ڪتاب ”اڃارو جيون“ اوهان اڳيان پيش آهي. سنڌي ٻوليءَ جي ٻاونجاهه اکريءَ ۾ ترتيب ڏنل شاعري (سنڌوءَ حرفي) تي مشتمل هن خوبصورت مجموعي جو تخليقڪار سومار سنگم مڱڻهار آهي. سومار سنگم جي شاعري ۾ چائت چِت ۾ پائي سَنهُون ڪتڻ جي ڪوشش نه ڪئي ويئي آهي . پر محبت مَن ۾ پائي نه هئڻ جي جاءِ تي، ڪجهه هئڻ جي احساس سان ڀرپور رنڍا روڙ ڪيل آهي .
آنلائن پڙهو | پي ڊي ايفعلي حَسنَ سرڪيءَ جي سڃاڻپ صرف ۽ صرف سندس شاعري آهي. سندس فن ۽ فڪر آهي ۽ بس هونئن ته شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪندو رهي ٿو پر غزل، ڪافي، وائي ۽ نظم سند س پسنديده صنفون آهن ۽ ها ڇاڪاڻ ته هو قطعي جي بادشاه ۽ سنڌ جي عمر خيام، رباعيءَ جي شهنشاهه سائين اميد خيرپوريءَ جو شاگرد آهي ان ڪري قطعو يا چؤسٽو به لکي ٿو، نه رڳو لکي ٿو، تمام ڀلو ٿو لکي. سندس تحريري قابليت کيس هم عصر شاعرن ۾ نهايت نمايان ۽ منفرد ۽ ممتاز بڻائي ٿي.
آنلائن پڙهو | پي ڊي ايفمانجهي زرداري جو راڌڻ شھر سان تعلق آھي، مانجھي جي شاعري ۾ مذھبي، عوامي، سونھن پرستي، قوم پرستي، سنڌ پرستي جا عڪس سمايل آھن، مانجھي راڌڻ جي بھترين شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو. مانجھي زرداري جي شاعري ۾ خوبصورت ڪلاسيڪل توڙي جدت جو حُسن سمايل آھي مانجھي زرداري پنھنجي ھن پيار جي پورھيئي کي مسلسل سچائي سان ڪري رھيو آھي.
آنلائن پڙهو | پي ڊي ايفڪتاب ”دل جي ڳلي“ اوهان اڳيان پيش آهي. غزلن جي هن ڪتاب جو تخليقڪار ناميارو شاعر ساحر راهو آهي. ساحر راهو سنڌي شاعريءَ جي سفر جو اهم، منفرد ۽ خوبصورت شاعر آهي. ساحر راهوءَ هونئن ته مختلف صنفن ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي پر غزل سندس شاعراڻي سڃاڻپَ جو اهم حوالو آهي. اوهان جي هٿن ۾ موجود ساحر راهوءَ جو غزلن جو هي مجموعو سندس نِڪور خيالن جو عڪسُ آهي.
آنلائن پڙهو | پي ڊي ايفشاعريءَ جي هن گڏيل مجموعي جو مرتب فياض منصور آهي جڏهن ته عزيز سولنگي، فياض منصور، عمران انجم، حافظ عبيد چنه، وفا گل محمد جمالي، ذاڪر سيتائي ۽ سرويچ ناٿن شاهي جي شاعري هن ڪتاب ۾ موجود آهي.
آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف ”قمر شهباز جيڪو لکيو آهي، سو ڏات جي ڏيئن جي اُنهيءَ ”جوت مان جلندڙ جوت“ جو تسلسل آهي، جنهن جي پهچ امرتا کي اورانگهي ٿي. سندس شعر توڙي نثر، پنهنجي مورچي مان اُڇلايل آهي زهريلا ٻاڻ آهن، جن جو چُڀڪو هڪ طرف ويرين کي ويساهي نٿو ڏئي ته ٻئي طرف اُنهن جو تجلو پري پري تائين پکڙيل ساٿين جي ذهنن ۾ عزم ۽ اعتماد جو سوجهرو ڀريو ڇڏي.
”چنڊ رهين ٿو دور“، قمر جي شروع کان اڄ تائين ڪيل معياري شاعريءَ جو مجموعو آهي، جيڪو مٿي بيان ڪيل قومي سجاڳيءَ واريءَ تحريڪ جي پس منظر سان گڏ، سندس ذهني اوسر جو پيش منظر به ڏيکاري ٿو.“
اچو ته خواب ڏسون درگاهي گبول جو شعري مجموعو آهي ۽ هي ڪتاب جهڙوڪ ڪي سنهري خواب ٿو ڏيکاري ۽ خواب خوشحالي، پيار ۽ پريت وارا خواب آهن ۽ ڪتاب جو عنوان ئي خوابن جي ڏسڻ جي دعوت ڏئي ٿو۔ مونکي حيرت تڏهن ٿي جڏهن مون هي ڪتاب پڙهيو ته سچ حيرت اها هئي ته سنڌ ۾ ڪر اهڙا به تخليقڪار آهن جيڪي ميلن جهميلن کان ڪوهين ڏور شاعري ۽ علم ادب جا ڏيئا ٻاري رهيا آهن ۽ عامّ تائين روشني پهچائي رهيا آهن ۔
آنلائن پڙهو | پي ڊي ايفصابر سيدپوري سنڌ جي ان پرڳڻي جو شاعر آهي جتي لُڪ لڳندي آهي. جتي اَڪ تپندا آهن. هن جي اندر هڪ جُنون آهي. اِهو جُنون هن جو عشق آهي ۽ اِهو عشق هن جي شاعري آهي ۽ انهي شاعريءَ هن جي پنهنجي ڳوٺ سيدپور کان ٻاهر وٺي هن کي تقريبا پوري سنڌ سان متعارف ڪرايو آهي. ”چنڊ جهڙا پرين“ هن جو ٻيو شعري مجموعو آهي جنهن ۾ غزلَ ۽ واين کان سواءِ ٻين به ڪيترين صنفن جي بهار آهي. جيڪا ڪنهن به طور نظر انداز نه ٿي ڪري سگهجي.
آنلائن پڙهو | پي ڊي ايفڪتاب ”ريشم جهڙا خواب“ اوهان اڳيان پيش آهي. غزلن جي هن خوبصورت مجموعي جو تخليقڪار ناميارو شاعر جميل سومرو آهي. سنڌي شاعريءَ جي سفرَ ۾ جيڪي شاعِرَ مسلسل لکي رهيا آهن ۽ پنهنجو اظهار فنائتي ۽ اثرائتي نموني ڪري رهيا آهن، انهن ۾ جميل سومري جو نالو پنهنجي سُڃاڻَ رَکي ٿو. جميل سومرو سنڌي شاعريءَ جي هاڻوڪي دؤرَ ۾ پنهنجي جذبن جي سَچائي ۽ شاعريءَ جي مسلسل تخليقَ وَسيلي پنهنجي پڙهندڙن ۽ چاهيندڙن جو هِڪُ وڏو حلقو جوڙيو آهي. جميل سومري جي غزلن جو هي مجموعو ”ريشم جهڙا خواب“ اوهان کي ريشم جهڙا احساسَ ئي ارپيندو.
آنلائن پڙهو | پي ڊي ايفسومار ”سنگم“ جي شاعريءَ جو هي پهريون مجموعو ”روپ سُندرتا“، مجموعي طور سندس بهترين ڪوششن جو نتيجو آهي، هڪ اهڙو ثمر آهي، جنهن ۾ سومار ”سنگم“ جو پورهيو سمايل آهي، هڪ اهڙو سفر آهي، جنهن ۾ سومار ”سنگم“ جي زندگيءَ جون ڪيتريون ئي ڀوڳنائون، هن جي اندر جي لوڇ پوڇ ۽ حساس جذبن جو اظهار ٿيل آهي،
آنلائن پڙهو | پي ڊي ايففياض لطيف هِڪُ سُڄاڻ ڪوي آهي ۽ سندس ڪوتائون، انهيءَ ڳالهه جي ساکَ ڀرين ٿيون. فياض لطيف جي شاعري عشق ۽ زندگيءَ جي ٻين ڪيفيتن سان سرشار شاعري آهي. سندس هي ڪِتابُ ”دل جي خانه بدوشي“ اهڙي ئي اظهارَ جو تسلسل آهي. هِنَ ڪِتابَ ۾ موجود شعرن ۾ سَمايل فياض لطيف جا جذبا ۽ احساس يقينا ً پڙهندڙن جي دلين کي ڇُهندا ۽ فياض جو هي سُهڻو ڪِتابُ پيار ڪندڙن جي هٿن ۾ مُرڪندي نظر ايندو.
آنلائن پڙهو | پي ڊي ايفهي ڪتاب شاهد حميد جي شاعريءَ جو پهريون مجموعو آهي. ساجد سنڌي لکي ٿو:”جڏهن شاهد حميد جي ڪوتائن کي پڙهجي ٿو ته سندس شاعري جو هڪ وسيع جهان مختلف صنفن جي روپ ۾ اسان کي اسان جي اندرجو آئينو پسائي جتي نٽهڻ اس ۾ گهاٽي ڇانوري جو احساس ڏياري ٿو، اتي زندگيءَ جي غيرمعنويت رمزن جا راز پڻ سلجهائي ٿو. نهايت سادي ۽ ماٺيڻي طبيعت جي مالڪ شاهد حميد جي شاعري ۾ موجود احساسن جي پختگي سندس تڙپ ۽ اندر ۾ آيل ولوڙ کي اڀاري ٿي. جنهن ۾ سندس داخلي ۽ خارجي ڪيفيتن جي اپٽار جابجا جهلڪندي نظر اچي ٿي.“
آنلائن پڙهو | پي ڊي ايفواڪا منهنجي وس! هڪ بهترين شاعريءَ جو مجموعو، لاجواب احساسن ۽ جذبن جي ترجماني آهي، ۽ هر غزل (ڪلام) ۾ اتساهه ڏيندڙ خيال نظر آيو.
آنلائن پڙهو | پي ڊي ايفنئون ڪتاب ”اڃ جو آسمان“ اوهان اڳيان پيش آهي. غزلن جي هن خوبصورت مجموعي جو تخليقڪار بدر شاهه آهي. بدر شاهه پنهنجي ٽهيءَ جو هِڪُ سنجيده ۽ سُڄاڻ شاعِرُ آهي. غزلُ سندس اندرَ جي اظهارَ جو مضبوط حوالو آهي ۽ هُنَ گهڻي قدر غزلَ ئي لکيا آهن. بدر شاهه جي شاعراڻي اوسر سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ جي تنقيدي نشستن ذريعي ٿي آهي. سندس غزلن ۾ سندس اندرَ جون اڪيلائيون ۽ سماجَ پاران ڏنلَ گهاوَ محسوس ڪَري سگهجن ٿا. اسين سمجھون ٿا ته بدر شاهه جي شاعريءَ جو هي پهريون ڪِتابُ سنجيده شاعريءَ تي نِگاهه رکندڙَ نقادن ۽ پِڻُ پڙهندڙن جي توجهه جو مرڪز بڻجندو.
آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف ڪتاب ”جيڪڏهن“ اوهان اڳيان پيش آهي. غزلن جي هن خوبصورت مجموعي جو تخليقڪار ناميارو شاعر حسين جاگيراڻي آهي.
حسين جاگيراڻيءَ هونئن ته شاعريءَ جي گهڻين ئي مُــرَوِج صنفن ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي پر غزلَ سان هُنَ خاص اُنسيتَ رَکي آهي. هي ڪتاب سندس انهن ئي غزلن جو مجموعو آهي. سنڌي شاعريءَ جي بيشُمار آوازن منجھان حسين جاگيراڻيءَ جو هي آواز يقيناً اوهان پڙهندڙن جي دلين تي دستڪَ ڏيندو.