سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر ۽ نثر نگار محمد علي پٺاڻ جي ڪھاڻين جو پھريون مجموعو ”ميندي لھڻ کان اڳ ۾“ اوهان اڳيان حاضر آهي.
محمد علي پٺاڻ ھڪ گهڻ رُخو تخليقڪار آھي. نظم توڙي نثر تي ھڪ جيتري گرفت اٿس. سندس ڪھاڻين جا موضوع نوان، جاندار ۽ ڇرڪائيندڙ آھن، ھن ڪتاب ۾ ڪل 26 ڪھاڻيون شامل آھن. سندس ڪھاڻيون پڙھندي لڳندو تہ ھي اسان جي اردگرد جي ماحول جون ڪھاڻيون آھن. ڪھاڻين جي ٻولي، احساس نگاري ۽ ڪردارنگاري پڻ بھترين آھي.
ھي ڪتاب 2016ع ۾ ماءِ پبليڪيشن، سکر پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز جي ٿورن سان پيش ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي