ناول

ڌاريو

ولي رام ولڀ ترجمي واري پورھيي کي تسلسل سان جاري رکندو آيو ھيو. ھي ناول هن ’اسٽوئرٽ گلبرٽ‘ (Stuart Gilbert) جي انگريزي ترجمي ‘The Outsider’ (1946ع) تان ڪيو آهي ۽ اهو انگريزي ترجمو، البرٽ ڪامئو جي ڄاڻايل ناول جو انگريزي زبان ۾ پھريون ترجمو مڃيو وڃي ٿو.  البير ڪاميو جو هيءُ دنيا جو جديد ڪلاسڪ ۽ سڀ کان اهم مڃيو ويندڙ ناول آهي، جنھن کي ولي رام ولڀ سولي سنڌي ۾ ترجمو ڪيو آھي.

Title Cover of book Dharyo

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري اديب ولي رام ولڀ پاران البير ڪاميو جي فرينچ ناول L Euranger جو سنڌي ترجمو ”ڌاريو“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
ولي رام ولڀ ترجمي واري پورھيي کي تسلسل سان جاري رکندو آيو ھيو. ھي ناول هن ’اسٽوئرٽ گلبرٽ‘ (Stuart Gilbert) جي انگريزي ترجمي ‘The Outsider’ (1946ع) تان ڪيو آهي ۽ اهو انگريزي ترجمو، البرٽ ڪامئو جي ڄاڻايل ناول جو انگريزي زبان ۾ پھريون ترجمو مڃيو وڃي ٿو.  البير ڪاميو جو هيءُ دنيا جو جديد ڪلاسڪ ۽ سڀ کان اهم مڃيو ويندڙ ناول آهي، جنھن کي ولي رام ولڀ سولي سنڌي ۾ ترجمو ڪيو آھي.
ھي ڪتاب 1993ع ۾ روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ جي سھڪار سان اوھان سان شيئر ڪجي ٿي.

 


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

 

نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي