جعفر جاني

نامياري شاعر محمد جعفر ولد سر سبحاني ڊومڪيءَ، 05 مارچ 1972ع تي ڳوٺ حسين بخش گولاٽو، تعلقي جيڪب آباد ۾ جنم ورتو. سندس ادبي سڃاڻ جعفر جانيءَ جي نالي سان آھي. هن پرائمري محرابپور مان، مئٽرڪ هاءِ اسڪول جيڪب آباد مان 87-1986ع ۾ ڪئي ۽ ڪجهہ سالن جي وقفي کان پوءِ، انٽر 1992ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج جيڪب آباد مان پاس ڪيائين. هن شاعريءَ جي شروعات 1997ع ڌاري ڪئي. سندس شاعري سنڌ جي مڙني رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجندي رهي آهي. ساڳئي سال سنڌي ادبي سنگت شاخ ٺل سان وابستہ رهيو.
جعفر جانيءَ جي شاعريءَ ۾ رومانوي ۽ سماجي شعور موجود آهي. 1992ع کان پوليس ملازمت ڪري رهيو آهي. جعفر جانيءَ جو شمار سنڌ جي انھن چند شاعرن ۾ ٿئي ٿو، جن سنڌي غزل کي نئون موڙ ڏئي پنھنجي حيثيت ٺاهي آهي. سندس شاعريءَ جو هڪ ڪتاب ’ڳوڙهن ڳاڙهو ويس‘  آگسٽ 2011ع ۾ سنڌي ادبي سنگت ٺل طرفان شايع ٿي چڪو آهي.
 

  • جنم: 1972-03-05
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image