجي ويندي).
ڪائنات يڪتاري، چپڙين ۽ ڪنجهين جي آواز ۾ مليا ميٽ ٿي وئي. ٻڍڙو ڇير پائي، يڪتارو هٿ ۾ کڻي نچيو ۽ اسان ٻئي به نچڻ لڳاسين. ٻڍڙي جي رڙ تي رڙ ٿي پئي، ”الک نرنجن“. ”الک نرنجن“ ساري سرشٽيءَ مان پڙاڏو ٿي آيو. نچي نچي، تڏي تي ليٽي پياسين ۽ هر شيءِ ڪنهن هم _ اوست ۾ غائب ٿي ويئي.

_ تنهنجو پنهنجو

______________
2
__________

ڪئينس روڊ، سکر
1 جولاءِ 1961ع

ادا،
ڀنڀرڪي جو اٿي، مان پراڻي سکر لڳ جهلي _ بند تي گهمندو آهيان. اڄ به هميشه وانگر گهمي رهيو هوس. سوجهري ۾ ٻيڙين جا کوها، سکانون ۽ سڙهه نظر اچي رهيا هئا. اڃا سج ڪني نه ڪڍي هئي، ۽ افق جي ڳاڙهاڻ ۾ سڙهه ڪنهن جوڳيءَ جي گيڙوءَ رتي ويس وانگر ٿي لڳا ۽ پريان ٻيلو ائين ٿي نظر آيو ڄڻ ته فطرت ڀڀوت ملي رهي هئي. ٿوري وقت کان پوءِ ، سج افق تي نمودار ٿيو. مون هڪ ناکئي کان پاڻيءَ وٽو ورتو ۽ پاڻي هاري، ان جي لاٽ مان سج کي ڏٺو. منهنجا وار ڏکڻ جي واءَ ۾ گهنڊيون هڻي، اڏامي رهيا هئا ۽ ورزش سبب منهنجين پنين ۽ ڏورن جون مشڪون ڦنڊي پيون هيون. مون اوچتو محسوس ڪيو ته مون ۾ قديم سنڌ جي ڪنهن دراوڙ جو رت آهي _ وحشي، بيخوف، بي پرواهه رت، جو منهنجي ڪنهن وڏي جي جسم ۾ سيخ ۾ پڪل ٻارهن سڱي جي گوشت مان ٺهيو هو. منهنجو مذهب به انهن دراوڙن جو مذهب آهي، جي پرهه جو اٿي سورج جي پوڄا ڪندا هئا ۽ جي رات جو چوڏس جي پنڊ کي ڏسي، سوم _ رس پي، واريءَ جي ڀٽن تي ننگا نچندا هئا. جن کي گرڀ وتيءَ جو پيٽ زندگيءَ جي سڀ کان پوتر شيءِ لڳندو هو ۽ جي پپل ۽ بڙ جي ٿڙ وٽ ڏيئا جلائيندا هئا ۽ وڻ ٻوٽي جي پوڄا ڪندا هئا. اڃا تائين منهنجيءَ جين کي انهيءَ سجدي جو شوق آهي، فقط انهيءَ سجدي جو! منهنجي تخليقات ۾ به قديم سنڌ جي انهيءَ دهرئي دراوڙ جو روح آهي.
مون ٽي چار فرلانگ پنڌ ڪيو ته سج، ساٽياڻيءَ جي کاري وانگر، مٿي کڄيو، جنهن مان پوئڪيون ۽ پلا ٽپا ڏيندا نظر آيا. منهنجو پالتو ڪتو ”پورس“ منهنجي اڳيان بند تي ڊڪندو وڃي رهيو هو. اوچتو هن ڀؤنڪي نرا کنيا. مون ڏٺو ته ڀرسان هڪ شخص هن ٿي پٿر اولاري رهيو هو، پر مون کي ڏسي هٿ روڪي ورتائين. هن کي بدن تي ليڙون ليڙون گنجي ۽ گوڏ پئي هئي. هن جي ڳاڙهي مٽول منهن تي هن جي اکين جون پچون، گدري جي آلن ٻجن وانگر ٿي لڳيون. مون کي ڏسي هو وڌي آيو ۽ چيائين، ”صاحب، هي ڪتو ته ڏاڍو ڀوائتو آهي.“ ”هن تي الر ڪندين ته سچ پچ ڀوائتو لڳندو“، مون جواب ڏنو ۽ پوءِ پورس کي ٻچڪاريم ته هو پڇ لوڏيندو، منهنجن پيرن وٽ اچي ويهي رهيو. مون هن کان پڇيو ته هو ڇا ڪندو آهي، جنهن تي هن ٻڌايو ته هو بند تي بيلدار آهي. ايتري ۾ ڀرسان ڪکائين لانڍي مان هڪ شخص نڪري آيو، جنهن ٻڌايو ته هو بند تي مقدم هو. لانڍيءَ تي ڪدوءَ ۽ ڪريلي جون وليون چڙهيل هيون، جن ۾ اڇا ۽ پيلا گل ڪنهن ننڍي ٻار کي ڏنل چمين وانگر پکڙيل هئا. ڳالهيون ڪندي مون بيلدار کان پڇيو، ”توکي پگهار گهڻي ملندي آهي؟“
”صاحب ڪهڙي ڳالهه ٿو پڇين! رڳو چاليهه رپيا پگهار آهي. ٽي ٻار، زال، ۽ ڪراڙي ماءُ اٿم؛ بصر سان ماني به مشڪل نصيب ٿيندي آهي. سامهون ٻيلي ۾ شباڻي ٻروچ رهندا آهن، جن کي ڳائو ۽ ريڍو مال آهي. ڪڏهن ڪڏهن انهن کان مفت جي لسي ملندي آهي ته عيش ڪندا آهيون. خدا جو شڪر آهي جنهن سنئين لڱين رکيو آهي؛ نه ته ڏسين ٿو ته اڄڪلهه مصيبت ۾ ڪير ٿو ڪنهن جو ٿئي. سارو ڏينهن پريان ڍوري مان پاڻي ڀري، هن بند تي ڇڙڪائيندو آهيان. گهڙا کڻي کڻي، ڪلهن تي داغ ٿي پيا آهن.“ هن مون کي پنهنجن ٻنهي ڪلهن تي ڪارا داغ ڏيکاريا، جي ڪنهن تهجد گذار جي پيشانيءَ تي داغ وانگر ٿي لڳا.
”صاحب پرينهن عيد آهي، اسان کي اڄ تائين پگهار ڇو نه ملي آهي؟ پگهار ملي ها ته ٻچن کي نئين بافتي مان هڪ هڪ چولو ٺهرائي ڏيان ها.“ بيلدار چيو. ايتري ۾ مقدم چيو، ”صاحب مون کي پنجاهه رپيا درماهه ملندا آهن. پر مون کي پورت نه ٿي پئي. الا جي هيل پگهار ڇو نه ملي آهي؟ ٻچن کي هڪ ويلو ملي ٿو ته ٻيو نه ٿو ملي.“
انسان جا ننڍا ٻچا، ڪڏڪيون ڏيندڙ، مرڪندڙ، مٽولا ٻار، سدا گلاب جا گل! هم اوست جا حسين ترين مجسما! جن جو منهن ٿڃ پيئندي، ماءُ جي ٿڻ کي ائين ڇهندو آهي، جيئن پاڻيءَ جي ڇوليءَ ۾ ٻه ڪنول هڪٻئي کي ڇهندا آهن. جيڪو انهن کي بکيو ڏسي، ٻڌي سمجهي ۽ انهن جي بک مٽائڻ لاءِ ننهن چوٽيءَ جو زور نه لائي، اهو زندگيءَ جو عظيم ترين گنهگار آهي ۽ تاريخ جي روز حساب وقت ڪنهن به معافيءَ جو مستحق نه آهي. مون بيلدار ۽ مقدم کي اتي ڇڏيو ۽ بند تان لهي، ڪنارو ورتو. ڇوليون ڪنڌيءَ کي ڳراٽڙيون پائي، چميون ڏيئي، موٽي ٿي ويون. مون سڏ پنڌ وڃي پٺتي ڏٺو. پريان ڪشتيون نظر اچي رهيون هيون، جن ۾ انسان هئا، جن کي ٻار ٻچا ها، اهنج سهنج هئا. ڪڏهن ڪڏهن انهن جي من ۾ ويچار ايندو آهي ته هيءَ جندڙي ٻيڙيءَ جو پور آهي، جو اڀريو آهي سو لهي به ويندو. ۽ پوءِ هو سانجهيءَ جي ٻانگ ٻڌي، قبله رو ٿي، ڪنهن اڻڏٺي اڻڄاتي کي سجدو ڪندا آهن،باقي هنن جو صبح شام پيٽ جي پورهئي ۾ گذري ويندو آهي. پيٽ! پيٽ، انسان جي روح کان زياده اهم آهي. انهيءَ سبب انسان چوري، ٺڳي، ڀڙوت، مارڌاڙ، رتو ڇاڻ، ڇاڇا نه ٿو ڪري! آدرش، اخلاق، انسانيت، سڀ ان پيٽ جي تنور ۾ جلي رک ٿي وڃن ٿا. ڍءُ آهي ته ڍول به آهي، نه ته هر اڪنڍ ۽ اڪير مان من کي ڪِرسي ٿي اچي. گرجا جو گهنڊ، مڙهيءَ جو سنک، مسجد جي بانگ، سڀ آنڊي جي آنڌ مانڌ ۾ اجنبي ٿا لڳن. اها حقيقت اهو محسوس ڪري سگهندو، جنهن بک ڪڍي آهي؛ انهيءَ کي معلوم هوندو ته اها ڄڀي جيون جي هر املهه وٿ کي ڪيئن ڄرڪائي ٿي ڇڏي. ڍو ڍي ۽ ٿوم جي بوءِ، روح جي هر خوشبوءِ کان زياده پياري آهي، چلهه ۽ تئو محراب ۽ منبر کان زياده مقدس آهن. پيٽ ڏيڍ خدا آهي.
موٽندي مون کي هڪ ٻڍو بروهي گڏيو، جنهن کي ناريل جهڙي، مينديءَ لڳل، ڪڪي ڳاڙهي ڏاڙهي هئي. مون هن کان پڇيو، ”ابا، تون ڇا ڪندو آهين؟“
”سائين، پهرين ته ڪنڌ ڪوٽ ۾ ڪڙمت ڪندو هوس، پر پوءِ وڏيري ٻچن ۾ اک رکي، ته ٻيئي پيءَ پٽ هيڏانهن لڏي آياسين. هاڻي محنت مزوري ڪندا آهيون. تغاري، گارو....“
”گهڻو زور ڪمائيندو آهين؟“
”ٻه اڍائي روپيا. پر ڪم هفتي ۾ فقط هڪ ٻه ڏينهن لڳندو آهي، ڪڏهن اهو به نه.“
مون پئڪيٽ مان هڪ سگريٽ ڪڍي دکايو، ۽ هڪ سگريٽ ٻڍي بروهيءَ کي آڇيو. هن سگريٽ هٿ ۾ وٺي، مون کان پڇيو، ”سائين هي سگريٽ گهڻي ملندو آهي؟“
”ٻين آنين“.
”سائين هي سگريٽ موٽائي وٺ. مون کي ٻه آنا ڏي ته ڀڳڙا وٺي کاوان. مون کي راتا ڪون بک آهي!“
ادا، هي مثال نهايت عاميانه آهن، انهن ۾ ڪائي افسانوي رومانيت نه آهي، ۽ اهي ڪنهن به اديب لاءِ دلچسپيءَ جو باعث ٿي سگهن ٿا. پر مان ڇا ڪيان! منهنجي تصور جو کهنبو زندگيءَ جي ڪلهي ڦاٽل ڪنجري کي لڪائي ته نٿو سگهي! روز اهڙا مثال ڏسي، منهنجو هيانءُ ڪچو ٿيندو آهي. مان شاعر آهيان؛ ٻوليءَ جو وينجهر آهيان، ماڻڪن موتين جهڙا لفظ جڙيندو رهيو آهيان. مون زندگيءَ جي زلفِ دراز ۾ گلاب جا گل اٽڪايا آهن ۽ ان جي منهن کي شبنم سان ڌوتو آهي. مان اهو بتگر آهيان، جنهن حسين ترين لفظ گهڙي، ڇلي، انهن مان عجيب غريب صنمخانو بڻايو آهي. منهنجي دنيا حسن جي دنيا آهي، منهنجي تخليق حسن جي تخليق آهي. منهنجو ان سان ڇا ته ڪنهن جا ٻچا پگهار نه ملڻ سبب عيد نه ڪري سگهندا، ڪنهن کي راتاڪون بک آهي، ڪنهن ممتا ماريءَ ماءُ کي ٿڻن ۾ ٿڃ ان ڪري نه آهي جو پوري غذا ۽ دوا نٿي مليس! اهي ته غير شاعرانا تصور آهن. انهن سان حسن جي ڪائي تخليق ٿي نه سهگندي! انهن کي ڪير پڙهندو! ڪير پڙهندو؟ اي بي معنيٰ انسان، هاڻي توکي ڪير ٿو پڙهي؟ فقط اهي چار في صدي انسان، جن جي ابي ڏاڏي جي مالي حيثيت ايتري هئي جو انهن کي جديد تعليم بهره ور ڪري سگهي! نه، نه، اهي به نه! انهن مان به ٽي في صدي ته پنهنجي ڦرلٽ ۽ وٺ _ پڪڙ ۾ ايترو مصروف آهن، جو انهن کي تنهنجيءَ حسن جي تخليق تي نظر ڪرڻ جي فرصت به نه آهي. شايد هو تنهنجيءَ آرائينءَ جي جهول، کان، ڪنهن قحبه خاني ۾، ڪنهن حسين جسم جي تربت تان مرجهايل گل چونڊڻ پسند ڪندا! آخر تون ڪنهن لاءِ ٿو لکين؟ پر جي مان انسان جي بک ڏک، اهنج ايذاءَ جي باري ۾ لکان، تڏهن به ته مون کي اهو ئي تعليم يافته سرمائيدار ۽ مٿيون وچولو طبقو پڙهي سگهندو! نه، نه! اهڙيءَ ادبي تخليق کي انهن مان ڪو به نه پڙهندو، ڪو به نه، باقي هڪ في صدي به نه! تڏهن مان ڪنهن لاءِ لکان؟ هيءَ راتوڪيءَ بک وارو بروهي ته پڙهي ڪونه ڄاڻي ۽ جي ڄاڻي به ته، هن جي بک منهنجي تخليق جي مطالعي مان ته نه لهندي ! قلم قلم، قلم! هن وقت ساري مشرق ۾ قلم ڪائي معنيٰ نه ٿو رکي. قلم انسان جي بک مٽائي نه ٿو سگهي. جي انهيءَ بک کي مٽائڻ لاءِ تون حالات سان ٽڪر نٿو کائين، اي قلمڪار! تون به زندگيءَ جي عظيم گنهگارن مان آهين ۽ تاريخ جي روز حساب وقت تون به ڪنهن معافيءَ جو مستحق نه آهين.
پنهنجي فن ۽ ان جي مستقبل متعلق سوچيندي، مان اچي ڪشتين وٽ پهتو هوس. پتڻ وٽ مختلف قسم جون ڪشتيون جهڙوڪ _ ڪٽار، ڪونتل، بگوچڙهه وغيره بيٺيون هيون. ڀرسان ڪاٺيءَ جي ٺيڪيدارن جون دوڳيون ۽ ڏاڪ، ٿلهيون ٿيون رکيون هيون، جن مان مزور بيل _ گاڏيون ڀري نئين سکر جي گدامن ڏانهن وڃي رهيا هئا. ڪشتين جا کوها، ونجهه ۽ واڏڻيون ڏسي هانگ ڪانگ جون تصويرون ٿي ياد آيون، سامهون ڪچو هو، جنهن جي ڪپ لڳ بگوچڙهه جي دالي مٿان، ساڳي وينگس نظر آئي، جنهن کي گذريل پندرهن ڏينهن کان اتي ڏسندو رهيو آهيان. ڪالهه شام جو هن پار، گهاٽ تي بيٺو هوس. ان وقت سج لهي ويو هو ۽ شفق جا پويان پاڇاوان پاڻيءَ تي پئجي رهيا هئا. اهي پاڇاوان ائين ٿي لڳا ڄڻ ته ڪنهن مخمور نقاش، بي انتها مستيءَ جي عالم ۾، کليل رنگن جا ڪيئي دٻا، پنهنجي ارد گرد هاري ڇڏيا هئا. شفق جيان انهيءَ پاڇي ۾، اها وينگس بگوچڙهه جي دالي مٿان بيٺي هئي. پتڻ لڳ، پٿر جي ڀت سان ڇوليون ٽڪري، ڇلي، اڇانگ ڏيئي، پٺتي موٽي ٿي ويون ۽ سمنڊ ڦيڻ جهڙي گجي ٿي ڇڏي ويون. ڀت جي پاڙ وٽ ٻه ڳڀرو مهاڻا گتون ڏئي، تڙڳي رهيا هئا. ٿوري وقت کان پوءِ هو بند تي مٿي آيا ۽ چولا پائڻ لڳا. ٻيئي انهيءَ وينگس ڏانهن تڪي رهيا هئا. انهن مان هڪڙي چيو:
”رن ته ڏس، ڄرڪي آهي، ڄرڪي!“
”ڄرڪيءَ جو ڪم آهي! واڳو آهي واڳو!“ ٻئي جوا ب ڏنو.
هئت چيلهه ته ڏسينس، ونجهه جهڙي سنهي اٿس!“
ونجهه جو ڪم آهه، واڍ آهي واڍ!“
”آهي چالو مال.“
”پالي به ته پندرهن جو پيٽ ٿي، چالو نه هوندي ته ڇا هوندي!“
”شاهه سائينءَ جي ويهاريل آهي.“
”شاهه سائين به آهي ته سيد جو ٻار. باقي آهي مڙس ماڻهو، ڇاڇا عيش ٿو ڪري! اسان کي به ڪو الله اهڙي پنج سؤ ايڪڙ ٻني ڏئي ته دنيا جا دؤر وٺون. آخر اسان به مڙس ماڻهو آهيون.“
”مڙس جو ڪم آهي، سان آهيون سان! ڇڙو ڳنڍ ۾ ڏوڪڙ ڪونهي. خداءِ سون، جي مان کي رڳو سؤ رپيو هجي ته اها رن کنڀي وڃان، پوءِ شاهه وڃي ماءُ کي ياد ڪري.“ پوءِ هن لست سان هيٺئين چپ کي مٿئين ڏندن سان زور ڏيئي چيو، ”هي ته ڏس!“ ائين چئي هن سڄي ڏوري کي سيٽي، ان جي وچين مشڪ ڦنڊائي، جا ڄاهي جيڏي ٿي لڳي. پوءِ ٻيئي کلندا هليا ويا ۽ ڪيتري وقت تائين هنن جي کل منهنجن ڪنن ۾ ڪنجهي جي ٿانو وانگر وڄندي رهي.اڄ منهنجي جيءَ ۾ آيو ته ان وينگس کي ويجهو وڃي ڏسان. پتڻ وٽ بتيلو بيٺو هو، جنهن ۾ ڪجهه ماڻهو واهولا ۽ رنبا هٿن ۾ جهليون بيٺا هئا. بتيلي جي آڳل وٽ هڪ پيرسن عورت هٿ ۾ ونجهه جهلي بيٺي هئي. هن کي ول ۾ اڌ سڪل ڊاک جي ڇڳي جهڙو ڪوماڻل، گهاٽو ڪارو چهرو هو، جنهن جي پيٺل ڳلن کان کاڏيءَ جي پاسي تائين ڦيڦي چمڙي لڙڪي رهي هئي. هن جي گهنج گهنج، اڻڀي پيشاني ائين لڳي رهي هئي، جيئن اس ۾ سڙي سڙي شيشم جو ڪاٺ ڦٽي پوندو آهي. مان لهي بتيلي ۾ ويٺس ته هن جونجهه سان ان کي پٺتي هٽايو ۽ بتيلو اتر جي واءَ ۾ پاڻيءَ تي هنج وانگر لهوارو ترندو ويو. مون کان سواءِ ٻيا جيڪي به بتيلي ۾ ويٺا هئا سي سڀ ڪڙمي هئا، جن کي ڪچي جا پنج پنج ايڪڙ سرڪار کان خاص موڪل تي مليا هئا ۽ هو ربيع جو فصل کڻي، هاڻي ڪچي تي لوا ۽ ٻيو جهنگ ماريندا ها. انهن مان هر هڪ کي فقط گنجي ۽ گوڏ پئي هئي ۽ پيرين اگهاڙا هئا. هو پن جون ٻيڙيون پي رهيا هئا ۽ پاڻ ۾ ڳالهيون ڪري رهيا هئا.
”ربن کي سزا نه اچي وڃي!“
”ايندس به ست اٺ سال!“
”مان ته ڏاڍو جهليو مانس پر نه مڙيو.“
”ٻيلي ربن جو قصور نه هو، اڳرائي مجن جي هئي. ربن ڪيئي ڀيرا جهليو هوس ته پنهنجي مينهن ڪچي تي نه آڻ، منهنجا چڻا ٿي ڀيل ڪري. مجن آهي ڏاڍو مڙس، سو نه مڙيو. بس، مينهن به چڻن ۾ ڀيل ٿي ڪئي ته ربن به اچي نڪتو. پوءِ ته ٻئي ڳنڍجي پيا ۽ ربن ٻه چار مهايون ڪهاڙيون وهائي ڏنس.“
”شل نه شيطان ڪنهن کي چرچ ڏئي. مينهن هڻندي ماريندي رپئي جا چڻا کائي ها، ٻيو ڇا!“
اسان پارن غريبن لاءِ ته رپيو به وڏي ڳالهه آهي.“
”ڀلا ربن ڪوئي وڪيل ڪيو آهي.“
”هن کي کائڻ لاءِ ڪونهي، وڪيل ڇا مان ڪندو!“
اوچتو سڀني جو ڌيان مون ڏانهن ويو ۽ پاڻ ۾ سس پس ڪري مون کان پڇيائون، ”صاحب، ٽي سؤ ڇويهين قلم هيٺ گهڻي سزا آهي؟“
”وڌ ۾ وڌ جنم ٽيپ.“
”جنم ٽيپ!“ سڀني جا منهن وسامجي ويا. شايد هو سوچي رهيا هئا ته جي هو به اتفاق سان ڪنهن اهڙيءَ مصيبت ۾ وچڙي پيا ۽ پيسي نه هئڻ سبب وڪيل نه ڪري سگهيا ته هنن لاءِ به نتيجو ساڳيو ٿيندو. غريب جي اڳئي تلخ زندگيءَ ۾ اهو بي سلامتيءَ جو خوف ائين آهي، جيئن ڪريلي ۾ ڪيڙو. غريب خدا جي وجود ۾ گهڻو ڪري ان ڪري ئي اعتبار ڪندا آهن ڇو ته هنن کي ڪنهن امداد جو آسرو نه هوندو آهي. خدا کان سواءِ ڪوئي ڪنهن جو نه آهي. اڄ ڪير ٿو ڪنهن جي ڪم اچي، ”منهنجا رب! چار بازو، پنجون نور نخشي ڏجانءِ“ حقئون به رکجانءِ نا حقئون به رکجانءِ، الله امان الله امان! اهي روز مره جا محاوره اهي جيت آهن، جي مٿئين احساس جي پوسل ۾ پيدا ٿين ٿا. اهو خوف حاتم طائيءَ جي انهيءَ طوطي وانگر آهي، جنهن جي ساهه ۾ ساري طلسم جوراز آهي. ڪاش، ڪوئي انهيءَ طوطي جي منڍي مروڙي سگهي ڪاش ڪوئي اهو خوف انسان جي دل مان نهوڙي ڪڍي! غريب کي موت کان زياده زندگيءَ جو خوف آهي؛ زندگي، جا ڪڪريءَ جي ڇانوَ ۾ مور جو ناچ آهي، جا چيٽ جي چانڊوڪيءَ ۾ چڪور جو پرواز آهي!
بتيلو ڪچي جي ڪچ تي پهتو. مون ڏٺو ته ڪپ کان ڪجهه پري ونجهه، وڏڻيون، تڏيون ۽ ٻانڊيون ڇٻر تي پيون هيون. ڀتر جا پيلا گل نڪ جي سونين ڦلڙين وانگر ٿي لڳا. ۽ ٻڪن جا ٻنجيل گل گهونگهٽ ۾ ڪنوار جو ڏيک ڏئي رهيا هئا، ڪجهه قدم پري زمين تي ڦاٽل ٽٽل سڙهه وڇايل هو، جنهن تي ڪيترائي ٻار ۽ هڪڙي سفيد رنگ واري نينگري ويٺي هئي. نينگريءَ کي کجيءَ جي ٻچ جهڙا ڪچڙا ۽ ڪونئرا هٿ هئا، جن سان هوءَ سڙهه کي ٽاڪا ڏئي رهي هئي. ڪڙمي هڪ هڪ ٿي بتيلي مان لٿا ۽ پنهنجيءَ پنهنجيءَ ٻنيءَ ڏانهن هليا ويا. مون بگوچڙهه ڏانهن ڏٺو جو هاڻي ڇهه ست قدم دور هو. وينگس اڃا دالي تي بيٺي هئي. هن جي مٿي تي ٻنهي پاسي چوٽا هئا، جي هن جي رئي مان ڪنڍيءَ مينهن جي سڱن وانگر ٿي لڳا. سنهيءَ چوليءَ ۾ هن جا ارهه ننڍڙن ڪچڙن ايرائن وانگر ٿي لڳا؛ ۽ جڏهن هوءَ ڪجهه چري ته هن جاٿڙا ائين لڏيا، ڄڻ ڄار ۾ ٻه پوئڪيون ڦٿڪيون. هن جو رنگ سانورو هو. نه معلوم مون کل سانورو رنگ ايترو ڇو وڻندو آهي! ان ۾ ايتري ڪشش هوندي آهي، جيتري سرائڪيءَ ٻوليءَ ۾. مان حمل لغاريءَ جون هيٺيون سٽون جهونگاريندو، بتيلي تان هيٺ لٿس:
ڪالي ٻيلي وچ ڪويلي هير ڍونڍيندي ماهي
ڪانهان دي وچ دانهان ڪر ڪر، هوندي انت نساهي.
ٿورو پريان ڪجهه ڪنڍيون ۽ گوشيون مينهون جهنگ ۾ چري رهيون هيون. ”پورس“ کي ڏسي ڪجهه ڪتا ڀونڪڻ لڳا، پر جهنگ مان ڪن ڪڙمين انهن کي هڪل ڏيئي، چپ ڪرائي ڇڏيو. مون ”پورس“ کي ٻچڪاريو ته هو منهنجن پيرن ۾ آيو ۽ نرا کڻي مون کي پيار ڪرڻ لڳو. مون هن جي ناسي بجن تي هٿ گهمائي، هن جي ٻوٿ کي ٻنهي هٿن ۾ جهليو. مون کي اهو ڏسي تعجب ايندو آهي ته هتي ماڻهو ڪتي سان ڪافي محبت ڪندا آهن. پر پوءِ به انهيءَ کي مرونءَ ۽ رڇ سان ويڙهائي مارائيندا آهن. مون کي اها چانڊوڪي رات ياد آئي جڏهن مان ٻيلي ۾ کُڏ تي ويٺو هوس. هيٺ وڏيري جا ڪتا ڀونڪندا مرونءَ کي ڳولي رهيا هئا. کڏ تي منهنجي ڀرسان وڏيرو ويٺو هو، جنهن کي مرونءَ جي شڪار جو بيحد شوق هو، ۽ ان ڪري هن ڪيئي بلٽري ڪتا پاليا ها. ٻيلي ۾ مکا ٿيندا آهن، جي جنهن جاءِ تي چڪ پائيندا آهن، اتان رت سير ڪري وهندو آهي: ان ڪري اسان گوڏ ٻڌي، ساري بدن تي گاسليٽ مکيو هو، ڇو ته گاسليٽ تي مکو چڪ نه پائيندو آهي. رات ۾ گهري بي انتها خاموشي هئي جنهن ۾ گدڙ جي ڪوڪ سنڌ ۾ ڪنهن خوفزدهه سياست دان جي آواز وانگر ٿي لڳي. مون کي وڏيري ٻڌايو ته مرونءَ کي ڳياڙين اندران روهي هوندي آهي. جنهن تي هو پنهنجا وڄ تکا ڪندو آهي. وڏيري پن جي ٻيڙي ڏسڻيءَ ۽ وچينءَ آڱر جي وچ ۾ جهلي، مٽ ڀڪوڙي، اونهو ڪش هڻي، زور سان نڪ مان دونهون ڪڍيو، جو هن جي ٻنهي ناسن مان هاٿيءَ جي ڏندن وانگر ٻاهر نڪتو. ڪتن جي ڀونڪار تيز ٿي ته هن پنهنجيءَ ٻارنهن بور جي بندوق ۾ هٿ وڌو. مرون پڇڙ تاري وانگر ڊوڙندو پئي آيو. هڪ ڪتي هن کي منڍيءَ ۾ چڪ هنيو، پر مرونءَ وڄ هڻي، هن جا آنڊا ڪڍي وڌا. هن ڀو مان منجهيل دانهن ڪئي، جا عرش عظيم جي ڪٽ چڙهيل ڪلف ۾ ڪنجيءَ ڦرڻ جي آواز وانگر ٿي لڳي. پوءِ ته جوانن ويچاري مرونءَ تي فير تي فير ڪيو ۽ هو ڪجهه قدم اڳتي ڀڄي، ڍير ٿي ڪريو. وڏيرو، پنهنجيءَ بندوق کي چمي، کڏ تان هيٺ لٿو. مان سوچي رهيو هوس ته انهيءَ ويڙهه ۾ غيرت همت ۽ شرافت وارو فقط مرون هو. هو تنها هو، غنيم هن تي اوچتو حملو ڪيو هو ۽ هن پنهنجي بچاءَ ۾ وڙهندي جان ڏني هئي. ويچارو مرون! ڪاش، هو انهيءَ کڏ تي ٽپو ڏيئي، وڄ هڻي، وڏيري جا آنڊا ڪڍي سگهي ها.
مان اڳتي ٽهلندو ويس. ڪپر کان پنج ڇهه فرلانگ پري هنداڻن جون وليون هويون. هڪ هنڌ ولين جي وچ ۾ زمين ۾ ننڍي کڏ هئي، جنهن ۾ هڪ وڏو هنداڻو، ڌرتيءَ جي ڪڇوراڙيءَ وانگر ٿي لڳو. مون ان هنداڻي کي ٿي ڏٺو، ته پريان ڪجهه شور ٻڌڻ ۾ آيو. مون ڏٺو ته ٽي چار سو گام پري، ڪيترائي ماڻهو نچي رهيا هئا. مون تڪڙي وک کنئي ۽ اتي پهچي ڏٺم ته ڪڙمي ”ٻاگهي“ هڻي رهيا هئا. ”ٻاگهي“ اتراڌي ٻهراڙيءَ جو هڪ لوڪ ناچ آهي، جنهن ۾ هڪ ماڻهو ڳائيندو آهي ۽ ٻيا هن کي سر وٺائيندا آهن. هڪ ڪڙمي، جنهن گوڏن مٿان سندرو ٻڌو هو ۽ جنهن کي ٻنهي ڪنن جي ٽوپيل پاپڙين ۾ چانديءَ جا والا پيا هئا، ڳائي رهيو هو:
”گدڙ ماريا ويا گهٽ گهير تي......!“
ڪجهه ڪڙمي ساڳي سٽ دهرائي رهيا هئا ۽ ڪجهه نچي رهيا هئا. هنن کي هڪ هٿ ۾ واهولو ۽ ٻئي ۾ رنبو هو.
”گدڙ ماريا ويا، گدڙ ماريا ويا. گهٽ گهير تي....“
”هيڙهي ٻاگهي! هيڙهي ٻاگهي!“ تڙاپ! تڙاپ! تڙاپ! تڙاپ!
سڀني تاڙيون هنيون ته چانديءَ جي والن واري وڌيڪ ڳايو:
”گدڙ ڏاڍو ڀڳا تقدير کان
گهري پل پل دعائون پير کان
نيٺ ڍيري ٿيا سڀ ڍير تي
گدڙ ماريا ويا گهٽ گهير تي....“
”هيڙهي ٻاگهي! هيڙهي ٻاگهي!“ تڙاپ! تڙاپ! تڙاپ! تڙاپ! واهولا، رنبا ۽ انساني جسم، هوا ۾ تيزيءَ سان جهڪي لچڪي، ڦري رهيا هئا. مون سوچيو ته اها ”ٻاگهي“ مشرق جي عوام جو جنگي ترانو ٿي سگهي ٿي. اها ”ٻاگهي“ دنيا جي تاريخ جي بهترين تشبيهه آهي. اها ”ٻاگهي“ منهنجي هر پريشان سوال جو بهترين جواب آهي. ان وقت جهڙ ڇانئجي ويو هو. هيٺ تاڙيءَ جو ڦهڪو ٿي پيو ۽ آسمان ۾ ڪنهن زور سان ڌمال ٿي وڄائي. مون ڌمال جو تصور ڪيو ته فردوسيءَ جي ”شاهنامي“ مان هيٺيون شعر ياد آيو:
زنقاره آواز آمد برون
ڪه دون است دون است دنياي دون
(نقاري مان آواز آيو ته دنيا دون (ڪميني) آهي، دون آهي دون آهي).
دنيا واقعي ڪميني آهي، پر ڪيستائين ڪميني رهندي! ڪيستائين! ڪيستائين! مون کي يڪدم ساڳئي ڪتاب مان فردوسيءَ جو ٻيو شعر ياد آيو:
اگر نه بڪام من آيد جواب
من و گزر و ميدان و افراسياب
(جيڪڏهن منهنجي مرضيءَ موجب جواب نه آيو، ته مان ۽ گرز ۽ ميدان ۽ افراسياب!)
ادا، فردوسيءَ ڪهڙو نه چڱو چيو آهي! ڪهڙي نه سستي وڪي هئي هن اها سٽ! اهڙيءَ سٽ جي بها فقط هڪ اشرفي! جي عوام فقط انهيءَ سٽ جو قائل ٿئي، ته ساري مشرق جو خزانو ان جي پيرن ۾ هجي. هر افرسياب، گرز اڳيان گدڙ آهي. گدڙ! گدڙ! ”گدڙ ماريا ويا گهٽ گهير تي... گدڙ ماريا ويا گهٽ گهير تي...“ تڙاپ! تڙاپ! تڙاپ!
هوا گهوگهاٽ ٿي ڪيا ۽ تاڙيون زور سان ڦهڪو ڪري رهيون هيون. وڏ ڦڙو زور سان وسڻ لڳو، ۽ جڏهن سڀ ڀڄي شل ٿي ويا، تڏهن ناچ ختم ٿيو. مان ڪپر ڏانهن موٽيس. ڪپر وٽان بتيلو پرئين گهاٽ وٽ نظر آيو. مون زور سان مهاڻي کي رڙ ڪئي، پر هن اها واچ ۽ گوڙ سبب نه ٻڌي. ايتري ۾ هڪ ماڻهو بگوچڙهه مان لهي مون ڏانهن آيو ۽ چيائين، ”شاه صاحب دالي هيٺان ويٺو آهي، ۽ اوهان لاءِ چيو اٿائين ته جيستائين مينهن بس ٿئي، تيستائين هتي اچي ويهو.“ مون کي ٻيو ڪوئي چارو نظر نه آيو، ان ڪري ان ماڻهوءَ سان گڏجي، تختي تان چڙهي، بگوچڙهه ۾ لٿس. وينگس واڍ کي ڪپيءَ ۾ ڍر ڏئي، سڙهه هيٺ لاهي رهي هئي. شاهه صاحب، جو منهنجو اڳ واقف هو، مون کي ڏسي اٿي آيو ۽ هٿ ڏئي آجيان ڪيائين ۽ پوءِ چيائين، ”معاف ڪجو، ڏاڍو مينهن وسي پيو، نه ته مان پاڻ اوهان کي وٺڻ اچان ها.“ ائين چئي هن ڀنگ جي پيالي مون ڏانهن وڌائي چيو، ”پيئندءُ؟ مان ته پرهه جو پياڪ آهيان.“ ”نه، مهرباني،“ مون ڀرسان رکيل ڏنڊي ڪونڊي ڏانهن ڏسندي چيو. دالي ۾ تڏي مٿان چوڪڙيون چوڪڙيون رلي ۽ ڏنڊو ڪونڊو ڪنهن ساڪن زندگيءَ جي تصوير وانگر ٿي لڳا. ”چڱو هي ته کائو،“ ائين چئي شاهه صاحب تتر جو ٻوڙ، ڪڻڪ جون مانيون ۽ ڏئونرن جي کٽاڻ مون ڏانهن وڌائي. مون انڪار ڪيو ته هو تيزيءَ سان کائڻ لڳو. مون هن کي چتائي ڏٺو. ڪرڙوڍ، اناسو، ٿوپيءَ جي مانيءَ جهڙو منهن، چيڻي جي سنگ جهڙيون مڇون. ماني کائيندي، هو مون ڏانهن ڏسي مرڪيو ۽ چيائين:
”اوهان به ڪافي رنگين زندگي گذاري آهي.“
”هون.“
”اسان به ٻڌو آهي، شهر جي ڪهڙي ڳالهه ڳجهي آهي اسان کان!“
چپ.
”دراصل پئسو آهي ته سڀ سک آهي ، پئسي ساڻ ڇا نٿو ملي!“
”واقعي شاهه صاحب، پئسي سان ڇا نٿو ملي! ڪاريون ڪجليون اکڙيون، سنهڙا سهڻا چپ، سانوري سلوڻي رنگت، ڇاڇا نٿو ملي! انسان جو جسم ته ڇڏ، پر روح به ملهه ڳنهي ٿو سگهجي! پئسو انسان جي ڇهين حس آهي، ان کان سواءِ، هن جا باقي پنج حواس زندگيءَ جو پورو مزو ماڻي نٿا سگهن. پر شايد ڪو اهڙو وقت اچي جو پئسي کي ايتري همه گير طاقت نه رهي! شايد ڪو اهڙو وقت اچي جو پئسو نه انسان جو جسم خريد ڪري سگهي، نه روح!“
”اهڙو وقت ڪڏهن نه آيو آهي نه ايندو. عيسيٰ موسيٰ کان به بڙو پير پيسو آهي.“
”فقط عيسيٰ موسيٰ کان؟“
هن منهنجو سوال نه سمجهيو ۽ ڀنگ جي نشڙي ۾ چيائين، ”پئسي کان سواءِ انسان کي ڪو عيش ميسر نه ٿو ٿي سگهي، ۽ نه ڪڏهن ٿي سگهندو. منهنجو ابو، ڏاڏو، سڀ دنيا کي انهيءَ رنگ ۾ ڏسي ويا ۽ مان به ان کي ساڳئي رنگ ۾ ڏسي رهيو آهيان، ۽ منهنجا پويان به ڪوئي ڦير نه ڏسندا.“
هن ماچيس ڪڍي تيلي ٻاري، پر تيلي ماچيس جي گهميل سطح تي نه جلي. پوءِ هن وينگس کي سڏيو ۽ هن کي سگريٽ ڏيئي چيائين ته ”سگريٽ ٽانڊي مان دکائي آءُ.“ هوءَ منهنجي ويجهو آئي ته مون هن کي چتائي ڏٺو. اسان جون اکيون مليون، ته منهنجو سارو بدن ڌڏي ويو. ”سنڌڙي!“ مون چپن ۾ چيو؛ اکيون ٻري اجهامي ويون.
مينهن گهٽجي ويو هو. پتڻ کان بتيلو ڪچي ڏانهن اچي رهيو هو. مون شاهه صاحب کان موڪلايو ۽ بگوچڙهه مان ٻاهر نڪري آسمان ڏانهن ڏٺو، ۽ دل ئي دل ۾ چيو، ”آسمان گجي گجي نيٺ وسندو آهي؛ ڌرتي تپي تپي نيٺ ڦاٽندي آهي. اي قدرت! تنهنجي اٽل قانون کي ڪير روڪي سگهندو؟
ڪو به نه ! ڪو به نه!“

_تنهنجو پنهنجو

سکر، ٽئڪسيلا، ڪوھہ مريءَ ۽ ڀوربن مان آگسٽ 1960ع ۾ لکيل ڇھہ خط

1
_____
ڪئينس روڊ سکر
5 آگسٽ 1960ع

ادا،
سکر ۾ ڏاڍي گرمي ۽ ٻٽ آهي. شام ٿيندي ئي هيانءُ منجهڻ ٿو لڳي. هاڻي ٻارهين بجي براج تان موٽيو آهيان. منهنجون اونهاري جون راتڙيون زياده تر اتي بسر ٿينديون آهن. اتان جي هوا ۾ منهنجيءَ جوانيءَ جون سر گوشيون آهن. پن پن ۾ ڪنهن پرينءَ جو پڙلاءُ آهي. اتان جي لهر لهر ستاري ستاري، درخت درخت ۾ منهنجا بيت ۽ گيت پکڙيا پيا آهن. براج جي کاٻيءَ ڀرتي ٻن واهن جي وچ ۾ رستو آهي، جنهن تي ٻنهي پاسين گدامڙيءَ ۽ ٽالهيءَ جا درخت آهن. جڏهن چنڊ واهه جي پاڻيءَ ۾ ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويندو آهي ته لهريون تيزيءَ سان اهي ٽڪرا کڻي ڀڄنديون آهن. مون کي هميشه ائين محسوس ٿيندو آهي ته ”بيڪس“ جو اداس روح ساڌ ٻيلي کان ڦري، اتي اچي بيهندو آهي ۽ پنهنجي پياري ڪافي جهونگاريندو آهي.
”ڪاڪ ڪماڻي ويل وهاڻي،
ڀينگ ٿيا سڀ ڀاڻا:
وري موٽي، آءُ راڻا!“

ڪڏهن سکر آءُ ته توکي پنهنجي بيتن جو پس منظر ڏيکاريان.
اچي ڏس ته ستارن جي سونهن ڇاٽ ڪيئن ٿي ڇڻي، چنڊ جا ڪرڻا وڻن منجهان واٽ ڪيئن ٿا ڪن، چنڊ جو گهرو گهاءُ ڪيئن ٿو چڪڻ لڳي، ۽ ڪيئن صدين جو سوداءُ جيءَ ۾ جاڳي پوي ٿو.
تو لکيو آهي ته توکي ڪجهه نئون ڪلام موڪليان. سچ پڇين ته وڪالت جي بي انتها مصروفيتن رت ست ڪڍي ورتو آهي گهڻو ئي چاهيان ٿو ته لکان، پر ڪجهه لکي نٿو سگهان. شايد ڏات اها بيوفا سريت، مون کي هميشه لاءِ ڇڏ ويئي آهي. ائين محوسس ٿو ڪريان ته پکيئڙن وانگر شعر چوڌاري پرڙا ڦڙڪائي ڳٽ ڳٽ ڪري رهيا آهن، پر لفظن جي ڪوڙڪيءَ ۾ نٿا ڦاسن. جيڪڏهن ڪجهه لکيم ته توکي ضرور موڪليندس. پهرين تاريخ کان عدالتون بند آهن ۽ مون ڪجهه ڏينهن سير سفر لاءِ ڪڍيا آهن. سڀاڻي رات پنڊيءَ ويندس، ۽ اتان ڪوهه مريءَ ۽ سوات وغيره وڃڻ جو ارادو آهي. تو شڪايت ڪئي آهي ته مون ڊاڪا ۽ چاٽگام مان توکي ڪوئي خط نه لکيو هو. شڪايت بجا آهي، ۽ خطا لاءِ معافي طلب آهيان. هاڻي جتي جتي ويس، اتان توکي ضرور لکندس.

_ تنهنجو پنهنجو

________
2
________

ريسٽ هائوس، ٽيڪسلا
8 _ آگسٽ

ادا،
ڪالهه پنڊيءَ پهتس. ڏينهن جو پنڊي ڪافي گرم هئي. رات ڪجهه وقت برسات پيئي هئي. جنهن هوٽل ، ۾ مان لٿو آهيان. ان ۾ سرو جا لمبا درخت آهن. جڏهن برسات بيهجي ٿي ويئي، ته منهنجي ڪمري جي سامهون ناسپاتيءَ جي وڻ مان چنڊ ليئو پائي ڇپي ٿي ويو. چنڊ جي ان ادا ۾ ڄڻ هڪ نوخيز پر ده نشين جي شرارت هئي. جيستائين ننڊ آئي، تيستائين اها لڪڇپ ڏسندو رهيس.
صبح جو بس تي ٽيڪسلا لاءِ روانو ٿيس. بس ۾ سڀيئي مزدور طبقي جا ماڻهو هئا، جي پنهنجيءَ پنهنجيءَ مل ڏانهن وڃي رهيا هئا. پنجابي عوام نهايت پر خلوص ۽ ان جي ٻولي نهايت پياري آهي. بس ۾ سڀيئي پنجابي ڳالهائي رهيا هئا، سواءِ هڪ بنا مڇ ڏاڙهيءَ واري جناب جي، جو لکنوي لهجي ۾ اردو ڳالهائي رهيو هو. هن جي منهن تي ڏاڙهي بلڪل نٿي ٺهي _ شايد فقط سنت جي ادائگيءَ لاءِ رکي هئائين.
ڏاڙهيءَ واري شايد منهنجيءَ شڪل صورت مان اندازو ڪيو ته مان پنجابي نه آهيان، سو مون سان اردوءَ ۾ مخاطب ٿيو:
”اوهين ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيو؟“
”ٽيڪسلا.“
”ڪهڙي ڪم سان؟“
”ٽيڪسلا جا کنڊر ۽ عجائب گهر ڏسڻو اٿم.“
”تعجب آهي ته اوهين مسلمان ٿي ٻڌ ڌرم جا بت ڏسڻ ٿا وڃو!“
”حڪومت ته اهڙا سفر همٿائي رهي آهي.“
”حڪومت کي پنهنجي مصلحت هوندي، پر اوهان کي ته مسلمان ٿي ائين ڪرڻ نه گهرجي.“
”خوبصورت مجسما يا بت ڏسڻ گناهه آهي ڇا؟“
”تعجب آهي، اوهان کي خبر نه آهي! اسلام ۾ بت تراشي، تصوير ڪشي، ۽ ڪنهن حد تائين شاعريءَ جهڙيون لغويات، معتوب قرار ڏنيون ويون آهن.“
”ڇو؟“
”ڇو جو ڪوئي سوال نه ٿو اٿي. بس قرار ڏنيون ويون آهن!“
اوچتو هن کي ڪوئي خيال آيو ۽ مون کي چتائي ڏسي پڇيائين، ”اوهان سنڌي آهيو ڇا؟“ مون ڪنڌ ڌوڻي هائو ڪئي، ته هن چيو، ”پر اردو ته لکنوي يا دهلويءَ جهڙي ٿا ڳالهايو.“
”هر لکنويءَ يا دهلويءَ جهڙي نه“ مون جواب ڏنو.
هن منهنجي جواب ۾ طنز محسوس ڪئي ۽ اخبار ”جنگ“ پڙهڻ ۾ محو ٿي ويو. ادا ان انسان جي دل ۽ دماغ جو اندازو ته لڳاءِ جنهن ۾ يوناني بت، جاپاني ۽ چينائي تصويرن ۽ غالب جو ڪلام فقط نفرت جو جذبو اٿاريندو هجي: جنهن کي هر حسن جي تخليق کان نفرت آهي، ان جو خدا جو تصور ڇا هوندو؟
بس هڪ گهنٽي ۾ ٽيڪسلا پهتي. بس تان لهي ٽانگي تي چڙهڻو پيو، ڇو ته عجائب گهر اٽڪل ٻن ميلن جي مفاصلي تي هو. رستي تي ٻنهي پاسي مڪئيءَ جي پوک هئي. ٽانگي وارو پٺاڻ هو. مون هن کان پڇيو ته ”شاعر خوشحال خان خٽڪ جو نالو ٻڌو اٿيئي!“ ته وائڙو ٿي مون کان پچيائين ته ”ڪٿي رهندو آهي!“ مون کي تعجب آيو ته تعليم يافته پٺاڻ چوندا آهن ته خوشحال خان اسان جو قومي شاعر آهي، پر هڪ عام پٺاڻ کي، جو مالاڪنڊ جو رهاڪو آهي، ان کي نالي جي به خبر نه آهي! ان جو سبب اهو آهي ته خوشحال خان جي شاعريءَ ۾ اها غنائيت ۽ موسيقي نه آهي، جا هن کي عوام ۾ مقبول ڪري سگهي. ان لحاظ کان اسان جي سنڌڙيءَ جي سائينءَ لطيف ، جو مثال پاڪستان ڀر ۾ نه آهي. سنڌ ۾ ڪهڙو ماڻهو آهي، جنهن لطيف جو نالو نه ٻڌو آهي. ۽ ان جي ڪلام مان پنهنجيءَ صلاحيت موجب لطف نه ورتو آهي. مون ”پشتو ائڪڊميءَ“ جو شايع ڪيل ”خوشحال خان خٽڪ جو ڪلام“ پڙهيو آهي، ۽ معنوي ۽ غنائي لحاظ کان هن جي ۽ شاهه لطيف جي ڪلام ۾ ايترو فرق آهي، جيترو هڪ اڻ گهڙيل پٿر ۽ گوتم ٻڌ جي خوبصورت مجسمي ۾. باقي هن جي ڪلام ۾ جيڪو ان سنگدل بادشاهه اورنگزيب لاءِ نفرت جو شديد اظهار آهي، سو واقعي قابل داد آهي. انهيءَ بيذوق ته چيو هو ته ”راڳ کي اتي پوريو جتان وري نه نڪري سگهي!“ ساڍي يارهين بجي عجائب گهر پهتس. مون موهن جي دڙي جو عجائب گهر به ڏٺو آهي، پر ٽيڪسلا جو عجائب گهر پنهنجو مثال پاڻ آهي.گوتم ٻڌ جا نهايت حسين مجسما جا بجا رکيا هئا. جيترو اطمينان ۽ سڪون گوتم جي منهن مان نڪري انساني روح کي پنهنجي گرفت ۾ آڻي ٿو، ايترو شايدئي ٻئي ڪنهن انسان جي منهن ۾ هجي. ڪيترو نه رحم، نرمي، خلوص ۽ اطمينان آهي هن جي چهري ۾! مون ائين محسوس ڪيو ته منهنجي روح کي چانڊوڪيءَ جي چادر ۾ ويڙهي، ڪوئي لولي ڏيئي رهيو هو. هن جي اکين ۾ مقناطيس جي ڪشش هئي، جا ڇڪي چئي رهي ته آءُ، هيءَ دنيا مايا آهي، هن جي هر شيءِ اچڻي وڃڻي آهي، هيءَ دک جي رچناآهي، هن جي ا بتدا به دک آهي، انتها به دک، هن جيون جي چار _ پهريءَ ڇايا تي نه ڀل، اها لهندي ويرم نه ڪندي: آءُ ته توکي آءٌ مڪتي ڏيان، انهن خواهشن کان، جن جي مها ڄار توکي هڪ مک وانگر ڦاسائي ڇڏيو آهي، جي زندگيءَ جي اونداهيءَ رات ۾ هڪ ببر شينهن وانگر گجنديون ٿيون رهن، جي زندگيءَ جي ٿڌيءَ ڇر ۾ هڪ واڳونءَ وانگر ڇپ ماري ٿيون ويهن. آءُ مان تنهنجي نرواڻ آهيان، مان ئي تنهنجي ابدي نجات آهيان _ اها نجات جنهن ۾ نه دک آهي نه سک، نه خواهش آهي نه تمنا، جنهن ۾ هڪ مطمعن شعو ر جو سمندر موجون ماري رهيو آهي. آءُ ته مان توکي جنم جنم جي ڦيري کان ڇڏايان!“
ڪا گهڙي ته مان هن کي حيرت ۽ خاموشيءَ سان تڪيندو رهيس، ۽ پوءِ هن جي مٿي تي هٿ گهمائي چيم ته ”ڀڳوان! تون واقعي بيحد حسين آهين، پر جنهن بت تراش توکي گهڙيو آهي، تنهن جو روح تو کان به زياده حسين هو: ان جي هٿن ۾ اها نرواڻ هئي، جا هن تنهنجي چهري کي بخشي آهي: تون ڀلي ٿو وڃين ته تون پٿر هئين ۽ منهنجي فنڪار ڀاءُ توکي اهو وجود، اهو حسن ۽ اها ڪشش بخشي آهي. ڀڳوان! مان آدجڳاد جو پاپي آهيان. مون کي ڌرتيءَ ۽ انهيءَ جي دک سان محبت آهي. مان جنم جنم ڀٽڪي وري انهيءَ ڌرتيءَ تي موٽي ايندس. اها منهنجي ازلي ماءُ آهي. مون کي تنهنجي مڪتي نه کپي، تنهنجي نرواڻ نه کپي: منهنجي نرواڻ ان ۾ آهي ته هنن هٿن سان پٿر کي جان بخشيان، ۽ تو جهڙا نوان نوان ڀڳوان گهڙيان.“
ان کان پوءِ مان عجائب گهر ۾ ڦرندو رهيس ۽ گنڌار دور جون ڳولي لڌل شيون ڏسندو رهيس. ڦرندو ڦرندو مان هڪ ڀت وٽ آيس. جتي ٻوڌي سنياسين جا بت هئا، جن مان ويراڳ وسي رهيو هو، گويا هنن جون اکيون هن دنيا جي هر رنگينيءَ کان مڙي ويون هيون. انهن جي ڀرسان هڪ نهايت حسين بت جنهن جي هيٺان لکيل هو، ”ننڊاکڙيون نچڻيون.“ ان ۾ ڪجهه ننگيون رقاصائون ، رقص ڪري ٿڪجي، اڌ ٻوٽيل ننڊا کڙا نيڻ کڻي ليٽيون پيون هيون. بت تراش جو مقصد هيءُ ڏيکاريل هو ته گوتم ٻڌ جي گيان حاصل ڪرڻ کان اڳ انسان عياشيءَ ۾ غرق هئا. مان ڪيتريءَ دير تائين اهو بت ڏسندو رهيس، جيستائين منهنجي گهور انهن جي انگ انگ ۾ گهڙي ويئي..... پٿر ۾ جان پوندي ويئي ۽ هو منهنجي اکين اڳيان ڪر موڙي اٿيون. ”نچو!“ مون هنن کي چيو. ”نچو. هيءَ زندگي بلڪل مختصر آهي. هيءَ زندگي ماڪ جو ڦڙو آهي ۽ هيٺان موت جو اٿاهه پاڻي موجون ماڻي رهيو آهي، جنهن جو ڪوئي پاتار نه آهي. نچو! هيءَ زندگي وري نه ملندي، اهو ڌيان گيان سڀ دوکو آهي، هن جسم جو جادو ئي فقط امر آهي... اي سلوڻا، سانورا جسم، نچو!“
اوچتو منهنجو ڌيان ان موهن جي دڙي جي هڪ ٽنگ تي نچندڙ رقاصه ڏانهن ويو. ادا، رقص جسم جي شاعري آهي. جڏهن اٺي جي هوا ۾ مور نچندو آهي ته ”حافظ“ جي غزل کان زياده وڻندو آهي. عورتن کي رقص ۽ راڳ کان بي بهره رکي، انسان ڪيترو نه انهن تي ۽ پاڻ تي ظلم ٿا ڪن. ڪن ته رقص کي فقط قحبه خاني جي زينت بڻايو آهي. مان ته سمجهان ٿو ته انهيءَ قوم جو روح هڪ وڏو قحبه خانو آهي، جا عورت کي رقص ۽ موسيقيءَ کان محروم ٿي رکي.
هينئر شام جا ڇهه لڳا آهن. مان چئين بجي ريسٽ هائوس مان چانهه جي پيالي پي اچي صنوبر جي درخت جي هيٺان ويٺو هوس، ۽ تو ڏانهن هيءُ خط لکڻ شروع ڪيو هوم. هينئر شفق پنهنجن مينديءَ رتن هٿڙن ۾ سج جو سونو ٿالهه کڻي آئي آهي. اوچتو ٿر _ ٿر ڪندو سج ائين سنهيءَ ڪڪريءَ هيٺان هليو ويو آهي، جيئن ڪا حسين عورت وهنجندي وهنجندي، اوچتو ڪنهن ڌارئي مرد کي تڪيندو ڏسي، ڏڪندڙ هٿن سان پنهنجا انگ ململ جي پوتيءَ سان ڍڪڻ لڳي. مون جڏهن ريسٽ هائوس ۾ چانهه ٿي پيتي ته مون کي هڪ ايراني سياح جو هيٺيون شعر ياد آيو، جو هن موهن جي دڙي جي وزيٽرس بڪ ۾ لکيو آهي:
”مان جتي به ويو آهيان، اتي چانهه مٽيءَ جي پيالي ۾ پيتي اٿم _ اهو مٽيءَ جو پيالو شايد اسان جي وڏن جي مٽيءَ مان جڙيو آهي.“
ادا، تعجب آهي ته ڪنهن به سنڌيءَ تڪليف وٺي موهن جي دڙِي جو وزيٽر بڪ چڱيءَ طرح نه پڙهيو آهي. ان ۾ ڪيترن ئي مغربي سياحن جون نگارشون آهن، جن اسان جي سنڌڙيءَ جي قديم تهذيب تي گلن جي ورکا ڪئي آهي. مون کي اها جنوريءَ جي رات ياد اچي رهي آهي، جڏهن مان ۽ منهنجو هڪ پنجابي دوست، موهن جي دڙي جي ريسٽ هائوس ۾ ويٺا هئاسين. ٻاهر پارو پئجي رهيو هو ۽ آسمان ۾ ستارا ائين ٿي لڳا، گويا سيءَ ۾ ڄمي ويا هئا. ڪمري جي بخاري ۾ ڪاٺين جو مچ ٻري رهيو هو. اسين هٿ به سيڪي رهيا هئاسين، ۽ اهو وزيٽرس بڪ به پڙهي رهيا هئاسين. جڏهن ان ۾ مشهو ر انگريز تاريخ نويس ”ٽوئن بيءَ “ جي تاثرات تي پهتاسين، ته اسان جو من اڇلون ڏيڻ لڳو. هن لکيو هو ته ”منهنجي دنيا جي سفر جي هيءَ چوٽي آهي. تهذيبن متعلق ڪتابن م پڙهڻ هڪ ڳالهه آهي ۽ انهن کي اکين سان ڏسڻ ٻي ڳالهه آهي. مون دنيا جون ٻيون به تهذيبون اکين سان ڏٺيون آهن، پر موهن جي دڙي جي تهذيب جو مثال ڪٿي به نه آهي.“ منهنجي دوست ڪتاب بند ڪري، مون کي چيو ته ”چيسٽر پاءِ، ته ٻاهر هلون.“ ان وقت رات جا ٻه وڳا هئا ۽ سيءَ ۾ لڱ لڱ ڪنبي رهيو هو. سرديءَ جي احساس مٽائڻ لاءِ اسان اتان دڙي تائين ڊوڙ پاتي. ڊوڙندي سهڪي پيا هئا سين ۽ چانڊوڪيءَ ۾ مليل دز اڏامي اسان جي ساهه ۾ هلي ويئي هئي. مون پنهنجي دوست کي چيو ته ”اڃا زور سان ڊوڙ ته هيءَ مٽي، هيءَ اسان جي پنج هزار سال پراڻي تهذيب جي مٽي، انهيءَ نچندڙ رقاصه جي هڏن ۽ ماس جي خاڪ، اسان جي ڦڦڙن جي پور پور ۾ ڀرجي وڃي.“ اسين ڊڪندا ڊڪندا ان ڪوٺيءَ وٽ پهتاسين، جتان مردن جا سالم هڏن جا پڃرا لڌا ويا هئا، جن کي شايد ويڙهه ۾ قتل ڪيو ويو هو، ۽ اتي ويهي ٿڪ پٽيو سين. مون کي موهن جي دڙي جي سنسان فضا ۾، اهو چنڊ جو منظر ڪڏهن به نه وسرندو. مان مڪليءَ تي چنڊ جي پٺيان چارا رليو آهيان، پر هن منظر جو ڪوئي مثال نه آهي. چاهيان ٿو ته ان جي ڪا تشبيهه ڏيان........ پر هڪ بيمثل شيءِ جي ڪهڙي تشبيهه ٿي سگهندي!
سانت، ڀو جي بيوه ڀاڄائي آهي. جڏهن به ڪو ان جي ويجهو ايندو آهي ته هوءَ ڀو کي سڏيندي آهي. اسان کي اتان جي چپ چپات ۾ چوڌاري ڪجهه چرندو محسوس ٿيو: ائين ٿي لڳو، ڄڻ انهن مئن جا پنج هزار سال پراڻا روح چوڌاري ڀٽڪي رهيا هئا؛ ائين ٿي محسوس ٿيو، ڄڻ اسين اتي رهيا هئا سين. اهي اسين هئاسين جي ان ڪمري ۾ قتل ڪيا ويا هئاسين، ۽ اهي هڏا اسان جا هئا. منهنجي هٿ مان سگريٽ ڪيس ڪري پيو ته کڙڪي تي ٻه ڳيرا گهگهو گهو ڪندا اڏاڻا، ۽ ٿورو پريان هڪ سنهڙو نانگ مٽيءَ ۾ وٽ کائيندو وڃي رهيو هو. ٿوريءَ دير کان پوءِ اسين پنهنجي ڪمري ۾ موٽي آيا سين ۽ باهه تي هٿ پير سيڪڻ لڳاسين. ان وقت باهه ايترو ته وڻي ٿي، جو منهنجي دوست اچانڪ چيو ”ادا، جي مان سياري ۾ مران ته منهنجي لاش کي باهه ۾ جلائجانءِ.“
صبح جو اسين دير سان اٿيا هئاسين ۽ ڏهين بجي تيار ٿي ڪمري کان ٻاهر نڪتا سين، ته ٻاهر هڪ نئين شورليٽ ڪار جي ڀرسان هڪ مرد ۽ عورت بيٺا هئا. هو صبح سويري ڪار تي ڪراچيءَ کان آيا هئا. مرد آمريڪن هو ۽ عورت، جنهن ٻڌايو ته هو پيڪنگ جي چينائڻ هئي ۽ چين جي اشتراڪي انقلاب کان اڳ آمريڪا ۾ پڙهندي هئي، هن جي زال هئي. آمريڪن ڳڀرو ٿي لڳو ۽ لوندڙيءَ تائين ڪوڙيل ڏاڙهيءَ سبب هن جا ڳاڙها ڳٽا زياده ڳاڙها ٿي لڳا. چينائڻ جو رنگ زيتوني هو ۽ هن جي اڻڍڪيل ٻانهن جي ماس ۾ اهو گداز ۽ نرمي هئي، جا فقط چينائي عورت ۾ ئي ٿي سگهي ٿي. اسان اڃا پاڪستان ۽ آمريڪا متعلق ڳالهايو ٿي ته ٻي ڪار اچي نڪتي، جنهن ۾ آمريڪا جا سنسي خيز ناول لکندڙ، اگاٿا ڪرسٽي، ۽ هن جو مڙس هئا. اسان جو هنن سان تعارف ڪرايو ويو ته معلوم ٿيو ته هنن کي ڪراچيءَ ۾ آئي فقط ٻه ڏينهن ٿيا هئا ۽ هنن کي چئن پنجن ڏينهن ۾ موٽي وڃڻو هو؛ هي ان ڪري پاڪستان جون سڀ کان زياده دلچسپ جايون ڏسڻ نڪتا هئا ۽ پهريائين موهن جي دڙي تي آيا هئا ۽ اتان ٽيڪسلا ويندا. ڪيتري نه زندگي، ۽ زندگيءَ سان محبت آهي هنن انسانن ۾! ڪيترو نه دنيا ۽ ان جي گونا گون رنگينين سان چاهه آهي هنن ۾! ان کان هڪ ڏينهن اڳ اسين موهن جي دڙي جي ڪنڊ ڪڙڇ گهمي موٽيا هئا سين ته لاڙڪاڻي جو هڪ عملدار صاحب ريسٽ _ هائوس جي ڇٻر تي ڪرسيون وجهائي ويٺو هو. هن سان ٽي چار ڇوڪرا به ساڻ هئا. هو مون کي وڪيل جي حيثيت ۾ سڃاڻندو هو ۽ منهنجو مٽيءَ هاڻو بوٽ ڏسي، انگريزيءَ ۾ چيائين ته
”ڪڏهن آيو آهين؟“
”اڄ صبح جو.“
”ڇاتي؟“
”جيپ تي.“
”ڪنهن کان ورتي اٿيئي جيپ؟“
”پنهنجي آهي.“
”ڏاڍي ڪمائي آهي وڪيلن کي! مان ته اڌاريءَ ڪار تي آيو آهيان. ٻارن چيو ته موهن جو دڙو ڏيکار، سو مون ريسٽ _ هائوس وٽ ڪار روڪي ۽ هنن کي اتان کنڊر ڏيکاريم. اڳتي وڃون ها ته ڪپڙا لٽا سب ڌوڙ ٿي وڃن ها. تو صبح کان وٺي انهن کنڊرن ۾ ڇا ٿي ڪيو؟“
”سنڌڙيءَ جي وڏڙن جي خاڪ کي سلام ٿي ڪيم.“
”تنهنجا وڏا هوندا، اسان جا وڏا ته عرب مان آيا هئا.“ ائين چئي، هن نفرت سان منهن ڦيري ڇڏيو ۽ چانهه پيئڻ لڳو. مون هن کي گهوري ڏٺو، ۽ منهنجون اکيون تاڻيل ڪمانن وانگر ٻاهر نڪري آيون. جذبي جي شدت کي لنوائڻ لاءِ پنهنجو دوهو جهونگارڻ لڳس:
”منهنجي مڌُ کي ميرو سمجهي، ٿڏي ڇڏين ٿو ٿانءُ،
تنهنجي من کان ميرو ناهي، هٿ رکي ڏس هانءُ.“
سو، اها هئي هڪ تعليم يافته سنڌيءَ جي پنهنجي قديم تهذيب سان محبت _ اها تهذيب جنهن کي ڏسڻ لاءِ اگاٿا ڪرسٽي هزارها ميل سفر ڪري آئي هئي! اسين اگاٿاڪرسٽيءَ سان هن جي همعصر ناول نويسن _ هيمنگ وي، فلڪنر، اسٽينبڪ ۽ نبو ڪوف وغيره متعلق ڳالهائي رهيا هئا سون ته ميوزيم جو ڪيوريٽر اچي نڪتو ۽ هن چينائڻ ۽ ان جي مڙس کان پڇيو ته ”ڍنڍ ڏسڻ هلون؟“ هنن هائو ڪئي ته اسان کي چيائين، ”هتان هڪ ميل جي مفاصلي تي هڪ ڳوٺ آهي، جنهن کي حسڻ واهڻ ڍنڍ چوندا آهن. اتي هڪ ڏسڻ جهڙي ڍنڍ آهي. اسين اوڏانهن وڃي رهيا آهيون، اوهين به هلو ته چڱو.“ پوءِ مان، منهنجو دوست ۽ ڪيوريٽر ڪار جي پٺينءَ سيٽ تي وٺاسين ۽ چينائڻ ۽ هن جو مڙس اڳينءَ سيٽ تي ويٺا. چينائڻ ڪار هلائي رهي هئي ۽ اسٽيئرنگ ويل تي هن جون ٻانهون هڪ عجيب دلبريءَ ۽ بيساختگيءَ سان ڦري رهيون هيون.جڏهن ڍنڍ تي پهتاسين ته اسان کي اتي ڪائي خاص ڳالهه نظر نه آئي ۽ چينائڻ پنهنجي بيڪار تڪليف تي خفي نظر اچڻ لڳي. ڪوريئر اهو محسوس ڪيو ۽ اسان کي هڪ کوهه تي وٺي آيو. کوهه جو ڍينگو، نار، ۽ چڪر ۾ ڏاند ڏسي، ٻيئي زال مڙس کڳيون هڻڻ لڳا. ڏاند جي اکين تي کوپا چڙهيل هئا ۽ ان کي هڪ هاري لڪڻ سان هڪلي رهيو هو. جڏهن چينائڻ ٿورو جهڪي اک تي ڪئميرا رکي، ته هن جون ٻيئي ڪڇون ظاهر ٿي پييون ۽ هن جي ڇاتيءَ وٽان فراڪ جي ڳچي ڪجهه هيٺ لڙڪي پيئي، جنهن مان هن جو نرم ۽ گذاز سينو ڏيکارجڻ لڳو. کوهه تي هاريءَ ڏاندن کي هڪلڻ ڇڏي ڏنو ۽ هن جي ٻانهن ۽ ڇاتيءَ کي گهوري ڏسڻ لڳو. ايتري ۾ منهنجي دوست هن جي ويجهو وڃي هڪ ڏاند جي کوپن ۾ هٿ وڌو ته هو ڇرڪي ويو. هن مرڪي هاريءَ کي چيو ته ”هن غريب جا کوپا لاهه تي هي به ڏسي! تنهنجو صدين جو يار آهي، تو وانگر هن کي به اڳ ڪڏهن اهڙو موقعو نه مليو آهي.“ هاري اول ته گهٻرائجي ويو ۽ پوءِ هن کي سنڌيءَ ۾ ڳالهائيندو ڏسي ٽهه ٽهه ڪري کلڻ لڳو.
ادا، هينئر اوندهه ٿيندي ٿي وڃي. سامهون ڪشمير جي پهاڙين تي رات هڪ گرڙ پک وانگرلهي آئي آهي ۽ پنهنجا ڪارا پر ڦهلائي ڇڏيا اٿس، ۽ ريسٽ _ هائوس جا سرو جا درخت ننڍڙن هيسيل پکيئڙن وانگر هن کي ڏسي رهيا آهن. مون توکي ٽيڪسلا جي تفصيلي احوال بدران موهن جي دڙي جون يادگيريون لکيون آهن. تنهائيءَ ۾ سوچيندي، انساني ذهن ڪٿان جو ڪٿان وڃي ٿو نڪري. ان تي نه زمان جي پابندي آهي، نه مڪان جي. چاهيان ٿو ته ٽيڪسلا جي ننڊاکڙين نچڻين تي هڪ نظم لکان، پر الائي ڇو ڏات ڏمري آهي! سٽون جڙي ائين ڊهي ٿيون وڃن، جيئن واريءَ جو لڏون هٿن ۾ ڀري پوي.

_ تنهنجو پنهنجو

________
3
________

لاڪ ووڊ هوٽل، ڪوهه مري
15 آگسٽ

ادا،
هفتو ٿيو ته پنڊيءَ مان هتي پهتس. پنڊيءَ ۾ ڪوئي دوست يا واقف نه مليو، سواءِ چند اردو شاعرن جي، جن مان ڪي ”رائٽرس گلڊ“ جا ميمبر هئا ۽ منهنجي نالي کان اڳ ئي واقف هئا. هي سيروس سئنيما جي لڳ هڪ ڪيفي ۾، ”اردو شاعريءَ ۾ محبوب جو تصور“ جهڙي پراڻي ۽ بي معنيٰ موضوع تي بحث ڪري رهيا هئا. انهن مان ڪو چئي رهيو هو ته ”ولي دکنيءَ جي غزل ۾ محبوب ڪٿي مذڪر آهي، ڪٿي مونث؛“ ڪنهن چيو ٿي ته ”مير تقيءَ جي غزل ۾ بارها محبوب کي مذڪر ڪري مخاطب ڪيو ويو آهي؛“ ۽ ڪنهن چيو ٿي ته ”پهريون دفعو اختر شيرانيءَ محبوب کي مونث ڪري، سلميٰ، عذر وغيره جي نالن سان مخاطب ڪيو آهي.“ انهن مان جو زياده ذهين ٿي لڳو، تنهن مرڪي چيو ته ”پنجاب جي سلميٰ ۽ عذرا، جا ڪنوينٽ ۾ سکيل چٻيل چٿيل لهجي ۾ انگريزي ڳالهائي ٿي ۽ پرس مان لپ اسٽڪ ڪڍي، پنهنجن چپن کي لائيندي، فقط شورليٽ ۽ فورڊ جي نئين ماڊل ۽ ڪم نووڪ (آمريڪن ائڪٽريس جو نالو) جي نئينءَ فلم تي بحث ڪري ٿي، سا ايتري ته غير شاعرانه آهي جو اردو شاعرن کي وري محبوب کي مذڪر ڪري مخاطب ڪرڻو پوندو.“ ان تي هو سڀ کلڻ لڳا. پر انهن مان هڪڙي، جنهن جو جدت پسنديءَ جو شوق هن جي اخبار جي ٽڪرن جي ڇاپي واري قميص مان ظاهر هو، مٿئين ذهين شاعر کان پڇيو ته ”اوهين عورتن جي تعليم ۽ آزاديءَ جي خلاف آهيو ڇا؟“ هن جواب ڏنو ته ”منهنجو مقصد فقط اهو آهي ته جنهن عورت ۾ تعليم ۽ آزاديءَ جي باوجود مشرقيت نه آهي، اها اسان لاءِ غير شاعرانه آهي. جنهن عورت کي حسن سان حيا نه آهي، جنهن کي ”سهڻيءَ“ جو ڪردار نه آهي، سا ڪنهن به شاعر جي محبوبه نه ٿي سگهندي.“ ائين چئي، هن مون ڏانهن منهن ڦيرائي، تائيد جي اميد سان ڏٺو. مان هن وقت تائين خاموشيءَ سان هنن جو بحث ٻڌي رهيو هوس ۽ دل ۾ آيم ته هن کي ”شوپنهار“ جو مقولو ٻڌايان ته ”هر انسان هڪ نگاهه جو مستحق ته آهي، پر هر انسان هڪ جواب جو مستحق نه آهي.“ پر، اردو شاعر ڪٿي ٿو ڪنهن کي خاموش رهڻ ڏئي! مجوبوراً مون چيو ته ”مون کي فقط اوهان جي مثال سان اتفاق نه آهي. سهڻيءَ جو ڪردار ڪنهن آدرشي عورت جو ڪردار ته نه آهي. اوهين ڀُلي ٿا وڃو ته هوءَ مڙس کي ننڊ ۾ ڏسي، راتو واهه درياءُ پار ڪري، يار ڏي ويندي هئي.“ هن ڪجه منهن گهنجائي مون کان پڇيو، ”اوهان جي ادب ۾ ڪوئي ان کان بهتر ڪردار آهي!“ مون جواب ڏنو، ”ها، آهي. مارئي جنهن جو ڪردار شاهه لطيف سر مارئيءَ ۾ چٽيو آهي. هوءَ ڪوٽ ۾ قابو هئي، جتي هن کي طرحين لالچون ڏنيون ويون ته به عمر سان ياري نه رکيائين ۽ مڙس لاءِ ماندي رهي.“
اخبار جي ٽڪرن جي پاڇي واريءَ قميص سان شاعر ٽهڪ ڏيئي، ”حافظ“ جي سٽ پڙهي:
”به خالِ هندواش بخشم سمر قند و بخارا را.“
مون مرڪي چيو، ”شاعر صاحب! هاڻي سمرقند ۽ بخارا اشتراڪي روس ۾ آهن. ڏسجو، انهن جي بخشش ڪوئي بين الاقوامي مسئلو نه پيدا ڪري ڇڏي! روس پنهنجي سرزمين سان ڪنهن جي به دست اندازي نٿو سهي سگهي.“ جڏهن هوٽل ڏانهن موٽيس ٿي، ته رستي تي ياد آيم ته پراڻي سکر جي هڪ شيعي شاعر مون کي چيو هو ته ”هن سنين جي اڪثريت واري ملڪ ۾ مارئيءَ جو ڪردار هڪ شيعي جو ڪردار آهي، جنهن کي سدائين عمر لاءِ نفرت آهي“! هر انسان آرٽ کي پنهنجي پنهنجي نظريي جي رنگين شيشي مان ڏسي، ان جي معنيٰ ڪري ٿو. جڏهن کان مريءَ آيو آهيان، تڏهن کان ”عذرائون“ ۽ ”سلمائون“ ڏسي رهيو آهيان. ساري مال روڊ تي گهگهريون، ”ڏسڻ جا ٽوهه“ آڇي رهيون آهن. شام ٿئي ٿي ته ساري روڊ تي ڪلهي گس لڳي وڃي ٿي. شام جو ڏهين بجي تائين انسان اچ وڃ ۽ لهه وچڙ ۾ محو آهن. جتي جتي دڪانن تي بجليءَ جي روشني زياده، اتي پيهه زياده آهي. هتي روز ڏياري آهي _ ڏياري، جنهن ۾ ڪنهن راوڻ جو ڪنهن کي به احساس نه آهي: ۽ مال روڊ کان اڌ ميل جي مفاصلي تي پهاڙين جي جهوپڙين ۾ ڏکي بکي زندگي گويا سيتا جي ست تي تڳي رهي آهي. مون کي هڪ هجوم ۾ رهي، ايترو تنهائيءَ جو احساس ڪڏهن به نه ٿيو آهي؛ هتي اک اک ۾ ڳجهون ۽ هلون لامارا ڏيئي رهيون آهن، چوڌاري جنسي بک ڇيڇڙا ڳهي رهي آهي. هيٺ واديءَ ۾ انگ اگهاڙا ۽ پيٽ بکيا انسان آهن، جن کي نه ڏينهن جو مانيءَ ڳڀو نصيب آهي نه رات جو، جن کي خوش نصيب انسانن سان گڏ خوش فهم خدا به وساري ڇڏيو آهي.
چوٿون ڏينهن مان هوٽل جي مالهيءَ کان اتان جي گونا گون گلن جا نالا پڇي رهيو هوس ته هن ڳالهين ڪندي ٻڌايو ته ”هي پهاڙي علائقو نهايت غريب آهي. هن سال ڳڙو وسيو هو ته آڙو، ناڪ، خوباني ۽ ٻيا ميوا سڀ سڙي ويا، ۽ ڪنهن سبب ڪري مڪئيءَ جي پوک به گهٽ ٿي آهي.“ نتيجو اهو ٿيو آهي ته هتان جو عوام بک مري رهيو آهي. پٿر ڪٽي ڪٽي ساڻا ٿي، جڏهن شام جو اهي بکيا پهاڙي موٽن ٿا ته هنن کي پهرين اهو خيال ٿو ستائي ته رپئي ٻه سير اٽو آهي، ڏينهن جي ڪمائيءَ مان ڪير کائي ڪير کائيندو! فطرت جي حسن مان اک جو ڍءُ ته ٿئي ٿو، پر پيٽ جي بک نه ٿي لهي!
ٽيون ڏينهن نٿيا گليءَ ويو هوس. مون سان هڪ دوست ساڻ هو، جنهن هڪ عجيب تمثيل ڏني. چيائين ته ”شداد ويچاري دنيا ۾ بهشت بڻايو ته خدا به هن جي خلاف ٿي ويو، ۽ هن کي نانگ کان ڏنگايائين. در اصل دنيا کي بهشت بنائڻ جو تخيل ئي غير مذهبي آهي.“ مون هن کي کلي چيو، ”پر پوءِ به تو مان شداد جي خودي نه ويندي، تون دنيا کي بهشت بڻائڻ جو خيال نه ڇڏيندين.“
جڏهن ڊونگا گليءَ وٽ پهتاسين ته جهڙ ڇانئجي ويو. هيٺ واديءَ ۾ ڪڪر ائين ٿي لڳا، ڄڻ ڪنهن پيڃاري ڪپهه جون پوڻيون ٿي اڏايون. ڪڏهن ڪڏهن اس ٿي نڪتي، ته چيل جي پنن مان اس جا تڙڪا پهاڙي ڇپن تي ائين ٿي پيا، جيئن ڪنهن پٿر ڪٽيندڙ جابلوءَ جي سخت، سوٽ ۽ ٽامڻيءَ هنيل منهن تي چٽيءَ جا داغ. ڊونگا گليءَ وٽان ويندڙ پيچري تي آهستي آهستي مٿي ٿي وياسين ته ڪوئي پنجابيءَ ۾ ڳائي رهيو هو، ”ڦس نين _ بدل برسي“ (يعني نيڻن جا بادل ڦسي پيا ۽ وسڻ لڳا.) استعاري جو انداز ڪهڙو نه پيارو هو! ڪير چوندو ته پنجابي شاعريءَ ۾ ايتريون ترقيءَ جون صلاحيتون نه آهن، جيتريون اردوءَ ۾. مون نيڻن جي بادلن سان تشبيهه اردو، سنڌي، بنگالي هندي، انگريزي ۽ فرينچ شاعريءَ ۾ پڙهي آهي، پر انهيءَ پنجابي سٽ جهڙي انوکي شاعراڻي ادا ٻيءَ ڪنهن به ٻوليءَ ۾ نه آهي. ان جي باوجود، جڏهن مون سان مريءَ ۾ ٻه پنجاب جا چوٽيءَ جا اردو شاعر مليا ۽ جن کي مون هوٽل ۾ رات جي مانيءَ تي مدعو ڪيو هو ته انهن پنجابي زبان کان نفرت نه، پر بي اعتنائي ضرور ڏيکاري. هتي مريءَ ۾ مشاعرو ٿيو هو، جتي هو به آيا هئا. انهن مان هڪ منهنجو اڳ ئي واقف هو، ڇو ته سکر ۾ ڪنهن مشاعري جي سلسلي ۾ آيو هو ۽ مون سان مليو هو؛ ٻيو ڪنهن وقت ترقي پسند تحريڪ ۾ چوٽيءَ جو شاعر ۽ افسانه نويس هو، ۽ پاڪستان جي هڪ بهترين اخبار جي اداري ۾ هو. اسان مختلف موضوعن تي ڳالهايو، جن ۾ پنجابي زبان جو مسئلو به شامل هو. مون هنن کي چيو ته ”توڙي صاف شفاف پاڻيءَ جو چشمو دور هجي، ته به پياسو انسان ڪنهن گنديءَ ناليءَ مان پياس ٻجهائي چپ ڪري ته نه ويهندو. پنجابي زبان کي جيڪڏهن جديد تشڪيل ڏيڻ لاءِ ڪافي عرصو لڳندو، ته ان جي معنيٰ اها ته نه آهي ته اها ٻولي جنهن جون جڙون عوام جي روح ۾ آهن، جنهن ۾ اوهان جا ڳوڙها ۽ ٽهڪ آهن، سا نظر انداز ڪري سگهجي ٿي.“ هنن وٽ ڪوئي جواب نه هو. شايد هو محسوس ڪري رهيا هئا ته ”لطيف“ جي وارثن پنهنجي ميڙيءَ چونڊيءَ کي ساهه سان سانڀيو آهي، ان کي وڌايو آهي، ۽ اها ڪڏهن اڪيچار ۽ اکٽ ٿي ويندي، ۽ ”وارث شاهه“ ڪوئي وارث نه ڇڏيو، ۽ جيڪڏهن ڇڏيو ته انهيءَ هنن جي ساري پونجي دهلويءَ ۽ لکنوءَ جي نوابن جي هڪ ”طوائف“ جي نذر ڪري ڇڏي. واقعي اردو زبان هڪ دهليءَ ۽ لکنوءَ جي طوائف آهي، جا دهلي ۽ لکنو جي نوابي ماحول ۾ ڄائي، نپني، نچي ۽ هڪ کوکليءَ تهذيب جي درٻارين ۾ کنجرا وڄائيندي رهي، ۽ پاڪستان ٿيڻ کان پوءِ هتي هڪ پرده پوش شريف مسلمان عورت ٿي آئي، ۽ هاڻي پردو هٽائي هڪ مهذب مغربي عورت جو رنگ ڍنگ نقل ڪري رهي آهي. پنجابي زبان اڃا تائين ”هير“ جهڙي سهڻي ۽ سٻاجهي آهي، پر هن جا رانجهو اڃا تائين تهمد ٻڌندا آهن. فل سوٽ پهريندڙ شاعر ڪٿي ٿا هن کي پنهنجو ڪن!
ڊونگا گليءَ ۾ پهاڙيءَ تي چشمو هو، جنهن جو ٿڌو شفاف پاڻي سڀني پيتو. بس ۾ اسان سان هڪ گجراتي جوڙو هو، جو منهنجو اڳ به واقف هو ۽ لاڪ ووڊ هوٽل ۾ منهنجي ڪمري جي ڀرسان رهندو هو. گجراتڻ ڪڻڪ رنگي، پوري پني قد جي هئي. هن جي ڀنل منهن تي ناک جي ڦار جهڙو ننڍو نڪ نهايت خوبصورت ٿي لڳو. مريءَ ۾ خاص ڪري جنهن هوٽل ۾ مان لٿل هوس، اتي هن کان به زياده خوبصورت عورتون هيون، پر انهن جي خوبصورتيءَ ۾ مونکي ڪائي ڪشش نظر نه آئي هئي. جڏهن هن ڊونگا گليءَ جي چشمي مان پاڻي پي رومال سان منهن صاف ٿي ڪيو ته رومال هن جي هٿ مان ڪري پيو ۽ هن جي مڙس رومال کڻي هن کي ڏنو، ته هوءَ وات ٿورو کولي، ان مان ڄڀ جي چهنب ٿورو ٻاهر ڪڍي، نهايت هلڪي کل کلي، جنهن ۾ هڪ نهايت نفيس ادا سان هن جو سارو منهن لڏي ويو. اها ڄڀ جي چهنب اڇن ڏندن جي وچ ۾ ائين لڳي رهي هئي، جيئن ڪلر ۾ کپر جو منهن. اها ساڳي پياري ادا منهنجي سڀ کان پياري انسان ۾ هئي، جنهن جا ڏنگ اڃا تائين ڏکي رهيا آهن. شايد ان گجراتڻ جي اها ادا هوٽل ۾ ڪيئي ڀيرا ڏٺي هئي، پر شعوري طرح منهنجو توجهه انهيءَ ڏانهن ڊونگا گليءَ جي چشمي وٽ ويو. ياد جي ڪنڍي وقت جي درياءَ ۾ هميشه پيئي آهي؛ ڪڏهن ڪڏهن روح کي ڇڪي اچي ٿي، ته ڪائي تڙڳندي ترڪندي شيءِ، اکين اڳيان ٽپندي، تڙڦندي نظر اچي ٿي.
جڏهن نٿيا گلي پهتا سين ته وڏ ڦڙو وسڻ لڳو. اسين برساتي ڪوٽ پائي، ٿڙندا ٿاٻڙندا، پهاڙي پيچرن مان چڙهڻ لڳا سين. منهنجو مٿي ذڪر ڪيل سنڌي دوست، جو هڪ جذباتي حقيقت پسند آهي، جنهن جو خدا جي وجود ۾ اعتبار نه آهي پر حسن کي ازلي حقيقت تسلم ڪندو آهي، جنهن کي هر انقلاب جي خونريزي وڻندي آهي. پر پاڻ ڪنهن به ساهه واري کي رنج رسائي نه سگهندو آهي، جنهن جا خيالات اشتعال انگيز آهن، پر جنهن جي زندگي هڪ يوگيءَ جي زندگي آهي، سو مٺڙي سر ۾ لطيف سائينءَ جو بيت ڳائڻ لڳو:
”اڄ پڻ منهنجي يار، وسڻ جا ويس ڪيا!“
مون هن کان پڇيو، ”اهو ”يار“ ڪير آهي؟“
”ڪوئي به نه آهي، ان جو وجود فقط شاعر جي تخيل ۾ آهي.“
”عقل ته ائين ٿو چوي، پر روح نٿو مڃي. ڪوئي يار آهي ته سهي؛ پنهنجي ننڍڙي دنيا ۾ ئي جيستائين ڪوئي يار نه آهي ته زندگي اڻڀي ۽ الوڻي ٿي لڳي؛ جي هن ساريءَ ڪائنات ۾ ڪوئي يار نه آهي ته واقعي ڪائنات جي رنگيني۽ ۾ ڪمي اچي ٿي وڃي.“
”تون وري وڃي فلسفي جي ڌٻڻ ۾ پئين. منهنجي هيءَ ساري ڪائنات يار آهي، ۽ انهيءَ وسڻ جا ويس ڪيا آهنٰ!“
پوءِ هو وري ڳائڻ لڳو:
”اڄ پڻ منهنجي يار، وسڻ جا ويس ڪيا!“
۽ مان سوچي رهيو هوس ته شاعري پيغمبريءَ جو جزو نه آهي، پيغمبري شاعريءَ جو جزو آهي. ان وقت مينهن ڏاڍي زور سان پوڻ لڳو. اسين اچي گورنمينٽ _ هائوس لڳ پهتاسين. ٻئي پاسي کان اهو گجراتي جوڙو اچي رهيو هو. هنن کي برساتي ڪوٽ ڪونه هو ۽ مينهن ۾ ڀڄي ويا هئا. برسات کان پان بچائڻ لاءِ هو چيل جي وڻن هيٺان ٿي آيا.
گجراتيءَ مون کان پڇيو ته ”تنهنجو دوست ڇا ٿو ڳائي؟“ مون هن کي
ٻڌايو ته اهو شاهه لطيف جو بيت آهي. پوءِ مون هن کي ان جي معنيٰ انگريزيءَ ۾ سمجهائي. شايد منهنجو انگريزي ترجمو پورو نه هو ۽ هن ”وسڻ جي ويس“ جي معنيٰ برساتي ڪوٽ سمجهي، سو هن ٽهڪ ڏيئي چيو، ”يار به وڏو سودائي آهي، پاڻ برساتي ڪوٽ پائي ڪڪرن ۾ ويٺو آهي، ۽ هيٺ اسين ننهن کان چوٽيءَ تائين ڀڄي ويا آهيون!“
شام جو جڏهن موٽي رهيا هئاسين ته رستي تي پهاڙيءَ مان هڪ ڇپ ڇڄي اچي بس جي سامهون ڪري. سڀ مسافر دهلجي ويا: جي بس ٿورو اڳتي هجي ها، ۽ اها ڇپ ان تي ڪري ها، يا ان کي لڳي ها،ته بس رستي تان ٿڙي هزارها فوٽ هيٺ وڃي ڪري ها. مون کي اهو سوچي کل آئي ته زندگي موت جي ڪيترو نه قريب آهي. گهڙيءَ ۾ اهو نيرو نيرو آسمان اها ٿڌي ٿڌي مٽي، اهي جهڙ، اهي برساتيون، اهي درخت سڀ اسان لاءِ ختم ٿي وڃن ها. موت جو تصور زندگيءَ کي ڪيڏو نه بي معنيٰ ۽ ڪيترو نه معنيٰ خيز بڻائي ٿو ڇڏي! مون کي هميشه اهو خيال ايندو آهي ته هيءَ زندگي بلڪل مختصر آهي، ۽ ان ڪري مون کي ان تي ائين پيار ايندو آهي، جيئن محبوب جي جوانيءَ تي اچي. جڏهن سوچيندو آهيان ته ان جو ڪيترو حصو فقط ذريعه معاش جي پيڇي ۾ گذري ٿو، ته ڏاڍو ڏک ٿيندو اٿم. زندگيءَ جي فقط اها گهڙي باقي آهي، جا حسن جي تلاش ۾ گذري ٿي، باقي سڀ ڪجهه فاني آهي، حسن خدا آهي، گرچه هر خدا حسين نه آهي.

_ تنهنجو پنهنجو

________
4
________

گاف هوٽل،ڀوربن
19 _ آگسٽ

ادا،
مريءَ مان مضافات لاءِ تفريحي بس هتي هڪ ڪلاڪ ۾ پهتي. رستو سڌو هو ۽ آسمان صاف. پهاڙين تي اس ۽ ڇانوَ جي ڦير گهير عجيب منظر پيدا ڪيو ٿي. گهري ناسي، خاڪي ۽ آسماني رنگن جي ملاوت ۾ ڪنهن ازلي مصور جو ذوق ٿي نظر آيو. رستي تي ساڳ، چيل، ديال ۽ بن _ فوڙ جا درخت اڪثريت ۾ نظر آيا، جيئن مريءَ کان نٿيا گليءَ واري رستي تي هئا. چوڌاري ساوڪ ئي ساوڪ هئي ۽ ڪٿي ڪٿي ڪو جهنگلي گل ائين ٿي لڳو جيئن غريب پهاڙي محبوبڙيون ڪڏهن ڪڏهن ڪو چانديءَ جو زيور پائينديون آهن. ڪٿي ڪٿي ڪوئي ڪاٺ _ ڪٽي جهڙو رنگين پکي، چيل جي ٿڙ کي چنبا اٽڪائيندو، کنڀڙاٽيون ڦڙڪائيندو، چنبڙي رهيو هو، جيئن ڪوئي سٻاجهو، سهڻو مٽولو ٻار پنهنجي جانٺيءَ جابلو ماءُ جي ڇاتيءَ تي چنبڙي پوي. چوڌاري ٻيو ڪوئي پرندو نظر نٿي آيو. مون کي اوچتو ياد آيو ته ڏهه _ پندرهن ڏينهن اڳ مريءَ جي لاڪ ووڊ هوٽل ۾ کاڌي جي ڪمري ۾ منهنجي ڀرسان هڪ پنجابي ڪرڙوڍ، پيٽ وڏو، صدريءَ سان سوٽ ۾ ملبوس، گهاٽي سانوري رنگ وارو سيٺ ويٺو هو ۽ اڌ _ اوٻاريل آني کي چمچي سان کل تائين کرڙي رهيو هو. هن جي ڊيل _ ڊول، ٺٺ ٺانگر، ۽ اٿ ويهه مان ائين ٿي معلوم ٿيو ته چور بازاريءَ جي پئسي سان هن جون صندوقون سٿيل هيون، ۽ هن جي ڳالهه ٻولهه مان ائين ٿي لڳو ته راشي ۽ عزيز پرور سياستدان سندس گهڻگهرا هئا. هن جي ساري گفتگو کاڌي، ڌنڌي ۽ ماحول جي افراتفريءَ متعلق هئي. ڪوهه مريءَ ۾ هن کي ڪا به دلڪش شيءِ نظر نه آئي هئي، سواءِ ان جي، جا هن هڪ تعجب آميز سوال جي صورت ۾ مون کا پڇي _ ”تعجب آهي ته هتي ڳجهون نظر نه ٿيون اچن!“
مون هن جي شڪل صورت کي چتائي ڏٺو. منهنجي گهري نظر هن جي سوال جو جواب هئي.
بس ۾ ٻارهن _ چوڏهن پنجابي ڇوڪريون هيون _ ساڳيو ئي ڀنل، ڇليل بداميءَ جهڙو رنگ، ننڍڙي چيل جي جهڳٽن جهڙا ڪٽيل سنواريل وار ۽ رشوتي پيءُ جي ڦرلٽ مان ورتل زرق برق لباس. هنن سان ڍولڪ ۽ جهانجهه به هئي. جڏهن بس چيکاگليءَ کان اڳتي هلي، ته هنن ”ماهيا“ ڳائڻ شروع ڪيو. بس جي آواز ۾ ڍولڪ ۽ جهانجهه جي آواز ملي، عجيب اثر ٿي پيدا ڪيو. سامهون چيل جا تناور درخت ڪنهن ڪن _ ڦاڙ رانجهوءَ وانگر ويراڳي ٿيا بيٺا هئا، ۽ هيءَ هير جي نئين جوڻ ڏسي رهيا هئا، جا ڍولڪ، جهانجهه ۽ بس جي رفتار ۾ اڏامندي ٿي ويئي موڙ وٽ اوچتو بريڪ لڳڻ جو آواز ٿيو ۽ بس بيهجي ويئي. مون وچينءَ سيٽ تان اٿي ڏٺو ته بس جي سامهون ٽٽل ڦاٽل ڪپڙن ۾ ويڙهيل وارث شاهه جو ويڳاڻو روح ٿي لڳو. ڊرائيور هن کي اردوءَ ۾ گار ڏيئي، گير ڦيرايو، ۽ بس هلڻ لڳي.
ڏهين بجي صبح جو بس ڀوربن ريسٽ _ هائوس وٽ پهتي ۽ سڀيئي مسافر لهي پيا. تفريحي گائيڊ هڪ سيالڪوٽ جو نوجوان هو _ سفيد سرخيءَ مائل رنگ، چيرو ين اکين هيٺان گهنجن وانگر مسلسل ٿڪ جا نشان، ڇڊا وار، پورو پنو قد، بدن تي خاڪي وردي ۽ پيرن ۾ سخت چمڙي جو گهيتلو. هن کي هيٺئين درمياني درجي جي ڏيک هئي ۽ هن جي منهن ۾ ڪائي مڻيا ڪانه هئي، باقي هن جي جسماني ڦڙتي، چالاڪيءَ جي ڏيک ڏيئي رهي هئي. مون هن کان ”ڀوربن“ لفظ جي معنيٰ پڇي، ته هو پنهنجن ڇڊن وارن ۾ آڱريون وجهي، ائين ڏسڻ لڳو. گويا هن جي دماغ ۾ ايترو خال هو، جيترو پهاڙيءَ جي چوٽيءَ ۽ ڇهه هزار فوٽ هيٺ واديءَ جي وچ ۾. شايد هن تي اهو نالو ڪنهن هندو يوگيءَ رکيو هو، جو جهونجهڪڙي جو اٿي، ڪنهن بن _ ڦوڙ جي وڻ هيٺان تپسيا ڪندو هو. تعجب آهي ته انهيءَ متروڪ هندو تهذيب جو ڏنل نالو اڃا هلندو ٿو اچي! شايد هندي لفظ ايترا پيارا آهن، جو اانهن جا دلڪش پارسي ۽ عربي هم معنيٰ لفظ ڳولي لهڻ ناممڪن آهي!
گائيڊ اسان کي پهاڙي سرسبز پيچرن مان گاف _ گرائونڊ طرف وٺي هليو. شايد ڪالهه هتي برسات پيئي هئي، ڇو ته پيچرن جي مٽي آلي هئي ۽ ڪٿي ڪٿي گپ وانگر ٿي لڳي. اوچتو پٺيان ڦهڪو ٿيو ۽ مون منهن وارائي ڏٺو، ته هڪ پنجابي ڇوڪري، ترڪي، ڪري پيئي هئي ۽ ٻيون هن کي هٿ ڏيئي اٿاري رهيون هيون. پريان هڪ پهاڙي عورت پيچري تي ڊوڙندي ٿي آئي. گائيڊ هن کي ڏسي ڇرڪي، هن کي رستي ڏيڻ لاءِ هٽيو، ته ٿيڙ کاڌائين. مون کي هن جي سادگي تي کل آئي ۽ مون هن ڏانهن ڏسي ان عورت ڏانهن ڏٺو، جنهن جي پهاڙي ڀرت سان ڀريل گهگهي مان هن جو سڊول بدن سٽون ڏيئي رهيو هو. اتر جو واءُ هن جي گهگهي کي هن جي ڇاتيءَ، پيٽ ۽ پنين سان چنبڙائي، هن جي جسم کي هڪ سنگتراش وانگر ظاهر ڪري رهيو هو. گهگهو هن جي پيٽ وٽ ٻنهي پاسن کان خم کائي، هن جي سٿرن جي خوبصورت گولائي ڏيکاري رهيو هو. هن جو ن چيلهه تائين ڊگهيون چوٽيون هن جي بدن جي چوڌاري ائين وڪڙ کائي رهيون هيون، گويا هن جو انگ انگ واسينگن جي ور چڙهي ويو هو. جڏهن هوءَ منهنجي ڀرسان سهڪندي ڊوڙندي نڪري ويئي، ته آءٌ هن جي ساهه جي خوشبوءَ ۾ ويڙهجي ويس. منهنجي من اڇلون ڏنيون ۽ منهنجهي گلي تائين ڪوئي گمنام جذبو اڀري آيو _ سلام آهي توکي ڌرتيءَ جي ڌيءَ! تنهنجي جسم ۾ رشوت يا چور بازاريءَ مان خريد ڪيل نان جو رت نه آهي، تنهنجي گهگهي جي برٿ جي اڻت ۾ حرام جي ڪمائيءَ جو هٿ نه آهي، تنهنجي ننگن پيرن جي ترين کي هيءَ ٿڌي ڌرتي چميون ڏيئي رهي آهي. سلام آهي توکي، اي منهنجي مٺڙي ڀيڻ! جي خدا آهي ۽ انساني روح ان جو جلوو آهي، ته اهو جلوو تنهنجي بکئي پيٽ، تنهنجي سادي لباس، تنهنجي سڊول بدن ۽ تنهنجي ننگن پيرن جي ترين ۾ آهي!“
گاف _ گرائونڊ ٻن فرلانگن جي مفاصلي تي هو. اتي ڪجهه ٻڍا ۽ ڪرڙوڍ آمريڪي مرد ۽ عورتون گاف کيڏي رهيا هئا. سندن راند ايتري بي معنيٰ ٿي لڳي، جيترو سندن بدن تي پيل منقش قميصون، جيتري سندن تهذيب ۽ بين الاقوامي سياست. مون کي اهو ڏسي تعجب آيو ته منهنجا سڀ همسفر هنن جي کيل کي بي انتها محويت، تعجب ۽ حسرت سان ڏسي رهيا هئا. گاف _ گرائونڊ جي ڇيڙي تي ٻه وڏا پٿر پيل هئا، مان ۽ گائيڊ انهن تي چڙهي ويٺاسين ۽ هيٺ واديءَ ۾ ڏسڻ لڳاسين. اوڀر طرف سوين فوٽ هيٺ، ٻن پهاڙين جي وچ ۾ چانديءَ جو ڏنگو ڦڏو پڙڇ ٿي نظر آيو، جو صبح جي روشنيءَ ۾ چمڪي رهيو هو. مون کي گائيڊ ٻڌايو ته اها جهلم ندي هئي، جا ڏهن ميلن جي مفاصلي تان نظر اچي رهي هئي. جهلم، جنهن جي وهڪري ۾ قيامت جي تيزي، گجي ۽ گجگوڙ آهي، ۽ برساتي موسم ۾ جنهن جي هڪ اٿل هزارها بن _ ڦوڙ، چيل ۽ ديال جا ديو _ صورت درخت جڙن کان اکيڙي سگهندي آهي، سا دور تان هڪ چانديءَ جو پڙڇ نظر اچي رهي هئي. ڪهڙي نه بي پناهه تشبيهه هئي ان نديءَ جي منظر ۾!
گاف گرائونڊ جي اولهه طرف لاهيءَ تي ڳوٺ هو، جنهن جو نالو گائيڊ ٻڌايو ته ”روات“ آهي. ان ۾ ٿوري ٿوري پنڌ تي ڪجهه مخروطي لوهي چادرن جي ڇتين سان جديد قسم جون جهوپڙيون هيون، جي مقامي زميندارن يا غير مقامي عياش شاهوڪارن جون ٿي ڏٺيون؛ باقي هيٺ واديءَ ۾ جا بجا ڀونگڙيون هيون، جي پنهنجيءَ ڇڳل ڇاتيءَ سان آسمان جو مقابلو ڪري رهيون هيون. ايتري ۾ سج جهڙ جي جهاڳ ۾ ٽٻي هنئي ۽ سنهڙيون ڪڪريون ڇولين وانگر ڇلنديون آيون ۽ آسپاس ڌنڌ ڇانئجي ويو. سنهڙيون سنهڙيون بوندون ڪنهن ڪنواريءَ جي لڄائتي منهن تان پگهر وانگر ڪرڻ لڳيون. مون برساتي ڪوٽ پائي سگريٽ گائيڊ ڏانهن وڌايو، ۽ پوءِ ٻيئي سگريٽ پيئندا پٿرن تان هيٺ لٿاسين ۽ اچي همسفرن سان مليا سين جي تيزيءَ سان واپس وڃي رهيا هئا. سامهون پيچرو ڌنڌ ۾ ويڙهيل هو، جنهن ۾ سڀيئي اوچا درخت ڍڪجي ويا هئا. رستي تي پاسي کان اوچتو ڪنهن جانور جي گاج ٿي، جنهن جو اثر ڌنڌ، تيز هوا ۽ اسان جي رفتار جي تيزيءَ سبب هيبت خيز ٿي لڳو. اسان مان هڪ پنجابيءَ، شايد ڇرڪي يا چر چي ۾، رڙ ڪئي _ ”شير!“ مون ڌنڌ ۾ چتائي ڏٺو ته اٺن ڏهن قدمن تي هڪ پهاڙي ڏاند نظر آيو، جو گاهه چري رهيو هو ۽ اوڳاڇڻ جو آواز ڪري رهيو هو. مون کلي هن جي ڪلهي تي هٿ هڻي چيو ته ”بادشاهو، هتي شير ڪٿان آيا، هتي ته فقط ڍڳا آهن، ۽ تن کي به ٻوٿ تي ٻوٿاڙيون ۽اکين تي کوپا چڙهيل آهن.“ پنجابي بادشاهه ٽهه _ ٽهه ڪري ڏند ٽيڙڻ لڳو.
ريسٽ هائوس وٽ يارهين بجي پهتاسين، ته ڌنڌ هٽي ويو، ۽ ڪڪريون سفيد ڏائڻين وانگر ڪنجرا اڏائينديون، مٿي آسمان ڏانهن اڏامڻ لڳيون. مون هيٺ ڏٺو ته ڪنهن سفيد ڏائڻ جو ڇڏي ڏنل چراخ نظر آيو. هن جو منهن ڪٺ ڪارو، تيل جي گهاڻي صاف ڪرڻ واري ڪپڙي سان اگهيل ٿي نظر آيو. هن جا پان سان ڳاڙها ڏند ڪجهه ٻاهر نڪتل هئا ۽ اهي هن جي هيٺئين چپ تي ائين ٿي لڳا، جيئن ٽامي جي تسريءَ تي قنڌاري ڏاڙهونءَ جا داڻا. هن کي ناسي سوٽ ۽ ناسي ٽاءِ پيل هئي. مون کي پاڻ ڏانهن گهوريندو ڏسي، اڳتي وڌي آيو ۽ چيائين. ”هئلو! اڄ موسم ته خراب آهي!“ مون سندس رسمي تعارف جي جواب ۾ چيو، ”هائو، پر هتي جي خراب موسم فقط جهٽ پل لاءِ آهي. هتي گهٽائن ۾ طوفانن جو انديشو نه آهي _ گهٽائون، جي پاڻ سان ماڻهوءَ ٻوڙ مينهن ۽ آنڌيون آڻينديون آهن. هتي ڪڪرين کي فقط هوا جي هلڪي چهبڪ جي ضرورت آهي، جنهن سان گهڙيءَ ۾ ٽڙي پکڙي وڃن ٿيون، باقي ڌنڌ هتي بيحد ٿئي ٿو.“ هو مون ڏانهن تعجب مان ڏسڻ لڳو. مون کي هن جي بدصورتيءَ لاءِ نفرت کان ڪجهه بغاوت جو احساس ٿيڻ لڳو. ۽ مان هن سان وڌيڪ ڳالهائڻ لڳس. هو بنگالي مسلمان هو ۽ ڊاڪا ۾ بنگالي زبان جو پروفيسر هو. هو موڪلن ۾ آيو هو ۽ ”گاف“ هوٽل ۾ رهيو پيو هو. مون کانئس ٽئگور متعلق سندس رايو پڇيو. چيائين ته ”ٽئگور نه فقط بنگالي زبان جو پر مشرق جو عظيم ترين شاعر آهي. هن جي شاعريءَ ۾ اهو لطف آهي، جو نديءَ جي سطح تي شفق جو پاڇو پيدا ڪندو آهي. هن جي سٽ سٽ ۾ ڪمند جي ڳني جي رس آهي. جنهن ۾ تازگي به آهي ۽ شيريني به.“ مون کانئس پڇيو ته ”نذرالاسلام جي شاعريءَ متعلق تنهنجو ڇا رايو آهي؟“ چيائين ته ”تو ڏٺو آهي ته مڇرن جي خوف کان ديهاتي ڇيڻا دکائي دونهون ڪندا آهن. نذرالاسلام جي شاعري اهو دونهون آهي. ان ۾ نه شيريني آهي نه لطف، ان ۾ فقط ابهام آهي. بهر صورت هن جي شاعري افادي آهي. ٽئگور ۽ نذرالاسلام جو مقابلو ائين آهي جيئن برهمپترا ۽ ننڍي چرخي واري کوهه جو. ڪوشش ڪرڻ سان نذرالاسلام مان به ڪجهه پياس ٻجهي ٿي.“ مون کيس ٻڌايو ته مان مشرقي بنگال مان ٿي آيو آهيان؛ ۽ هيٺيان دوها جي مون پوري گنگا نديءَ جي گهاٽ تي ويهي لکيا هئا، تن جو انگريزيءَ ۾ ترجمو هن کي ٻڌايم:
پورنماسي پوري گنگا، ٿڌڙي ٿڌڙي واءُ،
ٽلي پيو ٽئگور ڪنڌيءَ تي اچي پيو پرلاءُ.
ڪوي، اسان پر نام ڪيو سين، چميا اوهان جا پير،
ڪوي ڏسين ٿو ڪلجڳ آڻي ڪيڏا ٿو انڌير!
ڪوي ڏٺا آهن توکان پوءِ ڪيڏا اسان ڪلور،
سچ کي سوريءَ تي چاڙهيو ويوماٺ رهيا منصور!
پروفيسر جي مرڪ ۾ هن جا ڳاڙها ڏند هيرن وانگر چمڪڻ لڳا. جذباتي خلوص جي گرميءَ ۾ هن جو منهن ٻهڪڻ لڳو. هو پر جوش آواز ۾ چوڻ لڳو، ”اهو وقت دور نه آهي، جڏهن انسان ادب کي متروڪ جائداد نه سمجهندا. عظيم شاعر ۽ فنڪار ڪنهن فرقي، مذهب، زبان يا قوم جي ملڪيت نه آهن. هو سج وانگر سڀ کي گرمي ۽ چنڊ وانگر سڀني کي روشني پهچائيندا رهندا!“ هن مون ڏانهن هٿ وڌائي منهنجي هٿ کي دٻايو. مون ائين محسوس ڪيو، ڄڻ اهو ڪاريهر جي ڦڻ جهڙو هٿ مون کي ڪامڻ بخشي رهيو هو. ان وقت هڪ ٿيڻ وارو هو. مون گهڙي ڏسي، پروفيسر کان موڪلايو، ۽ هڪ ننڍڙي پهاڙي ڇوڪري کي رستي ڏيکارڻ لاءِ ساڻ کڻي، گاف هوٽل ڏانهن ٻيپهريءَ جي ماني کائڻ ويس.
پيچرو کپر نانگ وانگر پيچ کائيندو، پهاڙيءَ تي ٿي ويو. مون کي رستي تي ڇوڪري ٽٽل ڦٽل اردوءَ ۾ ٻڌايو ته هن جو نالو رخسار هو. هن جو پيءُ گذريل سال مري ويو هو ۽ کيس ۽ سندس ماءُ کي هن جو مامو پاليندو هو. هن جو مامو ٻين پهاڙين وانگر پٿر ڪٽيندو هو ۽ کيس روزانو هڪ رپيو ملندو هو. ڪجهه ڏينهن ٿيا ته پٿر ڪٽندي هن جي مامي جي اک ۾ زور سان پٿري لڳي ويئي ۽ کيس مريءَ ۾ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو. ”صاحب، اسان جي ڀونگي گاف هوٽل جي ويجهو ئي آهي، اسان جي گهر هلندين؟“ هن نهايت معصوميت سان پڇيو. مون هن کي ننهن کان چوٽيءَ تائين جاچيو، پر نه هن اکيون ڇنڀيون نه هن جي منهن جو وَنُ بدليو. مون ڪنڌ ڌوڻي هائو ڪئي. هو پيچرو ڇڏي درختن مان هلڻ لڳو ۽ ٿوري وقت ۾ هڪ ڀونگيءَ وٽ پهتو. ڀونگيءَ کي پراڻي ديال جو تاڪائون در هو، جو اندران بند هو. هن در جو ڪڙو کڙڪايو ته اندران ڪنهن عورت پهاڙي ٻوليءَ ۾ ڪجهه پڇيو، جنهن جي جواب ۾ ڇوڪري فقط پنهنجو نالو کنيو. ٿوريءَ دير ۾ درکليو ۽ اسين اندر وياسين. جيڪڏهن ڪنهن پهاڙيءَ مان ڇپ اکلي ڪري ها، ته شايد مون کي ايترو ڌڪ نه لڳي ها. مون ڏٺو ته جنهن عورت در کوليو، سا اها ساڳي پهاڙي عورت هئي، جا مون گاف گرائونڊ تان ويندي پيچري تي ڊوڙندي ڏٺي هئي؛ ۽ ڪمري جي فقط هڪ ئي کٽ تي گائيڊ پنهنجي خاڪي قميص لاهي گنجيءَ ۾ ويٺو هو. مان حيرانيءَ ۾ ڏسي رهيو هوس ته گائيڊ مرڪي چيو ته ”وڪيل صاحب، ويهو نه! هن وٽ ٻي پهاڙڻ به آهي، اها هن کان ننڍي آهي ۽ فقط پنج رپيا وٺندي آهي.“ مان پٺتي موٽيس ۽ گاف هوٽل ڏانهن تيزيءَ سان وڃڻ لڳس. منهنجو من گائون مائون ٿي رهيو هو. ”يا خدا! يا خدا!.....“ مون کي ڀنواٽي اچڻ لڳي، ”يا خدا، تنهنجو جلوو به پيشو ڪري ٿو!“
هاڻي چار لڳا آهن.مان گاف هوٽل جي ڪمري ۾ ويٺو آهيان ۽ توڏانهن هي خط لکي رهيو آهيان. ٻاهر زور سان بارش پئجي رهي آهي، جنهن ۾ سامهون لان ۾ پوکيل زرد گلن جون شاخون لڏي لمي رهيون آهن. مان سوچي رهيو آهيان ته قدرت هنن گلن کي پيٽ ڇو نه ڏنو آهي، انهن کي بک ڇو نه بڇي آهي، انهن کي پيشي ڪرڻ تي ڇو نه مجبور ڪيو آهي؟...... هو ايتري سڪون ۽ هو ايتري اطمينان سان لڏي رهيا آهن. جو دل ۾ اچي ٿو ته انهن سڀني کي ڏانڊين سوڌو ڪپي اچان، انهن کي ڪمري جي فرش تي اڇلي پيرن هيٺان لتاڙيان، ۽ پوءِ انهن کي کڻي سامهون واريءَ ڪرستانن جي ديول ۾ مريم جي بت جي پيرن هيٺان رکان!
پريان بس جي هارن جو آواز بار بار اچي رهيو آهي. موٽڻ جو وقت ٿيو آهي ۽ شايد مون کي سڏين ٿا. ڀلي وڃن، مان وڃڻ نه ٿو چاهيان.
سامهون برساتي ڪوٽ ۾ ويڙهيل بنگالي پروفيسر لڪڻ ٽيڪيندو، مزي سان فعولن فعولن جي وزن جي ڌن تي اچي رهيو آهي. هن جو ڪوٽ تان برسات جون بوندون ڪري رهيون آهن. هن جو جسم برسات کان ايترو دور آهي، جيترو هن جو روح هن جي ماحول کان.

چڱو سنڌڙيءَ لاءِ سلام!

_ تنهنجو پنهنجو

________
5
________

گاف هوٽل، ڀوربن
21 _ آگسٽ


ادا،
ڀوربن نهايت سانتيڪي جاءِ آهي. هتان جي گلن ۽ درختن سان منهنجي دوستي ٿي ويئي آهي ۽ انهن کي ڇڏيندي وڇوڙي جو احساس ٿو ٿئي. هوٽل ۾ مون ۽ بنگالي پروفيسر کان سواءِ ٻيا سڀ آمريڪي ۽ انگريز آهن. ڪالهه ساري شام پروفيسر سان گذري. ڪافي دلچسپ انسان آهي. هن جو رنگ روپ ته مون توکي اڳئي لکيو آهي، پر هينئر مونکي پنهنجي بي معنيٰ بڇان تي شرمندگيءَ جو احساس ٿي رهيو آهي. هن جو جسم ته رات وانگر ڪارو آهي، پر هن جو روح مان چانڊوڪي وسي رهي آهي. هن جي عمر ٻاونجاهه ورهيه آهي ۽ اڃا تائين ڪنوارو آهي _ شايد پنهنجيءَ صورت جي احساس هن کي تنهائيءَ جي زندگيءَ تي مجبور ڪيو آهي _ شايد عورتون فقط رنگ روپ تي مرنديون آهن. هو بيحد تنها آهي _ هڪ خاموش، ويران کنڊر وانگر تنها؛ پر ان کنڊر ۾ گذشته زندگيءَ جا هزارها نقش ونگار آهن. هن انگريزي حڪومت خلاف اشتعالي تحريڪ ۾ ڪافي حصو ورتو، ۽ جوانيءَ جا مسلسل ڇهه سال جيل ۾ رهيو هو. هن مون کي جيل جي زندگيءَ جا عجيب تجربا ٻڌايا. هن چيو ته ڦاسيءَ جي ڦندي تائين پهچي به قيديءَ کي اميد رهندي آهي ته ڪنهن نه ڪنهن طرح سندس زندگي بچي ويندي؛ زندگي اميد جي محبوبه آهي ۽ اميد هن جو هر جاءِ تي پيڇو ڪندي رهندي آهي. هن جيل ۾ رهي يوگ، ويدانت، هندي ادب ۽ آرٽ جو گهرو مطالعو ڪيو هو. سزا ڪاٽڻ بعد هن ڪيئي ڀيرا آجنتا جي غارن ۾ چڪر ڏنا هئا. ڪڏهن ڪڏهن آگري ويندو هو ۽ ساريون راتيون تاج محل جو عڪس جمنا ۾ ڏسندو رهندو هو. جڏهن تاج محل ۽ چنڊ ٻيئي جمنا جي لهرين ۾ لڙهندا آهن، ته ائين محسوس ٿيندو آهي ته چنڊ جنهن جاءِ کي آسمان ۾ ڳولي ٿڪو هو، سا کيس زمين تي ملي ويئي آهي. هن ٻڌايو ته هن جڏهن پهريون ڀيرو اجنتا جا غار ۽ تاج محل ڏٺو هو، ته هن کي هڪ مبهم احساس ٿيو هو ته هن اهي سالها سال اڳ ڏٺا آهن، ڪٿي ڪنهن ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل زماني ۾ _ شايد هو خود ان وقت مصور هو ۽ صبح کان شام تائين اجنتا جي ديوارن تي تصويرون ڪڍندو رهيو هو _ شايد هو ڪنهن وقت سنگتراش ۽ معمار هو ۽ هن تاج محل جا پٿر گهڙي لڳايا هئا. هن ٻڌايو ته هن بنگالي زبان م شهنشاهه اڪبر جي زندگيءَ ۽ حڪومت جي پس منظر ۾ ناول لکيو آهي، پر ڪنهن سبب ڪري اهو شايع نه ڪرائي سگهيو آهي. اهو چئي، هن ٿڌو ساهه ڀريو _ ٿڌو ساهه، جو صاف چئي رهيو هو ته هو ايترو تنها ڇو آهي، ايترو ويڳاڻو ڇو آهي. مون چاهيو ٿي ته هن کي ٻڌايان ته مان به ساڳيءَ طرح پنهنجي زندگيءَ جي ڪافي هنگامه آراين جي باوجود ساڳي تنهائي محسوس ڪندو آهيان؛ مان به محسوس ڪندو آهيان ته منهنجو روح اجنتا جي غارن ۾ ڀٽڪيو آهي، منهنجن هٿن تاج محل جا پٿر ڪٽيا آهن. شام جو اسين پهاڙي رستن تي گهمندا رهيا سين. پروفيسر سان هن جو السيشن ڪتو ساڻ هو، جنهن کي هو بيحد پيار سان ڏسي رهيو هو. هن ڪتي جي پٺيءَ تي هٿ ڦيري چيو، ”اڄڪلهه انسان کان هي ڪتو هزار بار بهتر آهي.“ ان تي مون هن کي چيو، ”پروفيسر صاحب اوهان خود ٿي فرمايو ته زندگي اميد جي محبوبه آهي ۽ اميد هن جو هر جاءِ تي پيڇو ڪندي رهندي آهي!“ هو خاموش ٿي ويو ۽ وري ڪجهه نه ڳالهايائين. مان لطيف سائينءَ جو بيت جهونگارڻ لڳس:
”الا اچن اوءِ، جن آئي من سرهو ٿئي،
پسان آءٌ پر ڪنهين، سندي جتن جوءِ،
گولي ٿيان گل بوءِ جي سڃاڻينم ساٿ ڌڻي!
الا پروفيسر کي ڪهڙي خبر ته اها سٽ، ”گولي ٿيان گل بوءِ، جي سڃاڻيم ساٿ ڌڻي“، منهنجي روح تي ڪيتري تنهائي وسائي رهي آهي!
انسان جڏهن خاموش ۽ تنها آهي، تڏهن نه خاموش آهي نه تنها. هن جي ذهن ۾ ڪيئي ڳالهيون هلن ٿيون؛ ڪيئي دور دور جا ماضيءَ جي ڌنڌ ۾ ويڙهيل انسان اوچتو اس وانگر ظاهر ٿين ٿا. معلوم نه آهي ته پروفيسر ڪٿي وڃي پهتو هو! مون کي مشرقي بنگال جو هڪ عجيب واقعو ياد اچي رهيو هو. مان ۽ منهنجو دوست چاٽگام جي ”مشڪا“ هوٽل ۾ لٿل هئاسين. سامهون ڪمري جي دريءَ مان هزارها ڪيلي، ناريل، سوپاريءَ ۽ بانس جا وڻ نظر اچي رهياهئا. مون هوٽل جي بيري کان پڇيو ته ”هتي ڏسڻ جهڙيون جايون ڪهڙيون آهن؟“ جنهن تي هن ٻن چئڻ جاين جا نالا کنيا، جن ۾ ”بازو بستان“ به هو. مون ”بستان“ لفظ مان سمجهيو ته ڪو قابل ديد باغ هوندو. ٿوريءَ دير ۾ مان ۽ منهنجو دوست ٽئڪسيءَ تي اتي پهتاسين. بازو بستان چٽگام شهر کان سورهن ميل پري هو. ٽئڪسي جتي رڪي، اتي پنج ڇهه ننڍڙا دڪان هئا، جن ۾ مختلف قسمن جي ڪيلن جا ڇڳا لٽڪي رهيا هئا ۽ ٽامي جي ٿالهن ۾ ٻه _ چار ڏينهن اڳ ڪٽيل ڳائو گوشت رکيو هو، جنهن جي گهنجيل زرد چرٻي اسان جي من کي گائون مائون ڪرڻ لڳي. ڪيترائي بنگالي مسلمان اتان ڪيلا ۽ ڳائي گوشت جا ٽڪر خريد ڪري اڳتي ٿي ويا. اسين انهن جي پٺيان وياسين. ٿوري پنڌ تي هڪ وڏو تلاءُ نظر آيو، جنهن ۾ ميرانجهڙو پاڻي ۽ تمام وڏيون ڪراڙيون ڪميون نظر آيو، جن ڏانهن بنگالي، ڪيلا ۽ ڳائي گوشت جا ٽڪر ڦٽا ڪري رهيا. اسان ٻن چئن کان اردوءَ ۽ انگريزيءَ ۾ ان باري ۾ پڇا ڪئي، پر هو اهي ٻيئي ٻوليون نٿي سمجهي سگهيا. هڪڙي سامهون اشارو ڪيو، جتي هڪ جديد قسم جو درگاهه ٺهيل هو. اسين اوڏانهن وياسين ۽ درگاهه جي مجاور کان، جو اردو چڱيءَ طرح سمجهي ۽ ڳالهائي سگهيو ٿي، پڇا ڪئيسين. هن چيو ته اتي حضرت بايزيد بسطاميءَ جي مزار هئي، جنهن کي کارڙ بنگاليءَ ۾ ”بازو بستان“ چيو ويندو آهي. ”جڏهن يايزيد بسطامي هتي آيو هو، تڏهن اتي ديو رهندا هئا. حضرت اتي چلو پچايو هو ۽ اسلام جي ڪرامت سان ديون کي ڪميون ڪري ڇڏيو هئائين. صدين کان اهي ديو اڃا ڪميون آهن، جي انهيءَ تلاءَ ۾ تڙڳن ٿيون.“ مون وڏو ٽهڪ ڏيئي چيو، ”هائو، مجاور بابا! هي الله لوڪ واقعي ديون کي ڪميون بنائي ٿا وجهن، ۽ اهي ڪيئي صديون ڪميون ٿي رهن ٿا.“ مجاور جي ڪارين واڇن تي مرڪ ائين آئي، جيئن اوچتو باهه تان لٿل تئو کلڻ لڳي.
جڏهن هوٽل وٽ پهتاسين ته پروفيسر ڪتي جي پٺيءَ تي هٿ ڦيري، ان سان ڳالهائڻ لڳو: ”چڱو جو اوهان جي قوم مذهبي تفرقي جي قائل نه آهي، نه ته هڪٻئي کي چڪ پائي مرو ها.“ مون مرڪي پروفيسر ڏانهن ڏٺو. هو اڃا ديو هو، ۽ هن کي ڪابه ڪرامت ڪمي بڻائي نه سگهي هئي.... هاڻي ننڊ ٿي اچي.

_ تنهنجو پنهنجو
________
6
________

گاف هوٽل، ڀوربن
23 _ آگسٽ

ادا،
ڪالهه ساري رات وڏ ڦڙو وسندو رهيو. سارو ڀوربن ڌنڌ ۾ ويڙهجي ويو هو. ڪڏهن ڪڏهن وڄ ٻه _ منهينءَ وانگر ڪڪرن کي ڏنگي رهي هئي. کنوڻ جي اجالي ۾ ڪڪرن جا ڌنڌ ۾ ويڙهيل پهاڙ ائين ٿي لڳا، ڄڻ ديو دونهون دکائي ويٺا هئا. ڀوربن ۾ بجلي ڪانه آهي. مون هوٽل جي مالڪياڻيءَ کان ٽي شمعدان ۽ هڪ هٿ بتي ورتي ۽ شمع جي روشنائيءَ تي ٽالسٽاءِ جو ناول ”ائنا ڪريننا“ پڙهندو رهيس. اهو ڪتاب مون اڳي به پڙهيو هو، پر ان وقت ذهن جي ارتقا ايتري نه هئي، جو ٽالسٽاءِ جي ڪردار نگاريءَ جو پورو لطف وٺي سگهان. اهڙيءَ طرح مون مغرب جو ٻيو به ڪلاسيڪي ادب بار بار پڙهيو آهي ۽ هر بار ان مان نئون لطف آيو آهي. مون مغرب جا جديد ۽ قديم دور جا گهڻو ڪري سڀئي ناول پڙهيا آهن، ۽ منهنجي خيال ۾ ٽالسٽاءِ جي مقابلي جو ادب اڃا تائين دنيا پيدا نه ڪيو آهي. انسان جي ڪمزوريءَ ۽ ڪچائيءَ جي ايتري شناس ۽ ان جي باوجود انسان ذات سان ايتري محبت، ماحول جي اهڙي دلڪش عڪاسي ۽ تاريخ جي ارتقا جو اهڙو صحيح اندازو، انسان جي ابدي مسئلن، جهڙوڪ زندگي ۽ موت جواني ۽ پيري، گناهه ۽ ثواب وغيره جو اهڙو گهرو مطالعو ۽ شگفته نظريو دنيا جي ٻئي ڪنهن اديب ۾ نه آهي. خصوصاً سنڌي اديب لاءِ ته ٽالسٽاءِ جو مطالعو بيحد ضروري آهي. ڇاڪاڻ ته اسين به انهيءَ زمينداري ۽ جاگيرداري نظام مان نڪري رهيا آهيون، جو ٽالسٽاءِ جي دور ۾ هو. ادا، مون کي سنڌيءَ جي نوجوان اديبن لاءِ اها شڪايت آهي ته هو مطالعو بلڪل نٿا ڪن. اهو دور ختم ٿي ويو، جڏهن ”ناسخ“ ۽ ”انشا“ جا چار غزل پڙهي، اسان جا شاعر انهن جي قافين ۽ رديفن تي طبع آزمائي ڪندا هئا ۽ اردو زبان جون ورهين کان لتاڙيل ترڪيبون، تمثيلون ۽ تشبيهون هنن جي سڄي ادبي دنيا هوندي هئي. منهنجي ادب جي ابتدا انهيءَ دقيانوسي قسم جي شاعريءَ ۽ ادب سان بغاوت سان ٿي هئي. مونکي اهو ڏسي تعجب ٿو اچي ته انهيءَ دؤر جي ختم ٿيڻ بعد اسان جا اديب انهن جديد اردو شاعرن جي محاورن ۽ خيالن جي تقليد ڪري رهيا آهن، جي شاعراردو زبان جي تاريخ ۾ ”ناسخ“ ۽ ”انشا“ جي پايي تي به نه پهچي سگهندا. مون اردوءَ ۾ هزارين شعر لکيا آهن. اگرچ ان ۾ منهنجو زياده تر مقصد اهو آهي ته سنڌ جي عظيم ادبي شخصيتن جا منظوم ترجما ڪري، انهن کي پاڪستان ۽ هندستان جي ادب سان روشناس ڪرايان، ۽ توکي خبر آهي ته انهن ترجمن اردو ادب ۾ ڪيتري مقبوليت حاصل ڪئي آهي، پر مان يقين سان چوان ٿو ته اردو زبان هڪ تخريبي دور جي زبان آهي ۽ ان ۾ اها وسعت ۽ صلاحيت نه آهي، جا سنڌي زبان ۾ آهي. اردوءَ جا زياده تر اديب بلڪل سطحي انشا پرداز آهن، جن جو علمي استعداد بلڪل محدود آهي. انهن ۾ نه خيالات جي انفراديت آهي ۽ نه زبان جو حسن. خصوصاً اردو جا افسانه نويس فقط لفاظيءَ نقاليءَ کان سواءِ ڪجهه نه ڄاڻن، ۽ سندن دنيا جي ادب جو مطالعو بيحد محدود ۽ انساني فطرت جي ڄاڻ بنهه گهٽ آهي. اردو ادب جي تقليد سنڌي اديبن جي ذهني ارتقا لاءِ مهلڪ ثابت ٿيندي. جيستائين اسان جا اديب خصوصاً يورپ ۽ آمريڪا جي جديد ۽ قديم ادب جو مطالعو نه ڪندا تيستائين هنن کي چڱي ۽ بري ادب جي صحيح پرک نه پوندي. منهنجو مطلب اهو نه آهي ته اردو ادب جي تقليد ڇڏي، مغربي ادب جي تقليد ڪئي وڃي. مان هر تقليد جي خلاف آهيان. هر چڱي ادب ۾ اديب ۽ ان جي قوم ۽ زبان جي انفراديت ۽ اصليت آهي. جيستائين ڪنهن سنڌي اديب گهٽ ۾ گهٽ ”شاهه“ ، ”سچل“ ۽ ”ساميءَ“ جو گهرو مطالعو نه ڪيو آهي ۽ هو پنهجي تاريخ روايات ۽ ماحول جو چڱيءَ طرح واقف نه آهي، تيستائين هو سنڌي زبان ۾ چڱو ادب پيدا نه ٿو ڪري سگهي. منهنجو مقصد فقط اهو آهي ته دنيا جي ادب جو مطالعو اسان جي زندگيءَ ۽ ادب جي نظريي ۾ ڪافي وسعت پيدا ڪندو. دنيا جي ادب ۾ هندستان، ۽ خصوصاً مشرقي ۽ مغربي بنگال جو ادب توجهه جي قابل آهي.
ادا، مان ته ڄڻ پاڻ سان ڳالهائي رهيو آهيان، نه ته تنهنجي ادبي ذوق لاءِ اهڙي تقرير جي ڪهڙي ضرورت آهي. تنهنجي وسيع مطالعي کان ڪنهن کي انڪار ٿي سگهي ٿو. مان به عجيب آهيان، قلم جي وهڪ ۾ لڙهندو ٿو وڃان!
ادا، رات ٻارهين بجي تائين ڪتاب پڙهندي اک لڳي ويئي. خبر نه آهي، خواب هو يا حقيقت، پر مون کي ته حقيقت ٿي لڳي. مون ڏٺو ته هڪ حسين ترين عورت منهنجي سيرانديءَ کان ويٺي آهي. هن کي ڀرت سان ڀريل چولو پيو هو ۽ کيس ڳچيءَ ۾ خوبصورت دهري پيئي هئي. هن جي ٻانهن ۾ عاج جي ٻانهين هئي ۽ اکين ۾ گهرو ڪارو ڪجل. هن پنهجيون ڊگهيون چوٽيون نفاست سان منهنجي منهن تي هڻي، پڇيو ته ”جاڳين ٿو؟“
مون ڇرڪي چيو، ”تون ڪير آهين؟“
”تون مون کي نٿو سڃاڻين؟“ هن مرڪندي چيو، ”تنهنجو منهنجو ازل جو سڱ آهي. تون ننڍو هئين ته مان تنهنجي روح ۾ ڪتڪتايون ڪندي هيس. تون جوان ٿئين ته مون پنهنجو حسن ۽ جواني تنهنجي نذر ڪئي. تو ڪيئي چانڊوڪيون ۽ اونداهيون مون سان گذاريون آهن. تون ته چوندو هئين ته تنهنجيءَ آغوش کان وڌيڪ عيش دنيا جي ڪنهن به شيءِ ۾ نه آهي! تون مون کي نٿو سڃاڻين؟“
مون اکيون ڇنڀي، هن کي غور سان ڏسي چيو، ”اڙي، تون ته شاعري آهين! چري، تون گذريل ٻه سال ڪٿي هئينءَ؟ مون توکي نگري نگريءَ ۾ ڳوليو آهي. چاٽگام جي رنگا رنگ گلن ۾. زيارت جي پهاڙي چشمن ۾! تون ڪٿي هئينءَ؟ توکي اهو خيال به نه آيو ته مان توکان سواءِ بلڪل تنهائي محسوس ڪندو آهيان.“
هن کلي چيو، ”هل ڪوڙا! فريبي! تون فقط مون سان محبت ٿوروئي ڪندو آهين. مان ته تو سان سچي آهيان. مان چوريءَ تو وٽ ايندي آهيان ۽ وٿيءَ مان ليئو پائي ڏسندي آهيان ته ڪڏهن تون ننڊ سان پيار ڪندو نظر ايندو آهين، ڪڏهن دولت سان. مون کي حسد ٿيندو آهي ۽ غصو ايندو آهي، سو مان چپ چاپ موٽي ويندي آهيان.“
”چري، مان انهن سان پيار ٿوروئي ڪندو آهيان. تون نه هوندي آهين ته پوءِ انهن سان دل وندرائيندو آهيان. تون صبح شام مون وٽ رهين ته مون کي ٻيو ڇا گهرجي!“
”چوين ته صبح شام تو وٽ رهي پوان، پر پوءِ جلد ئي خفي ٿي پوندين. چريا، وڇوڙو سڪ وڌائيندو آهي!“
هن پوءِ مون کي هٿ کان وٺي اٿاريو ۽ ميز تائين وٺي آئي. ياد نه آهي ته هن تيلي ٻاري شمع جلائي، يا مون. روشني ٿي ته هوءَ پٺتي هٽندي ويئي. ان وقت رات جا ٻه لڳا هئا. مون محسوس ڪيو ته هوءَ اتي ڪٿي ڪمري ۾ آهي، پر نظر نٿي اچي. پوءِ مان صبح تائين لکندو رهيس، ۽ ائين ٿي لڳو ته لکڻ وقت هن جو مينديءَ رتو هٿ منهنجي هٿ تي رکيل هو ۽ گذريل واقعات رکيل انگوري شراب وانگر مدمستيءَ واري خوشبو ڏيئي رهيا هئا. شمع تي شمع جلندي رهي..... ڪوئي پتنگ ڪونه هو، فقط منهنجا خيال کنڀرا ٽيون هڻي رهيا هئا ۽ منهنجيءَ جاڳ ۾ جرڪي رهيا هئا.

_ تنهنجو پنهنجو

سوات ۽ پشاور مان آگسٽ 1961ع ۾ لکيل چار خط

________
1
________

سوات هوٽل
سيدو شريف، واديءَ سوات
7 _ آگسٽ، 1961ع

ادا،
ڪالهه سيدو شريف پهتاسين. سوات هوٽل جي ڪمري ۾ سامان رکي، ڪپڙا بدلائي، ٻاهر نڪتاسين ته شام ٿي ويئي هئي. ميران کي ڪاسني ساڙهي پيئي هئي. مون هوٽل جي لان مان هڪ ڪرمچي گل ڇني هن جي چوٽيءَ ۾ اٽڪايو ۽ هن کي چيو، ”هل ته بازار مان ڪجهه خريداري ڪيون.“ مون کي ياد آيو ته ٽيون ڏينهن پنڊيءَ کان پشاور ايندي، جڏهن گاڏي اٽڪ جي پل تان لنگهي، ته ميران پنهنجن وارن مان گل ڪڍي، سنڌوءَ ۾ وڌا ۽ ريل جي دريءَ مان ڪيتريءَ دير تائين اٽڪ جي پهاڙن ڏانهن ڏسندي رهي، جتان سنڌو وهي رهي هئي. جڏهن سنڌو نظر کان هٽِي ويئي، تڏهن مون ڏانهن منهن ڪري چيائين؛ ”هتي سنڌو ڪهڙي نه تنگ آهي ۽ ڪهڙي نه خاموش!“
هوٽل مان نڪتاسين ته سامهون پهاڙ نظر آيا، جن جي چوٽيءَ تي شفق ڪنهن اشتعال پسند جي تخيل وانگر ٻري رهي هئي. ڪڏهن ڪڏهن رستي تي ويندڙ موٽر _ رڪشا يا ڪار سانت جي ڇاتيءَ مان ڇريءَ وانگر ٿي نڪري ويئي. سڙڪ صاف سٿري هئي، جنهن جي ٻنهي پاسي دلاويز درخت هئا. مان سوچي رهيو هوس ته هن ڪائنات ۾ ڪوئي ازلي شعور نه آهي؛ هر واقعي، هر مظهر جو وجود اتفاقي آهي. هيءَ شاداب وادي ۽ منهنجيءَ سرزمين جا بيابان، ٻيئي فقط جاگرافيءَ جو اتفاق آهن. جيڪڏهن ڪوئي شعور، حسن ترتيب يا ارتقا جي تمنا آهي ته فقط انسان کي آهي؛ فطرت نابين حسينه آهي، پر انسان ۾ اهو شعور، اهو حسن ترتيب، اها ارتقا جي تمنا ڪٿان آئي؟ ڇا انسان انهيءَ نابين فطرت جو حصو نه آهي؟ ڇا هو ذي شعور فقط حسنِ اتفاق سبب آهي؟ ڇا منهنجو هيءُ جنون هيءَ شاعري، هي حسن فطرت ۾ محويت، سڀ اتفاقي آهي؟
”ڇا ٿو سوچين؟“ ميران پڇيو.
”سوچيان ٿو ته ڪائنات جا اسرار تنهنجن زلفن کان زياده منجهيل آهن.“
”۽ منهنجين اکين کان زياده حسين به آهن؟“
”نه“
”ڀلي منجهيل رهن، پوءِ ڇا!“
پوءِ ڇا! پوءِ ڇا! هن ڪائنات جا اسرار ڪوئي به نه سمجهي سگهيو آهي، شايد ڪوئي به چڱيءَ طرح سمجهي نه سگهندو.ل پر پوءِ ڇا! آفتاب جو پويون شعاع حسين آهي، شفق آلود ڪوهسار حسين آهن، ميران جون ڪاريون ڪجليون اکڙيون حسين آهن؛ ڇا انهيءَ لمحاتي حسن سان محبت ڪافي آهي! انهيءَ جي ابدي اسرار جي تلاش ڇا لاءِ!
اٽڪل فرلانگ پنڌ تي ٿاڻو هو، جتي ڳاڙهيءَ ٽوپيءَ سان ڪوئي پوليس عملدار بيٺو هو ۽ اسان کي گهوري رهيو هو. هتي اها گهور هر ڪنهن اک ۾ آهي. هتي مون اکين جون عجيب ڪيفيتون ڏٺيون آهن؛ سکڻيون سکڻيون اکيون، پينوءَ جي پاند وانگر پالهيون اکيون، رهزن جي رهٽ وانگر ڇرڪائيندڙ اکيون، بکئي واگهه جون اکيون، ڇتي بگهڙ جون اکيون؛ اکيون، جي رومڙ ڪري عورت جي ڇاتيءَ تي ٿي پهتيون ۽ ان کي ڌونڌاڙي، ڇيڇاڙي پنهنجيءَ ڏر ۾ ٿي موٽيون ۽ پنهنجي هيانو ۾ چچريل، ڇنل ماس ڦهلائي ٿي ڇڏيائون. مون کي زيارت جي هڪ شام ياد آئي. مون سان چار پنج دوست ساڻ هئا، ۽ سڀيئي ساڳئي ڏينهن ڪوئيٽيا کان زيارت جيپ ۾ آيا هئاسين. سئنڊيمن تنگيءَ ۽ زيارت- لورالائي روڊ تي پهاڙي چشما ڏسي موٽياسين مس، ته شام ٿي ويئي ۽ بدن ۾ ڪجهه ميٺاندو ٿيڻ لڳو. ان وقت سڀني طئي ڪيو ته برانڊي پيئجي.
بازار ۾ صرف هڪڙو ئي گتو هو. سو به ديسي شراب جو، جنهن تي خالص اسپرٽ جون بوتلون رکيون هيون، جن تي ”ڪورا شراب“ لکيل هو. ”ڪورا شراب“ پيئڻ لاءِ ته ڪنهن راوڙي جي اڻڀي آنڊي جي ضرورت هئي ۽ اسين سڀ سنڌي هئاسين، ڳائي مکڻ تي پليل منهن ڀيلو ڪري دڪان تان لٿاسين ۽ رستن تي چڪر ڏيڻ لڳاسين. ساري ڏينهن ۾ اسان کي ڪائي عورت نظر نه آئي هئي. اوچتو اسان مان ڪنهن چيو ،
”ٻه ڄنگهي!“
”آڙي“
”ڊيل“
”ڪونج“
”ڪورا شراب جون ٻه بوتلون.“
”ڪورا ڄٽ!ٰ تنهنجن لفظن ۾ ڪوئي ترنم نه آهي.“
”ترنم هجي نه هجي، ٿڌ ته لهندي.“
مون مرڪي ان طرف ڏٺو، جيڏانهن هو سڀ ڏسي رهيا هئا. پريان ديسي شراب جي دڪان تي هڪ بيپرده عورت بيٺي هئي. ويجهو وياسين ته مايوسيءَ جي انتها نه رهي. اها عورت اتان جي ڀنگياڻي هئي ۽ هٿ ۾ ٻوهارو جهلي بيٺي هئي. منهنجي دوست يڪدم ڪورا شراب جون بوتلون ورتيون ۽ اسان کي چيو، ”واقعي ٿڌ ته لهندي.“
ٿاڻي لڳ هڪ نهايت سوڙهي، گندي گهٽي هئي، جنهن ۾ ڪُڙهه جهڙا ويهه پنجويهه دڪان هئا، جن کي بازار ٿي چيو ويو. گهٽيءَ جي هڪ پاسي اٽڪل پندرهن فوٽ ويڪري گهري نالي هئي، جنهن ۾ گندو پاڻي ٿي وهيو. اوچتو اسان کي ٻه ٽي ٻار ويڙهي ويا ۽ آڱر سان اشارو ڪري چوڻ لڳا، ”ماستا! ماستا!“ اسان هنن جي اشاري طرف ڏٺو ته ڪجهه ننڍيون ۽ وڏيون ڏهيءَ جون پياليون نظر آيون، جن تي ڪيئي مکيون ويٺيون هيون، جي ڪنهن بختون ڇوڪري جي اڇي منهن تي وڏيءَ ماتا جي داڻن وانگر ٿي لڳيون. ڏهيءَ کي سواتي پشتو ۾ ”ماستا“ ٿي چيائون. مون سڀني کي ٻه ٻه آنا ڏنا، جي يڪدم دڪاندار کي ڏيئي، هنن ڏهيءَ جون پياليون خريد ڪيون ۽ انهن کي ڪتڙن وانگر لڪڻ لڳا. ڏهيءَ جا ريڳاڙا هنن جي واڇن وٽان وهي، ڪوڙهه جي چٽن وانگر ٿي لڳا. ٿورو پريان ناليءَ جي ڪپ تي ڳاڙهي پٿر جي عظيم الشان مسجد هئي، جنهن مان ٻانگ اچي رهي هئي _”اچو صلوات لاءِ، اچو فلاح لاءِ!“ اسان مسجد جي در تائين وڃي موٽياسين. رستي تي هڪ سواتي اڱرن تي مڪئيءَ جا سنگ پچائي رهيو هو ۽ هو ڪو ڏئي رهيو هو، ”يو يو آني، يويو آني!“ (هڪ آني ۾ هڪ، هڪ آني ۾ هڪ). گويا وحدت الوجود جو قائل هو.
سج پهاڙن پٺيان لهي ويو هو؛ گهاٽا ناسي ۽ ڀورا ناسي پهاڙ ڌيري ڌيري اوندهه جي آغوش ۾ اچي رهيا هئا. هوٽل ۾ پهتاسين ته ديسي چلغوزي جي وڻ مان هوبهو چنگ جو آواز اچي رهيو هو، جو هڪ جيت ڪري رهيو هو، جنهن کي مقامي زبان ۾ ”پکروٽ“ چوندا آهن. اسان اچي هوٽل جي بار ۾ ويٺاسين. ريڊيو تي دهلوي قوال، غالب جو غزل ڳائي رهيا هئا:
”مي سي غرص نشاط هي کس روسياه کو
اِڪ کونه بيخودي مجهي دن رات چاهي!“
”پيئندين ته وري صبح جو مٿي ۾ سور پوندءِ. “ ميران ناصحانه انداز ۾ چيو.
”ميران، قوالي ته ٻڌ.“ بيرا! هڪ جن ۽ ور موٿ.“
بيرو ساغر ۾ جن ۽ ورموٿ کڻي آيو. مون ٽيون ساغر پيتو هو، ته هڪ اجنبي جوڙو اچي بارمئن سان ڳالهائڻ لڳو. ۽ ٻن وسڪين جو آرڊر ڏيئي، اچي منهنجي ڀرسان سوفا تي ويٺا. رسمي تعارف بعد معلوم ٿيو ته مرد آمريڪي صحافي هو ۽ عورت فرانسسي افسانه نويس. ڳالهيون ڪندي، هنن مون کان پاڪستان جي هر صوبي جي ادب ۽ صحافت متعلق معلومات حاصل ڪئي. ٿوريءَ خاموشيءَ بعد صحافيءَ مون کان پڇيو:
”هيمنگ وي جي باري ۾ تنهنجو ڇا خيال آهي؟“
”انگريزي نثر ۾ عجيب جدت پيدا ڪئي اٿائين.“
”بس! هو ته دنيا جو منفرد اديب آهي، زنده جاويد آهي.“
”هوندو. مون کي انهيءَ هر اديب ۽ انسان کان نفرت آهي، جو زندگيءَ جي پراسرار حقيقت کي خونريزيءَ ۾ ڳولي ٿو.“
هو خاموش ٿي ويو. ان وقت مون کي جرمن ڊاڪٽر آلبرٽ شوائيٽزر جي ڪائي تصنيف ياد اچي رهي هئي. هو ڊاڪٽر به آهي ۽ فلسفي اديب به. ۽ ڪافي عمر آفريڪا جي جهنگن ۾ ڪارن لوڪن جو علاج ڪندي گذاري اٿائين. تازو هن کي امن لاءِ نوبل پرائيز ملي آهي. هن هڪ تصنيف ۾ لکيو آهي، ”مون کي جهنگل ۾ هڪ هِپو جانورن جو ڌڻ نظر آيو: هو پنهنجيءَ ڌُن ۾ وڃي رهيا هئا. اوچتو، زندگيءَ جو اهو زرين اصول، جنهن جيءَ جستجوءَ ۾ مون ساري عمر دماغ سوزي ڪئي هئي، منهنجي ڌيان ۾ اچي ويو، ۽ اهو آهي
”زندگيءَ لاءِ احترام.“
مون پنجون ساغر پيتو هو. ريڊيو تي ستار مان ٻهه _ ٻهه، ڪري ٻاڻ ٿي نڪتا، جي منهنجي کيپ ۾ ٿي کپي ويا، ۽ خيالات جو ڪکائون لوڙهو ڄڀن ۾ ڄرڪي رهيو هو. ميران فرانسسي افسانه نويس سان ڳالهائي رهي هئي ۽ مون کي ڪائي ياد اچي رهي هئي.هڪ ڀيري رات جي وقت يوگوسلوويا جي ڪنهن وقت نائب صدر، ملو ون جلاس (Milovan Djilas )، جو ڪتاب ”انصاف کان سواءِ سرزمين (Land without justice)“ پڙهي رهيو هوس. ڪتاب بيحد دلچسپ هو. اشتراڪيت کان باغي اشتراڪيءَ جا تاثرات منهنجو مرغوب مطالعو آهن. ان ڪري مون کي آرٿر ڪوئسلر ۽ جارج آرويل جون تصنيفون به وڻنديون آهن. مان هڪ دفعي ڀاڳناڙيءَ کان بيل _ پٽ ڪار ۾ اچي رهيو هوس: اهو لڙي ٽه _ پهريءَ جو وقت هو. سامهون پٽ تي سمنڊ ڇوليون هڻي رهيو هو، ۽ پاڻيءَ ۾ درخت ۽ جايون نهايت پرڪشش ٿي لڳا. جيئن ڪار اڳتي ٿي ويئي، تيئن اهو سمنڊ پٺتي ٿي هٽندو ويو ۽ نيٺ جڏهن سج افق تي پهتو ته غائب ٿي ويو. هر سياسي نصب العين شايد رڃ ۽ اڃ جو پيڇو آهي. ان ڪري مون کي مٿيان مصنف پڙهي، مٿيون بيل _ پٽ جو منظر ياد ايندو آهي.
ادا، مان اشتراڪي نه آهيان، جيتوڻيڪ اڃا تائين مون کي اشتراڪيت جو تسلي بخش نعم البدل ڪنهن به فلسفي ۾ نه مليو آهي. مون کي هر ظلم وتشدد کان نفرت آهي. منهنجيءَ نظر ۾ جو به زندگيءَ جو فلسفو يا نظام، انسان ۽ خصوصاً اديب ۽ فنڪار کان فڪر ۽ عمل جي آزادي کسي، اهو نفرت خيز آهي. مون ڪنهن به انسان جي حرف کي حرف آخر تسليم نه ڪيو آهي. پوءِ اهو ڪارل مارڪس جو هجي يا ٻئي ڪنهن پيغمبر جو. هر انسان جو بنيادي حق آهي ته هو پنهنجي لاءِ بي انتها آزاديءَ سان، پنهنجو فلسفهء حيات ڳولي، پنهنجا دائمي قدر حاصل ڪري، انهن تي عمل ڪري ۽ انهن جو اظهار ڪري. مون تعجب سان سوچيو ته سنڌ جا زياده اديب مون کي اشتراڪي سمجهندا آهن، جيتوڻيڪ مان اشتراڪي نه آهيان. ان ۾ شڪ نه آهي ته مون کي هڪ صحافيءَ جي سامراج پرستيءَ کان نفرت آهي، مون کي هن جي سياهه فام کان نفرت لاءِ نفرت آهي، ۽ نفرت آهي هن جي مصلحت آميز سمجهوتي کان جو بين الاقوامي سياست ۾ هر جبر و تشدد سان هو ڪندو رهي ٿو. مان واقعي هن جي گروهه مان نه آهيان، پر ان جي معنيٰ اها نه آهي ته مان ٻئي گروهه مان آهيان. منهنجو جدلياتي ماديت (dialectical materialism) ۾ اعتبار نه آهي ۽ مان اديب ۽ فنڪار جي مڪمل آزادي جو دلداده آهيان ۽ فن ۽ ادب تي ڪا به پابندي برداشت نه ڪري سگهندو آهيان. مان چاهيان ٿو ته هر اديب ۽ فنڪار کي ايتري آزادي ڏني وڃي، جو هو پنهنجي برسر اقتدار طبقي، قوم ۽ وطن سان اختلاف راءِ جو اظهار ڪري سگهي؛ انهن جي فلسفهء حيات ۽ سياسي نصب العين خلاف آواز اٿاري سگهي؛ ۽ جيڪي به هو سچ سمجهي، ان کي سچائيءَ سان پيش ڪري سگهي. پر اها آزادي هر مطلق العنان حڪومت ۾ (۽ هر اشتراڪي حڪومت مطلق العنان آهي) ناممڪن آهي. شايد سنڌي اديب انسانيت (Humanism)، يڪسانيت (Equalitarianism) بين الاقواميت (Internationalism)، ماديت (Materialism)، غرض ته هر غير مانوس فلسفهء حيات کي اشتراڪيت ٿا سمجهن. در اصل اها اشتراڪيت جي خوش نصيبي آهي ته هتي زندگيءَ جو هر بهترين نظريو، اشتراڪيت سان منسوب ڪيو وڃي ٿو، توڙي اهو اشتراڪيت جي منافقي ئي ڇو نه هجي. هتي جنهن جو به اسلام جي فرسوده اصولن ۾ اعتبار نه آهي، اهو اشتراڪي آهي؛ جو به آزاد مشرب انسان آهي، جنهن پنهنجي روح تان روايات جون ڪڙيون ڇني ڇڏيون آهن، جو ڪنهن غير متوقع نموني سوچي ٿو ۽ جو ڪو به زندگيءَ جو غير مانوس نظريو پيش ڪري ٿو، سو اشتراڪي آهي؛ جو به دهريو آهي سو اشتراڪي آهي. ان حساب سان هي صحافي، پنهنجي وطن جي اقتصادي ملوڪيت (Economic Imperialisim) جو قائل هوندي به، هڪ قسم جو دهريو آهي، ڇو ته هن جو انهيءَ خدا ۾ اعتبار نه آهي، جنهن هڪ جاءِ تي ويهي، ڪنهن پور ۾ اچي، هن ساريءَ ڪائنات کي هڪ گهڙيءَ ۾ خلقيو هو.
ها، سو مون کي اها رات ياد ٿي آئي، جڏهن مان ”انصاف کان سواءِ سرزمين“ پڙهي رهيو هوس ۽ اوچتو بجلي وسامي ويئي هئي. مون تيلي ٻاري، فيوز واير ٺيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته اوچتو زور سان ڦوڪ آئي. مون ڇرڪ ڀريو ۽ منهنجي هٿ مان تيلي ڪري پيئي. مون ٻي تيلي ٻاري اوڏانهن ڏٺو، جتان ڦوڪ آئي هئي. ڀرسان نلڪي تي هڪ نانگ ويڙهيل هو، جو ڦڻ ڪڍي، مون ڏانهن الري رهيو هو. نانگ تي اڇا ڳاڙها چٽ هئا. ۽ نهايت خوبصورت ٿي لڳو. جيستائين تيلي ٻرندي رهي، تيستائين مون ان جي ٽمڪندڙ روشنيءَ ۾، نانگ کي پيچ و خم کائيندي ڏسي، ان پارسي شاعر کي داد ڏنو، جنهن پهريون ڀيرو زلف محبوب کي نانگ سان تشبيهه ڏني هئي. مون سوچيو ته هن حالت ۾ فيوز واير وجهڻ ناممڪن آهي، ان ڪري مون لالٽين جلائي. مون سوچيو ته هو بتيءَ جي اولڙي تي ڀڄي ويندو، پر هو اڃا ڦوڪون ڏيئي رهيو هو. مون دل ۾ چيو ته وڃي سمهي پوان؛ جيو _ هتيا، سا به هن من _ موهڻي ساسيءَ جي، چڱي نه آهي. پر اوچتو مون کي خيال آيو ته هي ڪٿي لڪي نه ويهي ۽ ڏينهن جو منهنجي ڪنهن معصوم ٻار کي ڏنگي نه وجهي. پوءِ مون ڪمري مان دونالي بندوق ڪڍي، هن تي ٻه فير ڪيا ۽ هو مري ڌرتيءَ تي ڪري پيو. مان سياسي تشدد به فقط اهڙيءَ حالت ۾ جائز سمجهندو آهيان.
”پر هيمنگ وي جي ته اشتراڪي روس به ساراه ڪئي آهي“، صحافيءَ چيو. هن جو آواز منهنجي ڌيان جي لهرين ۾ لنگر وانگر لهي ويو ۽ مون جواب ڏنو، ”روس هن جي ساراهه پنهنجي مطلب لاءِ ڪئي آهي، ڇو ته هو بين الاقوامي فوج سان گڏجي اسپين ۾ آمرانه حڪومت خلاف لڙيو هو، جيئن اوهان پيسٽرنڪ جي ساراهه پنهنجي مطلب لاءِ ڪيو ٿا، ڇو ته هن اشتراڪي فلسفي جي هر بنيادي اصول کي ڇيڇاڙيو آهي. اڄڪلهه ادب اهو پينوءَ جو ڪشڪول آهي، جو سياست جي سخا کان سواءِ، خالي رهجي ٿو وڃي.“
ٿوريءَ دير کان پوءِ اسان هنن کان موڪلائي، بار مان ٻاهر آياسين. مان سوچي رهيو هوس ته جي پاڪستان نه ٿئي ها ته علامه اقبال جي شاعريءَ جي ڪيتري اهميت هجي ها! ميران مون کي ڪجهه نشي ۾ ڏسي، مرڪي چيو، ”اناالحق!“ ”اناالحق!“ مون جواب ڏنو ۽ پنهنجي ڪنڌ تي هٿ ڦيري چيو، ”اڙي تون اڃا تائين اتي آهين! تون ته سوريءَ لاءِ ٺهيو هئين!“ مون پنهنجي ڪراين ڏانهن ڏسي سوچيو ته ڪڙيون ۽ قاتل اڃا ڪيستائين دور رهندا! مون زبان کي ڏند سان ڪٽي چيو، ”نه ڄاڻان تون ڪڏهن سمورو سچ چوندينءَ! نه ڄاڻان توکي ڪڏهن ڪپي ڦٽي ڪندا!“
ادا، ڇا انسان جي ڪپيل زبان ڪنهن چڪيءَ ۾ پوکي نه ٿي سگهجي؟ مان ته ڀانيان ٿو ته جڏهن بسنت جي پهرين هير لڳندي ته اها ضرور ڦلندي ڦولندي، ۽ ان مان گلاب جي گلن جهڙو سچ نڪري، هٻڪار ڏيندو.

_ تنهنجو پنهنجو

________
2
________

سوات هوٽل
19 _ آگسٽ، 1961ع

ادا،
اڄ صبح جو چئين بجي جاڳ ٿي. مون ڪمري جو در کولي، اونهون ساهه کنيو. سامهون ديسي چلغوزي، ڏاڙهونءَ، ناسپاتيءَ ۽ لڪاٽ جا وڻ هئا، جن جي تازگي هوا ۾ ڦهليل هئي. مون پنهنجي منهن، ٻانهن ۽ ڇاتيءَ تي هٿ ڦيري، يقين ڪيو ته مان آهيان. توکي اهو پڙهي تعجب ايندو ته مون ڪيئي دفعا محسوس ڪيو آهي ته مان ناهيان. ان وقت ساري سنسار مان ڪنهن سڏ جو پڙاڏو ايندو آهي ته ڪجهه به نه آهي، ڪجهه به نه آهي، ۽ مان جسم تي هٿ ڦيري يقين ڪندو آهيان ته مان آهيان. ڇا ان جو ڪوئي نفسياتي سبب آهي يا اهو ڪوئي مابعدالطبيعاتي (metaphysical) احساس آهي؟ اهو تصوف جو تخيل به نه آهي، ڇو ته منهنجو ڪنهن ”همه اوست“ يا ”همه ازاوست“ ۾ اعتبار نه آهي، ۽ نه انهيءَ نفيءَ جي احساس ۾ ڪنهن به اثبات جي گنجائش هوندي آهي.
مون ڪمري ۾ وڃي، ميران کي ڌونڌاڙي، اٿاريو _
”ميران!“
”هون“
”ميران! مون سمجهيو ته تون مري وئي آهين.“
”تون جيئرو آهين نه؟“
”ها“
ته پوءِ مان ضرور جيئري هونديس.“
”ضرور ڇو؟“
”ڇو! ته جي مان مري وڃان ها ته تون جيئرو ڪيئن رهين ها!“ هوءَ هٿن سان اکيون مهٽيندي اٿي ۽ گهڙيءَ ۾ وقت ڏسي چيائين _
”سوا چار! پنجين بجي مرغزار هلڻو آهي.“
ساڍي پنجين بجي اسان ٽئڪسيءَ ۾ مرغزار پهتاسين، جو سيدو شريف کان نوَ ميل پري آهي. چوڌاري سرسبز پهاڙ هئا، جن جي وچ ۾ واليءَ جو سنگمرمر جو سفيد محل هو. محل جي ٻاهران محافظ بيٺا هئا، جن کي مليشيا جي شلوار، قميص ۽ ڳاڙهي ٽوپي پيئي هئي، جنهن ۾ مرغ زرين جا کنڀ لڳل هئا. مرغ زرين هتان جو پهاڙي پرندو آهي، جنهن کي مقامي ماڻهو پشتو ۾ ”ليٽ“ چوندا آهن. محل وٽان ڏاڪڻ تي چڙهي، سنگ مرمر جي ٿلهي تي پهتاسين، جتي سنگ مرمر جون ڪرسيون ۽ ميزون رکيون هيون. اسان اتي ويهي چاءِ پيتي. ڪجهه وقت کان پوءِ سج، ڪرڻن جو ڪمند پهاڙ جي چوٽيءَ تي اڇليو ۽ هوريان هوريان مٿي چڙهيو. چوڌاري بٽنگ، ڪاري انجير ۽ سيب جا درخت هئا. مون اٿي لڱ ٿي ساهيا، ته سامهون هڪ سيب پهاڙي چشمي ۾ لڙهندو نظر آيو. مون کي في البديهه شاعري نه وڻندي آهي؛ شاعر جو هر مشاهدو هن جي تحت الشعور ۾ وڃي آرامي ٿيندو آهي، جتي تيل ڦليل ڪري، ويس مٽائي، ٻوليءَ جي چوٻاري ۾ ايندو آهي، جتي تازو ۽ نؤبنو لڳندو آهي. پر ڪنهن ڪنهن وقت ڪوئي في البديهه شعر شاعريءَ جي روح ۾ ائين اڀرندو آهي جيئن ڪائي ننگي وينگس، تلاءِ ۾ وهنجي، اوچتو ٻاهر نڪري ۽ وارن کي ڇنڊڪو ڏيئي، پنهنجو بدن پاڻيءَ جي آرسيءَ ۾ ڏسي. سيب کي چشمي ۾ لڙهندو ڏسي، مون هيٺيون شعر چيو:
سلسلهء ڪوه ۾ چشمهء آبِ روان
سيب جي وڻ مان مٿان
سيب ڪري ناگهان
آيو ٿي لڙهندو پريان، ٿو وڃي لڙهندو اڃان
ڪيستائين، ڪئن چوان!
هن نظم جو محرڪ ته اهو منظر هو جو مون ان وقت ڏٺو، پر اڃا مون اهو نظم مڪمل مس ڪيو، ته ساڳئي بحر ۾ هيٺيون نظم سجهي آيو:

هـــيءَ شــفـــق آلــــود شام سلسلهء ڪوهسار
خامشيء برگ وبار
اوچتو ڪنهن جاندار
سلسلهء ڪوه مان، جو ڪئي چيخ و پڪار
آئـــي صــــــدا آرپار!
اهو ظاهر آهي ته پوئين نظم جو تخيل، ۽ محاڪات مختلف آهن ۽ انهن جو محرڪ ٻيو ڪوئي منظر آهي، جو خود مون کي به ياد نه آهي. شايد فنڪار جو روح تحت الشعور جي کاڻ کوٽِيندو رهي ٿو ۽ اوچتو ڪوئي هيرو لهي، هن جي شعور کي پيش ڪري ٿو. مون ڇرڪ ڀري ڏٺو ته پٺيان ميران بيٺي هئي.
”تو انهيءَ سيب کي ٿي ڏٺو؟“
”هون!“
”انهيءَ پروس پانڌيئڙي کي؟“
”تون ڪڏهن کان اتي بيٺي آهين؟“
”تون اها ازل ابد جي پرولي ڇو ٿو سمجهڻ چاهين؟“
”مان پڇان ٿو ته تون اتي ڪڏهن کان بيٺي آهين؟“
”تون خود چوندو آهين ته اها پرولي نه ڪنهن سلي آهي، ۽ نه ئي ڪو سلي سهگندو؟“
”ميران! مان ماديت جي فلسفي کان مطمئن نه آهيان.“
”پوءِ ڪوئي مذهب اختيار ڪر. ٻيو نه، ته تنهنجي من جي پيڙا ته ختم ٿي ويندي.“
”اهو ماديت جي فلسفي کان زياده بي معنيٰ آهي. مون دنيا جي هر مذهب جو ڪجهه نه ڪجهه مطالعو ڪيو آهي. نه ميران، انڌو يقين مون لاءِ نه آهي،“
”تون مڃ نه مڃ، توکي خدا جي تلاش آهي.“
”شايد، پر انهيءَ خدا جي نه جنهن ۾ هر ڪنهن جو اعتبار آهي.“
ايتري ۾ ڊرائيور ڪجهه ڪارا انجير ۽ سيب کڻي آيو ۽ اسين اهي کائيندا، ڏاڪڻ تان هيٺ لٿاسين. هيٺ هڪ چنار جو گهاٽو پراڻو وڻ هو. جنهن جي ڇانوَ ۾ ڪوئي پيرسن رندي سان ڪارو ڪاٺ ڇلي رهيو هو. هو اسان کي ڏسي اٿي بيٺو ۽ ڊرائيور کي مون ڏانهن اشارو ڪندي پشتو ۾ چيائين. ”انهيءَ ڊاڪٽر ٽئڪسلا ۾ منهنجي اکين جي آپريشن ڪئي هئي.“ جڏهن ڊرائيور اسان کي ان جو اردوءَ ۾ ترجمو ٻڌايو ته ميران ٽهڪ ڏيئي چيو، ”واه جو ڊاڪٽر تنهنجي آپريشن ڪئي آهي. جتي ڪٿي هن کي ٿو ڏسين!“
پيرسن جو نالو ”سيب زرگل“ (سونهري گلن وارو صوف) هو ۽ هن ساري عمر واليءَ جي ملازمت ۾ ڪاٺ ڇليندي ۽ گهڙيندي گذاري هئي. ان وقت هو ستر ۽ اسيءَ جي وچ تي هو. مون هن کي هٿ ڏنو ۽ پوءِ هن جي تريءَ کي، جنهن تي پورهئي سبب ڇوڏا ڄمي ويا هئا، ڪجهه وقت پنهنجي هٿ ۾ جهلي، هن جي چهري کي چتائي ڏٺو. مون محسوس ڪيو ته هو انهيءَ چنار جي وڻ جو ڀاءُ هو، ٻنهي ۾ ساڳي هستي نسري اُسري، ڦلي ڦولي هئي ۽ هاڻي ٻيئي انهيءَ طوفان جا منتظر هئا، جو هنن کي ڪيرائي، هميشه لاءِ لٽي ڇڏيندو. مون سيب زرگل ڏانهن چتائي ڏسي، من ۾ چيو، ”سيب زرگل“ پٺ تي موٽ!“ مون ڏٺو ته هن جا ڳاڙها وار ڪارا ٿيندا ويا ۽ هن جي ڏاڙهي ننڍي ٿيندي ويئي ۽ نيٺ هن جي کاڏيءَ ۾ پيهي ويئي. هو خوبصورت جوان نظر آيو، جو آهستي آهستي ننڍو ٿيندو ويو ۽ ڪنهن سواتي سگهڙ جي گود ۾ ڪڏڪيون ڏيندو نظر آيو. هو واقعي صوف جهڙو ٿي لڳو. مون هن کي کڻي صوف جي ٽاريءَ ۾ اٽڪايو، جتي هو ننڍو ٿيندو ويو ۽ آخر ٽاريءَ ۾ جذب ٿي ويو. پوءِ ٽاريءَ ۾ هڪ سونهري گل ڦٽو ۽ هوا ۾ هٻڪار ڏيڻ لڳو. نه معلوم هستيءَ ۽ نيستيءَ ۾ ڪوئي فاصلو آهي به يا نه! اوچتو منهنجي ڌيان ۾ ريل جا ڦيٿا ڦريا ۽ مون ڏٺو ته ميران سان پنڊيءَ کان پشاور وڃي رهيو هوس. ميران سامهون ويٺي هئي ۽ چاقوءَ سان صوف وڍي رهي هئي. مون به ميران کان هڪ صوف وٺي چاقوءَ سان وڍيو. صوف جي وچ ۾ ننڍن ڪيڙن جي وستي هئي. ۽ چار پنج سفيد ڪيڙا پنهنجيءَ ننڍڙِيءَ ڪائنات ۾ ڦري گهري رهيا هئا. اوچتو ميران منهنجو ڌيان ڇڪائي چيو، ”سامهون ته ڏس! پريان اٽڪ جي پهاڙن تي رڍون سفيد ڪيڙن وانگر چري پري رهيون آهن.“ مان تيستائين انهن ڏانهن گهوريندو رهيس جيستائين هو نظر کان غائب ٿي ويون. مون ان وقت هٿ وڌائي، زندگيءَ جي خواب کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي؛ هو هميشه هڪ وڏي گرڙ پک وانگر لڳندو هو ۽ منهنجي هٿ کي ويجهو ايندو ڏسي، ان کي پنهنجيءَ تيز چهنب سان ڇلي وجهندو هو، پر اڄ هو هڪ ننڍڙي پکيئڙي وانگر منهنجيءَ مٺ ۾ اچي ويو. مون ان جي کنڀن جي نرمي ۽ نفاست محسوس ڪئي ۽ پوءِ مٺ کولي ڏٺي ته ڪجهه به نظر نه آيو. مون محسوس ڪيو ته هن زندگيءَ کي ڪائي حقيقت نه آهي، صوف ۾ ڪيڙي کان وٺي پهاڙ تي رڍ تائين، هر شيءِ بي حقيقت آهي، هر شيءِ موتيءَ، ڪچ ڪوڏيءَ، واريءَ وانگر ڪنهن ازلي ڪارونڀار ۾ لڙهندي غائب ٿي وڃي ٿي؛ هن ريل جو تحرڪ به ايترو ئي بي حقيقت آهي جيترو منهنجو ۽ ميران جو وجود. مون محسوس ڪيو ته ڏک ۽ سک، لاهيون ۽ چاڙهيون، چڱايون برايون سڀ بي حقيقت آهن، آخر ڪائي شي نٿي رهي، شايد ڪائي شيءِ آهي ئي نه... فقط هڪ بي انت، اٿاهه اوندهه لهريون هڻي رهي آهي، جنهن ۾ ڪٿي ڪٿي روشنيءَ جون ننڍڙيون ڊونڊيون لڏي لمي، ٻڏي وڃن ٿيون. مون ڇوليءَ مان اڀري ميران ڏانهن ڏٺو؛ هوءَ اڃا صوف ڇلي رهي هئي.
”ميران! تون ڪير آهين؟“ مون هن کي گهوري چيو.
”ميران تون مون کي بلڪل اجنبي ٿي لڳين؛ ڄڻ ته تون مان اڳ ڪڏهن به نه مليا آهيون، ڄڻ ته تون مان انهيءَ ڀيانڪ ڪارونڀار ۾ لڙهندڙ ٻه ڪک آهيون ۽ ڇولين تي ڇلندا، اتفاق سان مليا آهيون! تون ڪير آهين، ميران!“
”پهرين تون ٻڌاءِ ته تون ڪير آهين؟“
”مان! ميران، جي انهيءَ سوال جو جواب مون کي اچي ها، ته منهنجي روح ۾ ايتري بيچيني نه هجي ها! مون کي ڪائي خبر نه آهي ته مان ڇا آهيان!“
”ٻارهن لڳا آهن، موٽي هلون.“ ميران جي آواز مون کي ڌيان جي ڇوليءَ مان ڇڪي، ڪنڌيءَ تي آندو. ٽئڪسيءَ ۾ واپس موٽياسين، ته رستي تي جهڙ ڇانئجي ويو. گوڙ گاج، واچوڙو وڏ ڦڙو. هوا ۾ ناسپاتيءَ ۽ صوف جا وڻ بار بار جهڪي سڌا ٿي ٿيا ۽ انهن جي پنن، ٽارين ۽ ٿڙ تان مينهن جون ڦڙيون ڪري رهيون هيون. ائين ٿي لڳو ڄڻ ڪيئي گوپيون جمنا مان لوٽا ڀري، وهنجي رهيون هيون.
”ميران،“ مون چيو، ”ڪرشن به دنيا جو رنگين ترين پيغمبر هو _ جمنا جو ڪنارو، بنسري، گوپيون، کيتر، يڌ، رٿون، ٻاڻُ ڪرم _ گيان، گينا.“
”ها پر ايتريون گوپيون!“
”هن جو انهن سان فقط آتمڪ سٻنڌ هو.“
”هوندو، پر توکي آتما فقط ان وقت ڇو ٿي ياد اچي، جڏهن گوپين جي ڳالهه ٿي نڪري؟“
”گوپيءَ جو پريم ئي ته پرش ۾ آتما جو انڀوء اتپن ڪندو آهي.“
”ڪيئن؟“
”هو سوچيندو آهي ته هيءَ تن من جي اڪير فقط اتفاقي نه آهي، اسين اڳي به ڪٿي مليا آهيون، آتمائون امر آهن جي جوڻ جوڻ ۾ ڦري، هڪٻئي جو پيڇو ڪن ٿيون.“
”مون نه سمجهيو.“
”هندو مت موجب انسان جي اکين ۾ جنم جنم جو زنجير آهي؛ جڏهن هو اوچتو ملن ٿا، ته اکيون انهيءَ زنجير ۾ جڪڙجي وڃڻ ٿيون.“
”هندي فلسفو به ڪوريئڙي جو ڄار آهي، جنهن مان ڳجهه نڪري وڃي مک ڦاسي پوي.“
”نه ميران، وڏو پنجوڙ آهي، ان ۾ شينهن به قابو ٿي ويندا آهن.“
”سڀ ڪجهه مايا!“
”فقط مايا نه، ڪرم _ يوگ ۽ مايا.“
”ٻنهي ۾ تضاد نه آهي؟“
اسان بحث ڪندا، اچي سوات هوٽل تي پهتاسين. منجهند جي ماني کائي، ساڳيءَ ٽئڪسيءَ ۾ مدين آياسين، جو سيدو شريف کان اٽڪل پنجٽيهه ميلن جي مفاصلي تي آهي. شهر کان اٽڪل اڌ ميل جي مفاصلي تي، سوات نديءَ جي ڪناري تي مدين هوٽل آهي. اسان هوٽل جي منتظم وٽ سامان رکي، هوٽل جي بيٺڪ ۾ آياسين، جنهن جي ڀرسان صاف شفاف پهاڙي ندي وهي رهي هئي. چوڌاري پهاڙ هئا، جن جي تري وٽ مڪئيءَ جي پوک هئي. ڪٿي ڪٿي پيليءَ مٽيءَ جون جهوپڙيون هيون جن جي ڀرسان رڍون چري رهين هيون. منجهند جي ماني کائي، ساڳيءَ ڪار ۾ بحرين وياسين. رستي تي مانڙڪيال پهاڙ جي چوٽي نظر آئي، جنهن تي اڃاتائين ڀرف ڇانيل آهي. رستو سوات نديءَ جي ڪناري سان نانگ وڪڙ کائيندو ٿي ويو. ڊرائيور بحرين وٽ ڪار روڪي. اتي ڪجهه گهر ۽ دڪان هئا. رستي تي پل هئي. جنهن جي هڪ پاسي درال نئن پهاڙن تان تيزيءَ سان ٿي آئي، ۽ پل هيٺان لنگهي، ٻئي پاسي سوات نديءَ سان ٿي ملي. مون دڪان تان وديشي سگريٽ ورتا جي شايد سمگل ڪري آندا ويا هئا، ۽ نئن جي ٿڌي پاڻيءَ جو گلاس پي، سگريٽ جو گهرو ڪش هنيو. هاءِ ! هي جيون جو سپنو به ڪهڙو نه سندر آهي! هي موهڻا ڏينهن، هي ڪامڻيون راتيون، هي ٿڌو ٿڌو پاڻي، هيءَ ڀني ڀني هوا، هي پهاڙ ۽ هي اجنبي انسان! مان رستي تان لهي هڪ وڏي پٿر تي وڃي ويٺس. ان وقت سانجهي ٿي ويئي هئي. نديءَ ۽ نئن جي آواز ملي، عجيب رقت ٿي پيدا ڪئي. مون محسوس ڪيو ته مون کي ڪوئي سڏي رهيو آهي، ”آءُ! هليو آءُ! جي زندگيءَ جي انهيءَ خواب کي جاوداني ڪرڻ چاهين ته انهيءَ پٿر تان پاڻيءَ ۾ ڇلانگ ڏي. تون به لهر مان به لهر! آءُ منهنجي ابدي آغوش ۾ هليو آءُ!“ منهنجي جيءَ ۾ آيو ته نديءَ ۾ ٽپو ڏيان. ميران منهنجي ڪلهي تي هٿ رکي چيو، ”دير ٿي ويئي آهي، موٽي هلون.“
ادا، هاڻي رات جا ٽي لڳا آهن. ميران مٺيءَ ننڊ ۾ آهي. چنڊ، منهنجي ننڊڙِي جو چور، آسمان ۾ ڊوڙندو وڃي رهيو آهي.
چڱو _

_ تنهنجو پنهنجو

________
3
________

مدبن هوٽل
واديء سوات
25 _ آگسٽ 1961ع

ادا،
ڪالهه مون جاپاني شاعريءَ جو مطالعو ٿي ڪيو. هوٽل کان پنج ڇهه قدم پري سوات ندي تيزيءَ سان پٿرائينءَ زمين تي گڙگاٽ ڪندي، گجيون اڏائيندي، وڃي رهي هئي. هر ڇوليءَ جي منهن تي گڦ ۽ پير ۾ ڪڙيون هيون. مستانيون، ديوانيون ڇوليون، ڇپن تان ڇلانگ ڏينديون، اُڀامنديون ٿي ويون. اوچتو پهاڙ تان هڪ ڇپ ڇڄي، ڦيراٽيون ڏيندي، ٽپندي، ٽڪرندي، ٽڙڪاٽ ڪندي، اچي نديءَ ۾ ڪري. پاڻيءَ ۾ پڙ لاءُ ٿيو. ڦينگون اڏاڻيون ۽ پوءِ ڌيري ڌيري سارو لڙ لڙاٽجي ويو. وري ساڳيون ديوانيون مستانيون ڇوليون، ڄڻ ته ڇپ ڪري ئي نه هئي. مان وري جاپاني شاعريءَ جي مطالعي ۾ محو ٿي ويس. مون هيٺيون شعر پڙهي سوچيو ته شايد دنيا ۾ ڪنهن ٻئي شاعر ايترا ٿورا لفظ ڪم آڻي، اهو گهرو تخيل پنهنجي ادب ۾ مشڪل سان سمايو هوندو. اهو شعر جاپاني شاعر عسيٰ (1763 کان 1828 تائين) جو هو، جو هن پنهنجي سڪيلڌي پٽ جي وفات تي لکيو هو. هو ٻڌمت جو هو. يقين آهي ته هن کي هر ڪنهن آٿت ڏنو هوندو ۽ سمجهايو هوندو ته هي جيون مايا آهي، سپنو آهي، پاڻيءَ تي ڦوٽو آهي، جنهن تي ڪوئي ڀروسو نه آهي؛ آتما امر آهي، اڳتي سک سانت جي نگري آهي، ۽ هي جوٺو جڳ ان جي ڀيٽ ۾ ڪجهه به نه آهي. اها ساڳي ڳالهه هن ابي ڏاڏي کان ڪيئي ڀيرا ٻڌي هوندي، پر هن جي ڏک هن جي ڪويتا ۾ هيٺيون روپ ورتو:
”شبنم جي دنيا،
شبنم جي دنيا آهي ....... ليڪن!“
جاپاني شاعريءَ تي سڀ کان قديم ۽ مشهور تبصرو ڪنو زورايوڪيءَ (905ع) پنهنجي ڪتاب ”جديد ۽ قديم شعر جي ڪليات“ ۾ ڪيو آهي، جو ڪجهه هن ريت آهي:
”جاپاني شاعريءَ جي جڙ انساني روح ۾ آهي، جنهن مان لفظن جا لاتعداد گل ڦل اسرن ٿا. انسان گهڻو ڪجهه ڏسي ۽ ٻڌي ٿو ۽ هو جنهن تصور ۽ حقيقت کان متاثر ٿئي ٿو، ان جي رنگ ۾ پنهنجي جذبات ۽ احساسات کي رنگي پيش ڪري ٿو. اهڙو ڪهڙو انسان آهي جو بلبل کي موسم گل ۾ ڳائيندو ڏسي، يا ڏيڏر کي پاڻيءَ ۾ جهونگاريندو ڏسي، شعر نه چوي!
شعر اهو آهي، جو زمين ۽ آسمان کي جنبش ۾ آڻي اڻ لک دئيتن ۽ ديوتائن ۾ ديا پيدا ڪري، جو مرد ۽ عورت جي رشتي کي زياده خوشگوار بڻائي، ۽ جو جنگجو جوانن جي حوصله افضائي ڪري.“
مٿئين تبصري جي تجزيي مان ظاهر ٿئي ٿو ته جاپاني شاعرن جي نقطه نظر کان _
(1) شعر مافوق الفطرت هستين کي متاثر ڪري سگهي ٿو، جا ڳالهه مشرق خواهه مغرب جي عقيدي جي خلاف آهي، جنهن مطابق مافوق الفطرت هستيون پاڻ شاعر جي روح ۽ زبان کي متاثر ڪن ٿيون. مثال طور ”رومي“ مولانا ”لاءِ جامي“ جو چيل هيٺيون شعر:
”مولوي و معنوي و مثنوي،
هست قرآن در زبانِ پهلوي.“
يا غالب جو هي شعر:
”آتي هين غيب سي يه مضامين خيال مين،
”غالب “ صرير خامه نوائي سروش هي“
يا شاهه عبد الطيف جو هي شعر:
”تون سپڙ آءُ سيڪڙو، تون ڏاتار آءُ ڏڏ،
سڻي تنهنجو سڏ، ڪلهي پاتم ڪينرو.“
يا علامه اقبال جو پنهنجي ڪتاب کي ”بال _ جبريل“ جو عنوان ڏيڻ.
(2) فن، پنهنجي حيرت انگيز تخليقات جي باوجود، انسان جي ڪوشش کان بعيد نه آهي، ۽ انسان کي فني تخليقات لاءِ ٻيءَ ڪنهن به امدد جي ضرورت نه آهي. زورايوڪيءَ ان حالات جو هيٺيون تفصيل پيش ڪيو آهي، جنهن کان متاثر ٿي انسان شعر چوندا آهن:
”جڏهن هو بسنت جي باک ۾ ٽڙيل مکڙيون ڏسن ٿا، جڏهن هو سرءُ جي سانجهيءَ ۾ ڇڻندڙ پنن جو آواز ٻڌن ٿا، جڏهن هو برفباري ڏسي ٿڌو ساهه ڀري آرسيءَ ۾ پنهنجي پيشانيءَ تي گذرندڙ ورهين جا پيرا ڏسن ٿا ۽ پنهنجي زندگيءَ جي اختصار تي سوچڻ لڳن ٿا، جڏهن هو ڪيترو ئي وقت فارغ البال رهن ٿا ۽ پوءِ قسمت هنن کي تنهائيءَ جي غار ۾ ڌڪو ڏئي ٿي، يا جڏهن هنن جو محبوب هنن سان بيوفائي ڪري ٿو.“
(3) شعر جا تعلقات پيدا ڪري، انهن کي خوشگوار ۽ استوار بڻائي ٿو. اهو تخيل نائين ۽ ڏهين صديءَ جي جاپاني امراءَ جي عشقبازيءَ جي طريقي تي پيدا ٿيو. هو شاعريءَ جي ذريعي لڪي ڇپي عشق ڪندا هئا. جڏهن به ڪنهن کي ڪنهن ساڻ محبت جو اظهار ڪرڻو هوندو هو ته هو کيس ڪوئي حسب حال عشقيه شعر لکي موڪليندو هو. اهو محبت جي اظهار جو طريقو فارسي ۽ هندي شاعريءَ لاءِ نئين ڳالهه نه آهي. چيو وڃي ٿو ته عاقل خان، زيب النساءِ کي ٻارهن _ دريءَ ۾ ڏسي چيو هو:
”سرخ پوشي بلب بام نظر مي آيد“
جنهن تي هن جواب ڏنو هو.
”نه به زاري نه به زور نه به زرمي آيد.“
”سرمد“ شهيد پنهنجي محبوب اڀيچند، ٺٽي جي هڪ سوناري ڇوڪري، متعلق ربائي لکي، هن تائين پهچائي هئي. مون کي ربائيءَ جي فقط هڪ سٽ ياد اچي رهي آهي:
”خداي من اڀيچند ست يا غير!“
هندي شاعر، ”عالم“ جنهن جو ڪتاب ”عالم ڪيلي“ جي نالي مشهور آهي، هڪ ڀيري ڪنهن رنگريزڻ کي پنهنجو پوتڙورنڱڻ لاءِ ڏنو ۽ ڪاغذ تي هيٺيئن دوهي جي سٽ لکي، پوتڙي جي ڪنڊ ۾ ٻڌي ڇڏيائين:
”ڪنڪ لتا سي نار هي، ڪت ڪاهي تي هين“
(يعني ته هوءَ عورت سڄي سوني آهي، پر هن جي چيلهه ڇو اهڙي سنهڙي آهي.)
جڏهن پوتڙو رڱجي آيو ته ان ۾ ساڳيو ڪاغذ ٻڌل هو،
جنهن ۾ دوهي جي هيٺين ٻي سٽ به هئي:
”ڪت ڪا ڪنچن اينچ ڪي، ڪنجن مانج ڀردين“.
(يعني ته چيلهه مان سون ڪڍي ڇاتيءَ ۾ ڀريو ويو آهي، ۽ ان ڪري چيلهه اهڙي سنهي ٿي لڳي.)
ان کان پوءِ ٻنهي جي محبت ٿي ويئي. خود شاهه لطيف، ”ڪنول پاڙون پاتار ۾، ڀؤنر ڀري آڪاس“ چئي، ڀؤنر جي گنجار کي محبت لاءِ ساز گار سمجهيو آهي.
(4) شعر جنگجو جوانن جي حوصله افزائيءَ لاءِ آهي. شعر جو اهو مقصد به ڪوئي نئون نه آهي. مغرب ۽ مشرق جي شاعرن شاعريءَ کي انهيءَ مقصد لاءِ هر دور ۾ ڪم آندو آهي. ايراني شاعر ”فردوسي“ انگريز شاعر ”ڪپلنگ“، اردو شاعر ”اقبال“ ۽ هندي شاعر ”ڀوشن“، ان ڏس ۾ بهترين مثال آهن. مون کي ڀوشن جو هڪ رزميه گيت ياد آهي، جنهن جو انداز بيان نهايت حيرت انگيز آهي. ان جو ترجمو ڪجهه هيٺيئن ريت آهي:
”هيءَ بجلي نه آهي پر تلوارون چمڪي رهيون آهن. هي بادل نه آهن پر گردو غبار آهي. هي گجگوڙ نه آهي پر شيواجيءَ جي فوج جا باجا وڄي رهيا آهن. دشمن جي عورت چوي ٿي ته ’گهر ڀڄي هلو، بادل آسمان تي ڇانئجي ويا آهن، ڪٿي بارش نه پوڻ لڳي،‘ ڀوشن چوي ٿو ته هي بادل نه پر هاٿي آهن _ شيواجيءَ جي فوج اچي ويئي آهي.“
جاپاني شاعريءَ جو اهو رزمي پهلو لازمي نه آهي، ڇو ته زورايوڪيءَ جي مٿئين اقتباس مان ظاهر آهي ته شعر هر انسان چئي سگهي ٿو، پوءِ هن کي جنگجوئيءَ سان دلچسپي هجي يا نه. اهڙو خيال ”هيڪو“ شاعر ”اونت سوار“ پنهنجي هيٺيئن شعر ۾ ظاهر ڪيو آهي:
”ڪوئي آهي
پنهنجي هٿ ۾ قلم کان سوا،
چوڏهينءَ جي رات!“
اڄ تائين جاپاني شاعري نه شاعر جو خصوصي ورثو آهي، ۽ نه تعليم يافته طبقي جو. جنهن کي به قلم هٿ ۾ آهي،جنهن جي به جيءَ ۾ اڌمو ۽ امنگ آهي، اهو ٻه چار سٽون لکي ٿو وٺي. اهو جاپاني شعر جي تقطيع جي سادگيءَ ۽ ان جي سلاست سبب آهي، جيتوڻيڪ ان جو اهو نتيجو ٿيو آهي ته جاپاني شعر جا موضوع نهايت محدود آهن.
جاپاني شعر سنڌي بيت سان ڪافي مشابهه آهي. مون کي شاهه لطيف جي ڪلام مان ڪيتريون ئي سٽون سجهي اچن ٿيون، جنهن جو تاثر جاپاني شعر جهڙو آهي. جاپاني شعر جي تقطيع به ماترائن جي حساب سان ٿئي ٿي. ”ٽاڪا“ اهو شعر آهي، جنهن ۾ ايڪٽيهه ماترائون آهن ۽ جنهن ۾ پنج، ست پنج، ست ۽ ست ماترائن واريون سٽون آهن. اسان وٽ بيت ۾ گهڻو ڪري اٺيتاليهه ماترائون ٿين ٿيون جن جي ورڇ يارهن، تيرنهن يارهن، تيرهن ماترائن ۾ ٿئي ٿي يا چار ڀيرا ٻارهن ماترائن ۾ ٿئي ٿي. ”هيڪو“ شعر جاپاني شاعريءَ ۾ ڪجهه جديد اختراع آهي، جنهن ۾ فقط سترهن ماترائون ٿين ٿيون. ان حساب سان سارو ”هيڪو“ شعر بيت جي پهرينءَ سٽ کان ڪجهه وڏو ٿئي ٿو. انهيءَ هيئت تي، جنهن ۾ ڪجهه ڦير گهير جائز قرار ڏني ويئي آهي، ساري جاپاني شاعريءَ جو مدار آهي. شعر جي اختصار سبب ان ۾ بيانيه شاعريءَ جي گنجائش نه آهي. ڇاڪاڻ جو ايڪٽيهن ماترائن ۾ نهايت گهٽ مواد سمائجي سگهي ٿو. جاپاني شاعريءَ جو نمايان عنصر نه فقط ان جو اختصار آهي، پر فڪري ۽ جذباتي شعر جي ڪمي به آهي. ان جي برعڪس چيني شاعريءَ ۾ فڪري ۽ غير جذباتي شعر جو حصو زياده آهي. جاپاني شاعريءَ ۾ نه فقط موضوعات جي ڪمي آهي، پر انهن کي منظوم ڪرڻ جا طريقا به محدود آهن. پر، جيڪي ڪجهه به ان ۾ آهي، اهو واقعي زنده جاويد آهي ۽ ان کي بين الاقوامي اد ب ۾ منفرد ۽ غير فاني حيثيت آهي. گهڻو ڪري جاپاني شعرمحبت ۽ فطرت جي باري ۾ آهي، جنهن ۾ بي انتها نفيس گداز آهي. ائين محسوس ٿو ٿئي ته شاعر جو هيانءُ هڄي پيو آهي، سٽ سٽ ۾ هن جي جيءَ جي جهوري آهي، هر تخيل ٿڌو ساهه ڀري رهيو آهي، هر سٽ کي ڪاري ڪجلي ڀنل اک آهي. سرءُ ۾ پنن جو ڇڻڻ، ۽ چيريءَ جي شگوفن جو ڪرڻ، جنهن مان زندگيءَ جي بي اعتنائيءَ ۽ وقت جي گريز ڏانهن اشارو آهي، جاپاني شعر جو محبوب ترين موضوع آهي. جاپاني شعر کي ٻڌ مت جو پس منظر به آهي، جو سيکاري ٿو ته جيوت نديءَ تي جوت آهي، جاٽلندي، ٽمڪندي، وسامي ويندي؛ لوڀ پرڻ ۾ پاڻي آهي، ڪيترو ڪٺو ڪري ڪيترو ڪندين؛ موهه ۾ ماکيءَ جي مک جو ڏنگ آهي؛ ڪام اڃ جي رڃ آهي؛ ڪروڌ نانگ جي ڦڻ آهي مڻ نه آهي؛ ۽ اهنڪار ڇلنديءَ ڇوليءَ جو ڇوهه آهي، جنهن جي چوٽيءَ تي گجيءَ کان سواءِ ڪجهه به نه آهي. جاپاني شعر تي زين مت جي غير فڪري فلسفي جو گهرو اثر آهي.
جاپاني شعر جو موضوع پيچيدو نه آهي، ان ڪري ان جي هيئت ۾ بي انتها سادگي ۽ سلاست آهي. شعر جي موضوع جو نمايان عنصر ان جو اشاراتي پهلو آهي. هر شعر ۾ اشارو ۽ ڪنايو آهي. هر سٺي شعر، خصوصاً هيڪوءَ کان لطف اندوز ٿيڻ لاءِ سامعين کي پنهنجي تخيل جو سهارو وٺڻو ٿو پوي. شعر ۾ شاعر پنهنجي مشاهدي جي پوري وضاحت نٿو ڪري ۽ نه اهو ٻڌائي ٿو ته ان مشاهدي شاعر تي ڪهڙو تاثير ڇڏيو آهي. مثلاً باشوءَ (1664 کان 1694ع تائين) جو هي شعر:
”ڪــــڪــريـــــن جــــــون ڪنيون
ٽُڪريون ٽُڪريون ٿي ويون آهن.....
چــــــوڏس _ چــــٽــــــــا پـــهـــــــاڙ!“
مٿيون شعر پڙهي، ائين ڪوئي به چئي نه سگهندو ته ان ۾ ڏيکاريل منظر شاعر تي ڪوئي تاثر نه ڇڏيو آهي. هر پڙهندڙ باشوءَ جي ان حسن ۽ حقيقت کي جا هن پهاڙ ن تي چانڊوڪيءَ رات ۾ محسوس ڪئي آهي، پنهنجي پنهنجي رنگ ۾ ڏسي، پنهنجي پنهنجي طبيعت ۽ صلاحيت آهر محسوس ڪندو. خود ”باشو“ به مٿئين شعر کي نامڪمل سمجهي ها، جيڪڏهن هر پڙهندڙ ان ۾ ساڳي ڪيفيت محسوس ڪري ها. شاعر جي چٽي تخيل هڪ نقش جو خاڪو پيش ڪيو آهي، جنهن ۾ رنگ ۽ تفصيل پڙهندڙ کي ڀرڻو آهي. اهڙيءَ طرح جاپاني تصوير ۾ به موقلم جي هڪ جهٽڪي سان، هڪ ڪائنات تخليق ڪئي وڃي ٿي. ادا، هي جاپاني شعر ته ڏس:
”سرءَ جي مينهن جي وسڪاري سان،
رنـــگ وڌنـــدا ٿــــا رهـــــن.....“
(اڪيگو نومينوتو)
”پريان پاڻي وهي رهيو آهي _
آڙوءَ جي خوشبوء ڀري، ڳوٺ لڳ.“
(شوهاڪو)
”اڃا برف آهي،
پهاڙي ترايون جهونجهڪڙيون آهن،
شام ٿي ويئي آهي.“
(سوگي)
”جهونو تلاءُ
جنهن ۾ ڏيڏر ٽپو ڏنو....
پاڻيءَ جو آواز!“
(سوچو)
”ڪوماڻل ٽاريءَ تي
ڪانءُ لهي آيو آهي _
سرءُ ۾ _ ڏيئي ٻري مهل.“
(باشو)
”اهڙي سانت!
پهاڙي جيت جون رڙيون
پهڻن ۾ پيهي ويون!“
(باشو)
”سمنڊ ڪاراٽجي ويو آهي،
آڙين جون رڙيون
ٿوريون اڇيرڙيون آهن.“
(باشو)
پويون باشوءَ جو شعر خيال ۾ رکي، منهنجي هي دوهو پڙهي ڏس:
”آئي سانجهي موٽيا مانجهي، ماٺي ٿي منجهدار،
وئي وڳر کان وڇڙي جا، تنهن آڙيءَ ڪئي پڪار.“
”هيڪو“ شعر جا ٻه نمايان پهلو آهن: پهريون دوامي پهلو، مثلاً سرءُ جي پڇاڙي، مندر جي سانت، سمنڊ تي اونده وغيره، ۽ ٻيو عارضي پهلو، مثلاً ڪانوَ جو ٽاريءَ تي لهي اچڻ، اداس ديو داسيءَ جو رقص، آڙين جون رڙيون وغيره. هر شعر ۾ منظر مختلف آهي، پر اهي ٻيئي متضاد پهلو، هڪٻئي سان چقمق ۽ پٿر وانگر ملي، چڻنگون پيدا ڪن ٿا. اهي ٻه متضاد پهلو، هيڪوءَ جي انگريزي تتبع ۾ بخوبي نٿا ملن. مثلاً مس لوويل جو هيٺيون شعر:
”جيڪڏهن مان کڙ کٻيتي جي بتي جهلي سگهان،
ته مان ڏسي، توکي خط لکان.“
هاڻي باشوءَ جي شاگرد ڪڪاڪوءَ جو هي شعر ڏس:
”سرن جي پاندن تي
ڪوريئڙي جو ڄار!“
مٿئين سٽ اصل جو صحيح ترجمو آهي ۽ شاهه جي هيٺيئنءَ سٽ سان ڪيترو نه ملي ٿي:
”سر نسريا پاند، اتر لڳا، آءُ پرين!“
مٿئين شعر ۾ سرن جو ذڪر ڪري، ڪڪاڪوءَ ڏيکاريو آهي ته موسم وچ بهار جي آهي، ۽ ڪوريئڙي جي ڄار مان فضا جي خاموشِيءَ جو تاثر پيدا ٿي رهيو آهي.
باشوءَ جي شاگرد ڪاڪيءَ هيٺيون سٽون لکيون هيون:
”ڪارتڪ جو مهينو
ٻگهن جا ڪجهه وقت لاءِ وڳر!“
انهيءَ شعر ۾ باشوءَ هيٺيون سٽون وڌايون:
سياري جو سج،
ڏکوئيندڙ ڏيک!“
اهي ٻه سٽون وڌائي باشوءَ نه فقط نئون منظر تخليق ڪيو آهي، پر ڪاڪيءَ جي شعر جو تاثر به دوبالا ڪري ڇڏيو آهي. جيڪڏهن اها سٽ، ڏکوئيندڙ ڏيک، شعر ۾ شامل نه ڪئي وڃي ها، ته شعر جو اشاراتي پهلو معلوم ٿي وڃي ها. جاپاني شعر جا ٻيا ڪجهه مثال ڏس:

”سمنڊ ڏانهن وڌي آيا
ويساک جا مينهن. وهي رهي آهي ٿڌي
موگامي ندي!“ (باشو)
”ننڍڙيون مڇيءَ مارڻ جون ڊونڊيون، ٻڌن ٿيون
پنهنجون ٽانڊاڻن جهڙيون روشنيون، ڪنڌيءَ سان“. (اچي)
”هنداڻي جا کيت
آسائتا آهن ته ڪڏهن ٿو چمڪي چنڊ
اڻڄاتي آڪاس مان.“ (سورا)
”وڃي رهيو آهي ڳوٺ ڏانهن
چارو، ٻيرين وچ مان.“ (سنوسي)
”سياري جو مينهن
ان کي ڇپائي نه سگهيو،
چنڊ ان جي مٺ مان ترڪي ويو“ (ٽڪوڪو)
”جيئن مان برف تي قدم ٿو رکان،
وڄ پاڻيءَ ۾ چمڪي ٿي.“ (جوگو)
”اتر جي ماڙيءَ جا در زور سان کولي
آيو بسنت!“
هيڪو شعر مغربي شاعرن کي ڪافي متاثر ڪيو آهي. ان تي آمريڪا جي مشهور رسالي ”لائيف“ ۾ مضمون به آيو هو. هڪ مغربي شاعر رچرڊ آلڊنگٽن جو نظم آهي:
”جڏهن رات جو پارو پئجي رهيو هو ۽ جنگ جي ميدان
۾ بندوقون خاموش هيون،
مون کاهيءَ کي ٽيڪ ڏيئي
هيڪو شعر جوڙيو،
چنڊ، گلن ۽ برف جي باري ۾.“
ادا، سنڌي بيت ۾ هيڪوءَ جو پورو عڪس ته نه آهي، پر ان جي ڪيترين ئي سٽن ۾ اهائي ڪيفيت آهي جا هيڪوءَ ۾ ملي ٿي. مثلاً شاهه جو ن هيٺيون سٽون:
”وڻين ويٺا ڪانگ، وچين ٿي ويلا ڪري“
”ڪا جو ڪن ڪرين، ڀنيءَ ڀڻ جهڻ پاڻ ۾.“
”رات ڏٺائين روجهه، ڀانءِ ڪ اوٺي آئيا.“
”رڃن ۾ رڙ ٿي، ڪر ڪرڪي ڪونج.“
”ويٺي مون وئو، لڙي سج لڪن تان.“
”بر مڙيو بوءِ، ڇپر ڇاٽون مڪيون.“
چوڌاري چڙا، ٻرن ٻيلاين جا.“
”ڪاري رات، ڪچو گهڙو، مٿا وسي مينهن.“
”ڳچيءَ پايو ٻانهن، ويٺي روءُ وڇن سين.“
”اتر ڏي آلاپ، ڪالاڪون ڪونج ڪري.“
”سر نسريا پاند، اتر لڳا، آءُ پرين!“
”لڳي اتر واءُ، ڪينجهر هندورو ٿئي.“
واه لطيف! هر سٽ ڄڻ ته مور جو پر آهي!
جي اها شاعري آهي ته اهو وقت دور نه آهي، جڏهن آرٽ مذهب جي جاءِ وٺندو. ادا، لطيف سائينءَ سان ته ڪنهن جي ڀيٽ نه آهي، پر مون کي پنهنجون ڪجهه سٽون ياد اچن ٿيون، جن ۾ اگرچ مشاهدو جدا آهي، پر ڪيفيت ساڳي آهي:
چري پيو چنگ، جهري پئي جندڙي.
واريءَ منجهه وٿاڻ، سانجهيءَ آندا سانت ۾.
ڇڻي پيئي ڇاٽ، ستارن جي سونهن جي.
هي جهرڻي جي جهانءِ، ۽ هيءَ باک بسنت جي.
پڃري ۾ پاڇا پيا، چمڪي ٿي چوڏس.
چڪڻ لڳو چنڊجو، گهَرو گهَرو گهاءُ.
تارن کي ترساءِ، پرين پوئين پهر جو.
سهڙي آسانجهي، اوندهه لٿي آب تي.
ڪوڪي ٿو ڪويل، چانڊوڪيءَ ۾ چيٽ جي.
ادا، بيت کي پنهنجي انفراديت آهي. ان جي منظر ڪشيءَ جي لطافت ۽ پرگداز ڪيفيت هيڪوءَ کان ڪنهن به ريت گهٽ نه آهي. ڪيترائي سنڌي بيت جيڪڏهن ڪنهن نامور مغربي اديب جي ڌيان تي اچن ته انهن جو ترجمو اسان کي بين الاقوامي ادب ۾ مستقل جاءِ ڏيئي سگهي ٿو. پر جيڪڏهن ڪوئي بيت ۾ هيڪوءَ جهڙو اشاراتي پهلو پيدا ڪري سگهي، ته بيت جو اهو قسم به بي انتها دلڪشيءَ جو باعث ٿيندو.
هي خط توکي منجهند کان لکي رهيو آهيان، اچي شام ٿي آهي. مون ماني به اتي کاڌي آهي. سامهون شفق ۾ پهاڙ ڪنهن عظيم انسان جي مايوس روح وانگر لڳي رهيا آهن، ۽ هيٺان سوات ندي وهي رهي آهي. ”ميران“ پاڻيءَ مٿان ٻه پکيئڙا ڏسي رهي آهي، جي هڪٻئي جو پيڇو ڪندا اڏرندا ٿا وتن. اجهو هاڻي اچي هوٽل جي ڀت سان ٽڪريا. ڪڏهن ڪڏهن ميران سوچيندي هوندي ته ڪهڙي ديواني سان پلئه اٽڪيو آهي: پاڇا آيا، پاڇا ويا، پهاڙ جي پاڙ وٽ مڪئيءَ جا کيت ننڊاکڙا ٿي ويا، پکي پسون وڃي اوٽائتا ٿيا، پر هي اڃا پيو لکي ۽ ڪنهن دور ديس جي شعر تي تصنيفون اٿلائي! هن کي ڪهڙي خبر ته مون لاءِ بر مڙيوئي بوءِ آهي: جتي جتي ڇپرن جون ڇاٽون آهن، اتي اتي منهنجو ساهه آهي.

_ تنهجو پنهنجو

________
4
________

ڊينس هوٽل، پشاور
27 _ آگسٽ

ادا،
ڪالهه سوات کان پشاور آياسين. ٽه _ پهريءَ وقت پشاور جي عجائب گهر ۾ وياسين، جتي گوتم ٻڌ جا ڪيئي مجسما رکيا هئا. شايد پشاور جي گرميءَ سبب، مون کي آريه تهذيب جا عارفانه اسرار بي ڪيف لڳي رهيا هئا. مون هر ٻوڌي بت کي اڇاترو ڏٺو، ته اوچتو هڪ عجيب غريب بت تي نظر پئي. هن جي چپن تي عجيب مرڪ هئي، جنهن ۾ طعنه زني، حقارت آميزي، بي پرواهي ۽ بوالهوسي بکي رهي هئي. هن کي ڇهه هٿ هئا، جن ۾ ٽي صراحيون ۽ ٽي جام هئا. ”آها“، مون سوچيو ”جوان ته بلانوش آهي. واقعي منوشيءَ لاءِ ڇهه هٿ گهرجن، ٻن هٿن سان ڪيتريون پي سگهبيون!“ مون هن جي واڇن وٽ هن جي مرڪ کي ڇهي ڏٺو. هن جون نگاهون گوتم جي هڪ وڏي مجسمي ۾ کتل هيون ۽ هو اڃا حقارت سان مرڪي رهيو ، گويا چئي رهيو هو: ”سدارٿ! مان به سمجهان ٿو ته پرٿويءَ جي هر پدارٿ بي معنيٰ آهي.“
ڪجهه وقت ميوزيم ڏسي، اسان خيبر پاس لاءِ ٽئڪسي ڪئي. جڏهن ڪار شهر کان ٻاهر نڪتي، ته ڊرائيور پڇيو _
”اڳي ڪڏهن خيبر پاس ويا آهيو؟“
”نه“
”رستي تي حضرت عليءَ جو روضو آهي.“
”هي درهء خيبر، جنگ خيبر وارو ته نه آهي!“
”نه“
”ائين ته اسان وٽ روهڙيءَ شريف ۾ به هن جو وار مبارڪ آهي.“
”ٿي سگهي ٿو. حضرت علي عه هيڏانهن آيو ضرور هو.“
”تاريخ ۾ ته ان جو ذڪر ڪٿي به نٿو ملي.“
”اسلام جا دشمن، مغربي مورخ اهڙو ذڪر ڪيئن ڪندا!“
”ڪنهن مسلمان مورخ اهڙو ذڪر ڪٿي ڪيو آهي؟“
”مان ايترو پڙهيل ته ڪونه آهيان، پر ڪنهن نه ڪنهن ڪتاب ۾ اهڙو ذڪر ضرور ملي ويندو.“
ٻه _ چار ميل هلي هن وري پڇيو _
”اوهان سوات جي رستي تي هنومان جو بت ڏٺو؟“
”نه“
”اوهان جو ڊرائيور اڻڄاڻ هوندو، نه ته اهو بت اوهان کي ضرور ڏيکاري ها.“
”هنومان سوات ۾ آيو هو ڇا؟“
”آيو ته ڪونه هو، فقط بت پرست هندو هن جي پرستشن ڪندا آهن.“
ٿوري وقت کان پوءِ جمرود پهتاسين، جتي رنجيت سنگهه جو قلعو آهي. مان اتي ڪسٽم عملدار سان مليس، جنهن فرمايش ڪئي ته ”ڪنڊي ڪوتل مان ڪجهه به خريد نه ڪجانءِ.“ جمرود کان اڳتي پهاڙن ۾ خندقون ٺهيل آهن، جن ۾ آفريدي رهندا آهن. جمرود کان ڪجهه ميل پري ٻه ديو _ صورت پهاڙ هئا، جن جون چوٽيون هڪٻئي جي ويجهو اچي، ڪن جون ڳالهيون ڪري رهيون هويون. خاص ڪري انهن پهاڙن جي وچ مان ويندڙ رستي کي خيبر پاس چوندا آهن. اتان آزاد فطرت قبائلي، اڻويهين صديءَ ۾ انگريزي فوج تي گوليون هلائيندا هئا. اڻويهين صدي، جڏهن سياسي سامراج عقاب وانگر هر ڪمزور کي ڇني، چيري ڦاڙي، ڳهي ويندو هو؛ اڄ ان جا کنڀ کسي ويا آهن، ان جي چهنب مڏي ٿي ويئي آهي؛ پر اڄ به هو جهڙپ ڏيئي ڪنهن نستي نٻل جاندار کي ڪٿي چيڙي ڦاڙي رهيو آهي. اڻويهين صدي اها حريف رنڊي هئي، جنهن جي ٻوٽيءَ ٻوٽيءَ ۾ حرام سمايل هو، جا چهري ۽ روح جي قباحت لڪائڻ لاءِ سو رنگ روپ ۽ ويس وڳا ڪندي هئي، جنهن جا رهزن يار هن جي ڪوٺيءَ تي ڌماچوڪڙي لڳائي ويهندا هئا ۽ پنهنجي ڦرلٽ جو مال ورهائيندا ۽ لٽائيندا هئا، ۽ جن کي بيوس انسان گهٽيءَ مان بيهي، پنهنجيءَ پنهنجيءَ فطرت مطابق حسرت يا نفرت ساڻ ڏسندا هئا. انهن مان ڪن چاهيو ته انهيءَ ڏائڻ جي منهن تي ڏنڀ ڏيون، پر انهن کي ڪڙين ۾ قيد ڪيو ويو يا گولين سان اڏايو ويو. اڄ ويهين صدي انهيءَ ذليل ماءُ جا گناهه هوريان هوريان ڌوئي رهي آهي.
انسان جي ارتقا تسليم! پر تاريخ هڪ انڌي هاٿيءَ وانگر پهاڙ تي چڙهي رهي آهي، جنهن کي نه اهو پتو آهي نه پرواهه ته مان پٿر هيٺ ڪيرائي، ڪنهن ڪنهن کي چور ڪندو ٿو وڃان! ممڪن آهي ته اهو انڌو هاٿي، پهاڙ جي چوٽيءَ تي پهچي؛ خود ڦان ٿي هيٺ ڪري ۽ چور چور ٿي وڃي. منهنجي دماغ ۾ برصغير جي تاريخ ڦري رهي هئي ۽ اکين اڳيان قبائلي گهرن مٿان ٺهيل مورچا هئا. ايتري ۾ ڪار ”درگئي“ فورٽ وٽان لنگهي، ۽ منهنجي خيالات جو تسلسل ٽٽي ويو. درگئيءَ کان پوءِ لنڊي ڪوتل آئي ۽ پوءِ طور _ خم، جتي افغانستان جا سنتري رائيفلون کڻي بيٺا هئا. ٿوري دير سرحد وٽ ترسي اسين واپس موٽياسين ۽ ڪار لنڊي ڪوتل وٽ روڪي، بازار ۾ لٿاسين. ڊرائيور ٻڌايو ته ”هي زراق خان جو وطن آهي _ زراق خان ، جو حملو ڪري، انگريز عورتون کڻي ويندو هو ۽ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ انهن تي پوتي وجهي، انگريزن کي موٽائي ڏيندو هو.“
”موٽائي ڇو ڏيندو هو؟“
”تاريخ گواهه آهي ته مسلمانن دشمنن جي عورتن تي ڪڏهن به دست درازي نه ڪئي آهي. زراق خان فقط انگريزن کي پريشان ڪرڻ لاءِ هنن جون عورتون کڻي ويندو هو.“
منهنجي تصور ۾ سنڌ تي محمد بن قاسم جي ڪاهه ڦري رهي هئي. ٻه _ پهري ٿي ويئي هئي ۽ اسان کي ڇتي بک لڳي هئي. اسان هڪ نانوائيءَ جي دڪان تي آياسين، جتي دنبي جون رانون ٽنگيون پيون هيون. اسان ڪجهه تڪا، چپلي ڪباب ۽ نان گهرايا ۽ ماني کائي رهيا هئاسين، ته ڊرائيور ٻن ماڻهن ڏانهن اشارو ڪندي، چيو ”هن علائقي ۾ ڪيئي سک رهندا آهن، جن کي پنجابي زبان نه ايندي آهي ۽ پشتو ڳالهائيندا آهن. هو هتي بلڪل محفوظ ۽ خوشحال آهن.“
مون اونهون ٿڌو ساهه ڀري، پاڻيءَ جو گلاس پيتو.
”ڇو، ڪباب نه وڻيو ڇا؟“ ڊرائيور پڇيو.
نه ڪباب ۾ ڪجهه هڏيون آهن.“ مون جواب ڏنو.
”اهي سک ته پختون ٿيا؟“ ميران پڇيو.
”پورا پختون،“ ڊرائيور جواب ڏنو.
سامهون ٻه سک هوٽل تي چپلي ڪباب کائي رهيا هئا. هنن کي تصوف جهڙيون منجهيل، ڀنڀيون ڏاڙهيون هيون ۽ گرهوڙيءَ جي پيشن گوئيءَ جهڙو بي معنيٰ، ٿلهو منهن هو. مون هنن جي ڀرسان وڃي مرڪي چيو_
”ست سري آڪال“
”ست سري آڪال“ هنن ڇرڪي، جواب ڏنو، ۽ پوءِ کلي، گرنڀ جيڏو چپلي ڪباب ڳرڪائيندا رهيا. مون گيهه جي ڪڙهائيءَ ڏانهن ڏٺو، جنهن ۾ ريڍا ڪباب ترجي رهيا هئا. اوچتو اها ڪڙهائي وڏي ٿيندي ويئي ۽ ان ۾ گرو ارجن سنگهه پڄرندو نظرآيو.
ماني کائي، اسين دڪان تي آياسين. اتي دنيا جي هر ملڪ جو سمگل ٿيل مال ملي رهيو هو. مون کي ڊرائيور چيو ته ”جي هتان فقط پين“ واچ يا ٻي ڪائي اهڙي ننڍي شيءِ ورتي ويندي، ته ان تي ڪائي روڪ نه ٿيندي.“ مون کي لاڳو قانون جو علم نه هو. ان ڪري مون ڪجهه به خريد نه ڪيو. مون رستي تان فقط وديشي سگريٽ ورتا ته ڊرائيور دڪان تان هڪ وڏو ماچيس کڻي ڏيکاريو، ۽ چيو، ”هي روس جو آهي.“
”تعجب آهي ته هتي روس مان فقط ماچيس سمگل ٿي اچن ٿا،“ مون جواب ڏنو، ۽ پوءِ روسي ماچيس مان تيلي ٻاري سگريٽ دکايو، ۽ ماچيس ڊرائيور کي موٽائي ڏنو.
”ڇو؟ ماچيس نه وڻيو ڇا؟“ ڊرائيور پڇيو.
”انهيءَ ماچيس جي هڪ تيلي ئي ڀنڀٽ ٻارڻ لاءِ ڪافي آهي،“ مون جواب ڏنو.
روس جي ڳالهه نڪتي ته مون ميران کي سنڌ جو هڪ ادبي لطيفو ٻڌايو. هڪ دفعي مون سان... مليو. هو پاڻ کي سنڌي ٻوليءَ جو وڏو اسڪالر سمجهندو آهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن ڪنڀر واڍي، يا ڊکڻ جو ڪوئي ڪنو ڇنو بيت، ڏوهيڙو يا ڏور ڳولي لهندو آهي، ته ائين سمجهندو آهي، ته ڪائي نئين ”وئڪسين“ ڳولي لڌي اٿائين. معلوم نه آهي ته هن ڇا سوچي مون کي چيو هو _
”تون به سنڌ جو گورڪي آهين.“
مون جواب ڏنو، ”مان سنڌ جو گورڪي آهيان يا ناهيان سو ته ٺهيو، پر تون سنڌ جو گورڪن (قبرون کوٽيندڙ) ضرور آهين.“
اهو لطيفو مشهور ٿي ويو آهي، ۽ هاڻي هن کي ”سنڌ جو گورڪن“ ڪوٺيو ويندو آهي.
ادا، پرديس ۾ پنهنجي ديس جي ڳالهه ۽ ٻولي ڪيترو نه وڻندي آهي! پوءِ سارو وقت مان ۽ ميران سنڌي ادب ۽ سنڌ متعلق ڳالهائيندا آياسين.
”سنڌي اسڪالر هيڊڳڙيءَ جا پساري آهن.“
”جن ۾ ڪائي ٿوم نه آهي.“
”سنڌي شعر اهو ڪتي جو پڇ آهي، جو ٻه سو سال نڙ ۾ رهيو آهي ته به ڏنگو ئي رهيو آهي.“
”نه فقط پاڻ ڏنگو رهيو آهي، پر نڙ کي به ڏنگو ڪري وڌو اٿائين.“
مون کي فقط هڪڙي سنڌي اسڪالر لاءِ عزت آهي.“
”ڪنهن لاءِ.“
”مرزا قليچ بيگ لاءِ _ هن جي وسيع ذوق هن کي پنهنجي دؤر جي گوناگون ادب سان روشناس ڪرايو. قليچ بيگ اسان جي ادبي ذوق ۽ انقلاب جو باني هو. ڪڏهن ڪڏهن مان پنهنجي شعور جا قالين اکيليندو آهيان، ته انهن ۾ ٻه _ ٽي رنگين ڌاڳا قليچ بيگ جا به ملندا آهن. مون توکي نه ٻڌايو آهي ته منهنجي عمر ڏهه ورهيه هئي جڏهن مون قليچ بيگ کي پڙهڻ شروع ڪيو هو. هن جي تصنيفات منهنجي ذهن کي کنهبي ۾ ويڙهي، ان جي چوڌاري هزارها رنگين پوپٽ اڏاري ڇڏيا. شاهه لطيف کان پوءِ قليچ بيگ سنڌ جي عظيم ترين ادبي شخصيت آهي.“
”تون گربخشاڻيءَ، ڀيرومل ۽ ڪن ٻين سان بي انصافي ٿو ڪرين.“
”شايد.“
شاهه لطيف جو نالو آيو، ته ميران مون کان پڇيو، ”تون شاهه جي زندگي ڪنهن ناول جي صورت ۾ ڇو نٿو آڻين؟“
شاهه جي زندگيءَ تي اهو تقدس جو غلاف آهي، جنهن کي هٽائڻ ۽ هن جي زندگيءَ کي صحيح روپ ۾ پيش ڪرڻ گناهه سمجهيو ويندو. هر عظيم فنڪار جي جنسي محبت ئي هن جي اسرندڙ فن جو سرچشمو آهي. ڪنهن انسان جي سهڻي سرير جي اجهل ڇڪ؛ هن جي ويجهڙائپ جي جهيڻي جهيڻي، مڌڀري آگ؛ هن جي وڇوڙي جي ڄيري ۾ ڄر؛ هن جون نماڻيون اکڙيون، ڳوڙها، ڳراٽڙيون؛ هن جا ويڻ وهه جهڙيون وراڻيون، رسڻ ريجهڻ جون گهڙيون؛ ۽ مجاز جي ٿڌيءَ ٿڌيءَ چانڊوڪيءَ ۾ ڪنهن ازلي حقيقت جو جوالا وانگر اوچتو چٽاءُ، رڳ رڳ ۾ آڳ، بيت، وايون تند تنبورو سڀ آڳ؛ جهنگ جهر، پکي پسون، ڀٽون ڀاڻ سڀ آڳ؛ زمين آسمان شعلا، ازلي ابدي شعلا _ اهو آهي منهنجو شاهه جي زندگيءَ جو تصور! تون ئي چؤ ته جي انهيءَ پس منظرسان مان شاهه جي زندگي ناول جي صورت ۾ آڻيان، ته مون کي هم _ وطن جيئرو نه جلائيندا! سنڌ ۾ شاهه اهو پکيئڙو آهي، جنهن کي روحانيت جي ڄار ۾ ڦاسائي صدين لاءِ پڃري ۾ پاليو ويو آهي؛ شايد ڪڏهن انهيءَ پڃري کي ڀڃي، مان هن کي هوا ۾ آزاد ڇڏي ڏيان ته تون هن کي شفق جي رنگ ۾ افق تائين پرڙا پتوڙيندو ڏسي سگهين. سنڌ ۾ شاهه شاعر نه آهي، فقط ڳيڙوءَ _ رتو لباس آهي، ڀڀوت آهي، ازل ابد جو ٻهروپ آهي؛ جيڪو به هن جي قبر ڀٽ تي نه پر ڪاڪ ڪنڌيءَ تي ٺاهي، اهو سنڌ جو عظيم ترين گنهگار آهي. ڪاش مان سنڌ کي ڏيکاري سگهان ته عشقيه شاعري ڇا آهي! ڪاش مان انهيءَ مومل کي چوٽيءَ کان وٺي، سر بازار ڇڪي اچان ۽ هنن کي ڏيکاريان ته انهيءَ روح جي فانوس ۾ هيءَ شمع ڄرڪندي، پگهرندي ٿي رهي؛ هن کي ڇاتي به آهي، چيلهه به آهي، جنسي تشنگي به آهي! جنسي محبت اها سراڻ آهي، جنهن تي شاعر جي ڏات تکي ٿيندي رهندي آهي؛ ان کانسواءِ شاعريءَ تي ڪٽ چڙهي وڃي ٿي. شاهه جو شعر ته ڏس:
”مون کي ماءُ مجاز، پيڃاري جئن پڃيو!“
ادا، منهنجا سڀئي خط سانڀي رکجانءِ. مون انهن ۾ پنهنجا ڪيئي منتشر خيال ڪٺا ڪيا آهن. منهنجو ڪيتري وقت کان ارادو آهي ته مان پنهنجيءَ سرزمين جي گذريل پنجاهه سالن جي پس منظر سان ڪوئي ناول لکان. جيڪڏهن منهنجي قلم اها جرئت ڪئي، ته اهي خط مون کي ڪافي ڪم ڏيندا.

_ تنهنجو پنهنجو

سندربن (اوڀر پاڪستان) مان جنوري 1962ع ۾ لکيل خط

چاند پائي فاريسٽ اسٽيشن،
سندر _ بن
3 _ فيبروري، 1962ع

چوٿين ڏينهن رات جو ٻارهين بجي، نارائڻ گنج جي دريائي بندر تان ”مزبي“ اسٽيمر ڇٽو.
مان سامان ڪئبن ۾ رکي، اچي ڊيڪ تي بيٺس. رات اونداهي ۽ جهڙالي هئي ڪٿي ڪٿي ڪوئي ستارو ڪاريءَ ڪجليءَ اک مان لڙڪ وانگر ٽپڪي، گم ٿي ٿي ويو. بوري گنگانديءَ ۾ ڪناري تي بجلي بتيون ۽ ڊونڊين مان ڏيئا پنهنجون پنهنجون روشنيون جرڪائي رهيا هئا، ۽ جڏهن تيز هوا ٿي لڳي، ته ڏيئي جي لاٽ ۽ ان جو پاڻيءَ ۾ پاڇو ائين ٿي ٿڙڪيو، گويا روشنيءَ جون ڀنڀوريون ٿي اڏاڻيون! ڪيئي آگبوٽ اچي وڃي رهي هئا، جن جي روشنيءَ ۾ نديءَ جي ٿڌڙي ڇر ڪنهن جهان گرد انسان جي پرسڪون پيريءَ وانگر لڳي رهي هئي، جا جوانيءَ جي صدها رنگين يادگيرين ۾ گذرندي آهي.
مون اونهي آڪاش ۾ ڪتيءَ ڏانهن ڏسي، ڪرموڙيا ۽ من ۾ چيو، هيءَ گهڙي امر آهي. هيءَ گهڙي وري نه ايندي، مگر مرندي ڪڏهن به نه! هيءَ گهڙي مان آهيان، مان امر آهيان، آدجڳاد کان آهيان. هيءَ گهڙي ساريءَ سرشٽيءَ جي سونهن آهي ۽ ان سونهن جو منهنجي ساهه ۾ واسو آهي؛ هيءَ گهڙي ڪوي ٽئگور جو گيت آهي، هيءَ گهڙي شاهه لطيف جو بيت آهي، هيءَ گهڙي ابد آهي، ازل آهي، منهنجو ۽ خدا جو وجود آهي _ لازوال آهي!“
آڪاش مان ڪتي مرڪي رهي هئي. مون ان کي اک هڻي چيو، ”ڏاڍي شرير آهين، تو ڪيئن سمجهيو ته مان ڇا ٿو سوچيان! “ ڪجهه وقت لاءِ منهنجو من نديءَ جي ٿڌيءَ ڇر وانگر خاموش ۽ پرسڪون ٿي ويو، ٿوريءَ دير بعد نديءَ جي اونداهيءَ ڇر تي آگبوٽ جي روشني پيئي، ته مون سوچيو، ”شايد تيرگيءَ کي علحده وجود نه آهي. شايد تيرگي فقط روشنيءَ جي عدم موجودگيءَ جو نالو آهي. شايد مان پنهنجي عدم موجودگي آهيان. اهو ڪير هو ، جنهن نارائڻ گنج وٽان کلنا لاءِ ٽڪيٽ ورتي، جنهن ٽڪيٽ _ دريءَ وٽ بيٺل بنگالي ڇوڪريءَ جي سوٽ ۽ سڻڀيءَ ڇاتيءَ کي نظر سان باربار ڇهي ڏٺو، جنهن مزور کي سامان جي کڻائيءَ پائلي وڌيڪ ڏيئي پنهنجي رحم جي جذبي سان پنهنجي انا کي آسودگي ڏني؟ اهو ڪير هئو، جنهن فرسٽ ڪلاس جي ڪئبن ۾ جهاتي پائي سوچيو ته ”رات آرام سان گذري ويندي؟“ نه، نه، مان اهو نه آهيان، اهو ڪوئي ٻيو هو، اهو منهنجي عدم موجودگي هو.“ مون وري آڪاش ڏانهن ڏٺو ته ڪتي اڃا مرڪي رهي هئي. مون چاهيو ته ڪجهه به نه سوچيان، اتي ئي ڪرسيءَ تي ليٽي پوان ۽ من کي ڇولين تي ڇلندو ڇڏي ڏيان؛ ائين محسوس ٿئي ته مان ستارو آهيان پر ٽمڪان نه ٿو، ڇولي آهيان پر ڇلان نه ٿو، آڙي آهيان پر اڏامان نه ٿو، مان سڪوت آهيان، جمود آهيان، اتي آهيان ۽ ائين آهيان. ڇو آهيان، ۽ ڇا آهيان، ان سان منهنجو ڪوئي واسطو نه آهي. ٿڌڙي هير مون کي ننڊاکڙو ڪيو ۽ ڌيان جون لهرون پاڻيءَ جي لهرين ۾ سمائبيون ويون. ڪائي ڇولي ڇلندي آئي ۽ هر خيال، هر خواب ان جي لس ليٽ ۾ لڙهندي لڙهندي، ٻڏي ويو.
چاند پور وٽ اسٽيمر بيٺو ته مون کي جاڳ ٿي، ان وقت رات جا اٽڪل ساڍا ٽي لڳا هئا. چاندپور وٽ پدما ۽ ميگهنا، اچي مليون هيون، ۽ حد _ نگاهه تائين پاڻي هو، ۽ ان کان اڳتي اوندهه. ٿڌو واءُ جسم کي چاقوءَ وانگر چيريندو ٿي ويو. مان اوٻاسيون ڏيندو، پنهنجي ڪئبن ڏانهن آيس. ڀر واريءَ ڪئبن ۾ اڃا انسان جاڳي رهيا هئا، ۽ ڪائي عورت انگريزيءَ ۾ چئي رهي هئي، ”اوه پيارا..... منهنجا پيا...را!“ انهيءَ صدا منهنجي ڌيان کي ڪٿان جو ڪٿي پهچايو. اها پڪار جيون جو جلترنگ آهي، ڇوليءَ جي ڪنڌيءَ تي هيڻي هار، ڏياٽيءَ جي لاٽ جي مرندي ڄر، هڪ منڌ _ ماتيءَ رات جي پوئين چُڪي! منهنجي تصور ۾ اهڙيون ڪيئي راتيون آيون، جن ۾ اها صدا عود ۽ لوبان وانگر ٻري هئي: اهي گرم ۽ گداز چپ، اهي آتيون ۽ آسائتيون اکڙيون، اهي لڄ _ ڀريون ليلڙاٽيون! واقعي انسان جسم اول، روح پوءِ آهي؛ واقعي من مندر، تن مورتي آهي؛ واقعي جسم جي لذت، روح جي لذت کان بدرجا بهتر آهي: جسم فاني آهي، روح باقي آهي؛ پر فنا بقا کان صد بار زياده حسين آهي. ڪجهه وقت مون کي پنهنجا محبوبڙا ماڻهو ياد آيا، ۽ پوءِ مٺڙي مٺڙي ننڊ پنهنجي جهوليءَ مان سوين ڦول ڦٽاڪندي، مون کي سڳنڌ جي سير ۾ لوڙهيندي ويئي. ڀنڀرڪي جو منهنجي ڪنن ۾ ڪوئي مٺڙو سر اچي رهيو هو. مون جاڳي اکيون مهٽيون ۽ جڏهن ننڊ جو کيپ هٽيو، ته مون ڏٺو ته اسٽيمر بيٺو هو. مان ڪئبن جو در ٽپي ٻاهر آيس، ته سامهون بريسال جو دريائي بندر نظر آيو، جتي ڪجهه فلاٽ، لانچون ۽ ڪشتيون بيٺيون هيون. هيٺ پاڻيءَ ۾ ڪوئي ملاح پنهنجي نؤڪاتي سريلي آواز ۾ چئي رهيو هو، ”کاواراسي، کاواراسي، کاواراسي.“ مون سمجهيو ته ڪوئي گيت ڳائي رهيو آهي، پر مون کي هڪ همسفر ٻڌايو ته بنگاليءَ ۾ چئي رهيو آهي ته ”مون کي کاڌو آهي“، مون کي کاڌو آهي!“
گهڙي نه گذري ته سج پدما جي سطح کان مٿي اڀريو ۽ پاڻيءَ ۾ پنهنجي شعاع جي سڌيءَ ليڪ مٿان هڪ وڏيءَ عجب جي نشانيءَ وانگر نظر آيو. بندر تان ڪجهه مزور هڪ وڏي ڪاٺ جي ڪليءَ کي ڪلهو ڏيئي اچي رهيا هئا، جنهن ۾ اسٽيمر ۾ ويندڙ سامان ٻڌل هو. هولات سان ”هربول“ ”هربول“ چئي رهيا هئا. منهنجي ڀرسان هڪ بنگالي آفيسر بيٺو هو، جنهن کان مون پڇيو ته ”هي مزور مسلمان آهن؟“
”ها، هنن کي لنگي (گوڏ) ٻڌل آهي ، بنگال ۾ مسلمان لنگي ٻڌندا آهن ۽ هندو ڌوتي.“
”هي ڇا ٿا چون؟“
”انهن لفظن کي ڪائي معنيٰ نه آهي. اهي لفظ فقط هنن کي جوش ڏيارين ٿا، جنهن سبب هنن کي بوجهه جو احساس گهٽ ٿئي ٿو.“
مون هن کي مرڪي چيو، ”مون کي بنگلا ڀاشا ته نه ايندي آهي، باقي هندي ڀاشا ضرور ڄاڻان. هنديءَ ۾ ”هربول“ جي معنيٰ آهي، ’ڌڻيءَ جو نانءُ وٺ‘، ”هر“ لفظ ”هريءَ“ جو مخفف آهي، مان ڀانيان ٿو ته بنگلا ٻوليءَ ۾ به انهن لفظن جي ساڳي معنيٰ هوندي.“
”هي جاهل مسلمان آهن، هنن کي ڪهڙي خبر ته ”هربول“ جي معنيٰ ڇا آهي.“
مون ملاح کان ڊآب (ڪچو ناريل) وٺي پيتو، ۽ سگريٽ دکائي، ٿڌي هيانو سان پدما جي پار ڏٺم _ نيڻ نهار تائين ڇر ۽ ڇوليون هيون. پاڻيءَ ۾ خالي ڊآب لڙهندو ٿي ويو، ۽ مون کي ياد اچي رهيو هو ته ٻه سال اڳ جڏهن مان بوري گنگانديءَ جي ڪناري تي ڊآب جو اڌ پاڻي پي، باقي اڌ پاڻيءَ سميت ڊآب نديءَ ۾ ٿي ڦٽو ڪيو، ته ڏهه ٻارهن ننڍڙا ننگا ٻار ڊوڙندا آيا هئا ۽ منهنجي هٿ مان ڊآب کسي، ان مان ٻه ٻه ڍڪ پيتا هئائون. هاڻي جڏهن به ڪو مون کان سوال پڇندو آهي ته تنهنجو خدا جي وجود ۾ اعتبار آهي؟ ته جواب ڏيڻ وقت منهنجي اکين اڳيان اهو منظر ڦري ويندو آهي.
مان ناشتو ڪري ٿرڊ ڪلاس ۾ آيس، جتي سفيد ۽ گيڙو لونگين ۽ ڌوتين ۾ ملبوس بنگالي مرد، ۽ رنگا رنگي سوٽي ساڙهين ۾ عورتون فرش تي ويٺل هيون. هڪ نوجوان بنگالي زال ۽ مرد، فرش تي پاتل ۾ رکيل، اوٻاريل ڇولا ۽ چانور کائي رهيا هئا. بنگالڻ نو ورني ٿي لڳي ۽ ڪڏهن ڪڏهن لڄ ڀريءَ آڏيءَ اک سان مڙس ڏانهن ٿي ڏٺائين ۽ هن جي نرڙ تي تلڪ ۽ سانورو منهن تي کٻِيءَ اک هيٺان تر هو. جو نهايت پيارو ٿي لڳو. هن جي ڀرسان ميريءَ ڌوتيءَ سان ڪوئي هندو مهنت ويٺو هو، جو مزي سان گانجي جي سلفي ڇڪي رهيو هو. ان کان پري ڪجهه بنگالي شاگرد فرش تي ويٺا هئا، جي بنگاليءَ ۾ ڳالهائيندي، وچ وچ ۾ ڪجهه جملا انگريزيءَ جا ٿي ڳالهائي ويا.
مون کي ڏسي، هو چپ ٿي ويا. شايد منهنجي رنگ روپ مان سمجهي ويا ته مغربي پاڪستان مان آيو آهيان. مان موٽي آيس، ۽ ڪئبن ۾ ليٽي، هڪ فرينچ ناول ”پويون نياءَ ڪاري“ (last of the just) پڙهڻ لڳس. نهايت درد انگيز ڪتاب آهي. عيسائيت جي تسلط کان هن وقت تائين جيترو جور و ستم يهودين تي ڪيو ويو آهي، ان جو خوني داستان آهي. نازي جرمنيءَ ۾ هنن سان جيڪي ويل وهايا ويا ۽ جو تشدد روس ۾ انقلاب کان اڳ ۽ انقلاب کان پوءِ (؟) هنن تي ڪيو ويو، اهو نهايت فني چابڪدستيءَ سان ناول ۾ چٽيو ويو آهي. ڪتاب پڙهندي، منهنجو ڪيئي دفعا گلو ڀرجي آيو، ۽ مون مشڪل سان ڳوڙها روڪيا. مذهب ۽ سياست جي جنون ۾ انسان انسان تي ڪيترو نه ظلم ڪيو آهي! انسان جي خون ۾ ڪيتري نه وحشانيت آهي! هيتريءَ تهذيب جي باوجود، انسان اڃا تائين ڪيترو نه وحشي آهي! شايد انسان جو ماحول ڇو نه ڪيترو به بدلجي وڃي، ته به هو فطري طرح وحشي رهندو! شايد هن کي صحيح انسانيت جي احساس لاءِ ڪنهن ابدي ”فلسفهء حيات“ جي ضرورت آهي. پڙهندي پڙهندي، شام ٿي ويئي. مان ڪتاب رکي، اسٽيمر جي ڇت تي وڃي جهازران سان بيٺس. ان وقت سج پاڻيءَ ۾ ٻڏي رهيو هو. شفق جا پويان پاڇا لهرين ۾ لڙهي ويا رهيا. ٿوريءَ دير ۾ رات نديءَ تي ڪنهن مصور جي موت وانگر ڇانئجي ويئي. مون اوچتو محسوس ڪيو ته مان تنها نه آهيان، ڪوئي وجود واءُ ۾ منهنجي ويجهو آهي. ڀرسان ڪنهن ٽوئنگ (ٿنڀن مٿان ٿلهي تي اڏيل عارضي جهوپڙيءَ ) مان دوتاري جو جهيڻو سر اچي رهيو هو.
”....... ڪوي! مون کي جواب ڇو نٿو ڏين؟ ڏس مون کي تنهنجي تمنا ڪٿان وٺي آئي آهي. هن نديءَ جي لهر لهر تنهنجو ڏس ڏيئي رهي آهي. هي ڇوليءَ تي ڪتيءَ جو پاڇو، هي ڪنڌيءَ تي بانس جا وڻ، هي واءُ، هيءَ سانت جي مڌر سنگيت! هتان جي گهڙي گهڙي تنهنجي ”گيتانجلي“ آهي. تون ڪٿي آهين؟“
”هيڏانهن ڏس مان هتي آهيان.“ بانس جي وڻ مان تيز هوا ڊوڙندي ٿي ويئي.
”هيڏانهن ڏس، مان وڃي رهيو آهيان.“ ميگهنا جي سير مان ڪوئي آواز اچي رهيو هو. ”ڏس! مان لڙهندو ٿو وڃان، دور ڪنهن سندر _ بن ڏانهن.“ اوچتو مون کي خيال آيو ته هر آتما امر نه آهي، فقط ڪائي ڪائي آتما سرير جي موت کان پوءِ به زنده آهي، نه ته گهڻو ڪري آتما سرير کان اڳ مري ٿي، يا ان سان گڏ مري ٿي. مون سوچيو ته مون کي ٽئگور جي شاعريءَ سان ايتري محبت ڇو آهي؟ مان ته ڪنهن غير ماديءَ هستيءَ جو قائل نه آهيان، منهنجي من مندر ۾ ڪائي مورتي نه آهي، پوءِ مان اهي ڏياٽيون ڪنهن لاءِ جلائيندو آهيان! ڪنهن ڪنهن وقت منهنجي آتما ڪنهن ديوداسيءَ وانگر نچندي آهي، ڪنهن لاءِ! ڪنهن لاءِ؟ مان فقط هن جڳ، هن ديهيءَ جو قائل آهيان، پوءِ به مون کي ٽئگور جا گيت ايترو ڇو وڻندا آهن؟ مون کي ميران جا ڪيرتن ڇو وڻندا آهن؟ آخر راڌا جو شيام سان پيار فقط هڪ ڏند ڪٿا ئي ته آهي! هن جيون جي بن ۾ شيام ڪٿي ڪونهي. مان ناستڪ آهيان، مٽيءَ کي مستڪ ٽيڪيو اٿم، پر پوءِ به منهنجي من کي ٽئگور، ميران ۽ ڀٽائي ڇو ٿا وڻن؟ ائين ته نه آهي ته مون پاڻ کي نه سمجهيو آهي!
صبح جو اسٽيمر کلنا پهتو. مان سليم هوٽل پهتس ۽ سامان ڪمري ۾ رکي، ناشتي لاءِ ڊائننگ روم ۾ آيس. اتي اڳيئي هڪ آمريڪي مرد ۽ ٻه ڇوڪريون ويٺيون هيون. تعارف بعد معلوم ٿيو ته آمريڪي جو نالو رابرٽ هو. گوري چٽي رنگ جي رقيه پنجابڻ هئي ۽ رينو بنگالڻ هئي، سانورڙي صورت واري. ٻِيئي مٿئين اداري ۾ اسٽينوگرافر هيون. رابرٽ ٻڌايو ته رينو هڪ چڱي رقاصه به هئي. هو چيتي جي شڪار لاءِ سندر _ بن وڃي رهيا هئا. رابرٽ تهور علي جو ڪتاب، ”سندر _ بن جا آدمخور“، پڙهي رهيو هو. هن ڪتاب ميز تي رکي مون کي چيو، ”هن ڪتاب مان ته ائين ٿو معلو م ٿئي ته هتي ڪيئي چيتا آدمخور آهن.“ ”ها، فقط چيتا“ مون جواب ڏيئي، رقيه ڏانهن آڏيءَ اک سان ڏٺو. رابرٽ ڳالهه لنوائي، مون کان پڇيو،
”تون سندر _ بن نٿو وڃين ڇا؟“
”آيو ئي انهيءَ لاءِ آهيان.“
”اسان کي لانچ آهي، اسان سان نٿو هلين؟“
”چڱو مهرباني.“
ڪجهه وقت کان پوءِ اسان گهاٽ تان لانچ ۾ چڙهياسين. رابرٽ رقيه کي آغوش ۾ ويهاري، هن جون چڳون آڱر ۾ ويڙهي رهيو هو ۽ مون سان ڳالهائي رهيو هو. ڳالهين ڪندي، هن پڇيو، ”مشرق ۾ آمريڪا خلاف ايترو تعصب ڇو آهي؟“ ”ان ڪري جو آمريڪا پاڻ کي جمهوريت جي علمبردار چوي ٿي، پر ان جي باوجود، اشتراڪيت جي خوف سبب، مشرق جي هر جمهوريت _ دشمن عنصر جي دوست بنجي ٿي. خود مان اشتراڪيت جي بنيادي فلسفي ۽ سياسي ۽ اقتصادي نظام جو قائل نه آهيان، پر ساڳئي وقت آمريڪا سان به محبت نه اٿم.“
”هون!“ رابرٽ ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو.
”تو پاڪستاني اشتراڪي ڏٺا هوندا“، رابرٽ چيو. ”تون ئي ٻڌاءِ ته انهن جي اشتراڪيت سان رغبت ڪيئن ٿي؟“
”گهڻو ڪري مذهب کان نفرت سبب!“ مون جواب ڏنو. ”هتي هر جاءِ تي مذهب اها آگ اوتيندڙ ازدها آهي، جا انسان جي هر آزاديءَ کي ڳڙڪائي ويئي آهي. مذهب جي آڙ ۾ هر مڪر ۽ فريب، جبر ۽ تشدد کي پناهه ملي ٿي. مذهب لاءِ نفرت ئي هتان جي ڪنهن ڪنهن باشندي کي اشتراڪيت لاءِ ڇڪي ٿي، ڇو ته انهن کي روحاني نجات جو ٻيو ڪوئي ذريعو نظر نٿو اچي. اوهان جي حڪومت دنيا جي هر توهم پرستيءَ، هر مذهبي بيهودگيءَ تي چشم پوشي ڪري ٿي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ان کي همٿائي ٿي، ڇو ته اوهان سمجهو ٿا ته هر مذهبي ديوانگي اشتراڪيت خلاف محاذ آهي. ان ڪري ئي اسان جا زياده ذهين اديب، فنڪار ۽ مفڪر اوهان جي خلاف متعصب آهن. مون هتي اهڙو ڪو به اشتراڪي نه ڏٺو آهي، جنهن جي اشتراڪيت ڏانهن رغبت مذهب کان نفرت سبب نه ٿي هجي.“
”تون دهريو آهين؟“ رابرٽ ٻيو سوال ڪيو.
”نه رابرٽ، مان دهريو نه آهيان، پر مان دهريي کي به پنهنجي فڪر جي مڪمل آزادي ڏيڻ ٿو چاهيان.“
”پر آمريڪا ۾ ته اهڙي آزادي هر ڪنهن کي آهي.“
”ها را برٽ، مون کي ان جو يقين آهي؛ تعجب فقط اهو آهي ته هتي جيڪي اوهان جهڙي جمهوري آزادي چاهين ٿا، اوهان انهن جا ته نه، پر ڪڏهن ڪڏهن انهن جي ويرين جا واهرو آهيو.“
”پر اسلام ته هڪ مڪمل نظام حيات آهي. جيتري انسان کي آزادي اسلام ڏني آهي، اوتري ٻئي ڪنهن به مذهب نه ڏني آهي“ رقيه جا هن وقت تائين خوموشيءَ سان ٻڌي رهي هئي، اوچتو جوش ۾ اچي تقرير ڪرڻ لڳي. ”اسلام اها ازلي حقيقت آهي، جنهن جي هر دور ۾ ضرورت آهي. ان جا زرين اصول ڪٿي به ۽ ڪنهن وقت به انسان جي رهبري ڪري سگهن ٿا. ائين برابر آهي ته دقيانوسي مولوي اسلام جي صحيح مقصد کان نا آشنا آهن. هوئي آهن، جي اسان جي مذهب ۾ جمود لاءِ ذميوار آهن؛ انهن جي ڪري ئي اسان جا ذهين نوجوان مذهب کان باغي ٿين ٿا. مان ته چوان ٿي ته اسلام ئي اصلي اشتراڪيت آهي؛ خدا ۽ انسان جي برابريءَ ۾ اعتبار آهي اسلام. چڱو جو تو ٻڌايو ته تون دهريو نه آهين، نه ته مان توسان گڏ هلي پڇتايان ها! تون اسلام جو غور سان مطالعو ڪندين ته تنهنجا سڀ شعبھ دور ٿي ويندا.“ هوءَ اهو سڀ يڪساهيءَ چئي ويئي.
”اسلام، اسلام، اسلام! چونڪ تي اسلام، چوراهي تي اسلام، چڪلي ۾ اسلام، _ هيءَ ڄؤر ڪيئن ٿي سمجهي ته مون اسلام جو مطالعو نه ڪيو آهي!“ مون هن کي ڪوئي جواب نه ڏنو ۽ فقط هن جي چهري کي چتائي ڏٺو. مون کي زندگيءَ ۾ ڪنهن به خوبصورت عورت کان ايتري حقارت نه آئي آهي.
رينو ڊيڪ تي وڃي بيٺي هئي ۽ هن جون چڳون هوا ۾ اڏامي رهيو ن هيون. مان به ڊيڪ تي وڃي بيٺس، ته هن مونکي چيو، ”مان ڪڏهن به سنڌ نه ويئي آهيان ۽ اڳ ڪو به سنڌي نه ڏٺو اٿم. اوهان جي ديس ۾ نديون آهن؟“
”رينو اتي فقط هڪ ئي ندي آهي. سنڌو ان کي اسان ديويءَ وانگر پوڄيندا آهيون. ان ۾ اسان جون هندوعورتون اکا اڇلي ”جهولي لال جهولي لال“ چونديون آهن. اسان جي ان سان ايتري عقيدت آهي، جو اسان جو هڪ هندو دوست، جو ڀارت ۾ مري ويو هو، تنهن پنهنجي رک سنڌوءَ ۾ لوڙهڻ لاءِ موڪلي هئي. منهنجو گهر سکر ۾ سنڌوءَ جي ڪناري تي آهي، جڏهن ويساک ۾ ڇاڻي پنهنجي ڦهه ۾ ايندو آهي ته مان گهر جي ڇت تي بيهي، چنڊ کي ڇولين جي ڏولين ۾ لڏندو ڏسندو آهيان، مون کي محسوس ٿيندو آهي ته منهنجي ڪوتا سنڌوءَ جي امر سرتي آهي، ان ۾ به ساڳيون ڇوليون ۽ ڇوهه آهي، ساڳيو پهچ کان پري چنڊ لاءِ پيار آهي.“
”ڪوي، تعجب آهي ته تون اجنبي بلڪل نٿو لڳين؟“ رينوءَ چيو.
”اجنبي!“ مون من ۾ سوچيو، اجنبي! مان اجنبي! مان چندي داس آهيان، چيتن آهيان، روي بابو آهيان. مان اجنبي! چري منهنجي ڪوتا پڙهي ڏسين، ته ان ۾ توکي وديا پتيءَ جي آتما جي سڳنڌ اچي. تون منهنجي نانو تي نه ڀل، مان هتان جي آدجڳاد آهيان. منهنجي لاٽ ٻجهي ٻجهي، ٻرندي آهي، منهنجي وينا ٽٽي جڙندي آهي، مان هتي وري وري ايندو آهيان. مان هتي اجنبي ڪيئن ٿي ٿو سگهان!“
”رينو تون رقص ڪٿي سکي آهين؟“
”المورا ۾.“
”هون!“
”ڪوي! مان جڏهن نچندي آهيان، ته مون کان سرير جي ساري سڌ ٻڌ ڀلجي ويندي آهي. مان سمجهندي آهيان ته مان مڌومتيءَ جي ڇولي آهيان. تون جڏهن ڪوتا لکندو آهين ته تون به ائين محسوس ڪندو آهين؟“
”نه رينو مان ائين محسوس ڪندو آهيان ته منهنجي رڳ رڳ ۾ آڳ آهي، منهنجو سارو سرير چکيا تي چڙهي رهيو آهي. ڪوتا ڄڀيون آهي، ڄر آهي، جنهن ۾ منهنجو تن من پڄري رهيو آهي!“
ايتري ۾ چلنا بندر نظر آيو، ۽ رينو رابرٽ کي سڏي، ٻيڙين ۾ رسيءَ ۾ ٻڌل دريل ڏيکاريا. دريل دريائي ٻليءَ وانگر جانور آهي، جنهن کي مهاڻا مڇي پڪڙڻ لاءِ پاليندا آهن. مون دريل ڏانهن ڏسي، رابرٽ ڏانهن ڏٺو.
ٿوريءَ دير بعد سندر _ بن شروع ٿيو. رابرٽ ڪجهه بيئر جا دٻا کولي، اسان کي گلاس ڀري ڏنا. جڏهن رينوءَ بيئر جاچار پنج گلاس پيتا ته هن جون اکڙيون کيپ ۾ ڀرجي ويون، ۽ هن جون آڱريون ڪنهن ڪٿڪليءَ جي نرت جي تلاش ۾ چرڻ لڳيون. ”مان چاهيان ٿي ته سنڌوءَ جي سيرجو ناچ ڪريان،“ هن ائين چئي ٻانهون ڦهلايون ۽ هڪ ٽنگ گوڏي وٽان موڙي مٿي ڪئي، ”رينو!“ مون من ۾ چيو، ”رينو“ مون توکي اڳ ڪٿي ڏٺو آهي. ڪٿي؟ اها ٻانهن جي ٺونٺ اها گوڏي جي ڍڪڻي! مون ڪٿي ڏٺي آهي. موهن جي دڙي ۾، ها موهن جي دڙي ۾! نرتڪي تڏهن ته تون مون کي اجنبي نٿي سمجهين!
ڳچ وقت کان پوءِ چاندپائي فاريسٽ اسسٽيشن تي پهتاسين. لانچ کي تختو رکي ڪنڌيءَ سان ملايو ويو. تختي تان ڏاڪڻ تي چڙهي، ڪاٺ جي پل تان لنگهي، رينجر جي ڪاٺائين ٽؤنگ وٽ پهتاسين. رينجر چڱي آجيان ڪئي ۽ حال احوال ڏيڻ وٺڻ بعد، رابرٽ هن کي مرغيءَ جي شروي، رنهن ۽ٽرائوٽ مڇيءَ جا ڪجهه دٻا ۽ ڪجهه ڊبل روٽيون ڏيئي، ٻپهريءَ جي کاڌي تيار ڪرائڻ لاءِ چيو. رينجر گهڻو ضد ڪيو ته بنگالي کاڌو تيار ڪرائي، پر اسان هن تي زياده بار ٿيڻ مناسب نه ڄاتو. اٽڪل هڪ بجي ماني کاڌيسين. رينجر گل پتي جي جڙ جو ساڳ رڌايو هو، جنهن مان مون ۽ رينوءَ ڪجهه کاڌو. ماني کائي، رابرٽ شڪار لاءِ سانباهو ڪيو. هو رائيفلون صاف ڪري آيا، ته رينو هڪ ننڍڙي ڇوڪري کي وٺي آئي، جو ڪجهه بنگاليءَ ۾ ڳالهائي رهيو هو.
”ڪوي!“ رينو چيو. ”هي ڪنڌيءَ تي ويٺو هو ۽ پنهنجيءَ ڌن ۾ ڳائي رهيو هو. هن کي سوين گيت ياد آهن.“
مون ڇوڪرڙي کي شڪ سان ڏٺو، هن جي عمر اٽڪل اٺ ڏهه سال هئي. هن پنهنجو نالو سلطان ٻڌايو ۽ پوءِ بي انتها محويت سان ڪوئي بنگالي گيت ڳائڻ لڳو.
”ڪوي! هي نهايت پيارو گيت آهي، نوٽبڪ کڻ ته توکي هن جي معنيٰ لکايان.“ مون نوٽبڪ ۾ هيٺيون گيت ۽ ان جي معنيٰ لکي _
”ديش بديشي گريا، بيڙائي،
نا پاءِ لم مونر موتو،
سن سري ڪيئو ناءِ ري اپن جان“
(مان ديش وديش رليو آهيان، پر ڪنهن کي به پنهنجي پسند موجب پائي نه سگهيو آهيان. هن سنسار ۾ ڪوئي به پنهنجو نه آهي.)
”اوري آمي ڪي ڪوري، لوڪو ٿا
جابن: ڪوٿا جائيا تو ماءِ پابو“
(اڙي مان ڇاڪيان، ڪيڏانهن وڃان، توکي ڪهڙي هنڌ پايان!)
هن جو آواز اوچتو بيهجي ويو. ميز تي ڪجهه ڪيلا رکيا هئا. سلطان وڌي هڪ ڪيلو هٿ ۾ کڻي سنگهڻ لڳو. رينوءَ جي اکين ۾ ديا ڀرجي آئي ۽ هن سلطان کي ٻيو به ڪيلو کڻي ڏنو ۽ هن کي چيو، ”ٻيئي ڪيلا کاءُ.“ سلطان جي منهن تي مرڪ ائين پکڙجي ويئي، جيئن يڪتاري جي تار تي آڱر لڳڻ سان آواز پکڙجي ويندو آهي. رينوءَ جي وڌيڪ پڇا تي هن ٻڌايو ته هن جو پيءُ ۽ ماءُ مري ويا هئا ۽ هو بيک مڱي گذر ڪندو هو، ۽ رات جو ڪنهن نه ڪنهن جي گهر سمهي پوندو هو. هن جو مٿيون اڌ، ننگو هو ۽ هيٺئين اڌ تي فقط ننڍڙي لنگي ٻڌل هئس. هن پنهنجي مٺ کولي، ڪجهه آنڪون ۽ ٻيانيون رينوءَ کي ڏيکاري، چيو، ”جڏهن ٻه رپيا ڪٺا ٿيندا، ته هڪ سٺي قميص وٺندس.“
”تون اسان سان سندر _ بن هل، ته مان توکي قميص وٺي ڏيان،“ رينوءَ چيو.
”لانچ تي وٺي هلندينءَ؟“
”ها“
”ڪيلا به کارائيندينءَ؟“
”ها“
هو ٺينگ ڏيئي، وري ڳائڻ لڳو:
”ڪوٿا جائيا تو ماءِ پابو“
رابرٽ هن جي پٺن تي هٿ ڦيري، چيو، ”رقيه هن کي سردي نه لڳي، هن کي منهنجو بلئنڪيٽ ويڙهه.“
رقيه سلطان جي ڪاريءَ ڪٺ چمڙيءَ ۽ اڻڀن وارن ڏانهن هٿ وڌايو. رابرٽ رينجر کان ٻه بندوقچي ورتا، ۽ اسان سڀئي کاڌي پيتي جو ۽ ٻيو ضروري سامان کڻي لوانچ ۾ چڙهياسين. لانچ پسوري نديءَ تي لڏندي هلي؛ سامهون ڪنڌيءَ تي باوالي (ڪاٺير) گئيوا نالي درختن مان ڪاٺ ڪپي رهيا هئا، جو ڪاغذ ٺاهڻ لاءِ ڪرناڦلي جي پيپر ملين ۾ ڪم آڻيندا آهن. انهن باوالين مان ڪي بريسال، ڪي فريد پور، ۽ ڪي کلنا جا هئا. ٽه _ پهريءَ وقت لانچ هڪ کال ( کاريءَ) ۾ پهتي ۽ ان ۾ ڪجهه پنڌ هلي، ڪنڌيءَ تي روڪي ويئي. اسين سڀ هيٺ لٿاسين. رقيه، رابرٽ ۽ ٻه بندوقچي بن ۾ اندر شڪار لاءِ ويا. رقيه بورچيءَ کي ڪافي تيار ڪرڻ لاءِ چيو ۽ مون ڪجهه گل _ پتا چاقوءَ سان ڪٽي، ڪنڌيءَ تي وڇايا، ۽ انهن تي ويهي رهيس. ڪنڌيءَ سان لڳ هڪ هنس تري آيو هو. سامهون هڪ ننڍي نوڪا بيٺي هئي. جنهن مان هڪ دريل ٽپو ڏنو، ۽ مڇي پڪڙي، نوڪا ۾ موٽي ويو. هنس هن ڏانهن هڪ اڇاتري نظر سان ڏسي، پاڻيءَ تي مزي سان ترندو ويو. مان هنس کي ڏسي رهيو هوس، ته رينو منهنجو ڀرسان اچي ويٺي، ۽ چيائين، ”ڪوي! تو ڪڏهن هنس تي ڪوتا لکي آهي!“
”ها رينو فقط هڪڙو دوهو لکيو اٿم. اسان جي ٻوليءَ ۾ هنس کي هنج چوندا آهن.“ پوءِ مون هن کي هيٺئين دوهي جو انگريزيءَ ۽ هنديءَ ۾ ترجمو ٻڌايو:
”نيڻن مان جو نئن ڇلي، ڪک پن ٿي ويا رنج،
نڪتيون تنهنجو ڳالهڙيون، جيئن پاڻيءَ تي هنج.“
مان هن کي دوهي جو تت سمجهائي، ٽٻيءَ ۾ پئجي ويس. شاعر جي هر شعر جو پس منظر هن جي زندگيءَ جون ڪهڙيون ڪهڙيون گهڙيون آهن، هن جي روح جي ڪهڙي ڪهڙي اذيت، ڪهڙي ڪهڙي ڪشاڪش آهي، ان جو صحيح اندازو هن جو ڪوئي به سوانح نگار نه لڳائي سگهندو. رينوءَ ٿڌو ساهه ڀري چيو، ”ڪوي، پيار به عجب چيز آهي!“
”واقعي رينو پيار عجيب چيز آهي. تن جو پيار يا من جو پيار؛ ڀونئر جو ڪنول سان پيار، يا چنڊ جو چڪور سان پيار، سڀ عجيب آهن. هن سنسار جي هر شيءِ مايا آهي، هر سونهن مايا آهي، هر ورونهن مايا آهي، ۽ ان مايا جو سڀ کان سندر روپ پيار آهي _ جيتوڻيڪ پيار به مايا آهي اهو به امر ۽ اڪال نه آهي.“
”ڪوي! تون به ائين ٿو چوين ته پيار امر نه آهي!“
منهنجي اکين رينوءَ جي اکين ۾ ٽپو ڏنو ۽ انهن ۾ تيزيءَ سان جنم جنم جون ڏاڪڻيون لهنديون ويون. ڏاڪڻين تي ڏاڪڻيون پاتال تائين ڦرنديون ويون، جتي فقط گهور انڌارو هو، ڪجهه به امر نه هو.
”رينو!“ مون هن جي کاڏيءَ کي هٿ سان مٿي ڪري چيو، ”هن سنسار ۾ ڪائي چيز امر نه آهي. موت کان سواءِ ٻيو سڀ ڪجهه غير حقيقي آهي؛ سندرتا ۽ پريت ملي، ڪڏهن ڪڏهن موت تي جلهه ڪن ٿيون، پر انت جيت موت جي آهي. فقط موت امر آهي.“
”نه ڪوي، ائين نه آهي. مان جڏهن نچندي آهيان، ته منهنجي انگ انگ مان ڪائي آدجڳاد جاڳي پوندي آهي، مان ائين ڀائيندي آهيان ته مون ۾ ڪجهه امر آهي، مون ۾ ڪائي جوت آهي، جا ٻجهي ٻجهي ٻري ٿي. مان جڳ جڳ جي جوالي جي ڪاچڻنگ آهيان. مون کي ڪوئي وسائي نه ٿو سگهي. نه، ڪوي، موت امر نه آهي.“
ايتري ۾ بورچي ڪافيءَ جون پياليون ۽ کارا بسڪوٽ کڻي آيو. اسان هڪ پيالي ۽ ڪجهه بسڪوٽ سلطان کي ڏنا، جو حيرت سان اسان جي انگريزي گفتگو ٻڌي رهيو هو. ايتري ۾ بن ۾ ٻه بندوقن جا ٺڪاءَ ٿيا. ٿوريءَ دير بعد اسان رابرٽ کي ايندو ڏٺو ۽ هن جي پٺيان بندوقچي هڪ چيتل (چٽڪمرو هرڻ) لٺ تي لٽڪائيندا کڻي آيا. چيتل ڌرتيءَ تي رکيائون ته رينو ۽ سلطان ان ڏانهن ڊوڙندا ويا، ۽ ان جي چٽڪمريءَ چمڙيءَ تي هٿ ڦيرائڻ لڳا. ”ڪوي هي چيتل ڪهڙو نه سندر آهي!“ رينوءَ ڪجهه ڀريل آواز سان چيو ”منهنجي نشان سان مئو آهي،“ رقيه فخر سان چيو. رابرٽ مرڪ چٻاڙي، مون ڏانهن ڏٺو.
بندوقچين ڪافي پيتي ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ هنن وڏي چاقوءَ سان چيتل جي کل لاٿي ۽ پوءِ مچ ٻاريائون ۽ ان مٿان گوشت جي سجي ڪيائون. رابرٽ وسڪيءَ جي بوتل کولي ۽ چار گلاس ڀريا. ان وقت سج لهي ويو هو. ۽ شفق جا پاڇاوان پاڻيءَ تي پئجي رهيا هئا، سامهون نؤڪاتي ملاح قبله رو ٿي نماز پڙهي رهي هو. منهنجي مذهب ۾ ته ڪائي دلچسپي ناهي، پر ان وقت بن جي پر اسرار خاموشيءَ ۾ هڪ اجنبي انسان جو، هڪ زياده اجنبي هستيءَ اڳيان سجدو ڏسي، منهنجو روح نهايت بيچين ٿي ويو. مون بيچينيءَ کي لنوائڻ لاءِ وسڪيءَ جو پورو گلاس ڳيت ڏيئي پي ڇڏيو، ۽ رابرٽ سان ڳالهائڻ لڳس. مچ تي سيخ ڦري رهي هئي ۽ چيتل جي گوشت مان رس باهه تي ٽپڪي سيسراٽ ٿي ڀريا. مون سوچيو ته معلوم نه آهي ته هن جي جوڙيءَ وارو ٻيو چيتل ڪٿي آهي! معلوم نه آهي ته ان کي هن جي غير موجودگيءَ جو احساس ٿيندو هوندو يا نه! جانورن جي پيار ۾ ته انسان جي پيار کان به زياده نفاست ۽ قربت جو احساس ٿيندو آهي! هو منهن منهن سان ملائي هڪٻئي تي ڳاٽ رکندا آهن _ هڪٻئي کي چٽيندا آهن! جيتري اڪنڍ ۽ اڪير ڪبوتر جي ڪبوتريءَ سان پيار ۾ هوندي آهي، اوتري شايد ئي ڪنهن مرد جي محبت ۾ هجي! مون حوص فقط انسان ۾ ڏٺو آهي. جانورن ۾ هوس ۽ محبت ٻيئي رلمل هوندا آهن. ڇا اها تن جي تنوار هڪ جانور کي ٻئي جانور جي عدم موجودگيءَ جو احساس نه ڏياريندي هوندي! انسان ڪهڙو نه ظالم ۽ جاهل آهي، پنهنجي پيٽ جي دوزخ ڀرڻ لاءِ ڪنهن ڪنهن جو ساهه نه ٿو وٺي! اوچتو منهنجو ڌيان انهيءَ عرب فلسفيءَ ابوالعليٰ معريءَ ڏي ويو، جو ڪوئي گوشت نه کائيندو هو. بر بريت جي اونداهيءَ تاريخ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪوئي ستارو چمڪندو آهي، جنهن جي وجود جا سبب انساني ذهن ڏيئي نٿو سگهي.
”ڪوي مان هن چيتل جو گوشت نه کائيندس،“ رينوءَ مچ کان منهن موڙي چيو.
”ڪوي! هي وسڪيءَ جو آڌيو ۽ پنير جو دٻو کڻ ته اسان هن سڙندڙ گوشت جي بوءِ کان پري هلي ويهون.“
مون وسڪيءَ ۽ پنير کنيو. اسان ٻيئي رابرٽ ۽ رقيه جي نفرت آميز حيرت کان ٻه سؤ گام دور وڃي ويٺاسين. مون پنير جو دٻو کولي رينوءَ ڏانهن وڌايو، پر هن ڪنڌ ڌوڻي انڪار ڪيو، ۽ گلاس ۾ بچيل وسڪي هڪ ڳيت ۾ پي ويئي.
”ڪوي“ رينوءَ ڪجهه نشي آلود آواز ۾ چيو، ”ڪوي! مون کي ائين نظر ٿي آيو ته مچ مٿان تون سيخ ۾ پچي رهيو آهين.“ پوءِ ته هوءَ گاهه تي آهلي پيئي. مون ڪجهه پنير کاڌو ۽ ٻه گلاس وسڪيءَ جا ٻيا به پيتا ۽ پوءِ هن کان ڪجهه فاصلي تي ليٽي پيس. ان وقت بن تي اوندهه ڇانئجي ويئي هئي. اسان جي ڀرسان هڪ بندوقچي باهه ٻاري ويو هو، جنهن جون ڄڀيون ڪتيءَ جي الاءُ ڏانهن ٿي اڏاڻيون. بن ۾ ڪيئي چيتل ڪوڪون ڪري رهيا هئا، ۽ هر ڪوڪ منهنجي هيانوَ ۾ ڪوڪي وانگر ٿي کتي، جتي ڪنهن ازلي صليب تي ڪوئي نماڻو ڳاٽ لڙيل هو.
رات جو سڀ وڃي لانچ ۾ ستاسين. مون کي اڌ رات جو ڪجهه چرپر محسوس ٿي. مون ڏٺو ته رقيه رابرٽ جي آغوش ۾ پيئي هئي، ۽ رينو ڪئبن جي دري کولي، ڊيڪ تي چڙهي رهي هئي. ٿوريءَ دير کان پوءِ مان به ڊيڪ تي وڃي ويٺس. چوڌاري گهور انڌارو هو ۽ بن جي گهري سانت. اسين ڪيتري دير اتي خاموش بيٺا هئاسين. اوچتو رينوءَ جو ننڊاکڙو آواز آيو، ”ڪوي، ڪهڙي نه ڀيانڪ رات آهي. مون کي ته ننڊ ڪانه ٿي اچي. ڪوي پرهه ۾ ڪيتري دير آهي؟“
ڊيڪ تي تيز ۽ سرد هوا ٿي لڳي. آسمان تي جهڙ هو ۽ ڪوئي ستارو نظر نه ٿي آيو. منهنجي نظر افق در افق اوندهه ۾ گم ٿي ويئ، ۽ مون فقط هن جي وارن تي هٿ ڦيريو ۽ ڪوئي جواب نه ڏنو.
مون کي ائين محسوس ٿيو ته اها ڀيانڪ رات سدائين رهندي، پرهه ڪڏهن به نه ايندي، ڪڏهن به نه!

_ تنهنجو پنهنجو

سکر مان جون 1961ع ۾ لکيل ھڪ خط

ڪئينس روڊ _ سکر
1_ جون 1961ع

ادا،
تو لکيو آهي ته مان پنهنجي آتم _ ڪهاڻي هاڻي نه لکان ۽ ڪجهه وقت ترسان. مان فقط اهو ٿو سوچيان ته پيرسنيءَ ۾ فڪر جي پختگي ۽ گهرائي ته ملي ٿي پر جذبات جي تازگي نٿي ملي؛ ان ڪري جيڪڏهن منهنجيءَ آتم _ ڪهاڻيءَ کي ڪائي به اهميت آهي ته اها هاڻي لکان.
ان کان اڳ جو مان پوري کاڻ کوٽيان، توکي ڪجهه مٿاڇريون ڪنڪريون ۽ هيري _ ڪڻيون موڪليان ٿو، ڏسي ٻڌاءِ ته انهن ۾ ڪجهه املهه به ٿي سگهي ٿو يا نه!
_ _ _ _
منهنجي هڪ ماسي هئي، جنهن جي ٻانهن ٺونٺ وٽان ڪپيل هئي. هوءَ ننڍي هوندي ڪنهن ڪتر جي مشين وٽ ٿي کيڏي ته هن جي سڄي ٻانهن مشن ۾ اچي ٺونٺ وٽان ڪپجي ويئي. هن کي گهايل هرڻيءَ جهڙيون گهريون حسرت آميز اکيون هيون، ۽ هن جي جسم ۾ ڪوريءَ ڪنگريءَ جهڙي خوشبوءِ هوندي هئي. مون اهڙي خوبصورت عورت زندگيءَ ۾ نه ڏٺي آهي. جڏهن هوءَ کٻيءَ ٻانهن سان ڦلڪو ويليندي هئي، ته منهنجو اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي اينديون هيون.
هڪ دفعي منهنجي ڪنهن مائٽ کي ڇتي ڪتي چڪ پاتو ۽ چڪ کان ڪجهه ڏينهن پوءِ، هو چيٽون ڪرڻ لڳو ۽ پاڻيءَ ۾ ڪتڙيون ڏسڻ لڳو. منهنجو پيءُ هن کان پڇڻ لاءِ مون کي ساڻ وٺي هليو. هن جي زال اوڇنگارون ڏيئي روئي رهي هئي ۽ سڀني کي هن جي دردناڪ حالت ڏسي ڏک ٿي ٿيو، ڇو ته هو پاڙي ۾ سڀني کان زياده سگهو ۽ سهڻو جوان هو، ۽ سڀني کي پڪ هئي ته نه بچندو. منهنجي پيءُ هن جي زال کي آٿت ڏيندي چيو ”ڌيءَ، صبر ڪر! خدا جي مرضيءَ کان سواءِ پن به نه ٿو چري. خدا چاهيندو ته هي خوش ٿي پوندو.“
ٻئي ڏينهن هو مري ويو. جڏهن منهنجو پيءُ هن جي جنازي نماز تان موٽيو ، تڏهن مون هن کان پڇيو، ”بابا، اها خدا جي مرضي هئي ته هن کي ڇتو ڪتو چڪ پائي؟“
”ها پٽ خدا جي مرضيءَ کان سواءِ پن به نه چرندو آهي.“
”بابا، اها به خدا جي مرضي هئي ته ماسيءَ جي ٻانهن ڪتر جي مشين ۾ ڪپجي وڃي؟“
بابا مون کي غور سان ڏسندي چيو ”ها پٽ! اها به خدا جي مرضي هئي.“
”بابا، خدا جي مرضي ايئن ڇو هئي؟ جي ماسيءَ جي ٻانهن نه ڪپجي هان ته خدا جو ڪهڙو نقصان ٿئي ها!“
بابا جهڪي مون کي مٿي تي چمي ڏني، ۽ ڪوئي جواب نه ڏنو.
_ _ _
اسان جي پاڙي کان ڪجهه پنڌ تي هڪ باغ ۾ کوهه هو. ڪڏهن ڪڏهن منهنجو پيءُ ان باغ ۾ ويندو هو. هڪ دفعي، بابا نيسر هيٺان وهنجي رهيو هو ۽ مان پکيئڙي کي ڏسي رهيو هوس، جو زيتون جي وڻ تي ٽڪلو ٽڪلو ڪري رهيو هو. پريان باغائيءَ جهار هڪلي کانڀاڻيءَ سان وڻن ڏانهن ڳوڙها ٿي هنيا. اوچتو هڪ ڳوڙهو ان پکيئڙي کي لڳو ۽ هو وڻ تان ڦهڪو ڪري ڌرتيءَ تي ڪري پيو. مون ان کي هٿ ۾ کڻي ڏٺو ته هو چريو پريو نٿي. مون بابا جي ڀرسان وڃي هن کان پڇيو.
”بابا هي ٻولي ڇو نه ٿو؟“
”پٽ هي مري ويو آهي.“
”بابا هي مري ڪيڏانهن ويو آهي.“
”پٽ، اها ڪنهن کي به ڄاڻ نه آهي ته ڪوئي مري ڪيڏانهن ويندو آهي.“
_ _ _ _
روز لڙيءَ رات مهل هڪڙو فقير اسان جي در تي اچي سئن هڻندو هو ۽ سرندو هلائي ڪائي ڪافي ڳائيندو هو. مان هن جو ايترو ته عادي ٿي ويو هوس، جو مون کي هن جو آواز ٻڌي يڪدم جاڳ ٿيندي هئي ۽ ڪهڙي به ولهه وسندي هئي، مان هن کي رات جا بچيل چانور ۽ ٻه پيسا ڏيئي، ڪيتري وقت تائين هن جو سرندو ۽ ڪافي ٻڌندو هوس.
هڪ رات هو نه آيو. مون کي ڪتن جي ڀونڪ تي جاڳ ٿي، ته ان وقت جهونجهڪڙو هو. مان هنڌ مان اٿي ٻاهر آيس ته ڪوئي نظر نه آيو. ان وقت لري ٿي لڳي ۽ مون کي ڏاڍو سيئاندو ٿي ٿيو، پر ان هوندي به مان باک ڦٽيءَ تائين اتي بيٺو رهيس، جيستائين مون کي ماءُ سڏ ڪيا. ٿڌ لڳڻ سبب مون کي چار _ پنج ڏينهن زڪام ۽ بخار رهيو پر بخار ۾ به مان لڙيءَ اڌ رات مهل اٿي فقير جي سئن ۽ ساز جي آواز لاءِ ڪنائيندو هوس، پر فقير ڪونه آيو. نيٺ مون پيءُ کان پڇيو، ”بابا هاڻي فقير ڇو نه ٿو اچي؟“
”پٽ سيلانيءَ جو ڪهڙو اعتبار آهي! ڪيڏانهن هليو ويو هوندو.“
”بابا، مون کي به اهڙو سرندو وٺي ڏي.“
”ها پٽ، مان سڀاڻي توکي سرندو وٺي ڏيندس.“
”بابا، توکي اها ڪافي ايندي آهي، جا فقير ڳائيندو هو؟“
”نه پٽ.“
”بابا، اها ڪافي ڪنهن ٺاهي آهي؟“
”پٽ ڪنهن شاعر ٺاهي هوندي.“
”بابا شاعر ڪافي ڪيئن ٺاهيندو آهي؟“
”پٽ، پنهنجيءَ ڏات سان ٺاهيندو آهي.“
”بابا مون کي به ڏات وٺي ڏي.“
”پٽ، ڏات وڪامندي نه آهي. جنهن انسان کي خدا چاهيندو آهي ان کي ڏات ڏيندو آهي.“
”بابا، مون کي خدا کان ڏات وٺي ڏي.“
”ها پٽ، مان خدا کي چوندس.“
ٻئي ڏينهن تي بابا هڪ ننڍو سرندو بازار مان وٺي آيو ۽ مون کي ڏيئي چيائين.
”هان پٽ، هي سرندو!“
”بابا خدا کان ڏات ورتئي؟“
”پٽ، خدا وٽ ڏات کپي ويئي آهي.“
”نه بابا مون کي ڪيئن به ڏات وٺي ڏي، مان ڪافي ٺاهيندس.“
”چڱو پٽ، مان وري دعا ٿو گهران ته خدا توکي ڏات ڏئي ۽ تون لکين ڪافيون ٺاهي سگهين.“
_ _ _ _
ڦولناٿ جوڳيءَ جي بابا سان ڏاڍي اڪير هوندي هئي. هن کي هندو ديو- مالا جون هزارين ڪٿائون اينديون هيون. ويد، اپنشد، رامائڻ، مهاڀارت وغيره هن کي چڱيءَ طرح ياد هوندا هئا ۽ هو انهن مان ڪهاڻيون چونڊي، مون کي سنسڪرت آميز سنڌيءَ ۾ ٻڌائيندو هو. جيڪڏهن هن کي ڪائي موزون ڪهاڻي ياد نه ايندي هئي، ته هو ڪائي به ڪهاڻي ان وقت گهڙي ٻڌائيندو هو. هڪ رات هن مون کي چيو، ”ڪالهه مون توکي ڪوي ڪاليداس ۽ وڪرم آروسيءَ جي پوري ڪهاڻي ٻڌائي آهي. اڄ مون کي ڪائي ڪهاڻي ياد نٿي اچي.“ مون ضد ڪيو ته هو مون کي ڪويءَ جي ٻي ڪائي ڪهاڻي ٻڌائي. پوءِ هن مون کي هڪ من- گهڙت ڪهاڻي ٻڌائي هئي. (ڇو ته اها ڪهاڻي مون کي هندو ديو مالا ۾ اڃا ڪٿي به نه ملي آهي.) ۽ اها ڪهاڻي پنهنجي عجيب غريب نوعيت سبب مون کي اڃاتائين ياد آهي.
”_ چنڊ کي پهريون مانش ديهه هئي. هو ڪوي هو ۽ پرش ۽ پرڪرتيءَ جي باري ۾ ڪيئي ڪوتائون چيون هيائين. هڪ دفعي هو گنگا نديءَ جي گهاٽ تي چانڊوڪيءَ ۾ بيهي نهايت مڌر آواز ۾ پنهنجي ڪوتا ڳائي رهيو هو ته اتان شو ۽ پارپتي اچي لنگهيا. پارپتيءَ شوَ کي چيو، ”ڪهڙو نه مڌر آلاپ آهي. منهنجو وس پڄي ته هن ڪويءَ کي امر ڪري ڇڏيان.“ شوَ جواب ڏنو، هي ڪوي فقط مڌر آلاپ نه آهي، هن ۾ لوڀ ۽ اهنڪار آهي. ڪڏهن ڪڏهن هن جي آتما پوري آفتاب سان چمڪندي آهي ته هي ڪوتا چئي سگهندو آهي، نه ته ڪڏهن هن جي آتما ٿورو چمڪندي آهي، ڪڏهن زياده ۽ هن جو اڌو اڌ جيون پوري انڌڪار ۾ گم ٿي ويندو آهي.“ پارپتيءَ کي ان ڳاله تي ويساهه نه آيو، ته شو وڌي چنڊ کي چيو، ”اي ڪوي! مان هتان جو راجا آهيان. تون چوين ته مان توکي راج _ گديءَ تي ويهاريان ۽ توکي راج _ مڪٽ پهرايان ۽ دنيا جا سڀ پدارٿ ڏيان، پر توکي هڪ ڳالهه مڃڻي پوندي!“
”ڪهڙي ڳالهه؟“ چنڊ چيو.
”تون ان جي بدلي ۾ مون کي پنهنجي ڪويتا ڏيندين.“
”مون کي منظور آهي.“ چنڊ چيو.
پارپتي اهو ٻڌي اهڙو ته ڪروڌ ۾ اچي ويئي، جو هن کي سراپ ڏنائين ته ”اي ڪوڙا ڪوي! تون سرشتي جي انت تائين آڪاش ۾ ڀٽڪندو وتندين ۽ سدائين پنهنجي اصلي روپ ۾ هوندين ۽ ڪنهن کي به ٺڳي نه سگهندين. ان کان پوءِ هو ڪوي چنڊ جي روپ ۾ اڄ تائين آڪاش ۾ ڀٽڪندو رهيو آهي.“
_ _ _ _
اسان جي خواب گاهه جي ڇت تي هڪ عورت جي تصوير ٽنگيل هوندي هئي، جنهن جي صورت اڃا ت’ائين مون کي ياد آهي. هن جو ون سانورو، اکيون اونهيون ۽ منهن سٻاجهڙو هو ۽ هن کي پيشانيءَ تي تلڪ ۽ ڪنن ۾ جهومڪ هئا. هڪ ڀيري مون پيءُ کان پڇيو.
”بابا هيءَ ڪير آهي؟“
”بابا، هيءَ نيلم آهي.“ هو جواب ڏيئي ڪنهن ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو.
”بابا، نيلم ٻائي ڪٿي رهندي آهي؟“
”بمبئيءَ ۾.“
”ڪنهن جي زال آهي؟“
”ڪنهن جي به نه“
”ڇا ڪندي آهي؟“
”نچندي آهي.“
”بابا، تو هن کي ڪڏهن نچندي ڏٺو آهي؟“
”ها پٽ.“
”ڪيئن نچندي آهي، بابا؟“
”مور وانگر.“
”بابا، هن کي مور وانگر پر آهن؟“
”نه پٽ، جي هن کي پر هجن ها، ته هتي ضرور اڏامي اچي ها.“
”بابا، تون بمبئي ويو آهين؟“
”ها“
”اتي ڪيترو وقت رهيو هئين؟“
”ڏيڍ سال.“
”اتي ڇا ڪندو هئين، بابا!“
”نيلم جو ناچ ڏسندو هوس.“
”بابا، مون کي به نيلم جو ناچ ڏيکار!“
”پٽ، تون اڃا ننڍو آهين، جڏهن وڏو ٿئين ته ڪيئي نيلم، پکراج، هيرا تنهنجيءَ زندگيءَ ۾ ايندا. فقط انهن کي پريان چمڪندو ڏسجانءِ.
_ _ _ _
اسان جي پاڙي ۾ هڪ واڻيو رهندو هو، جو ڇٻي ۾ ڪلفيون ۽ ميوو وڪڻندو هو. هو پيرسن هو پر هن کي هڪ خوبصورت قداور جوان زال هئي، جنهن جو نالو رڪمڻي هو. هڪ ڏينهن منهنجو پيءُ آرام ڪرسيءَ ۾ ليٽي پيو هو ۽ سگريٽ پي رهيو هو ته ڪجهه پاڙي جا مسلمان هن وٽ دانهن کڻي آيا. انهن مان هڪ ڏاڙهيءَ وارو جو صوم وصلوات جو پابند هو، تنهن هن کي چيو، ”چاچا، هيءَ رڪمڻي روز سوڀي واڻيي سان سيروءَ واري کوهه تي ملي ٿي ۽ رات جو به لڪي لڪي هن جي گهر وڃي ٿي. اسان هن کي ٻه ٽي ڀيرا پڪڙيو آهي، پر پوءِ به نٿي مڙي هنن کي پاڙي مان ڪڍيو وڃي.“
منهنجي پيءُ هن کي گهوري ڏٺو ۽ پوءِ چيو _
”رڪمڻي تنهنجي ماءُ آهي؟“
_ چپ!
”تنهنجي ڀيڻ آهي؟“
_ چپ!
”تنهنجي ڌيءُ آهي؟“
_ چپ!
تون پنهنجو ڪم ڪر، تنهنجو رڪمڻيءَ سان ڇا!“
هو هليا ويا ته بابا مون کي چيو ته ”رڪمڻيءَ کي سڏي آءُ.“
هوءَ مون سان گڏجي آئي ۽ منهنجي پيءُ کي ڏسي گهونگهٽ ڪجهه هيٺ ڪيائين. بابا هن کي چيو، ”ڌيءَ تنهنجو مڙس اڃا بيمار آهي ڇا؟“
”چاچا، ڏاڍو بيمار آهي، ڪنهن دوا دارونءَ جو اثر نه ٿو ٿئي، ڳري ڳري ڪنڊا ٿي ويو آهي.“
”ڌيءَ اوهان کي پيسي پائيءَ جي ضرورت ته نه آهي؟“
چاچا توکان ڪهڙو ڳجهه آهي، اڄڪلهه ته وئد جي ستيءَ ڦڪيءَ لاءِ به پئسو نه آهي.“
بابا کيسي مان پنجاهه روپيا ڪڍي هن کي ڏنا، ۽ هن کي چيو،
”ڌيءَ هي پيسا وٺ جڏهن تنهنجو مڙس خوش ٿي ڪمائي ته تڏهن مون کي موٽائي ڏيجانءِ.“
_ _ _ _
هڪ دفعي شڪارپور جي جماڻي هال ۾ ڪوئي تقرير ڪري رهيو هو. هن جي تقرير ايتري ته موثر هئي، جو منهنجو هيانءُ ڀرجي آيو. اڃا تقرير ڪري رهيو هو، ته ٻه پوليس وارا آيا، جي هن کي هٿڪڙي هڻي، ٿاڻي ڏانهن وٺي ويا.
مون پيءُ کان پڇيو. ”بابا، هي ڪير هو؟“
”پٽ هي ڪانگريسي هو.“
”هن کي ڇو ٻڌو اٿائون.“
”پٽ هي، حڪومت جي خلاف پيو ڳالهائي.“
”بابا، هي ڳالهائي ته ڏاڍو چڱو پيو، مون کي ته اکين ۾ ڳوڙها ٿي آيا. هن کي ڇو ٻڌائون؟“
”پٽ، جيڪڏهن ڪوئي به حڪومت جي خلاف ڳالهائيندو آهي ته حڪومت کي اها ڳالهه نه وڻندي آهي.“
”حڪومت کي اها ڳالهه ڇو نه وڻندي آهي. بابا!“
”بس نه وڻندي آهي.“
”بابا، منهنجو وس پڄي ته هن پوليس واري کي ڪچو کائي ڇڏيان.“
_ _ _ _
بابا زندگيءَ جا پويان ٻه سال مسلسل بيماريءَ ۾ گذاريا ۽ ڪنهن ذريعي معاش نه هئڻ سبب ڪافي تنگ دست هو. هڪ ڏينهن هو مون سان گڏجي ڊاڪٽر وٽ هليو، جو هن جو شروع کان علاج ڪندو هو. هن ڪمپائونڊر کان اڳيون پرچو وٺي، ڊاڪٽر کي هفتي جي دوا لاءِ چيو. ڊاڪٽر، پنهنجي نڪ تي رکيل عينڪ مٿان گهوري هن کي چيو، ”شيخ صاحب، اوهان ڏانهن ڪيتري وقت کان سٺ روپيا رهيل آهن؛ پهرين اهي ڏيو، پوءِ ٻي دوا وٺو.“
”مون کي هن وقت پيسو ڪونه آهي پر ٿوري وقت ۾ اوهان جو سمورو بل ادا ڪندس. اوهان دوا ڏيو،“ بابا جهيڻي آواز ۾ جواب ڏنو.
”بل قيامت ۾ ادا ڪندا ڇا؟“ ڊاڪٽر کهرائپ سان چيو.
بابا جو منهن ٽامڻي هڻي ويو. هن ڪوئي جواب نه ڏنو ۽ دوا جي خالي شيشي هٿ ۾ کڻي اسپتال مان نڪري آيو. مون رستي تي هن کان پڇيو. ”بابا، ڊاڪٽر هونءَ ته ائين ڪونه ڳالهائيندو هو.“
”پٽ، پيسي کان سواءِ هر ڪوئي ائين ڳالهائيندو آهي.“
”بابا، تو ڊاڪٽر کي اها شيشي مٿي تي ڇو نه هنئي.“
هن رحم سان مون ڏانهن ڏٺو ۽ منهنجي مٿي تي هٿ گهمائي چيائين، ”پٽ، انسان ڪنهن جو مٿو ڦاڙي ڪنهن جو ڦاڙيندو!“
”بابا، جي وري هن توسان ائين ڳالهايو ته مان هن کي ..... مان هن کي.......“ منهنجو مٺيون ڀيڪوڙجي ويون ۽ نڙيءَ ۾ سڏڪا اٽڪي پيا.
_ _ _ _
ادا، اهڙا هزارين واقعا آهن جي ظاهري طرح ته اهم نه آهن، پر انهن غير شعوري طرح منهنجيءَ زندگيءَ ۽ شاعريءَ تي گهرو اثر ڪيو آهي. چاهيان ٿو ته اهي واقعا سمويان ۽ انهن مان انهيءَ انسان جي تصوير اجاگر ڪيان، جنهن جي شاعري، نه فقط سياست، سماج، مذهب ۽ ادب، پر پنهنجي دور جي هر قدر سان بغاوت ڪئي آهي. بهتر ٿيندو ته پهرين انهيءَ ڪوشش جي باري ۾ تنهنجو رايو ڏسان.

_ تنهنجو پنهنجو

سکر مان 1955ع ۾ لکيل اٺ خط

1
____

سکر _ _ 1955ع

ادا،
تنهنجو خط پهتو. خط جي بلڪل توقع نه هئي. اڳ سمجهندو هوس ته اڻ ڄاتو اڻ ڳاتو مري ويندس؛ پر هاڻ ته دوستن ايتري حوصله افزائي ڪئي آهي، جو دماغ جون توازن سنڀالڻ مشڪل ٿي پيوآهي. تو منهنجي زندگيءَ ۽ شخصيت جي باري ۾ وڌاءُ کان ڪم ورتو آهي، ممڪن آهي ته تنهنجو خيال منهنجي ادب ۽ آرٽ جي باري ۾ صحيح هجي. ڪيئن به هجي، پر مان تنهنجي ايتري قدرشناسيءَ ۽ محبت لاءِ احسانمند آهيان.
منهنجي زندگي ۽ شخصيت ايتريءَ محبت جي لائق نه آهي. ڪنهن به انسان کي ان جي ادبي تخليق مان پرکڻ ۽ پرجهڻ نهايت غلط آهي. منهنجي نظر ۾، آرٽ ۽ ادب ”حسن جي تلاش“ آهي _ ڪڏهن اديب جي ماحول ۾، ڪڏهن سندس ذاتي جذبات ۽ احساسات ۾. اهو لازمي نه آهي ته هر شاعر جي زندگي به ايتري حسين هجي، جيترو سندس شعر. ڪيترا شاعر جي زندگيءَ جي قباحت کان ڀڄي، شعر و شاعريءَ جي حسين دنيا ۾ پناهه وٺندا آهن. باقي ائين برابر آهي ته شاعر جي اک ۽ دل ٻين انسانن جي اکين ۽ دلين کان مختلف آهي. هو پنهنجي ماحول ۽ روح ۾ جي ڳالهيون محسوس ڪري سگهي ٿو، سي ٻين جي احساس کان مٿڀريون آهن، جنهن طرح هو انهن ڳالهين کي لفظن جو جامو پهرائي سگهي ٿو، ان طرح ٻيو ڪو به نه ٿو ڪري سگهي.
ان ڪري ائين بهتر آهي ته تون منهنجيءَ تخليق کي ڏس. جي منهنجو شعر پڙهندي توکي سچ پچ ائين محسوس ٿيو آهي ته بيخوديءَ جي عالم ۾ مون ازلي حسن جون ڪجهه جهلڪيون جهٽي ورتيون آهن، جي سچ پچ توکي ائين لڳو آهي ته منهنجو آرٽ سچائيءَ ۽ سونهن جي مسلسل جستجو آهي، ته مون لاءِ اهو ڪافي آهي. ۽ منهنجي زندگي هڪ ڪوڙي ڪهاڻي آهي، اها ٻڌي ڇا ڪندين؟ منهنجي گهڙي گهڙِي فريب آهي، پل پل دوکو آهي. مان ساري عمر رڃ پٺيان ڀٽڪيو آهيان، ڪڏهن به اڃ نه لٿي اٿم. شايد باقي زندگي به ڀٽن ۾ ڀٽڪندي گذرندي. توکي ان سراب کي سمجهڻ جو سوداءُ ڇو ٿيو آهي. شعر، جي واقعي شعر آهي، ته اهو حسن جي بيپناهه بارش آهي. تون ان مان پياس ٻجهائي سگهين ٿو. مان ڳائڻ مهل خالق آهيان، جيئڻ مهل مخلوق آهيان. بهتر آهي ته تون منهنجيءَ تخليق کي ڏس _ مون ۾ ڇا رکيو آهي!

_ تنهنجو پنهنجو

____
2
____

سکر _ 1955ع

ادا،
تو پنهنجي خط ۾ عجيب تقاضا ڪئي آهي ته مان توکي چانڊوڪيءَ ۾ ويهي خط لکان. توکي شايد خبر نه آهي ته مون کي چانڊوڪيءَ کان چڙ آهي. چانڊوڪي منهنجي نيڻن کان ننڊڙي کسي وٺندي آهي، ۽ مان راتين جون راتيون چنڊ پٺيان چارا رلندو وتندو آهيان. توکي شايد خبر نه آهي ته چنڊ ۽ ننڊ اصل جا ويري آهن. چانڊوڪي اکڙين کي اوجاڳا ڏيندي آهي. دلين جا دکڙا دکائيندي آهي. مان ڪيئي راتيون نور ڀريءَ نيراڻ ۾ نهاريندو رهيو آهيان _ ڪيئي ڀيرا سنسار جي سيني ۾ گهوري ڏٺو اٿم. چانڊوڪيءَ ۾ مونکي هيءَ ڪائنات ڪنهن ڪوريئڙي جو مهاڄار لڳندي آهي، جنهن ۾ انسان ڪنهن جيتڙي وانگر ڦاسندو ڦٿڪندو نظر ايندو آهي. چنڊ آسمان ۾ ائين هلندو نظر ايندو آهي، گويا کيس ڪوئي ڪنڍي وجهي ڪنهن ازلي منزل ڏانهن ڇڪي رهيو آهي _ مان به پنهنجيءَ منزل جي تلاش ۾ هن جي پٺيان ڪيئي منزلون طئي ڪري ويندو آهيان. ساري رات انهيءَ سفر ۾ طئي ٿيندي آهي، ۽ منهنجن ڇپرن جي ڇانو ۾ پرهه ڪر موڙيندي نظر ايندي آهي.
ادڙا، چنڊ مونکي ڪائنات جي ازلي اک وانگر لڳندو آهي،جا مون ڏانهن گهوريندي رهندي آهي، ۽ مان پنهنجي خوف ۾ تارن ڀرين راتڙين جو سهارو وٺندو آهيان. اڄ به اڻٽيهين اونداهي آهي ۽ مان توکي بتيءَ جي ڌيميءَ جوت ۾ هيءُ خط لکي رهيو آهيان. شايد تنهنجي زندگيءَ ۾ مان پهريون شاعر آهيان، جنهن کي چانڊوڪيءَ کان چڙ آهي. پر، ان هوندي به منهنجي شاعريءَ ۾ هر جڳهه چانڊوڪيءَ جو ذڪر آهي! ڇو؟ شايد مون کي چانڊوڪي بيحد پياري آهي! شايد چانڊوڪيءَ ۽ ننڊ ۾ رقابت جو جذبو آهي _ تنهنڪري! ادڙا، مان هڪ خسته تن ۽خسته دل انسان آهيان: مون کي ننڊڙي وڌيڪ پياري آهي _ مون کي چانڊوڪي نه گهرجي _ مون کي روشني نه گهرجي!

_ تنهنجو پنهنجو

____
3
____

سکر 1955ع

ادا،
هاڻي معاشي مصروفيتن مان مس مس فراغت ملي آهي، سارو ڏينهن زندگيءَ جو ڳاهه ڳاهي آيو آهيان. نس نس ٽٽي رهي آهي. معلوم نه آهي ته سارو ڏينهن ڪير ڳر ڪائي ويو! وقت، هن ماحول ۾ ڪنهن ازلي ديو وانگر ٿو لڳي. هينئر شام، چانهه وانگر نيرا نيرا پر پکيڙيا آهن. چانهه، اسان جي تر جو مشهور پکي آهي، ۽ ان متعلق ڏند ڪٿا آهي ته هو هميشه ڪنهن پارس جي تلاش ۾ هوندي آهي. مان جڏهن به شام کي چانهه سان تشبيهه ڏيندو آهيان، ته نه فقط ان جي اڪيلائي جو احساس ۽ نيراڻ مائل رنگ ذهن ۾ هوندو اٿم، پر مان محسوس ڪندو آهيان ته منهنجي هر شام به ڪنهن پارس جي تلاش ۾ هوندي آهي _ ڪنهن نامعلوم، نارسا هستيءَ جي جستجو ۾، جا منهنجي ساهه کي سارو سون ڪري سگهندي!
اها جستجو ئي منهنجو مذهب آهي. وهمن وسوسن ۾ ويڙهيل مذهب، منهنجي لاءِ من گهڙت جڙتو ڪهاڻيون آهن. فرقه بنديون ۽ ظاهرداريون مون لاءِ خود فريبيءَ ۽ خدا فريبيءَ کان گهٽ نه آهن. خشڪ اخلاقيات جي ڳالهه منهنجن چپن تي هڪ شرارت ڀري مرڪ آڻيندي آهي. بهشت دوزخ، گناهه ثواب، حرام حلال جي بحث تي ئي مون کي کل ايندي آهي _ کل جا مرڪ ۾ اسرندي، ٽهڪ ۾ ڦهلندي آهي؛ ۽ پوءِ ڪائنات کي وڻ _ ويڙهيءَ وانگر وچڙي ويندي آهي؛ ۽ پوءِ ڪائنات هڪ ڪنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ تائين گونجندي رهندي آهي: منهنجا ٽهڪ زمان ۽ مڪان جي سرحدن تي وڃي پڄندا آهن، ۽ منهنجا ازلي سوال آسمان کان کنوڻين واگر کلندي پڇندا آهن، ”اي راز ازل! مون تنهنجي پر اسرار هستي، چرندي پرندي محسوس ڪئي آهي. مون توکي مکڙين جي خوشبوءَ ۾ سنگهيو آهي؛ چنگ جي آواز ۾ ٻڌو آهي؛ شفق جي ڀنل رنگن ۾ ڏٺو آهي؛ معصوم حسينائن جي ملائم ڳلن ۾ ڇهيو آهي؛ شراب جي ڪوڙيءَ ڳيت ۾ چکيو آهي. اي راز ازل! تنهنجو احساس منهنجي وجود جي معنيٰ آهي، ۽ تنهنجو وجود مون لاءِ معنيٰ جو احساس آهي. هي منهنجا همذات، هي انسان، توکي ڇو نه ٿا محسوس ڪن! هنن کي ڪير ٿو برغلائي؟ هيءُ ڪوڙين ڪهاڻين جو تاڃي- پيٽو ڪنهن بڻايو آهي، جن ۾ هنن جو ذهن منجهي پيو آهي؟ هي اڻواقف مون کي پنهنجي واقف سان واقفيت ڪرائي رهيا آهن! اي راز ازل! تون ڪيترو نه حسين آهين، پر هنن انسانن ، جو جامو توکي پهرايو آهي، تنهن ۾ به ڪيترو نه قبيح ٿو لڳين! اي راز ازل! تنهنجي ڪنواري، بي نقاب صورت ئي حسن ۽ حق جي معياري پسند آهي.“ ۽ پوءِ ٽهڪ جهڪا ۽ ڦڪا ٿيندا ويندا آهن، منهنجي منهن تان مرڪ گم ٿيندي ويندي آهي ۽ منهنجو سر جهڪي ويندو آهي؛ ٽاهه ٽاهه ڳوڙها منهنجين اکين مان وهندا آهن، ۽ مان هڪ گهڙيءَ ۾ ساريءَ انسان ذات واسطي صدين جي عبادت ڪري ڇڏيندو آهيان. منهنجا مٺڙا ڀاءُ، اهو آهي منهنجو مذهب جنهن جي ڄاڻ لاءِ توکي ايتري چورا کورا هئي، ۽ جنهن لاءِ بار بار تو پنهنجي گذريل خطن ۾ لکيو هو. انهيءَ ئي منهنجي شاعريءَ کي جرڪايو آهي، انهيءَ جي ئي ڪري مان پاڻ کي ماڻهوئڙن جي ميڙ ۾ اڪيلو ڀائيندو آهيان، ۽ اڪيلائيءَ ۾ پاڻ کي ساريءَ مخلوق سان گڏ پرستش ڪندو ڏسندو آهيان. ان منهنجي مذهب جا نبي يا ولي، اوتار يا رشي ڪونه آهن؛ ان جا مصحف ڪتاب، پوٿيون پستڪ ڪونه آهن: اهو فقط ٻن جهاتين، ٻن جهلڪن تي بڻيل آهي _ شايد تون سمجهي سگهين ته هر جهاتيءَ ۽ جهلڪ ۾ ڪائنات جو ڪهڙو راز آهي!

_ تنهنجو پنهنجو

____
4
____

سکر 1955ع

ادا،
تنهجو خط پهو. تو لکيو آهي ته تون منهنجي نه، منهنجي شعر جي شخصي زندگي ڄاڻڻ ٿو چاهين. تو پڇيو آهي ته مان گونا گون مصروفيتن هوندي شعر ڪهڙيءَ وقت ٿو لکان، ۽ هر شعر لکڻ وقت منهنجن جذبن ۽ احساسن جي ڪهڙي حالت آهي؟ عشقيه ڪلام لکڻ وقت منهنجي تصور ۾ ڪي خاص شخصيتون هونديون آهن ڇا؟ مان شعر موقعي تي في البديهه چوندو آهيان، يا پوءِ گذشته حالات جي تصور کان متاثر ٿي چوندو آهيان؟ ڪهڙن ڪهڙن شاعرن جي ڪلام منهنجي شاعريءَ تي اثر وڌو آهي؟ منهنجي شاعريءَ ۾، هر صنف سخن سان بيوفائي ڇو آهي؟ ۽ آخري سوال _ جو سڀ کان ڏکيو آهي _ ته مان شعر چوندو ڇو آهيان؟
مان ڀانيان ٿو ته پوئين سوال جو جواب اول ڏيان ته بهتر ٿيندو. مان شعر ڇو چوندو آهيان ۽ مان زنده ڇو آهيان: انهن ٻنهي سوالن ۾ ڪوئي خاص فرق نه آهي. ٻيئي لازم ۽ ملزوم آهن. مان زنده آهيان تنهنڪري شعر چوندو آهيان ۽ مان شعر چوندو آهيان تنهنڪري زنده آهيان. هر انسان کي پنهنجي معاش مهيا ڪرڻ واسطي محنت لازمي آهي: شعر و ادب جي تخليق تي به محنت ڪئي ٿي وڃي، پر شعر ادب کي هن ماحول ۾ ذريعه معاش بنائڻ ذري گهٽ ناممڪن آهي. ان ڪري مون قانون کي ذريعه معاش بنايو آهي. قانون جو مطالعو پنهنجي جاءِ تي دلچسپيءَ کان خالي نه آهي، پر منهنجو فطري لڳاءُ شاعريءَ سان آهي. مان محسوس ڪندو آهيان ته قدرت مون کي انساني جامي ۾ آندو ئي ان واسطي آهي ته مان پنهنجا پراوا انساني ڏکڙا ڳايان، ڳوڙهن کي ڳالهڙين ۾ ڦيرايان، ٻوليءَ جي ڦلواڙيءَ مان رنگ برنگي گل ڇنان، گلدستا ٺاهيان، گلدان سجايان! گيت ئي منهنجي جيت آهن: انهن کان سواءِ منهنجي زندگي هار آهي _ انهن کان سواءِ منهنجي زندگي بي معنيٰ آهي _ انهن کان سواءِ مان انهيءَ سوال کان ڪڏهين به پيڇو نه ڇڏائي سگهندس ته مان زنده ڇو آهيان؟
باقي سوالن جو جواب آسان آهي. مون ڪڏهين به پنو پينسل کڻي، شعر لکڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي. شايد هاڻي ان واسطي فرصت به نه آهي. مان شعر ڪڏهن ڪڏهن چوندو آهيان. بعضي بعضي ته ٻه _ ٻه، ٽي _ ٽي سال هڪ سٽ به نه چوندو آهيان، ۽ پوءِ جڏهن طبيعت مائل ٿيندي آهي، ته منهنجي روح ۾ ڪوئي درياءُ اٿلي ايندو آهي ۽ گهمندي ڦرندي منهنجي ذهن ۾ سوين سٽون جڙ ي وينديون آهن. لفظ ستارن وانگر منهنجيءَ دل جي اکين اڳيان ايندا آهن، ۽ مان اهي ستارا چونڊي، ڪهڪشائون ٺاهيندو آهيان. ان وقت مان بلڪل وائڙو لڳندو آهيان؛ ڪيئي واقف رستي تي ملندا آهن، پر مان انهن کي بلڪل سڃاڻڻ کان سواءِ سندن ڀرسان لنگهي ويندو آهيان. گويا جسماني اکيون کليل هونديون آهن، پر ڏسنديون ڪجهه به نه آهن؛ باقي منهنجون روحاني اکيون ڀؤنر وانگر ٻوليءَ جي گلزاريءَ ۾ ڦرنديون وتنديون آهن، ۽ مان مکڙيون ۽ ماڪ ميڙيندو وتندو آهيان. منهنجا ادا، ان طرح رستي ويندي مون ڪيئي بيت، گيت، غزل ۽ نظم جوڙيا آهن، جي مهينن جا مهينا منهنجي حافظي جي خزاني ۾ موتين وانگر جرڪندا رهندا آهن، ۽ فرصت وقت انهن کي لکي ڇڏيندو آهيان. جنهن وقت شعر ڏانهن طبيعت مائل هوندي آهي، ته مان محسوس ڪندو آهيان ته منهنجي روح ۾ چانڊوڪي وسي رهي آهي؛ مان خاڪ ۽ خون مان بڻيل انسان نه آهيان؛ مون ۾ فطري ڪمزوريون ۽ ڪچايون نه آهن؛ مون کي ذريعه معاش لاءِ ڪائي محنت ڪرڻي نه آهي: مان فقط محسوس ڪندو آهيان ته مان لفظن جو صراف آهيان؛ مان انهن کي صاف ڪري، ڇلي، گهڙي، ادبي زيور بڻائي رهيو آهيان. ان وقت منهنجي جندڙي _ جنهن کي هونئن ته سازگار ماحول بلڪل نستو ۽ اٻاڻڪو بنائي ڇڏيندو آهي _ اٿاهه خوشيءَ سان موجون ماريندي آهي، ۽ مان پاڻ کي نهايت خوش نصيب انسان سمجهندو آهيان. اهو جنون، اهو شاعريءَ ڏانهن لنءُ لنءُ جو لاڙو مهينو ٻه هلندو آهي، ۽ پوءِ چانڊوڪيءَ ۾ چڙهيل وير وانگر هٽندو ويندو آهي، ته مان دنيائي ڪاروبار ۾ مشغول ٿي ويندو آهيان _ ايتري قدر جو شايد ڪوئي سمجهي سگهندو هجي ته هيءُ قانوني مهاڄار ۾ ڦاٿل انسان ڪو شاعر به آهي! سو ادڙا، منهنجي روح جو پکيئڙو تمام ٿورو وقت انهن ازلي آکيرن ۾ گهاريندو آهي _ سندس باقي سارو وقت پڃري ۾ پلندي گذرندو آهي. شايد هيٺيان ٻه بيت منهنجي انهيءَ قلبي واردات جو اظهار آهن:
”پڃري ۾ پاڇا پيا، چمڪي ٿي چوڏس،
پکيئڙا پروس، ڦٿڪڻ لڳا ڦند ۾.“
”پڃري ۾ پيهي، آئي بوءِ بسنت جي،
پکي پرڏيهي، پرڙا پتوڙڻ لڳا.“
عشقيه ڪلام لکڻ وقت، منهنجي ذهن ۾ ڪي خاص شخصيتون هونديون آهن ڇا؟ اهو سوال منهنجي شخصي زندگيءَ سان تعلق ٿو رکي: پر مان، بنان تفصيل ۾ وڃڻ جي تنهنجي حيرت مٽائي ٿو سگهان. اها ڪا نئين ڳالهه نه آهي ته ”محبت گناهه نه آهي.“ محبت، جسماني خواهه روحاني، شرعي خواهه غير شرعي، منهنجي نظر ۾ عبادت جو درجو رکي ٿي. هر انسان جي زندگيءَ ۾ ڪي اهڙا انسان آيا آهن، ۽ عشقيه ڪلام چوڻ وقت منهنجي روح تي به ڪنهن نه ڪنهن پرينءَ جا پاڇا ضرور پوندا آهن. سنڌ جي جاگيرداري زمينداري دور جو ماحول، مشرق جو وهم ۾ ويڙهيل جنسي اخلاق جو تصور، مجبور ٿو ڪري ته زندگيءَ ۾ انهيءَ واردات تي پردو پيل رهي، جا منهنجي عشقيه شاعريءَ جي محرڪ آهي. منهنجي ”محبت“ سان وفا آهي: ”وفا“ سان محبت نه آهي. ان جو تفصيل شايد تنهنجي حساس طبيعت کي ڪجهه ڀاري لڳي، ان ڪري ان متعلق ڪجهه زياده نه ٿو لکان.
مان موقعي ته شعر بلڪل ورلي چوندو آهيان. منهنجو ان نظريي سان اتفاق آهي ته ”شعر اطمينان ڀريل خاموشي ءَ ۾ ياد آيل جذبات جو اظهار آهي.“ پر مان راتين جو رولاڪ آهيان. چانڊوڪين ۾ ڀٽڪندي ڀٽڪندي، ڪڏهن ڪڏهن منهنجو روح چڪورن سان چلولايون ڪندو آهي، ۽ ڪجهه شعر جي منظرن متعلق جڙي ويندا آهن.
ڪهڙن ڪهڙن شاعرن جي ڪلام منهنجي شاعريءَ تي اثر وڌو آهي، ان جو جواب ڪافي لمبو آهي ۽ ٻئي خط ۾ ڏيندو سانءِ. باقي اهو سوال ته ”تون ڪنهن به صنف سخن سان وفا ڇو نه ڪئي آهي _ “ ٻيءَ طرح ساڳئي قسم جو سوال آهي ته ”منهنجي فطرت جيئن آهي تيئن ڇو آهي!“ ان جو جواب ته ڪوئي ماهر نفسيات جو ماهر ئي ڏئي سگهندو. باقي اهو صحيح آهي ته مان ڪيئي نظم ساندهه لکندو آهيان، ته انهن مان دل کٽي ٿي پوندي آهي، ۽ ڪيترا سال انهن جو پيڇو ڇڏي ڏيندو آهيان، ۽ پوءِ غزل لکندو آهيان، ۽ نيٺ گيتن مان به ڪڪ ٿي پوندو آهيان، ۽ ڪيتريءَ مدت تائين شاعريءَ کان ئي روح پلجي ويندو آهي. اڄڪلهه بيت لکي رهيو آهيان. ”بيت“ ۾ اسان جي ڏات جي يگانگت آهي. ان ۾ اها تخليقي انفراديت آهي جا گيت، غزل ۽ نظم ۾ نه آهي. بيت پنهنجن مختلف نمونن ۾ سنڌي شاعر جي جذبات، خيالات ۽ احساسات جو بهترين آئينه دار آهي ۽ سندس موجوده شڪل به سرزمين سنڌ جي ئي تخليق آهي.
هاڻي راتڙي ڀني آهي. آسمان ۾ قطب تارو گهوري رهيو آهي: گويا کيس تعجب آهي ته هي سودائي ابن _ آدم ڇا ڪري رهيو آهي. ساري ڪائنات ڪنهن راڳ سان گونجي رهي آهي، جنهن کي ستارن جو ساهه سانت ۾ سڻي رهيو آهي. مان به انهيءَ راڳ جي لهرين ۾ لڙهي رهيو آهيان. اوجاڳو اکڙين کي چميون ڏيئي موڪلائي رهيو آهي. ننڊڙي پنهنجي گودڙيءَ ۾ جذبن ۽ احساسن کي ويڙهي ٿي وڃي. چڱو
خداحافظ!

_ تنهنجو پنهنجو

____
5
____

سکر _ _ 1955ع

ادا،
اڄ ”سنڌو“ رسالو نظر آيو. ان ۾ کيئلداس ”فاني“ جو نظم ”او منهنجا وطن“ پڙهيم. ڇا ٻڌايانءِ ته نظم پڙهي ڪهڙي حالت ٿي! گويا مون کي ڪنهن کنڀڙاٽين کان وٺي وچ سمنڊ ۾ ڦٽو ڪيو، ۽ مان ڇولين جي ڇوهه ۾ اڏامندو ويس. ڪيئي ڪشتيون نظر آيون؛ ڪن جا سڙهه ڦاٽي ويا هئا، ڪن جا تختا اڏامي ويا هئا، ڪي ڇتين ڇولين ڳرڪائي ڇڏيون هيون، ڪي طوفان سان ٽڪر کائي رهيو هيون، ڪن جا همسفر هڪٻئي کي چنبڙي قدرت جي انڌا ڌنڌ حملن کي هراسجي ڏسي رهيا هئا، ۽ ڪي دلشڪسته مسافر، ڪائي چاڙهو نه ڏسي، خود سمنڊ ۾ ٽپي رهيا هئا ۽ درندن جي ڏاٺن ۾ ڏڪي رهيا هئا. اکين ۾ ڳوڙهن جهل نه ڏني. الا! اهي منهنجا پنهنجا هم وطن سنڌي هئا، جن جو مان ساحل تان بيهي نظارو ڏسندو آهيان. انهن مان هڪ هو سنڌڙيءَ جو لاکيڻو شاعر کيئلداس ”فاني“، جو ’فاني‘ فقط پنهنجي نهٺائيءَ ڪري سڏائيندو آهي، جيتوڻيڪ هو شعر جي دنيا ۾ باقي آهي، هو سنڌي ادب ۾ امر ٿي چڪو آهي ۽ اسان جا آئيندا نسل سندس ڪلام بيحد رقت ۽ گداز سان پڙهندا رهندا. ادڙا، کيئلداس ”فاني“ منهنجو استاد هو؛ نه فقط هن مون ۾ ڏهين يارهين ورهئين جي عمر ۾ شاعريءَ لاءِ شوق پيدا ڪيو، پر هن ئي مون کي سنڌي شاعريءَ جو روح ڏيکاريو. ”فاني“ لفظن جو سنگتراش آهي: انهن کي گهڙي، ڇلي، مهٽي سهٽي هڪ خوبصورت نظم ۾ مجسم ڪندو رهيو آهي. ”فاني“ جون ڪي ڪي سٽون جادوءَ جو اثر رکن ٿيون. سندس لفظ خوبصورت ڄار آهن، جن ۾ هو اڏامندڙ جذبن کي نهايت اٽڪل سان ڦاسائي ٿو. ”او منهنجا وطن“ ۾ لکي ٿو:
”چاهي ٿو هرڻ واريءَ ڏي ورڻ،
سمجهي ٿو سٺو، بک اڃ ۾ مرڻ.“
ڪيتريون نه پرگداز آهن هي سٽون! انهن ۾ اسان جي سنڌي هندن جو وطن لاءِ نهوڙيل نينهن لڇي رهيو آهي. اهي سٽون فقط هڪ استاد ئي لکي سگهندو، جنهن ساري عمر شعر جي ديويءَ جي ڀيٽ چاڙهي هجي. مٿئين نظم ۾ لکي ٿو:
”سرديءَ جي سٽن، گرميءَ ۽ گهٽن،
ڪجهه ڪين ڪيو، ٻوڏن ۽ ٻٽن“
”فاني“ ساري عمر شڪارپور ۾ رهيو هو. اتي پهرين ماستر هو، پوءِ ڪاليج ۾ پروفيسر ٿيو ۽ حالات جي ناسازگاريءَ سبب هندستان هليو ويو. مٿين سٽن ۾ هن شڪارپور جي روح کي سمايو آهي _ مون کي اڃاتائين اهي سرديءَ جي سٽن، گرميءَ ۽ گهٽن، ٻوڏن ۽ ٻٽن جا زمانا ياد اچي رهيا آهن، جي مون هن سان شڪارپور ۾ گذاريا آهن. ادڙا، تون مٿين سٽن مان محسوس نه ٿو ڪرين ته ”فانيءَ“ لفظ گهڙيا ۽ جڙيا آهن! هن جي فن جي عظمت کان انڪار ڪرڻ وڏي بيقدري ۽ ناشناسي ٿيندي. مٿئين مسدس جو پويون بند ته ساهه ۾ بڙڇيون ٿو هڻي:
”ڀڄي جن آڀڄايو، مون کي وطن،
ڇڏي جن آ ڇڏايو، مون کي وطن،
لڏي جن آ لڏايو، مون کي وطن،
جن روهه رلايو، مون کي وطن،
”فاني“ سي ڏسان دردن ۾ دکي،
سالن ۾ ٿيا ساعت نه سکي!“
اي ڪاش! ڪوئي منهنجو نياپو هن تائين پهچائي! استاد مان هتي تنهنجي دل جي ڌڙڪن ٻڌي رهيو آهيان. مان هتان تنهنجا ڳوڙها ڏسي رهيو آهيان: نه فقط هرڻ واريءَ لاءِ ٿو تڙپي، پر واري به هرڻ لاءِ ٿي تڙپي _ اها باهمي تڙپ هڪ ڏاريندڙ سوال آهي، جو تاريخ جي ڪنن ۾ وڄندو رهندو، ۽ تاريخ لاجواب ٿي، تا قيامت شرم ۾ ڪنڌ جهڪائي رهندي!

_ تنهنجو پنهنجو

____
6
____

سکر _ _ 1955ع

ادا،
نهايت افسوس جي ڳالهه آهي، جو تون وعدي مطابق انهيءَ رات نه آئين. اسان، مئلن سان به نباهي آياسين، تو جيئرن سان به نه نباهيو! اچين ته ها _ پوءِ اسان کي اسان جي حال تي ڇڏي، هليو وڃين ها! وري ٿو لکين ته اسان جي اها رات ڪيئن گذري؟ ادا، اڃا تائين اها ڪ - جي ڪاري رات نٿي وسري. مان ۽ ح _ سڙڪ تان چپ وڃي رهيا هئاسين. اسان ٻنهي جا روح نديءَ جي ٻن لهرين وانگر هئا، جن ۾ چنڊ جو پاڇو جهلڪي رهيو هو. ٻنهي جي زندگي ڪنهن نامعلوم ساحل ڏانهن روان دوان هئي؛ ٻيئي هڪ ٻئي جي قريب هئاسين، ليڪن هڪٻئي کان بيخبر؛ ٻنهي چانڊوڪيءَ کي چاهيو هو _ مون چپن سان، هن اکين سان: ۽ اڄ ٻيئي گڏجي وياسين ٿي ته ڏسون ته چانڊوڪي اونداهيءَ جي گود ۾ ڪيئن ستي پيئي آهي _ زندگي موت جي آغوش ۾ ڪيئن خاموش ۽ پراسرار آهي!
چئني طرفن کان مڪانن جون قطارون هيون، ۽ انهن جي وچ ۾ شاهي رستو کپر نانگ وانگر ليٽيو پيو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن اسان جن قدمن جي آواز تي اڇانگ ڏيئي، منهنجي ڏاهه کي ڏنگي رهيو هو. اهو ساڳيو رستو آهي جنهن تان مان هن جي گهر ڏانهن ويندو هوس، جڏهن هوءَ زندهه هئي: اڄ انهيءَ رستي تان مان مزار تي وڃي رهيو هوس. اهو ساڳيو رستو آهي، جو زندگيءَ جي ٽهڪڙن تائين ٽلندو هلندو هو: اڄ اهو موت جي اوڇنگارن تائين ٿاٻڙندو ٿڙندو ٿي ويو. مون چاهيو ته ح _ کان پڇان ته سندس آخرين ڏينهڙا ڪيئن ٿي گذريا، پر سوال اڀري سانت ۾ ٻڏي ويو. مون چاهيو ته ح _ کي ٻڌايان ته منهنجي ڪتاب ”پنهل کان پوءِ“ ۾ اها برساتي نئن جي تيزي ڪيئن آئي _ ان ۾ سمنڊ جي گهرائي نه سهين، پر ان جي بيپناهه روانيءَ جي سبب ڇا هو؟ مون چاهيو ته کيس ٻڌايان ته هوءَ منهنجي ڪهاڻيءَ ”کلڻيءَ “ جو روح هئي؛ هن ئي ”پنهل کان پوءِ“ جا جوابي خط لکيا هئا، ۽ هوءَ ئي منهنجي افساني ”هي شاعر“ ۾ زندگيءَ تلخي ۽ شڪسته دلي کڻي آئي هئي. دراصل هوءَ افسانن جو اکٽ ذخيرو هئي. جڏهن هوءَ ڳالهائيندي هئي ته ڳالهڙيون مکڙين جي ميڙ وانگر پکڙجي وينديون هيون؛ سندس چپن ۽ ڳلن مان موتيا ۽ مگرا وسندا هئا؛ سندس زندگيءَ جا حسين، هلڪڙا تجربا ٽهڪن ۾ ويڙهبا ويندا هئا، ۽ هوءَ انساني ڪردار تي نهايت پياري طنز ڪندي نظر ايندي هئي، ۽ مان سندس سچا پچا، جيئرا جاڳندا انسان، ڪهاڻين ۾ قيد ڪري، انهن جي روحن کي ادبي زندگي عطا ڪندو هوس. مون چاهيو ته ح _ کي گهڻو ڪجهه ٻڌايان. زندگيءَ جون نهايت پياريون پلڪون، جي مسرت جي پرڙن تي اڏاڻيون هيون ۽ جن محبت جي بهشت ۾ آکيرو اڏيو هو، جي هميشه منهنجي روح ۾ چهڪنديون رهيون هيون، جن جي لات منهنجيءَ ڏات جو سرچشمو آهي _ اهي پلڪون جيڪر لفظن جي ڄار ۾ ڦاسائي، ح _ کي ڏيان، _ ح، جنهن جو وجود هڪ قفس آهي، جنهن ۾ مختلف اديبن جا تجربا پر ڦڙڪائيندا نظر ايندا آهن. ليڪن جذبات جي بيحد تيز روي منهنجي روح کي لوڙهيندي ٿي ويئي، ۽ مان ڪوشش جي باوجود به ساحل تائين نٿي پهتس. لفظ منهنجي زبان تائين نه آيا ۽ مان خاموش هلندو رهيس.
آسمان تي هلڪو جهڙ هو، ۽ ساري نيري وسعت هڪ پراسرار پردي وانگر ٿي لڳي. جنهن مان سفيد ڪڪريون محبوبڙين جي منهڙن وانگر ليئا پائي رهيون هيون. مڪانن جي ڪنهن ڪنهن ڪمري ۾ بتي ٻري رهي هئي، جنهن جو اجالو درين جي شيشن مان نظر ٿي آيو. هر ڪمري ۾ ڪيئي ڪهاڻيون ستل هيون، انسان جا غم غصا، پيار پچتاءُ، مٺ ميلاپ، ويڻ وڇوڙا ننڊ جي جهوليءَ ۾ آرامي هئا. ازل کان ابد تائين هڪ اٿاهه اونهو سمنڊ ڇوليون ماري رهيو هو، جنهن ۾ ڪروڙين ڪشتيون لڏي لمي رهيون هيون. منهنجو روح به پنهنجي ننڍڙيءَ ٻيڙيءَ تان، حيرت ۽ افسوس مان، ڇتين ڇولين کي ڏسي رهيو هو، _ الا منهنجو مٺڙو حسين همسفر ڪيڏانهن ويو! الا، هن عميق جي اونهيءَ اوندهه ۾ مان هن کي ڪٿي ڳوليان! معلوم نه آهي ته هو ستارن جي سونهن ڏسي سگهندو هوندو يا نه! هيءَ خنڪي ڀري هير سندس ڳلن کي ڇهندي هوندي يا نه! اي موت،تون زندگيءَ کي ڪيترو نه بي معنيٰ ٿو بڻائي ڇڏين! تنهنجا برف جهڙا هٿ ڪهڙا نه ڀوائتا آهن! توکي انسانن سڪون جو سرچشمو ڪيئن ڪوٺيو آهي! تنهنجو تصور ئي لڱ لڱ ڪانڊاري ٿو ڇڏي. زندگي ڪيتري نه حسين آهي، ڪيتري نه پياري آهي _ امنگن جو جهولو آهي، آرزوئن جي ڦلواڙي آهي! هي چنڊ، هي ستارا؛ هي بادل هي برساتون، هي گل، هي غاليچا؛ هي مٺڙا ماڻهو، هي وسندڙ وستيون _ هي سڀ زندگيءَ جون نعمتون آهن! اي موت تون هڪ تکي تير انداز وانگر ڪمان ڪشيو بيٺو آهين: جنهن سيني ۾ مسرت جو واسو آهي ان ۾ پنهنجو تير چڀائي ٿو ڇڏين. اي ڪاش! تنهنجي ڪمان ڪشجي، ڀڄي پوي، ان جي زهه ٽٽي پوي!
منزل قريب اچي ويئي. پريان قبرستان جو دروازو هو. ح _ جا قدم ڍرا ٿي ويا، دل اڇلون ڏنيون. اکين لڙڪن کي پڪاريو ته اچو اها خاڪ پاڪ اچي ويئي آهي، جنهن ۾ جذب ٿيڻ ابدي نجات آهي! آهستي آهستي وڌندا رهياسين. ناريل جي درختن جا پراسرار پاڇا قبرن سان لائون لهي رهيا هئا. چنڊ ڪڏهن ڪڏهن ڪڪرن مان جهاتي پائي، کلي رهيو هو ته ”اي نادانو!“ چانڊوڪي ته منهنجي چيز هئي؛ اها ته آسمانن تي اڏامي آئي، توهان ان کي زمين جي ڇاتيءَ ۾ ڇپيل ٿا سمجهو! چڱو ڳوليو، ڏسو، متان ملي وڃيو. درختن مان هوا جو سرڙاٽ روحن جي بيچينيءَ وانگر ٿي لڳو. اسان قدم قدم ۾ چپ چاپ وڌندا رهياسين.
ح _ اوچتو روڪجي ويو، ڪائنات جون نبضون بيهجي ويون. هو ڪجهه نازبوءَ ۽ رابيل جا گل ڏسي رهيو هو، جي قبر جي آسپاس لڏي لمي رهيا هئا. منهنجيءَ دل کي ڌوڏو آيو، گويا ڪوئي جوالا ڦاٽو هو ۽ ڪائنات جو ذرڙو ڪنبي رهيو هو. هيءَ هئي سندس قبر! هوءَ جا خوبين جي کاڻ هئي، سا هتي ٻه گز مٽيءَ ۾ سمايل هئي. هن جو بيپناهه حسن، رابيل ۽ نازبوءَ جي گلن ۾ لڏي رهيو هو. مون چپ چاپ رازدارانه سر گوشيءَ سان چيو، مان آيو آهيان، تنهنجو شاعر، منهنجا حسين ترين شعر! اٿي، جاڳ. تنهنجي روح جي مٺڙي موسيقي منهنجي شاعريءَ جي جان هئي. اٿي، منهنجي ساهه جي ستار تڙڦي رهي آهي: ان جي تارن کي ڇيڙ، ان ۾ هزارها سر تنهنجين آڱرين لاءِ مضطرب آهن! مون چتائي ڏٺو، ڪوئي ڪونه هو. ڪوئي جواب نه آيو. ناريل جي ڇڙين مان لنگهي، چانڊوڪيءَ جا پاڇا قبر تي لڏي لمي رهيا هئا _ آسمان جي چانڊوڪي زمين جي چانڊوڪيءَ کي ڳولي رهي هئي!

_ تنهنجو پنهنجو

____
7
____

سکر _ _ 1955ع

ادا،
..... تارخ تي، خيرپور ميرس ۾، ڪل پاڪستان اردو سنڌي مشاعرو ٿيو. صدارت جو شرف مون کي بخشيو ويو. توکي معلوم آهي ته مان هجوم کان گهٻرائيندو آهيان. جيترائي انسان زياده هوندا آهن، اوتروئي مونکي اڪيلائيءَ جو احساس ٿيندو آهي. جيتوڻيڪ مون کي معلوم هو ته اهڙي مجمعي ۾ مختلف ذهنيت، مذاق ۽ علمي استعداد جا ماڻهو شامل ٿيندا آهن؛ جيتوڻيڪ مون سمجهيو ٿي ته منهنجي زندگيءَ ۽ ادب جي نظريي سان اتفاق رکندڙ اديب ايڪڙ ٻيڪڙ هوندا؛ ۽ جيتوڻيڪ مان مخصوص مجلسون چاهيندو آهيان، جتي همعصر اديبن ۽ شاعرن سان زياده سچائيءَ ۽ گهرائيءَ سان ڏات جي ڏي وٺ ٿي سگهندي آهي، _ ان هوندي به مون دعوت قبول ڪئي؛ ڇاڪاڻ جو اهو گڏيل سڏيل مشاعرو هو، جنهن ۾ اسان کي موقعو هو ته سنڌي سامعين کي ڏيکاري سگهون ته سنڌي ادب ۽ ثقافت ڪنهن به صوبي جي ادب ۽ ثقافت کان پٺتي نه آهي؛ سنڌي شاعريءَ ۾ به دلڪش ۽ گهري انفراديت آهي.
شام جو اٺين بجي مان، ’راز‘ ۽ ’آفاق‘ ڪار ۾ نڪتاسين. راز سارنگ جو مصنف آهي، ۽ آفاق صديقي اردوءَ جو باذوق شاعر ۽ منهنجي اردو ڪلام جي مجموعي ”بويء گل نالهء دل“ جو مرتب. سکر براج ٽپي ڪار شاهي رستي تان آهستي آهستي شاعراڻيءَ رفتار سان هلڻ لڳي. رات تارن ڀري هئي. رستي جي ٻنهي طرفن کان ميلن ۾ کجوريون هيون، جي پريشان روحن وانگر آسمان جي اطمينان بخش ٿڌيءَ نيراڻ ڏانهن تڪي رهيون هيون. مٿان دور دور ابابيل اڏامندا نظر آيا. گويا ستارن جو ٽمڪڻ آسمانن جي شاعري هئي؛ ابابيلن جو اڏرڻ، کليل فضائن جي شاعري هئي. هر حسين چيز ترنم واري آهي: ترنم ۾ حسن آهي، حسن ۾ ترنم آهي.
اٽڪل پوڻين نائين بجي خيرپور پهتاسين. مختلف صوبن مان شاعر اڳيئي پهچي چڪا هئا ۽ رات جي ماني کائي رهيا هئا؛ ڪن سان شخصي واقفيت هئي ۽ ڪن سان فقط ادبي. حمايت علي ”شاعر“، ”صهبا“ لکنوي ۽ ابراهيم جليس (جو مقاله نگار جي حيثيت ۾ آيو هو ۽ صبح جو مقالو پڙهيو هئائين) وغيره ڪراچيءَ مان آيا هئا. ”ظهير“ ڪاشميري ۽ ”قتيل“ شفائي لاهور مان آيا هئا. انهن ٻنهي صاحبن سان منهنجي اڳ جي واقفيت ڪانه هئي. منهنجو نوجوان دوست بشير مورياڻي اڳيئي اتي هو. جيڪب آباد مان عبدالڪريم ”گدائي“ آيو هو. ٻيو ڪوئي به سنڌي شاعرٻاهران نه آيو هو. اهو ڏسي مون کي ڪجهه نا اميدي ٿي.
اٽڪل ڏهين بجي ڪاروائي شروع ٿي. مون صدارتي تقرير ڪئي _ ”ناز“ مرحوم جي سرزمين جي ساراهه ۾ ٻه چار لفظ چيا، ڪجهه اردو ادب ۽ سنڌي ادب جي مسئلن جي باري ۾ ڳالهايو ۽ پوءِ مشاعرو شروع ٿيو.
مترنم آواز مئڪروفون تان فضائن ۾ ڦهلجڻ لڳو. ماڻهو محظوظ ٿيڻ لڳا. ”واه واه“، ”يا کهنا“ ۽ ”پهر پڙهيي“ ”بهت خوب“ جا آواز شاعرن لاءِ وسڪيءَ جون بوتلون کوليندا ويا. اردو مشاعرو اها جاءِ آهي، جتي تحسين ۽ تضحيڪ ۾ فرق ڳولڻ مشڪل آهي، جتي روح جي لات مان جڙيل سٽون ڪوڏين جي ملهه وڪامنديون آهن، اهي بهادر علي شاهه ”ظفر“ ۽ نواب واجد عليءَ جا زمانا ويا، جڏهن محفلن ۾ سنجيدگي وسندي هئي، شمع ڦرندي رهندي هئي ۽ ان جي جوت سان انساني ڏات ملي، ماحول کي ٻهڪائي ڇڏيندي هئي _ پر انهيءَ ”غالب“ ۽ ”ذوق“ جي زماني ۾ به تخليق جي توهين ئي ٿيندي هئي _ هينئر بيهودگيءَ سان ٿيندي آهي، تڏهين سنجيدگيءَ سان ٿيندي هئي، هينئر عوام ڪري ٿو، تڏهين خواص ڪندا هئا: شاعر ويچارو امر جو بندو شاهه يا نواب جو تنخواهه دار، فخر سان قصيدي جا بند پڙهندو هو ۽ شهنشاهه ضل الله ڪنڌ ڌوڻي، پنهنجي بحر قافيه ۾ پابند ساراهه تي خوش ٿي، ويچاري شاعر کي نوازيندو هو، ۽ شاعر ان ادبي ضمير فروشيءَ تي خوشيءَ ۾ نه ماپندو هو. ادا، مان جڏهن ”غالب“ جهڙي عظيم شاعر جا قصيده ڏسندو آهيان، ته اکين ۾ ڳوڙها اچي ويندا آهن.
ڪڏهين ڪڏهين هوا بند ٿيڻ سبب مونجهه پئي ٿي. مون فضا جي هانو _ ٻوساٽ مان نڪرڻ لاءِ نيري آڪاش ڏانهن نهاريو. تارن جي کٽ تي گويا ڪوئي ابدي شاعر ليٽيل هو، جو نور مان نغما جوڙي رهيو هو. منهنجو جسم اتي مشاعري ۾ هو، ليڪن منهنجو روح ترنم جي لهرين وانگر ٽڙي پکڙي ويو هو. مون سوچيو ته مشرق جو عوام فنڪار جي صحيح عزت ڪڏهن ڪندؤ؟ هاءِ، هي انسان ڪڏهن ڄاڻندا ته سندن روحاني نجات جا وسيلا فقط ادب ۽ آرٽ؟ اهو وقت ڪڏهن ايندو، جڏهن بيت آيتن کان اڳرا ليکبا آهن؟ پنجن ڇهن سنڌي شاعرن سنڌي ڪلام پڙهيو، جنهن تي غير سنڌي عوام خنده زني ڪئي. انهن مان ڪن جو ڪلام واقعي کل جهڙو هو، پر سامعين ان جي معنويت تي نٿي کليا: هو فقط سنڌي زبان جي لهجي ۽ ڪن لفظن جي اچار تي ٿي کليا. شايد هو سمجهي رهيا هئا ته سنڌي نااهل آهن. مون کي اها کؤنس اگري لڳي. مان خوش ٿيان ها، جي هو سنڌي ڪلام جي بي معنائيءَ تي کلن ها، ڇو ته عبدالڪريم ”گدائيءَ“ جي بيتن کان سواءِ ٻيو به سنڌي ڪلام پڙهيو ويو، تنهن مان اردوءَ جي پاروٿي شاعريءَ جي بانس ٿي آئي: اهي ئي ساڳيون اردو ۽ فارسي غزل جون جهونيون پراڻيون ترڪيبون، تشبيهون ۽ استعارا، جي خود اردو ۽ فارسي ادب ٿو کٽا ڪري ڦٽا ڪيا آهن؛ اهي ئي اوڳاڇيل پارسي لفظ جي موجوده سنڌي غزل جي جان آهن ۽ جن تي هر سنڌي مشاعري ۾ ”واه واه“ ٿيندي آهي! الا، هي شاهه لطيف جي سرزمين! ان جي ادبي تخليق جا سرچشما سڪن، اهو ناممڪن آهي! معلوم نه آهي ته اسان جا شاعر ڇو پنهنجو ورثو وساري ويٺا آهن!
رات جي ٻين بجي مشاعرو ختم ٿيو. گهر پهتس ته ننڊ نه آئي. شايد ڪوتا ننڊ جي پهاڄ آهي _ پوءِ ته لکندو رهيس ...... جيستائين مؤذن بانگ ڏني _ مخلوقات جاڳي، مان سمهي پيس!

_ تنهنجو پنهنجو

____
8
____

سکر1955ع


ادا،
هاڻي سر ”يمن ڪلياڻ“ جي پنجين داستان جي آخري وائي اردو گيت ۾ ترجمو ڪئي اٿم. رات جاٽي لڳا آهن.
ڪتيون ڪر موڙڻ لڳيون آهن ۽ ڪائنات جا نيڻ ننڊا کرا آهن. وائيءَ جي هيٺين سٽ روح ۾ وقت جون لهرون اڀاري رهي آهي:
”سرتيون جي مون وسهو، ننڊ نه هيريو نيڻ!“
اڄ اها سٽ منهنجي آس نراس جي آرسي آهي، منهنجي ساريءَ روحاني ڪشمڪش جي آئينه دار آهي. گويا اها سٽ هڪ هندورو آهي، جنهن ۾ منهنجو هينئون جهولي رهيو آهي. ڪهڙي نه ڳوڙهن ڀري ڳوڙهائي آهي ان ۾، ڪهڙو نه معنيٰ ڀريو ميٺاج! ’ننڊ نه هيريو نيڻ.....!‘ منهنجو تصور اڏاڻو: صديون سميٽجي ويون ۽ مون انهيءَ ازلي مست کي ڀٽ تي، ستارن جي ڇانوَ هيٺان ڏٺو. مون ڏٺو ته لطيف پنهنجي لات ۾ سراپا محو هو. هن جي اکين اڳيان لفظ ڪتين وانگر جهرمر لڳائي بيٺا هئا، ۽ هو انهن مان ستارا ڇنندو، پوئيندو ٿي ويو. چوڌاري جهر جهنگ راتڙيءَ جي گود ۾ آرامي هو، پسون پکي ستا پيا هئا، ليڪن ڀٽ _ ڌڻيءَ جي اکڙين ۾ ازلي اوجاڳو هو، گويا آتشين شراب سندس روح ۾ رچي رهيو هو، گويا رمزون ۽ راز ان جي مڌڀري هڳاءَ وانگر ڦهلجي رهيا هئا. هن تنبور کڻي تار ڇيڙي. لوهه جي لڱن مان سيسڙاٽ اڀري ويا. تند وڄڻ لڳي. رڳون رباب ٿينديون ويون. هن جي ساهه ۾ ابدي نغما سميٽبا سمائبا ويا. راڳ مان ويراڳ وسڻ لڳو.
وسارج م ويڻ، جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا!
لوٺيون سهن لوڪ جا، وهاڻيءَ ٿيون ويڻ:
جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا!
اصل اسارن جا، ستي ويڙا سيڻ:
جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا!
جيڏيون جي مان وسهو، ننڊ نه هيريو نيڻ:
جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا!
راتڙيون جاڳن جي، سي آءُ ڪندڙي سيڻ:
جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا!
آڌيءَ رات اٿي ڪري، جهل تون ننڊا نيڻ:
جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا!
هر سٽ ۾ روحاني اضطراب آهي، هڪ مسلسل ڪيفيت آهي، جنهن جو جيئن پوءِ تيئن تاثر گهرو ٿيندو ٿو وڃي. انهن ۾ زندگيءَ جي تخليقي دور جي بي ثباتيءَ ۾ زندگيءَ جي تخليق جي ثبات جو اهڙو حسين تضاد پيدا ڪيو ويو آهي، جو هر سٽ کي چمي، اکين تي رکي، روح جي رحل ۾ ويڙهي رکجي! مٿيئنءَ وائيءَ جي گهرائي اهو ئي محسوس ٿو ڪري سگهي، جنهن جي اکڙين جي اوجاڳن سان ياراڻي هجي؛ جنهن ساريون ساريون راتيون ستارن جي سنگ ۾ گذاريون هجن، جنهن جا شعر سندس نيڻن جي ننڊ مان جڙن، جو جاڳي جلي، لوچي ۽ لهي.
ادا هن دفعي مون لطيف سائينءَ کي ڪافي ويجهڙائيءَ کان ڏٺو آهي، ۽ پهريون دفعو صحيح معنيٰ ۾ هن جي فن جي عظمت محسوس ڪئي آهي، ترجمي ڪرڻ وقت مان هر بيت کي ڪيئي ڀيرا پڙهندو آهيان _ ڪائي ازلي مستي وير وانگر وڌندي ايندي آهي، جا منهنجي روح کي ڇولين جي ڇوهه ۾ چوٽيءَ چاڙهي ڇڏيندي آهي، جتان مان سمنڊ جي سيني ۾ گهوري ڏسندو آهيان ۽ منهنجو روح پاتار ۾ پيهي، سپون سونجهڻ لاءِ مضطرب هوندو آهي: رسالي جو اردو نظم ۾ ترجمو منهنجي بهترين عبادت آهي. شال مان اهو ڪم توڙ تائين سرانجام ڏيئي سگهان!

_ تنهنجو پنهنجو

نوٽ بڪ جا ورق

1

مون هن ڏانهن چتائي ڏٺو: گورو چٽورنگ، ڪڪي ڇڊي ڏاڙهي، گهريون چيرويون اکيون، لؤڻا وار، ويڪري ڇاتي، سنهي سڊول هاٺي، ڄڻ هوبهو ابن مريم ٿي لڳو. جهيڻي آواز ۾ چيائين،
”ڪيس جا ڪاغذ آندا اٿم.“
”ڏي ته ڏسان.“
هو قتل جي مقدمي ۾ ملزم هو. هن تي الزام هو ته هن پنهنجيءَ زال کي فقط سياهڪاريءَ جي شبهي سبب ماريو هو. هن چيو ٿي، ۽ اهو هن جو ڪيس ۾ بچاءُ هو، ته هن جي زال ’ڪاري‘ هئي ۽ هن کي سياهڪاريءَ وقت ڪاري ڪري ماريو هئائين. مون ڪاغذ اٿلائي واردات جو مشير نامو ڪڍيو، جنهن ۾ ڪجهه هيٺينئن ريت لکيل هو:
”_ واردات، جهنگ ۾ لڳ ڳوٺ..... جي هئي. واردات جي چوڌاري ٻٻر، کٻڙ، لوا ۽ ڪنڊيون هيون. ٻاهران بيهي جهنگ ۾ نظر ڪئيسين ته ڪجهه نظر نه آيو. واردات تي رت جو دٻو هو، جنهن جي ڀرسان سٻاجهيءَ (ملزم جي زال جو نالو) جو لاش پيو هو. لاش سورهن ورهين جي نينگريءَ جو هو جنهن جو سر ڌڙ کان ڌار پيو هو. نينگريءَ کي ٻه چوٽيون هيون، جن جي وچ تي سينڌ نڪتل هئي. هن جي ڪنن ۾ چانديءَ جون مرڪيون، ۽ ڳچيءَ ۾ سوني دهري هئي، جا ڪهاڙيءَ جو ڌڪ لڳڻ سبب ڇڄي پيئي هئي. ڌڙ جي مٿئين اڌ تي ٻروچڪو گهگهو پيل هو، جنهن تي ڪاوا ڀريل هئا. ڪنهن سبب ڪري گهگهو ڳچيءَ وٽان ڪافي ڦاٽل هو ۽ لاش جي ڇاتيءَ تي مينديءَ سان بڻايل گل نظر اچي رهيا هئا. ڌڙ جي هيٺئين اڌ تي گر بيءَ جي سٿڻ پيل هئي _ _ چيو وڃي ٿو ته اها فوتڻ جي خون کان پوءِ جوابدار هن کي پهرائي هئي. ٻانهن ۾ عاج جي ٻانهن، مرن وٽ چانديءَ جون گجريون سڄي هٿ جي ڏسڻيءَ ۽ وچينءَ ۾ چانديءَ جا ويڙهه ۽ چيچ ۾ چانديءَ جي منڊي، ۽ پيرن جي آڱرين ۾ نورا پيل هئا. لاش جي ڀرسان رت لڳل ڪهاڙي پيئي هئي، جنهن جي ڦر ۽ ڳن تي رت لڳل هو. ڌرتيءَ تي ٻن ماڻهن جا دڦ پيرا هئا، جي سڃاڻپ ۾ نٿي آيا.....“
مشير نامو ختم ٿي ويو، پر منهنجون اکيون ان تي ڪنهن اڻ لکيل تحرير کي پڙهي رهيون هيون.
..... اهو رت، ڪنهن انسان جو رت هو! اهو رت جو هاڻي مٽيءَ ۾ ملي ويو آهي، جنهن جو ثبوت فقط ڳاڙهي ڌرتي، ڪهاڙي ۽ مشير نامي جون ٻه سٽون آهن، سو ڪنهن وقت هڪ گرم ۽ گذار جسم ۾، تمنا بڻجي، لڳ لاڳاپا لاهي، سيڻ ويڻ، چڱي مٺي کان منهن موڙي، آڌيءَ رات اٿيو هو _ جنهن وقت ڪتين ڪر ٿي موڙيا، جنهن وقت ڀٽائي سر ”راڻو“ لکندو هو _ ۽ لڪندي ڇپندي، سڪندي سيڏائيندي، ڏکڻ جي واءَ ۾ ڪنڊين ۽ لون جي سرڙاٿ کي ازلي سڏ سمجهيو هئائين. اهائي ته رت جي ڌارا آهي، جا چانڊوڪيءَ ۾ ڊوڙندي، ڳائيندي آهي _ ”سرتيون جي مون وسهو، ننڊ نه هيريو نيڻ: جو ڀن ٻه _ ٽي ڏينهڙا!“ اها ڪيڏانهن ويئي؟ ڇا، اها فقط واردات تي ڪجهه ڳاڙها نشان ۽ مشيرنامي جون چار سٽون ئي هئي!
”مشير نامو پڙهيئه؟“ ابن مريم جهڙي انسان پڇيو. ”هون.“ مون ڇرڪي چيو، ۽ بيخاليءَ سان ڪاغذ اٿلائڻ لڳس. منهنجي ذهن ۾ ڪنهن زور سان پڪاريو: ”هن عورت کي اهو سنگسار ڪري، جنهن نظريا زبان سان ۽ خيال ۾ به سياهڪاري نه ڪئي آهي!“ مون رڙ ڪري جواب ڏنو: ”جنهن نه ڪئي آهي، انهيءَ کي به ڪهڙو حق آهي؟ هيءُ رت شب _ خيز آهي، پاڪيزه، هر گناهه و ثواب کان بالاتر! هيءُ رت عبادت آهي؛ ان تي هٿ کڻڻ جو ڪنهن کي به حق نه آهي _ نه انسان کي ’نه فرشتن کي!‘
”وڪيل صاحب!“ ابن مريم جهڙو انسان مون سان ڳالهائي رهيو هو ۽ آءٌ سوچي رهيو هوس ته وڪالت منهنجي وس جي ڳالهه نه آهي.
*

اڄ منهنجي هڪ دوست هڪ پر لطف واقعو ٻڌايو.
هن چيو ته ”تو عبدالطيف ”ساربان“ جو نالو ته ٻڌو هوندو؛ مان ننڍي هوندي هن جا نظم سنڌي رسالن ۾ پڙهندو هوس. هن جي اسلامي تخيل مون کي بيحد متاثر ڪيو هو ۽ هن جي هر سٽ پڙهي منهنجين رڳن ۾ خون جي گردش تيز ٿي ويندي هئي ۽ جوش ايمانيءَ سبب منهنجو گلو ڀرجي ايندو هو. مون هن کي ڏٺو ڪونه هو، پر اهو ٻڌو هوم ته هو روهڙيءَ جي ڪنهن پاڙي ۾ رهندو آهي. هڪ ڏينهن هن سان ملاقات جي شرف حاصل ڪرڻ لاءِ روهڙيءَ ويس. رستي تي مون هن جي شڪل شباهت جو تصور ڪري سوچيو ته هن جا خالد بن وليد ۽ طارق بن زياد جهڙا چؤڙا ڪلها هوندا؛ هن کي فارابيءَ جهڙي وڻندڙ ڏاڙهي هوندي، ۽ علامه اقبال جهڙيون مڇون، قد ۽ بدن هوندو؛ هن جي اکين ۾ مجاهدين اسلام جو نور هوندو؛ ۽ هن جي چپن جي هر جنبش نعره تڪبير جي ياد ڏياريندي: هو لنبي ڪڙتي ۽ سلوار ۾ واقعي اسلامي حريت ۽ غيرت جو شاهڪار نظر ايندو. روهڙيءَ پهچي، مون هن جي گهر جي پڇا ڪئي، ۽ ڏس تي اتي پهتس، ته آءٌ هن جي گهرکي ڏسي بيحد متاثر ٿيس. گهر لڳو ته پراڻو ٿي، پر ان جا محراب ۽ طاق مغليه فن تعمير جا يادگار ٿي لڳا؛ ۽ گهر جي ٻاهران ڪيتريون ئي کجيون فاتحانِ عرب جون نشانيون ڏيئي رهيون هيون. مون دل ئي دل ۾ خوش ٿي چيو، ته واقعي شاعر اسلام جو غريبخانو هجي ته اهڙو هجي!، مون در جو ڪڙو کڙڪايو، ته ٿوريءَ دير بعد هڪ بيحد حسين ۽ وجيهه ڪرڙوڍ پريان نظر آيو، مون کي تعجب آيو ، ڇو ته هو منهنجي تصور جو پورو مجسمو ٿي لڳو _ چوڙا ڪلها، دلڪش ڏاڙهي، ڀريل بدن، ڊگهو قد، رعبدار مڇون، منهن تي قلندرانه شان، ۽ اکين ۾ والهانه تجلو! هن ويجهو اچي نهايت خوش خلقيءَ سان پڇيو ته ”ڪيئين آيا آهيو؟“
”مون ڪجهه مرعوب ٿي هٻڪندي چيو، ”ننڍي هوندي کان وٺي اوهان جي ڪلام کان بيحد متاثر رهيو آهيان. منهنجي نظر ۾ اوهين ”فردوسيء اسلام“ آهيو! اوهان جو ڪلام حق ۽ صداقت جو آواز آهي، جنهن مرده مسلمانن ۾ نئين جان پيدا ڪئي آهي! واه، ڇا جوش ۽ خروش آهي اوهان جي ڪلام ۾! ڇا....“
”اوه، اوهين عبداللطيف ”ساربان“ سان ملڻ آيا آهيو؟ ها، انهيءَ جو گهر منهنجي پاسي ۾ آهي. مان ته سونو خان حجم آهيان.“
”مان سوني خان حجم کي حيرت سان تڪيندو رهيس، جيستائين هو گهر اندر هليو ويو.“
مون پنهنجي دوست کي مرڪي چيو، ”تو انهيءَ ڪهاڻيءَ جو پلاٽ انگريز اديب، ”سمر سيٽ مام“ تان چورايو آهي.“
”چريو آهين ڇا؟ مان انگريزي ڪٿي ڄاڻان! افسانه نويس تي پلاٽ جو نزول ٿيندو آهي: ممڪن آهي ته اهو ساڳيو پلاٽ سمر سيٽ مام تي به ٿوريءَ ڦير گهير سان نازل ٿيو هجي. آخر اها ڪا نئين ڳالهه ته نه آهي، صدين کان مختلف مذهبن جي مقدس افسانن ۾ ان جو ثبوت ملي ٿو.“

*
مون هن کي آغوش ۾ آڻي، هن جي اکين کي چميو ۽ چيو مانس: ”هيءَ جهوني زماني جي ڳالهه آهي. بنارس جي ڪنهن مندر ۾ ديوداسي نچي رهي هئي. مانگهه جي رات اڌ کان زياده گذري چڪي هئي. ٻاهر ولهه ٿي پيئي. مندر جون ڳڙکيون بند هيون، ۽ ايڪڙ ٻيڪڙ ڳلکڙا کليل هئا، جن مان هر مل ۽ اگربتين جو دونهون ٻاهر وڃي رهيو هو. ڏياٽين ۾ جوت جلي رهي هئي، ۽ ڇت مان موم بتين جا جهار لڙڪي رهيا هئا. سامهون ڪنهن ديوتا جي وڏي مورتي رکي هئي، جنهن جي چرنن ۾ گينڊي ۽ ڪيسوڦل جي شوخ رنگن وارن گلن جون مالهائون پيئون هيون. ديوتا کي پٺي ڏيئي، هڪ ڪن _ ڦاڙ پوڄاري بيٺو هو. هن ”سوم رس“ پيتي هئي ۽ مڌ جي کيپ ۾ هن جو منهن ڦٿل ڏاڙهونءَ وانگر ٽڙي پيو هو. هن جي ڪنن ۾ لڙڪندڙ گينڊي جي سڱ جا والا هن جي مڌ _ ماتي منهن تي سيبائتا ٿي لڳا. هن جي سامهون ڪاري پٿر جي ٿلهي تي ديوداسي، ڳاڙهي بنارسي گهگهريءَ ۽ پڙيءَ ۾ نچي رهي هئي ۽ هن جو سڄو سرير ڪنهن ڀيانڪ آنڌيءَ ۾ ويڙهجي ويو هو. نرت ۾ ديوداسيءَ جي چيلهه ائين ٿي مڙي ويئي، جئن ڌوڙ ئي ۾ ڊاک جي ول جهڪي وڃي. ان وقت هن جي گهگهري انهيءَ ڪپڙي وانگر ٿي لڳي، جنهن سان پيهر، جهار، جي ڀو کان ڊاک جا ڪچا ڇڳا ٻڌي ڇڏيندا آهن. پوڄاريءَ سوم _ رس جي چوٿين وٽي ڳيت ڏيئي پيتي ته هن جون اکيون ڪروڌ ۾ آيل ڪاريهر جي اکين وانگر ٿي لڳيون. هو مست ٿي ديوداسيءَ ڏانهن ٿي وڌيو، ته ڪنهن هن جي ٻنهي ڪلهن کي پٺيان زور سان جهليو. پوڄاريءَ وائڙو ٿي پٺتي نهاريو ته ڏٺائين ته مها _ ٻلي ديوتا هن کي ڪلهن کان جهلي بيٺو هو. ديوتا جون اکيون ڪانڊن ٽانڊن وانگر ٻري رهيون هيون، ڄڻ ته هن سوم _ رس جا ٻه ٽي مٽ پيتا هئا. ڀو ۾ پوڄاري ديوتا جي چرنن تي ڏنڊوت ڪري، منهن ڌرتيءَ سان لاتو. ديوتا غصي ۾ پوڄاريءَ کي لت هڻي چيو: ڏسين نٿو هيءَ ديوداسي پرڪرتيءَ جو سڀ کان جوٺو سروپ آهي: هن سان پريم ڪرڻ تولاءِ پاپ آهي! پوڄاري ٽپو ڏيئي اٿيو ۽ ڀرسان پيل ڏڦي سان ديوتا تي وار مٿان وار ڪيائين _ تان جو ديوتا ڌرتيءَ تي ڪري ڦٿڪي ڦٿڪي خاموش ٿي ويو. ديوتا جو رت ڦوهاري وانگر وهي رهيو هو. سامهون ديوداسي، جنهن جي چوٽي، ڪراين ۽ مرن ۾: ڪيتڪيءَ ۽ مگري جون لڙهيون پيئون هيون، اڃا نچي رهي هئي ۽ تيزيءَ سان سان ڦيرايون پائي رهي هئي.
ڇنن ڇنن، ڇن ڇم، ڇن ڇن، ڇن ڇم، ڇم ڇم....
ڇـــــــم ڇـم، ڇم ڇم، ڇم؛ ڇنن ڇنن، ڇن ڇم....
”پوڄاريءَ سوم _ رس سان ٻه وٽيون ڀريون، انهن ۾ ڪجهه ديوتا جو رت ملايائين، ۽ پوءِ هڪ وٽي پاڻ پي ويو ۽ ٻي وٽي ديوداسيءَ کي پياريائين... پوءِ ٻيئي مدهوش ٿي ڪاري سنگمرمر جي ٿلهي تي ليٽي پيا. هڪٻئي پٺيان ڏياٽيون ۽ موم بتيون وسامي ويون ۽ رات جي اوندهه ديوتا جي رت کي ڍڪي ڇڏيو. اهو پوڄاري ڀارت ديس جو ’پهريون ناستڪ‘ هو.“ هن مون کي حيرت سان ڏسي پڇيو، ”تو اها عجيب غريب ڳالهه ڪٿي پڙهي آهي؟“
”ڪٿي به نه .“
”ڪنهن کان ٻڌي اٿيئي“
”ڪنهن کان به نه.“
”تڏهن اها تنهنجي من _ گهڙت ڳالهه آهي؟“
”نه.“
”تون به عجيب آهين! آخر توکي انهيءَ ڳالهه جي خبر ڪيئن پيئي؟“
”اکين سان ڏٺي اٿم: اهو پوڄاري مان آهيان ۽ اها ديوداسي تون آهين! مان جنم جنم ۾ هر ديوتا کي ڏڦي تي ڏڦو هڻي ماريندو آيو آهيان _ تولاءِ فقط تولاءِ!...“
*

هو اهو ديوانو شاعر هو، جو هر پيشرؤ جو پيرو ڊاهي منزل ڏانهن اڳتي وڌندو هو. مون هن کي هڪ دفعي ”غالب“ جو هٺيون شعر ٻڌايو:
”لازم نهين ڪه خضر ڪي هم پيروي ڪرين،
مانا ڪه اڪ بزرگ همين همسفر ملي.“
(لازمي نه آهي ته اسين خضر جي پيروي ڪريون، جيتوڻيڪ اهو مڃون ٿا ته هڪ بزرگ اسان سان همسفر هجي.)
هن فوراً شدت سان چيو، ”۽ غلط! غالب غلط آهي. هر عظيم شاعر پنهنجو خضر پاڻ آهي. هن کي نه رهبر جي طلب آهي نه همسفر جي.“
سنڌ جي ڪلاسيڪي ادب متعلق گفتگو ڪندي، هن ٽهڪ ڏيئي چيو، ”سنڌ جو ڪلاسيڪي شعر! آخر اهو آهي ڇا؟ڪجهه جهوني جڳ جون ڏند ڪٿائون _ منصور جو سوريءَ تي چڙهڻ، ذڪريا جو ڪرٽ سان چيرجڻ، يونس جو مڇيءَ جي پيٽ ۾ رهڻ! ڪجهه روحاني ڏاڪڻيون _ شريعت، طريقت، حقيقت، معرفت: ناسوت، جبروت، ملڪوت، لاهوت! لفظ فقط بي معنيٰ لفظ! چرس، چنڊول، گانجي جون سلڦيون، ڀنگ جا ڪونڊا؛ ازلي پنڪيون، ابدي گهيرٽ! تنهنجي شاهه، سچل، دلپت، سامي، بيدل ۽ بيڪس وٽ ٻيو ڇا آهي؟ انهن کي صدين جي غبار ۾ ويڙهيل ڇڏي ڏي. انهن مان ڪوبه ڪنهن سنگ ميل تائين نه پهتو هو. شعر ۽ ادب جي منزل دور آهي، تمام دور!“
هن جذبات جي جوش تي مرڪي قابو پاتو، ۽ رازدارانه انداز ۾ چيائين، ”سچل کي شاهه لطيف چيو هو ته جيڪا ڪني مون چاڙهي آهي، ان جو ڍڪڻ تون لاهيندين؛ ڪاش! مان اها ڪني ڍڪڻ سوڌي ڀڃي سگهان!“
هن ۾ هڪ منفرد اديب جي انانيت ۽ خود اعتمادي هئي. هن جو روح اها ڇولي هئي، جا ڪچ ڪوڏيءَ ۽ موتيءَ کي ساڳيءَ طرح ٿڏي، چنڊ کي چمڻ لاءِ اڀرندي آهي. ظاهري طرح هو واقعي ديوانو ٿي لڳو. پر هر عظيم شاعر اهو ديوانو آهي، جو جنون جي بي انتها جوش ۾ پٿر اڇلائي، عرش عظيم جا در دريون ۽ روشندان ڀڃي وجهندو آهي.
مون هن جي ڪلهي تي هٿ رکي چيو، ”ڪنهن حد تائين مان توسان متفق آهيان. پر سنڌي ڪلاسيڪي شاعر فقط تصوف جو مربو ته نه آهي؛ ۽ تصوف جو بنيادي نظريو به ته آفاقي آهي. انسان جي انسان سان محبت، انسان جي ڪنهن ازلي حقيقت جي جستجو: جي اهي انسان مان ويا ته باقي هن ۾ ڇا رهيو؟ اهي شاعريءَ جا ابدي موضوع آهن. ائين صحيح آهي ته تصوف جو نظريو نه فقط سنڌ ۾ پر ڪيتريءَ حد تائين هر هنڌ، مضحڪه خيز آهي، پر ان جي معنيٰ اها نه آهي ته شاهه جو ’مومل راڻو‘ ۽ ’سسئي‘ پنهون ان ڪري بي معنيٰ آهن، ڇاڪاڻ جو شاهه جي شاعريءَ جو محرڪ تصوف جو ڪو نظريو هو. جيڪڏهن تون عينيت جو غلاف هٽائي ڏسندين، ته توکي شاهه جا ڪيترائي بيت مجاز جا مجسما نظر ايندا، جن ۾ خالص حسن آفريني ۽ فطرت نگاري پيئي بکي. شاهه ۾ فطرت سان ڪيتري نه محبت آهي! مون فرانس جي عظيم شاعر ”باڊليئر“ جي ڪلام جو مجموعو، ’گناهه جا گل‘ پڙهيو آهي ۽ ان مان هيءُ شعر اڃا تائين منهنجي ذهن ۾ محفوظ آهي:
’تون سڀ کان زياده ڪنهن سان محبت ڪندو آهين؟‘
پر اسرار انسان مون کان پڇيو. ’پنهنجي پيءُ پنهنجي ماءُ، پنهنجي ڀيڻ يا پنهنجي ڀاءُ سان؟‘
’مون کي نه پيءُ آهي، نه ماءُ، نه ڀيڻ نه ڀاءُ.‘
_ ’پنهنجن دوستن سان!‘
’تون اهو لفظ ڪم آڻي رهيو آهين، جنهن جي معنيٰ کان اڃا تائين ناواقف آهيان.‘
_ ’پنهنجي وطن سان؟‘
’مون کي خبر نه آهي ته اهو دنيا جي ڪهڙي حصي ۾ آهي.‘
_ ’سونهن سان؟‘
’سونهن کي جيڪر دل سان چاهيان ها، ڇو ته اها ديوي آهي ۽ امر آهي.‘
_ ’سون سان؟‘
’مون کي سون کان ايتري نفرت آهي، جيتري توکي خدا کان.‘
’اي اجنبي انسان! تڏهن تنهنجي ڪهڙيءَ شيءِ سان محبت آهي؟‘
’منهنجي بادلن سان محبت آهي! بادل، ويندا رهندا آهن _ ازلي حيرت انگيز بادل!‘
هيءُ ”باڊليئر“ جو شعر منهنجي روح جي سيپاري جو هڪ ورق آهي. پر انهيءَ جي مقابلي ۾ شاهه جو سر سارنگ رکي ڏس، اها سٽ پڙهه:
’آگميو آهي لڳهه پس، لطيف چئي!‘
ڇا توکي ان سٽ ۾ اها ڪيفيت محسوس نٿي ٿئي جا ”باڊليئر“ جي نظم ۾ آهي؟ هر شعر ۽ اديب جي تخليقات ۾ هن جي ماحول جون روايتون ۽ توهمات پوشيده آهن _ توڙي هو قديم شعرا مان هجي يا جديد مان. هن جو روح اهو تلاءُ آهي، جنهن جي ڇر هيٺان سر ۽ چڪڻي مٽي آهي: تون ان ڇر کي چانڊوڪيءَ وانگر چمي ڏس، ان جي سرن ۽ چڪڻي مٽيءَ کي ڇا ڪندين؟ تون ان ۾ هنج وانگر ٽٻي ڏي ته توکي موتي ملن، فقط ڪنهن ڪانوَ جي ڪانگيري ۾ ويهي ڇو ٿو چيخ پڪار ڪرين؟ بهتر آهي ته ڪلاسيڪي شعر جي انهيءَ حصي کي نظرانداز ڪري ڇڏ جنهن ۾ آفاقيت نه آهي، جنهن ۾ شاعر جي دور جا توهمات ۽ بي ڪيف تصورات آهن. ممڪن آهي ته هڪ صديءَ کان پوءِ تنهنجي منهنجي ڪلام لاءِ به ڪئنچيءَ جي ضرورت پوي.“
هو ٿورو کنگهي چوڻ لڳو، ”مان ته سمجهان ٿو ته تصوف ۽ مذهبي پس منظر کان سواءِ سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعري هڪ کنڊي جي کل مثال آهي.“
مان سوچي رهيو هوس ته ڪٿي هيءُ ديوانو شاعر سچ ته نٿو چوي!
اڄ هڪ سنڌي ادب جي پانڌيئڙي سان ملاقات ٿي، جنهن سان هيٺين گفتگو ٿي: ”اوهين ترقي پسند آهيو ڇا؟“
”جيڪڏهن ترقي پسند ٿيڻ لاءِ مارڪس جي جدلياتي ماديت ۽ انسان جي لازمي مادي ارتقا ۾ اعتبار، ۽ ادب کي فقط طبقاتي ڪشمڪش جو آئينو ۽ ذريعو تسليم ڪرڻ ضروري آهي، ته مان ترقي پسند نه آهيان.“
”پوءِ ته اوهين رجعت پسند چئبا.“
”منهنجيءَ نظر ۾ رجعت پسند اهو آهي، جو ڪنهن صدين جي جهونيءَ تهذيب ۽ تمدن، معاشي ۽ اقتصادي نظام ۽ مذهبي قدرن جو قائل هجي: جو زندگيءَ جي هر نئين مسئلي جي حل جي تلاش ڪنهن اڏوهيءَ کاڌل ڪتاب يا قول ۾ ڪري: ۽ جو زندگيءَ ۽ ادب جي هر نئين رجحان جي ان ڪري ترديد ڪري ڇاڪاڻ ته اهو رجحان هن جي موروثي خيالن جي خلاف آهي. ته، مان رجعت پسند نه آهيان.“
”اهو ڪيئن: نه رجعت پسند، نه ترقي پسند! تڏهن اوهين ڇا آهيو؟“
”مان فقط ’مان‘ آهيان.“
”يعني؟“
”يعني مان منصور آهيان؛ مون کي هربي سمجهه ڦاهيءَ تي چاڙهيندو.“
”اهو ڪو ”اناالحق“ جو نئون نعرو آهي ڇا؟“
”_ اناالانس جو!“
”اوهان جي خيال ۾ نئون ادب ڇا آهي؟“
”زندگيءَ ۽ ادب جي هر صحتمند رجحان جو خير مقدم.“
”سنڌي ادب ۾ تنقيد جي ارتقا متعلق اوهان جو ڇا رايو آهي؟“
”سنڌي تنقيد انهيءَ جانور جو نالو آهي، جنهن کي جهرڪيءَ جو مٿو، ڪاريهر جي ڄڀ، چمڙي جون اکيون ۽ اٺ جي اوجهري آهي.“
”ڇا مطلب؟“
”ادبي تنقيد لاءِ نه فقط جديد ۽ قديم ادب جو وسيع مطالعو زبان ۽ ادب جي مزاج جي پرک ۽ فن تحرير تي قدرت ضروري آهي، پر تنقيدنگار جي گوناگون، گهري ۽ متوازن شخصيت ئي تنقيد کي صحيح تنقيد بنائي ٿي: مون کي اهي خوبيون سنڌ جي ڪنهن به ناقد ۾ نظر نٿيون اچن.“
”نئين ادب ۾ فحش نگاري آهي ڇا؟“
”اهو ان تي منحصر آهي ته اوهين نئون ادب ۽ فحش نگاري ڇاکي ٿا سمجهو. اوهان کي معلوم هوندو ته جيمس جوائس (James Joyce) جي ڪتاب ”يوليسز“ (Ulyseys) تي فحش نگاريءَ جي الزام هيٺ مقدمه بازي هلي هئي، ۽ آخر آمريڪا جي عدالت فتوا ڏيئي، ان کي فن جو عظيم شهپارو تسليم ڪيو. ساڳيءَ طرح ڊي. ايڇ. لارينس (D.H. Lawrence) جي ڪتاب ”ليڊي چئٽرلي جو عاشق“ (Lady Chatterleys’ lover) تي به اهڙي قسم جي قانوني فتوا ملي چڪي آهي، جنهن تان پڻ تازو اها بندش هٽائي ويئي آهي. خير هتي جنسيات جو مهذب تصور ناممڪن آهي. هتي جيڪڏهن اهو لکيو وڃي ته فلاڻو صوفي شاعر ڪنهن هندو ڇوڪري سان عشق ڪندو هو ته سنڌي ناقد، مجاز کي حقيقت جي پل سمجهي، درياءُ ٽپي ويندو، باقي جيڪڏهن ڪنهن حقيقت نگار اديب ڪنهن به جنسي حقيقت جو اشاري ۾ ئي ذڪر ڪيو، ته آڏ تي بيٺو گاريون ڏيندو. هن جون گاريون به اهو گارو آهن، جنهن جي چڪڻ ۾ ٿاڦوڙا هڻي، ڦينگون اڏاري، هو فقط پنهنجي روح کي پليد ڪندو رهي ٿو. مون کي جڏهن به چيو ويو آهي ته اهڙيءَتنقيد جو جواب ڏيان ته مون فقط اهو چيو آهي ته فقير رمندو رهندو، ڪتا ڀونڪدا رهندا: ڪتن کي ڪهڙي خبر ته فقير جي گودڙيءَ ۾ ڇا هو؟ مان ڀانيان ٿو ته اهي عريان مجسما ۽ تصويرون جن کي ساي مهذب دنيا فن پارا تسليم ڪري ٿي، اسان جي تنقيد نگارن کي فحش لڳندا، جن کي فنون لطيفه جي وصف ۽ انهن جي تاريخي، اخلاقي، جنسياتي، نفسياتي ۽ معاشرتي مناسبتن جي ڪافي معلومات نه آهي. انهن کي ڪنهن ادب پاري جي مهذب ۽ فحش هجڻ جي ڪهڙي خبر؟ پنهنجو قلم ته تلوار کان به تکو آهي، پر اهو ڪنهن جيتامڙي جي رت ۾ ٻوڙي ڇا ڪبو؟“
”هن ڪائنات جي طلسم ۾ جسم جي رعنائي ڪيتري نه هوشربا آهي، سو لطيف سائينءَ هيٺين سٽن ۾ نهايت پياري انداز سان سمويو آهي. (جي اهي سٽون منهنجون هجن ها، ته ڪجهه فهم نقاد انهن تي به فحش نگاريءَ جو الزام آڻين ها.)
’ڪنواريون ۽ ڪنول، هل ته پسون ڪاڪ جا!‘
(مٿيئنءَ سٽ ۾ ڪنول جو تصور ائين آهي، جيئن ڪنهن مڱينديءَ جو هيانءُ ٽڙي پوندو هجي.)
’هلو هلو ڪاڪ تڙين، جتي نينهن اڇل،
نڪا جهل نه پل، جي ويا سي وڍيا.‘
’مومل کي مجاز جا، اکين ۾ انبور!‘
(اها سٽ پڙهي ڪو نيم دماغ ناقد ائين نه چوي ته اکين ۾ انبور ڪيئن ٿيندا؟ مومل جون اکيون ٿيون يا لوهار جو دڪان!)
”لطيف سائينءَ انسان جي تن جي تؤنس سر سهڻي ۾ هڪ نهايت باڪمال فنڪار وانگر چٽي آهي:
’کــامــان، پـچـــان، پــڄران، ۽ لوچان،
تن ۾ تؤنس پرينءَ جي، پيان نه ڍاپان.‘
۽ اها تن جي تؤنس انسان کي ڪيترو نه مجبور ٿي ڪري، ان جو اظهار هيئن ٿو ڪري:
’ساهڙ مون جئن سرتيون، جي ڏسو سڀيئي،
ته سمهو ڪين سک ٿي، پاسو ور ڏيئي،
منهان اڳيئي، گهڙو سڀ گهڙا کڻي.‘
”شاه جي شاعريءَ ۾ اهڙا سوين مثال ملندا، جن ۾ جسم جي حسين ترين شاعري آهي. آخر عورت کي به ته جسم آهي؛ اها به ’کٽن تي کهه‘ ۽ ’پلنگ پراڻا‘، ڏسي راڻي لاءِ روئي ٿي سگهي. انهيءَ جنسي محبت کان، چون ٿا ته فرشتا به رهي نه سگهيا هئا، جي اڃا تائين ”چاهه بابل“ ۾ ٽنگيا پيا آهن. زندگي ڀلي روز ”چاهه بابل“ ٺاهي اسين اها محبت ادب ۾ چٽيندا رهندا سين، ڇو ته اسان کي فرشتي جو روح آهي.“
”تعجب آهي ته مذهب ۽ سياست جيڪڏهن ادب ۽ فن جا موضوع ٿي سگهن ٿا، ته جنسي نفسيات ڇو نه ٿي سگهي ٿي! شرط اهو آهي ته نگاهه صالح ۽ نگارش ادبي هجي _ ۽ جي ائين نه آهي، ته پوءِ مذهب خواه سياست، خواه جنسي نفسيات، سڀئي الڳ الڳ سببن ڪري اعتراض جي قابل ٿي سهگن ٿا.“
”ڇا نئين ادب ۾ دهريت آهي؟“
”ها آهي: پر ان ۾ ڪيئي تخليقات اهڙيون به آهن، جن ۾ ڪنهن ازلي حسن ۽ حقيقت جي جستجو ملي ٿي. دراصل ڪيترائي اديب، روايات جا زنجير ٽوڙي زندگيءَ جي زندان کي ڊاهي رهيا آهن. انهن اڃا زندگيءَ ۽ ادب جا مثبت اقدار طئي نه ڪيا آهن. ڪنهن ڪنهن دور ۾ ادب ۾ طوفان ايندو آهي، جو جهونن سفينن جا بادبان اڏائي ڇڏيندو آهي؛ انهن جو تختو تختي سان نه ملندو آهي ۽ پراڻن ناخدائن کي سندن خدا به بچائي نه سگهندو آهي... ۽ پوءِ نوان مانجهي ساحل ڏانهن وڌندا وڌندا نظر ايندا آهن. بار بار انهيءَ طوفان جي گواهي اسان کي دنيا جي تواريخي ادب ۾ ملي ٿي. اسان جو ادب به اڄ اهڙي دور مان گذري رهيو آهي.“
”اوهين ڪهڙن شاعرن کان متاثر ٿيا آهيو؟“
”اهيو ڏکيو سوال آهي. مون مشرق ۽ مغرب جا صدها شاعر پڙهيا آهن ۽ انهن مان ڪيترن منهنجي ذهن ۾ پنهنجو پنهنجو تاثر ڇڏيو آهي. ڪن جون ته فقط ٻه _ چار سٽون مدت تائين منهنجي ذهن ۾ ائين ٻرنديون رهيون آهن، جيئن ڪنهن موسيقيءَ جو لازوال آلاپ مثلاً. معلوم نه آهي ته هيءُ فارسي شعر ڪنهن جو آهي، پر اڄ مدت کان پوءِ منهنجي ذهن ۾ اڀري آيو آهي:
’باده ڪه شيشهء دل منصور را گداخت،
در ساغر شبينه من جوش مي زند.،
(جنهن شراب منصور جي دل جي شيشي کي ڳاري وڌو، اهو منهنجي راتوڪي پيالي ۾ اٻڙڪا ڏيئي رهيو آهي.)
”بهر صورت مان شاهه لطيف، ڪوي ٽئگور، ميران ٻائيءَ، حافظ، خيام، خليل جبران، گوئٽي، پشڪن مايا ڪووسڪي ۽ باڊليئر کان ڪافي متاثر ٿيو آهيان. لطيف، ٽئگور، ميران ۽ حافظ وحدت الوجود جي فلسفي جا قائل آهن، باقي ٻين جا متضاد نظريا آهن، جي سڀ ائين آهن جيئن روشنيءَ جا مختلف رنگ،باقي جذباتي طرح مون کي خيام ۽ ميران سان سڀني کان زياده رغبت آهي.“
”اها ڳالهه مون هن وقت تائين ڪنهن کي به نه ٻڌائي آهي. توکي مون سان شخصي انس آهي، ان ڪري توکي ٻڌايان ٿو.“
”الست جي عهد کان پوءِ جڏهن انسان عالم بالا مان ڌرتيءَ طرف ٿي آيا، تڏهن مان تنها پنڌ هوس. جڏهن پنڌ ڪري ڪري ٿڪجي پيس، تڏهن هيڏانهن هوڏانهن نهاريم ته پريان ڪجهه درخت نظر آيا. مون ويجهو وڃي ڏٺو ته انگور جي ول هيٺان هڪ رند لا ابالي پنهنجي صراحيءَ مان جام تي جام ڀري پي رهيو هو. مون هن سان اڃا ڏيٺ ويٺ ئي نه ڪئي هئي ته هن صراحيءَ مان جام ڀري مون ڏانهن وڌايو. مون حيرت ۾ هن کان پڇيو، ”تون ڪير آهين؟“ هن جواب ڏنو: ’منهنجو نالو عمر آهي، عمر ”خيام“ مون ڪوئي به عهد نه ڪيو آهي ۽ سڀني کي لنوائي ڀڄي آيو آهيان.‘
”ايتري ۾ مون کي پريان گيڙوءَ رتي لباس ۾ هڪ جو ڳياڻي نظر آئي، جنهن کي هڪ ڪلهي تي يڪتارو هو ۽ ٻئي تي چونئري . هوءَ ڳائيندي ٿي آئي:
’موري جنم مرن ڪي ساٿي،
توهي نا بسرون دن راتي.‘
(منهنجي ڄمڻ مرڻ جا ساٿي! تون مون کان ڏينهن رات نه ٿو وسرين.)
”جڏهن هوءَ ويجهو پهتي ته هن مون کي چيو، ’هيءَ چونئري ته وٺائي هيٺ رک، مان ڏاڍي ٿڪجي پيئي آهيان. الاجي شيام ڪٿي ملندو!‘
”مون هن کان پڇيو ته مائي تون ڪير آهين؟“
’مان؟ مان ميران ٻائي آهيان.‘
’ڪيڏانهن ٿي وڃين؟‘
’ڪيڏانهن؟ خبر ناهي شيام الائجي ڪيڏانهن ويو!‘
’انهيءَ چونئريءَ ۾ ڇا کنيو اٿئي؟‘
’ڇا کنيو اٿم؟ ان ۾ اهي ڳوڙها ڪٺا ڪيا اٿم، جي شيام جي وڇوڙي ۾ ڳاڙيندي آئي آهيان.‘
’هون‘! خيام کي ڳالهه نه وڻي، ۽ هن مون کي اشارو ڪيو ته سندس جام ڳيت ڏيئي پي وڃان. مون چڪي چکي _ اها تارونءَ کي ايتري ته تکي لڳي، جو مون جام رکي ڇڏيو.
’هيءَ انگور جي رس آهي، ڇو نه ٿو پيئين؟‘ خيام پڇيو.
مون جواب ڏنو، ’خيام تنهنجي رس ڏاڍي تکي آهي.‘
ميران ٻائي ٿڌو ساهه کڻي چيو، ’انهيءَ رس ۾ هن چونئريءَ جو ڪجهه پاڻي ملائي پيءُ شايد ان جي تک گهٽجي وڃي.‘
مون خيام جي رس ۾ ميران جا ڳوڙها ملايا؛ ۽ پوءِ ڪيئي جام پي ويس. ان وقت خيام هيٺين رباعي چئي رهيو هو:
’آمد سحري نداز ميخانه ما،
ڪ اي رند خراباتيء ديوانه ما،
برخيز ڪه پر ڪنيم پيمانه زمي،
زان پيش ڪه پر ڪنند پيمانه ما.
(صبح جو ميخاني مان صدا آئي ته اي اسان جا رند خراباتي ۽ ديوانا! ان کان اڳ جو اسان جي زندگيءَ جو پيمانو ڀرجي وڃي، اٿي ته پيمانو شراب سان ڀريون.)
مان ٿوريءَ دير ۾ مدهوش ٿي ويس، ۽ جڏهن جاڳ ٿي، ته خيام ۽ ميران ٻيئي نظر نه آيا، فقط منهنجي ڀرسان خيام جي صراحي ۽ جام ۽ ميران جي چونئري رکي هئي؛ آءٌ اهي کڻي پنڌ پيس. مون کي ڪافي گهري ننڊ وٺي ويئي هئي: ڇو ته پوءِ مون کي معلوم ٿيو ته خيام ۽ ميران ته مون کان ڪجهه صديون اڳي ڌرتيءَ تي پهتا هئا.
انهيءَ صراحيءَ ۽ چوئنريءَ مون تي ڪافي اثر ڪيو آهي.
مان دهريو صوفي آهيان، ناستڪ جوڳي آهيان!“

2

ڪنهن چيو ته فلاڻي صاحب تنهنجي ادبي تخليقات تي تنقيد ڪئي آهي. مون پهاڙن تان هيٺ ڏٺو. هڪ وڇون، پهاڙ جي پيرن وٽ هڪ پٿر کي ڏنگ هڻي رهيو هو. پهاڙ خاموش هو، اٽل هو.
*

مون رات خواب ۾ ڏٺو ته ’سامي‘ شڪار پور ۾ هاٿي در اندران ڪنهن جاءِ ۾ ويٺو هو، ۽ پني ٽڪر تي سلوڪ لکي مٽ ۾ وجهندو ٿي ويو.
مون هن ڏانهن تعجب سان ڏسي چيو، ”سامي تون اڃا تائين اهي سلوڪ مٽ ۾ پيو ڇپائين!“
ساميءَ مرڪي چيو، ”اڳي ته مان ئي فقط اهو سنڌڙيءَ جو شاعر هوس، جو پنهنجو ڪلام مٽ ۾ پوري ڇڏيندو هوس؛ پر هاڻي مون کي يقين آهي ته تون به ائين ئي ڪندين.“
مون مڪ هڻي ساميءَ جو مٽ ڀڃي وڌو ۽ هن جا سڀ پنن جا ٽڪر کڻي چيم، ”سامي، نه فقط مان پنهنجو ڪلام علي الاعلان پڙهندس، پر تنهنجو به ! تون ۽ مان هن سر زمين جو ماضي ۽ مستقبل آهيون: اسان کي ڪو به مٽائي نٿو سگهي!“ آڌيءَ رات جو ننڊ مان جاڳ ٿي. مون اکيون پٽي مٿي ڏٺو. آڪاش جي مندر ۾ ڏيئا جلي رهيا هئا. ويساک جو منو چنڊ، ڪنهن پوڄاريءَ جي سيتل آتما جيئن ٿي لڳو. مون چيو، ”اٿي، آرتيءَ جو وقت آهي، ويل وهامي نه وڃي!“ پوءِ اٿي مان ڪوٺيءَ جي ڀت وٽ آيس. سامهون اونداهو ساڌ ٻيلو، جنون ۾، سچل سرمست جي وارن وانگر ٿي لڳو. چنڊ جا ڪجهه ڪرڻا پاڻيءَ تي ٽانڊن وانگر چمڪي رهيا هئا.اوچتو ساڌ ٻيلي مان مور رڙ ڪئي، جا بڙڇيءَ جي وار وانگر آسمان چيري ويئي. مون حيرت ۾ سوچيو ته هيءُ ساڌ ٻيلو ڪيترو نه تنها ۽ ويران آهي! معلوم نه آهي ته هيءُ مور ان کي ڇڏي ڇو نه ٿو وڃي! رات جي هن اٿاهه خاموشيءَ ۾ رڙيون ڇو ٿو ڪندو رهي؟
مونکي منهنجي هڪ هندو استاد، هڪڙي ڏند ڪٿا ٻڌائي هئي، جا ياد اچي رهي هيم _ ”جڏهن ڪلجڳ شروع ٿيو هو ته سنڌو ديش تي ڪجهه پاپي ڪاهي آيا هئا. هو نردئي هئا ۽ اسان جا ديش واسي دياوان. هنن جي سوڀ ٿي ته هنن چوڌاري ڦرلٽ، اهنج انياءُ مچائي ڏنو. اسان جا ديش وسي سڀ خاموشيءَ سان ڏسندا رهيا. سنڌو درياءُ تڏهن اروڙ جي ڀرسان وهندو هو. درياءَ جي ڪپ تي هڪ رشي تپسيا ڪندو هو ۽ سڄو وقت ڌيان گيان ۾ گذاريندو هو. ڀرسان هڪ ماڙي هئي، جنهن ۾ ”سنڌيا“ نالي هڪ پتورتا استري رهندي هئي. جڏهن پاپي هن جي ست تي هلان ڪري آيا ته رشي ترشول کڻي ڊوڙيو ۽ ڪجهه پاپين جي ڇاتين کي ڇلي وڌائين. هڪڙي پاپيءَ وجهه وٺي رشيءَ کي ترار سان ٻه اڌ ڪري وڌو. ان کان پوءِ ان رشِيءَ مور جو جنم ورتو ۽ اڃا تائين مور جي جوڻ ۾ آهي. جڏهن رات ٿيندي آهي ته هو رڙيون ڪندو آهي ته ’ستجڳ وري ڪڏهن ايندو؟ پاپي ڪڏهن ناس ٿيندا!‘ مون ان وقت انهيءَ ڏند ڪٿا تي اعتبار نه ڪيو هو؛ پر هاڻي گويا سچي لڳي رهي هئي. فقط بار بار اهو خيال اچي رهيو هو ته هيءُ مور اڏامي ڇو نٿو وڃي؟ هيءُ جڳ پاپ جي نگري آهي؛ هن ۾ پاپ کٽندو ته نه، وڌندو نظر اچي رهيو آهي؛ پوءِ به هي مور رڙندو ٿو رهي!... ڇو؟ مان اڌ رات جو ڇو ٿو اٿان؟ مان گيت ڇو ٿو لکان؟ هن پاپ جي نگريءَ ۾ گيتن کي ڪهڙي معنيٰ آهي، ڪهڙي اهميت آهي! اوه مون کي ڏکڻ جي واءُ ۾ ننڊڙي ٿي اچي. منهنجا آواره خيال ڪٿي وڃيو نڪرن! مور جي رڙين سان منهنجن گيتن جو ڪهڙو واسطو؟
اي چنڊ! تون هن ڪائنات جو خاموش تماشبين آهين. اي چنڊ ڪڏهن ڪڏهن تون انسان جي روح ۾ ليئو پائيندو آهين؛ اتي واسو ڪندو آهين. تنهنجو جسم ته آسمان ۾ هوندو آهي، پر تنهنجو روح ڪنهن ماڻهوءَ جي من ۾ هوندو آهي. اي چنڊ تون منهنجو ڀيدي آهين. تون ۽ مان، ٻيئي واٽهڙو آهيون _ ڪنهن دور ديس جا، اڻٿڪ ازلي راهي: تنهنجو منهنجو پنڌ پڄندو به يا نه؟ اي چنڊ، تو هن نگريءَ ۾ مون جهڙو ٻيو به ڪو سودائي شاعر ڏٺو هو؟ مون ٻڌو آهي ته بيڪس روهڙيءَ ۾ سنڌو گهاٽ وٽ آڌيءَ رات جو ڪنئيي سان اچي بيهندو هو، ۽ ڪنئيو، ڪن تي هٿ رکي هن جي ڪافي ڏاڍيان ڳائيندو هو:
”ساجن سائين سير ڪرڻ لئه آيو ٿي انسان،
ڪاٿي ڪافر، گبر، يهودي، ڪاٿي مسلمان،
ساجن سائين.......“
اها ڪافي ٻڌي ساڌ ٻيلي جو مور زور سان رڙيون ڪندو هو. ”ائين نه آهي ”بيڪس“ سائين ائين نه آهي! سڀ انسان ساجن جو سروپ نه آهن. هيءُ سارو جيون پاپ ۽ پڃ جي يڌ آهي؛ ۽ ڪڏهن ڪڏهن انهيءَ يڌ ۾ پڃ اڪيلو آهي، بلڪل اڪيلو!“
وڏا چوندا هئا ته مور جو آواز ٻڌي، بيڪس سانت ۾ اچي ويندو هو، ۽ ڌرتيءَ تان پٿر کڻي، پاڻيءَ ۾ چنڊ جي پاڇي کي هڻندو هو. چنڊ لهرين ۾ ڀڄي ڀورا ٿي پوندو هو، پر ٿوري وقت کان پوءِ چنڊ جو پاڇو هڪ جاءِ تي اچي ويندو هو. اي سچ! تون چنڊ جو پاڻيءَ ۾ پاڇو آهين، توکي ڪابه ضرب ڀڃي ڀورا ڪري نٿي سگهي!
اڃ رات جي پوئين پهر ۾ جاڳ ٿي. پريان درياءَ تي ٻيڙيءَ جا سڙهه ڏانڊيءَ تي ويٺل پوپٽ جي پرن وانگر لڳي رهيا هئا. آسمان ۾ ننڍڙيون اڇيون ڪڪريون ائين ڦهليل هيون، جيئن ڪنهن سهڻيءَ مهاڻيءَ جي تڏيءَ تي پلي جا ڇلر. مون اکيون مهٽي، نيراڻ ۾ نهاريو. نظر نمرود جي تير وانگر اڏامندي ويئي.
هن رنگا رنگ ڪائنات جو ڪوئي انت نه آهي: اها نه شروع ٿي آهي، نه ختم ٿيندي. نه ان جي مڪان ۾ ابتدا ۽ انتها آهي نه زمان ۾: اها اتي ۽ ائين آهي، اتي ۽ ائين رهندي: نه ان جي حسن ۾ ڪمي ايندي، نه حيرت افزائيءَ ۾. ڪير ٿو چوي ته هيءُ جهان فاني آهي؟ هيءُ جهان باقي آهي، ازلي آهي، ابدي آهي!
اي شاعر! انهيءَ همه حيرت، همه حسن ۾ محو رهه ته تنهنجي شاعريءَ کي ابديت ملي وڃي.
ٻنڀي ۾ ٻاٽ ڪنهن تيلي جلائي ڏياٽيءَ تائين آندي. سوجهري ۾ ڇڳل تڏي تي رليءَ مٿان ڪوئي بيمار ڪنجهي رهيو هو.
”ابا آيو آهين،“ هن ڪنجهندي ڪرڪندي چيو. نوجوان ڪوئي جواب نه ڏنو ۽ ڏياٽيءَ ڏانهن ڏٺائين، جنهن ۾ فقط وٽ جي پڇڙي ٻڏي رهي هئي.
”ابا، وئد ڇا چيو. ڪوئي چاڙهو ٿيندو؟“ بيمار کنگهندي پڇيو. نوجوان وري به جواب نه ڏنو. هن جي اکين مان ڳوڙها ڳڙي ڏياٽيءَ ۾ پوندا رهيا. ڏياٽيءَ ڳوڙهن سان ڀرجي ويئي۽ ان ۾ ساري وٽ ٻڏي ويئي.
”ابا، هتي اوندهه آهي، اها ڏياٽي ته جاري مان لاهي هيٺ رک،“ بيمار تپ ۾ تڙپندي چيو.
نوجوان ڏياٽي لاهي بيمار جي ڀرسان رکي. ته بيمار ان ڏانهن ڏسي چيو، ”ابا، هيءَ ته ڪافي ڀريل آهي. جهونجهڪڙي تائين جلندي رهندي.“
نوجوان وري به چپ.
”ابا، هيءَ وٽ ائين ڇوٿي ڀڙڪا ڏئي؟ ابا هن ڏياٽي _ ۾ وٽ ته ٺاهه، اوندهه ٿيندي ٿي وڃي ........ ٿڌي.... ٿڌي اوندهه...... ابا.....“
*

شبنم آسمان تان ڊوڙندي آئي ۽ اچي نرگس کي چميائين، ۽ هن کان پڇيائين، ”تون مون کي ڏسي سگهين ٿي؟“
نرگس واڻيو، ”مان توکي ڏسي ته نٿي سگهان، پر ايترو يقين سان چئي سگهنديس ته تنهنجي محبت پاڪيزه آهي، پايدار نه آهي.“
*

ماڪ گلن کي چيو ته ”مان تنهنجي لاءِ آسمان تان ڊوڙندي آئي آهيان.“
پوءِ ٻيئي هم آغوش ٿي ويا. اها آهي محبت جي ابتدا.
*

آڏي اک چور جي اڌ پٽيل ڳڙ کي آهي، جنهن مان هر ليئي ۾ آنڌ مانڌ ۽ ڊپ ڊاءُ هوندو آهي.
*

چنڊ کي چڪور جي اکين ۾ ڏسندين، ته توکي چنڊ جي چهري جا داغ نظر نه ايندا.
*

ڪنهن ڪنهن فنڪار ۽ ان جي پوئلڳ ۾ بارش ۽ سپ واري محبت ٿئي ٿي.
*

شاعر فرشتو نه آهي. پر فرشتو به ته شاعر نه آهي.
*

زندگيءَ جا پرڪشش واقعا انگور جي داڻن وانگر آهن، جي شاعر جي روح ۾ رچي، شراب ٿي نڪرن ٿا، ۽ هو انهيءَ کي رنگا رنگ ڪوزن ۾ دنيا اڳيان پيش ڪري ٿو.
*

اهو شاعر جو نفساني خواهشن ۾ فرار ڳولي، ان چڪور جي مثال آهي، جو چنڊ کان مايوس ٿي، ٽانڊي تي جهڙپ ڏئي.
*

جيڪڏهن عورت ۽ شراب مان هڪ کي چونڊڻو پوي، ته مان جيڪر شراب کي چونڊيان. ۽ جيڪڏهن شراب ۽ ڪتاب مان هڪ چونڊڻو پوي، ته مان جيڪر ڪتاب کي چونڊيان.
*

منهنجو تصور اهو آهي، جنهن ۾ جابجا ٽٽل جام ۽ صراحيون پکڙيل آهن. جڏهن جڏهن مون کي شراب جو ذائقو پسند نه آيو ، مون جام جو سر ڦوڙي ڇڏيو ۽ صراحيءَ جي گردن ٽوڙي ڇڏي. مون تي اهو گناهه معاف آهي، ڇو ته منهنجي دم سان رندي ۽ مستي زنده آهي.
*

جي چڪور چنڊ کي پڳو ته چنڊ چنڊ نه رهندو، ۽ چڪور چڪور نه رهندو.
*

پاڻيِءَ ۾ چنڊ جو عڪس ڏسي، مڇيءَ سوچيوته مان چڪور کان زياده خوش نصيب آهيان.
*

ڪير زياده حسين آهي، شهڪار يا ان جو فنڪار؟
*

مان اهو سوچي اڃا تائين منجهي پوندو آهيان ته شعر حسن جو انڪشاف آهي يا ان جي تخليق!
*

جنهن جي روح ۾ راڳ نه آهي، ان جي راڳ ۾ روح نه آهي.
*

چٻ، ڪوئل کي نفرت سان ڏسي، چيو، ”تون پنهنجو رنگ ته ڏس ڪوڪين ڇا تي ٿي؟“
*

فنڪار جي شڪست فن جي فتح آهي.
*

شاعر فلسفيءَ کي چيوته ”جي تون فلسفي نه هجين ها، ته خدا کي مڃين ها.“
فلسفيءَ شاعر کي چيو ته ”جي تون شاعر نه هجين ها ته خدا کي نه مڃين ها.“
*

جو اڻ _ ڳاتي کي ڏسي ۽ اڻ _ ڏٺي کي ڳائي، اهو ئي بهترين شاعر آهي.
*

مون ڪنهن ٽٽل قبرستان مان انساني کوپري ڪڍي، ان کي کرڙي صاف ڪيو، ۽ ان ۾ شراب ڀري، ان کي چنڊ جي سامهون آندو. جڏهن چنڊ جو عڪس شراب ۾ جهلڪڻ لڳو، تڏهن مون آسمان ڏانهن منهن ڪري پڇيو، ”هي تخليق جو تصور ڇا ٿو سمجهين؟“
*

مان ماضيءَ جي ماضيءَ ۽ مستقبل جي مستقبل جو شاعر آهيان.
*

ڪائنات ۾ اول ڪير هو _ جميل يا جمال؟
*

شاعر جو مذهب فقط شاعري آهي.
*

اي ڪاش! مان گمناميءَ ۾ جيئان ۽ گمناميءَ ۾ مران. بدنامي ۽، ان کان به وڌيڪ، نيڪنامي شاعر جي تخليقي انفراديت لاءِ مهلڪ آهي.
*

ڪيئي ڪتاب منهنجي مطالعي ۾ آيا، پر ائين جيئن ساوڻ جو مينهن درياءَ تي وسي، جيئن اونهاري جي اس بٺيءَ تي پوي.
*

هر شاعرِ محبت شاعرِ انقلاب آهي، هر شاعرِ انقلاب شاعرِ محبت نه آهي.
*

اي راز ازل! تون هر وقت منهنجو پيڇو ڪندو ٿو رهين، پر جڏهن به مون منهن ورائي ڏٺو، تڏهن تو منهن تي نقاب وجهي ڇڏيو.
*

جيڪڏهن مون کي ڪوئي اهو سمجهائي ته پرهه جو پکيئڙا ڇو ٿا ڳائين، ته مان هن کي پيغمبر ڪري مڃان.
*

اشرف المخلوقات انسان نه پر پکي آهن، جن جو زياده تر وقت اڏامڻ ۽ ڳائڻ ۾ گذري ٿو.
*

تون بکيو هئين، مون توکي ماني ڏني؛ تون اڃيو هئين، مون توکي پاڻي ڏنو. جڏهن تو کائي ڍؤ ڪيو تڏهن تو منهنجي وات مان گرهه کسي ڦٽي ڪيو؛ جڏهن تو پاڻي پي پياس ٻجهائي، تڏهن تو منهنجي چپن تان پيالو کسي ڇيهون ڪري ڇڏيو.
*

جهونجهڪڙي جو ڪوهيڙو ڇانيل هو ۽ ماڪ وسي رهي هئي، گويا خدا ڪچيءَ ننڊ مان جاڳي اکين تي ڇنڊا ٿي هنيا.
*

هيءَ سرد خاموش شام! گويا ڪائنات جو اداس روح منهنجي پهلوءَ ۾ آهي.
*

مان هر رات سوچيندو آهيان ته ڏينهن ڪيڏانهن ويو! ۽ ائين محسوس ڪندو آهيان ته هر انسان جاڳ ۾ ننڊ کان به زياده غافل آهي.
*

مان ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته چنڊ اکين کي ايترو ڇو ٿو وڻي! ان ۾ اهو ڇا آهي، جنهن کي اسان حسن چئون ٿا؟ مادي فلسفي ۾ اعتبار رکندڙ چون ٿا ته حسن ڪوئي دائمي قدر نه آهي، ان جي تصور ۾ زمان ۽ مڪان جي فاصلي سبب ڪترو ئي اختلاف آهي. پر مان پڇان ٿو ائين ڇو آهي ته دؤر قديم کان وٺي اڄ تائين چنڊ کي حسين سمجهيو ويو آهي؟ اهڙو ڪوئي به دؤر ۽ اهڙي ڪائي به جاءِ نه آهي، جتي انسان چنڊ کي حسين نه سمجهيو هجي. ان ۾ اهو ڇا آهي، جنهن کي اسين حسن چئون ٿا؟ ۽ انسان ۾ اهو ڇا آهي جو ان جي حسن کان يڪدم متاثر ٿي وڃي ٿو؟ انهن ٻن سوالن جو جواب مون لاءِ خوشنودي جو درجو رکي ٿو، ڇو ته ان کان پوءِ ئي مان سمجهي سگهندس ته مان شاعر ڇو آهيان.
*

هن دؤر ۾ انسان کي ايترو ته جاڳايو ويو آهي، جو هن کي بي خوابيءَ جي بيماري ٿي پيئي آهي.
*

رات جي پوئين پهر ۾ ڪائنات ڪنهن ازلي شاعر جي گيت سان گونجندي آهي.
*

جي مان توکي چوان ته مون خدا کي ڏٺو به آهي ۽ نه به ڏٺو آهي، ته تون مون کي چريو سمجهندين؛ پر مان به توکي سياڻو نه سمجهندس.
*

اونهاري جي نٽهڻ اس ۾ رلندي رلندي، ڪنهن بزرگ ڪوئي درخت ڏٺو، ۽ ان جي ڇانوَ هيٺان ويهي ٿڪ لاٿائين ۽ دعا گهري خدا جو شڪر بجا آندائين. جڏهن بزرگ دعا جا هٿ هيٺ ڪيا، تڏهن درخت ٽاريون آسمان ڏانهن ڊگهيريون ۽ چيو ته ”يا رب! جي تون هن بزرگ جو خدا آهين، ته منهنجو خدا هر گز نه آهين. مان صديون اس ۾ سڙيون آهيان، ته مون تي اڃا تائين ڪنهن ڪڪريءَ ڇانوَ نه ڪئي آهي.“
*

گلاب تي گهڻا ڀؤنر مڙندا، ته گلاب جي خوشبوءَ ته گهٽجي نه ويندي.
*

محبت اهو گلدان آهي، جنهن ۾ مرجهايل گل لاءِ ڪائي جاءِ نه آهي.
*

مون هن جهڙيون سهڻيون اکيون ڪٿي به نه ڏٺيون آهن؛ ڪوه ندا جي صدا جهڙيون اکيون، ’فنافي الوجود‘ جهڙيون اکيون، سرمد جي ڪلمي جهڙيون اکيون!
*

منهنجي روميءَ کي علامه اقبال جي روميءَ واري سانڊي جي کل نه آهي: هن ۾ برگسان جي ’خودي‘ ۽ نٽشي جو ’انسان ڪامل‘ نه آهي. منهنجو رومي ’وحدت الوجود‘ آهي، ”همه اوست“ آهي، شاهه لطيف جو ’رهبر ڪامل‘ آهي ’اسلامي افلاطونيت‘ آهي، سراپا محبت ۽ انسانيت آهي _ فاشزم جو علمبردار نه آهي.
*

غالب جو گناهه هن جي شراب نوشي نه پر قصيده نويسي هو.
*

سچل سرمست سنڌ جو پهريون باغي شاعر هو. ڪاش! هو پنهنجي تلوار تصوف جي مياڻ مان ڪڍي سگهي ها!
*

مون ڪاليداس جو ’وڪرم اروسي‘ پڙهي محسوس ڪيو ته اهو ڪتاب مون لکيو آهي.
*

منهنجو تخيل هڪ ڪليسا آهي ۽ مان ان جو راهب آهيان. منهنجو شعر پيءُ بنان به آهي ۽ صليب تي به چڙهي چڪو آهي.