مير نادر علي ابڙو

مير نادر علي ابڙو جو جنم سنڌ جي ناليواري اديب، جج، استاد، سماج سڌارڪ، صحافي ۽ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي باني ميمبر مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي گهر ۾ 15 مئي 1970ع تي ٿيو. شروع کان ئي سندس پالنا ادبي ٿي، خوش طبيعت، ھر ڪنھن سان پنھنجي منفرد پرڪشش مرڪ چھري تي سجائي ملندڙ ۽ ڪچھرين جو روح راڻو رهندڙ مير نادر علي ابڙو پنھنجي من اندر ۾ تمام حساس قسم جو ماڻهو ۽ ميڻ کان بہ وڌيڪ ملائيم حساس طبيعت رکندڙ آھي.
پاڻ ڪتاب ”سنڌ جا املھ ھيرا“ بہ تحرير ڪري چڪو آھي، جنھن جا ٻہ جلد مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آھن. سندس ڪوششن سان مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي زندگي تي لکيل ڪتاب ”سنڌ جو املھ ھيرو“ بہ ڇپجي چڪو آھي، جنھن جا ٻہ جلد مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آھن. سندس مضمونن ۽ ڪالمن جو ڪتاب ”مايوسين جي ميڙن کان اميدن جي ميلن تائين“ پڻ ڇپيل آھي.

  • جنم: 1970-05-15
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image