نويد سنديلو

نالو: نويد حسين
ادبي نالو: نويد سنديلو
پئدائش: 1 نومبر 1977ع ڳوٺ حڪيم سنديلو، تعلقو ڏوڪري (ھاڻوڪو باقراڻي)، ضلعو لاڙڪاڻو (سنڌ)
لکڻ جي شروعات: 1992 شاعري ۽ ڪھاڻيون

ڇپيل ڪتاب:
1.    يوناني قديم ۽ ڪلاسيڪي دور (The Wings of Wisdom) پارس پرنٽنگ پريس حيدرآباد، 2004
2.     رابيل رُت مايا نگر(شاعري) نئون نياپو ڪراچي، 2005
3.     البرٽ آئنسٽائين جي جيون ڪٿا(ترجمو) ڇاپو پھريون 2013، ڇاپو ٻيو 2018 روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو
4.     فلسفي جي تاريخ قديم ۽ ڪلاسيڪي دور، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2021
5.     وجوديت جو فلسفو، پيڪاڪ پبلشر ڪراچي 2022
6.     Existentialist Trends in Bhittai's Thought  (ڇپائيءَ هيٺ)

پيشو: ليڪچرار، فلسفو شعبو، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو 2012 کان ھاڻي تائين. 
جونيئر ايڊيٽر انگريزي-سنڌي ڊڪشنريون، آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس، ڪراچي 2001 کان 2011 تائين.
تعليم، ايم فل(فلسفو، فرسٽ ڪلاس Distinguished)، گورنمينٽ ڪاليج (جي سي) يونيورسٽي، لاهور 2022
ايم اي، (فلسفو، فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن)2000
بي اي آنرز(فلسفو، فرسٽ ڪلاس) 
پي. ايڇ. ڊي (فلسفو) فلسفو شعبو ڪراچي يونيورسٽي، ھلندڙ... 
ايوارڊ: انگريزي-سنڌي ايليمينٽري ڊڪشنري اعليٰ ڪارڪردگي ايوارڊ  آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس،  ڪراچي، 2006
ايڊيٽر 2002 کان 2009 تائين Excellence (آرٽ ۽ ادب جو انگريزي رسالو) ڪراچي 
ٻيون علمي ادبي خدمتون: فلسفي تي انگريزي ۾ تحقيقي مقالا، ادبي تنقيدي تجزيا، مضمون،  ڏھ اڻ ڇپيل شعري مجموعا، پندرنهن عالمي شاعري،  ناول ۽ فلسفي جا ڪتاب سھيڙيل.
ڪانفرنسن ۾ شرڪت: انثرنيشنل فلاسافيڪل ڪانگريس پنجاب يونيورسٽي لاھور 2013
صوفي ڪانفرنس ڪراچي 2024 ۾ پڙھيل
مقالو.
شيخ اياز ادب ميلي ۾ مقرر جي حيثيت سان ڏھ سال لڳاتار شرڪت.
خانا بدوش رائٽرس ڪيفي ۾ عالمي ادب خاص ڪري عالمي آتم ڪٿائي ادب ۽  ڪافڪا، فروخ فرخ زاد ۽ ماڻڪ جي تخليقي ڪم تي تنقيدي ويھڪ ۾ خاص مقرر جي حيثيت ۾ ڪيل گفتگو..

  • جنم: 1977-11-01
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب