دادن ثقلين لاشاري
ڄَم جو نالو دادن خان لاشاري
تخلص ثقلين
جنم جمعو، 06 مئي 1988
ڄَم جو ھنڌ: قمبر
دادن ثقلين لاشاري 6 مئي 1988ع تي سنڌ جي ڳوٺ ڪوٽ غلام شاھ، تعلقو قنبر ۾ ڄائو. هن جو ٻالڪپڻ سنڌ جي ثقافتي ۽ علمي ماحول ۾ گذريو، جنھن سندس شخصيت جي جوڙجڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
تعليمي سفر:
دادن ثقلين لاشاري اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪافي محنت ڪئي. هن شاهه عبداللطيف يونيورسٽي (SALU) دادن ثقلين لاشاري سوشيالاجي ۾ ايم اي ڪئي ۽ پوءِ سنڌ يونيورسٽي مان پاڪستان اسٽڊيز ۾ ايم اي ڪئي، جتي پهرين پوزيشن حاصل ڪري پنهنجي ذهانت جو ثبوت ڏنو.
ادبي سفر:
دادن ثقلين لاشاري نہ رڳو تعليمي ۽ انتظامي شعبن ۾ پاڻ ملهايو، پر ادب ۾ بہ پنهنجي منفرد سڃاڻپ قائم ڪئي. هو شاعري، ڪهاڻين، تنقيد ۽ ناول نويسي جهڙن صنفن ۾ ڪمال مهارت رکي ٿو. سندس ٻہ ڪتاب ڇپيل آهن:
مٽي جو مڪتب (شاعري)
اکين جو آپگهات (ڪهاڻيون)
هن جي تحريرن ۾ سنڌ جي مٽيءَ جي خوشبو، سماجي حقيقتن جو اولڙو ۽ فڪري گهرائي محسوس ٿئي ٿي.
پيشہ ورانہ سفر:
دادن ثقلين لاشاري هڪ استاد جي حيثيت ۾ مختلف ادارن ۾ ڪم ڪيو آهي. سندس تدريس واري ڪيريئر جا اهم مرحلا هي آهن:
ليڪچرار، IBA نوشهرو فيروز
ليڪچرار، سنڌ يونيورسٽھليڪچرار، شهيد محترمہ بينظير ڀٽو يونيورسٽي نواب شاھ
ليڪچرار، IBA سکر
ليڪچرار، ڊگري ڪاليج قنبر
تعليم جي شعبن ۾ پنهنجي غير معمولي ڪارڪردگي کانپوءِ هن مقابلن جي امتحانن ۾ پڻ ڪاميابي حاصل ڪئي. CSS 2014 ۾ OMG گروپ ۾ چونڊجي آيو. ان کان سواءِ PCS ۾ سنڌ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪرڻ سندس قابليت جو ثبوت آهي.
موجوده عھدو:
ھن وقت دادن ثقلين لاشاري سنڌ حڪومت جي هيلٿ ڊپارٽمينٽ ۾ ڊپٽي سيڪريٽري طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.
دادن ثقلين لاشاري هڪ گهڻ رخي شخصيت آهي، جيڪا علم، ادب ۽ انتظامي ميدان ۾ هڪ شانائتي مثال آهي. سندس زندگي انهن ماڻهن لاءِ الهام آهي، جيڪي تعليم، محنت ۽ پنهنجي صلاحيتن جي بنياد تي ڪاميابي حاصل ڪرڻ چاهين ٿا.
- جنم: 1988-05-06
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل