سنڌ جي قومپرست اڳواڻ، سياستدان، ليکڪ، عالم ۽ اديب سائين جي ايم سيد جو لکيل سياسي ۽ مذهبي ڪتاب ”جيئن ڏٺو آهه مون“ اوهان اڳيان پيش آهي. سائين جي ايم سيد هن ڪتاب سبب مذهبي ۽ سياسي پارٽين جي تنقيد جو نشانو پڻ رهيو پر پاڻ هن ڪتاب ۾ دنيا جي مذهبن جو ڇيد ڪيو اٿن. هن ڪتاب جا ڪيئي ايڊيشن ڇپيا آهن، اوهان اڳيان 1974ع ۾ هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو جيڪو نئين سنڌ پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو ان جي اسڪين ڪاپي شيئر ڪجي ٿي.
ھي ڪتاب سنڌ جي صوفي اعظم، وحدت الوجود، وحدت انساني، وحدت مذاھب جي پرچارڪ، راھ حق ۾ شھادت پاتل، عاشقن جي استاد حضرت شاھ عنايت الله صوفي مقلب بہ شاھ شھيد عليه الرحمت جي نام نامي اسم گرامي سان معنون ٿو ڪريان، جنھن سنڌ مان مذھبي ڪٽرپڻي جي پاڙ پٽي ڪڍڻ جي ھنن لفظن سان ابتدا ڪئي.
سر در قدم يار فدا شد چه بجا شد!
اين بار گران بود ادا شد چه بجا شد!
گر قبول افتد زھي عزو شرف.