ھري دلگير
سنڌ ھند جي پھرين صف جو ناميارو جديد شاعر ھري دلگير درياڻي، 15 جون 1916ع تي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. پيءُ جو سترهون ۽ آخري ٻار ھو. سندس والد گرڏنو مل درياڻي، فرسٽ ڪلاس ريزيڊنٽ مئجسٽريٽ ھو. ھري دلگير شروعاتي ٽي سال پرائمري تعليم لاڙڪاڻي ميونسپالٽيءَ جي سنڌي اسڪول مان حاصل ڪئي، جتي ھوشيار ھئڻ ڪري ڊبل پروموشن ورتائين. بعد ۾ لاڙڪاڻي ۾ پليگ جي بيماري پوڻ ڪري والد ۽ والدہ سان گڏ روھڙيءَ ۾ وڃي رهيو، جتي سندس والد فرسٽ ڪلاس ريزيڊنٽ مئجسٽريٽ ھو. اتي ٽيون ۽ چوٿون درجو انگريزي پڙهڻ کان پوءِ باقي تعليم گورنمينٽ ھاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان ورتائين، جتان 1934ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين. مئٽرڪ ۾ پرڀو وفا (مشھور شاعر) سندس ھم ڪلاسي ھو. مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ ھري دلگير، بي. ايس. سي(B.Sc) ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ مان ۽ بي. اِي (سول)N.E.D انجنيئرنگ ڪاليج ڪراچيءَ مان 1941ع ۾ (بمبئي يونيورسٽيءَ مان) پاس ڪئي. 1942ع ۾ سرڪاري ملازمت ۾ داخل ٿيو. پھرين اوورسيئر ٿيو، پوءِ سب انجنيئر ۽ آخر ۾ ايگزيڪيوٽوِ انجنيئر رهيو. ھن لاڙڪاڻي، دادو، حيدرآباد وغيرھ ۾ ملازمت ڪئي ۽ فرض شناسيءَ، محنت ۽ ايمانداريءَ ۾ پنھنجو نالو ڪڍايو.
ھري دلگير کي ادبي ماحول گهر ۾ ئي مليو. سندس پيءُ گرڏنو مل شاعر ھجڻ سان گڏ اخبارن ۾ مضمون پڻ لکندو ھو، جنھنڪري ھن جي گهر ۾ڪتابن جو چڱو ذخيرو موجود ھوندو ھو. چوٿين درجي انگريزيءَ ۾ پڙهڻ دوران ھري دلگير، ڪشنچند بيوس جو ڪلام ’شيرين شعر‘ پڙهي ان کان بيحد متاثر ٿيو ۽ ھن ۾ بہ شاعري ڪرڻ جو جذبو جاڳيو.
ھري دلگير پھريون شعر 10، 11 سالن جي عمر ۾ لکيو. لاڙڪاڻي ۾ ان وقت مشاعرا گهڻا ٿيندا ھئا. ھري دلگير جي دوستي ھوندراج دُکايل سان ٿي، جيڪو ھن کان ڇھه ست سال وڏو ھو ۽ قومي ھلچل جو سرگرم اڳواڻ ۽ جوشيلو شاعر ھوندو ھو. پرڀو وفا تہ اڳيئي سندس دوست ھو. ان کان سواءِ ان ئي وقت ۾ ھري دلگير جي ڪشنچند بيوس سان پڻ صحبت ٿي. ائين ھن کي شاعري ڪرڻ جو وڌيڪ اُتساھ مليو. ھري دلگير جي ھمعصرن ۾ پرڀو وفا، رام پنجواڻي، گوبند ڀاٽيا ۽ ٻيا شامل ھئا. 1930ع ۾ ھري دلگير جو پھريون شعر، شڪارپور مان بولچند راجپال جي ادارت ھيٺ نڪرندڙ مشھور سنڌي رسالي ’سنڌوءَ‘ ۾ ڇپيو. ساڳئي سال سندس ھڪ شعر لاڙڪاڻي جي ھڪ ھفتيوار اخبار ۾ ڇپيو، جيڪو ان وقت جي مشھور شاعر نواز علي ’نياز‘ جعفريءَ جي نظرن مان گذريو، جنھن ھري دلگير جي دل کولي ھمت افزائي ڪئي ۽ کيس علم عروض جي ڄاڻ ۽ شاعريءَ جي سکيا ڏني. ھري دلگير ھڪ ھنڌ لکيو آھي تہ، ”استاد نواز علي ’نياز‘ کان مون شعري فن سکيو ۽ بيوس سائين (ڪشنچند) کان ڪويتا جي پرک پرايم.“ اھڙيءَ طرح نواز علي ’نياز‘ ۽ ڪشنچند ’بيوس‘ ھن جا شعر ۾ اُستاد ٿيا. انهيءَ وقت لاڙڪاڻي ۾ طرحي مشاعرا ٿيندا ھئا، مصرع طرحَ گهڻو ڪري اردوءَ مان ترجمو ڪري ڏني ويندي ھئي، جنھن تي شاعر پنھنجو شعر جوڙيندا ھئا. اھڙي ئي ھڪ مشاعري ۾ ھري دلگير پنھنجو شعر پڙهيو. ان وقت سندس عمر 14 سال ھئي. انهيءَ شعر تي کيس تمام گهڻو داد مليو. NED ڪاليج ۽ ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ۾ پڙهڻ دوران ھري دلگير جي شاعري خوب پروان چڙهي، ھن خوب لکيو ۽ نالو ڪڍيو. اتي ئي ڪاليجي تعليم دوران ھي رومانوي رنگ ۾ رڱجي ويو ۽ 1939ع ۾ نانڪي ھنڱوراڻيءَ سان سندس شادي ٿي. 1941ع ۾ ’سنڌو‘ رسالي جي ايڊيٽر بولچند وسو مل راجپال، ھري دلگير کي رسالي جي شاعريءَ واري ڀاڱي جو انچارج مقرر ڪيو، جيڪا ذميواري ھن اڍائي سالن تائين نڀائي. 1941ع ۾ مشھور ڪھاڻيڪار امر لعل ھنگوراڻيءَ سان گڏجي ھن ’ساھتي‘ رسالو ڪڍيو، جيڪو رسالو ڪرائون سائيز جي 20 صفحن تي مشتمل ھوندو ھو ۽ اُن جي قيمت ھڪ آنو ھوندي ھئي. ان رسالي جون ان وقت ڇھه ھزار ڪاپيون نڪرنديون ھيون. فتح چند واسواڻي، جيڪو حيدرآباد مان ’سنڌي ساھتيھ‘ رسالو ڪڍندو ھو، اُن ھري دلگير جو پھريون طبعزاد شعري مجموعو ’ڪوڏ‘ 1941ع ۾ ڇپايو. ھري دلگير جو ٻيو شعري ڪتاب ’هرشچندر جيون ڪوتا‘ 1942ع ۾ ڇپيو، جن ٻنهي ڪتابن تي کيس سنڌ سرڪار جي قائم ڪيل ’سنڌي ساھتيہ لاءِ صلاحڪار بورڊ‘ پاران انعام ڏنو ويو. ھري دلگير 1946ع ۾ ٻارن جي رسالي ’گل ڦل‘ ۽ ’گلستان‘ جي شاعريءَ جي ڀاڱي جو ايڊيٽر پڻ رهيو.
1955ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ ھندستان مان ھجرت ڪري آيل پناھگير مسلمانن فساد ڪرايا، ان موقعي تي ڪن دوستن ھري دلگير کي سنڌ ڇڏڻ جي صلاح ڏني، پر ھن مادر وطن کي ڇڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. 5 ڊسمبر 1955ع تي ھري دلگير جي والد وفات ڪئي، پوءِ بہ ھن سنڌ نہ ڇڏي. 1957ع ۾ سندس امڙ بہ لاڏاڻو ڪري وئي. ماءُ جي وفات کان پوءِ ھڪ ڀيرو ڀارت جو چڪر ھڻي آيو، جتي دوستن کيس ھند اچڻ لاءِ چيو، پر پوءِ بہ ھن سنڌ نہ ڇڏي. اتان واپس سنڌ موٽي اچڻ بعد ماءُ ۽ پيءُ جي عدم موجودگيءَ ۾ اداس گذارڻ لڳو. ان وچ ۾ پاڪستان جون حالتون سچن ۽ محب وطن ماڻهن لاءِ ڪجھه ڏکيون ٿي ويون. نيٺ ھڪ ڏينھن ھن دوستن جي زور ڀرڻ تي ڀڳيءَ دل سان سنڌ ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو. ائين ھري دلگير 1958ع جي آخر ۾ سنڌ سان الوداع ڪري، جنوري 1959ع ۾ آديپور (ڪڇ) ۾ وڃي مستقل طور رهيو. ڀائي پرتاب مشن پاران مٿس نون ڪاليجن کولڻ جو ڪم رکيو ويو. گانڌيڌام ۾ ڪجھه اسڪول سندس دوست ھوندراج دکايل جي قائم ڪيل مئتري منڊل پاران ھندي ميڊيم ۾ اڳ ئي ھلندا ھئا. ھري دلگير ھن اداري جو ٽرسٽي سيڪريٽري مقرر ٿيو ۽ ھوندراج دکايل ٽرسٽ جو مکيہ ميمبر ھو. اھڙيءَ ريت ھري دلگير پھرين اتان جي تولاڻي انجنيئرنگ انسٽيٽيوٽ جو باني پرنسپال ٿيو. بعد ۾ 1961ع ڌاري آديپور ۾ پوليٽيڪنڪ ڪاليج قائم ڪيو. تولاڻي خاندان جي ھنن تعليمي ادارن جي سار سنڀال سان گڏ ھري دلگير 1961ع کان 1973ع تائين گانڌيڌام ڪوآپريٽوِ بئنڪ جو چيئرمئن پڻ رهيو. 1968ع ۾ ڪانگريس جي ٽڪيٽ تي گانڌيڌام ميونسپل جو صدر بہ چونڊيو، پر راجنيتي رمزن مان بيزار ٿي ميمبريءَ جي مُدي پوري ٿيڻ کان ٽي سال اڳ ئي استعيفا ڏئي ڇڏيائين. ھي گانـڌيـڌام روٽـري ڪـلـب جـو صـدر، گانـڌيڌام ميونسپالٽيءَ جو صدر (1965ع) بہ رهيو. سندس واسطو ’ساھتيہ اڪاڊمي‘ ۽ ھند سرڪار جي سنڌي صلاحڪار بورڊ، نيشنل بوڪ ٽرسٽ، گجرات ساھتيہ اڪاڊمي، بمبئيءَ ۽ گجرات جي يونيورسٽين جي سنڌي بورڊن سان زندگيءَ جي آخرين گهڙين تائين برقرار رهيو. ھري دلگير سنڌي ساھتيہ اڪادمي گجرات جو 1994ع کان 1999ع تائين چيئرمئن بہ رهيو.
ھري دلگير جي ڇپيل ڪتابن ۾: (1) ڪوڏ (1941ع)، (2) ھرشچندر جيون ڪوتا (1942ع)، (3) موجي گيت (ڪشنچند بيوس سان گڏ: 1942ع)، (4) ماڪ ڦُڙا (نارائڻ شيام سان گڏ: 1953ع)، (5) موج ڪئي مھراڻ (1966ع)، (6) ڪھاڻي ڪـرم يـوگـيءَ جـي (1975ع)، (7) پـل پـل جو پڙلاءُ (1977ع)، (8) امر گيت (1981ع)، (9) مزيدار گيت (ٻارن لاءِ: 1983ع)، (10) رولو آواز (1984ع)، (11) گيت گلابي (ٻارن لاءِ: 1987ع)، (12) چولو منھنجي چڪـ ۾ (آتم ڪٿا: 1987ع)، (13) جهنگلي گُل (1988ع)، (14) پروليون (ٻارن لاءِ: 1991ع)، (15) جپ صاحـب (1991ع)، (16) لھرن لـک لـبـاس (1993ع)، (17) اڪيلو چنڊ (1998ع)، (18) صبح جو سھاڳ (2001ع)، (19) گند منھنجي گـوڏ ۾ (آتـم ڪـٿـا: ڀاڱـو ٻيـو: 2003ع)، (20) جـيءَ، جـيءَ جـيءَ ڙي جــيءَ (2003ع)، (21) گاھ کليا گس گس (ترائيل: 2004ع) وغيرھ شامل آھن.
ھري دلگير جا ھيٺان ڪتاب ترتيب ڏنل آھن:
(1) بيوس جو چونڊ ڪلام معنيٰ سان (1988ع) (2) بيوس جي ڪوتا جو جائزو (1993ع) (3) آزادي آندولن جا گيت (1994ع)
ھري دلگير جي ڪتابن ۽ سندس علمي ادبي خدمتن تي کيس ڪيترائي اوارڊ مليا، جن ۾: (1) ڪـتاب ’پـل پـل جـو پڙلاءُ‘ تي 1979ع ۾ ساھتيہ اڪيڊمي اوارڊ، (2) ’مزيدار گيت‘ تي سينٽرل ھندي ڊائريڪٽوريٽ، گورنمينٽ آف انڊيا، نئيـن دھلي پـاران اوارڊ (1984ع)، (3) ’رولو آواز‘ تي ھند سرڪار جو انعام (1985ع)، (4) ادبي خدمتن تي ’پريہ درشني اوارڊ‘ (1992ع)، (5) گجرات ساھيتہ اڪيڊمي اوارڊ (1993ع)، (6) بهترين شـاعـريءَ تي ’نـارائـڻ شـيـام اوارڊ‘ (1996ع)، (7) سنڌي ادب جي واڌويجهه لاءِ ڪوششن تي ’انڊس انڊ اوارڊ‘ (1998ع) ۽ (8) لائيف اچيومينٽ اوارڊ ۽ 51000 روپيا روڪ ساھتيہ اڪادمي دھلي پاران (2003ع) ۽ ٻيا ڪيترا شامل آھن.
ھري دلگير جي شخصيت، شاعري، فن ۽ فڪر تي ھيٺيان ڪتاب ڇپجي چڪا آھن:
(1) سدا ھجن ھوت حيات (سنگيتا پبليڪيشن، بڙودا: 1986ع) (2) ھري دلگير- ھڪ اڀياس (ڀڳوان نردوش: 1992ع (3) ھري دلگير- شخص ۽ شاعر (آشا رنگواڻي: ايم فل جي ٿيسز: 1999ع) (4) ھري دلگير (سنڌو جوت دھليءَ جو خاص نمبر)
ھري دلگير درياڻي، 12 اپريل 2004ع تي گانڌيڌام ۾ وفات ڪئي.
- جنم: 1916-06-15
- ورسي: 2004-04-12
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل