مهاڳ : نصير اعجاز جو سفر در سفر
نصير اعجاز جي ته سڄي زندگي لکڻ ۾ گذري آھي ۽ ھو جڏھن ھر فيلڊ ۾ لکندو رھيو آھي ته ھن لاءِ سفرنامو لکڻ ڇا مشڪل آھي. مون کي ته اھا به ڄاڻ ھئي ته پنھنجي اخباري اداري جي ڊيوٽيءَ موجب 1990 کان مختلف ملڪن جا چڪر ڏيندو رھي ٿو. سو ان ڪري مون کي اھو خيال ھو ته نصير اعجاز ھن کان اڳ به سفرناما لکيا ھوندا، پر پوءِ جڏھن پاڻ ٻڌايائين ته ھن ڪتاب ۾ سندس 1990 کان وٺي افغانستان، انڊيا، سنگاپور، نيپال، بنگلاديش، سري لنڪا، ڏکڻ ڪوريا، مالديپ ۽ ڪمبوڊيا جي سفرنامن جو احوال آھي ته مون کيس اھو ئي چيو ته “تو جھڙي ماڻھوءَ کي ھر سفر بعد لکڻ کتو ٿي.” ھونئن به نصير اعجاز جھڙي ماڻھوءَ لاءِ لکڻ جھڙو ڪم ڪو ڏکيو نه ھئڻ کپي جو ھن جي سڄي زندگي لکڻ پڙھڻ سان واسطو رکندڙ فيلڊ جرنلزم ۾ ۽ ادارتي ڊيوٽين ۾ گذري آھي. اسان وٽ گھڻائي اسان جھڙن اديبن شاعرن جي آھي جيڪي بنيادي طرح ڪنھن ڌنڌي ڌاڙي يا نوڪريءَ سان سلھاڙيل آھن ۽ فقط ھابيءَ طور يعني وندر خاطر ھنن افسانا ناول لکيا، شعر ۽ سفرناما لکيا يا وري تعليم ختم ٿيڻ تي ڪا نوڪري نه ملي ته پوءِ مجبور ٿي اخبار ، ٽي وي يا رسالي سان واسطو رکيو، پر نصير اعجاز تعليم حاصل ڪرڻ بعد يعني يونيورٽيءَ مان ڊگري وٺڻ بعد نوڪريءَ تي چڙھڻ بدران ادب ۽ صحافت جي دنيا ۾ ھليو آيو. ايئن به ناھي ته ھن کي ڪا نوڪري نه ملي. 1975 جي آخر ڌاري گريجوئيشن ڪرڻ بعد نصير کي يڪدم بئنڪ جي نوڪريءَ جو آفر ليٽر مليو ۽ ھي اُھو دور ھو جڏھن بئنڪن جي نوڪري جون پگھارون ۽ سھولتون سڀني سرڪاري ۽ غيرسرڪاري نوڪرين کان مٿاھيون ھيون. عرب دنيا ۾ انھن ڏينھن ۾ تيل جو پئسو اچڻ لڳو ھو ۽ جتي ڪٿي کلندڙ بئنڪن ۾ پاڪستان جا بئنڪر رکيا پي ويا پر نصير کي پئسي ۽ رُتبي کان وڌيڪ لکڻ پڙھڻ جي دنيا وڌيڪ موھيو ۽ ھو الائيڊ بئنڪ کان مليل نوڪريءَ جي آرڊر کي واپس ڪري ھلالِ پاڪستان اخبار ۾ اچي لڳو، جنھن انھن ڏينھن ۾ سراج ميمڻ جي ادارت ۾ نئون جنم ورتو ھو.
نصير اعجاز پنھنجي ھن سفرنامي ۾ لکيو آھي ته انھن ڏينھن ۾ اسانجي ملاقات ھڪ فنڪشن ۾ ٿي جنھن کانپوءِ ھلالِ پاڪستان آفيس ۾ يارن دوستن سان ملڻ لاءِ اچڻ وقت ملاقاتون ٿينديون ھيون، پر مونکي ياد ٿو اچي ته آئون نصير اعجاز کان نه فقط ان کان اڳ جو واقف ھوس پر سندس لکڻين مان به متاثر ھوس. نصير اعجاز ھلالِ پاڪستان ۾ نوڪري ڪرڻ کان اڳ ۽ شاگرديءَ واري زماني ۾ طارق اشرف کي سندس رسالي “سُھڻي” لاءِ انگريزي ادب مان ڪھاڻيون ترجمو ڪري ڏيندو ھو. ان ئي رسالي ۾ منھنجو پھريون سفرنامو “منھنجو ساگر منھنجو ساحل” ۽ ٻيا سفرناما ڇپبا رھيا ٿي. طارق اشرف وٽ فيروز ميمڻ ۽ نصير اعجاز جھڙا ڪيترائي نوجوان نظر ايندا ھئا. اڳتي ھلي نصير اعجاز ۽ نصير مرزا جي لکڻين کان مان اھڙو متاثر ٿيس جو مون ان وقت پنھنجن ڪتابن لاءِ کانئن پيش لفظ لکرايا ھئا. عمر ۾ مون کان ھو ڏھه سال ننڍا ھئا پر آئون ان ۾ يقين رکان ٿو ته آرٽ ۽ ادب جي معاملي ۾ ضروري ناھي ته ھڪ ننڍي عمر جو گھٽ قابل ھجي. اھو ئي سبب آھي جو آئون اڄ به ڳولي ڳولي ڀلوڙ ليکڪن کان پيش لفظ لکائڻ چاھيان ٿو ڀلي کڻي ھو عمر ۾ ننڍا ھجن يا ھنن گھٽ لکيو ھجي. ان سان گڏ آئون سمجھان ٿو ته ھنن جي به ھمت افزائي ٿئي ٿي. ڪنھن ٿي سمجھيو ته ماھتاب راشدي، فھميده حسين وغيره اڳتي ھلي ادب جي دنيا ۾ نالو روشن ڪنديون، پر مون کانئن مھاڳ تڏھن لکرايا ھئا جڏھن ھو اسٽوڊنٽس ھيون.
بھرحال نصير اعجاز شاگرديءَ واري زماني کان قلم ھٿ ۾ کنيو. مون جڏھن کانئس پنھنجي ڪتاب لاءِ پيش لفظ لکرايا ھئا تڏھن ھو نئون نئون سنڌي اخبار ھلالِ پاڪستان ۾ سب ايڊيٽر ٿي آيو ھو. اڄ سوچيان ٿو ته ھن سڄي زندگي صحافت ۽ ادب کي ڏئي ڇڏي.... ان کي ذري گھٽ چاليھه سال اچي ٿيا آھن ته ھن دستگير ڀٽي ۽ خير محمد کوکر جھڙن صحافين وانگر ھڪ دفعو صحافت ۾ گھڙڻ جي نيت ڪئي ته نه ھيڏانھن ھوڏانھن نھار ڪئي نه اڃان تائين سلام ڦيريو آھي. ان دوران ھو رپورٽر، مئگزين ايڊيٽر، نيوز ايڊيٽر ۽ ايڊيٽر طور ڪم ڪندو رھيو. ھو سنڌي اخبار برسات جو ايڊيٽر ۽ مئنيجنگ ايڊيٽر به رھيو. ڪجھه وقت ھن سرڪاري خبر ايجنسي ائسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان ۾ ۽ ڪي ورھيه اسلامآباد جي انگريزي اخبار پاڪستان آبزرور لاءِ به اسٽاف رپورٽر طور ڪم ڪندو رھيو. ان کانپوءِ ھن وڏو عرصو يعني چوڏھن سال خانگي نيوز ايجنسي پاڪستان پريس انٽرنيشنل ۾ بيورو چيف ۽ ايڊيٽر طور ڀرپور نموني ذميواريون سنڀاليون جتي ھو پاڪستان پريس فائونڊيشن طرفان سڄي پاڪستان ۾ صحافين جي سکيا لاءِ ٿيندڙ ورڪشاپن ۾ کين ٽريننگ به ڏيندو رھيو. گذريل ڪجھه ورھين کان نصير ڏکڻ ڪوريا جي نيوز ايجنسي جو خاطو آھي جنھن جي طرفان ھن کي ڪجھه ڀيرا ڪوريا گھرايو ويو ھو. سندس ھن پھرين سفرنامي “سفر ڪھاڻيون” ۾ ڪوريا جو گھڻو احوال نظر اچي ٿو. بھرحال ھڪ ڳالھه ضرور آھي ته جيڪو ماڻھو صحافت ۾ آھي يا جنھن جو اخبار سان لاڳاپو رھي ٿو ان جو سفرنامو دلچسپ ۽ معلوماتي ٿئي ٿو پوءِ ھو چاھي قاضي عبدالمجيد عابد ھجي يا بدين جو عبدالرزاق کٽي. جرنلزم سان واسطو ھجڻ ڪري ھن کي دنيا جي حالتن ڳي وڌيڪ ڄاڻ ٿئي ٿي جنھن جي ھو پنھنجي سفرنامي ۾ به اُپٽار ڪري سگھي ٿو.
ھن سفرنامي “سفر ڪھاڻيون” ۾ گھڻو احوال ڏکڻ ڪوريا، نيپال، افغانستان، مالديپ ۽ ڪمبوڊيا جو آھي پر نصير فلئش بئڪ ۾ ٻين سفرن جو احوال پڻ رکي رکي ڏنو آھي جن ۾ سنگاپور، سري لنڪا، بنگلاديش ۽ ڀارت شامل آھن. ڪابل جا احوال ته مون لاءِ به نوان آھن جو منھنجو ڪڏھن به جھاز اوڏانھن نه ويو ۽ وڃي به ڪيئن جو اھو ملڪ سئٽزرلئنڊ وانگر سمنڊ بنا آھي. سندس چوڌاري زمين ئي زمين آھي. نصير سفر دوران جن ٻين ملڪن ۾ ويو آھي اھي منھنجي لاءِ کڻي نوان نه ھجن پر مون انھن جو احوال وڏي دلچسپيءَ سان پڙھيو جو جيئن چوندا آھن ته سُرمو ھرڪا پائي پر اک اک جو ڦير آھي.... ڪجھه اھڙي طرح گھمڻ وارن مان ھرھڪ جي ٻاھرين اک ته کڻي ساڳي ساڳي ڳالھه ڏسي پر ھر ھڪ جي اندر جي اک مختلف آھي. ان ڪري احوال لکڻ مھل ھر ھڪ جو بيان پنھنجو ۽ مختلف ٿئي ٿو. ولايت جي ھڪ سفر ۾ ٽن دوستن ھڪ ھوٽل اڳيان لنگھندي ان جي آڏو فوٽو ڪڍرايو. وطن موٽي ھڪ ٻڌايو ته سندس پنھنجي ڳوٺ ۾ اھڙي ھوٽل ٺھرائڻ جو ارادو آھي ان ڪري تصوير ڪڍرايائين. ٻئي چيو ته درياھه جي ڪناري تي اھڙي ھوٽل ۾ مون ٻئي دفعي اچي رھڻ ٿي چاھيو۽ ان ڪري فوٽو ڪڍرايم ته متان وسري وڃي ۽ ٻين کي به ڏيکاري سگھان ته ڪھڙو ته سھڻو نظارو آھي. ٽئين چيو ته ان فوٽوءَ ۾ آئون ان ڪري شامل ٿيس جو پٺيان ٻه سھڻيون ڇوڪريون بيٺيون ھيون ۽ مون چاھيو ٿي ته اھي به ان ٿصوير ۾ اچن..... سو ڳالھه اھا آھي ته ڪنھن ملڪ يا ڪنھن شھر ڏي سفر جو احوال کڻي ڏھه ڄڻن لکيو ھجي پر ھرھڪ جو پنھنجي نموني جو ٿئي ٿو. اڄ به اھي ملڪ ملائيشيا، جپان، سئيڊن جھڙا جن ۾ منھنجي عمر جو وڏو حصو گذريو آھي، اتي ڪو ٻه ڏينھن به وڃي سفرنامو لکي ٿو ته اھو به مون لاءِ دلچسپ ثابت ٿئي ٿو.
نصير جو سفرنامو توھان جي ھٿن ۾ آھي. توھان پاڻ پڙھي اندازو ڪري سگھوٿا. ھن جتي مختلف ملڪن جي ماڻھن، سياست ۽ خبرن جي ڄاڻ ڏني آھي اتي سفر دوران پيش آيل پريشانين ۽ جُٺين جو احوال پڻ لکيو آھي جيڪا شئي سفرنامي لاءِ بيحد اھم آھي. پڙھندڙ رڳو ليکڪ جي فائيو اسٽار ھوٽل ۾ رھائش ۽ عياشيءَ جو احوال پڙھڻ ۾ دلچسپي نٿا رکن. ھو اوھان جي غلطين، بيوقوفين ۽ اڻڄاڻائين جي ڪري درپيش آيل تڪليفن ۽ انھن کي توھان ڪيئن منھن ڏنو، ان جو احوال ڄاڻڻ چاھين ٿا جيئن ھنن کي به ڪڏھن ٻاھر نڪرڻ جو موقعو ملي ته انھن ڳالھين کي ذھن ۾ رکي پنھنجو بچاءُ ڪري سگھن. جيئن نصير شروع جي بابن ۾ ڊالر پاڻ سان نه کڻي سگھڻ سبب دھليءَ جي ھوائي اڏي تي ٿيل جُٺ جو سربستو احوال ڏنو آھي. اھڙي طرح ھوائي اڏن تي سڪيورٽي چيڪ سبب جن مرحلن مان اڄڪلھه لنگھڻو پوي ٿو، ان بابت به ھن پڙھندڙ کي آگاھه ڪيو آھي. ٻاھرين ملڪن ۾ روڊن تي پنا اُڇلائڻ تي ڏنڊ، سگريٽ ڇڪڻ تي بندش ۽ اھڙين ٻين ڳالھين جو به ھن ذڪر ڪيو آھي.
سچي ڳالھه ته اھا آھي ته نصير کي پھرين سفر بعد ئي ان جو احوال (سفرنامو) لکڻ کتو ٿي. اھڙي طرح ھيستائين سندس گھٽ ۾ گھٽ نو ڏھه سفرناما ٿي وڃن ھا. ھونئن به سفرناما لکڻ جي شوقين کي پنھنجي تجربي جي ڳالھه ٻڌايان ته سفر ختم ٿيڻ شرط جيترو جلد لکڻ شروع ڪجي ايترو بھتر. ناول يا افسانو ڀلي توھان پيا آرام سان لکو ۽ سوچيو ۽ رکي رکي تبديليون آڻيو پر سفرنامي جي معاملي ۾ توھان جيترو دير ڪندو اوترو توھانجي سفر جون يادون دماغ مان نڪرنديون وينديون. آئون جڏھن پھريون دفعو ٻن ھفتن لاءِ ايران وڃي رھيو ھوس ته سڀني عزيزن دوستن کان موڪلايم ته ھاڻ ڇھه مھينا کن نه ملنداسين. سڀني چيو “پر تنھنجو سفر ته فقط اڌ مھيني جو آھي.” “بلڪل صحيح” مون وراڻيو”پر ان بعد ساڍا پنج مھينا آئون بند ڪمري ۾ رھي سفرنامو لکڻ ٿو چاھيان.” ۽ پوءِ ايران مان موٽڻ بعد ٻه ٽي مھينا ملائيشيا جي ھڪ ڳوٺ ۾ ۽ باقي وقت پنڊيءَ ۾ پيٽارو جي ھڪ رٽائرڊ فوجي دوست جي گھر ۾ اھو سفرنامو لکي ورتم ڇو جو دير ٿيڻ سان سفرنامو لکڻ ڏکيو ٿيندو وڃي ٿو. ان حساب سان نصير اعجاز کي شابس ھجي جنھن چوٿو صديءَ جي سفرن جو يڪو احوال ھاڻ ويھي لکيو آھي... ۽ بيحد دلچسپ انداز ۾. تڏھن ته کيس چيم ته ھاڻ ائيندي ھر سفر جو احوال ان وقت ئي لکجانءِ جيئن اڃان به گھڻو احوال لکي پڙھندڙن لاءِ وڌيڪ ڄاڻ ڏئي سگھين. ھونئن به ڄاڻ ۽ تعليم جي معاملي ۾ نصير اعجاز خوش نصيب آھي جو ھن اھا نه فقط ڪلاس روم ۾ ڪتابن ۽ ٽيچرن کان حاصل ڪئي آھي پر گھر ۾ پنھنجي والدين کان پڻ. نصير اعجاز جو واسطو سنڌ جي پڙھيل ڳڙھيل خاندان سان رھيو آھي. سندس نه فقط والد صاحب آخوند قادر بخش ميمڻ جو وڪالت کان اڳ درس تدريس سان واسطو رھيو پر ڏاڏي ۽ پڙڏاڏي جو پڻ. سندس ڏاڏو آخوند حاجي فيض محمد انسپيڪٽر آف اسڪولس ھو ۽ پڙڏاڏي آخوند اسماعيل کي سندن ڳوٺ ڀريا ۾ پنھنجو مڪتب ھو. نصير جي چاچي مرحوم جميل احمد ڀريا ۾ ورھاڱي کان اڳ جو تاريخي اسڪول ڪي سي اڪئڊمي ھاءِ اسڪول ڪيترائي سال ھلايو ۽ بعد ۾ انسپيڪٽر آف اسڪولس ٿيو جڏھن ته سندس ڏاڏي جو ڀاءُ حافظ محمد صادق ڪراچي جي تاريخي اين جي وي اسڪول جو پرنسيپال ٿي رھيو ۽ بعد ۾ سنڌ جو ڊائريڪٽر آف اسڪولس ۽ حيدرآباد واري تاريخي ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج جو پرنسيپال به رھيو. نصير کي لکڻ جو ڏانءُ سندس مرحوم ڏاڏي ۽ والد کان ورثي ۾ مليو.
ھتي اھو به لکندو ھلان ته نصير اعجاز ننڍي ھوندي کان سفر ۾ آھي. ھو ڄائو ضرور ڀريا ۾ پر اتي مجموعي طور سال به مس رھيو. سندس والد جي نوڪري ۽ بعد ۾ وڪالت جي پيشي ۾ ڀريا کان ڪراچيءَ تائين ڪن سببن جي ڪري شھر مٽائڻ سبب ھن کي ڪي سال ڪنھن شھر ۾ ته ڪي سال ٻئي ڪنھن ھنڌ گذارڻا پيا. ايتري قدر جو ڄائو ته مائٽ ميرپور خاص جي ڊينگاڻ ڀرڳڙي ڳوٺ ھليا ويا. پرائمري نوشھري فيروز ۽ مورو مان پڙھيو. ھن مئٽرڪ شھدادپور مان ڪئي ته انٽر حيدرآباد مان. نوڪري به ھن جي اھڙي نوعيت جي رھي جنھن ۾ ھن کي سڄي ملڪ توڙي ملڪ کان ٻاھر وڃڻو پيو.... ڀلي وڃي ..... ڪو اعتراض ناھي.... پر ھر سفر بعد ھڪ عدد سفرنامو ضرور لکي.
الطاف شيخ
ملاڪا، ملائيشيا
20 آڪٽوبر 2013
*