سائنس، علم ۽ رسالا

گُلن جهڙا ٻارڙا ڦُلن جيئن نِپجَنِ

ٻارڙن جي بيمارين، احتياط ۽ علاج بابت لکيل ھن ڪتاب جو ليکڪ ڊاڪٽر خير محمد پيرزادو آھي. ڊاڪٽر علي رند لکي ٿو:
”ڊاڪٽر خير محمد پيرزادي جو هي ڪتاب ٻارن جي عام بيمارين کي سمجهڻ واسطي تمام مددگار ڪتاب آهي. ڊاڪٽر پيرزادو انسان دوست ڊاڪٽر آهي. ٻارن جي بيمارين جي شعبي ۾ کيس ڪم ڪرڻ ۽ سکڻ جو وسيع تجربو آهي. سندس هن ڪتاب جو مقصد عام ماڻهو کي ٻارن جي بيمارين بابت بنيادي معلومات ڏيڻ آهي ته جيئن ڪوبه پيءَ يا ماءُ پنهنجي ٻار جي صحت بابت گهٽ ۾ گهٽ ايتري ڄاڻ رکي جو کيس ڪنهن به ڊاڪٽر تائين پهچڻ کان اڳ پنهنجي بهتر سمجهه سبب ٻار جي ابتدائي سار سنڀال ڪري سگهي.“
Title Cover of book گُلن جهڙا ٻارڙا ڦُلن جيئن نِپجَنِ

گُلن جهڙا ٻارڙا ڦُلن جيئن نِپَجنِ: ڪتاب تي ٻه اکر

اهو لکندي مون کي انتهائي گهڻي خوشي محسوس ٿي رهي آهي ته هڪ خواب ۽ خيال جيڪا اسان جي امتحان جي تياري ڪندي CPSP لائبريري ۾ ڪڏهن ڪڏهن جنم وٺندو هو، ته اهو ڪم جيڪو مشڪل، محنت طلب ۽ مسلسل جدوجهد وارو هيو، جيڪو ڊاڪٽر خير محمد پيرزادو آخر مڪمل ڪري ڏيکاريو . ان لاءِ کيس تمام گھڻي جس هجي.
بنيادي طور مسئلو اهو ٿيندو آهي ته جڏهن وارڊ ۾ ڊاڪٽري تربيت دورن يا امتحان ۾ ڪو سنڌي مريض نڪرندو آهي ته ان کان هسٽري وٺڻ ۽ پوءِ ان کي بيان ڪري ان جي معنيٰ ڪڍڻ ۽ سينيئر اڳيان بيان ڪرڻ ۾ ڪافي مونجھارا ايندا هئا ۽ آهن. ٻوليءَ جي فرق جي ڪري (Language Barrier) نتيجن انهن مريضن جي فائنل تشخيص هيٺ مٿي ٿي ويندي هئي.
هن ڪتاب ۾ هڪ رخ، ڊاڪٽر طرف ڏسجي ته ڊاڪٽر اگر پڙهندا ته انهن کي هسٽري وٺڻ ۽ سمجھڻ ۾ گھڻي مدد ملندي.
انهيءَ ڪتاب جو سڀ کان وڌيڪ ٻيو فائدو هن قوم جو آهي ڇا ڪاڻ ته ٻار مستقبل جو سرمايو آهن. انهن جي مسئلن کي سمجھڻ، بيان ڪرڻ، انهن کي وڌيڪ پيچيده ٿيڻ کان به هي ڪتاب پڙهي ڪنهن حد تائين بچي سگھجي ٿو.
هر اهو مائٽ جنهن جي گھر ۾ ننڍا وڏا ٻار آهن، ته يقينن انهيءَ گھر ۾ ٻارن متعلق ننڍا وڏا مسئلا به هوندا آهن، جنهن کي مائٽ پنهنجي سوچ ۽ سمجهه جي حساب سان ڪا اهميت ڪونه ڏيندا آهن، نتيجتن هو وڌيڪ پيچيده حالت ۾ ٿي ويندا آهن ته پوءِ انهن کي حل ڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو آهي، ته اهڙي صورتحال کان بچڻ لاءِ هي هڪ اهم پيش رفت آهي. ڇاڪاڻ ته ٻارن جي بيمارين ۽ انهن جي علامتن، انهن کان بچاءَ جي تدارڪ متعلق سنڌيءَ ۾ لکيل هي پهريون ڪتاب آهي. جيڪا شيءِ پنهنجي ٻوليءَ ۾ لکيل هوندي آهي ان کي سمجھڻ آسان هوندو آهي.
ٽيون طبقو جنهن کي به هي ڪتاب ضرور پڙهڻ گھرجي، اهو پرائمري استادن جو آهي. ڇاڪاڻ ته ڪو به ڪم اڪيلي ڪري نه ٿو سگھجي. جڏهن استاد پاڻ به ٻارن جي بيمارين جي باري ۾ ڄاڻ رکندا ته اهي نه صرف مائٽن کي آگاهي ڏيڻ ۾ مدد ڪندا پر ٻارن کي خود به انهن جي صحت ۽ نشو نما ۽ ضرورتن متعلق عملي ڄاڻ ڏئي سگھندا.
اڄ ڪلهه هر گھر ۾ تقريبن جي سنڌي جي حد تائين ڪتاب پڙهڻ واريون مائرون موجود آهن. انهن کي به مان عرض ڪندس ته خاص طور تي ٻارن جي حفاظتي ٽڪن، دستن ۽ الٽين، نمونيا، کاڌ خوراڪ ۽ صفائيءَ وارو حصو ضرور پڙهن ۽ ان کي سمجھي ان تي عمل به ڪن.
آخر ۾ وري هڪ ڀيرو آئون پنهنجي دوست ڊاڪٽر خير محمد پيرزادي جي انهيءَ مستقل جدوجهد واري ڪتاب تي مبارڪون ڏيندس ۽ معاشري جي هر طبقي وارن کي عرض ڪندس ته هي ڪتاب ضرور پڙهن ته جيئن اسان پنهنجي مستقبل جي معمارن جو بهتر طريقي سان صحت جو خيال رکي انهن کي تندرست ۽ توانو بڻايون. جيئن اهي اڳيان هلي، ملڪ ۽ قوم لاءِ سرمايو بڻجن.


[b]ڊاڪٽر نٿو مل
[/b]لياري جنرل اسپتال، ڪراچي