ٻاراڻو ادب

ٻالڪ ڌرتيءَ ٽانڊاڻا

ھي ڪتاب نامياري شاعر ۽ ليکڪ وحيد محسن جي ٻارن لاءِ لکيل شاعريءَ جو مجموعو آھي. وحيد مُحسن ٻارن لاءِ ڪافي شاعري ڪئي آهي. سندس شاعريءَ ۾ ٻارن کي اتساھ ڏيندڙ جذبا موجود آهن. هن ٻارن جي وندر ۽ تفريح سان گڏ، انهن کي همت، جوش، جذبي سان اڳتي وڌڻ جو حوصلو بہ ڏنو آهي، تہ وري انھن جي نصيحت واري انداز ۾ سندن اخلاقي پرورش بہ ڪئي آهي. سندس ٻارڙن لاءِ شاعريءَ جو مجموعو ”ٻالڪ ڌرتيءَ ٽانڊاڻا“ اهڙن سڀني معيارن تي پورو لھي ٿو. جيڪا ڳالھ ٻارڙن جي شاعر لاءِ ضروري هوندي آهي تہ هو ٻارن جي معيار وٽان لکي وحيد محسن کي وري ٻارن تي لکڻ جو پورو پورو ڏانءُ آهي. هو ٻارن جو نمائندہ شاعر آهي.
  • 4.5/5.0
  • 706
  • 211
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book ٻالڪ ڌرتيءَ ٽانڊاڻا

حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

Book No:26

ٻالڪ ڌرتيءَ ٽانڊاڻا
ٻارن لاءِ شاعري
وحيد محسن
ڪمپوزنگ: جبران علي سومرو شڪارپور
فون نمبر 03337265582
اِي. ميل :Shareefshad75@gmail.com
jibransoomro47@gmail.com
پروف ريڊنگ: عبدالجبار “عاجز” منگي
لي آئوٽ: زين ڪمپيوٽرس
اشاعت: ڊسمبر2017ع
ڇپائيندڙ: ڊاڪٽر عبدالخالق “راز” اڪيڊمي شڪارپور

ڇپيندڙ: مرڪ پبليڪيشن ڪراچي




Office: Room No 403 4th Flor Sabir manzil 98
Near Gul Plaza Morston Road Karachi
murtaza.laghari9@gmail.com
murtaza.laghari@ymail.com
03005182494

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت 2020ع
www.sindhsalamat.com

ملهه: 80 رپيا

ڪـتـابـن ملـڻ جـا هـنـڌ:

ڀٽائي ڪتاب گھر، حيدرآباد ،- ڪاٺيواڙ شاپ، اردو بزار ڪراچي،
رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو، مهراڻ ڪتاب گھر، لاڙڪاڻو-
وسيم ڪتاب گهر، شڪارپور، عزيز ڪتاب گهر سکر،
تهذيب بڪ اسٽور، خيرپورميرس، پريتم قاضي نواب شاه،
مرڪ پبليڪيشن ڪراچي

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ٻالڪ ڌرتيءَ ٽانڊاڻا“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ھي ڪتاب نامياري شاعر ۽ ليکڪ وحيد محسن جي ٻارن لاءِ لکيل شاعريءَ جو مجموعو آھي. مھاڳ ۾ وفا منظور چوھاڻ لکي ٿو:
”وحيد مُحسن ٻارن لاءِ ڪافي شاعري ڪئي آهي. سندس شاعريءَ ۾ ٻارن کي اتساھ ڏيندڙ جذبا موجود آهن. هن ٻارن جي وندر ۽ تفريح سان گڏ، انهن کي همت، جوش، جذبي سان اڳتي وڌڻ جو حوصلو بہ ڏنو آهي، تہ وري انھن جي نصيحت واري انداز ۾ سندن اخلاقي پرورش بہ ڪئي آهي. سندس ٻارڙن لاءِ شاعريءَ جو مجموعو ”ٻالڪ ڌرتيءَ ٽانڊاڻا“ اهڙن سڀني معيارن تي پورو لھي ٿو. جيڪا ڳالھ ٻارڙن جي شاعر لاءِ ضروري هوندي آهي تہ هو ٻارن جي معيار وٽان لکي وحيد محسن کي وري ٻارن تي لکڻ جو پورو پورو ڏانءُ آهي. هو ٻارن جو نمائندہ شاعر آهي.“
هي ڪتاب مُرڪ پبليڪيشن پاران 2017ع ۾ ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آهيون مُرڪ پبليڪيشن جي سرواڻ مرتصيٰ لغاريءَ جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي، مھربانيون وحيد محسن جون جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

ارپنا

شڪارپور جي نامور محقق، اديب
پنهنجي وڏي ڀاءُ ۽ ادبي استاد
محترم محمد شريف “شاد” سومرو
جي نالي


[b] وحيد مُحسن
[/b]

پبلشر نوٽ

وحيد محسن بنيادي طور تي ٻاراڻي ادب جو ليکڪ آهي، ساڻس منهنجي واقفيت ايتري پراڻي نه آهي، پر جڏهن کان کيس سڃاڻا تڏهن کان سمجهان به ٿو. هو معصوم جذبن جو مالڪ آهي. سندس منهن تي معصوم مُرڪ هر وقت نمايان نظر اچي ٿي. وحيد محسن توڙي جو وڏن جي ادب جو بهترين ۽ سگهارو ليکڪ آهي پر سندس پهرين به ٻاراڻين ڪهاڻين جا ٻه مجموعا “برائي جو بدلو” ۽ “مهمان جهرڪي” شايع ٿي چڪا آهن. سندس ٽيون ٻاراڻي شاعري جو مجموعو “ٻالڪ ڌرتيءَ ٽانڊاڻا” اوهان جي هٿن ۾ آهي.
ٻار مستقبل جا معمار هوندا آهن، سندن بهتر تربيت ئي مستقبل جي ضمانت هوندي آهي، هر ليکڪ جي جيڪا لکڻي ٻارڙن جي مصوم مرڪن ۽ جذبن جي ترجماني ڪري اُها ئي سندن بهتر رهنمائي ڪري سگهي ٿي. وحيد محسن اهڙن تخليقڪارن مان هڪ آهي، جيڪي ڦوهه جواني ۾ دنيا جون ناگوارا رنگينيون هڪ پاسي رکي پنهنجو قيمتي وقت اهم ترين ڪم کي ارپين ٿا، جنهن مان نه صرف ذاتي زندگي فضوليات کان بچي وڃي ٿي پر سندن جستجو سماج ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. وحيد محسن پڻ پنهنجو قيمتي ٽائيم اهڙي اهم ڪم کي ڏنو آهي، جنهن سان نه ٻار جي سنوار ممڪن آهي پر سندس لکڻين ۾ سگهارو پيغام به نظر اچي ٿو.
وحيد محسن جو ٽيون ٻاراڻي شاعري تي مشتمل مجموعو “ٻالڪ ڌرتيءَ ٽانڊاڻا” “مرڪ پبليڪيشن” طرفان شايع ڪري خوشي محسوس ڪري رهيا آهيون، ان جو سبب اهو به آهي ته اداري پاران ٻاراڻي ادب جي شروعات وحيد محسن جي هن شعري مجموعي “ٻالڪ ڌرتيءَ ٽانڊاڻا” کان ٿي رهي آهي. اميد اٿئون ته اسان جي هن ڪوشش کي سُهڻي موٽ ملندي، نتيجي ۾ ٻاراڻي ادب جا وڌيڪ ڪتاب پڙهندڙ کي ڏئي سگهون ٿا.


[b] مرتضيٰ لغاري
[/b] 03005182494

پنهنجي پاران

مان جڏهن پرائمري اسڪول پڙهندو هيس ان وقت سنڌيءَ جي ڪتاب ۾ رسيلا نظم ۽ گيت شامل هوندا هئا انهن کي اسان سڀئي شاگرد گڏجي سُر ۾ پڙهندا هئاسين ته اسان کي ان جي چاشنيءَ مان لطف ملندو هيو، اهڙي طرح اهي نظم ۽ گيت اڄ به اسان کي ياد آهن شايد ڪڏهن به نه وسرن!
مون جنهن گهراڻي ۾ جنم ورتو اُتي مذهبي تعليم سان گڏ تدريسي تعليم کي پڻ اهميت ڏني ويندي هئي ۽ اسان جي تربيت سهڻي نموني سان ٿيندي رهي. مان اٺين ڪلاس ۾ پڙهندو هيس ته منهنجو وڏو ڀاءُ محمد شريف “شاد” سومرو اسان کي گهر ۾ ٽيوشن پڙهائيندو هيو ۽ اسان شوق سان پڙهندا هئاسين. پڙهائيءَ جي وقت پڙهائي ۽ راند جي وقت راند کيڏندا هئاسين جنهن ۾ ڪرڪيٽ اسان جي محبوب راند هوندي هئي. اسڪول جي دور ۾ ڊسٽرڪٽ ليول تي ليڌر واري بال سان ٽورنامينٽ شڪارپور جي هاءِ اسڪول نمبر 2 ۾ ٿيندي هئي ۽ مون اٺين ڪلاس کان مئٽرڪ تائين پنهنجي اسڪول، گورنمينٽ هاءِ اسڪول رستم طرفان نمائندگي ڪئي.
ادا محمد شريف “شاد”، گوهر سنڌي، عبدالمنان “عاجز” مهر ۽ ٻين دوستن گڏجي رستم ۾ شاهه عبداللطيف لائبريري 1983ع ۾ قائم ڪئي ۽ مون کي ان لائبريري مان آسانيءَ سان ڪتاب پڙهڻ لاءِ ملندا هئا. شروعات ۾ مون ماهوار گل ڦل ۽ ٻارن جون ڪهاڻيون پڙهندو هيس. جنهن مان مون کي تمام گهڻو اُتساهه مليو ۽ روزانو لائبريري وڃڻ جي تانگهه من ۾ هوندي هئي ۽ دل چوندي هئي ته جيڪر آءٌ به اهڙا شعر ۽ ڪهاڻيون تخليق ڪيان.
اُن دور ۾ سنڌ اندر ٻارڙن لاءِ عِلمي ادبي تنظيمون ڪم ڪنديون هيون ۽ اسان وٽ رستم ۾ به ٻارڙن جي عِلمي ادبي تنظيم، لطيف سنگت شاخ رستم جو بنياد محمد شريف “شاد” سومرو، آزاد بخاري، گوهر سنڌي، جن جي محنت سان پيو جنهن ۾ اسان جيڪي دوست شامل ٿيا هئاسين تن ۾ در محمد مهر، صدرالدين منگي، نور محمد منگي، واحد ڪلهوڙو، عبدالغفور سومرو، عبدالواحد زاهد سومرو، جميل احمد سومرو، فيض احمد مهر، اسد الله سومرو ۽ ٻيا شامل هوندا هئا. مون کي ان جو پهريون جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو هو. منهنجي ادبي سفر جي شروعات به اتان ئي ٿي هئي، مون شروعات ۾ مضمون، ڪهاڻيون ۽ ٻارن لاءِ شاعري ڪرڻ شروع ڪئي هئي. انهيءَ ڪرت کي اڄ تائين قائم رکيو آهي. هي منهنجو ڪتاب: “ٻالڪ ڌرتيءَ ٽانڊاڻا” ٻارن لاءِ ٽيون تحفو آهي ان کان اڳ ۾ منهنجا ڪهاڻين جا ٻه ڪتاب: “برائيءَ جو بدلو” ۽ “مهمان جهرڪي” شايع ٿي چڪا آهن. ٻارن لاءِ هن وقت گهڻا ڪتاب ڇپجي رهيا آهن اڳ ۾ خوبصورت ماهوار رسالا نڪرندا هئا جيڪي هن وقت شايع نٿا ٿين انهن جي کوٽ شدت سان محسوس ٿي رهي آهي، جنهن جي پورائي ڪرڻ ممڪن ناهي بهرحال منهنجي ٻاراڻي ادب سان جيڪا وابستگي رهي آهي ان جذبي تحت هي ڪتاب اوهان جي آڏو آڻيندي خوشي محسوس ٿئي ٿي جيئن شاعريءَ جو تعلق اسان سان زندگيءَ جيان جڙيل آهي ان کان ڌار ٿي نٿا سگهون، ان ۾ زندگيءَ جا سڀئي رنگ شامل هوندا آهن. ٻار جڏهن پنهنجي معصوم انداز سان اسڪول ۾ نظم ۽ گيت پڙهن ٿا، جهونگارين ٿا انهيءَ وقت پکي فضا ۾ لاتيون لنون ٿا انهيءَ وقت ڪائنات به جهومي پوي ٿي. امن، سلامتي ۽ سُکَ جون باکون ڦُٽن ٿيون اهڙن لمحن جو قدر ڪرڻ ۽ آئيندي جو اونو ڪرڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي.
آءٌ ٻارن لاءِ ان ڪري لکان ٿو ته مان جڏهن ٻار هوندو هيس ته اسان جا وڏڙا شاعر، اديب اسان لاءِ لکندا هئا ۽ اهي هن ڌرتيءَ جا ذميوار فرد هئا، انهيءَ ذميواريءَ کي مون محسوس ڪندي شاعريءَ جي هن ڪتاب ۾ ٻارن لاءِ وندر، ڄاڻ، عِلمُ، ادب ۽ نصيحت ڀريا گڻ بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم ان ۾ آءٌ ڪيتري قدر ڪامياب ويو آهيان اهو اسان جا ٻار ۽ اسان جا شاعر، اديب ٻُڌائي سگهن ٿا.
مون کي پنهنجي قوم جي ٻارن جو سدائين اونو رهندو آهي ۽ انهن جي لاءِ فڪرمند هوندو آهيان، مان چاهيان ٿو ته جيڪا مون کي زندگي ملي آهي اها انهن جي خدمت ڪندي گذاريان، انهن جي معصوم ادائن ۾ سندن دنيا کي روشن ڪرڻ لاءِ ڪو اُجالو بڻايان ۽ انهن جي سوچ کي سهڻي بڻائڻ لاءِ اهڙو ڪارائتو ڪردار ادا ڪيان جنهن سان منهنجي مَنَ کي به شانتي ملي.
آءٌ ٿورائتو آهيان پنهنجي ڀائٽيي جبران علي سومري جو جنهن هن ڪتاب کي سهڻي نموني سان ڪمپوز ڪرڻ جي ذميواري نڀائي ۽ پنهنجي پياري دوست محترم عبدالجبار “عاجز” منگي ۽ فيض سومري جو به ٿورائتو آهيان جنهن هن ڪتاب جي پروف ريڊنگ ڪئي ۽ بيڪ ٽائيٽل لاءِ پنهنجي لکڻيءَ سان نوازيو ان کان علاوه بيوس بهار سومري جو پڻ ٿورائتو آهيان جن ڪتاب جي ڇپائي بابت پنهنجا سهڻا رايا ڏنا ۽ ٻيو خاص ڪري “مرڪ پبليڪيشن” ڪراچي جي سرواڻ محترم مرتضيٰ لغاري جو ڀي ٿورائتو آهيان جنهن منهنجي هن ڪتاب: “ٻالڪ ڌرتيءَ ٽانڊاڻا” کي خوبصورت نموني سان ڇپائي پڌرو ڪيو.


[b] وحيد مُحسن
[/b] 5 سيپٽمبر 2017ع
مسڪين شاهه محلو
بيگاري روڊ شڪارپور
03073529117

مهاڳ

جنهن قوم جا ٻار ايڏا سجاڳ هجن ۽ اهي پنهنجي ٻالڪپڻي ۾ ئي قوم جي مستقبل لاءِ سوچن ۽ لوچن ٿا اها قوم ڪڏهن به فنا ٿي نٿي سگهي، ۽ جنهن ٻوليءَ جو ٻاراڻو ادب ايڏو سگهارو هجي، جو ان ٻوليءَ جي ٻاراڻي ادب جا سرجڻهار به خود ٻالڪ هجن ته ان ٻوليءَ جي ٻاراڻي ادب جو معيار ڇا ته هوندو!
بهرحال هن حقيقت کان به ڪو ڪنڌ ڪڍائي نٿو سگهي ته، جيڪي ليکڪ ٻارن جي ادب کان لکڻ شروع ڪن ٿا، سي وڏا ٿي به ٻارن لاءِ بهتر، سٺو ۽ معياري ٻاراڻو ادب تخليق ڪندا آهن. اسان جي پياري سنڌ ڌرتي به اهڙن تخليقي صلاحيتن سان مالا مال آهي، جنهن وقت به وقت اسان کي ٻاراڻي ادب جا اهڙا سگهارا ۽ تخليقي ذهن پيدا ڪري ڏنا آهن، جن جون ٻاراڻي ادب ۾ خدمتون نمايان رهيون آهن، انهن ۾ مرزا قليچ بيگ، لطف الله بدوي، ڪشنچند بيوس، آغا تاج محمد خان، احسان بدوي، نثار بزمي، استاد بخاري، رحمت الله “شوق” شڪارپوري، عبدالرحمان جتوئي، ادل سومرو، عبدالجبار عبد، اياز پاٽولي، مقصود گل، ارباب علي “عادل” چوهاڻ، ايازگل، غلام محمد غازي، آصف مٺياڻوي، مشتاق بخاري، وفامنظور چوهاڻ (راقم الحروف) ۽ وحيد مُحسن وغيره اچي وڃن ٿا.
وحيد مُحسن جنهن لکڻ جي شروعات ٻاراڻي ادب کان ڪئي. هُو اڄ به ايترو ٻارن لاءِ گهڻو لکي رهيو آهي، جيترو هو ٻالڪ وَهيءَ ۾ ٻارن لاءِ لکندو هيو. توڙي جو اڄ هن ٻالڪ وَهيءَ کي پار ڪري جوڀَن جوانيءَ ۾ پير پاتو آهي، پر پوءِ به سندس لکڻين ۾ ٻالڪپڻي جي عڪاسي ٿيل هوندي آهي هُو بنيادي طور ٻارن جو ليکڪ آهي ۽ اهائي سندس سڃاڻپ به آهي. هن ٻارن لاءِ ڪهاڻيون به لکيون آهن ته انهن جي مسئلن تي مضمون ۽ ڪالم به لکيا آهن، جنهن ۾ ٻارن جي سماجي، معاشي ۽ اخلاقي پهلوئن کي اجاگر ڪيو ويو آهي. سندس ان روپ کي ڏسي حقيقت مڃيو ته هُو معاشري يا ٻارن جو اصلاح ڪندڙ رهيو آهي، جيڪا ڳالهه، وحيد مُحسن جي لاءِ محنتن جو هڪ سٺو نتيجو آهي جنهن ننڍڙيءَ عمر ۾ ئي ٻارن جي دلين ۾ پنهنجي جاءِ بڻائي ورتي هئي .
وحيد مُحسن ٻارن لاءِ ڪافي شاعري به ڪئي آهي. سندس شاعريءَ ۾ ٻارن کي اتساهه ڏيندڙ جذبا موجود آهن. هن ٻارن جي وندر ۽ تفريح سان گڏ، انهن کي همت، جوش، جذبي سان اڳتي وڌڻ جو حوصلو به ڏنو آهي، ته وري انهن جي نصيحت واري انداز ۾ سندن اخلاقي پرورش به ڪئي آهي. سندس ٻارڙن لاءِ شاعريءَ جو مجموعو “ٻالڪ ڌرتيءَ ٽانڊاڻا” اهڙن سڀني معيارن تي پورو لهي ٿو. جيڪا ڳالهه ٻارڙن جي شاعر لاءِ ضروري هوندي آهي ته هو ٻارن جي معيار وٽان لکي وحيد محسن کي وري ٻارن تي لکڻ جو پورو پورو ڏانءُ آهي. هو ٻارن جو نمائنده شاعر آهي “ٻالڪ ڌرتيءَ ٽانڊاڻا” ڪتاب جي شروعات الله سائينءَ جي ساراهه يعني حمد سان ٿيل آهي. الله تعالى جي تعريف ۽ وڏائي بيان ڪرڻ هر ڪنهن کي جُڳائي ٿو. هُو الله سائينءَ جي تعريف بيان ڪندي چوي ٿو ته:
لک وار وڃان صدقي، قادر جي رضا آهي،
دل صاف رکان هردم، جيئن چنڊ صفا آهي!
تعريف ڪئي احمد، ٻيو ڪير ڪري هتڙي،
سر جان فدا تنهن تان، مالڪ ئي خدا آهي.

الله تعالى جي ساراهه کان پوءِ نبي ڪريم ﷺ جي ثنا بيان ڪرڻ الله سائينءَ جي راضپي جو سبب به آهي. وحيد محسن به حمد کان پوءِ نعت هن ڪتاب ۾ ڏني آهي.
ڀلارو نبي جيئن نگهبان آيو،
۽ ڌرتيءَ تي سهڻو ٿي مهمان آيو.
اڳي زلف سُهڻا جنهن جا ڏند موتي،
مثل ڪونه اهڙو ڪو انسان آيو.

هر ڪنهن کي پنهنجي ڌرتي ۽ ٻوليءَ سان پيار هوندو آهي. اها هڪ فطري محبت آهي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ کيس پنهنجو عڪس/ چهرو ۽ پنهنجائپ نظر ايندي آهي، جيڪا سندس ٻولي هوندي، ان ۾ کيس ماءُ جي ڏنل لولي به وڻندي آهي، هو پنهنجي سنڌي ٻوليءَ بابت چئي ٿو.
سنڌي ٻولي پياري آهي،
سڀني کان ته نياري آهي.
ننڍڙا وڏڙا خوب پڙهن ٿا،
ٻولي الفت واري آهي.

يا ڪنهن لوليءَ ۾ به اهڙا اجرا احساس ملن ٿا جنهن جي پڙهڻ کان پوءِ من ۾ ٻوليءَ ۽ لوليءَ جي پيار واري ڇڪ پيدا ٿئي ٿي.
لولي مٺڙي لولي آهي،
مٺڙي پنهنجي ٻولي آهي.
مرڪ پياري ٻالڪ جي آ،
ساگر جي ڪا ڇولي آهي.

شاهُه ڀٽائي انسانيت جو عِلمُبردار رهيو آهي، جنهن سان هر سنڌ واسيءَ جي محبت آهي، ۽ اها شاهه ڀٽائيءَ جي سنڌ شناسي آهي، جو شاهه ڀٽائي کان سنڌ جو هر شاعر متاثر آهي. وحيد مُحسن به شاهه ڀٽائيءَ کي ڪونه وساريو آهي، هو چئي ٿو:
سچ سگهارو شاهه ڀٽائي،
ڌرتي تارو شاهه ڀٽائي.
وحدت واري وائي اُن جي،
سهڻو سارو شاهه ڀٽائي.
سنڌي ٻوليءَ جو آ حامي،
لفظن وارو شاهه ڀٽائي.

وحيد محسن ٻارن جو نفسياتي پروفيسر آهي، جنهن ٻارن جي نفسيات کي ڄاڻي، سندس ئي ٻوليءَ ۾ انهن جي جذبن، احساسن، عادتن ۽ خصلتن کي بيان ڪيو آهي، سندس لکڻ جو هڪ پنهنجو ڍنگ آهي هن نظم ۾، هو ٻارن جي ڪيفيت کي ڪجهه هن طرح بيان ڪري ٿو ته:
ٻار وطن جا راڻا آهن،
موتين جا ڄڻ داڻا آهن.
مير نه هرگز دل ۾ رکندا،
من جا صافُ سياڻا آهن.
وڏڙن جي پوئواري ڪن ٿا،
نوڙت نياز نماڻا آهن.

گهر ۾ ٻار جڏهن ابا ۽ امان جهڙا لفظ ڳالهائڻ شروع ڪندو آهي ته گهر ۾ پيءُ ماءُ لاءِ سندن معصوم مُرڪ ۽ مٺڙا مٺڙا ٻول، انهن جي دلين ۾ هڪ نئين بهار جهڙي خوشي آڻيندا آهن. هن وقت جي تقاضا آهي ته اسان اهڙن مستقبل جي معمارن جي صحيح پرورش ڪيون انهن جي گَهَر کان ئي سٺي تعليم ۽ تربيت جو بندوبست ڪيون، تڏهن ئي هُو اسان جي مستقبل جا صحيح معمار بڻجي سگهندا. هُو ان لاءِ چئي ٿو ته:

پنهنجا ٻالڪ آهن پيارا،
ابي امڙ جا جيءَ جيارا.
اڳتي وڌندا تعليم پڙهي،
ڌرتيءَ جا پڻ ٿيندا سهارا،
پنهنجا ٻالڪ آهن پيارا!
جوتِ جلائي ٿيندا اَڪابر،
ڪريو تن جو خيال خدارا،
پنهنجا ٻالڪ آهن پيارا!

وحيد محسن ننڍپڻ کان ئي عِلمُي، ادبي ۽ سماجي تنظيمن سان سلهاڙيل رهيو آهي. هو ٻارن جي عِلمُي ۽ ادبي تنظيم “لطيف سنگت سنڌ” لاڙڪاڻو ڊويزن جو سال 1987ع ۾ آرگنائيزر رهيو آهي. جنهن ڪري سندس شاعريءَ ۾ ٻارن جي ايڪتا ۽ حقن جي ڳالهه به ٿيل نظر اچي ٿي هُو ٻارن سان جنسي ڏاڍاين ۽ بين الاقوامي وحشي قاتلن جي وحشي ڪارواين تي تڙپي پئي ٿو.
ٻارن جا ڪي مارا آهن،
ظالم وحشي سارا آهن.

سنڌ وارا سڀ جاڳي پئو .
ماني لاءِ ٿو ٻار ٻاڏائي،
تنهن کي ظالم ٿو تڙپائي
هي گيت انهن لئه سارا آهن،

سنڌ وارا سڀ جاڳي پئو .
يا هن نظم ۾ ٻارن جي بين الاقوامي حقن وارن تنظيمن کي شرم ڏياري ٿو ته، توهان اڃا ٻارن جي قتل عام تي ڪيستائين خاموش رهندؤُ.
ٻارن جي لاشن تي روئي جيجل ٿي،
ڌرتيءَ جي دانهن تي روئي جيجل ٿي.

بي وقت مُئا جيڪي، ٻالڪ پنهنجا هِن،
سڀني جي يادن تي روئي جيجل ٿي.

ظالم ٿو بم اُڇلائي ڪيئن بصره ۾،
جنگ واري راهُنِ تي روئي جيجل ٿي.

وحيد محسن ٻارن کي ڪائنات جي حسين نظارن کي ڏسڻ سان گڏ انهن کي محفوظ بنائڻ جو ڏس به ڏئي ٿو. هو پوپٽ نظم ۾ ٻارن کي هن ننڍڙي جيت ۾، مختلف حسين ۽ دل کي وڻندڙ رنگن تي غور ڪرڻ لاءِ چئي ٿو ته ڪيئن نه الله سائين هن ننڍڙي جيت کي سهڻو ۽ خوبصورت بڻائي، پنهنجي قدرت جو ڪمال ڏيکاريو آهي.
هو ڏس جاني پيارا پوپٽ،
رنگ برنگي سارا پوپٽ.
رنگ ڪيڏا ٿس پرڙن تي واهه،
اُڏرن جنهن پل نيارا پوپٽ.
دل کي لڳندا سهڻا آهن،
گل ڦل ٽڙيا جيارا پوپٽ.
جاني ان کي پڪڙين ڇوٿو،
ڪيڏا تنهن سان نظارا پوپٽ!

ٽيليويزن نظم ۾ هن ٻارن کي ان ۾ هلندڙ پروگرامن جي تعارف سان گڏ کين وقت تي ٽي.وي ڏسڻ ۽ ان مان سٺيون سٺيون ڳالهيون سکڻ جي تلقين ڪندي چئي ٿو.

ٽيليويزن ڏسن ٿا ٻارَ،
ڏاڍو خوش ٿين ٿا ٻارَ.
ساجهر اُن ۾ هلي تلاوت،
ان کي ٻُڌندي رَسي ٿي راحت.
ڊراما اُن ۾ خوب هلن ٿا،
ڪارٽون ڏسندي ٻارَ کلن ٿا.
سائنس جي پڻ ڄاڻ ملي ٿي،
معلومات جي ڀي کاڻ ملي ٿي.



وحيد محسن گُڏڙو گُڏِڙِيءَ نظم ۾ ٻارن، خاص ڪري ڇوڪرين لاءِ تفريح جو سامان به فراهم ڪيو آهي ته ان سان گڏ هن ڇوڪرين لاءِ گُڏي گُڏِڙِيءَ جي سنڌي لوڪ راند جي ڄاڻ به ڏني آهي.


گُڏڙو گُڏڙيءَ کي پرڻايون،
الفت جا من سهرا ڳايون.

اوڙي پاڙي جا ڪُل ڄاڃي،
هتڙي آڻي ٿا جُهمرِ پايون.

تون ڀي پنهنجون سرتيون آڻ ني،
رانديڪن سان راند رچايون.

ڪاپي ڪلچر اسان جي تعليمي لياقتن کي وڏو ڇِيهو رسائي ٿو ته جنهن ڪري چٽا ڀيٽيءَ جي مقابلي ۾ ڪاپي ڪندڙ پٺتي رهجيو وڃي. وحيد محسن ڪاپي ڪلچر کان بچڻ ۽ عِلمُ سان دل لڳائڻ لاءِ چئي ٿو.
اچو ته ڪاپي ڪلچر مِٽايُون،
عِلمُ سان پنهنجو نينهن لڳايون.

جهالت مرده باد ئي آهي،
عِلمُ سان آهن ڀال ڀلايون.

سبق سڀئي ياد ڪريون ۽،
اُستاد پنهنجي کي ته ٻُڌايون.

هو سنڌ جي ماروئڙن ۽ سانگيئڙن لاءِ دعاگو آهي شاعر سنڌ جي وسندڙ ڳوٺن کي آباد ڏسڻ چاهي ٿو ۽ هڪ اميد رکي ٿو ان لاءِ چئي ٿو ته:
ڌرتي تنهنجا ڳوٺ وسن ٿا،
ات مٺڙا مارو مرڪن ٿا.
ٻالڪ سڀئي مالڪ آڏو،
تنهنجو ڌرتي خير گُهرن ٿا.

مطلب ته وحيد مُحسن ٻارن جي هر ان موضوع تي لکيو آهي، جيڪي ڳالهيون ٻارن سان لاڳو هونديون آهين. هُو ٻارن جو من پسند شاعر آهي. هن مٿين نظمن کان علاوه ٻيا به ڪافي سٺا نظم ۽ گيت لکيا آهن، جنهن ۾ عيد مبارڪ، محنت، سکر شهر، استاد، معمار، اڀ تي تارا، بادل، جوت، چوڏيل، سائيڪل، لغڙ، اسڪول، طوطو، عِلمُ پرايون، سنڌ سونهاري، ميلا آهن هتڙي، لولي وغيره.
مان کيس ٻارڙن کي نظم جو ڪتاب ڏيڻ تي جَس ٿو ڏيان. اُميد ته هو اڃان گهڻو ٻارن لاءِ لکندو رهندو. ۽ آخر ۾ آءٌ ڪتاب جي ٽائيٽل نظم جون سٽون اوهان جي مطالعي لاءِ ڏيان ٿو جنهن ۾ شاعر سنڌ جي ٻارڙن کي ڌرتيءَ ٽانڊاڻا ڀانئيو آهي اهڙي ترڪيب ٻارن جي اهميت کي اُجاگر ڪري ٿي.

ٽِمڪي ٽِمڪي روشن ٿيندا،
ٻالڪ ڌرتيءَ جا ٽانڊاڻا،
ديس سڄي ۾ هو ٿا ڳائن،
ڌرتي تنهنجا گيت اُڏاڻا.


[b] ”وفا“ منظور چوهاڻ
[/b] ڪاليج روڊ شڪارپورسنڌ.
پهرين فيبروري 2016ع

شاعري

---

حمد

لک وار وڃان صدقي، قادر جي رضا آهي،
دل صاف رکان هردم، جيئن چنڊ صفا آهي!

تعريف ڪئي احمد، ٻيو ڪير ڪري هتڙي،
سِرُ جان فدا تنهن تان، مالڪ ئي خدا آهي.

هو آهه اڪيلو ڏس، مان جنهن جي سهاري آن،
هڪ سوچ رکين سُهڻي، محتاج دعا آهي.

ڪا جوت ٻري جڳ ۾، اُهڃاڻ لڌا جوڳين،
درياهه فنا ٿيندا، رب پاڪ سدا آهي!

ڪو ڏينهن نٿي خالي، ڪا رات نٿي خالي،
“مخلوق سندي لب تي، خالق جي ثنا آهي”!

لاچار اٻوجهن تي، ڪر مِهرَ عطا پنهنجي،
سڏ سُڻج مِٺا مالڪ، “محسن” جي صدا آهي.



حمد

حاڪم آهين، حڪيم تون ئي،
مالڪ منهنجا، عظيم تون ئي.

رزق ڪشادو، عطا ڪيو تو،
رازق سهڻا، رحيم تون ئي.

هر دم تنهنجو، ڪرم رهي ٿو،
ڪرم خدارا، ڪريم تون ئي.

راحت تنهنجي نانوَ وٺڻ سان،
ساهه سهارا، عليم تون ئي.

“محسن” تنهنجو ٻانهو آهي،
قدرت وارا، حليم تون ئي.



نعت

ڀلارو نبي جيئن نگهبان آيو،
۽ ڌرتيءَ تي سهڻو ٿي مهمان آيو.

اڳي زلف سهڻا جنهن جا ڏند موتي،
مثل ڪونه اهڙو ڪو انسان آيو.

پڙهي پاڪ پرور ٿي صلوات مُحَمّد،
اُمَتَ کي به پڙهڻ جو فرمان آيو.

سٻاجهو سراپا هيو عِلمُ جو سِجُ،
اسان جي مٿان ٿي ته احسان آيو.

ڪري ٿو ته “محسن” ثنا جنهن نبيءَ جي،
زماني ۾ سهڻو ٿي سلطان آيو.



شاهه ڀٽائي

سچ سگهارو شاهه ڀٽائي،
ڌرتي تارو شاهه ڀٽائي.

وحدت واري وائي اُن جي،
سهڻو سارو شاهه ڀٽائي.

سنڌي ٻوليءَ جو آ حامي،
لفظن وارو شاهه ڀٽائي.

ٻولي پنهنجي جنهن جيئاري،
شاعر، ٻارو شاهه ڀٽائي.

رهبر منهنجو سوئي آهي،
الفت وارو شاهه ڀٽائي.

ٻولي لولي اُن جي حامي،
آهه پيارو شاهه ڀٽائي.



ٽانڊاڻا

ٽِمڪي ٽِمڪي روشن ٿيندا،
ٻالڪ ڌرتيءَ جا ٽانڊاڻا،

ديس سڄي ۾ هو ٿا ڳائن،
ڌرتي تنهنجا گيت اُڏاڻا.

آباد رهن منهنجي آ دعا،
جِيئَنِ مٺڙا ٻالڪ راڻا.

ساهه سيباڻا سي ئِي منهنجا،
ڏاهپ وارا جن ۾ داڻا!

سچ جا آهن راهي ٻالڪ،
“محسن” تن کي مان ٿو ڄاڻان.


سنڌي ٻولي

سنڌي ٻولي پياري آهي،
سڀني کان ته نياري آهي.

ننڍڙا وڏڙا خوب پڙهن ٿا،
ٻولي الفت واري آهي.

عِلمُ ادب جي جوت ٻري ٿي،
جنهن سڀ جي سوچ سنواري آهي.

ماڻهن کي هُن پنهنجو بڻايو،
نفرت مُور نه ڌاري آهي.

اُجرا اُجرا لفظ پڙهي اڄ،
“محسن” لاٽ ته ٻاري آهي.


خوابَ

ٻارن جا هِنِ خواب سائين،
هٿڙن ۾ هجن ڪتاب سائين

تنهنجي نانوَ کڻڻ کي مالڪ،
سمجهن ٿا سڀ ثواب سائين.

مڪتب ۾ ٿا عِلمُ پرائن،
ٿيندا نيٺ نواب سائين.

ڪيڏي تنهنجي نعمت آهي،
ٻارَ لڳن ٿا گلاب سائين.

استادن کي ڏيندا آهن،
اجرا سهڻا جواب سائين.



گُڏِڙو گُڏڙي

گُڏڙو گُڏڙيءَ کي پرڻايون،
الفت جا من سهرا ڳايون.

اوڙي پاڙي جا ڪُل ڄاڃي،
هتڙي آڻي ٿا جُهمرِ پايون.

تون ڀي پنهنجون سرتيون آڻ ني،
رانديڪن سان راند رچايون.

ڪيڏي چاهت تن سان آهي،
هٿڙن کي ٿا ميندي لايون.

“محسن” شادي گُڏِڙِي جي آ،
خوب مٺائي پڻ ورهايون.


روشن تارا

پنهنجا ٻالڪ آهن پيارا،
ابي امڙ جا جيءَ جيارا.

اڳتي وڌندا تعليم پڙهي،
ڌرتيءَ جا پڻ ٿيندا سهارا،
پنهنجا ٻالڪ آهن پيارا!

جوتِ جلائي ٿيندا اَڪابر،
ڪريو تن جو خيال خدارا،
پنهنجا ٻالڪ آهن پيارا!

ڪوڙ نه ٻولن سچ جا ساٿي،
ڪيڏا آهن ٻارَ سچارا،
پنهنجا ٻالڪ آهن پيارا!

جڳ ساري ۾“محسن” سلامت،
ڌرتيءَ تي هن روشن تارا،
پنهنجا ٻالڪ آهن پيارا!

ڪاپي ڪلچر

اچو ته ڪاپي ڪلچر مِٽايُون،
عِلمُ سان پنهنجو نينهن لڳايون.

جهالت مرده باد ئي آهي،
عِلمُ سان آهن ڀال ڀلايون.

سبق سڀئي ياد ڪريون ۽،
اُستاد پنهنجي کي ته ٻُڌايون.

چڻنگ ٻَرِي آ عِلمُ جي ٻارو،
هاڻي گڏجي اُن کي مچايون.

اهل ماڻهو کي هرڪو چاهي،
ناهن “محسن” ڳالهيون اَجايون.



پوپٽ

هو ڏس جاني پيارا پوپٽ،
رنگ برنگي سارا پوپٽ.

رنگ ڪيڏا ٿس پرڙن تي واهه،
اُڏرن جنهن پل نيارا پوپٽ.

دل کي لڳندا سهڻا آهن،
گل ڦل ٽڙيا جيارا پوپٽ.

جاني ان کي پڪڙين ڇوٿو،
ڪيڏا تنهن سان نظارا پوپٽ!

ٻارن کي خوش ڪرڻ وارا،
دلڪش لمحن وارا پوپٽ.



عيد مُبارڪ

عيد مبارڪ ٻارن کي ڏيان،
سنگتي ساٿي سارن کي ڏيان،
عيد مبارڪ ٻارن کي ڏيان.

گلڙا، ساٿي مون ڏي آڻ تون،
هوشو، دودي پارن کي ڏيان،
عيد مبارڪ ٻارن کي ڏيان.

ادبي جوت به جاڳي مَنَ ۾،
عادل، عاجز وارن کي ڏيان،
عيد مبارڪ ٻارن کي ڏيان.

اختر ڏاڍو دلبر ٿي وفا،
شبير، ساگر يارن کي ڏيان،
عيد مبارڪ ٻارن کي ڏيان.

خالد، غازي، “محسن” عبدُ آ،
اکڙين جي سڀ تارن کي ڏيان،
عيد مبارڪ ٻارن کي ڏيان.



ٽيليويزن

ٽيليويزن ڏسن ٿا ٻارَ،
ڏاڍو خوش ٿين ٿا ٻارَ.

ساجهر اُن ۾ هلي تلاوت،
ان کي ٻُڌندي رَسي ٿي راحت.

ڊراما اُن ۾ خوب هلن ٿا،
ڪارٽون ڏسندي ٻارَ کلن ٿا.

سائنس جي پڻ ڄاڻ ملي ٿي،
معلومات جي ڀي کاڻ ملي ٿي.

وقت سان ٽي.وي ٻالڪ ڏسجي،
اُن مان سُهڻو سُخن ڪو سکجي.



وطن جا راڻا

ٻار وطن جا راڻا آهن،
موتين جا ڄڻ داڻا آهن.

مير نه هرگز دل ۾ رکندا،
من جا صافُ سياڻا آهن.

وڏڙن جي پوئواري ڪن ٿا،
نوڙت نياز نماڻا آهن.

ناز منجهاران کِلن ڪُڏن ٿا،
ڪندا وڏن سان ماڻا آهن.

ٻارن تي ڪر شفقت “محسن”،
ساهه جا هو سيباڻا آهن.



اُڀ تي تارا

سهڻا آهن اُڀ تي تارا،
رات سڄي ٿا ٽمڪن سارا.

ٽيڙو ڪَتِيون جڳ مڳ جرڪن،
ويتر روشن سندر نيارا.

ڌرتي گل ڦل ٻارو آهي،
پنهنجا اُجرا آهن چارا.

مون کي هردم وڻندا آهن،
قدرت تنهنجا واهه نظارا!

ٻارو عِلمُي جوتِ جلايو،
“محسن” ٿيندا ڀاڳ ڀلارا.



اُستاد

استاد عِلمُ سيکاري ٿو،
رستو سهڻو ڏيکاري ٿو.

روحاني پيءُ آهي جيڪو،
۽ چوندو جيءُ آهي جيڪو.

جيءُ جي ٻولي عزت واري،
جنهن کان ملي ٿي شفقت پياري.

جڳ ساري ۾ مانُ ملي ٿو،
خاص ادب فرمان ملي ٿو.

عِلمُ پرائي پاس ٿيندس مان،
ماڻهو پوءِ خاص ٿيندس مان.



روئي جيجل ٿي

ٻارن جي لاشن تي روئي جيجل ٿي،
ڌرتيءَ جي دانهن تي روئي جيجل ٿي.

بي وقت مُئا جيڪي، ٻالڪ پنهنجا هِن،
سڀني جي يادن تي روئي جيجل ٿي.

ظالم ٿو بم اُڇلائي ڪيئن بصره ۾،
جنگ واري راهُنِ تي روئي جيجل ٿي.

ٻار عراقي ڪربل ۾ جان ڏني آ،
۽ ڪَٽيل ٻانهُنِ تي روئي جيجل ٿي.

متحد قومن کي ڇو ڀاڙي ماري ٿو،
۽ قهري ڪاهُنِ تي روئي جيجل ٿي.



ميلا آهن هتڙي

اسڪولي ٻارن جا ميلا آهن هتڙي،
موهن تي سارن جا ميلا آهن هتڙي.

ڪراچيءَ کان گهمڻ لئهِ آيا آهن ساٿي،
هر ڪنهن جي يارن جا ميلا آهن هتڙي.

اسٽوپا تي چڙهي نظر وڌائي مون آ،
اڄ سونهن وارن جا ميلا آهن هتڙي.

موهن جي ڌرتيءَ تي عجب ڪا هلچل آ،
ڌرتيءَ جي ٻارن جا ميلا آهن هتڙي.

حيدرآباد، سکر کان آيا ٿي ٻالڪ،
“محسن” گل هارن جا ميلا آهن هتڙي.



ڏاها ٿيندا

ڏاهن جا ڏَسَ پڙهي ڏاها ٿيندا،
سبقن ۾ هو ڪڙهي ڏاها ٿيندا.

ڏسجو سهڻي آ ٻارن جي دنيا،
اونچي اڏام چڙهي ڏاها ٿيندا.

اجرا آهن سارا دل جا ته سخي،
گُلَ جي آهن لڙهي ڏاها ٿيندا.

عبادت اُهي رَبّ سهڻي جي ڪن ٿا،
مسجد، ڪليسا، مڙهي ڏاها ٿيندا.

ٻارن کي ڏي “محسن” وندر عِلمُ ۾،
سنڌي ٻولي پڙهي ڏاها ٿيندا.



مستقبل جا معمار

مستقبل جا معمار آهن ٻار،
۽ شفقت جا حقدار آهن ٻار.

دل جا اُجرا، موتين وانگي اُهي،
ستارن جهڙا چمڪدار آهن ٻار.

مڪتب ڀي کلندي ڪڏندي ويندا،
هر دل جي پڻ پُڪار آهن ٻار.

بابي امڙ جي اکڙين آڏو اُهي،
سونهن ڀريا دلدار آهن ٻار.

تعليم پڙهن ٿا شوق سان جيڪي،
سي “محسن” سمجهدار آهن ٻار.



محنت

پڙهي ڏاهو عقيل ٿيندس،
نالي وارو وڪيل ٿيندس.

هِڪڙا دوست ٽيچر ٿيندا،
خاص وري انجنيئر ٿيندا.

مسيحا بڻبا ڀاڳن وارا،
نالو ڪڍندا راڳن وارا.

محنت عظمت زنده آباد،
ربّ جي رحمت زنده آباد.

“محسن” آ ٻارن جو شاعر،
سُرت سمجھه سارن جو شاعر.



ٻار اسان جا مورَ

ٻار اسان جا مورَ لڳن ٿا،
سهڻا ڄڻ شهزور لڳن ٿا.

اوچا جن جا ڳاٽ سدائين،
ڪارونجهر جي ڪور لڳن ٿا.

دولهه واري هشمت جن جي،
دودي واري ٽور لڳن ٿا.

عِلمُ پرائي عالم ٿيندا،
ترقيءَ وارا دور لڳن ٿا.



سکر شهر

سکر شهر گهمنداسون ٻارو،
سونهن ڀريو جو آهي سارو.

دريا وچ آهي ساڌ ٻيلو!
ڏسڻ وٽان ٿي اهو نظارو.

بئراج جي بيهڪ سهڻي ڏسو،
روهڙي هلڻ جو آيو وارو.

بيدل سائين جو ڏسو مقبرو،
گڏجي سڏجي گهمو اڳڀرو.

گهمي خوب سنڌوءَ جو ڪنارو،
هلنداسين معصوم شاهه منارو.

ويجهو ان جي هاءِ اسڪول،
اُستاد اُتي آ غازي پيارو.

گهنٽا گهر ڀي گهمڻ جهڙو،
کلي خوش ٿيو هرڪو ٻارو.



بادل

ٽپ ٽپ بادل برسي آيو،
ٻارن به ڳَليءَ ۾ شور مچايو.

چوماسي جي هِيرَ گُهلي آ،
ريڊيو وارن آهي ٻڌايو.

هو ڏس وڻ ٽڻ خوب کلن ٿا،
خوش ٿي مٺڙا راند رچايو.

ڌرتي ساري گپ چڪ ٿي وئي،
هيٺ ڪرڻ کان پاڻ بچايو.

جاڏي ڪاڏي هونگ هلي ٿي،
“محسن”، اهڙو سانگ سجايو.



جوتِ

عِلمُ جي جُسجتو پاڻ گڏجي ڪيون،
چاهه واري سڄي سنڌ ڌرتي ڪيون.

لوڀ لالچ کان مون کي بچائي خُدا،
زندگي، سوجهرو شل بڻائي خدا.

وک وڌائي اسين جوت ٿيندا هلون،
ساٿ پنهنجو رهي ساٿ ڏيندا هلون.

چاهه منهنجو رهي ٿو سدا سچ سان،
روح روشن ٿئي ٿو ادا سچ سان.



چوڏيل

ڏسڻ وياسين اڄ چوڏيل،
ٻارن جو آهي اُتي ميل.

هرڪو کلندو ڪڏندو آيو،
ڪاڪي ڪيڏو آهي ڪمايو.

ڀاءُ چڙهي گهوڙي تي ويٺو،
منهنجي لاءِ آيو آ چيتو.

گولُ ڦِري پيو ڦرڻيءَ وانگي،
موقعو مليو تنهنجي سانگي.

چڪر هڻي ڏاڍو کلياسين،
هيٺ لهي پوءِ ڀائر ملياسين.



سائيڪل

بابا سائيڪل وٺي ڏي،
منهنجي دل به چاهي ٿي.

رنگ برنگي لغڙيون ڀيڻ،
پيار منجهان ته ٺاهي ٿي.

روئڻ ڪنهن کي ڪونه ڏي،
ٻارن کي پرچائي ٿي.

سائيڪل تي جڏهن ويٺم،
خوشي ڏيئي کلائي ٿي.

پاڙي وارا سڀئي ٻار،
مون سان اڄ ملائي ٿي.



لغڙ

ٻار سڀئي ٿا لغڙ اڏاريون،
اُڀَ کي ٿا رنگين بڻايون.

ڪاٽا ڪار آهي سوڍا،
انڪار ناهي تو کان دودا.

هوا ۾ ڪيئن هو اُڏري ٿو،
خوشيءَ مان هرڪو گذري ٿو.

شوق آهي اسان ٻارن جو،
ننڍڙن پيارن دل وارن جو.


اسڪول

اسڪول هلڻ جي ڪر تياري،
موڪل پوري ٿي آ ساري.

هاڻي ميلا اُتڙي ٿيندا،
ٻارن سان گڏ ٺاهيون ٻاري.

گرمي جهولا گذري ويا هِن،
پگهر کان آ پنهنجي زاري.

هر ڪو خوشيءَ مان گهمڻ ويو،
حيدرآباد ۾ آ مِهڪَاري.

پڙهڻ جو آ دور ته “محسن”،
ٻارن ۾ ٿي وارو واري.



جاڳي پئو

ٻارن جا ڪي مارا آهن،
ظالم وحشي سارا آهن.
سنڌ وارا سڀ جاڳي پئو .

ماني لاءِ ٿو ٻار ٻاڏائي،
تنهن کي ظالم ٿو تڙپائي
هي گيت انهن لئه سارا آهن،
سنڌ وارا سڀ جاڳي پئو.

قوم جي ٻچڙن جي به ٻڌو من،
ڳالهه منهنجي هڪ هي به ٻڌو من،
قاتل جا هت ڌارا آهن
سنڌ وارا سڀ جاڳي پئو.

قاتل تنهنجو دستور ڪهڙو،
معصومن جو قصور ڪهڙو،
ٻالڪ ڪيڏا پيارا آهن.
سنڌ وارا سڀ جاڳي پئو.


سنڌ سونهاري

ٻارن جي ٻاري زندهه آباد،
يارن جي ياري زندهه آباد،
سنڌ سونهاري زندهه آباد.

عِلمُ پرائي وک وڌائي،
سياڻن مٿي پڳ ٻڌائي،
ديس ڪنداسين شاد آباد.
سنڌ سونهاري زندهه آباد.

ڀٽائيءَ واري واٽ وٺي هل،
اها ئي روشن لاٽ وٺي هل،
ڪنهن کي نه ڪنداسين ناشاد،
سنڌ سونهاري زندهه آباد.

سنڌ جي وائي وات آهي،
من مهڻي سا لات آهي،
ديس ڪنداسين هي سرشاد،
سنڌ سونهاري زندهه آباد.



طـــوطـــو

طوطو ساون پرڙن وارو،
سهڻو آهي ويتر سارو.
ماڻهوءَ وانگر ٻوليون ٻولي،
ساجهر اُٿندي اکڙيون کولي،
پَکِڙن ۾ آ ڏاڍو پيارو،
طوطو ساون پرڙن وارو.
ڳاڙهي ڳاڙهي هن کي ڳاني،
کائي ٿو هو مرچ ۽ ماني.
ڳالهه ٻڌو هي منهنجي ٻارو!
طوطو ساون پرڙن وارو!
مالڪ جا ٿو ٿورا ڳائي،
ٽِيون ٽِيون سان ٿو موج مچائي،
مڙني منجهه آهه نيارو،
طوطو ساون پرڙن وارو!


عِلمُ پرايون

اچوڙي ٻارو عِلمُ پرايون،
عِلمُ سان پنهنجو نينهن لڳايون،
سمجهون هڪٻئي کي سمجهايون،
اچوڙي ٻارو عِلمُ پرايون.
عِلمُ اسانجي ٽين اک آهي،
عِلمُ واري کي هر ڪو چاهي،
جڳ ۾ پنهنجو پاڻ ملهايون،
اچوڙي ٻارو عِلمُ پرايون.
چاهه ڪتابن سان جو رکندو،
مان مٿانهون تنهن جو ٿيندو،
عِلمُ جا گيت سڀئي ڳايون،
اچوڙي ٻارو عِلمُ پرايون.



لولي

لولي مٺڙي لولي آهي،
مٺڙي پنهنجي ٻولي آهي.

مرڪ پياري ٻالڪ جي آ،
ساگر جي ڪا ڇولي آهي.

ٻالڪ، گڏجي گڏ هلن ٿا،
سهڻي تن جي ٽولي آهي.

ٻولين ۾ آ ٻولي نياري،
سنڌي ٻولي سولي آهي.



ڌرتي

ڌرتي تنهنجا ڳوٺ وسن ٿا،
ات مٺڙا مارو مرڪن ٿا.

توڙ نڀائڻ هو ئي ڄاڻن،
جگنو بڻجي سي جرڪن ٿا.

ٻالڪ سڀئي مالڪ آڏو،
تنهنجو ڌرتي خير گهرن ٿا.

آباد رهين شل جيجل تون،
وقت جا ڪانٽا ڦرن ٿا.


مٺڙي ٻولي

سنڌي ٻولي مٺڙي ٻولي،
ماءُ ڏني آ جنهن ۾ لولي.
رس چس آهي اُن ۾ ڪيڏي!
سهڻي آهي رنگ رتولي،
سنڌي ٻولي مٺڙي ٻولي،
ماءُ ڏني آ جنهن ۾ لولي.
قومي سڏ تي هرڪو اڳتي،
جيئي جُڳ جُڳ پنهنجي ٻولي!
سنڌي ٻولي مٺڙي ٻولي،
ماءُ ڏني آ جنهن ۾ لولي.
ڌرتيءَ جا اڄ نغما ڳايان،
سنڌو ساگر ڇولي ڇولي!
سنڌي ٻولي مٺڙي ٻولي،
ماءُ ڏني آ جنهن ۾ لولي.
قومي ٻولي ٿيندي “محسن”،
دودا ٺاهيو ٽولي ٽولي.
سنڌي ٻولي مٺڙي ٻولي،
ماءُ ڏني آ جنهن ۾ لولي.


چوسٽا

[b]جاڳو[/b]

جاڳو ڌرتيءَ وارا جاڳو،
ننڍڙا ٻالڪ سارا جاڳو،
عِلمُ سان ئي مان وڌي ٿو،
هوشو دودي پارا جاڳو.


[b]کلن ٿا
[/b]
خوش ٿي ٻار جڏهن کلن ٿا،
گلن جا هار تڏهن لڳن ٿا،
مستقبل کي روشن ڪرڻ لئهِ،
سڀ ٻار اسڪول ڏي وڃن ٿا.



جِيءَ جِيارا

پوپٽ جهڙا پيارا ٻالڪ،
آهن جيءَ جيارا ٻالڪ،
نيڻن اڳيان رهن ٿا هردم،
منهنجا ساهه سهارا ٻالڪ.

معصوم

فوٽ پاٿ تي هو ٻار ويٺل،
ڦاٽل ڪپڙا هئا پهريل،
ايندي ويندي ڏي ڏسي پيو،
۽ معصوم بک جو ماريل.


ڦاٽل چولا

بدن تي پهريل ڦاٽل چولا،
ٻالڪ ٻالڪ وڪڻن ڇولا،
ڪير ڏياري تن کي تعليم،
ڪنهن کي دانهن ڏيان مان مولا.

راند

ٻارن راند رچائي ڀاءُ،
سگهو جلدي تون ڀي آءُ،
بيٽ پنهنجي تون کڻي اچ،
خوش ٿيندي مٺڙي ماءُ.

سنڌي الفابيٽ تي ٽيڙو پٽي

ا: سان پڙهندا اک.
اسڪول وڃڻ کان اڳ ۾،
تيل وارن کي مَک.

ب: سان پڙهندا بدڪ.
ٻالڪ مرڪي ڳالهاءِ،
ڇاجي اٿئي اٽڪ.

ٻ: سان پڙهندا ٻُڪُ.
سرمد مرڪي چيو سائين،
پاڻيءَ جو پيئان ڍُڪُ.

ڀ: سان پڙهندا ڀت.
سنڌڙي وارا ڇا چوانءِ،
جيءُ ٻالڪ جت ڪٿ.

ت: سان پڙهندا تارو.
ٻالڪ ڪتاب کولي،
سبق کي ڏيو وارو.

ٿ: سان پڙهندا ٿيلهو.
ڪنڀر کولي آوي جيڪا،
گهڙو نڪتو ڀيلو.

ٽ: سان پڙهندا ٽوپي.
ڪچن گهرن کي هر ڪنهن
لڳائي آ پوچي.

ٺ: سان پڙهندا ٺونٺ.
ظلم جي آڏو ڪڏهن به نه،
اکيون پنهنجون ٻوٽ.

ث: سان پڙهندا ثواب.
سوچي سمجهي تون ٻالڪ،
ڏيندو ڪر جواب.

پ: سان پڙهندا پَڳَ.
عِلمُ سان ته حاصل ٿيندا،
سنوان سڌا ڪي دَڳَ.

ج: سان پڙهندا جُتي،
وڏيرو ويٺو محل اڏي،
هاريءَ جي جاءِ ڀُتي.

ڄ: سان پڙهندا ڄڀ.
مظلوم بکن ۾ گذارن،
ظالمن ڀريا ڀِڀَ.

جھه: سان پڙهندا جهرڪي،
مينهوڳي رُتِ ۾ ٻالڪ،
متان پوين ترڪي.

ڃ: سان پڙهندا ڄڃ،
پاڻيءَ بنا ٿر جي ڌرتي،
ڪيڏي آهي رُڃَ.

چ: سان پڙهندا چنڊ،
ديس واسي ڇو نه سڀئي،
ٿي پئون کير کنڊ.

ڇ: سان پڙهندا ڇٽي،
ڪپڙو واهه ته رنگي ڏنو،
مون کي عبيد کٽي.

ح: سان پڙهندا حَجَم،
دوست ڪجي سيرت وارو،
جهڙو آهي نَجمُ.

خ: سان پڙهندا خچرُ،
صفائي رک گهر محلي جي
اچي نه ڪو مڇرُ.

د: سان پڙهندا دَرُ،
اسڪول اسان جو آهي،
عِلمُ جو ئي گهر.

ڌ: سان پڙهندا ڌوٻي،
اسڪول کان ڪڏهن ٻالڪ،
هڻجي ڪين گهوٻي.

ڏ: سان پڙهندا ڏيڏر،
تيز هوا ۾ مٽي اڏامي،
اک ۾ پيو ڪَٽَرُ.

ڊ: سان پڙهندا ڊيل،
سنڌ جي مٿان آهي اڄ به،
ڌاڙيلن جي ڀيلَ.

ڍ: سان پڙهندا ڍڳو،
هوشو، هيمون آيا جڏهن،
ڌاريو وٺي ڀڳو.

ذ: سان پڙهندا ذرو،
مڙس ٿي هلجي هڪ واٽ،
انسان ٿجي کرو.

ر: سان پڙهندا ريَل،
عجيب دنيا آهي ڪا،
ٻارو ڏسو کيل.

ڙ: سان پڙهندا ماڙي،
سچ جو مانُ مٿانهون آهي،
ڀڄي ويو ڀاڙي.

ز: سان پڙهندا زنجير،
بابي آندو ڪوئٽا کان،
منهنجي لاءِ انجير.

س: سان پڙهندا سيٽي،
جسماني صحت لئه،
پير ڊُهو پي ٽي.

ش: سان پڙهندا شينهن،
موسم آئي بهار جي،
وسي پيو مينهن.

ص: سان پڙهندا صوف،
اسڪول جي ڇت ۾ ادل،
سهڻو لڳي ٿو روف.

ض: سان پڙهندا ضعيف،
ادب ڪر وڏڙن جو عادل،
عِلمُ پڙهه حنيف.

ط: سان پڙهندا طوطو،
پاڻيءَ ۾ وهنجندي ٻارن،
کاڌو آ غوطو.

ظ: سان پڙهندا ظالم،
ظلم کي ٽوڙيندا،
گڏجي سڀ عالم.

ع: سان پڙهندا عينڪ،
ڀري آيو کڻي ڇوڪر،
چانهه جي ته چينڪ.

غ: سان پڙهندا غاليچو،
صاف سٿرو آهي،
گهر جو باغيچو.

ف: سان پڙهندا فانوس،
ذهن رکجو روشن،
ٿيو نه ڪڏهن مايوس.

ڦ: سان پڙهندا ڦيٿو،
راڻي باغ ۾ ڏٺوسين،
رنگ برنگي چيتو.

ق: سان پڙهندا قلمُ،
لکي پڙهي ٻالڪ سڀئي،
حق جو کڻو عِلمُ.

ڪ: سان پڙهندا ڪتو،
چور به ڪري ويا چوري،
ڀاڳيو پيو هو سُتو.

ک: سان پڙهندا کَٽَ،
ايمان جو امتحان آ،
تارازي ۽ وَٽَ.

گ: سان پڙهندا گڏهه،
ڪمند مان ٺهي ٿو ٻارو،
مٺو آهي ڪَڪَهُه.
(ڪَڪَهُه: ڪمند جي پڪل گهاٽي چَاشِ)

ڳ: سان پڙهندا ڳئون،
ڀل ڪنهن کي ڪاوڙ لڳي،
چڱائي سڀ کي چئون.

گهه: سان پڙهندا گهوڙو،
سهڻو علي گل کي آهي،
ڏاندن جو جوڙو.

ڱ: سان پڙهندا سڱ،
هاريءَ ۽ ناريءَ جا،
لوها آهن لِڱَ !

ل: سان پڙهندا لَڪُڻ،
ڪاڇي مٿان ڪڪر،
ڪونجن جي ڪڻ ڪڻ.

م: سان پڙهندا مَسُ،
عِلمُ پرائڻ ۾ ڪاشف،
ناهي ڪائي ڪس.

ن: سان پڙهندا نَٿَ،
مالڪ پنهنجي مِهرَ ڪر،
دعا لاءِ کنيا هٿ.

ڻ: سان پڙهندا وڻ،
جيڪو توکي ماءُ ڏي،
کلي خوشيءَ مان کڻ.

و: سان پڙهندا واڍو،
محنت سان جيءُ جرڪي،
ٿيءُ نه ڪڏهن ڏاڍو.

هه: سان پڙهندا هاٿي،
پنهنجي ديس رهڻ وارا،
ٻالڪ سڀ ساٿي.

ء: ته آهي ننڍڙو،
حرف نه گهٽ چئبو ان کي،
ٽوپيءَ تي جيئن ڪنڊڙو.
(ڪنڊڙو: ڀرت جو قسم آهي)

ي: سان پڙهندا يڪو،
“محسن” آخري حرف آ،
سنڌيءَ جو سبق ٿيو پڪو.

بئڪ ٽائيٽل پيج

[img]https://i.imgur.com/rgvIESY.jpg[/img]