سُر سامونڊيءَ ۾ وَهن جون وايون
سر سامونڊيءَ ۾ جن شين جي چٽبندي ٿيل آهي. اهي ڪيترن ئي قسمن جون آهن. مثال طور تي هن سر ۾ واپار جو پھلو، عورت جي انتظار ۽ بيقراريءَ جي ڪيفيت، سمنڊ توڙي مهاڻن جي حالتن جو پهلو وغيره ملي ٿو. جن کي جانچڻ لاءِ وسيع جاکوڙ جو ڪم آهي. اسان صرف سر سامونڊي جي چند ماڻڪ، موتين جو ذڪر ڪريون ٿا، باقي هيرا ۽ جواهرن جي تلاش جو ڪم ايندڙ ٽھيءَ تي ڇڏيون ٿا.
[b]وڻجارا[/b]: ”وڻجارو“ وڻج واپار (Trade) ڪندڙ کي چئبو آهي. هي وڻجارا عام واپارين کان منفرد آهن، جيڪي هڪ مخصوص موسم ۾ واپار ڪرڻ لاءِ ٻيڙا تيار ڪري گهران نڪرن ٿا ۽ دنيا جي مختلف ملڪن ڏانھن واپار سانگي وڃن ٿا. اهي اڪثر سياري جي هوائن سان جيڪي اتر کان ڏکڻ هلنديون هيون ته سفر تي روانا ٿيندا هئا. جنھن جو اشارو لطيف سائينءَ جي هن بيت مان ملي ٿو:
وڻجاري ڪانڌاءُ، مون وَر ويٺي گهاريو،
لڳي اتر واءُ، ڍوليو هلڻ جون ڪري.
وڻجارا اتر لڳي اسھندا هئا ته وَري بھار ۾ واپس ايندا هئا. هي وڻجارا ٽن قسمن جي ڪرت ڪندا هئا، هڪ ته سمنڊ مان مڇي ماري گذران ڪندا هئا، ٻيا وڻجارا سمنڊ مان موتي ۽ ٻيا جواهر ڪڍندا هئا. جڏهن ته انهن مان ڪجهه واپاري لنڪا ۽ عدن ڏانھن قرقل، ڦوٽا، قيمتي ڪپڙا وڪرو ڪندا هئا ۽ موٽ ۾ ماڻڪ موتي ۽ سون آڻيندا. معنى ته هي وڏا سوداگر هئا، جيڪي عام شيءِ جو واپار نه ڪندا هئا. ٽيان وري ديس به ديس هڪ بندر جو مال ٻئي بندر تي پھچائيندا هئا ۽ ڪجهه وري سوداگري به ڪندا هئا. مجموعي طرح انھن سنڌي ٻيڙياتن جي ڪرت ٽن قسمن جي هئي. انھن وڻجارن ۾ به اڪثريت هندو وڻجارن جي معلوم ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ ته وڻجارن جي وهن جيڪي ساٺ ڪيا آهن اهي اشارو ڪن ٿا وڻجارن جو وڏو تعداد هندن سان تعلق رکي ٿو.
[b]وَهن (زالن) جي ڪيفيت:[/b]
وڻجارا اڪثر ڪري واپار تي وڃڻ دوران پنھنجي وَهن کي ساڻ کڻي نه ويندا هئا. جنھن سبب انھن وهن جي ڪيفيت بيقراري ۽ انتظاريءَ جي عالم ۾ گذري ٿي. لطيف سائينءَ جي هن سڄي سُر ۾ وَهن جي دانهن، ڪوڪن ۽ واين جو وَرلاپ ملي ٿو. پنھنجي وَرن کان وڏي عرصي کان پري رهڻ سبب وهن جو ميلاپ لاءِ من ماندو آهي ته ٻئي طرف پنھنجون اکيون آسروند رکيون ويٺيون آهن ته هنن جا فراق ۾ چاڪ چڪي پيا آهن.
نه سي تَڙ هوڙاڪ، نه وايون وڻجارن جون،
سرتيون سامونڊين جا، اڄ پڻ چڪيم چاڪ،
مارينم فراق، پاڙيچون پرين جا.
انساني پيڙا جي ڪيفيت شاعر کان سواءِ ٻيو ڪو سمجهي به نٿو سگهي. اندر ۾ وڻجارن سان ملڻ جي اڻ تڻ فراق جي اهڙي ڪيفيت جو ساعت ساعت پھر لڳي جتي انساني صبر جو پئمانو لبريز ٿيڻ لڳي ٿو. سڪ جا سلا وڌي وڻ ٿيا آهن. پر وڻجارن جو ڪو پتو کرو ئي نه ٿو پوي. پر وڻجاري جي وَني تڙ تي وڻجاري جي آس ۾ گذاري ٿي.
سامونڊي ساري، مَٿي تَڙ گذاريان،
مون کي ٿي ماري، انهن سندي ڳالهڙي.
وڻجاري جي وئي کان پوءِ وهون سَوَ سڌو ڪن ٿيون. سَوَ خيال من اندر سمائين ٿيون. وڻجاري سان جهيڙڻ جا خيال، حُجتن جا خيال، ڳلي لڳي ڳالهيون ڪرڻ جا خيال، سوچون وَهن جي سيني ۾ سانڍيل رهن ٿا. جنھن جو اظھار لطيف سائين هيئن ڪري ٿو.
جيڪر اچي هاڻ، ته ڪريان روح رچنديون،
آيل ڍولئي ساڻ، هوند ڳر لڳي ڳالهيون ڪريان.
[b]غربت جو منظر:
[/b]وڻجارن جي واپار سانگي وڃن کانپوءِ گهر ۾ جيڪا غربت جي حالت پيدا ٿي وڃي ٿي، اها به انتھائي ڀيانڪ شڪل اختيار ڪري وڃي ٿي، ڇاڪاڻ ته وڻجاري جي وئي کي وڏو عرصو گذري چڪو آهي. پوئتي رهي کهي پونجي ختم ٿيو وڃي. گهر ۾ ڏڪر واري ڪيفت ٿي ويئي آهي جو گهر ۾ کائڻ لاءِ ڪجهه نه بچيو آهي. آونگ جيڪي مٿي ڍڪڻ لاءِ ڇت جو ڪم ڏين ٿا اهي به ڊهي پٽ ٿي ويا آهن. اهي به اڌارا آڻي سيءَ کان بچڻ لاءِ پناهه ورتي ويئي آهي. انهيءَ آونگن ۾ به ٻين جا وَرَ ڏسي جيڪا وَهن جي ڪيفيت ٿي آهي اها لطيف سائين هيئن اظهاري ٿو.
اسان اڌارا آڻي، آونگ چاڙهيا،
منهن ڏئي مون آئيا، سمهان سيارا،
اڀرن سيڪارا، پسيو وَر ٻين جا.
هي سموريون ڪيفيتون ڏسي، هانءُ جهريو پوي. تنهن باوجود به عورت جي وفاداري پنھنجي وَر ڏانھن ساڳي رهي ٿي. اڃ ۽ بُکَ ۾، اوکي سُکي ۾ پنھنجي وَر لاءِ واجهون وجهندي رهي ٿي. ڪڏهن به پنهنجي ور سان بيوفائي جو نه ٿي سوچي. اها ته وفا ۽ پنهنجائپ جي انتها ٿي وڃي ٿي. لطيف کي عورت جي ان ادا گهڻو متاثرڪيو آهي. ان عورت وَٽ سياري ۾ نه سَوَڙ آهي نه گبرو آهي. رات جي سرد پھر ۾ مٿي تي اوڍڻ لاءِ چني جا پوَت ريڙهيندي رات گذاري ٿي ۽ لطيف چوي ٿو:
اتر ڏني اوت، نه مون سَوَڙ نه گبرو،
چارئي چَنيءَ پوت، ريڙهيندي رات گئي.