سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڪرسٽوفر نڪول جي لکيل جڳ مشھور ناول “RATOON” جو سنڌي ترجمو ”نيگرو، عشق ۽ بغاوت“ اوھان اڳيان پيش ڪجي ٿو، جنھن جو سنڌيڪار نصير اعجاز آھي.
هن ناول ۾ ڄاڻايل واقعا، 1923ع ۾ آفريڪا جي اُڀرندي ساحل تي ٿيل بغاوت جي عيني شاهدن جا بيان ڪيل آهن. ڪتاب جا مختلف ڪردار حقيقي آهن. 17 ۽ 18 آگسٽ تي ڊيميرارا ۾ ڪارن باشندن غلاميءَ خلاف بغاوت ڪئي، جنھن کي گورن سپاھين چيڀاٽي ڇڏيو. بغاوت ۾ چار سئو کن نيگرو مارجي ويا ھئا.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1984ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي شير علي چانڊيي جي سھڪار سان اوھان اڳيان آڻجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي