(15) ننڊن جو شوقين ڇوڪرو
گهر جو خرچ هلائڻ لاءِ هيءَ ويچاري غريب عورت سڄو ڏينهن هٿ سان شهر جي امير عورتن جا ڪمونو (وڳا) سبڻ ۾ رُڌل رهي ٿي. ڪپڙي تي سئي سڳي سان ٽوپا ڏيڻ يا ڀرت جو ڪم ڪرڻ وقت هن جو ڪنڌ هيٺ مٿي، هيٺ مٿي ائين ٿيو ٿي جيئن پکين جو مٿو پاڻيءَ مان مڇيون ڦاسائڻ وقت ٿئي ٿو.
”۽ هن کان پوءِ؟ ۽ هن کان پوءِ؟“ هوءَ اهو چوندي ٻڌبي هئي ڄڻ هن جو ڪم ڪڏهن کٽڻ وارو نه آهي. هن جو اڪيلو پٽ، تارو، اهڙو ته هوشيار ۽ ٿلهو ٿنڀرو هو جهڙو هن جي ماءُ چاهيو ٿي. پر، افسوس! هي اهڙو سست هو جهڙو ڪاسائيءَ جو ٻلو. هن کان فقط کائڻ ۽ سمهڻ ۽ سمهڻ ۽ کائڻ پڳو ٿي باقي گهر جي ڪم يا ٻاهر جي پورهئي جي معاملي ۾ هن کان ڪک ڀڃي ٻه به نٿي ٿيو. ماڻس فقط ڪم جو نالو کڻندي هئي ته اٻاسي ڏئي چوندو هوس ”امان ٿوري ننڊ ته ڪرڻ ڏي، ان بعد ڪم چئجانءِ“.
اوڙي پاڙي جا اهو ئي چوندا هئا ته تارو کي جيڪڏهن ڪو نه اٿاري ته هو ٽن سالن تائين پيو کونگهارا هڻي. اهڙو ننڊ جو شوقين هو هن غريب جپانڻ جو پٽ تارو!. ۽ هن جي ايڏي لڳاتار سمهڻ ڪري هن جو نالو ئي پئجي ويو. ”ٽي سال سمهڻ وارو ڇوڪرو“.
جڏهن تارو ننڍي ڇوڪري مان وڌي جوان مڙس ٿيو ته چانورن جي هڪ واپاريءَ اچي تارو جي جهوپڙيءَ سامهون هڪ محل نما گهر ٺاهي رهڻ لڳو. هن گهر ۾ ويهارو کن ڪمرا هئا جن جا گِهرڪڻ وارا دروازا خوبصورت باغيچي ڏي کليا ٿي. ان جي وچ ۾ هڪ وڏو تالاب هو جنهن ۾ سونهري مڇيون ترنديون رهيون ٿي. باغيچي جي هڪ ڪنڊ ۾ چانهه پاڻيءَ جو بندوبست هو جتي شام جي ٿڌڪار ۾ چانهه پيئڻ جو مزو وٺڻ سان گڏ چنڊ جو نظارو به ڪري سگهيو ٿي.
چانورن جي سوداگر جي زال ۽ ڌيءَ هر وقت سهڻا ڪمونا (وڳا) پهريا ٿي. چيلهه تي سوني بروڪيڊ جي اوبي (دوپٽي جهڙو پٽو) ٻڌو ٿي. پوڙهي سوداگر هٿ ۾ عاج جو لڪڻ جهلي جيڪو چروٽ ڇڪيو ٿي ان جي تماڪ وجهڻ واري پيالي نج سُون جي هئي.
تارو پنهنجي هنن نون امير پاڙيسرين مان ڏاڍو متاثر هو ۽ سمهڻ مان ڪجهه وقت ڪڍي هنن جي باغ ۾ وڃي نوس نوس ڪندو هو. هنن جي هر ڳالهه هن کي وائڙو ڪري ڇڏيو ٿي. محل جهڙو وڏو گهر، مان شان سان هلندڙ هنن جي ڌيءَ، هنن جا ويس وڳا ۽ رهڻ جو اسٽائيل، سهڻو باغيچو، باغيچي ۾ صاف پاڻيءَ جو تالاب ۽ تالاب ۾ ٿلهيون ٿلهيون ترندڙ مڇيون....
جنهن وقت سوداگر گدام جي در اڳيان لٿل چانورن جي ڳوڻين کي وڏي شان سان لڪڻ جي ٺڪ ٺڪ ڪري ڳڻيو ٿي ته تارو کان ٿڌو ساهه نڪري ويو ٿي.
”مار ته سهي! ڇا ته مزي جي زندگي آهي“. هو دل ئي دل ۾ چوندو هو.
وقت گذرڻ سان تارو ويو وڌيڪ سست ۽ ڪاهل ٿيندو. هن جي ماءُ هن کي پورهيو ڪري پئسو ڪمائڻ لاءِ ڪڏهن هڪ ڪن ۾ ته ڪڏهن ٻئي ۾ نصيحتون ڪندي رهي ٿي. ”پٽ تارو! ڪجهه ته هوش ڪر! هيڏو سارو اچي ٿيو آهين. ٻڌان پئي ته سوداگر ڪو ڇوڪرو پيو ڳولي“. هن تارو کي چيو.
”هن کي ڇوڪري جي ڇو ضرورت پئي آهي؟“ تارو پڇيو.
”چانورن جا ڪٽا ۽ ڳوڻيون کڻائڻ لاءِ ٻيو ڇا لاءِ؟“ ماڻس چڙ مان چيس.
”مزوري ڪرڻ لاءِ!“ تارو کلڻ لڳو“. مون کي ته ان تي رحم ٿو اچي جيڪو هن ڪنجوس سيٺ وٽ ڪم ڪندو. سڄو ڏينهن مزوري ڪري هن جي پوڙهن وانگر چيلهه چٻي ٿي ويندي“.
”۽ تون ڪهڙو ماڻهو آهين جو ڪمائڻ بدران رڳو گهر ۾ ويٺو آهين“، هن جي ماءُ ڪاوڙ مان چيو. ”ڪجهه گهر جو به خيال اٿئي. ڇت آهي جيڪا مينهن ۾ ڇٻيءَ وانگر پئي ٽمي، ڀتين تان چاپوڙا پيا لهن، کائڻ لاءِ گنديءَ ۾ ان ڪڻا نه بچيا آهن. مون کي ته سمجهه ۾ نٿو اچي ته هن گهر جو گذارو ڪيئن ٿيندو! ڪيئن جياپو ٿيندو!“.
”امان تون فڪر نه ڪر. منهنجي دماغ ۾ هڪ زبردست رٿ آهي“.
”اجايون لٻاڙون نه هڻ. توکي نوڪريءَ جي ضرورت آهي ۽ نه انهن خيالي رٿائن جي“. تارو جي ماءُ هن کي محنت مزوريءَ لاءِ چٽ ٻڌي.
”تون اهي فڪر ڇڏي خوش ٿيءُ. بس منهنجي امڙ تون رڳو هڪ ڪم ڪر جو مون کي هڪ ڪارو وڳو ۽ ڪکاڻو ٽوپ ٺاهي ڏي جيڪو ٻاوا پائين ٿا“.
”انهن سان تون ڇا ڪندين؟“ ماءُ پڇيو
”انهن ڳالهين کي ڇڏي ڏي امڙ، اهي منهنجي رٿابنديءَ جو حصو آهن“. جواب ۾ هن فقط ايترو ماڻس کي ٻڌايو.
”شايد هو ٻائو بنجڻ جو سوچي رهيو هجي“، تارو جي ماءُ دل ئي دل ۾ سوچيو. پر جن ٻاون کان هوءَ واقف هئي اهي ته سج اڀرڻ کان گهڻو اڳ اٿن ٿا، سڄي ڏينهن ۾ هڪ ويلو کائين ٿا ۽ ڏينهن جو ته هرگز نٿا سمهن.
تارو جي ماءُ ان بابت گهڻو ئي سوچيو پر سندس دل ته نه مڃيو پر تنهن هوندي به هن پٽ لاءِ ٻائي جي ڊريس ۽ ٽوپ ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو. ان کان علاوه هوءَ ٻيو ڪري به ڇا ٿي سگهي. ڪهڙي خبر قدرت کي ڇا منظور هجي ۽ هو ٻائو به ٿي وڃي.
ٻئي ڏينهن شام جو هن ٻاون وارو ڪارو جبو پهريو. ۽ پوءِ ڪاري ڪوئلي سان پنهنجا ڀرون وڌيڪ ڪارا ڪيا ۽ اکين جي چوڌاري ۽ نڪ جي ٻنهي پاسن کان هن ڪارا ڪانگ پير ٺاهيا. ان ميڪ اپ بعد هو اهڙي خوفناڪ شڪل جو ٿي پيو جهڙو سمورائي جنگي پهلوان! ماڻس کيس ههڙي روپ ۾ ڏسي ڇرڪجي وئي. ”تارو، اهو واقعي تون آهين يا ڪو ٻيو؟“
”ڊڄ نه منهنجي ماءُ“، تارو چيو، ”اهو سڀ ڪجهه منهنجي رٿ جو حصو آهي. هاڻ هن بابت تون ڪنهن سان به ڳالهه نه ڪجانءِ“.
ماءُ ڪجهه وڌيڪ چوي، ان کان اڳ تارو ڊوڙ پائي گهر کان ٻاهر نڪري ويو.
سج لٿي مهل، سوداگر روزمره جي چڪر لاءِ گهر کان ٻاهر نڪتو ته سامهون تارو جي ماءُ ملي ويس.
”مائي خوش چاق چڱي ڀلي“، سوداگر هن جي ماءُ کان پڇيو، ”منهنجي خيال ۾ تنهنجو ٽوٽي پٽ ته بستر ۾ هوندو“.
”سائين، هو اڄ ڏاڍو ٿڪل هو ان ڪري سوير ئي سمهي رهيو“. تارو جي ماءُ سيٺ کي ٻڌايو.
”بلي! ڳالهه اها آهي جو تون هيڪاندي نرم دل آهين. هن کي ٻيو ڪجهه نه کپي پر موچڙي جو زيپٽ کپي. شام جي وقت به ستو پيو آهي بيشرم!“.
سوداگر اهو چئي پنهنجي روزمره جي پسار لاءِ روانو ٿي ويو تان جو رستي جي پڄاڻي تي ٺهيل درگاهه وٽ اچي پهتو. اها درگاهه اوجي گامي ديوتا جي هئي جنهن لاءِ اتي جي ماڻهن جو اهو عقيدو هو ته هن سڄي شهر جي رکوالي اهو ديوتا ڪري ٿو. جيئن ئي هن اتي ترسي ان ديوتا جي درگاهه وٽ نذرانو ٿي پيش ڪيو ته هڪ ڪارن ڪپڙن ۾ همراهه بازوليون پائيندو اچي هن جي اڳيان بيٺو. هن جي خوفائتي شڪل ڏسي چانورن جو سوداگر ڊڄي ويو.
”ت....... ت..... تون ڪير آهين؟“ سوداگر ڏڪندي پڇيس.
”آئون اوجي گامي ديوتا آهيان“. هن اکيون ڦاڙي ڪڙڪ آواز ۾ چيو.
”مون لاءِ ڇا حڪم آهي، مون کان ڪا غلطي ته نه ٿي وئي آهي اوجي گامي ديوتا؟“ سوداگر جهڪندي پڇيو.
”هاڻ تنهنجي ڌيءَ لاءِ وقت اچي ويو آهي ته شادي ڪري“، اوجي گاميءَ چيو، ”تون هن جي شادي تنهنجي پاڙي ۾ رهندڙ ان بهترين ڇوڪر سان هڪدم ڪري ڇڏ“.
”ڪهڙي بهترين ڇوڪر سان منهنجا ديوتا؟“
”ان عاليشان ڇوڪر سان جنهن جو نالو تارو آهي“.
”تارو!“ سوداگر ڪنن جون پاپڙيون مهٽڻ لڳو، ”تنهنجو مطلب آهي ٽي سال سمهڻ وارو تارو؟“
”ها اهوئي!“
”اهو ٿي نٿو سگهي. شايد توهان کان ڪا غلطي ٿي وئي آهي!“.
”ديوتا ڪڏهن به غلطيون نه ڪندا آهن!“ اوجي گاميءَ رڙ ڪري چيو.
سوداگر خوف مان ڏڪڻ لڳو. ”سائين ٿي سگهي ٿو منهنجي ڌيءَ لاءِ ڪو ٻيو گهوٽ هجي. ٻيو ڪو به پر تارو.....“
”ٻيو ڪو به نه،“ اوجي گامي ديوتا ڪڙڪو ڪيو. ”تنهنجي ڌيءَ جي قسمت ۾ تاري جو نالو چونڊجي، لکجي ۽ قبول ٿي چڪو آهي!“
”منهنجا ديوتا ان ڳالهه کي سوچڻ لاءِ مون کي ڪجهه مهلت ڏي. ڇا سال ٻه نٿو ترسي سگهجي؟“
”بيوقوف فاني جانور“، ديوتا زور سان چيو. ”توکي اها همت ڪيئن ٿي جو مون سان سوديبازي ٿو ڪرين! منهنجي حڪم جي پوئواريءَ ۾ دير ڪندين ته آئون تنهنجي ڌيءَ کي ماڻهوءَ مان ٺڪر جي ڪُني (ديڳڙي) ٺاهي ڇڏيندس پوءِ ڏسان ته هُوءَ پنهنجي لاءِ ڪهڙو مڙس ٿي ڳولي!“.
”نه سائين نه. ائين هرگز نه ڪجو“، سوداگر ديوتا اڳيان ٻاڏايو. ”منهنجي ٻچي کي ديڳڙي نه بنائجو. مون تي رحم ڪجو!“ سوداگر گوڏن ڀر پٽ تي ويهي پٽ تي مڪون هڻڻ لڳو ۽ ڪا دير سڏڪا ڀريندي ڀريندي ساڻو ٿي پيو. تيستائين ڪاري جبي وارو ديوتا، غائب ٿي چڪو هو.
ٻئي ڏينهن صبح ساڻ چانورن جي سوداگر، بيواهه زال جي گهر جو در اچي کڙڪايو. هن جون اکيون ڳاڙهيون ۽ منهن لٿل هوس ڄڻ سڄي رات رنو هجيس.
”خاتون آئون هڪ تمام اهم ڪم لاءِ تو وٽ آيو آهيان“، هن غم ۽ پريشانيءَ مان چيو، ”منهنجي ڌيءَ لاءِ ضروري ٿي پيو آهي ته هو شادي ڪري- تنهنجي... ها تنهنجي، پٽ تارو سان“.
غريب عورت جو حيرت مان وات ڦاٽي ويو.
”ها تنهنجي پٽ سان منهنجي ڌيءَ جي شادي ڪرڻ ضروري ٿي پيو آهي“، سوداگر ورجايو. ”اوجي گامي ديوتا سان منهنجي رات ملاقات ٿي هئي. اهو هن طرفان حڪم آهي جنهن جي پيروي ضرور ٿيڻ کپي“.
”پر اڄ ڏينهن تائين اوجيگامي ديوتا ته ڪنهن کي به ڏيکائي نه ڏني آهي“. پوڙهيءَ حيرت ظاهر ڪئي.
”ها بلڪل صحيح ٿي چوين پر رات هن پنهنجو ديدار مون کي ڪرايو. بس آئون ته تباهه ۽ برباد ٿي ويس“.
”عزت ماب سيٺ اهو ٻڌاءِ ته اُجِيگامي ديوتا ڪيئن ٿي لڳو؟“ بيواهه عورت پڇيو.
سوداگر ڏڪندي چيو: ”ڪپڙي پوشاڪ مان هو ٻائو ٿي لڳو. پر شڪل شبيهه مان ڪو جن ڀوت ٿي لڳو. هن جو منهن ڪوئلي وانگر ڪارو ۽ جنگي جوڌي وانگر ڊيڄاريندڙ لڳو ٿي“.
پوڙهي يڪدم سمجهي وئي ته سندس پٽ جي نيت ڇا آهي ۽ هن ڪهڙا سٽل سٽيا آهن. هن گنڀير شڪل ٺاهي ڪنڌ جي ڌوڻ ڪئي پر هن ان ڳالهه جو اظهار نه ڪيو ته هوءَ ڪا ان شاديءَ لاءِ آتي ۽ خوش آهي. سو منهن ٺاهي سوداگر کي چيو: ”اسان ته هن پاڙي جا غريب ماڻهو آهيون منهنجا مهربان سائين منهنجي بيڪار پٽ تارو جو تنهنجي خانداني ڌيءَ سان ڪهڙو جوڙ ........؟“
”اهو آئون به مڃيان ٿو“، سوداگر چيو، ”پر بدقسمتي سان هتي اسان جي سوچ جو سوال ناهي. اسان کي اهو ئي ڪرڻ کپي جنهن لاءِ ديوتا حڪم ٿو ڏئي نه ته هو منهنجي ڌيءَ کي ٺڪر جي ديگڙي بنائي ڇڏيندو“.
”ڪيڏي ته افسوس جي ڳالهه آهي“. تارو جي ماءُ غمگين شڪل ٺاهي چيو. ”پر سائين اها شادي کڻي ٿي به وڃي پر توهان جي آرام ۾ پاليل ڌيءَ اسان جي هن ڀڳل ۽ بيڪار گهر ۾ ڪيئن رهي سگهندي جنهن جي ڇت ويهن هنڌن تان ٽمي ٿي، جنهن جي سوراخيل ڀتين مان هوا شوشٽ ڪري اندر اچي ٿي.....“
سوداگر کي ڏاڍي چڙ لڳي. هن ان بابت ته سوچيو نه هو پر هو مجبور هو ان ڪري هن چيو:
”چڱو ڀلا آئون سڀاڻي ئي رازي کي ٿو موڪليان ته اچي تنهنجي گهر جي مرمت ڪري“.
ٻئي ڏينهن صبح ساڻ رازي اچي گهر جي ڀتين ۽ ڇت کي پلاسٽر ڪيو.
”تمام سٺو ڪم، تمام سٺو ڪم“. تارو جي ماءُ رازي جي ڪم جي تعريف ڪندي رهي.
شام جو سوداگر تارو جي ماءُ وٽ معلوم ڪرڻ آيو ته ڪم ڪيئن ٿيو ۽ پڇيو هاڻ ته شاديءَ لاءِ تيار آهين؟“
”سيٺ صاحب، اڃان به ڪيئن هائوڪار ڪريان؟“ تارو جي ماءُ سيٺ اڳيان جهڪندي چيو، ”تون پاڻ ڏسي رهيو آهين ته اسان جي گهر ۾ هڪ ئي ڪمرو آهي. تنهنجي ڌيءَ کي ته هن ننڍڙي گهر ۾ شرم ايندو ۽ سندس مائٽ مٽ ڇا چوندا“.
”اها ڳالهه به تنهنجي صحيح آهي“، سوداگر چپن ۾ ڀٽڪندي چيو.
”چڱو ڀلا هاڻ واڍن ۽ رازن کي موڪليان ٿو ته هو اچي وڌيڪ ڪمرا ٺاهين“.
سوداگر جي وڃڻ بعد، تارو کڳيون هڻي خوش ٿيڻ لڳو. ”واهه واهه! منهنجيون اٽڪلون ڪامياب پيون وڃن“.
جڏهن تارو جو سڄو گهر ٺهي راس ٿيو ته سوداگر هن رن زال کان پڇڻ لاءِ آيو: ”ڀلا هاڻ ته شاديءَ جي تاريخ مقرر ڪجي“.
”سيٺ صاحب مون کي اڃان به ڊپ آهي ته تنهنجي ڌيءَ کي مهنجي پٽ سان شادي ڪري شايد خوشي نه ٿئي“.
”هاڻ وري ڪهڙي ڳالهه آهي؟“ سوداگر رڙ ڪئي، ”جلدي جلدي پنهنجي اندر جي ڳالهه ڪر. دير ٿيڻ سان ڪٿي منهنجي ڌيءَ ديڳڙي نه ٿي پوي“.
”منهنجو پٽ بيروزگار آهي هن کي ڪا نوڪري يا ڌنڌو ڌاڙي نه آهي“، پوڙهيءَ چيو، ”هو اهڙي حالت ۾ تنهنجي ڌيءَ کي ڪيئن ٿو خوش رکي سگهي“.
”رن تو ته مون کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي“، سوداگر چڙندي چيو، ”چڱو ڀلا ان جو بندوبست به آئون ٿو ڪريان. تنهنجي پٽ کي پنهنجي اسٽور تي مئنيجر ڪري ٿو رکان. پر پوڙهي توکي اهو ٻڌائي ڇڏيان ته پوءِ هن کي ننڊن ڪرڻ جو وقت نه ملندءِ. هاڻ ته ڀلا شاديءَ جي پڪ ڏي“.
تارو جي ماءُ ڪنڌ ڌوڻيندي چيو: ”هاڻ مون کي ان شادي ۾ ڪو اعتراض ناهي“.
سوداگر جيئن ئي شادي جي پڪ وٺي گهر کا ن ٻاهر نڪتو ته بيواهه عورت پنهنجي پٽ تارو کي خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ ڊوڙي.
”سوداگر ته پاڻ کي عيش ڪرائي ڇڏيو آهي“. هن خوسيءَ مان ٻهڪندي پٽ کي چيو.
تارو بستري مان نڪري ڪَر موڙڻ ۽ اٻاسيون ڏيڻ لڳو. هو ڪاسائيءَ جي ٻلي وانگر مطمئن نظر اچي رهيو هو.
”اها سڄي اٽڪل منهنجي هئي ۽ سٺو ٿيو جو تو سڀني ڳالهين جو سيٺ سان بندوبست ڪري ورتو“.
”ٻيو نه ته وري“ تارو جي ماءُ خوش ٿيندي چيو. ”هاڻ سڀاڻي کان تون ڪم کي لڳي وڃ“.
”ڪم کي!“ تارو ٽپ ڏئي هنڌ تان اٿيو. ”ڇا مطلب آهي تنهنجو امان؟ تو ته مارائي رکيو. منهنجي پلان جو اهو حصو ته هرگز نه هو“.
”تون ڇا ٿو سمجهين ته دنيا ۾ تون ئي هڪ آهين جيڪو رٿائون ٿو رٿين؟“ هن جي ماءُ مرڪندي وراڻيس. ”هاڻ توکي پورهيو به ڪرڻو پوندو“.
آخرڪار تارو جي سوداگر جي ڌيءَ سان شادي ٿي. سڄي شهر ۾ شاديءَ جو هي ڪاڄ وڏي ڌام ڌوم سان ٿيو. اهڙي سهڻي شادي ڏٺي ماڻهن کي ورهه ٿي ويا هئا.
اوجيگامي ديوتا به هن شاديءَ مان ضرور ٺري پيو هوندو جو هن سوداگر کي وري ڪڏهن ديدار نه ڪرايو ۽ سوداگر جي ڌيءَ ۾ ديڳڙي ٿيڻ جي ڪا به علامت نه ٿي. باقي جيسين تارو جي سستيءَ جو سوال هو، هو شاديءَ بعد پنهنجي سهري جي ڪم ۾ جنبي ويو. هاڻ جيڪڏهن هو شهر جو مشغول ترين ماڻهو نه آهي ته سست ترين به نه آهي، ۽ هاڻ ان کي زمانو ٿي ويو آهي جو ڪنهن تارو کي ٽي سال سمهڻ وارو چيو هجي. هر هڪ کان تارو جي ان سستيءَ جون اهي ڳالهيون وسري چڪيون آهن.
***