وفا ناٿن شاهي
وفا ناٿن شاھي جو اصل نالو مشتاق علي قريشي ولد خيرات علي قريشي آھي. ھن جو جنم 15مئي 1943ع ۾ بنڊيالا ضلع امرتسر ڀارت (هندستان) ۾ ٿيو. ”وفا“ ناٿن شاھي جا وڏا بيڊيالا مان لڏي سنڌ ۾ آيا ۽ دادوضلعي خيرپور ناٿن شاھ تعلقي جي ھڪ ڳوٺ ”گوزي“ ۾ آباد ٿيا. ورھاڱي کان وٺي گوزي ۾ آباد ٿيڻ جي وچ واري عرصي ۾ کين مھاجر ڪئمپن ۾ گذارڻون پيو. گوزي ۾ رهڻ کانپوءِ کيس اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو. پھريون درجو پرائمري اسڪول گوزي ۽ پنجون درجو پرائمري اسڪول خيرپور ناٿن شاھ مان پاس ڪيائين. ميٽرڪ جو امتحان 1964ع ۾ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول خيرپور ناٿن شاھ مان پاس ڪيائين. غربت سبب ”وفا“ وڌيڪ پڙهي نہ سگهيو. تنھنڪري جانورن جي پالناواري کاتي يعني اينيمل ھسبنڊري کاتي مان اسٽاڪ اسسٽنٽ جو ڪورس ڪري. نوڪري ۾ گهڙيو. تنھن کانسواءِ ھو نجي طور تي پڙهندو بہ رهيو. انٽر سچل سرمست ڪاليج مان، بي اي ۽ ايم اي (پوليٽيڪل سائنس) سنڌ يونيورسٽيءَ مان پاس ڪيائين. ان کانپوءِ لا ڪاليج حيدرآباد ۾ داخلا ورتائين، جيڪو ھڪ سال ڪري ڇڏي ڏنائين.
اھا سٺ واري ڏھاڪي جي ڳالهہ آھي. ناٿن شاھ تہ اڳ ۾ ئي شاعرن سان ڀري پئي ھئي. ”بزم طالب“ ۽ ”بزم طالب المولى“ جي شاخ بہ ھوندي ھئي. مشاعرا عام جام ٿيندا ھئا. اھڙين محفلن ۾ اٿندي ويھندي ”وفا“ 1963ع ڌاري پنھنجو پھريون تخليقي غزل لکيو: ”وفا“ ناٿن شاھي جي لکيل شعري مواد ايترو تہ آھي جو ھوند ڪيترائي شعري مجموعا ٺھي پون. پر انهن مان فقط ٽي ڪتاب ”اکين ۾ الماس (2000ع)“، ”اوجاڳن جو انت“ ۽ ”وفا“ (2004ع) ڇپجي سگهيا آھن.
سنڌي ٻولي جي ھن يگاني شاعر, 3جنوري 2005ع تي ڪراچي ۾ لاڏڻو ڪري ويو.
- جنم: 1943-05-15
- ورسي: 2005-01-03
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل