تاريخ، فلسفو ۽ سياست

موڪلاڻي

هن ڪتاب ۾ سقراط جي حياتيءَ جي پوئين ڏينھن جو احوال ڏنل آهي، جنھن ڏينھن هن زهر جو پيالو پيتو ۽ رحلت ڪئي. جڏهين سقراط ٻيءَ دنيا جي سفر جي سنبت ڪري ٿو ۽ هن دنيا کان ڪولائي ٿو، تڏهن سندس دوستن جي اندر ۾ اندوھہ پيدا ٿئي ٿو تہ هو روڄ ۽ راڙو ڪن ٿا. سقراط کي پنھنجي دستن جي هن رواجي ليڪن ٻاراڻي هلت تي افسوس ٿئي ٿو ۽ هنن کي چوي ٿو تہ کين ڪوبہ سبب غمگين ٿيڻ ڪونھي، ڇو تہ زهر پيئڻ سان سندس حياتي پوري ٿي ڪانہ ويندي. هو هنن کي دلجاءِ ڏئي ٿو ۽ سمجهائي ٿو تہ زهر جو اثر فقط سندس خاڪي پتلي تي پوندو جو ڊهي پوندو، ليڪن سندس اندر واري اعليَ شيءِ کي ڪي ڪين ٿيندو ۽ اها سلامت رهندي.

  • 4.5/5.0
  • 89
  • 14
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book موڪلاڻي

ارپنا

گهڻي ادب ۽ محبت منجهان هي ڪتاب جناب سرمانٽئگيو ويب صاحب، سي. آءِ. اي، سي. بي. اي جي خدمت ۾ عرض ٿو رکجي. هو صاحب نه رڳو هڪ اعليٰ دماغ انگريز آهي، پر سچو سنڌي پڻ آهي

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري فلاسافر افلاطون جي لکيل ڊائلاگ Phedo جي سنڌي ترجمي تي مشتمل ڪتاب ”موڪلاڻي“ اوھان اڳيان پيش ڪجي ٿو، جنھن جو سنڌيڪار شاھنواز پيرزادو آھي.
ھي ڪتاب قديم زماني (عيسوي سن کان اٽڪل چار سئو ورهيہ اڳ) جي مشھور يوناني فيلسوف، افلاطون، جي هڪ نامور ڪتاب، نالي فيڊو (Phedo) جو ترجمو آهي. هن ڪتاب ۾ سقراط جي حياتيءَ جي پوئين ڏينھن جو احوال ڏنل آهي، جنھن ڏينھن هن زهر جو پيالو پيتو ۽ رحلت ڪئي. جڏهين سقراط ٻيءَ دنيا جي سفر جي سنبت ڪري ٿو ۽ هن دنيا کان ڪولائي ٿو، تڏهن سندس دوستن جي اندر ۾ اندوھہ پيدا ٿئي ٿو تہ هو روڄ ۽ راڙو ڪن ٿا. سقراط کي پنھنجي دستن جي هن رواجي ليڪن ٻاراڻي هلت تي افسوس ٿئي ٿو ۽ هنن کي چوي ٿو تہ کين ڪوبہ سبب غمگين ٿيڻ ڪونھي، ڇو تہ زهر پيئڻ سان سندس حياتي پوري ٿي ڪانہ ويندي. هو هنن کي دلجاءِ ڏئي ٿو ۽ سمجهائي ٿو تہ زهر جو اثر فقط سندس خاڪي پتلي تي پوندو جو ڊهي پوندو، ليڪن سندس اندر واري اعليَ شيءِ کي ڪي ڪين ٿيندو ۽ اها سلامت رهندي.
ھي ڪتاب 2001ع نئين سوچ پبليڪيشن، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي شير علي چانڊيي جي سھڪار سان اوھان اڳيان آڻجي ٿي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

مترجم متعلق

ڪنڊياري شهر جي مشهور بزرگ شيخ ميان احمد جي خاندان ۾ سنڌ جو مشهور اديب، عالم ۽ قومي ڪارڪن حاجي شاهنواز ولد جمال الدين پيرزادو 14 ڊسمبر 1889ع تي ڪنڊياري شهر ۾ ڄائو. ابتدائي سنڌي ۽ ناظره قرآن پاڪ پنهنجي اباڻي شهر ڪنڊياري ۾ ورتائين. انگريزي تعليم لاءِ شڪارپور جي هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيو، جتان 1910ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. بمبئي يونيورسٽيءَ مان انگريزي ادب ۾ ايم. اي جي سند ورتائين. پاڻ پهريون سنڌي مسلمان هو، جو ان دور ۾ انگريزي ۾ ايم. اي هو. بي. ٽيءَ جو امتحان به پاس ڪيو هئائين.
تعليم پرائڻ کان پوءِ تعليم کاتي ۾ انگريزي استاد جي حيثيت ۾ نوڪريءَ ۾ گهڙيو، جتان ترقي ڪندي سکر جو ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر ٿيو. بعد ۾نوڪري ڇڏي وڪالت جو ڌنڌو اختيار ڪيائين. پهريائين سجاول ۽ ميرپوربٺوري ۾ وڪالت ڪرڻ لڳو ۽ بعد ۾ سن 1933ع ۽ 1934ع ۾ نوابشاهه ۾ وڪالت ڪيائين. سن 1935ع ۾ حيدرآباد سنڌ مان ”سياست“ نالي اخبار جاري ڪري صحافت جي ميدان ۾ آيو. انهيءَ اخبار جو مالڪ ۽ ايڊيٽر پاڻ ئي هو. سن 1951ع ۾ آزاد ميمبر جي حيثيت ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ۽ ون يونٽ ٺهڻ تائين ميمبر رهيو. مسٽر الهه بخش انصاري، رئيس فتح خان راڄپر پڊ عيدن واري ۽ خانبهادر محمد ايوب کهڙي سان سندس دوستيءَ وارا تعلقات هئا.
پاڻ نوجوانيءَ ۾ شادي ڪئي هيائين ۽ کيس هڪ فرزند پڻ هو، جو چوڏهين ورهين جي ڄمار ۾ فوت ٿي ويو. حاجي شاهنواز 28 فيبروري 1974ع تي نوابشاهه ۾ رحلت ڪئي.
هن سنڌي زبان ۽ ادب جي وڏي خدمت ڪئي آهي. هن سنڌي زبان ۾ نهايت ئي عمدا ۽ معياري ڪتاب تصنيف، تاليف ۽ ترجمو ڪيا آهن، سندس ڪتابن جو تعداد چالهين جي لڳ ڀڳ آهي. جيڪي اڪثر ڪري شايع ٿيل آهن پاڻ شاعريءَ سان به دلچسپيءَ رکندو هو ۽ سندس تخلص ”مولائي“ هو.

ڊاڪٽر حامد علي خانائي

ديباچو

هيٺين صفحن ۾ قديم زماني (عيسوي سن کان اٽڪل چار سئو ورهيه اڳ) جي مشهور يوناني فيلسوف، فلاطون، جي هڪ نامور ڪتاب، نالي فيڊو (Phedo) جو ترجمو ڏنل آهي. ساڳئي فيلسوف جا ٽي ڪتاب اڳ سنڌي زبان ۾ شايع ٿي چڪا آهن. پهرئين ڪتاب ۾ ”پاڪيزگي“ جي وڏي مسئلي تي بحث ٿيل آهي ۽ ڏيکاريل آهي ته ڪئين افلاطون جي استاد، سقراط، سان عام ماڻهن جي عداوت پيدا ٿي ۽ هن کي ڪورٽ جي ڪوٺ ٿي. ٻئي ڪتاب ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته ڪهڙي دليريءَ سان سقراط ڪورٽ ۾ پنهنجن فريادين جي باطل بيانن جي سامهون ٿيو ۽ ڪهڙي سچائيءَ سان پنهنجي پاڪيزهه زندگي جو احوال منصفن اڳيان عرض رکيائين ۽ ڪيئن سر کان وڌيڪ سچ کي گهريائين. ٽئين ڪتاب ۾ ڏيکاريل آهي ته موت جي خوفناڪ فتويَ ملڻ بعد سقراط پنهنجي حياتي جا باقي ڏينهن زندان ۾ ڪهڙي استقامت سان بسر ڪيا ۽ ڇا وٽس قاعدي جو قدر هو. هن ڪتاب ۾ سقراط جي حياتيءَ جي پوئين ڏينهن جو احوال ڏنل آهي، جنهن ڏينهن هن زهر جو پيالو پيتو ۽ رحلت ڪئي. جڏهين سقراط ٻيءَ دنيا جي سفر جي سنبت ڪري ٿو ۽ هن دنيا کان ڪولائي ٿو، تڏهن سندس دوستن جي اندر ۾ اندوهه پيدا ٿئي ٿو ته هو روڄ ۽ راڙو ڪن ٿا. سقراط کي پنهنجي دستن جي هن رواجي ليڪن ٻاراڻي هلت تي افسوس ٿئي ٿو ۽ هنن کي چوي ٿو ته کين ڪوبه سبب غمگين ٿيڻ ڪونهي، ڇو ته زهر پيئڻ سان سندس حياتي پوري ٿي ڪانه ويندي. هو هنن کي دلجاءِ ڏئي ٿو ۽ سمجهائي ٿو ته زهر جو اثر فقط سندس خاڪي پتلي تي پوندو جو ڊهي پوندو، ليڪن سندس اندر واري اعليَ شيءِ کي ڪي نه ڪين ٿيندو ۽ اها سلامت رهندي. انهيءَ ڳالهه ٻولهه مان هڪ عاليشان بحث اڀري پوي ٿو ۽ سقراط پنهنجن لاثاني دليلن سان ثابت ڪري ڏيکاري ٿو ته جيتوڻيڪ بدن بيشڪ بي بقا آهي ۽ روح سدا حيات آهي. سقراط جي سمجهاڻي سندس دوستن ۾ صبر پيدا ڪري ٿي ۽ هو قاعدي جي حڪم موجب زهر پي لاڏاڻو ڪري ٿو.
ٺهڻ ۽ ڊهڻ، ڄمڻ ۽ مرڻ، اهي ڳالهيون دنيا ۾ هر روز جو معاملو آهي، ۽ انهن جي ڪري انسانن ۾ گهڻي اجائي خوشي ۽ گهڻو اجايو افسوس پيدا ٿين ٿا. نتيجو اهو نڪري ٿو جو انسان ڪڏهن به پنهنجي اندر جي املهه طاقتن کي اوج تي اسرڻ نٿا ڇڏين ۽ سدائين جانورن وانگر پنهنجي جسماني خواهشن پوري ڪرڻ ۾ غلطان رهن ٿا. يقين آهي ته هن ڪتاب پڙهڻ سان نه رڳو اندر کي عجيب راحت ايندي، پر ڪي قدر هن بدل سدل واري دنيا تان دل کڄي ويندي ۽ وڃي اتي لڳندي جتي نڪا آهي ابتدا ۽ نڪا آهي انتها، نڪا دوستي نڪا دشمني، نڪا خوشي ۽ نڪو غم- يعني اعليَ قدرت، جا پنهنجي اندروني طاقت ۽ قانوني موجب چوڌاري جوڙ ۽ جنسار بڻايو بيٺي آهي.

شاهه نواز پيرزادو
21 آڪٽوبر، 1931ع
حيدرآباد، سنڌ

موڪلاڻي

گفتگو ڪندڙ ماڻهو:
فيڊو
ايڪيڪرئٽيز
سقراط
ڪيبيز
سمئس
اپالو ڊورس
ڪريٽو
يارنهن عملدارن جو سپاهي
مقام: پهريائين فليس جو شهر، پوءِ سقراط جو ترنگ (قيد خانو).

1

ايڪيڪرئٽيز: فيڊو، تون سقراط سان گڏ هئين انهيءَ ڏينهن، جنهن ڏينهن هن ترنگ (قيد خاني) ۾ زهر پيتو، يا تو اها ڳالهه ڪنهن ٻئي کان ٻڌي هئي؟
فيڊو: ايڪيڪٽرئٽيز، آءٌ پاڻ اتي حاضر هئس.
ايڪيڪٽرئٽيز: تڏهين اسان جي آقا مماتيءَ کان اڳ ڇا چيو ۽ هو ڪيئن موت سان ملاقاتي ٿيو؟ تنهنجي مهرباني ٿيندي جيڪڏهن تون مون کي هيءَ ڳالهه سربستي ڪري ٻڌائيندين. اسان جي شهر جا باشندا هاڻي اٿينس ڏي گهڻو ڪونه ايندا ويندا آهن، ۽ ڳچ وقت کان وٺي ڪو اٿينس واسي به هيڏي ڪونه آيو آهي، جو اسان کي انهيءَ ڳالهه جي پوري خبر ڏئي سگهي. اسان ته ان کان وڌيڪ ڪجهه به ڪين ٻڌو آهي ته هن زهر پيتو ۽ مري ويو.
فيڊو: تڏهن اوهان اهو به ڪين ٻڌو آهي ته ڪيئن ڪيس ٿيو ۽ ڪيئن هليو؟ ايڪيڪٽرئٽيز: هائو، اسان انهيءَ بابت ٻڌو هو. اسان کي ڪجهه عجب لڳو ته سقراط ڪيس ختم ٿيڻ کان ايترو پوءِ فوت ٿيو. فيڊو، ائين ڇو ٿيو؟
فيڊو: انهيءَ لاءِ ته ڪو اتفاقي سبب بنجي پيو. جيڪو جهاز اٿينس واسي ڊيلاس (ٻيٽ) ڏي موڪليندا آهن، سو ڪيس کان هڪ ڏينهن اڳ سينگاريو ويو هو.
ايڪيڪٽرئٽيز: اهو ڪهڙو جهاز آهي؟
فيڊو: اٿينس واسين موجب اهو جهاز آهي جنهن ”ٿيسيوس“ (اٿينس شهر جو پايو وجهندڙ پهلوان) ستن جوانن کي ۽ ستن ڇوڪرين کي جهاز ۾ چاڙهي ڪريٽ ڏي وٺي ويو ۽ هنن کي موت کان بچايائين ۽ پاڻ به بچي ويو. ۽ پوءِ اٿينس جي ماڻهن اپالو خدا سان انجام ڪيو ته هو پنهنجي بچاءَ لاءِ هر سال ڊيلاس (اپالو ديوتا جي رهڻ جو مڪان) ڏينهن هڪ پاڪ وفد موڪليندا رهندا، ۽ انهيءَ وقت کان اڄ ڏينهن تائين هو سڀ، هر سال ائين ڪندا رهيا آهن. هنن ۾ قاعدو آهي ته جيئن وفد جو ڪم شروع ٿئي، تيئن هو شهر کي پاڪ رکندا، ۽ ڪنهن کي به قتل نه ڪندا، جيسين جهاز ڊيلاس کان موٽي. ڪڏهن ڪڏهن جڏهن واءُ سڻائو نٿو لڳي ته پوءِ جهاز کي موٽڻ ۾ وقت لڳيو وڃي. هن پاڪ سفارت جو ڪم تڏهن شروع ٿئي ٿو جڏهين اپالو خدا جو پادري جهاز جي مهڙ تي گلن جا هار چاڙهيندو آهي، ۽، جيئن مون چيو ته، هي ڪم ڪيس واري ڏينهن کان اڳئين ڏينهن تي ٿي چڪو هو. اهوئي سبب هو جو سقراط ڪيس پوري ٿيڻ کانپوءِ ايترو عرصو زندان ۾ پيو هو ۽ پوءِ فوت ٿيو.
ايڪيڪٽرئٽيز: فيڊو، پر هن جي مماتيءَ جي خبر ته سڻاءِ. انهيءَ وقت ڇا وهيو واپريو ۽ اسان جا ڪهڙا ڪهڙا دوست آقا وٽ حاضر هئا؟ يا سرڪاري عملدارن ڪنهن کي به کيس وٽ اچڻ ڪين ڇڏيو؟ هو وفات وقت اڪيلو هو ڇا؟
فيڊو: نه نه، ڪيترائي دوست هن وٽ موجود هئا.
ايڪيڪٽرئٽيز: جيڪڏهن تون واندو هجين ته مهرباني ڪري اسان کي سربستي ڳالهه سڻاءِ.
فيڊو: مون کي ڪو ڪم ته ڪونهي ۽ آءٌ اوهان کي سڄي ڳالهه سربستي ڪري ٻڌائيندس- ڇو ته مون کي خود ڪنهن به ڳالهه مان ايتري فرحت نه ايندي آهي، جيتري سقراط کي ياد ڪرڻ سان، يا هن بابت ذڪر ڪرڻ سان يا ٻين جي واتان هن بابت ذڪر ٻڌڻ سان ايندي اٿم.

2

ايڪيڪٽرئٽيز: سچ ته، فيڊو، توکي ٻڌندڙ به اهڙائي ملندا جهڙو تون پاڻ آهين. پر مهرباني ڪري اسان کي ڳالهه پيرائتي ڪري ٻڌائجانءِ.
فيڊو: سچ پڇو ته انهيءَ ڏينهن منهنجي عجيب ڪيفيت ٿي پئي هئي. مون ائين نٿي سمجهيو ته ڪو آءُ پنهنجي ڪنهن پياري دوست جي موت تي آيل آهيان. مون کي هن جي حال تي ذري جيترو به افسوس ڪونه ٿي ٿيو، ڇو ته، ايڪيڪٽرئٽيز، هو پنهنجي هلت ۽ ڳالهائڻ ۾ بلڪل خوش ٿي ڏسڻ ۾ آيو، ۽ هو بلڪل بي ڊپائي سان شاندار انداز ۾ موت سان ملاقاتي ٿيو. مون ائين ٿي سمجهيو ته جيئن هو ٻيءَ دنيا جو سفر شروع ڪندو، تيئن خدا هن جا نگهبان رهندا، ۽ جڏهن هو اُتي وڃي پهچندو، تڏهن خدا هن جي چڱي مرحبا ڪندا. تنهن ڪري اهڙي دردناڪ لمحي تي مون کي ڪنهن به قسم جو افسوس نه ٿيو. نڪا وري ڪا مونکي انهيءَ وقت اهڙي خوشي هئي جا آءُ سدائين هن جي ڏاهپ ڀرين ڳالهين مان حاصل ڪندو هوس. اسانجون ڳالهيون سدائين فيلسوفي نسبت ٿينديون هيون. منهنجي عجيب حالت هئي، منهنجي دل ۾ خوشي ۽ ڏک ٻئي گڏجي پيا هئا ڇو ته مون ڄاتو ٿي ته هو سگهوئي موڪلائي ويندو. اسان سڀني جو ساڳيوئي حال هو، ڪڏهين کلياسين ٿي، ڪڏهن رناسي ٿي. خاص ڪري اپالو ڊورس جو اهو حال هو. آءُ ڀانيان ٿو ته تون هن کي سڃاڻين ته سندس روش ڪهڙي آهي.
ايڪيڪٽرئٽيز: هائو، آءُ هن کان ڪافي واقف آهيان.
فيڊو: هن کي پاڻ تي ذري برابر به ضابطو ڪونه هو. آءُ ۽ ٻيا به بلڪل غم ۾ غلطان هئاسون.
ايڪيڪٽرئٽيز: فيڊو، اُتي ٻيا ڪهڙا ڪهڙا حاضر هئا؟
فيڊو: شهري اٿينين منجهان اهو اپالو ڊورس، ڪريٽو بيولس ۽ سندس پيءُ ڪريٽو، هر موجينيز، ايپيجينيز، ايسڪائنيز ۽ ائنٽسٿنيز حاض هئا. ٽيسيپس پينيان وارو مينيگزينس، ۽ ڪي ٻيا ماڻهو به اُتي موجود هئا. مان ڀانيان ٿو ته، افلاطون بيمار هو.
ايڪيڪٽرئٽيز: ڪي ڌاريا ماڻهو به حاضر هئا؟
فيڊو: هائو، ٿيبس وارو سمئس، ڪيبيز، فيڊنڊيز، يوڪلائوڊيز ۽ ٽرپسئن، ميگارا وارا به موجود هئا.
ايڪيڪٽرئٽيز: ائرسٽيپس ۽ ڪليومبروٽس اتي حاضر هئا؟
فيڊو: نه اهي ڪين هئا، اهي ايجنا ڏانهن ويل هئا.
ايڪيڪٽرئٽيز: ٻيو به ڪو هو؟
فيڊو: نه مان ڀانيان ٿو ته اهي ئي ماڻهو موجود هئا.
ايڪيڪٽرئٽيز: تڏهن ڀلا ٻڌاءِ پيرائتي ڳالهه.

3

فيڊو: اءُ ڪوشش ڪري منڍ کان پيرائتي ڳالهه ڪري ٻڌائيندس.
اڳئين ڏينهن تي آءُ ۽ ٻيا صبح جو ڪيس هلڻ واري ڪورٽ وٽ گڏ ٿيندا هئاسون، جا ترنگ (قيد خاني) جي ويجهو آيه، ۽ پوءِ اسين سقراط وٽ ويندا هئاسون. جيسين ترنگ کلندو هو تيسين اسين بيهي ڳالهيون ڪندا هئاسون. جڏهين هو کندو هو تڏهين اسين سقراط وٽ ويندا هئاسون ۽ سارو ڏينهن هن وٽ گذاريندا هئاسون. پر انهيءَ ڏينهن اسين هميشه کان سويل آيا هئاسون، جو اڳئين ڏينهن شام جو جيل کان موٽڻ وقت اسان ٻڌو هو ته ڊيلاس ڏي ويل جهاز موٽي آيو آهي. انهيءَ ڪري سان سويل اچڻ جو فيصلو ڪيو هو. جڏهن اسين جيل وٽ پهتاسون تڏهن بوانب اسان کي چيو ته ڪجهه ترسو جو يارهن سرڪاري عملدار سقراط جا زنجير لاهي رهيا آهن ۽ اڄ هنن جي موت لاءِ وقت مقرر پيا ڪن. سگهوئي وري دربان اسان وٽ آيو ۽ اسان کي اندر هلڻ لاءِ چيائين. اسين ادنر وياسون ۽ ڏٺوسون ته سقراط جا زنجير لٿل هئا ۽ سندس زال، ”زنٿيپي“، ٻار کنيو وٽس ويٺي هئي. جڏهن ”زنٿيپي“ اسان کي ڏٺو تڏهن زناني فطرت موجب زار زار روئڻ لڳي ۽ چوڻ لڳي ته، ”سقراط، توکي پنهنجن دوستن سان ۽ هنن کي توسان ڳالهائڻ لاءِ اڄ آخري ڏينهن آهي.“ انهيءَ تي سقراط ڪريٽو ڏانهن نهاريو ۽ چيائين ته، ”ڪريٽو، هن کي گهر اماڻ“ پوءِ ڪريٽو جا ڪي نوڪر هن کي دلاسا ڏيندا اُتان وٺي ويا ۽ هوءَ زار زار روئندي ۽ ڇاتي ڪٽيندي هلي ويئي. سقراط هنڌ تي اُٿي ويٺو ۽ ٽنگ ڊگهي ڪري انهيءَ کي مهٽڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو ته اها ڪهڙي نه عجيب شيءِ آيه، جنهن کي ماڻهو خوشي ٿا سڏين! درد سان انهيءَ جو ڪهڙو نه عجيب لاڳاپو آهي جو ڏسڻ ۾ انهيءَ جي ابتڙ آهي! هو ٻئي ڪنهن وٽ به گڏ نٿا اچن، پر جيڪڏهن ڪو انهن مان هڪ جي پٺيان پوي ٿو ۽ انهيءَ کي هٿ ڪري ٿو ته ٻيو به هن وٽ پاڻ اچي ڪڙڪي ٿو، ڄڻ ته ٻه نراليون شيون هڪ نوڪ تي پاڻ ۾ مليل آهن. ۽ هن چيو ته جيڪڏهن ايسپ هنن ڏانهن ڌيان ڏئي ها ته جيڪر هڪڙي آکاڻي ٺاهي وٺي ها ته: جڏهن خدا هنن جو جهيڙو ڏٺو، تڏهن هنن جي ٺاهڻ جو خيال ڪيائين، پر جڏهن سمجهيائين ته ٺهراءِ جو امڪان ڪونهي، تڏهن ٻنهي جون نوڪون کڻي ڳنڍيائين، ۽ انهيءَ ڪري جڏهن انهن مان هڪ ڪنهن وٽ اچي ٿي ته ٻي اڻ پڇيو انهيءَ جي پويان اچي ان وٽ حاضر ٿئي ٿي- مون سان به اهوئي حال آهي. زنجيرن جي ڪري منهنجي ڄنگهه ۾ عذاب ٿي پيو هو، هاڻي ڏسجي ٿو ته عذاب پٺيان فرحت اچي پهتي آهي.

4

اتي ڪيبيز ڪڇيو ته چيائين ته، سقراط، چڱو جو تو مونکي يادگيري ڏياري. ڪيترا ماڻهو تنهنجي بيتن، ۽ تنهنجي اپالو خدا جي ثنا واري قصيدي، ۽ تو جيڪي ايسپ جون آکاڻيون نظم ۾ آنديون آهن، تن سڀني بابت پڇا پيا ڪن. رڳو ڏينهن ٻه مس ٿيندو ته مون کان ايوينس پڇيو ته، سقراط کي زندان ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ ڪهڙو سبب اڳيان آيو جو هن شعر لکڻ شروعڳ ڪيو، اڳي ته ڪڏهن سٽ به ڪانه لکي هئائين. تنهنڪري جيڪڏهن تنهنجي مرضي هجي ته مونکي ٻڌاءِ ته آءُ هن کي ڇا چوان.
هن چيو ته، ڪيبيز، هن کي سچ ٻڌائجانءِ، چئجانس ته مون توسان يا تنهنجي شعر سان رقابت ڪرڻ جي خيال سان ائين ڪين ڪيو آهي. مونکي معلوم ٿيو آهي ته هن سان چٽاڀيٽي کائڻ سولي ڳالهه ڪانهي. فقط ڪن خوابن جي معنيَ جاچڻ لاءِ ۽ پنهنجي قلب کي راضي رکڻ لاءِ مون ائين ڪيو آهي.
ڳالهه هينءَ آهي: پنهنجي گذريل حياتي ۾ اءُ ڪيترائي ڀيرا ساڳيو خواب لهندو هوس، جو جدا جدا وقتن تي مختلف نمومنن ۾ نظر ايندو هو، ۽ خواب ۾ آءُ هميشه ساڳيائي لفظ ٻڌندو هوس ته، ”سقراط شاعريءَ جو ڪم هٿ ۾ کڻ ۽ نظم لک.“ اڳي آءُ ائين ڀائيندو هوس ته خواب مونکي همٿائي ٿو ۽ تسلي ٿو ڏياري ته آءُ پنهنجي حياتي جو ڪم ڪندو رهان، جيئن راندين وقت تماشبين ڊوڙ پڄائيندڙن کي همتائيندا آهن. مون ڀانيو ته خواب مون کي انهيءَ شاعريءَ لاءِ تسلي ٿو ڏياري ۽ همتائي ٿو، جنهن ۾ آءُ اڳي ئي مشغول هيس. مون سمجهو ته سڀ کان اعليَ سرود فيلسوفي آهي ۽ منهنجي حياتي به فيلسوفي ۾ صرف ٿي آهي؛ پر ڪيس پوري ٿئي کان پوءِ، جڏهن خدا جي جشن جي ڪري منهجي موت ۾ دير ٿي، تڏهن مونکي خيال آيو ته متان خواب جو مطلب هجي ته، آءُ رواجي نموني ۾ نظم جوڙيان، تنهنڪري مون اهڙيءَ طرح به پاڻ تي حڪم مڃڻ لازم سمجهيو، ۽پنهنجي دل جي سڪون لاءِ مرڻ کان اڳ شعر ٺاهيم. مون پهريائين جنهن خدا جو جشن هو تنهنجي تعريف ۾ قصيدو ٺاهيو، ۽ پوءِ مون ايسپ جي آکاڻين ڏانهن ڌيان ڌريو، ۽ جيئن اهي مون کي دل تي اينديون ويون، تيئن آءُ انهن کي نظم ۾ آڻيندو ويس، ڇو ته مون خيال ڪيو ته، شاعر کي پنهنجي ڪم لاءِ ضرور ڪنهن افساني جي گهر ٿي ٿئي ۽ نه حقيقت جي، ۽ افساني کي جنم ڏيڻ جو ڪم مون کان ٿي نٿي سگهيو.

5

ڪيبيز، منهنجي طرفان ايوينس کي ائين چئجانءِ ۽ الوداع به ڪجانس، ۽ وڌيڪ چئجانس ته جيڪڏهن سياڻو هجين ته جلد منهنجي پٺيان هليو اچجانءِ. آءُ ته اڄ روانو يٿندس جو اٿينس وارن جي به اهائي راءِ آهي.
سمئس چيو ته، سقراط، ايوينس کي هيءَ ڪهڙي عجيب صلاح ٿو ڏين. آءُ هن سان گهڻائي ڀيرا مليو آهيان، ۽ مون کي جيئن هو ڏسڻ ۾ آيو آهي، تنهن جي آڌار تي آءُ چئي سگهان ٿو ته، هن کان جيتري قدر ٿي سگهندو، هو ان صلاح کان پري ڀڄندو.
هن چيو ته، هان! ايوينس فيلسوف نه آهي ڇا؟
سمئس جواب ڏنو ته، هائو، آءُ ڀانيان ٿو ته هو فيلسوف آهي.
هن چيو ته، تڏهن ايوينس مرڻ جي خواهش رکندو ۽ ٻيو به هر اهو ماڻهو انهيءَ لاءِ شوق رکندو جو انهيءَ علم ۾ بهرو وٺڻ جو لائق آهي. پر هو پاڻ کي پاڻهي ڪين ماريندو، ڇو ته چون ٿا ته ائين ڪرڻ گناهه آهي. هن جيئن اها ڳالهه ڪئي، تيئن پنهنجا پير هنڌ کان هيٺ ڪيائين ۽ پوءِ گفتگو وارو سمورو وقت ائين پير لڙڪايو ويٺو رهيو.
پوءِ ڪيبيز هن کان پڇيو ته، ان مان تنهنجي معنيَ ڇا آهي، جڏهن تون چوين ٿو ته پاڻ کي پاڻهي مارڻ گناهه آهي، ليڪن فيلسوف مرندڙ ماڻهوءَ جي پٺيان وڃڻ جي خواهش ڪندو.
ڇا، ڪيبيز؟ تون ۽ سمئس، فلولاس جي صحبت ۾ آيا آهيو ۽ هي ڳالهيون نه ٻڌيون اٿوَ؟
سقراط، پوريءَ طرح نه ٻڌيون اٿئون.
ٺهيو، مون به اهي ڳالهيون ٻين جي واتان ٻڌيون آهن، پر انهيءَ ۾ ڪا خرابي ڪانهي، جيڪڏهين آءُ توکي اهي سربستيون ٻڌايان، سچ ته، جيئن آءُ ٻيءَ دنيا جي سفر تي وڃان ٿو، تيئن مون لاءِ هن کان وڌيڪ ٻي ڪا سهڻي ڳالهه ڪانه ٿيندي ته آءُ اوهان سان پنهنجي سفر بابت ذڪر ڪريان ۽ هن جي چڱاين کي ڌيان ۾ رکان. هينئر کان وٺي شام تائين پاڻ وٽ جو وقت آهي، سو ڀلا ٻيءَ ڪهڙيءَ بهتر مشغوليءَ ۾ صرف ڪري سگهبو؟

6

سقراط، تڏهن ڀلا ڪهڙو سبب آهي انهيءَ چوڻيءَ جو ته ”پاڻ“ کي پاڻهي مارڻ گناهه آهي؟ ائين برابر آهي ته جڏهن فلولاس ٿيبس ۾ رهندو هو، تڏهن مون هن کان ٻڌو هو ته ائين ڪرڻ روا نه آهي. مون اها ساڳي ڳالهه ٻين جي واتان به ٻڌي آهي، پر مون هن مسئلي نسبت ڪا پوري خاطريءَ جهڙي خبر هنن وٽان ڪانه ٻڌي آهي.
هن چيو ته، تون دلجاءِ ڪر، شايد ڪنهن ڏينهن تون اهي ڳالهيون ٻڌندين، پر توکي البت انهيءَ تي عجب لڳندو ته هي قاعدو ٻين انهن قاعدن وانگر نه آهي، جيڪي انسانن سان لاڳاپو رکن ٿا، ڇو ته هي بنا شرط قطعي سچو آهي، ۽ ائين نه آهي ته ڪو موت فقط ڪن ماڻهن لاءِ ۽ ڪن وقتن تي حياتي کان چڱو آهي. شايد توکي حيرت لڳندي جيڪڏهن آءُ توکي چوندس ته اهي ماڻهو به جن لاءِ مرڻ سڀ کان چڱو ٿيندو تن کي پڻ پنهنجي پاڻ ائين ڪرڻ نه کپي، پر کين ترسڻ کپي جيسين ڪو ٻاهران اهڙو نيڪوڪار اچي سندن لاءِ اهم ڪم سرانجام ڏئي.
ڪيبيز کلي آهستگي سان پنهنجي ملڪي زبان ۾ چيو ته، واهه.
سقراط چيو ته، هائو، هيءَ ڳالهه اهڙي طرح پيش ڪرڻ سان عجيب لڳندي، پر هن لاءِ سبب ڏئي سگهبو. جيڪو سبب مخفي علم هن ڳالهه لاءِ ڏئي ٿو، ته انسان هڪڙي قسم جي قيد ۾ آهي، پر کيس پاڻ کي پاڻ آزاد ڪرڻ يا ڀڄي وڃڻ نه کپي، سو منهنجي نظر ۾ ذرا عميق آهي ۽ انهيءَ جو تهه ڳولڻ سڀ ڪنهن لاءِ سولو نه آهي. ڪيبيز، پر مون کي پڪ آهي ته اها ڳالهه سچي آهي ته خدا اسان جا نگهبان آهن ۽ اسين انسان هنن جي ملڪيت آهيون. تون نه ٿو ڀائين ته اها ڳالهه سچي آهي؟
ڪيبيز چيو ته، هائو، منهنجو انهيءَ ڳالهه تي پختو اعتبار آهي.
هن چيو ته، چڱو، جيڪڏهن تنهنجي مال (جانورن) مان ڪو تنهنجي رضامندي کانسواءِ گهڻو چارو چري يا ڪنهن ٻئي سبب سان پاڻ کي ماري وجهي، ته جيڪر تون خفا ٿين؟ جيڪڏهن ائين ڪرڻ ممڪن هجي ته تون جيڪر انهيءَ کي سزا ڏين.
هن جواب ڏنو ته، ضرور.
تڏهين هن ريت ائين سمجهڻ شايد غير واجبي نه ٿيندو ته ڪنهن به ماڻهوءِ کي پنهنجي پاڻ حياتي وٺڻ جو حق ڪونهي، پر سڀ ڪنهن کي ترسڻ گهرجي جيسين خدا هن تي اها ضرورت موڪلي، جيئن اها هنيئر مون ڏي موڪلي وئي آهي.

7

ڪيبيز چيو ته، هائو، اها ڳالهه فطرت موجب صحيح آهي. پر تو هينئر چيو ته فيلسوف مرڻ جي خواهش رکندو. سقراط، اها هڪ مونجهاري جهڙي ڳالهه ڪين آهي ته خدا اسان جو نگهبان آهي ۽ اسين هن جي ملڪيت آهيون. ائين چوڻ واجب ڪين ٿيندو ته ڪو سياڻو ماڻهو انهيءَ نوڪري ڇڏڻ جي خواهش رکندو جا خدائن، جي سڀني کان وڌيڪ چڱا حاڪم آهن، هن تي مقرر ڪئي آهي. هو اهو ڪڏهن به ڪين ڀائيندو ته جڏهن آءُ آزاد ٿيندس تڏهن آءُ پنهنجي سنڀال خدائن کان وڌيڪ بهتر ڪري سگهندس. ڪو بيوقوف شايدائين ڀائين ته پنهنجي مالڪ وٽان ڀڄي وڃڻ چڱو ٿيندو. هو شايد اهو خيال ڪين ڪندو ته ڪنهن چڱي مالڪ وٽان ڀڄي وڃڻ درست نه آهي، پر جيسين ٿي سگهي تيسين هن سان گڏ رهڻ جڳائي، ۽ اهڙيءَ طرح پنهنجي بيوقوفي جي ڪري شايد ڀڄي وڃي؛ پر سياڻو ماڻهو ضرور خواهش رکندو ته سدائين انهيءَ سان گڏ هجان جو پاڻ کان بهتر نگهبان آهي. پر سقراط، جيڪڏهن هيءَ ڳالهه سچي آهي ته ائين جيڪي تو چيو آهي، تنهن جي ابتڙ ٿيڻ گهرجي. سياڻي ماڻهوءَ کي مرڻ تي افسوس ٿيڻ کپي ۽ بيوقوف کي انهيءَ تي خوش ٿيڻ کپي.
مون ڏٺو ته ڪيبيز جي حجت تي سقراط خوش ٿيو. هن اسان ڏانهن نهاريو ۽ چيائين ته ڪيبيز هميشه مباحثي ۾ هر پهلوءَ تي چڱي نموني بحث ڪري ٿو ۽ ڪنهن جي به ڳالهه تي يڪدم اعتبار نٿو ڪري.
سمئس چيو ته، هائو، سقراط، پر آءُ ڀانيان ٿو ته جيڪي ڪيبيز چوي ٿو تنهن ۾ ڪجهه معنيَ آهي. عاقل انسان پنهنجن مالڪن وٽان ڇو ڀڄي وڃن، جي کانئن بهتر آهن، ۽ ڇو هو پنهنجي نوڪري تڪڙ سان ڇڏي وڃن؟ آءُ ڀانيان ٿو ته ڪيبيز جي حجت توڏانهن لاڳاپو رکي ٿو، جو تون اسان کي ۽ خدائن کي ڇڏي وڃڻ لاءِ ايترو تڪڙو تيار آهين، جيتوڻيڪ تون پاڻ قبول ڪرين ٿو ته خدا چڱا حاڪم آهن.
هن چيو ته واجبي ٿو چوين. آءُ ڀانيان ٿو ته تنهنجو مطلب آهي ته، آءُ هن تهمت لاءِ بچاءُ پيش ڪريان، ڄڻ ته قاعدي جي ڪورٽ ۾ آهيان.
سمئس چيو ته، اسان جي معنيَ اهائي آهي.

8

هن ورندي ڏني ته، چڱو آءُ ڪوشش ڪندس ته منهنجو بچاءُ اوهان وٽ وڌيڪ سوڀارو ٿئي، انهيءَ بچاءَ کان جيڪو مون ڪيس وقت منصفن جي روبرو پيش ڪيو هو.
هن چيو ته، ڪيبيز ۽ سمئس، جيڪڏهن مون کي خيال نه هجي ته آءُ ٻين انهن خدائن وٽ رهندس، جي وڌيڪ چڱا ۽ سياڻا آهن، ۽ ٻين اهڙن فوت ٿيل ماڻهن وٽ وڃي پهچندس، جي هن دنيا جي ماڻهن کان گهڻو بهتر آهن ته، پوءِ موت تي افسوس نه ڪرڻ منهنجي وڏي غلطي ليکجي؛ پر اوهان کي سمجهڻ گهرجي ته مون کي اميد آهي ته آءُ چڱن ماڻهن سان وڃي رهندس، جيتوڻيڪ مون کي انهيءَ لاءِ پڪي خاطري نه آهي؛ ليڪن مون کي انهيءَ لاءِ بلڪل خاطري آهي ته آءُء اهڙن خدائن وٽ وڃي رهندس، جي بلڪل چڱا ۽ سياڻا آهن. تنهن ڪري مون کي موت تي ايترو افسوس نٿو ٿئي. مونکي يقين آهي ته فوت ٿيلن کي به هڪ قسم جي هستي ٿئي ٿي، ۽ جيئن قديم چوڻي آهي ته، ”اها هستي نيڪو ڪارن لاءِ بدڪارن کان گهڻو بهتر آهي.“
سمئس چيو ته، چڱو، سقراط اهو اعتقاد تون رڳو پاڻ وٽ ئي رکندين ۽ هليو ويندين، يا اسان کي به انهيءَ مان ڪو حصو ڏيندين؟ ڇو ته اسان جو هن فائدي ۾ واسطو آهي. جيڪڏهن هن ڳالهه جو تون اسان کي اعتبار ڏياري وٺين ته، ڄڻ تون پنهنجو بچاءُ پيش ڪري چڪين.
هن جواب ڏنو ته، آءُ ڪوشش ڪندس. پر آءُ ڀانيان ٿو ته ڪريٽو کي مون سان ڳالهائڻو آهي. اچو ته پهريائين ٻڌون ته هن کي ڇا چوڻو آهي.
ڪرٽيو چيو ته، سقراط، فقط ايترو ته، جيڪو ماڻهو توکي زهر ڏيندو، سو چوي ٿو ته، توکي گهڻو ڳالهائڻ نه کپي. هو چوي ٿو ته ڳالهائڻ ماڻهوءَ کي گرم رکي ٿو ۽ گرمي زهر جي اثر کي آڏو اچي ٿي. جيڪي پاڻ کي جوش ۾ آڻيندا آهن، تن کي ٻه يا ٽي دفعا به زهر پيڻو پوندو آهي.
سقراط چيو ته، ڀلي ائين ٿئي، هن کي پنهنجي ڪم تي ڌيان ڌرڻ کپي، ۽ جي ضرورت ٿئي ته هو ڀلي مون کي ٻه يا ٽي ڀيرا زهر جو پيالو پيش ڪري، آءُ هن سان سراسر سهڪاري رهندس.
ڪرٽيو چيو ته، مون کي معلوم هو ته تون اهوئي جواب ڏيندين، پر هن ماڻهوءَ مون کي گهڻو تاڪيد ڪندي چيو آهي.
سقراط جواب ڏنو ته، هن جو خيال نه ڪر، پر هاڻي منهنجا منصفو مون کي اوهان کي سمجهائڻو آهي ته، آءُ ائين ڇو ٿو سمجهان ته جنهن ماڻهوءَ ساري عمر فيلسوفي ۾ گذاري آيه، تنهن کي مرڻ وقت خوش ٿيڻ جو سبب آهي، ۽ هو مرڻ بعد ٻيءَ دنيا ۾ سڀ کان اعليَ فائدي جي اميد رکي سگهي ٿو. سمئس ۽ ڪيبيز، آءُ اوهان کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندس ته هيءَ ڳالهه ڪيئن آهي.

9

دنيا شايد ڏسي نٿي سگهي ته جيڪي سچيءَ طرح فيلسوفيءَ ۾ مشغول ٿين ٿا، سي سڀ وقت موت جو اڀياس پيا ٿا ڪن. ۽ جيڪڏهن پڪ سان ائين آهي ته عجب جي ڳالهه ٿيندي ته ڪو ماڻهو ساري عمر فقط موت لاءِ خواهش رکي، ۽ جڏهن موت وٽس اچي، تڏهن انهيءَ تي خفا ٿئي، جيتوڻيڪ هيترو وقت انهيءَ کي پرکيو/ پروڙيو اٿس ۽ هن لاءِ آرزو به رکي اٿس.
سمئس کلي ڏنو ۽ چيائين ته، پڪ سان، سقراط، تون ته مون کي کلائين ٿو، جيتوڻيڪ هن وقت آءُ کلڻ جي خو ۾ ناهيان. جيڪڏهن عام خلق هيءَ ڳالهه ٻڌي ته، آءُ ڀانيان ٿو ته، هو قبول ڪندا ته جيڪي تون فيلسوفن نسبت چوين ٿو، سو بلڪل سچ آهي، ۽ منهنجا ڳوٺائي به توسان بلڪل شامل راءِ ٿيندا ته بيشڪ فقط فيلسوف مرڻ لاءِ مشتاق رهن ٿا، ۽ هو چوندا ته، کين پوري خبر آهي ته فيلسوف قتل ڪرڻ لائق آهن.
سمئس، هنن جي ڳالهه صحيح آهي، پر هو غلط چون ٿا، جڏهن چون ٿا ته هنن کي انهيءَ جي سڌ آهي. هنن کي پروڙ ڪانهي ته ڪهڙي طرح هڪ ڏاهو يا فيلسوف مرڻ لاءِ مشتاق آهي، يا ڪهڙي قسم جي موت جو هو لائق آهي. هاڻي انهن کي دل تان لاهي وٺ ته پاڻ ۾ گفتگو ڪريون.
آهي اسان کي اعتبار ته موت به ڪا شيءِ آهي؟
سمئس ورندي ڏني ته، هائو، اسان کي اهڙو ويساهه آهي.
اسين ائين ڪين ٿا ڀانيون ته موت، روح ۽ جسم جو وڇوڙو آهي؟ موت جي معنيَ آهي ته جسم، روح کان جدا ٿي وڃي ۽ روح، جسم کان الڳ ٿي پاڻ مرادو گذاري؟ موت انهيءَ کي نه چئجي تڏهن ڇا کي چئجي؟
هن چيو ته، هائو، انهيءَ کي چئجي.
پيارا دوست، هاڻي ويچار ڪر ۽ ڏس ته اسين هڪڙيءَ ٻيءَ ڳالهه تي شامل راءِ ٿيون ٿا يا نه، اها اسان کي هن سوال کي سمجهڻ ۾ مدد ڪندي.
تون ڀائين ٿو ته، ڪو فيلسوف انهن ڳالهين جي پرواهه رکندو، جن کي لذتون سڏبو آهي، جيئن ته پيئڻ ۽ کائڻ؟
سمئس چيو ته، سقراط، بلڪل نه.
يا هو نفس جي لذتن جو خيال رکندو؟
هرگز نه.
۽ تون ڀائين ٿو ته بدن جي ٻين گهرجن لاءِ هن کي ڪا عزت هوندي؟ هن کي ڪو سٺن ڪپڙن يا جتين يا جسم جي آرائش جي يا ڪنهن ٻيءَ شيءِ جي ڪا غرض هوندي، يا هو انهن سڀني شين کي ڌڪاريندو ۽ فقط لاچار انهن مان ڪن ضروري شين سان واسطو رکندو؟
هن جواب ڏنو ته، فيلسوف انهن سڀني شين کي حقارت جي نظر سان ڏسندو. هن چيو ته، نيٺ تون ڀانئين ٿو ته هن جو سمورو اڀياس بدن سان لاڳاپو نه رکندو؟ هن کان جيترو ٿي سگهي ٿو، هو جسم کان پري رهي ٿو، ۽ روح ڏي ميل رکي ٿو؟
هائو، آءُ ائين ڀانيان ٿو.
چڱو تڏهن، هنن ڳالهين ۾ پهريائين صاف آهي ته فيلسوف کان جيترو ٿي سگهي ٿو، هو تيترو ٻين ماڻهن کان وڌيڪ، پنهنجي روح کي جسم جي رفاقت کان رها ڪري ٿو؟
هائو، ائين آهي.
۽ سمئس، دنيا ائين ڪين ٿي سمجهي ته، جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي اهڙي ڳالهين ۾ لذت ٿي اچي ۽ هو انهن مان پنهنجو حصو نٿو وٺي ته ڀلا هن جي جيئڻ جو ڪهڙو ضرور؟ هو ائين نٿا ليکين ته، جنهن ماڻهوءَ کي جسماني فرحتن جو خيال ڪونهي سو ڄڻڪ مئن مثل آهي؟
تحقيق، تون سچ ٿو چوين.

10

پر حڪمت حاصل ڪيئن ٿي ٿئي؟ حڪمت حاصل ڪرڻ لاءِ بدن جي رفاقت نقصانڪار آهي يا نه؟ مثلا اکين ۽ ڪنن جي وسيلي ماڻهن کي ڪا پوري پروڙ پوي ٿي؟ خود شاعر هميشه ڪين چوندا رهيا آهن ته اسين جيڪي ٻڌون ۽ ڏسون ٿا سو برابر يا ٺيڪ نه آهي؟ پر جيڪڏهين بدن جا اهي حواس صاف ۽ مڪمل نه آهن ته پوءِ ٻيا ته هرگز درست نه هوندا، ڇو ته ٻيا انهن کان گهٽ سالم آهن، ائين آهي يا نه؟
هن چيو ته، هائو، آءُ ڀانيان ٿو ته ائين برابر آهي.
هن پڇيو ته، تڏهن روح حق کي ڪڏهن حاصل ڪري ٿو؟ اسين ڏسون ٿا ته جڏهين به هو بدن جي رفاقت ۾ ڪا ڳولا ڪري ٿو ته بدن کيس گمراهه ڪري ٿو.
تحقيق.
ائين ڪين آهي ته جيڪڏهن ڪا پوري حقيقي ڳالهه روح اڳيان اَشڪار ٿئي ٿي ته اها ضمير جي وسيلي ائين ٿئي ٿي؟
برابر.
۽ آءُ ڀانيان ٿو ته، روح تڏهن حق جو هو ڪو ڏئي سگهي ٿو جڏهن ڪوبه حواس، ٻڌڻ جو يا ڏسڻ جو، يا درد توڙي خوشي، هن کي نٿي آزاري، جڏهن هو بدن کي دفع ڪري ٿو، ۽ هن رفاقت يا ڳانڍاپي کان رهائي حاصل ڪري ٿو، ۽ فقط پنهنجي پاڻ سان صحبت رکي ٿو، تڏهين هو پوري حق لاءِ جاکوڙي ٿو.
برابر ائين آهي.
اهڙيءَ طرح فيلسوف جو روح بدن کي بلڪل ڌڪاري ٿو، ۽ هن کان پري ڀڄي ٿو، ۽ پاڻ سان تنها رهڻ چاهي ٿو، ائين آهي يا نه؟
برابر.
سمئس، هاڻي ٻئي نقطي بابت تون ڇا ٿو چوين؟ اسين چوندا آهيون ته ڪا شيءِ آهي، جنهن کي ڪامل انصاف چئجي، برابر؟
تحقيق، ائين چوندا آهيون.
۽ ڪامل حسن ۽ ڪامل زهد به آهن؟
هائو.
تو انهن مان ڪنهن کي پنهنجن اکين سان ڏٺو آهي؟
هن جواب ڏنو ته، نه، مون انهن کي ڪڏهن اکين ڪونه ڏٺو آهي.
تو انهن مان ڪنهن کي ڪڏهن ڪنهن جسماني حواس سان معلوم ڪيو آهي؟ آءُ سڀني ڪامل شين بابت ڳالهه ڪريان ٿو، کڻي اها مقدار هجي، يا صحبت هجي، يا سگهه هجي، مطلب ته سڀ ڪنهن شيءِ جي سچي هستي يا جوهر بابت ڳالهه ڪريان ٿو. شين جي سچي روح جي ڪا جسم کي پروڙ پوندي؟ ائين ڪين آهي ته جو ماڻهو شين جي سچي جوهر کي پنهنجي ضمير سان معلوم ڪرڻ لاءِ پاڻ کي؛ تيار رکي ٿو، سوئي انهن جي پوري پروڙ کي اوڏو اچي ٿو؟
ائين نه آهي ته اهو ماڻهو انهيءَ صاف تصور کي پوري طرح حاصل ڪندو، جو سڀ ڪنهن شيءِ وٽ جيترو ٿي سگهندو تيترو فقط تميز سان اوڏو ايندو، ۽ تصور جي گذارش ۾ پاڻ سان ڪوبه حواس، ڏسڻ جو يا ڪو ٻيو، نه کڻندو؟ هر هڪ حالت ۾ خالص ۽ ڪامل هستيءَ کي معلوم ڪرڻ لاءِ هو فقط خالص تميز ئي ڪم آڻيندو. جيتري قدر ممڪن آهي تيتري قدر هو اک، ڪن ۽ ساري بدن کان رهائي حاصل ڪندو، ڇو ته بدن جو لاڳاپو روح کي روڳ رسائي ٿو، هن کي حقيقت توڙي حڪمت هٿ ڪرڻ کان روڪي ٿو. جيڪڏهن ڪو ماڻهو آهي ته اهو اهوئي آهي جو سچي هستي جو علم حاصل ڪندو. برابر؟
سمئس چيو ته، سقراط، تنهنجا لفظ بلڪل سهڻا ۽ صحيح آهن.

11

هن چيو ته، انهيءَ ڪري سڀ سچا ڏاها اهڙو خيال ڪين ڪندا ۽ پاڻ ۾ اهو ڪين چوندا ته جتي اسان جي مسافريءَ کٽي ٿي اتان هڪڙو سوڙهو پيچرو شروع ٿئي ٿو، جتان تميز ئي اسان جو رهنما ٿي سگهي ٿي؟ جيسين اسان سان هي جسم ساڻ آهي، ۽ هن قسم جي بڇڙائي اسان جي روح سان رليل آهي، تيسين اسين جيڪي چاهيون ٿا، يعني حقيقت، سا اسان کي هرگز حاصل نه ٿيندي. بدن اسان جو ڪيترو نه قيمتي وقت ڳڙڪائي ٿو وڃي، ڇو ته هن جي گهرجن ڏي ڌيان ڏيڻو ٿو پوي، ۽ تنهن کان سواءِ جڏهين بيماري هن کي پڪڙي ٿي، تڏهن سچي هستي جي ڳولا ۾ اسان کي رنڊڪ اڳيان اچي ٿي. بدن اسان کي نفساني خواهشن، خوفن ۽ هر قسم جي اجاين خيالن ۽ گهڻيءَ بيوقوفيءَ سان ڀري ڇڏي ٿو؛ ۽ انهيءَ ڪري چوندا آهن ته بدن هوندي تصور ڪرڻ محال آهي. انيهءَ ڪري ۽ انهيءَ جي ئي غرضن ڪري لڙايون لڳن ٿيون ۽ نقاق پون ٿا، ڇو ته سڀني جهڳڙن جي جڙ آهي دولت پٺيان ڊوڙڻ، ۽ اسين دولت پٺيان انهيءَ ڪري ڊوڙون ٿا جو اسين سدائين جسم جي گهرجن ۾ گرفتار آهيون. ۽ انهن سڀني سببن ڪري اسان کي فيلسوفيءَ لاءِ فرصت ڪانه ٿي ملي. آخر جڏهن ڪنهن وقت اسين بدن کان پاڻ بچايون ٿا ۽ ڪنهن ڳالهه جي ڳولا ڪريون ٿا، ته هو ڳولا جي هر ڏاڪي تي اسان جي آڏو اچي ٿو ۽ پريشاني ۽ آزار ۽ هراس پيدا ڪري ٿو، جنهن جي ڪري اسين حقيقت ڏسي نٿا سگهون. سچ اسان کي سيکاريو اهي ته جيڪڏهن اسان کي ڪو خالص علم حاصل ڪرڻو آهي ته اسان کي جسم کان اجو ٿيڻ کپي؛ روح سان ئي شيون ڏسڻ کپن، جيئن هو آهن. اسان جو مباحثو ڏيکاري ٿو ته جڏهن اسين مري وينداسون، تڏهن اسين حڪمت حاصل ڪنداسون، جنهن جي خواهش رکون ٿا، ۽ نه جيسين جيئرا آهيون. ڇو ته جيسين بدن اسان سان ساڻ آهي تيسين خالص علم حاصل ڪرڻ ناممڪن آهي، ته هنن ٻن ڳالهين مان هڪ ضرور سچي هوندي، يا ته خالص علم حاصل ڪرڻ اسان لاءِ بلڪل ناممڪن آهي، يا ته اهو اسين مرڻ پڄاڻان ئي هٿ ڪري سگهنداسون. ڇو ته فقط تڏهن ۽ نه اڳ ۾ روح جسم کان پاڻمرادو ڌار رهي سگهي ٿو. ۽ جيئري اسين تڏهن خالص علم جي اوڏو اچي سگهنداسون، جڏهن اسين سواءِ بلڪل ضروري حالتن جي بدن سان ڪوبه واسطو ۽ وهنوار نه رکنداسون، ث۽ نڪي پاڻ کي هن جي محبت ۾ ميرو ڪرڻ ڏينداسون. اسان کي بدن کان بلڪل پاڪ رهڻ کپي، جيستائين خدا پاڻ اسان کي هن کان آجو ڪري ۽ جڏهن اسين بدن جي بيوقوفين کان آجا ٿي پاڪ ٿينداسون، تڏهن، آءُ ڀانيان ٿو ته، اسين ٻين پاڻ جهڙن نيڪ ماڻهن سان گڏ گذارينداسون، ۽ جيڪي پاڪ آهي تنهن کي پاڻهي پروڙينداسون، ۽ حقيقت به اهائي هوندي. ڇو ته آءُ سمجهان ٿو ته ناپاڪ شيءِ، پاڪ شيءِ جي اوڏو اچي ڪين سگهندي. سمئس، آءُ ڀانيان ٿو ته، خالص علم جي سچن شائقن کي اهڙي ئي ٻولي ۽ اهڙائي خيال جڳائيندا. آهين تون مون سان شامل راءِ يا نه؟
سقراط، آءُ توسان بلڪل متفق آهيان.

12

سقراط چيو ته، منهنجا دوست، جيڪڏهن هيءَ ڳالهه سچي آهي ته مون کي اميد آهي ته جڏهن آءُ انهيءَ مڪان تي پهچندس، جيڏانهن وڃان پيو، تڏهن آءُ اتي، ۽ نه ڪنهن ٻئي هنڌ، اهو علم حاصل ڪندس، جنهن لاءِ گذريل وقت ۾ مشتاق رهيو آهيان. آءُ انهيءَ مسافريءَ تي خوشيءَ سان ويندس، جيڪا مون لاءِ اڄ مقرر ٿيل آهي، ۽ ٻيو به سڀڪو ماڻهو انهيءَ لاءِ خوش ٿيندو، جنهن جي دل صاف ۽ شفاف آهي.
سمئس چيو: اها ڳالهه برابر آهي.
۽ پاڪيزگي جي معنيَ هيءَ نه آهي، جيئن اسان اڳ ۾ چيو آهي، ته جيئن ۽ جيترو ممڪن آهي ائين ۽ ايترو روح کي بدن کان الڳ ٿيڻ کپي، ۽ هر طرح جسم کان پاسي/ الڳ ٿيڻ گهرجيس، ۽ جسم جي غلامي کان آجو ٿي، الڳ ٿلڳ پنهنجو پاڻ ۾ گذارڻ جڳائيس؟
هن چيو ته، برابر ائين آهي.
موت جي معنيَ روح جو بدن کان ڌار ٿيڻ ۽ رهائي حاصل ڪرڻ نه آهي؟
هن جواب ڏنو ته، بيشڪ ائين آهي.
۽ اسين قبول ٿا ڪريون ته سچو فيلسوف اهو آهي جيڪو هميشه پنهنجي روح کي آزاد ڪرڻ جي خواهش رکي؟ ڇا ائين نه آهي ته هو هر وقت پنهنجي روح کي بدن کان ڌار ڪرڻ ۽ هن کي جسم کان آجو ڪرڻ جي خيال ۾ محو رهي ٿو.
برابر.
تڏهن اها ڪهڙي نه اجائي ڳالهه ٿيندي، جيئن مون شروع ۾ چيو، ته ڪو ماڻهو موت کي ايندو ڏسي دانهن ڪري، جڏهن ته هو ساري حياتي موت جي حالت ۾ گذارڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي؟ اها اجائي ڳالهه ڪين ٿيندي؟
هائو، برابر.
هن چيو ته، سمئس، تڏهن سچ ڪري ته سچو فيلسوف سدائين موت جو اڀياس ٿو ڪري، ۽ هن کي موت جو ذرو به خوف نه ٿو رهي ۽ هاڻي ڳالهه کي هن طرح جاچ ته، سچو فيلسوف هر طرح بدن جي مخالفت ڪري ٿو، ۽ فقط روح سان رهڻ چاهي ٿو، تڏهن اها بلڪل اجائي ڳالهه ڪين ٿيندي ته جڏهن هن جي اها خواهش پاڻو پوري ٿئي، تڏهن پنهنجي مخالف (جسم) جي قيد مان رهائي حاصل ڪرڻ تي خوش ٿيڻ بدران هو ڊجھي يا هٻڪي ۽ هاءِ گهوڙا ڪري؟ گهڻا ئي ماڻهو خوشيءَ سان ٻيءَ دنيا ڏانهن ويا آهن جڏهن ڪو پنهنجو پيارو، زال يا پٽ، مري ويو اٿن، انهيءَ اميد ۾ ته جن سان محبت اٿن، تن سان تڪڙو وڃي ملن. ڪوبه ماڻهو جنهن کي حڪمت لاءِ سچي محبت آهي، ۽ جنهن کي پڪو ڀروسو آهي ته هو اها فقط ٻيءَ دنيا ۾ ۽ نه ڪنهن ٻئي هنڌ حاصل ٿي سگهندي، سو مرڻ تي خوش يٿندو يا رنج؟ دوست، سچي فيلسوف لاءِ اهڙو انديشو رکڻ نه کپي. هن کي پڪو خيال رهندو ته اتي ۽ نه ڪنهن ٻئي هنڌ هو خالص حڪمت سان ملندو. ۽ جيڪڏهن ائين آهي ته، آءُ وري به چوان ٿو ته، اهڙي ماڻهوءَ لاءِ موت کان خوف کائڻ يا موت کان منهن موڙڻ، بلڪل اجائي ڳالهه ڪين ٿيندي؟
هن جواب ڏنو ته، برابر ائين آهي.

13

هن چيو ته، هن مان ثابت ڪين آهي ته جو ماڻهو موت اچڻ تي ڏک ٿو ڪري سو حڪمت جو شائق نه آهي، پر بدن جو عاشق آهي؟ هو گهڻو ڪري دولت، يا عزت، يا ٻنهي جو چاهڪ آهي.
هن چيو ته، هائو، ائين ئي آهي.
سقراط چيو ته، چڱو، سمئس، ائين نه آهي ته جنهن شيءِ کي دليري چئجي سا خاص ڪري فيلسوفن وٽ هجي ٿي؟
هن جواب ڏنو ته، آءُ ڀانيان ٿو ته ائين برابر آهي.
۽ اها خصلت جنهن کي پرهيزگاري سڏين ٿا، ۽ جنهن جي معنيَ آهي نفساني خواهشن کي ڌڪارڻ ۽ هنن کي ضابطي ۽ حڪم هيٺ رکڻ، سا انهن وٽ ڪين ٿي رهي، جيڪي جسم کي ڌڪاري پنهنجي حياتي فيلسوفيءَ ۾ گذارين ٿا؟
هن جواب ڏنو ته، ضرور ائين آهي.
ڇو ته جيڪڏهن تون ٻين ماڻهن جي دليري ۽ پرهيزگاري تي ڌيان ڏيندين ته توکي خبر پوندي ته اُهي بلڪل نراليون وٿون آهن.
ائين ڪيئن، سقراط؟
سقراط جواب ڏنو ته، توکي معلوم آهي ته ٻيا سڀ ماڻهو، موت کي انسانن لاءِ هڪ وڏي مصيبت ڪري ليکيندا آهن؟
هن چيو ته، هو برابر ائين ليکيندا آهن.
۽ جڏهن انهن مان ڪي بهادر ماڻهو موت قبوليند آهن، تڏهن هو ائين ڪن وڌيڪ مصيبتن جي خوف کان ڪيِنَ ڪندا آهن.
هائو.
تڏهن چئبو ته فيلسوفو کان سواءِ سڀ ماڻهو بهادري فقط خوف ۽ ڊڄ وچان ڏيکاريندا آهن. پر اها عجب جهڙي ڳالهه آهي ته ڪو ماڻهو خوف ۽ بزدليءَ سببان بهادر ٿئي.
تحقيق ائين آهي.
۽ انهن مان پرهيز وارا ماڻهو ساڳي حالت ۾ ڪين آهن؟ هنن جي پرهيز هڪڙي قسم جي بي پرهيزي تي بيٺل ڪين آهي؟ اسين چونداسون ته ائين ٿي ڪين سگهندوم، پر انهن ماڻهن جي بيوقوفيءَ جهڙي پرهيز اهڙي ئي آهي. هو ڪي لذتون چاهيندا آهن ۽ انهن جي وڃائڻ جو خوف هوندو اٿن، تنهن ڪري هو ٻين لذتن کان پرهيز ڪندا آهن، ۽ انهن ۾ ڦاٿا پيا هوندا آهن. ٻي پرهيزي جي معنيَ آهي لذت جي دام ۾ ڦاسڻ. هو ڪن لذتن کان پاسو ڪندا آهن، ڇو ته ٻين ۾ ڦاٿل هوندا آهن. هيءَ ڳالهه ائين آهي جيئن مون چيو ته، هنن جي پرهيز، بي پرهيزي تي بيٺل آهي.
ائين ٿو ڏسجي.
پيارا سمئس، آءُ نٿو ڀانيان ته زهد هن طرح هٿ ڪري سگهبو، هڪ لذت لاءِ ٻي لذت ڦٽي ڪرڻ سان، ۽ هڪ اهنج کي دور ڪرڻ لاءِ ٻئي اهنج کي سر تي کڻڻ سان، ۽ هڪ خوف کان بچڻ لاءِ ٻئي خوف ۾ پوڻ سان، ۽ سڪن وانگر گهٽ وڌ جي پوڪ رکڻ سان. فقط هڪڙو ئي سچو سڪو آهي، جنهن جي عيوض اِهي سڀ شيون ڏئي ڇڏڻ گهرجن، يعني حڪمت. جيڪي به هن لاءِ ۽ هن سان خريد ڪري ويا وڪڻي سگهجي ٿو، پوءِ اها دليري يا پرهيزگاري هجي، يا کڻي انصاف هجي، اهوئي آهي سچو سودو. هڪ جملي ۾ چئي سگهجي ٿو ته، سچو زهد حڪمت کان خالي ٿي نه سگهندو، ۽ ڪابه حرڪت نه آهي ته انهيءَ ۾ لذت، خوف، ڪي ٻيون اهڙيون شيون موجود آهن به يا نه. پر آءُ ڀانيان ٿو ته جيڪو زهد لذتن ۽ خوفن جي ڏي وٺ سان جڙيل آهي ۽ حڪمت کان جدا ٿيل آهي، سو سچي زهد جو فقط پاڇو آهي. سچو زهد انهن شين کان صاف ٿيڻ جو هڪڙو قسم آهي، ۽ پرهيزگاري، انصاف، دليري ۽ خود حڪمت اهي ئي آهن بلڪل برابري. آءُ ڀانيان ٿو جن ماڻهن اسان جا مذهبي راز ٺاهيا هئا، تن هنن ۾ وڏي معنيَ رکي هئي. هو هر وقت اسان کي ڳجهارتن ۾ چوندا رهيا آهن ته، جيڪو به ماڻهو بي دين ۽ ناپاڪ ٿي ٻيءَ دنيا ڏي اچي ٿو سو گپ ۽ چڪڻ ۾ ڦاسي پوي ٿو، ۽ جيڪو صاف ٿي ۽ دين ۾ داخل ٿي اچي ٿو سو خدائن سان گڏ رهي ٿو. رازن ۾ چيل آهي: ”لذتن جا ڪوڏيا گهڻا آهن، پر صاف دل ۽ پرهيزگار ٿورا آهن.“ آءُ ڀانيان ٿو ته اهي پويان فقط سچا فيلسوف آهن. آءُ پنهنجي حياتيءَ ۾ سموريءَ طاقت سان ڪوشش ڪندو رهيو آهيان ۽ پنهنجي وسان ڪين گهٽايو ام ته اهڙو ٿيان. تنهن لاءِ آءُ برابر ڪوشش ڪندو رهيو آهيان، ۽ فتح حاصل ڪئي اٿم. آءُ ڀانيان ٿو ته، جي خدا جي مرضي هوندي ته، گهڙيءَ کن ۾ خبر پئجي ويندي، جڏهين آءُ ٻيءَ دنيا ۾ پهچندس.
سمئس ۽ ڪيبيز، اهو آهي منهنجو بچاءُ، جنهن مان ثابت آهي ته، توهان کان ا۽ هنن پنهنجن آقائن کان جدا ٿيڻ تي افسوس نه ڪرڻ ۽ خفا نه ٿيڻ لاءِ مون وٽ سبب آهي. مون کي ڀروسو آهي ته جهڙو هن دنيا ۾ تهڙو ٻيءَ دنيا ۾ پڻ آءُ چڱن ماڻهن ۽ دوستن سان وڃي ملندس. جيڪڏهن آءُ ڪين جهڙن منصفن وٽ فتحياب نه ٿيس ته حرڪت ڪانهي، ۽ جي اوهان اڳيان پنهنجي بچاءَ پيش ڪرڻ ۾ آءُ سوڀارو ٿيو آهيان ته مون لاءِ اهو ڪافي آهي.

14

جڏهن سقراط هي چئي بس ڪيو تڏهن ڪيبيز هن کي جواب ۾ چيو ته، سقراط، تو جيڪي چيو آهي تنهنجو گهڻو حصو صحيح آهي، پر تو جيڪي روح نسبت چيو آهي تنهن ۾ گهڻو ڪري ماڻهن کي اعتبار ڪونهي. هنن کي خوف ٿو رهي ته، جڏهن روح جسم کان جدا ٿئي ٿو ته، تڏهنهو ڪٿي به وڌيڪ وقت حيات رهي نٿو سگهي پر جسم جي موت واري ڏينهن ئي نابود ۽ ناس ٿي ٿو وڃي. هو ڀائين ٿا ته جنهن گهڙيءَ بدن کان روح رهائي حاصل ڪري ٿو، تنهن ويل ئي هو هوا يا دونهي وانگر گم ٿي وڃي ٿو، ۽ انهيءَ وقت کان ئي زنده رهڻ کان بلڪل بس ٿي وڃي ٿو. جيڪي تڪليفون تو ٻڌايون آهن تن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري، روح ڪٿي وڃي سڄوئي حيات رهي، ته جيڪر، سقراط، تو جيڪي ڪجهه چيو آهي تنهن ۾ اميد رکڻ جو اسان لاءِ چڱو سبب ٿي پوي- پر اهو ثابت ڪري ڏيکارڻ ته موت بعد روح حيات ٿو رهي ۽ حڪمت ۽ ٻيون طاقتون وٽس موجود ٿيون رهن، تنهن لاءِ پڪا پختا دليل کپن.
سقراط چيو ته، تحقيق، ڪيبيز، پر هاڻي ڇا ڪريون؟ ڀلا تنهنجي مرضي آهي ته انهن مسئلن بابت ڳالهيون ڪريون ۽ ڏسون ته جيڪي آءُ چوان ٿو سو ممڪن آهي يا نه؟
ڪيبيز چيو ته. آءُ ته گهڻو خوش ٿيندس، جيڪڏهن تون انهن مسئلن نسبت پنهنجا رايا ٻڌائيندين.
سقراط چيو ته، مون جيڪي هينئر چيو آهي تنهن لاءِ ڪوبه، اهو ڀل ڪو مزاحيه شاعر ئي ڇو نه هجي، ڪونه چوندو ته آءٌ اجايون ۽ خيالي ڳالهيون ڪري رهيو آهيان. تنهنڪري جي تنهنجي مرضي آهي ته، پوءِ اچو ته هن مسئلي نسبت ڳالهين جي ڏي وٺ ڪريون.

15

هاڻي اچو ته هن ڳالهه کي جاچيون ته موت بعد ٻيءَ دنيا ۾ ماڻهن جا روح حيات رهن ٿا يا نه. اسان کي ياد آهي ته هڪڙو پختو اعتقاد آهي ته هن دنيا ڇڏڻ بعد روح وڃي ٻيءَ دنيا ۾ رهن ٿا، ۽ وري هو هيڏانهن اچن ٿا ۽ وري مئلن مان پيدا ٿين ٿا؛ پر جيڪڏهن ائين برابر آهي ته زنده شيون مئلن مان پيدا ٿين ٿيون، تڏهين ته ضرور اسان جا روح ٻيءَ دنيا ۾ حيات رهندا هوندا، جي ائين نه هجي ته جيڪر هو وري ڪين ڄمن. هن ڳالهه لاءِ جيڪر هيءَ ثابتي ئي ڪافي ٿئي، جيڪڏهين اسين سچ پچ اهو ثابت ڪري ڏيکاريون ته زنده شيون فقط مئلن مان جنم وٺن ٿيون. پر جي ائين نه آهي، ته ضرور اسان کي ڪو ٻيو دليل هٿ ڪرڻ کپي.
ڪيبيز چيو ته، برابر.
هن چيو ته، هن سوال جو جواب سولائي سان تڏهن ڏئي سگهبو، جڏهن هن کي نه رڳو ماڻهن نسبت جاچبو، پر جانورن ۽ ٻوٽن توڙي ٻين سڀني ڄمندڙ شين نسبت پڻ جاچبو ته ائين آهي ڇا ته سڀڪا شيءِ جنهن جي خلاف ڪا شيءِ آهي سا پنهنجي مخالف مان جنم وٺي ٿي. مخالف شيون انهن کي چئجي ٿو، جيئن معتبر ۽ ڪميڻو، عادل ۽ ظالم، ۽ ٻيا اهڙا هزارين مثال. هاڻي خيال ڪرڻ کپي ته سڀڪا شيءِ جنهن کي ڪا مخالف شيءِ آهي، سا ضرور فقط پنهنجي مخالف شيءِ مان پيدا ٿي ٿئي؟ مثلا جڏهن ڪا شيءِ وڏي ٿي ٿئي تڏهن، آءُ ڄاڻان ٿو ته، اها پهريائين ننڍي هوندي ۽ پوءِ وڏي ٿي ٿئي. برابر؟
برابر.
۽ جڏهن ڪا شيءِ ننڍي ٿي ٿئي تڏهن اها پهريائين وڏي هوندي ۽ پوءِ ننڍي ٿي ٿئي. برابر؟
هن چيو ته، ائين ئي آهي.
۽ ضعيف شيءِ مضبوط مان پيدا ٿي ٿئي، ۽ ڍري شيءِ تکيءَ مان ئي پيدا ٿي ٿئي.
صحيح.
تڏهن صاف ثابت آهي ته سڀ شيون انهيءَ ئي دستور موجب پيدا ٿيون ٿين، يعني مخالف شيون، مخالف شين مان؟
تحقيق.
۽ ائين نه آهي ته سڀني مخالف شين جي ٻڌيءَ وچ ۾ ٻه طبقا آهن، هڪڙي کان ٻئي ڏانهن، ۽ وري انهيءَ کان ساڳئي ڏانهن؟ ائين نه آهي ته ننڍي ۽ وڏي جي وچ ۾ وڌڻ ۽ گهٽجڻ آهن، ۽ اسين ڪين چوندا آهيون ته جيئن هڪ پاسو وڌي ٿو، تيئن ٻيو پاسو گهٽجي ٿو؟
هن چيو ته، هائو.
۽ وري تقسيم ۽ ترڪيب، ۽ ٿڌو ۽ ڪوسو، ۽ ٻيا اهڙا مثال به آهن. تحقيق اهو مروج قاعدو ڪين آهي، جيتوڻيڪ اسين انهيءَ کي ايترن لفظن ۾ کولي ظاهر ڪين ڪندا آهيون، ته مخالف شيون هميشه هڪ ٻئي مان پيدا ٿينديون آهن، ۽ هڪ ٻئي مان پيدا ٿيڻ جي روش هميشه کان هلندڙ آهي؟
هن جواب ڏنو ته، ائين آهي.

16

هن چيو ته، تڏهين جيئن جاڳڻ جي ابتڙ ننڊ آهي تيئن ساڳئي دستور حياتيءَ جي ابتڙ به ڪجهه هوندو؟
هن ورندي ڏني ته، ضرور.
تڏهن جيڪڏهن حياتي ۽ موت هڪ ٻئي جي ابتڙ آهن ته هو ضرور هڪ ٻئي مان پيدا ٿيا هوندا، ۽ جنهن صورت ۾ هو ٻه آهن تنهن صورت ۾ هنن جي وچ ۾ ٻه طبقا هوندا. ائين ڪين آهي؟
برابر.
سقراط چيو ته، هاڻي جن مخالف شين جو ذڪر ڪيو اٿئون تن مان هڪ جي معنيَ ۽ انهيءَ جا طبقا آءُ توکي سمجهائيندس، ۽ ٻئي جي معنيَ تون مون کي سمجهائج. ننڊ آهي ابتڙ جاڳ جي. ننڊ مان پيدا ٿئي ٿي جاڳڻ جي حالت، ۽ جاڳڻ جي حالت مان پيدا ٿئي ٿي ننڊ هنن جا مرحلا آهن پهريائين ننڊ ۾ پوڻ، پوءِ جاڳڻ. هن پڇيو ته، ڪيئن، هيءَ ڳالهه صاف آهي؟
هائو، بلڪل.
هن چيو ته، چڱو تڏهن، حياتي ۽ موت بابت تون مون کي سمجهاءِ. موت، حياتي جي ابتڙ آهي، برابر؟
هائو.
۽ هو هڪ ٻئي مان پيدا ٿين ٿا؟
هائو.
تڏهن جيئرن شين مان ڇا ٿو پيدا ٿئي؟
هن جواب ڏنو ته، مئل شيون.
۽ مئل شين مان ڇا ٿو پيدا ٿئي؟
مون کي قبول ڪرڻو پوي ته جيئريون شيون.
ڪيبيز، تڏهن چئبو ته، جيئريون شيون ۽ جيئندڙ انسان مئلن مان پيدا ٿين ٿا؟
هن چيو ته، ائين ظاهر آهي.
هن چيو ته، تڏهن اسان جا روح ٻيءَ دنيا ۾ حيات رهن ٿا؟
ائين ٿو ڀائنجي.
هاڻي انهن ٻن مرحلن مان هڪ جي ثابتي آهي؟ آءُ ڀانيان ٿو ته موت جي پڪي ثابتي آهي، ائين آهي يا نه؟
هن جواب ڏنو ته، هائو، برابر.
هن چيو ته، هاڻي ڇا ڪرڻ کپي؟ اسان کي هنن مان هر هڪ کي مخالف طبقو ڏيڻ گهرجي يا نه؟ يا هتي طبعي قاعدو غلط آهي؟ مرڻ کي به مخالف طبقو ڏيڻ گهرجي يا نه؟
هن چيو ته، آءُ ڀانيان ته ضرور ڏيڻ کپي.
۽ اهو ڇا هوندو؟
وري حيات ٿيڻ.
هن چيو ته، جيڪڏهن وري حيات ٿيڻ جهڙي ڳالهه آهي ته، اها هوندي مري وڃڻ مان حيات ٿيڻ جو مرحلو، برابر؟
بلڪل برابر.
تڏهن اسين هن نقطي تي متفق راءِ آهيون ته، جيئرا هميشه مئلن مان پيدا ٿين ٿا ۽ مئل جيئرن مان. پر اسين قبول ڪري چڪا آهيون ته جيڪڏهن ائين آهي ته اها پوري ثابتي آهي، انهيءَ لاءِ ته، مئن جا روح ضرور ڪنهن هنڌ وڃي رهن ٿا، جتان هو وري هستيءَ ۾ اچن ٿا.
سقراط، آءُ ڀانيان ٿو ته اهو لازمي نتيجو آهي اسان جي ڪيس/ بحث جو.

17

۽، ڪيبيز، آءُ ڀانيان ٿو ته هي نتيجو غيرواجبي نه آهي، ڇو ته جيڪڏهن ابتڙ شيون پيدا ٿيندي، هڪ ٻئي سان مطابقت نه رکن، ۽ ڪنهن دائري ۾ ڦرندڙ نه هجن، ۽ هڪڙي مخالف هنڌ کان ٻئي مخالف هنڌ اچڻ بدران هڪ سڌي ليڪ ۾ هلندڙ هجن، توکي معلوم آهي ته جيڪر نيٺ سڀ شيون هڪ ئي صورت ۽ هڪ ئي حالت ۾ اچي وڃن ۽ پيدا ٿيڻ جي روش بلڪل بند ٿي وڃي.
هن پڇيو ته، تنهنجو مطلب ڇا آهي؟
هن جواب ڏنو ته، منهنجي معنيَ سمجهڻ ڏکي ڳالهه ڪانهي. جيڪڏهن مثلا، هڪ مخالف شيءِ، ننڊ ۾ پوڻ هجي، پر انهيءَ جي ابتڙ شيءِ، جاڳڻ، جا پهرينءَ مان پيدا ٿي ٿئي، نه هجي، ته پوءِ جيڪر ساري دنيا ۾ اينڊيمئن جي آکاڻي اجائي ٿي پوي، ۽ هن جو نالو ئي نابود ٿي وڃي، ۽ سڀڪا شيءِ هن وانگر ساڳي ننڊ ۾ اچي وڃي، ۽ جيڪڏهن سڀ شيون هڪ ٻئي سان مرڪب ٿيل هجن ۽ ڪڏهن به ڌار نه ٿين، ته جيڪر انئڪسئگورس وارو هرج مرج ظاهر ٿي پوي. ساڳئي دستور موجب، پيارا ڪيبيز، جيڪي به شيون، جن ۾ ساهه آهي، مري وڃن، ۽ مرڻ بعد انهيءِ ئي حالت ۾ رهن ۽ وري جيئريون نه ٿين، ته جيڪر ائين ضرور ڪين ٿئي ته سڀڪا شيءِ نيٺ مري وڃي، ۽ ڪجهه به جيئرو نه رهي؟ ڇو ته جيڪڏهن جيئندڙ شيون مئلن مان پيدا نه ٿين ۽ ڪنهن ٻئي هنڌان پيدا ٿين، ۽ پوءِ مرن، ته جيڪر ضرور ائين ٿئي جو نيٺ سڀ شيون موت ختم ڪري ڇڏي. ائين ٿئي يا نه؟
ڪيبيز چيو ته، سقراط، آءُ ڀانيان ٿو ته برابر ائين ٿئي. تون جيڪي چوين ٿو سو بلڪل صحيح آهي.
هن چيو ته، ڪيبيز، آءُ سمجهان ٿو ته تحقيق ائين آهي. هن نتيجي ڪڍڻ ۾ اسان غلطي ڪانه ڪئي آهي. مئا وري هستيءَ ۾ اچن ٿا، ۽ جيئرا هنن مان پيدا ٿيا آهن، ۽ مئن جا روح سلامت رهن ٿا، ۽ چڱن جي روحن جو چڱو حال ٿو ٿئي ۽ بدڪارن جي روحن جو برو حال.

18

ڪيبيز چيو ته، سقراط، هن کانسواءِ جيڪا تون وري وري ڳالهه ڪندو آهين ته، سکڻ فقط هڪڙي ياد ڪرڻ جي روش آهي، سا جيڪڏهن سچي آهي ته پوءِ، آءُ ڀانيان ٿو ته، جيڪي اسين هينئر ياد ڪريون ٿا، سو ضرور ڪنهن اڳئين وقت سکيا هونداسون ۽ ائين ٿيڻ تڏهن ممڪن ٿيندو جيڪڏهن اسان جا روح انساني جسم ۾ اچڻ کان اڳ ڪنهن هنڌ حيات رهيا هوندا. تنهنڪري هي ٻيو سبب آهي روح جي بقا ۾ اعتبار رکڻ لاءِ.
ڪيبيز جواب ڏنو ته، هڪ دليل ۾ سڀ کان زبردست دليل هيءُ آهي ته، جيڪڏهن ماڻهن کان ڪو سوال درست نموني پڇيو ويندو آهي ته هو انهيءَ جو جواب پاڻهي درست ڏيندا آهن. پر جيڪڏهن هنن وٽ علم ۽ پوري تميز موجود نه هجي ها ته هو ائين ڪري ڪين سگهن ها. وري، هنن کي ڪي شيون علمِ پئمائش (ماپ جي علم) سان لاڳاپي رکندڙ ڏيکاربيون ته هن مسئلي جي ثابتي پوري طرح ملي ويندي.
سقراط چيو ته، سمئس، جيڪڏهين توکي هن مان يقين نٿو اچي ته، هن ڳالهه کي هن طرح سان جاچ ۽ پوءِ ڏس ته تون اسان سان متفق راءِ ٿين ٿو يا نه. آءُ سمجهان ٿو ته توکي شڪ آهي ته ڪيئن جنهن شيءِ کي علم ٿو چئجي سان يادگيري هوندي.
سمئس جواب ڏنو ته، نه، مونکي ڪو شڪ ڪونهي. پر يادگيريءَ وارو دليل آءُ وري دل تي آڻڻ ٿو گهران. جيڪي ڪيبيز سمجهائڻ منظور ڪيو آهي، تنهن ڳالهه تنهنجي مسئلي کي ذري گهٽ منهنجي دل سان لاتو آهي ۽ مون کي خاطري ڏياري آهي؛ پر جنهن دستور موجب تون اها ڳالهه سمجهائڻ ٿو گهرين، تنهن ٻڌڻ لاءِ به آءُ گهڻو شائق آهيان.
هن ورندي ڏني ته، هن قانون موجب آءُ‏ ڀانيان ٿو ته اسين متفق راءِ آهيون ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪا ڳالهه ياد ڪري ٿو ته، اها ضرور هن ڪنهن اڳئين وقت/ جنم معلوم ڪئي هوندي.
هن چيو ته، تحقيق.
۽ اسين قبول ڪريون ٿا ته جڏهن علم هيٺين طرح حاصل ٿئي ٿو، تڏهن انهيءَ کي يادگيري چئجي؟ جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ ڪا شيءِ ڏٺي يا ٻڌي آهي، يا انهيءَ کي ڪنهن واس سان معلوم ڪيو اٿس، ۽ پوءِ نه رڳو انهيءَ شيءِ جي خبر اٿس، پر دل ۾ ڪنهن ٻيءَ شيءِ نسبت به اثر ٿئيس، جنهن جو علم بلڪل نرالو آهي، ته پوءِ اسين ائين چوڻ ۾ صحيح ڪين ٿينداسون ته، جنهن شيءِ نسبت هن کي دل ۾ اثر ٿو ٿئي تنهن کي هو ياد ٿو ڪري؟
تنهنجو ملطب ڇا آهي؟
منهنجو مطلب هيءُ آهي: ماڻهوءَ جو علم چنگ جي علم کان ٻيءَ طرح جو ڪين آهي؟
تحقيق.
توکي خبر آهي ته جڏهين عاشق ڪو چنگ يا ڪا پوشاڪ يا ڪا ٻي چيز، جا سندن معشوق اڪثر ڪري ڪم آڻيندا آهن، ڏسندا آهن تڏهن هنن جي دل ۾ هي حس پيدا يٿندي آهي: هو چنگ کي سڃاڻندا آهن، ۽ هنن جي دل ۾ انهيءَ نينگر جو نقشو نڪري ايندو آهي جنهن جو اهڙو چنگ هوندو آهي. انهيءَ کي چئبو آهي يادگيري. مثلا جڏهن ڪنهن کي سمئس ڏسندي گهڻو ڪري ڪيبيز جي يادگيري پوي. ۽ اهڙا ڪيئن مثال آهن.
سمئس چيو ته، تحقيق آهن.
هن چيو ته هيءَ هڪ قسم جي يادگيري ڪين آهي، ۽ خاص ڪري جڏهن اهڙي حس ڪنهن ماڻهوءَ جي دل ۾ پيدا ٿي ٿئي، تڏهن هو ڪي شيون ڪجهه عرصي گذرڻ بعد ٿو ڏسي ۽ جي ڌيان نه ڏيڻ سبب هن کان وسري ويون آهن؟
هن جواب ڏنو ته، هائو برابر.
هن چيو ته، چڱو ڀلا، اهو ممڪن آهي ته ڪنهن گهوڙي يا چنگ جي مورت ڏسڻ سان ڪنهن ماڻهوءَ جي يادگيري پوي، يا ڪيبيز جي تصوير ڏسندي سمئس جي ياد پوي؟
بيشڪ.
۽ سمئس جي تصوير ڏسندي خود سمئس جي يادگيري پوڻ جو امڪان آهي؟
هن چيو ته، بيشڪ.

19

تڏهن هنن سڀني حالتن ۾ هڪ جهڙين ۽ پڻ مختلف شين ڏسڻ سان يادگيري پئجي سگهي ٿي؟
هائو.
پر جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي هڪ جهڙين شين ڏسندي ڪا يادگيري پوي ٿي، تڏهن هن کي هڪڙي وڌيڪ حس دل ۾ ڪونه ايندي ۽ هو خيال ڪونه ڪندو ته جيڪا شبيهه هن کي جنهن شيءِ جي يادگيري ڏياري ٿي سان هن کان ڪنهن طرح گهٽ آهي يا نه؟
هن چيو ته، هائو.
هن چيو ته، هاڻي ڏس ته هي ڳالهه برابر آهي؟ اسان کي برابري جي هستيءَ ۾ اعتبار آهي، نه ڪاٺين يا پٿرن جي ٽڪرن جي برابريءَ ۾، پر انهيءَ کان به ڪنهن وڌيڪ شيءِ ۾، يعني ڪامل برابري ۾؟ اسين چئي سگهنداسون ته اهڙي شيءِ آهي؟
هن جواب ڏنو ته، بيشڪ.
اسان کي انهيءَ جي ڪل ڪيئن ۽ ڪڏهن پئي؟ جيئن اسان هينئر هڪ جيڏن ڪاٺي ۽ پٿر جي ٽڪر جي ڳالهه ٿي ڪئي، انهن کي ڏسندي اها خبر پئي ڇا؟ اسان جي دل ۾ انهن کي ڏسندي ڪيئن ڪامل برابريءَ جو تصور پيدا ٿيو، جو انهن سڀني کان نرالو آهي؟ يا تون ڀائين ٿو ته اهو نرالو نه آهي؟ سوال کي هن ريت جاچ. اسان کي ڪيئن ڪاٺيءَ ۽ پٿر جا هڪ جيڏا ٽڪر ڪڏهن هڪ جيڏا ڏسڻ ۾ ايندا آهن ۽ ڪڏهن وڏا ننڊا ڏسڻ ۾ ايندا آهن، جيتوڻيڪ هو هر وقت هڪجهڙا ئي رهندا آهن؟
هائو، برابر.
پر توکي ڪڏهن به ڪامل برابري واريون شيون ننڍيون وڏيون ڏسڻ ۾ آيون آهن، يا ڪامل برابريءَ ۾ ڪو فرق ڏسڻ ۾ آيو آهي؟
سقراط، بلڪل نه.
هن ورندي ڏني ته، اها ڳالهه بلڪل درست آهي.
۽ اها به خبر توکي انهن مان ئي پئي ته هوءَ انهن جهڙي آهي يا نه؟
هائو.
هن چيو ته، پر انهيءَ جي ڪري ڪا حرڪت آهي، جيڪڏهين هڪ شيءِ جو ديدار ڪنهن ٻيءَ شيءِ کي دل تي ٿو آڻي ته، انهيءَ کي چئجي يادگيري، پوءِ ڀل اهي ٻه شيون هڪ جهڙيون هجن يا نه.
ائين ته آهي.
هن چيو ته، چڱو تڏهن ڪاٺيءَ جا هڪ جيڏا ٽڪر ۽ ٻيون اهڙيون هڪ جيڏيون شيون، جن بابت اسان ذڪر پئي ڪيو آهي، سي اسان تي هن طرح اثر ڪن ٿا؟ اهي اسان کي اهڙي طرح هڪ جيڏا نظر اچن جهڙيءَ طرح ڪام برابري آهي يا اهي ڪامل برابري کان گهڻو گهٽ نظر اچن ٿا يا نه؟
هن جواب ڏنو ته، تحقيق، اهي هن کان گهڻو گهٽ نظر اچن ٿا.
اسين هن ڳالهه بابت متفق راءِ آهيون؟ ڪو ماڻهو ڪا شيءِ ڏسي ٿو ۽ دل ۾ چوي ٿو ته، ”هيءَ شيءِ جيڪا آءُ ڏسان ٿو سا فلاڻي شيءِ جهڙي ٿيڻ لاءِ ڪوشش ڪري ٿي، پر هوءَ انهيءَ کان گهٽ آهي ۽ انهيءَ جهڙي ٿي نٿي سگهي، هوءَ نيچ قسم جي آهي. “ جيڪو ماڻهو اهڙيءَ طرح ويچار ٿو ڪري تنهن ضرور اها ٻي شيءِ اهڙي ڪنهن اڳئين وقت تي ڏٺي هوندي، جنهن جهڙي هو پهرينءَ شيءِ کي ڀائين ٿو ۽ چوي ٿو ته اها نيچ قسم جي آهي. برابر؟
چڱو تڏهن اسان کي هڪ جيڏين شين ۽ ڪامل برابريءَ نسبت دل ۾ اهڙو خيال اچي ٿو يا نه؟
هائو، ضرور اهڙو خيال اچي ٿو.
تڏهن هڪ جيڏين شين ڏسڻ کان اڳ ۾ اسان کي ضرور برابريءَ جي ڄاڻ هوندي، ۽ اسين تڏهين چئون ٿا ته اهي شيون برابريءَ موافق ٿيڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون، پر اهي سڀئي برابريءَ کان گهڻو پوئتي پون ٿيون.
هائو، ائين آهي.
۽ اسين هن بابت به متفق راءِ آهيون ته برابري جو خيال اسان جي اندر ۾ نڪي آيو آهي ۽ نڪي اچي سگهي ها، پر فقط ڏسڻ يا ڇهڻ جي قوتن جي ڪري ئي يا ڪنهن ٻئي حواس جي وسيلي ئي ائين ٿيو آهي. هي ڳالهه سڀني حواسن سان لاڳو آهي.
هائو، سقراط، مباحثي لاءِ ائين قبول ڪبو.
لٿي پٿي ائين ته قبول ڪبو ته حواسن جي وسيلي ئي اسان کي معلوم ٿو ٿئي ته، سڀئي مظهر شيون ڪامل برابرين وانگر ٿيڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون، پر هن کان پست پون ٿيون. ائين آهي يا نه؟
هائو.
تڏهن ڏسڻ يا ٻڌڻ جي قوتن يا ٻين حواسن جي پيدا ٿيڻ کان اڳ ۾ اسان کي ڪامل ۽ خالص برابريءَ جي سيرت جي ڄاڻ پئي هوندي، نه ته جيڪر اسين هڪ جيڏين مظهر شين کي ڪامل برابريءَ سان ڀيٽي ڪين سگهون ها ۽ چئي ڪين سگهون ها ته هو هن جهڙي ٿيڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون، پر سدائين هن کان پست پون ٿيون. برابر؟
سقراط، اسين جيڪي چئي رهيا آهيون، تنهن مان ضرور هي نتيجو نڪري ٿو.
ڏسڻ يا ٻڌڻ جون قوتون ۽ ٻيا حواس اسان وٽ ڄمڻ کان وٺي موجود ڪين رهيا آهن؟
هائو، تحقيق.
تڏهن، ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته، اسان کي اها ڄاڻ ڄمڻ کان اڳ حاصل ٿي هوندي؟
ائين ٿو ڏسجي.

20

پر جيڪڏهن هيءَ ڄاڻ ڄمڻ کان اڳ ۾ اسان کي حاصل ٿيل هئي، ۽ اسين انهيءَ سوڌا پيدا ٿيا هئاسون ته، چئي سگهبو ته ڄمڻ جي وقت ۽ انهيءَ کان اڳ نه رڳو اسان کي هڪ جيڏائي ۽ گهٽ وڌ جي خبر هئي، پر سڀ ڪنهن اهڙي قسم جي شيءِ جي خبر هئي. اسان جو هي مباحثو فقط برابري سان لاڳاپو نٿو رکي. انهيءَ جو ايترو ئي لاڳاپو ڪامل خوبي، ڪامل حسن، ڪامل انصاف، ۽ ڪامل پاڪيزگي سان آهي. جنهن کي اسين پنهنجي مباحثي ۾ نج جو نالو ڏيون ٿا. تنهنڪري چئبو ته سڀني سچين شين جي ڄاڻ اسان کي ڄمڻ کان اڳ ۾ پوي ٿي.
ائين ئي آهي.
۽ اسين سدائين هن علم سوڌا پيدا ٿيندا هونداسون ۽ اسين سدائين انهيءَ علم کي حياتيءَ جي عرصي ۾ پاڻ وٽ قابو رکندا هونداسون، نه ته چئبو ته انهيءَ علم کي حاصل ڪرڻ بعد هر ڀيري انهيءَ کي وساريون ٿا. ڇو ته معلوم ڪرڻ جي معنيَ آهي علم حاصل ڪرڻ ۽ انهيءَ کي قابو رکڻ ۽ انهيءَ کي نه وڃائڻ، سمئس، وسارڻ جي معنيَ علم وڃائڻ نه آهي.
هن چيو ته، سقراط، هائو ائين برابر آهي.
پر، آءُ ڀانيان ٿو ته، جيڪڏهين ائين آهي ته اسين ڄمڻ وقت اهو علم وڃايون ٿا، جيڪو اسان ڄمڻ کان اڳ حاصل ڪيو هو، ۽ پوءِ وري مظهر شين تي پنهنجن حواسن کي ڪم لائڻ سان اڳوڻو علم وري هٿ ڪريون ٿا، ته چئبو ته جنهن ڳالهه اسين سکڻ سڏيون ٿا، سو آهي اڳوڻو علم وري حاصل ڪرڻ. اسين انهيءَ کي يادگيري سڏيون ته صحيح ڪين آهي؟
تحقيق.ڇو ته اسان ڏٺو آهي ته ڏسڻ يا ٻڌڻ يا ڪنهن ٻئي حواس جي وسيلي ڪا ڳالهه معلوم ڪري سگهجي ٿي ۽ پوءِ انهيءَ تان ڪنهن ٻيءَ شيءِ جو خيال دل ۾ اچي سگهي ٿو، جا انهيءَ جهڙي هجي يا ڪنهن ٻئي قسم جي هجي، جا وسري وئي هجي؛ پر هن شيءِ سان لاڳاپو هجيس. تنهنڪري آءُ چوان ٿو ته هنن ٻن ڳالهين مان هڪ ضرور صحيح هوندي: يا ته اسين هن علم سوڌا پيدا ٿيون ٿا ۽ انهيءَ کي ساري عمر قابو رکون ٿا، يا ته ڄمڻ بعد جن بابت اسين چئون ٿا ته، سکن ٿا، سي رڳو ياد ڪن ٿا، ۽ اسان جو علم فقط يادگيري آهي.
سقراط، هائو، ائين بلڪل صحيح آهي.

21

تڏهن، سمئس، تون ڪهڙيءَ ڳالهه کي پسند ٿو ڪرين؟ اسين علم سوڌا پيدا ٿا ٿيون، يا انهن شين کي ياد ٿا ڪريون جن بابت ڄم کان اڳ اسان کي علم حاصل ٿيل هو؟
سقراط، هن وقت آءُ چئي نٿو سگهان.
چڱو هن سوال بابت تنهنجو ڪهڙو رايو آهي ته جو ماڻهو ڪجهه ڄاڻي ٿو سو جيڪي ڄاڻي ٿو، تنهنجو احوال ڏئي سگهي ٿو يا نه؟ هائو، سقراط، هو ضرور ڏئي سگهي ٿو.
۽ تون چئي سگهندين ته جن تصورن نسبت اسين ذڪر ڪندا رهيا آهيون، تن بابت هو هر احوال ڏئي سگهي ٿو؟
سمئس چيو ته، آءُ گهڻو چاهيان ٿو ته، جيڪر اءُ ائين چئي سگهان، پر مون کي وڏو انديشو آهي ته سڀاڻي هن وقت تائين ڪوبه اهڙو انسان حيات نه هوندو، جو اهو احوال جيئن ڏيڻ گهرجي تيئن ڏئي سگهي.
هن چيو ته، تڏهين، سمئس، تون نٿو ڀائين ته ڪو سڀني ماڻهن کي انهن ڳالهين جي خبر آهي.
بلڪل نه.
تڏهن هو ياد ڪن ٿا، جيڪي هو ڪنهن وقت سکيا هئا؟
ضرور ائين آهي.
۽ اسان جي روحن کي ڪڏهين اهو علم حاصل ٿيو؟ انسان ٿي پيدا ٿيڻ کان پوءِ ته ائين نه ٿيو هوندو.
نه، بلڪل نه.
تڏهين ائين اڳ ۾ ٿيو هوندو؟
هائو.
تڏهين، سمئس اسان جا روح اڳئي، جسمن کان جدا، حيات هئا ۽ انسانن جي صورت ۾ اچڻ کان اڳ هنن وٽ هوش موجود هو.
يا ته، سقراط، هي علم اسان کي ڄمڻ وقت ملي ٿو. اهو وقت اڃا ليکڻو آهي.
تڏهن، منهنجا دوست، ڪهڙي ٻئي وقت اسين اهوعلم وڃايون ٿا؟ اسان اڃا هينئر قبول ڪيو آهي ته اسين انهيءَ سميت نٿا ڄمون. ڇا اسين انهيءَ علم کي ان ساڳيءَ وقت وڃايون ٿا، جنهن وقت انهيءَ کي حاصل ٿا ڪريون؟ يا تون ڪو ٻيو وقت ڏئي سگهندين؟
سقراط، آءُ ائين ڪري ڪين سگهندس. مون خيال ڪونه ڪيو ته ڪو آءُ غلط پيو ڳالهايان.

22

هن چيو ته، سمئس، تڏهن هيءَ ڳالهه سچي ڪين آهي؟ جيڪڏهن، جيئن اسين سدائين چوندا رهيا آهيون ته، حسن، چڱائي ۽ ٻيا تصور سچ پچ زنده آهن، ۽ جيڪڏهن اسين سڀئي شيون، جيڪي حواسن سان معلوم ڪريون ٿا، انهن تصورن ڏانهن رجوع ڪريون ٿا جي اڳي اسان جا هئا، ۽ جن کي اڃان به اسين معلوم ڪريون ٿا ته اسان جا آهن، ۽ حواسن سان معلوم ٿيندڙ شين کي انهن سان ڀيٽيون ٿا، تڏهن، جيئن اهي حيات آهي تيئن اسان جا روح به اسان جي ڄمڻ کان اڳ موجود هوندا. پر جيڪڏهن اهي حيات نه آهن ته پوءِ اسان جو مباحثو اجايوٿيو. ائين اهي يا نه جيڪڏهين اهي تصور زنده آهن ته يڪدم ثابت ٿئي ٿو ته اسان جا روح به اسان جي ڄمڻ کان اڳ موجود هوندا، ۽ جيڪڏهن اهي حيات نه آهن ته پوءِ اسان جا روح به موجود نه رهيا آهن؟
سمئس چيو ته، سقراط، ڪهڙي نه سهڻي نموني هيءَ ڳالهه وڌي ٿي. آءُ سمجهان ٿو ته جهڙي ضرورت هڪ لاءِ آهي تهڙي ٻيءَ لاءِ به آهي. اسان جي ڄمڻ کان اڳ اسان جي روحن جي موجودگي ۽ انهن تصورن جي زندگي، جن بابت تو ذڪر ڪيو، انهن ٻنهي جي ثابتيءَ ۾ مباحثو هڪ سلامتي واري هنڌ تي رسيو آيه. منهنجي ليکي حسن، چڱائي ۽ ٻيا تصور جن بابت تو هينئر ذڪر ڪيو، تن کي تحقيق بلڪل سچي پچي زندگي آهي. تنهنجو دليل مون لاءِ بلڪل ڪافي آهي.
سقراط چيو، پر ڪيبيز جو به ته خيال رکڻو آهي. مون کي ڪيبيز کي به ضرور خاطري ڏيارڻي آهي.
سمئس چيو ته، آءُ ڀانيان ٿو ته هن کي به خاطري ٿي وئي آهي، جيتوڻيڪ مباحثي ۾هو سڀني ماڻهن کان وڌيڪ شڪي آهي، پر آءُ سمجهان ٿو ته هن کي بلڪل پڪ ٿي وئي آهي ته اسان جي ڄمڻ کان اڳ اسان جا روح حيات هئا.

23

هن وڌيڪ چيو ته، پر، سقراط، آءُ پاڻ نٿو ڀانيان ته ڪو تو ثابت ڪيو آهي ته اسان جي مري وڃڻ کان پوءِ روح حيات رهندو. عام خطرو جنهن بابت ڪيبيز ذڪر ڪيو ته مرڻ وقت شايد روح برباد ٿي وڃي ٿو ۽ موت شايد هن جي حياتي پڄاڻي آهي، اهو مسئلو اڃا درپيش آهي. کڻي قبول ڪجي ته روح ڪن ٻين عنصرن مان ٺهيل يا پيدا ٿيل آهي، ۽ انسان جسم ۾ پوڻ کان اڳ حيات رهيو آهي، تنهن هوندي به بدن ۾ پوڻ بعد جڏهن هن کي ان هنڌان رهائي ملي ٿي، تڏهن ڇو نه هن جي پڄاڻي ٿيڻ کپي ۽ ڇو نه هو نابود ٿيڻ گهرجي؟
ڪيبيز چيو ته، سمئس، تون صحيح آهين. آءُ ڀانيان ٿو ته گهربل دليل جو فقط اڌ ملي رهيو آهي. ڏيکاريو ويو آهي ته اسان جي ڄمڻ کان اڳ اسان جا روح حيات هئا، پر جيڪڏهين دليل پورو ڏيڻو آهي ته، ضرور ظاهر ڪرڻ کپي ته اسان جي مرڻ پڄاڻان به اسان جا روح ائين حيات رهندا، جيئن هو اسان جي ڄمڻ کان اڳ حيات هئا.
سقراط چيو ته، سمئس ۽ ڪيبيز، اهو ته اڳيئي ڏيکاريو ويو آهي، جيڪڏهن اوهين هن مباحثي کي پنهنجي اڳينءَ آخري ڳالهه سان ملائيندو، ته هر حياتي موت مان پيدا ٿي آهي. ڇو ته جيڪڏهين روح اڳ ڪنهن به نموني ۾ حيات آهي، ۽ جيڪڏهن جڏهن هو جسماني حياتي ۾ اچي ٿو ۽ ڄمي ٿو، ته ضرور هو موت مان پيدا ٿيو هوندو، ته پوءِ موت جي حالت ۾ پڻ موت کان پوءِ به ڇو نه حيات رهي، جنهن صورت ۾ هن کي وري پيدا ٿيڻو آهي؟ تنهن ڪري جنهن نقطي بابت تون چوين ٿو سو اڳيئي ثابت ڪيو ويو آهي.

24

تنهن هوندي به آءُ ڀانيان ٿو ته تون ۽ سمئس خوش ٿيندوء ته هن سوال تي بحث ڪجي. ٻارن وانگر اوهان کي ڊپ ٿو ٿئي ته جڏهين روح جسم کي ڇڏيندو، تڏهن هوا هن کي اڏائي انتشار ڪري ڇڏيندي، خاص ڪري جيڪڏهن ڪو ماڻهو طوفان ۾ مرندو ۽ نه سانت ۾.
ڪيبيز کلي ڏنو ۽ چيائين ته، سقراط، ڪوشش ڪري اسان کي پڪ ڏيار ڄڻ ته اسان کي خطرو آهي. بهتر ائين ٿيندو ته تون اهو نه ڄاڻ ته ڪو اسين پاڻ ٿا ڊڄون؛ پر شايد اسان جي اندر ۾ ڪو ٻار ويٺو آهي، جنهن کي اهي خطرا لاحق آهن. اچ ته ڪوشش ڪري هن کي انهيءَ ڳالهه تي آڻيون ته موت لاءِ خوف رکڻ نه کپي ۽ نه اهو سمجهڻ گهرجي ته موت هيبناڪ شيءِ آهي.
سقراط چيو ته، اوهان کي انهيءَ ٻار تي هر روز جادوءَ ٽوڻو ڪرڻو پوندو، ايستائين جيستائين ان ٻار کي ريهي ريبي من مان ڪڍي ڇڏيو.
هن چيو ته، سقراط، هاڻي جڏهين تون اسان کي ڇڏي ٿو وڃين ته، پوءِ اسين اهڙو جادوگر ڪٿان آڻينداسون.
هن جواب ڏنو ته، ڪيبيز، يونان وڏو ملڪ آهي ۽ هن ۾ اوهان کي ڪي چڱا ماڻهو ضرور لڀي پوندا، بلڪ اجنبي ماڻهن جون به ڪيتريون ئي قومون آهن. اوهان کي کپي ته خرچ ۽ تڪليف جو سانگو نه ڪريو ۽ انهن سڀني ۾ اهڙي جادوگر جي تلاش ڪريو، ڇو ته اهڙي ٻي ڪابه شيءِ نه آهي جنهن تي خرچ سجايو ٿيندو. اوهين پاڻ ۾ پڻ هن لاءِ ڳولا ڪريو، ڇو ته اوهان کي پاڻ کان وڌيڪ ڪو ٻيو جادوگر ملي نه سگهندو.
ڪيبيز چيو ته، اسين ائين ڪنداسون. پر هاڻي، جيڪڏهن تنهنجي مرضي هجي ته ڳالهه کي اتان کان اڳتي کڻون جنهن جاءِ تي انهيءَ کي ڇڏيو اٿئون.
هائو، منهنجي بلڪل اها ئي مرضي آهي؟
ڪيبيز ورندي ڏني، پوءِ ڏاڍو چڱو.

25

سقراط چيو ته، چڱو، اسان کي هي سوال پاڻ کان به ڇو نه پڇڻ کپي ته، ڪهڙي شيءِ انتشار ٿيڻ جهڙي آهي ۽ ڪهڙي قسم جي شيءِ لاءِ انتشار ٿيڻ جو خطرو رکڻ کپي؟ پوءِ اسان کي ڏسڻ کپي ته روح اهڙي قسم جي شيءِ آهي به يا نه، ۽ انهيءَ موجب اسان کي پنهجن روحن لاءِ دلجاءِ ڪرڻ گهرجي يا ڪو خوف ۽ وسوسو رکڻ کپي.
هن جواب ڏنو ته، ائين برابر آهي.
هاڻي ائين ڪين آهي ته گڏيل ۽ مرڪب شيءِ ضرور ائين انتشار ٿيندي، جهڙيءَ طرح هن جنم ورتو هوندو؟ ۽ ائين نه آهي ته جيڪڏهن ڪا شيءِ انتشار نه ٿيندي ته اها ضرور اها هوندي جيڪا مرڪب نه هوندي؟
ڪيبيز چيو ته، آءُ ڀانيان ٿو ته ڳالهه ائين ئي آهي.
۽ ائين نه آهي ته، جيڪا شيءِ سدائين ساڳي حالت ۾ رهي ٿي ۽ ڦري گهري نٿي سائي گهڻو ڪري مرڪب نه هوندي، ۽ جيڪا سدائين ڦري گهري ٿي ۽ ڪڏهين به ساڳي حالت ۾ نٿي رهي، سا ئي مرڪب هوندي؟
هائو، آءُ ائين ٿو ڀانيان.
هن چيو ته، هاڻي اچ ته وري انهيءَ ڳالهه کي وٺون، جنهن جو اڳ مباحثي ۾ ذڪر ڪيوسون پئي. اها شيءِ، جنهن کي اسين ٻولي ۾ مطلق هستي سڏيون ٿا، سا سدائين بلڪل ساڳي حالت ۾ رهي ٿي، يا ڦري گهري ٿي؟ مطلق برابري، مطلق سونهن ۽ ٻيءَ سڀ ڪنهن مطلق هستيءَ ۾ ڦير گهير ٿي سگهي ٿي؟ يا مطلق هستي سڀ ڪنهن حالت ۾، پنهنجي جوهر موجب متفق هئڻ سبب، سدائين ساڳي ۽ اڻ مٽ رهي ٿي، ۽ هرگز ڪنهن به حالت ۾ هن ۾ ڪهڙي به قسم جي تبديلي ٿي نٿي سگهي؟
ڪيبيز چيو ته، سقراط، هوءَ ضرور ساڳي ۽ اڻ مٽ رهندي.
۽ هيتريون سهڻيون شيون، جيئن ته انسان، گهوڙا، پوشاڪون، ۽ ٻيون اهڙيون شيون، ۽ اهي سڀئي جي خيالي نالن سان سڏجن ٿيون، جيئن ته حسن، يا ٻيون شيون، انهن کي ڇا ٿو سمجهين؟ اهي ساڳي حالت ۾ رهن ٿيون، يا انهن جو حال انهيءَ جي بلڪل ابتڙ آهي؟ مطلب ته اهي ڪڏهن به پنهنجي پاڻ ۾ يا پنهنجن لاڳاپن ۾ ساڳي حالت ۾ نٿيون رهن ڇا؟
ڪيبيز چيو ته، اهي شيون ڪڏهن به ساڳي حالت ۾ نٿيون رهن.
انهن شين کي اوهين ڇهي سگهو ٿا، ڏسي سگهو ٿا ۽ ٻين حواسن سان جانچي سگهو ٿا، پر اڻ مٽ يا تاحيات شين کي اوهين فقط ضمير جي دليلن سان سمجهي سگهو ٿا. اهي پويون شيون ڳجهه آهن ۽ ڏسڻ ۾ نٿيون اچن.
ائين ڪين آهي؟
هن چيو ته، ائين برابر آهي.

26

هن چيو ته، هاڻي جي تنهنجي راءِ هجي ته کڻي اهو سمجهون ته هستيءَ جا ٻه قسم آهن، هڪ ظاهر ۽ ٻيو باطن يا ڳجهه.
هن چيو ته، هائو.
۽ ڳجهه اڻ مٽ آهي، ۽ ظاهر سدائين ڦرندڙ گهرندڙ آهي.
هن وري به چيو ته، هائو.
۽ اسين انسان، جسم ۽ روح جا ٺهيل آهيون؟
هن جواب ڏنو ته، بلڪل ائين آهي.
۽ جسم، هستيءَ جي ٻنهي قسمن مان ڪهڙي قسم سان مشابهت ۽ لاڳاپو ٿو رکي؟
هن جواب ڏنو ته، بلڪل صاف آهي ته ظاهر سان.
۽ روح، اهو ظاهر آهي يا ڳجهه؟
هن چيو ته، سقراط، روح ماڻهوءَ لاءِ ڳجهه آهي.
پر ظاهر ۽ ڳجهه جي معنيَ آهي، ظاهر ۽ ڳجهه فقط ماڻهوءَ لاءِ. ائين آهي يا نه؟
هائو، اها ئي معنيَ آهي.
تڏهن ڀلا اسين روح کي ڇا ڪري ٿا ليکيون؟ ڇا اهو ظاهر آهي؟
اهو ظاهر نه آهي.
تڏهن اهو ڳجهه آهي؟
هائو.
تڏهن روح ڳجهه جهڙو آهي، ۽ بدن ظاهر جهڙو آهي.
ضرور ائين ئي آهي. سقراط.

27

اسان ائين به ڪين چيو آهي ته، جڏهين روح، جسم کي ڪنهن به ڳولا/ جانچ ۾ ڪتب آڻي ٿو، ۽ ڏسڻ جي قوت کي، يا ٻڌڻ جي قوت کي، يا ڪنهن ٻئي حواس کي ڪم آڻي ٿو، ڇو ته جسم جي وسيلي جانچ جي معنيَ آهي حواسن جي واهر سان جانچ. تڏهن روح، جسم جي ڪري گهلجي اهڙين شين ڏانهن وڃي ٿو جي ڪهن به ساڳيون نٿيون رهن، ۽ هو انڌن وانگر ڀٽڪندو وتي ٿو، ۽ اهڙين شين سان رغبت ۾ اچڻ ڪري جي سدائين پيون ڦرن گهرن، هو شرابين وانگر منجهيل ۽ موڳو ٿي پوي ٿو؟
تحقيق.
پر جڏهن هو ڪنهن به سوال جي پنهنجي سر جانچ ڪري ٿو، تڏهن هو سڌو پاڪ، ۽ سدا حيات، ۽ اڻ مٽ شين ڏانهن وڃي ٿو، جنهن سان هو مشابهت رکي ٿو، ۽ اهڙي طرح سان جڏهن به هو اڪيلو ٿئي ٿو ۽ ائين ٿي سگهي ٿو، تڏهن هو انهن سان گڏ رهي ٿو جي اڻ مٽ آهن. پوءِ هو ڀٽڪڻ کان آجو ٿئي ٿو ۽ بنان ڦيرگهير جي هن سان گڏ رهي ٿو، ڇو ته هن جو واهپو انهيءَ سان ٿئي ٿو جو اڻ مٽ آهي ائين آهي يا نه؟ ڇا روح جي هن حالت کي اسان معرفت ڪين سڏيندا آهيون؟
هن ورندي ڏني ته، تحقيق، سقراط، تون سچ ۽ سهڻو ٿو ٻولين.
اسان جي اڳئين ۽ هاڻوڪي بحث کان پوءِ تون ڇا ٿو سمجهين ته، هستيءَ جي ڪهڙي قسم سان روح وڌيڪ مشابهت ۽ لاڳاپو رکي ٿو؟
هن جواب ڏنو ته، سقراط، آءُ ڀانيان ٿو ته، هن تشريح کان پوءِ سخت احمق به قبول ڪندو ته روح ڦرندڙ گهرندڙ بجاءِ اڻ مٽ مشابهت ٿو رکي، يعني جيڪو تبديل نٿو ٿئي يا ختم نٿو ٿئي.
۽ جسم؟
اهو آهي ڦرندڙ گهرندڙ وانگر.

28

هن ڳالهه تي اڃا به ٻيءَ طرح تصور ڪر. جڏهن روح ۽ بدن ملايا وڃن ٿا، تڏهن قدر اهڙو سٽاءُ سٽي ٿي ته هڪڙو غلام ٿئي ۽ مٿس حڪم هلايو وڃي، ۽ ٻيو مالڪ ٿئي ۽ حڪم هلائي. مونکي هڪڙو ڀيرو وري ٻڌاءِ ته تون ڪهڙي کي مقدس وانگر ليکين ٿو، ۽ ڪهڙي کي فانيءَ وانگر؟ ڇا تون ائين نٿو ڀائين ته مقدس پنهنجي جوهر سبب حڪم هلائي ٿو ۽ اختيار اٿس، ۽ فاني پنهنجي اصل موجب حڪم هيٺ رهي ٿو ۽ غلام آهي؟
آءُ ائين ئي ٿو ڀانيان.
تڏهن ڀلا روح ڪنهن وانگر آهي؟
سقراط، اها ڳالهه ته پڌري پئي آهي- روح آهي مقدس وانگر، ۽ بدن آهي فانيءَ وانگر.
ڪيبيز، هاڻي مون کي ٻڌاءِ ته، جيڪي اسين چئي چڪا آهيون تنهنجو نتيجو آهي ته، روح بلڪل مقدس، ۽ سدا حيات، ۽ مقبول، ۽ متفق ۽ بي منتشر، ۽ اڻ مٽ وانگر آهي؛ ۽ بدن بلڪل خاڪي، فاني، رنگا رنگي ۽ تبديل ٿيندڙ ۽ مٽجندڙ وانگر آهي؟ منهنجا پيارا ڪيبيز، آهي ڪو اسان وٽ ٻيو دليل جو ثابت ڪري ته ائين نه آهي؟
ها، اسان وٽ ڪونهي.

29

تڏهن جيڪر ائين آهي ته پوءِ بدن پنهنجي فطرت موجب جلد ڊهڻو ڪين آهي، ۽ روح پنهنجي فطرت جي ڪري ناس ٿيڻ کان بلڪل يا ذري گهٽ ڇٽل ڪين آهي؟
تحقيق.
هن چيو: تو ڏٺو آهي ته، جڏهن ماڻهو مري وڃي ٿو، تڏهن هن جو ظاهري حصو، يعني بدن، جيڪو ظاهري دنيا ۾ رهي ٿو، ۽جنهن کي اسين لاش ٿا سڏيون، ۽ جو ڊهڻو ۽ ختم ٿيڻو آهي، سو يڪدم نٿو ڊهي ۽ ختم ٿئي؟ جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڦوهه جوانيءَ ۾ ۽ بدن جي سگهائيءَ واري حالت ۾ مري ٿو ته، هن جو لاش چڱي وقت تائين اهڙو ئي اهڙو رهي ٿو. ۽ جيڪڏهن هن کي، مصر جي ممين وانگر، دوائن ۾ وهنجاريو وڃي ٿو ته، پوءِ ته هو بيحد گهڻي وقت تائين سلامت رهي سگهي ٿو. ۽ جيڪڏهن هو کڻي تباهه ٿئي، تڏهن به سندس ڪي حصا، جيئن ته هڏا ۽ رڳون سدا سلامت ٿا رهن. ائين آهي يا نه؟
هائو.
۽ اسين اعتبار ڪري سگهنداسون ته روح، جو سراسر ڳجهه آهي، ۽ جو هتان اهڙي جاءِ ڏي ٿو وڃي جا سندس جهڙي جليل، ۽ پاڪ، ۽ ڳجهي آهي، يعني بهشت، جنهن کي صحيح طرح ٻي دنيا سڏيو ٿو وڃي. جتي هو وڃي نيڪ ۽ سياڻي خدا سان ٿو رهي. جيڪڏهن خدا جي مرضي هوندي ته، منهنجو روح به سگهو ئي ان هنڌ ويندو. اسين اعتبار ڪري سگهنداسون ته روح، جنهن جي ذات هئڙي جليل، پاڪ، ۽ ڳجهي آهي، تنهن کي، عام ماڻهن جي چوڻ موجب، هوائون اڏائي ڇڏينديون ۽ هو اڃا بدن ڇڏيندو ئي مس ته ناس ٿي ويندو؟ نه، پيارا ڪيبيز ۽ سئمس، ائين نه آهي. آءُ اوهان کي ٻڌائيندس ته ڇا ٿو ٿئي اهڙي روح کي، جو هن دنيا کي ڇڏڻ وقت پاڪ آهي، ۽ جنهن دنيوي حياتي ۾ جيترو ٿي سگهيو اٿس، تيترو بدن سان گهٽ واهپو رکيو آهي، ۽ اهڙيءَ طرح بدن کان ڌار ٿيڻ وقت پڻ بدن جو ڪم روڳ پاڻ سان نه کنيو اٿس، ۽ سدائين اهڙي اڀياس ۾ محو رهيو آهي؛ انهيءَ جي معنيَ آهي ته هن سياڻپ سان ئي سچي محبت رکي آهي ۽ بدن جي موت لاءِ پورو بندوست ڪيو اٿس. ڀلا ان کي موت لاءِ بهتر بندوبست نه چئجي ته ٻيو ڇا چئجي؟
هائو، تحقيق.
تڏهن اهو روح جو هن حالت ۾ آهي سو ان هنڌ ڪين ٿو وڃي، جو هنڌ سندس وانگر ڳجهه آهي، ۽ مقدس، اڻ مٽ، ۽ معقول آهي. اتي جتي هو خطائن کان آزاد رهي ٿو، ۽ بيوقوفي، خطري، خوفناڪ خواهشن کان ۽ ٻين سڀني تڪليفن کان پڻ آجو رهي ٿو، جي انسانن جي سر تي نازل ٿين ٿيون، ۽ اتي هو خوش ٿو گذاري، ۽ ايندڙ وقت لاءِ خدائن سان ٿو رهي، ائين جيئن چوندا آهن ته نيڪوڪار رهندا آهن؟ ڪيبيز، اسين ائين چئي سگهون ٿا يا نه؟
ڪيبيز چيو ته، هائو، بيشڪ.

30

پر جڏهن هو بدن ڇڏي ٿو ته خراب ۽ ناپاڪ آهي، ڇو ته سدائين هن سان صحبت رکي اٿس، ۽ هن جي خدمت ڪئي اٿس، ۽ هن سان محبت رکي اٿس، ۽ هن جي ڪري ۽ هن جي خواهشن ۽ لذتن جي ڪري روڳي ٿي پيو آهي، ۽ تنهنڪري ڪنهن به شيءِ کي سچو نٿو سمجهي، پر فقط انهن شين کي سچو ٿو سمجهي جيڪي جسماني آهن، ۽ ڇهي سگهجن ٿيون، ۽ ڏسي سگهجن ٿيون، ۽ کائي سگهجن ٿيون، ۽ پي سگهجن ٿيون، ۽ ماڻهن جي نفساني هوسن لاءِ ڪم اچي سگهن ٿيون؛ ۽ جيڪڏهن هو انهن شين کي دڪارڻ سکيو آهي، ۽ انهن کان ڇرڪڻ يا انهن کان ڀڄڻ سکيو آهي، جيڪي اک کان اوجهل ۽ ڳجهيون آهن، ۽ فيلسوفي جي رستي ئي معلوم ڪيون ۽ سمجهيون وڃن ٿيون؛ ته پوءِ تون ڀائين ٿو ته اهڙو روح هن دنيا مان موڪلائڻ وقت پاڪ ۽ روڳ بنا هوندو؟
هن ورندي ڏني ته، تحقيق، نه.
آءُ ڀانيان ٿو ته بدن جي اڻ کٽندڙ صحبت، سنگت ۽ سنڀال جي ڪري هن ۾ جسماني جذو پيهي وڃي ٿو ۽ هن جي فطرت جو لازمي حصو ٿي پوي ٿو.
هائو.
۽ منهنجا پيارا دوست، جسماني جذو سخت، ڳرو، خاڪي ۽ آشڪار آهي؛ ۽ انهي جي ئي ڪري اهڙو روح بار هيٺ اچي وڃي ٿو ۽ ظاهري دنيا ڏانهن وري گهلجي ٿو اچي، ڇو ته هو بهشت واري ڳجهي دنيا کان ڊڄي ٿو، ۽ چون ٿا ته، قبرن ۽ قبن مٿان پيو ٿو ڦري، جتي روحن جون خيالي شڪليون ڏٺيون ويون آهن، اهي انهن روحن جا پاڇا آهن جي بدن کان الڳ ٿيڻ وقت ناپاڪ هئا ۽ اڃا آشڪار شين کي چنبڙيل آهن، ۽ اهوئي سبب آهي هنن جي اڃا ڏسڻ ۾ اچڻ جو.
سقراط، گهڻو ڪري ائين ئي هوندو.
ڪيبيز، بلڪل ائين آهي. ۽ اهي چڱن يا نيڪوڪار انسانن جا روح نه آهن، پر بدڪار ماڻهن جا روح آهن، جن کي بدڪارين جي ڀنور ۾ حياتي گذارڻ سبب سزا طور اهڙين جاين ۾ رلڻو ٿو پوي، ۽ هنن جي سرگرداني هلندي ٿي رهي، انهن جسماني شين لاءِ خواهشن جي ڪري، جا هنن ۾ اٽڪي پئي آهي، ۽ پوءِ انهن خواهشن جي حاصلات لاءِ نيٺ هو وري ڪنهن بدن ۾ گرفتار ٿا ٿين.

31

هو چوندو رهيو ته، هو گهڻو ڪري اهڙن جانورن جي جسمن ۾ گرفتار ٿين ٿا، جن جون عادتون اهڙيون آهن جهڙيو سندن حياتيءَ جي عرصي دوران هيون.
سقراط، ائين چوڻ مان تنهنجو مطلب ڇا آهي؟
آءُ چوان ٿو ته، جن ماڻهن هوس پرستي، عيش عشرت، ۽ شراب خوري اختيار ڪئي، ته انهن جا روح گڏهن ۽ ٻين اهڙن جانورن جي جسمن ۾ گهڙين ٿا. تون نٿو ڀائين ته ائين آهي؟
برابر، گهڻو ڪري ائين ئي هوندو.
۽ جن بي انصافي، ظلم ۽ ڦرلٽ اختيار ڪيو، سي بگهڙن، بازن ۽ سرڻن جي جسمن ۾ وڃن ٿا، ڀلا اهڙا رو ٻيو ويندا به ڪيڏانهن.
ڪيبيز چيو ته، بنان شڪ جي هو اهڙن جانورن ۽ پکين ۾ وڃن ٿا.
هن چيو: قصو ڪوتاهه ته، بلڪل صاف آهي ته، هر ڪو روح پنهنجي جسم جي عمل نسبت ڪنهن پاسي وڃي ٿو؛ يعني هر ڪو روح اهڙي جانور جي جسم ۾ گهڙي ٿو جنهن جون عادتون سندن جهڙيون آهن.
هن جواب ڏنو ته، تحقيق ائين ئي آهي.
هن چيو ته، ۽ انهن مان جيڪي سڀني کان سکيا آهن، ۽ سڀ کان گهڻي جاءِ ڏي وڃن ٿا، سي اهي آهن جن جون عوام دوست ۽ محبوباڻيون خصلتون اختيار ڪيل آهن، جن خصلتن کي پرهيزگاري ۽ انصاف سڏيندا آهن ۽ جي فيلسوفيءَ ۽ منطق کان سواءِ عادت ۽ استعمال جي وسيلي هٿ ايندا آهن.
ڀلا ڇو اهي سڀ کان سکيا آهن؟
ڇو ته هو وري پاڻ جهڙيءَ نرم ۽ محبوباڻيءَ فطرت ۾ موٽي ايندا آهن، جيئن ته مکين، پوپٽن ۽ ماڪوڙين جهڙين سڀاءَ ۾؛ يا نه ائين هوندو ته، هو وري انسانن جي جسمن ۾ موٽي ايندا، جن مان جڙن ٿا نهايت اشراف ماڻهو.
گهڻو ڪري ائين ئي هوندو.

32

خدائن جي قبيلي ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت فقط فيلسوف يا علم جي عاشق کي آهي، جو هتان وڃڻ وقت بلڪل پاڪ آهي، ۽ تنهنڪري منهنجا دوستو، سمئس ۽ ڪيبيز، سچو فيلسوف سدائين پرهيزگار ٿي رهي ٿو، ۽ بدن جي سڀني خواهشن کان دور گذاري ٿو، ۽ پاڻ کي خواهشن جي هٿ ۾ نٿو ڏئي ڇڏي. هو عام ماڻهن ۽ زر پرستن وانگر پنهنجي مال ۽ ملڪيت کي خرچ ڪرڻ کان نٿو ڊڄي؛ نڪي هو عزت ۽ اختيار جي صاحبن وانگر بدڪاريءَ جي ڪري بدنامي ۽ بي عزتي کان ڪو کائي پرهيزگاري اختيار ڪري ٿو.
ڪيبيز چيو ته، سقراط، اها هن جي گهٽتائي ليکبي جيڪڏهن هو انهن سببن جي ڪري ائين ڪري.
هن جواب ڏنو ته، تحقيق، اها هن لاءِ گهٽائي ٿيندي. ۽ تنهنڪري اهي سڀئي ماڻهو جن کي پنهنجي روحن جو ڪو خيال آهي، ۽ جيڪي پنهنجون حياتيون رڳو پنهنجي جسمن جي ٺاهڻ ۽ سينگارڻ تي صرف نٿا ڪن، سي اهڙن ماڻهن کان دور رهن ٿا، ۽ انهن جا رستا اختيار ڪين ٿا ڪن، ڇو ته هو سمجهن ٿا ته اهڙي عمل ڪرڻ وارا بي خبر آهن، ۽ کين خبر ڪانهي ته ڪهڙي واٽ پيا وڃن. پر فيلسوف اوڏانهن هلندا ويندا آهن جيڏانهن فيلسوفي کين نيندي آهي، ڇو ته هنن کي اعتماد آهي ته فيلسوفيءَ کي سامهون ٿيڻ نه کپي، ۽ نڪي انهيءَ جي هٿان جيڪو ڇوٽڪارو ۽ پاڪائي پلئه پوي، تنهنجي آڏو اچڻ کپي.
اهو ڪيئن، سقراط؟

33

هن جواب ڏنو ته، آءُ توکي ٻڌايان ٿو ته ڪيئن، جڏهن فيلسوفي روح کي رسي ٿي، تڏهن هو بدن سان بلڪل ٻڌل ۽ جڙيل آهي. هو (روح) ڪجهه به ازخود سمجهي نٿو سگهي، پر فقط ايتروئي معلوم ڪري ٿو، جيڪو ڪجهه وٽس سندس قيد خاني جي سيخن مان يعني بدن جي وسيلي اچي ٿو،مطلب ته هو بلڪل جهالت ۾ غرق آهي. فيلسوفي ڏسي ٿي ته هن گرفتاريءَ ۾ خوفناڪ ڳالهه هيءَ آهي ته اها هوس جي ڪري ٿئي ٿي، ۽ قيد ۾ ڦاٿل پنهنجي گرفتاري ۾ پاڻ رفيق آهي. آءُ ورائي چوان ٿو ته، علم جي عاشقن کي خبر آهي ته جڏهن روح اهڙيءَ حالت ۾ آهي تڏهن فيلسوفي هن کي سهارو ڏئي ٿي، ۽ هن کي نرمائي سان همتائي ٿي، ۽ هن کي سندس گرفتاري مان ڇڏائڻ جا جتن ڪري ٿي، ۽ هن کي ڏيکاري ٿي ته جيڪي اک سان ۽ ڪن سان ۽ ٻين حواسن سان معلوم ڪجي ٿو، سو بلڪل دولابي سان ڀريل آهي، ۽ هن کي نصيحت ڏئي ٿي ته حواسن کان الڳ گذارڻ گهرجي، ۽ انهن کي فقط ضرورت وقت ڪم آڻڻ گهرجي ۽ فيلسوفيءَ هن تي زور آڻي ٿي ته پنهنجو پاڻ ۾ خيال رکڻ کپي، ۽ آڌار پاڻ تي ئي ڌرڻ کپي، ۽ سچي هستيءَ تي جنهن جي پروڙ پاڻ مان پيدا ٿئي ٿي؛ ۽ قبول ڪرڻ گهرجي ته ڪابه شيءِ جنهن ۾ بدل ٿي سگهي ٿي، ۽ جيڪا ٻين طاقتن سان معلوم ڪري سگهجي ٿي، تنهن ۾ سچ نه لڀندو، ڇو ته اهڙيون شيون ظاهر ۽ پڌريون آهن، ۽ جيڪي هو پاڻ (يعني روح) ڏسي سگهي ٿو سو ڳُجههُ آهي ۽ منطق سان معلوم ٿئي ٿو. سچي فيلسوف جو روح سمجهي ٿو ته هن گرفتاريءَ مان رهائي کي آڏو اچڻ غلط آهي، ۽ تنهنڪري جيترو ٿي سگهيس ٿو هو اوترو لذت، خواهش، ڏک ۽ خوف کان الڳ گذاري ٿو، ڇو ته هو ڀائني ٿو ته جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي ڪا سخت لذت، يا خوف، يا ڏک يا خواهش اچي ٿي تڏهن، هن کي نه رڳو رواجي مصيبتون برداشت ڪرڻيون پون ٿيون؛ پر بيماري، يا ڪو ٻيو وڏو نقصان پڻ جيڪو خواهشن کي ڇڙواڳ ڇڏڻ سان ٿئي ٿو، بلڪهن کي سڀ کان سخت پوئين مصيبت جنهن جو هو خيال نٿو رکي سهڻي پوي ٿي.
ڪيبيز چيو ته، سقراط، تنهنجو مطلب ڇا آهي؟
منهنجي معنيَ آهي ته، جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جي روح کي سخت لذت يا روڳ لڳي ٿو، تڏهن هو لاچار ائين سمجهي ٿو ته انهن احساسن ۾ سمايل شيءِ، کڻي ڪهڙي به هجي، ته به ضرور بلڪل صاف ۽ سچي هوندي، جيتوڻيڪ ائين نه آهي. اهڙيون شيون گهڻو ڪري ظاهر ۽ چٽيون آهن، برابر؟
برابر.
۽ ائين ڪين آهي ته هن حالت ۾ روح بلڪل بدن جي گرفتاريءَ هيٺ آهي؟
اهو ڪين؟
ڇو ته سڀ ڪنهن لذت ۽ درد کي هڪڙي قسم جي ڪلي آهي جا هن کي بدن سان کپائي ۽ کوڙي رکي ٿي، ۽ هن کي جسماني سيرت ڏئي ٿي، ۽ هن کي ڀنڀلائي وجهي ٿي ته جيڪي به بدن چوي ٿو سو سچ آهي؛ ۽ تنهنڪري آءُ ڀانيان ٿو ته، بدن جهڙين خواهشن ۽ لذتن هئڻ سبب هو پاڻ، هن (بدن) جهڙا رستا ۽ حياتيءَ جا طور طريقا اختيار ڪري ٿو. جڏهن هو بدن ڇڏي ٿو تڏهن ضرور بدن جي صحبت ڪري خراب ٿيل آهي، ۽ ٻيءَ دنيا ۾ پهچڻ وقت پاڪ ۽ پوتر نه آهي؛ ۽ تنهنڪري هو جلد موٽي ٻئي جسم ۾ اچي ٿو، ۽ هن ۾ ائين پاڙ پويس ٿي جيئن ٻج پوکبو آهي. تنهنڪري هن جو مقدس، پاڪ ۽ منتشر ڪجهه به لاڳاپو نٿو ٿئي.
ڪيبيز چيو: سقراط، اها ڳالهه بلڪل برابر آهي.

34

ڪيبيز، تڏهن چئبو ته، انهن سببن جي ڪري ئي علم جا سچا عاشق پرهيزگار ۽ دلير ٿيندا آهن، ۽ نه ڪي دنيوي سببن جي ڪري. يا تون ٻيءَ طرح ٿو ڀائين؟
نه، بلڪل نه.
تحقيق نه، فيلسوف جو روح ائين سمجهي ٿو ته فيلسوفيءَ جو ڪم آهي کيس آزاد ڪرائڻ ۽ هو ڄاڻي ٿو ته کيس فرحت ۽ درد جي غلامي هيٺ وري اچڻ نه کپي، جنهن مان کيس فيلسوفي آزاد ڪري ٿي، ۽ پينيلوپ وانگر، هيڪر اڏي ڪري، وري انهيءَ کي ڊاهيندي نه رهجي، پر ڪاتاري وانگر پارچي کي اکيلڻ بدران انهيءَ کي ڪتيندو رهجي. هو انهن ڳالهين مان پاڻ لاءِ آرام حاصل ڪري ٿو، ۽ عقل پٺيان هلي ٿو ۽ سدائين انهيءَ ۾ رهي ٿو، ۽ انهن جي زور تي پلجندو رهي ٿو. هو ڀانئي ٿو ته اهڙيءَ طرح ئي کيس هيءَ حياتيءَ گهارڻ گهرجي. ۽ جڏهن فوت ٿيڻ جو وقت اچي ٿو تڏهن هن کي ڀروسو آهي ته هو اوڏانهن يا ن پار ويندو جيڪو سندس جهڙو ۽ سندس وانگر آهي، ۽ جتي هو انساني آزارن کان بلڪل آزاد رهندو. سمئس ۽ ڪيبيز، جيڪو روح اهڙيءَ طرح پليو ۽ سکيو آهي، سو روح، موت کان ڪڏهن به خوف ڪين کائيندو ۽ نه ئي وري کيس اهو الڪو رهندو ته ڪو هو بدن کان موڪلائڻ وقت هو ذريون ذريون ڪري چيريو ويندو يا هوائن جي هٿان اڏايو ويندو، ۽ ٻيءَ ڪنهن طرح ختم ٿي ويندو، ۽ حياتيءَ کان بلڪل پالهو ٿي ويندو.

35

انهن لفظن کان پوءِ وڏي خاموشي ڇانئجي ويئي. سقراط پاڻ پنهنجي مباحثي تي ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو، اسان مان به گهڻن جي ساڳي حالت ٿي ويئي. ڪيبيز ۽ سمئس ٿورو وقت پاڻ ۾ ڳالهايو. جڏهن سقراط جي هنن تي نظر پئي، تڏهن چيائين ته، ڇا اوهين ڀانيون ٿا ته اسان جو بحث اڃا پورو/ مڪمل نه آهي؟ جيڪڏهن هن کي چڱي طرح جاچبو ته هن ۾ اڃا گهڻائي نقطا ملي سگهندا جي شڪ اٿاريندا ته جن تي بحث ٿي سگهندو. جيڪڏهن اوهين ڪنهن ٻئي سوال تي غورٿا ڪريو ته پوءِ مون کي ڪجهه به چوڻو نه آهي. پر جيڪڏهن اوهان کي هن سوال بابت ڪا مشڪلات آهي ته مون کي ٻڌائڻ کان نه نٽايو، ۽ جيڪڏهن اوهان جي راءِ هجي ته مباحثي کي اڃان ڪنهن بهتر نموني ۾ اظهار ڪجي، ته هاڻ اوهان پنهنجا خيال بيان ڪريو؛ ۽ مون کي به پاڻ سان شامل راءِ ڪريو، جيڪڏهن ڀانيو ته منهنجي صحبت ۾ اوهين وڌيڪ ڪجهه حاصل ڪري وٺندو.
سمئس جواب ڏنو ته، چڱو ته، سقراط، آءُ توسان سچي ڳالهه ڪندس. اسان ٻنهي کي هڪڙي مونجهاري منجهائي وڌو آهي، ۽ اسين ٻئي هڪ ٻئي تي زور آڻي رهيا آهيون ته توکان هن بابت پڇون. توکي جيڪي چوڻو آهي تنهنجي ٻڌڻ لاءِ اسين بيچين آهيون؛ پر اسين توکي تڪليف ڏيڻ نٿا چاهيون، ڇو ته اسان کي ڊپ ٿو ٿئي ته متان هن وقت سوال پڇڻ توکي ناپسند لڳي.
هن جواب تي سقراط مشڪيو، ۽ چيائين ته، مار! سمئس، جيڪڏهن آءُ اوهان کي ئي يقين ڏياري نٿو سگهان ته، آءُ پنهنجي هن قسمت کي مصيبت نٿو ليکيان، پر اوهان کي اڃان به ڊپ ٿوٿئي ته متان آءُ هن وقت اڳئين کان وڌيڪ رنج ۽ الم ۾ هجان، ته پوءِ مون کي ٻين ماڻهن کي هن بابت پڪ ڏيارڻ مشڪل ٿيندو. اوهين ڀانيون ٿا ته آءُ هنجهن (هنجهه پکي) کان به گهٽ درويش آهيان، جي، جڏهن ڏسندا آهن ته مرڻ جو وقت آيو آهي، تڏهن پاڻ اڳ کان وڌيڪ زور سان ڳائيندا آهنم ڇو ته خوشي ٿيندي اٿن ته هاڻي خدا جي حضور ۾ وڃڻ وارا آهيون، جنهن جا خادم آهيون. اوهان کي سڌ هجڻ کپي ته، ماڻهن کي جيڪو موت نسبت خوف رهي ٿو، تنهن جي ڪري ئي هو منجهن نسبت غلط چوندا رهندا آهن ته، هو پنهنجو موت ڏسي رڙن ٿا، ۽ غم وچان زور سان ڳائين ٿا. هنن کان وسري وڃي ٿو ته ڪو به پکي، جڏهن هو بکايل آهي، يا ٿڌ لڳي اٿس، يا تڪليف واري حالت ۾ آهي، تڏهن ڳائي نٿو سگهي؛ تڪليف ڪري، نڪي ڪويل ڪوڪي ٿي، نڪي تتر تنواري ٿو، ماڻهن جي چوڻ موجب، پکي غم جي ڪري ڳائي سگهندا آهن، ليڪن منهنجو خيال آهي ته، نڪي اهي پکي، ۽ نه ئي وري هنجهه حسرت مان ڳائيندا آهن. مون کي اعتقاد آهي ته انهن پکين کي غيبي طاقت آهي، جنهنڪري هنن کي ٻيءَ دنيا جي عمدين شين جي اڳئين پروڙ پوي ٿي،ڇو ته هو اپالو خدا جا پکي آهن ۽ تنهنڪري هو پنهنجي مرڻ جي ڏينهن ايترو ڳائين ٿا ۽ خوشي ڪن ٿا، جهڙي پنهنجي حياتيءَ ۾ اڳي ڪڏهن به ڪانه ڪئي اٿن. آءُ ڀانيان ٿو ته آءُ پاڻ به هنجهن وانگر آهيان، ۽ ساڳي ئي خدا جي خدمت ۾ مقرر ٿيل آهيان، ۽ مون کي هنجهن وانگر پنهنجي مالڪ وٽان ڳجهي طاقت مليل آهي؛ ۽ آءُ هن حياتيءَ کي ڇڏڻ ۾ ارهو نه آهيان، تنهن ڪري منهنجي خفا ٿيڻ جو خوف نه ڪريو، ۽ پنهنجي مرضيءَ موجب ڀلي مون کان تيستائين سوال پڇندا رهو. جيستائين اٿينس واسين جا يارهن عملدار (قيدين تي نظر ڪندڙ) اوهان کي اجازت ڏين.
سمئس چيو ته، چڱو، آءُ توکي پنهنجي مشڪلات ڏسيندس، ۽ ڪيبيز توکي اهو ٻڌائيندو ته، ڇو هو تنهنجي گفتار تي راضي نه آهي. سقراط، آءُ ڀانيان ٿو، ۽ آءُ جيڪي چئي سگهان ٿو ته تون به ڀائيندو هوندين ته، هن حياتيءَ ۾ اهڙن مسئلن جي شناس بلڪل ڏکي ۽ شايد ٿيڻي ڳالهه آهي، تنهن هوندي به آءُ انهيءَ انسان کي بلڪل خسيس مخلوق سمجهندس جو جيڪي انهن مسئلن نسبت چيو وڃي ٿو تنهن کي هر طرح نٿو جاچي، ۽ ڪوشش ڪندو نٿو رهي، جيسين هو سوال بابت هر طرف کان جانچ ڪري نه سگهيو آهي. اسان تي فرض آهي ته هنن ٻن ڳالهين مان هڪڙي اختيار ڪريون: اسان کي هنن ڳالهين جي حقيقت سکڻ کپي، يا ته پنهنجي پاڻ ڳولا ڪرڻ کپي؛ يا جيڪڏهن ائين ڪرڻ ناممڪن آهي ته، اسان کي کپي ته انساني حڪمت جون سڀ کان عمديون ۽ مضبوط ڳالهيون قبول ڪريون، ۽ انهن جي تختي تي چڙهي حياتيءَ جي سفر جون سٽون سهون، جيڪڏهن اسان کي هن سفر ۾ وڌيڪ سلامتيءَ ۽ بچاءَ لاءِ ڪو ٻيو وڌيڪ طاقتور جهاز، ڪنهن غيبي الهام جهڙو، ملي نه سگهي ته.
۽ هاڻي، جيڪي تون چئي رهيو آهين تنهن کان پوءِ، مون کي توکان هڪڙي سوال پڇڻ ۾ شرم محسوس نه ٿيندو، ۽ پوءِ مون کي پاڻ کي ڏوهه ڏيڻو نه پوندو ته جيڪي مون کي خيال ۾ آيو سو مون نه چيو. ڪيبيز ۽ آءُ تنهنجي بحث تي تصور ڪري رهيا آهيون، ۽ اسين ڀانيون ٿا ته اهو ڪافي نه آهي.

36

سقراط چيو ته، منهنجا، دوست، آءُ چئي سگهان ٿو ته تون صحيح آهين. پر مون کي ٻڌاءِ ته، ڪٿي ۽ ڪهڙي هنڌ منهنجو بحث برابر/ ٺيڪ نه آهي؟
هن جواب ڏنو ته، منهنجي لاءِ اهو ڪافي نه آهي، ته اهو ساڳيو دليل هڪڙي سر، ۽ هڪڙي سرندي، ۽ سندس تارن لاءِ به ڏئي سگهبو، ائين چئي سگهبو ته هڪڙي وڄندڙ سرندي ۾ سر هڪڙي ڳجهي ۽ بي جسم، ۽ بلڪل سهڻي، ۽ مقدس شيءِ آهي، ۽ سرندو ۽ سندس تارون جسم واريون آهن، ۽ مرڪب ۽ خاڪي آهن، ۽ فاني شين جهڙيون آهن. هاڻ کڻي فرض ڪريو ته، جڏهن سرندو ڀڄي پوي ٿو ۽ تارون ڪپجي يا ڇڄي پون ٿيون، تڏهن ڪو ماڻهو، جيڪو تو دليل ڪم آندو آهي، تنهن ساڳئي تي کڻي زور ڏئي، ۽ چوي ته سر ڪڏهن به ناس نه ٿيو هوندو ۽ هو اڃان ضرور زنده هوندو، ڇو ته ائين ڪڏهن به نه هودنو ته سرندو ۽ تارون پنهنجي فاني فطرت هوندي به حيات رهن، جيتوڻيڪ اهي تارون ڀڄي پيون آهن، ۽ ”سر“ جو ساڳيئي نسل جو آهي جهڙوڪ مقدس ۽ لايموت شيون ۽ انهن وانگر ئي آهي سو ناس ٿي وڃي ۽ ناس به فاني سرندي کان اڳ ۾ ٿئي، هو چوندو ته سر پاڻ ضرور ڪنهن هنڌ اڃا حيات هوندو، ۽ جيسين ڪجهه هن کي ٿئي، تنهن کان اڳ ۾ ڪاٺ ۽ تارون چٽ ٿي وينديون ۽ آءُ ڀانيان ٿو ته، سقراط، توکي ضرور خبر هوندي ته جن عناصرن مان اسان جو جسم جڙيل آهي، تن جي ميلاپ ۽ جوڙ مان ئي گهڻو ڪري روح جنم ورتو آهي، جيئن ته گرمي ۽ سردي، سوڪ ۽ آلاڻ، ۽ ٻيا عنصر جڏهن پاڻ ۾ چڱي طرح ۽ پوري انداز ۾ ملايا وڃن ٿا ته روح جنم وٺي ٿو. هاڻي جيڪڏهن روح هڪڙو سر آهي ته ائين صاف آهي، ته، جڏهن جسم حد کان وڌيڪ سست ٿئي ٿو يا بيمار يا ٻين مصيبتن سبب وڌيڪ تڪليف هيٺ اچي ٿو، تڏهن روح جيتوڻيڪ سڀ کان وڌيڪ مقدس شيءِ، ضرور يڪدم ناس ٿيڻ کپي، جيئن ٻيون اهڙي فطرت رکندڙ شيون ٿين ٿيون، ۽ جيڪي هر هڪ جسم مان بچي سو ضرور ڳچ وقت تائين سلامت رهي، جيسين ڪ اهو سڙي سڪي وڃي يا خراب ٿي وڃي. تڏهن اسين اهڙي ماڻهوءَ کي ڇا چئي سگهنداسون، جو چوي ته روح جسم جي عناصرن جي ميلاپ مان جڙيو آهي، ۽ تنهنڪري پهريائين ناس ٿئي ٿو، يعني بلڪل انهيءَ وقت جنهن کي موت سڏجي ٿو؟

37

سقراط، اسان کي گهوري ڏٺو، جيئن هو اڪثر ڪري ڏسندو هو، ۽ مشڪيائين. هن چيو ته، سمئس جو اعتراض واجبي آهي. جيڪڏهن اوهان مان ڪو مون کان وڌيڪ تيار آهي ته اهو ائي ڇو نه ٿو جواب ڏئي؟ ڇو ته سمئس هڪڙي زبردست حملي آور وانگر ڏسڻ ۾ ٿو اچي. پر هن کي جواب ڏيڻ کان اڳ ۾، آءُ ڀانيان ٿو ته اسان کي ٻڌڻ کپي ته ڪيبيز منهنجي بحث ۾ ڪهڙي خامي ڏٺي آهي، ۽ اهڙيءَ طرح سان وقت هٿ ڪريون جنهن ۾ پنهنجي جواب تي ويهي ويچار ڪريون ۽ پوءِ، ٻنهي جي ڳالهه ٻڌڻ بعد، جيڪڏهن ڏسون ته هنن جي ڳالهه ٺهڪي ٿي اچي ته هنن جي پيش پئون، ۽ جيڪڏهن هنن جي ڳالهه برابر ڏسڻ ۾ نه اچي ته پنهنجي دليلن جي بچاءَ لاءِ بحث ڪريون. چڱو، ڪيبيز، ٻڌاءِ ته ڪهڙيءَ ڏکيائيءَ تو ۾ شڪ پيدا ڪيو آهي؟
ڪيبيز جواب ڏنو ته، آءُ توکي ٻڌائيندس آءُ ڀانيان ٿو ته مباحثو اڃا اُتي جو اُتي ئي آهي، ۽ اسان جو اڳيون اعتراض اڃا قائم آهي. تو تمام هوشياريءَ سان، ۽ جيڪڏهن ائين چوڻ ۾ تڪبر نه هجي ته، بلڪل برابري سان ڏيکاريو آهي ته اسان جا روح جسماني شڪل ۾ گهڙڻ کان اڳ حيات هئا. هن نقطي نسبت جيڪا مون قبوليت ڏني آهي، تنهن کان آءُ انڪار نٿو ڪريان. پر مون کي يقين نٿو اچي ته ڪو اهي اسان جي مرڻ پڄاڻان حيات رهندا. آءُ، سمئس جي اعتراض سان متفق راءِ نه آهيان، ته ڪو روح جسم کان وڌيڪ مضبوط ۽ جٽائدار نه آهي. آءُ ڀانيان ٿو ته ڳالهين جو هو گهڻو سرس آهي. اتي ڪو بحث وارو جواب ڏئي سگهندو ته، چڱو، تڏهين توکي اڃا شڪ آهي، جڏهين تون ڏسين ٿو ته انسان جو هيڻو ڀاڱو موت پڄاڻان حيات رهي ٿو؟ تون نٿو ڀانئين ته هن جو وڌيڪ پائدار حصو اوترو عرصو حيات رهندو؟ تنهنڪري ڏس ته جيڪي آءُ چوان ٿو تنهن ۾ ڪا معنيَ لڀي ٿي؟ آءُ ڀانيان ٿو ته آءُ، سمئس وانگر، پنهنجو مطلب رنگين زبانيءَ ۾ وڌيڪ چڱي طرح ظاهر ڪري سگندس. مون کي ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته ڪوبه ماڻهو تنهنجي دليل جهڙو دليل ڏئي ثابت ڪري سگهي ٿو ته، ڪو ڪوري جو وڏيءَ عمر ۾ مري ٿو سو سچ پچ ناس نٿو ٿئي، پر ڪنهن نه ڪنهن هنڌ زنده رهي ٿو، انهي سبب ڪري ته جا پوشاڪ ڪوريءَ پنهنجي لاءِ اُڻي هئي ۽ جا هو پهريندو هو، سا نانس نه ٿي آهي. ۽ جيڪڏهن ڪنهن کي اعتبار نه اچي ته، هو کڻي انهيءَ کان پڇي ته، انسان وڌيڪ جٽاءُ ٿو ڪري ڪين ڪو ڪپڙو جو هر وقت ڪم آيو آهي؟ ۽ جڏهين جواب مليس ٿو ته، انسان گهڻو وڌيڪ پائدار آهي، تڏهن هو کڻي ڀانئي ته مون بنان ڪنهن شڪ جي ثابت ڪيو آهي ته انسان بنهه سلامت آهي. ڇو ته جيڪي انسان کان گهڻو گهٽ عرصو باقي رهي ٿو، سو به ناس نه ٿيو آهي، پر، سمئس، آءُ ڀانيان ٿو ته ائين نه آهي، تنهنڪري جيڪي آءُ چوان ٿو تنهن کي تون به جاچ، سڀڪو سمجهي سگهي ٿو ته اهڙو دليل نسوري ناداني آهي. وري جيتوڻيڪ ائين برابر آهي ته، هن ڪوريءَ گهڻائي اهڙا لباس پنهنجي لاءِ اُڻيا ۽ انهن کي جوڙي ڦٽو ڪيائين، ۽ هو پوئين لباس کان سواءِ ٻين سڀني کان وڌيڪ عرصو زندهه رهيو، پر پوئين کان اڳ ۾ ناس ٿيو. پر ان ڳالهه هوندي به چئي سگهبو ته، انسان پنهنجي چوغي کان ڪنهن به صورت ۾ گهٽ يا هيڻو نه آهي. آءُ ڀانيان ٿو ته روح جو جسم سان لاڳاپو اهڙي ڪنهن نموني ۾ اظهار ڪري سگهبو. ڇو نه ڪو ماڻهو پوري واجبي طرح چئي سگهي ته انهيءَ دستور موجب روح گهڻي وقت تائين هلي ٿو، ۽ جسم ضعيف اهي ۽ گهٽ وقت هلي ٿو؟ پر، هو وڌيڪ هينءَ به چئي سگهي ٿو ته، سڀڪو روح گهڻائي جسم چوڙي ٿو، خاص ڪري، جيڪڏهن هو گهڻا سال هلي ٿو. ڇو ته جيڪڏهن بدن انسان جي حياتيءَ جي وقت ۾ ئي بي قراريءَ ۽ تباهيءَ جي حالت ۾ رهي ٿو، ۽ روح سدائين هن جي جهوني ڀاڱي کي درست ڪندو رهي ٿو، تڏهن ضرور ائين ٿيندو ته روح ناس ٿيڻ وقت، پنهنجي پوئين پوشاڪ ۾ پهريل هوندو، ۽ فقط انهيءَ کان ئي اڳ ۾ ناس ٿيندو. پر جڏهن روح ناس ٿي ويندو، تڏهن بدن پنهنجي ضعيفي ظاهر ڪندو ۽ جلدئي خراب ٿي ويندو. تنهنڪري اڃا اسان کي، هن دليل جي زور تي، يقين ڪرڻ جو حق نه آهي، ته ڪو اسان جا روح اسان جي مرڻ پڄاڻان حيات رهندا، ۽ ڪو ماڻهو کڻي هن کان به وڌيڪ ڪنهن تنهنجي دليل ڪم آڻيندڙ حمله آور وٽ قبول ڪري؛ ته اسان جا روح اسان جي ڄمڻ کان اڳ واري عرصي ۾ به حيات هئا، پر اهو به مڃي ته ڪوبه سبب نه آهي ته، ڇو نه انهن مان ڪي آئينده به حيات رهن، ۽ وري وري هستيءَ ۾ اچن، ۽ وري، اسان جي مرڻ پڄاڻان مرن، ڇو ته روح پنهنجي فطرت موجب گهڻا ئي دفعا هستيءَ ۾ اچڻ جي سگهه رکي ٿو. هو ايترو چئي سگهي ٿو، ته بنان قبول ڪرڻ جي ته انهن سڀني جنمن ۾ هن کي ڪوبه نقصان نٿو رسي، يا ڪنهن نه ڪنهن موت واري وقت هو صفا ناس ٿي نٿو وڃي؛ ۽ هو اهو به چئي سگهي ٿو ته ڪنهن کي به خبر نه آهي ته اهو موت ڪڏهين ٿيندو، جڏهن روح به ناس ٿي ويندو، ڇو ته اها ڳالهه معلوم ڪرڻ انسان لاءِ ناممڪن آهي؛ پر جيڪڏهن هيءَ ڳالهه برابر آهي ته ائين انسان جي موت نسبت يقين اجايو آهي، جيسين ڪِ هو ثابت ڪري ڏيکاري ته روح بلڪل لازوال ۽ اڻ مٽ آهي- نه ته سڀ ڪنهن انسان کي جو مري ٿو انديشو رکڻو پوندو ته هن دفعي جسم کان جدا ٿيڻ سندس روح کي صفا ناس ٿيڻو پوندو.

38

هنن ڳالهين ٻڌڻ سان اسان سڀني ۾ گهڻي بي آرامي پيدا ٿي، جيئن پوءِ اسان هڪ ٻئي کي ٻڌايو، اڳئين بحث جي ڪري اسان کي پوري خاطري ٿي ويئي هئي؛ ۽ هاڻي هنن اسان جي خاطريءَ کي الٽو ڪري ڇڏيو، ۽ ايندڙ دليلن لاءِ، توڻي اڳئين دليلن لاءِ، اسان ۾ بي اعتباري پيدا ڪرائي ڇڏي، ۽ اسان ۾ شڪ جاڳايو ته، اسان جي فتويَ ڪهڙي ڪم جي آهي، ۽ اسان ۾ گمان اٿاريو ته، ڪٿي ڪا خاطري به حاصل ٿي سگهندي يا نه.
ايڪيڪرئٽيز-خدائن جو سنهن آهي ته، فيڊو، آءُ تنهنجي اندر جو احوال سمجهي سگهان ٿو. جڏهن تو پئي ڳالهايو، تڏهن آءُ پاڻ ڀانئڻ لڳس ته پوءِ آئنده لاءِ اسان ڪهڙي مباحثي تي اعتبار ڪري سگهنداسون؟“ سقراط جو مباحثو بلڪل يقين ڏياريندڙ هو، ۽ هاڻي اهو خاطري کان گهڻو پري پيو لڳي. ڇو ته انهيءَ ڳالهه ته، روح هڪڙي همسازي (Harmony) آهي تنهن سدائين منهنجي مٿان عجيب اثر پيدا ڪيو آهي، ۽ جڏهن تو انهيءَ جو ذڪر ڪيو، تڏهن مون کي يادگيري آئي ته منهنجو پاڻ انهيءَ ۾ اعتقاد هو. هاڻي مون کي وري نئين سر ڳالهه ڳڻڻي پوندي ۽ ڪو ٻيو دليل ڳولڻو پوندو، جو مون کي يقين ڏياري ته، انسان جو روح سندس موت وقت ساڻس گڏ نٿو مري. تنهنڪري آءُ توکي عرض ٿو ڪريان ته، مون کي ٻڌاءَ، ڪيئن سقراط مباحثي کي هلايو؟ هن جي منهن مان ڪي بي آراميءَ جون نشانيون ظاهر ٿيون، جيئن تون چوين ٿو ته اوهان جو ‎حال هو، يا هن سانت ۽ سڪون سان پنهنجي مباحثي جي حمايت ڪئي؟ ۽ هن، پنهنجي بحث جو خاطريءَ جهڙو بچاءُ ڪيو ڪِ نه؟ مون کي جيترو به ٿي سگهي سموري ڳالهه سربستي ٻڌاءِ.
فيڊو- ايڪڪٽرئٽيز، مون گهڻائي دفعا سقراط تي عجب کاڌو هو، پر هو اڳ ڪڏهن به مون کي اهڙو پسند نه آيو هو، جهڙو انهيءَ وقت آيو ٿي. هن جي حاضر جواب هئڻ ۾ ڪا وڏي ڳالهه نه هئي؛ پر جنهن ڳالهه تي مون کي خاص طرح عجب لڳو سا هيءَ هئي: پهريون ته، هن، مڙني نوجوانن جي اعتراض کي مروت ۽ ميٺاج ۽ ادب سان ٻڌو؛ ۽ ٻيو ته، انهن جو جيڪو اثر اسان تي پيو، تنهن کي جلدائي سان جانچي ٿي ورتائين؛ ٽيون ته، عمديءَ طرح سان اسان جي زخمن تي پٽيون پئي رکيائين ۽ اسان ۾ اميد ۽ امنگ ٿي جاڳايائين، ڄڻ ته اسين ڪا جنگ هارائي ڀڄندڙ سپاهي هئاسون، ۽ هو اسان کي همٿائي رهيو هجي ته اسان سندس پويان لڳون ۽ مباحثي کي جانچيون.
ايڪيڪرئٽيز- ڪهڙي طرح؟
فيڊ- آءُ توکي ٻڌايان ٿو ته. آءُ هن جي سڄي پاسي کان کٽ ڀرسان هڪڙي اسٽول تي ويٺل هئس، ۽ هو مون کان گهڻو مٿي ويٺل هو. هو منهنجي مٿي تي هٿ ڦيرائڻ لڳو ۽ منهنجي ڳچيءَ تي پوندڙ وارن کي سهيڙي ڪري هٿ ۾ جهليائين- توکي معلوم آهي ته هو اڪثر منهنجي وارن سان راند ڪندو هو- ۽ چيائين ته، فيڊو، آءُ چئي سگهان ٿو ته سڀاڻي تون هنن سهڻن زلفن کي ڪپي ڇڏيندين.
مون جواب ڏنو ته، سقراط، آءُ به ائين ڀانيان ٿو.
جيڪڏهن منهنجي صلاح وٺين ته، ائين نه ڪجانءَ.
مون پڇيومانس ته، ائين ڇو نه ڪريان؟
هن چيو ته، تون ۽ آءُ اڄ پنهنجا وار ڪٽينداسون، پر تڏهن، جڏهن اسان جو مباحثو مري پوي ۽ اسين هن کي وري زنده ڪري نٿا سگهون ته. ۽ جيڪڏهن آءُ، تون ٿي پوان ۽ مباحثو سمجهه ۾ نه اچيم ته جيڪر آرگاس جي ماڻهن وانگر قسم کڻان ته آءُ تيستائين وڏا وار ڪين رکائيندس، جيستائين ڪِ وري جنگ جوٽي سمئس ۽ ڪيبيز جي دليلن کي نه جيتيندس.
مون جواب ڏنو ته، چوندا آهن ته، خود هرئڪليز پهلوان به ٻن جو مٽ ٿي ڪين سگهندو.
تڏهن، جيستائين اڃا روشني آيه، مون کي پنهنجي واهر لاءِ آيولاس دوست سمجهي، سڏ ڪر.
آءُ توکي پڪاريان ٿو، پر ائين به جيئن هرئڪليز، آيولاس کي سڏيو، بلڪ جيئن آيولاس، هرئڪليز کي سڏي ها.

  39

هن جواب ڏنو ته، ڳالهه مڙيئي ساڳئي. پر پهريائين اسان کي هڪڙي غلطي ڪرڻ کان خبردار رهڻ گهرجي.
مون پڇيو ته، ڪهڙي غلطي؟
هن جواب ڏنو ته، بحث کي ڌڪارڻ واري غلطي، جيئن ماڻهو ترش مزاج ٿي پوندا آهن، ڇو ته بحث کي ڌڪارڻ اسان لاءِ سڀ کان وڏي مصيبت آهي. بحث لاءِ حقارت ۽ ترش مزاجي ساڳين سببن مان پيدا ٿينديون آهن. پوئين ڳالهه تڏهن پيدا ٿيندي آهي جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ ۾ بيحد بيواجبي اعتقاد رکيو ويندو آهي، جنهن کي سندس دوست ڀائيندو آهي ته بلڪل سچار، صادق، ۽ اعتبار جوڳو آهي، ۽ جڏهن ته جلدئي پوءِ ظاهر ٿيندو آهي ته هو خراب ماڻهو آهي ۽ اعتبار جو لائق بلڪل ڪين آهي. ائين وري وري ٿيندو آهي، ۽ جڏهن ڪنهن ماڻهو کي هي تجربو گهڻا دفعا ٿيندو آهي، خاص ڪري انهن جي هٿان جن لاءِ هو ڀائيندو آهي ته سندس سڀ کان ويجها ۽ پيارا دوست آهن، ۽ جڏهن هو اهڙن گهڻگهرن سان تڪرار ڪري ويهندو آهي، ته پوءِ هو سڀ ڪنهن انسان کي ڌڪاريندو آهي ۽ ڀائيندو آهي ته انهن مان ڪنهن ۾ به شرافت نه آهي. تو ائين ٿيندي ڪين ڏٺو آهي؟
مون چيو ته، هائو، تحقيق.
هن چيو ته، اها ڳالهه خواري جهڙي ڪين آهي؟ ۽ اهو ثابت ڪين آهي ته اهڙو ماڻهو انساني فطرت سمجهڻ سواءِ انسانن سان رغبت رکڻ جي ڪوشش ٿو ڪري. جيڪڏهن هن انساني فطرت سمجهي هجي ها ته جيڪر هو ڄاڻي ها ته، حقيقت ۾ چڱا ۽ خراب انسان بلڪل ٿورا آهن، ۽ انسانن جو وڏو تعداد نڪي چڱو آهي ۽ نه ئي خراب.
مون پڇيو ته، تنهنجو مطلب ڇا آهي؟
هن جواب ڏنو ته، بس ايترو جيڪي برابر آهي بنهه وڏين ۽ بنهه ننڍين شين جي نسبت سان. تنهن کان ڪا وڌيڪ عجيب ڳالهه تڏهن ليکبي آهي، جڏهن اسان کي ڏسڻ ۾ ايندو آهي ته ڪو ماڻهو يا ڪتو، يا ڪا ٻي شيءِ جا يا ته بنهه وڏي هوندي آهي يا بنهه ننڍي هوندي آهي؟ يا وري، اڃان به اڻلڀ ڳالهه اها هوندي آهي، جڏهن ڏسڻ ۾ ايندو آهي ته ڪو ماڻهو بنهه تکو يا ڍرو آهي، يا بنهه ڪميڻو يا بنهه محترم آهي، يا وري بنهه ڪارو يا بنهه اڇو آهي، تو نه ڏٺو آهي ته، انهن سڀني حالتن ۾ نهايت درجي واريون شيون اڻلڀ ۽ ٿوريون هونديون آهن، ۽ رواجي درجي واريون جام ۽ گهڻيون هونديون آهن؟
مون جواب ڏنو ته، هائو، تحقيق.
هن جواب ڏنو ته، ۽ ساڳئي طرح، جيڪڏهن گنهگارن ۾ مقابلو ٿئي ته، تون نٿو ڀائين ته ڏسڻ ۾ ايندو ته سخت گنهگار ڪي ٿورا آهن؟
مون چيو ته، شايد ائين ئي ٿيندو.
هن جواب ڏنو ته، هائو، ائين ئي ٿيندو، پر هي نقطو نه آهي جنهن ۾ دليل ماڻهن جي مثل آهن. توئي هن نقطي جي بحث تي مون کي آندو آهي. تمثيل هيءَ آهي جڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن مباحثي کي سچو ليکي ٿو، جيتوڻيڪ مباحثي جي فن کان غير واقف آهي، ۽ پوءِ سگهوئي، برابر يا غلط طرح، ڀانئي ٿو ته اهو صحيح نه آهي، ۽ جڏهن هن سان هر هر ائين ٿئي ٿو، تڏهينهو نيٺ مباحثي ۾ اعتبار رکڻ بلڪل ڇڏي ڏئي ٿو. توکي خبر آهي ته جيڪي ماڻهو پنهنجو وقت بحث ڪرڻ ۾ صرف ڪندا آهن. سي نيٺ سمجهندا آهن ته، هو سڀني ماڻهن کان وڌيڪ عقلمند آهن، ۽ هو ڀائيندا آهن ته فقط هنن ئي لڌو آهي ته ڪٿي به، مباحثي ۾ يا شين ۾ درستي يا خاطري ڪانهي. ۽ هر هستي، يوريپس جي وهڪرن وانگر، سدائين ڦير گهير جي حالت ۾ آهي، ۽ ڪڏهن به ڪا گهڙي ماٺ ۾ نه ٿي رهي.
مون جواب ڏنو ته، هائو، اها ڳالهه بلڪل برابر آهي.
هن چيو ته، فيڊو، ۽ جيڪڏهين ڪو مباحثي جو طريقو اهڙوهجي جو سچو هجي، ۽ خاطري ڏياريندڙ به هجي، ۽ جو اسان جو ضمير سمجهي به سگهي، ته پوءِ وڏي ڏک جي ڳالهه نه ٿيندي، جو جيڪڏهن ڪو ماڻهو، جنهن جي سامهون ڪي دليل آيا آهن جي هڪڙي وقت هن کي سچا نظر آيا ۽ ٻئي وقت غلط، سو نيٺ قلب جي ڪڙائي وچان سڀ ڏوهه، پنهنجي مٿان ۽ پنهنجي ناسمجهيءَ مٿان رکڻ بدران، مباحثي تي رکي، ۽ پنهنجي بچيل حياتي مباحثي کي ڌڪارڻ ۽ هن جي شڪايت ڪرڻ ۾ صرف ڪري، ۽ حق ۽ حقيقت جو علم وڃائي ويهي.
مون ورندي ڏني ته، تحقيق، اها ڳالهه وڏي ڏک جهڙي ٿيندي.

40

هن چيو ته، تڏهن پهريائين اسان کي خبر ٿيڻ گهرجي ته جيئن اهو خيال اسان جي اندر ۾ نه پيهي وڃي ته سڄو مباحثو گهڻو ڪري ٺيڪ نه آهي. ان جي بدران اسان کي سمجهڻ گهرجي ته اسين پاڻ اڃا نادرست آهيون. ۽ اسان کي مردن وانگر چاهه سان درست ٿيڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. منهنجا دوستو، توهان کي اها ڪوشش پنهنجي ايندڙ سموريءَ حياتيءَ جي ڪري ڪرڻ گهرجي، ۽ مون کي پنهنجي موت جي ڪري، ڇو ته مون کي ڊپ ٿو ٿئي ته هن وقت آءُ موت ڏانهن فيلسوف وانگر نهاري نٿو سگهان؛ آءُ هن وقت تڪرار ڪرڻ جي حالت ۾ آهيان، انهن اڻ پڙهيلن ماڻهن وانگر جيڪي جنهن سوال نسبت بحث ڪندا آهن ته انهيءَ جي درستيءَ ڏانهن ڪوبه ڌيان نه ڏيندا آهن، بلڪه بحث هلندي رڳو اهو خيال هوندو اٿن ته ٻڌندڙن کي هائو ڪرائجي ته هو درست آهن. ۽ آءُ ڀانيان ٿو ته اڄ آءُ انهن کان فقدط هڪڙي ڳالهه ۾ علحدو يا الڳ آهيان. يعني پنهنجن ٻڌندڙن کي هائو ڪرائڻ ۾ ته آءُ درست آهيان، سو تنهنجو آءُ خيال ڪونه ڪندس، بحث هلندي ائين ٿيو ته واهه، نه ته ٺهيو؛ پر پاڻ کي انهيءَ ڳالهه تي آڻڻ جو سچ پچ مون کي وڏو ويچار آهي. ڇو ته ڏسو، پيارا دوستو، منهنجو مباحثو ڪهڙو نه خود مطلبيءَ تي بيٺل آهي. جيڪڏهن جيڪي آءُ چوان ٿو سو درست آهي، تڏهن ته لٿي پٿي مرڻ کان اڳ واري مدي ۾ واويلا نه ڪرڻ سان، آءُ ٻيهر پنهنجن دوستن کي گهٽ اهنج رسائيندس. ۽ بي خبري سدائين لاءِ ڪين هلندي- جي ائين هجي ها ته وڏي مصيبت ٿئي ها- اها جلد ختم ٿي ويندي. هن چيو ته، سمئس ۽ ڪيبيز، آءُ مباحثي ڏانهن ٻيهر اچان ٿو. ۽ اوهين جيڪڏهن منهنجي صلاح وٺو ته، سقراط جو خيال نه ڪجو، پر حق ڏانهن ڌيان ڏجو؛ ۽ اوهين مون سان متفق راءِ تڏهن ٿجو، جڏهن سمجهو ته جيڪي ڪجهه آءُ چوان ٿو سو درست آهي؛ نه ته اوهان وٽ جيڪو به دليل هجي تنهن سان منهنجي سامهون ٿجو؛ ۽ خبردار رهجو ته، متان آءُ پنهنجي ڳالهه مڃائڻ جي فڪر ڪري، اوهان کي ۽ پاڻ کي ٺڳيان، ۽ ڏينڀوءَ وانگر پوئتي فقط ڏنگ ڇڏي هليو وڃان.

41

هن چيو ته، هاڻي اچو ته ڪم هٿ ۾ کڻون، ۽ پهريائين، جيڪڏهن اوهين ڀانيو ته مون اوهان جون حجتون وساري ڇڏيون آهن ته اهي وري ٻڌايو. آءُ ڀانيان ٿو ته، سمئس کي خوف ۽ شڪ آهي ته روح جيتوڻيڪ جسم کان وڌيڪ مقدس ۽ اعليَ آهي، تڏهن به هو هڪڙي همسازي (Harmony) جو قسم آهي، ۽ تنهنڪري متان جسم کان اڳ ناس ٿي نه وڃي. جيڪڏهن آءُ ڀلو نه آهيان ته، ڪيبيز قبول ڪري ٿو ته، روح جسم کان وڌيڪ جٽائدار آهي؛ پر هو چوي ٿو ته ڪوبه چئي ڪين سگهندو ته ڪو روح، گهڻائي دفعا گهڻن جسمن جوڙڻ بعد، پوئين جسم مان پاڻ ڇڏڻ وقت ناس ٿي نٿو وڃي، ۽ شايد موت جي معنيَ ئي کڻي هجي روح جو ناس ٿيڻ؛ ڇو ته جسم جو ناس ٿيڻ ته سدائين پيو ٿو هلي. سمئس ۽ ڪيبيز، آهي ڪجهه ٻيو، جنهن تي اسان کي غور ڪرڻو آهي؟
هنن ٻنهي قبول ڪيو ته، اهي ئي سوال آهن.
هن پڇيو ته، اسان جيڪي اڳي نتيجا ڪڍيا آهن، سي سڀئي اوهين رد ڪريو ٿا، يا فقط انهن مان ڪي؟
هنن جواب ڏنو ته، انهن مان فقط ڪي.
هن چيو، چڱو، اوهين اسان جي انهيءَ عقيدي بابت ڇا ٿا چئو، جنهن موجب علم يادگيري آهي، ۽ تنهنڪري اسان جا روح اسان جي جسمن ۾ قيد ٿيڻ کان اڳ ضرور ڪٿي حيات رهيا هوندا؟
ڪيبيز جواب ڏنو ته، مون کي انهيءَ عقيدي اڳي ئي چڱي طرح خاطري ڏياري هئي، ۽ هاڻي ڪوبه ٻيو عقيدو نه آهي، جنهن ۾ مون کي وڌيڪ ويساهه هجي.
سمئس چيو ته، ۽ منهنجو به اهو ئي خيال آهي؛ بلڪه تڏهن مون کي تمام گهڻو عجب لڳندو، جڏهن آءُ انهيءَ کي ڪڏهن کڻي ڦيرائيندس.
سقراط چيو ته، پر، منهنجا ٿيبيس وارا دوست، توکي اهو خيال بدلائڻو پوندو، جيڪڏهن تنهنجو هي رايو بيهڻو آهي ته، همسازي (Harmony) هڪڙي مرڪب چيز آهي، ۽ روح جسم جي عناصرن جي پوري ميلاپ مان جڙيل همسازي (Harmony) آهي. تون پاڻ کي ائين چوڻ جي اجازت ڏئي ڪين سگهندين ته ڪو همسازي (Harmony) انهن شين کان اڳ حيات هوندي، جن مان هوءَ جڙي آهي؟ تون ائين ڪري سگهندين؟
سقراط! بلڪل نه.
پر تون ڏسين ٿو ته تنهنجن لفظن مان هيءَ معنيَ نڪري ٿي ته روح انسان جي جسم ۽ شڪل ۾ اندر اچڻ کان اڳ حيات هو، ۽ تنهن هوندي به هو اهڙن عنصرن مان جڙيل آهي جيڪي اڃا حيات نه هئا؟ تو واري همسازي (Harmony) اهڙي نه آهي جهڙيءَ سان تون هن کي ڀيٽين ٿو. سرندو ۽ تارون ۽ آواز، سر ۾ اچڻ کان اڳ ۾ ئي زنده هئا؛ ۽ همسازي (Harmony) سڀني کان پوءِ پيدا ٿي ٿئي، ۽ سڀني کان اڳ ۾ ناس ٿي ٿئي. تنهنجو هي ويساهه تنهنجي ٻئي عقيدي سان ڪيئن ڀچي ايندو؟
سمئس جواب ڏنو ته، اهي ڪين ڀچندا.
هن چيو ته، ۽ تنهنڪري همسازي (Harmony) بابت دليل ۾ اختلاف جي جاءِ هئڻ نه گهرجي.
سمئس چيو ته، تحقيق، نه.
هن چيو ته، پر تنهنجي دليل ۾ اختلاف آهي. توکي فيصلو ڪرڻ کپي ته تون ڪهڙو عقيدو رکندين، علم يادگيري آهي، ڪين روح هڪڙي همسازي (Harmony) آهي.
هن جواب ڏنو ته، سقراط، ضرور پهريون رکندس. پويون ڪڏهن به منهنجي اڳيان ثابت نه ٿيو آهي؛ اهو فقط ممڪن ۽ چڱن سببن تي بيٺل آهي، جن جي ڪري هو عام ماڻهن جو رايو ٿي پيو آهي. مون کي معلوم آهي ته جن عقيدن جون ثابتيون ممڪن ڳالهين تي بيٺل هونديون آهن، سي دولابي هوندا آهن، ۽ اهي، جيڪڏهين خبردار نه رهبو ته، جاميٽريءَ ۾ توڙي ٻيءَ سڀ ڪنهن ڳالهه ۾، اڪثر ڪري گمراهه ڪندا آهن. پر يادگيري ۽ علم وارو عقيدو اهڙي بنياد تي بيٺل آهي جو اعتبار تي دعويَ ڌري سگهي ٿو. اسان قبول ڪيو هو ته روح جسم ۾گهڙڻ کان اڳ زنده آهي، ۽ انهيءَ ڳالهه جي ايتري قدر خاطري آهي جيتري انهيءَ جوهر جي، جنهن جو نالو آهي خالص هستي. ۽ آءُ ڀانيان ٿو ته آءُ انهيءَ جوهر ۾ حق جي ڪري ۽ پوريءَ گواهيءَ جي ڪري اعتبار رکان ٿو. ۽ آءُ سمجهان ته انهيءَ ڪري نڪي آءُ پاڻ کي ۽ نڪي ڪنهن ٻئي کي اجازت ڏئي سگهندس ته چئجي ته روح هڪڙي همسازي (Harmony) آهي.

  42

سقراط چيو ته، سمئس، هن سوال کي ٻيءَ طرح به جاچ، تون ڀائين ٿو ته ڪا همسازي (Harmony) يا ڪا ٻي مرڪب شيءِ ڪنهن ٻيءَ حالت ۾ زنده رهي سگهندي، انهيءَ حالت کان سواءِ جا انهن عنصرن جي آهي، جن مان هوءَ جڙيل آهي؟
بلڪل نه.
نه ئي وري آءُ ڀانيان ٿو ته، هوءَ ڪجهه ڪري سگهندي يا سهي سگهندي انهيءَ کان وڌيڪ جيڪي هو ڪري سگهن ٿا ۽ سهي سگهن ٿا.
هن هائو ڪئي.
تنهنڪري ڪابه همسازي (Harmony) جن عنصرن جي هوءَ جڙيل آهي تن جي رهبر ٿي ڪين سگهندي، هن کي ضرور هنن جي پٺيان هلڻو پوندو؟
هن اها ڳالهه قبول ڪئي.
۽ هوءَ ڪنهن به صورت ۾ پنهنجن جزن جي برخلاف چري، يا آواز ڪڍي، يا ٻيو ڪجهه ڪري ڪين سگهندي.
هن ورندي ڏني ته، تحقيق ڪري ڪين سگهندي.
چڱو، ائين ڪين آهي ته سڀڪا همسازي (Harmony) پنهنجي فطرت موجب اهڙي همسازي (Harmony) آهي جهڙيءَ طرح هوءَ بنائي وئي آهي؟
هن جواب ڏنو ته، آءُ تنهنجي ڳالهه سمجهي نٿو سگهان.
هن چيو ته، جيڪڏهن هوءَ وڌيڪ ۽ زيادهه حد تائين سر تي آندي وڃي، جي ائين ممڪن هجي، ته پوءِ هوءَ وڌيڪ همسازي (Harmony) ۽ وڌيڪ حد واري همسازي (Harmony) ڪين ٿيندي، ۽ جيڪڏهن هوءَ گهٽ ۽ ٿوري حد تائين سر تي آندي وڃي، ته جيڪر هوءَ گهٽ همسازي (Harmony) ۽ ٿوريءَ حد واري همسازي (Harmony) ڪين ٿيندي؟
تحقيق.
چڱو، روح بابت ائين چئي سگهبو؟ ٿي سگهندو هڪڙو روح ٻئي کان ڪنهن به درجي ۾ زياده روح ۽ وڌيڪ حد وارو روح، يا گهٽ روح ۽ ٿوري حد وارو روح؟
هن جواب ڏنو ته، بلڪل نه.
هن چيو ته، چڱو تڏهن مهرباني ڪري مون کي هي ٻڌاءِ؛ چيو ڪين ويندو آهي ته هڪڙو روح کي هوش ۽ زهد آهي ۽ هو نيڪ آهي، ۽ وري ٻئي روح لاءِ چيو ويندو آهي ته هن ۾ حماقت ۽ قباحت آهي ۽ هو بد آهي؟ ۽ اها ڳالهه برابر ڪين آهي؟
هائو، تحقيق.
تڏهن اُهي، جيڪي چون ٿا ته روح هڪڙو همسازي (Harmony) آهي، ڇا چوندا زهد ۽ قباحت بابت، جيڪي اسان جي روحن ۾ آهن؟ هو چوندا ته زهد هڪڙي ٻي همسازي (Harmony) آهي ۽ قباحت هڪڙي ٻي ناسازي آهي؟ چوندا هو ته نيڪ روح سر تي بيٺل آهي، ۽ هو پاڻ هڪڙي همسازي (Harmony) آهي، ۽ پاڻ اندر وري ٻي همسازي (Harmony) اٿس ۽ بد روح پاڻ سر کان نڪتل آهي، ۽ پاڻ اندر ٻي ڪابه همسازي (Harmony) ڪانه اٿس؟
سمئس چيو ته، آءُ چئي نٿو سگهان. پر ايترو صاف آهي ته هنن کي اهڙيءَ طرح ڪجهه چوڻو هوندو.
هن چيو ته، پر ايترو قبول ڪيو ويو آهي ته، هڪڙو روح ٻئي روح کان وڌ يا گهٽ روح نه آهي. يعني، اسان قبول ڪيو آهي ته هڪڙي همسازي (Harmony)، ٻيءَ همسازي (Harmony) کان وڌيڪ يا زياده حد واري، يا گهٽ يا ٿوري حد واري ڪڏهنبه نه ٿيندي. ائين ڪين آهي؟
هائو، تحقيق.
۽ جيڪا همسازي (Harmony) نڪي وڌيڪ ۽ نڪي گهٽ همسازي (Harmony) آهي، سا وڌيڪ يا گهٽ سر تي ٿي ڪين سگهندي. ائين آهي؟
هائو.
۽ جيڪي نه وڌيڪ نه گهٽ سر تي آهي، تنهن کي همسازي (Harmony) جو وڌ يا گهٽ حصو هوندو، ڪين برابر حصو هوندو؟
هن کي برابر حصو هوندو.
تڏهن، جنهن صورت ۾ هڪڙو روح ٻئي روح کان ڪڏهين به وڌ يا گهٽ روح نه آهي، تنهن صورت ۾ هو وڌ کان گهٽ سر تي نه هوندو.
برابر.
تنهنڪري هن کي همسازي (Harmony) يا ناسازي جو وڌيڪ حصو نه هوندو.
بلڪل نه.
۽ تنهنڪري هڪڙي روح ۾ ٻئي روح کان وڌي قباحت يا زهد نه هوندو، جيڪڏهن قباحت جي معنيَ آهي ناسازي، زهد جي معنيَ آهي همسازي؟
ڪنهن به حالت ۾ نه.
سمئس، جيڪڏهن بلڪل برابر طرح ذڪر ڪيو ته، آءُ ڀانيان ٿو ته، چئي سگهبو ته جيڪڏهن روح هڪڙي همسازي آهي ته ڪنهن به روح ۾ قباحت ڪانه هوندي. آءُ سمجهان ٿو ته ڪنهن به همسازي جا ڪامل همسازي آهي، ناسازي هرگز نه هوندي.
تحقيق نه.
نڪي ڪنهن به روح ۾، جو درست روح آهي، قباحت هوندي؟
نه، جيڪي چيو ويو آهي تنهن مان ضرور اهائي معنيَ نڪري ٿي.
تڏهن هن مباحثي جو نتيجو هي نڪرندو؛ جيڪڏهن پنهنجي فطرت موجب سڀ روح هڪ جهڙا آهن ته ائين سڀني جاندار شين جا روح هڪ جهڙائي نيڪ هوندا.
هن چيو ته، هائو، سقراط، آءُ ائين ٿو ڀانيان.
هن پڇيو ته، تون ڀائين ٿو ته ائين برابر آهي، ۽ اسان جي مباحثي جي هيءَ پڄاڻي ٿئي ها، جيڪڏهن اهو وهم ته، روح هڪڙي همسازي (Harmony) آهي، برابر هجي ها ته؟
هن جواب ڏنو ته، نه، بلڪل نه.

43

هن چيو ته، چڱو، مون جيڪر ڪين چرين ته، انسان جي سڀني ڀاڱن کان وڌيڪ روح، خاص ڪري هوشمند روح، حڪومت ڪري ٿو؟
هائو.
هو جسم جي گهرجن جي راءِ رکي ٿو، ڪين انهن جي مخالفت ڪري ٿو؟ منهنجي معنيَ هيءَ آهي ته جڏهن جسم گرم ۽ اڃايل آهي تڏهن روح انهيءَ کي گهلي وڃي ٿو۽ انهيءَ کي پيئڻ کان روڪي ٿو، ۽ جڏهن هو بکايل آهي تڏهن هو هن کي کائڻ کان روڪي ٿو؟ ۽ اسين ڪين ڏسندا آهيون ته ٻين هزارن نمونن ۾ روح جسم جي گهرجن آڏو ايندو آهي؟
هائو، تحقيق.
پر اسان اهو پڻ قبول ڪيو آهي ته، جيڪڏهن هو هڪڙي همسازي (Harmony) آهي ته، هو ڪڏهن به، جن عنصرن جو هو جڙيل آهي تن جي اينگهڻ، سڪڙجڻ ۽ جنبش ۽ ٻين ڦيرن گهيرن جي برخلاف آواز ڪڍي ڪين سگهندو؛ مطلب ته هو هنن جي پٺيان هلندو، ۽ ڪڏهن به هنن جو رهبر ٿي ڪونه سگهندو. برابر؟
هن ورندي ڏني ته، هائو، اسان برابر اها ڳالهه قبول ڪئي آهي.
چڱو، هاڻي اسين ڪين ٿا ڏسون ته روح انهيءَ ڳالهه جي بلڪل ابتڙ ٿو هلي، ۽ جن عنصرن جو چيو وڃي ٿو ته هو ٺهيل آهي تن کي هلائي ٿو، ۽ سموري حياتي گهڻو ڪري سڀ ڪنهن ڳالهه ۾ هنن جي سامهون ٿئي ٿو؛ ۽ سڀ ڪنهن نموني ۾ هنن تي حڪومت هلائي ٿو، ۽ هنن کي تنبيهه ڪري ٿو، ڪڏهن سختي سان دردناڪ ضابطي سان، جيئن روزش ۽ دوائن سان، ۽ ڪڏهن نرمائي سان؛ ڪڏهن هو خواهشن ۽ گهرجن ۽ خوفن کي ڌمڪائي ٿو ۽ ڪڏهن هنن کي سمجهائي ٿو ته، ڄڻ ته هو پاڻ کان ڪنهن ٻيءَ طرح جي شيءِ سان ڳالهائي ٿو، جيئن هومر شاعر پنهنجي آڊاسي واري آکاڻي ۾ آڊيسيوس پهلوان کان ڪرائي ٿو، جتي هو چوي ٿو ته:
”هن پنهنجي ڇاتيءَ تي ڌڪ هنيو،
۽ پنهنجي دل کي تنبيهه ڪيائين:
سهه، منهنجي دل،
انهيءَ کان به وڌيڪ سختي تو سٺي آهي.“
تون ڀائين ٿو ته جڏهن هومر هي لکيو، تڏهنهن روح کي هڪڙي همسازي (Harmony) ڪري ليکيو ۽ هن کي جسم جي گهرجن پٺيان هلڻ وارو ڪري سمجهيو، ۽ نه اهڙي فطرت وارو، جو هو هنن کي هلائي ۽ هنن جو سردار ٿي رهي، ڇو ته هو پاڻ همسازي (Harmony) کان گهڻو اعليَ ۽ مقدس شيءِ آهي؟
تحقيق، سقراط، آءُ ائين نٿو ڀانيان.
تڏهن، منهنجا فاضل دوست، ائين چوڻ بلڪل غلط آهي ته روح هڪڙي همسازي (Harmony) آهي. ڇو ته تڏهن، تون ڏسين ٿو ته، اسين نڪي مقدس شاعر هومر سان متفق راءِ ٿينداسون، ۽ نڪي پاڻ سان.
هن ورندي ڏني ته، ائين برابر آهي.

44

سقراط چيو ته، تمام چڱو؛ آءُ ڀانيان ٿو ته اسين پنهنجي ٿيبس واري هومونيا کي چڱي فتحيابي سان راضي ڪري سگهيا آهيون. هن چيو، ڪيبيز، پر اڃا ڪئڊمس رهيو پيو آهي. اسين هن کي ڪيئن راضي ڪنداسون ۽ ڪهڙن دليلن سان؟
ڪيبيز چيو ته، آءُ پڪ سان چئي سگهان ٿو ته تون ئي لهي سگهندين ته ايئن ڪيئن ڪجي، لٿي پٿي تو اهڙي ته نموني ۾ بحث ڪري ڏيکاريو آهي ته روح همسازي (Harmony) نه آهي جو انهيءَ مون کي تمام گهڻي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي. جڏهين سمئس پنهنجو اعتراض پئي ظاهر ڪيو، تڏهين مون کي عجب ٿي لڳو ته ڪيئن ڪو هن جي بحث کي باز آڻي سگهندو، تڏهن مون کي وڏو عجب لڳو جڏهن ڏٺم ته تنهنجي پهرئين حملي سان اهو پري وڃي پيو. مون کي اچرج ڪونه لڳندو جيڪڏهن ڪئڊمس جي بحث جي به ساڳي ئي قسمت ۽ پڄاڻي ٿيندي.
سقراط چيو ته، منهنجا سڄڻ، گهڻو باور نه ڪر، متان ايندڙ بحث کي ڪنهن جي نظر لڳي وڃي. ٺهيو انهيءَ ڳالهه کي اسين خدا جي مرضيءَ تي ٿا ڇڏيون. اچو ته هاڻي، هومر جي پهلوئن وانگر دليري سان اڳتي وڌي، ڏسون ته جيڪي تون چوين ٿو تنهن ۾ به ڪجهه آهي. توکي اهوئي ڪجهه کپي ٿو: تون گهرين ٿو ته آءُ توکي ثابت ڪري ڏيان ته روح اڻ مٽ ۽ لايموت آهي، ڇو ته جيڪڏهن ائين نه هجي ته، تون ڀائين ٿو ته فيلسوف جو اعتقاد، جنهن کي موت ۾ باور آهي، ۽ نهن کي ڀروسو آهي ته جڏهن هو مري ويندو تڏهن ٻيءَ دنيا ۾ سندس نصيب بيحد موچارو ٿيندو. انهيءَ کان جيڪر پڄي ها ته هو هن دنيا ۾ ٻيءَ طرح حياتي گذاري ها، سو اجايو اعتقاد آهي. تون چوين ٿو ته ايترو ڏيکارڻ بس نه آهي ته ڪو روح مضبوط ۽ مقدس آهي. ۽ هو اسان جي انسان ٿي پيدا ٿيڻ کان اڳ حيات هو؛ ڇو ته اهي ڳالهيون هروڀرو سندس ابديت ثابت نٿيون ڪن، پر فقط ايترو ثابت ڪن ٿيون ته هو گهڻو وقت جٽاءُ ڪري ٿو، ۽ گهڻو وقت حيات رهيو آهي، ۽ اڳئين حالت ۾ گهڻيون ئي ڳالهيون سمجهيون اٿس ۽ ڪيون اٿس. پر انهن ڳالهين هوندي به هو ڪو وڌيڪ لايموت نه آهي. هن جو انسان جو جسم ۾ خود اچڻ، ڪنهن بيماريءَ وانگر، سندس ناس ٿيڻ جي شروعات هئي. ۽ تون چوين ٿو ته، هو هيءَ حياتي درماندگيءَ ۾ گذاري ٿو، ۽ نيٺ جنهن شيءِ کي اسين موت سڏيون ٿا ته، تنهن ۾ ناس ٿي وڃي ٿو، تون ڀائين ٿو ته، روح جسم ۾ هڪڙو دفعو گهڙي يا گهڻا دفعا گهڙي، تنهن ڳالهه مان اسان سڀني جي خطرن ۾ ڪوبه فرق ڪونه ٿو پوي؛ ڇو ته ڪنهن بيوقوف کان سواءِ ٻيو سڀڪو موت جو خوف رکندو، جيڪڏهن هن کي خبر نه آهي ۽ ثابت ڪري نٿو سگهي ته ڪو روح لايموت يا اڻ مٽ آهي. آءُ ڀانيان ٿو ته، ڪيبيز، اها آهي تنهنجي اعتراض جو مطلب، آءُ وري وري پاڻهي انهيءَ کي بيان ٿو ڪريان ته جيئن ڪجهه به اسان کان گسي نه وڃي، ۽ جيئن تون پنهنجي مرضيءَ تي انهيءَ ۾ ڪجهه ڳنڍي سگهين يا انهيءَ مان ڪجهه ڪڍي سگهين.
ڪيبيز ورندي ڏني ته، نه، اهائي آهي منهنجي معنيَ. هن وقت آءُ ڪجهه به ڳنڍڻ يا ڪڍڻ نٿو گهران.

45

سقراط ڪجهه وقت ترسيو ۽ خيال ڪيائين. پوءِ هن چيو ته، ڪيبيز تو ڪو سولو سوال نه اٿاريو آهي. اسان کي پيدا ٿيڻ ۽ ناس ٿيڻ جي سببن جي سڄي مسئلي تي پوري طرح جاچ جوچ ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن تنهنجي مرضي هجي ته، آءُ خود پنهنجا تجربا تو اڳيان پيش ڪريان، ۽ جيڪڏهن تون ڀائين ته جيڪي آءُ چوان تنهن مان ڪنهن ڳالهه کي تون ڪم آڻي سگهين ٿو ته، تون ڀلي انهيءَ کي پنهنجن خطرن دور ڪرڻ لاءِ ڪتب آڻ.
ڪيبيز چيو ته، تحقيق، منهنجي مرضي آهي ته آءُ تنهنجا تجربا ٻڌان.
هن ورندي ڏني ته، ڪيبيز، تڏهن به ته ٻڌايانءِ، جڏهن آءُ جوان مڙس هوس تڏهن مون کي انهيءَ حڪمت لاءِ بيحد شوق هو، جنهن کي علم طبعي سڏين ٿا، آءُ ڀائيندو هوس ته سڀ ڪنهن شيءِ جي سبب مان واقف ٿيڻ ڏاڍي چڱي ڳالهه آهي؛ ته ڇو ڪا شيءِ هستيءَ ۾ اچي ٿي، ۽ ڇو اها ناس ٿئي ٿي، ۽ ڇو اها حيات رهي ٿي. آءُ سدائين پيو پاڻ کي اهڙن مسئلن سان هلاک ڪندو هوس ته ائين آهي ڇا ته، زنده شيون ڪا خاص صورت اختيار ڪن ٿيون، گرميءَ ۽ سرديءَ جي جوش ڪري، جيئن ڪن ماڻهن جو چوڻ آهي؟ جنهن شيءِ وسيلي اسين تصور ڪريون ٿا سا رت آهي، هوا آهي، يا باهه آهي؟ يا انهن مان ڪابه نه آهي، پر مغز آهي جو ٻڌڻ ۽ ڏسڻ ۽ سنگهڻ جا حواس ڏئي ٿو، ۽ حافظو ۽ خيال ان مان اُڀرن ٿا، ۽ جڏهين حافظو ۽ خيال آرام جي حالت ۾ آهن تڏهن علم الهام جي صورت ۾ اچي ٿو؟ وري، آءُ انهن شين جي ڊهڻ، ۽ زمين ۽ آسمان جي انقلابن تي غور ڪندو هوس. تان جو مون محسوس ڪيو ته، آءُ اڀياسن جو بلڪل ۽ بنهه لائق ڪين هوس. اها ڳالهه آءُ توکي چڱي طرح ثابت ڪري ڏيکاريندس. انهن اڀياس جي ڪري آءُ اهڙو ته انڌو ٿي پيس جو جيڪي اڳي پاڻ توڙي ٻين بابت چڱي طرح ڄاڻندو هوس، سو به وساري ويٺس. جيڪي آءُ ڀائيندو هوس ته ڄاڻان ٿو سو سڀ دل تان لاهي ڇڏيم؛ خود انسان جي واڌ جو سبب به، اڳي آءُ صاف سمجهندو هوس ته واڌ جو سبب آهي کائڻ ۽ پيئڻ؛ ۽ ته، جڏهن کاڌي مان گوشت تي گوشت چڙهي ٿو، هڏ وڌي ٿو، ۽ ساڳئي نموني ۾ جسم جي ٻين ڀاڱن ۾ سندن ضروري جزا ملايا وڃن ٿا، تڏهن درجي بدرجي ننڍو قدم وڌي وڏو ٿئي ٿو، ۽ ائين ڇوڪرو مرد ٿئي ٿو. تون نٿو ڀائين ته منهنجو خيال واجبي هو؟
ڪيبيز چيو ته، آءُ ڀانيان ٿو ته اهو واجبي هو.
اڃا ٻيو به تجربو تنهنجي اڳيان پيش ڪندس. منهنجي دل ۾ ڪوبه شڪ پيدا نه ٿيندو هو، جڏهن آءُ ڪنهن ڊگهي ماڻهوءَ کي ڪنهن ڪوتاهه قد ماڻهوءَ جي ڀر ۾ بيٺل ڏسندو هوس، ته هڪڙو ٻئي کان سر جيترو سوايو آهي، يا، ساڳئي دستور موجب، هڪڙو گهوڙو ٻئي کان وڏو نظر ايندو آهي. هيءَ ڳالهه ته پاڻ منهنجي لاءِ وڌيڪ صاف هوندي هئي ته ڏهه، اٺن کان ٻن جي جوڙ سان وڌيڪ آهن، ۽ ڪا شيءِ ٻه هٿ ڊگهي، پنهنجي ڊيگهه جي اڌ جيتري وڌيڪ لنبي آهي ان شيءِ کان جا هڪ هٿ ڊگهي آهي.
ڪيبيز پڇيو ته، ۽ هاڻي تون ڇا ٿو سمجهين؟
آءُ ڀانيان ٿو ته مون کي ڪوبه يقين نه آهي ته ڪو مون کي انهن ڳالهين مان ڪهڙي جي به سبب جي خبر آهي. ڇو ته، جڏهن هڪ هڪ سان جوڙ ڪيو وڃي ٿو، تڏهن مون کي پڪ نه آهي ته اهو هڪ جنهن سان هڪ جوڙ ڪيو ويو آهي سو ٻه ٿي پيو آهي، يا اهو هڪ جو جوڙ ڪيو ويو آهي ۽ اهو هڪ جنهن سان هو جوڙ ڪيو ويو آهي، سي جوڙ سبب، ٻه ٿي پيا آهن. آءُ سمجهي نٿو سگهان ته ڪيئن، جڏهن اهي گڏ ڪيا ٿا وڃن، اهو ميلاپ، يا هڪڙي جو ٻئي جي ڀرسان رکڻ، سبب ٿئي ٿو هنن جي ٻن ٿيڻ جو، ڇو ته، جڏهن اهي جدا هئا، تڏهن انهن مان هر ڪو هڪ هو، ۽ اهي ٻه نه هئا. نڪي، وري، جڏهن هڪ کي ٻن ۾ ورهائجي ٿو، مون کي يقين ٿئي ٿو ته هي ورهاڱو ئي سبب ٿئي ٿو هڪ جي ٻن ٿيڻ جو؛ ڇو ته تڏهن ڪا شيءِ ٻه ٿي ٿئي بلڪ مخالف سببن منجهان. پهرينءَ حالت ۾ ائين ٿيو ڇو جو ٻه ايڪا گڏ آندا ويا، ۽ هڪڙو ٻئي سان جوڙ ڪيو ويو، ۽ هاڻي وري ائين ٿئي ٿو جو هو ڌار ڪيا وڃن ٿا، ۽ هڪڙو ٻئي کان ورهايو وڃي ٿو. نڪي، وري آءُ پاڻ کي قبول ڪرائي سگهندس ته آءُ ڄاڻان ٿو ته ڪيئن هڪڙو پيدا ٿئي ٿو، مطلب ته، هي دستور ڪنهن به شيءِ جي پيدا ٿيڻ، ڊهڻ يا زنده رهڻ جو سبب مون کي ڏيکاري نٿو سگهي. مون کي پنهنجي دل ۾ هڪڙي ٻئي طريقي جو منجهيل خيال بيٺل آهي، پر آءُ هن دستور کي لحظي لاءِ به قبول ڪين ڪندس.

46

پر هڪڙي ڏينهن مون هڪڙي ماڻهوءَ ڏي ڪن ڏنو، جنهن چيو ٿي ته، هن انئڪسئگورس جو ڪو ڪتاب پڙهيو هو. جنهن ۾ ڏيکاريل هو ته ضمير ئي آهي جو حڪم ڏئي ٿو ۽ سڀني شين جو سبب آهي. هي قياس مون کي پسند آهي؛ مون کي اها ڳالهه برابر نظر آئي ته، ضمير سڀني شين جو سبب ٿيڻ گهرجي، ۽ مون کي پنهنجي اندر ۾ ويچار ڪيو ته، جيڪڏهن ائين آهي ته ائين ضمير هر ڪنهن شيءِ کي سڀ کان سهڻي نموني ۾ انتظام ۽ حڪم هيٺ ٿيڻ يا ڊهڻ يا حيات رهڻ جو سبب هٿ ڪريون، ته اسان کي معلوم ڪرڻ گهرجي ته ڪيئن اها شيءِ سڀ کان سهڻي دستور موجب حيات رهي سگهندي، يا ڪم ڪري سگهندي يا مٿس ڪم ٿي سگهندو، تنهنڪري ماڻهوءَ کي فقط ايترو تصور ڪرڻ گهرجي ته سڀ کان سهڻي ۽ واجبي ڳالهه سندس لاءِ، يا ٻين شين لاءِ، ڪهڙي آهي، ۽ پوءِ ضرور اهو نتيجو نڪرندو ته هو ڄاڻندو ته خراب ڳالهه ڪهڙي آهي؛ ڇو ته اهي ٻئي ڳالهيون هڪڙي ئي علم ۾ چي وڃن ٿيون. انهن خيالن مون کي گهڻي خوشي ڏني. مون سمجهيو ته مون پنهنجي دل موافق هستي جي سبب جو ڄاڻندڙ انئڪسئگورس ۾ هٿ ڪيو آهي، ۽ مون اميد ڪئي ته هو پهريائين مون کي ٻڌائيندو ته ڌرتي سئين آهي يا گول، ۽ پوءِ مون کي انهيءَ جو سبب به ضرور سمجهائيندو، ۽ چوندو ته سڀ کان بهتر ڳالهه ڪهڙي آهي، ۽ ڪيئن ڌرتيءَ لاءِ اهڙي صورت هئڻ سڀ کان بهتر آهي. جيڪڏهن هو چوندو ته ڌرتي ساري ڪائنات جي وچ تي آهي ته مون ڄاتو، هو سمجهائيندو ته هن جو انهيءَ هنڌ رهڻ هن جي لاءِ سڀ کان سهڻي ڳالهه آهي؛ ۽ آءُ تيار هوس ته هو جيڪڏهن مون کي هيءَ ڳالهه صاف ڪري ڏيندو ته آءُ ٻئي ڪنهن قسم جو سبب نه پڇندس. هن ساڳي ئي دستور موجب آءُ تيار هوس. سج، چنڊ ۽ تارن بابت سوالن پڇڻ لاءِ ۽ انهن جي متعلق رفتارن ۽ گردشن ۽ ڦيرن نسبت؛ ۽ آءُ تيار هوس ته ٻڌان ته ڇو انهن مان هر هڪ لاءِ سڀ کان سهڻي ڳالهه آهي ائين ڪرڻ ۽ ٿيڻ جيئن ٿي رهيو آهي. مون بلڪل نٿي ڀانيو ته، جڏهن هن چيو ته سڀ شيون ضمير جي حڪم هيٺ آهن، تڏهين هو انهن جي ائين هئڻ لاءِ هن کان سواءِ ڪو ٻيو سبب ڏيندو ته، هنن لاءِ ائين رهڻ سڀ کان سهڻي ڳالهه آهي. مون ڄاتو ته هو هرهڪ شيءِ لاءِ سبب ڄاڻائيندو، ۽ هن عالم جو به سبب ڏيندو، ۽ پوءِ مون کي سمجهائيندو ته، هر هڪ شيءِ لاءِ سڀ کان سهڻي ڳالهه ڪهڙي آهي، ۽ سڀني جي چڱائي ڇا ۾ آهي. ڪيترو به کڻي حاصل ٿيم ها ته به جيڪر آءُ پنهنجون اميدون ڪين وڪڻان ها مون وڏي شوق مان اهي ڪتاب هٿ ڪيا، ۽ جيترو جلد ٿي سگهيو ايترو انهن کي پرهيم، انهيءَ لاءِ ته خبر پويم ته سڀ کان سٺي ڳالهه ڪهڙي آهي ۽ خراب ڪهڙي آهي.

47

منهنجا دوست، منهنجون سڀئي عاليشان اميدون چٽ ٿي ويون، ڇو ته جيئن آءُ پڙهندو ويس، تيئن مون ڏٺو ته مصنف ضمير مان ڪوبه ڪم نه ورتو، ۽ هن شين جي انتظام لاءِ ڪي به سبب نه ڏنا،هن جيڪي سبب ڏنا سي هئا، هوا، لاوا، ۽ پاڻي، ۽ ٻيون ڪيتريون عجيب شيون. مون سمجهيو ته هو بلڪل اهڙي ماڻهوءَ وانگر آهي جو شروع ۾ چوي ته، جڏهن هو منهنجي هر هڪ فعل جي سبب ڏيڻ جي ڪوشش ڪري، تڏهين چوي ته، پهريون ته، آءُ هٿ هينئر ويٺو آهيان، ڇو جو منهنجو جسم هڏن ۽ رڳن جو جڙيل آهي، ۽ هڏا سخت آهن ۽ هڪٻئي کان سنڌن جي ڪري جدا ٿيل آهن، ۽ رڳون ڇڪي ۽ ڍريون ڪري سگهجن ٿيون، ۽ اهي گوشت سميت، ۽ کل سميت جا هنن کي گڏ رکي ٿي، هڏهن کي ڍڪين ٿيون؛ ۽ تنهنڪري، جڏهن هڏا پنهنجن جاين تان کڙا ڪيا وڃن ٿا، تڏهن رڳن جي ڍرائي ۽ ڇڪ مون لاءِ ممڪن ڪري ٿي ته، آءُ پنهنجا عضوا نوڙائي سگهان ۽ چوري سگهان، ۽ اهوئي سبب آهي منهنجي هن وقت هت ڄنگهن لڙڪائي ۽ وهڻ جو. ۽ انهيءَ ساڳيئي دستور موجب هو سمجهائيندو ته ڇو آءُ اوهان سان ڳالهايان ٿو: هو آواز، هوا ۽ ٻڌڻ، ۽ ٻيا هزارين سبب ڏيندو؛ پر سچو سبب ڏيڻ هن کان بلڪل ڀلجي ويندو، جو آهي ته جنهن صورت ۾ اٿينس واسين مون کي ڏوهاري ٺهرائڻ واجبي سمجهيو آهي ته جنهن صورت ۾ هتي وهڻ ۽ جيڪا به سزا هو مون تي مقرر ڪرڻ برابر سمجهن سا قبول ڪرڻ، مون واجب سمجهيو آهي؛ ڇو ته، مون کي مصر جي ڪتي جو سنهن آهي ته آءُ ڀانيان ٿو ته هي رڳون ۽ هڏا گهڻو اڳي جيڪر ميگارا يا بويوشيا ۾ وڃي نڪرن ها، ۽ اها ڳالهه جيڪر هنن جي نظر ۾ سڀ کان سهڻي لڳي ها، پر مون سمجهو ته چڱائي ۽ عزت انهيءَ ڳالهه ۾ آهي ته جيڪا به سزا سرڪار مقرر ڪري سا سهجي، ۽ ڀاڄ وسيلي جند نه ڇٽائجي. پر اهڙين شين کي سبب سمجهڻ اجائي ڳالهه آهي. جيڪڏهن ائين چيو وڃي ته هڏن ۽ رڳن توڙي پنهنجي جسم جي ٻين ڀاڱن کان سواءِ، آءُ جيڪر پنهنجن ارادن کي عمل هيٺ آڻي ڪين سگهان ها، ته اها ڳالهه برابر ٿئي ها. پر ائين چوڻ ته جيڪي آءُ ڪريان ٿو، تن جا اهي سبب آهن، ۽ ته اهو ئي دستور آهي، جنهن موجب آءُ ضمير جي وسيلي ڪم ڪريان ٿو، ۽ نه جيڪا سڀ کان سهڻي ڳالهه آهي تنهنجي اختيار ڪرڻ سان، سو آهي ڳالهائڻ جو نا محڪم ۽ بي احتياط نمونو. انهيءَ جي معنيَ فقط هيءَ آهي ته ڪو ماڻهو سچي سبب کي انهي کان سواءِ سڃاڻي نه سگهي، جنهن کان سواءِ سبب سبب ٿي نٿو سگهي، ۽ آءُ ڀانيان ٿو ته؛ اهوئي آهي جنهن کي، عام ماڻهو، اونداهي ۾ هٿوراڙيون ڏيندي، سبب ڪري سڏين ٿا، ۽ هن کي اهڙو نالو ڏين ٿا جو هن جو نه آهي. ۽ اهڙي طرح ڪو ماڻهو چوي ٿو ته ڌرتيءَ جي چوگرد اونهون ڪن آهي، ۽ عرش هن کي کنيو بيٺو آهي. وري ڪو ٻيو چوي ٿو ته ڌرتي هڪ سنئين تئي جي مثل آهي، ۽ هوا تي بيٺل آهي. پر هو انهيءَ طاقت کي معلوم ڪرڻ جو ڪوبه خيال نٿا ڪن جا انهن شين کان وڌيڪ چڱائي آهي؛ نڪي هو ڀائين ٿا ته اهڙي طاقت کي قدرتي زور اصل آهي. هو اميد رکن ٿا ته کين خبر پوندي ته ڪو وڌيڪ سگهار ۽ جٽائدار ۽ هوشيار پهلوان ائٽلس وانگر هوندو جو دنيا کي جهليو بيٺو آهي. ۽ ذري برابر به اهو نٿا ڀائين ته ڪو چڱائي جو مصبوط زور ئي آهي جو دنيا جي شين کي جهليو ۽ کنيو بيٺو آهي. آءُ جيڪر گهڻي خوشيءَ سان انهيءَ سبب جي فطرت جو احوال ڪنهن ماڻهوءَ کان سکان؛ پر انهيءَ کي پاڻهي ڳولي هٿ ڪرن ۾ يا ڪنهن ٻئي وٽان سکڻ ۾ آءُ بلڪل ناڪامياب ٿيو آهيان. پر، منهنجي ڪمان کي ٻي تند به هئي، ۽ شايد، ڪيبيز، تون چاهيندين ته آءُ توکي بيان ڪري ٻڌايان ته ڪيئن مون انهيءَ سبب جي ڳولا ۾ قدم کنيون.
هن ورندي ڏني ته، سچ پچ آءُ گهڻو چاهيان ٿو ته تنهنجو بيان ٻڌان.

  48

هن چيو ته، جڏهن مون سچي هستيءَ جي ڳولا کي ڇڏي ڏنو، تڏهن مون خيال ڪيو ته مون کي خبرداري وٺڻ گهرجي ته متان منهنجو حال انهن ماڻهن وانگر ٿئي، جيڪي گرهڻ وقت سج ڏي نهاريندا آهن. ڇو ته هو اڪثر ڪري پنهنجي اکين جي ديد وڃائي ويهندا آهن، پر ان صورت ۾ پنهنجي ديد بچائي وٺندا آهن جڏهن هو پاڻي ۾ يا ڪنهن ٻيءَ اهڙي شيءِ ۾ سج جي پاڇي کي پسندا آهن، انهيءَ خطري جو مون کي خيال ٿيو. مون کي خوف ٿيو ته جيڪڏهن آءُ شين ڏي پنهنجن اکين سان نهاريندس، ۽ هنن کي پنهنجن حواسن جي وسيلي معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس، ته منهنجو روح شايد بلڪل انڌو ٿي پوندو. تنهنڪري مون ويچار ڪيو ته آءُ خيالن جي مدد وٺان، ۽ انهن جي وسيلي هستيءَ کي جاچيان، شايد منهنجو مثال بلڪل برابر نه آهي. آءُ اها ڳالهه قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيان ته جو ماڻهو هستيءَ تي خيالن جي معرفت غور ڪري ٿو. سو فقط تصورن سان وهنوار رکي ٿو، ۽ ڪجهه به وڌيڪ معلوم نٿو ڪري، انهيءَ ماڻهوءَ کان جو هستيءَ کي ائين جاچي ٿو جيئن اها ظاهري شين ۾ پاڻ پڌرو ڪري ٿي. ڪيئن به هجي پر مون ڪم هن ريت شروع ڪيو: هر حالت ۾ جيڪو اصول مون کي سڀني کان وڌيڪ مضبوط نظر آيو سو مون کڻي قابو جهليو؛ ۽ پوءِ جيڪي به، سبب يا ٻيو ڪجهه، انهيءَ سان ڀچي آيو سو مون سمجهيو ته صحيح آهي، ۽ جيڪي به انهيءَ سان ٺهڪي نه ٿي آيو سو مون غلط ليکيو. منهنجي مرضي آهي ته آءُ پنهنجو مطلب وڌيڪ صاف ڪري سمجهايان. آءُ نٿو ڀانيان ته ڪو تون اڃا منهنجي ڳالهه سمجهي سگهين ٿو.
ڪيبيز چيو ته، تحقيق آءُ اڃا اُها تمام چڱي طرح نٿو سمجهان.

49

هن چيو ته، آءُ ڪا نئين ڳالهه ڪونه ٿو ڪريان، آءُ اها ئي ڳالهه ٿو ڪريان جا مون وري وري پنهنجي اڄوڪي گفتگو ۾ توڙي ٻين وقتن تي پئي ڪئي ۽ ورجائي آهي. جنهن سبب صحيح ڪرڻ تي آءُ سعيو ڪندو رهيو آهيان تنهن کي توکي سمجهائڻ لاءِ آءُ ڪوشش ڪندس، ۽ آءُ موٽي انهيءَ ڳالهه تي ايندس جنهن جو اسان ڪيترا دفعا ذڪر چوريو آهي، ۽ آءُ انهيءَ قياس سان گفتگو شروع ڪندس ته خالص حسن، ۽ خالص خوبي، ۽ خالص عظمت زنده آهن، ۽ ٻيون به اهڙيون خالص شيون آهن، جي هميشه رهڻيون آهن. جيڪڏهن تون هيتري ڳالهه قبول ڪندي، ۽ مڃيندين ته اهي حيات آهن، ته پوءِ مون کي اميد آهي ته آءُ توکي ڏيکاري سگهندس ته منهنجو سبب ڪهڙو آهي، ۽ آءُ ظاهر ڪري سگهندس ته روح لايموت/ اڻ مٽ آهي.
ڪيبيز چيو ته، تون کڻي سمجهه ته آءُ تنهنجي ايتري ڳالهه قبول ٿو ڪريان؛ هاڻي تون پنهنجو اثبات بيان ڪر.
هن چيو ته، تڏهن جيڪو هن مان نتيجو نڪري تنهن ۾ تون مون سان هم راءِ آهين؟ مون کي ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته جيڪڏهن ڪا شيءِ خالص حسن کانسواءِ سهڻي آهي، ته اها فقط انهيءَ ڪري ائين آهي جو هوءَ خالص حسن مان وجود وٺي ٿي، ۽ دنيا ۾ جيڪي به ڏسڻ ۾ اچي ٿو تنهن سڀ لاءِ منهنجو ساڳيو ئي رايو آهي. تون اهڙي قسم جو سبب قبول ڪرين ٿو؟
هن ورندي ڏني ته، آءُ قبول ڪريان ٿو.
هن چيو ته، چڱو تڏهن، انهن ٻين عقلي سببن کي آءُ نڪي سمجهي سگهان ٿو ته ۽ نڪي سڃاڻي سگهان ٿو: جيڪڏهن ڪو مون کي چوي ٿو ته ڪا شيءِ سهڻي آهي انهيءَ ڪري جو هن کي تيز رنگ آهي، يا ڊولائتو ڏيک ڏئي ٿي، ته آءُ اهڙيءَ ڳالهه ڏي ڪوبه ڌيان نٿو ڏيان، ڇو ته اهڙي ٻولي مون کي فقط منجهائي ٿي؛ ۽ هڪڙي سادي ۽ صاف ڳالهه ته اها شيءِ سهڻي فقط انهيءَ ڪري ٿئي ٿي جو خالص حسن انهيءَ ۾ موجود آهي يا انهيءَ ۾ گهڙي ٿو، تون انهيءَ کي جيڪي به کڻي سڏين- ميلاپ جي انهيءَ فطرت تي آءُ زور ڏيڻ نٿو چاهيان، پر جنهن ڳالهه جي مون کي خاطري آهي سا اها آهي ته اها شيءِ خالص حسن ئي آهي جا سڀني سهڻين شين کي سهڻو ڪري ٿي. هي جواب ئي مون کي سڀ کان وڌيڪ سلامتيءَ وارو نظر اچي ٿو، جو آءُ پاڻ کي يا ٻين کي ڏئي سگندس؛ آءُ ڀانيان ٿو ته جيڪڏهن آءُ هن ڳالهه تي برقرار رهندس ته مون کي ڪوبه جيتي ڪونه سگهندو؛ پاڻ کي يا ٻين کي هي جواب ڏيڻ سلامتي جهڙو آهي، اها شيءِ خالص حسن ئي آهي جا سهڻين شين کي سهڻو ڪري ٿي. تون ائين نٿو ڀائين؟
آءُ ائين ٿو ڀانيان.
۽ اها شيءِ مقدر ئي آهي جا وڏين شين کي وڏو ڪري ٿي، ۽ وڌيڪ وڏين شين کي وڌيڪ وڏو ڪري ٿي، ۽ ڇوٿائي آهي جا وڌيڪ ڇوٽين شين کي وڌيڪ ڇوٽو ڪري ٿي؟ هائو.
۽ جيڪڏهن ڪو توکي کڻي چوي ته هڪڙو ماڻهو ٻئي کي سر جيترو ڊگهو آهي، ۽ بندرو ماڻهو سر جيترو ڇوٽو آهي، ته تون اها ڳالهه ڪين قبوليندين. تون اعتراض وٺندين ۽ چوندين ته وڌيڪ وڏو وڌيڪ وڏو آهي مقدار جي ڪري، ۽ مقدار ئي سبب آهي انهيءَ جي وڌيڪ وڏي ٿيڻ جو. تون ائين چوڻ کان ڊڄندي ته ڪو ماڻهو سر جيترو وڏو يا ننڍو آهي، انهي ڪري ته متان توکي جواب ملي ته، پهرين ڳالهه ته وڏو وڏو آهي ۽ ننڍو ننڍو آهي ساڳيءَ شيءِ جي ڪري، ۽ ٻي ڳالهه ته، وڏو وڏو آهي سر جي ڪري، جو هڪڙي ننڍڙي شيءِ آهي، ۽ اها هڪڙي عجيب عالهه آهي ته هڪڙي ننڍڙي شيءِ (سر) ڪنهن ماڻهو کي وڏو ڪري. تون ائين چوڻ کان ڊڄندين ڪين؟
ڪيبيز کلي چيو ته، هائو، تحقيق.
۽ تون ائين چوڻ کان ڊڄندين ڪين ته ڏهه اٺن کان وڌيڪ آهن ٻن جي ڪري، ۽ ٻه سبب آهن انهي سرسائي جو. تون چوندين ڪين ته ڏهه اٺن کان وڌيڪ آهن عدد جي ڪري، ۽ عدد سبب آهي انهيءَ سرسائي جو؟ ۽ ساڳيئي دستور تون ائين چوڻ کان ڪين ڊڄندين ته ڪا شيءِ ٻه هٿ ڊگهي ڪنهن ٻيءَ شيءِ هڪ هٿ ڊگهيءَ کان پنهنجي ڊيگهه جي اڌ جيترو ڊگهي آهي، ڊيگهه جي ڪري ۽نه مقدار جي ڪري، برابر؟
هائو، بلڪل برابر.
وري، تون ائين چوڻ کان خبردار ڪين ٿيندين ته، جيڪڏهين هڪ هڪ سان جوڙ ڪيو ويندو ته اهو جوڙ ٻن جو سبب ٿيندو، يا جيڪڏهن هڪ ونڊيو ويندو ته اها ونڊ ٻن جو سبب ٿيندي؟ تون وڏي واڪ اعتراض وٺندي ته توکي ڪنهن ٻه ٻئي طريقي جي خبر نه آيه جنهن ۾ ڪا شيءِ پيدا ٿي سگهي، ۽ چوندين ته فقط پنهنجي خاص جوهر مان بهرو وٺڻ سان هوءَ پيدا ٿي سگهندي؛ ۽ تون چوندين ته تون ٻن جي پيدا ٿيڻ جو هن کانسواءِ ڪوبه ٻيو سبب ڏئي ڪين سگهندين ته هو ٻيائي مان بهرو وٺن ٿا؛ ۽ چوندين ته سڀ شيون جيڪي ٻه ٿيڻيون آهن سي ضرور ٻيائي مان بهرو وٺنديون، ۽ جيڪي به هڪ ٿيڻو آهي تنهن کي ضرور هڪڙائي مان بهرو وٺڻو پوندو. تون انهن سڀني ونڊن ۽ جوڙن ۽ ٻين اهڙين سڀني مونجهاري وارين ڳالهين جو تفسير پاڻ کان وڌيڪ عاقل ماڻهن جي هٿ ۾ ڇڏيندين. جيئن ته چوڻي آهي تيئن تون پنهنجي پاڇي ڀر ۽ پنهنجي جهالت. کان ڊڄندين، ۽ اسان جي اصول واريءَ سلامتيءَ کي پختو جهليندين، ۽ انهي موجب پنهنجو جواب ڏيندين. پر جيڪڏهن ڪو خود انهيءَ اصول تي حملو ڪندو. ته تون خيال ڪري وٺندين ته انهيءَ جا نتيجا مواقف آهن يا نه، ۽ جيڪڏهن توکي انهيءَ اصول جو احوال ڏيڻو پوندو ته تون اهو ساڳئي دستور موافق ڏيندين، ۽ ڪو ٻيو اصول انهيءَ ڪم لاءِ اختيار ڪندين جو تنهنجي نظر ۾ پهرئين اصول کان اعليَ هوندو، ۽ اهڙيءَ طرح هليو ويندين، جيسين ڪِ ڪنهن پسند جهڙي سلامتيءَ واري هنڌ پهچندين. جيڪڏهن توکي سچ پچ حياتيءَ جو ڪو احوال معلوم ڪرڻو هوندو ته، تون پهرئين اصول ۽ انهيءَ جي نتيجن کي پنهنجي مباحثي ۾ وچڙائي ڪين وجهندين، جيئن رواجي بحث ڪندڙ ڪندا آهن. اهڙن ماڻهن جي مرضي نه هوندي آهي ته ڪو هڪڙو لفظ خيال اهڙي طرح صرف ڪجي. ڇو ته هو چالاڪ هوندا آهن ۽ پاڻ کي بلڪل خوش ڪري سگهندا آهن، پوءِ کڻي سندن مباحثو نسوري نيستي هجي. پر تون، آءُ ڀانيان ٿو ته، جيڪڏهين فيلسوف هوندين ته، ائين ڪندين جيئن آءُ توکي چوان ٿو.
سمئس ۽ ڪيبيز گڏجي چيو ته، بلڪل برابر.
ايڪيڪرئٽيز- فيدو، اُهي صحيح هئا، آءُ ڀانيان ٿو ته هن جي مباحثي جي صفائي بلڪل موڳي ماڻهوءَ کي به صفا عجيب لڳندي.
فيڊو: تحقيق، ايڪيڪرئٽيز، جيڪي اتي حاضر هئا انهن به ائين سمجهو.
ايڪيڪرئٽيز- اهڙي ئي طرح اسين به ٿا سمجهون، جيڪي اتي حاضر نه هئاسون، ۽ تنهنجي ڳالهه پيا ٻڌون، پر انهيءَ کان پوءِ مباحثو ڪيئن هليو؟

50

فيڊو: هنن قبول ڪيو ته هر ڪو خيال حيات آهي، ۽ دنيا ۾ ٿيندڙ ڳالهيون انهن خيالن جا نالا اختيار ڪن ٿيون، جيئن هو انهن ۾ بهرو وٺن ٿيون. تنهن کانپوءِ آءُ ڀانيان ٿو ته سقراط پڇڻ لڳو ته:
جيڪڏهين اوهين هينءَ چئو ٿا ته پوءِ جي اوهين چوندو ته سمئس سقراط کان ڊگهو آهي ۽ فيڊو کان بندرو آهي، ته قبول ڪين ڪندو ته، سمئس وٽ ڊگهائي ۽ بندرائي جون ٻئي خصلتون موجود آهن؟
ڪيبيز چيو ته، پر تون اهو اقرار ڪندين ته، سمئس سقراط کان ڊگهو آهي، برابر نه آهي، جيئن هو بيان ڪو ويندو آهي. حقيقت ڪري سمئس انهيءَ ڪري ڊگهو نه آهي جو هو سمئس آهي، پر هو پنهنجي قد ڪري ڊگهو آهي. نڪي وري هو سقراط کان ان ڪري ڊگهو آهي جو سقراط سقراط آهي، پر هو ڊگهو آهي سقراط جي بندرائي سبب، جڏهن اها بندرائي سمئس جي ڊگهائي سان ڀيٽي وڃي ٿي.
برابر.
سمئس، فيڊو کان ان ڪري بندرو نه آهي جو فيڊو فيڊو آهي، پر هو بندرو آهي فيڊو جي ڊگهائي سبب، جڏهن اها سمئس جي بندرائي سان ڀيٽي وڃي ٿي.
ائين ئي آهي.
هن طرح سمئس بندرو ۽ ڊگهو ٻئي سڏيو وڃي ٿو، جڏهين هو ٻنهي جي وچ ۾ آهي: هوهڪڙي جي بندرائي کان پنهنجي ڊگهائي جي واڌ جيترو اوچو آهي ۽ ٻيو کانئس سندس بندرائي جي گهٽتائي جيترو اوچو آهي. هن مشڪي چيو ته، آءُ سمجهان ٿو ته، تون ڀائيندو هوندين ته، منهنجي ٻولي درستيءَ ۽ وقت ۾ ڪنهن قانوني دستاويز وانگر آهي؛ پر آءُ ڀانيان ٿو ته ڳالهه ائين آهي جيئن آءُ چوان ٿو.
هن قبول ڪيو.
آءُ ائين ايتري لاءِ چوان ٿو ته تون به مون وانگر خيال ڪرين. منهنجي نظر ۾ ائين اچي ٿو ته خالص وڏائي وڏي ۽ ننڍي هرگز ٿي ڪين سگهندي، پر آءُ ائين به ڀانيان ٿو ته اسان واري وڏائي ڪڏهن به ننڍائي ٿي ڪين سگهندي، ۽ هن کان ڪجهه به وڏو ٿي ڪين سگهندو. هنن ٻن ڳالهين مان هڪڙي ضرور ٿيندي: يا ته وڏو پنهنجي مخالف، ننڍي جي اوڏي اچڻ تي ڀڄي پاسو ڪندو، يا ته ناس ٿي ويندو. هو پنهنجي جاءِ تي بيهي، ننڍائيءَ کي پاڻ وٽ آڻي ڪين سگهندو، ۽ نه ئي بدلجي ٻيو ٿي سگهندو، جيئن آءُ پنهنجي جاءِ تي محڪم آهيان، ۽ بندرائي کي پاڻ وٽ هجڻ ڏيان ٿو ۽ ساڳو ئي بندرو ماڻهو رهان ٿو جهڙو هئس. پر وڏائي، وڏي هئڻ سبب، ننڍي ٿي ڪين سگهندي. ساڳيءَ طرح وري اسان واري ننڍائي نڪي ڪڏهن وڏي ٿي سگهندي ۽ نڪي وڏي آهي. نڪي ڪا مخالف شيءِ، جيسين اها ساڳيءَ حالت ۾ رهي ٿي، ساڳيئي وقت پنهنجي حالت جي ابتڙ ٿي سگهندي يا آهي. يا ته اها ڪاڏي هلي وڃي ٿي، يا ته ڦير گهير ۾ ناس ٿي وڃي ٿي.
ڪيبيز چيو ته، آءُ به بلڪل ائين ئي ڀانيان ٿو.

51

اتي ڪنهن- مون کي پڪ نه آهي ته اهو ڪير هو- چيو ته،
پر هي ضرور انهيءَ جي ابتڙ ڪين آهي جيڪي اسان مباحثي ۾ اڳ برابر سمجهي قبوليو هو ته، وڏو ننڍي مان پيدا ٿئي ٿو ۽ ننڍو وڏي مان، مطلب ته مخالف شيون مخالف شين مان پيدا ٿين ٿيون؟ پر هاڻي ڏسجي ٿو ته ان کان انڪار ڪيو ٿو وڃي ته ڪو ڪڏهن ائين به ٿي سگهندو.
سقراط ڳالهائڻ واري ڏينهن ڪنڌ ورايو ۽ ٻڌڻ لڳو. هن چيو ته، واهه جي دليري سان ڳالهه ڪئي اٿئي، پر تو هنن ٻن قولن جي وچ ۾ فرق نه جاچيو آهي. ساڳي اسان جيڪي به چيوهو سو هيءَ هو ته هرڪا شيءِ پنهنجي مخالف مان پيدا ٿئي ٿي. اسين جيڪي هاڻي چئون ٿا سو هيءُ آهي ته، ڪابه مطلق شيءِ، کڻي اها اسان ۾ اندر هجي يا ٻاهر خلقت ۾ هجي، هرگز پنهنجي مخالف حالت ۾ اچي ڪين سگهندي. اسان اڳي انهن شين جو بيان ڪيو ٿي، جن ۾ مخالف خصلتون رهن ٿيون، ۽ اسان انهن کي انهن مخالف خصلتن جي پٺيان نالا ڏنا هئا. پر هنيئر اسين خود انهن مخالف خصلتن جو بيان ڪريون ٿا، جن جي هئڻ سبب شين کي سندن نالا ملن ٿا، ۽ اهي، اسين چئون ٿا ته، ڪڏهن به هڪ ٻئي مان پيدا ڪين ٿينديون. انهي ساڳئي وقت هن ڪيبيز ڏانهن نهاريو ۽ پڇائينس ته، ڪيبيز، هن اعتراض توکي ڪا تڪليف ڏني آهي؟
ڪيبيز ورندي ڏني ته، نه: اها تڪليف آءُ محسوس نٿو ڪريان. پر آءُ ان کان به انڪار نٿو ڪريان ته، ٻيو ڪيتريون ڳالهيون به مون کي تڪليف نٿيون ڏين.
هن چيو ته، تڏهين اسين هن نقطي تي بلڪل متفق راءِ آهيون: هڪڙي مخالف شيءِ هرگز پنهنجي مخالف ڪين ٿيندي.
هن ورندي ڏني ته، نه، بلڪل نه.

52

هن چيو ته، هاڻي وري مون کي ٻڌاءِ؛ هن ڳالهه ۾ تون مون سان متفق راءِ آهين؟ اهڙيون شيون ڪين آهن، جن کي تون گرمي ۽ سردي سڏين ٿو؟
هائو.
اهي اهڙيون آهن، جهڙيون برف ۽ باهه؟
نه، بلڪل نه.
گرمي باهه کان نرالي آهي، ۽ سردي برف کان الڳ؟
هائو.
پر آءُ سمجهان ٿو ته، جيئن اسان چيو آهي، تون نٿو ڀائين ته ڪو برف، گرميءَ کي پاڻ وٽ اچڻ ڏيندي؛ ۽ وري جهڙي هئي تهڙي رهندي، برف ۽ گرمي، هوءَ گرميءَ جي اوڏي اچڻ تي يا ته ڀڄي پاسو ڪندي يا ته ناس ٿي ويندي.
تحقيق.
۽ باهه، وري، سردي جي اوڏي اچڻ تي يا ته ڀڄي پاسو ڪندي يا ته ناس ٿي ويندي.
هن چيو ته، سچ آهي.
تڏهن، انهن شين مان ڪن لاءِ برابر آهي ته، نه رڳو انهن جو خيال سدائين لاءِ پنهنجي نالي تي حق رکي سگهي ٿو، پر ٻي به هڪڙي شيءِ، جا خيال نه آهي، پر هر هنڌ جتي اها رهي ٿي تتي خيال جي صورت اٿس، تنهن کي به انهيءَ نالي ۾ حصو آهي. شايد منهنجي معنيَ مثال ڏيڻ سان وڌيڪ صاف ٿيندي. اڪي شين کي سدائين اڪي نالو هئڻ گهرجي، هائو يا نه؟
هائو، بلڪل برابر.
چڱو، منهنجو سوال هي آهي.اڪي شيءِ ئي فقط انهي نالي سان آهي، يا ڪا ٻي به شيءِ آهي، جا اڪي جهڙي ساڳي نه آهي، پر جنهن کي سدائين پنهنجي نالي سميت اهو به نالو هئڻ گهرجي، ڇو ته هن جي فطرت اهڙي آهي جو هوءَ ڪڏهن به اڪي کان جدا ٿي نٿي سگهي؟ آءُ جيڪي چوان ٿو تنهنجا گهڻائي مثال آهن: اچو ته انهن مان هڪڙي، عدد ٽي، کي هٿ ۾ کڻون، ۽ انهيءَ کي جاچيون. تون نٿو ڀائين ته اسان کي سدائين انهيءَ کي اڪي جي نالي سان سڏڻ گهرجي، ۽ پڻ سندس پنهنجي نالي سان، جيتوڻيڪ اڪي ساڳي شيءِ نه آهي جهڙو عدد ٽي؟ جيتوڻيڪ عدد ٽي، ۽ عدد پنج، ۽ انگن جي سلسلي جي اڌ جي بيهڪ/ فطرت اهڙي آهي جو انهن مان هر ڪو اڪي آهي، البت انهن مان ڪو ساڳيو نه آهي جهڙو اڪي. ساڳيءَ طرح عدد ٻه، ۽ عدد چار، ۽ انگن جو ساروئي ٻيو سلسلو، سدائين ٻڌي آهن، جيتوڻيڪ اُهي ساڳيا نه آهن جهڙو ٻڌي. تون هيءَ ڳالهه قبول ڪرين ٿو يا نه؟
هن ورندي ڏني ته، هائو ضرور.
تڏهن ڏس ته آءُ توکي ڇا ڏيکارڻ گهران ٿو. نه رڳو ائين آهي ته، ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته مخالف خيال پنهنجن مخالفن کي پاڻ وٽ اچڻ نٿا ڏين؛ پڻ ائين آهي ته جيڪي شيون مخالف نه آهن، پر هن جن ۾ مخالف خصلتون سدائين موجود آهن، سي به ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته ڄڻ انهيءَ خيال کي پاڻ وٽ اچڻ ڪين ڏينديون، جيڪو منجهن موجود خيال جي ابتڙ آهي. اُهي يا ته انهيءَ جي اوڏي اچڻ تي ناس ٿي ٿيون وڃن يا ته ڀڄي پاسو ٿيون ڪن. اسين ائين ڪين چئي سگهنداسون ته عدد ٽي، جيسين اهو ٽي ٿي رهي، تيسين ٻڌي هرگز ڪين ٿيندو، ليڪن ٻيو ڪجهه سهي سگهندو يا ناس ٿي ويندو؟
ڪيبيز چيو ته، تحقيق، برابر.
هن چيو ته، تنهن هوندي به عدد ٻه، عدد ٽن جي ابتڙ نه آهي.
نه، بلڪه نه.
تڏهين اُهي نه رڳو خيال آهن جي پنهنجن مخالفن جو اوڏو اچڻ سهي نٿا سگهن؛ انهن کان سواءِ ٻيون به شيون آهن جي انهن جو اوڏو اچڻ سهي نٿيون سگهن.
هن چيو ته، اها ڳالهه بلڪل صحيح آهي.

53

هن چيو ته، ڪريون فيصلو جي ٿي سگهي ته انهن جي فطرت ڪهڙي هوندي؟
ضرور.
ڪيبيز، اُهي اهڙيون شيون ڪين هونديون جي جنهن به شيءِ ۾ موجود آهن ته انهيءَ تي بار آڻين ٿيون ته، اها نه فقط پنهنجو خيال پاڻ وٽ حاضر رکي، پر ڪنهن مخالف شيءِ جو به خيال موجود رکي؟
ڇا آهي تنهنجو مطلب؟
فقط ايترو جيڪي اسان هنيئر پئي چيو. آءُ ڀانيان ٿو ته، توکي خبر آهي ته، جتي به ٽن جو خيال موجود آهي، سو ضرور نه فقط ٽي هوندو، پر اڪي به هوندو.
ضرور.
چڱو، اسين چئون ٿا ته جيڪا صورت هي نتيجو پيدا ڪري ٿي، تنهن جي ابتڙ خيال ڪڏهن به انهيءَ شيءِ ۾ نه ايندو.
تحقيق، نه.
پر اڪي جو خيال انهيءَ کي پيدا ڪري ٿو.
هائو.
پر ٻڌي جو خيال مخالف آهي اڪي جي خيال جي؟
هائو.
تڏهن ٽن وٽ ڪڏهن به ٻڌي جو خيال نه ايندو؟
بلڪل نه.
تڏهن ٽن جو ٻڌي ۾ ڪوبه حصو نه آهي؟
ڪوبه نه.
تڏهن عدد ٽي ٻڌي نه آهي؟
هائو.
هي بيان بس آهي انهن شين جي وصفن بابت جيڪي مخالف نه آهن، ۽ وري مخالف خيالن کي پاڻ وٽ اچڻ نٿا ڏين؛ اهڙيءَ طرح اسان ڏٺو آهي ته عدد ٽي ٻڌيءَ کي پاڻ وٽ اچڻ نٿو ڏئي، جيتوڻيڪ هو ٻڌيءَ جي ابتڙ نه آهي، ڇو ته هو سدائين پاڻ سان ٻڌيءَ جو ابتڙ خيال آڻي ٿو؛ ۽ عدد ٻه اڪي جي خيال کي پاڻ وٽ اچڻ نٿو ڏئي، نڪي باهه ٿڌ جي خيال کي، ۽ ائين وڃ هليو. هن چوڻ ۾ تون مون سان متفق راءِ آهين ته مخالف شيون نه رڳو مخالف شين کي پاڻ وٽ اچڻ نٿيون ڏين. پر پڻ ڪابه شيءِ جا پاڻ اسان آڻي ٿي ڪو خيال جو مخالف آهي انهيءَ شيءِ جي، جيڏانهن هوءَ وڃي ٿي، سا به ڪڏهن انهيءَ جي مخالف کي پاڻ وٽ اچڻ نٿي ڏئي جيڪي هوءَ پاڻ سان آڻي ٿي؟ بيهه ته توکي هن ڳالهه جي وري يادگيري ڏياريان، ورجائڻ ۾ ڪا حرڪت ڪانهي. پنج ٻڌيءَ جي خيال کي پاڻ وٽ اچڻ نه ڏيندا، نڪي وري پنجن جي ٻيڻ- اڪي جي خيال کي پاڻ وٽ اچڻ ڏيندا. هو عدد پاڻ مخالف نه آهي، تنهن هوندي به اڪي جي خيال کي پاڻ وٽ اچڻ نٿو ڏئي. وري ڏيڍ، ۽ اڌ، ۽ ٻيا اهڙي قسم جا عدد سڄي جي خيال کي پاڻ وٽ اچڻ نه ڏيندا، ۽ نه ئي وري اهڙا عدد جي ٽيائي وارا آهن. تون هيءَ ڳالهه سمجهين ٿو ۽ قبول ڪرين ٿو.
هن چيو ته، آءُ اها ڳالهه سمجهان ٿو ۽ توسان بلڪل متفق راءِ آهيان.

54

هن چيو ته، هاڻي وري شروع ڪر، ۽ مون کي جواب ڏي. ۽ مون کي نقل ڪجانءِ؛ منهنجي سوال وارن جملن ۾ مون کي جواب نه ڏجانءِ. منهنجو مطلب آهي ته، جهونو سلامتيءَ وارو جواب نه ڏجانءِ جنهن جو مون اڳي ئي ذڪر ڪيو آهي، ڇو ته مون کي ٻيو سلامتيءَ وارو رستو ڏسڻ ۾ ٿو اچي، جو نتيجو آهي انهيءَ جو جيڪي اسان پئي چيو آهي. جيڪڏهن تون مون کان پڇندين ته، جسم ۾ اندر اها ڪهڙي شيءِ آهي جا هن کي گرم ڪري ٿي. ته آءُ پاڻ وارو اڳوڻو سلامتيءَ وارو ۽ بيوقوفي جو جواب ڪين ڏيندس، ته اها گرمي آهي؛ آءُ وڌيڪ سهڻو جواب، جيڪي هاڻي آهيون، تنهن مان نڪتل ڏيندس، ۽ چوندس ته، باهه. جيڪڏهن تون مون کان پڇندين ته، جسم ۾ اها ڪهڙي شيءِ آهي جا هن کي بيمار ڪري ٿي، آءُ اهو نه چوندس ته بيماري، پر چوندس تپ، ۽ وري اهو سوال ته عدد ۾ اها ڪهڙي شيءِ آهي جا انهيءَ کي ايڪو ڪري ٿي، اهڙي سوال جي جواب ۾ آءُ اهو نه چوندس ته ايڪائي، پر چوندس ته اتحاد، ۽ ائين وڃ هليو........ تون منهنجو مطلب هاڻي چڱي طرح سمجهين ٿو؟
هن چيو ته، هائو، بلڪل چڱي طرح.
هن چيو ته، تڏهن مون کي ٻڌاءِ ته، جسم ۾ اها ڪهڙي شيءِ آهي جا هن کي حيات رکي ٿي؟
هن ورندي ڏني ته، روح.
۽ سدائين ائين آهي؟
هن چيو ته، ضرور.
تڏهن جيڪا به شيءِ پاڻ وٽ روح رکي ٿي، تنهن وٽ هو ئي حياتي آڻي ٿو.
هن جواب ڏنو ته، بلاشڪ.
۽ حياتيءَ جي مخالف به ڪجهه آهي، يا نه؟
هائو.
اهو ڇا آهي؟
موت.
۽ اسين اڳيئي قبول ڪري چڪا آهيون ته، روح ڪڏهين به پاڻ وٽ انهيءَ کي اچڻ نه ڏيندو جو مخالف آهي انهيءَ جي جيڪي هو پاڻ سان آڻي ٿو؟
ڪيبيز چيو ته، هائو، تحقيق اسان اها ڳالهه قبول ڪئي آهي.

55

چڱو؛ اسان ڪهڙو نالو ڏنو هو انهيءَ کي جو ٻڌيءَ جي خيال کي پاڻ وٽ اچڻ نه ڏئي؟
هن ورندي ڏني ته، اڪي.
۽ اسين ڇا چوندا آهيون انهيءَ کي جو انصاف يا راڳ کي پاڻ وٽ اچڻ نٿو ڏئي؟
بي انصاف، ۽ بي سرو.
چڱو؛ ۽ اسين انهيءَ شيءِ کي ڇا چوندا آهيون جا موت کي پاڻ وٽ اچڻ نٿي ڏئي؟
هن چيو ته، لايموت.
هائو.
هن چيو ته، چڱو ڪيبيز، جيڪڏهن ته هيءَ ڳالهه ثابت ٿي چڪي آهي؟ تون ڇا ٿو ڀائين؟
هائو، سقراط، بلڪل پوري طرح.
هن چيو ته، چڱو ڪيبيز، جيڪڏهن ايڪا ضرور لازوال هجن ها، ته جيڪر ٽي ڪين لازوال ٿين ها؟
ضرور.
۽ جيڪڏهين سردي ضرور لازوال هجي ها ته جيڪر گرمي لڳڻ تي برف سلامتيءَ سان بنان ڀرڻ ۽ پگهرڻ جي هٽي پاسو ڪري ها. هوءَ جيڪر ناس ٿي ڪين وڃي ها، ۽ ماٺ ڪري بيهي گرميءَ کي پاڻ وٽ ڪين ڏئي ها.
هن چيو ته، سچ.
آءُ ڀانيان ٿو ته، ساڳيئي دستور موجب، جيڪڏهن گرمي لازوال هجي ها، ته جيڪر ٿڌ لڳڻ تي باهه هرگز ڪين وسامي وڃي ها يا ناس ٿي وڃي ها. هوءَ جيڪر سلامتيءَ سان ڪاڏي هلي وڃي ها.
هن ورندي ڏني ته، ضرور.
هن چيو ته، ساڳي ڳالهه اسين لايموت بابت چئي نٿا سگهون ڇا؟ جيڪڏهن لايموت لازوال آهي ته، روح موت اچڻ تي ناس ٿي ڪين سگهندو. جيڪي اسين چئي رهيا آهيون، تنهن مان نتيجو نڪري ٿو ته هو ڪڏهن به موت کي پاڻ وٽ اچڻ ڪين ڏيندو، ۽ نڪي موت جي حالت ۾ رهي سگهندو، جيئن ته ٽي يا ايڪا هرگز ٻڪا ٿي ڪين سگهندا، يا جيئن باهه، يا گرمي جا باهه ۾ آهي، سا هرگز سرد ٿي ڪين سگهندي. پر ائين ڪو کڻي چوي ته، قبول آهي ته اڪا ٻڪن جي اوڏي اچڻ تي ٻڪا نٿا ٿين، پر ڇو نه جڏهن ايڪو ناس ٿي وڃي تڏهن سندس جاءِ ٻڪو اچي والاري؟ اسين جواب ۾ ائين چئي ڪين سگهنداسون ته هو ڪو ناس نٿو ٿئي، ڇو ته اڻ ٻڪو لازوال نه آهي. جيڪڏهن اسين قبول ڪريون ها ته اڻ ٻڪو لازوال آهي، ته اسين سولائي سان جواب ڏئي سگهون ها ته ٻڪي جي اوڏي اچڻ تي ايڪو ۽ ٽي ڀڄي پاسو ڪن ٿا؛ ۽ اسين ساڳيو دليل باهه ۽ گرميءَ ۽ ٻين شين لاءِ پيش ڪري سگهون ها، برابر؟
هائو، تحقيق.
۽ هاڻي، جيڪڏهن اسين قبول ڪريون ٿا ته لايموت لازوال آهي، ته پوءَ روح نه رڳو لايموت ٿيندو، پر لازوال پڻ ٿيندو؛ نه ته وري اسان کي ٻيو دليل کپندو.
هن چيو ته، نه، هن ڳالهه نسبت انهي جي ضرورت ڪانهي؛ ڇو ته جيڪڏهن لايموت، جو دائمي آهي، سو نابوديءَ کي اوڏو اچڻ ڏيندو، ته پوءِ ٻيو ڪير نه ڏيندو؟

56

سقراط چيو ته، سڀ ماڻهو قبول ڪندا ته خدا، ۽ هستيءَ جي جوهري صورت، ۽ ٻيو سڀ جيڪي لايموت آهي، ڪڏهن به ناس نٿو ٿئي.
هن چيو ته، تحقيق، سڀ ماڻهو، ۽ انهيءَ کان وڌيڪ، آءُ ڀانيان ٿو ته، سڀ خدا اها ڳالهه قبول ڪندا.
تڏهن جيڪڏهن لايموت لازوال آهي، ته پوءِ روح، جيڪڏهين اهو به لايموت آهي، ته ضرور لازوال ڪين هوندو؟
تحقيق هو ضرور هوندو.
تڏهن، ڏسجي ٿو ته، جڏهن موت ڪنهن ماڻهوءَ تي حملو ڪري ٿو، ته هن جو فاني ڀاڱو مري ٿو، پر هن جو لايموت ڀاڱو موت جي اوڏي اچڻ تي هٽي پاسو ڪري ٿو، ۽ سلامتيءَ سان بنان ڪنهن نقصان جي هليو وڃي ٿو.
ائين ٿو ڏسجي.
هن چيو ته، ڪيبيز، تڏهن، بنان ڪنهن شڪ جي روح لايموت ۽ لازوال آهي؛ ۽ اسان جا روح سچ پچ ٻيءَ دنيا ۾ حيات رهندا.
هن ورندي ڏني ته، سقراط، مون کي ڪوبه وڌيڪ اعتراض اٿارڻو نه آهي؛ تنهنجي دليلن مون کي بلڪل خاطري ڏياري ڇڏي آهي. جيڪڏهن سمئس، يا ڪنهن ٻئي کي ڪجهه چوڻو آهي، ته چڱو ٿيندو ته هينئر ڪڇي؛ ڇو ته آءُ سمجهي نٿو سگهان ته هو ڪهڙي ٻئي وقت موقعي لاءِ اهو مباحثو ترسائي سگهندو، جيڪڏهن هن کي هن مسئلي نسبت ڪجهه چوڻو يا ٻڌڻو آهي.
سمئس چيو ته، تحقيق، نه؛ جيڪي اوهين چئي رهيا آهيو تنهن کانپوءِ مون کي وڌيڪ شڪ جو سبب ڪونهي. تنهن هوندي به مون کي دل ۾ ڪي گمان اڃا رهيل آهن؛ ڇو ته اسان جي گفتگو جو موضوع وسيع آهي، ۽ مون کي انسان جي ضعيفي ڪري خاطري نٿي ٿئي.
سقراط چيو ته، سمئس، تون صحيح آهين؛ ۽ تنهن کانسواءِ، توکي اسان جا شروع وارا تصور وري جاچڻ کپن، پوءِ کڻي اهي توکي ڪهڙا به سچا نظر اچن؛ آءُ ڀانيان ٿو ته، جڏهن تون انهن کي چڱي طرح اک کولي ڏسندين، تڏهن تون مباحثي کي سمجهي سگهندين، جيتري قدر اهو سمجهڻ انسان لاءِ ممڪن آهي؛ ۽ جڏهن اهو تنهنجي نظر ۾ صاف ۽ چٽو ڏسڻ ۾ ايندو، تڏهين تون وڌيڪ جاچ ڪانه ڪندين.
هن چيو ته اها ڳالهه برابر آهي.

57

هن چيو ته، پر تڏهن، منهنجا دوستو، اسان کي هيترو خيال رکڻ کپي؛ جيڪڏهين سچ ائين آهي ته روح لايموت ۽ لازوال آهي، ته اسان کي هن جي خبرداري رکڻ کپي، نه رڳو انهيءَ وقت لاءِ جنهن کي اسين حياتي ٿا سڏيون، پر پڻ سموري وقت لاءِ. هاڻي اسين ڏسي سگهون ٿا ته انهيءَ غفلت جو خطرو ڪيڏو نه خوفناڪ آهي. ڇو ته جيڪڏهن موت جي معنيَ هجي ها سڀني ڳالهين کان رهائي، نه جيڪر هو جسمن لاءِ ته خدائي غنيمت ٿئي ها؛ ڇو ته هو جڏهن مرن ها تڏهين پنهنجن روحن سميت جسم مان آزاد ٿين ها ۽ پنهنجي بدڪاريءَ کان به ڇٽن ها. پر هاڻي اسان ڏٺو آهي ته روح لايموت آهي، ۽ تنهنڪري هن جو جسم کان ڇوٽڪارو ۽ سلامتي انهيءَ ۾ آهي ته هو جيتري قدر ٿي سگهي تيتري قدر عاقل ۽ ڪامل ٿئي. ڇو ته هو پنهنجي تعليم ۽ ترتيب کان سواءِ ٻيو ڪي به پاڻ سان ٻيءَ دنيا ڏي کڻي نٿو وڃي؛ ۽، چون ٿا ته، فوت ٿيل ماڻهوءَ لاءِ سندس اوڏاهون جي سفر جي شروعات کان وٺي، سڀ کان وڌيڪ فائديمند يا نقصانڪار اهي شيون آهن. ڇو ته چون ٿا ته جيڪو ملائڪ هر هڪ انسان تي سندس حياتيءَ ۾نظرداري ڪري ٿو، سو سندس مئي پڄاڻان، هن کي هڪڙي هنڌ وٺي وڃي ٿو. جتي مرهيات گڏ ٿين ٿا ۽ فتويَ وٺن ٿا، ۽ پوءِ هيٺين دنيان ڏي پنهنجي رهبر سان وڃن ٿا جو کين اوڏاهين وٺي وڃڻ لاءِ مقرر ٿيل آهي ۽ جڏهن هنن کي اتي سندن حق ملي ٿو ۽ هو اتي مقرر ٿيل وقت گذاري وٺن ٿا، تڏهن ٻيو رهنما هنن کي صدين جي گهڻن وڏن دورن بعد موٽائي وٺي اچي ٿو. تنهنڪري هيءَ مسافري اهڙي نه آهي جهڙي طرح ايسڪائيلس شاعر هن کي پنهنجي ناٽڪ ٽيليفس ۾ بيان ٿو ڪري، جتي هو چوي ٿو ته هڪڙو سولو رستو مئلن جي مڪان ڏانهن نئين ٿو. پر آءُ ڀانيان ٿو ته رستو نڪي سولو آهي ۽ نڪي هڪڙو آهي؛ جي ائين هجي ها ته رهبرن جي ڪابه ضرورت ڪانه ٿئي ها. ڌرتيءَ تي دفن ڪرڻ وقت جيڪي روشون اختيار ڪيون وينديون آهن، تن مان آءُ سمجهان ٿو ته، انهيءَ رستي کي گهڻيون واٽون ۽ پيچرا آهن. سڌريل ۽ سياڻو روح پنهنجي رهبر جي پٺيان هلي ٿو، ۽ ٻيءَ دنيا جي ڳالهين کان غير واقف نه آهي؛ پر جيڪو روح جسمن جي هوائن ۾ مبتلا آهي، سو گهڻي وقت تائين ظاهري دنيا ۾ جسم جي چوگرد پريشان ٿي رلندو رهي ٿو، جيئن مون چيو آهي، ۽ سخت تڪليفون ۽ درد ڀوڳيندو رهي ٿو، ۽ نيٺ زبردستي سان لاچار ٿي پنهنجي مقرر ٿيل ملائڪ هٿان گهلجي وڃي ٿو. ۽ جڏهن هو انهيءَ هنڌ اچي ٿو جتي ٻيا روح آهن، تڏهن جيڪڏهن هو بدڪاريءَ سبب پليد ۽ گندو ٿيل آهي، ۽ بڇڙن خونن ۾ شامل ٿيل آهي، يا جيڪڏهن هن انهن ڏوهن سان لاڳاپيل ڪي ٻيا ڏوهه ڪيا آهن، ۽ جيڪڏهن ٻين اهڙن روحن جهڙيون بڇڙايون ڪيون اٿس، ته پوءِ هر ڪو هن کان پاسو ڪندو ۽ هن سان ملڻ کان موشو ڪندو، ۽ نه هن جو رفيق ٿيندو ۽ نه هن جو رهبر ٿيندو، ۽ هو پنهنجي سر سخت اندوهه ۾ ڀٽڪندو رهندو، جيستائين مقرر ٿيل وقت پورو ٿيندو، ۽ پوءِ هو زبردستيءَ اهڙيءَ حياتي گهليو ويندو، جهڙيءَ جو هو لائق هوندو. پر جنهن روح پنهنجي حياتي پاڪائيءَ ۽ پرهيزگاريءَ سان گذاري آهي تنهن جا خدائون رفيق ۽ رهبر ٿين ٿا، ۽ هو اهڙي مڪان ۾ رهندو جو سندس شان وٽان هوندو. ڌرتيءَ تي ڪيترا عجيب مڪان آهن، ۽ هڪڙي دوست مون کي يقين ڏياريو آهي ته، ڌرتيءَ جو وجود ۽ سندس وسعت اهڙا نه آهن جيئن جيڪي انهن جو ذڪر ڪندا آهن سمجهن ٿا.
سمئس چيو ته، سقراط، تنهنجي معنيَ ڇا آهي؟

58

مون پاڻ ڌرتيءَ بابت گهڻيون ئي ڳالهيون ٻڌيون آهن، پر جنهن راءِ نسبت توکي يقين آيل آهي سو مون ڪڏهن به ڪونه ٻڌو آهي. منهنجو تمام گهڻي خواهش آهي انهيءَ جي ٻڌڻ جي.
چڱو، سمئس، آءُ نٿو ڀانيان ته انهيءَ جي بيان ڪرڻ لاءِ ڪو گلاڪس سخن آور جي هوشياري کپي، پر آءُ ڀانيان ٿو ته انهيءَ جو ثابت ڪرڻ گلاڪس جي قابليت کان به ٻاهر آهي. مون کي پڪ آهي ته آءُ ائين ڪري ڪين سگهندس، ۽ تنهن کانسواءِ، سمئس کڻي جيڪڏهن مون کي انهيءَ جي خبر هجي، ته به آءُ ڀانيان ٿو ته مباحثي جي ختم ٿيڻ کان اڳ منهنجي حياتي پوري ٿي ويندي. پر انهيءَ ۾ ڪابه روڪ ڪانهي ته آءُ توکي ٻڌايان ته منهنجي يقين موجب ڌرتيءَ جي صورت ڪهڙي آهي، ۽ هن جا ڀاڱا ڪهڙا آهن.
سمئس چيو ته، چڱو ائين ئي ٺهيو.
هن چيو ته، چڱو، پهريائين ته منهنجو اعتقاد آهي ته ڌرتي هڪ گول شيءِ آهي جا عرش جي وچ تي بيٺل آهي، ۽ تنهن ڪري هن کي هوا يا ڪنهن ٻئي زور جي آڌار جي ضرورت ڪانهي. عرش جي سڀني ڀاڱن جي هڪجهڙائي ۽ ڌرتيءَ جي پنهنجي پوري بيهڪ، هن کي مٿي جهلي بيهڻ لاءِ ڪافي آهن. ڪابه پوري بيهڪ واري شيءِ، جا بيٺل آهي ڪنهن اهڙي شيءِ جي وچ تي، جا چوگرد هڪ جهڙي آهي، سا ڪنهن به طرف، ٿورو يا گهڻو نمي نٿي سگهي. هوءَ بنان لوڏي جي پوري ميزان ۾ رهندي. هن چيو ته اها آهي پهرين ڳالهه جنهن تي مون کي ويساهه آهي.
سمئس چيو ته، تنهنجو اعتقاد واجبي آهي.
هن چيو ته، پڻ آءُ ڀانيان ٿو ته ڌرتي وسيع پکيڙ واري آهي، ۽ اسين جي فئسس (ٻيٽ) ۽ هرئڪليز پهلوان جي ٿنڀن (يعني جبرالٽر جي پهاڙن) جي وچ تي رهون ٿا، سي هن جو فقط ٿورو حصو والاريون ٿا، ۽ سمنڊ جي چوگرد ائين رهون ٿا، جيئن ماڪوڙيون يا ڏيڏر ڪنهن ڌٻڻ جي چوگرد رهندا آهن، ۽ آءُ ڀانيان ٿو ته ٻيا ڪيترائي ماڻهو ٻين هنڌ ساڳئي قسم جي جاين تي رهندا هوندا. ڇو ته ڌرتيءَ تي جتي ڪٿي گهڻا ئي هيٺاهان هنڌ هر قسم جي صورت ۽ مقدار وارا آهن، جن ۾ پاڻي، اُٻ ۽ هوا گڏ ٿين ٿا؛ پر ڌرتي پاڻ عرش جي پاڪائي اندر پاڪ رهيٿي، جتي تارا آهن، ۽ جنهن کي اهي ماڻهو جيڪي انهن ڳالهين جو ذڪر ڪندا آهن، عام طرح سڏيندا آهن اَثير (آسماني جسم: Ither ايٿر). پاڻي، اُٻ ۽ هوا جي ڌرتيءَ جي هيٺاهن مقامن ۾ گڏ ٿينٿا، سي آهن سندس مير. جيتوڻيڪ اسين انهن هيٺاهان مقامن ۾ رهون ٿا، تنهن هوندي به ڀانيون ٿا ته اسين ڌرتيءَ جي مٿاڇري تي رهون ٿا. اسين ڪنهن اهڙي ماڻهو وانگر آهيون جو سمنڊ جي تري ۾ رهي ٿو، ۽ سمجهي ٿو ته آءُ انهيءَ جي مٿاڇري تي رهان ٿو، ۽ ڀانئي ٿو ته سمنڊ عرش آهي، ڇو ته هن پاڻي منجهان سج ۽ تارا ڏٺا آهن؛ پر جو سستي ۽ ڍرائي سببان پاڻيءَ جي مٿاڇري تائين اچي نٿو سگهي، ۽ سمنڊ منجهان پنهنجو سر مٿي کڻي نٿو سگهي، ۽ پنهنجن غارن مان نڪري اسان جي دنيا ۾ اچي نٿو سگهي، نڪي انهيءَ کي ڏسي سگهي ٿو، ۽ نڪي ڪنهن اهڙي کان جنهن هنن کي ڏٺو آهي، انهيءَ جو احوال ٻڌي سگهي ٿو، ته هوءَ سندس رهڻ واري جاءِ کان ڪيترو وڌيڪ صاف ۽ سهڻي آهي. اسين اهڙيءَ ساڳي حالت ۾ آهيون؛ اسين ڌرتيءَ جي هڪڙي هيٺاهين مقام ۾ رهون ٿا، ۽ ڀانيون ٿا ته اسين انهيءَ جي مٿاڇري تي رهون ٿا؛ ۽ اسين هوا کي عرش سڏيون ٿا، ۽ ڀانيون ٿا ته اهو آڪاس آهي، جنهن ۾ تارا پنهنجو سفر ڪن ٿا. پر حقيقت هيئن آهي ته اسين پنهنجي ضعيفي ۽ ڍرائي سبب هوا جي مٿاڇري تائين پهچي نٿا سگهون. ڇو ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو مٿاڇري تائين پهچي سگهي، يا کنڀ ڪري مٿي اڏامي سگهي، ته هو مٿي نهارڻ سان هڪ ٻي دنيا پريان ڏسي سگهندو، جيئن مڇيون سمنڊ مان مٿي نهارينديون آهن، ۽ اسان واري دنيا ڏسنديون آهن. ۽ پوِءِ هن کي پروڙ پوندي ته اهو آهي سچو بهشت، ۽ سچي روشنائي، ۽ سچي ڌرتي، پر سو تڏهن جيڪڏهن هن جو وجود انهي نظاري جو ديدار سهي سگهندو. ڇو ته هيِءَ ڌرتي، ۽ انهيءَ جا پٿر، ۽ انهيءَ جا سڀ ڀاڱا خراب ۽ زبون ٿي پيا آهن، جيئن سمنڊ واريون شيون کاري پاڻيءَ سبب خراب ٿي پونديون آهن. ڪابه قدر واري شيءِ سمنڊ ۾ نٿي اڀري، نڪي اتي ڪا بي عيبي شيءِ آهي. پر جيڪڏهن انهيءِ ۾ ڪٿي زمين آهي، ته اتي رڳو غار، واري ۽ ويڪرا پٽ گپ ۽ ڪلر وارا آهن، جي اسان واري دنيا جي سهڻين شين سان ڀيٽي ڪين سگهبا. پر تون سمجهي سگهين ٿو ته ٻيءَ دنيا جون شيون اسان واريءَ دنيا جي شين کان اڃا به گهڻو اعليَ آهن. سمئس، آءُ توکي هڪڙي آکاڻي ٻڌائي سگهندس ته ڇا آهي انهيءَ ڌرتي تي، جا عرش هيٺان آهي، ۽ اها تنهنجي ٻڌڻ جهڙي آهي.
سمئس چيو ته، تحقيق، سقراط، اسين تنهنجي آکاڻي گهڻي شوق سان ٻڌنداسون.

59

هن چيو ته، چڱو، منهنجا دوست، هيءَ آهي منهنجي آکاڻي. پهريائين ته اها ڌرتي پاڻ، جيڪڏهن ڪو ماڻهو انهيءَ کي مٿان ڏسي سگهندو ته، اهڙن کينهوڙن مان هڪڙي وانگر نظر ايندي، جي ٻارنهن چم جي ٽڪرن سان ڍڪيل هوندا آهن، ۽ هن تي گهڻا رنگ نڪتل آهن، جن مان جيڪي رنگ سان جا نقاش/ آرٽسٽ هتي ڪم آڻين ٿا، سي، ڄڻ ته نمونا آهن. پر اتي سڄي ڌرتي انهن رنگن سان چٽي پئي آهي، ۽ ٻين رنگن سان به جي انهن رنگن کان گهڻو وڌيڪ چمڪندڙ ۽ صاف آهن. ڇو ته هن جو ڪو ڀاڱو عجيب سونهن واري وانڱڻائي رنگ جو آهي، ۽ ڪو ڀاڱو سونهري رنگ جو اٿس، ۽ جيڪو ڀاڱو اڇو اٿس، سو چاڪ يا برف کان به وڌيڪ سفيد آهي. ساڳئي دستور موجب هن تي ٻيا رنگ نڪتل آهن، ۽ پڻ ڪي اهڙا رنگ نڪتل اٿس جن جهڙا سهڻا اسان ڪڏهن به ڪين ڏٺا آهن. خود انهيءَ جا هيٺاهان ڀاڱا، جيڪي پاڻيءَ ۽ هوا سان ڀريل آهن، انهن کي به هڪڙي قسم جو رنگ آهي، جو ٻين مختلف رنگن جي وچ ۾ چمڪي ٿو، ۽ تنهن ڪري انهيءَ جي صورت هڪڙي سنئين ۽ پٽاپٽي مٿاڇري وانگر ڏسجي ٿي ۽ جيڪي انهيءَ سهڻيءَ ڌرتيءَ ۾ پيدا ٿئي ٿڳو ٿو- هن جا وڻ ۽ گل ۽ ميوا- سو وڌيڪ سهڻو آهي انهيءَ کان جيڪي ساڳئي انداز ۾ اسان وٽ پيدا ٿئي ٿو. ۽ ساڳئي دستور موجب هن جون ٽڪريون ۽ پٿر لسائيءَ، چمڪ ۽ رنگ ۾ وڌيڪ سهڻا آهن. اسين جيڪي پٿر هن دنيا ۾ قيمتي ڪري ليکيون ٿا، اسان جا عقيق، يشم، زمرد ۽ ٻيا اهڙا، سي انهن جا فقط ذرڙا آهن. پر انهيءَ جو سبب هي آهي جو هو صاف آهن، ۽ اسان جي پٿرن وانگر، گند ۽ کاري پاڻي جي ڪري خراب ٿيل ۽ سينواريل نه آهن، جي انهيء مير مان پيدا ٿين ٿا جو هيٺاهينءَ ۾ گڏ ٿئي ٿو، ۽ پٿرن ۽ زمين ۽ انهن سان گڏ سون ۽ روپو ۽ ٻيون اهڙيون شيون، سچيءَ ڌرتيءَ کي سينگارين ٿيون ۽ اهي پنهنجي جهجهائي ۽ مقدار جي ڪري نروار آهن، ۽ اهي گهڻن هنڌ لڀن ٿيون؛ تنهنڪري جيڪو ماڻهو انهيءَ ڌرتيءَ کي ڏسي سگهندو، تنهن کي راحت ايندي. گهڻائي ساهوارا انهيءَ تي رهن ٿا؛ ۽ ڪي هوا جي چوگرد رهن ٿا، جيئن اسين سمنڊ جي چوڌاري رهون ٿا، ۽ ڪي ٻٽين ۾ رهن ٿا، جن جي چوڦير هوا آهي، جي انهيءَ ڏيهه جي نزديڪ آهن. مطلب ته، اهي هوا کي ائين ٿا ڪم آڻين جيئن اسين پاڻي ۽ سمنڊ کي ڪم ٿا آڻيون، ۽ اهي اَڻيون، ۽ اهي اَثير کي ائين ٿا ڪتب آڻين جيئن اسان هوا کي ڪتب آڻيون ٿا. انهن جي موسمن جي هوا اهڙي معتدل آهي جو هو بيماري کان ڇٽل رهن ٿا، ۽ هو اسان کان گهڻو وقت جيئن ٿا؛ ۽ هنن جي نظر ۽ ٻڌڻ ۽ سنگهڻ جون قوتون، ۽ ٻيا حواس، اسان جي حواسن کان ايتري قدر وڌيڪ سالم آهن، جيتري قدر هوا پاڻي کان وڌيڪ صاف آهي، ۽ اَثير (ايٿر) هوا کان وڌيڪ صاف آهي. تنهن کان سواءِ انهن وٽ خدائن مندر ۽ مقدس مڪان آهن، جن ۾ سچ پچ خدا رهن ٿا؛ هو خدائن جا آواز ۽ قول ٻڌن ٿا، ۽ انهن کي خوابن ۾ ڏسن ٿا، ۽ روبرو هنن سان رغبت ۾ اچن ٿا ۽ هو سج، چنڊ ۽ تارا ائين ڏسن ٿا، جيئن هو سچ پچ آهن؛ ۽ ٻين ڳالهين ۾ به هنن کي اهڙي ئي راحت پلئه پوي ٿي.

60

اهڙي آهي سراسري فطرت انهيءَ ڌرتي جي، ۽ جيڪي مٿس آهي؛ ۽ هر هنڌ انهيءَ جي گولي تي هيٺاهين ۾ ڪيترائي ڀاڱا آهن، جن مان ڪي اسان جي رهڻ وارن ڀاڱن کان وڌيڪ کليل ۽ اونهان آهن؛ ۽ ڪي وڌيڪ اونهان. پر سوڙهن منهن وارا آهن؛ ۽ ڪي وري اسانجن کان وڌيڪ تراکڙا ۽ ويڪرا آهن. اهي سڀئي هڪ ٻئي سان ڳنڍيا پيا آهن. ڪيترين واهين جي وسيلي جي انهيءَ ڌرتي جي هيٺان وهن ٿيون، جن مان ڪي سوڙيون آهن۽ ڪي ويڪريون آهن؛ ۽ انهن ۾ ڪي پيچرا آهن، جن جي وسيلي ڳچ پاڻي هڪ مان وهي ٻئي ۾ پوي ٿو، جيئن ماٿرين ۾ ٿيندو آهي، ۽ انهيءَ ڌرتي جي هيٺان ڪشاديون ۽ سدا وهندڙ نديون گرم ۽ ٿڌي پاڻيءَ جون وهن ٿيون، ۽ اتي گهڻي باهه موجود آهي، ۽ وڏيون باهه جون نديون هلندڙ آهن، ۽ گهڻيون آلي گپ جون نهرون به آهن، جن مان ڪي صاف آهن ۽ ڪي ميريون آهن، جهڙوڪ گپ جون نهرون سسلي (ٻيٽ) ۾ ٻرندڙ جبلن جي بخار نڪرڻ کان اڳ ۾ ڏسڻ ۾ اينديون آهن، ۽ خود ٻرندڙ جبلن وارا بخار به اتي نظر ايندا. جيئن اهي نديون انهيءَ ڌرتيءَ جي چوڌاري ڦرن ٿيون، تيئن هر هڪ هيٺاهين ڀاڱي کي واري تي ڀرين ٿيون. اهي سڀئي هيٺ مٿي ٿين ٿيون، هڪڙي لوڏي جي ڪري جي انهيءَ ڌرتي ۾ رکيل آهي، ۽ جو پيدا ٿيو آهي ڪنهن هيٺين قسم جي طبعي سبب جي ڪري. انهيءَ ڌرتي جي هيٺاهين مان هڪڙي ٻين کان وڌيڪ ڪشادي آهي، ۽ انهيءَ کي هڪڙي پاسي کان ٻئي پاسي تائين، وچان وڍي ٿي. هومر (شاعر) انهيءَ جو هيٺئين لفظن ۾ بيان ڏئي ٿو:
تمام پري، ڌرتيءَ اندر سڀ کان وڌيڪ اونهي کڏ آهي.
۽ ٻين هنڌ هن ۽ ٻين ڪيترن شاعرن انهيءَ کي ٽارٽيرس (يعني دوزخ) ڪري سڏيو آهي. سڀ نديون هن اونهيءَ کڏ ۾ وهي اچن ٿيون، ۽ وري انهيءَ مان ٻاهر نڪرن ٿيون؛ ۽ انهن مان هر ڪا اهڙي صورت اختيار ڪري ٿي جهڙيءَ زمين مان اها وهي ٿي. ڇو ته هو سڀئي انهيءَ کڏ ۾ وهي اچن ٿيون ۽ وري اتاهون نڪرن ٿيون، تنهن جو سبب هي آهي جو پاڻيءَ کي ترو آهي ئي ڪونه، جنهن تي هو بيهي سگهي. هوءَ لڏي ٿي ۽ هيٺ مٿي ٿئي ٿي، ۽ هوا ۽ باد جي هن جي چوگرد آهن سي به ائين ئي ڪن ٿا، ڇو ته اهي هن سان هلن ٿا، جيئن هوءَ ڌرتيءَ جي هڪڙي پاسي کان ٻئي پاسي وڃي ۽ وري موٽي ٿي؛ ۽ جيئن ساهه کڻڻ ۾ ساهه سدائين ٻاهر ۽ اندر اچي وڃي ٿو، تيئن اتي هوا، پاڻيءَ سان گڏ چري، خوفناڪ ۽ زبردست طوفان اٿاري ٿي، جيئن هوءَ اندر ۽ ٻاهر اچي وڃي ٿي. جڏهن پاڻي ڌرتيءَ جي انهن ڀاڱن ڏانهن زور سان هٽي ٿو، جن کي اسين هيٺاهان ڀاڱا سڏيون ٿا، تڏهن اهو انهن نهرن وارن ملڪن مان وهي ٿو، ۽ انهن کي ڀري ٿو، ڄڻ ته ڪنهن انهن ۾ اٿلائي وڌو اٿس. ۽ وري، جڏهن هو انهن ملڪن مان زور سان پوئتي هٽي ٿو، تڏهن وري سڀني نهرن کي ڀري ٿو، ۽ پوءِ اهي ڌرتيءَ جي سڀني واهن مان وهن ٿيون، ۽ پنهنجن جدا جدا مڪانن تائين وڃن ٿيون، ۽سمنڊ، ڍنڍون ۽ نديون ۽ چشما پيدا ڪن ٿيون. پوءِ هو وري ڌرتيءَ ۾ اندر هٽن ٿيون، ۽ ڪي گهڻن ملڪن ۾ ۽ ڪي ٿورن ملڪن جي چوڌاري وڏا ۽ ننڍا چڪر ڏئي، وري ٽارٽيرس ۾ پون ٿيون، ڪي جنهن هنڌان نڪتيون هيون تنهن کان گهڻو هيٺ ۽ ڪي ٿورو هيٺ، پر سڀئي پنهنجي نڪرڻ واري هنڌ کان هيٺ لهي ڇوڙ ڪن ٿيون. ۽ انهن مان ڪي وري جنهن پاسي کان اندر آيون هيون تنهن مان زور سان نڪري ٻاهر ٿين ٿيون؛ ۽ ڪي وري ٻئي پاسي کان نڪرن ٿيون؛ انهن مان ڪي وري آهن جي ڌرتيءَ جي چوگرد ڦرن ٿيون، ۽ انهيءَ کي چوڌاري نانگن جي مثل وڪوڙين ٿيون، هڪڙو دفعو يا شايد گهڻائي دفعا، ۽ پوءِ وري، جيترو ٿي سگهي ٿو اوترو هيٺ، ٽارٽيرس ۾ وهي وڃن ٿيون. اهي ڌرتيءَ جي ٻنهي پاسن کان هن جي وچ تائين هيٺ اچي سگهن ٿيون. انهيءَ حد کان اڳتي ٻنهي پاسن کان هنن کي ٽڪر تي چڙهڻو پوندو.

61

اهي نديون گهڻيون ۽ وڏيون ۽ انيڪ قسمن جون آهن؛ پر انهن سڀني مان مشهور چار آهن، جن مان سڀني کان وڏي ۽ سڀني کان ٻاهرين، جيڪا ساري ڌرتيءَ جي چوگرد ڦري ٿي، تنهن کي سڏين ٿا اوشينس. ”اوشينس“ جي سامهون، ۽ انهيءَ جي ابتڙ طرف وهندڙ آهي ”ائڪيران“، جا بيابان وارن ملڪن مان وهي ٿي، ۽ پوءِ ڌرتيءَ جي هيٺان هلي ٿي، جيسين ڪِ اچي ”ائڪروسي“ ڍنڍ ۾ پوي ٿي، جتي گهڻو ڪري مئلن جا روح وڃن ٿا، ۽ مقرر ٿيل وقت ترسن ٿا، جو ڪن لاءِ وڏو آهي، ۽ ڪن لاءِ ننڍو آهي، ۽ پوءِ وري جانور ٿي ڄمڻ لاءِ موڪليا وڃن ٿا. ٽين ندي انهن ٻن جي وچ واري هنڌان اڀري ٿي، ۽ پنهنجي نڪرڻ واري هنڌ جي ڀرسان هڪڙي ڪشادي باهه واري ميدان ۾ ڇوڙ ڪري ٿي، ۽ هڪڙي ڍنڍ بنجي پوي ٿي، جا اسان جي سمنڊ کان ڪشادي آهي، ۽ پاڻي ۽ گپ سان ڇوليون ڏئي ٿي. اتاهون وري اها گپ ۽ گند سان ڀرجي ڌرتيءَ جي چوگرد ڦري ٿي، ۽ گهڻن وراڪن بعد اچي ائڪروسي ڍنڍ جي پڇڙيءَ ۾ پوي ٿي، پر هوءَ ڍنڍ جي پاڻيءَ سان ملي نٿي وڃي؛ ۽ وري ڌرتيءَ جي هيٺان ڪيترن وڪڙن کان پوءِ اچي ٽارٽيرس جي هيٺئين ڀاڱي ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. اها آهي ندي جنهن کي ماڻهو سڏين ٿا ”پائريفليگيٿان“ جي نالي سان؛ ۽ انهيءَ جا ڪي ڀاڱا گرم نهرن ۾ پون ٿا، جتي هو ڌرتيءَ تي لڀن ٿيون. چوٿين ندي ٻئي پاسي ڏانهن آهي. انهيءَ جي نسبت سان چون ٿا ته هوءَ پهريائين هڪڙي خوفناڪ جهنگلي ڏيهه ۾ پوي ٿي، جنهن جو چهرو ڪارو آسماني آهي. انهيءَ کي سٽجي نهر سڏين ٿا. ۽ جيڪا ڍنڍ هن جي پاڻي مان ٺهي ٿي تنهن کي ”سٽڪس“ سڏين ٿا. ۽ جيڪا ڍنڍ ۾ پوڻ کان پوءِ ۽ پنهنجي پاڻيءَ ۾ عجيب طاقت حاصل ڪرڻ بعد، هيٺ ڌرتيءَ ۾ پيهي وڃي ٿي، ۽ پائريفليگيٿان جي سامهين طرف ور وڪڙ کائي ٿي، جا هن سان ٻئي طرف مان ائڪروسي ڍنڍ ۾ ملي ٿي. هن جو پاڻي پڻ ٻئي پاڻيءَ سان ملي نٿو وڃي. اهو هڪڙي دائري ۾ ڦري ٿو ۽ پائريفليگيٿام جي سامهون ٽارٽيرس ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. هن جو نالو. شاعر چون ٿا، آهي ڪاڪيٽس.

62

اهڙي آهي فطرت انهن مڪانن جي؛ ۽ جڏهن مئا انهيءَ هنڌ اچن ٿا جتي انهن مان هر هڪ کي سندس فرشتو آڻي ٿو، تڏهن پهريائين انهن نسبت فتويَ ڏني وڃي ٿي، اهڙيءَ طرح جيئن هنن حياتيون چڱيون ۽ پاڪ ٿي گذاريون آهن، يا نه. اُهي جن جون حياتيون نڪي تمام چڱيون ٿي گذريون آهن ۽ نڪي تمام خراب، سي ائڪيران ندي ڏي وڃن ٿا، ۽ اُتي جيڪي جهاز هنن کي هٿ اچن ٿا تن ۾ چڙهي، ڍنڍ ڏي روانا ٿين ٿا. اُتي هو رهن ٿا. ۽ هنن جيڪي گناهه ڪيا آهن تن جي هنن کي سزا ملي ٿي، ۽ هو صاف ڪيا وڃن ٿا ۽ کين معافي ڏني وڃي ٿي؛ ۽ سندس چڱن ڪمن لاءِ کين، هر هڪ جي حق موافق، انعام ڏنا وڃن ٿا. پر اهي سڀئي جيڪي سخت گناهن سبب سڌرڻ جهڙا ڏسڻ ۾ نٿا اچن- اهي جن گهڻا ۽ وڏا بيحرمتيءَ جهڙا ڪم ڪيا آهن، ۽ بڇڙا ۽ بي قاعدي خون ڪيا آهن، يا انهن جهڙا ٻيا ڏوهه ڪيا آهن- سي سندن قسمت موجب ٽارٽيرس ۾ اڇلايا وڃن ٿا، جتان هو وري ڪڏهن به ٻاهر نٿا نڪرن. اهي جن عظيم گناهه ڪيا آهن؛ پر اهي گناهه اهڙا نه آهن جو هنن جو بدلو ڏيڻ ناممڪن هجي، جيئن ته، مثلا، اُهي جي ڪاوڙ وقت پيءُ يا ماءُ سان سختيءَ سان هليا آهن، ۽ پوءِ ساري عمر انهيءَ لاءِ پڇتاءُ ڪيو اٿن، يا اُهي جن ڪنهن ساڳي دستور موجب خون ڪيا آهن، تن کي به ٽارٽيرس ۾ اندر لهڻو پوندو. پر جڏهن اُهي اتي سال کن رهندا، تڏهن ڪا لهر هنن کي ٻاهر اڇلائي وجهندي، خون ڪندڙ ڪاڪيٽس ۾ وڃي ڪرندا، ۽ پيءُ ۽ ماءُ سان وڙهندڙ پائريفليگيٿان ۾ وڃي پوندا؛ ۽ جڏهن اهي ائڪروسي ڍنڍ تائين کڄي ويندا، تڏهن اهي رڙيون ڪندا ۽ جن کي ڪٺو يا ماريو هوندائون تن کي سڏ ڪندا، ۽ آزيون ۽ نيزاريون ڪندا ته کين ٻاهر نڪري ڍنڍ ۾ اچڻ جي اجازت ملي، ۽ کين رفيقن وانگر ورتو وڃي. جيڪڏهن هنن جي آزين نيزارين اثر ڪيو ته، هو ٻاهر نڪرندا، ۽ سندن تڪليفون دفع ٿينديون؛ پر جي انهن اثر نه ڪيو ته، هو وري کڄي وڃي ٽارٽيرس ۾ ڪرندا، ۽ اتان هو وري وڃي ندين ۾ پوندا، ۽ هنن جي سزا تيسين ختم نه ٿيندي، جيسين جن کي هنن آزاريو آهي سي کين معافي نه ڏيندا. اهڙي سزا انهن تي سندن منصف مقرر ڪن ٿا. پر اهي جيڪڏهن پنهنجن حياتين ۾ پاڪائي سان پڌرا ٿي رهيا آهن سي هن دنيا مان ائين ڇٽن ۽ آزاد ٿين ٿا، جيئن ڪِ زندان مان. اهي پنهنجي مقدس مڪان تي چڙهي وڃن ٿا، ۽ ڌرتيءَ جي مٿاڇري تي رهن ٿا، ۽ انهن مان اهي جن پاڻ کي فيلسوفيءَ سان پوريءَ طرح صاف ڪيو آهي، سي آئنده جسمن کان جدا گذارين ٿا، ۽ انهن کان به سهڻن مڪانن ڏي وڃن ٿا، جن جو سولائي سان بيان ڪري ڪين سگهبو، ۽ جن نسبت هينئر ذڪر ڪرڻ لاءِ مون کي وقت ڪونهي. انهن سڀني سببن جي ڪري، سمئس، اسان کي هن حياتيءَ ۾ زهد ۽ حڪمت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنهن به تڪليف کان موشو ڪرڻ نه کپي. اعليَ آهي انعام، ۽ قوي آهي اميد.

  63

ڪوبه عقل وارو ماڻهو انهيءَ ڳالهه تي ضد نه ڪندو ته، اهي ڳالهيون بلڪل ائين آهن يا نه، جيئن مون انهن جو ذڪر ڪيو آهي. پر آءُ ڀانيان ٿو ته هو اعتبار ڪندو ته روح ۽ سندس رهڻ جي جاءِ نسبت ڪا اهڙي ڳالهه مڙيئي سچي هوندي، ڇو ته ڏٺو ويو آهي ته هو (روح) لايموت آهي، ۽ هن لاءِ چڱو آهي ته ههڙي اعتقاد جي ڪري سڀ تڪليفون سر تي کڻي. اهو سودو سستو آهي، ۽ هن کي کپي ته ههڙن منترن سان پنهنجن انديشن تي جادو هڻي.انهي ڪري مون هي سمورو وقت هن آکاڻي کي ڊيگهارو ڪيو آهي. انهن سببن جي ڪري انسان کي کپي ته پنهنجي روح نسبت دلجاءِ ڪري، جيڪڏهن هن پنهنجي حياتيءَ ۾ بدن جي زيب زينت ۽ عيش عشرت کي ترڪ ڪيو آهي، ڇو ته اهي هن جي لاءِ ڪِي به ڪين هئا، ۽ هن سمجهيو آهي ته اهي کيس ڪوبه فائدو ڪونه رسائيندا، پر اٽلندو نقصان پهچائيندا؛ ۽ جيڪڏهن انهن جي بدران هن دلچسپيءَ سان علم جا مزا اختيار ڪيا آهن، ۽ پنهنجي روح کي پرهيزگاري، انصاف، دليري، آزادي ۽ سچ جي زيورن سان سينگاريو اٿس، جي هن جي ملڪيت آهن ۽ حق آهن، ته پوءَ هو ٻيءَ دنيا ڏانهن مسافريءَ لاءِ تيار ٿي بيهندو، جنهن وقت به کڻي هن کي قضا جي ڪوٺ ٿئي هو مُور نه مڙندو. توهين، سمئس ۽ ڪيبيز، ۽ ٻيا سڀئي ڪنهن ايندڙ ڏينهن روانا ٿيندو، هر ڪو پنهنجي خاص وقت تي هليو ويندو. پر مون کي هينئر، جيئن ڪو مغموم شاعر چوندو ته، ازل جو سڏ ٿيو آهي. منهنجي لاءِ هينئر وقت ڀرجي آيو آهي ۽ مون کي وهنجڻ لاءِ اٿڻ گهرجي. آءُ سمجهان ٿو ته چڱو ٿيندو ته زهر پيئڻ کان اڳ ۾ آءُ تڙ ڪريان، ۽ عورتن کي پنهنجي مئل بدن جي ڌوئڻ جي تڪليف نه ڏيان.

64

جڏهن هن ڳالهائي بس ڪيو تڏهن ڪريٽو چيو ته، جيڪا اوهان جي مرضي. پر توکي مون لاءِ يا پنهنجن دوستن لاءِ يا پنهنجن ٻارن يا ٻين ڳالهين نسبت ڪي حڪم ڏيڻا آهن؟ ڪهڙيءَ طرح اسين تنهنجي سڀ کان چڱيءَ طرح خدمت ڪري سگهنداسون؟
ڪريٽو، جيئن آءُ اوهان کي سدائين چوندو رهيو آهيان، فقط ائين ڪرڻ سان. اوهين پنهنجي وجود جي پوري طرح خبرداري وٺو، ۽ ائين ڪرڻ سان اوهين منهنجي پنهنجي سڀ ڪنهن ڳالهه ۾ خدمت ڪندا رهندو، جيتوڻيڪ هن وقت اوهين کڻي ڪي به انجام نه ڏيو. پر جيڪڏهن اوهين پنهنجي پاڻ نسبت بي پرواهه رهندو، ۽ اهو طريقو حياتيءَ جو اختيار نه ڪندو جو اسان پنهنجي اڄوڪي ۽ اڳ وارن مباحثن ۾ ڏيکاريو آهي، ته پوءِ اوهان جا سمورا هينئر وارا انجام، کڻي اهي ڪهڙا به سرگرم ۽ گهڻا هجن، ته به ڪنهن نه ڪم جا ٿيندا.
ڪريٽو چيو ته، اسين ائين ڪرڻ جي وڏي ڪوشش ڪنداسون. پر اسين توکي ڪهڙيءَ ريت دفن ڪريون؟
هن جواب ڏنو ته، جيئن اوهان کي وڻي؛ پهريائين اوهان کي مون کي پڪڙڻو پوندو، جيئن آءُ اوهان وٽان ڀڄي نه وڃان. پوءِ هن مشڪي اسان ڏانهن نهاريو ۽ چيائين ته، منهنجا دوستو، آءُ ڪريٽو کي يقين ڏياري نٿو سگهان ته ڪو آءُ ساڳيو سقراط آهيان، جنهن اوهان سان ويٺي گفتگو ڪئي، ۽ پنهنجن دليلن کي پئي پوري طرح پيش ڪيو. هو ڀائين ٿو ته آءُ جسم آهيان جو جلد ئي جنازو ٿي پوندو، ۽ پڇي ته ڪيئن هو مون کي دفن ڪري. سڀئي دليل جيڪي مون انهيءَ ثابت ڪرڻ لاءِ ڪم آندا ته زهر پيئڻ بعد آءُ اوهان وٽ نه رهندس، پر سڳورن واري راحت ڀرئي هنڌ ڏانهن هليو ويندس، جن سان مون اوهان کي ۽ پاڻ کي دلجاءِ ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي، سي نسورا ڄڻ هن مٿان گذري ويا آهن. تنهن ڪري اوهين هن وٽ منهنجي پاران صامن پئو، جيئن مقدمي وقت هو منهنجو ضامن پيو هو، پر ٻئي نموني ۾- هو منهنجي لاءِ ضامن هو ته آءُ حاضر رهندس، پر اوهين منهنجي لاءِ ضامن پئو ته آءُ مرڻ بعد هليو ويندس، ۽ اوهان وٽ ڪين رهندس. تڏهن هن کي منهنجي موت تي گهٽ ارمان ٿيندو، ۽ جڏهن هو منهنجو بدن سڙندو يا دفن ٿيندو ڏسندو، تڏهن هو ڏک نه ڪندو ۽ سمجهندو ته ڪو آءُ خوفناڪ تڪليفون ٿو سهان؛ ۽ منهنجي ڪانڌپي وقت نه چوندو ته هي سقراط آهي جنهن کي سينگاريان ٿو، يا قبر ڏانهن کڻي هلان ٿو، يا پوريان ٿو ۽ هو چوندو رهيو ته، پيارا ڪريٽو، توکي سمجهڻ گهرجي ته لفظ غلط طرح ڪم آڻڻ نه رڳو خطا آهي، پر ائين ڪرڻ ڪري روح ۾ پڻ خرابي پيد ٿي ٿئي. توکي خوش رهڻ گهرجي ۽ تون چئه ته، تون ئي منهنجو بدن دفن ڪندين؛ ۽ انهيءَ کي جيئن توکي وڻي، ۽ جيئن تون سهڻو سمجهين تيئن پورجانءِ.
اِ هي لفظ چئي اٿيو ۽ وهنجڻ لاءِ ٻيءَ ڪوٺيءَ ۾ ويو؛ ڪريٽو به ساڻس ويو ۽ اسان کي چيائين ته ترسو. تنهنڪري اسين ترسياسون ۽ مباحثي نسبت ڳالهيون ڪرڻ لڳاسون، ۽ انهيءَ تي ويچار ڪرڻ لڳاسون، ۽ گهڙين بعد جيڪا اسان تي عظيم مصيبت نازل ٿيڻي هئي، تنهن تي ڌيان ڏيڻ لڳاسون. ائين ڏسڻ ۾ ٿي آيو ڄڻ ته اسان پنهنجو ابو ٿي وڃايو، ۽ پنهنجي باقي حياتيءَ لاءِ ڇورڙا ٿي ٿياسون. جڏهن هو وهنجي رهيو هو، تڏهن سندس ٻار وٽس آندا ويا- هن کي ٻه ننڍڙا پٽ هئا ۽ هڪ وڏو پٽ هو- سندس ڪٽنب جون عورتون به وٽس آنديون ويون، ۽ هن ڪريٽو جي روبرو هنن سان ڳالهايو، ۽ هنن کي پنهنجا پويان ڪم ڏنا؛ ۽ پوءِ هن عورتن ۽ ٻارن کي روانو ڪري ڇڏيو، ۽ اسان وٽ آيو. ايستائين سج به اچي لٿو، ڇو ته هن ڳچ وقت اندر لاتو هو. وهنجڻ کانپوءِ جڏهن هو موٽي اسان وٽ آيو تڏهن اچي ويهي رهيو، ۽ انهيءَ کان پوءِ گهڻي ڳالهه ٻولهه ڪانه هلي. سگهوئي يارهن عملدارن جو نوڪر آيو ۽ اچي هن جي اڳيان بيٺو ۽ چيائينس ته، سقراط، مون کي معلوم آهي ته آءُ توکي ٻين ماڻهن وانگر بي سمجهي سان هلندو ڪين ڏسندس. اُهي مون تي خفا ٿيندا آهن، جڏهن آءُ حاڪمن جي حڪم موجب هنن کي زهر پيئڻ لاءِ چوندو آهيان. پر جيڪي به ماڻهو هتي آيا آهن، تن سڀني کان تون سمورو وقت مون کي وڌيڪ اشراف، حليم ۽ چڱو ڏسڻ ۾ آيو آهين؛ ۽ هينئر مون کي پڪ آهي ته تون مون تي رنج ڪين ٿيندين، پر انهن تي ٿيندين جن جو ڏوهه آهي. هاڻي الوداع، ڪوشش ڪري جيترو ٿي سگهي ايترو صبر سان سه؛ توکي خبر آهي ته آءُ ڇو آيو آهيان ائين چئي هو روئي ويٺو ۽ پاسو وٺي وڃڻ لڳو.
سقراط هن ڏانهن مٿي نهاريو، ۽ چيائين ته الوداع. آءُ ائين ڪندس جيئن تون چوين ٿو. پوءِ هن سقراط اسان ڏانهن نهاريو ۽ چيائين ته، هو ڪهڙو نه فضيلت ڀريو انسان آهي! ۽ سمورو وقت جيڪو آءُ هتي رهيو آهيان، سو هو سدائين مون کي ڏسڻ لاءِ پئي آيو آهي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن هن مون سان ويهي ڳالهيون ڪيون آهن، ۽ تمام نيڪ انسانن وانگر مون سان هليو آهي؛ ۽ هينئر ڪهڙي نه همدرديءَ سان هو مون لاءِ روئي پيو! چڱو، ڪريٽو، اچو ته هن جو حڪم مڃون؛ جيڪڏهن زهر تيار هجي ته انهيءَ کي آڻيو، ۽ جيڪڏهن تيار نه هجي، ته انهيءَ کي تيار ڪريو.
ڪريٽو ورندي ڏني ته، نه، سقراط، آءُ ڀانيان ٿو ته سج اڃان ٽڪرين مٿان چمڪي پيو، هو اڃان لٿو نه آهي. تنهن کان سواءِ، معلوم آهي ته ٻيا ماڻهو، حڪم ملڻ کان پوءِ، تمام دير سان زهر پيئندا آهن، ۽ چڱي طرح کائيندا پيئندا آهن، ۽ خود پنهنجن چونڊ دوستن جي صبحت جو مزو به ماڻيندا آهن. تنهن ڪري تڪڙ نه ڪر؛ اڃان وقت پيو آهي.
سقراط جواب ڏنو ته، ڪريٽو، جن جي تون ڳالهه ڪرين ٿو سي سڀاويڪ ائين ڪندا آهن؛ ڇو ته هو ڀائيندا آهن ته ائين ڪرڻ سان هنن کي فائدو رسندو. ۽ آءُ فطرتي طرح سان ائين ڪين ڪندس؛ ڇو ته آءُ سمجهان ٿو ته گهڙي دير سان زهر پيئڻ سان مون کي ڪوبه نفعو نه ٿيندو، پر اٽلندو پنهنجي لاءِ حقارت پيدا ٿيندي، جيڪڏهن اهڙي حرص سان آءُ پنهنجي حياتي وڌائيندس جا اڳيئي ختم ٿي چڪي آهي. تنهن ڪري جيئن آءُ چوان ٿو تيئن ڪرڻ کان تون انڪار نه ڪر.
پوءِ ڪريٽو پنهنجي غلام کي اشارو ڏنو جو پاسي کان بيٺو هو؛ ۽ غلام ٻاهر ويو، ۽ ڪجهه دير کان پوءِ هڪڙي ماڻهوءَ کي وٺي آيو، جنهن کي زهر ڏيڻو هو، جو هن کي هڪڙي پيالي ۾ تيار هو. جڏهن سقراط هن کي ڏٺو تڏهن چيائين ته:
منهنجا پيارا دوست، توکي انهن ڳالهين جي خبر آهي ته مون کي ڇا ڪرڻو آهي؟
هن ورندي ڏني ته، توکي فقط هي پيئڻو آهي، ۽ پوءِ پسار ڪرڻو آهي، جيستائين ڪِ توکي ڄنگهن ۾ ڳرائي محسوس ٿئي، ۽ پوءِ توکي سمهي رهڻو آهي؛ پوءِ هو پاڻهي اثر ڪندو. ائين چئي هن پيالو سقراط کي ڏنو، جنهن، ايڪيڪرئٽيز، اهو تمام سرهائي سان ورتو، ۽ نڪي ڏڪيو ۽ نڪي رنگ يا چهري ۾ بدليو ۽ هن ماڻهوءَ ڏانهن پنهنجي دستور موجب چتائي نهاريائين، ۽ پڇيائين ته، تون ڇا ٿو چوين ته هن پيالي مان ڪجهه خدائن جو صدقو ڏئي سگهبو يا نه؟ آءُ ائين ڪريان، يا نه؟ هن جواب ڏنو ته، سقراط، اسين فقط ايترو تيار ڪندا آهيون جيترو اسين ڪافي سمجهندا آهيون. سقراط چيو ته، مون ڳالهه سمجهي. پر آءُ ڀانيان ٿو ته مون کي اجازت آهي، ۽ مون کي ائين ضرور ڪرڻ کپي، ته آءُ خدائن کي ٻاڏايان ته هو منهنجي هتان روانگي آسانيءَ سان ڪن- اها آهي منهنجي التجا، ۽ هاڻي آءُ حاضر آهيان. اِهي لفظ چئي هن پيالو چپن تي رکيو ۽ سمورو زهر صبر ۽ سرهائي سان پي ويو. ايستائين مس اسان مان گهڻا پنهنجي اندوهه تي ضابطو رکي سگهيا هئا؛ پر جڏهن اسان هن کي زهر پيئندو ڏٺو ۽ تڏهن اسين صبر ڪري ڪين سگهياسون. مون گهڻي ئي ماٺ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڳوڙهن ڳڙڻ کان بس ڪانه ڪئي، ۽ آءُ پنهنجو منهن ڍڪي روئڻ لڳس. ائين مون هن جي ڪري ڪين ڪيو، پر هن جهڙي دوست وڃائيندي جيڪا مصيبت نازل ٿِي ٿي، تنهن جي ڪري مون کان ائين ٿيو. خود انهيءَ کان اڳ ڪريٽ پنهنجا ڳوڙها جهلي ڪين سگهيو هو، هليو ويو، ۽ پوءِ اپالوڊورس، جنهن سمورو وقت روئڻ کان بس ڪانه ڪئي هئي، سو زارو زار روئڻ ۽ رڙيون ڪرڻ لڳو، ۽ پنهنجي حسرت ۽ آهُن سان اسان سڀني جو ضابطو ٽوڙي رکيائين. هڪڙي سقراط جي سر تي ڪوبه اثر ڪونه ٿيو. هن واڪو ڪري چيو ته، منهنجا دوستو، اوهين هي ڇا ٿا ڪريو؟ مون زالن کي انهيءَ ڪري روانو ڪري ڇڏيو ته متان هو اهڙيءَ طرح اجائي هلت اختيار ڪن؛ ڇو ته مون ٻڌو آهي ته ماڻهوءَ کي ماٺ ۾ مرڻ کپي، تنهنڪري توهين سانت ڪريو ۽ صبر سان سهو. جڏهن اسان اهي لفظ ٻڌا تڏهن شرمندا ٿياسون، ۽ روئڻ کان بس ڪئي سون. هن هيڏي هوڏي پسار ڪيو، تان جو چيائين ته سندس ٽنگون ڳريون ٿيڻ لڳيون آهن، ۽ پوءِ هو پٺيءَ ڀر سمهي رهيو، جيئن هن کي چيو ويو هو. ۽ جنهن ماڻهوءَ هن کي زهر ڏنو سو ويهي، ذري ذري، هن جا پير ۽ ڄنگهون جانچڻ لڳو. پوءِ هن، سقراط جي پير کي زور ڏنو، ۽ پڇيائينس ته کيس ڪجهه اثر ٿيو ٿي يا نه؛ ۽ هن ورندي ڏني ته، نه. پوءِ هُن هِن جون ڄنگون تپاسيون، ۽ اهڙي طرح مٿي تائين ڏسندو ويو، ۽ اسان کي ڏيکاريائين ته هو ڪيئن ٿڌو ۽ ساڻو ٿيندو ٿي ويو. اتي سقراط پاڻ کي جانچڻ لڳو، ۽ چيائين ته، جڏهن زهر سندس دل تائين پهچندو، تڏهن هو هليو ويندو. هو جڏهن چيلهه تائين ٿڌو ٿي ويو هو، تڏهن هو پنهنجو منهن کوليو، جو اڳ بند ڪري ڇڏيو هئائين ۽ پويون دفعون ڳالهايائين. هن چيو ته، ڪريٽو، مون کي هڪ ڪڪڙ ائسڪليپس (اهو خدا جنهن کي بيماري مان شفاياب ٿيڻ بعد قرباني ڏيڻي پوندي هئي ۽ جنهن جي قرباني ڪرڻ سقراط دنيوي حياتيءَ جي بخار مان آزاد ٿيڻ ڪري واجب سمجهي ٿو) کي ڏيڻو آهي؛ بنان ويسر جي اهو ڀري ڏجانءِ. ڪريٽو جواب ڏنو ته، ائين ڪيو ويندو. آهي ڪا ٻي ڳاله جنهن نسبت تنهنجي ڪا خواهش هجي؟ هن سوال جو جواب هن ڪونه ڏنو؛ پر ٿوري دير بعد ڪجهه چرپر ٿي، ۽ هن ماڻهوءَ هن جو منهن کوليو، ۽ هن جون اکيون کتل ڏسڻ ۾ آيون. پوءِ ڪريٽو هن جو وات ۽ اکيون بند ڪيون.
ايڪيڪرئٽيز، اها هئي اسان جي دوست جي موڪلاڻي، آءُ سمجهان ٿو ته، جيڪي به (اعليَ) انسان مون اکين ڏٺا آهن، تن مان سقراط سڀ کان سياڻو، انصاف وارو ۽ نيڪ هو.