لطيفيات

شاھہ جو رسالو (ارنيسٽ ٽرمپ)

ارنيسٽ ٽرمپ هن کي ”رسالو“ توڙي ”ديوان“ ٻئي عنوان ڏنا آهن. شاھہ جي رسالي جو هيءُ ڇاپو اڻپورو آهي، جنھن ۾ فقط 26 سر شامل آهن. ڊاڪٽر ٽرمپ جي چوڻ موجب ضخامت ۽ قيمت وڌي وڃڻ ڪري باقي سُر شامل نہ ڪيا ويا. هي رسالو 1218 صفحن تي مشتمل آهي، جنھن ۾ 2529 بيت ۽ 159 وايون شامل آهن. ھي رسالو پھريون دفعو  1866ع  ۾ پسيا (ليپزگ) جي ”بروخوس ڪمپنيءَ“ جي مدد سان جرمنيءَ مان ڇپائي پڌرو ڪيو  ويو. 

Title Cover of book شاھہ جو رسالو (ارنيسٽ ٽرمپ)

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران  جرمنيءَ جي نامياري اسڪالر ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ پاران شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ترتيب ڏنل ”شاھہ جو رسالو“ اوھان اڳيان پيش آھي. شاھہ لطيف جو رسالو پھريون دفعو ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ، جرمنيءَ جي شهر لپسيا (ليپزگ) مان سن 1866ع ۾ هند سرڪار جي مالي سھڪار سان ڇپائي پڌرو ڪيو.
ارنيسٽ ٽرمپ هن کي ”رسالو“ توڙي ”ديوان“ ٻئي عنوان ڏنا آهن. شاھہ جي رسالي جو هيءُ ڇاپو اڻپورو آهي، جنھن ۾ فقط 26 سر شامل آهن. ڊاڪٽر ٽرمپ جي چوڻ موجب ضخامت ۽ قيمت وڌي وڃڻ ڪري باقي سُر شامل نہ ڪيا ويا. هي رسالو 1218 صفحن تي مشتمل آهي، جنھن ۾ 2529 بيت ۽ 159 وايون شامل آهن. 
ھي رسالو پھريون دفعو  1866ع  ۾ پسيا (ليپزگ) جي ”بروخوس ڪمپنيءَ“ جي مدد سان جرمنيءَ مان ڇپائي پڌرو ڪيو  ويو. ڊاڪٽر ٽرمپ جي هن ترتيب ڏنل ”شاھہ جي رسالي“ جو نئون ڇاپو 2009ع ۾ ثقافت ۽ سياحت کاتي ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، جنھن جي اسڪين ڪاپي صاحٻ خان سورھہ ميراڻيءَ جي سھڪار سان شيئر ڪري رھيا آھيون.
ھن رسالي کي ڊاڪٽر ٽرمپ  واري الف ب مطابق نئون فونٽ جوڙي نئين ڪمپوز ٿيل مواد عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لينگيوئيج انجنيرنگ پاران ڀٽائي پيڊيا ويب سائيٽ جي ھن لنڪ تي اپلوڊ ڪيو ويو آھي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي