فيض احمد فيض
فيض احمد فيض (پيدائش: 13 فروری 1911ء– وفات: 20 نومبر 1984ء) برٽش انڊيا جي شھر ناروال جي ڪالا قادر ڳوٺ ۾ ھڪ سيالڪوٽي گهراڻي ۾ جنم وٺندڙ فيض احمد وڏو ٿي اردو جو سڀ کان وڏو ترقي پسند شاعر بڻجي فيض احمد فيض جي نالي سان اردو شاعري جي آسمان تي چمڪيو. پاڻ پاڪستان اندر ترقي پسند تحريڪ جو روح ڦوڪيندڙ ڪميونسٽ خيالن وارو شاعر ھيو
سندس پيء ھڪ وڪيل ھيو جيڪو افغانستان جي بادشاھ امير امان اللہ خان جو چيف سيڪريٽري پڻ رهيو ، جنھن امان الله خان جي آتم ڪٿا پڻ لکي ھئي. فيض جي ماء جو نالو فاطمہ ھيو. فيض شاعري لکڻ جي شروعات اسڪاچ مشن اسڪول، سيالڪوٽ ۾ ڏھين درجي ۾ پھچندي ڪئي.ھن گريجوئيشن گورنمينٽ ڪاليج لاھور مان ڪئي ۽ ساڳي ڪاليج مان 1932 ۾ انگريزي ادب ۾ ايم اي جي ڊگري حاصل ڪئي. 1935 ۾ محمدن اينگلو اورينٽل ڪاليج،امرتسر ۾ انگريزي ۽ برطانوي ادب جو ليڪچرار مقرر ٿيو. ھن 1936 ۾ سجاد ظھير ۽ صاحبزرادي محمود الظفر سان ملي انجمن ترقي پسند مصنفين جو بنياد وڌو.1942 ۾ فوج ۾ ڪيپٽن جي حيثيت سان ملازم ٿيو ۽ ان جي مقرري عام تعلقاتن جي شعبي ۾ جنرل اڪبر خان رهي. پاڻ 1943 ۾ ميجر ۽ 1944 ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل جي عھدي تي فائز رهيو. 1947 ۾ استعفي ڏئي لاھور ۾ رهائش اختيار ڪندي پاڪستان ٽائيمز اخبار جي ايڊيٽر ٿيو ۽ ساڳي سال سجاد ظھير، جلال الدين عبدالرحيم ۽ ٻين سان گڏجي پاڪستان جي ڪميونسٽ پارٽي جو بنياد وڌو. 1948 ۾ پاڪستان ۾ ٽريڊ يونين فيڊريشن جو نائب صدر چونڊيو ويو ازدواجي زندگي 1941 ۾ ھن برطانوي شھري ايلس جارج سان سرينگر ۾ شادي ڪئي .ھنن جو نڪاح شيخ محمد عبدالله پڙهايو ۽ انهن ھني مون ڪشمير جي مھاراجا ھري سنگھ جي پري محل ۾ ملهايو.[1]
عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لئنگئيج انجنيئرنگ پاران ھيءُ نرالو پروگرام جاري ڪيو پيو وڃي، جنھن کي اسان نالو ”پاڻمرادو ھيسڌار پروگرام“ ڏيئي رھيا آھيون. ھي بڻيادي طور تي ٻن لفظن جو ڳٽڪو آھي يعني (ھ + سڌار). اسان ڏسي رھيا آھيون تہ انٽرنيٽ ۽ ڪتابي دنيا ۾ سنڌي ٻوليءَ جي لکت ۾ ”ھ“ جون اڻڳڻيون چڪون موجود آھن، جن جي ڪري سنڌي ٻوليءَ لاءِ اڳتي ھلي ڪافي مونجهارا ٿيندا. انڪري ھي پروگرام ترتيب ڏنو ويو آھي جو ھتي سنڌيءَ ۾ اڻ سڌريل مواد جنھن ۾ ”ھ“ جون شڪليون (ھ، ہ، ھـ، ـھـ، ـھ، ـهـ، ـه ۽ ـہ) درست نہ ھجن اھو رکي اوھان صرف بٽڻ دٻايو تہ سڄي جو سڄو متن درست ٿي وڃي. (ھي پروگرام بڻيادي چڪون درست ڪري ٿو، ھن تي ڪم اڃا ھلي رھيو آھي، انڪري گھرو يا گهرو جھڙن ٻولن بابت اوھان کي نشاندھي ڪندو.)
راولپنڊي سازش ڪيس لياقت علي خان آمريڪا جي دوري کانپوءِ ڪميونسٽ پارٽي ۽ پاڪستان سوشلسٽ پارٽيءَ تي بندش لڳائي ڇڏي جنھن بعد 23 فيبروري 1951 ۾ ميجر جنرل اڪبر خان جي گهر تي ھڪ خفيہ ميٽنگ ٿي ان ۾ ٻيا فوجي عملدار ، فيض احمد فيض ۽ سجاد ظھير بہ شريڪ ٿيا ۽ انهن تي الزام لڳو تہ ان ميٽنگ ۾ لياقت علي خان جي حڪومت کي ڪيرائڻ جي منصوبي تجويز ڪئي وئي. اھڙي طرح ان الزام ھيٺ گرفتاريون ٿيون ۽ ڪيس داخل ڪيو ويو جيڪو راولپنڊي سازش ڪيس جي نالي سان مشھور ٿيو. ان ڪيس ۾ فيض کي 9 مارچ 1951 ۾ گرفتار ڪري چار سال سرگوڌا، ساھيوال، حيدرآباد، ۽ ڪراچي جيلن ۾ رکيو ويو جتان 2 اپريل 1955 ۾ آزاد ٿيو.زندان نامہ جا اڪثر نظم ان عرصي ۾ لکيا ھئائين.جيل کان آزادي کان پوءِ لنڊن ھليو ويو ۽ اتي خاندان سميت رهائش اختيار ڪيائين.1964 ۾ لنڊن کان واپس ٿي ڪراچيءَ جي عبدالله ھارون ڪاليج ۾ پرنسپال مقرر ٿيو آخري دور ۽ وفات 1972 ۾ ذوالفقار علي ڀٽو کيس وزارت ثقافت ۽ تعليم ۾ صلاحڪار مقرر ڪيو. 1979 ۾ ملڪ ڇڏي بيروت ۾ رهائش اختيار ڪيائين پر 1982 ۾ لبنان ۾ خانہ جنگي جي ڪري واپس موٽي آيو. 1984 ۾ لاھور ۾ وفات ڪري ويو
- جنم: 1911-02-13
- ورسي: 1984-11-20
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل