انور شيخ

ناميارو شاعر ۽ ڪھاڻيڪار أنور شيخ 12 سيپٽمبر 1969ع تي پرائمري استاد فتح محمد شيخ جي گهر شڪارپور جي رستم روڊ واري علائقي، ڪوٽ اختر ۾ جنم ورتو. انور شيخ لاءِ ابتدائي طور تي پنھنجي پيءُ پاران گهر ۾ آندل ڪتاب ۽ رسالا، دلچسپي ۽ اتساھ جو سبب بڻيا. ھو پنھنجي پاڙي ۾ پرائمري پڙهيو. ھاءِ اسڪول ون مان ميٽرڪ ڪيائين. سي اينڊ ايس ڪاليج مان انٽر ڪيائين. آخر ۾ شاھ لطيف يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪيائين. أنور شيخ ھن وقت سنڌ حڪومت جي پوليس کاتي ۾ آفيسر آھي.
انور شيخ جڏهن اڃا نائين درجي ۾ پڙهندو ھو تہ 17 ورهين جي ڄمار ۾ ھن لائون لڌيون. ھن جي پھرين ڪھاڻي، 1999ع ڌاري، ماھوار سوجهرو ۾ ”درد جو انگاس“ جي عنوان سان شايع ٿي. ان بعد ھو لاڳيتو سوجهرو ۾ لکندو رهيو. ھن جو جڏهن پھريون ڪھاڻين جو مجموعو 2013ع ۾ ”ماءِ پبليڪشن“ پاران مارڪيٽ ۾ ”اندر جو انگاس“ جي نالي سان آيو تہ ڪتاب ھٿئون ھٿ وڪامجي ويو. ڪنھن بہ پھرئين ڪتاب اچڻ کانپوءِ، ان جو تڪڙو ٿي کپي وڃڻ، ليکڪ ۽ پبلشر لاءِ وڏي اعزاز واري ڳالھہ ھوندي آھي. ان کانپوءِ 2014ع ۾ ساڳي پبليڪيشن پاران سندس لکيل ناول ”اڻ سڃاتل“ مارڪيٽ ۾ آيو. سندس ٻيو ڪھاڻين جو مجموعو ”آخري ڏوھ“ 2017ع ۾ ماءِ پبليڪشن پاران ڇپايو ويو. جڏهن تہ انور شيخ جو ٻيو ناول ”ڪاڪو سپاھي“ تي پڻ تمام تيزي سان ڪم ھلي رهيو آھي. انور شيخ جون ھيل تائين 60 کان مٿي ڪھاڻيون، مختلف نامور رسالن ۾ ڇپجي مڃتا ماڻي چڪيون آھن. 
سندس پھرين ڪھاڻين جي ڪتاب جو اردو ترجمو، نامور ڪھاڻيڪار ننگر چنہ ڪيو آھي. ڀارت ۾ نامور پندرهن سنڌي ڪھاڻين جي ڇپيل ڪتاب ۾ بہ انور شيخ صاحب، چوٽيءَ جي سنڌي ڪھاڻيڪارن شيخ اياز، امر جليل، شوڪت شورو، ساحل ابڙو، نسيم کرل سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملايون بيٺو آھي. 
اها حقيقت آهي تہ انتھائي ٿوري عرصي ۾، انور شيخ پنھنجي ڪھاڻين جي مقبوليت جي حوالي سان جيڪا مڃتا ماڻي آهي سا تمام ٿورڙن اديبن جي حصي ۾ آئي آهي. انور شيخ، بنيادي طور تي تمام سٺو شاعر آهي. پر ڪھاڻيءَ تي جيتري هن جي گرفت مضبوط آهي يا بھتر ريت هن ان سان نڀاءُ ڪيو آهي، سو بہ گهٽ ناهي.

  • جنم: 1969-09-12
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image
book image