ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي
ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، شاھہ لطيف جو ناميارو پارکو، شارح ۽ سنڌي زبان جو باڪمال نثر نويس ٿي گذريو آهي. هن 8 مارچ 1884ع تي حيدرآباد جي گربخشاڻي عاملن جي خاندان ۾ جنم ورتو. هوتچند ابتدائي تعليم مقامي پرائمري اسڪول ۾ ورتي، ۽ سيڪنڊري تعليم نولراءِ هيرانند اڪيڊمي حيدرآباد ۾ وٺي، 1899ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان ڏنائين. هو 1900ع ڌاري ڏيارام ڄيٺمل آرٽس ڪاليج ۾ پڙهڻ لاءِ داخل ٿيو، جتان 1905ع ۾ بي. اي جي ڊگري حاصل ڪئي. ان کانپوءِ وڌيڪ پڙهڻ لاءِ بمبئي جي ولسن ڪاليج ويو، جتان 1907ع ۾ هن ايم. اي جي انگريزي ۽ فارسيءَ ۾ ڊگري حاصل ڪئي. ان بعد ٿوري وقت لاءِ هي انھيءَ ڪاليج ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ٿي رهيو. ٻئي سال 1908ع ۾ هي موٽي سنڌ آيو ۽ ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ۾ فارسيءَ جو پروفيسر مقرر ٿيو. ان کانپوءِ سمورو وقت انھيءَ ڪاليج ۾ نوڪري ڪندو رهيو، جتي هو گهڻو وقت وائيس پرنسپال ٿي رهيو ۽ 1937ع ۾ پرنسپال ٿيو. وچ ۾ 1928ع ۾ هي وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ انگلنڊ ويو، جتان لنڊن يونيورسٽيءَ مان ‘انگريزي شاعريءَ ۾ تصوف’ جي مضمون تي ڊاڪٽريءَ جي سنَد ورتائين.
سندس ڏاڏو ۽ والد صوفي خيالن جا ۽ شاھہ عنايت صوفي جهوڪ واري جي درگاھہ جا معتقد هئا. ڊاڪٽر صاحب کي، ان ڪري ننڍي هوندي کان صوفياڻي تعليم ۽ تربيت مليل هئي. ‘مثنوي مولانا روم’، ٻين فارسي شاعرن جي ڪلام ۽ شاھہ عبداللطيف جي شعر ۾ خاص ڪمال هوندو هئس، هو گفتگو ۾ اڪثر انھن جا شعر مثال طور پيش ڪندو هو. ڊاڪٽر صاحب جي شاگردن ۽ دوستن جو دائرو نھايت وسيع هو. ڊاڪٽر عمر بن دائودپوٽو، سيد ميران محمد شاھہ، خانبھادر محمد ايوب کھڙو ۽ ٻيا ڪيترا سندس شاگرد هئا. جڏهن جي. ايم. سيد 1928ع ۾ ضلعي لوڪلبورڊ ڪراچيءَ جو پريزيڊنٽ چونڊيو، تہ ان وقت سنڌ ڪاليج بورڊ تي ٻئي ميمبر هوندا هئا.
ڊاڪٽر ھہ. م. گربخشاڻيءَ جي زندگيءَ جو وڏي ۾ وڏو ڪم، جنھن هن کي لاثاني ۽ لافاني شھرت بخشي آهي، شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي کي مقدمي، معنيٰ ۽ شرح سان، چئن جلدن ۾ لکڻ جو آهي، جن مان ٽي جلد پاڻ ڇپائي پڌرو ڪري سگهيو (پھريون جلد 1923ع ۾)، پر چوٿون حصو ورهاڱي سبب ۽ ڪن ٻين اڻٽر ڪارڻن جي ڪري اشاعت پذير نہ ٿي سگهيو. شاھہ لطيف تي ڪيترن ئي عالمن لکيو آهي، پر انھن مان ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو ڪو بہ مقابلو ڪري نٿو سگهي. انھيءَ سلسلي ۾ ٻيو جيڪو مکيہ ڪم هن ڪيو آهي، سو هيءُ تہ، شاھہ صاحب جي ڪلام جي هر پھلوءَ تي روشني وجهڻ لاءِ هڪ نھايت عمدو مقدمو لکيائين، جنهن ۾ شاھہ صاحب جي سوانح عمري، صورت ۽ سيرت، مذهب، ويدانت ۽ تصوف سان تعلق، ۽ سندس شعر ۽ شاعريءَ تي تفصيلي نظر وڌي اٿس. ان ۾ شاھہ صاحب جي شعر جي مضمون ۽ عبارت، نظم، ان جي ٻوليءَ، نحوي بناوتن جو پوريءَ طرح ذڪر ڪيو اٿس. ڊاڪٽر مرحوم جا ٻيا بہ ڪتاب تصنيف ٿيل آهن: (1) نورجھان (ناول)، ۽ (2) لنواريءَ جا لعل.
سندس انتقال اوچتو، دل بيھڻ سبب، 11 فبروري 1947ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿيو، ان وقت سندس عمر 64 سال هئي.
- جنم: 1884-03-08
- ورسي: 1947-02-11
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل