سنڌسلامت پاران
سنڌسلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر ۽ محقق پروفيسر ساجد سومري جي پي ايڇ ڊي ٿيسز جي مقالي تي مشتمل ڪتاب ”سنڌي ادب ۾ نفسياتي تنقيد“ اوهان اڳيان حاضر آهي.
ھي ڪتاب اٺن بابن تي مشتمل آھي. ابتدائي ٽن بابن ۾ ادب، نفسياتي تنقيد جي بانين ۽ ان جي ارتقا جي حوالي سان سگمنڊ فرائيڊ، الفريڊ ايڊلر، ڪارل يونگ، پال سارتر، ڪارل مارڪس ۽ ايرڪ فرام جي نفسياتي تصورن ۽ نظرين جي خوبصورت اپٽار ڪئي وئي آھي ۽ سندن ڪم جو جائزو ورتو ويو آھي. ڪتاب جو چوٿون باب ”سنڌي ادب ۾ نفسياتي تنقيد جا ابتدائي نقاد“ بابت آھي، پنجين باب ۾ ليکڪ ۽ محقق ”سنڌي ادب ۾ نفسياتي تنقيد جا اھڃاڻ“ ۾مختلف ليکڪن جي تنقيدي ڪتابن ۽ مضمونن تي تنقيدي نظر وڌي آھي. باب ڇھين ”سنڌي ادب ۾ نفسياتي تنقيد متعلق فڪري ۽ علمي مغالطا“ ۾ محقق مختلف ليکڪن جي لکڻين ۽ ڪتابن تي سير حاصل نفسياتي تنقيد ڪئي آھي. ستين باب ۾ ”نفسياتي تنقيد ۽ سنڌي شاعري“ تي مشتمل آھي. آخري يعني اٺين باب ”نفسياتي تنقيد ۽ افسانوي سنڌي ادب“ ۾ مختلف ليکڪن جي چونڊ افسانن ۽ ليکڪن تي ڇوھ ڇنڊيا آھن ۽ خوبصورت نفسياتي تنقيد ڪئي آھي.
ھي ڪتاب 2023ع ۾ ڪنول پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جي پي ڊي ايف ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز جي سھڪار سان اوهان سان شيئر ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي