ڊائريءَ جا ورق / نثري ٽڪرا

خوابن جي ڊائري

هي ڪتاب محترم فهيم نوناري صاحب جي آمريڪا، يورپ، ايشيا ۽ عرب دنيا جو کليل اکين سان ڏٺل خوابن جو احوال آهي. هو لکي ٿو:”منهنجي لکيل هي ڊائري لنڊن، اسڪاٽ لينڊ، آمريڪا، دبئي (UAE)، سعودي عرب، بيلجم، هالينڊ ۽ سئزرلينڊ ملڪن ۾ مختصر قيام ۽ سالن جا سال پورا چار سال آمريڪا جي گهڻن شهرن ۽ هنڌن تي گهاريل گهڙين دوران جيڪو مانڊاڻ، ماحول، عمارت سازي، سياست جا انداز، شهري خدمتون، سائنس، آرٽ، تعليم، ميوزم، فن، علم وادب، ۽ موسيقي جي دنيا سميت جيڪو ڪجهه ڏٺم ۽ پَسيم، ان کي انهي وقت بغير ڪنهن ٺاهه ٺوهه ۽ چاشني جي اصل صورت ۾ پني تي اُتاري ڇڏيو، گهڻن دوستن بعد ۾ اها صلاح ڏني ته انهي ۾ واڌارو ۽ سڌارو ڪري لِکُ ۽ کاڌن وغيره جا نالا ڪڍي ڇڏ، پر مان سمجهان ٿو ته اهي عام ۽ ننڍڙيون ڳالهيون آمريڪا ۽ انهن ملڪن وڃڻ وارن لاءِ رهبري (Guide - Line) جو ڪم ڏينديون، خاص طرح نوجوانن لاءِ ڪارائتيون ثابت ٿينديون.“
Title Cover of book خوابن جي ڊائري

اسان جا اعلان اسان جي عملن کان وڏا آهن. (نذار قاباني)

فهيم نوناري جي “خوابن جي ڊائري” سنڌي ادب ۾ معلومات جو اڻکٽ خزانو آهي. هڪڙي صفحي تي لکي ٿو ته “زندگي پنهنجي دامن ۾ ڪئين رتول رنگ رکي ٿي ۽ انسان جستجو جي صحرا ۾ ڀٽڪندو رهيو آهي. اڃا تائين انهيءَ تحقيق ۽ کوجنا ۾ آهي ته آخر انسان جي ابتدا ۽ انتها ڪٿان ٿي جيتوڻيڪ گهڻن مختلف رخن کان زندگي کي جانچيو ويو آهي. جديد سائنس ۽ مادي نظرين تحت ته ڪروڙين ورهيه اڳ النسان (جيو) جي صورت ۾ پيدا ٿيو جتان ارتقا جا ڏاڪا سر ڪري اڄوڪي منزل تي آهي.”
فهيم نوناري هڪ محنتي، وضعدار ۽ ذهين شخص آهي جيڪو هڪ ئي وقت ليکڪ، سماج سڌارڪ فرض شناس آفيسر، بهتريرن مقرر ۽ هڪ سٺو انسان آهي جنهنڪري اڄ جي دور جي عام خوبي وڏائيءَ جي بيماري کان بچيل آهي. هن چوڻي جي مصداق ته ميويدار وڻ هميشه جهڪيل رهندو آهي. هڪ خاص ڳالهه جيڪا متاثر ڪرڻ جهڙي آهي، سا آهي پنهنجي ماڻهوءَ کي عزت ڏيڻ. هو هر ننڍي وڏي کي عزت ڏيندو آهي، جنهن سبب هرڪو هن جي عزت ڪري ٿو.
پاڻ وڏي عرصي کان “سرتيون” ۾ لکندو رهي ٿو. پاڻ ڪهاڻيءَ جي فني لوازمات کان باخبر ۽ ڳوڙهو مطالعو ۽ مشاهدو رکندڙ عنصرن سان گڏ ذهن کي جهنجهوڙيندڙ سوال ۽ انساني دردن ۽ سورن جون وارتائون اهڙي انداز سان بيان ڪيل هونديون آهن جو پڙهندڙ لڙڪ لاڙڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهي. “خوابن جي ڊائري” پڙهندي احساس ٿئي ٿو ته ليکڪ مسلسل لکڻ ۽ پروڙڻ جي عمل ۾ رهي ٿو ۽ پنهنجو وقت بامقصد طريقي سان گذارڻ چاهي ٿو جيئن هڪ هنڌ لکي ٿو ته “صفحو 122 ــ 123 گلدستو .......................
هن ڊائريءَ ۾ جنهن ڳالهه مون کي وڌيڪ متاثر ڪيو، سا آهي خوبصورت شعرن جي چونڊ جيئن “اسان جا اعلان اسان جي عملن کان وڏا آهن.
اسان جون تلوارون اسان جي قد کان ڊگهيون آهن.
اسان جي ٽرئجڊي اهائي ته آهي!”
(نذار قاباني)
مون کي قوي اميد آهي ته فهيم نوناري جي هي ڪوشش هر عمر ۽ هر نسل جي پڙهندڙ جي دلچسپي ۽ معلومات جو سبب بڻبي!
ــ گلبدن جاويد
ايڊيٽر
ماهوار سرتيون
سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو