نور الدين ”نفيس“

نامياري شاعر ۽ نثرنگار نور الدين نفيس ٿھيم پھرين فيبروري 1961 ۾ جاتي شھر ۾ جنم ورتو. پيشي جي لحاظ کان ھو پرائمري استاد ھيو، نورالدين نفيس پنھنجي تخلص جيان مزاجن نفيس ھيو، طبعيت ۾ ماٺيڻو ۽ سھپ وارو ماڻھو ھيو. ادبي لحاظ کان ھو گهڻ رخو شخص ھو، وري جي سندس شاعري جي ڳالھ ڪيون، تہ ھو ڪمال جو شاعر ھو، سندس تخيل جي اُڏار اوچي ھئي، ھن جي ڪلام جو محور ڌرتي ۽ سرتي ھيو، ھن جي جيڪڏھن مزاحمتي شاعري پڙھجي ٿي تہ پتو پوي ٿو ھو ڌرتيءَ تي ساھ ڇڏيندڙ ڪوي ھو، ھن جاتي جھڙي پٺتي پيل علائقي مان ڌرتيءَ جي ستل ماڻھن کي جاڳ لاءِ ھن طرح سڏ ڪيا. سندس شاعري ءَ جو ڪتاب ”نگر نگر ۾ اوھانجي خوشبو“ 2018ع ۾ سمبارا پبليڪيشن پاران ڇپيل آھي. 
نورالدين نفيس شاعر سان گڏ ڀلوڙ ڊراما نگار، ھدايتڪار، ڪھاڻيڪار، مضمون نگار ۽ استاد ھيو. اھا حقيقت آھي تہ ھن گهٽ لکيو، پر اھو بہ سچ آھي تہ ھن ڀرپور لکيو، سندس پيش ڪيل اصلاحي ڊراما ويري رشتا، روشني، بي زبان ، روپلوڪولھي، جمعون جمن جمڙو، غدار، ڇڪ پنڌ کي ۽ بخت جي بازي اڄ بہ ماڻھن کي ياد آھن، انھن ڊرامن جو ڪھاڻيون بہ ھن پاڻ لکيون ھيون.
نورالدين نفيس 21 آڪٽومبر 2015 تي ڪجهہ ڏينھن جي علالت کانپوءِ ھميشہ لاءِ اسان کان وڇڙي ويو،

  • جنم: 1961-02-01
  • ورسي: 2015-10-21
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image