نسرين الطاف

شاعرہ ۽ ڪھاڻيڪارہ نسرين الطاف 14 آگسٽ 1965 تي شھدادپور شھر جي وڏي تعليمدان ۽ پنھنجي وقت جو بھترين استاد “الطاف حسين قريشي” جي گهر جنم ورتو.  ھن پرائمري تعليم پنھنجي اباڻي شھر شھدادپور جي گورنمينٽ مين سنڌي پرائمري اسڪول مان، مڊل کان مئٽرڪ گورنمينٽ گرلس ھاءِ اسڪول شھدادپور، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج شھدادپور مان بي. اي، بي ايڊ ۽ ايم ايڊ اولڊ ڪئمپس حيدرآباد مان ڪيو. اڳتي ھلي ھن ڊبل ايم اي ڪئي، ايم. اي سنڌي ادب ۽ ايم. اي پوليٽيڪل سائنس سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ڪئي. پنھنجي شاندار تعليمي ڪيريئر کانپوءِ ھن 1985 ۾ پرائمري استاد طور تعليم کاتي ۾ عملي پير پاتو، اڳتي ھلي ھوءَ ايڇ. ايس. ٽي ٿي ۽ مختلف اسڪولن ۾ ھيڊ مسٽريس بہ رهي. 2007 کان تعليم کاتي ۾ انتظامي پاسي تي اينديADO (f)   مقرر ٿي، اي ڊي او فيميل طور ھن سانگهڙ، شھدادپور، سنجهورو، کپرو، ٽنڊوآدم، ڄام علي نواز ۾ ۽ ھن وقت ھو حيدرآباد ۾ پنھنجي نوڪري جا فرائض سر انجام ڏنا.
نسرين الطاف ادب توڙي سماجي سرگرمين ۾ ھميشہ مصروف ۽ سرگرم عمل رهي.  ھوءَ  سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن (خواتين شاخ) حيدرآباد جي صدر ۽ سنڌي ادبي سنگت ۾ پڻ سرگرم رھي ۽ سنگت جي عورت جوائنٽ سيڪريٽري رھي. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ 1987 ۾ پروڊيوسر الاھي بخش ٻانڀڻ جي ھڪ ڪلاڪ جي پروگرام ۾ ھن ميزبانيءَ جا فرائض انجام ڏيندي ريڊيو جو سفر شروع ڪيو تہ کيس ڀرپور موٽ ملي. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي 3 سال سگهڙين سٿ پروگرام، 2 سال ادبي پروگرام جي ميزبان جي حيثيت ۾ فرائض انجام ڏنا. 
نسرين الطاف ٻاراڻي وهي ۾ ئي ادبي کيتر  ۾ پير پاتو ۽  ٻاراڻي شاعري،  ڪھاڻيون ۽ مضمون لکيا جيڪي ان وقت جي ٻارڙن جي مشھور رسالن گل ڦل، ٻارڙن جي ٻاري ۽ گلن جھڙا ٻارڙا ۾ شايع ٿيا. لکڻ جو سلسلو آخري وقت تائين جاري رکيو ۽ سنڌ جي ھر مئگزين، رسالي توڙي اخبارن ۾ ڇپبي رهي آھي. سندس مواد عبرت مئگزين، سنڌو ڊائجسٽ، بختاور، سرتيون، ھزار داستان، سوجهرو، ڪاوش، آفتاب، سرواڻ، سنڌ نيوز، الوحيد، تعمير سنڌ ۽ ٻين بہ ڪيترين اخبارن ۽ ميگزينن ۾ ڇپجندو رھيو،  سندس ڇھ ڪتاب ڇپجي چڪا آھن، جن ۾  (1) درد جي ڇانو ۾ (شاعري) 2015. (2) رڻ ٿو رڙيون ڪري (شاعري) 2016. (3) رات وهامي ٿي (شاعري) 2017. (4) مون ۾ تون موجود  (شاعري) 2018. (5) شمع ٻاريندي شب (شاعري) 2019. (6) منهنجا گيت اڃارا (شاعري) 2022. سندس اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ ٽي ڪتاب تيار آھن، جنھن ۾ ھڪ ڪتاب مختلف اخبارن ۾ ڇپيل ڪالمن جو، ٻيون ڪتاب ڪھاڻين جو مجموعو ۽ ٽيون ڪتاب شاعري جو مجموعو آھي.
نسرين الطاف 20 جون 2025ع تي دل جي دوري سبب اسان کان وڇڙي وئي،

  • جنم: 1965-08-14
  • ورسي: 2025-06-20
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image