اثر امام
ليکڪ، شاعر ۽ مترجم اثر امام ولد حافظ علي انور ھيسباڻي، پھرين مارچ 1979ع تي، ڳوٺ رسول بخش ھيسباڻي، باڊھہ، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم لاڙڪاڻي مان ۽ 2008ع ۾ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ايم اي (اسلامڪ ڪلچر) جي ڊگري حاصل ڪئي. 1993ع کان لکڻ جي شروعات ڪئي. 2008ع ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جو ميمبر ٿيو. ڪجهہ مھينن ۾ ئي کيس صوبائي ڪميٽيءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. مارچ 2010ع ۾ڪميونسٽ پارٽيءَ جي شاگرد تنظيم ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (ڊي. ايس. ايف) جو چيئرمئن مقرر ٿيو. 2016ع ۾ پارٽيءَ جي بنيادي ميمبر شپ ۽ ان جي شاگرد محاذ ڊي. ايس. ايف جي چيئرمئن واري عھدي تان استعيفيٰ ڏئي، عوامي ورڪر پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’مارڪسزم جا بنيادي اصول‘، ’مارڪسزم ڇا آھي؟‘، ’سوويت يونين ڪيون ٽوٽا؟‘ (سوويت يونين جي زوال تي يونان جي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي تحقيقي مقالي جو اردو ترجمو)، ’آڪٽوبر انقلاب اور بالشويڪ حڪمت عمليان‘ ۽ ”ووءِ ووءِ ڪندي وت“ (ڪالم/مضمون)شامل آھن.
- جنم: 1979-03-01
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل