محمد انور بلوچ
ڪھاڻيڪار، ناول نويس ۽ ڊرامي نگار انور بلوچ جو جنم 16 اپريل 1952ع تي ڳوٺ محمد حسين بليدي، تعلقي نصير آباد، ضلعي شھدادڪوٽ ۾ ٿيو. تعليم بي. ايس. سي (فاريسٽري) ۽ ايم. اي اڪنامڪس اٿس. ان کان علاوہ آبپاشي ۽ واٽر مئنيجمينٽ بابت آمريڪا ۽ لاهور مان تربيت ورتل اٿس. سندس تصنيفن ۾ سنگسار (ڪھاڻيون: 1990ع)، ڪپيل ھٿ (ڪھاڻيون: 1991ع)، اي ٽرپ ٽو آمريڪا (سفرنامو: 1996ع)، ٿوهر ڳاڙها گل جلد- پھريون (نوٽ بوڪ تان: 1998ع)، ميرو پاڻي سنڌوءَ جو (ڪھاڻيون: 2000ع)، ڪارو پاڻي (ڪھاڻيون: 1998ع)، آڪاش کان اڳتي (ناول:1998ع) ٿوهر ڳاڙها گل جلد-ٻيو (نوٽ بوڪ تان: 2004ع)، مان منصور تہ ناهيان پر...... (مضمون، مقالا ۽ مھاڳ: 2004ع)، پلصراط تي هڪ وک (ڪھاڻيون: 1996ع)، دوزخ مان دري (ناول: 2006ع)، ديس نماڻو ارڏا ماڻھو (مھاڳ، مقالا، مضمون: 2009ع) ۽ ايلشبا (ناول: 2009ع)، باک ڦٽيءَ جو سوجهرو (ناول:2009ع) شامل آهن. پاڻ فاريسٽ ڊپارٽمينٽ ۾ آفيسر آھي.
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل