سفرناما

مون ڍاڪا اُڀرندي ڏٺو

زيرِنظر ڪتاب بنگلاديش جي گايءَ واري هنڌ ڍاڪا جي دوري بابت آهي، جتي هو پيپلز سارڪ ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ويو هو، جيڪا ”هڪ نئين ڏکڻ ايشيا جو تصور: عوامي خيال“ جي موضوع تي ڪوٺائي ويئي هئي. ’ڍاڪا جو سفر‘ حقيقت ۾ هڪ تاريخي ۽ تجزياتي دستاويز آهي، جنهن مان پڙهندڙ گهڻو ڪجهه پرائي سگهندا، خاص ڪري هو پاڪستان جي ٺهڻ کان ٻه اڌ ٿيڻ، ان کان پوءِ جي صورتحال، بنگالين سان ٿيندڙ ڏاڍ، اتي رهندڙ بهارين جي سوچ، پاڪستان فوج جي ڏاڍاين ۽ ٻين ڪيترن پهلوئن بابت ڄاڻ حاصل ڪري سگهندا، جيڪا ان دؤر جي اخباري سينسرشپ سبب اسان تائين نه پهچي سگهي.
مجموعي طور تي هيءَ ڪاوش ذوالفقار هاليپوٽي جي محنت جو اهڙو ثمر آهي، جنهن مان ساڃاهه وند پڙهندڙ ڀرپور لاڀ پرائي سگهن ٿا.
Title Cover of book مون ڍاڪا اُڀرندي ڏٺو

ڍاڪا جون گهٽيون ۽ عينيءَ جو سندر بن

ڪيترن ئي دوستن ايئرپورٽ تي ئي ڪرنسي مٽائي بنگلاديشي ٽڪا هٿ ڪيا. ڪافي دير ويهڻ کان پوءِ نيٺ بيزار ٿي هڪ نوجوان کان پڇا ڪئيسين ته نيٺ ڪهڙيءَ مهل ايئرپورٽ جي جان ڇڏينداسين. هن ٻڌايو ته بس هڪ مهمان رهيل آهي. حاصل بزنجي بيزار ٿي چيو ته بابا ڪلاڪ کان مٿي وقت ٿي ويو آهي. اسين سڀ ٻاهر اچي ويا آهيون. جهاز ۾ رڳو اهي ئي مهمان هئا، جيڪي اچي چڪا آهن، تنهن تي ميزبانن پاران موڪليل نوجوان ٻڌايو ته اسدالرحمان صاحب پاڪستان مان اچڻو هو، ان کي ڳوليون پيا. مون کين ٻڌايو ته اسدالرحمان صاحب لاهور کان سڀاڻي پهچندو. پوءِ سڀ سامان کڻي ٻاهر نڪتاسين.
ٽريفڪ جو شور، ماڻهن جو هجوم، سگنل کان بي نياز، بي ترتيب ٽريفڪ، تيز رفتاريءَ ۾ هلندڙ گاڏيون، سڀڪجهه پاڪستان وانگي. لڳوئي ڪونه هو ته ڪو ٻئي ملڪ آيا آهيون، ها، روڊ تي ٻه شيون ڏٺم ۽ گاڏيءَ ۾ ويٺلن سان شيئر ڪيم. هڪ ته ٽريفڪ تيز رفتار هوندي به قطارن ۾ هلي رهي هئي، ٻيو ته رستي ۾ ايندڙ هڪ ٻن فوجي ڇانوڻين ۽ ايئرفورس جي عمارتن جي ٻاهر اسپانسرشپ جا بورڊ لڳل هئا ته ڪوبه ادارو انهن مک يا مرڪزي گيٽن وٽ گلڪاري وغيره لاءِ سيڙپ ڪري. مون کلندي سوچيو ته نظرياتي ۽ روحاني سرحدن جي تحفظ جا نام نهاد نعرا هڻندڙ ٽين دنيا جون ۽ خاص طور تي اسان وارن فوجين جو وس پڄي ته ويڙهه جو ڪم به ٺيڪي تي ڏيئي ڇڏين، هو هر روز اسپانسرشپ ڳولهي رهيا آهن.
حاصل بزنجي کلندي چيو ته طالبان ڇا آهي؟ اسان پنهنجي جنگ ”رينٽ اَ وار آرمي“ حوالي ڪري پاڻ امريڪا ۽ لنڊن ۾ ملڪيتون ٺاهي رهيا آهيون. ان کان وڌيڪ اسپانسرشپ ڪهڙي ٿيندي. هن جو اشارو ڪيترن ئي جنرلن ڏانهن هو.
گاڏي آهستي آهستي منزل ڏانهن رڙهي رهي هئي. آئون سوچڻ لڳس ته عسڪري طاقتون نيٺ عوام جو، ٽين دنيا جي ملڪن جو ۽ اسان جي وسيلن جو رت پيئڻ ڪڏهن بند ڪنديون. ڇا اهو دور ختم ٿي ويو، جو ڪنهن وڏي عوامي انقلاب سان پاڪستان کي گيريزن اسٽيٽ مان حقيقي فلاحي رياست بڻائي سگهجي. اڃا ان وقت وچ اوڀر اتر افريڪا جي عرب ملڪن ۾ عوامي مزاحمت ۽ انقلاب جي جدوجهد شروع نه ٿي هئي، جو اسين ان وقت پنهنجي بحث ۾ انهن واقعن کي ريفر ڪري سگهون. مصر مان حسني مبارڪ جي روانگي، بحرين جي 90 سيڪڙو شيعا آباديءَ پاران سني بادشاهه خلاف مزاحمت، اردن ۽ شام ۾ وڌندڙ بيچينيءَ، لبيا ۾ ڪرنل قذافيءَ خلاف ويڙهه، تيونس ۽ يمن ۾ وڌندڙ وڳوڙ، اهي سڀ واقعا ان ڳالهه تي ويساهه ڪرڻ تي مجبور ڪن ٿا ته عوامي طاقت ۽ جدوجهد جي سچائيءَ تي اعتبار نه ڪرڻ يا هاڻ عوامي انقلاب نه اچڻ جون ڳالهيون سوچڻ، مايوس ڪندڙ شڪست خوردگيءَ وارو موقف ٿي سگهي ٿو، ڪنهن پختي نظرياتي ذهن جو رايو نه.
ٻن گاڏين ۾ سوار اسان جو قافلو ڪلاڪ جي سفر کان پوءِ هوٽل پهتو. ڳتيل آبادي ۽ روڊ تي ٽريفڪ جي زور مان ڪراچيءَ جو آءِ آءِ چندريگر روڊ يا ايم جناح روڊ ياد اچي رهيا هئا. فرق رڳو ايترو هو ته ڊرائيور صبر سان پنهنجي گاڏيءَ کي قطار مان ٻاهر ڪري پارڪنگ ڪري رهيا هئا. اسان واري هوٽل انهيءَ ساڳئي رستي تي هئي، جتي ايشيا جي سڀ کان وڏي اين جي او براڪ ((BRAC جي آفيس آهي. هوٽل ۾ چيڪ ان ٿيڻ دوران ڪيترن ئي ايئرلائينز جا ٽرانزٽ وارا مسافر چيڪ ان ۽ چيڪ آئوٽ ٿيندي ڏٺاسين. پوءِ معلوم ٿيو ته هيءَ هوٽل ڪيتري نه بين الاقوامي ايئر لائينز جي ٽرانزٽ مسافرن جو مک ٺڪاڻو آهي. هوٽل ذڪريا انٽرنيشنل ۾ اسين پنهنجن پنهنجن ڪمرن جون چاٻيون وٺي سامان ڦٽو ڪرڻ لاءِ لفٽ ۾ چڙهياسين. هوٽل مڙئي مناسب هئي، سڀني فيصلو ڪيو ته ٿوري دير لاءِ آرام ڪري پوءِ ماني کائبي. منهنجي وري ابتي عادت آهي ته ڪيترو به ڊگهو سفر ڇو نه هجي، سامان ڪمري ۾ رکي ستت هوٽل يا جتي به رهائش مليل هجي، ان جي ويجهي علائقي جو ڊگهو ۽ تڪڙو دورو ڪندو آهيان. تيزيءَ سان واڪ ڪندي رهائش گاهه جي اوسي پاسي وارا رستا، هوٽلون، بار، گروسريءَ جا دڪان ۽ بيڪريز وغيره ڏسي وٺندو آهيان ته جيئن ماڻهوءَ وٽ کائڻ پيئڻ جا آپشنز وڌيڪ هجن.
هوٽل ۾ سامان رکڻ تائين شام ٿي چڪي هئي. شرافت علي منهنجو روم پارٽنر هو، ڪچهريءَ ۾ اهڙا ته مگن ٿي وياسين، جو هڪ ڀيرو تڪڙي ۽ مٿاڇري دوري جو وقت نه مليو ۽ آئون، شرافت علي، نجما صادق، حاصل بزنجو، زاهده ڏيٿو هيٺ لهي آياسين. نجمه صادق فيصلو ڪيو ته اڄ ماني هوٽل ۾ ئي کائبي، باقي کائڻ پيئڻ جي هنڌن جي ڳولا سڀاڻي کان ڪبي. بنگلاديش چانور ۽ مڇيءَ جي ڪري تمام گهڻو مشهور آهي. نجما صادق پاڻ به بنگالي پسمنظر رکندڙ هئي، جنهن بنگالي ٻوليءَ ۾ مڇي، چانور ۽ دال جو آرڊر ڏنو. ايئن پهرين ئي ڏينهن هوٽل ۾ ڪچهريءَ ۾ وقت گذاريو سين. هوٽل جي مک ڪائونٽر تي اسان لاءِ نالي سان فولڊرز رکيل هئا، جن ۾ ٻنهي ڪانفرنسن جي ايجنڊا موجود هئي. ايجنڊا ۾ امڪاني مهمانن جي لسٽ پڙهندي ئي مون کي اهو احساس ٿيو ته هيل نه رڳو ڪانفرنسز ۾ ٿيندڙ بحث مباحثي مان گهڻو ڪجهه پرائبو پر ڍاڪا ۾ گڏ ٿيندڙ اهم ماڻهن سان گڏجاڻين جو موقعو ملندو. مقامي بنگالي دوستن سان ڪچهريون ٿينديون ۽ شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ گهمڻ ڦرڻ وسيلي وڏو مشاهدو ملندو. اهڙيءَ ريت لکڻ لاءِ گهڻو مواد هٿ اچي ويندو.
ڪرامت صاحب اڳ ئي پهتل هو. ڪنهن ميٽنگ ۾ ويل هو. ٻين ملڪن مان ايندڙ ملڪن مان ايندڙ مهمان به آهستي آهستي ڪانفرنس لاءِ گڏ ٿي رهيا هئا ته جيئن هڪٻئي سان ملاقات ڪجي. نون دوستن پنهنجو تعارف ڪرايو. مون سڀ کان پهرين هوٽل وارن کان اخبارون گهريون ۽ هنن هڪ انگريزي اخبار منهنجي حوالي ڪئي، پڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته اها اخبار اسان واري دي نيشن اخبار جهڙي آهي، تنهنڪري ٻاهر نڪري انگريزيءَ جي سٺين اخبارن جي ڳولا ڪيم ته جيئن ڍاڪا جي ڊان، دي نيوز، ڊيلي ٽائيمز، دي ٽربيون جهڙيون اخبارون هٿ ڪجن. اها منهنجي پراڻي عادت آهي ته جڏهن به ڪنهن نئين ملڪ يا شهر ويندو آهيان ته پهرين سٽ ۾ اخبارون وٺندو آهيان. هڪ سٺي اخبار سٺي ريڊنگ ۾ اوهان کي ملڪ يا شهر جي مک سياسي معاملن، سماجي سرگرمين ۽ مارڪيٽ جي صورتحال ۽ اقتصادي معاملن، عام ماڻهن ۽ روڊن رستن بابت هلندڙ لاڙن، روين ۽ راين کان واقفيت ڏيندي آهي. اخبار پڙهندي مون کي ته محسوس ٿيندو آهي ته آئون ان شهر ۾ نئون نه آهيان.
هيٺ لهي پاسي واري بلڊنگ ۾ هڪ ڊپارٽمينٽل اسٽور مان پيئڻ جو پاڻي، بسڪيٽ ۽ اخبارون وٺي ڪمري ۾ آيس ۽ ڪجهه پڙهڻ لڳس. جيتوڻيڪ اسين ڍاڪا جي گهڻي مهانگي ڪاروباري علائقي جي وچ ۾ موجود هئاسين، پر هيٺ صورتحال ڏاڍي خراب هئي. غربت غريبن جي چهرن مان ظاهر ٿي رهي هئي. ماڻهوءَ پاران هلائجندڙ ”هٿ رڪشا“ جا ڊرائيور ڪمزور ۽ نٻل لڳي رهيا هئا. سنهڙا سنهڙا ڊرائيور ماڻهن کي سهڪندي سهڪندي ڇڪي رهيا هئا. اسٽور جي مالڪ پڇڻ تي ٻڌايو ته رڳو ڍاڪا ۾ سائيڪل رڪشائن جو انگ 10 لک آهي.
ننڍيون ننڍيون هوٽلون، مرغي تڪا سينٽر، حليم گهر ۽ آلو ڪچوريءَ جا ننڍا ننڍا گاڏا ڪنهن حد تائين خراب ٿي ويل فروٽ جا دڪان ٻڌائي رهيا هئا ته ڪجهه شيون پوري خطي ۾ هڪجهڙيون آهن. رڳو ڍاڪا جي آبادي هن وقت سوا ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آهي. جاگرافيائي لحاظ کان ننڍي هجڻ جي ڪري بنگلاديش ۾ ڏينهون ڏينهن وڌندڙ آباديءَ جي ڪري 14 ڪروڙ انسانن جو هيءُ مختصر زمين رکندڙ ملڪ ڏينهون ڏينهن سوڙهو ٿيندو پيو وڃي.
هڪڙي اخبار ۾ پڙهيم ته روزانو لڳ ڀڳ ٻه هزار ماڻهو ڍاڪا ۾ داخل ٿين ٿا. ڍاڪا ۾ ڪراچيءَ وانگي ماس ٽرانزيشن جهڙيون رٿائون جهڙوڪ انڊر گرائونڊ ريلوي نظام نه هجڻ ڪري سڄو ڏينهن شهر جو هر رستو ٽريفڪ جي .... ور چڙهيل رهي ٿو. زمين گهٽ هجڻ ڪري اسان جي وڏن شهرن وانگي اوچين اوچين عمارتن ”ورٽيڪل“ پکيڙ جي ڪلچر سبب سيوريج، پاڻيءَ جي نيڪال، پيئڻ جي صاف پاڻي، ٽرانسپورٽ وغيره جا اهڙا ته گهوٽالا آهن جو لڳي ئي نٿو ته عوامي ليگ جي حڪومت انهن کي تڪڙو نبيري سگهندي.
زمين جي گهٽتائي جي ڪري اسان وانگي حددخلين جي بيماري اتي به نظر آئي، هر گهٽيءَ ۾ گاڏا، ڪئبن، ڇاٻڙا هوٽلون، روڊن رستن کي سوڙهو ڪيو بيٺيون هيون.
شاهوڪاري يا ته رڳو ڪارپوريٽ سيڪٽر جي وڏين عمارتن سندن جرڪندڙ آفيسن ۽ مهانگين گاڏين ۽ گهرن تائين محدود نظر آئي يا ڪرپٽ سياستدانن، ڪامورن يا بين الاقوامي سطح جي غيرسرڪاري تنظيمن ۾ ڪم ڪندڙ اڳواڻن جي چهرن تي موجود ملي رهي هئي.
اخبارون هن شهر يا ملڪ جي بدحالي، غربت، پسماندگي ۽ اڻبرابريءَ واري سماج، جمهوريت جي ناڪافي هجڻ، عالمي مالياتي ادارن ۽ ڪارپوريٽ سيڪٽر جي بيٺڪي قبضي جو واضح منظر نامو پيش ڪري رهيون هيون. سوچڻ لڳس ته ڇا ڇا لکندس. هيءُ سفر نامو هوندو يا سياسي تجزيو، پر ڪيئن ممڪن آهي، جو اڄوڪي دور جي سياسي سماجي بحرانن کي ڇڏي رڳو ڪچهرين، روڊن رستن ۽ عمارتن تي لکندس ڇا؟ پاڻ کان ايترا ئي سوال ڪيم. اڃا ته ڳالهه ڪٿي بيٺي آهي، هيءُ ڍاڪا آهي، پيرس يا ميلان نه، جو پڙهندڙن کي منظرن ۽ ماڻهن جي حسناڪين بابت لفاظين ۾ ڦاسائيندي وڏا حال احوال ڪجن. هت ته وڏا درد آهن، ماڻهن جي دلين ۾ ۽ ڍاڪا جي شاهراهن تي 1971ع جي ڏاڍاين تي نسل ڪشيءَ تي ٻڌل فوجي آپريشن جا.
هتي هر چهرو پاڪستان مان ايندڙ هر مهمان لاءِ ڄڻ هڪ مڪمل حمود الرحمان ڪميشن هجي. هر اک وٽ پنهنجا پنهنجا لڙڪ، درد جي ڪهاڻي ۽ ڪٿا هجي. هر سوال هو ڪري رهيا هئا ته نيٺ انهن جا جواب ڪير ڏيندو؟ حاصل بزنجي ٻڌايو ته ان وقت معلومات جو ذريعو رڳو ريڊيو هو ۽ بي بي سي ريڊيو هرڪو ٻڌندو هو. هو ننڍو هو ۽ هڪ ڏينهن هن پنهنجن ڪنن سان اهي اکر ٻڌندي ۽ پنهنجي ماءُ (مير غوث بخش خان بزنجي جي گهر واري) کي روئيندي ڏٺو هو.
”هن وقت ڍاڪا جي گهٽين ۾ هڪ پاسي رڳو لاش آهن ته ٻئي پاسي رڳو ڪُتا.“
هاڻ هڪ سياسي ذهن رکندڙ باضمير سياح ڍاڪا جي برباديءَ کي ڦلورڻ بدران نيٺ ڇا ته لکي! هت ڪو تاج محل يا آگرا جو قلعو به ته نه آهي.
پر تاريخي لحاظ کان گهڻو ڪجهه موجود آهي، جنهن بابت گهڻو ڪجهه پڙهيو به اٿم ۽ لکڻ جو به اُتساهه آهي. بنگالين جي صدين کان آمريت خلاف مسلسل ويڙهه جا تذڪرا به آهن ته 1971ع ۾ آزادي حاصل ڪرڻ واري جنگ جا قصا به آهن. بنگالين جو پنهنجو لکيل شاهڪار ادب به آهي ته بنگال تي لکيل ٻاهرين ادب جا به شيلف ڀريل آهن. گڏيل بنگال جي شانتي نڪيتن ۽ ٽيگور جا قصا به آهن ته 1904ع ۾ بنگال جي ورهاست (جيڪا انگريز سامراج پاران برصغير کي ورهائڻ جي شروعات هئي) جا تاريخي دستاويز به آهن. بنگال تي سنڌ جي مها ڪوي شيخ اياز جا لکيل نثري توڻي نظاماڻا شاهڪار به آهن ته فيض احمد فيض جي شاعري به آهي. هت ڀل ته همايون جو ڪو مقبرو نه هجي، پر ”آخري شب ڪي همسفر“ ناول ۾ همعصر اردو ادب ۾ منهنجي محبوب مصنفا قرعت العين حيدر جي سندربن جا تاريخي تذڪرا متاثر ڪرڻ لاءِ موجود آهن. هت نوبل پرائيز حاصل ڪندڙ ڊاڪٽر محمد يونس سان ڪچهرين جا قصا به آهن ته 1 7 9 1 ع جي جنگ ۾ فريڊم فائيٽر طور وڙهندڙ اهي جوڌا جيڪي ان وقت گڏيل پاڪستان ۾ سرڪاري نوڪرين ۾ سنڌ ۾ مقرر هئا ۽ هاڻ هو جهونا ٿي پنهنجيون يادگيريون سارين ٿا، انهن سان ڪچهرين جا به موقعا مليا. عوامي ليگ جي اڄوڪي قيادت سان سياسي بحث مباحثن جا تفصيل ته عام ماڻهن سان بنگالين جي آزادي ۽ پاڪستان خلاف اڄ به موجود نفرت جا سبب موجود آهن.
مون کي موضوعن جي ايڏي ڊگهي آئوٽ لائين لکندي ڏسي پاڪستان مان آيل منهنجي دوست فرخ سهيل گوئندي کلندي چيو ته ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ ۽ گهمڻ آيو آهين يا ڪتاب لکڻ؟ پوءِ هن مون کي ٻڌايو ته ڪيترائي اهڙا ڪتاب ۽ دستاويز موجود آهن، جن ۾ ٻيو نقطي نظر به موجود آهي. هو پاڻ لاهور مان هڪ بهترين روشن خيال پبليڪشنز هلائي رهيو آهي ۽ هن پاڪستان جي سياسي ۽ سماجي بحرانن سوڌو بنگالين جي عليحدگيءَ تي به هڪ بهترين ڪتاب ڇپرايو آهي. هن جو چوڻ هو ته بنگالين جي معاملي کي منطقي ۽ عقلي نقطي نظر سان ڏسڻ لاءِ ضروري آهي ته تاريخ جو گهرو اڀياس ڪجي ۽ ڪي اڻڌريا ڪتاب به پڙهجن. هن جو خيال هو ته هڪ پاسي يا بنگالين پاران پيش ڪيل تاريخ آهي، جيڪا سئو سيڪڙو پاڪستان مخالف آهي يا ٻئي پاسي وري پاڪستان ۾ جيڪي ڪتاب لکيا ويا آهن، انهن ۾ به ڪنهن مهل فوج کي، ڪنهن مهل مجيب جي اڳرائي واري سياسي رويي کي يا ڪنهن مهل ذوالفقار علي ڀٽي جي اقتدار جي خواهش کي يا ڪنهن مهل هندستان ۽ ٻين بين الاقوامي قوتن جي سازشن کي ان سانحي جو ذميوار ڪوٺيو.