ڊاڪٽر نواز علي شوق

سنڌ جي مشھور ليکڪـ، محقق، تعليمي ماهر، پروفيسر ڊاڪٽر نواز علي شوق سھرياڻي 10 جولائي 1937ع تي ڪنڌڪوٽ ضلعي ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۾ جنم ورتو. ھن ابتدائي تعليم ڪنڌڪوٽ مان حاصل ڪئي. گورنمنٽ هاءِ اسڪول ڪنڌڪوٽ مان مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ ممتاز ڪاليج خيرپور ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪئي. شوق صاحب سٻاجهي طبيعت ۽ ذهانت سبب ڪاليج ۾ گهڻو مقبول ٿي ويو ۽ شاگرد يونين جو نائب صدر چونڊجي ويو.  ان کان پوءِ اردو ادب ۾ ماسٽرس سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪئي. سنڌيءَ ۾ ايم اي ڪرڻ کان پوءِ مھيني اندر شوق صاحب اسلاميہ ڪاليج سکر ۾ سنڌي شعبي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. هن اٺ سال اسلاميہ ڪاليج سکر ۾ شيخ عبدالرزاق راز، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جي صحبت ۾ گذاريا ۽ اتي جي ادبي محفلن ۽ مشاعرن ۾ ڀرپور حصو ورتو. شيخ اياز، رشيد ڀٽي، حافظ خير محمد اوحدي ۽ آفاق صديقي سان ڪچھريون ڪندو رهيو. 3 جنوري 1972ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. 1978ع ۾ پير حسام الدين راشديءَ جي نگرانيءَ ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي. شوق صاحب ڪراچي يونيورسٽي مان سنڌي ادب ۾ پي ايڇ ڊي ڪرڻ وارو پهريون شخص آهي.
پاڻ ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي جو پروفيسر ۽ ھيڊ آف ڊپارٽمينٽ ٿيو. ڊاڪٽر نواز علي شوق ”شاهہ لطيف“ چيئر سان بہ سلھاڙيل رهيو. سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جو چيئرمين بہ رهيو آهي، تہ مختلف علمي، ادبي ڪميٽين جو ميمبر بہ رهيو آهي. سندس نگرانيءَ ۾ پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي مانجهي سميت سنڌ جي 14 شاگردن پي ايڇ ڊي ۽ ڪيترن ايم فل ۽ ٻيو تحقيقي ڪم ڪيو آهي. ڊاڪٽر نواز علي شوق جا مختلف موضوعن تي 45 کان وڌيڪ ڪتاب ڇپيل آهن.
 

  • جنم: 1937-07-10
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image
book image
book image