ڪيرت ٻاٻاڻي

ڪيرت ٻاٻاڻي سنڌ ۽ ھند جي چند غير معمولي اديبن ۽ مفڪرن مان ھڪ ھو، جنھن جون قومي، ادبي ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪيل خدمتون سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ۾ ھميشه ياد رهنديون. ھن جو پورو نالو ڪيرت چوئٿرام ٻاٻاڻي ھو. ھن جي جنم ڀومي ڳوٺ موريو لاکو، تعلقو سڪرنڊ، ضلعو نوابشاھه، (هاڻي بينظير آباد) آھي، جتي ھن 3 جنوري 1922ع تي جنم ورتو. ھن اسڪولي تعليم مئٽرڪ تائين ”ولس اسڪول نوابشاھه“ (لوڪل بورڊ ھاءِ اسڪول نواب شاھ جي برانچ، ھاڻي گورنمينٽ ايڇ. ايم خواجہ ھاءِ اسڪول جي برانچ) ۾ حاصل ڪئي. ھن جي تعليم بي. اي ۽ ايل. ايل. بي آھي. نوابشاھ ۾ شاگرديءَ دوران استاد روچيرام ٿانواڻيءَ جي ترتيب ھيٺ قومپرستيءَ جو صلو من ۾ انگوريس. سنڌ اندر مزدور ۽ شاگرد جدوجھد سان گڏ انگريزن کان ملڪ جي آزاديءَ جي تحريڪ ۾ ڪانگريس جي اثر ھيٺ حصو ورتائين. ان زماني ۾ ٽنڊي آدم ۽ نوابشاھ ۾ جلسن ۾ شريڪ ٿيندو ھو. اسڪولي جيون ۾ پرڀات ڦيريون ڏيڻ، ھٿ سان پترا لکي ورھائڻ ۽ قومي ڏينھن ملهائڻ سندس مشغوليون ھيون. سنڌ اسٽوڊنٽس ڪانگريس جو سيڪريٽري رهيو. سنڌ ۾ سندس ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي، حشو ڪيولراماڻي، سائين جي. ايم سيد، شيخ اياز، حيدر بخش جتوئي ۽ قاضي فيض محمد سان تعلقات رهيا. ھي بنيادي طرح ترقي پسند ۽ سنڌ دوست اديب ۽ دانشور ھو، ڪيرت بنيادي طرح آزاديءَ جي ھلچل جي پيدائش ھو، ھو سنڌي ادبي سنگت جي اوائلي ميمبرن مان ھو ۽ ھن، سنڌ ۾ رهڻ دوران جديد ترقي پسند ادب کي اي. جي. اُتم، گوبند پنجابي ۽ گوبند مالهيءَ سان گڏجي ھمٿايو. ’نئين دنيا‘ ڪتاب گهر ڪراچيءَ جو ان ڏس ۾ وڏو ڪردار ھو. ھن ورھاڱي کانپوءِ سنڌ ڇڏڻ نہ ٿي چاھي، پر پھرين سرڪار کيس باغي سرگرمين ۾ شرڪت سبب 11 مھينا قيد ۾ رکيو ۽ آزاديءَ بعد بہ سي. آءِ. ڊي سندس پيڇو نہ ڇڏيو. ڪجھه وقت جي. ايم. سيد ۽ حيدر بخش جتوئيءَ وٽ لڪندي گذاريائين. جتوئي صاحب جي ”هاري حقدار“ اخبار سنڀاليائين، پر سيءَ. آءِ. ڊيءَ سندس پيڇو نہ ڇڏيو ۽ نئين پاڪستاني حڪومت ھڪدم ملڪ ڇڏڻ جو پروانو ھٿ ۾ ڏئي، کيس سنڌ مان زوريءَ روانو ڪيو ۽ ھو اکين مان لڙڪ لاڙيندو پنھنجي جنم ڀوميءَ کي الوداع ڪري ھند روانو ٿي ويو. ڪيرت ٻاٻاڻيءَ وطن ڇڏڻ کان پوءِ ھند ۾ ڪيترن سماجي، ادبي ۽ ثقافتي تنظيمن سان واڳيل رهيو. ھُو ”اکل ڀارت، سنڌي ٻولي ۽ ساھت سڀا“ جو 18 سالن تائين صدر رهيو. جنھن پليٽ فارم تان ھن پنھنجي بزرگن ۽ ساٿين بي. ايڇ ناگراڻي، لالسنگهه اجواڻي، اي. جي. اتم، گوبند مالهي، ڪرشن راھي، موتي پرڪاش، پوپٽي ھيراننداڻي، ھري دلگير، ڪلا پرڪاش، موھن ڪلپنا، لڇمڻ ڪومل، سندري اتمچنداڻي، ٽيڪچند مست ۽ ٻين سان گڏجي 16 سالن جي ڊگهي جدوجھد کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ کي ڀارتي آئين ۾ 10 اپريل 1967ع تي سرڪاري ٻولي تسليم ڪرايو. ڪيرت ٻاٻاڻي، ساھتيہ اڪيڊمي دھليءَ جي سنڌي ٻوليءَ جي صلاحڪار ڪائونسل جو ميمبر پڻ رهيو. ھن 1981ع ۾ روس جو دورو ڪيو، 1983ع ۾ ورلڊ پيس ڪائونسل طرفان ’چيڪو سلواڪيا‘ ويو. ان کان سواءِ انٽرنيشنل سنڌي ڪانفرنس جي سڏ تي آمريڪا ۽ انگلينڊ جا دورا ڪيائين، کيس ”سوويت لئنڊ نھرو“ امن اوارڊ (1980ع)، تعليم کاتي دھليءَ پاران ”اعليٰ ادبي خدمتن تي مڃتا“ اوارڊ (1986ع)، مھاراشٽر سنڌي ساھتيہ اڪاڊميءَ پاران ادبي اوارڊ (1989ع)، ڀارتيہ ڀاشا پريشد پاران ”ادبي اوارڊ“ (1992ع) ۽ ورلڊ سنڌي ڪانگريس پاران ”جي. ايم. سيد اوارڊ“ وغيرھ مليا. ڪيرت ٻاٻاڻيءَ جي ڇپيل ڪتابن ۾: ”هوءَ“ (ڪھاڻيون 1956ع)، ”مالوا“ (مئڪسم گورڪيءَ جي ناول جو ترجمو: 1958ع)، ”ڪُولي“ (ملڪ راج آنند جي ناول جو ترجمو: 1960ع)، ”جو درد دل ۾ سمائجي نہ سگهيو“ (ڪھاڻيون: 1966ع)، ”سُوريءَ سڏ ڪيو“ (ناٽڪ: 1972ع)، ”ادب ۾ قدرن جو سوال“ (تنقيد: 1974ع)، ”لينن، دنيا جي عظيم انقلابي شخصيت:“ (1980ع)، ”اوک ڊوک“ (تنقيد: 1981ع)، ”چونڊ سنڌي مضمون“ (ترتيب: 1981ع)، ”جيڪي ڏٺو ھو مون“ (روس جو سفرنامو: 1982ع)، ”اٻول رڻي“ (1982ع)، ”ورھاڱي کان پوءِ سنڌي ڪھاڻيءَ جو جائزو“ (1986ع)، ”امن جي افق ڏانھن“ (مضمون: 1987ع)، ”پيھي منجهه پاتال“ (مضمون: 1987ع)، ”جيئي سنڌ، سدا جيئي“ (ڪھاڻيون)، ”نہ ليليٰ نہ مجنون“ (ڪھاڻيون: 1987ع)، ”چونڊ سنڌي ڪھاڻيون“ (ترتيب: 1989ع)، ”چونڊ سنڌي مضمون“ (1991ع)، ”اوھين سڀ ننگا نڪتا آھيو“ (ڪھاڻيون: 1993ع)، ”ڪجهہه ٻڌايم، ڪجھه لڪايم“ (آتم ڪٿا،4 جلد: 1997ع)، ”لڪيو لياڪا پائين“ (شاعري: 2000ع)، ”ڌرتيءَ جو سڏ“ (ناٽڪ: 2004ع)، ”سو سڏ، سو پڙاڏو“ (اڌ صديءَ جا خط: 2004ع)، ”سنڌين جو سفر“ (موھن گيھاڻي ۽ ھري پنڪج سان گڏ سنڌي ٻولي ھلچل جو دستاويز: 2007ع)، ۽ ”مراٺي ادب جي تاريخ“ (ترجمو) شامل آھن. ڪيرت ٻاٻاڻي  7 مئي 2015ع تي لاڏاڻو ڪري ويو. سندس وصعيت موجب ھن جون ھاٺيون،19 سيپٽمبر 2015ع تي ڄام شوري ۾ سنڌو درياھ ۾ پرواھ ڪيون ويون.
 

  • جنم: 1922-01-03
  • ورسي: 2015-05-07
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image